سفرناما

دهلي ٽو سوئزرلينڊ وايا تاج محل

هندوستان ۾ 2004ع ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو هيءُ سفر عبدالحئي پليجي پنھنجي گهرواري مومل ۽ نياڻي ڊاڪٽر پارس سان گڏ ڪيو جنھن ۾ ساڻن گڏ ٻيا اديب پڻ هئا. انٽر نيشنل سينٽر دهليءَ ۾ هي ڪانفرنس منعقد ٿي جا ٽي ڏينھن هلي، چيٽي چند جي ميلي ۾ پڻ شرڪت ڪيائون، خواجه نظام الدين اولياء جي درگاھ، غالب جي مزار، لال قلعو، آگري ۾ تاج محل، مٿرا جو مندر، آرڪيالاجيڪل ميوزم، رنگ جي مندر، فتح پور سڪريءَ ۾ ٺهيل اڪبر بادشاھ جون تاريخي جڳھيون، درويش شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ، راڻي جوڌاٻاڻيءَ جي محلات ۽ دهليءَ ۾ جامع مسجد، اندرا گانڌي ميموريل، قطب مينار، وائسراءِ هائوس ۽ ٻيا هنڌ گهميا جن ۾ وائسراءِ هائوس ۽ تاج محل جو تفصيلي احوال ته خاص وڻندڙ آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو يورپ جي سفر تي آڌاريل آهي جنهن ۾ جرمنيءَ جي موٽروي وسيلي سوئزرلينڊ وڃڻ جو احوال آهي.
  • 4.5/5.0
  • 257
  • 61
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book دهلي ٽو سوئزرلينڊ وايا تاج محل

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

ڪتاب جو نالو: دهلي ٽو سوئزرلينڊ وايا تاج محل
ليکڪ: عبدالحــئـي پـلـيـجـو
ڇاپو پهريون: جنوري 2021ع
ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
ڪمپوزنگ: نعمان جوڻيجو ۽ اشرف سولنگي
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن - ٻنون
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
قيمت: -/300 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

ارپـنـا

آئون هي پنھنجو سفرنامو
سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ۽ انتھائي
قابلِ احترام شخصيت
سائين جي. اي الانا صاحب
کي ارپيان ٿو.

- عبدالحئي پليجو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” دھلي ٽو سوئيزرلينڊ وايا تاج محل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري اديب ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو ھندستان ۽ سوئيزرلينڊ جو سفرنامو آھي.
هندوستان ۾ 2004ع ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو هيءُ سفر عبدالحئي پليجي پنھنجي گهرواري مومل ۽ نياڻي ڊاڪٽر پارس سان گڏ ڪيو جنھن ۾ ساڻن گڏ ٻيا اديب پڻ هئا. انٽر نيشنل سينٽر دهليءَ ۾ هي ڪانفرنس منعقد ٿي جا ٽي ڏينھن هلي، چيٽي چند جي ميلي ۾ پڻ شرڪت ڪيائون، خواجه نظام الدين اولياء جي درگاھ، غالب جي مزار، لال قلعو، آگري ۾ تاج محل، مٿرا جو مندر، آرڪيالاجيڪل ميوزم، رنگ جي مندر، فتح پور سڪريءَ ۾ ٺهيل اڪبر بادشاھ جون تاريخي جڳھيون، درويش شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ، راڻي جوڌاٻاڻيءَ جي محلات ۽ دهليءَ ۾ جامع مسجد، اندرا گانڌي ميموريل، قطب مينار، وائسراءِ هائوس ۽ ٻيا هنڌ گهميا جن ۾ وائسراءِ هائوس ۽ تاج محل جو تفصيلي احوال ته خاص وڻندڙ آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو يورپ جي سفر تي آڌاريل آهي جنهن ۾ جرمنيءَ جي موٽروي وسيلي سوئزرلينڊ وڃڻ جو احوال آهي.
هي ڪتاب مومل پبليڪيشن ٻنون پاران جنوري 2021ع ۾ ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آھي. مھرباني مور ساگر جي جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورائتا آھيون عبدالحئي پليجو جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سُکُ نه ستا ڪڏهين

کَرَڪڻا لاهي، سُک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(سر کاهوڙي، 1-25)

سفر ڪرڻ ۽ مستقل ۽ مسلسل سير ۽ سفر ڪري پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ بياني قوت سان علمي ۽ ادبي انداز ۾ پڙهندڙن سان پنهنجي تحريرن کي ڪتابي صورت ۾ ونڊ ڪرڻ سان ”سفرنامو“ تيار ٿيئي ٿو. سفرنامن مان پڙهندڙن کي سفرنامانگار جي مطالعي ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي شهرن، هنڌن، ماڳن ۽ ملڪن جي معلومات مهيا ٿئي ٿي.
هيءَ دنيا رنگ برنگ نظّارن، عجائبن، ايجادن ۽ مختلف معلوماتن جي احوال سان ڀريل آهي. جنهن کي ڏسڻ سان وڏي عبرت ڀري ڄاڻ ملي ٿي ۽ اها ڄاڻ تحقيق سفرنامي جي وسيلي ئي عام پڙهندڙن تائين پهچي ٿي. هڪ لحاظ کان سفرنامي جي موضوع تي لکيل مضمون/مقالو/ڪتاب دنيا جي مختلف ماڳن ۽ ملڪن جي جاگرافيائي، تاريخي، موسمياتي، معاشي، صنعتي، تجارتي، زراعتي، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جي خبر ڏئي ٿو.
علمي ۽ ادبي طور سفرنامي جي اهميت کان انڪار بلڪل نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ڪيترائي سفرناما لکيل آهن ۽ ڪهڙن ملڪن بابت آهن اهو ذڪر مون پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ اڳ ۾ ڪيو آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته ڪامياب سفرناما ڪهڙا آهن؟ ۽ اسان جي پڙهندڙن جي دلچسپي ڇا ۾ آهي ۽ انهن سفرنامن جو ادبي معيار ڪهڙو آهي؟.
”سفر يورپ جي ڊائري“ قاضي عبدالمجيد جي خطن واري 1960ع جي سفرنامي کان 2020ع تائين سوين سفرناما لکيا ويا آهن. هر سفرنامي جو رنگ الڳ الڳ آهي. ڪريم ڏنو راڄپر، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، وينا شرنگي، ڪلا پرڪاش، تنوير عباسي، الطاف شيخ، عبدالحئي پليجو ۽ ٻين ڪيترن جا سفرناما پڙهيا اٿم پر جيڪو پڙهڻ جو لطف تنوير عباسي، الطاف شيخ ۽ ادا عبدالحئي پليجو جي ڪتابن پڙهڻ ۾ آيو آهي، ايترو ٻين سفرنامن مان نه آيو آهي. انهيءَ جو مون جڏهن تجزيو ڪيو تڏهن اها حقيقت آشڪار ٿيم ته هنن ٽنهي سفرناما نگارن جا سفرناما مهذب ۽ ادبي ٻولي ۽ وسيع معلومات سان گڏ دنيا جي وڏي حصي بابت آهن. جن مان آئون سمجهان ٿي ته سڄي دنيا جي نه ته به مُنيءَ دنيا جي ملڪن جي خبرچار ملي ٿي.
هتي جڏهن محترم ڀاءُ عبدالحئي پليجو جي هن ادبي فن جي اپٽار ڪنديس تڏهن لامحالا اهو ضرور چونديس ته، سندس خيالن، علميت ۽ مشاهدي جو ڀرپور بياني احوال پڙهندڙن کي انهن ملڪن ڏي هلڻ لاءِ اُتساهي ٿو.
عبدالحئي پليجو صاحب جا سفرناما ته آئون ڳچ عرصي کان پڙهندي اچان ۽ خاص طور مور ساگر جي ساحل پرنٽرز جي دوڪان تي ٿيل ساڻن پهرين ملاقات کان پوءِ پاڻ چند ڪتاب مون کي پوسٽ ذريعي پڻ موڪليائين تقريباْ سندن سڀ سفرناما مون پڙهيا آهن جن مان ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ڏوريم ڏيسارو“، ”ڪجل ڀنل نيڻ“، ”اتر لڳا آءُ پرين“، ”ديس بديس“، ”بندر مون ڏور ٿيا“، ”ٽوئر ٽو آمريڪا“، ”ٻنون ٽو ٽوڪيو“، ”پريان سندي پار ڏي“، ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون“، ”عالمي عجائبات“ ۽ ٻيا آهن.
سڀ ڪتاب معلومات سان ٽمٽار، سمورا جا سمورا دلچسپ ۽ اڪثر ۾ تاريخ جي اوٽ ۾ ڏنل هنڌن جي ڄاڻ پڙهندڙن جي ذهني ۽ علمي سگھ وڌائڻ ۾ معاون آهن.. سفرنامن کان سواءِ پڻ سندن آتم ڪهاڻيون (3 جلد) ۽ مضمون پڻ دلچسپ پيرايي ۾ لکيل آهن. پڙهيل ڳڙهيل، وڪيل ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري ڪري زمينداري سنڀاليندڙ ادا حئي پليجو پنهنجي سفر جو شغل سالن کان جاري رکيو آهي. سندس لاءِ سفر فقط وندر ورنهن ۽ خريداري ڪونهي پر تحقيق اهو سفر مطالعو آهي. فطرت جو، ماڻهن جو، ملڪن جو، ماڳن جو، مڪانن جو، هُو هڪ اهڙو سياح آهي جو اڪيلو نٿو هجي پر ساڻس اڪثر سندن گھرواري ادي مومل يا ٻار پڻ هجن ٿا. انهيءَ ذمه داريءَ واري گھمڻ ڦرڻ ۾ به سندن نظر کان ڪابه شيءِ اوجھل نٿي ٿيئي. آئون سمجهان ٿي ته يقيناْ پاڻ سفر دوران ڪي نڪتا نوٽ پڻ ڪندو هوندو جنهن جي ڪري ايترا سٺا سفري احوال پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊ ڪري ٿو. سندس حافظو پڻ مظبوط آهي. شخصي طور پليجو صاحب نرم دل، قربائتو ۽ پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ هئڻ وارو ۽ سڀني کي ڪم ايندڙ آهي.
منهنجي ادي مومل سان پڻ ملاقاتون ٿيل آهن، هڪ دفعو جڏهن ادا پليجو جي ڪتاب جو مهورت ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيو جتي ادي مومل اسٽيج تي مهورتي تقريب ۾ ويٺل هئي پروگرام جي آخر ۾ ساڻن مليس ۽ هڪ دفعو ساحل پرنٽر تي ادا سان ملاقات ٿي تڏهن مون کي ڄاڻايائين ته، ”مومل گاڏيءَ ۾ ويٺي آهي توهان ادي ملي وٺو“، آئون دوڪان تان نڪري اديءَ سان گاڏيءَ ۾ مليس مون کي احساس ٿيو ته ادا پليجو جي هيترن سارن سفرنامن لکڻ ۾ سندن گھرواريءَ جو مڪمل ساٿ آهي نه فقط سفر ڪرڻ ۾ پر سفرنامي جي وجود ۾ اچڻ تائين هوءَ ساڻن هرپل مڪمل طور نڀائي ٿي. ادي مومل کي جَسُ هجي جو ايتري گرميءَ ۾ ڪافي دير ٻاهر گاڏيءَ ۾ پليجو صاحب جو انتظار ڪيائين ته جيستائين مور ساگر کي پروف سمجھائي اچي. هتي اهو قول بلڪل سچ ثابت ٿيئي پيو ته، ”ڪنهن ڪامياب مرد جي پويان هڪ عورت جو هٿ ضرور هجي ٿو“. هُو پنهنجي هن کاهوڙي وَرَ جي سفر کي سڦلتا عطا ڪندڙ رهي آهي ۽ پليجو صاحب اهو کاهوڙي آهي جنهن کي هردم نئين سفر جو اوسيئڙو آهي، هُو سک واري پرڪيف سفر ۾ پڻ جَستجوءَ سان سرگردان آهي، سندس مقصد ڏٺل شين کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ ناهي پر هو جتي جتي به ويو اُتي اُتي جي تهذيب، تمدن، ثقافت، ملڪن جون رسمون، رواج، نياءُ، انياءُ، غريبي اميريءَ جا تفات ۽ ٻيون حقيقتون هُن وڏي حوصلي سان بيان ڪيون آهن. عجوبا، اسرار، دلڪش نظارا، خوبصورت خوشبودار چشما، صاف ۽ شفاف سهڻن باغيچن جا منظر جن کي ڏسي فطرت جون حُسناڪيون سرور ۽ ڪيف بخشين، عام فهم پر ادبي لفظن ۽ جملن جي اُڻت سان پيش ڪري منظرن ۾ اهڙا رنگ ٿو ڀري جو ڄڻ قاري سندس هم سفر آهي.
هن وقت منهنجي هٿن ۾ سندن ڪتاب ”دهلي ٽو سوئزرلينڊ وايا تاج محل“ جو مسودو موجود آهي. مون سڄو مسودو پڙهيو ۽ پروڙيو اها خبر پيم ته هن کان اڳ پڻ پليجو صاحب جن هندوستان ٽي دفعا وڃي چُڪا آهن ۽ جنهن جي بابت هڪ سفرنامو ”ديس بديس“ مون پڙهيو آهي جو مون کي انهيءَ وقت به ڪافي پسند آيو ۽ اڄ به سندن سفرنامن ۾ پسند ايندڙ سفرنامو اٿم. هاڻي هيءُ دهليءَ جي سفر کان شروع ٿيل سفر جو احوال جنهن جي پڇاڙي سوئزر لينڊ تي ٿيئي ٿي هڪ خالص معلوماتي سفرنامو شمار ٿيئي ٿو.
هندوستان ۾ 2004ع ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو هيءُ سفر هڪ پنهنجي گھرواري مومل ۽ نياڻي ڊاڪٽر پارس سان گڏ ڪيو جنهن ۾ ساڻن گڏ ٻيا اديب پڻ هئا. انٽر نيشنل سينٽر دهليءَ ۾ هي ڪانفرنس منعقد ٿي جا ٽي ڏينهن هلي جنهن ۾ کين سٺين هوٽلن ۾ رهايو ويو ته چيٽي چند جي ميلي ۾ پڻ شرڪت ڪيائون، راڳ رنگ جي محفل ۽ بعد ۾ سنڌي اديبن سان فوٽو سيشن ٿيا. اهڙيءَ ريت ٽيئن ڏينهن تي ڪانفرنس ختم ٿي، ان کان پوءِ سندن وقت پنهنجو هو جنهن ۾ خواجه نظام الدين اولياء جي درگاھ، غالب جو مزار، لال قلعو، آگري ۾ تاج محل، مٿرا جو مندر، آرڪيالاجيڪل ميوزم، رنگ جي مندر، فتح پور سڪريءَ ۾ ٺهيل اڪبر بادشاھ جون تاريخي جڳهيون، درويش شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ، راڻي جوڌاٻاڻيءَ جي محلات ۽ دهليءَ ۾ جامع مسجد (شاھ جهان جي جوڙايل) اندرا گانڌي ميموريل، قطب مينار، وائسراءِ هائوس ۽ ٻيا هنڌ گھميا جن ۾ وائسراءِ هائوس ۽ تاج محل جو تفصيلي احوال ته خاص وڻندڙ آهي. تاج محل لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته،
”تاج محل مڪمل طور سفيد سنگِ مر مر جو ٺهيل آهي، تنهن ڪري چوڏهين رات جو سُهائي دوران سندس تجلو ۽ جرڪو عجيب نوراني ڪيفيت برپا ڪريو ڇڏي، ڪوهيڙي واري صبح دوسران جمانديءَ جي مخالف ڪناري وٽان اهو فضا ۾ ترندو محسوس ٿيندو آهي. هن محل کي پنهنجي تعميراتي سونهن سبب اڃان تائين ڪا شھ ڪانه آئي آهي ۽ پنهنجي حسن و ڪمال ۾ اڄ به يڪتا آهي“.
دنيا جي هن اٺين عجوبي کي ڏسڻ ۽ سڄو آگرو، دهلي ۽ ٻيا هنڌ گھمڻ بعد پليجو صاحب جن واپس ريل رستي لاهور پهتا جتي هنن لاهور جي بادشاهي مسجد، شاهي قلعو، شاليمار باغ، نورجهان جو مقبرو ۽ ٻيا هنڌ گھميا اهڙيءَ ريت واگھا بارڊر کان دهلي وڃڻ، واپس لاهور پهچڻ تي دهليءَ جي هن سفر جو اختتام ٿيئي ٿو.
هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو يورپ جي سفر تي آڌاريل آهي جنهن ۾ جرمنيءَ جي موٽروي وسيلي سوئزرلينڊ وڃڻ جو احوال آهي. سوئيزرلينڊ جو دنيا جي مهانگن ملڪن مان آهي. سوئيزرلينڊ جا زيورڪ شهر، لوسرن، انٽرليڪن شهر ۽ ٻيا هنڌ پليجو صاحب پنهنجي گھرواري ۽ فرزند نور محمد سان گڏ گھميا. هن سفرنامي جي آخر ۾ يورپ جي مشهور اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر شانائتو ڏنل آهي.
دهلي ٽو سوئيزر لينڊ وايا تاج محل مختصر پر معلوماتي سفرنامو آهي جو سنڌي سفرنامن جي تاريخ ۾ جوڳي جاءِ والاريندو. محترم ادا عبدالحئي پليجو کي هن نئين ڪتاب آڻڻ تي مبارڪباد ٿي ڏيان. شال پاڻ سٺيءَ صحت سان سفر جا آزموده ڪندا رهن ۽ سنڌي ادب کي نوان نوان سفرناما ڏيئي مالا مال ڪن.

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
23-12-2020
A-03، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد.

