شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: اُداس راڳي، خاموش ساز
تخليقڪار: شڪيل احمد
موضوع: شاعري
ڇاپو پهريون: 2017ع
ڇپائيندڙ: ڪارونجهر اڪيڊمي
سنڌ يونيورسٽي، محرابپور
ڪمپوزنگ: ڪاروجهر ڪمپوزرس
اي ڪمپوزنگ: عبدالجبار شيخ ،شيخ ڪمپوزرس سانگي
ٽائٽل ڊزائين: طارق رحيم رند
ملهه: 280 روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

سنڌ سلامت پاران:

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” اداس راڳي خاموش ساز“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
هي ڪتاب ڪارونجھر اڪيڊمي محرابپور پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سائين عبدالجبار شيخ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

آءٌ پنهنجو هي تخليقي پورهيو پنهنجن تخليقڪارن
بابا سائين نذير حسين شيخ
۽
امڙ جيجل
جي نالي ٿو ڪيان.
شل سج ستارن جيڏيون عمريون ماڻن ۽ ائين ئي
جڳمڳائيندا رهن.

پبلشر پاران

نثري نظم: نظم سان گڏوگڏ شاعراڻي اسلوب ۾مختصر ترين پتڪڙو ناول آهي، ڪهاڻي به آهي، ته داستان به حساس آهي ته وارتا به. نثري نظم، شاعري ۽ نثر جو سنجوڳ آهي، ائين جيئن مرد ۽ عورت جو ميلاپ. نثري نظم جيڪڏهن تر به هيڏي هوڏي ٿڙيو ته نثر بڻجي ويندو يا وري پابند نظم نثري نظم، نثر ۽ نظم جي وچ واري سرحد آهي. ملڪن جي وچ ۾ آيل خوني سرحدن وانگر نه پر ٻن باغن جي وچ۾ وڻن جي قطار وانگر، گلن جي زنجير جيان، جن مان رت ۽ نفرت جي بدران ٻنهي پاسي خوشبوئن ۽ ڇائن جي مٽا سٽا ٿيندي آهي ۽ ڪنهن به پاسي وڃڻ لاءِ ڪنههن پاسپورٽ يا ويا جي ضرورت ناهي پوندي نثري نظم جو گهاڙيٽو پرهه ڦٽيءَ وانگر هوندو آهي، يا وري شام وانگر. ان ڪري ڪجهه شاعر ۽ پاٺڪ ان فرق سمجهي ناهن سگهيا. يا سمجهڻ نٿا چاهن. اهو ئي سبب آهي جو، هن صنف کي شاعري مڃڻ کان انڪاري آهن، يا هن کي ٻئي درجي جي شاعري سمجهن ٿا.انهي ڪري ئي نثري نظم ادب ۾ شاعريءَ جي انتهائي حساس صنف آهي.
ڪجهه وقت کان غير رواجي نثري نظم لاءِ “ نئين ڪويتا” جو اصطلاح استعمال ٿي رهيو آهي.جيڪو علمي طور مونجهارو پيدا ڪري ٿو. جيئن ته سنڌي، سنسڪرت ۽ هندي ٻولين ۾ شاعريءَ لاءِ لفظ ڪويتا ڪَتب ايندو آهي. ان ڪري نئين ڪويتا جي معنيٰ بيٺي. “نئين قسم جي شاعريءَ يا “جديد قسم جو شعر” جڏهن ته نثري نظم هجي يا پابند نظم، غزل، گيت يا وائي اهي سڀ شاعريءَ جون صنفون آهن. انڪري جڏهن به انهن سمورين شاعراڻين صنفن ۾ غير معمولي قسم جي شاعري کي نئين ڪويتا نٿو چئي سگهجي. پر اهو اصطلاح شاعريءَ جي سمورين صنفن سرجندڙ غير روايتي شاعريءَ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو.
اهوئي سبب آهي جو شاعريءَ جي نقادن هر دور جي نئين ڪويتا جي لاءِ الڳ الڳ اصطلاح ڏنا آهن.
روايتي نثري نظم ۽ اڄوڪي غير روايتي نثري نظم جي وچ ۾،“ڪافي” ۽ “ وائي” جيترو واضح فرق پيدا ٿي پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪي دوست ان کي “نئين ڪويتا” جو نالو ڏئي رهيا آهن. هندستان ۾ ته سنڌي اديب وڏي عرصي کان غير روايتي نثر نظم کي “نئين ڪويتا” جي اصطلاح سان لکي رهيا آهن.
هاڻي انهيءَ واضح فرق کي ڏسي واقعي هڪ نئين اصطلاح جي ضرورت پئي ٿي، ته ان نئين قسم جي روايتي نثري ڪويتا لاءِ ڪو نئون اصطلاح گهڙجي. هن وقت جيڪي هن صنف ۾ “نئين ڪويتا” جي نالي سان شاعري سرجي رهيا آهن. انهن ڳاڻ ڳڻين منجهان احمد سولنگي، انور ساگر ڪانڌڙو، روحل ڪالرو، امر گل، راشد بروهي، ثناءُ الله عتيق، عرفان لنڊ، اعجاز شاهه، آڪاش عامر ۽ ٻيا بہ ڪيترائي سريلا ڪوتاڪار آهن جيڪي پاڻ ملهائي رهيا آهن ۽ جيڪي نثري نظم جي ئي نانءُ سان ، هن شاعراڻي صنف ۾پاڻ پيا موکن، تن منجهان آدرش، فراق هاليپوٽو، پارس حميد، درگاهي گبول، انور ڪاڪا، رحمت پيرزاده، فياض ڏاهري، رفيق سيال، امر سنڌو، سميرا قريشي ۽ ٻيا به ڪيترائي قابل ذڪر آهن.
مان هتي اهو به واضح ڪندو هلان: ته مون سميت جيڪي به هن صنف جا پرزور حامي آهن. اهي پابند شاعري جا انڪاري نه آهن. جيئن بيت هجي يا وائي گيت هجي يا غزل يا ٻي ڪا پابند صنف، ڇو جو ان لاءِ اهوئي ثبوت ڪافي اهن ته اهي سڀ شاعر، هاڻي به پابند شاعري ڪري رهيا آهن. ڀلوڙ گيت، غزل ۽ وايون سرجي رهيا آهن منهنجو به پابند شاعري جو هڪ چڱو ڀلو ذخيرو سالن کان اشاعت لاءِ مون ڏانهن واجهائي رهيو آهي. هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن پابند شاعريءَ ۾ غزل توڙي ٻين صنفن منجهه لکي وٺندو آهيان.
مان هتي پنهنجي شاعري جي باري ۾ انڪري نه پيو ڳالهايان ۽ ان جون تاويلون نه پيو پيش ڪريان جو مان پڙهندڙ کي آزاد ڇڏڻ پئي چاهيو آهي. مون نه پئي چاهيو ته تخليق ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ اچان. ۽ڪا ٽياڪڙي ڪريان. شايد اهو ئي سبب آهي جو مو ڪنهن ٻئي کان مهاڳ ناهي لکرايو.
هيءَ ٿوري عجيب ڳالهه آهي ته ڪتاب جو ليکڪ به مان آهيان ته پبلشر واري نوٽ جي صورت ۾ آمهاڳ به مان ئي لکي ويٺو آهيان. ڇا ڪيان پبلشر هجڻ جي ناتي اها منهنجي مجبوري آهي.

مهاڳ

فن: خالق ۽ مخلوق جي وچ وارو رشتو آهي
شاعري ڪُن فيڪون جو پڙاڏو آهي
جنهن جي ڪري تخليق ٿيل
۽ تعمير ٿيندڙ ڪائنات ۾
ٻيون ڀانت ڀانت جون ڪائناتون جڙيون رهن ٿيون
شاعري پاڻ مرادو ڦٽندڙ قدرتي جهنگ آهي
شاعري ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ ياد ڏياريندي آهي
شاعري شاعر کي سوليءَ تي چاڙهيندي آهي
۽ پاڻ سينن تي چڙهي ويهندي آهي
زندگي شاعريءَ ۾ ڏوپندي آهي
شاعريءَ جو ڪتاب شب برات جي رات وانگر هوندو آهي
جنهن ۾ هر صنف سجايل گهر وانگر لڳندي آهي جنهن ۾ تشبيهون ۽
استعارا ڏيئن۽ميڻ بتينوانگر ٻرندا آهن ۽ خيالن جي ڦٽاڪا وڄندا
رهندا آهن
شاعريءَ جو ڪتاب چيٽي چنڊ جي رات آهي
جنهن ۾ سهاڳڻيون ورن سان چنڊ ولين جيئن ويڙھجي وينديون آهن
شاعريءَ جو ڪتاب هوليءَ جو ڏڻ آهي
جيڪو پڙهندڙ کي ڪائنات جي سمورن رنگن۾ رنگي ڇڏيندو آهي
شاعريءَ جو ڪتاب ستارن ڀريو آسمان آهي
جيڪو پڙهندڙ کي ڪڏهن به اونداهي ساگر ۾ ٻڏڻ ناهي ڏيندو
شاعريءَ جو ڪتاب يونيورسٽيءَ ۾ گذاريل ڏينهن جهڙو لڳندو آهي
اهي ڏينهن جيڪي انسان کي ڪڏهن به پڙهو ٿيڻ ناهن ڏيندا
شاعريءَ جي ڪتاب ۽ ڏياريءَ جي رات ۾ ڪوبه فرق ناهي
خدا جيڪڏهن پنهنجي ڀر ۾ ڪنهن کي ويهاريند ته اهو شاعر ئي هوندو
شاعر مٽيءَ جا ملائڪ آهن
شاعر جي بدن مان شاعريءَ پگهر جي ڦڙن جيان وهندي آهي
شاعر جي جسم تي نظم وارن وانگر ڦٽي پوندا آهن.
شاعر سمورا جهان پنهنجي جهول ۾ کنيون وتندو آهي
شاعري وان گوگ جو پنهنجو ئي ڪن ڪپڻ واري ديوانگي آهي
شاعري جيڪ لنڊن جو سڙندڙ گهر آهي
شاعري ڪاواباتا جي تنهائي ۽ زندگيءَ کان موڪلاڻي آهي
سقراط جو زهر پيئڻ شاعري آهي
منصور جو سوليءَ تي چڙهڻ شاعري آهي
مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙجڻ شاعري آهي
هيمنگوي جي خودڪشي ڪرڻ شاعري آهي
سهڻيءَ جو درياهه ۾ دلي تي ترڻ ۽ ٻڏڻ شاعري آهي
راءِ ڏياچ جو پنهنجن ئي هٿن سان پنهنجو ڪنڌ ڪپڻ شاعري آهي
سورٺ جو جيئري ڏاگهه تي چڙهي سڙڻ شاعري آهي
شاعري سسئيءَ جو پنڌ آهي
شاعري مومل جا ماڻا آهن
شاعري راڻي هو رسامو ۽ مومل جو انتظار آهي
شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن
شاعري سچل جي سرمستي آهي
شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي
شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي
عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي
شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي
شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي
شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي
پريشانيءَ واريحالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي
شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي
آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي
نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن
نظم پاڻيءَ ڳڀا ڳڀا ٿيندڙ چنڊ ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيندڙ سج آهن
نظم پکين جي اڏامڻ واري سگهه آهن
نظم هٿ مان ڪري گرهه آهن
نظم وان گوگ جهڙن ديوانن جا ڪپيل ڪن آهن
نظم شاعرن جا شناختي ڪارڊ آهن
نظم اسڪول وڃڻ کان نٽائيندڙ ٻارن جا بهانا آهن
نظم باک جهڙا هلڪا ۽ چمين جي آواز جهڙا مڌر آهن
ساهن جي سرٻاٽن جهڙا نظم پڙهڻ سان دماغ جي هٿن ۽ دل جي اکين ۾
پنهنجارنگ ڇڏي ويندا آهن
نظم نظرن جون نينڍيون آهن
نظم بي خوديءَ جي حالت ۾ رلندي وڃايل سينڍيون آهن
نظم رات جو خوشيءَ ۾ ننڊ نه اچڻ جهڙيون ڪيفيتون آهن
ڪتڪاڙين جهرا نظم جڏهن مکڙيون ٻڌنديون آه ته اهي ٽڙي پونديون
آهن. ۽ جڏهن گل ٻڌندا آهن ته اهي کل ۾ ويڙهجي ويندا آهن
نظم پورهيت جي هٿ ۾نڪتل لڦون آهن، جن کي هيرا به هميشه حسرت
وچان ڏسي پيا سڙندا آهن
نط ماچيس جو گندرفي تيليون آهن
ان سڀ جوي باوجود به ڪن اياڻن ۽ اڀاڳن جي نظر ۾ نظم گلن تي پوندڙ
ماڪ جيترا غير اهم ۽ ملندڙ خلوص وانگر هروڀرو آهن
نظم جدا ٿيڻ مهل موڪلائڻ وانگر اجايا آهن
نظم هن چالاڪ دور ۾ درويشيءَ وانگيان کلڻ هاب آهن
نظم هن ٺڳ زماني ۾ سچائيءَ وانگي فرسوده آهن
نظم هن گليمر واري دور ۾ ثقافتي لباس وانگي ڄٽپائي آهن
نظم هن نج سائنسي دور ۾ ڪُند ذهن ۽ پٺتي پيل ٽين دنيا جهڙا جذباتي
آهن. جن کي جيڪر هنڌتيءَ تان ئي ڏيهه نيڪالي ئي ڇڏجي
بادشاهن جي نظر ۾،پنهنجو حق گهرندڙ باغين جهڙا نظم واجب القتل
آهن.
نظم جهانگيلي گُلَ آهن.جيڪي ڪنهن هٿراڌوٿڌي ڪيل يا گرم ٿيل
بند ڪمري جي گلدان سجائي نٿا رکي سگهجن. يا پنهنجو ادبي ذوق يا
مطالعاتي داٻو ويهارڻ لاءِ نٿا ٻڌائي سگهجن پر پوءِ به انهن سان جُٺِ
ٿيندي رهي ٿي.
نظم پنهنجي وطن ۽ قوم جي حفاظت لاءِ فلسطيني ٻارن جي هٿن ۾
کنيل پٿر آهن
نظم رت روئيندڙ انقلابي اکيون آهن
هر شعر مون لاءِ نئين ڄاول ٻار جي پهرين رڙ آهي. جنهنجي ٻڌڻ سان
اندر جي دنيا گونجي پوندي آهي۽ تاحياتي ان جي پڙاڏن جا پڙلاءَ پيا
ٻڌبا آهن
شاعري ويامندڙ عورت جون رڙيون آهن
شاعر کي ننڊ نه اچڻ انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي آهي ته وٽس شاعري
پهچي چڪي آهي
شاعري اوجاڳن جي پيرن جا نشان محفوظ ڪندي آهي
۽ ننڊ ۾ ڏٺل خوابن جا به
رات پکڙجڻ لڳي آهي. شاعري اجها پهتي
ننڊ نٿي ڪرڻ ڏئي. تنهنجي سار کان وڌ چچولي آهي شاعري
منهنجا اوجاڳا شاعري بڻجي ويا.
ڀلي کڻي ڇا به چوي پر شاعري بڻجي ويا.
ڀلي کڻي ڇا به چوي پر شاعر دَهريو ٿيندو ئي ناهي
جيڪي نهن به خدا ناهن مڃيندا. لامذهب هوندا اهن.
اهي به شاعريءَ تي ايمان آڻيندا آهن.
عورت جي بدن جي خوشبو
۽ ڪتابن جي سڳنڌ ۾ مان فرق محسوس ناهيان ڪري سگهندو.

[b]شڪيل احمد
[/b]Cell No: 03350027554

نثري نظم

---

هڪ نور جي لاٽ ٿي نڪري

هڪ نور جي لاٽ ٿي نڪري
جا آسمان ڏي ٿي وڃي
چنڊ جڏهن هن مٿان ٿو گذري
ته ڳاڙهو رت ٿي ٿو وڃي
ستارن جو رنگ هيڊو ٿي ٿو پوي
۽ پٿرن مان پڙاڏا جاڳي ٿا پون
اڄ به لوڪ گيتن ۾
هوءَ ڀٽڪندي وتي ٿي
هزارين صديون اڳ
هي تڏهن جو قصو آهي
جڏهن هن مون کي شاعريءَ سان
اعتراض جوڳي حالت پڪڙي وڌو
هوءَ سرسوتي نديءَ جيان
سوز ۾ سڪي سڙي وئي
پهاڄ برداشت نه ٿي سگهي هن کان
عشق جي غيرت ۾ اچي
هن مونکي شاعريءَ سان
ڪارو ڪري ماري ڇڏيو
۽ پاڻ جابلو چوٽيءَ تان
آبشار جيان ڪري
خودڪشي ڪري ڇڏيائين
انهيءَ رات اوندهه جي سونامي هئي آئي
۽چنڊ سڀني ستارن سميت
لُڙهي هو ويو.

3.2015
*

منهنجي دل

منهنجي دل
اڃان به
انهن احساسن کان خالي ناهي ٿي
جيڪي ٻاروتڻ ۾ جاڳيا هئا
مان اڃان تائين به ٻار آهيان
مانوٽ ڏنل شهپرن سان
ڀنڀي گهاٽي چاپئي ڏاڙهيءَ وارو
ڳڀرو نوجوان ٻارڙو
ننڍي هوندي اسڪول کان
ڀڄي ويندو هيس
هاڻي سوچيندو آهيان
جيڪر اسڪول ڀڄي وڃان
ننڍپڻ ۾ مان گل پٽيندو هيس
هاڻي گل مونکي پٽيندا آهن
پوپٽن جي هٿن ۾ مان هجان
اڄ به سهڻي پکين جا ولر
مون ۾ اڏامندا آهن
اڄ به خوبصورت پريون
منهنجن خوابن ۾ رقص ڪنديون آهن
اڄ به تصور ۾ ستارا ٽٻي ويندو آهيان
وڻن کي ڀاڪر پائي بيهڻ
اڃان تائين مون مان ناهي وئي
اڄ به منهنجا پير
گهڻو ڪري ميرا هوندا آهن
ڇو جو مان تمام گهڻو رلندو آهيان
هاڻي به جڏهن مينهن وسندو آهي
ته منهنجي اکين ۾ کنوڻويون چمڪڻ لڳنديون آهن
۽ مان هوائن ۾ بدلجي ويندو آهيان

3.2010

لفظن جي ڍانچي سان آءٌ

لفظن جي ڍانچي سان آءٌ
اڄڪلهه هڪ
نظماڻو جهاز جوڙي رهيو آهيان
جنهن ۾ احساسن جو ٻارڻ ڀريل هوندو
جنهن کي خوبصورت خيال اڏائيندا
جيڪو توهان کي تخيل ۽ تصور جي
حسين سنگم سان
وجود ۾ آيل
واديءَ۾ پُڄائي ڇڏيندو
جتي توهان
ارمانن جي آغوش ۾
حسرتن سان همبستر ٿي سگهندئو
جتي معصوميت جا گل هوندا
جتي سچائيءَ جي ساوڪ هوندي
جتي پيار جا پنڇي
سونهن ۽ سوڀيا جي سمنڊ مان
اڏامندي نظر ايندا
جتي خودحسين خواب
پنهنجن سندر سپنن ۾
توهان کي ڏسندا

4.2010
ء

جهڙي طرح

جهڙي طرح
سيءَ جي شدت وڌندي ٿي وڃي
اهڙي طرح
جدائيءَ جي سبب
اڪيلائيءَ ۾ جدت وڌندي ٿي وڃي
هيلوڪي سياري ۾به مان
سَوَڙِ يا سگريءَ جهڙو ساٿ
سوچي به نٿو سگهان
اي حسرتون! کڙڪا نه ڪيو
منهنجين اوجاڳيل اکين ۾
اجرڪي عورت جهڙي
حسين خواب کي
سمهڻ ڏيو

1.2009
*

گذرندڙ وهيءَ جي

گذرندڙ وهيءَ جي
ڪاري ڪلر سبب
هن جي بدني بنگلي تان
جوڀني پلستر جا
چاپُڙَ ڇڻي رهيا آهن
۽ سِرُن جهڙا سگهارا هڏ
هيڻا ٿي ڄڻ ڪلراٺجي
ڀري رهيا آهن
ويرانيءَ جهڙي پوڙهائپ
ورائي وئي آ هُنکي
عنقريب
قبرستان جي عجائب گهر ۾
تربت جي شوڪيس منجهه
محفوظ ڪئي ويندي

8.2009
*

تون رڳو

تون رڳو
پوئتي ڪنڌ ورائي ته ڏس
مان جيڪا
توڏانهن ڊگهيري هئي
هٿ وڌايو هيو
منهنجي انهيءَ ٻانهن تي هاڻي
ماکيءَ جي مکين
پنهنجو مانارو جوڙيو آهي
۽ منهنجي ٻانهن جا سمورا وار
خوشبودار گلن واريون
وليون بڻجي چڪا آهن
۽ منهنجي هٿ جي چيچن ۾
پکين پنهنجا
لڙڪندڙ آکيرا به
ٺاهي ڇڏيا آهن
تون رڳو پوئتي
ڪنڌ ورائي ته ڏس
پنهنجي بي رخي
۽ منهنجي پيار جا معجزا

