سفرناما

ڪنواريون ۽ ڪنول (سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ جو سفرنامو)

ھي ڪتاب نامياري اديب ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ بابت لکيل سفرنامو آھي. غلام نبي مغل لکي ٿو:
”عبدالحئي پليجي، مارڪو پولو، ابن بطوطہ، البيروني، الطاف شيخ وانگر پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي، دنيا جو دورنگيون، چڱايون مٺايون، گرميون سرديون، ماڻهو پکي، سڀ ڏسي وائسي پنهنجي ديس واسين کي، يارن کي، دوستن کي، نون اسرندڙ شوقينن کي ۽ ڇٽل ڪارتوس جھڙن وڏيرن کي بہ ديس ديس جي معلومات گهر ويٺي سليس سنڌيءَ ۾، ثواب خاطر پھچائي آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 360
  • 75
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪنواريون ۽ ڪنول (سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ جو سفرنامو)

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

ڪتاب جو نالو : ڪنواريون ۽ ڪنول
موضوع : سفرنامو
ليکڪ : عبدالحئي پليجو
ڇاپو پھريون : آڪٽوبر 1991ع
ڇاپو ٻيو (اي ايڊيشن) جنوري 2021ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڪمپوزنگ : نعمان علي جوڻيجو ۽ اشررف سولنگي
ڇپائيندڙ : مومل پبليڪيشن - ٻنو
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽر ۽ پبليشر حيدرآباد-03332634650
قيمت : -/200 روپيا


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

ارپنا

پنهنجي عزيز دوست
غلام حسين رنگريز
جي نانءَ.

- عبدالحئي پليجو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” ڪنواريون ۽ ڪنول“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري اديب ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ بابت لکيل سفرنامو آھي. غلام نبي مغل لکي ٿو:
”عبدالحئي پليجي، مارڪو پولو، ابن بطوطہ، البيروني، الطاف شيخ وانگر پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي، دنيا جو دورنگيون، چڱايون مٺايون، گرميون سرديون، ماڻهو پکي، سڀ ڏسي وائسي پنهنجي ديس واسين کي، يارن کي، دوستن کي، نون اسرندڙ شوقينن کي ۽ ڇٽل ڪارتوس جھڙن وڏيرن کي بہ ديس ديس جي معلومات گهر ويٺي سليس سنڌيءَ ۾، ثواب خاطر پھچائي آهي.“

هي ڪتاب مومل پبليڪيشن ٻنون پاران 1991ع ۾ ڇپايو ويو. ڪتاب جي نئين سر اِي ايڊيشن سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پيش ڪري رھيا آھيون. ڪمپوزنگ ساحل پرنٽر ۽ پبلشرز حيدرآباد پاران ڪيل آھي. ٿورائتا آھيون عبدالحئي پليجو جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com 

پيش لفظ (پهريون ڇاپو): غلام نبي مغل

مون کي طارق اشرف جي پٽ دانيال شاهه ٻڌايو ته عبدالحئي پليجي جي خواهش ۽ حڪم آهي ته سندس نئين ڪتاب ’ڪنواريون ۽ ڪنول‘ جو پيش لفظ آءٌ يعني غلام نبي مغل لِکان ۽ ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪرڻ جو آهي يا نه، دانيال شاهه تمام سادگيءَ سان چيو ته ڪتاب ڇپجي ويو آهي. بس اوهان پيش لفظ لکو ته ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي. مونکي حئي پليجي تي رحم آيو ته جيڪو ماڻهو گذريل چئن سالن ۾، باوجود ڪوششن جي مون سان ملي نه سگهيو، سو مون کان پيش لفظ لکرائي وٺڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڳالهه کي به چار پنج مهينا ٿي ويا، پر مون پيش لفظ نه لکيو. سچ اهو آهي ته مون کي ياد ئي نه رهيو. هونئن به منهنجي صحت جو اهو راز آهي ته هر ڳالهه يا ته وسري ويندي آهي يا پاڻ وساري ڇڏيندو آهيان نه ته اڄڪلهه جي نفسا نفسي جي دور ۾ ڄاڻ جي ڏائڻ ۽ برداشت جو راڪاس انسان کي اڏوهيءَ وانگر کايو وڃي ۽ سو به اهڙو ماڻهو جنهن جون ٻه زالون هجن. يعني جيڪو چوويهه ڪلاڪ پاڻ سان ڏائڻ ۽ راڪاس جو احساس ذهن ۾ سمايو، گڏ کنيو هلي. رب سائين سڀني کي اهڙڻ راڪاسن کان پناهه ۾ رکي، نڪاح جي ٻن اکرن کان پوءِ سنئين سڌي ماڻهوءَ منجهان راڪاسن جو روپ بدلائين ٿيون.
عبدالحئي پليجو سنڌي آهي. سنڌي ٻولي لکي پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو. پٺيان ڌرتي ماتا جو ٽڪرو سندس اباڻي ملڪيت آهي ۽ اها اباڻي ملڪيت کيس ساليانو چڱي اپت ڏيئي ٿي ۽ قرض فرض به کڻي سگهي ٿو ۽ باقاعدي کڻندو به هوندو. سو انهيءَ ڪري کيس دنيا گهمڻ ڦرڻ ۽ گهمي ڦري ڏسڻ جو شوق آهي. اسان دوستن ۽ سنڌي ڪتاب پڙهندڙن کي، سندس انهيءَ شوق منجهان اهو فائدو آهي ته اسان کي ملڪن ۽ انهن جي ماڻهن متعلق گهر ويٺي ڄاڻ پئجي وڃي ٿي. پئسا وڃايا عبدالحئي، کيسا عبدالحئي، خالي ڪيا، ڏورانهين ڏيهه جا ڏولاڻا ڏٺا عبدالحئي_ پر اسان جي بي پهچ ماڻهن کي به ڄاڻ ملي ويئي ته مزا ۽ موج پنهنجي جاءِ تي قائم دائم آهن، رڳو پياسي کي کوهه تائين پهچڻو آهي. پياسو سنڌي، قرض کڻي، رشوت وٺي، سياسي قرض کڻي يا اباڻي جائداد وڪڻي يا ڪو ٻيو ٺڳيءَ جو ٺاهه ٺاهي ڏوڪڙ ميڙي، اهو سندس مٿي جو سور آهي. کوهه پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ۽ رب سائينءَ جي حڪم سان اهي کوهه کٽڻا ناهن. محرم ۾ امام جي سبيل وانگر آهن. هر ڪو اُڃ اُجهائي سگهي ٿو. سو اسان جي دوست به جيڪي سبيلون ڏٺيون، تن جو نهايت سهڻي ريت ذڪر ڪيو اٿس. پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ جهاز، ايئرپورٽ، هوٽل، تاريخ جي ماڳن ۽ ماڻهن سان گڏ وٺي هلي ٿو، جنهن ۾ هو ڪامياب لڳي ٿو. پڙهندڙن کي اها به ڪم جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته پئسي خرچڻ ۾ ڪفايت شعاري ڪيئن ڪجي ۽ گهٽ خرچ ۾ وڌيڪ مزو ڪيئن وٺجي. عام طرح سان اسان وارا ماڻهو هٿ ڦاڙ ۽ شاهه خرچ ۽ پرائين نياڻين تي دل کولي خرچ ڪرڻ وارا سخي بادشاهه هوندا آهن. پئسا گهڻا خرچ ڪندا آهن ۽ مزا گهٽ ماڻيندا آهن. پر وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن ڌڪا ٿاٻا کائي، ديس پرديس جي حلالين حرامين سان گڏ گهمي، چڱي چانئٺ چمڻ سان گڏ ٻيو ڪيتريون ئي اڇيون، ڪاريون سانوريون ۽ ڀوريون چانئٽون اُڪري پار پوندا آهن، تڏهن هو پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي زور تي، هر ڳالهه ۾ ڪفايت شعاري ڪندا آهن ۽ مرضي ۽ ڪوشش هوندي اٿن ته سبيلن تان اُڃ ائين ئي ڏٽن يا دلاسن ۾ لاهي وڃي يا جي ڪجهه خرچ ڪرڻو به آهي ته نهايت ڪفايت شعاري ڪجي.
هونئن به عبدالحئي پليجي، مارڪو پولو، ابن بطوطه، البيروني، الطاف شيخ وانگر پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي، دنيا جو دورنگيون، چڱايون مٺايون، گرميون سرديون، ماڻهو پکي، سڀ ڏسي وائسي پنهنجي ديس واسين کي، يارن کي، دوستن کي، نون اسرندڙ شوقينن کي ۽ ڇٽل ڪارتوس جهڙن وڏيرن کي به ديس ديس جي معلومات گهر ويٺي سليس سنڌيءَ ۾، ثواب خاطر پهچائي آهي، الطاف شيخ ته، انهيءَ سلسلي ۾، باقاعدي گائيڊون لکيون آهن ۽ هر ننڍو، وڏو، سيکڙاٽ توڙي کڙپيل فيضياب ٿئي پيو.
پليجي پنهنجي سفر جي سري لنڪا واري حصي کي ڪجهه تڪڙ ۾ ختم ڪيو آهي. کيس سري لنڪا جي بارشن ۽ تاريخي ماڳن بابت وڌيڪ لکڻو هو. کيس شهرن متعلق، هوٽلن متعلق ۽ هوٽلن جي ڪمرن متعلق به لکڻ کپي ها. هو ٻه آمريڪن ڇوريون به ائين ئي هٿن مان نڪري ويون. اها پڙهندڙن سان زيادتي آهي. پر ٿي سگهي ٿو واقعي اهي هٿن مان ترڪي ويون هجن. ڪنهن ڪنهن مهل هو احساس ڪمتري ۽ روپ جي چڪر ۾ اچي، تاش راند ۾ ڀڙ هوندي به، فليش کيڏي نه سگهندو آهي. پتا سندس هٿ منجهان هليا ويندا آهن. پوءِ کيس به افسوس ٿيندو آهي ۽ پڙهندڙن کي به! ڳالهيون ته سڀ حئي پليجي جون ڪرڻ کپن، پر هڪ ڳالهه منهنجي به ٻڌي وٺو. ساڳي تعدي مون يعني سنڌي ڪاموري سان ٿي چڪي آهي، جهڙي حئي پليجي سان سري لنڪا ۾ ٿي. آءٌ ٻه ٽي سال اڳ آمريڪا ويو هوس. سرڪاري خرچ تي. اُتي ڪئنساس اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ اناج جي اسٽوريج، جي ٽريننگ هئي. آءٌ هڪ ڏينهن ليٽ پهتس. سو به ٻنپهرن جو هڪ وڳي، مون کي هدايت مليل هئي ته وڃڻ شرط ٽريننگ جي ڪوآرڊينيٽر مس گلمور سان ملان. هڪ ڪاري شيدي مون کي وٺي اچي مس گلمور جي ڪمري تائين پهچايو ۽ مس گلمور کي ٻاهر ڪڍي مون سان ملايو ۽ پاڻ ويو هليو. مس گلمور جو فرض هو ته هر ٽريننگ وٺڻ واري فرد کي، روزمره جي سڀني ڪمن ڪارين ڪلاس جي اندر ۽ ٻاهر، صبح جو ڇهين کان رات جو ڏهين تائين سڀني ڳالهين بابت ڄاڻ ڏيڻي هئي ۽ وقت سر مدد به ڪرڻي هئي. هن مون کان پڇيو، ڇا آءٌ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي ٽپهريءَ واري ڪلاس ۾ وڃڻ جو ارادو رکان ٿو ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ اندر وٺي ويئي ۽ پوءِ باٿ روم جا سيلپر لاهي، ٻيا چمپل پائي مون کي ٻانهن کان وٺي آئي، هاسٽل جي انهيءَ منزل تي واقع لائونج ۾ وٺي آئي، جت جون مهيني جي روشن سج جي اس ڦهليل هئي. اسين ٻئي هڪ ٻئي جي ڀرسان ويهي رهياسين. مون ترت جڏهن اکين کان ڪم ورتو ته سمجهيم ته، قيامت منهنجي ڀرسان اچي ويٺي آهي. منهنجي ’سنڌي اکين‘ سيڪنڊن ۾ سمورو جائزو ورتو. دماغ ۾ جهٽڪو محسوس ٿيو ۽ لڱن ۾ ڪرنٽ ڊوڙيو. منهنجا لاھ پٽجي ويا. مس گلمورکي ننڍي چڍي پيل هئي. سولي سنڌيءَ ۾ ائين ئي چئي سگهجي ٿو. سندس ذري گهٽ فل سٿرون اڻ ڍڪيل هيون ۽ هڪڙي فل سٿر منهنجي سٿر سان لڳل هئي. وچ ۾ رڳو ڪنهن پاڪستاني ٽيڪسٽائل مل جي ٺهيل پينٽ جو ڪپڙو هو ۽ ظاهر آهي اها منهنجي بدقسمتي هئي ته انهيءَ مهل پينٽ مون کي پاتل هئي.مس گلمور جون سٿرون عاليشان هيون. ڏاڍيون سهڻيون ۽ ستابيون. گلابي رنگ جي صحتمند گوشت تي نيرون نسون. سج جي روشني منجهه جرڪيون پئي. مس گلمورنهايت پنهنجائپ ۽ مڪينيڪل انداز ۾ مون کي هر ڳالهه سمجهائڻ لڳي، جيڪي مون سندس ڪابه ڳالهه نه پئي سمجهي. ڇو ته آءٌ، انهيءَ ڏينهن صبح جو سوير ڇهين وڳي واشنگٽن جي ڊلس ايئرپورٽ تي پهتو هوس. سامان سوڌو. ساڍي ستين وڳي جهاز ۾ روانو ٿيس. ڪلاڪ ڏيڍ ۾ ڪئنساس سٽيءَ جي ايئرپورٽ تي پهتس. ات ٻي فلائيٽ يارهين وڳي مئن هٽن لاءَ هلي. واشنگٽن واري جهاز ۾ به اڍائي سئو مسافر هئا ۽ ٻي اڏام وارو جهاز سورهن سيٽن وارو جهازڙو هو. انهيءَ جا لاڳيتا ڪلاڪ کن جهٽڪا ۽ ڊرل مشين جهڙو آواز، تنهن منهنجن ڪنن تي تاڙيون چاڙهي ڇڏيون هيون. مٿو جاءِ تي نه هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ست سمنڊ پار سنڌي همراهه تازو تازو، پهتو هو. انهيءَ جهازڙي کان ته حيدرآباد کان لطيف آباد ڏانهن ويندڙ سڪس سيٽر ڦاٽل سائيلنسر واريون گاڏيون بهتر آهن. خير اهي سڀ سبب پنهنجي جاءِ تي درست هئا، پر مائي مس گلمور جون سٿرون منهنجي هوش حواس وڃائڻ لاءِ کوڙ هيون. اڌ مني ڪلاڪ جي بريفنگ کان پوءِ هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ ويئي ته آءٌ پنهنجي ڪمري ۾ ويس ۽ لت کوڙي سمهي رهيس انهيءَ ساڳي رات نوين وڳي ننڊون پوريون ڪري، وهنجي سهنجي، تازو توانو ٿي، سنڌي ٽوپي مٿي تي ۽ پشاوري سينڊل پيرن ۾، سٿڻ قميص ۽ ميچنگ واسڪوٽڙي پائي، ڪولون جي ڇڻڪار ڪري جڏهن مس گلمور جو در کڙڪايم ته ساڳي مُرڪ َسان ٻاهر نڪتي. هن ڀيري رڳو سندس مرڪ ئي ڏسڻ جهڙي شيءَ هئي. باقي ٻيا سڀ عضوا ڍڪيل هيس. مون کيس ٻڌايو ته جيڪو ڪجهه تو مون کي ٻنپهرن جو ٻڌايو هو، سو مون بلڪل نه سمجهيو ڇو ته منهنجا لاڳيتو هوائي سفر ڪري ڪن بند هئا ڦاٽل اکين بابت ڪون ٻڌايو مانس. انهيءَ ڪري اهي ساڳيون هدايتون جي ونس مور ٿي وڃن ته وڏي مهرباني ٿيندي. هن منهن نه گهنجايو ۽ وري مون کي ساڳئي لائونج ۾ وٺي آئي ۽ سڀ ڳالهيون ٻيهر سمجهائڻ لڳي. هن ڀيري سج به لهڻ جي تيارين ۾ هو ۽ سندس عضوا به سڀ ڍڪيل هئا ۽ آءٌ به ماڻهپي ۾ هوس. انهيءَ ڪري سڀ ڪم سولو ٿي ويو.
ٻن ٽن هفتن کان پوءِ، جڏهن آءٌ اهڙن منظرن سان گهڻو واقف ٿي ويس ۽ مس گلمور به وڌيڪ دوستاڻي انداز ۾ ملڻ لڳي ته ٻڌايو مانس ته پهرئين ڏينهن جو آءٌ پهرئين رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ٿي ويو هوس، سو نڪو جهاز جي جهٽڪن ۾ گوڙ سبب هو ۽ نڪي لاڳيتي سفر جي ٿڪ ڪري هو. پر تو وارين سٿرن مون کي ڊس بيلئنس ڪري ڇڏيو هو. مس گلمور اسان جي ديس جي مسن وانگر نڪو ڪاوڙجي چوڻ لڳي ته توکي شرم نٿو اچي ڇا تنهنجي ماءُ ڀيڻ جون سٿرون ناهن_ ۽ نڪي منهنجي انهيءَ جملي تي ترڪي ۽ هر کي. پر تمام اطمينان سان پڇڻ لڳي ته ڇا تو ان کان پهرئين ڪنهن عورت جون سٿرون ڪونه ڏٺيون آهن. مون به نهايت ايمانداري سان قسم نامو داخل ڪيو ته آءٌ الله کي حاضر ناظر ڪري اهو بيان ڏيان ٿو ته ٻي ڪنهن زال جي ڳالهه ته ٺهيو پر پنهنجين نڪاح ٻڌين کي به ائين جون جي مهيني ۾ سج جي روشنيءَ ۾ نه ڏٺو اٿم، جن جو آءٌ مجازي خدا آهيان. مس گلمور ڏاڍو افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيائين ته مون کي خبر نه هئي ته ايشيا ۾ مردن جو به ائين استحصال ٿيندو آهي.
خير_ آءٌ وري پنهنجي ڪهاڻي کڻي ويٺس. اصل ڳالهه حئي پليجي جي سفرنامي جي آهي. پليجو، الله ڪري اڃا به وڌيڪ سياحت ڪري، خوب ملڪ ڏسي، ملڪن جا ماڻهو ڏسي جام لکي، پر الطاف شيخ جو ريڪارڊ نه ٽوڙي ته بهتر آهي ۽ انهيءَ ۾ سندس ئي چڱائي آهي، نه ته پڙهندڙن جا ارواح کڄي ويندا. انهيءَ ڪري مون به آمريڪا جو سفرنامو نه لکيو. ڏوھ سڄو الطاف شيخ جوآهي. جنهن ايترا سفرناما لکيا، ۽ ايترن ملڪن تي لکيائين جو ٻئي ڪنهن جي لکڻ لاءِ ڪجهه ڇڏيو ئي ڪونه اٿس.
آءٌ سفرناما گهٽ پڙهندو آهيان. بلڪ گهڻي وقت کان پوءِ عبدالحئي پليجي جو اهو سفرنامو پڙهيو اٿم. ائين به سفرنامن پڙهڻ تان ارواح کڄيل آهي. ڇو ته جيڪو شخص پاڻ سفر ۾ هجي، اهو ٻين جا سفرناما ڪيئن پڙهندو. پر حئي پليجي جو سفرنامو پڙهيم ته سوچيم، سفرناما پڙهڻ گهرجن، ڇو ته هر ڪنهن جو سفر پنهنجو، هر ڪنهن جي نگاهه الڳ. جن ڳالهين جو ذڪر الطاف شيخ لڪايو ڇڏي، عبدالحئي پليجو ٻڌايو ڇڏي. پر جيڪا معلومات حئي پليجو نٿو ڏي، اها معلومات الطاف شيخ ڏيو ڇڏي.
باقي عبدالحئي پليجو پنهنجي لکڻيءَ جي ڪوشش ۽ پرائي ملڪ جي ماحول منجهان مزا ماڻڻ جي ڪوشش منجهه ڪامياب ٿو ڏسجي. سچ پُڇو ته الطاف شيخ جي شروعاتي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ اهڙا ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا هئا، پر هي ڪتاب پڙهي مون کي اتساهه ٿيو. ته حئيءَ جا ٻيا ڪتاب به پڙهجن ۽ جيڪڏهن آءٌ پئسا کپائي سگهڻ جي سگهه ۽ پرائي ديس ۾ وڃي مشاهدو حاصل ڪرڻ جي قوت استعمال ڪري سگهان ٿو ته پوءِ آئون به حئي پليجي وانگر سفر ڪريان، ماڻهو ڏسان، ملڪ گهمان ۽ پنهنجي پڙهندڙن ۽ ادب کي بيان جا نوان انداز ڏيان.