دهلي جو درشن

---

1

ڪنھن زماني ۾ منھنجا سفرنامان وڏي تعداد ۾ سوجهري رسالي ۾ ڇپجڻ لڳا ۽ اُنھن کي تمام گهڻو ريسپانس مِليو. انھيءَ ڪري رسالي جي ايڊيٽر تاج بلوچ سان سندس آفيس يا منھنجي گهر ڪراچيءَ ۾ اچڻ وڃڻ هوندو هو ۽ سوجهرو واقعي هڪ سنڌي ادبي رسالي طور سڄي سنڌ ۾ ڏاڍي مڃتا ماڻي چُڪو هو، بند ٿيڻ تائين. پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو سڄي سنڌ ۾ پيدا ڪري چُڪو هو. پر پوءِ خبر ناهي ڇو هِن رسالي کي بند ڪيو ويو؟ جيتوڻيڪ هن جي شھرت ۾ آخر تائين ڪا به گهٽتائي ڪانه آئي هئي، هينئر به سنڌي اخبارون ۽ ڪِتاب وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ شايع ٿي رهيا آهن، پر سنڌيءَ ۾ مھراڻ رسالي کانسواءِ ڪو به معياري رسالو شايع ڪونه ٿو ٿئي. الائي ڇو سنڌي رسالا گهڻي دير ڪو نه هلندا آهن. جنھن جو ٻيو مثال ”سھڻي“ رسالو ۽ ”روح رهاڻ“ رسالو هئا، جن جو اسان جي شاگرديءَ واري دؤر ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ پھچڻ جو ئي انتظار هوندو هو. جيئن ڪنھن سُٺي فلم جي اچڻ جو انتظار هُجي سٺ ستر جي ڏهاڪن ۾ سھڻي ۽ روح رهاڻ رسالن سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ پاڻ ملھايو ۽ تيستائين هلندا رهيا جيستائين وڃي رسالا حڪومت جي بندش ڪري بند ٿيا ۽ ائين سھڻيءَ جو ايڊيٽر وڃي جيل ڀيڙو ٿيو، جِت هو ڪيترائي سال بي دريافتو جيل ۾ رهيو ۽ هِن جيل اندر به ڪئين ڪِتاب لِکيا، جيڪي پوءِ هِن جيل مان آزاد ٿيڻ شرط ڇپرايا ۽ اُهي ڪِتاب به ڏاڍا مقبول ٿيا.
هڪ ڏينھن تاج بلوچ فون ڪيو ته هندستان ۾ ڪا ادبي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، جي توهان انڊيا هلو ته سڀاڻي شام منھنجي آفيس اچو ته ويزا فارم ڀري اسان اسلام آباد جي هندستان جي سفارت خاني موڪليون، ويزا لاءِ اسان وَٽ هندستان ۽ دهليءَ جو ليٽر آهي. اُن جي بُنياد تي اسان کي ويزا يقيني ملي ويندي. مون مِنا سان ذڪر ڪيو مِنا چيو ته ڀلي، پر اڳوڻن ٽوئرن ۾ پاڻ سان هڪ ڀيري نور محمد ٻي ڀيري فرخ هو. هاڻ ڊاڪٽر پارس کي وٺي هلبو.
مون پنھنجي پراڻي يار غلام حسين رنگريز سان به انھيءَ پروگرام بابت ذڪر ڪيو ته تون اسان سان گڏ هل. پاڻ چئين ته آئون سُڀاڻي توهان کي ٻُڌائيندس. صبح مون وري کيس فون ڪيو ته پاڻ اسان سان ها ڪئي. اسان ٻي ڏيھاڙي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ٿورو اندر گهٽيءَ ۾ سوجهري جي آفيس وياسين ته تاج بلوچ اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو. پاڻ ڪانفرنس بابت سربستو احوال ٻُڌايو. انھيءَ وقت هندستان جي هِڪ اديب لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا جو ڪتاب سوجهري رسالي ۾ قسطن ۾ شايع ٿيندو هو ۽ هندستان ۾ سنڌي اڪيڊمي طرفان هن فنڪشن کي لڇمڻ ڪومل ئي آرگنائيز ڪري رهيو هو. تنھن ڪري پاڪستان لاءِ هِن سڄو ڪم تاج بلوچ حوالي ڪيو هو ۽ پاڪستان مان ويندڙ هِن وفد جو سربراهه به پھريائين تاج بلوچ هو. پر پوءِ هنن تاج بلوچ جي جڳھه تي هِڪ ٻي اديب ۽ رٽائرڊ ڪاموري قمر شھباز کي وفد جو اڳواڻ مقرر ڪيو. تاج بلوچ اسان کي چار ويزا فارم ڏِنا جيڪي ٻي ڏينھن اسان في جي پيسن سميت سندس حوالي ڪيا. پر ڪافي وقت گُذري ويو ڪابه اُن باري ۾ چُرپُر نظر نه آئي ۽ تاج بلوچ ته ڄڻ انھيءَ سڄي پروگرام کان لاتعلق ٿي ويو. ڪافي ڏينھن کانپوءِ مون کي قمر شھباز فون ڪري چيو ته توهان جا پاسپورٽ ويزا لڳي اچي ويا آهن. هي پروگرام 20 کان 27 مارچ 2004ع ۾ دهليءَ ۾ آهي، توهان پنھنجي مرضيءَ سان ڀلي هوائي جھاز يا ريل ۾ اچو. پاڻ هاڻ دهليءَ ۾ مِلنداسين.
اسان ويزا مِلڻ بعد هندستان وڃڻ جي تياري ۾ لڳي وياسين. اسانجي گروپ جي هِڪ دوست غلام حسين رنگريز اسان سان هندستان هلڻ جي معزرت ڪئي، باقي آئون مِنا ۽ منھنجي ڌيءَ ڊاڪٽر پارس ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي تياري ۾ لڳي وياسين. هِن کان اڳ آئون ٻه دفعا هندستان ويس ۽ ٻئي دفعا آئون باءِ ايئر ويس. سو هينئر اسان پروگرام ٺاهيو ته باءِ ٽرين واگها بارڊر کان ٿيندا دهليءَ وڃون. پر جڏهن پاڪستاني پنجاب ۽ هندستاني پنجاب اسان ٽرين هلندي ڏٺو ته اسان کي سواءِ هڪ تفاوت جي ٻيو سڄو هڪجھڙو نظر آيو. اُهي ئي هڪ جھڙا گهر، هڪ جھڙا ماڻھو، هڪ جھڙا فصل ۽ هڪ جھڙيون زمينون، هڪ جھڙا شھر ۽ ڳوٺ هڪ جھڙا روڊ رستا، هِڪ جھڙيون هوائون ۽ وڻ وڻڪار، هِڪ جهڙا جانور ۽ پکي پکيئڙا، هڪ جھڙا کاڌا ۽ مشروب، هڪ جھڙيون سائيڪلون، موٽر سائيڪلون، ڪارون، بسون، ٽرڪون، هڪ جھڙا ماڻھن جا مزاج ۽ هڪ جھڙو آسمان اُن ۾ تارا چنڊ ۽ سج، هِڪ جھڙيون برسات جون بُوندون، هِڪ جھڙا گاهه ۽ پيچرا، هِڪ جھڙاوڻن گُلن ۾ ميوا ۽گُل ۽ اُنھن جي خوشبو ۽ لذتون هڪجھڙيون هوائون ۽ واچوڙا، هڪ جھڙا بئراج ۽ شاخون، واٽر ڪورس ٻيو ته ٺھيو پر پليٽ فارم تي اُڏامندڙ مکيون ۽ جيت به هڪ جھڙا هئا. تفاوَت هو ته صرف پاڪستان جي پنجاب جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مسجدون هيون ۽ هندستان جي پنجاب ۾ شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گرد وارا هئا. ٻيو مڙوئي ٿيو خير ۽ هندستاني پنجاب ۾ گرد وارن کي محفوظ ۽ پناهه ڏيڻ لاءِ پنجاب کي ٻه ٽڪرا ڪيو ويو. هِن ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جيڪا 30-29-28 مارچ 2004ع ۾ ٿيڻي هئي، اُن ۾ شرڪت لاءِ هندستان مان جن اديبن کي دعوت مِليل هئي اُنھن جا نالا هئا.
1- آءِ. ايس. اسراڻي (سابق چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ)
2- ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي.
3- ڊاڪٽر ڄيٺلي
4- وينا شرنگي
5- شالني ساگر
6- روي ٽيڪچنداڻي
7- رام پنجواڻي
8- ايم. ڊي ڀاوناڻي
9- آنند کيماڻي.
10- گهنشام هوتملاڻي
11- هيرو ٺڪر
12- ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش
13- اسلم پيرزادو، هي هندستان ۾ رهندڙ سنڌي مسلمان هو.
14- ڪرشن راهي
15- مايا راهي
16- هري موٽواڻي
17- ٺاڪر چاوَلا
18- لعل پشپ
19- مدن جماڻي
20- اي. جي اُتم
21- کيمن مولاڻي
22- ٽيڪم آفتاب
23- جهامو ڇڳاڻي
24- لتا تھلياڻي
25- اندرا واسواڻي
26- موتي پرڪاش
27- ڪلا پرڪاش
28- ستيش روهڙا
29- ومي سدا رنگاڻي
30- هري دلگير
31- هيرو شيوڪاڻي
32- اندرا شھدادپوري (هاڻي پوني والي)
33- ريٽا شاهاڻي
34- سندر اگناڻي
35- لڇمڻ ڀمباڻي
36- ڪملا گوڪلاڻي
37- تيلو ميگهه
38- گوبند خوشحالاڻي
39- ارجن حاسد
40- لڇمڻ ڪومل.
سنڌ ۾ هنن اديبن سان گڏ ڪِن فنڪارن ۽ صحافين کي دعوتون ڏِنيون ويون هُيون.
1- ڊاڪٽر غلام علي الانا
2- شمشير حيدري
3- بشير مورياڻي
4- حميد سنڌي
5- قمر شھباز
6- آغا سليم
7- نوردين سرڪي
8- غلام حسين رنگريز
9- تاج بلوچ
10- هدايت بلوچ
11- شوڪت شورو
12- حميد ڀٽو
13- مومل پليجو
14- پارس پليجو
15- پروين جبين
16- شمع نورالدين
17- عطيه دائود
18- شمع خيبر
آئون، مومل ۽ پارس شالامار ٽرين ۾ ٽي A.C جون ٽڪيٽون وٺي صبح 9 بجي لاهور لاءِ روانا ٿي وياسين. سنڌ جي نھايت قيمتي ۽ سرسبز زمينن مان هلندي هلندي اڳتي وڃي رهيا آهيون. اسان ٻنپھرن جو گهران تيار ڪري آندل پَلي جو پُلاءُ ۽ سيئل آنين جي ڊش ساڻ مانجهاندو ڪيو. ماني کائي مون ٿورو آرام ڪيو. باقي مِنا ۽ ڊاڪٽر پارس ڪچھري ڪنديون هليون.
جنھن ريل گاڏيءَ ۾ اسان اڄ سفر ڪري رهيا آهيون. اُن جي نظام جي شروعات سورهين صديءَ عيسوي ۾ انگلينڊ ۾ ٿي. پھرين ننڍي ريل يا ٽرام ڪوئلي يا پٿر کي کاڻين مان ڪڍي کڻي اچڻ لاءِ ٺاهي وئي. پھرين ريل جون پٽڙيون ڪاٺ جون هونديون هيون، ريل گاڏيءَ کي جانور ڇڪي هلندا هئا. هِن ننڍي پئماني تي ريل نظام ڪري مال وڏي تعداد ۾ کاڻين مان نِڪرڻ لڳو. ڪافي ورهيه پوءِ اُن ريل جي پٽڙين کي لوهه سان تيار ڪيو ويو.
1767ع ۾ پھريون ڀيرو هِڪ برطانوي فرم ڪاسٽ آئرن سان ريل تيار ڪئي ۽ پوءِ 1811ع ۾ لوهي ڦيٿن سان ريل گاڏي هلڻ لڳي. هي جديد ريلوي نظام اوڻھين صديءَ جي ابتدا ۾ انگلينڊ ۾ تيار ٿيو. ريل جي موجوده جديد نظام جو سھرو جارج اسٽيفن نالي ماڻهوءَ ڏانهن وڃي ٿو. سندس پھرين ٺاهيل ريل ٻارهن ميل في ڪلاڪ اسپيڊ سان هلڻ شروع ڪيو پر انھيءَ ۾ مسافرن لاءِ ڏٻا پنج سال پوءِ هِن ئي لڳائي ريل کي ماڻھن جي استعمال ۾ آندو ۽ هن ئي ريل جي اسپيڊ هڪ ڪلاڪ ۾ ٽيھن ميلن تي آندي. هِن ريل جي پٽڙي جو باقاعده افتتاح 15 سيپٽمبر 1830ع ۾ ڪيو ويو، ۽ اُنَ ريل ۾ ڇھه سئو مسافر هئا جن کان ڀاڙو ڪونه ورتو ويو. ڄڻ ته اُهي مھمان هئا. پوءِ جيئن ريل جو نظام وڏي پئماني تي شروع ٿيو ته جبلن اندر رستا ٺاهي ۽ جبل هموار ڪري مفاصلن کي گهٽايو ويو. ته ماڻھن جو هڪ جڳھه کان ٻي جڳھه ڏانھن اچڻ وڃڻ آسان ٿي پيو اها خبر جڏهن يورپ جي ٻين مُلڪن ۽ آمريڪا تائين پھتي ته اُنھن به پنھنجي ملڪن ۾ ريل جو نظام شروع ڪيو.
رضا علي عابدي B.B.C واري پنھنجي ريل ڪھاڻيءَ ۾ لِکيو آهي ته انگلينڊ کانپوءِ ريل فرانس. آمريڪا، جرمني، روس، اٽلي، اسپين ۽ ميڪسيڪو ۾ شروع ٿي ۽ انگريز جي دؤر ۾ گڏيل هندستان ۾ پھريائين ريل گاڏي 16 اپريل 1853ع تي هلي. جيڪا بمبئي کان ٿاڻي تائين هلائي وئي. ٽي لڳي پنجويھه منٽن تي جڏهن ريل هلي ته منجهس چار سئو مسافر هئا. گاڏي هلڻ مھل گاڏيءَ کي 21 توپن جي سلامي ڏِني وئي. ريل ۾ چوڏهن گاڏا ۽ ٽي انجيڻيون هيون. هرهِڪ انجڻ جو نالو سنڌ، سلطان ۽ صاحب هو. اُن ڏينھن بمبئي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو.
سنڌ ۾ انگريزن 1858ع ۾ ريل گاڏي جي پٽڙي وڇائڻ شروع ڪئي. جڏهن پٽڙي ۽ ريل تيار ٿي ته گاڏا اڃان ڪونه ٺھيا هئا، ۽ سنڌ جو ڪمشنر فريئر بدلي ٿي وڃي رهيو هو. تنھن ڪري ريل سان ڪاٺ جو هڪ کُليل ڏٻو ٺاهي ڪمشنر کي اُن ۾ ويھاري ريل جو افتتاح ڪيو ويو. هن منظر کي ڏِسڻ لاءِ ستر هزار ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ عام ماڻھن جو خيال هو ته هِن کي شيطان هلائي رهيو آهي. جڏهن پھرين سنڌ ۾ ريل هلڻ شروع ڪيو ته گاڏن ۾ بينچون ڪونه هونديون هيون ماڻھو بسترا کڻي ايندا هئا. اُنھن تي ويھندا ۽ سمھندا هئا ۽ سنڌ ۾ هِن ريل جو نالو هو سنڌ ريلويز.
اسان جي هِن سفر ۾ نور محمد مُنھنجي پُٽ جو هڪ دوست جنھن جو نالو هو ”عناد“ به گڏ هو. سڄو وقت لاهور ۾ کيڏي ويندڙ ون ڊي ڪرڪيٽ مئچ ڏسي رهيو هو، ۽ پاڻ ساهيوال ۾ اسان کان موڪلائي ريل مان لھي هليو ويو، ريل ۾ ٻيا سنڌي به وڏي تعداد ۾ چڙهيل هئا. جيڪي گرونانڪ جي درگاهه سان گڏ ٻي ڪنهن درگاهه جي زيارت لاءِ وڃي رهيا هئا اسان سنڌ ڇڏي پنجاب جي سر زمين تي سفر ڪري رهيا هئاسين، سنڌ ۾ واهن بئراجن ۾ پاڻي گهٽ ڏسڻ ۾ آيو پر جيئن پنجاب ۾ داخل ٿياسين بئراج، واهه شاخون پاڻيءَ سان ٽمٽار ڀريل نظر آيون.
1- پاڪستان ٺھڻ کان اڳ قرار داد پاڪستان ۾ لکيل هو ته سڀني رياسين States جي پنھنجي وسيلن تي پنھنجي مالڪي هوندي، جيڪا به رياست فيڊريشن کان الڳ ٿيڻ چاهيندي ته علحده ٿي سگهندي.
2- وَن يُونِٽ ٺھڻ مھل چئون ته سڀ خرچ ننڍن صوبن تي ڪيو ويندو ۽ وَن يُونِٽ ٺھڻ ڪري ننڍا صوبا امير ٿي ويندا.
3- نوازشريف د ﺂر حڪومت ۾ پاڻيءَ جو صوبن ۾ ٺاهه ٿيو جنھن کي 1990ع وارو پاڻيءَ جو ٺاهه چيو وڃي ٿو، پر اڄ ٽيهه سال گذرڻ باوجود ان تي عمل نٿو ٿئي، 2019-5-22 تي ڪاوش اخبار ۾ سنڌ جي نمائيندي چيو ته ارسا جي ميٽنگ ۾ مونکي پنجاب جي نمائيندي گاريون ڏنيون ته ارسا جي چيئرمين وضاحت ڪئي ته ائين اڪثر ميٽنگ ۾ ٿيندو رهندو آهي.
رات جي مانيءَ ۾ به اسان گهران ٺاهي آندل شامي ڪباب مختلف تريل سبزيون پٽاٽا ۽ کير چانورن سان کاڌا ماني کائڻ بعد تقريبا ٻه ڪلاڪ بعد لاهور ريلوي جنڪشن تي پھتاسين ته اُت حميد ڀُٽي اسان جي آجيان ڪئي ۽ پاڻ اسان کي ٻڌائين ته مون ريلوي اسٽيشن تي ٻه ائيرڪنڊيشن ڪمرا بُڪ ڪرائي ڇڏيا آهن. هڪ ۾ توهان ۽ هڪ ۾ آئون ۽ شمشير حيدري رهنداسين ۽ صبح سويرَ پاڻ ريل ذريعي دهليءَ هليا هلنداسين، اسان شمشير سان به ملياسين. شمشير سان منھنجو ۽ بابا جو ڪيتري وقت کان دوستيءَ جو واسطو رهيو آهي شمشير جھڙو هو سٺو شاعر اهڙو ئي پاڻ سٺو انسان هو، صوفي منش زندهه دل فقير طبيعت جو ماڻهو هو.
اسان سڄي ڏينھن جي مسافريءَ جا ٿَڪل هئاسين، تنھنڪري يڪدم سمھي رهياسين ۽ صبح سوير ريلوي اسٽيشن تي ناشتو ڪيوسين لاهور ريلوي جنڪشن پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ريلوي اسٽيشن آهي، ۽ پنجاب جي گاديءَ جو شھر هئڻ ڪري ۽ ون يونٽ ٺھڻ ڪري چئني صوبن جو خُود به خُود به گاديءَ جو شھر ٿي ويو، پاڪستان ۾ هر ترقياتي ڪم پھرين لاهور ۾ ٿيندو آهي، مثلا پاڪستان ۾ پھرين ٽيليويزن اسٽيشن لاهور ۾ قائم ٿي، ان وقت نه لاهور سڄي ويسٽ پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ هو نڪو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شھر هو ته به T-V اسٽيشن اُت قائم ڪيو ويو، سڄي دنيا اندر موٽرويز جي شروعات پورٽ وارن شهرن کان ٿئي. پر پاڪستان ۾ موٽروي پورٽ ڪراچيءَ شھر کان نه پر لاهور کان اسلام آباد ٺاهيو ويو، پاڪستان ۾ جڏهن گئس دريافت ٿي ته پھرئين بلوچستان کان گئس لاهور شھر کي ڏني وئي، پھرئين گرين بس سروس لاهور شھر ۾ چالو ٿي، پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊپارٽمينٽ واپڊا آهي، ان جو هيڊ ڪوارٽر به لاهور ۾ آهي، پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ديني اجتماع به راءِ ونڊ لاهور ۾ ٿئي، پھريئن اهو اجتماع ٽنڊي آدم ۾ ٿيندو هو، بينظير ڀٽو چوندي هئي ته تخت لاهور جي وزير عظم لاءِ قانون جدا آهي، ته سنڌ مان چونڊيل وزير اعظم لاءِ قانون جدا آهي، پنجاب جي حاڪمن ۽ عوام جو اهو حڪم آهي ته جيئن اسين سوچيون ته سنڌي به ايئن سوچين. تخت لاهور جو ذڪر ٿئي، ۽ راڻا رجيت سنگهه جو ذڪر نه ٿئي، اهو ڪئين ٿو ممڪن ٿي سگهي.