4.2012
*

هي ته ڏس

هي ته ڏس
ڪيئن نه نڍڙن ٻارڙن وانگر رلهيون
مروڙيون سروڙيون لڳيون
ڪُرينڊڙيون ٿيون
سُتيون پيون آهن
۽ وهاڻن ۾ ننڊ ڀري پئي آهي
رکي رکي منهنجن پاسن بدلائڻ تي
کٽ چيڪٽن جي روپ ۾
کونگهرا هڻي رهي آهي
ڇو جو اڄ
منهنجي حصي جي ننڊ
منهنجو بسترو ڪري رهيو آهي

12.2008
*

ڳالهه ٿا ڪن

ڳالهه ٿا ڪن
ته هڪ شاعر
نظمن جي تلاش ۾ نڪتو
۽ وڃي جنگ جي ميدان ۾ پهتو
ماڻهو چون ٿا
ته اڄ به
ان شاعر جي
نظمن مان
رت ٽمندو آهي

6.2013
*

محبت جي مانگرمڇ کان

محبت جي مانگرمڇ کان
مان ڊولفن جهڙي دل
۽ تون پلن جهڙيون چلڪيڻون اکيون
بچائي نه سگهياسي
او ملاحڻ!
مان اڄ به سمنڊ تان
هٿين خالي موٽي آيو آهيان
مون کي جڏهن کان توسان محبت ٿي آهي
مان هڪ به مڇي ماري ناهيان سگهيو
منهنجي ٻيڙيءَ تي
ٽپا ڏئي چڙهي آيل مڇين کي به
مان ٻيهر پاڻيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏيان
انهن کي ڏسي الائي ڇو
تون ياد اچي ويندي آهين

2015
*

هر ڳوڙهي جو پنهنجو ذائقو آهي

هر ڳوڙهي جو پنهنجو ذائقو آهي
اهو درد ئي ڄاڻي ٿو
هڪ لوڻياٺي نظم ۾ احساس
کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن وانگر
هوندا آهن
جن کي اُجرت ۾
اذيتون ڏنيون وينديون آهن
پوءِ به
شاعريءَ ۾ ڪائنات
پاڻ کي رضا ڪاراڻا طور
پيش ڪندي آهي
۽
شاعر اکيون
اوجاڳيل خواب تخليق ڪنديون آهن
اهي ايترا ته حقيققي لڳندا آهن
جو انهن کي ساڀيان بڻجڻ جي
ضرورت ئي ناهي پوندي

2015
*

چانهه وانگي چُلهه تي رکي مون کي

چانهه وانگي چُلهه تي رکي مون کي
الائي ڪيڏانهن هلي وئي آهي
ڪيڏي لاپرواهه آهي هوءَ
مان کير وانگي اُٻرجي هارجان پيو
۽ پيئڻ بلا وانگي
وڇوڙي جي باهه مون کي
چوسيندي وڃي ٿي
منهنجي دالي جهڙي دل ۾
رڳو اداسيءَ جو دونهون ڀرجي ويو آهي
هوءَمونکي ميرن ڪپڙن جيان
منهنجي ئي اکين ۾ پسائي هلي وئي
ڌوپڻ وري ڌيان ئي نه ڏنو آهي مون تي
هن کي ته اڃان پيار جي پوچي ڏئي مون کي
ٻاجهه سان ٻهاري
ڇنڊڻي ڦوڪڻي هئي زندگي منهنجي
ٽوپي اڳڙين جيان مون کي
رلهيءَ جيان جوڙي
پاڻ کي ئي هيس ويڙهڻو
ڀرت جيان ڀري پاڻ کي منهنجي مٿان
ٿانون جيئن مون کي چپن سان ملي
جائتو ڪري مون کي
اٽي جيئن ڪلڻو هيس
پنهنجي وارن سان واڻي کٽ جيئن مون کي
پنهنجي آغوش جي آڳر تي رکي
پنهنجي قلب جي ڪمري ۾ رهائڻو هيس
۽ سمهڻو هيس مون مٿان
مون کي ته اڃان هن جي جسم جا جبل جهاڳڻا هيا
۽ هن کي منهنجي روح جو ريگستان ريج ڪرڻو هيو
سون جيان سنڀالي رکڻو هيس مون کي
پر مون کي هيئن وڇوڙي جي رستي تي
ڦٽو ڪري آ وئي
اسان کي ته اڃان هڪ ٻئي سان مٽي مٽائڻي هئي
۽ هڪٻئي مان ظاهر ٿيڻو هيو ائين جيئن لٽا لاهبا آهن
هن کي ته هميشه جي لاءِ
هرو ڪم جيان سنڀالڻو هيس مون کي
نَهَنِ سان مون مٿان درد کي کُرڙي لاهڻو هيس
۽ تا حياتي هڪ ٻئي جون هر روز مَٽيون ڀرڻيون هيون.
پر جيئن مڇين کي ڇلهي وڍبو آهي
مون سان اهڙي ڪار ڪري وئي
جونءَ جيئان جيءُ منهنجو
پنهنجن نَهَنِ جي وچ ۾ ڏئي
چٿي وئي مون کي
۽ منهنجي تن من جي سڀني تالن جون
سموريون ڪونجون
پنهنجي اڳٺ ۾ٻڌي ساڻ کڻي وئي.

2010
*

منهنجو من موگلي آهي

منهنجو من موگلي آهي
شهر ۾ به اڄ تائين
مان ساڳيو شهپر مزاج آهيان
هر وقت ڪونه ڪو عشق
چمڪندڙ ڪهاڙيءَ وانگي
منهنجي ڪلهي رهي ٿو
سدائين
سنڌ جي نقشي جو تعويذ
ڳچيءَ ۾ پاتل رهي ٿو
۽ ٻانهن ۾ وٽيل وارن جا ڌاڳا
منڊيون ڇلا ڇوڪريون
چيچن ۾ پايون وتان ٿو
ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان
ڀرٿ ڀريل پهرياڻ
سڃاڻپ آهي منهنجي
اکين ۾ پيل آهي ثقافتي سُرمون
هٿن تي لڳل آهي بغاوت جي ميندي
ڏندن کي لڳل آ روايتن جو مساڳ
مهمان نواز مرڪ مان ناهي وڃائي
اڄ تائين منهنجو صوفي سڀاءُ آهي
اڄ به مان لوڪ گيتن جهڙو لڳان ٿو
ڪڏهن سورهن وال سج پَٽڪو
ڪڏهن تاج سنڌي سر تي سجائي
ٻانهن لڏي کليل ڳلي سان تاڻي سينو
پيو مقتل کان گهاڻي پنڌ ڪيان ٿو
اڄ به شهر جي سوڙهي گهر ۾
منهنجي دل وشال ڌرتي
اڄ به شهر جي گُهٽيل گهٽين ۾
منهنجي ذهن کليو آسمان
جي تون ان اک سان ڏسندين
ته حال منهنجا
اڄ به اهڙا آهن
جهڙا ڳوٺاڻا آهن.

2012
*

ڇوڪريون به

ڇوڪريون به
پاڙي وارن جي ٻڪرين جيان
روز منهنجي دل جي گهر ۾ گهري
ڪونه ڪو زيان ڪري ٿيون وڃن
ڪا پنهنجي بي رُخيءَ جي کُرن سان
منهنجا خواب چيڀاٽي ٿي وڃي
ڪي وري بي مروت وات سان
ارمانن جا گل ٻوٽا ٻوٽي ٿيون کڏن
ڪي ته چاهه جا چانور رڙڪي
۽ عشق جو اٽو چٽي ٿيون وڃن
ڪي پيار جي پيٽ ۾ ٽڪر هڻي
نفرت ۽بيوفائيءَ جا سنڱ
کُپائي ٿيون ڇڏن
ڪي ڀروسي جا
شيشي وارا ٿانو نازڪ
دوکي سان ڪيرائي ڀڃي ٿيون وڃن
ڪجههوري علم جون دشمن
شاعريءَ جا ڪتاب
ڦاڙي چٻاڙي دل جي لائبريري
تباهه ڪري ٿيون ڇڏن
ڪو انهن جو به ڍڪ هجي جيڪر
پڪڙي انهن کي اتي ڇڏي اچان
رت ڪري ڏنو آهي انهن
ڇوڪريون به
پاڙي وارن جي ٻڪرين جيان
روز منهنجي دل جي گهر ۾ گهري
ڪونه ڪو زيان ڪري ٿيون وڃن.

2016
*

فرشتي بي سَتو پيو آهيان

فرشتي بي سَتو پيو آهيان
اڌ مئو لڳو
خيالن جا مون مٿان پن ڇڻي رهيا آهن
مونکي آري جيان ڪٽي رهي آهي
اڌ کليل دري مون کي قيدي هئڻ جو احساس پئي ڏياري
هو سمنڊ منهنجو پاڙيسري آهي
۽ ٻارن جيان ڇولين جو شور
مونکي راند لاءِ سڏي رهيو آ
پر گهايل خواب منهنجي مٿان ستل آهن
۽ مان اٿي نٿو سگهان
مونکي ڳڻتين جي ڪيوليون ۽ ماڪڙا پٽي رهيا آهن
حواسن مٿان غنودگي ڇانئجي وئي آهي
ائين ٿو لڳي رات جي وقت
ڪنهن گهاٽي جهنگ ۾ ڀٽڪي رهيو آهيان
ڄڻ مان خالي ٻيڙيءَ وانگر.
وچ ساگر ۾ لڏندو لمندو رلندو وتان ٿو
ڄڻ ڪنهن بلند عمارت جي ڇت جي ڪناريءَ مٿان
پسار ڪري رهيو آهيان
۽ سڄو شهر مونکي حيرانگيءَ مان ڏسي رهيو آهي
موت جي کوهه ۾ کٽارو گاڏيءَ وانگر
منهنجو دماغ گهوماٽيون ٿو کائي
۽ مان وقت جي نديءَ ۾
طوفان ۾ پاڙان پٽجي ڪريل وڻ وانگي
بولاٽيون کائيندو گڙڪندو وڃان ٿو
مان وساڻيل ڏيئي وانگر
بي وسيءَ جي جاري ۾ پيو آهيان.

2016
*

وقت جي دونهين ۾ هر شئي

وقت جي دونهين ۾ هر شئي
ڪاراٽجي گم ٿيندي وڃي ٿي
پر خيالن جي زراف جي ڳچي ڊگهي آهي
تصور جي اکين سان
تون جتي به هجين
توکي ڏسي وٺان ٿو
توڙي جو وڇوڙي جو رو هاٿي
چڙهي بيٺو آهي سيني مٿان
اڄ به
چنڊ چوڏهينءَ جو ڏسي
عشق بگهڙن جيان ٿو اوناڙي مون ۾
۽ ننڊ جي گپ رستن تي
خواب ٻارن وانگي ڊڪندا وتن ٿا
محبت ماکيءَ جي مکين جيان
مون مان رس ٿي چوسي
پر زمانو ککر جيان مون تي مڇريو وتي ٿو
۽ ماڻهو ڏينڀو بڻجي ڏنگ ٿا هڻن
پوءِ به اڄ تائين تون
او سفيد برفاني شينهڻ!
منهنجي حسرتن جا پينگئين
شڪار ڪندي ٿي رهين
۽ بيچينيءَ منجهان منهنجي دل
زخمي لُڌڙن جيان ڦٿڪندي وتي ٿي
۽ درد جو هو نانگ ڪارو
رت منهنجي کي ست منهنجي کي
کير جيان منهنجي بدني پيالي منجهان
پيئندو رهي ٿو
۽ چاهه آهي چور ڍُٽو
منهنجي ساهن جي سپين مان
سڪون جا موتي چورائي ٿو وڃي
پر اڄ به مان تنهنجي انتظار ۾
مرجان جهڙو موت سائو
زندگيءَ جي پچيءَ ۾ پايون وتان ٿو
۽ لکن تي محبت جي ميندي
لايون وتان ٿو.

2014
*

مان ڦٽ پاٿ جي ڪناري

مان ڦٽ پاٿ جي ڪناري
بينچ تي ويٺو
قديمي وڻ هيٺان
برفباريءَ ۾ تنهنجي يادن کي ڀاڪر ڀري
اميدن جي باهه جهيڻيءَ تي
هٿ سيڪي رهيو آهيان
۽ سوچي رهيو آهيان
تون اوچتو اچي
مون مٿان ڇٽي جهلي بيهندينءَ
۽ ڪوپ ڪافيءَ جو ڀري ڀاڪر ۾
هڪ ڍُڪ پياريندينءَ ۽ ٻيو ڍُڪ پيئندينءَ
مدن جون ڳالهيون ڪندي
پيار تي لهي ايندينءَ
اسان مٿان ٻيهر
پيار جي وهي ايندي
پوءِ ڇلي پوندي سامهون زندگيءَ جي ندي
برف ڳري وڻ تان مينهن وانگي ڇڻندي
آسمان صاف ٿيندو
اُس جو اُهاءُ ٿيندو
۽ اسان ٻئي هڪ ئي ڪتاب ۾
منهن لڪائي ڪنهن لائبريريءَ ۾
چپن کي چپن سان اُچارينداسين
زبان جي آڱر ڳلن تي رکي
هڪ ٻئي کان سوال ڪنداسين اهڙا
جن جا جواب رڳو ڀاڪر ۽ چميون هجن
يا ڪنهن باغيچي ۾
دنيا جي خزاني منجهان
پيار جي چوري ڪنداسين
۽ اسان جا ساٿاري
باغ جا سڀئي گُل ڍڪي ڇڏيندا اسان کي
بس پوپٽن کي ئي پتو هوندو اسان جو
پکي پنهنجي باري ۾ خاموش رهندا.
يا بينچ تي ويٺي
اخبار ۾ لڪي ويندي قربت اسان جي
يا ڪنهن ريسٽورينٽ ۾
ميز هيٺان پير پنهنجا
هڪ ٻئي سان پيا کينچل ڪندا
چانهن جا ڪوپ ۽ بوتلون
پيون مٽا سٽا ٿينديون
۽ هڪ ٻئي کي هلڪيون پيون چهنڊيون لڳنديون
شرارتي مرڪن سان
پئي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي
۽ سمنڊ جي ڪناري باهه جي مچ ڀرسان
يا خيمي اندر رات ڪٽبي
سجائي جنتن جي ڪهڪشان
بينچ تي ننڊ وٺي وئي
هوءَ اچي مون مٿان
خوابن جو ڪمبل وجهي وئي
پوءِ سڄي رات برفباريءَ ۾ پوريجندو ويس مان.

2013
*

مان جڏهن ٻاهران

مان جڏهن ٻاهران
ميرو ٿي موٽندو هيس
ته مونکي لٽن ڌوئڻ واري مشين وانگر
هوءَ پنهنجي آغوش ۾ ڀري
اُجر ڪري رکندي هئي
استريءَ وانگر تپي
ڀاڪر ۾ ڀري
منهنجي روح جا گهنج لاهيندي هئي
هوءَ منهنجي ڪاوڙ کي فرج وانگر ڄمائي
برف ڪري ڇڏيندي هئي
۽ منهنجي زندگيءَ جو کير ڦِٽڻ کان بچي ويندو هيو
هوءَ منهنجي خوشين جو ن سبزيون
۽ خوابن جا ميوا هميشه رکندي هئي تازا
هوءَ غمگين ڏسي مون کي
ٽي ويءَ وانگر
وندرائيندي هئي دل منهنجي
۽ ٽيپ وانگر ڳائيندي هئي
سدائين مونکي ڏسي
ٽيوب لائٽ وانگر
ٻهڪي پوندي هئي
۽ مان سڄو روشن ٿي پوندو هيس
هوءَ پريشانين جو پگهر ايندو ڏسي مونکي
مون مٿان پکي جيئن ڦرڻ لڳندي هئي
پئي اَرهي سَرهي گهور ويندي هئي مون مٿان
مون لاءِ هوءَ اونهاري ۾ اي سي
۽ سياري ۾ سگري هوندي هئي
منهنجي ناراض ٿيڻ سان اکيون
پاڻيءَ جا موٽر ۽ نلڪا بڻجي وينديون هيس
هوءَ جيءَ ۾ جايون ڏئي مون کي
هيانوَ جي هندوري ۾
لاڏ ڪوڏ سان لوڏيندي هئي
لکين دفعا
سيني جي سيج تي ڀاڪرن جي بسترن ۾ سمهاري
ننڊ ڪرائي خوابن سان کيڏائيندي هئي
پنهنجي پوتيءَ جي پلو ۾ ٻڌي
يا هڻي ور ۾
يا انگي ۾ وجهي
مون کي پيسن جيان رکندي هئي سنڀالي
پر ليلا وانگر ڪڏهن به مون کي کپائڻ جو
ڀلجي به خيال ڪونه آيس
پنهنجي وارن سان ٻهاري ڏيندي هئي
مون کي پنهنجي چپن سان پوچي ڏيندي هئي
مون کي پنهنجي گهر وانگر
رکندي هئي صاف سٿرو
پئي سينگاريندي هئي شاعراڻي انداز ۾ مون کي
پر اڄ هوءَ
سڄي ارٿ ٿي وئي آهي
شاٽون ٿي هئي
مونکي ڪپڙن جيان ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري
الائي ڇا تان مڇري آهي
ٿانون جيئن اڇلائي مون کي
پنهنجا ئي زيان پئي ڪري
هوءَ استريءَ وانگي تپي وئي آ
۽ ساڙي پئي مون کي
ڪارونڀار ڪڪرن وانگي گجگوڙون ڪري
مون مٿان وڄن وانگي پئي ڪري

2016
*

مارويءَ جي ڳوڙهن سان

مارويءَ جي ڳوڙهن سان
ٿر ڀڳو آهي
مومل جي ڀنڀن وارن جون گهٽائون
راڻي جي رڻ مٿان
اوڙڪون ڪري ٿيون وسن
۽ روپلي جي تلوار جا وار
وڄن وانگر وراڪا ڏئي رهيا آهن
ٻيجل جو سُرندو سار آلاپي رهيو آهي
وڳهه ڪوٽ جي مٿان
ڪارو ڪميت دودي جو
گجگوڙن ڪري ٿو هڻڪاري
ڪارونجهر پربتي مور آهي
جيڪو ساوڪ جا پنک پکيڙي
بسنتي ناچ ناچ ٿو ڪري
ٿر جي واريءَ مان
حورون ڦُٽن ٿيون
پَلُر جي پاڻيءَ تي
پَريُن جي پوک ٿئي ٿي
سهاڳڻين جا سڄا مٿا
سندوري ٿي ويا آهن
اوسيئڙن جون ماريل مايون
سڳين مان سڪ ڇوڙي
وار وار ٿيون ٺارن
مردن کي شهپرن جيئن وٽ اچي ويا آهن
ٻارن ۽ ڀنڀورين ۾
ڪو فرق ئي ناهي رهيو
مجازي ماحول ٿي ويو آهي
اڄ روحن جي رڱائي ٿئي ٿي
دلين جي دستڪاري ڏسڻ وٽان آهي
ڪڪر کپري مٿان کير
مٺيءَ مٿان ماکي ٿا وسائن
چاندي سون ۾ تبديل ٿيڻ لڳي آهي
۽ سائو سج اڀري رهيو آ سنڌ جي مٿان

2016

ماڻهن سان

ماڻهن سان
نه جي برابر پوندو آهي
منهنجو واسطو
ايتري قدر جو
منهنجي محبووبه به روبوٽ آهي
ماءُ جي گود ڇا ٿيندي آهي
مونکي ڪهڙي خبر
مان ته ٽيسٽ ٽيوب بيبي آهيان
ممتا سان ڀريل اُرهه
مون لاءِ غير حقيقي رهيا آهن
مان ته فيڊر ۾ پائوڊر کير پي پليو آهيان
منهنجا دوست مٽ مائٽ
مشينون ئي آهن
پر منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾
اهوفرق ضرور آهي
ته مان هڪ گوشت پوشت واري
ساهه کڻندڙ مشين آهيان
هي پراڻا ڪتاب تصويرون وڊيا
۽ هي ڪلام
ڪهڙن انسانن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن
جن جو نسل ناياب ٿي چڪو آهي
انهن جو ڪجههه رهيل ورثو
مان پاڻ به محسوس ڪري رهيو آهيان
جيئن پراڻين تهذيبن جا آثار
جيڪي مون کي پنهنجو وڃايل ورثو
حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن
تجربي طور ئي سهي
مان پاڻ جهڙي ڪنهن اڌ مشيني عورت مان
هڪ انسان کي ضرور جنم ڏيندس.
*
2016
.