13_ آگسٽ 1991ع

اوهانجو

غلام نبي مغل
لاڙڪاڻو، سنڌ

سنڌيت جي سرهاڻ جو سفرنامو: اي_ جي _ اُتم

اڳئين ڀيري سنڌ جي سانگيئڙن مير محمد ٽالپر جي بمبئيءَ اچي ڪچهريون ڪرڻ جي قرب جو احوال ڏنو هوم. هنجي وڃڻ بعد يڪدم ٻيو برک اديب ۽ ڪارڪن نورالدين سرڪي ۽ سندس بيگم شمس آيا. سرڪيءَ سنڌ مان نڪتل تازو ترقي پسند رسالو ”سنڌو“ (مهراڻ جهڙو) سوکڙي ڏني جنهن جو ذڪر ٻئي ليک ۾ ڪندس جو ان ئي وقت سنڌ مان هڪ ٻئي اديب عبدالحئي پليجي جو ڀارت جي سفر جو سفرنامو ”ديس بديس“ اچي پهتو. ان تي سندس قيمت کان ٻيڻين يعني ٽيهن رپين جون ٽڪليون لڳل هيون. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته ٻن وڇڙيل سنڌين جو ٽپال رستي ملڻ به مهانگو ٿي ٿو پوي. سفرنامي جو مهاڳ مشهور ليکڪ غلام حسين رنگريز لکيو آهي.
پليجي جو سفرنامو ڀارت بابت ٻين سنڌين جي سفرنامن کان نئون ۽ نرالو آهي. ليکڪ کي پنهنجي پيءُ نور محمد پليجي کان ورثي ۾ مليل نيشلزم، سيڪولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو هو. هنجي واتان ”هندستان جي تهذيب، سونهن ۽ تاريخ جي قداور شخصيتن جو اتسادهه سان ڪيل ذڪر“ ٻڌو هئو ته ڪيترا ڪتاب به پڙهيا هئا ۽ جيئن ليکڪ لکي ٿو ته، ”ڀائيندو هوس، رام سان گڏ مون به بنواس ڀوڳيو آهي، شري ڪرشن جي بنسري جي مڌرتا منهنجي من کي به موهي ويئي آهي. ڪاليداس جي شڪنتلا جاڳي رهي آهي يا ميران ٻائي جو گيت روپ ڌاري ويٺو آهي.“ ايلورا لاءِ چئي ٿو، ”هي غارون انساني محنت ۽ هنر جو لازوال شاهڪار آهن. انساني جاکوڙ پورهئي ۽ هنرمنديءَ جي ڪمال کي نوڙت ڀريو سلام آهي ۽ پليجي کي اهي غارون پنهنجي ڳوٺ ٻني جي سندس پيءُ جي ننڍي هوندي جي دوست ’ڪندنمل ٽيڪواڻيءَ‘ پنهنجي ڪار ۾ وٺي گهمايون. هو ’جلگانو‘ ۾ رهندڙ آهي. اسٽيشن تي وٺڻ مهل پليجي پڇيس ته ڪيئن سڃاتو ته چيائينس ته ”تنهنجي شڪل بلڪل تنهنجي والد جهڙي آهي. اسان ڀانيو ته ارباب صاحب سامهون آهي. سندس اها تصوير ياد آهي جڏهن هو ڪراچي بندر تي اسانکي اکين ۾ ڳوڙها آڻي رخصت ڪري رهيو هو ۽ ايستائين ترسيو جيستائين اسان روانه ٿياسين.“ اهڙي سڪ آهي سنڌ هنڌ جي سنڌين جي! پليجو لکيٿو، ”هن وسيع ملڪ ۾ اهي ئي ته چند ماڻهو هئا، جن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي اها ڀيني ڀيني خوشبوءِ محسوس ٿي جيڪا لطيف جي بيتن، سچل جي ڪافين ۽ ساميءَ جي سلوڪن“ ۾ رچيل آهي. ”ڪڏهن ته ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ته ملندو مينڌرو، پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏي ڪو سنڌ ۾.“
هتي سنڌين طرفان سنڌيت کي سلامت رکڻ جو پليجي سفرنامي ۾ خوب ذڪر ڪيو ته قدر به ڪيو آهي. هڪ هنڌ لکيٿو، ”سنڌي هندو واپار جو بادشاهه آهي. جلگانو ۾ ڪلب، باغ، تلاءُ سنڌي ڪالوني ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنور سينٽر سنڌين ٺهرايو آهي. هي سينٽر ڏسي خوشي ٿيم پر پنهنجي ماڻهن جي حال تي ملال ٿيم ته اسانوٽ هن صوفي منش لاءِ ڪوبه يادگار ڪونهي. اهي هٿ ڪيڏا نه بي رحم ۽ ظالم هئا، جن ههڙي پوتر شخص کي شهيد ڪيو..... اڄ سنڌ جو سنڌي امر ڪنور کي پنهنجو ورثو ٿو سمجهي اهو وقت ڏور ناهي جو سنڌي پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيندا ۽ پوءِ سنڌ جي ريڊيو تان ’ڀڳت ڪنور‘ جي ڪلام کي پيش ڪرڻ کان ڪير روڪي نه سگهندو.“ پليجي بمبئي شهر جا ڏسڻ لائق هنڌ به ڏٺا جنهنجو ذڪر ڪيو اٿس.
پر هن پنهنجي پسندي خاص طور سنڌين جي شاهي اسپتال جلسوڪ، سنڌو ڀون، ڪالونين، ڪاليجن وغيره لاءِ ڏيکاري آهي. اهي هنڌ برک ليکڪن گوبند پنجابي ۽ اُتم ڏيکاريا هئا، جن لاءِ لکيٿو، ”ادا (گوبند) جي ڀاڪِرَن ۾ محسوس ڪيم ته مونکي منهنجو ڪٽيل بازو ملي ويو آهي هو هڪ پروقار شخصيت جو مالڪ ۽ سڌ ٻڌ وارو انسان آهي.“ ۽ ”اتم ڪافي حصا گهمايا ۽ اهي جڳهيون ڏيکاريون جيڪي هوند اُتم کانسواءِ نه ڏسي سگهون ها.“ ڪلياڻ آڏواڻي لاءِ لکيٿو ته ”شاهه جي رسالي تي هنجو نچويل نور ۽ پيار جو پورهيو سنڌ ۽ لطيف سان اڻ مَئي محبت جو اظهار آهي.“ پنجواڻي سنڌو ڀون ۾ هنجي آجيان ڪئي.
”سنڌين جي ميلاپ جي هن مکيه مرڪز جو هو روح روان آهي.“ اتي ئي انڊونيشيا ۾ سنڌيت جي بانيءَ ته هتان جي ٻين ڪارڪنن_ ٽُهلرام آزاد، وغيره سان مليو. آخر ۾ اُتم ۽ سندري لاءِ لکيٿو ”اُتم آدرشي انسان، مثالي سماجوادي، صاف سڌو انسان آهي. سنڌ وطن سان سندس پيار الفت ائين آهي، جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئن سين. اُتم ڪيترن ادبي ۽ تنقيدي ڪتابن جو ليکڪ آهي. سندري به هڪ جڳهه مشهور ڪهاڻيڪار آهي. ٻنهي زال مڙس جو سنگ هڪ مثالي سنگ آهي. ٻنهي سنڌي ادب لاءِ گهڻو پتوڙيو آهي.“ پليجو وڌيڪ لکيٿو ته ”اسانجي رات 11 وڳي واري فلائيٽ تي به اُتم اماڻڻ آيو ۽ روڪڻ تي به نه رڪيو. اندر وڃڻ کان اڳ ۾ موڪلائڻ وقت دلين جون ڌڙڪنون تيز هيون. هو سانت بيٺو گهوريندو رهيو هنجون نظرون شايد سنڌ تائين اسانجو پيڇو ڪرڻ لاءِ آتيون هيون_ اها سنڌ، جنهنجي فضائن ۾ سرهاڻ هئي، جنهن هنجو من موهيو هو. سچ پچ هي سنڌيت جي سرهاڻ جو سفرنامو سدائين ياد رهندو.

اي_ جي _ اُتم

سري لنڪا

---

1

بمبئي کان ڪولمبو تائين تقريباََ پوڻا ٻه ڪلاڪ کن مسافري ۾ لڳي ويندا آهن، مسافرن کي هوائي جهاز ۾ نه پر اڏام کان اڳ کاڌي لاءِ ووچر ڏيئي سمجهائي ڇڏئون! ته اڏام دوران ماني ڪانه ملندي جنهن ڪري توهان ڊپارچر لائونج جي ”روهني“ ريسٽورانٽ ۾ ماني کائجو ۽ اسان پڻ اُتي ماني کاڌي. تنهن ڪري ماني ملڻ جو ته ڪو آسرو ئي ڪونه هو ۽ نه ماني کائڻ جو ڪو خيال ئي هو پر ٿوري دير کان پوءِ هڪ سوئيٽ ڊش ڏنائون جيڪا واقعي تمام لذيذ هئي. اسان اڃا سوئيٽ کائي مس لاٿي ته پاسي وارين سيٽن تي ويٺل ٻن ڇوڪرين مان هڪ مون کي چيو ته توهان (Cards) تاش کيڏڻ ڄاڻو ته منهنجي ڀر ۾ اچي ويهو ۽ مون واري همسفر تيسين تائين تنهنجي دوست وٽ اچي ويهي اميد ته کيس بور ٿيڻ ڪانه ڏيندي، ڇو ته هيءَ منهنجي همسفر راند ڪانه ڄاڻي جي توهان کي اعتراض نه هجي. چوندا آهن ته انڌو گهري هڪڙي اک پر هتي ته سڄيو ساريون ۽ نيون نڪوريون ٻه اکيون ٿي مليون. سو چيومانس ته بلڪل بلڪل ۽ آئون اُٿي وڃي سندس ڀرواري سيٽ تي ويٺس. ساڻس ويٺل ٻي ڇوڪري اچي ڊاڪٽر جي ڀرسان ويٺي. منهنجي ڀرسان ويٺل ڇوڪري پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو. ته اسان ٻئي آمريڪن آهيون منهنجو نالو (Sieger) سيگر آهي ۽ منهنجي همسفر جو نالو (Alien Vikee) ايلين وڪي آهي، پر اسان کيس وڪي چوندا آهيون. اسان ويگاس (Las Vegas) شهر ۾ هڪ پريس ۾ ڪم ڪنديون آهيون ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪتيون آهيون. مون کان منهنجو تعارف پڇڻ کانسواءِ، نه وري مون کيس پنهنجو تعارف ڪرايو، پاڻ پنجن ڇهن راندين جا نالا وٺي ٻڌائين، جن مان مون کي صرف ٻن جا نالا ٿي آيا باقي ته پاڻ ئي سمجهندي هوندي. مون چيومانس ته فليش ڪريو تنهن تي پاڻ چيائين ته ٺيڪ پاڻ چار پتا مون کي ڏنائين. مون چيس ته هي چيئن پتن واري فليش ته مون ڪڏهن به نه کيڏي آهي پهريائين مون کي سمجهايو. جنهن تي پاڻ چيائين ته توهان هنن مان ڪوبه هڪ پتو ڦٽي ڪري ڀلي ٽن سان پنهنجي راند ڪريو ۽ پاڻ به ائين ڪيائين ۽ آئون پتن ۾ گهٽ پر هن ۾ زياده ڏسي رهيو هوس. پاڻ پنجويهه سالن کن جي هڪ نهايت حسين عورت نظر ٿي آئي. پاڻ هيٺ پتا ڦٽي ڪيائين جنهن ۾ ٻه يڪا ۽ هڪ ڇڪي هئي. پاڻ ڇهه ست رانديون هلائين ۽ گهڻو ڪري پاڻ ئي کٽندي رهي. ٿوري وقت کانپوءِ پاڻهين منهنجو نالو پڇيائين. مون کيس صرف پليجو چيو. پاڻ چيائين ته توهان ڪرسچن آهيو. مون چيومانس ته نه آئون مسلماني سان سڃاتو وڃان ٿو ۽ ائين پنهنجو سڄو تعارف ٻڌايومانس. راند هلندي هلندي پاڻ ٻڌائين ته اسان ڪولمبو ۾ ڏهه ڏينهن کن رهنديوسين، جنهن کانپوءِ سينگاپور ٽوڪيو کان ٿينديون سڌو لاس ويگاس وينديون سين. پاڻ پڇيائين ته توهان اڳ ڪڏهن سريلنڪا آيا آهيو. مون چيس ته نه هي منهنجو پهريون دفعو آهي. پاڻ ايئر هوسٽس کي سڏ ڪري چيائين (Two Drink on Rocks) ٽو ڊرنڪ آن راڪس کڻي اچ. مون دل ۾ چيو ته تنهنجون ڪاريون ڪجليون ڀنل اکيون ئي ڪافي آهن، ڊرنڪس جي ڪهڙي ضرورت آهي. ايتري ۾ ايئر هوسٽس به گلاس کڻي آئي ۽ هن ٻن ڍُڪن سان پي خالي گلاس هيٺان رکي ڇڏيو. هن جيون ڪاريون اکيون ٿوري دير ۾ هن جي چپن کان ٿورو گهٽ، ڳاڙهيون نظر اچي رهيون هيون. کيس مني اسڪرپٽ پهريل هو جيڪو هڪ طرف کان سندس گوڏي کان مٿي کڄي ويو. جنهن ڪري سندس ٿلهين ڳاڙهين سٿرن تي ڀورا سنهڙا وار صاف نظر اچي رهيا هئا. مون هن ۾ چتائي ڏٺو ۽ مون کي ڪبيرداس جو هي دوهو ياد اچي ويو:

آئون ساجن موهنا، پلڪ موند توهي ليتون
نامين ديکهون اورڪو، نا توهي ديکهين ديئون

پاڻ راند هلندي مون کان پڇيائين ته ڪولمبو ۾ توهانجو گهڻا ڏينهن ترسڻ جو پروگرام آهي. مون چيومانس ته هفتو کن. پاڻ چيائين ته توهان صرف ڪولمبو پهچڻ کان پوءِ فيصلو ڪبو. مون محسوس ڪيو ته هن سهڻي ساٿيءَ سان گڏ سفر ڪرڻ ڪري چيلهه جو سور موڪلائي چڪو هو. آئون ۽ ڊاڪٽر ٻارهن ڏينهن کان گڏ سفر ڪري رهيا هئاسين، پر اوچتو ڊاڪٽر تي نظر پوڻ تي الاجي ڇو مون ائين محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر مون کي هينئر هوائي جهاز ۾ پهريون دفعو گڏيو آهي. آئون اڃا اهو سوچي رهيو هوس ته هوسٽس پنهنجي مدَر آواز ۾ پهريائين سنهالي پوءِ انگريزيءَ ۾ ٻڌايو ته پاڻ هاڻ جلد ڪولمبو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون ۽ پنهنجا پنهنجا حفاظتي بيلٽ ٺيڪ ڪري ٻڌو مون بيلٽ ٺيڪ ڪري ڪجهه سوچڻ کانسواءِ، سينگر کان پڇيو ته ڪولمبو ۾ رهائش جو ڪٿي پروگرام آهي. پاڻ چيائين ته ايئرپورٽ تي لهي هوٽل رزرويشن کان معلوم ڪري پوءِ فيصلو ڪبو ته ڪٿي رهبو ۽ پوءِ ماٺ ٿي ويس ۽ وڌيڪ ٻيو ڪو سوال نه ڪيومانس. جهاز آهستي آهستي هيٺ رن وي تي لٿو ۽ پنهنجي رفتار گهٽائيندو گهٽائيندو نيٺ اچي پنهنجي ڄاڻايل بي (Bay) نمبر پنج تي بيٺو.
سڀني مسافرن سان گڏ اسان به پنهنجو سامان ساڻ ڪري جهاز کان هيٺ لٿاسين. هيٺ بسون بيٺيون هيون جنهن ۾ چڙهي اچي ايئرپورٽ تي پهتاسين. ايئرپورٽ ۾ هيلٿ، ڪسٽم ۽ اميگريشن کان واندا ٿي اچي ڊيوٽي فري شاپ تان ڪجهه پيئڻ جو ۽ ڪجهه ٻيو مختصر سامان ورتوسين، جنهن ۾ ڀاءٌ غلام حسين رنگريز لاءِ سندس ڪئميرا لاءِ هڪ فليش پڻ ورتم. انهيءَ کانپوءِ اسان هوٽل رزرويشن ڪائونٽر جو پڇيو، جنهن تي اتي معلوم ٿيو ته هوٽل رزرويشن ڪائونٽر تي هتي نه آهي، پر انفارميشن وارن جي آفيس آهي. جنهن تي توهان هوٽلن جي باري ۾ معلوم ڪري سگهو ٿا. اسان اُنهي ڪائونٽر تي آياسين، جتي اسان کي صرف چئين پنجن هوٽلن جي باري ۾ ٻڌايو ويو، جيڪي سڀ جون سڀ مهانگيون ۽ فائيواسٽار هوٽلون هيون، پر جيئن ته رات تمام ڪافي ٿي چڪي هئي تنهن ڪري مون ۽ ڊاڪٽر فيصلو ڪيو ته بهتر ٿيندو ته هينئر مهانگي سهانگي ڪنهن هوٽل ۾ هلي ٿا ٽڪون، پوءِ صبح جو وڌيڪ معلومات ڪري پوءِ هوٽل بدلائي وٺنداسين. اسان هڪ ٽيڪسي واري کان پڻ انهيءَ وچ ۾ ڳالهايو جنهن پڻ شهر لاءِ تمام گهڻو ڀاڙو ٻڌايو ۽ اهو پڻ معلوم ٿيو ته شهر هتان ڪافي پري آهي. اسان ٽيڪسي واري کي بيهاري وري انفارميشن وارن وٽ آياسين، جن کان انهن هوٽلن جي لسٽ ۾ سستي ۾ سستي هوٽل جو معلوم ڪيو. فائيواسٽار هوٽلن جي لسٽ ۾ انهن ٻڌايو ته ٻئپروبون نالي هوٽل سستي آهي.
اسان انهي هوٽل لاءِ هنن کان ڪوپن ورتو. مون ڏٺو ته سيگر ۽ ٻي سندس سهيلي پڻ انهيءَ هوٽل لاءِ ڪوپن اڳ ۾ ئي وٺي ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪري کان انهيءَ هوٽل کي پهچڻ لاءِ معلوم ڪري رهيون هيون. اسان به جڏهن انهيءَ هوٽل لاءِ ڪوپن ورتا، تڏهن انفارميشن تي ويٺل ڇوڪري اسان کي چيو ته توهان جيڪر ٽيڪسي ۾ وڃو، ته هنن کي به ساڻ وٺيو وڃجو ۽ ڀاڙو اڌو اڌو ڪري ڏجو ڇو ته هي به ساڳوڻي هوٽل تي وينديون، جي توهان جدا جدا ويندا ته ڪافي ڀاڙو توهان ٻنهي کي ڀرڻو پوندو.
اسان يڪدم چيو ته بلڪل ٺيڪ. ۽ سنڌيءَ ۾ چيوسين ته اسان ڀاڙو به ڪونه وٺون ها، جي پاڻ اسان کي چون ها. ۽ اهڙيءَ طرح اسان سڀئي ٽيڪسيءَ ۾ اچي ويٺاسين. ٽيڪسي تمام ڪشادي هئي، پر هنن جو سامان ايترو ته گهڻو هو جو ڪيترو سارو سامان اسان کي گاڏيءَ اندر رکڻو پيو ۽ سوڙها سنگڙا ٿي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. ٽيڪسيءَ واري کي اها خبر ڪانه هئي، ته ڪو اسان جدا جدا آهيون. هن سمجهيو ته اسان سڄي سفر ۾ هڪ ٻي سان گڏ آهيون. سو هر وقت ڳالهائڻ مهل، اهڙي نموني سان ڳالهايائين جو اسان کي پڻ، محسوس ٿي رهيو هو، ته همراه پٽڙي تان لٿل ٿو ڏسجي. رستن تي تمام گهڻو پاڻي نظر اچي رهيو هو.
معلوم ٿي ٿيو ته ٿورو اڳ تمام گهڻي برسات پئي آهي، ۽ هاڻي ختم ٿي آهي. رات جو وقت هو جنهن ڪري ماڻهو گهڻو اندازو لڳائي نٿي سگهيو. بحرحال ڪشادا رستا ۽ گهڻن وڻن ۽ ساوڪ مان اندازو ٿي ٿي ويو ته سهڻو ملڪ آهي. پر ٽرئفڪ بلڪل گهٽ هئي، ۽ ماڻهو نه هئڻ جي برابر هئا. ڇو ته رات تمام گهڻي گذري چڪي هئي. آئون سمجهان ٿو ته ان وقت رات جا ٽي کن ٿيا هئا.
ڪولمبو جو ڪاٽونياڪي (Katunayake) انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪولمبو سٽي کان ٻٽيهه ڪلو ميٽر پري آهي. ڪولمبو ۾ اندر ملڪ ۾ اڏامن لاءِ وري ٻيو ايئرپورٽ آهي، جيڪو ڪولمبو شهر کان سورنهن ڪلو ميٽر ٻاهر آهي. سندس نالو آهي راتما لانا (Ratma Lana) ملڪ اندر پروازن لاءِ ايئرلنڪا نه پر ٻي ايئرلائين يوپالي (Upali) نالي سان آهي، جيڪا اڏامون هلائي ٿي. جيڪي روزانه ٻين مکي شهرن مثلاّ، جافنا، ٽنڪومالي، انوراڌاپورا، بٽيڪالؤا، لاءِ روزانه پروازون (Flights) ڪن شهر جي وڏن رستن تي پاڻيءَ تي پوندڙ روشنين جي ڪري ۽ سناٽي ڪري عجيب منظر لڳي رهيو هو. هر شيءِ، هر منظر، هر ڏيک، هر هنڌ، هر جڳهه، هر محل ۽ ماڙيءَ جي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي. پر ڪهڙو به هنڌ هجي، ڪهڙي به پروقار نموني سان سينگاريل ۽ سنواريل هجي، ڪهڙو به حسين نظارو هجي، پر جي اتي انسان نه هجي، ته اُهو اهڙو منظر نه پيش ڪندو، جهڙو انسانن جي موجودگي جي ڪري پيش ٿي رهيو هوندو. مثلا توهان اڳ سئنيما هال، ٿيٽر يا انهيءَ منظر ۾ توهان کي ماڻهن کان سواءِ دلچسپي يا ڏيک نه پر هڪ ڀڙڀانگ ۽ ويران جڳهه ڏسڻ ۾ ايندي، جتي ماڻهو ڀائيندو ته هڪ منٽ به نه رهان، يڪدم هتان هليو وڃان.گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته اهو محسوس ٿيندو آهي. سو ڪولمبو جا هي سهڻا ۽ من مهڻا ڪشادا رستا جيڪي ناريل، پام، رٻڙ ۽ ٻين وڻن جي ڪري سونهن ۽ ساوڪ جو منظر ۽ ڏيک ڏيئي رهيا هئا، سي انهيءَ سناٽي جي ڪري وڏا ۽ پري ٿيندي ويا 32 ڪلو ميٽرن جو هي رستو انهيءَ پنڌ کان به وڌيڪ محسوس ٿي رهيو هو. انهيءِ کان اڳ جو سري لنڪا جو سير ڪجي بهتر ٿيندو ته سريلنڪا بابت مختصر احوال عرض ڪجي. دنيا جو مشهور سياح ابن بطوطه جڏهن ٻاوِيهين آگسٽ تيرنهن سو ڇائيتاليهه عيسوي ۾ (Marbar) هندستان مان حضرت آدم عليه سلام جو پير مبارڪ ڏسڻ واسطي روانو ٿي سريلنڪا پهتو، تڏهن هن سريلنڪا کي سيلون نه پر عربن جي رکيل نالي سرنديپ (Sarandib) سان سڏيو. پاڻ لکي ٿو ته هي ملڪ هڪ بادشاهت جي هيٺ نه پر ڪئين بادشاهتن جي ماتحت هو پاڻ لکي ٿو ته آئون جنهن جڳهه تي ٻيڙيءَ مان لٿس اُها جڳهه سلطان آئيري شَڪَروَتَي (Ayri Shakarwati) جي سلطانيءَ هيٺ هئي پاڻ لکي ٿو ته هن ملڪ جو سڄو ڪنارو وڻن سان ڀريل هو. سڄي ملڪ ۾ بيشمار هاٿي هئا، جيڪي ماڻهن کي ڪوبه نقصان نه پهچائيندا هئا ۽ هن ان وقت اتي ڏٺل ڍنڍن ۽ ندين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، ابن بطوطه سندس ڪتاب جي صفحي 257 تي لکي ٿو ته:
The sultan of kunakar is called the kunar, and possesses a white elephant, the only elephant I have seen in the whole world. He rides on it at festivals and put great rubies on its fore head.
In the island of Cylon rubies are found in all parts.
ٻي هنڌ صفحي 258 تي هن ملڪ جي سر سبز گلزاري بابت لکي ٿو:
On it there are many ever green trees, and flowers of various colours, including a Red Rose as big as the palm of hand.
وري پاڻ ڪولمبو بابت صفحي 260 تي لکي ٿو ته:
And journeyed thence to the town of Colombo which is one of the finest and largest town in the cylon.
انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته 1346ع ۾ پڻ سري لنڪا هڪ خوشحال ملڪ هو جنهن ۾ ڍنڍون ۽ نهرون هيون؛ جتي فروٽ ۽ گل ۽ وڻ بي انتها هئا؛ جتي هاٿي گهڻي انداز ۾ هئا؛ جنهن جو سڄو ڪنارو سرسبز ۽ شاداب هو ۽ جتي هيرا_ لعل سڄي ملڪ ۾ لڀندا هئا. سچ ته سري لنڪا مون کي هڪ ملڪ نه، پر هڪ سهڻو، جبلن جي ننڍين ننڍين ٽڪرين تي باغ ۽ گلستان نظر آيو. جتي چئوطرف سونهن ۽ ساوڪ هئي. جتي وڻن مان سُونهن سان گڏ بي انتها دولت ٽمي رهي آهي. جنهن ۾ ناريل، پام چانهن پان جو پتو اچي ٿو وڇي. هوائي جهاز جڏهن ڪافي مٿي هوندو، ان وقت توهان کي ائين محسوس ٿيندو، جهڙو سمنڊ جي وچ ۾ هڪ ٽڪري تي ڪنهن سائو غاليچو وڇائي ڇڏيو آهي.

