![اکيون پَسي آئيون (هندستان جو سفرنامو), ليکڪ : رفيق احمد جعفري اکيون پَسي آئيون (هندستان جو سفرنامو), ليکڪ : رفيق احمد جعفري](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/akhyun_pasi.jpg)
اکيون پَسي آئيون (هندستان جو سفرنامو)
اها جون 2006ع جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌي ساهتيه اڪيڊمي نئين دهلي پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا)، اديبن ۽ قلمڪارن سان گڏ ڪي ٽي اين جي 25 ڄڻن جي وفد کي هندستان اچڻ جي دعوت ڏني وئي. هر هنڌ کين پيار پاٻوهه ۽ محبتيون مليون. ان وفد ۾ رفيق احمد جعفري به شامل هيو. پاڻ واپس اچي ان سفر کي لکيائون ۽ ايئن سندن سفرنامي جو ڪتاب ”اکيون پَسيِ آئيون“ ڇپجي ويو. هن سفرنامي ۾ دهلي، جئپور، ڪلڪتي، آگري، اجمير شريف، دارجلنگ ۽ ٻين مقامن جي ڊائري شامل آهي.