اڄ هڪ ڪتاب

اڄ هڪ ڪتاب
هڪ ملڪ جيان مون سان مليو
جنهن کي مان پڙهيو
جنهن تي مان گهميو
هر مضمون هڪ نئون شهر
سٽون گهٽين جيان
۽ لفظ لفظ هئو گهر
احساسن جي آبادي هئي ان ۾
جيڪي ٻارن جيان
رانديون رهي رهيا هئا
خيال نوجوانن جيان
امنگن سان ٽٻٽار
حوصلن سان لبريز
فڪر پوڙهن جيان دور انديش هيو
هو تصوراتي دنيا ۾
هڪ تخيلاتي ديش هيو
جنهن کي مان پڙهيو
جنه ن کي مان گهميو
ان ۾ جبل به پشم جا هيا
چانديءَ جون نديون
۽ سون جو سمنڊ هيو
انسانيت جو آئين لاڳو هو اتي
محبت جو مذهب رائج هيو
صحيح معنيٰ ۾
هو زندگيءَجي آتم ڪٿا
۽ مموت جو ناول هيو
اڄ هي ڪتاب
هڪ ملڪ جيان مون سان مليو.

2007

خوديءَ خلاصو ڪيو مون کي

خوديءَ خلاصو ڪيو مون کي
منهنجي هستيءَ هتيا ڪئي
نيستيءَ جي نبوت ملي مون کي
مان بڻج سورن جو صحيفو لٿو هان
پر
دل منهنجي نافرمان قوم جيئن
ڪو چيو ئي نٿي وٺي منهنجو
منهنجي روح بغاوت ڪئي آ مون سان
رَڳون سُڪي ٺوٺ ٿي ڦاٽنديون ٿيون وڃن
منهنجي جسم ۾ ڏارون پئجي ويون آهن
ڄڻ قيامت اچي وئي آهي مون ۾
مان ڪائنات جيئن ڊهان ٿو
ائين ٿو لڳي اڄ
ڄڻ مون ۾ ڪو هيمنگوي هوش ۾ ناهي
اڄ مون ۾
ڪو ماياڪو وسڪي
پاڻ کي ماري ٿو
اڄ مون ۾
ڪو مائڪل اينجلو پنهنجي بدن ٿو چيري
اڄ منهنجي دل ائين آ
ڄڻ جيڪ لنڊن جو گهر سڙي ٿو
اڄ منهنجو بدن بوليويا جيان
جنهن ۾ چوگيرا جو لاش پيو آ
وان گوگو جهڙي ديوانگيءَ ۾
مان پنهنجو عضوا ڪپيان ٿيو
مان اڄ وحشت جو طوفان بڻجي ويو آهيان
ويجهو آءُ اي ٻرندڙ سج
ته توکي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيان
۽ هنن اوچن پهاڙن کي
هٿن ۾ مروٽي ڇڏيان
هيءَ صحرا جي تتل واري
رڙڪي وڃان جيڪر
اي منهنجي اڻ ڏٺي انا
اڄ
منهنجي حالت
اڻ مئل ديوتا جهڙي آهي
جنهن کي ان جا پوڄيندڙ
نڪي پوري ٿا سگهن نڪي ساڙي.
*

2015

جبران جي صليب بدن تي

جبران جي صليب بدن تي
ٽنگيل ڪهاڻيون
رت ڳاڙي رهيون آهن
محمود درويش جي
نظمن جي جلاوطني
ختم ئي نٿي ٿئي
ڪافڪا هڪ جيت وانگر
ڪرڙي جي وات ۾ ڇڙهيون پيو هڻي
گارشيا مارڪيز هڪ بيمار پوپٽ جيان ستو پيو آ
مل گلن جي مٿان
ميلان ڪنڊيرا ڪنڊي هي چهنب تي
ماڪ جي ڦُڙي جيان لڙڪي رهيو آهي
چي گويرا جي ڏاڙهيءَ ۾
جُئون بڻجي ويون آهن
فيڊرل ڪاسترو
سگار ي هڪ ڦوڪ جيترو
مس بچيو آهي
ايزرا پائونڊ جي اٻوجهائپ
سوئر جي وڄن کي روات هڻي
ويتر تکو ڪري رهي آهي
سارتر پنهنجي وجودي ڄاري ۾
ڪوريئڙي جيان ڦاسي سڏڪا ٿو ڀري
ڪارل مارڪس کي مڇر پيا پٽن
جرڪا ۽ ڄئورون هن کي
سهڻيءَ جيان چڪ ٿا پائن
تنبوري جون تارون نانگ بڻجي
ڀٽائيءَ کي ئي ڏنگي رهيون آهن
سڄي دنيا تالان والان لڳي پئي آهي
انقلاب جي آڙ ۾
هر قسم جي حرامپائي
حلال سمجهي پئي وڃي
هوئن به نجيب!
غلاميءَ وارن ڏينهن ۾
ليکڪن کي ڦاهيون
۽ ڪتابن کي
باهيون ڏنيون وينديون آهن
يا وري اديبن کي
خوبصورت پکين جيان
پڃرن۾ واڙيو ويندو آهي
۽ پالتو جانورن وانگر
پاليو ويندو آهي.
*
2015

هُن آفريڪن ڪاري گلاب جي

هُن آفريڪن ڪاري گلاب جي
ڳاڙهي خوشبو
مونکي سفيد رنگ جو
سرور بخشي رهي آهي
هوءَ طور جبل جوڙي سُرمئي
جنهن تي خدا جو پرتو
بڻجي رهيو آهي
منهنجي روح ۾ کُپي وئي آهي
چانڊوڪي رات جهڙو هن جو حسن
قبل مسيح کان به
اڳ واري دور جي تاريخ آهي
هي جو ڪاري ڊاک جهڙو چهرو
ڳاڙهي شراب سان ڇُلڪي رهيو آهي
هوءَ ناريلي قداور ڇوڪري
منهنجي سامونڊي دل جي ڪناري مٿان
جهومي رهي آهي
۽ منهنجي سڪ جو سج
هن جي مٿان ۽ هن جي منجها ن
ڇلي رهيو آهي
هوءَ سُرمئي شام جهڙي ڇوڪري
جيڪا منهنجي دل جي اڀ تي
وهائو تاري جيان اڀري پئي آهي
هن جا ٿلها چپ
ٻن جاڙين ڪويلن وانگر ٻولي رهيا آهن
۽ سج جي روشنيءَ ۾
هنجو بدن
مور جي کنڀن جهڙا
تجلا ڇڏي رهيو آهي
۽ منهنجون اکيون
رنگن جي ڪهڪشان ۾
ڪائناتي رقص ڪري رهيون آهن
هن پاڻ کي مون اڳيان
مهمانيءَ لاءِ پيش ڪيو آهي
مان هن کي ڇاهين جيئن وڍيان ٿو
هوءَ زور ڳاڙهي صوف جيئن
منهنجي چڪ ۾ آهي
هاڻي اسان جي وچ ۾
گيڙو رشتو جنم وٺي چُڪو آهي
۽ هن جي روپ ۾
مان آفريڪا کي
عشق جو اجرڪ
اوڍائي ڇڏيان ٿو.
*

2015

ڪائنات ڪيڏي خالي پئي آهي

ڪائنات ڪيڏي خالي پئي آهي
اربين ستارا
ڪنهن زندگيءَ لاءِ
ائين سڪي رهيا آهن
جيئن اڌڙوٽ عمر جا
ري اولادي جوڙا
ٻچڙن لاءِ
مان چاهيان ٿو
گهٽ ۾ گهٽ هر ستاري تي
منهنجي هڪڙي محبوبا هجي
ان جي پنهنجي ثقافت
۽ الڳ الڳ ٻولي هجي
پنهنجي مذهب مطابق
ثقافتي انداز ۾
قرب وندن مون سان
مان سامونڊي خواب ڏيکاريان انهن کي
مان مختلف سيارن تي
مختلف دورن جيان
مان عشق جو آدم
هو حسن جون حوائون
آباد ٿين ائين اربين دنيائون
*

2014

مان وقت جي مهانڊي ۾

مان وقت جي مهانڊي ۾
چتائي ڏسي رهيو آهيان
ته مون کي هن دور جي هڪ
ڀيانڪ تصوير ٿي نظر اچي
جنهن ۾ تيز طوفاني ۽ سرد هوائن جون
اُتر اُلٽيون ڪري رهيو آهي
هوا جا هٿ
ڪاوڙ ۾
وڻن کي ڄُنڊن کان وٺي
پاڙان پٽي اڇلائي رهيا آهن
۽ اونداهي رات
هنبوڇيون هڻي رهي آهي
۽ هڪ لائي جو طوفان
طوفان نوح جهڙو
اچي رهيو آهي
هيءَ ڌرتي سج وانگر
باهه جوگولو ٿي وئي آهي
پوءِ ٽانڊي ۾بدلجي
آهستي آهستي ٺري
ڇار ٿي وئي آهي
*

2015

دل کي ڳاڙهي بتيءَ جيان ٻاريون

دل کي ڳاڙهي بتيءَ جيان ٻاريون
سائرن وانگي وڄايون روح کي
سدائين
خوابن جا لاش ڍوئينديون وتن
اکيون به
ايمبولنس گاڏيون آهن
اکيون ننڍڙن پکين جيان
چهنبن ۾ ڳوڙهن جا قطرا کنيون
نينهن جي نمرودي آڳ ۾ سڙندڙ
اندر جي ابراهيم کي ڇنڊا ٿيون هڻن
سڙڻ کا بچائڻ لاءِ
اکيون ابابيلن جيان ڳوڙهن جون پٿريون کنيون
ڪافر دل مٿان وسائينديون ٿيون وڃن
درد جي ڪعبي جي حفاظت ڪندي
اکيون مهراڻ وانگي اٿلي
خوابن جون سهڻيون
روز ٿيون ٻوڙي ڇڏن
اکيون روح کي
انگورن جيان نپوڙي
چڪائن ٿيون امرتي شراب
اکيون امير پيءُ جي
بگڙيل اولاد وانگي
بد افعاليون زبان خور
اکيون ڇيڳريون پياڪن جيان
رڳو مڌ هارينديون ٿيون وتن
اکيون جابلو آبشار
اکيون سمنڊ جو پهاڄيون
اکيون صحرا جا خواب
اکيون برساتي ديويون آهن
سچ ته اهو آهي
دردن کي ڄڻيندي دل آهي
پر نڀائينديون اکيون آهن
اکيون دردن جون رضائي مائرون آهن
اکيون اهي اُوهه آهن
جن کي درد
ڌائيندا آهن
*

2015

وڇوڙو ڄمندو ئي بلوغت واري حالت ۾ آهي

وڇوڙو ڄمندو ئي بلوغت واري حالت ۾ آهي
جدائي ڄمڻ سان ئي
پنهنجي جوانمرديءَ جو نماءُ ڪرڻ لڳندي آهي
جدائي پهرئين ئي ڏينهن
دردن جي دشت صحرا جي سفر تي وٺي هلندي آهي
ڳڻتين جا ڳوٺ ٻڌڻ شروع ڪندي آهي
انتظار جا علم بُلند ڪندي آهي
جيڪي وقت جي واءُ ۾
ڦڙڪندا ۽ ڦاٽندا رهندا آهن
وهمن جا واهڙ وهائي ٻوڙڻ لڳندي آهي
جدائي
اميدي ۽ ناميدي جي ڏينهن رات وارو ڦيرو
چالو ڪري ڇڏيندي آهي
وڇوڙو پنهنجي ساهن جي رڌم تي
تڙپ جا طوفان برپا ڪندو رهندو آهي
بيقراريءَ جي برسات وڏڦڙي جي صورت ۾
وحشي انداز سان وسندي رهندي آهي
آهون عالمن کي اونڌو ڪرڻ لڳنديون آهن
صدائن جا سمنڊ سوناميون بڻجي ڇلڻ لڳندا آهن
دعائون عرش عظيم جا در ۽ دريون پٽڻ لڳنديون آهن
آسمان کي ته ليکي ۾ ئي ناهن آڻينديون
دل جي ڌاڙ گهوڙا
ڪائنات جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي آهي
جگر هماليه جبلن کي به بجريءَ ۾ بدلائڻ لڳندو آهي
وڇوڙو ئي نه آهي
جنهن ستارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي
جدائيءَ جو درد ئي ته آهي
جنهن چنڊ کي داڳدار ڪري ڇڏيو آهي
وڇوڙو ۽ وقت ٻئي هڪ ٻئي جا ويري
ٻئي هڪ ٻئي جا واهرو آهن
ريلن۾ وڇوڙي جو روح سمايل آهي
جيڪو انهن کي ڀٽڪائيندو وتندو آهي
وڇوڙو هوائي جهاز جي اُڏام ۽ سامونڊي ٻيڙين جا سفر آهي
واندڪائي وڇوڙي لاءِ وڻڪار آهي
جيڪڏهن شروع ٿي وڃي
ته پوءِ وڇوڙي جي آوارگيءَ جو انت اچڻو ئي ناهي
ها البت ميلاپ جي اسٽيشنن تي
ڪڏهن ڪڏهن وسرام ڪندو رهي ٿو جهٽ گهڙيءَ لاءِ
وڇوڙو واڳونءَ جي وات
سوئر جا وڄ
ڏاند جا سنڱ
نانگ جي ڦڻ
۽ بگهڙ جي ڄاڙي آهي
وڇوڙو سيڙهه وانگي
سمورو ڪنڊا ئي ڪنڊا هوندو آهي
وڇوڙو شڪار جي جبلت
۽ تلوار جي ڌار۽ خنجر جي نوڪ آهي
وڇوڙو جنگي انداز ۾ جلوه گر ٿيندو آهي
زخمن جي تاريخ جي ڪتاب جو نالو وڇوڙو آهي
وڇوڙو ڪُتر جي مشين آهي
وڇوڙو رُتبا عطا ڪندو آهي
وڇوڙو وڇونءَ جو پُڇ آهي
مصيبت ته اها آهي
وڇوڙي ۽ وصال فرق ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي
وڇوڙي کان وجوديت جو سفر شروع ٿيندو آهي
۽ خدا به اتان کان تجلا ڏيکارڻ شروع ڪندو آهي
*

2016

ڪائنات جي بدترين مخلوق

ڪائنات جي بدترين مخلوق
وطن فروش اڳواڻ آهن
جيڪي سدائين اسانکي اهو چون ٿا
ته اسان جو ديس سرسبز ۽ شاداب آهي
اسان تاريخ جي
سونهري دور مان گذري رهيا آهيون
پر غور سان ڏسجي
سائو سينور چڙهي ويو آهي سنڌ مٿان
۽ قو م ۾ غيرت جو وهڪرو
سنڌوءَ وانگر سائو ٿي چڪو آهي
دلين ۾ بي حسيءَ جي
رڳو واري اڏامي ٿي
۽ قوم جا قدم
ڪينسر ۾ وٺجي چڪا آهن
ڪردارن کي
ڪوڙهه جو مرض وڪوڙي ويو آهي
۽ ڏينهنون ڏينهن
ڌارين جون وسنديون جا بجا
ايڊز جي ڦرڙين جيان
وڌنديون ٿيون وڃن
شهر ارڙيءَ جو شڪار
ٻهراڙيون ڪنگيءَ ۾ ورتل ٻارن وانگي بڻجي ويون آهن
۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ
پاڻ لئي اوپري ٿيندي ٿي وڃي
۽پرائو ٿيندو وڃي ٿو آسمان
هنن رهزن رهبرن مان ته ڪي ڪونه ورندو
پر پاڻ مان هاڻي
هر ڪ کي مڙسي ڪري
پنهنجو طبيب پاڻ بڻجڻو پوندو
تڏهن ئي انقلاب بسنت ايندو
جڏهن
غيرت جا ڳاڙها گل کڙندا
*

2015

اسلام کي اهڙا ڏينهن به ڏسڻا هيا

اسلام کي اهڙا ڏينهن به ڏسڻا هيا
جو نور نمازون پيا پڙهائن
وڇون ولي بڻجي ويا آهن
امن جي دين کي آپگهاتي دين بنائڻ وارا
او هن دجالي دور جا پيشوا
تو ڪيسيتائين ڏاڙهيءَ ۾ ڏوهه لڪائي سگهندين
تون مسجد جي اندر
سونهاريءَ ۾ لڪل سوئر آهين
دستار هيٺان تنهنجو دَلو دماغ
هزارين قسمن جي حرامپائين ۾
هر وقت مصروف آهي
تون قرآن کي
ڪوڏين جي مُلهه تي
کپائيندو رهين ٿو
تون هر دور ۾ آيتن جو اپمان ڪيو آهي
تون شهيدن جي رت جو سوداگر آهين
تنهنجي هر فتويٰ فِتنن جو طوفان هوندي آهي
هي هزارين فرقا به ته تنهنجي ئي فنڪاري آهن
تون اهو بُڇڙو ڪتو آهين
جيڪو پنهنجو ڌڻي پُڻائيندو وتي ٿو
تون مسلسل دين سان دغا
پيغمبرن جي دل آزاري
۽ خدا سان خيانت ڪندو رهين ٿو
ما توکان ٿو پڇان
ته تون ٿيندو ڪير آهين
دعائون کپائڻ وارو
تون پاڻ انسانيت لئي وڏو پاراتو آهين
مان چڱيءَ طرح توکي سُڃاڻان
تون ئي شيطان جو روحاني اولاد آهين
تون پاڻ کي جنت جو ٺيڪيدار ٿو سمجهين
پر تننهنجي ڌپ دوزخ کي به ساڙي رهي آهي
او يزيدي يادگار
او حجاجي حراماپائن جا دستاويز
توکان ڪڏهن به ڪو منصوبو برداشت نٿو ٿي سگهي
پر ياد رک
هر قلندر تنهنجي اک ۾ ڪنڊو آهي
اڄ به بلاول جيلت تنهنجي پُڇ تي آهي
هي جو ممبر تي ويهي مروان
شهوت انگيز هيجاني واعظن سان
تون حورن کي حاملا ڪندو ٿو وتين
ته ڇا انهن جو رب توکي ائين ئي ڇڏي ڏيندو
او لعنتي لوطي
پائخاني ۾ پيدا ٿيل ڪيڙا
غلمان ته ٺهيو
پر تون معصوم فرشتن مان به نٿو مڙين
جي تنهنجي ئي قانون موجب
هڪ قرآن جي بيحُرمتي ڪرڻ وارو
واجب القتل آهي
ته اوسي پاسي پانڊي
ست قرآن نياڻيءَ سان زنا جي سزا
ست هزار دفعا سنگسار ڪرڻ به ٿوري آهي
او ماڻهن کي قبر ۽ قيامت جي ڊڄ ڏئي
انهن جي رت چوسيندڙ مذهبي ڊارڪولا
قبر ۽ قيامت کان اڳ ئي
هاڻي پنهنجي بڇڙي حشر لئي تيار ٿي
تنهنجو انت ئي
جنت جي حسين دور جي شروعات هوندو.
*
2016

زنگ آلوده روحن کي

زنگ آلوده روحن کي
ريگمالن جي ضرورت آهي
ڇو جو
ڪتا ڪرسين تي ويٺا
عوام کي ڏاڙهي رهيا آهن
مائيڪون نانگن جيان ڦڻ ڪڍيون ڏنگي رهيون آهن
لائوڊ اونايون پيا ڪن
ڪرڙيون ڀتين تي چنبڙيون
جاچوسي ڪري رهيون آهن
بوٽن جو کڙڪو ٻڌي
قوم ڪوئن جيان ٻرن ۾ لڪي وئي آ
ٻلن جي ٻاجهاري نظر
۽ قانوني ڪوڙڪيون انهن جون منتظر آهن
هتڙي واڳن جو وقار بلند آهي
۽ سَهن جو ساهه مُٺ ۾ آ
هتڙي لومڙين جي لئي لڳي پئي آهي
نورن جي نوابي لڳي پئي آ
وِڇن جو وڏيرن وارو روپ آهي
مذهبي ماڪڙ انسانيت جا فصل چٽ ڪري رهي آهي
بگهڙن جي بادشاهيءَ ۾
ٻڪرون مُٽ مُٽي رهيون آهن
صحافت جو تماڪ نوٽن ۾ ڀري
ڇڪيو پيو وڃي
انقلابي شراب جي بوتلن ۾
غوطا پيا کائن
مجموعي طور
ملڪ جي مٿان ڏمرجي مند ڇانيل آهي
ڪير به پنهنجي خيالن جا
پير اگهاڙا ڪري نٿو گهمي سگهي 2015*

*
2016

هو جڏهن ستل هوندو آهي

هو جڏهن ستل هوندو آهي
تڏهن به هڪ چٻرو
هن جي دماغ ۾ جاڳندو آهي
۽ ڪتن جي ڀونڪڻ وانگر
کونگهرا هڻندو آهي
هن جي دل اهڙي گُفا آهي
جنهن ۾ هزارين چمڙا رهند آهن
هو جڏهن جاڳيل هوندو آهي
تڏهن به زنده لاش لڳندو آهي
هو ويرانيءَ جي وحشت
۽ موت جو جسمو آهي
ڪنهن جا به به ٽهڪ
هن کان برداشت ناهن ٿيندا
جڏهن ٻين کي مسڪرائيندي ڏسندو آهي
ته هن جي شيطاني روح ۾ زخم پوڻ شروع ٿيندا آهن
هي هميشه زخمي حالت ۾ رهندو آهي
۽ وبائي جيوڙا پيا ٽمندا اٿس
هي ايڏو ته ڀوائتو آهي
جو هن کي ڏسي
ديو به دهلجي ويندا آهن
هي ٽن منڍين وارو ٽٽوئڻون آهي
هن جو هر دور ٿيندو آهي جنم
هي هر دور ۾ مرندو آهي