2

هن اک مان وهندڙ لڙڪ جي شڪل تي ٺهيل ملڪ جي تاريخ تمام قديم آهي، جن ۾ ٻن حوالن کي تمام گهڻي اهميت آهي. جنهن ۾ هڪ (Adam`s Foot) آدم جو قدم، يعني حضرت آدم عليه سلام جو پير مبارڪ. سڄي دنيا ۾ اِهو پڻ عام طرح سان مشهور آهي ته جڏهن حضرت آدم عليه سلام کي بهشت مان الله پاڪ ناراض ٿي ڪڍيو ۽ زمين تي لاٿو، ته اها جڳهه سري لنڪا هئي. جنهن جو ذڪر ٻين ڪيترن ليکڪن سان گڏ ابن بطوطه پڻ پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. ۽ هو خاص حضرت آدم عليه سلام جو قدم ڏسڻ آيو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪيو اٿم. وڌيڪ تاريخدانن کي خبر هوندي ته حقيقت ڇا آهي. مون صرف جيڪو پڙهيو ۽ ٻڌو آهي سو لکيو اٿم.
هندستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ سمنڊ اندر هڪ ٽڪري کي اڃان تائين آدم برج ٿا چون. ۽ اها روايت سري لنڪا ۾ عام آهي، ته هندستان ۽ سري لنڪا زمين رستي گڏيل هڪ ملڪ هو ۽ وچ ۾ سمنڊ نه هو، جيئن هينئر آهي. پر خدا پاڪ جڏهن حضرت آدم کي جنت مان ڪڍيو تڏهن انهيءَ وقت سري لنڪا کي پڻ هندستان کان ڌار ڪري ڇڏيائين ۽ ائين ڇو ڪيائين سا هڪ خبر خدا کي ۽ ٻي خبر راوين کي، پاڻ جو وچ ۾ اچي نه وڃي. ٻيو ذڪر سري لنڪا جو دنيا جي قديم ڪتاب رامائڻ ۾ آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڏهن مٿن واري سري لنڪا جي حاڪم راوڻ رام جي گهرواري سيتا کي پنهنجي ڀيڻ جي بيعزتي جي عيوض هندستان مان اغوا ڪري سري لنڪا کڻي آيو ۽ کيس دانو مونارا (Danu Monara) نالي هوائي ٻيڙي ۾ آندائين جيڪو خود مور جهڙو پکي هو، جنهن جي شڪل اهڙي هئي جهڙي اڄڪلهه ايئرلنڪا هوائي سروس جي جهازن تي نڪتل آهي. پوءِ رام هڪ فوج تيار ڪئي ۽ پڻ هنومان ديوتا جي مدد سان سيتا کي واپس آندائين. انهيءَ قصي کي هزارين سال ٿيا آهن، پر اڄ به هر هندو ۽ ٻين مذهبن جي پڙهيل لکيل طبقن کي انهيءَ قصي جي ڄاڻ آهي. 1505 عيسوي ۾ سري لنڪا ۾ پورچوگيز آيا، جن ڏاکڻو علائقو سڄو پنهنجي قبضي هيٺ ڪيو ۽ سري لنڪا جي بادشاهه کان ڪيتريون سهولتون زوري ورتائون، جنهن کان پوءِ هنن هتي قلعا پڻ ٺهرايا. انهي کان اڳ هتي عرب واپاري پڻ اچي آباد ٿيا هئا، جيڪي پڻ ملڪ ۾ وڏو اثر رسوخ رکندا هئا ۽ تمام مالدار هئا. تقريبا سڄي واپار تي عرب ڪنٽرول ڪري چڪا هئا. 1657عيسويءَ ۾ پورچوگيزن کي ڊچن تڙي ٻاهر ڪڍيو، ۽ ٿوري ٽڪري کانسواءِ سڄي ملڪ تي قابض ٿي ويا. اهو ٽڪرو هوڪئنڊي جو، جتي هتي جا سنهالي اڃان تائين راڄ ڪري رهيا هئا. ۽ اهو سنهالين جو راڄ بدستور هن ڊچ حڪومت جي سڄي دور ۾ قائم رهيو. پورچوگيزن جي مقابلي ۾ ڊچن هتي تمام گهڻا ڪم ڪيا، جنهن ۾ هنن سڄي ملڪ ۾ جديد نموني سان ڪئنال ٺهرايا جنهن ڪري سڄي ملڪ جي زراعت تي اثر ٿيو ۽ بهترين آباديون ٿيڻ لڳيون، ملڪ خوشحال ٿيو. سڀني کان اهم ڪم اهو ڪيائون جو نئين دور جي تقاضائن مطابق قانون نافظ ڪيائون، جيڪو اڃان تائين قائم آهي. انهيءَ قانون کي سري لنڪا ۾ رومن ڊچ لاز (Roman Dutch laws) جي نالي سان سڏين. پورچوگيزن جو دور حڪومت جڏهن سري لنڪا تان ختم ٿيو، تڏهن سري لنڪا ۾ پورچوگيزن جيون صرف ٺهرايل عمارتون ۽ نالا وڃي بچيا جيڪي مقامي سنهالي ڏاڍي چاهه سان رکندا هئا، جيڪي اڄ به چاهه سان پورچوگيزن جا نالا رکن، جڏهن ته پورچوگيزن سري لنڪا کي صرف پنهنجي مفادن لاءِ لٽيو ۽ ڦريو. پر انهيءَ جي برعڪس ڊچن پنهنجي دور حڪومت ۾ هتي اهم نوعيت جا ڪم ڪرايا ۽ سڌريل دور جا قانون ٺاهيا. جڏهن انگريزن هي ملڪ قبضي ۾ ڪيو، تڏهن پاڻ ڀڄي نه ويا، پر مستقل طرح سان هتي آباد ٿي ويا، جيڪي تمام گهڻو عرصو هتي آباد رهيا ۽ مقامي ماڻهو کين برگرس (Burghers) جي نالي سان پڪاريندا آهن. پر گذريل ويهن سالن ۾ هي تمام گهڻي انداز ۾ لڏي وڃي آسٽريليا ۾ آباد ٿيا آهن، صرف ٿوري تعداد ۾ هاڻ هتي رهن ٿا. ڊچن جي دور ۾ ئي انگريز هتي اچڻ شروع ٿيا، نيٺ 1802 ۾ ڊچن کان انگريزن حڪومت کسي. يعني سنڌ جي قبضي کان ايڪيتاليهه سال اڳ، سنڌ انگريزن سترهن فيبروري 1843ع ۾ هڙپ ڪئي. انگريزن سان ڊچن مقابلو ڪيو، پر انگريز هاڻ ڪمپني بهادر نه پر سچ پچ بهادر ٿي چڪو هو. سندس اهڙا بڇڙا حال ۽ بخيا اُڊڙيل نه هئا، جهڙا هينئر اٿس، جو بوبي سئنڊرس جهڙي هڪ عظيم انسان کي پنهنجي ظلم جو نشانو بنايو، جو نيٺ بک هڙتال ڪندي جيل جي ڪوٺڙي ۾ مري ويو. يا جيئن دنيا ۾ هينئر آمريڪا جو پڇ لٽڪاءُ ٿيو، ڍيڍن وارا ڪم ڪندو وتي.
تازو آمريڪا، فرانس برطانيه جيڪي سڀ ناٽو فوجي معاهدي جا ميمبر آهن ۽ اُنهيءَ فوجي معاهدي جي حڪمن تحت بيروت ۾ آيا ۽ بيروت ۾ فلسطينن مٿان بي انتها ظلم ڪيو. پر دنيا ۾ مغربي زير اثر پريس ٽيليويزن ۽ ٻين نشرياتي ادارن کين ڏاڍي بيشرمائي ساڻ ظاهر ڪيو ته هي ويچارا وڏيرا پٽڪا ٻڌي، فلسطينن جو قتل عام ڪرڻ نه، پر سندن رکوالا ٿي کين بچائڻ آيا آهن، ته متان اسرائيلي کين ماري نه ڇڏين. پر ويچارا رهي نه سگهيا ۽ فلسطينن تي جيڪي ظلم ڪيائون ۽ بم وسائون سي سڄي دنيا ڏٺا، پر وري به اها ڀاڙيتو پريس لکي ٿي ته ادا هي ويچارا ته درويش مليشيا سان وڙهيا پيا آهن نه ڪي فلسطينن سان. چوندا آهن ته تنگ آيد به جنگ آيد، سو ويچارا فلسطيني پراڻن ۽ ٿورن هٿيارن ساڻ. سو ڇا ڪيائون ڪو ٽرڪون بارودن جون ڀري هڪڙو هڪڙو جوان انهيءَ ٽرڪن ۾ چاڙهي ۽ سر تان سانگو لاهي، ٽرڪون کڻي ڌوڪي پيا آمريڪا، فرانس ۽ اِٽليءَ جي سفارت خانن ۽ فوجي اهميت جي ٺڪاڻن تي. هڪ هڪ ٺڪاڻي تي آمريڪا ۽ فرانس جا سوين هزارين ماڻهو مري ويا ۽ بي انتها فوجي سازو سامان تباهه ٿي وين. جڏهن هيترا سارا لاشا آمريڪا ۽ يورپ ۾ هڪ ئي وقت پهتا، تڏهن سڄي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪهرام مچي ويو. سڄي يورپ ۾ باهه لڳي ويئي، سون جي تعداد ۾ ريگن، بيگن (ان وقت اسرائيل جو وزيراعظم بيگن هو) متران ۽ مارگريٽ ٿيچر جا پتلا جلايا ويا، جنهن کان پوءِ وري هڪ دفعو امن کي ياد ڪيو ويو ۽ امن جي نالي ۾ هي سڀئي محترمه مريم مجيدي جو هي بيت هڪ آوازا ۾ ڳائيندا ته:

”اسان ته هلڪا وڏن جا واهي“
وڏا وڏيرا اڃا به اڳتي.“

۽ پنهنجو پُڇ ۾ وجهي ايئن وٺي ڀڳا، جو وري اڃا نه پهتا آهن. (سائين اسان جي بزرگ محترم حفيظ قريشيءَ وانگر، ڪيا بات هي) سو انهيءَ وقت انگريز ڪمپني بهادر نه، پر مست هاٿي هو. سو ڊچَن جي ڇا مجال هئي، جو انگريزن تي فتح حاصل ڪن ۽ 1815ع ۾ جيڪا نالي ماتر سنهاليز جي حڪومت ڪئنڊي (KANDY) تائين محدود هئي ۽ پورچورگيزن ۽ ڊچن جي وقت ۾ پڻ هوندي هئي، جيڪا چوويهه سئو سالن کان قائم هئي، سا به انگريزن ختم ڪئي ۽ سڄي سري لنڪا جا حاڪم ٿي ويهي رهيا ۽ سڄا سارا هڪ سئو ڇائيتاليهه سال سري لنڪا تي حڪومت ڪيائون ۽ تيستائين سندن رت ست ڄرن وانگر چوسيندا رهيا، جيستائين ٻي عالمگيز جنگ دوران جپان ۽ جرمني هڻي سندس بڇڙا حال نه ڪيا. اهڙا بڇڙا جهڙا عمر ڪوٽ واري ڪولهياڻي سندس مرشد جا ڪيا (ڏسو شيخ المشائخ) آخر چوٿين فيبروري اڻويهه سئو اڻيتياليهه ۾ سري لنڪا آزاد ٿيو ۽ پنهنجي جهنڊي تي شينهن جو نشان هڻي (جڏهن ته سري نلڪا ۾ هڪ به شينهن ڪونه ٿئي) سڄي دنيا جي اڳيان آزاديءَ جو بِگَل وڄائي، آزاد قومن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. سري لنڪا جو پهريون وزيراعظم ڊي_ ايس سينانائڪي ٿيو، هن جي يونائيٽيڊ نيشنل پارٽي 1956ع تائين ملڪ تي حڪومت ڪئي، جيڪا پاڻ قائم ڪيائين. پاڻ 1956ع ۾ هڪڙي ايڪسڊينٽ ۾ مري ويو. 1956ع ۾ ملڪ جي مشهور سوشلسٽ رهنما بندرانائيڪي جي فري ڊم پارٽي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ۽ پاڻ وزيراعظم ٿيو. هن ملڪ ۾ ڪيترائي ترقي پسند ڪم ڪيا ۽ ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿيڻ لڳي. هن ملڪ جي اسي سيڪڙو اڪثريت واري سنهالي قوم جي، سنهالي ٻولي، جيڪا ملڪ جي ڌرتيءَ واسين جي زبان هئي، انهيءَ کي قومي ٻوليءَ طور نافظ ڪيو. اُنهيءَ تي هندستان مان لڏي آيل تامل پناهه گيرن سخت گوڙ گهمسان ڪيا، جنهن ڪري سڄو ملڪ لُڏي ويو ۽ منتخب وزيراعظم بندرا نائيڪي کي هڪ ٻُڌ مذهبي جنوني 1959ع ۾ قتل ڪري ڇڏيو. 1964ع ۾ هڪ دفعو وري سري لنڪا سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز بنجي ويو، ۽ سرينلڪا جي عوام مسٽر بندران نائيڪي جي زال مسز بندرا نائيڪي کي پنهنجو وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح دنيا ۾ پهريون دفعو ڪنهن ملڪ جي وزيراعظم عورت ٿي، جيڪو واقعي هڪ عجيب قدم هو. 1970ع جي چونڊن ۾ مسز بندرا نائيڪي جي پارٽي نه پر يونائيٽيڊ پارٽي جي مسٽر ڊويڊلي سينا نائيڪي جي پارٽي ستن ٻين پارٽين سان گڏجي ڪوليشن حڪومت ٺاهي. 1980ع ۾ وري هڪ دفعو مسز بندرا نائيڪي جي پارٽي اقتدار ۾ آئي. هن دفعي مسز بندرا نائيڪي جي پارٽي سان گڏ، سرينلڪا جي ڪيميونسٽ پارٽي پڻ حڪومت ۾ شامل هئي. مسز بندرا نائيڪي پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي مڙس وانگر گهڻا ترقي پسند ڪم ڪيا، جنهن ۾ هن ملڪ کي آئين ڏنو جيڪو تمام وڏي اڪثريت سان پارليامينٽ ۾ پاس ڪيو ويو. اُنهيءَ آئين کان پوءِ سري لنڪا مڪمل طرح سان هڪ خود مختيار حڪومت ٿي دنيا ۾ ظاهر ٿي. انهيءَ کانسواءِ ملڪ ۾ زرعي سڌارا آندائين، جنهن ڪري زمين جي حد صرف پنجاهه ايڪڙ مقرر ڪيائين. پنهنجي وقت ۾ دنيا جي غير جانبدار ملڪن جي سربراهه ڪانفرنس به سري لنڪا ۾ منعقد ڪرايائين ۽ سڄي دنيا ۾ دورا ڪري، پنهنجي هن ننڍڙي ملڪ جو نالو روشن ڪرايائين. 1976ع جي اليڪشن ۾ يونائيٽيڊ پارٽي ملڪ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي. ۽ مسٽر جي_ آر_ جئي ورڌني (Mr. J. R. Jaye Wardene) ملڪ جو وزيراعظم مقرر ٿيو. جنهن چند ڏينهن ۾ ملڪ جي آپريشن ڪري ڇڏي. پهريون قدم اهو کنيائين، جو آئين تبديل ڪري شخصي حڪومت لاءِ راهه هموار ڪيائين. پارليامينٽري طريقي حڪومت کي ختم ڪري صدارتي طرز حڪومت قائم ڪيائين، جيڪا اڃا تائين قائم آهي. ملڪ جي صدر جو عهدو سڄا سارا ست سال مقرر ڪيائين. ملڪ جي ناڻي جي قيمت مغربي حڪومتن ۽ سرمائيدارن جي دٻاءُ هيٺ يڪدم سٺ سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيائين. مغربي سرمائيدارن لاءِ ملڪ جو منهن کولي ڇڏيائين. ملڪ ۾ مناسب نمائندگي جو طريقو رائج ڪيائين، پنهنجي ڪرسي کي قائم رکڻ لاءِ روزاني نوان شوشا ڇوڙيندو آهي. تازو ملڪ جي صدر جئي وڌني اعلان ڪيو آهي، ته اسان ملڪ ۾ گوريلا ڇاپن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسرائيل سان هڪ معاهدو ڪيو آهي، ۽ هاڻ اسرائيلي نه رڳو اسان کي سکيا ڏيندا، پر پاڻ هت سري لنڪا گوريلا ڪارواين خلاف سڌو قدم کڻندا. تازو آمريڪا جي فوجي مرڪز جيڪا لسٽ تيار ڪئي آهي، ته اسان جن ملڪن کان فوجي اڏن جي مراعات حاصل ڪئي آهي، اُنهي ۾ سري لنڪا جي هڪ فوجي اڏي جو ذڪر به آهي. اِهي آهن صدر جئي ورڌني صاحب جا ڪرتب.
ڏيڍ ڪروڙ جي آدم شماري وارو هي ملڪ، 6508 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. سري لنڪا گهمڻ جي خيال کان، نومبر کان اپريل تائين بهترين وقت آهي. باقي موسم ۾ گهڻو ڪري برساتون هونديون آهن.
آدم شماري جو ستر سيڪڙو سنهالي، ويهه سيڪڙو تامل، باقي ڏهه سيڪڙي ۾ برگر مور مالي ۽ ٻيا مختلف نَسِل اچي وڃن ٿا. مذهب ۾ اڪثريت ٻڌن جي آهي. هندستاني تامل گهڻو ڪري هندومت سان واسطو رکن ٿا.
موجوده حڪومت ملڪ جي گادي وارو شهر ڪولمبو مَٽائي، گاديءَ وارو شهر سري جئي ورڌان پرا قائم ڪيو آهي. جيڪو ڪولمبو کان اٺ ڪلوميٽر پري آهي ۽ قديم سنهالي دور واري هنڌ ڪوٽي (Kotte) وٽ قائم آهي. 1982ع ۾ هتي پارليامينٽ جي جڳهه قائم ڪري، هن نئين گادي واري شهر جو افتتاح ڪيو ويو، پر هن نئين گادي کي مڪمل ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويهه سال گهرجن.
اسانجي ٽيڪسي هوٽل ٽئپروبين جي اڳيان اچي بيٺي جيڪا يارڪ (York) اسٽريٽ تي سمنڊ جي ڪناري تي آهي. هوٽل ۾ ريسٽورانٽ، بار، ڪافي شاپ ۽ نائيٽ ڪلب پڻ آهي. اسان ٽيڪسي مان لهي رسيپشن واري سان ڳالهايو ته اسان کي ٻه ڪمرا گهرجن، ۽ توهان پنهنجو ماڻهو موڪلي گاڏي مان سامان لهرائي وٺو.
هوٽل اچڻ مهل اسان کي دنيا جي ٻين شهرن وانگر ڏاڍو کٽڪو هو، ته متان ڪمرو خالي نه ملي، ۽ پيا سڄي رات ڪولمبو شهر جا چڪر هڻون. پر هتي اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي، ۽ مون ٻي ڏينهن محسوس ڪيو ته هوٽل ۾ مسافر تمام گهٽ ترسيل هئا. هوٽل واري اسان چئني جا نالا، پاسپورٽ نمبر ۽ ٻي ضروري داخلا ڪري، اسان سان هوٽل جي بيرو گڏي ڇڏيو ته اسان کي روم تائين پهچائي. اسان لفٽ ۾ چڙهي ڪمرن جي دروازن تي پهتاسين، ته اسان سمجهيو ته ٽيڪسي ڊرائيور وانگر هي پڻ اسان سڀني کي گڏ سمجهي رهيو آهي. سو همراهه سڀ سامان کڻي هڪڙي ڪمري اندر ڪيو. تنهن تي اُنهن آمريڪي ڇوڪرين کيس پنهنجو سامان کڻي ٻي ڀر واري ڪمري ۾ هلڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ هن کان چاٻي وٺي پنهنجو ڪمرو کوليائون. اسان پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڪپڙا بدلائي سمهي رهياسين. هڪ ته دير ٿي چڪي هئي ٻيو بلڪل ٿڪجي پيا هئاسين.
ٻي ڏينهن ٻنپهرن تائين ستا پيا هئاسين. لنچ پڻ ڪمري ۾ ڪئي سين. بيري ٻڌايو ته آئون ناشتو کڻي آيو هوس پر توهان ستا پيا هئا. خيال ڪيم ته اسان چيئس به ڪونه ۽ خوامخواهه ناشتو کڻي آيو. هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيائين مفت ۾ پيسا ڀرڻا پيا. سو کيس چئيم ته توکي ناشتو ڪنهن چيو، اسان ته آرڊر ڪونه ڏنو هو. چيائين ته ناشي لاءِ ڪابه اضافي رقم نه آهي، ڪمري جي مسواڙ ۾ ئي ناشتو ڏنو ويندو آهي. تڏهن ڪاوڙ جي بدران ڏک ٿيوسين، ته اهڙي نوازش کان محروم ٿي وياسين. سو يڪو پروگرام ٺاهيوسين ته هاڻ ناشتي جي معاملي ۾ هنن کي نااُميد نه ڪبو. رسيپشن واري کي فون تي ڀرواري ڪمري 206 لاءِ چيم ته نمبر ملائي ڏي. اسانجو ڪمرو 207 هو. ٻڌيائين ته 206 وارا ٻاهر آهن، فون تي No Reply ٿي رهيو آهي، اسان کيس اخبارون موڪلڻ لاءِ چيو. اسان کي اخبارون ڏياري موڪلياؤن. اخبارون رسالا پڙهي ٻنپهرن جي ماني کائي ٿورو آرام ڪري ٻاهر گهمڻ نڪتاسين. اسان واري هوٽل کان سمنڊ جو ڪنارو ڪنارو وٺي گهمندا ڦرندا چڪر لڳائيندا، سنهون ٿلهو سامان وٺندا اچي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ گهڙياسين ڪولمبو جي لحاظ کان ڪافي وڏي سپر مارڪيٽ هئي. اسان سامان ورتو ۽ جڏهن بل ڏيڻ لاءِ رسيپشن تي پهتاسين ته اُتي سيٺ زور سان سندس ملازم کي سنڌي ۾ چيو ته “ابا گاڏي ڪڍ ته گهر هلون.“ اسان سنڌي ۾ ڳالهائيندي ٻڌو سو اسان کانئن پڇيو ته توهان سنڌي آهيو. جواب ڏنائين ته ”هائو، سنڌي آهيون.“ پوءِ اسان کائن ڪافي ڪولمبو ۾ سنڌين جي باري ۾ معلوم ڪيو. جنهن تي اسان کي ٻڌيائين ته، هتي ڪافي سنڌي آباد آهن ۽ ڪافي دڪان ۽ ڌنڌا اٿن، اسان کي چيائين ته آئون سنڌ مان نه پر هندستان مان هتي آيو آهيان. هندستان وانگر اسان به هتي پنهنجون انجمنون قائم ڪيون آهن. اسان هتي پنهنجون ثقافتي سرگرميون به ڪندا آهيون، جيئن اسان پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ ٻوليءَ کي زنده رکي سگهون، اِئين نه ڪري گراه جا گولا ٿي پنهنجي زبان ۽ تهذيب کي وساري ويهي رهون ۽ پوءِ ڌوٻين جي ڪتي وانگر نه رهون گهر جا نه گهاٽ جا. اسان جي گهرن ۾ پڻ اسان انهيءَ پراڻي نموني سان رهون جيئن اسان ورهاڱي کان اڳ ٻيراڻي، مانجهند، سجاول ۽ ٻين ٻهراڙين جي شهرن ۾ رهندا هئاسين. اسان پنهنجي ٻولي جي لهجي جو به تمام گهڻو خيال ڪندا آهيون، ۽ اسان جو نئون نسل پڻ تمام سهڻي سنڌي ڳالهائيندو آهي. سندن لهجي جو تمام خاص خيال ڪندا آهيون. اسان کين شاهه، سچل، ساميءَ جا رسالا پڙهائيندا آهيون، ته جيئن هو ڌرتي ۽ زبان جي محبت سان گڏ پراڻي ٻولي پڻ سکن. پوءِ مون کي ٻه شعر شاهه سائين جا ٻڌايائين جيڪي هن ريت آهن:

’جي تون فارسي پڙهيو، ته گولو تو غلام،
اُڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،
اي عامن سندو عام، خاص مان ڪين ٿئي،
حيف تنين ئي هوءِ، وطن جن وساريو.‘

پوءِ مون ڏٺو ته سندس سمنڊ جهڙي وشال اکين ۾ ڄڻ پاڻي ڇوليون هڻي رهيو هو. پاڻ ڀريل آواز ۾ اسان کي ماني جي صلاح ڪيائين. اسان ٻئي وقت لاءِ واعدو ڪري کانئس موڪلائي روانا ٿي وياسين. انهيءَ کانپوءِ به اسان کي ڪافي سنڌي مليا ۽ تمام گهڻي حُب ۽ سڪ ظاهر ڪندا هئا. ڪولمبو شهر ۾ خريداري يا گهمڻ جي خيال کان قلعي وارو علائقو تمام بهترين آهي. هتي جوئلري (Jewellery) جي خريداري پڻ ڪافي ٿيندي آهي. قلعي واري علائقي کان پوءِ گيل روڊ (Gale Road) وارو علائقو پڻ چڱو آهي، جيڪو گيل فيس هوٽل (Gale Face Hotel) کان شروع ٿئي ٿو. ڪولمبو ڪافي وڏو شهر آهي. هتي توهان کي ڪيترن قسمن جي تهذيب جون پراڻوين جڳهيون ڏسڻ ۾ اينديون جنهن ۾ ڊچ، پورچيگيز ۽ انگريز تهذيب جون پراڻون جڳهيون ٺهيل آهن. اسان جي هوٽل ٽئپروبين ڀرسان، ڊچ گورنرجي رهائش جي چرچ، جنهن جو نالو آهي گريسن چرچ آف سينٽ پيٽريا جيڪو 1908ع ۾ ٺهيو. اڄ به شهر جي پراڻين بهترين يادگارن ۾ شامل آهي. اسان شهر ۾ پراڻين جڳهين سان گڏ شهر جي مکي نوعيت جون جڳهيون پڻ ڏٺيون، جنهن ۾ پارليامينٽ هائوس، غير جانبدار سربراءِ ڪانفرنس هال ۽ سٽي هال شامل آهن. صدارتي محل پڻ پري کان ڏٺوسين، جنهن جي ٻاهران رنگ برنگي ڊريسن ۾ ڪيترائي باڊي گارڊ ڊيوٽي تي هئا. انهيءَ کان سواءِ محل ٻاهران گهوڙن تي پوليس وارا پڻ ڊيوٽي ڏيندي نظر آيا. برصغير ۾ حاڪم پنهنجي حفاظت لاءِ تمام گهڻو بندوبست ڪندا آهن. پر تنهن هوندي به ڪافي سربراه ۽ ليڊر قتل ٿي چڪا آهن. جن ۾ سيلون جو اڳوڻو وزيراعظم بندرا نائيڪي، هندستان ۾ مهاتما گانڌي، اندرا گانڌي ۽ پاڪستان ۾ لياقت علي خان ۽ ڊاڪٽر خان صاحب قابل ذڪر آهن. جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ تمام گهٽ اهڙا واقعا ٿين ٿا. جپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو ۾ مون ڏٺو ته وزيراعظم جي سرڪاري رهائش گاهه شهر جي وچ ۾ هئي، جنهن ٻاهران ٻه ٽي محافظ بيٺل هئا، ۽ اها رهائش گاهه شهر جي تمام مصروف علائقي جي وچ ۾ هئي ۽ سندس ٻن پاسن کان عام ٽرئيفڪ معمول مطابق هلي رهي هئي. ڪوبه ماڻهو هلندي ڪار ۾ وزيراعظم جي رهائش گاهه ۾ تمام سولائيءَ سان بم يا ڪو ٻيو آتشگير مادو اڇلائي ٿي سگهيو، پر اُتي ڪڏهن به اهڙو واقعو نه ٿيو آهي. تازو اخبار ۾ پڙهيوسين ته سويڊن جي وزيراعظم کي ڪنهن گمنام ماڻهو گولي هڻي ماري ڇڏيو. جيڪو فلم ڏسي پنهنجي گهر وڃي رهيو هو. انهيءَ جا تفصيل هن طرح اخبارن ۾ پڙهياسين ته سوئيڊن جو وزيراعظم مسٽر پالمي پنهنجي آفيس جو ڪم ڪار لاهي، پنهنجي آفيس کان اڪيلو پنهنجي گهر پهتو. جتي ڪار ڇڏي پنهنجي زال سان گڏ پنڌ يعني صرف ٻئي اڪيلا اڪيلا گهر کان انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشن پهتا، جتي ريل جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهي، سڌو سئنيما جي (جنهن ۾ پاڻ فلم ٿي ڏٺائون) ويجهي ريلوي اسٽيشن تي لٿا، جتان پنڌ ئي پنڌ سئنيما پهتا، لائين ۾ بيهي وزيراعظم ٻه ٽڪيٽون ورتيون ۽ پوءِ ٻئي زال مڙس فلم ڏسي واپس گهر پنڌ ئي پنڌ وڃي رهيا هئا ته ڪنهن نامعلوم ماڻهو پٺيان گولي هنيس ۽ گولي لڳڻ شرط اُتي جو اُتي مري ويو. انهيءَ نامعلوم ڏوهاري جي ٻي گولي سندس زال کي پڻ لڳي، پر سخت جئڪيٽ جي ڪري جئڪيٽ کي لڳي ۽ گولي بدن ۾ نه لڳي ۽ ٿڙي ويئي ۽ پاڻ بچي ويئي. سچ پچ ته اعتبار ئي نه پيو اچي ته ائين به ٿي سگهي ٿو.