راڻا رنجيت سنگهه جنهن کي شير پنجاب ۽ دنيا اندر پھريئن سک رياست جي باني طور سڃاتو وڃي ٿو، تنھن موجود پنجاب ۾ ٻيا صوبا فتح ڪري گريٽر پنجاب ٺاهيو، نه ته هن جي پيءُ مھا سنگهه جي مرڻ کان پوءِ ھي صرف گجرانوالا شھر جو حاڪم ٿيو، تڏهن هن جي عمر صرف پندرهن سال هئي، هن گجرانوالا جو حاڪم ٿيڻ کان پوءِ 1799ع ۾ پنجاب جي گاديءَ جي شھر لاهور تي قبضو ڪيو، 1801ع ۾ هن پنھنجي مھا راجه هئڻ جو اعلان ڪيو، هڪ سال بعد هن سکن جي مقدس شھر امرتسر تي قبضو ڪيو.
1818ع ۾ ملتان جي خود مختيار حڪومت تي قبضو ڪري پنجاب سان شامل ڪيو، اهو قبضو اڃان تائين برقرار آهي، 1819ع ۾ هن پشاور کي پنھنجي قبضي ھيٺ ڪيو، ۽ پوءِ ڪشمير ۾ پٺاڻن جي حڪومت ختم ڪري هن کي پنھنجي ماتحت ڪيو ۽ آهستي آهستي سڄو پنجاب فتح ڪندي اچي سنڌ جي سرحد تي پھتو ان دؤرانِ هن پنھنجي فوج کي وڏي پئماني تي مضبوط ڪيو، هن جي فوج کي مضبوط ڪرڻ ۾ انگريزن جو به وڏو ڪردار هو، هن جي فوج ۾ سک مسلمان ۽ هندو سڀ شامل هئا، سڀ کان آخر ۾ هن لداخ فتح ڪيو، هن جو سنڌ کي فتح ڪرڻ جو ارداو هو، پر انگريزن هن کي وڌيڪ ملڪ فتح ڪرڻ کان سختيءَ سان روڪي ڇڏيو، هن چاليھه سال وڏي دٻدٻي سان حڪومت ڪئي نيٺ پاڻ لاهور ۾ وفات ڪئي سندس مقبرو به لاهور ۾ آهي، سندس مرڻ بعد صرف ڇھن سالن ۾ سک حڪومت جو وجود ئي ختم ٿي ويو، ۽ ائين 1849ع يعني سنڌ فتح ڪرڻ جي ڇَهن سالن بعد انگريز راڻا رنجيت سنگهه جي سڄي حڪومت تي پاڻ قابض ٿي ويا.
هندستان جي ويزا جون چار ڪئٽيگريز آهن، پاڪستانين لاءِ هڪ باءِ ايئر، ٻئي باءِ بس، ٽيون باءِ ٽرين ۽ چوٿون ويزا جو قسم هي لکن باءِ فٽ ان جو مطلب ته توهان واگھا بارڊر تي پھچي پاڪستان ۽ هندستان جي اميگريشن ۽ ڪسٽم کان ٿيندا پوءِ انڊيا جي سر زمين تي داخل ٿي پنھنجي مرضيءَ سان ريل بس يا پنھنجي پرائيوٽ ٽرانسپورٽ ڪري پنھنجي لڳل ويزا وارن شھرن ۾ پھچو، اهو ويزا جو قسم خاص ماڻهن کي ملندو آهي.
اسان جي دعوت جئين ته دهلي حڪومت ڪئي هئي، انھيءَ ڪري اسان کي به اها ويزا واري سھولت مليل هئي، پر اسان مان ڪنهن کي به ان ويزا واري اهميت جي خبر نه هئي، ۽ اسان لاهور کان پھرئين واگها پوءِ واگها کان اٽاري لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪيون، جئين هر عام ماڻهو هندستان ويندا رهندا آهن، اسان ٽڪيٽ خريد ڪري ٽرين ۾ چڙهي پھريائين پاڪستان جي آخري ريلوي اسٽيشن واگها تي لٿاسين ٿوري ئي دير ۾ اميگريشن ۽ ڪسٽم مان واندا ٿي هندستان جي ريل ۾ چڙهي اسان اٽاري ريلوي اسٽيشن لاءِ روانا ٿياسين.
اسان کي واگها اسٽيشن تي هرو ڀرو اٺ ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو ۽ ڏاڍي بوريت ٿي ۽ اسان کي ڏاڍو افسوس به ٿيو ته اسان هن مصيبت کان بھتر هو ته باءِ ايئر اچون ها پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”پنھنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب“ سو چپ چاپ اهو سور سھي وياسين ۽ وري انھيءَ روٽ تي مسافريءَ کان هميشه لاءِ توبھه ڪئي سين.
اسان واگها کان جڏهن اٽاري ريلوي اسٽيشن تي پھتاسين ته انڊين اميگريشن وارن چيو ته توهان جي ويزا ۾ لکيل آهي ته توهان باءِ فوٽ By Foot ايندا تنھن ڪري اسان پنھنجي بالا آفيسرن سان ڳالھايون ٿا جي انهن توهان کي اجازت ڏني ته ٺيڪ نه ته سڀاڻي واپس هن ئي ريل ۾ لاهور هليا وڃجا، ڪانفرنس پنھنجي جاءِ تي پر هت ته وڏي مصيبت کي مُنھن ڏيڻو ٿي پيو نيٺ ڪافي دير کان کانپوءِ اسان کي اجازت ملي ته اسان انھيءَ ريل ۾ رات جو 8:30 ساڍي اٺين بجي چڙهي دهليءَ لاءِ روانا ٿياسين سڄي سفر ۾ رات هئي تنھن ڪري ڪجهه به نظر نٿي آيو صرف لائيٽن کان سواءِ هندستان جي ريل پاڪستان جي ريل کان هر لحاظ کان گهٽ معياري هئي، ماڻهن جو اسٽينڊرڊ به گهٽ نظر آيو.
اسان رات جو پنجين بجي پراڻي دهلي ريلوي اسٽيشن پھتاسين. ريلوي اسٽيشن تي اسان کي وٺڻ لاءِ هِڪ سنڌي صحافي شري ڪانت ڀاٽيا ۽ ٻين چئن ڄڻن گُلن جا هار وجهي اسان جو استقبال ڪيو. ڀاٽيا ڪافي سوشل ماڻھو هو. جنھن سان پوءِ انڊيا جي سڄي سفر ۾ ۽ وري جڏهن هو پاڪستان آيا ته سُٺي دُعا سلام ۽ ڪچھري ٿي. هِنن اسان کي گاڏي ۾ چاڙهي اچي پھاڙ گنج علائقي ۾ هوٽل ايئرلائين ۾ لاٿو اُت اسان جا ڪمرا اڳئي بُڪ هئا.
شمشير ۽ حميد ڀٽو هِڪ ڪمري ۾ رهيا ۽ اسان ٽيئي هِڪ ٽرپل بيڊ ڪمري ۾ رهياسين. هوٽل جي لکپڙهه کانپوءِ اسان وڃي آرامي ٿياسين. هوٽل رسيپشن تي ٻئي ڇوڪرا سنڌي هندو هئا ۽ هوٽل جو مالڪ سِک پنجابي هو. جنھن سان پوءِ اسان جي ملاقات ٿي.
اسان ننڊ مان اُٿي پھريائين ناشتو ڪيو پوءِ دهليءَ جو لال قلعو ۽ بادشاهي مسجد گُهمڻ وياسين. دهليءَ ۾ مون کي غريبت ڪراچيءَ کان وڌيڪ نظر آئي. دهليءَ شھر ۾ مون سَوَن مردن عورتن کي اُگهاڙين پيرين ڏِٺو. ڪراچيءَ ته ٺھيو پر مون منھنجي ڳوٺ ٻنيءَ ۾ به ڪڏهن ڪنھن فقير کي به اُگهاڙي پيرين ڪونه ڏِٺو آهي.
دهلي شھر کي 1193ع ۾ پرٿوي راج تعمير ڪرايو. 1193ع ۾ ئي قطب الدين هِن کي فتح ڪري دهلي کي ملڪ جي گاديءَ جو شھر بڻايو. جيتوڻيڪ دهلي شھر جو ذڪر عيسوي صديءَ جي شروع کان هِڪ صدي اڳ اسان کي تاريخ ۾ مِلي ٿو. دهليءَ ۾ مسلم فن تعمير جا لاجواب ۽ خوبصورت نمونا توهان کي وڏي تعداد ۾ مِلندا.
اڄ هندستان جو وزيراعظم قوم کي خطاب ۽ خاص ڏينھن تي خطاب دهليءَ جي لال قلعي مان ڪندو آهي، ۽ ملڪ جون وڏي پئماني جون تقريبون دهليءَ جي لال قلعي ۾ ئي ٿينديون آهن.
1857ع جي انگريزن خلاف جنگ کان پوءِ انگريزن ڪلڪتي جي جڳھه گاديءَ جو هنڌ دهليءَ کي مقرر ڪيو. جيڪو اڄ تائين هلندو اچي. دهليءَ ۾ مسلمانن جون محل محلاتون اڄ به دُنيا جي سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿيون. جِت توهان کي هزارن جي تعداد ۾ سياح مِلندا جنھن ۾ لال قلعو، قطب مينار، لوڌي گارڊن، همايون جو مقبرو، بادشاهي مسجد، نظام الدين اولياءَ جي درگاهه، غالب جو مقبرو، چاندني چوڪ، بازار خاص قابل ذڪر آهن. دهلي ته ٻن حِصن ۾ ورهايل آهي هڪ نئين دهلي ته ٻي پُراڻي دهلي. هندستان ۾ دهلي بمبئي ۽ ڪلڪتي کانپوءِ وڏي ۾ وڏو شھر آهي. دهلي گهڻو وقت مغل بادشاهن جي گاديءَ جو شھر رهيو اُن ڪري هن شھر ۾ زياده ۾ زياده ترقي ٿي، خاص ڪري شاهجھان جي وقت ۾.
هِت دهليءَ يونيورسٽي پھريون دفعو 1922ع ۾ انگريز دؤرِ حڪومت ۾ تعمير ٿي دهلي شھر کي گهڻي ۾ گهڻو تباهه ۽ برباد تاتاري فاتح تيمورلنگ ۽ افغان بادشاهه شير شاهه سوريءَ ڪيو.
دهلي هينئر هندستان جي گاديءَ جو شھر هئڻ ڪري، سڄي هندستان جي شاهي رستن جو مرڪز آهي ۽ هڪ وڏو صنعتي ۽ سياسي مرڪز آهي.
اسان صبح سوير قطب مينار ڏسڻ وياسين هِتي ڪافي رش هئي. هندستان ۾ سڄي دُنيا جا سياح وڏي تعداد ۾ هِت اچن ۽ اُنھن جي سھولت لاءِ حڪومت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
ففٽيز ۽ سڪسٽيز ۾ هندستان کان به زياده سياح پاڪستان ۾ ايندا هئا. پر مليٽري ڊڪٽيٽر ضياءُالحق جي دؤر ۽ افغان جنگ ۾ روس سان آمريڪي اشاري تي جنگ ڪري پاڪستان ۾ بيشمار هٿيار اچي ويا ۽ انھيءَ جو غلط استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ضياءَ دؤر ۾ ته ماڻھن کي کُلئي عام شھرن جي اسٽيڊيم ۾ ڪپڙالاهي ڪوڙا هڻندا هئا. اهڙا لڪاءُ انھيءَ دؤر ۾ دُنيا جي اخبارن ۾ شايع ٿيا، سڄي دُنيا جا سياح پنھنجي اکين سان اِهو منظر ڏِسي ويا هئا. سڄي دُنيا ۾ پاڪستان خلاف گهڻو خراب اثر پيدا ٿيو ۽ ايئن آهستي آهستي ملڪ ۾ هٿيارن ڪري وڏي تعداد ۾ ڌماڪا ٿيا ۽ اُهي هٿيار گهر گهر پھچي ويا. خاص ڪري صوبي پختونخواه ۾ BBC 1970-8-18 تي پنھنجي پروگرام ۾ ٻُڌايو ته 1947ع کان اڳ يعني ورهاڱي کان اڳ هندستان ۾ مسلمانن جو نوڪري ۾ هجڻ جو تناسب ٻارنھن سيڪڙو هو. جيڪو هاڻ مسلمانن کي هندن جي حڪومت طرفان نظر انداز ڪرڻ ۽ مسلمانن سان تعصب ڪري گهٽجي وڃي صرف ٻه يا ٽي سيڪڙو رهيو آهي. انھيءَ پروگرام ۾ BBC ٻُڌايو ته مسلمان هِڪ ٻي کي سلام ڪندي به ڊڄندا آهن ته هندو ايئن نه سمجن ته هي ڪو خفيه ڪوڊ استعمال ڪري رهيا آهن، ۽ 1947ع کانپوءِ هندن هندستان ۾ مسلم قيادت کي اُڀرڻ ئي ڪونه ڏنو.
چوَن ٿا ته هندستان سيڪيولر ملڪ آهي پر هندستان ۾ ڳئون کي نه ڪوهڻ جو باقاعده قانون ٺھيل آهي جنھن جو نالو آهي. Cattle Prvant Act هن قانون جي ڀڃڪڙي جي سزا آهي پنج سال قيد ۽ ڏهه هزار رپيا ڏنڊ.
ڪاوش اخبار ۾ 2015-10-1 ۾ هي خبر لکيل هئي ته هندستان جي صوبي اُتر پرديش ۾ هِڪ مسلمان محمد اخلاق کي پنجاهه هندو ماڻھن گهر ۾گهڙي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس زال ۽ پُٽ کي سخت زخمي ڪيو ته تنھنجي گهر ۾ ڳئون جو گوشت رکيل آهي. انھيءَ ڪري هن کي گهر مان گھيلي ٻاهر چوڪ تي پٿرن ۽ سرن سان تڙپائي تڙپائي شھيد ڪيو ويو.
هندستان ۾ جي هندُن تي حملو ٿيو ته به مسلمانن کي مارين ۽ پوليس گرفتار ڪري پر مزي جي ڳالھه ته هندستان ۾ جي مسجدن تي حملو ٿئي تڏهن به مسلمانن کي گرفتار ڪن تنھن جو مثال حيدرآباد دکن جي ”مڪه مسجد“ آهي جنھن ۾ بم ڌماڪي جي الزام ۾ به سَوَين مسلمانن کي گرفتار ڪري مٿن سخت ٽارچر ڪيو ويو.
هندستان جي اڳوڻي وزير خارجه جسوَنت سنگهه پنھنجي هِڪ ڪِتاب ۾ لِکيو آهي ته گانڌي پڪو تعصبي هندو هو ۽ هو هِڪ مقامي سوچ رکندڙ هو. انھيءَ جي مقابلي ۾ جناح قومي سوچ رکندڙ با اصول ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ هو. BBC پنھنجي پروگرام 2018-8-2 ۾ ٻُڌايو ته هندستان ۾ ڪيترن ئي شھرن جا نالا جيڪي مسلمانن جي نالي سان رکيل هئا. سي هاڻي لاهي اُنھن جا هندو نالا رکيا پيا وڃن. انھيءَ سلسلي جي ڪڙي طور هِڪ وڏي تقريب ۾ مغل سراءِ شھر جو نالو لاهي هڪ هندو نالو رکيو ويندو. جنھن ۾ صوبي جو وزيراعليٰ ۽ مرڪزي وزير شريڪ ٿيندا.
هندستان اندر بنگلاديش واري جنگ ۾ ماڻھو بنگلاديش مان لڏي هندستان ويا جن کي هاڻي پنجاهه سالن کانپوءِ هي چيو وڃي ٿو ته هاڻ ملڪ مان نِڪرو. تازو 2019ع جي اَوائل ۾ هندوستان جي موجوده حڪومت هڪ قانون پاس ڪيو آهي ته هندستان ۾ جيڪو به ماڻھو مسلسل ڇھه سال رهيو هوندو ته انھيءَ کي هندستان جي شھريت مِلندي پوءِ ڀلي هو ڪھڙي به رنگ نسل، مذهب سان واسطو رکندو هجي، پر اِها سھولت مسلمانن لاءِ بلڪل ڪانھي.
ڏهه ٻارنھن سال اڳ گُجرات صوبي ۾ مسلمانن لاءِ هڪ قيامت کان گهٽ واقعو ڪونه ٿيو. ٿيو ايئن جو هڪ ريل گاڏيءَ کي باهه لڳي جنھن ۾ ڏيڍ سئو کن ماڻھو مري ويا. انھيءَ کي بنياد بڻائي گُجرات صوبي ۾ اٽڪل ٽي هزار مسلمانن جي گهرن ۾ گهڙي اُنھن جي عورتن سان زنا ڪئي وئي ۽ کين گهرن اندر ساڙي ماريو ويو. يا هٿيارن سان کين ماريو ويو. انھيءَ ۾ گُجرات پوليس به مسلمانن کي مارڻ ۾ شامل هئي ايترا ماڻھو آمريڪا ۾ نائين اليوَن واقعي ۾ به ڪونه مئا هئا.
گُجرات جي وزيراعليٰ مودي جي سامھون جيڪو مسلمان اميدوار بيٺو هو تنھنجو نالو....... جعفري هو انھيءَ جي گهر تي ويھه هزار هندن حملو ڪيو ۽ عورتن سان زيادتي ڪري پوءِ مردن عورتن ۽ جعفري کي ڳڀا ڳڀا ڪري ماريوويو. انھيءَ جو ڏوهه صرف اِهو هو جو هِن موديءَ جي سامھون اليڪشن ڪئي. هندستان جي هندن کي هِن جو اِهو قدم اهڙو وڻيو جو وري اليڪشن ۾ هِن کي سڄي هندستان جو ٻه دفعا وزيراعظم وڏي اڪثريت سان چونڊيو ويو. اُنھن هنگامن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻھو دربدر ٿي ويا جيڪي اڃا تائين دربدر آهن. هندستان جي هندن کي مسلمانن ۽ پاڪستان کان ايتري ته نفرت آهي جنھن جو اندازو به نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙو اظھار ڪيترن مسلمانن پنھنجن سفرنامن يا نجي محفلن ۾ ڪيو آهي. ڊاڪٽر الانا ٻُڌايو ته آئون بمبئي ۾ هڪ فنڪشن ۾ ويس ته انائونسر چيو ته ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽي ۽ علامه اقبال يونيورسٽي جو وائس چانسلر هاڻ خطاب ڪندو ته اُت ڪيترن پڙهيل لکيل هندن باهه ۽ ساڙ مان چيو ته ڄٽ اسان جي وڃڻ کانپوءِ ايترو پڙهي لکي ويا آهن جو وڃي ٻن ٻن يونيورسٽين جا وائس چانسلر ٿيا آهن. مون کي خود هندستان جي چوٽيءَ جي اديب اُتم چيو ته سنڌ جي هندن سان توهان جي همدردي صرف انھيءَ ڪري آهي جو توهان کي هندن جي ڇڏي ويل ملڪيت مان ڪجهه به ڪين مِليو.
هِن ڪانفرنس ۾ به اڌو اڌ هندن جو رويو تمام تعصباڻو هو. هندستان جي چوٽيءَ جي ٻن اداڪارن شبانا اعظميٰ ۽ سيف علي خان چيو ته اسان کي صرف مسلمان هئڻ ڪري بمبئي ۾ گهر نٿو مِلي. هاڻ ته ريل جو سفر به مسلمانن لاءِ هندستان ۾ غير محفوظ ٿي ويو آهي، ڪئين واقعا ريل ۾ اهڙا ٿيا آهن. جو هلندڙ ريل ۾ مسلمان فيملين کي ماريو ويو آهي.