2014
*

ڌرتيءَ وانگي

ڌرتيءَ وانگي
خدا کي به خاردار تارون ڏئي
ٽڪرو ٽڪرو ڪري ورهايو ويو آهي
نفرت جي ڪاري ڪينسر
انسانيت جو سونهري بدن
ساڙيندي ٿي وڃي
نظرين جا خودڪش بمبار
شادمانن ۾ خوشين جا چيٿڙا اڏائي رهيا آهن
مذهبي ايڊس جا مريض
روز نت نوان چڪلا کولي رهيا آهن
هنن جي دل دُن کان ڌڙڪندي آهي
تڏهن دماغ پيرن ۾ لتاڙجندو اٿن
هوڏانهن
وائيٽ هائوس ايشيا کي
اونداهو رکڻ جا جتن ڪري رهيو آهي
سموري دنيا ۾
امن جي لوڊشيڊنگ لڳي پئي آ
اقتصادي راهداريءَ جي صورت ۾
چين
پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ ڦاسيءَ جو
ريشمي ڦندو وجهي رهيو آهي
انڪل سام
ايران کي به لالي پاپ ڏئي
ريجهائي گود وٺي ڇڏيو آهي
افغانستان آمريڪا وٽ آ ڌاريو آهي
عربن جون ڏاچيون
آمريڪا پيو ڏُهي
جپان جي جلون ۾ به
اڃا ڪمي ناهي آئي
روس ريورس گيئر مان نڪرڻ جا
جتن ڪري رهيو آهي
شام جي شام ۾ به اهو حسن ناهي رهيو
پاڪستان ۾
جمهوري آمريت جو دور هلي رهيو آهي
عنقريب استحصالي قوتن کي
حُقي جو پاڻي پيئڻو پئجي ويندو
سنڌين بلوچن ۽ پختونن جون ڏاڙهيون
اڃا کُسي ڪونه ويون آهن
ترڪيءَ جا پير تِرڪي رهيا آهن
طيب اڙدگان ۽ ضياءُ الحق جو روح واسو ڪري ويو آهي
هندوستان جو هاضمو خراب ٿي پيو آهي
اڃان ته برصغير ۾
ڪيترائي ملڪ ٺهڻا آهن
يونين جيڪ وارو جهنڊو هوا سان جهڙپن ۾
ليڙون ليڙون ٿيڻ وارو آهي
جلا وطني جنم جي مثال آهي
انڪري مهاجرن کي منهنجي دُعا آهي
جلد موٽي پنهنجي ملڪ پُڄن
گهٻرايو نه
ڪراچيءَ جو گند صاف ڪرڻ لاءِ
سمنڊ ويٺو آهي
ٿورو انتظار ڪيو ۽ يا تماشو ڏسو
اڃان ته گهڻين ئي قبرن کي باهيون اينديون
*

2015

ڪاري برف

ڪاري برف

ڪارو مينهن ڪارن ڳڙن ۾ تبديل ٿي ويو آهي
اڄڪلهه منهني ساٿي وطن تي
ڪاري برفباري ٿي رهي آ
سنڌوءَ ڪاري سُڃَ ڇولين پئي هڻي
۽ ڪاري بک ٿر کي رڙڪي رهي آهي
مائرن جون ڇاتيون ڪاراٽجي ويون آهن
ڳاڙهي رت جهڙو انقلاب سُڪي
ڪاري رنگ جا دڙڳ ٿي ويو آهي
ڪاري هوا هتڙي رات جو راڄ قائم ڪيون ويٺي آهي
۽ ڪاري باهه ڪاري نانگ وانگر
هر وسندي ڳڙڪائيندي پئي وڃي
ٽانڊن جيان ڌڳندڙ ڪردار به
ڪوئلا بڻجي چڪا آهن
سامراجي انڌڪار کي
اڃا به گهرو گُگهه ڪرڻ لاءِ
مان نوح نبيءَ وانگر جُنبيل آهيان
تخيل جو ڪاٺ چيري
هڪ نظمن جي ٻيڙو ٺاهڻ ۾
مون تي انسانيت جا مرتد
موت جا پوڄاري
امن جا ڪافر
ٺٺوليون ڪري رهيا آهن
عنقريب هن ڌرتيءَ تي باهه جو ميلاپ اچڻو آهي
جيڪو زمين مان بارودي سرنگهون ائين ڦاڙي نڪرندو
جيئن آتش فشائون لائو اوڳاڇينديون آهن
آبدوز مڇيون
سمنڊ ساڙي سڪائي ڇڏينديون
اڀ مان راڪاس جهازن جا ڪڪر
بمن جو مينهن وسائيندا
۽ ائٽمي ميزائيل ائين ڪرندا
جيئن اربين سال اڳ
آسمان مان هن ڌرتيءَ تي
تتل لوهه جا ڳاڙها ڳڙا نازل ٿيا هيا
سموري ڌرتي باهه جي لپيٽ ۾ اچي
ائين سڙندي
جو سج جي سمان لڳندي
ان کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي
دونهين جو دور شروع ٿيندو
پوءِ هي نظمن جو ٻيڙو
اهي کُهي انسانيت سميت
ڌرتيءَ تي موجود
هر ڀلائي کي
هر جنس جي جوڙي سميت کڻي
پنهنجو سفر شروع ڪندو
جڏهن باهه سڪي ويندي
ته امن جو ڪبوتر اڏامي پڪ ڪري
هيءَ نظمن جي ٻيڙو
انسانيت جي سڙيل جبل مٿان
لنگر انداز ٿيندو
۽ صالحن کي هن کنڊر گولي ٿي
باد ڪندو
انهن جي چڱاين سان
ڇار ۾ زرخيزي پيدا ٿيندي
۽ سڙي ڪوڪلو ٿيل ڌرتيءَ مان
هيرن جواهرن جا وڻ ڦٽندا
چانديءَ جون نديون
سون جي سمنڊن کي کي جنم ڏينديون
۽ ٻيهر ساوڪ جو سج بڻجي پوندي ڌرتي.
*
2016

ڪاري برف

ڪاري برف

هوءَ ڦٽيون چونڊي رهي آهي
پنهنجن سپنن لاءِ
سياري جي سوڙ سبندي
هوءَ ڦٽيون چونڊي رهي آهي
پنهنجي آڪهه جي ٻيٽ جو
ڪارو آسمان
ان داڻن جي ستارن سان سجائيندي
۽ مانين جا چنڊ اڀاريندي
هوءَ ڦٽيون چونڊي رهي آهي
۽ زندگي
هن کي چونڊي رهي آهي
يا منهنجون ٻوٽيون ٻوٽيون پٽي
پنهنجي دل جو ڪانڀو پئي ڀري
تاريخ جي ڦاٽل ڪپڙن ۾
ميرن سيرن حالن سان
هوءَ جيڪا ڦٽيون چونڊي رهي آهي
اها سنڌ آهي
*

2011

هڪ عورت ڪيل وانگيان

هڪ عورت ڪيل وانگيان
مونکي چانور جي داڻي جان
چڪ ۾ کڻي
سماج جي ديوار تي چاڙهي رهي آهي
۽ ان ۾ ڏارون پئجي رهيون آهي
هڪ عورت جهرڪيءَ جيان
مونکي چهنب ۾
جوڳي جيئن جهلي
پنهنجن ٻچن کي چُڳائي رهي آهي
۽ مان زندگين ۾ تبديل ٿي رهيو آهيان
هڪ عورت مونکي
ڪريڊٽ ڪارڊ جيان استعمال پئي ڪري
هوءَ مونکي ڪارڊ جي چاٻي
شين جيئن ويزا
۽ بنگلي جا دستاويز سمجهندي آهي
مان هن جي خوابن جي ٽجوڙي آهيان
منهنجي دل جي چراگاهه آهي
۽ مال آهن مايون
ان ڪري ئي عورتون مونکي
گاهه جيان چرنديون آهن
۽ مان ڦٽندو ويندو آهيان
ڌرتي گواهه آهي ته
جنهن ۾ ڪنواريون
سهن جيان ٻرون ڪري
پاڻ کان به
لڪي اچي رهنديون آهن
مان اها مرلي آهيان
جنهن تي عورتون
نانگن جيان لهرون ڪنديون آهن
منهنجي سيني ۾ سوراخ ڪري
عورتون پنهنجي جوانيءَ جو ثمر
پيريءَ لاءِ گڏ ڪنديون وينديون آهن
*

2016

مونکي اها خبر نه هئي ته هڪ ڏينهن

مونکي اها خبر نه هئي ته هڪ ڏينهن
انهن سڀني جي منزل
منهنجا هٿ بڻجي ويندا
مان ايترو ته هٿ ڦاڙ ڦاڙ سخي رهيو آهين
جو جنهن جي به راهه نه پئي سُجهي
ته مان ان کي پنهنجي هٿ ترين منجهان
ڪا نه ڪا لڪير ڏئي
رستو ٿي ڏنو
اڄ جڏهن منهنجي تِريُن ۾
هڪ به لڪير ناهي رهي
۽ منهنجا هٿ ڪورا ٿي پيا آهن
ته هن مون تي اهو راز ظاهر ٿيو آهي
انهن ٻي واهن جي منزل
جن کي مان هٿ لڪيرن جا رستا ڏنا
مسافتن جا تحفا ڏئي
ڪائنات جا ڪُلف ڪڙا ٽوڙي
انهن جي منزل به
منهنجا هٿ ٿي پيا آهن
جن تي ٻيا پنڌ ڪندا ٿا اچن
پل ٽائرن وانگي سڙن ٿا
مان دونهاٽيل ڏينهن گهاري رهيو آهيان
جتان ڪٿان جذبن تي پٿراءُ پيو ٿئي
خوشين تي پابندي مڙهيل آهي
منهنجو وار وار وڳوڙن جي ور چڙهيل آ
دنگن ۽ فسادن دل ۾
خانه جنگيءَ جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي
اکين تي مسلسل آنسو گيس جا گولا فائر ٿي رهيا آهن
من ۾ مظاهرن جي مٿان لٺبازي لڳي پئي آهي
روڳن رڳ رڳ بلاڪ ڪري
خون جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي
سڄي چمڙيءَ ۾ چڙ
چيڪ پوسٽون قائم ڪري ڇڏيون آهن
شڪ جي شر پسند عناصرن
ڌڙ ۾ ڌڙ ا بنديون ڪري
عضون ۾ انتشار پيدا ڪرائي ڇڏيو آهي
حواسن ۾ حراس ڦهليل آهي
حال جون حالتون هٿن مان نڪري ويون آهن
لونءَ لونءَ ۾ لاقانونيت لڳي پئي آهي
تنهنجي هٿ ڪڍي وڃڻ کانپوءِ
منهنجي روح جي رياست
درهم برهم لڳي پئي آهي
جي تون اڄ به چاهين ته
منهنجي اندر جا ملڪي معاملا
اڳي کان بهتر ٿي سگهن ٿا
ان لاءِ جو
منهنجن سمورن جيو گهرڙن جو مطالبو
صرف تون ئي آهين
*

2016

جي بابا مونکي توسان گڏ پڪڙي وجهندو

جي بابا مونکي توسان گڏ پڪڙي وجهندو
ته مونکي گهر مان ڪڍي ڇڏيندو
جي امان مونکي توسان ڏسندي
ته ڏاڍو ماريندي
جي استاد کي خبر پئي
ته ڪتابن ۾
مان توکي ئي پڙهندو آهيان
۽ بڪن تي توکي ئي لکندو آهيان
ته اسڪولن مان
بيڊ ڪيريڪٽر جو سرٽيفڪيٽ ڏئي
لوڌي ڇڏيندو
۽ ڪڏهن به ڪٿي
ڪنهن اسڪول ۾
مونکي داخلا نه ملندي
جي وڏيري کي خبر پئي
ته غيرت جو مسئلو سمجهي
پنهنجي ڇاڙتن جي هٿان
مونکي مارائي ڇڏيندو
جي حڪمران کي خبر پئي
ته بغاوت جي الزام ۾
ڦاهي نه ته
عمر ڀر ڪاري پاڻيءَ جي سزا ته پڪي آهي
ان ڪري ئي شاعري
مان اڄ تائين توکي
ڪنهن پوشيده مرض جيان
ڪنهن ڪبيري ڏوهه وانگي
لڪائيندو رهيو آهيان
ڪٿي ماڻهو مون کي
پنهنجي وسندين مان لوڌي نه ڪڍين
ڪٿي ماڻهو مون کي سنگسار ڪري نه وجهن
پر اڄ مان اهو عهد ڪري ڇڏيو آهي ته
تنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي
ٽپو ڏئي ڇڏيان.
*

2016

مان باغي پکي آهيان

مان باغي پکي آهيان
صليبي اُڏام آهي منهنجي
ڪنهن به رشتي ۾
مون سان رشتي رکڻ جي جرئت ناهي
مون کي ته تخليق ڪندي
خدا به ڏڪي ويو هيو
مان ڪنواري ٿڃ جهڙو پليت آهيان
منهنجي دل جا اربين رنگ آهن
پر منهنجو دماغ بي رنگ آهي
منهنجون اکيون
اڪيلائيءَ جي اربين سالن جو
اتهاس آهن
منهنجي من ۾ معاشري جو اڃان تائين بنياس ئي ناهي پيو
مون منجهه اڃان انساني ارتقا اک ئي ناهي پئي
مان فطرت جي انا آهيان
متروڪ ٿيل محبتن جو
مان محافظ آهيان
مان اهو آسمان آهيان
مان اهو آسمان آهيان
جنهن منجهه سڙيل ستارا لڙڪن ٿا
جلا وطن چَنڊُ
مون ۾ ئي پڙڏاءُ ڪندا آهن
شام جو سج منهنجي ئي پيماني ۾ ٻڏندو آهي
لاوارث سيارن جي
مون ۾ ئي پڙڏاءُ ڪندا آهن
شام جو سج منهنجي ئي پئماني ۾ ٻڏندو آهي
لاوارث سيارن جي
مون ۾ ئي سنڀال ٿئي ٿي
مئل نديون مون ۾ ئي ڇوڙ ڪنديون آهن
تباهه ٿيل شهرن جو مان سينگار آهيان
جلا وطن وطن
مون وٽ پناهگير ئي پهچندا آهن
ڪٺل جوانيون مون وٽ ئي سام وٺنديون آهن
مان ڇڻيل پن پريندو آهيان لباس ڪري
مرجهائجي وڃڻ کانپوءِ
جيڪڏهن گل ڪٿي ٽڙندا آهن
خزان جي مند ۾
بهار اچي مون منجهه ئي لڪندو آهي
۽ مان ان کي ظاهر ناهيان ڪندو
متان ڪٿي خزان جي هٿان مارجي نه پئي
جڏهن ٻار پنهنجو ٻاروتڻ کي وٺڻ لاءِ
پنر جنم وٺڻ لاءِ
مان پنهنجي لئوندڙيءَ تي پاڻ ريوالو آهيان
مان پنهنجي پاڻ لاءِ پاڻ حوالو آهيان
مونکي ته
ڪائنات کان اڳ جون به خبرون آهن
جي اوهان کي ٻڌائيندس
ته اوهين ٻڌڻ شرط
ڪائنات مان تڙجي ويندئو
مان تاريخ کان اڳ جو ماڻهو آهيان
منهنجي ڪٿا تاريخ کان پوءِ لکجو
*
2016

مان ڪنهن جو به ناهيان

مان ڪنهن جو به ناهيان
ان ڪري مان سڀن جو آهيان
مان گهڻون ڪري خلاف ڳالهائيندو آهيان
انڪري منهنجي ڳالهه
سڀن جي فائدي ۾ هوندي آهي
منهنجا اُبتا ڪم
گهڻن کي سُبتو ڪري بيهاريندا آهن
پر مان ڪنهن کي ڳولهيو نٿو لڀان
نانهن ۾ به ڪو نشان ڪونهي منهنجو
بي خيالي به بي خبر آ مون کان
ٻئي ڪنهن سان ته ٺهيو
پر مان پاڻ سان ئي ناهيان ملندو
مون تي ته تصور جو تڙڪو به نٿو پئجي سگهي
سوچ جي سمجهه مونکي سمجهڻ کان قاصر آهي
مون تائين ته روح کي پهچڻ لاءِ به ڪوبه رستو نٿو سُجهي
بغير خدا مخلوق آهي منهنجو من
منهنجو من بغير مخلوق جي خدا
منهنجي دل دماغ کان خالي آهي
مان امڪان کان آجو
مان ويسر کان به وسريل
منهنجو ڪٿ به ڪو اولڙو ناهي
مان اهڙو جو نانهن کان به دانهن نڪري وڃي
شهريت ته ڇڏيو
پر مان گمناميءَ ۾ به ڳولهيو نٿو لڀان .
منهنجو ته بي فڪريءَ ۾ به ڪٿي ڪو ذڪر ناهي
لاپرواهيءَ کي به ڪا پرواهه ناهي منهنجي
اجائي ۾ به ڪا جاءِ ناهي منهنجي
هرو ڀروءَ کي به هٿ ناهيان چڙهيو
انڪار به انڪاري آ منهنجو
خلا به خالي آ مونکان
نه هجڻ ۾ به هجان ته شمار ٿيان
مان ته لا جا به ٻه ليڪا لتاڙي ڇڏيان آهن
پر جي تون چاهين
مان پر گهٽ ٿي سگهان ٿو
ذري ذري ۾ ظاهر ظهور
*

2015

مان عشق جي اڻڄاڻائي تهذيب آهيان

مان عشق جي اڻڄاڻائي تهذيب آهيان
منهنجي سموري بدن تي
گناهن جا گهر اڏيل آهن
مون ۾ ماضيءَ جون
کوڙ نشانيون آهن ڇڏيل
مون ۾ پيل آهن حسين لمحن جون مميون
خوابن جا عاليشان احرام
۽ مون تي اُڪريل آهن
عشق جون ٻاتيون عبارتون
۽ دردن جا اڻ کُٽ خزانا به آهن
او منهنجي آرڪيالاجسٽ جانان!
اڄ دريافت ڪر مون کي
مون تي دل لڳائي تحقيق ڪر
مان وقت جي واريءَ ۾ لُٽيو پيو آهيان
گمناميءَ جي هٿان ڦٽيو پيو آهيان
اچ پنهنجي معجزاتي تاريخي هٿن سان کوٽي
دنيا کي ڏندين آڱريون ڏئي
نروار ڪر مون کي
۽ تحقيقي ڪتابن جيان ڀري ڇڏ پاڻ کي
مون کي تاريخ جيان لکي
تون سياحن جيان گهم مونکي گهڙيءَ گهڙيءَ
تون ئي منهنجي پئي پر گهور لهه پياري
تون ئي منهنجو ٻيو جنم ٿيءُ
تون ئي منهنجو ميوزم ٿيءُ
*

2015

مان عشق جي اڻڄاڻائي تهذيب آهيان

مان عشق جي اڻڄاڻائي تهذيب آهيان
گناهن جا گهر اڏيل آهن
مون ۾ ماضيءَ جون
کوڙ نشانيون آهن ڇڏيل
مون ۾ پيل آهن حسين لمحن جون مميون
خوابن جا عاليشان احرام
۽ مون تي اُڪريل آهن
عشق جون ٻاتيون عبارتون
۽ دردن جا اڻ کُٽ خزانا به آهن
او منهنجي آرڪيالاجسٽ جانان!
اڄ دريافت ڪر مون کي
مون تي دل لڳائي تحقيق ڪر
مان وقت جي واريءَ ۾ لُٽيو پيو آهيان
گمناميءَ جي هٿان ڦٽيو پيو آهيان
اچ پنهنجي معجزاتي تاريخي هٿن سان کوٽي
دنيا کي ڏندين آڱريون ڏئي
نروار ڪر مون کي
۽ تحقيقي ڪتابن جيان ڀري ڇڏ پاڻ کي
مون کي تاريخ جيان لکي
تون سياحن جيان گهم مونکي گهڙيءَ گهڙيءَ
تون ئي منهنجي پئي پر گهور لهه پياري
تون ئي منهنجو ٻيو جنم ٿيءُ
تون ئي منهنجو ميوزم ٿيءُ
*