3

ڏينهن ختم ٿيڻ تي هو. ۽ رات پنهنجي واري جو انتظار پورو ڪري ڪولمبو جي گهٽ روشنين واري شهر ۽ پير پائي رهي هئي. سندس سرهاڻ شهر ۾ پکڙجي رهي هئي. ڪراچي ۾ ڪولمبو کان سواءِ باقي سڄي مشرق جي شهرن جي نائيٽ لائيف (Night Life) يا رات جو رونقون ڏاڍيون حسين ۽ وڻندڙ آهن جنهن ۾ بمبئي، بئنڪاڪ، منيلا، سينگاپور، هانگ ڪانگ، مڪائو، مليشيا ۽ ٽوڪيو قابل ذڪر آهن. هر شهر جي رات هڪ ميلو هوندو آهي. ۽ انهن شهرن جي راتين گذارڻ وارن جو خيال هوندو آهي ته شايد هيءَ زندگي جي آخري رات آهي. جنهن ڪري ڪا به ڪسر ڇڏڻي نه آهي. پوءِ اُهو ڪئسينو هجي يا مساج پاران ٽرڪش باٿ هجي يا لائيو شو. رات ستن رنگن ۾ سينگاريل پنهنجي سرهاڻ ۽ سونهن سان ڏاڍي سهڻي ۽ جواڻ جماڻ لڳندي آهي. دل چاهيندي آهي ته سندس سڀني رنگن جي سرهاڻ سان سڄي سرير کي واسجي. ۽ ڪنهن جي اکين جي ڪٽورن ۾ سڄي رات ٽٻيون ڏيندي گذري. پر هن ڪولمبو ۾ توهان جو بيڊ روم ته رنگين ٿي سگهي ٿو، پر ڪولمبو جو شهر نه. هتي سج لهڻ شرط شهر بند ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. سواءِ ٻن ٽن هوٽلن جي باقي هتي ڪو نائيٽ ڪلب به نه آهي. انهن هوٽلن ۾:
(1) انٽرڪانٽينينٽل
(2) هوٽل لنڪا وابيراءِ
(3) هوٽل لوينسپا
(4) هوٽل پلاڪ ٽوئر اِن
(5) هوٽل ٿيئرو بين قابل ذڪر آهن.
هوٽل انٽر ڪانٽينيشنل کان سواءِ ٻين هوٽلن تي توهان کي سڃ نظر ايندي. هوٽل انٽر ڪان مهنگي آهي. پر بئند پروگرام چڱو اٿس ۽ فلورڊانسنگ ۾ پڻ چڱي رش هوندي اٿس. مشرق جي ٻين شهرن وانگر هت عرب گهٽ نظر آيا، پر هت انٽرڪان هوٽل ۾ اسان کي ٻه ٽي عرب نظر آيا، جيڪي ڪارين سنهالين ڇوڪرين سان گڏ وڌيڪ ڳورا نظر اچي رهيا هئا. پر ايڏو خوش ۽ سرها ڪونه نظر آيا، جهڙا بينڪاڪ جي لائيف شو پروگرامن ۾، منيلا جي نائيٽ ڪلبن ۾ ۽ چينٽنگ هاءِ لينڊ ۽ مڪائو جي ڪئسينون ۾ خوش نظر ايندا آهن. اصل نور پيو وسندن منهن مبارڪ مان.
رات ڪافي گذري چڪي هئي. اسان پنهنجي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. رستي تي برسات ٿورو اڳ پيل محسوس ٿي رهي هئي. اسان هوٽل پهچي آرامي ٿياسين. صبح جو سوير تيار ٿي ٽيڪسي ڪري ڪئنڊي (Kandy) روانا ٿياسين. سوير هئڻ ڪري اسان رسيپشن واري کي فون ڪري چيو ته اسان جي ڀر وارين ڇوڪرين کي ٻڌائجو ته اسان ڪئنڊي وڃون ٿا. ۽ رات جو موٽي اينداسين. ڪئنڊي بسون جام وڃن، پر اسان ڪار ٽيڪسي ڪري وياسين. هڪ ته سهوليت ٿيندي ٻيو رستي تي ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ شهر به گهمي سگهون ۽ رستي تي ربڙ جا ڪارخانه به ڏسي سگهون. شهر کان ٿورو ٻاهر نڪتاسين، ته اسان جي ٽيڪسي ڊرائيور اسان کي هٿ جي اشاري سان مٿي پهاڙي تي هڪ بنگلو ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته هي گهر اڳوڻي وزيراعظم مسز بندرا نائيڪي جو آهي. اسان رستي تي پهريائين، هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ بيٺاسين. جتي ٻار ۽ عورتون ڪچا ناريل پاڻي سان ڀريل کڻي بيٺا هئا ۽ اهڙيءَ طرح اشارا ڏيئي رهيا هئا، جهڙيءَ طرح ٺٽي کان ڪراچي ويندي، ٺٽي کان ٻاهر ڄام واهه ۽ گجي وٽ ماڻهو هٿن ۾ مڇيون جهليو ڪارون وارن کي پيا وٺڻ لاءِ اشارا ڏيندا آهن. اسان جي چوڻ کان سواءِ ٽيڪسي واري ڪار جهلي اسان کي چيو ته ناريل جو رس پيئندا، تمام سٺو آهي. سڄي ناريل جو پاڻي هڪ رُپئي جو آهي، اسان سمجهيو ته شايد، ٽيڪسي وارن جي هنن سان ڪنيڪشن آهي يا پنهنجي مُلڪ واسين تي رحم کائي ٿو، جئين هنن غريبن جو واپار ٿئي. ڇو ته آئون سمجهان ٿو ته سواءِ انهي ڌنڌي جي ٻيو ڌنڌو انهن غريبن جو شايد ئي هجي. اسان ٻن ٻن ناريلن جو رس پيتو ۽ ڊرائيور کي پڻ پياريوسين. ۽ پوءِ اڳتي لاءِ روانا ٿي يواسين. پنجاهه کن ڪلوميٽرن کان پوءِ ٽيڪسي واري هڪ رٻڙ جي ڪارخاني وٽ ڪار بيهاري، جيڪو بلڪل روڊ تي هو.
ڪارخانو وڏو ڪونه هو پر چڱو خاصو هو. ڊرائيور اسان کي پهرين مئنيجر وٽ وٺي ويو ۽ سنهاليءَ ۾ ساڻس ڳالهايائين. جنهن اسان سان ماڻهو گڏي ڇڏيو، جيڪو تفصيل سان اسان کي ڪارخانون ڏيکاريندي، هر ڳالهه بابت تفصيل انگريزي ۾ سمجهائيندو هليو، ته ڪهڙي نموني ۽ ڪيترن مرحلن کان پوءِ رٻڙ مڪمل تيار ٿئي ٿو. رٻڙ ته پهريائين بلڪل کير جهڙو هوندو آهي. پوءِ گرم ڪندا ۽ مختلف مرحلن مان ڪڍندا نيٺ وڃي کيس رٻڙ جي شڪل ڏيندا آهن. آئون سمجهان ٿو ته رٻڙ جو نعمل البدل اڃان تائين دنيا تيار ڪري ڪونه سگهي آهي. جو هيڏي گرمي ۽ هيڏي وڏي طاقت ۽ بار سان به کيس هوائي جهاز جو هيٺ زمين تي لهندي ۽ گرم ترين علائقن ۾ وڏن آئل ٽينڪرن ۽ ڪئريئرن کي ذرو نقصان به ڪونه ٿو ٿئي. شايد رٻڙ جا اهي ڦيٿا نه هجن ها ته هيليڪاپٽر ته هجن ها، پر هي جمبو ۽ ڪينڪارڊ شايد خلائي سياري وانگر ڪنهن سمنڊ ۾ لاهڻا پون ها. رٻڙ جي ڪارخانن ۾ تمام گهڻي ڌپ ٿيندي آهي، خاص ڪري جڏهن رٻڙ جو کير وڏين ڪڙهين ۾ گرم ٿيندو رهندو آهي. اسان ڪلاڪ کن هن ڪارخاني گهمڻ کان پوءِ ٻاهر نڪري اچي هوٽل ۾ ويٺاسين. جتي ڪوڪ پي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين. موسم وڻندڙ هئي، سنهي بوند، چو طرف گهڻي ساوڪ واري ماحول کي حسين ڪري ڇڏيو هو. رٻڙ جا وڻ، ناريل جا وڻ، چانهه جا ٻوٽا ۽ ٻيا مختلف ساوا وڻ، بوند ۽ برسات ڪري صاف ۽ سهڻا لڳي رهيا هئا. 115 ڪلوميٽر جو هي ڪولمبو کان ڪئنڊي تائين مفاصلو ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ پورو ٿي ويو. ڏسندي ئي ڏسندي اچي 1500 فٽ ڪولمبو کان مٿي هن هل اسٽيشن تي پهتاسين، جيڪوسري لنڪا جو ڪافي وڏو شهر پڻ آهي. آئون اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته ڪئنڊي سنهالين جي آخري حڪومت جو هيڊڪوارٽر پڻ هو. جنهن کي انگريزن ختم ڪري پنهنجي باقي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.ڪئنڊي تمام پراڻو ۽ خوبصورت شهر آهي. هن شهر ۾ تمام گهڻيون عبادت جون جڳهيون آهن. جنهن ۾ گهڻائي ٻڌن جي مذهبي جڳهن جي آهي. تنهن کانپوءِ هندن جا مندر ۽ عيسائين جا چرچ به ڪافي انداز ۾ آهن. هتي شهر جي وچ ۾ هڪ بهترين ڍنڍ پڻ آهي، جيڪا پراڻي زماني ۾ سنهالين جي آخري بادشاهه سري راجا سن گهي (Sri Raja Sin Ghi) ٺهرائي، جيڪو شهر جي وچ ۾ خوبصورت لڳي ٿي. ڪئنڊي سري لنڪا جي وڏي ندي مهاويلي (Mahawali) جي ڀرسان آهي.
سري لنڪا هڪ سهڻو ساوڪ سان ٽمٽار ملڪ آهي جنهن جي چوطرف سمنڊ آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ سهڻن سامونڊي تفريح گاهن ۽ خوبصورت هل اسٽيشنن جي ڪابه کوٽ نه آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته هتي ڪئنڊي جهڙي ٻي ڪا هل اسٽيشن مشڪل هجي. هي سنهالي تهذيب، ثقافت ۽ حڪومت جو هميشه مرڪز رهيو آهي، جنهن ڪري هن جي پنهنجي انفراديت آهي جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي. ڪئنڊي سنهالي روايتي، ثقافتي نوادرات جو بهترين خريداري مرڪز آهي. جتي سياح خريداري پڻ ڪري سگهن ٿا. سنهالي ڪئنڊي جي ويجهو ننڍا ننڍا ڳوٺ پڻ ثقافت جا مرڪز آهن. جتي توهان ڪئنڊي کان وڌيڪ سستي خريداري ڪري سگهو ٿا. اسان سڄو ڏينهن ڪئنڊي ۾ هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه وڙڪندا رهياسين، ٻنپهرن جي ماني اسان هن سهڻي ڍنڍ جي ڀرسان هڪ ننڍي پر خوبصورت هوٽل امپالا ۾ کاڌي، جيڪا هڪ هندستاني جي هئي. اسان شام جي چانهه اتي پيتي. ڪئنڊي ۾ رات رهڻ لاءِ ڪافي بهترين قسم جون هوٽلون آهن، جن ۾ هي مشهور ۽ سٺيون هوٽلون آهن.
() ڪاسامارا (Casamara)
(2)ڪئسل هِل گيسٽ هائوس
(3)ليڊي هل (Lady Hill)
(4)مهاويلي ريچ (Mahaweli Reach)
(5)اُوبيراءِ ڪوئينس (Oberoi Queens)
(6)سوئيسي (Suisse)
(7)ٽوپاز (Topaz)
انهيءَ کان اڳ جو رات ٿئي اسان ڪئنڊي جي سونهن ۽ سوڀيا کي سئو سئو سڪ مان سلام ڪندي ڪولمبو لاءِ روانا ٿي وياسين. جتي رات نيڻون نير وهائي اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. ڪولمبو شهر رات جو معمول مطابق ننڍاکڙين اکين سان جاڳي رهيو هو. ڪا ايڏي دير نه ٿي هئي. پر شهر ۾ ڪا خاص رش به ڪانه هئي. اسان جي ڪار سڌي اسان جي هوٽل جي اڳيان اچي بيٺي. ٻاهر بيٺل بيري اسان جي ڪار جو دروازو کولي اسان کي نوڙي سالم ڪيو ۽ همراه ڊوڙندو ڪار جي پٺيان ڊگي ڏانهن ويو، پر ڊرائيور سنهالي ۾ ڪجهه چيس ۽ همراه واپس اچي هوٽل جو دروازو اسان لاءِ کوليو. اسان ڪائونٽر تان پنهنجون چاٻيون کڻي سڌا ڪمري تي پهتاسين. ڊاڪٽر ڪافي شاپ (Coffe Shop) ۾ فون ڪري چيو ته برف ۽ چپس ڏياري موڪليو ۽ ماني ڪلاڪ کان پوءِ موڪلجو ۽ آرڊر پڻ ٻڌاين، ته ڇا ڇا موڪلجو. ۽ ڊاڪٽر هوائي جهاز وارن همسفرن لاءِ هوٽل فون آريٽر کي چيو جنهن نمبر ملائي ڏنو. ڊاڪٽر ساڻن فون تي ڳالهايو ۽ چئين ته ٻن ڏينهن کان ڏسڻ ۾ ڪونه پيون اچو. پاڻ ٻڌايائون ته اسان هتي ئي ڪولمبو ۾ آهيو، اسان توهان جي پڇا ڪئي، پر توهان نه هئا. ڊاڪٽر ٻڌاين ته ڪالهه اسان هتي هئاسين. اڄ سوير ڪئنڊي ويا هئاسين ۽ اچڻ شرط توهان کي فون ڪئي اٿئون. پاڻ چئون ته اسان کي وٺي هلو ها ته اسان به هلون ها. توهانجو سڀاڻي ٻاهر پروگرام هجي ته اسان کي به وٺي هلجو. ڊاڪٽر کين چيو ته سڀاڻي اسان هتي شهر ۾ هونداسين، شهر ۾ ڀلي اسان سان گڏجي هلجو. ڊاڪٽر فون تي هٿ رکي چيو، پتن راند پيون ڪن، چون ٿيون ته اچو ته گڏجي کيڏون. مون چيو ته ٻي ڪا صلاح هڻن ته حآصر آهيون. پر پتا ڪير ٿو کيڏي هيڏي رات جو. سو ڊاڪٽر کين صبح جو ملڻ لاءِ چئي فون کڻي بند ڪئي. پرءِ آئون ۽ ڊاڪٽر وڌيڪ سفر جو پروگرام ڪهڙي ريت مرتب ڪجي، واري پروگرام تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي وڃي نندرا ديوي جي گود ۾ ليٽياسين.
صبح جو دستور مطابق اُٿي تيار ٿي، ناشتو ڪري آمريڪن ڇوڪرين کي فون ڪيسون. انهن چيو ته اسان بلڪل تيار آهيون. اجهو ٿيون اچون. مون رسيپشن واري کي فون ڪري چيو ته اسان کي سڄي ڏينهن لاءِ گاڏي ڀاڙي تي گهرجي. پاڻ چيائين ته رات جو گاڏي بُڪ ڪرايو ها ته بهتر هو، پر آئون ڪوشش ڪري گاڏي جو بندوبست ڪري توهان کي فون تي ٻڌايان ٿو، اميد ته توهان کي انتظار ڪرڻو ڪونه پوندو. هتي پاڪستان يا ٻاهرين ملڪن ۾ گهڻو ڪري سڀني فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ۽ پڻ سڀني وڏين هوٽلن ۾، آرام ده ڪارون ۽ ويگنون هونديون آهن. پر انهيءَ لاءِ کين اڳواٽ چئبو آهي. پر هتي ڪولمبو ۾ سياحن جي ايڏي رش ڪانهي، جو صفا ڪا سواري نه ملي. وري اسان کي اها رات جو ڳالهه ذهن ۾ به ڪانه هئي. پر صبح جو خيال ڪيوسين، ته مهمان سڻبا آهن. سو ڪار ۾ وڌيڪ مزو ايندو. نه ته هؤن ٽوئرسٽ گهڻو ڪري ملڪ کان ٻاهر پيسو کپائيندي ڏاڍو محتاط هوندو آهي، پر هت ته مسئلو ئي ٻيو هو. سو اسان به سڄي ساري هوٽل جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪار کڻي بُڪ ڪرائي ته متان سمجهن ته سنڌين هٿ ڦاڙي بند ڪري ڇڏي آهي. سيگر ۽ سندس سهيلي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري اطلاع ڏنو ۽ اندر آيون. اسان کين پروگرام ٻڌائي چيو ته هتان شهر جو ٽوئر ڪري ٻنپهرن جي ماني کان پوءِ هاٿين جو شو (Elephant Show) ڏسي، ڪنهن بيچ جو چڪر لڳائي پوءِ اتان بينڪاڪ ۽ منيلا لاءِ ٽڪيٽ O.K ڪرائي واپس هوٽل تي اچبو.
اسان سڀئي لهي اچي هيٺ رسيپشن تي ويٺاسين. رسيپشن واري چيو ته مون ڪار واري سان ڳالهائي ڇڏيو آهي، اچڻ ۾ هوندو.
اسان ڪجهه دير اخبارون ۽ رسالا ڏٺا ۽ پڻ اکين اکين ۽ اشارن اشارن ۾ اسان واري مال غنيمت جي ورهاست پڻ ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر ڪجهه اعتراض اٿاريا، پر تيستائين رسيپشن واري ٻڌايو ته ڪار باهر بيٺي آهي. اسان سڀ ٻاهر نڪرڻ لاءِ اٿياسين، هوٽل جي بيري جهڪي هوٽل جو دروازو کوليو ۽ گڊمارننگ ڪيو. سچ پچ ته، عورت ساڻ هجي (پر پنهنجي نه) کيسو گرم هجي، موسم سهڻي هجي، ڪوبه کٽڪو نه هجي ۽ هيڏي عزت هجي جو ڪار ۽ هوٽل جو دروازو کولڻ وارو ٻيا هجن پوءِ مڙس جو اصل مٿو ئي ويو. خبر تڏهن وڃي پوندس، جڏهن زرعي بينڪ جي انسپيڪٽر ۽ تپيدار جي نوٽس جي شڪل ڏسندو ۽ دل ئي دل ۾ چوندو. مار هاڻ ته سر ئي ويو. سو سائين اهڙن کٽڪن کان بي نياز اسان به وڃي ڪار ۾ ويٺاسين، ته بيري ڪار جو دروازو به پاڻ بند ڪيو. آئون اڳيان ويٺس، ڳالهائڻ تبديل ٿي ويو هو. باقي نس جي رفتار جي ته کيس خبر هوندي. ڇو ته پراڻو ڊاڪٽر هو ۽ ڊاڪٽرن جا اهڙا حال ڪونه هئا، جهڙا اڄ آهن. يعني وارڊ ۾ ٻه نرسون ته ويهه ڊاڪٽر. پر اسان وارو ڊاڪٽر ان وقت جو ڊاڪٽر هو. جڏهن وارڊ ۾ ٻه ڊاڪٽر ۽ ويهه نرسون هونديون هيون. ۽ جڏهن ڊاڪٽر وارڊ اندر ايندو هو رائونڊ تي، تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ته انگريز جيل سپريٽينڊنٽ جيل جي ماهوار رائونڊ تي نڪتو آهي. جتي پکي جي آواز جي به جواب طلبي ٿيندي هئي، ته هي ڇو پيو آواز ڪري. سو سائين اسان جو ڊاڪٽر صاحب به بقول ڀٽو صاهب ته ليگون ۾ ليگ قيوم ليگ هو. سو هرو ڀرو صرف رانو گسڻ تي ماٺ ڪري ويهڻ وارو ڪونه هو. سندس دل جي جڳهه تي بيڊفورڊ ٽرڪ جر انجڻ فٽ ٿيل آهي.
ٽيڪسي واري پچيو ته ڪيڏانهن هلبو؟ اسان ٽيڪسي واري کي چيو ته اان جي هنن محترمائن کان پڇو. جن کيس فرمايو ته فورٽ جي علائقي ۾ هلو. ٽيڪسي واري اسان کي هلي فورٽ وٽ لاٿو. جتان ڪلاڪ کن نوس نوس ڪري، اچي هڪ هوٽل تي ٿڌو پيتو سون. جنهن کان پوءِ شهر جون ڪجهه مکي جڳهيون ڏٺيوسين، تنهن کان پوءِ ماني کائي سڌو هاٿين جو شو ڏسڻ آياسين. جيڪو هڪ باغ اندر هو. مون کي هينئر باغ جو نالو ڪونه ٿو اچي. پر باغ تمام وڏو ۽ سهڻو هو. جنهن ۾ هڪ عاليشان ڍنڍ پڻ هئي. اسان ڪجهه وقت باغ ۾ ۽ ڍنڍ جي ڪناري وٽ فوٽو ڪڍيا ڪڍيا، جنهن کان پوءِ هاٿين جو شو ڏيکارئون جنهن ۾ ڏهن ٻارهن جي تعداد ۾ هاٿي هئا. جن ڪيئي ڪرتب ڏيکاريا، جيڪي خاص ڪونه هئا. انهيءَ کان پهرين بنئيڪاڪ کان ٿورو ٻاهر روز گارڊن ۾ هاٿين جو مون بهترين شو ڏٺو، ڏاڍو سٺو هو. جنهن جي ڀيٽ ۾ هي پروگرام ڪو خاص ڪونه هو. هي پروگرام ڪري اسان سمنڊ جي ڪناري تي اچي ويٺاسين. جتي ڪافي رش هئي ڪيترائي غير ملڪي سياح وهنجي رهيا هئا. هنن محترمائن مان هڪ، يعني سيگر سا به سمنڊ ۾ وهنجڻ لاءِ تيار ٿي پاڻي ۾ شارڪ مڇي وانگر هلي ويئي.
اسان ٻاهر ويهي ابتيون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين، ڪافي دير کان پوءِ سيگر آئي کيس سفيد سنهي قميص پيل هئي، پُسڻ ڪري سندس بدن سان چهٽي ويئي هئي. سندس سڻڀا اُراه صاف نظر اچي رهيا هئا. سيگر تمام سهڻي هئي جنهن کي ڏسي مون کي حقيقت هوندي به ڊارون تي چڙ اچي رهي هئي، ته انسان باندر جي روپ مان هن درجي تائين پهتو آهي. يعني سيگر باندري کان پوءِ هن مقام تي پهتي هئي!
ٽائيم ڪافي ٿي چڪو هو اسان کي ايئرلائين آفيس به وڃڻو هو. سو هلڻ واري ڪئيسين. پهرين ايئرلنڪا وارن جي آفيس ۾ آياسين جتي پنهنجي ٽڪيٽن جي باري ۾ معلوم ڪيوسين. آفيس ڪائونٽر تي ويٺل هڪڙي سانوري سلوني ڇوڪري کان اسان جي ٽڪيٽ جي باري ۾ معلوم ڪيوسون، جنهن ڪمپيوٽر کان معلوم ڪري ٻڌايو ته توهان جا ٽڪيٽ بئنڪاڪ ۽ منيلا لاءِ اڳ ۾ ئي O.K آهن. اسان آفيس مان سڌا هوٽل تي آياسين صبح جو سوير ڇهين وڳي فلائيٽ هئي، تنهنڪري اسان سوير ماني کائي سامان ٺيڪ ڪري سمهي پياسين. صبح جو سوير هوٽل رسيپشن واري بيل وڄايو کٽڪي جي ننڊ هئي هڪڙي بيل تي اٿي پياسين، جلدي جلدي تيار ٿي رنگ ڪئي سين، بيرو آيو اسان جو سامان هيٺ لائونج ڏانهن کڻي هليو، اسان بل وغيره اڳم ئي ڏيئي ڇڏيا هئا. هوٽل جي ڪار ۾چڙهي ايئرپورٽ روانا ٿياسين، ٻاهر موسم تمام دلڪش هئي، برسات پئجي چڪي هئي پر وڻن مان اڃان تائين پاڻي هيٺ زمين تي ڪري رهيو هو. هيٺ برسات جي پاڻي ۾ ساون وڻن جا پاڇا صاف نظر اچي رهيا هئا.
اسان جي ٽيڪسي اچي ايئرپورٽ تي پهتي. ڊاڪٽر کي چيم توهان سامان لاهرايو آئون ٽرالي کڻي اچان. ايئرپورٽ تي ڪافي ٽراليون ٺلهيون پيون هيون. ڇو ته ڪولمبو ايئرپورٽ مصروف هوائي اڏو نه هو، جتي هوائي جهازن ۽ مسافرن جي رش ۽ گهما گهمي هجي. پر هتي اسان جي فلائيٽ کان سواءِ ٻي صرف هڪ انٽرنيشنل فلائيٽ هئي جنهن ۾ به ڪا خاص رش ڪانه هئي. آئون ٽرالي کڻڻ لاءِ اڳتي وڌيس ته ڪيترائي پورٽر (هوائي اڏي جا ڪولي) ايئين وڪوڙي ويم جيئن سجاول ۽ ٺٽي ۾ فقير ماڻهوءَ کي گهيري ويندا آهن.
آئون به ڪڇڻ پڇڻ جي سواءِ ٽراليءَ کي گهليندو اچي ڊاڪٽر ڀيڙو ٿيس. اسان سامان ٽرالي ۾ رکي ايئرلنڪا جي ڪائونٽر تي اچي بيٺاسين. هن فلائيٽ تي ڪافي رش ڏسڻ ۾ آئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ کان بمبئي ۽ بمبئي کان ڪولمبو لاءِ ايئرلنڪا جي جهازن ۾ اُڏام ڪئي هئي تڏهن اُهي ٻئي جهاز ننڍڙا هئا. پر هي 747 يعني جمبو جهاز هو جنهن ۾ 400 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش هوندي آهي، سو ڪافي مسافر ڏسڻ ۾ پئي آيا. اسان پنهنجا ٽڪيٽ ڪائونٽر تي ويٺل محترمه کي ڪڍي ڏنا، جنهن ٽڪيٽ وٺي ٺپو هڻي ٽڪيٽ نمبر لڳائي اسان کي واپس ڪيا ۽ سامان جا ٽئيگ پڻ ڏنا. اسان باڊي سيڪيورٽي چيڪنگ کان پوءِ سڌا لائونج ڏانهن روانا ٿياسين. اندر وڌيڪ رش هئي اسان به ڪنڊ جهلي وڃي بيهي رهياسين اسان چيو ته ڪولمبو کان بئنڪاڪ تائين رڳو ويهڻو آهي، سو ڪجهه وقت بيهون ته بهتر.
ڊاڪٽر چيو ته ناشتو ڪيون. هوٽل وارن ناشتي جي عادت وجهي ڇڏي آهي. مون چيو ايئرلنڪا وارا ايترا کُٽلَ ڪونه آهن جو جهاز ۾ ناشتو به نه ڪرائين باقي چانهه پيئون ٿا. سو اچي ڪائونٽر تي چانهه پيتيسن چانهه اڃان اڌ به مَس پيتيسن ته سهڻي سنهالي آواز ۾ انائونسمينٽ ٿي، پر ڪجهه به ڪين سمجهيوسين رڳو ڏٺوسين ته همراه پنهنجا سامان کڻي اڳتي وڌڻ لڳا. تيسين انگريزيءَ ۾ انهيءَ سريلي آواز ۾ اعلان ٿيو ته هلو ته هلؤن بئينڪاڪ. اسان به تڪڙا ٻاهر بيٺل بس ۾ اچي ويٺاسين. ٻاهر سنهي سنهي ڦڙ ڦڙ وسي رهي هئي. موسم پياري لڳي رهي هئي. اسان شيشن مان انهيءَ پياري موسم کي اڃان ڏسي رهيا هئاسين، ته بس جهاز جي اڳيان اچي بيٺي. مسافر سڀ هڪ هڪ ٿي هيٺ لهندا ۽ جهاز ۾ چڙهندا ويا. جهاز جي دروازي وٽ ايئرلنڪا جون سانوريون ۽ بانوريون نمڪين ايئرهوسٽيس هڪ هڪ مسافر کي اهڙي سهڻي مُرڪ سان ڀلي ڪار ڪري رهيون هيون، جو جهاز ۾ اندر وڃڻ تي دل ئي ڪانه پي ٿي پر ايڏي ته وڏي قطار هئي جو ٿوري به دير ٿئي ها ته شايد سڄي قطار جو عذاب نازل ٿي وڃي ها. سو تڪڙا وڃي جهاز ڀيڙا ٿياسين اُتي ٻي بيٺل ايئر هوسٽيس هر هڪ مسافر کان سندس ٽڪيٽ وٺي ۽ سيٽ نمبر سمجهائي رهي هئي اسان به سمجهايل نمبر ڏانهن روانا ٿياسين ۽ وڃي پنهنجي نمبر واري سيٽ ڀيڙا ٿياسين. سهڻين سهڻين صورتن ۽ خوشين سان ٽمٽار ٽهڪڙن جي وچ ۾ اسان به پاڻ کي خوش نصيب محسوس ڪرڻ لڳاسين. ٽهڪ ته ڊاڪٽر ۽ مون کان ڪونه نڪتا پر خوشين ڀريل مسڪراهٽ سان هڪ ٻئي کي ڏسندا ۽ ايئرلنڪا جي هن اُڏام کٽوليءَ ۾ زمين تان کڄي آسمان تي پهچي وياسين.
امير ملڪن جا امير ماڻهو اسان جي مٿئين ڪلاس کان وڌيڪ زندگي جون خوشيون ٿا ماڻين. انهيءَ جو وڏو سبب هنن جي تعليم تربيت، جهموري ماحول، قانون جي حڪمراني، قانون جو احترام، پريس جي آزادي ۽ وڏي ڳالهه ته هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام ۽ وقت جو قدر آهي.
اسان جو غريب مسڪين ماڻهو ته ازل کان سورن ۾ آهي. ايتري هو ويچارو غلطي ئي ڪونه ٿو ڪري جيتري هن کي سزا ٿي ملي. پر اسان جو مٿيون ڪلاس پڻ پنهنجي ئي بي ايمانين کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ سدائين چورن جهڙي زندگي ٿو گذاري، جنهن ۾ هن کي خوام خواه پڇ لٽڪائو ۽ بزدل ٿو بنجڻو پوي، جنهن ڪري هو هميشه هيسيل ۽ گيدي ٿو رهي. ۽ اهڙي ماحول ۾ هميشه اندر ۾ کاڌل ۽ پاڻ کي غير محفوظ ٿو سمجهي. انهي ڪري هن جي منهن تي هميشه ڪوڙي مرڪ هوندي آهي. ۽ هن جي دل ۾ هميشه ننڍڙي ۽ سطحي سوچ ئي جنم وٺندي آهي.
اوچتو ڊاڪٽر سوال ڪيو ته هيءَ محترمه (ايئرهوسٽيس) فرمائي ٿي ته جوس پئيندا يا ڪافي. مون پڇيس ته مانيءَ جو به ڪو آسرو ڏي ٿي يا رڳو انهيءَ تي زور اٿس. چيائين ته پڇينس، مون چيس ته ٿوري دير ترس. مون کيس چيو ته جوس کڻي اچ. جوس سندس ٽرالي تي رکيو هو سو يڪدم اسان کي ڏيئي پاڻ اڳتي رواني ٿي. انهيءَ کان پوءِ وري ٻي محترمه سينٽ، لاڪيٽ، سگريٽ، ننڍڙا سُهڻا رومال ۽ انگورن جي رس سان ڀريل شيشا ٽراليءَ ۾ کڻي اچي اڳيان بيٺي. ايئرلنڪا جي مونوگرام سان ڏاڍا سهڻا لاڪيٽ هن وٽ هئا، جيڪي مون ٻه خريد ڪيا.
ڊاڪٽر سگريٽ ۽ سينٽ ورتو.
جهاز اندر هي شيءِ ڊيوٽي فري هوندي آهي، جنهن ڪري سستي هوندي آهي. ٿوري ئي دير ۾ ناشتو ڏنائون. بک به ڪافي هئي سو سُنت محمدي مطابق ٿانوَ بلڪل صفا ڪري ڇڏياسين. هونءَ به ڪولمبو جي هوٽل وارن ٻن ڏينهن ۾ ڳري ناشتي جو عادي ڪري ڇڏيو هو. ناشتو مفت جو ملندو هو، جنهن ڪري کائڻ ۾ ڪا به غفلت ۽ سستي نه ڪبي هئي. پاڻ هڪ ٻئي کي تاڪيد ڪندا هئاسين ته ڪابه شيءِ بچائڻي نه آهي، مڙس ٿي مانيءَ کي منهن ڏيڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي جي مدد به ڪبي هئي. ايئرلنڪا جي اُڏام ۽ ڊاڪٽر صاهب جي کِلَ ڀوڳَ، ڳالهين جي ڪري وقت جي خبر ئي نه پئي. اسان جو جهاز اچي بينڪاڪ جي Dong Pong انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڀيڙو ٿيو. جهاز کان ٻاهر نڪري هوائي اڏي جي بلڊنگ ڀيڙا ٿياسين.
ٿائيلينڊ ۾ هڪ ئي سٺو انٽرنشنل هي بينڪاڪ جو ايئرپورٽ آهي. باقي گهڻو ڪري سڀئي Domestic اندر ملڪي اڏام لاءِ ايئرپورٽ آهن. منهنجو هي بينڪاڪ ۾ سڌيءَ طرح چوٿون ڀيرو ۽ ٻين ملڪن مان موٽندي وري بينڪاڪ اچڻ جو اٺون ڀيرو هو. جنهن ڪري ٿائيلنڊ اميگريشن جا ڪيترا سارا ٺپا منهنجي پاسپورٽ تي لڳل آهن، سو ايئرپورٽ تي گهڻي پُڇ پڇان ڪونه ڪن.
آءٌ ۽ ڊاڪٽر پهريائين اميگريشن ڪائونٽر تي آياسين. مون کان ته صرف ايترو پڇيائون ته گهڻن ڏينهن جي ويزا کپي ۽ مون چيو ته پندرهن ڏينهن جي، باقي ڊاڪٽر صاحب کان مڙئي ڪجهه سوال جواب ڪيائون. ڊاڪٽر صاحب کي سوالن جوابن کان پوءِ پندرهن ڏينهن جي ويزا ڏنائون. دنيا جي ڪيترن ئي ايئرپورٽن تي اُتي جو اُتي ويزا ڏين ۽ ڪيترن ملڪن ۾ وري اڳواٽ ويزا وٺي پوءِ ان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ڏين. جنهن ملڪ لاءِ اڳواٽ ويزا ضروري آهي. ان ملڪ لاءِ توهان کي ويزا کان سواءِ ڪابه ايئرلائين ٽڪيٽ ئي ڪانه ڏيندي. جيڪڏهن ايئرلائين ٽڪيٽ ڏنو ته قاعدي موجب ان ايئرلائين کي اهو ملڪ پنهنجي ملڪ اندر اچڻ کان روڪي سگهي ٿو يا مٿس جرمانو ڪري سگهي ٿو يا کيس وارننگ ڏيئي سگهي ٿو.
ٿائيلينڊ لاءِ اڳ ۾ ويزا ايئرپورٽ تي ملندي هئي، پر هاڻ اڳواٽ ويزا وٺڻي پوندي آهي جيڪا بلڪل آسانيءَ سان ملي ويندي آهي. پهريائين فارم ڀري ڏيو ۽ ان سان گڏ ٻه سئو روپيه في پڻ آهي جيڪا گهڻو ڪري ٻي ڏينهن ملي ويندي آهي. تڪليف صرف اها آهي جو ٽائيم ٿو خراب ٿئي نه ته ٿائيلينڊ سفارت خانو هر ماڻهو کي آسانيءَ سان ويزا ڏيئي ڇڏيندو آهي.
اميگريشن وارن کان واندا ٿي اچي ڪسٽمر وارن ڀيڙا ٿياسين، پنهنجي واري اچڻ تي سڀ سامان کولائي هر هڪ شيءِ چيڪ ڪري پوءِ جان ڇڏئون. نه ته اڳ ۾ ايئن ڪونه هو. پنهنجي ملڪ ۾ ٽوئرزم کي وڌائڻ لاءِ سياحن سان تمام گهڻي نرمي ڪندا هئا، پر هينئر سختي آهي ۽ ملڪ ۾ جيڪا اڳ سستائي هئي سان هاڻي نه آهي پر تڏهن به پنهنجي ملڪ کان ڪپڙو، سلائي ۽ چمڙي جو سامان وڌيڪ سٺو ۽ سهانگو آهي.
هت ايئرپورٽ بلڊنگ ۾ انفارمينشن وارن جو آفيس آهي جيڪي شهر بابت ۽ هوٽلن بابت ڪافي معلومات مهيا ڪن ٿا ۽ ناڻي جي مٽاسٽا (Money exchange) لاءِ ايئرپورٽ تي بئنڪون آهن، پر هتي اگهه گهٽ ملي سو بهتر سمجهيوسين ته ڪرنسيءَ جي مٽاسٽا ٻاهر ڪريون، جيئن ڪجهه فائدو ٿئي. هوٽلن جي مڪمل خبر چار هئي ته ڪهڙي هوٽل بهتر ٿيندي سو فيصلو ڪيوسين ته جنهن هوٽل ۾ رهبو انهن کان پئسا وٺي ٽيڪسي وارن کي ڏينداسين. ڇو ته اسان وٽ ٿائيلينڊ جي ڪرنسي يعني ڀات نه هئا.
جيئن ايئرپورٽ بلڊنگ کان ٻاهر نڪتاسين ته ٽيڪسين وارا ڦري ويا. هو چئي مون سان هل، هو چئي مون سان هل. مون کي خبر هئي ته بينڪاڪ ايئرپورٽ تي ٽيڪسين وارا ڀاڙو ٻڌائيندا گهڻو آهن. نيٺ لهندي لهندي وڃي پٽ پوندا. سو اسان به ساڻن ريڙهه پيڙهه ڏاڍي ڪئي، نيٺ وڃي هڪڙي ٽيڪسي ۾ ويٺاسين. بينڪاڪ ۾ ريڙهه پيڙهه هر شيءِ تي ٿئي، پوءِ هوٽ: هجي يا ٽيڪسي خريداري هجي يا ٻيو ڪو پروگرام، پر ريڙهه پيڙهه ۽ ڇڏ ڇڏان هر هنڌ ٿئي.
اسان ٽيڪسيءَ واري کي اڳي هوٽل پيتسولا لاءِ چيو هو، سو ڊرائيور اسان جو سامان ڊگيءَ ۾ رکي همراه هوٽل ڏانهن هلڻ لڳو.
اھي روڊ، اُهي ڪراسنگ بِرجس اُهي سپر مارڪيٽون ۽ اُهي سئينما گهر، جن تي مِني نڪ سان هيرو ۽ هيروئن جا وڏا فوٽا لڳا پيا آهن. ٿائي زبان ۾ فلم ۽ فنڪارن جا نالا الله ڄاڻي ڪهڙي فلم ڪهڙو فنڪار، اُهي باغ باغيچا اُهي بسون اُهي ئي ڳورا ٿائي ڊوڙندا ڊوڙندا، پتڪ پتڪ ڪندا فوٽ پاٿن تان اچي وڃي رهيا هئا. سُهڻا سُهڻا نَڪَ، مِٺڙا مِٺڙا ٻار کلندا ٽَپ ڏيندا کلندا ٽَپ ڏيندا هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا اڳتي وڃي رهيا هئا. هتي اڄ مينهن ڪونه وسي رهيو هو جنهن ڪري گهڻي رش لڳي پئي هئي.
اسان جي ٽيڪسي به اچي هوٽل ٻاهران بيٺي آئون هوٽل رسيپشٽ تي ويس، کين سڄي ماجرا ٻڌايم سو همراهن ڀاڙي جا پئسا ڏنا ۽ هوٽل بواءِ کي چيائون ته اسان جو سامان گاڏيءَ مان لاهي کڻي اچ.
ٿائيلينڊ ۽ بينڪاڪ جي تاريخ هن ريت آهي:

سيام ۽ هاڻ ٿائيلينڊ

---

1

ٿائلينڊ کي 1939ع کان اڳ سيام جي سُهڻي نالي سان سڏيندا هئا، پر پوءِ پاڻ کي انگريزن جي ويجهو آڻڻ لاءِ انگريزي اُچار وارو نالو پاڻ لاءِ منتخب ڪيو يعني (Thai Land) معنيٰ ٿائي ماڻهن جي سرزمين يا آزاد ماڻهن جي سرزمين.
اڄ جي دنيا ۾ انگريز، فرينچ، پورچوگيز ۽ ڊچن جتي قومن کي غلام بنايو ۽ سندن معيشت کي پنهنجي ملڪن جي خوشحاليءَ لاءِ استعمال ڪيو، انهن قومن جي ماڻهن کي سندن ڌرتيءَ تي غلام بنائي کين غلاميءَ جو طوق پاتو ۽ انهيءَ سان گڏ سندن اصلي ملڪن، شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا به تبديل ڪيا، جيئن سندن تصور ۽ ذهنن ۾ به اِها ڳالهه نه اچي ته ڪي اسين هاڻ هن ڌرتيءَ جا وارث آهيون پر پاڻ پنهنجي ڌرتيءَ تي پاڻ کي ڌاريان ۽ ٻين کي حقيقي حاڪم تصور ڪن. اِها هڪ وڏي نفسياتي اٽڪل بازي ۽ عياري آهي. مثال منهنجي ڳوٺ جو نالو آهي ٻنون پر چون ته نه ابا انهيءَ جو نالو هاڻ ٻنون نه، پر هاڻ چيچا وطني آهي، پوءِ آئون پنهنجي ڳوٺ سان جيڪا محبت ۽ انس رکان ٿو سا شايد نه رهي ۽ پاڻ کي هڪ بي ملڪو سمجهڻ لڳان ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺ کان مون کي انس ۽ پيار جي جڳهه تي نفرت ٿيڻ لڳي، جيئن اسان وٽ سنڌ کي ون يونٽ جي وقت ۾ ٽن ڊويزنن ۾ ورهايو ويو يعني خيرپور، حيدرآباد، ڪراچي ڊويزنس يا گهڻي ۾ گهڻو ته سابق سنڌ، اسان جي قديم ڍنڍن ڪينجهر ۽ سنهري جي اصلي نالن کي ختم ڪيو ويو. اسان جي قديم ڳوٺ ڳولاڙچي تان سندس قديم نالو گولاڙچي لاهي، هڪ فوجي جنرل ۽ اي، ڊي، سي (A. D. C) جي اڳوڻي چيئرمين اڪرام جي نالي سان مٿس ٽنڊو اڪرام نالو رکيو ويو.
حيدرآباد، ڪراچي شهرن ۾ تقريباّ سڀني نالن کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهنجو مثال ڪراچي ۾ لاکو کيت کي لياقت آباد جي نالي سان. حيدرآباد ۾ مخدوم نوح رحمة نَوَ لکي گودڙي جي نالي کي ختم ڪري عبدالقيوم ڪانپوري روڊ جو نالو رکيو ويو آهي. اهڙا ٻيا به ڪيئن مثال آهن. سو جڏهن انگريزن ڊچن، فرينچن ۽ پورچوگيزن جون حڪومتون ختم ٿيون ته اصل مالڪن غلاميءَ سان گڏ غلاميءَ جي جو دؤر وارا نالا به پنهنجن ملڪن، شهرن ۽ ڳوٺن تان بدلائي پنهنجا اصلي نالا رکيا، جنهن جا ڪجهه مثال هي آهن.
غلاميءَ دور وارو نالو هاڻڪو نالو
سيلون سري لنڪا
ڪمبوڊيا ڪمپوچيا
روڊيشيا موزنبق
ٽوڪيو توڪيو
منٽگمري ساهيوال
جيمس آباد ڪوٽ غلام محمد
پر هنن همراهن ته ڪمال ڪري ڇڏيو ۽ سيام مان اُلٽو ٿائيلينڊ ڪري ڇڏيو.
چون ٿا ته هزارن سالن کان چائينا، ويٽ نام ۽ هندستان جي علائقي آسام جا ماڻهو ڪَهي اچي هن خطي ۾ آباد ٿيا ۽ هندستان جي علائقي آسام جي تهذيب جو مٿن اڄ به ڪافي اٿر آهي.
ٿائيلينڊ ۾ هميشه بادشاهت رهي آهي ۽ اڄ به بادشاهت آهي پر صرف آئيني بادشاهت، ٿائيلينڊ ۾ پهريون ڀيرو جون 1932 ۾ هڪ وڪيل Pridi Phanom Yong (پيريڊي فانوم يانگ) جيڪو فرانس ۾ پڙهيل هو، تنهن ملٽري جي ترقي پسند ڌڙي ۽ ٻين ترقي پسند ماڻهن، جن ۾ پڙهيل لکيل طبقي جو تعداد گهڻو هو، تن جي مدد سان، سواءِ ڪنهن خون خرابي جي بادشاهه جي سڄي عملي کي گرفتار ڪري بادشاهه کان آئيني بادشاهت مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. پر بادشاهه ملٽري جي رجعت پرست جنرلن جي مدد سان، سواءِ ڪنهن خوف خرابي جي بادشاهه جي سڄي عملي کي گرفتار ڪري بادشاهه ملٽري جي رجعت پرست جنرلن جي مدد سان وري حڪومت ٽي قابض ٿي ويو ۽ اسمبلي کي ختم ڪري ڇڏيائين. پوءِ انهي کان وٺي اڄ تائين رجعت پسند جنرل ۽ سويلن حڪومت ڪندا اچن. ٻي جنگ عظيم ۾ ٿائيلينڊ جاپان ۽ جرمني جو اتحاري هو پوءِ جڏهن انهن شڪست کاڌي ته برطانيه جي اثر هيٺ رهيو ۽ برطانيه جو اهو عوج ختم ٿيو ۽ سرمائيدار دنيا جي اڳواڻيءَ جي پَڳ آمريڪا کي ملي ته انهيءَ جي درَ جو دربان ٿيو ۽ اڄ تائين آهي. آمريڪا جا ڪيترا فوجي اڏا ٿائيلينڊ ۾ آهن ۽ پڻ آمريڪا ويٽنام ۽ ڪوريا ۾ پنهنجون فوجون به انهن جي فوج سان گڏ موڪليائين اتي جي عوام سان وڙهڻ لاءِ. ويٽنام جي جنگ دوران سڄو ٿائيلينڊ ويٽنام ۾ آمريڪي فوجن جي لاءِ چڪلي طور استعمال ٿيڻ لڳو ۽ سندس سڄو نسل ئي بگڙجي ويو، ڇو ته آمريڪي فوجي جنگ کان واندا ٿي عيش عشرت لاءِ بينڪاڪ ۾ اچي رهندا هئا ۽ سڄو بينڪاڪ مساج هائوس، نائيٽ ڪلبن ۽ لائيوشوز ۾ تبديل ٿي ويو ۽ پوءِ جڏهن آمريڪا شڪست کائي ويٽنام مان ڀڄي ويو، تڏهن به اُنهن عياشيءَ جي اڏن کي ختم نه ڪيو. پر اڳ صرف آمريڪي فوجن لاءِ اُهي عيش، عشرتون هيون، پر هاڻ هنن همراهن سڄي دنيا لاءِ اهي عيش جا اڏا کولي ڇڏيا آهن. اڄڪلهه بينڪاڪ ۾ عرب سڳورن جي عزت سڀني کان گهڻي آهي.
514000 پنج لک چوڏهن هزار اسڪوائر ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ندي چائو ڦريا (Chao Phyraya) آهي. ٿائيلينڊ جا هي چار مُکي صوبائي مرڪز آهن.
1_ Chiang. Mai چيانگ مئي
2_ Lam Pang لئم پئنگ
3_ Phrae فرئي
4_ Nan نان
ملڪي معيشيت جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي. زراعت ۾ گهڻو ڪري هر آبادي ٿيندي آهي پر سڄي مشرق بعيد وانگر هتي به گهڻي پوک چانورن جي ٿيندي آهي. هتي انڊسٽري به ڪافي ترقي ڪري رهي آهي، خاص ڪري بينڪاڪ شهر ۾ چمڙي جو سامان ۽ ڪپڙو خاص ڪري ٻارن جا ڪپڙا، دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ روانگي واپار جو مکي حصو آهي. بينڪاڪ شهر ۾ انڊسٽري وڌڻ ڪري سڄي ٿائيلينڊ جي ماڻهن بينڪاڪ شهر تي نوڪرين لاءِ رش ڪئي آهي، جنهن ڪري هي شهر وڃي ڏينهون ڏينهن وڏو ٿيندو، جنهن ڪري هاڻ ڪافي گندو ٿيندو وڃي جيئن پاڻ وٽ سڄي پاڪستان جي ماڻهن جو ڪراچي شهر ڏانهن رُخ آهي.
ٿائيلينڊ جا ماڻهو نه رڳو بئينڪاڪ شهر پر ٻين ملڪن ۾ به نوڪري سانگي وڃي رهيا آهن، جنهن ۾ ڀر وارن ملڪن، لائوس، برما، انڊيا، ويٽنام، سائوٿ چائنا ۽ عرب ملڪن ۾ ڪافي تعداد ۾ توهان کي نظر ايندا، خود ٿائيلينڊ جپان جي هڪ وڏي واپار جي منڊي آهي. جتي ڪارون، موٽرون، بسون، ٽرڪون، موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو به ڪافي تعداد ۾ اليڪٽرانڪ جو سامان توهان کي جپان جو نظر ايندو، اهو نه صرف ٿائيلينڊ ۾ پر ايشيا جي چند ملڪن کي ڇڏي باقي هر هنڌ توهان کي جاپاني مال نظر ايندو. ٿائيلينڊ ۾ ڇان بوري (Chon Buri) وٽ ائٽمي ريئيڪٽر پڻ نصب ٿيل آهي. ٿائيلينڊ ۾ آمريڪن فوجن جي رهڻ ڪري جتي هنن کي ٻين عياشين جي ضرورت پئي، اتي هنن T.V جا پڻ ان وقت کان ڪيئن رنگين چئنل شروع ڪيا، جنهن مان ٿائيلينڊ جي ماڻهن کي ٿاقئي ۽ ٻيا ڪيترائي يورپي پروگرام ٻين ايشيائي ملڪن کان اڳ ۾ ڏسڻ نصيب ٿيا. ٿائيلينڊ ڳوٺن ۽ ننڍن ننڍن شهرن تي مشتمل ملڪ آهي. بينڪاڪ ئي ملڪ جو واحد گهڻي آباد وارو شهر آهي.
بينڪاڪ شهر سڄي ملڪ جو ثقافتي ۽ معاشي مرڪز. ٿائيلينڊ جي سهڻي ندي چائو ڦريا (Chao Pharya) بينڪاڪ شهر جي وچ مان لنگهي ٿي. شهر کي ڳنڍڻ لاءِ ڪافي خوبصورت پليون نديءَ تي ٺهيل آهن. پهريائين ندي جي ٻنهين پاسن واريون آباديون جدا جدا ميونسپالٽيون هونديون هيون، پر 1981 ۾ ڪرونگ ٿيپ (Krung Thep)۽ ٿون بوري (Thou Bure)ٻنهين ميونسپالٽين کي گڏي هڪ ميونسپالٽي قائم ڪئي ويئي. شهر ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ جدا پوليس فورس آهي، جيئن پاڻ وٽ اسلام آباد ۾ آهي.
بينڪاڪ شهر ۾ پنج يونيورسٽيون آهن:
چولا لانگ ڪارن (Chula long) يونيورسٽي جيڪا 1916 ۾ قائم ٿي.
ڪئسٽ سارٽ (Kase Tsart)يونيورسٽي جيڪا 1943 ۾ قائم ٿي.
مهيڊال (Mahi Dol) يونيورسٽي.
سلپاڪران (Silpakrnn) يونيورسٽي جيڪا 1943 ۾ قائم ٿي.
ٿاماساٽ (Thamamasat) يونيورسٽي جيڪا 1933 ۾ قائم ٿي.
بينڪاڪ شهر ۾ جيترا ٻڌ جا مندر ۽ مورتيون توهان کي نظر ايندا، شايد ئي دنيا جي ڪنهن شهر ۾ هجن. گهرن جي ڇتين ۽ بالڪونين ۾ پڻ بيشمار گوتم ٻُڌ جون سهڻيون مورتيون توهان کي هر هنڌ نظر اينديون. اسان جنهن هوٽل ۾ رهياسين تهن جو نالو اڳ ۾ ته پنينسولا (Penunsulla) هو، پر هاڻي نيو جو اکر ڳنڍي کيس نيو پنينسولا لکي ڇڏيو آهي. هيءَ هوٽل سريوانگ روڊ تي آهي.
هت ڪافي کاڌي پيتي ۽ رهائش جون هندستاني ۽ ڪجهه پاڪستانين جون هوٽلون آهن. پر هيءَ هوٽل ٿائين جي آهي.
آءٌ ٻه دفعا اڳ به هن هوٽل ۾ رهي ويو هوس، هڪ دفعي منهنجي نهايت ئي عزيز دوست مرحوم عبدالحڪيم شاهه سان گڏ. هوٽل ۾ هڪ سک جو ڪپڙي جو دڪان پڻ آهي، جيڪو سفاري ۽ فل سؤٽ جلدي ۽ مناسب اگهن تي سبي ڏيندو آهي. جنهن کان اڳوڻي دفعي مون ۽ مرحوم عبدالحڪيم شاهه ڪپڙا سبرايا هئا. هن عبدالحڪيم شاهه جو پڇيو. مون کيس ڏاڍي افسوس سان چيو ته پاڻ وفات ڪري ويو آهي.
آءٌ ۽ ڊاڪٽر راجو پنهنجو سامان روم بواءِ کان کڻائي ٿرڊ فلور تي پنهنجي ڪمري ڏانهن روانا ٿياسين. هوٽل ۾ لفٽ به آهي، جنهن ۾ چڙهي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. هوٽل جي مسواڙ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سئو کن پاڪستاني روپيه ٿيندي. هوٽل سُٺي ڊيڪوريٽ ٿيل هئي. وال ٽو وال ڪارپيٽ، سٺا پلنگ ۽ ٻيو فرنيچر. سهڻا پڙدا، ٿائي ۽ انگلش ميوزڪ، ٽيليفون، سٺي روم سروس، اٽيچ باٿ روم، جنهن ۾ باٿنگ ٽپ، البت ديوارن جا رنگ ڪجهه وڻندڙ نه هئا، شايد اتي جي رواج مطابق هجن.
ڊاڪٽر چاءِ لاءِ روم سروس واري کي چيو ۽ پاڻ باٿ روم ڏانهن روانو ٿي ويو. مون وري فون ڪري ڪائونٽر کي چيو ته اڄ جون اخبارون موڪليو ۽ کين چيو ته بينڪاڪ پوسٽ (Bankok Post) ٿائي راٿ (Thai Rath) ۽ سري ناڪران (Sri Nakrou)جون انگريزي ايڊيشن ڪاپيون موڪلجو.
ٿائلينڊ ۾ ٿائي، چيني ۽ انگريزي اخبارون بينڪاڪ مان ڪافي شايع ٿين. هتي پريس تي حڪومت جو ڪافي ڪنٽرول آهي، جنهن ڪري اخبارون بلڪل آزاد ٿي نه لکنديون آهن، پر مڙئي اخبار واري عادت پوري ٿي ويندي هئي. هي اخبارون، بينڪاڪ جون مشهور اخبارون آهن. چاءِ پي اخبارون پڙهي ٿوري دير ٿڪ ڀڃڻ لاءِ وڃي بسترن جو پاسو ورتوسين. پوءِ اُتي تيار ٿي ٻاهر روانا ٿياسين. هوٽل کان ٻاهر بيٺل ٽڪسي وارن اصل تنگ ڪري ڇڏيو هو. هرڪو ٽيڪسيءَ وارو چئي ته منهنجي گاڏيءَ ۾ ويهه ته توکي هتي هتي وٺي هلنداسين، پئسا به گهٽ لڳندا. پر اسان جو صفا هلڻ جي موڊ ۾ ئي ڪونه هئاسين، سو ته همراه ويا خود به خود اگهه ڪرائيندا، تان جو نااميد ٿي ويا منهن ڦٽائيندا. تيستائين هوٽل جي دروازي مان ٻيو عرب سياح نڪتو ۽ اسان جي جان ڇٽي ۽ وڃي انهيءَ همراه تي اُورڙ ڪيائون.