2

قطب مينار دهليءَ جي سياحتي جڳھين مان هڪ آهي هِت سڄو ڏينھن هزارن جي تعداد ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سياح توهان کي گهمندي ڦِرندي فلمون ڀريندي، فوٽا ڪڍندي نظر ايندا. پڻ هندستان جي ڪيترين فلمن جي شوٽنگ هِت ٿيل آهي. جنھن ۾ خاص عامر خان جي فلم فنا جو مشھور گانو عامر خان ۽ ڪاجول تي فلمايل آهي، جنھن جا ٻول آهن، سبحان الله سبحان الله.
قطب مينار ڳاڙهي ۽ هلڪي پيلي رنگ جي پٿرن سان تعمير ٿيل سموري هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ اوچو ٽاوَر آهي. قطب مينار جي بنياد جو قطر 14.32 ميٽر ۽ چوٽيءَ جو قطر2.75 يعني اٽڪل 9 فوٽ آهي. هن مينار جي اوچائي 72.5 ميٽر يعني 238 فوٽ آهي.
سلطان قطب الدين ايبڪ دهليءَ جو شھر فتح ڪري پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي يادگار طور سن 1199ع ۾ هِن مينار جو بُنياد رکيو. تعمير جي تڪميل بعد مؤزن هن مينار تي چڙهي ٻانگ ڏيڻ لڳا. هن مينار ۾ ڪل چار ماڙ ٺھيل آهن. مٿيان ٽي ماڙ بادشاهه جي ناٺيءَ ۽ ولي عھد، سلطان شمس الدين التمش تعمير ڪرايا هئا. مينار جا سمورا ماڙ چوڌاريءَ هڪ ڪٽھڙي سان گهيريل آهن. جنھن اندر ماڻھو آسانيءَ سان گهمي ڦِري سگهي ٿو. پھرين ماڙ وارو ڪٽھڙو ڄاريءَ جي سھڻي اُڪر سان آراسته آهي. مينار ۾ جُدا جُدا هنڌن تي عربي ۽ ناگري رَسمُ الخط ۾ ڪنده لکڻين ۾ سلطان قطب الدين ايبڪ جي تاريخي ڪارڪردگيءَ کي اُجاگر ڪيو ويو آهي. زمين جي سطح واري ماڙ ۾ موجود لکڻين ۾ ڄاڻايل آهي ته بادشاهه فيروز تغلق ۽ بادشاهه سڪندر لوڌيءَ قطب مينار جي مرمت ڪرائي هئي.
سن 1829ع ۾ ميجر آر. اسمٿ پڻ مينار جي مرمت ڪرائي هئي. قطب مينار سان ڪافي تعداد ۾ عمارتون متصل آهن. اُنھن ۾ مسجد قوت السلام مينار جي اُتر اوڀر طرف تي ٺھيل آهي. هي مسجد سلطان قطب الدين مينار جي تعمير کان اڳ سن 1198ع ۾ جوڙائي هئي. اها دهليءَ جي ڪنھن سلطان طرفان اڏايل اولين مسجد آهي. هن مسجد جو سحن اٺ ڪُنڊو آهي، جيڪو هجرن سان گهيريل آهي. اُهي هُجرا ڪالمن ۽ اُنھن ٿنڀن تي کڙا ڪيل آهن جن مان 27 ٿنڀا هِتي اڏيل هندو مندرن جا اصلي ٿنڀا آهن. اُهي ٿنڀا مندرن کي مسمار ڪندي هُجرن جي تعمير لاءِ بچايا ويا هئا. بعد ۾ سلطان التمش ۽ علاؤالدين لوڌيءَ هن مسجد ۾ هڪڙو محرابي اسڪرين پڻ تعمير ڪرايو هو ۽ مسجد ۾ وسعت آندي.
مسجد جي صحن ۾ هڪڙو لوهي ٿنڀو موجود آهي، جنھن تي چوٿين صديءَ عيسوي واري سنسڪرت ۽براهمي رسم الخط ۾ عبارت موجود آهي. انھيءَ موجب چندرا نالي هڪڙي تونگر بادشاهه جي يادگار لاءِ اهو لوهي ٿنڀو وشنو پد نالي ٽڪريءَ تي مھاديو ڀڳوان وشنوءِ جو جهنڊو يا بينر تصور ڪندي نصب ڪيو ويو هو. انھيءَ ٿنڀي جي چوٽيءَ تي هڪڙي نھايت سھڻي ساڪيٽ ٺھيل آهي. شايد انھيءَ ۾ ڪنھن ديوتا يادگروءَ جي مورتي آويزان هوندي.
سلطان التمش جو مقبرو قطب مينار جي ڀرسان اڏيل آهي. جيڪو سن 1235ع ۾ جوڙايو ويو هو. اُهو مقبرو ڳاڙهي وارياسي پٿر جو ٺھيل آهي. مقبري اندر ديوارن ۽ دروازن تي جاميٽريڪل عربي ۽ شامي طرز تحرير جي نھايت سھڻي خطاطي اڪريل آهي. ڦيٿن. ڌاڳن ۽ ٽونئرن تي مشتمل هندو مصوريءَ جا اهڃاڻ به هن مقبري ۾ موجود آهن.
مٿس هڪڙي لکت موجب مسجد قوت السلام جو ڏاکڻيون دروازو سلطان علاؤالدين خلجي سن 710 هجري يعني 1311ع ۾ جوڙايو هو. مسجد جي اڏاوت ۾ خالص اسلامي طرز تعمير، توڙي آرائش اختيار ڪئي وئي ۽ علاؤالدين خلجي، قطب مينار جي اتر طرف ”اعليٰ مينار“ جي نالي، سان هڪڙي نئين ۽ قطب مينار کان ٻيڻي اوچائي واري مينار جي تعمير شروع ڪرائي، پر هو انھيءَ مينار جو فقط پھريون ماڙُ مَس تعمير ڪرائي سگھيو جيڪو 25 ميٽر اوچو اڃا تائين موجود آهي.
قطب مينار جي چوڌاريءَ موجود عمارتن ۾ مسجد، مقبرا، مرقد ۽ مدرسو شامل آهن اسان سَڄي دهليءَ جو چڪر لڳايو. هندستان جون اخبارون پاڪستان جي اخبارن کان سستيون ۽ وڏيون ٿين. هندستان ملڪ نه پر هڪ کنڊ لڳي ٿو. جنھن ڪري يورپ ۽ آمريڪا جون وڏيون ڪمپنيون هت وڏي سيڙپ ڪن ۽ انھيءَ ڪري هندستان کي اهميت به گھڻي ڏين. رهائش جون هوٽلون، کاڌي پيتي جو سامان، پئٽرول ڊيزل ڀاڙا گھڻو ڪري هندستان ۾ پاڪستان جيترا آهن. ڪپڙو مردانو، عورتاڻو، جُتا ۽ کاڌا پاڪستان کان معيار ۾ تمام گھٽ آهن.
سنڌي هندو جيڪي تازو هتان لڏي ويا آهن، اُهي ڪپڙو گھڻو ڪري هينئَر به پاڪستان مان گھرائيندا آهن. ۽ هتان جيڪي تازا هندو لڏي ويا آهن، انھن ۾ اسان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ سِڪَ سرس ڏٺي باقي ورهاڱي وقت جيڪي هندو هتان ويا، تن سنڌ، سنڌين ۽ سنڌيءَ کي خدا حافظ چئي ڇڏيو آهي. اهي سئو سيڪڙو گھرن ۾ هندي ڳالھائين ۽ انھن سنڌين جي اولاد کي اها به خبر ڪانھي ته اسان سنڌ مان ڪٿان لڏي اچي هت آباد ٿيا آهيون.
انھيءَ جي مقابلي ۾ پاڪستان واري پنجاب مان جيڪي پنجابي لڏي ويا آهن. انهن جي نئين نَسل کي سڄي خبر آهي ته اسان ڪٿان لڏي آيا آهيون. ۽ هو گھرن ۾ ۽ روڊ رستن تي هڪ ٻئي سان پنجابي ۾ ڳالھائين ان جو وڏو سبب اهو به آهي ته ورهاڱي ۾ اڌ پنجاب ته هندستان کي مليو. اسان دهليءَ ۽ آگري ۾ سنڌي هندن جي دڪانن تان خريداري ڪئي ته انھن سنڌ جون خبرون چارون ڪونه پڇيون يا سودي ۾ ڪابه رعايت ڪانه ٿي ڪئي. پر اسان هت مسلمانن جي دڪانن تان خريداري ٿي ڪئي ته انھن اسان کان حال احوال ورتا ٿي، ته توهان پاڪستان کان آيا، آهيو ۽ اسان کي چانهه به پيارئون ٿي ۽ گهر هلڻ لاءِ چئون ٿي ۽ ماني جي صلاح به هنئون ٿي. اسان سان سندن رويو محبت وارو هو ۽ اسان کي ٻڌائون ٿي ته توهان کي ڪھڙيون ڪھڙيون شيون ڪٿان ڪٿان سستيون ملنديون ۽ ڪٿي مھانگيون ملنديون.
هندستان ۾ راجستان واري علائقي ۾ ڪافي سنڌي مسلمان رهندا آهن جن ۾ وڏا اديب ۽ آرٽسٽ آهن جن ۾ سانوڻ مڱڻھار انڊيا جي ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ سنڌي گانا ڳايا آهن. ۽ هن هڪ اٽلين ڳائڻي سان گڏ سنڌي بيت شاهه عبداللطيف ۽ احمد ملاح جا ڳايا آهن. جيڪي هند سنڌ ۾ ڏاڍا مشھور آهن. پر انڊيا جا سنڌي هندو انھن سنڌي اديبن ۽ ڳائڻن کي پنهنجي فنڪشن ۾ ڪونه گھرائين سنڌي اڪيڊميءَ کي لکين روپيا حڪومت کان ملن جيڪي هو هر سال پاڻ ۾ ورهائي کائيندا آهن.
اسان سڄو ڏينھن دهلي گھمي، ڪجهه خريداري ڪري رات جو اسانجي رهائش جي هوٽل ٻاهران تڪا. ڪباب ماني ۽ انب خريد ڪيا. انڊيا ۾ انب پاڻ کان ٻه مهينا اڳ تيار ٿين. سو سڄي هندستان ۾ انبن مان مارڪيٽون ڀريون پيون هيون اسان ماني وٺي اچي هوٽل تي کاڌي ۽ جلد سمھي پياسين. صبح سوير تيار ٿي ناشتو ڪري اسان جي ڪانفرنس واري جڳھه ڏانھن روانا ٿياسين. ڪانفرنس ۾ مندُوبينن کانسواءِ دهلي حڪومت جي ڪلچر جي سيڪريٽري جيڪا عورت هئي اها به شريڪ ٿي. مومل ۽ ڊاڪٽر پارس کي ذريءَ جا ڪپڙا پيل هئا، اهي انھيءَ کي ڏاڍا وڻيا. جن جي پاڻ ٻه ٽي دفعا تعريف ڪئي. ڪانفرنس ۾ هند سنڌ جي ڪافي چوٽيءَ جي اديبن شرڪت ڪئي. سنڌي اڪيڊمي جو چيئرمين ڪو اديب نه پر هڪ هندو واپاري هو. هڪ اديب کي ته هن تقرير ڪرڻ به ڪانه ڏني هن ڪانفرنس ۾ اديبن کانسواءِ ڪجھه صحافي پڻ هئا. هندستاني اديبن پاڪستان جي اديبن کي گھڻي اهميت ڪانه ٿي ڏني. پر اهي اديب وري جڏهن سنڌ ۾ دوري تي آيا ته انھن جي استقبال لاءِ ڄڻ سنڌ اٿلي پئي ۽ انھن جو سنڌ اندر ايڏو ته استقبال ۽ دعوتون ٿيون جنھن جو ڪو مثال ڪونه ٿو ملي. انھن اديبن سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اهڙو ڪھڙو ڪارنامو ڪيو هو. جو سنڌين انھن جو ايڏو استقبال ڪيو.؟
اڄ رات دهليءَ جي وزير اعليٰ شيلا ڊڪشٽ ماني جي دعوت ڪئي. پاڪستان مان ٻه آيل پارليامينٽرين، مخدوم امين فھيم ۽ يوسف ٽالپر ۽ نفيس صديقي به هن دعوت ۾ شريڪ هئا. يوسف ٽالپر چيو ته عبدالحئي سالن کان پوءِ وري ڪٿي اچي مليا آهيون.!
سالن کان هندستان ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني سنڌي مسلمان اسلم پيرزادو به مليو جيڪو سنڌ مان انگلينڊ پڙهڻ ويو، جت هڪ انگريز ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنھن کي اقوام متحده ۾ نوڪري دهليءَ ۾ ملي. اسلم پيرزادو به سندس زال سان گڏ هندستان هليو آيو ۽ سالن جا سال اُت رهيو. انھيءَ پنھنجي سالن جي تجربي بابت ٻڌايو ته ڪم ڪار ته پري پر هتي سنڌي هندو گھڻو ڪري اسان سان ڳالھائڻ به پسند ڪونه ڪندا آهن. سخت تعصبي ۽ مطلبي آهن.
شيلا ڊڪشٽ اسان کي هڪ ڪتاب به تحفي ۾ ڏنو ۽ ڏاڍي شانائتي نموني اسان سان ملي اسان رات دير سان ماني کائي پنھنجي هوٽل تي اچي آرامي ٿيا سين.
ٻي ڏيھاڙي به اسان کي هوٽل مان پاجيروگاڏي ۾ کڻي آڻي ڪانفرنس واري هنڌ پھچايو ويو پاجيرو گاڏيءَ کي جپان ۾ شوگن چون. هندستان ۾ ڪوئل چون ۽ پاڻ وٽ پاجيرو چون. گاڏيون بلڪل ساڳيون ٿين. ٽنھي گاڏين ۾ ڪوبه تفاوت ڪونه ٿئي هت هندستان ۾ ڪارون جيپون پاڪستان کان اڌو اڌ سستيون ٿين. ڪافي گاڏيون مون هندستان ۾ روڊن تي اهڙيون به ڏٺيون جھڙيون پاڪستان ۾ ڪونه ٿين .
اسانجي هيءَ ڪانفرنس انٽرنيشنل سينٽر دهلي ۾ ٿيندي هئي. هن کي نھروءَ قائم ڪيو هو. دهليءَ جا امير ماڻھون گڏجي هت محفلون مچاين جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ جيم خانا، سنڌ ڪلب ۽ ڪراچي ڪلب آهن. دهليءَ جي اميرن جون وڏيون تقريبون به هت ٿين.
ٻي ڏيھاڙي به هند سنڌ جي اديبن ڪانفرنس ۾ پنھنجا پنھنجا خيال پيش ڪيا ڪانفرنس ۾ لنچ بريڪ کانپوءِ به سيشن جو ٻيو حصو ٿيندو هو . ۽ شام جو به سٺا سٺا فنڪشن ٿيندا هئا. اڄ اسان چيٽي چنڊ جي ميلي تي وياسين، جيڪو هندستان جا سنڌي وڏي اهتمام سان هر سال ملھائيندا آهن. جيئَن فنڪشن جدا جدا هر پارٽيءَ وارا هت ملھاين هن ميلي جو افتتاح به دهليءَ جي وزير اعليٰ شيلا ڊڪشٽ ڪيو. هن ميلي ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌين شرڪت ڪئي. هن ميلي ۾ سنڌ مان آيل سڀني مھمانن جو اسٽيج تي ويھاري تعارف ڪرايو ويو ۽ آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي جنھن ۾ راجستان جي فنڪارن لوڪ گيت ڳايا. جن کي ڪافي اڳ مائي ماڳي جي آواز ۾ ٻڌي چڪو هوس. آخر ۾ سنڌو نديءَ جي پس منظر تي ڊزن کن عورت فنڪارائن رقص پيش ڪري سڀني مھمانن کي موهي خوب داد حاصل ڪيو. آخر ۾ سنڌ مان آيل اديبن جا انھن فنڪارن سان گڏ فوٽا ڪڍيا ويا. هي شاندار فنڪشن رات جو دير سان ختم ٿيو.
دهلي شھر ڪراچيءَ کان ننڍو آهي، پر هت گھما گھمي ۽ رش ڪراچيءَ کان به گهڻي آهي، ڇو ته سوا ارب آبادي واري ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ٻيو ته سڄي دنيا تاج محل ڏسڻ اچي، ته پھريائين دهلي اچي، پوءِ آگري وڃي، ٽيو ته دهليءَ ۾ به سياحن جي ڏسڻ لاءِ گھڻو ڪجهه آهي. تنھنڪري دهلي ۾ بي شمار سياح اچن ٿا ۽ غير ملڪي ماڻهن جو به وڏو تعداد هت رهي. دهليءَ ۾ سياحن جي تقريح لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ هوٽلن جو وڏو بندوبست ٿيل آهي. شھر ۾ ملڪي ايلائيٽ ڪلاس ۽ غير ملڪي سياحن لاءِ نائيٽ ڪلبن ۽ بارن جو به هت هڪ وڏو تعداد موجود آهي وسڪي ۽ عورت دنيا ۾ سستي ۾ سستي توهان کي هندستان ۾ ملندي. هندستان جي وڏن شھرن جي مڊل ڪلاس هوٽلن ۾ توهان رسيپشن وارن کي چوندا ته اهي به توهان کي ڪيڏي مھل به اهي ٻئي ائٽم مھيا ڪري ڏيندا. گھڻو ڪري سندن هوٽل جي ڪمرن ۾ ئي اهڙا سڻڀا مھمان موجود هوندا آهن. جيڪي اُتي جو اُتي توهان کي سواءِ ڪنھن ڊپ ڊاءُ جي يڪدم مھيا ڪري ڏيندا. پر انھن هوٽلن ۾ انھن مھمانن جو ڪوسٺو اسٽينڊرڊ ڪونه هوندو آهي.
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ڪن ڪن گيسٽ هائوسن ۾ به اهڙي سھوليت موجود هوندي آهي. پر انھن جا ريٽ ڏاڍا مھانگا هوندا آهن.
ڪجهه وقت اڳ B.B.C تي سيڪس ورڪرس Sex Workers نالي هڪ پروگرام ڏٺم، جيڪو ڏاڍو دلچسپ هو. پاڻ ٻڌائون ته اڳ ماڻھو سيڪس جي ڳالهه ڪرڻ کان لھرائيندا هئا، پر هاڻ يورپ آمريڪا جا ماڻھو اهڙا احوال ٻڌائيندي ڦڪا ڪونه ٿين. B.B.C وارن جو چوڻ آهي ته فيس بڪ ۽ ٻين اهڙين جديد سھولتن ڪري ماڻھن جو دنيا اندر، ڏانھن رجحان گھٽجندو وڃي هنن ٻڌايو ته دنيا اندر گھٽ ۾ گھٽ سيڪس جپان جا ماڻھو ڪن. گھڻي ۾ گھڻو سيڪس يونان جا ماڻهو ڪن.
ڪانفرنس جو اڄ ٽيون ڏينھن ۽ آخري اجلاس هو. تنھنڪري هندستان جا جيڪي اديب دهليءَ کانسواءِ ٻين شھرن مان آيل هئا انھن اسان کان کلي موڪلايو.
هندستان جي سنڌي اديبن ۾ مون لعل پشپ جا ڪتاب پڙهيا هئا. انهن ۾ هن مسلمانن لاءِ نازيبا لفظ استعمال ڪيا آهن ۽ اسان جڏهن ڪانفرنس ۾ ويندا هئاسين،
تڏهن به هو مسلمانن خلاف تعصباڻيون ڳالھيون ڪندو رهندو هو ٻي ڪنھن به هندستاني وفد جي ميمبرن مان اهڙي ڳالهه نه ڪئي، جنھن سان سنڌ مان آيل سنڌين جي دل آزاري ٿئي، پر هندستان جي عام هندؤ ۾ ته آر. ايس ايس جي ذهنيت ڪٽي ڪٽي وڌي وئي آهي. ٻي هتي هندو تعصبي پارٽي آهي جنھن جو نالو ئي آهي شِيوِ سينا يعني خدا جي فوج.
ڪجھه توهان کي R.S.S آر ايس ايس جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان. هن تنظيم جو نالو راشٽريا سيوڪ سنگ آهي جيڪا سخت گير تعصبي هندن جي هڪ سياسي جماعت يا پارٽي آهي. هن جو بنياد 1926ع ۾ ناگپور ۾ هڪ هندو ڊاڪٽر، ڪيشو راڻو بالي رام هر وار وڌو. هي هڪ سخت گير تعصبي هندو هو. هن جو ارادو هو ته وري اشوڪ جھڙو هندو بادشاهه قائم ٿئي. جنھن هڪ ئي تلنگانا جنگ ۾ هڪ لک ماڻھو ماريا هئا.
تازو هينئر هندستان جي هڪ صوبي، هريانا جي وزير اعليٰ جيڪا هڪ ڪاليج جي پرنسپال به هئي، تنھن هندو ڇوڪرن کي مشورو ڏنو ته توهان ڏهن ڏهن جا ٽولا ٺاهي، ڪشمير وڃي مسلمان عورتن سان زوريءَ زنا ڪريو، اها خبر سڄي ملڪ جي اخبارن ۾ به شايع ٿي.
جڏهن اقوام متحده ۾، انساني حقن واري کاتي جو سربراهه رپورٽ ٻڌائيندي روئي رهيو هو، ته ڪشمير ۾ ڏهه هزار مسلمان ڪشميري عورتن سان انڊيا جي فوج زوريءَ زنا ڪئي آهي، انھيءَ وقت هندستان جي وزير اعظم مودي کي سعودي عرب ۽ دبئي جا حاڪم سندن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سول اعزاز سان نوازي رهيا هئا.
دنيا اسلام جا ٻه وڏا عالم ۽ مفڪر شيخ سعدي شيرازي ۽ ابن بطوطه به سنڌ ۽ هندستان ۾ آيا ۽ ٽيون آمريڪا جو وڏو تاريخ دان ول ڊورانٽ هندستان آيو، انھن به هندوستان جي باري ۾ پنھنجا دلچسپ تاثرات لِکيا آهن، شيخ سعدي پنھنجي ڪتاب بوستان ۾ لکي ٿو ته مون هندوستان جي شھر سومنات مندر ۾ هڪ بُت ڏٺو جيڪو ڪيترن هيرن جواهرن سان سينگاريل هو، هندو اُن آڏو مٿو ٽيڪي، روئي دعائون گهري رهيا هئا. مون پوڄاريءَ کان پُڇيو ته توهان هن بي جان پٿر اڳيان ايتري آه زاري ڇو ٿا ڪريو. هن جواب ته ڪونه ڏنو، اُلٽو ٻوٿ بڇڙو ڪري وڃي وڏي پوڄاريءَ کي ٻڌائين ته سائين هي ماڻھو سومنات جي باري ۾ هينئَن ٿو چوي مون وڏي پوڄاريءَ کي چيو ته منھنجو مطلب اصل حقيقت ڄاڻڻ هو جينئن هن بُت جي عبادت ڪري وڌيڪ لذت حاصل ڪيان منھنجي جواب مان مطئن ٿيڻ بعد مونکي اُن پوڄاري چيو ته توهان ٻين بتن لاءِ برابر ائين چئي سگهو ٿا، پر هي بُت ڪو عام بُت ناهي، هي بُت صبح سوير هٿ کڻي دعا گهرندو آهي تون به صبح تائين انتظار ڪر پوءِ توکي سڀ ڪجھه سمجهه ۾ اچي ويندو.
شيخ سعدي چئي ٿو ته آئون به اچي بُت خاني ۾ ڦاٿس جئين تيئن ڪري هت رات گذارڻي هئي، پاڻ اڳتي فرمائي ٿو ته .
شبي همچو روزي قيامت دراز
مغان گرد من بي وضو در نماز
کشيشان هر گز نياررده آب
بلغان چون مردار در آفتاب
مگر ڪرده بودم گناهي عظيم
که بردم دران شب عذاب اليم
هن شعر جي معنيٰ آهي ”اها رات قيامت جيڏي ڊگهي نظر پئي آئي، پوڄاري بنا وضوءَ جي عبادت ڪري رهيا هئا، شايد هنن ڪڏهن به پاڻيءَ کي تڪليف ڪانه ڏني هئي، هنن جي بغلن مان بدبوءِ ائين پئي آئي ڄڻ ڪو مُئل ڍور اس ۾ پيل هجي شايد مونکان به ڪو ڪبيرو گناهه سرزد ٿيو هو.“
بحر حال جڏهن صبح ٿيو بتخاني ۾ هلچل مچي وئي، مون پنھنجي اکين سان ڏٺو ته انھيءَ بُت پنھنجا هٿ مٿي کنيا، ماڻھن ۾ واهه واهه ٿي وئي ۽ انھيءَ پنڊت ڦڪا ڏند ڪڍي مون ڏانھن مشڪي نھاريو في الحال ته آئون ماٺ ڪري پوڄارين سان رلي ملي ويس نيٺ هڪ ڏينھن تلاش ڪندي انھيءَ بت هيٺان تھه خاني ۾ لھي ويس ڇا ڏسان ته هڪ رسي جو ڇيڙو بُت جي ٻانھن ۾ اهڙيءَ طرح ٻڌل هو، جو رسي ڇڪڻ سان اُن جون ٻانھون خود به خود مٿي ٿي ويون، هنن جي ٺڳيءَ جو راز فاش ٿي چُڪو هو، ۽ بُت پرست اُتان وٺي ڀڳو ۽ مونکي به جان جو خطرو ٿي پيو مان به اُن جي پٺيان ڀڳس ۽ مندر اندر ئي هن کي هڪ کوهه ۾ ڌڪو ڏيئي ۽ هن مندر مان ڀڄي جان بچايم ۽ ڀڄي وڃي يمن پھتس پوءِ حجاز ويس سنڌي ترجمو صفحو 17-18).