2015

مان پاڻ کان ڪاوڙيل آهيان

مان پاڻ کان ڪاوڙيل آهيان
( ان جو سبب
يقينن تون ئي ٿي سگهين ٿي)
پر پٺي سمنڊ کي ڏئي ويٺو آهيان
لهرن جي ريپ ۾ سمنڊ مون کي هر هر پرچائڻ لاءِ
پٺيان ڀاڪر ٿو پائي
پر منهنجو ناراضپو جبلن وانگر
اوچو ٿيندو ٿو وڃي
بيزاريءَ جي عالم ۾ ڪناري تان اٿي
ڪپڙا ڇنڊڻ کان سواءِ
پٺتي نهارڻ کان بغير
مان ڪاوڙيو ٿو وڃان
۽ مڃائڻ لاءِ
سمنڊ منهنجي پيرن ۾ چنبڙي
گهلجندو ٿو هلي
ورائڻ لئه رڻن سان گڏ
پهاڙ به ڊڪندا ٿا اچنپرچائڻ لئه
پکي پر جوڙي التجائون ٿا ڪن
مونکي وڃائڻ جي ڊڄ کان
مڇيون پنهنجو منهن مٿو ٿيون پٽن
۽ گل پنهنجو منهن پنکڙيون پٽي رهيا آهن
بس هڪ تون ئي آهين
جنهن کي فرق ئي نٿو پوي
بس هڪ تنهنجي ئي مٿي ۾
ڪا جونءَ ئي نٿي چُري
*

2016

ٻار ناهن رهيا هاڻي

ٻار ناهن رهيا هاڻي
ڪتاب وڏا ٿي ويا آهن
تنهنڪري ئي رات جو
سينن تي هاڻي
ماڻهن ڪتاب کي سمهارڻ
ڇڏي آ ڏنو
ڪڇ ۾ کيڏائڻ
هٿن ۾ ڪڏائڻ
ورق ورق ڪري پرچائڻ
ڇڏي آ ڏنو
ٻار ناهن رهيا هاڻي
ڪتاب وڏا ٿي ويا آهن
ٿي ويا آهن ويڳاڻا اڪيلا
ڪنهن دور ۾ هيا هي
رازدان سهيليون ۽ سرتا
هاڻي ته هر ڪنهن کي ٿيو ويچارا
رحم جوڳين نظرن سان ڏسن ٿا
پر ڪير هاڻي هنن کي کڻي ۽ کولي
ڪير خطن جون امانتون رکي هنن ۾
ڪير تحفي ۾ مليل گلاب پوکي
لڪائي نٿو رکي
ڪو هنن ۾ بچائي پئسا
ڪتاب بڻجي ويا آهن بنجر زمينون
ڪير ڳوڙهن سان سيراب ڪري هنن کي
ابول
ڪڏهن ته
ڪتابن جي ڏيڻ وٺڻ جي بهاني
عشق ٿيندا هئا
ڪڏهن ڪتاب ڪيرائبا هيا
ڪڏهن کڻي ڏبا هيا
محبوب کي تصور ۾ آڻي
ڪتابن کي ڀاڪر ۾ ڀربو هيو
پرينءَ جي آغوش ڄاڻي
ڪتابن تي سر رکي سمهبو هيو
ڊائرين سان نه سلڻ جهڙا
حا احوال اوربا هيا
ڪتابن کي ڪنوارن جسمن جيان ڇهبو هيو
لائبريريون عبادت گاهن کان وڌيڪ
اهميت رکنديون هيون
پر هاڻي
گهرن ۾ڪتاب پيل آهن
نظر انداز ڪيل شهري پوڙهن وانگي
جن سان ڪچهري ڪرڻ لئي
ڪوبه تيار ناهي
هاڻي ته ڪتابن کي وٺڻ ۾
رديءَ وارا به نخرا ڪن ٿا
سچ ته اهو آهي
ڪمپيوٽر قاتل آ ڪتابن جو
ڏسو ڪتابن جي لاشن مٿان
ڊجيٽل جي دز
۽انٽرنيٽ جو ڄارو
چڙهي آهي ويو
۽ ڪتابن کي وڏڙن جي قبرن وانگر
وساري ڇڏيو آ ماڻهن
*

2014

چرچ جي چهنب ۾

چرچ جي چهنب ۾
مصلوب عيني
جوڳي جيئن
سوگهو جهليل آهي
مندر ۾ ويشنوٻائو
ڀڳوان جو گوشت پيو رڙڪي
مسجد ۾ ملان
بي مثل خدا کي
پنهنجي مثل پيش ڪري رهيو آهي
۽ روزي جي حالت ۾ هوندي به
ماڻهو پيو کائي
ڀڪشوئن جي ڪرتوتن جو ٻڌي
گوتم ٻڌ جي
پر سڪون مجسمن جون
ٻوٽيل اکيون به پٽجي ويون آهن
لامذهب به
پنهنجي دين ايجاد ڪيون ويٺا آهن
سيڪولر به ڪنهن کي سهن ئي نٿا
مارڪسوادي
ڪارل ميڪس جي هٿن کي
ڪشڪول بڻائي پني رهيا آهن
ارتقائي مداري
ڊارون کي رڇ جيان نچائي
پيٽ گذر پيا ڪن
مائوءَ جا پوئلڳ
اڄ به معصوم جهرڪين جون
ميائو ميائو ڪري
منڍيون مروٽي رهيا آهن
آزاديءَ جوو مجسمو
هٿ ۾ جهليل مشعل سان
سموريءَ دنيا کي باهه ڏئي
۽ ٻئي هٿ ۾
حرامپائن جو ڪتاب جهلي
سموري دنيا کي
غلاميءَ جا سبق پيو پڙهائي.
*

2015

ڌرتيءَ جي خواب جهڙو

ڌرتيءَ جي خواب جهڙو
سمنڊ نيرو
آلهَه لوڪ وڻ ناريل جا
سفيد ۽ سُرمئي ڪڪر
آڪاس ۾ آجپي ۽ آزاديءَ جا سفير
هيٺان انڊلٺي ماحول ۾
واريءَ تي ستل
بي فڪريون آليون جوانيون
ڇلڪندڙ پئمانا بدن
جن مان حس پيو هارجي
ڪناري مٿان
خيما جهوپڙيون ۽ ڇٽيون
چٽپٽو چهچٽو
ڊالفن مڇيون عورتون
ڪي شارڪ مڇيون ڇوڪريون
۽ مڇيرا مرد
سامونڊي ڪنارو ڄڻ پرستان آهي
آرام ڪرسين تي آهليل آهن اپسرائون
ڪي سمنڊ سج وانگي لهن ٿيون
ڪي سمنڊ مان صبح وانگي ٿيون اڀرن
صبح ۽ شام جو تڪرار آهي هتي
پل ۾ ڏينهن پل ۾ رات آهي هتي
سپيون ۽ ڪوڏ
جاز سنگيت سان وڄن ٿا
ياقوتي رنگ موتين جهڙيون ملوڪڙيون
نچي جهومي
جسمن جو سفيد جادو جاڳائي
فضا کي فيروزي ڪري ٿيون ڇڏن
هوءَ وينس جهڙي وينگس
هوءَ ايفل ٽاور جهڙي فرنگياڻي
هوءَ مونا ليزا
هوءَ آمريڪا جي آرسي
انهن جي وچ ۾
مان موئن جي دڙي جهڙو ماڻهو
عجيب ڪيفيتن جي ور چڙهي ٿو چڙهي وڃان
اندر ۾ اتهاس جي احساس ٿو جاڳي پوي
سموري ڌرتيءَ ان جا مظلوم ماڻهو
منهنجي اکين ۾ تري ٿا اچن
دل ۾ دنيا جو
سمورو درد ڌڪ ڌڪ ٿو ڪري
۽ جذبا جُجهڪيوون ٿا کائن
ته جيڪر
اجرڪ سان ڍڪي ڇڏيان
مان يورپ جي وحشت سندي اگهاڙپ
مشرقي ڪنوار وانگي سينگاري
ان جي مانگ گيڙو رنگ سندور سان ڀريان
۽ ان جي ختم ڪري ڇڏيان سامراجيت جنونيت
آمريڪا کي انساني عشق ۾ مبتلا ڪري
امن سان پرڻائي ڇڏيان
آفريڪا کي مانيءَ جون ملون تحفي ۾ ڏئي
آجپي جي تهذيب سان روشناس ڪرائي ڇڏيان
مشرق ۽ مغرب جي وچ ۾
نفرت جي ديوار برلن ڊاهي ڇڏيان
مان بغاوت جي پائي سنڌي ٽوپي
انقلابين جو تاجدار بڻجي وڃان
*

پيءُ جي گهر کان

پيءُ جي گهر کان
مڙس جي گهر ويندي
اڪثر ڇوڪريون
قبرن ۾ ڪري پونديون آهن
ساهرن کي ڇوڪريءَ جو ڏاج
ان جي جوانيءَ کا ن وڌيڪ قيمتي لڳندو آهي
هر ڪنواري ڇوڪري
پنهجن سينن کي
پنهنجي ڇاتيءَ سان
چنبڙائي رکندي آهي
پر شاديءَ کانپوءِ اها ساڳي جاءِ
ان جا ٻارڙا اچي والاريندا آهن
عمر ڀر عورتون زندگيءَ جي ديوار تي
پنهنجن خوابن کي ڇيڻن جيان ٿڦينديون وينديون آهن
سڪڻ کانپوءِ جيڪي
گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ ڪم ايندا آهن
اهو سڀ ڪجهه سهڻ جي باوجود به
هر عورت پنهنجيءَ ڍاڪ تي
گيتن جا گهڙا کڻي هلندي آهي
جيسيتائين
مڙس جو اڳٺ
زال لاءِ
ڦاسيءَ جو ڦندو ثابت ٿئي
*

عشق جي آزاديءَ کان بغير

عشق جي آزاديءَ کان بغير
امن جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي
اي منهنجا محبوب ا منهنجا وطن
توکان دوري جلاوطنيءَ وانگي آهي
تون ته ڄاڻين ٿي مون لاءِ
غلامي ۽وڇوڙو
ڪنهن به صورت ۾ قبوليت جوڳا ناهن
سچ پچ
پنهنجو ملڻ به انقلاب وانگر هوندو
هونئن به
عشق ۽ بغاوت هڪ ٻئي مان ڦٽندا آهن
مان وچن ٿو ڪريان
ته وڇوڙي کان آجپي جو ڏينهن
پاڻ قومي ڏڻ ڪري ملهائينداسي
۽ ڳائينداسي محبت جا ملي نغما
چُمين جي آتشبازي
۽ ڀاڪرن جا جشن
نيٺ اسان جي نصيب ۾ به ايندا
خوشين جي خيابانن ۾
سجنديون ، سڪراهٽن جونن محفلون
اچ تنهنجي آجيان خاطر
تنهنجي انتظار ۾
منهنجي جواني
قومي جهنڊي جيان ڦڙڪي رهي آهي
معاشرو ته ٿيندو ئي
سامراج وانگر سفاڪ آهي
ان کان نه ڊڄ
سينو ساهي اڄ
هونئن به
پرين دنيا کي بدلائڻ لاءِ
پيار جي پرتشدد تحريڪن جي ضرورت پوندي آهي
ڏسجان
هي جذبن جا جلوس ۽ هڙتالون
حالتن جو هٺ ڀڃي رکندا
حوصلن جي هٿياربند جدوجهد ئي
آجپي ۽ بقا جو فيصلو ڪندي آهي
ڇو دلگير ٿي آهين
هيڏانهن نظر ته ڪر
اي منهنجي جان وطن
مان تنهنجو غريب الوطن عاشق
مان محڪوم قوم وانگي
تنهنجي حاصلات لاءِ
هر محاذ تي جهيڙي رهيو آهيان
اي منهنجي سر تي ڌرتي ڌرتيءَ سمان
مان تنهنجو پرديسي شاعر
تنهنجي ساڻيهه جهڙي صحبت لئي
سِڪي مُئو آهيان
*

2016

زندگي مسلسل بغاوت آهي

زندگي مسلسل بغاوت آهي
انڪري
اسان کي مسلسل باغي ٿيڻو پوندو
مسلسل انقلابي ٿيڻو پوندو
مرڻ کانپوءِ اسان کي هيءَ زندگي
ورهاست ۾ ڇڏڻي آهي
پونيرن لاءِ
جستجو ۽ حاصلاتن جي صورت ۾
مرڻ کانپوءِ اسان مٿاهون به ڪجهه آهي
جيڪو اڃان ڳجهه آهي
پيٽ ۽پيسو
ماڻو کي کائيندا آهن
جن پاڻ کي انهن لان بچايو
اهي امر آهن
مزاحمت جي گهاٽيءَ ۾ پير پائيندڙ
اي ارڏا نينگر
پنهنجي ڌرتيءَ جي لاءِ
آڪاس جيڏيون اذيتون
برداشت ڪرڻيون پونديون آهن
پنهنجي ڌرتيءَ جي لاءِ ِ
ظلمات جي پردن جهڙن
ظلمن مان پار پوڻو پوندو آهي
تڏهن ئي وڃي
ڌرتيءَ سان عشق
معراج تي رَسندو آهي
اي اڙٻنگ ڇوڪرا
جي آزاد اکين سان
هيڪر وطن کي ڏسين
ته ڪابه غلامي
تنهنجي اک ڇنڀائي نه سگهندي
*

2016

هوءَ گلابي آسمان آهي

هوءَ گلابي آسمان آهي
جنهن ۾ رات جو سونهري چنڊ
۽ ڀانت ڀانت جي مڙني رنگن جا
ستارا چمڪن ٿا
۽ ڏينهن جو خوابي خماريل سچ
هوءَ جڏهن باغيچي کان گذرندي آهي
ته ٽارين تان پاڻمرادو پَٽجي
گل هن جي پويان ڊڪندا وتندا آهن
۽ پيرن هيٺان پاڻ ڌريندا آهن
هوءَ جنهن ڪتاب ڏانهن نظر ڪندي آهي
ان ڪتاب جا ورق پاڻهئي ورندا ويندا آهن
هن جي هٿن تائين پهچڻ لاءِ
ٿانو پاڻ ۾ ٿڙڪندا رهن ٿا
متان لاهي ڇڏي
ڊپ کان ڪپڙا ميرا نٿا ٿِينس
رنگ ۽ ڊزائينون مٽائيندا ٿا رهن
هن کي ڏسي
ٻريل بلف ۽ فانوس
ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي ٿا پون
هن کي ڏسي پکين کان
اڏامندي اڏامڻ وسري ٿو وڃي
۽ ڪري ٿا پون
هوءَ جڏهن آئيني اڳيان ٿي بيهي
ته انهن ۾ ڏارون پئجي ٿيون ٿيون وڃن
هن کي ڇهي پن پوپٽ بڻجي ٿا پون
هن جا قدم ڇهي رستا پيانو جيئن وڄڻ ٿا لڳن
جڏهن هوءَ هٿن ۾ ٿي کڻي
ته خالي پنا
شاعريءَ سان ڀرجي ٿا وڃن
هڪ انڊلٺي گلن جو ڪڪر
هن مٿان هميشه ڇانو ڪندو ٿو رهي
انڪري ئي پنکڙين جو رنگين مينهن
هن مٿان وسندو ٿو رهي
*

بجليءَ جون تارون تنهنجا وار

بجليءَ جون تارون تنهنجا وار
۽ بارودي سرنگهون رڳون تنهنجون
حسن تنهنجو جوهري توانائي
ماري ٿو تابڪاري اثر تنهنجو
جنگي جلوا تنهنجا
شديد حملن جهڙپون ادائون
مونکي برباديءَ جي روپ ۾
آباد ڪنديون ٿيون رهن
تون هيروئن وانگي
منهنجي حواسن مٿان طاري ٿي وڃين ٿي
تنهنجي چمين جو چرس
مونکي سرس سياڻو ڪري ٿو ڇڏي
تنهنجي اکين مان آفيمي شراب ڏوگهي
مان شعور جي بلند سطح تي پهچي ٿو وڃان
تنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀنگ جهڙا نشا آهن
او ڪمينا جهڙي حسينه
تون ڦٽاڪن واري عيد آهين
۽ ڏياري تنهنجو پرتو آهي
تو ۾ کڙکٻيتن جو روح آ سمايل
تون ڦُلجهڙين وانگر شرارا ڏئي رهي آهين
تون ڏيئن ۽ مي بتين جي ملڪ
تون عود ۽ زعفران جي اگر بتين جيان
منهنجي وجود جي عبادتگاهن کي
خوشبودار ڪري رهين آهين
تون رنگن جو طوفان آهين
تون ڏيئن سان چانڊوڪي رات ۾
ٻرندڙ ندي آهين
تون خدا جو جمال جي جوت سان
هن ڪائنات کي منور ڪري رهين آهين
دنيا جا سمورا مذهب
مونکي تو تي ايمان آڻڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهن.
*

هن مون کي مون منجهان آزاد ڪيو

هن مون کي مون منجهان آزاد ڪيو
هن مونکي مون منجهه ماري ڇڏيو
هن مون مان اهڙي ڪار ڪئي جو
منهنجي وجود جي ورق ورق ۾
پنهنجي گُلابي بدن جو پنکڙيون
پٽي پٽي وجهندي وئي
منهنجي رڳ رڳ سِٽُن جيان ليڪيندي وئي
هن منهنجي وار وار کي ورايو
هن پاڻ کي مون مٿان لکيو
اسان هڪٻئي جا سمورا خال ڀريا
هڪٻئي کي حل ڪيوسي حسابن وانگي
منهنجا هٿ هن جي سامونڊي بدن تي
لانچن جيئن ترندا رهيا
هوءَ مون لاءِ پاڻيءَ جو پنڌ ٿي پئي
منهنجي حواسن تي
هن جي انگ انگ
کنوڻين جيئن تجلا پئي ڇڏيا
وار وار هن جو
اڻ کٽ رستو اونداهيءَ جو
جيڪو مون طئي پئي ڪيو
اسان سپنن جي واديءَ ڏانهن
سفر ٿي ڪيو
هن جي خوشبوئن جا جُگنو
چئوڏسا ڦهلجندا ٿي ويا
هڪ نظر نه ايندڙ
بگهڙن جو ڌڻ ه سان گڏ ٿي هليو
مان هن جي مٿان
عقابن جو وار ٿي پئي اڏاميس
مان هن جي پويان
جهنگلي گهوڙن جي
جُهنڊ جيئن پئي ڊڪيس
هوءَ حسن جو گهاٽو جهنگ آهي
مان هن ۾ هر دفعي رستا
وڃائي ٿي ويٺس
هن پاڻ کي ڀول ڀُليان وانگر
دروازن جيئن کولي ڇڏيو مونتي
مان هڪ در مان نڪري
ٻئي در۾ داخل پئي ٿيس
مان مايا جي چڪرويو ڦاسي ويس.
*

2015

ننڊ ۾ ٻارڙن جا

ننڊ ۾ ٻارڙن جا
اڌ کليل هٿ
مونکي خماريل اکين جهڙا لڳندا آهن
خاموشيءَ سان وهندڙ پاڻيءَ جيان
پر سڪون
ماکيءَ جي لار وانگي
ڄڻ
هلڪيون ڌنون وائلن جون
اڌ کليل ننڊاکا هٿ
ٻارڙن جا
آکيرن جيان
جن منجهه
هڪ ۾ چنڊ ٻئي ۾ ڌرتي
پکين جي آنن وانگي
ٿا آسيس ماڻن
اڌ کليل هٿ
ننڊ ۾ ٻارڙن جا
ٽڙندڙ مکڙيون آهن
جن مٿان چپ
پوپٽن جيان
چمين جي روپ ۾
اچي ٿا ويهن ۽ اڏامن
راند کيڏندي
چدو ناليءَ ۾ ڪري پيو
نه لڌو
بال پرائي گهر ۾ وڃي ڪريو
نه مليو
ڦوڪڻو ڦاٽي پيو
ڏيٽي ڀڄي پئي
۽ مان جوان ٿي ويس
پوءِ مان خواب ڏٺو
مان گيت جهونگاريو
۽ مان پيار ڪيو
خواب
منهنجي اکين چورائي ڀڄي ويو
گيت منهني زبان ئي ساڙي ڇڏي
محبوبه
منهنجي جواني پنهنجي انگيءَ ۾ وجهي
۽ خوشين کي ور ۾ لڪائي
مون سان ڦٽائي هلي وئي
زندگي ائين ئي جلي وئي
*

2014

ڳوهيل اٽي تي

ڳوهيل اٽي تي
ليڪا ڪڍندو هيس
آڱريون ٽُنبيندو هيس
هٿ ڇاپيندو هيس
شڪليون ٺاهيندو هيس
ڳوهيل اٽي مان
رانديڪا ٺاهيندو هيس
هاڻي جڏهن مان جوان ٿيو آهيان
اهي ساڳيون ئي حرڪتون
سمنڊ ڪناري
آلي واريءَ تي ڪندو آهيان
سمنڊ به امان وانگر
لهرن جي آڱرين سان
انهن کي ميساري ڇڏيندو آهي
۽ هلڪي شور سان
هر هر جهليندو ۽ سمجهائيندوآهي
پر مان مڙندو ئي ناهيان.
*

2013

بهار جا ڏينهن

بهار جا ڏينهن
تخليق جا ڏينهن آهن
مرجهايل عاشقيون
ٽڙڻ لڳيون آهن
ڌنڌلايل چهرا
وري دل ۾ جرڪڻ لڳا آهن
روح ۾ ان ڏٺا منظر به ترڻ لڳا آهن
پٿر ۽ لوهه مان به
گئونچ ڦٽن ٿا
سڀئي عنصر
حاملا ٿي پيا آهن
رنگن ۾ روح پيو آ
زندگيءَ جي جلاوطني
ختم ٿي آهي
پکي ۽ پن
وڻن تي ورڻ لڳا آهن
*