2

آءٌ ۽ ڊاڪٽر پنڌ ئي پنڌ بينڪاڪ فتح ڪرڻ نڪري پياسين. رستي هلندي ڊاڪٽر هڪڙو بوٽ پسند ڪيو، پر اگهه آسمان سان پئي ڳالهيون ڪيون. اسان به چيس ته ٻچا اڌ قيمت ۾ نه وٺي ڏيکاريونس ته مڃائجائين، نه ته جيڪا چور جي سزا سا اسان جي. هڻندي هڻندي نيٺ آڻ مڃيائين ۽ دل ۾ چيو هوندائين ته ٻيلي هي ڪي اسان جي ملڪ کان به غريب ملڪ جا رهاڪو آهن.
اسان دڪان تان لهي وري ٻين دڪانن جا شو ڪيس تاڙيندا اڳتي هلندا پي وياسين. هڪ ڪپڙي جي دڪان تي، ڊاڪٽر اندر هليو ۽ ڪپڙو ڏسي چيائين ته ڪجهه سفاري سؤٽ ٺاهرايون. مون کيس چيو ته پنهنجي ئي هوٽل ۾ هڪ سک جو سٺو دڪان آهي، مناسب اگهن تي ڪپڙا ٺاهي ڏيندو آهي ۽ رلڻو به ڪونه پوندو، هوٽل ۾ ئي ڪپڙا ملي ويندا. ۽ پڻ سڀاڻي اتوار آهي ۽ هتي بينڪاڪ ۾ وڏيون سنڊي بازاريون لڳنديون آهن، سو توکي جيڪا به خريداري ڪرڻ آهي سا اُتان ڪج. هينئر ٽائيم به ڪافي ٿي ويو آهي. هل ته ڪنهن نائيٽ ڪلب ۾ هلون.
هونءَ ته بينڪاڪ سڄو نائيٽ ڪلب ٿيو پيو آهي، پر اسان خيال ڪيو ته ڪنهن هوٽل کي ويجهي نائيٽ ڪلب ۾ وڃون، سو مون ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته ’بُلو هِيون نائيٽ ڪلب‘ هلون (Blue Heaven Night Club) جيڪو پنهنجي هوٽل جي بلڪل ويجهو آهي. سو اسان سڌا نائيٽ ڪلب ڏانهن روانا ٿياسين. هتي بينڪاڪ ۾ لائيو شو جي داخلا لاءِ ٽڪيٽ هوندي آهي، پر ڪنهن به نائيٽ ڪلب ۾ داخلا لاءِ في ڪانه هوندي آهي. پر ان جي عيوض اهو ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊرنڪ وٺو، وڌيڪ توهان جي مرضي وٺو نه وٺو. جي ٿوري دير ۾ ويٺا ته ٺيڪ نه ته ڪانه ڪا هوٽل جي ڊانسر اچي ڀَرَ ۾ ويهي رهندي ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي چوندي ته مون کي به ڪو چُڪو پيار، سو جي هوندي اڳوٽ خبر ته سٺين ڳالهين تان هٿ کڻڻو پوندو، پر جي خبر نه هوندي ۽ همراه سمجهندو ته مڙئي خير آهي ته پوندو وڏي چٽيءَ ۾، پر اها ايمانداري ضروري آهي، ته هر ڊرنڪ توهان جي مرضي سان ايندو ۽ بل ۾ هڪ به ڊرنڪ زياده لڳل نه هوندو ۽ هڪ هڪ ڊرنڪ سان گڏ ويندا بل وٺندا، متان همراه وٽ پيسائي نه هجن ۽ خرچ ئي ڳچيءَ ۾.
ان کان سواءِ توهان بينڪاڪ ۽ منيلا جي ڪنهن به نائيٽ ڪلب ۾، ڪنهن به ڊانسر کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چئي سگهو ٿا ۽ پاڻ جيڪڏهن واندي هوندي ۽ ٻي ڪا مجبوري نه هونديس ته بلڪل خوشيءَ سان توهان سان گڏ هلي هلندي.
رات ڪافي ٿي چڪي هئي، اسان نائيٽ ڪلب مان نڪري ڀر ۾ ئي هڪ هندستاني جي هوٽل چاندني ۾ ماني لاءِ روانا ٿياسين. اڳ ۾ جڏهن بينڪاڪ ۾ اچڻ ٿيو تڏهن هيمشه هن هوٽل يا وري عصمت هوٽل ۾ ماني کائيندا هئاسين، اُها هوٽل جيڪا پڻ هڪ پاڪستاني محترمه جي هوندي هئي. پر هن دفعي هيءَ هوٽل بند هئي. انهيءَ کان سواءِ ٻيون به ڪافي هوٽلون هندستاني کاڌي جون هتي جام هيون، جن ۾ ڪن هوٽلن ۾ رهائش جو بندوبست پڻ آهي ۽ ٻين هوٽلن جي مقابلي ۾ ڪافي سستيون هيون.
اسان چاڙهي چڙهي مٿي هوٽل ۾ داخل ٿياسين. گهڻو ڪري سڀئي هندستاني يا پاڪستاني ماڻهو ويٺل نظر آيا. سامهون رسيپشن هئي، جتي سنڌي هندو مئنيجر ڌنو نظر آيو. جنهن ڏسڻ شرط سڃاتو ۽ ڪافي آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ پڻ چيائين ته توهان هميشه جدا جدا دوستن سان گڏ ايندا آهيو. ۽ انهيءَ پڻ مرحوم عبدالحڪيم شاهه جو پڇيو. مون کيس حقيقت ٻڌائي ۽ پاڻ افسوس جو اظهار ڪيائين.
اسان ڪرسين ڀيڙا ٿياسين ته ٿائي ڇوڪري جيڪا اسان جي ٽيبل تي سروس ڪري رهي هئي، تنهن مينو ڏنو. مون مينو ڏسي هڪ ڳالهه محسوس ڪئي، ڇو ته اڳ جڏهن اچڻ ٿيو هو، تڏهن هن هوٽل جي مينو ۾ سنڌي چپاتي ۽ سنڌي پلاءُ به ٻين کاڌن سان گڏ لکيل هو. پر هينئر لکيل ڪونه هو. سو مئنيجر ڌنو کي سڏ ڪري ماجرا ٻڌايم ته پاڻ چيائين ته واقعي اها غلطي ٿي آهي. توهان هاڻ جڏهن به ايندا ته اها غلطي نه ڏسندا. مون چيس ته يا نصيب وري ڪهڙي خبر ته بينڪاڪ جا وڻ ڏسڻ ٿيندا يا نه. اسان کيس ماني جو آرڊر لکايو، ماني کائي اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. گذريل سفر تي تبصرو ڪندي وڃي نندرا ديويءَ جي حوالي ٿياسين. رات جو دير سان ستا هئاسين، اُنهيءَ ڪري اُٿياسين به دير سان. نيرن ڪري ٻاهر نڪتاسين، ڏٺوسين ته روم جي صفائي ڪرڻ واريون ڇوڪريون ٻاهر اسان جي روم اڳيان اسان جي اُٿڻ جي انتظار سان گڏ ٿائي زبان ۾ ٿان_ ڦان_ مان ڪري رهيون هيون. اسان کي ڏسي پنهنجي ٽهڪڙن کي کڻي بند ڪيائون. ۽ ڪمرو کولي اندر ڪمري ۾ هليون ويون. بينڪاڪ، منيلا، سينگاپور، مليشيا، هانگ ڪانگ، بمبئي، ڪراچي، ڪولمبو ۽ پڻ ٻين ڪيترن وڏن شهرن جي وڏين هوٽلن ۾ روزانو صفائي سان گڏ بسترن جون چادرون، ٽوال ۽ صابڻ ڀلي ڪيترا صاف ڇو نه هجن، پر روزانا ضرور تبديل ڪن ۽ وري بيهر ڪمري کي سُهڻي نموني سجائي ڇڏين. پر جپان جي گادي هنڌ ٽوڪيو ۾ ته روزانو پهرئڻ لاءِ ڪپڙا ۽ چمپل به ڏين ۽ روزانو تبديل پڻ ڪن، کڻي نه استعمال ڪيو تڏهن به هو ضرور ڪپڙا وري ٻيا آڻين. پر هتي ڪپڙا يا چمپل نه ڏين.
اسان خيال ڪيو ته آر توار جو ڏينهن آهي، سو سنڊي بازار جو چڪر لڳايون، اسان ٽيئڪسي ڪري سڌا سَنڊي بازار پهتاسين، هتي جي سنڊي بازار تمام وڏي لڳندي آهي. نه صرف ٿائي پر سڄي دنيا جا جيڪي به سياح هتي اچن سي سَنڊي بازار ضرور اچن. ڇو ته عام دڪانن کان هتي ڪي قدر سستائي آهي. پر خريداري تي ريڙهه پيڙهه هتي به اهڙي نموني سان ٿئي، جيئن ٻين هنڌن. ڊاڪٽر ۽ مون، ٻارڙن جا ڪپڙا خريد ڪيا ۽ ڪجهه ٻيو سامان. پر بازار سڄيءَ جو چڪر ضرور لڳايوسين. هڪ هنڌ اسٽال تي بيهي ٿڌو پي رهيا هئاسين ته هڪ ڇوڪري به اُتي ٿڌو پي رهي هئي، سندس نقش بلڪل پاڪستاني ڇوڪرين جهڙا هئا، پر کيس ڪپڙا انگريزي طرز جا پهريل هئا. اسان پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته ڇوڪري پڪ پاڪستاني آهي، پر اڪيلي اڪيلي، سو خيال ڪيوسين ته خبرون پڇونس. مون کيس اسلام عليڪ چيو، پر پاڻ مرڪي انگريزي ۾ هيلو (Hello) چيو، مون کيس وري هيلو چيو. منهن تي مرڪ ڏسي دل کي آس ٿي ته گڙبڙ جي ڪا ڳالهه نه آهي، سو ڳالهه کي کٽائجي نه پر اڳتي وڌائجي. سو وري انگريزي ۾ پڇيومانس ته توهان پاڪستاني آهيو پر جواب ڏنائين ته پاڪستاني نه پر ٿائي آهيان ۽ هتي جي ئي پيدائش آهيان، پر اڪثر مون کي پاڪستاني يا هندستاني سياح ته ڇڏيو پر خود ٿائي به اهڙو سوال ڪندا آهن ۽ پڇندا آهن ته تون پاڪستاني يا هندستاني ته ڪونه آهين. سو آءٌ اهڙن سوالن تي هري ويئي آهيان ۽ آءٌ خود پنهنجا مهانڊا ڏسي اهو محسوس ڪندي آهيان ته آءٌ واقعي ٿائي ڇوڪرين کان رنگ ۽ مهانڊن ۾ مختلف آهيان. سو مون لاءِ اهو توهان جو سوال ڪو نئون نه آهي. ڊاڪٽر مون کي سنڌي ۾ چيو ته شيءِ ڪم جي اٿئي، رڳو اتي نه ڳالهه کي کٽائي پر وڏي نظر رکي ڳالهه ڪر. مون چيس ته يار بينڪاڪ ۾ اهڙي جنس جي ته کوٽ ئي نه آهي، هرو ڀرو مصيبت ڳچيءَ ۾ ڇو وجهون. پر حقي روزي ڇڏڻ به ته حرام آهي. مون چيس يار هجي پنهنجو ملڪ ته شير آهيون، پر هتي گڙٻڙ ٿي ته خوام خواهه ڏچي ۾ اچي وينداسين. سو صرف نالو پڇيومانس پاڻ ٻڌائين ته منهنجو نالو ڪيسرا جاد آهي. اسان کانئس موڪلائي روانا ٿياسين ۽ پاڻ دير تائين اسان کي ڏسندي رهي.
اسان سَنڊي بازار مان نڪري پنڌ ئي پنڌ ٻڌ مذهب وارن جي بينڪاڪ ۾ وڏي ۽ قديم ترين عبادت گاهه يا پگوڊا امرالڊ ٻڌا (Emeraid Bludha) اچي پهتاسين. جيڪا هڪ قديم قلعي ۾ آهي، جنهن اندر هڪ وڏو پارڪ آهي. ڪافي شاپ سياحن جي خريداري لاءِ پڻ آهن، جيڪي هتي جي تهذيب ۽ تمدن جي شين سان ڀريل آهن. هن قلعي جي اندر ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وڏيون عبادت گاهون آهن، جن ۾ سهڻو ۽ وڻندڙ ڪم ٿيل آهي ۽ اندر صفائي به ڏاڍي هئي. ڪيترا ٿائي ۽ ٻيا سياح انهيءَ مندر ۾ داخل ٿي ۽ نڪري رهيا هئا. جتي ٻڌ جو سونون بت رکيل آهي، اسان به انهيءَ عبادت گاهه ۾ وياسين. آءٌ اڳ به ڪيترا دفعا هي عبادت گاهون ڏسي چڪو آهيان. هن قلعي ۾ پينٽنگ جي گئلري ڏسڻ وٽان آهي.ڪافي وقت ٿي ويو بک به لڳي، سو ٻاهر نڪري ٽڪسي ڪري اچي هوٽل چاندني ڀيڙا ٿياسين.، جتي ويچارو ڌنو اسان جي خدمت لاءِ حاضر ويٺو هو. اچڻ شرط پڇئين سائين ڇا کائيندا. اسان چيس ته جيڪو کارائين. بينڪاڪ جي هندستاني هوٽلن ۾ V.C.R تي هندستاني فلون سڄو ڏينهن پيون هلن. هتي هن وقت مشهور ڊائريڪٽر گرودت جي بهترين فلم پياسيا پئي هلي. جيڪا مون اڳ ۾ ڏٺي آهي، واقعي لاجواب فلم آهي.
ماني کائي سڌا پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. ٿورو ٿڪ ڀڃي وري ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتاسين. اسان جي هوٽل کان ٿوري ئي پنڌ تي پتپونگ جو علائقو آهي، سو پنڌ ڪندا اچي اتي پهتاسين. پتپونگ جو علائقو بينڪاڪ جو تمام مشهور ترين علائقو آهي، جتي بيشمار نائيٽ ڪلبون_ لائيو شوز ڪلبون، بارون، ٿائي ليڊيز ڪشتي شوز، مساج هائوس ۽ ٻين رنگينن جون بيشمار جڳهيون آهن. جتي هر اهڙي جڳهه جي ٻاهران بيشمار عورتن جا ميڙ بيٺا آهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي اندر هلڻ لاءِ روز ڀرينديون رهنديون آهن. هتي توهان کي هر ملڪ جا بيشمار سياح ملندا، پر اندر هڪ ٿائي نه ملندو. سج لٿي کان وٺي ويندي آڌي رات تائين، اندر ٻاهر ڏاڍي رش هوندي آهي. گهٽين ۽ چوڪن تي پوليس تمام گهڻي تعداد ۾ ڏاڍي چوڪس بيٺي هوندي آهي، جيئن ته جهيڙو فساد نه ٿئي، پر ڪڏهن بشني، سياحن جا کيسا ضرور صفا ڪري ويندا آهن. تنهنڪري پتپونگ وڃڻ وقت پئسا ٿورا کڻي وڃڻ گهرجن ۽ پڻ محتياط رهڻ گهرجي، متان پرديس ۾ مشڪل کي منهن ڏيڻو پوي. هونءَ به ملڪ کان ٻاهر پنهنجي رهائش واري هوٽل ۾ جتي توهان کي لاڪرز معمولي مسواڙ تي ملن، اُتي پنهنجو پاسپورٽ_ ڪرنسي ۽ ٻيو قيمتي سامان رکڻ گهرجي ۽ هر وقت هر جڳهه تي محتياط رهڻ گهرجي ۽ هميشه ٻاهر ٻه ڄڻا هئڻ گهرجن. اسان به گهمندي ڦرندي وڃي هڪ نائيٽ ڪلب ڀيڙا ٿياسين. اُهي چهرا مصنوعي ٽهڪڙا_ اُهي لمڪا ۽ ناچڪار، اُهي ڪلب ڊانسرن جون پراڻيون عادتون، اُهي انساني ضمير کي چهڪ، اُهي مردن جون بکيون نظرون، اُهي جسمن جون منڊيون، اُهي جسمن جا سودا، اُهائي دَرندَگِي اُها ئي وحشانيت جيڪا مردن ۾ هزارن سالن کان هلي اچي، اُهي منگولن جي دؤر واريون وحشي نگاهون ۽ عادتون، پر انداز ۽ طريقو مختلف. اڳ ۾ هر گناهه لاقانونيت جو قدم هوندو هو، پر اڄ جي نام نهاد مهذب دور ۾، هر بدمعاشيءَ لاءِ قانون ۾ فقرو موجود، جنهن ۾ انهيءَ بدمعاشيءَ ۽ بيحيائين جو پورو تحفظ ٿيل آهي. نڪو ڊپ نڪو ڊاءُ. ٿلهن قانونن جي مضبوط ڪوٽن اندر، پهريدارن جي پناهه هيٺ نڪو لهر نڪو لوڏو. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته، سڄي دنيا اندر وڌ ۾ وڌ واپار اڄ انساني جسمن جي عزت جو ٿي رهيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن بيحيائيءَ سان وڌي به رهيو آهي.
اسان اُتان کان هوٽل تائين پنڌ ئي پنڌ واپسي کي غير محفوظ سمجهيوسين، سو ٽيڪسي ڪري اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. هوٽل تي چڪن سوپ سلائيز ساڻ کائي سمهي رهياسين. سوير ناشتو ڪري هيٺ ڪائونٽر تي آياسين. اڄ اسان کي پتايا وڃڻو هو. جنهن لاءِ اسان رزرويشن اڳئي ڪرائي ڇڏي هئي ۽ ٽوئررسٽ ڪمپني جي گاڏي اسان کي کڻڻ لاءِ پوري ڏهين وڳي پهتي. گاڏيءَ ۾ چار مرد ٽي عورتون اڳئي ويٺا هئا. اسان کي اسان جي ٽوئر گائيڊ ڇوڪري انگريزي ۽ ٿائي ۾ خوش آمديد چيو، هن ويگن ٽائپ گاڏي ۾ اڃا به ڏهه کن جڳهيون خالي پيون هيون، ٻين هوٽلن مان به هنن ٽوئرريسٽ کنيا، جيڪي پڻ پتايا بيچ هلڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي هوٽلن ۾ اڳواٽ تيار ويٺا هئا، رڳو اسان جي گاڏي پهچڻ جي دير هئي. جڏهن گاڏي فل ٿي تڏهن اسان پتايا ڏانهن روانا ٿياسين. پتايا ڏانهن ويندڙ روڊ تمام ڪشادو ۽ سهڻو ٺهيل آهي.
آءٌ اڳ به ٻه دفعا پتايا بيچ ويو آهيان، پر هن دفعي رستو وڌيڪ سهڻو ۽ سٺو هو. چؤطرف سارين جي پوک پوکيل هئي. ٻيا به فصل هئا پر ٿورڙا. ناريل، پامَ ۽ ڪيلن جا پڻ رستي تي ڪافي فارم هئا. سڄي رستي تي هر هنڌ ڳوٺ ۽ وسندي هئي. پتايا آءٌ سمجهان ٿو ته بينڪاڪ کان ايترو پري آهي، جيترو حيدرآباد کان ڪراچي، پر تفاوت صرف ايترو آهي جو سڄو رستو آباد، سرسبز آبادين ۽ وسندين سان ڀريل آهي. جنهن ڪري روح کي راحت پيئي اچي ۽ مسافري ۾ مزو پيو اچي. اسان جي گائيڊ اسان کي سڄي رستي ۾ هر جڳهه هر شيءِ بابت سهڻي نموني سان کلندي سمجهائيندي هلي. تان جو اچي پتايا ڀيڙا ٿياسين. پتايا پهريائين ته هڪ ننڍڙو مڇي ماريندڙن جو ڳوٺڙو هو، پر هاڻي ته هڪ تمام وڏو ۽ خوبصورت شهر آهي. جتي ڪئين فائيواسٽار هوٽلون آهن ۽ بيشمار سياح هتي اچن ٿا. هتي پتايا ۾ هوٽلن کان سواءِ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ به سياحن کان پئسا وٺي رهائيندا آهن. جيڪو هوٽلن جي مقابلي ۾ گهڻو سستو ٿو پوي. بينڪاڪ وانگر هتي به هندستانين ۽ پاڪستانين جون ڪافي هوٽلون آهن جتي توهان کي هر وقت کاڌو ملندو. پتايا سمنڊ جو ڪنارو آهي ۽ جنهن ڪري سياح جيڪي ٿائيلينڊ اچن ته بينڪاڪ سان گڏ هتي به ضرور اچن، تنهن ڪري هتي به ڪافي رش ۽ رونق آهي. رهائشي هوٽلون هت بينڪاڪ کان ٿوڙيون سهانگيون آهن، باقي کاڌي پيتي جو اگهه تقريباّ ساڳيو آهي. بيچ تي هڪ هوٽل ۾ ٿڌو پيتوسين. اسان مان ڪافي سياح لانچ ۾ چڙهي اندر سمنڊ گهمڻ ويا، پر آءٌ ۽ ڊاڪٽر اُتي ويٺا رهياسين. پتايا جي سمنڊ جو پاڻي هلڪي آسماني رنگ جو ڏاڍو وڻندڙ ٿي لڳو، ڪيترا سياح ننڍين وڏين لانچن ۽ موٽر سائيڪل نما لانچن، جنهن ۾ ٻه ماڻهو چڙهي سگهن ۽ اسٽرينگ پڻ موٽر سائيڪل جهڙو هو. ڪو سياح خود هلائي سگهي ته چاٻي وٺي خود ڪلاڪ ٻه هلائي اچي ۽ هوائي ڇٽي جيڪا هوا جي زور تي ماڻهو کي مٿي کڻي وڃي. انهن ۾ به ڪافي ماڻهو اڏامي رهيا هئا. انهيءَ کان سواءِ پتايا شهر ۾ توهان کي بيچ تي گهمڻ لاءِ ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون به جام ملنديون، جيڪي ڀلي توهان خود ڊرائيو ڪري گهمي ڦري موٽائي اچي هنن کي ڏيو. بيچ تي بيشمار مهانگيون ۽ سستيون هوٽلون توهان کي ملنديون. اسان وٽ سنڌ ۾ منوڙو، ڪلفٽن، هاڪس بي، ڪينجهر، منڇر ڍنڍون ۽ دادو ۾ گور هِل اسٽيشن، ڄام شورو سکر جي پل، مياڻي فاريسٽ انٽرنيشنل معيار جون سهڻيو جڳهيون آهن، صرف اُتي پيسي جي سيڙپ جي ضرورت ۽ سياحن جي دلڇسپي کي مدنظر رکڻو آهي. ڪينجهر ته دنيا جي بهترين جڳهه ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هن تي دل جان سان ڌيان ڏنو وڃي. پر مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪينجهر تي خانگي هوٽلن کولڻ جي ته اجازت ئي ڪانهي صرف پي_ ٽي_ ڊي_ سي (P. T. D. C) وارن جون ٻه هوٽلون آهن، جن تي بيڪار ماني ملي، جنهن مان ڌپ پيئي اچي سابه گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ملي. ڪنهن به قسم جي سياحن لاءِ انٽرنيشنل ليول جي سهوليت نه آهي. اُهو ئي ڪارڻ آهي جو هينئر پاڪستان ۾ سياح بلڪل نه برابر ملندا. ڪراچي ۾ جيڪي به غير ملڪي توهان ڏسندا سي صرف سفارت خانن، غير ملڪي فرمن، سرڪاري يا غير سرڪاري وفدن جا ميمبر ۽ ملازم هوندا. باقي صرف سياحت لاءِ چند ماڻهو ايندا آهن، جيڪي به صرف تاريخي اهميت جون جڳهيون ڏسڻ اچن: جهڙوڪ موهن جو دڙو، رني ڪوٽ يا ٽئڪسيلا وغيره ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. اُنهيءَ جي مقابلي ۾ ڏور اوڀر سڄي ۾ توهان کي بيشمار سياح ملندا، وڏن شهرن کان سواءِ ننڍن شهرن ۽ تاريخي جڳهين، تفريحي جڳهين ۽ پڻ ٻين هنڌن تي توهان کي غير ملڪي سياح عام جام نظر ايندا. اسان سان جيڪي ٻيا همسفر هئا، سي سمنڊ مان گهمي آيا ۽ لنچ جو ٽائيم ٿي ويو هو. تنهنڪري اسان سڀني کي اچي هڪ هوٽل ڀيڙو ڪيائون، ڇو ته ماني به ٽوئر وارن کي کارائڻي هئي. جيئن ته اسان مختلف ملڪن جا شهري هئاسين، تنهن ڪري هنن انگريزي نموني جي ماني کارائي. مانيءَ کان پوءِ چيائون ته توهان ڀلي ٻه ڪلاڪ کن شهر مان چڪر لڳائي اچو ته پاڻ هتان ڇهين وڳي ڌاري روانا ٿينداسين. ڊاڪٽر جي ڪئميرا ۾ اڃا ٻه ٽي فوٽو هئا. جيڪي اسان ڪڍي پوءِ ريل وجهرايو ۽ اڳوڻو ريل پڻ صفا ڪرڻ لاءِ دڪان دار کي ڏنوسين، جيڪو هن چيو ته اڌ ڪالڪ اندر رول صفا ڪري ڏيندا آهن. هاڻي پاڻ وٽ ڪراچي يا حيدرآباد ۾ پڻ هڪ ڪلاڪ اندر رول صفا ڪري ڏيندا آهن. اڳي ته هفتو کن لائي ڇڏيندا هئا. اسان مختلف دڪانن تان چڪر ڏيندا اچي واپس پنهنجي جڳهه ڀيڙا ٿياسين، جتان کان پوءِ پنهنجي ويگن ۾ چڙهي بينڪاڪ لاءِ روانا ٿياسين. بس سڄي واٽ برسات جي سنهي سنهي بوند ۾ بينڪاڪ ڏانهن هلندي رهي، ٻاهر ماڻهو برسات ۾ ساڳوڻي نموني سان پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي ۾ مصروف نظر آيا. هونءَ به جن ملڪن ۾ گهڻيون برساتون ۽ ڪافي وقت برساتون هونديون آهن، اُتي ماڻهو برساتن جي ڪري گهرن ۾ صفا ويهي ڪونه رهندا آهن.
پر پاڻ وٽ سنڌ ۾ ايئن نه آهي. پاڻ وٽ هڪ برساتون پون صفا ڪونه، پر جي برسات پوي ته هر ڪم ڇٽو، جيسين وڃي برساتون بند ٿين ۽ رستا صفا ٿين.
پاڻ وٽ ته هيءَ چوڻي مشهور آهي ته ’مولا وساءِ مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان.‘ هونئن به پاڻ وٽ اهڙو بندوبست نه آهي، جو جيئن برساتون پون تيئن سڄو پاڻي نالين ذريعي رستن تان نڪري ٻاهر هليو وڃي ۽ رستا يڪدم صفا ٿي وڃن. گهٽ برساتن ڪري پاڻ وٽ ڊرينج جو اهڙو سٺو بندوبست نه آهي، پر انهيءِ جي برعڪس ٻاهرين ملڪن ۾ ۽ خاص ڪري اهڙي ملڪن ۾، جتي تمام گهڻيون برساتون پون اُتي اُنهنَ ملڪن اهڙو ته بندوبست سهڻي نموني ڪري ڇڏيو آهي، جو ڀلي ڪيڏي به برسات پوي. پر اڌ ڪلاڪ جي اندر سڀ رستا صفا ٿي ويندا آهن ۽ پاڻي جو ذرو به نظر نه ايندو آهي. اسان سڄي واٽ انهن سنهين سنهين بوندن ۾ ئي اچي بينڪاڪ ڀيڙا ٿياسين. ويگن واري اچي اسان کي اسان جي هوٽل ڀيڙو ڪيو. اسان هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ نڪتاسين. ڌنو ويچاري اسان کي ڏسي چيو ته اڄ ٻنپهرن جي ماني تي ڏسڻ ۾ ڪونه آيا ۽ هينئر به دير سان آيا آهيو. اسان چيس ته اڄ پتايا ويا هئاسين ۽ هينئر ٿوري دير اڳ پهتا آهيون. هاڻ ماني کاراءِ ته وڃي آرامي ٿيون. چئين ته ٻوڙ ته ڪوبه ڪونهين، باقي چئو ته ڪا شيءِ ڦراءِ ڪري ڏيانٿو. اسان چيس ٺيڪ آهي مغز فرائي ڪري ڏي ته کائي وڃي بستري ڀيڙا ٿيون.
سڀني ٻاهرئين ملڪن ۾ توهان کي هندستاني هوٽلون ملنديون. توهان کي کاڌي جي تڪليف نه ٿيندي، پر کاڌو جهڙو توهان کي مزيدار ٽوڪيو شهر جي هندستاني هوٽلن ۾ ملندو، اهڙو پنهنجي گهر ۾ به نه ملندو. ڏاڍو مزيدار ۽ صاف سٿرو هوندو آهي، پر مهانگو به ڏاڍو آهي. هونءَ به ٽوڪيو شهر سڄي دنيا ۾ مهنگي ۾ مهانگو شهر آهي. خاص ڪري کاڌي رهائش، ٽيڪسين ۽ مزوريءَ ۾ اسان ماني کائي اچي هوٽل ۾ آرامي ٿياسين، صبح جو تيار ٿي چاءِ پي ٻاهر روانو ٿيڻ کان اڳ، سک جي دڪان تي آياسين، جتي ڊاڪٽر ٻن سفاري سوٽن تيار ڪرڻ لاءِ چيس ۽ مون پڻ کيس ٻه سفاري سوٽ تيار ڪرائڻ لاءِ چيو. اسان هميشه جڏهن بينڪاڪ اچون ته هن کان ڪپڙا ٺهرايون. سو هميشه اگهه به مناسب وٺندو آهي ۽ ڪپڙو به سٺو ڏيندو آهي. پر هن دفعي اگهه ڪافي چڙهيل هئا.
جنهن لاءِ پاڻ چيائين ته هر سال حڪومت وڃي ٽيڪس وڌائيندي، جنهن ڪري هر شيءَ وڃي مهانگي ٿيندي ۽ اهو اسان هر دفعي وڃڻ مهل بينڪاڪ ۾ محسوس ڪيو ته جيڪا شيءِ اڳ مهانگي هوندي هئي سا ٻئي دفعي نه هوندي هئي.
هونئن به سرمائيدار ملڪن جو گهڻو ڪري زور ٽيڪسن تي هوندو آهي، ۽ جيئن پوءِ تيئن ٽڪيس ويندا وڌندا ۽ غريب ماڻهو جو، مهنگائي ۾ جيئڻ جنجال ٿيندو رهندو آهي.
انهيءَ جي مقابلي ۾ سوشلسٽ ملڪن ۾ اگهه تمام گهڻي وقت کان پوءِ وڌندا آهن. سي به ٿوري انداز ۾، ڇو ته سوشلسٽ ملڪن ۾ دولت صرف چند ماڻهن جي هٿن ۾ نه هوندي آهي، پر سڄي معيشت هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي، جنهن ڪري ڪنهن ذاتي فائدي جي ڪري سڄي قوم کي قربان ڪرڻو ڪونه پوندو آهي. سوشلسٽ معيشت جو بنياد ئي اهو هوندو آهي ته دولت چند هٿن ۾ نه هوندي آهي.