3

اسانجو اڄ جو پروگرام صُبح جو خواجه نظام الدين اولياءَ جي درگاهه، پوءِ غالب جي مزار ڏسڻ هو. ٻنپھرن جو ڪنھن جي دعوت هئي، شمشير جي معرفت ڪلب ۾ ۽ رات جو لال قلعي ۾ هڪ ڊاڪومنيٽري ڏيکاريندا آهن، اوڏانھن وڃڻو هو صُبح سوير ناشتو ڪري آئون، مِنا ۽ ڊاڪٽر پارس وياسين خواجه نظام الدين جي درگاهه تي وڏي رش هوندي آهي، هت هندو مُسلمان سڀ ايندا آهن، هتي چادر درگاهه تي. چڙهائڻ وارن ۽ گلن وارن جي به وڏي رش هوندي آهي، ٻيون درگاهون اڪثر کليل جڳھن تي هونديون آهن، پر هت سوڙهين گهٽين مان اندر وڃڻو ٿي پيو، تنھنڪري هت اڃان به وڌيڪ رش هئي، پر مون رش جيڪا سيوهڻ ۽ شھباز قلندر جي درگاهه تي ڏٺي ايتري رش مون زندگيءَ ۾ ٻي ڪنھن به درگاهه تي سواءِ بيت الله جي ڪانه ڏٺي بيت الله ۾ زبردست سيڪورٽي انتظام هوندا آهن، تنھنڪري اُت رش ته هوندي آهي، پر ڪا به بدمزگي ڪانه ٿيندي آهي، اسان مزار تي چادر چاڙهي ۽ گُلن جا هار به قبر مٿان رکيا، سيد محمد نظام الدين اولياءَ پاڻ 1238ع ۾ بدايُونِ اتر پرديش ۾ ڄائو ۽ اپريل 1335ع ۾ وفات ڪيائين کيس محبوب الله ئي (Beloved of God) ڪري به سندس مُريد سڏيندا آهن، حضرت نظام الدين اولياءَ دين اسلام جو وڏو اسڪالر هو، پاڻ سُني صُوفي درويش هو، اسان هن درويش تي قُل پڙهي بخش ڪري پوءِ پنڌئي پنڌ اردو ٻوليءَ جي وڏي ۾ وڏي شاعر مرزا غالب جي ننڍي ٺھيل مزار تي آياسين، جت اسان کان سواءِ ٻيو ڪو به ماڻھو ڪو نه هو، غالب جي شاعري هندستان پاڪستان کانسواءِ ٻي دنيا ۾ به پڙهي وڃي ٿي، هن پنھنجي شاعري ۾ سڌيون ڳالھيون ڪيون آهن، ڳالھين کي گهمايو ڦيرايو بلڪل ڪو نه آهي، غالب اردو شاعريءَ ۾ فيض احمد فيض ۽ احمد فراز جهڙو ئي پسنديده شاعر آهي، غالب جي نالي ڪئين چرچا، ڀوڳ ۽ لطيفا مشھور آهن، آئون به هڪ لطيفو غالب جو توهان کي ٻڌايان ٿو، چون ٿا ته غالب کي شوگر جي بيماري هوندي هئي، سندس ڊاڪٽر کيس چيو ته تون هڪ ڏينھن ۾ هڪ انب کائي سگهين ٿو، سو پاڻ ڊاڪٽر کي ٻڌائين ته آئون توهان جي چوڻ مطابق سڄي ڏينھن ۾ صرف هڪ انب کائيندو آهيان، پر جڏهن ڊاڪٽر سندس شوگر ٽيسٽ ڪندو هو ته سندس شوگر ليول تمام گهڻي وڌيل هوندي هئي، ڊاڪٽر جيڪو سندس ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ دوست به هو، سو هڪ ڏينھن رستي هلندي غالب جي گهر هليو ويو ڇا ڏسي ته غالب جي کائڻ لاءِ جيڪو وڏي ۾ وڏي سائيز جو انب ٿئي جنھن هڪ انب جو وزن ٿئي ٻه ٽي ڪلو، سي انب رکيا هئا، جنھن انب جو نالو شايد بينگن پالي ٿئي، غالب ڊاڪٽر کي چيو ته آئون هي صرف هڪ انب کائيندو آهيان ۽ ائين غالب جي شوگر وڌڻ جو معمو ڊاڪٽر سمجهي ورتو.
غالب 27 ڊسمبر 1797ع ۾ آگري ۾ ڄائو، پاڻ يارهن سالن کان شاعري لکڻ شروع ڪيائين پاڻ آگري کان دهلي لڏي ويو، جت سڄي زندگي رهيو، هت ئي وفات ڪئين ۽ هت ئي ڍڪيو، پاڻ مائٽن جي مرضي سان 13 تيرهن سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ستن ٻارن مان سندس هڪ ٻار به زنده نه بچيو. آخري مغل بادشاهه ظفرشاهه کيس دبيرُالمُلڪُ جو اعزاز 1850ع ۾ ڏنو. هن 15 فيبروري 1869ع م وفات ڪئي. مرڻ بعد هن جي گهر کي ” غالب ميموريل“ ڪري ٺاهيو ويو. شآعري ۾ هن غزل،قصيدا، (رُباعي) قطعا، ۽ مرثيا، لکيا.
اسان مزار اندر داخل ٿي کيس قُل بخش ڪيا، اسان غالب جي عظمت کي سلام ڪندا هتان ٻاهر نڪري آياسين.
اڄ ٻنپهرن جو اسان کي سپريم ڪورٽ جي وڪيل، امر لعل پنجواڻيءَ، دهليءَ جي مشهور انٽرنيشنل سينٽر ۾ ٻنپهرن جي مانيءَ جي دعوت ڪئي. سندس عمر اسي سال هئي پاڻ ٻڌائين ته سنڌ مان ايندڙ سنڌين جي آئون ضرور هت دعوت ڪندو آهيان. پاڻ چئين ته جڏهن نهرو ماسڪو ويو ته اهڙا ڪئين سينٽر هن ماسڪو ۾ ڏٺا ان کانپوءِ هن اهڙو سينٽر هت دهليءَ ۾ به قائم ڪيو. اسان کي ڏاڍي سٺي ماني کارايائين ڪافي دير هت رهڻ بعد پوءِ اسان هتان اُٿي دهليءَ جو مشهور لال قلعو گهمڻ وياسين ۽ ڪجهه خريداري ڪرڻ بعد ان جڳهه تي وياسين، جت هڪ اوپن ائير ٿيٽر ۾ هن قلعي بابت ۽ سڄي هندستان جي اسڪرين تي ڊاڪومينٽري ڏيکاريائون ۽ هڪ رُعِبدار آواز ذريعي ٻڌائون ته هندستان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون قومون آيون ۽ جن اچي هت حڪومتون ڪيون هن پروگرام کي ڏسڻ وارن ۾ غير ملڪي ماڻهو به وڏي تعداد ۾ پنهنجي فيملين سان گڏ موجود هئا، هي پروگرام ڪافي دلچسپ هو.
لال قلعو يعني ڳاڙهو قلعو، شاهجهان بادشاهه پنهنجي ملڪ جي راجداني آگره شهر کان منتقل ڪري دهليءَ شهر ۾ قائم ڪرڻ بعد سن 1638ع ۾ پنهنجي مخصوص محلي شاهجهان آباد جي تعمير شروع ڪرائي ڇڏي ۽ 16 اپريل 1639ع ۾ پنهنجي جهان پناهه يعني لال قلعي جي تعمير جو سنگ بنياد نصب ڪيو. 16اپريل 1648ع ۾ يعني پورن نون سالن جي عرصي ۾ هي قلعو جڙي راس ٿيو. هن قلعي جي تعمير تي اٽڪل هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا. ۽ قلعي اندر عمارتن تي انهيءَ رقم جو اڌ يعني پنجاهه کن لک کپي ويا. هن قلعي جي تعمير ۾ گهڻو ڪري ڳاڙهي رنگ جو پٿر ڪم آيل آهي. تنهنڪري ان تي لال قلعو يعني ڳاڙهي رنگ وارو قلعو نالو رکيو ويو. هي قلعو اٺ ڪنڊي جي شڪل تي تعمير ٿيل آهي. منجهس اولهه ۽ اوڀر طرف واريون ٻه ديواريون باقي ڇهن پاسن جي ڀيٽ ۾ ڊگهيون آهن. جيڪي سندس مستطيل وانگر طوالت ڏيکارين ٿيون. قلعو اٽڪل 900 ميٽر ڊگهو ۽ 550 ميٽر ويڪرو آهي. انهيءَ قلعي جي ٻاهرئين ڪوٽ جي چوڌاري ڪل ڊيگهه اڍائي ڪلو ميٽر کن ٿيندي. جيڪا شهر جي طرف وٽان ارڙهن ميٽر اوچي آهي. قلعي جي اترئين پاسي وٽان هڪڙي پُل ٺهيل آهي. جيڪا قلعي کي شهر جي سليم ڳڙهه نالي محلي سان ڳنڍيندڙ آهي.
قلعي کي ڪوٽ جي ٻاهران چوڌاري هڪڙي کاهي حائل آهي. اها نديءَ سان مليل آهي. قلعي جي اڀرندي پاسي رهائشي جايون ٺهيل آهن. ۽ ٻه ٽماڙ شاهي دروازا تعمير ٿيل آهن. جن تي نيم اٺ ڪنڊا ٽاور ٺھيل آهن. انھن مان هڪڙو لاهوري دروازو ۽ ٻيو دلي دروازو سڏجي ٿو. دلي دروازي جي ٻاهران هاٿين جا ٻه مجسما نصب ٿيل آهن. اهي هاٿين جا مجمسا هندستان جي انگريز وائسراءِ لارڊ ڪرزن سن 1903ع ۾ نصب ڪرايا هئا چوڻ ۾ اچي ٿو، ته انهيءَ هنڌ نصب ٿيل اصلوڪا هاٿين وارا مجسما شهنشاهه اورنگزيب مسمار ڪرائي ڇڏيا هئا.
قلعي ۾ داخل ٿيڻ وارو مکيه لنگهه لاهوري دروازو آهي. جتان قلعي اندر ويندڙ رستو ڇت سان ڍڪيل آهي. انهيءَ جي پاسن تي ڪيتريون ئي رهائش جون جڳھيون آهن. هن هنڌ کي ڇته چوڪ سڏجي ٿو. اُهي اپارٽمنٽ هاڻي دڪانن طور استمعال ۾ آهن. قلعي ۾ عام رهائش جي ٻين ڀاڱن ۾ شهنشاهه جا درٻاري ۽ حواري وغيره رهندا هئا.
قلعي جي هنن مکيه دروازن تي شهنشاهه اورنگزيب مورچه بند چوڪيون جوڙايون هيون.
قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ انهيءَ کي ٻين طرفن وٽان ٻيا به دروازا ٺهيل هئا. پر اهي هاڻي بند ڪيا ويا آهن.
لال قلعي جا مکيه معمار اسحاق احمد ۽ حامد هئا. هن تعمير جي نگراني شهنشاهه طرفان مقرر ڪيل اعليٰ عملدارن جي حوالي هئي.
قلعي اندر گهڻين عمارتن ۾ هڪ ڀيرو انگريزي لشڪر اچي رهيو هو. انھيءَ لشڪر جڳھين جي ڀتين تي تمام نازيبا نشان ڇاپيا هئا. تنهنڪري هندستاني حڪمرانن خلاف يلغار ۽ ملڪ تي قبضي کان پوءِ انھن بدنما داغن ۽ نشانن جي نه ڊهي سَگھڻ سبب ڪجهه جائين کي مسمار ڪيو ويو. مسلمان بادشاهن سوين سالن تائين هن قلعي ۾ ويهي سڄي هندستان تي راڄ ڪيو. هن پروگرام ۾ صرف آئون، مِنا ۽ ڊاڪٽر پارس هئاسين، پروگرام جي داخلا في به ڪافي ڳري هئي، جيڪا اسان پنهنجي کيسي مان ادا ڪئي. اسان جي هوٽل، پهاڙ گنج علائقي ۾ هئي. اسان ماني به هن هلائقي جي هڪ سِکَ جي هوٽل تي کاڌي. ماني ڏاڍي سٺي هئي. سڄي هندستان ۾ سِکن جون هوٽلون اِئين آهن، جيئين پاڻ وٽ ڪوئيٽا جي پٺاڻن جون شهرن ۾ عام جام هوٽلون آهن. اسان ٽيڪسي ڪري، هوٽل تي اچي آرامي ٿياسين. اسان جي رهائش واري هوٽل کان ٻاهر، ڀرپاسي وارين هوٽلن جا ناشتا مون کي ڏاڍا وڻندا هئا. انهن هوٽلن ۾ کاڌي جا قسمين قسمين آئٽم کائڻ لاءِ ملندا هئا. انهن ۾ دال پوري، آچار، چڻا، پورين جا به ڪنئين قِسم جن ۾ ننڍيون وچوليون ۽ وڏيون ڪُرٽڻيون پاپڙيون، ڪنئين قسمن جا ۽ مختلف رنگن جا حلوا، آلو پراٽا، چَئين پنجن قسمن جو ڏاڍيون مزيدار چٽڻيون، پورين ۾ ويڙهيل ڪباب ۽ ڪڪڙ جي گوشت جون قيمون، سائوٿ جي ناشتي جا ڪئين قسم جن جا ته پاڻ کي نالا به ڪونه اچن. ناشتي ۾ رهائش واري هوٽل جي بيري کان اسان هر روز اهو ناشتو گهرائي کائيندا هئاسين. هاڻ ته ڪراچي ڪلفٽن تي تين تلوار وٽ انھن ناشتي جي کاڌن جون هوٽلون کُلي ويون آهن. جن تي انڊيا جي انھن ناشتن کان وڌيڪ سوادي ناشتا ملن. پر جي ناشتي کي ٿورو وڌيڪ کائجي ٿو ته ماڻھو صفا سُست ٿيو پوي. تنھنڪري اهڙو ناشتو ماڻهو صرف آرتوار تي ڪري، سڀ مال کائي، ليٽي پوي. ۽ ڏينهن جو ٻپهري بلڪل نه ڪري، وري وڃي رات جو ماني کائي. نه ته اسان جي پنجھتر سال عمر وارن جو پيٽ يقنياّ خراب ٿي پوي. ميڊيڪل سائنس چئي ٿي ته ناشتو ضرور ڪريو اسان کي اسان جي ڏاڏي ٻن سالن جي عمر کان گهر ۾ ناشتو زوريءَ ڪرائيندي هئي. ۽ مونکي ياد ڪونھي ته آئون ڪڏهن به سڄي زندگيءَ ۾ ناشتي کانسواءِ گهر کان ٻاهر نڪتو هجان.