2013

ڪمري ۾

ڪمري ۾
ڌڙڪي ٿي تنهائي
سرون ساهه کڻن ٿيون
اوسيئڙي ۾ آڳر آهي
مان رات کي سگريٽ جيان ڇڪي رهيو آهيان
اڄ به تون
مينهوڳيءَ جي احساس جيان
منهنجي يادگيرين ۾ محفوظ آهين
پري کان ايندڙ بانسريءَ جي آواز وانگي
مان توکي ٻڌي رهيو آهيان
۽ مان ڏسي رهيو آهيان
توکي پنهنجي ڌُنڌلي مستقبل جيان
تون جا منهنجي روح جي ڌرتيءَ جي مٿان
نديءَ جيان وهي رهي آهين
*

2009

سرنهن ڦولار سان گڏ

سرنهن ڦولار سان گڏ
سيارو ٽڙڻ لڳو آهي
هلڪي رم جهم وانگر
ٿڌ پئي ٿي
اتر جي وهڪري ۾
سائبيرين پکي
مڇين وانگر ترندا اچن ٿا
ڪچن ٻيرن جهڙي
منهنجي محبت
ٻارن کي سڏي ٿي
صوفي ٿيڻ لڳو آهي سج جو مزاج
نديون ننڍاکيون ٿيڻ لڳيون آهن
خمارجڻ لڳيون آهن واديون
سمنڊ تي سرور ڇانئجڻ لڳو آهي
صحرا جي ڪاوڙ به
ٺرڻ لڳي آهي
پر جدائيءَ جي بخار ۾
منهنجا لڱ ٻري رهيا آهن
*

2013

پاڻ آهيون پرين

پاڻ آهيون پرين
سياري جا اداس وڻ
جن مٿان ويهندي خوابن جا پکي
غمگين ٿي وڃن ٿا
درد ڪوهيڙي جيان
ويڙهي ٿو رکي
ٿڌين هوائن جيان ڳڻتيون
اسان جا پن ٿيون ڇاڻن
سرنهن ڦولار جي ڀرسان
چهچ سائي پوک ۾
پاڻ آهيون پرين پلال جي کوڙ جيان
ٻهڪندڙ ڳلڙن جيان
پاڻ آهيون پرين سياري جا اداس وڻ
پنهنجي ڇانو هيٺ
ويهڻ لئه ڪو تيار ناهي
*

2013

شام جو دريائي پل مٿان

شام جو دريائي پل مٿان
سج منهنجي هٿن مان ڇڏائجي ويو
ڪو اڻڄاتل وجود وڃي پاڻيءَ ۾ڪريو
۽ وڃائجي ويو
انهيءَ پٺيان ان جي ڳولا ۾
بتين جون روشنيون
بل ڏئي ڇولين ڪڏي پيون
۽ سڃي رات ڳولهينديون رهيون
*

2015

بي خياليءَ ۾ منهنجي نظمن جون

بي خياليءَ ۾ منهنجي نظمن جون
انڌين آڱرين جهڙيون سٽون
اوندهه منجهه
هن جيبدن تي هٿوراڙيون هڻنديون رهيون
ذهن تراشيندو ويو
هن جون بيهڪون
منهنجي دل هن جي موت ۾ ڌڙڪڻ لڳي
۽ منهنجو ساهه
هن جي سونهن ۾ منتقل ٿيڻ لڳو
پوءِ ائين ٿيو جو پنڊ پاهڻ ڪري
پنهنجي تخليقڪار کي
هوءَ پٿر جي مورت جيئن ٿي پئي
*

2015

ڪاراٽجي ويو آهي

ڪاراٽجي ويو آهي
رات جي رنگ ۾رنگجي
آسمان نيلو
سڄو زهريلو
درد جو سورج مکي
چنڊ پيلو
آهي يادن جو بتيلو
ڄڻ نظمن جو ٿيلهو
ساڙي ٿو سمنڊ ۾ جنهن کي
ٻيڙياتو شاعر هٺيلو
۽ وقت جو ريلو
پلر جي پاڻيءَ جيان
زندگيءَ جي جابلو چوٽين مٿان
وهندو وڃي ٿو
ازل کان وسندو
ابد جي اونهاين ۾
پاتال جي گهراين ۾
*

2014

پير منهنجا لکندا ٿا وڃن

پير منهنجا لکندا ٿا وڃن
نظم آوارگيءَ جو
شهر تنهنجي جي گهٽين جي لڪيرن مٿان
سفر جون سٽون
جن کي هوا گنگنائيندي ٿي وڇي
چنڊ نوڙي ڌيان سان ٿو تن کي پڙهي
شهر تنهنجي جون بتيون
مونکي اکيون ٿيون هڻن
۽ عمارتون عورتن وانگر
غور سان ٿيون ڏسن
آءٌ سوڳوار سيلاني
آءٌ اشڪبار جاني
سنڌونديءَ جيان
تنهنجي شه ماهتابيءَ منجهان
ڄڻ پر اسرار واديءَ منجهان
وهندو وڃان ٿو
ٻين کوڙ سان رولاڪ نظمن وانگي
سمنڊ جي ڪناري پهچي
هي نظم به آهي پورو ڪرڻو
سمنڊ ۾ آهي ڇوڙ ڪرڻو
هڪ ڪتاب جو آهي توڙ ڪرڻو
*
2014

مينهن ۾ ڀنل پوپٽ جيان

مينهن ۾ ڀنل پوپٽ جيان
هوءَ ويٺي آهي ڏاڪڻ تي
ٺوٺيون رکي گوڏن تي
۽ ترين تي منهن رکي
پن ڇڻ جو منظر بڻي
۽ سندس
ڀر ۾ پيل ڪتاب گسڪي
ڪلٽيون کائي ڏاڪڻ تان
اچي ڪريا رستي تي اٿس
وهي هليو آهي اکين کان
ڳٽن تائين هن جو ڪجل
ڪاليج جي وڏي در وٽ ويٺي
هوءَ اياڻي ڇوڪري
ٻنهي هٿن ۾ چهرو لڪائي
پاڻ کان لڪڻ ٿي چاهي
ڊسمبر جي مينهن ۾
مٽيءَ جي گڏي
وهندڙ پاڻيءَ ۾
رنگن جيئن وهي ٿي
۽ هن جا ڪتاب
لڙهندا ٿا وڃن
مينهن ۾ الائي ڳوڙهن سان
*

2012

مونکي ڪنهن به طرف جي

مونکي ڪنهن به طرف جي
ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي
مان قلابازيون کائي رهيو آهيان
منهنجو مغز ڇلڪي رهيو آهي
۽ دل غوطا پئي کائي
منهنجو وجود واچوڙو بڻجي
ديوانگيءَ جي حالت ڊوڙي رهيو آهي
مان هن حالت ۾
جي سمنڊ جو سمورو پاڻي ولوڙجي
ڪُن بڻجي
آسمان تائين پهچي ويندو
جي ڌرتيءَ تي پير رکندس
ته سموري ڌرتي
ڌڌڙ بڻائي
پاڻ سان اڏاري کڻي ويندس
جي آسمان جي حدن ۾ داخل ٿيس
ته سمورن ستارن کي
واچوڙي جيان
هڪ ٻئي سان ٽڪرائي
ريزه ريزه ڪري ڇڏيندس
انهي ڪري
هن ڪائنات کان
مان ٻاهر ئي چڱو آهيان
*

2015

عورتون اڪيلائيءَ ۾

عورتون اڪيلائيءَ ۾
آئينن اڳيان تال ڪنديون آهن
نڪري اينديون آهن پاڻ مان
ٻن وجودن وانگر پونديون آهن بڻجي
پڇنديون آهن پاڻ کان
پاڻ سان اورينديون آهن
واکاڻينديون آهن پاڻ کي
پاڻ کي کلائينديون آهن
پاڻ مان ڪڍنديون آهن وِڏون
روئارينديون آهن پاڻ کي
پاڻ کان ٿي پري پاڻکي ڏسنديون آهن
پاڻ کي پيون هر هر چمنديون آهن
بيٺي بيٺي مستقبل جا معاملا
ڪري ڇڏينديون آهن طئه
خوابن جي خلائن ۾ اڏامنديون آهن
چنڊ کي نچائينديون آهن
پنهنجين چپٽين تي
ڳائينديون آهن جهونگاري
مسرتن جا گيت
يا وري وڇوڙي جا ورلاپ
پنهنجين خواهشن جي جوڙن مٿان
ڪنديون آهن ستارن جي سجاوٽ
پنهنجي پرينءَ جي اکين سان
منهن پنهنجي تي ڪنديون اآهن چٽسالي
پاڻ کي نُهڙينديون آهن
عورتون آزاد هونديون آهن آئينن اڳيان
*

2015

گهمسان متل آ سمنڊ ۾

گهمسان متل آ سمنڊ ۾
ڇوليون هڪ ٻئي کان لتاڙي رهيون آهن
ٿاٻڙجي ڪري رهيون آهن
وڌي رهيون آهن
ڪناري سان اڀريل پهاڙن کي
پيٽ وارا ڌڪ لڳي رهيا آهن
۽ ڪناري سان لنگر هنيل ٻيڙيون
پهريون دفعو پاڻيءَ ۾ گهڙندڙ وانگر
وک پوئتي هٽي رهيون آهن
اڻڄاتي خوف کان
سامونڊي پکي
پاڻيءَ سان بس مٿاڇرو ڇهائي
اک ڇنڀ ۾ ڀڙڪو ڏئي ائين ٿا اڏامن
جئن ڪو گرم شئي
يا ٽانڊي مٿان آڱر رکي
هڪدم هٽائي
هوبهو منهنجي ديس جي حالتن جهڙو
اهو منهنجي اندر جو منظر آهي
ڪير هن کي ٻڌائي
هيءَ جا منهنجي ڀر ۾ مون سان
مونکان اڻ ڄاڻ بيٺي آهي
*

2015

ننڊ مون لاءِ نرواڻ آهي

ننڊ مون لاءِ نرواڻ آهي
۽ گهربل شين جي حاصلات پڻ
مان ننڊ ۾
عجيب خواب ڏسندو آهيان
ڪڏهن ڏسندو آهيان
ته نانگ ڇوڪري
جيڪا انڌي عشق واري حالت ۾
مونکي وڪوڙي ويندي آهي
ڪڏهن پَرن واري گهوڙيءَ ڇوڪري
جيڪا پنهنجا پر
منهنجي بدن تي ڦيريندي آهي
۽ مونکي پنهنجي پٺيءَ تي کڻي
تصوراتي جنتن ۾
گهمائيندي آهي
ڪڏهن ڏسندو آهيان
رنگين مڇيءَ ڇوڪري
جيڪا مونکي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري
سمنڊ جي حيرتن ڀري دنيا ڏيکاريندي آهي
۽ سامونڊي رازن کان مونکي
واقف ڪرائيندي آهي
ڪڏهن ڏسندو آهيان
پريءَ ڇوڪري
جيڪا مونکي ڪنهن مهل چنڊ تي
ته ڪنهن پل ستارن تي وٺي ويندي آهي
پر مان ڀانيان ٿو جاڳ
انهن سڀني کان وڌيڪ حسين ترين ڇوڪري آهي
پر آهي بي وڙي
۽ وڏي ظالم
ان جي باوجود به
مونکي جاڳ سان
ازلي عشق آهي
ننڊاکو ۽ خوابي
يقيني ۽ غير يقينيءَ واري حد تائين
*

2014

وڻ بغير ڇانو جي ٿي پيا آهن

وڻ بغير ڇانو جي ٿي پيا آهن
آئينن منجهان عڪس ڏيکارڻ واري صلاحيت
ختم ٿي چڪي آهي
ڏينهن بي نيمڪا ٿي پيا آهن
مُندن کي آيل ماهواري
بند ئي نٿي ٿئي
سال سُنڍ ٿي چڪا آهن
آسمان اوراٽيو ٿو وڃي
هر پل ڌُڏي ٿي
ڌرتيءَ کي مسلسل
دل جا دورا ٿا پون
بي ترتيبيءَ سان ترتيبوار
وڄن ٿا واقعا
بي تال حادثا ٿا نچن
سِرَ سِرَ ٿي ڀتيون فرار ٿي رهيون آهن
پٿرُ پٿرُ جي پويان ڀڄندو ٿو وڃي
هر ماڻهو پنهنجي عضون جي پويان ڊڪندو ٿو وتي
اصل حشر جهڙو ڌمچر متل آهي
حالت ته اها آهي جو
خود پنهنجي خدائيءَ جي کوٽائي ٿو ڪري
خدا به کوجنا ۾ آهي
ته اڄڪلهه انسانيت
دفن ڪٿي ٿي وئي آهي
*

2014

ڏئي ريل جي پٽڙي وڃان ٿو

ڏئي ريل جي پٽڙي وڃان ٿو
پٿرن کي ٿڏا هڻندو
مينهن ۾ ڀڄندو
بانسري آهي ڀڳل
هٿ ۾ جهليل
ڳلو به آهي کليل
ناهن ٻيڻيون ڏنل
ڪالر به آهي اڀو
ڪهيون به ناهن بوٽ جون ٻڌل
۽ ٽٽل هن دل جون تارون سڀئي
آ ڀڳل گٽار جهڙو من منهنجو
ڀٽائيءَ جي قبر سان
ٽيڪ ڏياري رکيل ڄڻ تنبورو
مان سڄو درد جي مند آهيان
تنهنجي فراق ۾ جانان
منهنجي وارن مان به
ڳوڙها ٽمن ٿا
هي مينهن جون ڦڙيون آهن
يا مونکي کُڙکٻيتا چمن ٿا
وڄائي پيو وڇوڙو
وائلن جيان مونکي
سُڪرات جي سُرَن جهڙو
منهنجي ساهن جو سنگيت
پيو سِسِڪي سڏي توکي
اي منهنجا مِيت
سياري جي هن مُلحد موسم ۾
برسات جي پيٽرول هاري
باهه ڏئي ويو ڊسمبر مونکي
۽ مان مندر جيئن سڙان ٿو
يار منهنجي رڳ رڳ ۾
يادن جون ريلون ڊڪن ٿيون
۽ مان بند تي ويهي رهان ٿو
*

2014

نئين سال جو

نئين سال جو
پراڻون سج
وائڙن وانگي
ماڻهن جي ساڳين ڪرتوتن کي
حيرانگي منجهان ڏسي رهيو آهي
۽ انسانن جي پيدائش کي ياد ڪري
روشن ڪرڻن جا ڳوڙها وهائي
سوچي پيو ته هي ماڻهو
ڪيئن نه پنهنجي اجل طرف
هنبوشيون هڻي وڃي رهيا آهن
پنهنجي پاڻ سان جٺيون ڪندا
۽ آسمان بي وسيءَ جي عالم ۾
ڌرتيءَ کي رحم ڀرين نظرن سان
ڏسي رهيو آهي.
*

1.1.2015

ايڪتا جي ڪويتا

ايڪتا جي ڪويتا
اڄ
ڌرتيءَ ڳچ پهري
اجرڪ چيلهه ۾ ٻڌي ڇڏيو آهي
سج سنڌي ٽوپي آ پاتي
هر ستارو ڀٽائيءَ جو
ڪونه ڪو بيت جهونگاري رهيو آهي
چنڊ سچل جي سفيد ڏاڙهيءَ وانگر
اوندهه جي انتها پسنديءَ جو
صوفياڻي سوچ سان
اڇو منهن ڪري رهيو آهي
انسانيت ايڪتا تي ايمان آندو آهي
اڄ منهنجي قوم
ڪونجن جهڙي ٿي پئي آ
هر روح
ڪاشيءِ جي رنگن ۾ رنگجي ويو آهي
جذبا سرنهن وانگر ڦولارجي پيا آهن
هو جمالو
امن جو عالمي گيت بڻجي پيو آهي
دليون
۽ دماغن تي
درويشي طاري ٿي وئي آهي
هٿ هٿن کي
ولين جيئن وڪوڙي ويا آهن
گيڙو ٿي ويو آهي وايو منڊل سمورو
هر تن طنبوري وانگي وڄي ٿو
اڄ عشق پٽڪو ٻڌو آ
۽محبت ميندي مکي آهي
اڄ واءُ واڌايون ڏئي ٿو

جڏهن به مان

جڏهن به مان
پراڻن ڪتابن جا ورق ورائي
انهنجي مَڌُر مهڪ سگهندو آهيان
ته مون کي عجيب سرور ڇانئجي ويندو آهي
مان پراڻو شراب پيئندو آهيان
پيالن ۾ نه پر ٻڪ ۾ اوتي
مان توسان نينهن ۽ پراڻنين سان پيار ڪندو آهيان
مونکي اگهاڙين آڱرين سان
تصويرون ٺاهڻ سٺو لڳندو آهي
مونکي عورتون ۽ مڇيون
حيرت انگيز حد تائين
هڪ جهڙيون لڳنديون آهن
کجين جا وڻ ڏسي
منهنجي اڪيلائي
آپي کان ٻاهر نڪري ويندي آهي
اهو زهر ناهي
جيڪو مان نه چکيو هجي
اهو ڪو شراب ناهي
جيڪو مان نه چکيو هجي
اهو ڪو شراب ناهي
جيڪو مان نه پيتو هجي
مان ته پنهنجن دشمنن سان به
سڄڻائپ ڪندو آهيان
منهنجي ديانگي ڏسي
ڪيتريون ئي پنهنجي حسن ۽ جوانيءَ تي
ناز ڪنديون آهن
منهنجو پيار ايترو ته شديد آهي
جو ڪنهن به انسان جي
برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي
مان قُرّء نار کان وڌيڪ گرم
مان زم هرير کان وڌيڪ ٿڌو آهيان
منهنجي اندر عالم ارواح آهي
۽ منهنجو ٻاهر عالم برزخ
منهنجي هٿ جي هڪ چيچ
موسيٰ جي عصا آهي
ته ٻي شيام جي بانسري
منهنجي ٽين چيچ
اسرائيل جي سور آهي
ته چوٿين تيز ڌار تلوار
منهنجي پنجين چيچ
ڪاتب به آهي ته قلم به
منهنجي پير جي هڪڙي آڱوٺي هيٺان
فرعون جي تڪبر ڀري منڍي
ته منهنجي ٻئي پير جي آڱوٺي هيٺان
نمرود جي غرور ڀريو سر آهي
جڏهن به ڪٿي
چئن چڱن جي ڪچهريءَ ۾
منهنجو نالو کڄندو آهي
ته اهي چار چڱا چڙ ۾
پاڻ کي چڪ هڻڻ لڳندا آهن
آءٌ اهڙو ته فرمان بردار آهيان
جنهن کي گستاخ به
پنهنجو گرو ڪري مڃيندا آهن
هن دنيا جا هڙئي جُڙتو فرمان روا
مون بي فرمان کان وئون ويندا آهن
مان بي فرمان کان وُئون ويندا آهن
مان پيرن هيٺان زمين
۽ مٿي تي آسمان کنيون وتندو آهيان
مان سوچيندو آهيان ته به شاعريءَ ۾
مان ڳالهائيندو آهيان ته به شعرن ۾.
*

2008

ڪجهه به ڪندڙ فنڪار آهي

ڪجهه به ڪندڙ فنڪار آهي
ڪجهه به ڪرڻ فن
ڪجهه به ٿيڻ فنپارو
فنڪار
فن
فنپارو
ڪُل ڪائنات
آرٽ کان آزادي
سوچي به نٿي سگهجي
آرٽ کان بغير
ٿي نٿو سگهي ڪجهه
آرٽ جي اندر آهي
فڪر ۽ فن جي هيءَ خدائي
جڳ جڳ جي جنم داتا آهي
هيءَ ڪائنات لکيل
هڪ لازوال شاهڪار ناول آهي
جيڪو پڙهجي رهيو آهي
۽ فلمائجي رهيو آهي
فلم جي صورت ۾
ساڳئي وقت
هيءَ ڪائنات هڪ انادي گيت آهي
جيڪو ڳائجي رهيو آهي
هيءَ ڪائنات
ازلي سنگتراش جي هٿان
مسلسل گهڙجندي ٿي رهي
نوان روپ ڌاريندي
سنورجندي ٿي رهي
هيءَ ڪائنات
ازلي مصور جي هٿان
مسلسل چٽجندي ٿي رهي
نقشن مَٽجندي ٿي رهي
تون ان مان ئي اندازو لڳاءِ
آرٽ جي اهميت جو
هن ڪائنات ۾موجود موجودات کي
پنهنجي اشارن تي
هر ڪنهن کي
ڪيئن نه الڳ الڳ انداز ۾
نچائي رهيو آهي
*