3

اسان هتان واندا ٿي ٽوئرسٽ ويگن ۾ چڙهي روزگارڊن لاءِ روانا ٿياسين. روزگارڊن بينڪاڪ کان ٿوري ئي مفاصلي تي آهي. اسان جي ٽوئر ويگن ۾ 25 کن ٻيا سياح به هئا، جيڪي مختلف ملڪن جا باشندا هئا. اسان جي ٽوئر گائيڊ اسانکي سڄي واٽ سٺي نموني هر نئين شيءِ ۽ جڳهه بابت ٻڌائيندي رهي. اسان به فرمان بردار شاگردن وانگر سندس سهڻو ليڪچر چپ چاپ ٻڌندا رهياسين. ڪي سياح کائنس ڪجهه سوال به پڇندا رهيا، جنهن جو جواب هر هڪ کي کل خوشيءَ سان ڏيندي رهي. هونئن به ڌارين عورتن سان ڳالهائيندي مردن کي مزو پيو ايندو آهي. پر جيڪڏهن اهي نوجوان ۽ حسين به هجن ۽ هر سوال جو جواب مُرڪ نزاڪت ۽ نفاست سان ڏينديون هجن ته پوءِ سوالن جي خاتمي جو ته ڪو سبب ئي پيدا نٿو ٿئي. عام طور هر ٽوئر بس يا ٻي گاڏيءَ ۾ جيڪا گائيڊ رکندا آهن. سا جوان ۽ حسين ضرور هوندي آهي، پر ان سان گڏ اها چالاڪيءَ، چستيءَ ۽ تيزيءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هوندي آهي. سندس هر جواب ۾ هڪ سهڻي ادا سمايل هوندي آهي، جيڪا هر سوال پڇندڙ کي ٻئي سوال پڇڻ لاءِ همٿائيندي آهي. اسان سان گڏ ٽوئر ۾ ڪيتريون ئي عورتون پڻ هيون، پر مون ڏٺو ته انهن مان ڪنهن هڪ به ٽوئر گائيڊ گرل کان هڪ سوال به نٿي پڇيو. الٽو منهن ٻئي طرف ڪري ويٺيون هيون ۽ دل ۾ ضرور خار کائينديون هونديون ته اها ڪا اسان کان وڌيڪ هوشيار يا سهڻي آهي ڇا؟ چوندا آهن ته هر انسان پنهنجو پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ ڏاهو ۽ خوبصورت سمجهندو آهي، پر هر عورت پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ ذهين ۽ حسين تصور ڪري ٿي يا نه، سا ڳالهه آءٌ وثوق سان چئي نٿو سگهان.
اسان روزگارڊن پهچي چڪا هئاسين. اسان جي گائيڊ گاڏي کان هيٺ لهي سڀني جون ٽڪيٽون ورتيون. پوءِ اسان جي گاڏي کي اندر وڃڻ جي اجازت ملي. ٿوري پنڌ تي اندر اسان جي گاڏي اچي بيٺي ۽ اسان سڀ هيٺ لٿاسين. اسان جي گائيڊ اسان کي اندر جي پروگرام جي باري ۾ سمجهايو. روزگارڊن بينڪاڪ کان 32 ڪلوميٽر پري ۽ پنجاهه ايڪڙن تي آهي. باغ ۾ هڪ وڏو ٿيٽر ٺهيل آهي، جتي روزانو شام جو ٽين وڳي کان پنجين وڳي تائين هڪ روايتي ٿائي شو ڏيکاريندا آهن. ان ۾ ٿائي اسٽائل جي ڪشتي، ڪڪڙن جي ويڙهه، ٿائيلينڊ جون شاديون ۽ انهن جون رسمون ۽ ٿائي ناچَ ڏيکاريندا آهن. هن باغ ۾ رهائش جون سهولتون پڻ آهن. ان کان سواءِ گاف ڪورس کيڏڻ لاءِ بهترين لان وارو ميدان ۽ وهنجڻ لاءِ هڪ بهترين ترڻ وارو تلاءُ پڻ آهي. روزگارڊن ۾ رهائش لاءِ بڪنگ واسطي ۽ ٻي معلومات بابت بينڪاڪ ۾ سيام اسڪوائر 4/ 264 ۾ آفيس ٺهيل آهي. ان آفيس جا فون نمبر هيٺيان آهن:
2511935 ۽ 2515735
شو شروع ٿيڻ وارو هو، سو اسين گائيڊ جي هدايتن مطابق هال ۾ داخل ٿياسين ۽ پنهنجي نمبر وارين سيٽن تي اچي ويٺاسين.
هال تمام وڏو هو، ان ۾ هزارين ماڻهن جي گنجائش هئي ۽ ان جي ڇِت ڍڪيل هئي پر پاسا کليل هئا جنهن ڪري ٻوسٽ محسوس نه پئي ٿي. اندر جام ماڻهون هئا. پهريائين ڪُڪڙن جي ويڙهه، پوءِ ڪُشتي، ان کان پوءِ شاديءَ جون رسمون ۽ آخر ۾ ناچ ڏيکاريائون. ناچ ۾ گهڻين ڇوڪرين حصو ورتو. ناچ جي پڇاڙيءَ ۾ انهن ڇوڪرين هٿن ۾ هار کڻي اچي هڪ سياح جي ڳچيءَ ۾ وڌا ۽ انهيءَ کي هيٺ وٺي ڀاڪر پائي ناچ ڪيائون. انهيءَ ڏيکاءُ ڏاڍو مزو ڏنو ۽ سڄو هال کل ۽ تاڙين سان گونجڻ لڳو ۽ اهو شو ٻه ڪلاڪ هلي پورو ٿيو. پوءِ اسان کي هڪ ڪاٺ جي گلاس ۾ اننناس جو رس پياريائون ان بعد اسان کي هاٿين جا ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ ٻي طرف وٺي هليا جتي هاٿين سونڊ سان ڳرا ڪاٺ کڻي وري هيٺ ٿي رکيا، اهڙو پروگرام اسان ڪولمبو ۾ پڻ ڏٺو هو. هاٿين کي اهڙي نموني مسخرو ڪري پيش ڪرڻ تي مون کي اهو زمانو ياد اچي ويو جڏهن هاٿي جنگ جي ميدان جو وڏو هٿيار هو. جنگ ۾ گهڻن هاٿين واري لشڪر کي فتح حاصل ٿيندي هئي. اڄ جي دنيا ۾ جتي خلائي جنگ جا منصوبا ٺهي رهيا آهن اُتي هاٿي ويچارو جنگ جي دنيا ۾ بي معنيٰ ٿيو پيو آهي ۽ مسخرن وانگر ميدان ۾ ماڻهن جي دل وندرائي رهيو آهي. شڪر ٿيو ويچاري جي جنگ مان ته جان ڇٽي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ دنيا ۾ ڪيڏي نه تبديلي آندي آهي! اسان وٽ سنڌ ۾ گهوڙو، اُٺ ۽ گڏهه اڳي جنگ سواريءَ ۽ بار کڻڻ ۾ ڪم ايندا هئا سي هاڻي ڏسڻ ۾ مس ٿا اچن.
اسان جي واپسيءَ جو وقت اچي ٿيو سو اچي ويگن ڀيڙا ٿياسين. جڏهن سڀ همراه اچي پهتا تڏهن اسان جي رهبر اسان کي کڻي ويگن ۾ ويهاريو ۽ ڊرائيور کي چيائين ته هاڻي همراهن کي بئنڪاڪ ڀيڙو ڪر متان همراه هينئون نه لاهي وجهن ته اڄوڪي رات بئنڪاڪ واري رهجي نه وڃي. ويگن بئنڪاڪ ڏانهن هلڻ لڳي، سج لهي چڪو هو. سڄي واٽ چؤطرف وڻندڙ روشنيون جهومر ڪري رهيون هيون. ڊاڪٽر دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهيو هو. مون هر مسافر کي ڏسي پي سوچيو ته اسان سڀ مختلف ملڪن جا رهاڪو مختلف نسلن سان واسطو رکڻ وارا ڪهڙي نه عجيب اتفاق سان هڪ هنڌ اچي ڪٺا ٿيا آهيون. شايد وري ڪڏهن به هڪ ٻئي جي صورت ڏسڻ به نصيب نه ٿئي. ويگن شهر ۾ داخل ٿي هر مسافر کي پنهنجي پنهنجي هوٽل ۾ لاهيندي نيٺ اچي اسان جي هوٽل وٽ بيٺي ويگن مان لهي هوٽل ۾ داخل ٿياسين ٿي ته ڪائونٽر تي اسان لاءِ سيٺ ابراهيم جو نياپو پيل هو جيڪو اُتي ڪمري نمبر206۾ انتظار ڪري رهيو هو. پنهنجي ڪمري ۾ اچي ٽيليفون آپريٽر کي چيوسين تنهن 206 نمبر روم ملائي ڏنو جتان سيٺ ابراهيم ڳالهائيندي چيو ته آئون اڄ دبئيءَ کان هتي پهتو آهيان، توهان بابت چاندني هوٽل واري مئنيجر ڌنوءَ ۽ ڪپڙي جي سک واپاريءَ ٻڌايو سو رسيپشن تي نياپو ڏنم ته جيئن توهان ۽ سائين حڪيم شاهه ٻاهران اچن ته کين منهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيو. پاڻ چيائين ته منهنجي ڪمري ۾ اچو ته ڪچهري ڪريون.
گذريل دفعي جڏهن آئون ۽ مرحوم عبدالحڪيم شاهه گهمڻ اچون تڏهن سيٺ ابراهيم سڄي سفر دوران اسان ساڻ هو. هو دبئيءَ جو واپاري آهي جاپان مان ڪارون بڪ ڪرائي دبئيءَ ۾ وڪڻندو آهي. هو اصل ڪراچيءَ جو آهي پر ڳچ وقت کان دبئيءَ ۾ رهندو آهي. ڏاڍو من موجي ۽ زنده دل ماڻهو آهي، ساري دنيا ڏسڻ جي شوق سبب هر سال هڪ مهينو سير سياحت ۾ گذاريندو آهي. کيس سٺين خوشبوئن ۽ جورابن جو ڏاڍو شوق آهي هن جورابن جي هڪ جوڙي ڏيکاري جنهن ۾ سندس چوڻ موجب ڪوبه ڳنڍ ڪونه هو. کيس شڪايت هئي ته سندس سٺا پرفيوم گهڻو ڪري ڪسٽم وارا ڦري ويندا آهن. هي سگريٽ ڪونه ڇڪي پر سوپارين جو شوقين آهي ۽ دبئيءَ کان روانو ٿيڻ وقت سوپارين جو دٻو ڀري نڪرندو آهي ۽ سوپارين جو پورو حساب رکندو آهي ته اهي ڪل ڪيتريون باقي آهن، اڄ تائين ڪيتريون کاڌيون اٿم، ۽ ڪيتريون ٻين کي ڏنيون اٿم. هڪ دفعي ڪراچي آيو ته مرحوم عبدالحڪيم شاهه جي ڳوٺ سونڊا اچي سهڙيو ۽ چيائينس ته ٻني هلون. هن کيس ٻڌايو ته ٻنون دريا جي ٻي ڪپ تي آهي، اوڏانهن واپس ٺٽي کان ڦري پوءِ هلي سگهبو. تڏهن وڃي مس ٻي دفعي هلڻ لاءِ راضي ٿيو. اسان جو بئنڪاڪ ۾ هئڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو اسين هٿ منهن ڌوئي سندس ڪمري ۾ وياسين ته اسان جي ڏاڍي سٺي آجيان ڪيائين ۽ ڏاڍو خوش پئي نظر آيو پاڻ عبدالحڪيم شاهه جو پڇيائين ڇو ته هن سمجهيو ٿي ته اهو اسان سان گڏ آهي. مون کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ته اکين ۾ پاڻي تري آيس ۽ ڪجهه وقت خاموش ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ ساڻس گڏ هو جنهن سان اسان جو تعارف ڪرايائين. اُها سڄي رات اسان سندس ڪمري تي ڪچهريءَ ۾ گذاري. اسان کان اڳ ئي پاڻ (Royal Selot) رائل سيلوٽ جي بوتل کوليو ويٺو هو.
وڏو واپاريءَ هوندي به زنده دل ۽ ياري باشيءَ وارو ماڻهو آهي. اهڙي طبيعت وارو ٻيو وڏو سيٺ فقط ٽنڊوالهيار شوگر مل وارو سيٺ سليمان ئي مليم. جيڪو وڏو علم ادب دوست، اديبن ۽ يارن جو يار، زنده دل خوش مزاج، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، شاه لطيف جو ڄاڻو، ڳائڻ وڄائڻ جو شوقين ۽ ٿري لوڪ گيتن تي اڪثر مست ٿي ويندو آهي. ان جي ابتڙ انهيءَ ڪلاس جا واپاري ماڻهو گهڻو ڪري ڏاڍا خشڪ مزاج هوندا آهن.
رات ڪافي گذري چڪي هئي سيٺ ابراهيم جي ڪچهريءَ ۾ وقت جي ڪابه خبر نه پئي. نيٺ هن کان موڪلائي پنهنجي ڪمري ۾ اچي ستاسين. صبح سوير ناشتو ڪري تيار ٿي شهر جا رستا ماپڻ لاءِ نڪتاسين، جنهن ۾ اندرا، ريجينٽ ۽ سيام اسڪوائر جا چڪر هڻندا اچي هڪ هوٽل ۾ فاسٽ فوڊ کاڌوسين پوءِ ٽيڪسي ڪري اچي گريس هوٽل ڀيڙا ٿياسين. پتپونگ کان پوءِ گريس هوٽل بئنڪاڪ جي اها مشهور ترين هوٽل آهي جتي رهائش، بار نائيٽ ڪلب، ريسٽورنٽ ۽ ڊانس فلور به آهي. هتي شام کان پوءِ تمام گهڻي رش هوندي آهي ۽ سياحن سان ڀري پئي هوندي آهي. هتي ڪئين ملڪن جا سياح ملندا جن ۾ اڪثريت عربن جي هوندي آهي. هر فلور تي ٿائي ڇوڪرين جا اصل ڌڻ نظر ايندا. هڪڙيون پيون اينديون ته ٻيون پيون پنهنجي شڪارن سان گڏ وينديون. مطلب ته، ”نڪا جهل نه پل سڀڪا پسي پرينءَ کي“ وارو لڪاءُ لڳو پيو آهي. آئون ۽ ڊاڪٽر به مختلف فلورن تان چڪر هڻندا اچي بار ۾ ويٺاسين، جتي تمام گهڻي رش هئي. عورتن جو تعداد مردن کان تمام گهڻو هو. جيڪي چوٿون حصو به مس هئا، اُتي سگريٽن جو دُونهن ۽ ماڻهن جو گوڙ تمام گهڻو هو. اُتي سروس ڪندڙ ڇوڪريءَ ٻڌايو ته وسڪي، بير يا سافٽ ڊرنڪ حاضر آهن. اسان کيس جوس آڻڻ لاءِ چيو، ايتري ۾ اچي بيٺل ڇوڪرين مان ٻه ڇوڪريون اسان وٽ ميز تي اچي ويٺيون ۽ هلو چئي پڇائون ته توهان انڊين آهيون ڇا؟ اسان وراڻيو ته پاڪستاني آهيون. تنهن تي هنن جواب ڏنو ته، اڇا! ڪراچيءَ جا آهيو.
مون چيو ته ڪراچي نه، پر ٻنون ٻنون، ٻيءَ ڇوڪريءَ چيو ته، واٽ (What). مون کيس جواب ڏنو ته ٻنون منهنجي ڳوٺ جو نالو آهي. اهو ٻڌندي اچي کليون ۽ پاڻ ۾ ٿائي ڳالهائڻ لڳيون نيٺ مقصد تي آيون ۽ چيائون ته اسان کي ڊرنڪ پياريو اسان چين ته اسان ڊرنڪ ڪونه ڪريون ۽ خود جوس پيا پيئون. جيڪڏهن اهو پيو ته حاضر آهي. تنهن تي O.K OK چئي پاڻ ئي سروس ڪرڻ واري ڇوڪريءَ کي جوس آڻڻ لاءِ چيو. ڊاڪٽر کانئن پڇيو ته توهان هن شهر جون آهيو يا ٻي پاسي جون؟ هنن ٻڌايو ته اسان ٻهراڙيءَ جون آهيون، هتي صرف گذر لاءِ آيون آهيون ۽ ڪافي وقت کان هتي رهيل آهيون. ڳوٺ ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو آهي. ڊاڪٽر کين صلاح ڏني ته توهان ٻيو به ڪو ڌنڌو ڪريو. ههڙي خراب ڌنڌي ۾ ڇو آيون آهيو؟ هنن ٻڌايو ته جيڪي ٻيون ڇوڪريون بئنڪاڪ ۾ ٻيا مختلف ڌندا ۽ نوڪريون ڪن ٿيون، سي به گهڻي ڀاڱي رات جو نائيٽ ڪلبن، بارن ۽ مساج پارلرس ۾ پارٽ ٽائيم نوڪريون ڪنديون آهن ۽ هوٽلن ۾ رات جو سياحن ساڻ رنگ رلين ۾ گهارين ٿيون. هتي مون محسوس ڪيو آهي ته ههڙو ماحول نه رڳو هنن جڳهين تي آهي، پر دڪانن ۽ هوٽلن ۾ ويهندي يا خريداري ڪندي دڪان جو مالڪ يا ڪم ڪرڻ وارو اوهان کي اهڙي دعوت ڏيندو ۽ چوندو ته نائيٽ ڪلب، بار، مساج پارلر ۽ اڪثر هوٽلن ۾ توهان کي پيشه ور وئشيائون ملنديون، پر جيڏهن اسان سان هلو ته اسين توهان کي گهريلو ڇوڪريون وٺي ڏيون. اهڙي صلاح هر ٽيڪسي ڊرائيور به هڻندو آهي. مطلب ته بئنڪاڪ جي معاشري ۾ اهڙين ڳالهين تي ٿائي ماڻهن کي حيا شرم مڙو ئي گهٽ ٿئي. اسان ساڻ ويٺل ڇوڪرين اهڙيون ٿي ڳالهيون ڪيون جي اسان ته ڦڪا ٿي ٿياسين، پر هنن جي منهن تي ڦڪائيءَ جهڙي ڪابه علامت نظر ڪانه ٿي آئي. اسان کي چيائون ته جيڪڏهن توهان جي هوٽل ايئر ڪنڊيشنڊ نه آهي ته اسان سان اسان جي گهر هلي رهو. اُهو ايئر ڪنڊيشنڊ آهي. ڊاڪٽر کيس سنڌيءَ ۾ چيو ته، پڻهي جا ڏنڊا ڪير سهندو؟ ۽ مون کي چيائين ته يار اُٿ ته ڀڄون متان هي بلائون اسان کي اوڙاهه ۾ نه وڃي ڪيرائين. رات گهڻي گذري هئي. اُتان اُٿي ٽيڪسي ڪري پنهنجي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. واٽ تي ڏٺوسين ته ڪافي ڇوڪريون اڪيلي سر ننڍن ننڍن دڪانن تي ڪوڪ ۽ جوس وڪڻي رهيون هيون. ڪافي جڳهين تي ڏسندا ته نوجوان ڇوڪريون بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي آڌيءَ رات تائين اڪيليون اڪيليون پنهنجي ڌنڌي يا واپار ۾ مصروف نظر اينديون. پر توهان صبح جو اخبار ۾ ڪنهن به زور زبردستيءَ واري خبر ڪانه پڙهندا.
ٻارهين کان ٽائيم مٿي هو سو چاندني هوٽل جي بند ٿيڻ جي خبر هئيسين، تنهن ڪري سڌا پنهنجي هوٽل تي اچي لٿاسين. هوٽل جي ريسٽورانٽ ۾ فون ڪري چڪن سينڊوچز ۽ آئس ڪريم گهرائي کائي سمهي رهياسين صبح جو اڃا ستائي پياسين ته دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. دروازو کولي ڏٺوسين ته سيٺ ابراهيم ۽ سندس ڀاءُ بيٺا هئا. کين ڪمري ۾ وٺي آياسين. سيٺ ابراهيم ٻڌايو ته ڪالهه سندس ننڍڙو هٿ وارو ٿيلهو ڪٿي وسري ويو. ان ۾ سندس پاسپورٽ، ضروري ڪاغذ ۽ اٽڪل پنج هزار آمريڪي ڊالر پڻ هئا. پئسن ۽ ٻين ڪاغذن جو ته خير آهي، پر سندس پاسپورٽ جنهن تي دبئي حڪومت جي Re_ entry visa لڳل آهي جيڪا اهم قسم جي ويزا هوندي آهي، انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته انهي ويزا هئڻ سبب سرڪاري اجازت کان سواءِ ئي ڪيترائي ڀيرا دبئي کان ٻاهر وڃي ۽ واپس اچي سگهجي ٿو، اها ويزا تمام خاص ماڻهن ۽ واپارين کي ملندي آهي. اهڙي ويزا هتي دبئي سفارت خاني کان ملڻ ڏاڍي مشڪل آهي. سيٺ جا چپ ۽ اکيون انهيءَ واقعي ڪري ڍريون پئي لڳيون. اسان کيس چيو ته اسان لاءِ ڪو حڪم احڪام هجي ته حاضر آهيون. هن وراڻيو ته توهان جي مهرباني. منهنجو هڪ سوٽ هتي جو وڏو واپاري آهي. سندس اثر رسوخ به ڪافي آهي. ساڻس صلاح مشورو ڪري پوءِ ڪو قدم کڻبو. هو موڪلائي سندس سؤٽ ڏانهن روانا ٿيا. اسين به تيار ٿي شهر گهمڻ وياسين. پهريائين ٽيليگراف آفيس آياسين ۽ مير نصير کي ٽيليگرام ڪيوسون ته اسان ٿائي ايئر لائينس جي فلائيٽ ۾ ڪراچي اينداسين. توهان ڪار آڻي اتي اسان جو انتظار ڪجو. اهڙو اطلاع گولاڙچي به ڏجو. پوءِ اتان موٽي پيادل چڪر هڻندا ۽ هڪ اخباري واري دڪان تي آياسين، جتان انگريزي اخبار ۽ ٽائيم رسالو ورتوسين. هتي جي پريس ۽ افغانستان ۽ ڪمپوچيا ۾ روسي ويٽنامي فوجن جو ذڪر گهڻو ڪري هر روز تمام وڏين سرخين سان شايع ٿو ٿئي.
هتي روڊن تي سيون اپ، ڪوڪ سان گڏ جوس جيڪو بوتلن ۽ گلاسن سان گڏ پلاسٽڪ جي ننڍين ٿيلهين ۾ پڻ وجهي ڏين ته جيئن توهان گهر کڻي وڃو يا وقت وڃائڻ بنا رستي تي ئي پيئندا وڃو.
ڪيترائي دفعا بئنڪاڪ وڃڻ سبب هي شهر پڻ هاڻي ڪراچيءَ وانگر ڄاتل سڃاتل لڳندو آهي. ڏٺل واٺل رستا ساڳيون هوٽلون ڪلبون، ٽيڪسيون ۽ اسٽينڊ وغيره.
پنڌ ڪري ٿڪجي پياسين سو ٽيڪسي ڪري چاندي هوٽل تي ماني کائي موٽي پنهنجي هوٽل تي اچي آرام ڪيوسين. شام جو سيٺ ابراهيم آيو ۽ ٻڌايائين ته سوٽ جي مدد سان پاسپورٽ ۽ ويزا جو ڪم ٿي ويندو ۽ رات جو ماني جي دعوت سندس سوٽ کيس ڏني آهي. اوهان به منهنجي طرفان هلي شريڪ ٿيو. اهو گهر به منهنجو پنهنجو ئي آهي. پاڻ ٻڌايائين ته سندس سؤٽ جي گهرواري اڳوڻي پاڪستاني فلمي اداڪاره آسيه آهي. اها هاڻي فلمن ۾ ڪم ڪانه ڪري پر ڪافي وقت کان هتي ئي پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان گڏ رهندي آهي.
اسان سيٺ ابراهيم کي ٻڌايو ته سڄو ڏينهن شهر جا فٽ پاٿ پيرن پنڌ سر ڪيا آهن، تنهن ڪري صفا چور ٿي پيا آهيون. توهان ڀلي دعوت کائي اچو. هو اسان کان موڪلائي روانو ٿيو. آئون ۽ ڊاڪٽر راڄو ڪچهري ڪندي ئي سوير سمهي رهياسين. جيئن ته اسان جي فلائيٽ صبح سوير هئي ۽ اسان کي اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻو هو.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/l1Nix9S.jpg[/img]