4

اسان آگري وڃڻ لاءِ ٻه ڪوئل گاڏيون بُڪ ڪرائي ڇڏيون هيون هيءَ وڏي وڏي ڪوئل اچي اسان جي هوٽل اڳيان ڪُو ڪُو ڪري اسان کي سڏڻ لڳي، ته اسان به پنھنجو سامان سنڀالي اچي ڪوئل ۾ ويٺاسين اسانجي ڪوئل گاڏي ۾ آئون مِنا ڊاڪٽر پارس بشير مورياڻي ۽ سندس بيگم گڏ ويٺاسين ۽ ٻي گاڏيءَ ۾ ڊاڪٽر الانا، شمشيرحيدري، قمر شهباز، حميد سنڌي، هدايت بلوچ ۽ شمع خيبر هئا. اسان ڪجهه جلد تيار ٿي اچي گاڏي ۾ چڙهياسين. تنھنڪري اسان تقريباّ هڪ ڪلاڪ ٻي گاڏي جي اچڻ لاءِ انتظار ڪيو، ٻي گاڏي جيئن پهتي تيئن اسان پهريائين دهلي جي اندر پوءِ دهليءَ کان ٻاهر وڃي رهيا آهيون. ابنِ بطوطه پنھنجي ڪتاب ”ابنِ بطوطه جو سفر“ هندستان جي حصي ۾ دهليءَ تي ٻه چيپٽر لکيا آهن جيڪي ڏاڍا دلچسپ آهن. جن مان توهانکي ٻه ٽي دلچسپ حوالا ٻڌايان ٿو.
(1) هي لکي ٿو ته هن شهر ۾ ايڏيون ته وڏيون محلاتون هيون جو ڪن محلاتن ۾ هڪ هزار ٿنڀا هوندا هئا.
(2) هن شھر پناهه جو سڄي دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي.
(3) پاڻ لکي ٿو ته شاهه بلبن بادشاهه جي وقت ۾ گدامن مان پيل ان ڪڍئون ۽ ان اناج کي نوي سال اڳ ۾ گدامن ۾ وڌئون هون. ان اناج جو رنگ ٿورو ڪارو ٿي ويو هو پر کائڻ ۽ سواد ۾ ايڏو پراڻو هوندي به ڪو فرق ڪونه آيو آهي. (ڪتاب ابنِ بطوطه جو سفر صفحو 38)
مرتب: عمر حسين الخشاب
مترجم: محمد ابراهيم عباسي
(4) شھر جي قلعي جون ديوارون ايتريون ته ويڪريون هيون جوديوارن تي سپاهي گهوڙن تي چڙهي قلعي جي نگهباني ڪندا هئا.
(5) شهر جا قبرستان اهڙا ته سهڻا هئا جو هر قبرتي گنبذ نه ته محراب ضرور آهي. سڄي قبرستان جي وچ ۾ خوشبودار وڻ يا گُل پوکيل آهن. گلن ۾ 1 گُل شنبو 2 رابيل 3 گل نسرين ۽ ٻياقسمين قسمين ٻوٽا ۽ گل پوکيل هوندا هئا. هت هڪ اهڙي مسجد آهي جنھن ۾لڳل مينار جھڙو مينار سڄي دنيا ۾ ڊگهو ڪين هوندو. هي مينار ڳاڙهي پٿر سان ٺھيل آهي. هن جي اندر جيڪا مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺھيل آهي. انهيءَ تي هاٿي به ڏاڍي آسانيءَ سان مٿي چڙهي سگهي ٿو. ابنِ بطوطه لکي ٿو ته مون کي هڪ عمر رسيده ماڻھوءَ ٻڌايو ته مون اکين سان پٿر کڻي مٿي چاڙهين تي چڙهندي هاٿين کي ڏٺو.
(6) هن شهر ۾ ايڏا ته وڏا ٻه حوض آهن هڪ شھر جي وچ ۾ ۽ هڪ شھر کان ٻاهر، جن ۾ ماڻھو ٻيڙين ۾ ويھي. سير ڪندا آهن حوض جي وچ ۾ ٻه منزلا گنبذ ٺھيل آهن ماڻهو ٻيڙين مان لھي انھن گنبذن ۾ ويھندا آهن. مطلب ته دهلي ابنِ بطوطه جي وقت به ايڏو سهڻو شهر هو.
دلچسپ ڳالهه انھن سڀني ۾ اها آهي ته هت نوي سالا اَنُ به گدامن ۾ محفوظ هوندو هو. اسان وٽ اڄ جڏهن جديد ٽيڪنالاجي آهي ته به هزارين ٽن اناج خراب ٿيو وڃي. يا گدامن جا رکوالا ڪروڙن روپين جو اهو اناج وڪڻيو ڇڏين اهي خبرون ٽي، وي اخبارن ۾ ڇپجن پرڪڏهن به اهڙن ماڻھن کي سزا اچي اها خبر ڪانه ڇپجي ڇو ته انھن ڪروڙن مان اڌ حاڪمن کي کارايو آزاد ٿيو وڃن.
اسان جي گاڏي جڏهن دهليءَ جي حدن مان نڪري يو، پي صوبي جي حدن ۾ داخل ٿي ته اسان کان اُن صوبي وارن هڪ هزار رپيه ٽئڪس ورتو. سڄي هندستان جا رستا اهڙا سٺا ڪونه آهن. اسان پھريائين دهلي ۽ آگري وچ ۾ هڪ سٺي ۽ وڏي هوٽل ۾ ماني کاڌي ۽ ڪجهه آرام ڪيو.هت اسان کان باٿ روم ۾ داخل ٿيڻ جا به پئسا ورتئون. مون پاڪستان ۾ ڪٿ به باٿروم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪنھن کي پيسو ڪونه ڏنو آهي. هت رستي تي هڪ وڏي شگرمل جو بورڊ لڳل هو. مون چاهيو ٿي ته آئون مل وارن کان هت ڪمند جو اگهه ۽ ڪمند جي مختلف قسمن جي باري ۾ پُڇان ۽ ٻي پڻ معلومات وٺان پر وفد ۾ ٻياهمراه مونسان متفق نه ٿيا. تھنڪري اسان هتان پوءِ وڃي هندن جي مقدس شھر مٿرا ۾ بيٺاسين هت مندر جي کلڻ جو به هڪ ٽائيم هو. تنھنڪري اسان کي هت ڪجهه وقت مندر جي کلڻ جو انتظار ڪرڻو پيو. هتي وڏو خوبصورت سرن سان تلاءَ ٺھيل هو. جنھن ۾ چاڙهين تان لھي هيٺ ٿي لھڻو پيو. مونکي تلاءَ جي ٺھڻ جي جوڙجڪ ڏاڍي وڻي.
مون - مِنا ۽ ڊاڪٽر پارس هت ڪافي هڪ ٻئي جا فوٽا ڪڍيا. هن علائقي کي برج ڀومي سڏيندا آهن اهو هندن جو سڀ کان وڏو زيارت گاهه آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته وشنو ڀڳوان جو اوتار رام ڪرشن هن سرزمين تي پيدا ٿيو هو. سندس اوائلي زندگيءَ جون ڪيتريون ڪھاڻيون هن خطي سان واڳيل آهن. هن ڀيڻيءَ کي بلڪل ويجهو ورنداوَن يا ورندابن نالي ماڳ موجود آهي. جتي ڪرشن گوپين سان راند روند ڪندو هو. ڪرشن جي پوڄارين جا هتي وڏا آسٿان موجود آهن.
مٿرا وارو ماڳ گهڻ رُخي ثقافت سان وابسته فني مرڪز آهي. جنھن تي هندو ديو مالا جي گهري ڇاپ آهي. اهڙي ريت اهو قديم مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز جي صورت ۾ موجود آهي. هتي ٺھيل ٻودي مذهبي عمارتن جي تعمير ۽ ٻڌمت جي تبليغ لاءِ مکيه ڪردار مھاراجا اشوڪ سرانجام ڪيو. يورپي سياح ٽالمي ۽ چيني سياحن فاهيان ۽ هيون سانگ مٿرا جي ٻوڌي تعليمي ۽ تبليغي مرڪزن جو ذڪر ڪيو آهي.
سن 1017ع ۾غزنيءَ جي جنگي سردار محمود غزنوي مٿرا تي حملو ڪيو. اورنگزيب هتي مسجد اڏائي سن 1757ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ مٿراجي شھر تي ڪاهه ڪئي.
مٿرا ۾ جنم ڀومي نالي هنڌ وٽ هڪڙي ننڍي ڪوٺي ٺھيل آهي.
جنھن ۾ هڪڙو پٿر رکيل آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اٽڪل 3500 سال اڳي رام ڪرشن ان پٿر تي ڄائو هو. ان پٿر جي وڏي عقيدت سان پوڄا ڪئي وڃي ٿي. ڪيترا ان پٿر تي سيس گسائيندا آهن. ته گهڻا ان کي چمندا به آهن روايت موجب رام ڪرشن جو هن سَنسان هنڌ تي پيدا ٿيڻ جو سبب اهو هو ته ان وقت ۾ ظالم حاڪم ڪانسا سندس مائٽن کي قيد ڪري رکيو هو.
جنم ڀوميءَ کان سؤ کن ميٽرن جي مفاصلي تي هڪڙي ٻئي مقام کي پڻ جنم ڀومي ڪري ليکين ٿا. ان جي ڀر ۾ پوتڙا ڪُنه نالي ماڳ آهي جتي ننڍڙي ڪرشن جا ڪپڙا ڌوپندا هئا.
مٿرا شهر مان وهندڙ جمنا نديءَ تي شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي گهاٽ ٺهيل آهن. وشرام گهاٽ غسل لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت جو حامل آهي ڇو ته چون ٿا ته ظالم بادشاهه ڪانسا کي مارڻ کان پوءِ رام ڪرشن هن گهاٽ تي اچي آرامي ٿيو هو.
وشرام گهاٽ جي ڀرسان ستي برج نالي هڪڙو چار طبق مينار جئپور جي راجا بهاري مل جي پٽ پنهنجي ماءُ جي يادگار طور سن 1570ع ۾ اڏايو هو.
امبر جي راجا مانسگهه ڪانس قلعو درياءَ جي ڪَپَ تي اڏايو هو. هتي واري جامع مسجد ابو نبير خان 1661ع ۾ ٺهرائي هئي. گواليار جي سيٺ گوڪلداس هتي سن 1814ع ۾ دوارڪا ديس مندر اڏائي رام ڪرشن کي منسوب ڪيو. هي مندر اڄڪلهه مٿرا جو سڀ کان وڌيڪ اهميت جو حامل مندر سڏجي ٿو.
هتي قائم ڪيل آرڪيالاجيڪل ميوزيم پڻ ڏسڻ وٽان آهي. جتي مٿراجا ڪيترائي نواردات ۽ عجائبات نمائش خاطر آويزان آهن.
ورنداون ۾ ٺهيل گووند ديو مندر هڪڙي دل پذير عمارت آهي. گووند لفط جي معنيٰ آهي ڳئون چاريندڙ يا ڳنوار يعني ڪرشن جيڪو ڳئون چاريندو هو. اتر هندستان ۾ هي مندر تمام وڏي اهميت رکي ٿو. اهو مندر راجا مانسگهه سن 1590ع ۾ جوڙايو هو.
رنگ جي مندر سن 1851ع ۾ تعمير ٿيو. ان جي تعمير ۾ گهڻن ئي قسمن جون اڏاوتون نظر اينديون، جهڙوڪ ورانڊو اطالوي طرز تعمير، مکيه دروازو راجپوت طرز جو باقي حصن ۾ به ڏکڻ هندستان جي طرز تعمير اختيار ڪيل آهي. گيٽ وٽ مورتين جو ناٽڪ ڏيکاريو وڃي ٿو. جنهن ۾ رامائڻ ۽ مهاڀارت جي ديومالا پيش ڪئي وڃي ٿي. هن مندر ۾ غير هِندُن کي اندرين ڀاڱن ۾ داخل ٿيڻ جي منع ٿيل آهي.
هتي ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا مندر اڏيل آهن، جن ۾ بابڪي بهاري، مدن موهن، پاگل باب ۽ ندي وان وغيره مندر اچي وڃن ٿا. انٽر نيشنل سوسائٽي آف ڪرشنا ڪانشسنيسِ international society of kirshna conseiousness نالي عالمي هندو جماعت جو هندستان وارو دفتر مٿرا ۾ قائم آهي.جتي هن سوسائٽي وارن ڪرشن بالا رام نالي مندر ۽ مقبرو اڏي هن پنٿ جي باني سوامي پرڀوپد جي يادگار قائم ڪئي آهي. هر سال هن پنٿ جا پوئلڳ ساري دنيا جي ملڪن مان ڪهي اچي هتي ٿيندڙ مذهبي رسمن ۽ مجلسن ۾ شريڪ ٿيندا آهن. پارس ۽ مِنا هت به ڪيترائي فوٽو ڪڍيا. اسان ٻنپهرن جي ماني هت کاڌي ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ هت رهڻ کان پوءِ ”میا موری میں نے ہی ماکہن کہایو“ گانو دل ئي دل ۾ جهونگاريندا دهليءَ ويندڙ شاهراهه تي چڙهي دهليءَ روانا ٿي وياسين.
اسان اتر پرديش صوبي جي سرسبز آباد ٻنين، جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا فصل پوکيل هئا. هيڏن سُٺن فصلن جا هاري به خودڪشي ڪن.! هندستان جو هاري دنيا اندر زياده ۾ زياده تعداد ۾ خودڪشي ڪري هندستاني پنجاب ۾ ته هر اٺن ڪلاڪن ۾ هڪ هاري قرض نه ڏيڻ ڪري خودڪشي ڪري. پاڪستان ۾ ماڻهو خود ڪشي ڪن پر ايڏي وڏي تعداد ۾ خودڪشي مون ڪونه ٻڌي خاص ڪري هارين جي خودڪشي مون ڪونه ٻڌي خاص ڪري هارين جي خودڪشي جي ڳالهه ته مون ڪڏهن به پاڪستان جي اخبار ۾ ڪانه پڙهي آهي. تازو اخبار ۾ خبر پڙهيم ته اميتاب بچن پنج ڪروڙ رپيا مختلف بئنڪن کي ڏيئي ڪيترن هارين جي زندگي بچائي ورتي. اها تقريب ٽي، وي تي به ڏيکاريائون ماڻهن کي بئنڪ ڪليئرس جا ليٽر اميتاب بچن جي ڌيءَ هن تقريب ۾ ڏئي رهي هئي سلمان خان پنهنجي ڪمائي مان نوي سيڪڙو خيرات ڪندو آهي مون دنياجا 46 ملڪ گهمي ڏٺا آهن پر منهنجو پنهنجو رايو آهي ته زراعت ۽ سياحت جا سٺا مرڪز جيڪي پاڪستان ۽ هندستان ۾ آهن سي شايد ئي دنياجي ڪنهن ملڪ ۾ هجن. آمريڪا ۽ جپان ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ملڪ جيڪي زراعت تي صرف ٻه چار پرسنٽ خرچ ڪن سي پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ اناج پيدا ڪن ۽ ٻين ملڪن کي به اناج وڪرو ڪن. جڏهن ته هندستان ۽ پاڪستان ۾ ته ستر سيڪڙو ماڻهو زراعت سان ڳنڍيل آهن پر تڏهن به ڪنهن سال ٻئي اناج ٻاهران گهرائين اهڙي طرح سان هندستان ۽ پاڪستان ۾ سياحت جو به تمام وڏو اسڪوپ آهي. هندستان ۾ هاڻ سياحت ڪافي زور وٺي رهي آهي. پاڪستان ۾ انگريز دؤر حڪومت ۽ سڪسٽيز تائين تمام گهڻي سياحت هئي، پر هاڻ پاڪستان ۾ سياحت انڊسٽري ته بلڪل ختم ٿي وئي آهي. نه ته پاڪستان جي هر صوبي ۾ آثار قديمه، هِل اسٽيشن، درياهن ۽ ڍنڍن جو ته ڄڻ هڪ ڄار وڇايو پيو آهي. سنڌ ۾ آثار قديمه جي لحاظ سان موهن جي دڙي وٽ ميوزيئم آهي. ان کان سواءِ ڪوٽڏيجي، ڀنڀور، مڪلي، رني ڪوٽ دنيا جون وڏيون ڍنڍون، منڇر، اڙل، ڪينجهر، سونهريءَ، هاليجي، لاڙڪاڻي ۽ سجاول ضلعي ۾ شڪار لاءِ ڍنڍن جو ته ڄڻ ڪو ڇيهه ئي ڪونهي. انهن ۾ دنيا جا ڪئين سربراهه شڪار ڪري ويا آهن. تنهنکانسواءِ دادو ضلعي ۾ ڪئين حسين هل اسٽيشنس ۽ برسات ۾ ڪارونجهر جبل ڪئين قدرتي چشما ۽ سڄي سنڌ وچان وهندڙ سنڌو درياه ۽ ان جي ڪچي وارو علائقو ۽ سنڌ جو حسين ساموندي ڪنارو پاڪستان جو ناردرن علائقو ته يورپ کان به وڌيڪ سُٺو سهڻو ۽ وڻندڙ آهي. پر پنهنجي ملڪ ۾ مٿئين کان هيٺئين ليول تائين انتها درجي جي رشوت ستانيءَ کانسواءِ ماڻهن جو ٻي ڪنهن ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي ڪونهي.
سڄي ملڪ جي هر ماڻهوءَ جو ڌيان ناجائز دولت ڪمائڻ ڏانهن آهي. ڪي ماڻهو پاڻ کي پوتي پاڪ ڪري پيش ڪندا آهن. پر منهنجو تجربو آهي ته انهن کي موقعو ڪونه مليو ناجائز دولت ڪمائڻ جو، تڏهن ٿا اهڙيون ڳالهيون ڪن. ناردرن علائقن ۾ سوات وادي، ناراڻ، ڪاغان گلگت، اسڪردو، ڍنڍ سيف الملوڪ، چترال ۽ ٻيون ڪيتريون ناردرن علائقن جون خوبصورت جڳهيون ڏاڍيون سرسبز گل و گلزار ۽ من موهيندڙ ۽ حيران ڪن حسن رکن ٿيون پراُت جو انفرا اسٽرڪچر، سيڪورٽي ۽ ترقي بين الاقومي اسٽينڊرڊ جي ڪانهي. تنهن هوندي به سڄي پاڪستان جا سياح لکن جي تعداد ۾ اُت اچن. پر غير ملڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هوندو. دنيا اندر سياحت تي مختلف ملڪن سياحن کي پنهنجي ملڪ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ٽڪساٽ ڪيا آهن. جيئن لاس اينجلس ۾ ڊزني لينڊ، يونيورسل اسٽوڊيو، لنڊن ۾ لنڊن آئي پئرس ۾ يورو ڊزني ۽ايفل ٽاور اسپين ۾ بُل فائيٽ دبئي ۾دبئي فيسٽيويل هنن ملڪن پنهنجي سامونڊي ڪنارن تي سياحت لاءِ مختلف سهولتون مهيا ڪيون آهن.
تازو انگلينڊ وارن هڪ بحري جهاز تيار ڪرايو آهي جنهن ذريعي مسافر، دنيا جا ٽيونجهاهه ملڪ، هڪ سئو يارهن سامونڊي ڪنارا ۽ ڇهه کنڊ گهمندا، هي جهاز سياحن کي 245 ڏينهن سير ڪرائيندو. هي جهاز اٽليءَ جي ڪمپنيءَ ٺاهيو آهي. جهاز ۾ اٺ هوٽلون ٻه وڏا سوئمنگ پول آهن، هن جهاز جو ڀاڙو هڪ ماڻهو جو هڪ ڪروڙ ڇٽيهه لک آهي. هن بحري جهاز ۾ هڪ ئي وقت 930 ماڻهو سفر ڪري سگهندا. جهاز اڃان ٺهي پيو پرجهاز سفر جي شروعات انگلينڊ جي سامونڊي بندر ڊوور کان شروع ڪندو. هي حڪومتون جيترو خرچ ڪن ٿيون، ان کان سوين دفعا وڌيڪ ڪمائين ٿيون، ڪن ڪن ملڪن جي آمدني سواءِ سياحت جي دولت جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. ترڪيءَ جي سالياني سياحت مان ڪمائي چاليهه بلين ڊالر آهي. ۽ ملائيشيا جي سياحت مان سالياني ڪمائي ويهه بلين ڊالر آهي. ۽ وينس شهر جي آدمشماري ستر هزار آهي. پر صرف هڪ سال ۾ هت گهمڻ لاءِ ٻه ڪروڙ ماڻهو اچن. اسان تقريباّ چئين بجي ڌاري آگري شهر ۾ داخل ٿياسين، هي شهر هينئر صرف ضلعي هيڊ ڪوارٽر آهي. ماڻهو هت صرف تاج محل ڏسڻ اچن. پر مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر جڏهن صرف ايڪيهه هزار سپاهين سان 1517ع ۾ سلطان ابراهيم لوڌيءَ سان پاني پٽ جي ميدان تي جنگ جوٽي، تڏهن ابراهيم لوڌي وٽ هڪ لک لشڪر ۽ هڪ سئو هاٿي هئا. بابر بادشاهه جنگ کٽڻ کان پوءِ آگري کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. بابر پنهنجي آتم ڪٿا بابرنامه لکي جيڪا اڄ به سڄي دنيا ۾ مشهور ڪتاب آهي. مونکي جيڪي چند آتم ڪٿائن جا ڪتاب پسند آهن تن ۾ بابر بادشاهه جي هي آتم ڪٿا به شامل آهي. آگره 1638ع تائين مغلن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. هت مغلن جو قلعو موتي مسجد ۽ درياءَ جمنا جي ڪپ تي تاج محل ٺهيل آهي. آگرو دهليءَ سان ريل رستي ۽ روڊ رستي ڳنڍيل آهي. هت جيڪا دهلي آگره وچ ۾ ريل هلي ان جو نالو به تاج ايڪسپريس آهي. مغل بادشاهه اڪبر هن شهر کي پنهنجي دؤر ۾ خوب سنواريو سينگاريو. 1803ع ۾ انگريزن هن شهر تي قبصو ڪيو هن کي صوبائي دارالحڪومت ٺاهيو. هينئر به هي شهر هندستان جي زراعت ۽ تجارت جو مکيه مرڪز آهي. اسان تقريباّ اڌ ڪلاڪ شهر مان گهمندي ڦرندي اچي تاج محل ٻاهران باغ اندر پارڪنگ ۾ پنهنجي گاڏي بيهاري ۽ ٽڪيٽ ورتيسين،هت مقامي ماڻهن لاءِ سستي ٽڪيٽ هئي پر غير ملڪي ٽڪيٽ مهانگي آهي.مورياڻي ۽ سندس بيگم ٽڪيٽ به غير ملڪي ڪائونٽر تان ورتي جيڪا اٺ سئو رپيا هڪ ماڻهو هئي. ۽ اسان جي پاڪستاني وفدجي باقي ميمبرن صرف ويهه روپين واري ٽڪيٽ ورتي تاج محل تمام وڏي ايراضيءَ تي ٺهيل آهي. جنهن ۾ مسافرن جي لاءِ سراءِ ۽ ان ۾ ڪئين ڪمرا تاج محل اڳيان هڪ وڏو باغ جيڪو ڪيترن ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. ان اندر تمام وڏا ۽ سُٺا ڦوهارا لڳل آهن. باغ جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو پاڻيءَ جو حوض تاج محل جي ٻنهي پاسي ٻيون جڳهيون ۽ ڳاڙهي پٿر سان هڪ تمام وڏي مسجد ٺهيل آهي. تاج محل مون کي ايڏو خوبصورت ڪونه لڳو. جيڏو اهو منهنجي ذهن ۾ هو. شايد سالن جي تاج محل جي واکاڻ تي اهو پورو ڪونه لٿو. مون کي هن کان استنبول جي بلومسجد وڌيڪ پرڪشش ۽ پر وقار لڳي. تاج محل عمارت زمين کان پندرنهن ويهه فوٽ مٿي ٺهيل هئي. اسان تاج محل جي اندران ۽ ٻاهران ڪافي فوٽو ڪڍيا. تاج محل هندستان جي مغل شهنشاهه شاهجهان طرفان سندس محبوبه راڻي ممتاز محل جي تربت تي تعمير ٿيل مقبري جو نالو آهي. جنهن کي پنهنجي تعميراتي سونهن سبب اڃا تائين ڪا شهه ڪانه آئي آهي ۽ پنهنجي حسن ڪمال ۾ اڄ به يڪتا آهي. اهو پوري دنياجي چوٽيءَ وارن اٺن عجوبن مان هڪڙو ڄاڻايو ويو آهي.
تاج محل مڪمل طور سفيد سنگمرمر جو ٺهيل آهي، تنهنڪري چوڏهين رات جي سهائي دوران سندس تجلو ۽ جرڪو عجيب نوراني ڪيفيت برپا ڪريو ڇڏي. ڪوهيڙي واري صبح دوران جمنا نديءَ جي مخالف ڪناري وٽان اهو فضا ۾ ترندو محسوس ٿيندو آهي.
ڪي ماڻهو هن حسين مقبري کي شاهجهان بادشاهه جي خواب جي تعبير سمجهن ٿا، ته ڪجهه احباب سخن انهيءَ کي سنگمرمر سان لکيل مرثيو Elegy in marble تصور ڪن ٿا. راڻي ممتاز محل جي قبر مقبري جي هيٺين حصي ۾ موجود آهي، شاهجهان جي قبر پڻ پوءِ انهيءَ جي ڀرسان ئي جوڙي وئي.
تاج محل جي تعمير ٻاويهن سالن ۾ مڪمل ٿي. انهيءَ ڪم ۾ ڪاريگرن سميت ويهن هزارن مزدورن لڳاتار پورهيو ڪيو. تاج محل ٽي ڪروڙ ويهه لک رپين جي خرچ سان سن 1648ع ۾ جڙي راس ٿيو. تعمير جي دستاويزن مان معلوم ٿيو ته هن جو اڳواڻ ڪاريگر وقت جي اسلامي عمارتسازيءَ جو ماهر” استاد عيسيٰ “ هو جيڪو ايران کان خصوصي طور گهرايو ويو هو. دهلي، قنوج، لاهور ۽ ملتان جا مهان ڪاريگر به سندس نگرانيءَ ۾ هن ڪم ۾ شامل هئا. تنهن کان سواءِ بغداد، شيراز ۽ بخارا جا وڏا ڪاريگر به هن جي اڳواڻي ۾ تعمير ۽ تدوين جي ڪم ۾ مشغول هئا.
هي مقبرو اصل ۾ هڪ شاهي منصوبي جو فقط هڪ ڀاڱو آهي. ان عظيم منصوبي ۾ شاهي دروازو عاليشان باغ کاٻي طرف تي ٺهيل مسجد ساڄي طرف مهمان سراءِ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شاندار عمارتون شامل آهن.
تاج محل هن عظيم تعميراتي منصوبي جي بلڪل اندرئين دنگ تي اڏيل آهي. جنهن جي پويان جمنا ندي پئي وهي. تاج محل واري باغ ۾ چار وڏا تلاءَ ٺهيل آهن، انهن مان هر هڪ تلاءَ ۾ وڌيڪ چار تلاءَ ٺهيل آهن. ۽ انهن ننڍن تلائن مان به هرهڪ ۾ اڃان به ٻيا چار تلاءَ ٺهيل آهن، اهي عربي طرز تعمير موجب ٺهيل آهن.
آگرو شهر سورهين ۽ سترهين صديءَ جي اڌ تائين مغل سلطنت جي راڄڌاني ٿي رهيو. اهو هن وقت دهليءَ کان ايڪسپريس ريل گاڏيءَ وسيلي ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. سڄي دنيا مان ڪهي ايندڙ سياح ۽ سيلاني توڙي اڪابر انسان آگري واري ڦٽل قلعي کي ڏسڻ لاءِ نه پر فقط هتي اڏيل عالمي تعميراتي عجوبي تاج محل جي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن.
شاهجهان راڻي ممتاز محل سان سن 1612ع ۾ شادي ڪئي، هيءَ سندس ٻي زال پر حقيقي رفيق حيات، محبوبه ۽ سياسي توڙي سماجي صلاحڪار هئي، کيس انصاف،رعيت تي رحم ۽ مسڪينن جي مدد لاءِ آماده ڪيائين. هوءَ هميشه ساڻس گڏ هوندي هئي، ايتريقدر جو جنگي مهن دوران به ساڻس گڏ رهندي هئي. ممتاز محل مان بادشاهه کي ڪُل چوڏهن ٻار پيدا ٿيا. هوءَ برهانپور ۾ فسادن کي روڪڻ لاءِ جنگي مهم دوران به بادشاهه سان گڏ هئي، جتي سندس چوڏهون ٻار ڄڻڻ بعد وفات ڪيائين، وفات کان اڳ ۾ بادشاهه کان چئن ڳالهين جو وچن ورتائين.
1- بادشاهه راڻي ءَ جي قبر تي مقبرو جوڙائيندو.
2- بادشاهه اڃان به هڪڙي شادي ڪندو.
3- بادشاهه پنهنجي اولاد تي مهربان رهندو.
4- بادشاهه راڻي جي ورسيءَ جي موقعي تي سندس مقبري تي ايندو.
بادشاهه انهن مان ٻه وچن پاڙيا، هڪ ته مقبرو جوڙيائين ۽ ٻيو ته ممتاز محل جي وفات کان پوءِ به شادي ڪيائين.
بادشاهه کي پنهنجي محبوب راڻيءَ جي موت صفا ملول ۽ مغمُومِ ڪري گهائي وڌو. چند مهينن ۾ سندس ڏاڙهي بلڪل سفيد ٿي وئي ۽ پاڻ نهايت ڳري ويو.
راڻيءَ سان سندس حقيقي پيار کي دائمي طور برقرار رکڻ لاءِ بادشاهه واقعي تاج محل کي دائمي پيار جي سچي علامت طور اڏائڻ ۾ ڪوڏيءَ جي ڪسر به ڪانه ڇڏي! اهوئي سبب آهي جو تاج محل اڃان تائين دنيا جي محلن جو تاج ليکيو وڃي ٿو. انهيءَ تعميراتي سونهن ۽ نزاڪت کي ڏسي ماڻهو حيرا ن ٿيڻ کان نٿو بچي، ڪيترن ئي ماڻهن ۾ اها ڳالهه هلندڙ آهي ته ةاج محل جو نقشو جنن ۽ ديون جوڙيو ۽ اهو سونارن زيورن وانگر گهڙيو هو.
مقبرو سفيد سنگمرمر جي چورس چبوتري جي وچ تي ٺهيل آهي ۽ ڪنڊن تي چار عاليشان مينار اٿس. مقبري جي مکيه گنبذ هيٺان راڻيءَ جي تربت کي هيرن ۽ جواهرن جي جڙاءَ جو حسن جادوءَ وانگر اثر ڪندڙ آهي، مقبري جي سموري تعمير ۾ نسواني حسن طور تعميراتي جمال جي ڪمال، هن مقبري کي روءِ زمين تي اڏيل محل محلاتن جو واقعي تاج بنائي ڇڏيو ۽ معروضي دُوام بخشيو، جنهن ۾ باقي ڪابه شيءَ شامل يا منجهانئس خارج ڪري نٿي سگهجي، مقبري تي رکيل ڪتاب ۾ دنيا جي سربراهن جا ڏاڍا دلچسپ تاثر لکيل آهن جيڪي ڪوشش ڪري ضرور پڙهڻ گهرجن.
انگلينڊ جي راڻيءَ تاثر ۾ لکيو آهي ته منهنجو مڙس جي مون کي يقين ڏياري ته منهنجي مرڻ کان پوءِ مون تي اهڙوئي مقبرو ٺهرائيندو ته آئون اڄ ئي مرڻ لاءِ تيار آهيان.
آمريڪا جي صدر آئزن هاور لکيو آهي ته مون کي عجب آهي ته هي هيڏو سارو مقبرو آمريڪا جي امدادکان سواءِ ڪيئن ٺهيو!
تاج محل جي اندرئين ڏيک کان ٻاهريون ڏيک وڌيڪ وڻندڙ ۽ روح کي تسڪين ڏيندڙ ۽ پروقار آهي، تاج محل متعلق ڪيترن ئي وڏن شاعرن ڪنئين شعر لکيا آهن ساحر لڌيانوي جو تاج محل تي لکيل شعر ڪجهه هن ريت آهي.