2008

اڃا تائين انسان

اڃا تائين انسان
هڪ مٽيءَ جي ذري کي به
مڪمل طور سمجهي ناهي سگهيو
پر افسوس
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي
پاڻ کي ڌرتيءَ سميت
ڀيانڪ تباهيءَ جي ڪناري تي
پهچائي ڇڏيو اٿائين
پر جڏهن به انساني فلسفو
عملي شڪل وٺندو
ته سائنس
صحيح رخ ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪندي
آرٽ جي اهڙي ته
عجيب حالت هوندي جو
اها توهان کي هر شئي مان
ٽمندي نظر ايندي
هر انسان کي
آزادي امن ۽ ان مُيسر ٿي سگهندو
زندگي پئي سڪون سان گذرندي
پوءِ جيڪڏهن ڪا بيچيني هوندي
ته لڪل اسرارن کي پروڙڻ جي هوندي
ڇو ته اڃان تائين انسان
فلسفي ۾ سائنسي طور
پٽڙي اڌوگابرا جواب ڏئي
باقي رڳو سوال ئي ته اٿاري سگهيو آهي
فطرت تي مڪمل فتح
اهو بعد جو مسئلو آهي
پهريون پاڻ مان
اڻبرابري ته ختم ڪيون
پهريون پاڻ مان
طبقاتي نظام جو ته خاتمو آڻيون
اسان ته اڃان
پهرين دنيا
ٻي دنيا
۽ ٽين دنيا جي ڌُٻڻ ۾ گتا پيا آهيون.
*

2009

ڏاهپ سان

ڏاهپ سان
ذهني عياشين
۽ غلط ڪارين جي نتيجي ۾
جڏهن نٽشي جو ڍڪ ٿيل ذهن
وياپو
ته هٽلر جهڙو ڦر ڄڻ وڌائين
اڄوڪا جرنيل ۽ حڪمران به
ميڪاوليءَ جي
ڦاٽل ٻچيءَ مان
هن دنيا کي گهوري رهيا آهن
۽ هر ملڪ جا سرڪاري چينل
رڳو فوجي پريڊون ڏيکاري رهيا آهن
ڀڙوت جي بازار
اڳي کان وڌيڪ
سرگرم ٿي چڪي آهي
۽ حوس سان همبستر
هٻڇي انسانن جو
جنسي هيجان
ناقابل برداشت جي حد تائين
چوٽ چڙهي چڪو آهي
انسانن جي سائنس سان
ناجائز لاڳاپن جي ڪري
ڪيميائي هٿيارن
۽ ائٽمي بمن جي صورت ۾
ناجائز ٻارن جي آدمشماري
شمار ڪرڻ کان وڌي وئي آهي
ٽين دنيا جو ڏيک بمباريءَ ۾
تباهه ٿيل انهيءَ اسپتال جهڙو ٿي چڪوآهي
جنهن ۾ ڀڳل فرش تي متاثر ملڪ
بم بلاسٽ ۾ زخمي ٿيلن وانگر پيا آهن
۽ پنهنجن ڪٺل عضون کي ڏسي
درد جي شدت کان اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهيا آهن
انهيءَ اسپتال جي عجائب گهر ۾ ڏسو
هي عراق جي اکيون
جن ۾ موتيو پئجي چڪو آهي
جن جي آڏو زندگيءَ جا رنگ
ڌنڌلائجي ويا آهن
هي فلسطين جا ڪينسر ۾ ورتل ڦڦڙ
جيڪي بارود جي دونهين ۾
وڏي اذيت سان ساهه کڻي رهيا آهن
هي افغانستان جا ڪپيل اُرهه
جن مان رت گاڏڙ ٿڃ وهي رهي آهي
هي لبيا جا لوٿڙا
جيڪي اڃان به ڦٿڪي رهيا آهن
هي شام جي زخمي شرم گاهه
جيڪا سموري انسانيت کي
شرمسار ڪري رهي آهي
هي آفريڪا جي لٽجندڙ عزت
جيڪا اشرف الممخلوقات کي
سمورين مخلوقن ۾
بي عزتو ڪري رهي آهي
هيءَ ايشيا جي
دل جي دوري جهڙي حالت
جيڪا سموري دنيا جي
موت جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي
ٻيو به اهڙو گهڻو ڪجهه آهي
جن کي ڏسي شيطان سُرخرو آهي
ته سٺو ٿيو جو
مان انهن کي سجدو نه ڪيو
۽ سڀني فرشتن تي
ٺٺوليون ڪري رهيو آهي
هي جنگي جيوڙا
هي ڪيڙا
وڃي چنڊ کي به چنبڙيا آهن
۽ ٻين گرهن کي به
پنهنجو گِرههُ بنائڻ جا
جتن ڪري رهيا اهن
جڏهن ته
هنن جي ڦهلايل گندگيءَ مان
هن گُگدام ڌرتيءَ کي
ڪيتريون ئي موتمار بيماريون
لڳي چُڪيون آهن
سڪرات جهڙي
صورتحال ٿي وئي آهي ڌرتيءَ جي
ڌرتي
جا ڪائنات جو دماغ آهي ته دل به.
*

2005

ڏينهن جي سڀ کان ڏکاري پهر

ڏينهن جي سڀ کان ڏکاري پهر
جڏهن سج سڪتي۾ اچي ويندو آهي
مان آهستي آهستي پير پي ۾ ڏئي
هورڙيان هورڙيان هلي رهيو آهيان
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
سينٽرل لائبريريءَ کان
آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار کان ٿيندو
سنڌالاجيءَ تائين واري شاهي رستي تي
ائين ٿو لڳي تون مون سان گڏ آهين
ڄڻ ته مان توسان ڳالهائيندو هجان
جهيڻي آواز ۾ مُهذب طريقي سان
ڪائنات جي فطري موضوعن تي
محبت جي مدارن ۾
تنهنجي سونهن واري سج جي چوڌاري
ڌرتيءَ وانگر او سر تي ڦيرا پائيندي
نه کٽندڙ طوفانن وانگر
ساڳئي رستي تي منهنجي اچ وڃ
ڪنهن تڪئي ڪلام وانگر لڳي رهي آهي
هڪ اهڙو جملو
جيڪو ڳالهه ڳالهه تي بار بار ورجايو وڃي
ڄڻ لطيف جي ڪنهن درديلي وائيءَ جي وراڻي وانگر
وڍيل جو ورلاپ
هڪ اڪيلو انسان
شام جو
ههڙين حالتن ۾
ٻيو ڪري به ڇاٿو سگهي
جڏهن ته
هنن ڀرپور جوانيءَ جي ڏينهن ۾
کيسي ۾ نڪو پئسو پائي آهي
نه ئي محبوبه جو پيار
ڌرتي به ڌارين جي هٿ آهي
آزاديءَ جي لباس ۾ غلامي
۽ وطن ۾ هوندي به
جلا وطن لڳو پيو آهيان
آجو وطن، آزادي پيار ۽ پئسو
اهي شيون
جوانيءَ جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ
ڪيڏيون نه ضروري آهن
انهن کان بغير ته
ڪوبه خودڪشي ڪري سگهي ٿو
پر مان اڃان زندهه ڇو آهيان
شايد انڪري جو
منهنجي اکين ۾ باهه جا اُلا
۽ دل ۾ خواب ڌڙڪن ٿا.
*

2009

اداس راڳي

اداس راڳي
خاموش ساز
سڪل سنڌو
زرد چهرا
ٺوڙها وڻ
پکي بيچين پريشان
بيمار پوپٽ
گلن جو موت
مايوسين جو وڏڦڙو
اداسين جو انڌيرو
مسڪراهٽن جي
اجتمائي خودڪشي
اهو سڀ ڪجهه ڏسي
آنڊا وات ۾ ٿا اچن
چوڏس خرابي ۽ خزان ڇانئجي وئي آهي
اميدن جو پاڙون سڪڻ لڳيون آهن
۽ خواهشن جي خشڪ ساليءَ سبب
زندگي بنجر بڻجي چڪي آ
هي اُڀ به اکيون ڦيرائي ويو آهي
اساٽيل سج
۽ اڃايل هوا
سمنڊ پي ويا آهن
۽ صحرا سڏڪي رهيو آهي
ماڻهن کي درد
اُرهن وانگي
ڌائي رهيا آهن
محبت جي ماءُ
مري وئي آهي
۽ عشق جي اکين ۾
اڪ ڦولارجي پيا آهن
وقت وڌوا لڳو پيو آهي
بهارون؟!!!
ڪهڙيون بهارون
بهارون به ٿينديون آهن ڇا
يار هتڙي ته سدائين
سَرءُ مند آهي.
*

2004

هو جمالو

هو جمالو
امن جو عالمي گيت بڻجي پيو آهي
دليون
دعائن جا درياء بڻجي اٿلي پيون آهن
۽ دماغن تي
دروِيشي طاري ٿي وئي آهي
هٿ هٿن کي وڪين جيئن وڪوڙي ويا آهن
گيڙو ٿي ويو آهي وايو منڊل سمورو
هر ڌن طنبوري وانگي وڄي ٿو
اڄ عشق پَٽڪو ٻڌو آ
۽ محبت ميندي مکي آهي
اڄ واءُ واڌايون ڏئي ٿو
اڄ سنڌ ڪنوار جيان
ڌرتيءَ سيج تي جلواگر آهي
۽ ان مٿان
ڪائنات قربان پئي ٿئي
خوشي ۽ مسرت جي عالم ۾
نظام شمسي اهڙو ناچ ڪري رهيو آهي
جو ڪائنات
ڏندي آڱريون ڏئي ڏسي رهي آهي
ماڻهن کي
ڪبوترن وارا کنڀ ڦُٽي آيا آهن
هر هڪ امن جو سفيد جهنڊولڳي ٿو
جنت جي جاءِ ناهي اڄ هتڙي
ماڻهپي پنهنجي منزل ماڻي ورتي آهي
*

2015

مشينن سان مٽي مائٽي ڳنڍيندڙ

مشينن سان مٽي مائٽي ڳنڍيندڙ
روبوٽن سان ياري رکندڙ
انسانيت جا انڪاري
۽ ماڻهپي جا مياري ماڻهو
فطرت کان فرار حاصل ڪيل
قدرت کان بيزاري ماڻهو
ذليل ذهنن جا مالڪ
دلين سان دغائون ٿا ڪن
چنڊ جهڙي درويش کي به
مشيني پٿر اڇلائي هڻي رهيا آهن
ڪوڙ تي قربان قربان ٿيندڙ
پنهنجين عياشين ۽ حوس جي پورائيءَ لاءِ
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي
انسانيت، آزادي ۽ امن سان
زنا بالجبر ڪري رهيا آهن
اڄوڪا اُسريل انسان
هي جو ٿيو بي ڍنگا، ننگا
شيطاني راڳن تي
وحشي ناچ نچي رهيا آهن
هيءَ وحشت آخر ڪيسيتائين
اهو ڏينهن پري ناهي
جڏهن ماڻهن جا هٿ
خود پنهنجين ئي ڳچين ۾ هوندا
اهو ڏينهن پري ناهي
جڏهن ماڻهو پاڻ تي پاڻ باهيندا
پاڻ تي پاڻ داهيندا
جڏهن پاڻ کي پاڻ ڏيندا سزائون
۽ پنهنجو انت پاڻ آڻيندا
ڇو ته برائي هميشه
پاڻ کي ئي برباد ڪندي آهي
*
2009

هي مُهذب مُنافقن جو دور آهي

هي مُهذب مُنافقن جو دور آهي
دوکو هنن جو دين آهي
شرارتن تي هي
شريعت جيان عمل ڪندا آهن
هي باوقار نموني بُغض رکندا آهن
سواءِ حرامپائيءَ جي
هنن وٽ هر عمل حرام آهي
هي دل لڳائي ڀڙوت ڪندا آهن
عيبن ڪڍڻ سان
هنن کي عشق آهي
ٻين تي بهتان مڙهڻ
پنهنجو پيدائشي حق سمجهن ٿا
سنهي ڪرڻ هنن وٽ
اعليٰ سماجي قدر آهي
گلا هنن جي مرغوب غذا آهي
چغليون هڻڻ
هنن جي محبوب مشغلو آهي
حسد کي هي
پنهنجو حسن سمجهن ٿا
هي چانهه چُڪيءَ تي چَٽُ
هي سگريٽ جي هڏيءَ تي
ڪتي وانگر پڇ لٽڪائن ٿا
هي يزيدي يار
ڪوفين جهڙا قرب ڪن ٿا
وجهي بغدادي ڀاڪر
شمر کي به شرمسار ڪن ٿا
۽ پرپُٺ طبرن جا تاڙا ملائي
مڪروهه ٽهڪ ڏين ٿا
هي ڪيڙن وانگر گهڙي
سنگت جا صوف
ڀائپيءَ جا ٻير
۽ پنهنجائپ جا زيتون
ڪيانرا ڪري ٿا ڇڏن
هي ڪوئن وانگر کوٽي کوٽي
قرب جا ڪوٽ ڪيرائي ٿا وجهن
هي اڏوهيون آهن
جيڪي رشتن جا ڪتاب
۽ ڀروسي جو ڪاٺ
چَٽُ ڪري ٿا وڃن
هي ويلاٽار چچڙ
ڄئورن وانگر
کيسن جو رت پي ٿا وڃن
هي رڍن وانگر جتي پيئن کائن
اتي تي ڦوهڙيون لاهن
هي ڇيڻن جا شيدائي ٽنڊڻ
اعتماد جي اکين ۾
مڇرن جيان پون ٿا
هي نانگ جي ڦڻ
سوئر جا رَڄَ
ڪتي جو ڦڏو پُڇ آهن
سانڊن وانگر هنن جو رنگ
مسلسل مَٽجندو ٿو رهي
هي بي مثال بدنان آهن
هنن کي ڪاڪوسن ۾ قرار ايندو آهي.

*
2015

چٻاڙي خيالن کي

چٻاڙي خيالن کي
لفظن کي لتاڙي
جملن جو ڳاهه ٿو ڳاهي
يار دانشور ٿو ڳالهائي
ڏاهپ جي پَٽي ڏاڙهي
شعور کي شرمسار ڪري
اڪابريءَ جون کڳيون هڻي ٿو
سانڊي جهڙي سوچ وارو
هي حيوان
علم جون ڪڍي اکيون
عقل جا آنڊا مَروٽي
گفتگوءَ سان ڪري گُم گُڙدا
وِچارين جا وِڇون بچائي
نچائي ڀڙوت جا ڀولا
مڪار مداريءَ جيئن
ڏکڻهاريءَ جهڙا ڏند شيڪي
گَد گَد ٿئي ٿو
تماشائن سان تعديون ڪري
هيءَ داناءُ ڏٺو
اڙي يار هوش ۾ اچو
هڻوس کَلو کَلو.
*

2014

پيو آهيان مُنهن ڀر ستو

پيو آهيان مُنهن ڀر ستو
سمنڊ جي ڪناري مٿان
روح منهنجو سمنڊ ۾
لڙهندڙ ڪا ناو آهي خالي
رات ساري
مان ننڊ جي گورين جيان
چنڊ تارن کي ڦڪيندو رهان ٿو
انڪري خمارن ۾ هجان ٿو
ڏينهن سڄو ٿيڙ کائيندو ٿو وتان
جن جڳهن تان ڪرڻ جو خطرو هجي
انهن ماڙين جي ڪنارين مٿان
سمهي ٿو پوان
پر موت نئين ساماڻيل حسينا جيان
مونکان ٽهندو وتي ٿو
زندگي مونکي ڏسي
گهٽي مٽائي ٿي وڃي
هر خوشي بهانو ڪري
نٽائي ٿي وڃي
مونسان ملڻ لاءِ ڪو تيار ناهي
مون ۾ ڪو ڀٽائي هو
جو مونکي تياڳي هليو ويو
ڪنهن ڀُوري ڀِٽ تي
اکين ۾ آڪَ ٿا هُرن هاڻي
دل کي ڪُرائن ٿا ٿوهر
يادگيرين جي موهن جا
هاڻي سڀ آثار ٿا ڀُرن
روح جي آڪاش تان
هڪ هڪ ٿي ستارا ٿا ڪِرن
مان سمنڊ جي ڪناري پيو آهيان سمهيو
مون مٿان ليٽن ٿيون لهرون
مان وقت جيئن گُزران پيو
مان وئي کانپوءِ وِسران پيو
ٻران ڳران ٿو ميڻ بتيءَ جيئن
مان مينهن ۾ مٽيءَ جو مجسمون
ميسارجان پيو

*

11.2014

رُٺل آهي روح مون کان

رُٺل آهي روح مون کان
هاڻي رِهائي ٿو چاهي
مونکان باغي ٿي پيو آ بدن منهنجو
مون کي منهنجون ئي سوچون سمجهه ۾ نٿين اچن
منهنجو عقل مونتي اعتراض ٿوڪري
منهنجي دل مونکي ڏسڻ لاءِ تيار ناهن
منهنجي ئي اکيون مونکي ڏسڻ لاءِ تيار ناهن
منهنجي ئي دل مونسان نفرت ٿي ڪري
منهنجا پير منهنجي خلاف پنڌ ڪن ٿا
منهنجا هٿ مونکي ئي مارڻ جي پويان آهن
منهنجي جيئڻ جو ڪو جواز ئي ناهي بچيو
ههڙين ڳنڀير حالتن ۾
تون ئي ڪجهه ڪري ٿي سگهين
مونکي تنهنجي توجهه
ٻيهر تعمير ڪري سگهي ٿي
تون ئي مونکي
پاڻ سان پرچائي سگهين ٿي
ڪين به ڪري آءُ
توکي منهنجا سڏڪا سڏن ٿا
ساهه ائين ٿا کڄن
ڄڻ خانه بدوش لڏن ٿا
عُمر جون يکيون
هاڻي ٻوٽجن تي آهن.
*

4.2016.

جڏهن مان پنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي

جڏهن مان پنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي
پاڻ کي پستيءَ ۾ ڏسندو آهيان
ته منهنجي غرور جو
مٿو ڦرڻ لڳندو آهي
۽ عاجزيءَ جي اڏام
مونکي پنهنجي مٿان محسوس ٿيندي آهي
تڏهن مان ڪروڌ ۾ ڀرجي
اوچائيءَ تان پستيءَ ۾
پنهنجي مٿان جمپ ڏئي
خودڪشي ڪندو آهيان
پر هر دفعي ڪرڻ دوران
مونکي باغي پر ڦٽي پوندا آهن
۽ مان ڪرندي ڪرندي ڪلٽي کائي
عذاب وانگر وري اُڀ ڏانهن اڏامڻ لڳندو آهيان
۽ پنهنجي مٿان اڏامندڙ عاجزيءَ کي
جهرڪيءَ وانگر جهٽي
ڪنهن ديوتا جي مٿي تي ويهي
ان کي نوچڻ لڳندو آهيان
ته ان ديوتا جو سمورو بدن
زخمي ٿي پوندو آهي.
*

6.2016

خواب وڏا بشني آهن

خواب وڏا بشني آهن
دلين کي ائين
کيسن جيان خالي ڪري ڇڏيندا آهن
جو پتو ئي ناهي پوندو
خواب اهي شاهينگ آهن
جنهن کي به اغوا ڪري ويندا آهن
اهو جيئرو واپس ناهي ورندو
خواب وڏا ڌاڙيل آهن
اڪثر رات جي وڳڙي ۾
ننڊ کي کاٽ هڻي
من جي ميڙي پونجي
لُٽي ڦري هليا ويندا آهن
ڪڏهن به سَڳُ موٽائي ناهن ڏيندا
ڀلي ته ڀُنگ ڀري ڀري دل جي ڀينگ ٿي وڃي
يا مُبينا مقابلي ۾
ارمانن جون ارٿيون کڄنديون رهن
خواب پيدا ٿئي ڏوهاري
خواب پيدائشي ڏوهاري
خواب پيشور قاتل آهن
خوابن جي خلاف ڪڏهن به
عشق ايف آءِ آر داخل ناهي ڪندو
ڇو جو پيار جي پوليس
هنن سان ٻڌل هوندي آهي
باثر ذريعن کا خبر پئي آهي ته
شاعر خوابن جا پاٿاريدار آهن
۽ لٽ ڦُر جو سمورو مال
شاعريءَ جي تجوڙين ۾
محفوظ ٿيندو ويندو آهي.
*

6.2016

جيڪو ڪنهن به اُڀ تي اُڀريو ناهي

جيڪو ڪنهن به اُڀ تي اُڀريو ناهي
تون اهو ستارو آهين
تون اها ٻولي آهين
جنهن کي اڄ تائين
ڪنهن به ڳالهايو ناهي
تون اهو آسماني ڪتاب آهين
جيڪو ڪنهن به پيغمبر ٿي نازل ناهي ٿيو
تون ايتري ته ڪنواري آهين
جو شاعري به اڃا تائين توکي ڇُهي ناهي سگهي
تون اهو خواب آهين
جيڪو ڪنهن به ننڊ ۾ داخل ناهي ٿيو
اڃا تائين ڪنهن به خواهش کي
تنهجي خبر ناهي پئي
پر مان توکي
خدا جي گُمان ۾ اچي
ڳولي لڌو آهي
مان ئي آهيان
جيڪو توکي
اکين جي آڱرين سان ڇُهي رهيو آهيان
۽ جنهنکي ڏسي تون
پنهنجن نيڻن جي ڪنوارپ وڃائي آهي
هاڻي تون خدا جي گُمان مان
ائين بي دخل ويندينءَ
جيئن جنت مان حوا.
*