ایک شہنشاہہ نے دولت کا سہارا لے کر
ساری دنیا کی محبت کا اڑایا مذاق

ان شعر جي جواب ۾ ٻئي هڪ شاعر لکيو آهي ته:

ایک شہنشاہہ نے بنواکے حسین تاج محل
ساری دنیا کو محبت کی نشانی دی ہے

تاج محل تي جيترا شعر لکيل آهن شايد ئي ٻئي ڪنهن مقبري يا مڪان تي ايترا شعر لکيل هجن، تازو اتر پرديش جي بي. جي، پي، جي حڪومت تاج محل جو نالو تاريخي ورثي وارين جڳهين ۽ قومي ورثي وارين عمارتن مان خارج ڪري ڇڏيو آهي. هندستان ۾ بمبئي جي پهريون نمبر هوٽل جو نالو به تاج محل لاهي تاج پريذيڊنٽ هوٽل ڪري ڇڏئون آهي.
ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ جڏهن يورپ ۾ سنگمرمر پٿر جو اگهه تمام گهڻو وڌي ويو، ته پوءِ وائسراءِ جي وقت ۾ انگريزن هندستان جي ڪيترن ئي محلن محلاتن تان سنگ مرمر لهرائي يورپ ۾ وڪيو ۽ ڪيتري دولت ڪمائي، هنن جو ارادو تاج محل تان به سنگ مرمر لهرائي وڪڻڻ جو هو. ان لاءِ مشنري به آگري ۾ تاج محل اڳيان پهچي وئي پر اوچتو اوچتو يور پ مارڪيٽ ۾ سنگمرمر جو اگهه صفا ڪري پيو پوءِ انگريزن هن مٿان سنگمرمر لهرائڻ جو ارادو بدلائي ۽ مشينري واپس موڪلي ڇڏي.
اسان سڄي ڏينهن جي مسافري ۽ شديد گرمي ڪري صفا ٿڪي پيا هئاسين. سو اسان اسانجي رهائش جي هوٽل ڏانهن روانا ٿي وياسين، جنهن جي بڪنگ اسان اڳ ئي ڪرائي ڇڏي هئي، هوٽل جو نالو اپولوAPOLO هو. هوٽل جا ڪمرا ايئرڪنڊيشن هئا. اسان شاور وٺي ڪجهه دير آرام ڪري پوءِ شهر گهمڻ نڪتاسين، آگري شهر ۾ مسلمان وڏي تعداد ۾ رهندا آهن ۽ انهن جا ڪافي دڪان ۽ ڪارخانا آهن، آگري ۾ اسان ڪجهه خريداري لاءِ ٻٽن مسلمانن جي دڪانن تي وياسين انهن اسان کان پڇيو ته توهان پاڪستان مان آيا آهيو، اسان کين ها جواب ڏنو ته پاڻ اسان کي ڏاڍي عزت ڏنئون حال احوال ورتائون ۽ چانهه پيارئون ۽ رات جي ماني جي سندن گهر دعوت ڏنائون.

5

اسان کي اسان جي ادبي ڪانفرنس جي ميزبانن کان هنن ماڻهن وڌيڪ پيار سڪ محبت هن رتيءَ جي رهاڻ ۾ ڏني، خبرن خبرن ۾ اسان کي چئون ته هي علائقو آگري جو مهانگي ۾ مهانگو آهي توهان فلاڻي علائقي ۾ وڃي خريداري ڪريو ته اُت هر شيءَ توهان کي سستي ملندي.
اسان رات جي ماني به ٻاهر هڪ هوٽل تي کاڌي، اسان جڏهن انڊيا ويا هئاسين 2004ع ۾ تڏهن موديءَ جي حڪومت ڪانه هئي، هاڻ موديءَ جي حڪومت بي، جي، پي جي غنڊن جي حوالي ٿي وئي آهي. هر روز مسلمانن لاءِ گهيرو تنگ ڪندي وڃي، مون ڏٺو آهي ته هندستان ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي دوستي ٿي نه ٿي سگهي، ڇو ته ٻنهي جي سوچ هڪ ٻئي جي خلاف نفرتن تي قائم آهي، ۽ هندو مسلمانن کان وڌيڪ مذهبي ڪٽر پڻي جو شڪار آهن.
جنهن جو مثال سنڌي هندن طرفان سڀني سنڌي مسلمانن کي ”ڄٽ“ ڪري چوڻ آهي اهو به ته هڪ قسم جو نفرت جو اظهار آهي، آغا سليم پنهنجي هندستان جي سفر نامي جهولي لال جي صفحي 46 تي لکي ٿو ته جڏهن سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته هندن کي پراڻو پلئو ڪرڻ جو وارو ملي ويو. هندن مسلمانن جي پئسي جي زور تي نوڪرين توڙي واپار ۾ معاشي ناڪابندي ڪئي ۽ مسلمانن جون جايون ٻنيون گروي رکي وياج ۾ ڦٻايون ۽ کين شهرن مان ڌڪي ڪڍي ڇڏيو ته هو تعليم ۽ واپار کان هميشه لاءِ ڌڪجي پري ٿي ويا.
اسان دير سان پنهنجي آگري واري هوٽل ۾ اچي آرامي ٿياسين، صبح سوير تاج محل اڳيان ورتل سنگمرمر جي سامان کي چڱي طرح پيڪ ڪري ٿيلهي ۾ بند ڪري پوءِ ناشتو ڪري آگري جي گهٽين مان هلندا اچي آگري جي پراڻي قلعي تي پهتاسين، اسان اُتي ڪافي فوٽا ڪڍيا، پوءِ هي ڀڳل قلعو ڏٺو، هن قلعي کي اڪبر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، هي قلعو سورهين صديءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي رهائش لاءِ ٺهرايو ويو هو، جيڪو درياءَ جمنا جي ڪناري تي ٺهيل آهي، هي قلعو تڏهن ٺهيو جڏهن آگره مغل شهنشاهت جو گاديءَ جو هنڌ هو، هن قلعي کي1983 کان U.N.O طرفان ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو ويو، هن قلعي کي ٺهڻ ۾ اٺ سال لڳا، هن قلعي جي خاص ڳالهه جهانگير جو محل آهي جيڪو به اڪبر پنهنجي پٽ لاءِ ٺهرايو هو، هي محل بادشاهه جي محل کان به وڏو ۽ سٺو محل آهي، هت ٺهيل موتي مسجد شاهجهان بادشاهه ٺهرائي هئي. بادشاهه جي ويهڻ لاءِ شاهي تخت جيڪو پوءِ اورنگزيب کڻائي دهليءَ جي قلعي ۾ وڃي لڳايو، هن قلعي اندر ٻيا به ڪيترا محل جن ۾ شاهجهان طرفان سندس پياري راڻيءَ ممتاز جو محل به هو جنهن تي ئي پوءِ شاهجهان تاج محل ٺهرايو، جنهن تي آئون اڳ تفصيل سان لکي چڪو آهيان هي ساڳوڻو قلعو آهي جنهن ۾ تخت تي ويهي شاهجهان بادشاهه حڪومت ڪئي، اهوئي قلعو يارهن سال شاهجهان بادشاهه لاءِ جيل به هو جت پاڻ اونگزيب جي وقت ۾ قيدي ٿي رهيو. يعني 1655ع کان 1666ع تائين جيسين وڃي پاڻ هت جيل ۾ ئي وفات ڪئي اسان قلعي کان پوءِ فتح پور سڪري روانا ٿياسين، جيڪو آگري کان 23 ميلن جي مفاصلي تي آهي، هندستان ۽ پاڪستان ۾ ماڻهو مغلن جي ٺاهيل قلعن ۽ محلن مسجدن ڏانهن گهمڻ وڃن٬ جيئن اسان هت قطب مينار لال قلعو فتح پور سڪري تاج محل ۽ آگرو ڏسڻ وياسين، پر هت هڪڙي به اهڙي انگريزن ۽ هندن جي يادگارجڳهه ٺهيل ڪانه هئي جنهن کي اسان ڏسڻ وڃون، جڏهن ته انگريزن به سڄي هندستان تي سوين سال حڪومت ڪئي، پر انگريزن هتان ڪمائي انگلينڊ کي ٺاهيو پر مغلن مڙي به پنهنجو اصل ملڪ ڪونه ڏٺو هت مئا ۽ هت ئي دفن ٿيا.بابر کان وٺي آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر تائين هو دفن ته قيدي جي حيثيت ۾ برما ۾ ٿيو پر شعرن ۾ هي بيت به هندستان ۾ دفن ٿيڻ لاءِ چيو ويو ته

اتنا ہے بہ نصیب ظفر کہ دفن کے لئے٬
دوگز زمیں بھی نہ ملی کوئے یار میں!