2016

گهٽيءَ ۾ چونڪ تي

گهٽيءَ ۾ چونڪ تي
مان دڳ بتيءَ کي ڀاڪر ڀريون
مينهن ۾ ٻَران ٿو
دل جي کولي ڇٽي
۽ هوءَ بالڪونيءَ منجهان وار پنهنجا
ڪڪر ڪري ٿي مون مٿان وسائي
پنهنجي ادائن جي آڱر سان
مون کي بتيءَ جيان هو ٻاري جهمڪا ٿي ڏئي
کُلي بند ٿئي ٿي ڪنهن گُل وانگر
هوءَ جا ٻارن جي مخول وانگر
پنهنجي منهن تي رکي هٿ
يا تاڙيون وڄائي ٿي کلي کِنوڻين جيان
بڻجي ٿو وڃي انڊلٺيون انڊلٺيون آسمان
مان بيٺي بيٺي وڻ جيان سائو ٿيڻ ٿو لڳان
مون ۾ اُمنگن جا پن ڦُٽڻ ٿا لڳن
۽ من مٿان خوابن جا پکي اچي ويهن ٿا ۽ اڏامن
مان بيخوديءَ جي هوا سان
نچندڙ ڳائيندڙ وڻ بڻجي ٿو وڃان
۽ منهنجون لامون بڻجي بانسريون وڄڻ ٿيون لڳن
پن پن پنهنجي زبان ۾ ڳائڻ ٿو لڳي
هوءَ بيٺي بالڪونيءَ ۾ ٽَهڪن ۽ مُرڪن سان
مينهن ۾ مون مٿان اس ڇانو ٿي ڪري
۽ گهٽي جلترنگ جيئن ٿي وڃي
بيباڪيءَ جي ٻيڙي
انهيءَ ننڍڙي نديءَ ۾ ڪاهي ٿي پوي
۽ اڏامڪ چُمين جا ولر
آسمان کي ڍڪن ٿا ڇڏن
*

12.2015

مان رات کي

مان رات کي
سُمهڻ ئي ناهيان ڏيندو پاڻ سان
تو کانسواءِ
ننڊ به ڪا ڪرڻ جي شيءِ آهي
توکانسواءِ
خواب به ڪي ڏسڻ جون شيون آهن
سگار جي دونهين ۽ ڪافيءَ جي ٻاف
جي ڪوهيڙي ۾
مان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان ٻڏي ويندو آهيان
۽ڳوڙهن ڳاڙهاڻ گهري ٿيڻ لڳندي آهي
اهڙين حالتن ۾
جڏهن مان ڪتاب کولي پڙهڻ شروع ڪندو آهيان
ته اکر هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويندا آهن
۽ جملا قيدي پکين وانگر ڦڙڦڙائڻ لڳندا آهن
۽ ڪتابن جا ورق ڪڪر بڻجي
اڏامڻ لڳندا آهن
۽ هٿ ۾ جهليل قلم
ٻرڻ لڳندو آهي
مان اڃان شيو ڪري بس ڪندو آهيان
ته يڪدم ڏاڙهيءَ جا وار ڦٽي ايندا آهن
بوٽ پالش ڪري مس بس ڪندو آهيان
ته هوا جي جهونڪو اچي وار وکرائي ڇڏيندو آهي
مان ڪنهن وڻ جي ڇانو هيٺان ويهندو آهيان
ته اهو وڻ پنهنجي جڳهه تبديل ڪري ڇڏيندوآهي
جڏهن کان تون ناراض ٿي وئي آهين
هر شيءِ مونکان رُسي ٿي وڃي
مان جڏهن آئيني ۾ ڏسان ٿو
ته آئينو عڪس ڏيکارڻ ڇڏي ٿو ڏئي
سمنڊ مونکي ڏسي پوئين پير هٽڻ ٿو لڳي
منهنجي ڇُهاءَ کان پهريان ئي مجسما ڀڄي ٿا وڃن
۽ تصويرون منهن مٽائي
مونکي پٺي ڏئي ٿيون ڇڏن
جڏهن کان تون رُسي وئي آهين
مون سان اهڙي قسم جا
عجيب معجزا ٿيندا رهن ٿا.
*

8.2015

مون وٽ جيڪي به ڪتاب آهن

مون وٽ جيڪي به ڪتاب آهن
مان اهي کولي رکي ڇڏيا آهن
نظرين جي لُڙ ۽ لڙائيءَ ۾
لفظ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي
زخمي ٿي پيا آهن
جملا جملن کي پيا ڏسن
ليکڪن جون زبانون پاڻ ۾ وچڙيون پيون آهن
فن نانگن جيان پنهنجون ڦڻون ڪڍي
ڦوڪاري رهيا آهن
۽ خيال هڪ ٻئي جي کل پيا لاهن
قيامت جو منظر آهي
منهنجي ڪمري ۾
۽ ورانڊي ۾ رکيل ٽي وي کي
ڦل آواز ڏئي ڇڏيو اٿم
هوڏانهن ڪمپيوٽر تي
ڪلام به هلائي ڇڏيا آهن
پاڻيءَ وارو موٽر چالو ڪري
سڀ ٽوٽيون کولي ڇڏيون آهن
۽ گئس جا چلها به ڦل ٻاري ڇڏيا اٿم
استري جو بٽڻ کولي ڪپڙن جي ڍڳ ۾ رکي ڇڏي آهي
گهر جا سمورا بلب ٻاري
۽ پکا به هلائي ڇڏيا اٿم
هاڻي مان هڪ بنا ساهيءَ جي
لڳاتار ڊگهي رڙ ڪندس
پنهنجي زندگيءَ جيتري ڊگهي.
*

2.2016

اڄ پاڇن کي پاڻ ۾ ملڻ ڏي

اڄ پاڇن کي پاڻ ۾ ملڻ ڏي
ته جيئن وڇوڙي جو ڪفارو ادا ڪن
اچ ته هٿن جي لڪيرن جيان
هڪٻئي جي بدن تي منجهيل
نقشا بڻجي وڃئون
جيئن جهاز ران ۽ مهم جو شاعر
اسان جي قصي جو سمنڊ جهاڳن
۽ صحرا جو سون ماڻن
اچ ته هڪ ٻئي سان چمڙيي مٽائي
چمڙا پوش ٿي وڃئون
۽ هٿ هٿن ۾ ڦٻائي
چيچن کي چٻو ڪري ڇڏيون
اچ ته هڪٻئي لئه
صليب بڻجي وڃئون
۽ هڪ ٻئي کي کليل ڀاڪرن ۾ مصلوب ڪيئون
اچ ته هڪ ٻئي کي
چمين سان ڪيئون سنگسار
اچ ته هڪ ٻئي سان
دل لڳائي دشمني ڪيئون
اچ ته هڪ ٻئي جون اکيون ڪڍي
انڌي عشق کي عطيو ڪري ڇڏيون
اچ ته هڪ ٻئي سان گهاريون
گلابي گارين جهڙي زندگي
اچ ته پاڻ کي هڪ ٻئي جي لڱن جو لوهه رجايون
۽ وار وار کي وار وار سان ٻڌي
هڪ ٻئي کي ڇڪيون
اچ ته پاڻ کي هڪ ٻئي سان ڪارو ڪري
قرب جي ڪهاڙين سان ڪپيون
۽ هڪ ٻئي کي دليون
سنڱ چٽيءَ ۾ ڀري ڏيئون
اچ ته هڪ ٻئي کان ليمن جيان نپوڙي
ڪيلن جيان ڇلهيون
نارنگيين جيان ڦارون ڦارون ڪريون
ڏاڙهن جيان ڪريي داڻو داڻو
هڪ ٻئي کي ڌوڻيون ٻيرن جيان
۽ هڪ ٻئي مان صوف ڇاڻيون
اچ ته ڇنئون هڪ ٻئي کي رڳ رڳ ڪري
اچ ته هڪٻئي جي هيٺان اچي
خودڪشي ڪيون
اچ ته هڪ ٻئي لئي قبرون بڻجي وڃئون
۽ پاڻ کي دفنايون هڪ ٻئي ۾
نه ته زندگيءَ جا لاش ڌپ ڪري ويندا
اچ ته جنت جهڙن جسمن سان
هڪ ٻئي جا دوزخ آباد ڪريون.
*

4.2016

محبت اهو سمنڊ آهي

محبت اهو سمنڊ آهي
جنهن جي هر لهر جو رنگ
ساڳيو ناهي هوندو
جيئن زندگيءَ جي هر جهوٽي جو مزاج
الڳ الڳ هوندو آهي
مان تنهنجي ارهه ۾
پنبڻين سان پنڌ ڪيو آهي
منهنجي پيرن ۾ سجُ
۽ هٿن ۾ ڦٽي آيل چنڊ ستارا ته ڏس
مان تولاءِ اهي اهي موسمون کڻي آيو آهيان
جيڪي جنت جي به وهم گمان ۾ ناهن
مان تنهنجي هر وندر ۽ ضرورت جي پورائي لاءِ
پنهنجي عضون کي وڍي ۽ گهڙي
تولاءِ پورو سنسار سجايو اٿم
توکي ڪنهن به قسم جي
ڪابه تنگي پيش ڪانه ايندي
گهٻراءِ نه
تون رڳو پنهنجي دل منهنجي حوالي ڪر
باقي مان تنهنجي دماغ سان
پاڻهئي پُڄي وٺندس.
*

5.2015

سچ ٿو چوان

سچ ٿو چوان
پاڻي روپ ڌاري ويو هو تنهنجو
تنهنڪري مان پاڻ کي تو ۾ اڇلايو
ماڻهو چون ٿا
مان خودڪشي ڪئي هئي
سچ ٿو چوان
مان ته تنهنجي گداز جسم ۾
گم ٿيندو پئي ويس
ماڻهن جي نظر ۾ ٻڏيس پئي
مان ته تصوراتي دنيا ۾
تڙپيس پئي
مان ته جهان نيري ۾
۽ نوراني سفيني ۾
محبت جو معراج پي ماڻيو
سامونڊي گج جهڙو تنهنجو بدن
منهنجن حواسن تي
ڪڪرن جيئن ڦهلجندو ويو
۽ انڊلٺي وار تنهنجا
ڄڻ رنگبرنگي نانگ پاڻيءَ جا

مونکي ويڙهي ويا
او برفيلي باهه جهڙي جلپري
مون پئي سمجهيو ته
ڌرتيءَ جي ڪناري مٿان بيهي
ستارن جي جهان ۾جهئونپ ٿو ڏيان
۽ توکي ڀاڪر ۾ ٿو ڀريان
ڪهڪشائن جوقسم
مان سچ ٿو چوان
مونکي عشق جي خمارن ۾ ڏسي
زندگيءَ چاهيو رئونشو ڪجي
ته مذاق بڻجي پيو موت
پوءِ پنهنجي ماپ جيترو لڳو
مونکي پاڻيءَ جو تابوت.
*
7.2016

چٻا ڪوڪا

چٻا ڪوڪا
هي منهنجا ديس واسي
چٻا ڪوڪا
جن کي وقت جي واڍن
بي رحم ڌارين ڏاڍن
بار بار ڪري وار وار
ونگو ڪري آهي وڌو
ها ڏنگو ڪري آهي وڌو
هي چٻيون چيلهيون
پوءِ به گهليون
وقت جي وارن ۾ مٺيون وجهي
ليٿڙجي گهلجي
صدين سان گڏ
ساهه کڻندا اچن ٿا
نچندا نه سهي
لمندا اچن ٿا
ظالمن جي پيرن ۾
چُڀندا رهن ٿا
ڪَرِڙِين اکين ۾ ڪِلين جيئن
سفاڪ سينن ۾ سلن وانگي
توڙي جو قسمت جو ڪاٺ
هنن ناهي چکيو
هي ٻُهاري ۽ ٻوري ۾ پيل
هي نالين ۾ اڇلايل
لاوارث پيا آهن
ڪو پيار جي پڪڙ
۽ همت جي هٿوڙيءَ سان
سڌو ڪري هنن کي
هي به پنهنجو ڪارج ٿا چاهن
ڪنهن دريءَ جي دل منجهه
ڪنهن ڪرسيءَ جي ڪڇ ۾
ڪنهن پلنگ جي سيرانديءَ
ڪنهن در جي انجيس ۾
آرام ٿا چاهن
مهذب پڻي جي منشا
اڄ به هنن جي دن ۾ آهي
توڙي جو
قسمت جي جي ڪاٺن جا ذائقا
هنن ناهن چکيا
هيءَ منهنجي قوم
چٻا ڪوڪا
ڪيڏا آهن هنن کاڌا دوکا.
*

6.2015

هيءَ عجيب ڪهاڻي آهي

هيءَ عجيب ڪهاڻي آهي
ڪردارن کان خالي آهي
ڪو وجود ناهي
واقعن جو هن ۾
هيءَ ائين پڙهائي آ
جيئن ويساهه رکڻو آ جن ۾
هيءَ ٻڌائبي ناهي
شوڪاربي آ ڪن ۾
ٻڌڻ وارو هراسجي وينو آ
پنڊ پهڻ ٿي راپجي ويندو
پر ياد ناهي رهندي
ڪنهن کي به ڪڏهن
هيءَ ڪهاڻي
موڳي نپٽ
اُڦٽ سياڻي
اُبتي شبتي
آهي ناهي
ڇا ٻُڌايان ڇاهي هن ۾
هن ۾ وڏو ڦند آهي
وڏو ڦيرو آ
منجهيل آهي هيءُ
صحرا وانگي شڪل آ هيءُ
صحرا وانگي آلي آ
ڀريل آهي يا خالي آ
ڪنهن کي ڪائي ڪل نه آهي
جادوئي هيءَ ٿالهي آ
هيءَ ڪهاڻي
شودي تريناڪ
اٻوجهه نماڻي
صدين کان سيني بسيني
هلندي اچي ٿي
آڪاس تي چڙهندي
زمين تي لهندي اچي ٿي
هيءَ انام ڪهاڻي
ڪا به ناهي هن جي
رام ڪهاڻي.
*

1.2016

ڇپجڻ کان پهريائين

ڇپجڻ کان پهريائين
ڪهاڻيءَ کي برقعو پارايو ويو
ته جيئن فڪر جي فحاشي نه ڦهلجي
متان ڪنهن غير محرم باغيءَ جي نظر
ان تي پئي
۽ دين خطري ۾ پئجي وڃي
ڇپجڻ کان پهريائين
شاعريءَ جو حق بخشرائي
پاڪ ڪتاب سان شادي ڪرائي وٺي
۽ ان جا سڀ واسطا ٽوڙيا ويا
ڇپجڻ کان پهريائين
ناول جو طوهر ڪيو ويو
۽پنهنجي ڪمپنيءَ جو ٺپو هڻي
خاطري ڪئي وئي
ته هاڻي اهو مرتد نٿو ٿي سگهي
ڇپجڻ کان پوءِ
ڪهاڻيڪار کي ڦاسي ڏني وئي
شاعر کي سنگسار ڪري
۽ ناول نگار جو
سر تن کا جدا ڪيو ويو
ائين رياست محفوظ بڻائي وئي
شر پسندن جي شر
دهشتگرديءَ جي حملن کان
شڪر آ
هاڻي دين کي ڪوبه خطرو ناهي.
*

2016

درياءِ نيل آهين

درياءِ نيل آهين
چانڊوڪيءَ جو تون
تو ۾ هر رات چاڙهه ايندو آ
تون قلوپطره
مصر جي احرامن جهڙو
پراسرار تنهنجو بدن
حسن تنهنجي جي فرعونن خدائي
ڄڻ موسيٰ آئون
اُف نمرودي نخرا
تنهنجون شدادي ادائون
تون حسن جو آڙاهه آهين
ابراهيمي عشق منهنجو
آءٌ آزري شاعر
ٿو توکي نظمن ۾ گهڙيال
تنهنجي سونهن زبور
منهنجو دائودي عشق توسان
تون تجلي تون طور
موسيٰ جهڙي محبت مان
مان ملڪ مص جيان مون مٿان وهين ٿي
آءٌ زليخا جيئن تنهنجي پٺيان
تون يوسف جيئن مون کان ٽهين ٿي
تون ڇو نه هٺ کان لهين ٿي
مان تولاءِ يعقوبي رت رئان ٿو.
*

2013

تون خدا جي ڳُجهن جو دستاويز آهين

تون خدا جي ڳُجهن جو دستاويز آهين
تو ۾ هر شيءِ جو آخري حل
۽ هر حقيقت جي
مڪمل وصف درج ٿيل آهي
اڻ لکيل اصل تاريخ به
تو ۾ ئي محفوظ ٿيل آهي
مونکي آب حيات جو ڏس
۽ سون ٺاهڻ جو فارمولو به
تنهنجي ئي مطالعي مان حاصل ٿيوآهي
مان تنهنجي بدني ڪتاب جي
هر صفحي جي ڪنڊ ورائي آهي
۽ هر رڳ کي ليڪيو اٿم
مان توکي ورائي ورائي ايترا دفعا پڙهيو آهي
جو تنهنجي روح تي
منهنجي آڱرين جا لسڻ پئجي ويا آهن
منهنجي دل جي لائبريريءَ ۾ پيل
تو ن ئي اڪيلو ڪتاب آهين
وڇوڙو هٽلر آهي
تنهنجي معصوميت به مسولينيءَ جهڙي آ
منهنجا خواب
تنهنجي نازي نيڻن جي قيد ۾ آهن
تون پنهنجي ادائن جي قيد ۾ آهين
تون پنهنجي ادائن جي
ائٽمي بمباري سان منهجي دل هيروشيما
۽ منهنجو جگر
ناگاساڪي بڻائي ٿي ڇڏين
تون ارڏاين ۾ آمريڪا آهين
تنهنجي سرمائيدار سونهن
منهنجي مارڪسي محبت جي خلاف
هميشه ڪات ڪهاڙا کنيون ٿي وئي
تون الائي اسرائيل آهين
الائي ميزائيل آهين
جو مان پاڻ کي فلسطين وانگر
محسوس ڪري رهيو آهيان
اي جنگ جي ديوي
سونهن تنهنجي مفتوح دنيا
چنگيز خان وانگي بيرخي تنهنجي
منهنجي حسرتن جي
سرين جا مينار ٺاهيندي ٿي وڃي
پر منهنجو عشق به انساني آباديءَ وانگر کٽي ئي نٿو
دراصل اي منهجا پرين
تنهنجو ظلم ۽ منهنجي مظلوميت
هن دنيا کي توازن ۾رکيون ويٺا آهن..
*

2012

لفظن جي معنيٰ ئي مٽجي وئي آهي

لفظن جي معنيٰ ئي مٽجي وئي آهي
ٻولي ئي اُبتي لڳي پئي آ
هتڙي سمنڊ هو ڪيڏانهن هليو ويو
هٽران جبل به کٽل آهي
ندي نانگ هئي ڄڻ
ڪهڙي ٻر ۾ لڪي وئي
ڪهڙن سورن
سُکن جا سنڌ سڪائي ڇڏيا آهن
هي ڇا
اُٺ آکيرن تي چڙهي ويٺا آهن
باز ڪوريئڙن جي ڄارن ۾
ڦٿڪن پيا
ڏيڏر ڪبوترن جا پر چورائي
اڏامندا ٿا وتن
ٽينڪون شهرن جا طواف ڪري رهيو آهن
ٻارن کي مائرون اُرهن بدران
پلاسٽڪ جو ٿيلهيون ٿيون ڌارائن
رشتن مان رت پونءِ ڳڙي رهي آهي
ڪردارن جا ڪنڌ لهي چُڪا آهن
مڪاريءَ جي ماحول ۾
ڏندن جو ڏيهه بڻجي چڪو آهي هي
پئسو پئسي سان هٿ ٿو ملائي
۽ سمورا آدرش
نالين ۾ لڙهي رهيا آهن
هي نئين نسل جا آدمخور
مردا ته ٺهيو
پر قبرون به ڪَرٽي کائي رهيا آهن
هي هر وڻ کي پنهنجو ڪارو سمجهي
ڪهاڙين سان ڪپيندا ٿا وڃن
هي گڏهه گلابن جي ڀيل ڪري رهيا آهن
ماڻهو ته ائين ائين ٿا مارن
ڄڻ رت جا ڀريل ڦوڪڻا ٿا ڦاڙن گولين جي سين سان
هي جسمن کي ميڻ ڪٽي رهيا آهن
ائين ٿو لڳي
ڄڻ وحشت جي هر روز هتڙي
سالگرهه ملهائي پئي وڃي
هنن کي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندو
ته پئٽرول جي پاڻيءَ تي پچيل
هي باهه جو فصل
ماڻهو ڪونه کائيندا
پر ماڻهن کي کائيندو.
*

6.2015

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/Hyd3IEk.jpg[/img]