پر انگريزن هتان هيرا جواهر يعني ڪوهنور هيرو به کڻي وڃي انگلينڊ جي راڻيءَ جي تاج ۾ هنيو، پر پاڻ هتان لاش به کڻي يعني مميز مصر مان کڻي وڃي انگلينڊ جي ميوزمن ۾ رکئون ۽ اڄ به انهيءَ جي ڏسڻ جي ٽڪيٽن مان حاصل ڪروڙين رپيا ڪمائين، ۽ انهن کي ڏسڻ اڄ به سياح مصر نه پر لنڊن وڃن راڻيءَ جي تاج ۾ لڳل اهو ڪوهنور هيرو به هاڻ ٽاور آف لنڊن ۾ رکيل آهي، جنهن کي مون ۽ مِنا به لنڊن م ڪيترا ڀيرا ڏٺو آهي.
ڪلديپ نيئر پنهنجي آتم ڪٿا ڪتاب ۾ لکيو آهي ته انگريزن جو خيال هو ته اسان جن جن ملڪن کي جيئن جيئن فتح ڪيو، تيئن تيئن اسان انهن ملڪن کي آزادي ڏئي، هتان هليا وڃون، يعني سنڌ، پنجاب، بينگال ميسور ۽ گجرات کي هڪ جدا جدا آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ آزاد ڪري هليا وڃون، جيئن هينئر رشيا پنهنجي سڀني فتح ڪيل ملڪن کي پاڻ کان جدا ڪري عليحده عليحده ملڪ ٺاهي يعني يوڪرين، ازبڪستان، قازڪستان، آذربائيجان ۽ ٻين ملڪن کي جدا جدا آزاد ملڪن جي حيثيت سان آزاد ڪري پاڻ هتان فوجين سميت نڪري هليو ويو. رشيا جي هتان نڪري وڃڻ ڪري پنج نوان مسلمان ملڪ ڌرتيءَ جي گولي تي قائم ٿي ويا، هاڻ سڄي دنيا جا ماڻهو اُت دنيا جا مشهور شهر ثمرقند بخارا باڪو ۽ ٻيا ڪيترا شهر ڏسڻ وڃن، جڏهن رشيا انهن سڀني ملڪن ۾ راءِ شماري ڪرائي ته يورپ جي سڀني عيسائي ملڪن راءِ شماري ۾ رشيا کان عليحدگي جي حق ۾ فيصلو ڏنو پر سڀني مسلمان ملڪن راءِ شماريءَ ۾ روس سان گڏ رهڻ جي حق ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو انهن ملڪن جو مؤقف آهي ته اسان وٽ ايڏي تعليم ۽ ترقي ڪڏهن به ڪانه ٿئي ها جيڪا روس جي انقلاب کان پوءِ ممڪن ٿي، انهن مسلمان ملڪن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ لينن جا ٽٽل اسٽيچوز جيڪي ڪنڊن پاسن ۾ سڙيا پئي، سي واپس کڻي ٺاهي پنهنجن شهرن جي مُک چؤڪن تي واپس لڳائي ڇڏيا آهن هنن جو مؤقف آهي ته اهو سڀ ڪجهه رشين انقلاب ڪري ٿيو نه ته اسان جا حال افغانستان کان به بڇڙا هجن ها. ڪلديپ نيئر چيو لکيوم آزادي جو خيال ته اهڙو اظهار انگريزن جڏهن پيش ڪيو ته سڄي ڪانگريس ۽ انهن جي ليڊرن انهيءَ مؤقف جي شيديد مخالفت ڪئي، پاڻ چئي ٿو ته نهروءَ ته وائسراءِ کي سختيءَ سان چيو ته توهان گهڻا پاڪستان ٺاهڻ چاهيو ٿا، اهو ڪتاب پاڪستان جي هر ڪتاب گهر تان خريد ڪري سگهو ٿا، مون به اهو ڪتاب حيدرآباد مان هڪ اسٽال تان خريد ڪيو، توهان سوچيو ته انگريز جي سنڌ کي هڪ آزاد خودمختيار ملڪ جي حيثيت سان آزاد ڪري وڃن ها ته سنڌ اڄ هڪ آزاد مختيار ملڪن جي لسٽَ ۾ شامل هجي ها ۽ اقوام متحده جو ميمبر هجي ها، ۽ سنڌي پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ هجن ها،
اسان هندستان جي ننڍن ۽ ڀڳل ٽٽل رستن تان هلندا فتح پور سڪري ڏانهن وڃي رهيا آهيون ، تاج محل کانسواءِ آگري ۾ ۽ فتح پور سڪريءَ ۾ جيڪا به اڏاوت آهي اها سڀ جي سڀ اڪبر اعظم ٺهرائي هئي، ۽ پڻ دهليءَ ۾ اڪبر جي پيءُ همايون مٿان جيڪو مقبرو ٺهيل آهي سو به اڪبر بادشاهه ٺهرايو، ۽ اڪبر جون ٺهرايل سڀ عمارتون اڪبر جي پوٽي شاهجهان ڀڃرائي ڇڏيون اڪبر درٻار ۾ ڌوتي پائي ايندو هو ۽ پيشانيءَ تي هندن جو نشان تلڪ لڳائيندو هو، پاڻ ۽ سندس پٽ کي به هندن مان شادي ڪرايائين. سندن ڪنوار جي قبيلي مان سندس ۽ سندس درٻار جا محافظ هئا، جيڪي ساڻس سڄي زندگي وفادار ٿي رهيا، پاڻ جين مذهب جي پوئلڳن جي چوڻ تي سڄي ملڪ ۾ ٻه ڏينهن جانورن ڪهڻ تي بندش وڌائين ۽ پاڻ درٻار ۾ زردشتين جي مخصوص قميص ۽ چيلهه تي ڪمربند ٻڌي انهن کي به خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئين، هن جو اصول هو ته هندستان ۾ سڀني مذهبي ڌرين کي خوش ڪجي ۽ ڪنهن به مذهب واري جي دل آزادي نه ڪجي جيئن اڄڪلهه ڪئينيڊا جو وزيراعظم پيو ڪري چون ٿا ته اڪبر جي بادشاهت ان وقت دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي بادشاهت هئي، پر سندس فوج تمام مختصر يعني پنجويهه هزار سپاهين تي مشتمل هئي چون ٿا ته جڏهن اڪبر وفات ڪئي، ته هُن جي خزاني ۾ هڪ بلين ڊالر ملڪ جي خزاني ۾ موجود هئا، هندستان ۾ مسلمان حاڪمن طرفان صدين کان غيرمسلمانن تي جزيه جو ٽئڪس لڳل هو، سو اڪبر بادشاهه غير مسلمانن تان هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو، اسان فتح پور سڪريءَ جي ٻاهران پنهنجون گاڏيون بيهاري سڄي علائقي جو جائزو و وٺي پوءِ اڪبر بادشاهه جي ڳائڻ ٻڌڻ واري ٽماڙ جڳهه جي مٿان وڃي بيهي هيٺ سڄي نظاري جا فوٽا ڪڍيا ۽ هت ٿوري دير ويهي ساهي کنئي، جت اڪبر بادشاهه ويهندو هو ۽ تانسين کان راڳ ٻڌندو هو چون ٿا ته ابو فضل ۽ فيضي جي پيءُ ملاعمر تانسين بابت سوال جو اڪبر بادشاهه کي جواب ڏنو ته ”بس گا لیتے ہیں“ هت سڄي فتح پور سڪريءَ جو نظارو پُروقار لڳي رهيو هو.
فتح پور سڪريءَ جي باري ۾ ڪي چون ٿا ته آگري کي خداحافظ چئي اڪبر هت پنهنجو تخت گاهه بنايو، ڪي چون ٿا ته گاديءَ جو هنڌ آگرو ئي هو پر عارضي طرح سان اڪبر هت به اچي رهندو هو، هي شهر ٽڪري تي مٿي ٻڌل آهي، ۽ ٻيون به بيشمار تعميرات هت جڙيل آهن.
فرانس جو صدر سرڪوزي ۽ سندس زال جڏهن هندستان جي دوري تي آيا ته کين ڪنهن ٻڌايو ته اڪبر کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، ته پاڻ هت اچي درويش سليم چشتيءَ جي درگاهه تي عرض ڪيو ته مون کي اولاد ڏي ته کيس پٽ ڄائو ته پاڻ سندس پٽ جو نالو به درويش جي نالي پٺيان سليم ئي رکيو جيڪو پوءِ جهانگهير جي نالي سان هندستان جو بادشاهه ٿيو، آخري وقت اڪبر جي اولاد کي جڏهن اڪبر جي مرڻ جي علامت نظر نه آئي ته جهانگهير ٽيهه هزار فوج سان جنگ ڪئي، ۽ جنگ ۾ اڪبر بادشاهه جي ويجهي ساٿيءَ ۽ دوست ابوالفصل کي قتل ڪري پنهنجي بادشاهت جو باضابطه اعلان ڪيو نيٺ اڪبر جهانگهير کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو، پر اڪبر بادشاهه پنهنجي پٽ جي ساڻس جنگ ۽ پنهنجي ويجهي دوست ابوالفضل جي مرڻ ۽ سندس ماءُ جي مرڻ ڪري پاڻ صفا مايوس ۽ ڪمزور ٿي ويو هو، نيٺ وفات ڪري ويو، سندس موت کي ڪي پيچش جي بيماري ته ڪي کيس جهانگير طرفان زهر ڏئي مارڻ جو به چون ٿا.
سو ڳالهه پئي ٿي فرانس جي صدر سرڪوزي طرفان هندستان جي دؤري ۽ اڪبر کي سليم چشتيءَ جي دعا سان پٽ ٿيڻ جي سو فرانس جو صدر ۽ سندس زال به تاج محل ڏسڻ کانپوءِ هت اولاد گهرڻ لاءِ فتح پور سڪريءَ آيا ۽ مسجد جي مُک گيٽ کان جنهن کي بلند دروازا چوندا آهن، اُتان پيرين پنڌ مٿو ڍڪي اچي درگاهه ۾ اولاد جي لاءِ دعا گهرئون ۽ کين هت هڪ قوالي ٻڌائڻ جو به بندوبست ٿيل هو ۽ پاڻ ڳچي ۽ ٻانهن ۾ سڳو پڙهائي اهو ٻڌئون، هيءَ سرڪوزي ۽ سندس زال جي ٻئي شادي هئي، سرڪوزيءَ کي پهرين زال مان ٽي ٻار ۽ سندس ٻي زال کي پهرئين مڙس مان هڪ ٻار هو، پر هنن جي هڪٻئي سان شاديءَ مان اولاد ڪونه هو، تنهنڪري هنن سليم چشتيءَ جي مزار تي اچي دعا گهري، گل ۽ پڙ چاڙهيو.قبر مٿان سندن جيڪو گائيد هو پيرزادو رئيس ميان، تنهن چيو ته مونکي وڃڻ مهل چئون ته اسان وري به ٿا دعا گهرون، هت دعا گهرڻ کان پوءِ کين اولاد ٿيو ۽ هڪ ڏيهه ڄائي هي رپورٽ ڊين نيلسن، دهليءَ کان ڇهه ڊسمبر ويهه سئو ڏهه ۾ موڪلي ۽ ٽيلي گراف اخبار ۾ شايع ٿي ۽ هنيئر به نيٽ تي لڳي پئي آهي.
سرڪوزيءَ جي زال جو نالو ڪارلابروني Carla bruni آهي، هندستان جي بادشاهه اڪبر کان وٺي فرانس جي صدر سرڪوزيءَ تائين هن درويش کان اولاد گهرڻ جو سلسلو هليو اچي. هونئن يورپ جا ماڻهو اهڙين ڳالهين کي بلڪل ڪونه مڃين پوءِ الاهي ڇو؟ هنن پير پرستيءَ کي تسليم ڪري هت پٽ جي آس لاءِ پهتا يا هنن هت اچي مسلمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ ائين ئي ڪيو هونئن به هندستان جي ٽن درگاهن يعني هي درگاهه سليم چشتيءَ جي، دهليءَ ۾ خواجه نظام الدين اولياءَ جي ۽ اجمير شريف جي درگاهه معين الدين چستي تي هميشه تمام گهڻي رش هوندي آهي يعني مسلمانن کانسواءِ سڄي دنيا جا هندو به هميشه هنن درگاهن تي توهان کي نظر ايندا، جن جي عقيدت هنن درگاهن لاءِ مسلمانن جهڙي ئي هوندي آهي اجمير شريف جي درگاهه تي ته هندستان ۾ جيڪي پاڪستان سان گڏ ٻين ملڪن جا سربراهه به اچن سي به هت اچن.
فتح پور سڪري جيڪو هاڻ آباد نه پر غير آباد شھر آهي، فتح پور سڪري ننڍڙو پر عاليشان شھر شھنشاهه اڪبر جي حڪومت دوران سن 1571ع کان 1585ع تائين هندستان جي گاديءَ جو هنڌ هو، انھيءَ کان ٿوروئي وقت اڳي اهو سنگ تراشن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، هڪڙي ڪٿا موجب اڪبر نريني اولاد کان وانجھيل هو، تنهن هن ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪڙِي درويش نالي شيخ سليم چشتيءَ جي حضور ۾ دعا لاءِ اچي حاضري ڀري درويش کيس ٽن پٽن ڄمڻ جي بشارت ڏني. وقت گذرڻ سان اها سچي ثابت ٿيڻ سبب بادشاهه هتي شهر اڏي پنهنجي راجڌاني بنايو،پر پاڻي جي مستقل مشڪلات سبب پنهنجي گادي لاهور ۾ قائم ڪئي ته چند سالن اندر زوال جي نذر ٿي ويو، پر ڳاڙهي وارياسي عمارتي پٿر جي وجود ۽ آرڪيالاجيڪل سروي وارن جي مرمت ۽ سنڀال سبب ڪافي حد تائين تعميراتي طور تي بحال ڪيو ويو آهي.
هتي پنهنجي رهائش دوران شهنشاهه اڪبر اسلام کانسواءِ ٻين مذهبن جي مطالعي ۽ مذاڪري ۾ به مشغول رهيو، هندن ۽ پارسين جي مباحثن ۽ مذاڪرن کان متاثر ٿي هڪڙو نئون فرقو تشڪيل ڪيو، جنهن کي دين الاهي سڏيو ويو، فتح پور سڪريءَ ۾ مغل تعميرات ۾ هندو جين توڙي اسلامي سمورا تعميراتي فن جا نمونا اختيار ڪيا ويا آهن.
هت سياحن جي تمام وڏي اڪثريت هڪ ئي ڏينهن ۾ سير ڪري موٽي وڃي ٿي، پر هتي رات ترسندڙن کي هتي جي شام ۽ رات جا نظارا وڌيڪ متاثر ۽ مطمئن ڪندا، هي شهر آگري شهر جي اولهه طرف چاليهن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي پٿريلي زمين تي اڏيل آهي، جامع مسجد جنهن جي اندر شيخ سليم چشتي جي مزار پڻ اڏيل آهي، تنهن جي تعمير ۾ ايراني ۽ هندو ٻنهي قسمن جي اڏاوت ٿيل آهي، چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن مسجد جا نقش ۽ نگار هڪڙي مڪي مسجد وارا اختيار ڪيا ويا آهن. مسجد جي مکيه داخلا بلند دروازو آهي جيڪو چوونجهاهه ميٽر اوچو، شهنشاهه اڪبر طرفان گجرات جي فتح جي يادگار طور تعمير ڪرايو ويو هو. هن دروازي جي اندرئين پاسي مٿي سردري تي قرآن شريف جون آيتون اُڪريل آهن مسجد جي ايوان ۾ اتر طرف شيخ سليم چشتي جو مقبرو اعليٰ قسم جي سفيد سنگمرمر سان سن 1570ع ۾ تعمير ٿيو. سنگمرمر جون ٺهيل ڄاريون فني خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ ورلي لڀن، هت مِنا ۽ پارس سليم چشتيءَ تي پڙ چاڙهيو ۽ مون فوٽا ڪڍيا، شيخ سليم چشتيءَ جي پوٽي شيخ اسلام خان جو مزار پڻ مسجد جي احاطي اندر ۽ شيخ سليم جي ويجهو اڏيل آهي، مسجد جي اڀرندي طرف واري دروازي کي شاهي دروازو سڏجي ٿو ڇو ته ان دروازي وٽان صرف بادشاهه اڪبر ايندو هو.
هن قديم شهر ۾ داخل ٿيڻ سان ڏسڻ ۾ ايندڙ پهرين عمارت راڻي جوڌاٻائي جي محلات آهي، اها راڻي شهنشاهه جهانگير جي ماءُ ۽ هڪڙي هندو مهاراجه جي ڌيءَ هئي، هن محلات جا ٿنڀا هندو طرز تعمير ۽ گنبذ اسلامي طرز تعمير موجب جوڙيل آهن. هوا محل نالي هتي هڪڙو ڊگهو ڪمرو ٺهيل آهي. تنهنجون سموريون ڀتيون پٿر جي نهايت سهڻين ڄارين سان ٺهيل آهن.
هتي هڪڙو ٺهيل محل بيربل ڀَون نالي سان سڏجي ٿو، ان جي سونهن کان متاثر ٿيندي اوڻهين صديءَ جي هڪڙي فرينچ اديب وڪٽرهيوگو لکيو ته ” هي عمارت هڪڙو ننڍڙو محل آهي. هي محل راجا بيربل لاءِ اڏيو ويو هو، جيڪو عقل ۽ عرفان جو صاحب هو ۽ هر فن مولا شخصيت جو حامل هو، پاڻ سن 1586ع ۾پشاور جي ويجهو لڳندڙ هڪ جنگ ۾ پنهنجي سموري سپاهه سميت مارجي ويو، هن محل جي سامهون اڏيل عمارت حرم سراءُ سڏجي ٿي، چون ٿا ته ڪنهن وقت انهيءَ هنڌ هاٿين، اٺن ۽ گهوڙن جو وڏو طنبيلو هو.
هن شهر ۾ ڪاروان سراءُ هرڻ مينار، ڪرستان زال جو محل ڀنچ محل، مال خانو، ديوان خاص، ديوان عام جي ڀرسان هڪڙو پلي گرائونڊ پچيسي ميدان نالي سان سڏبو هو، جتي شهنشاهه اڪبر پنهنجي ڪنيزائن سان گڏجي پچيسي نالي راند کيڏندو هو.
دفترخاني جي اڳيان خواب گاهه ٺهيل هو،جتي اڪبر بادشاهه سمهندو هو، خواب گاهه جي ڀر ۾ سندس ترڪ راڻيءَ جو گهر هوندو هو، جامع مسجد جي ٻاهران اصل سنگ تراش جي ننڍڙي مسجد جا آثار موجود آهن، چون ٿا ته سليم چشتيءَ جو آسٿان ان هنڌ تي هو، هن ماڳ وٽ هڪڙو حڪيم جو گهر ۽ ترڪي طرز جو حمام ٺهيل هو، اسان ٻه ٽي ڪلاڪ هت رهڻ کان پوءِ پنهنجي ٻي منزل دهليءَ ڏانهن روانا ٿي وياسين.
هندستان جو جڏهن ورهاڱو ٿيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جا هندو به وڃي هندستان ۾ گڏ ٿيا پر هندستان جا مسلمان ٽن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويا يعني ويهه ڪروڙ بنگلاديش ۾ ويهه ڪروڙ پاڪستان ۾ ۽ پنجويهه ڪروڙ هندستان ۾ اُهي ڪُل ٿيا پنجهٺ ڪروڙ اها حقيقت آهي ته جيڪي قومون دنيا ۾ ورهائجن ٿيون انهن جي پوءِ اها حيثيت برقرار ڪانه ٿي رهي، جيستائين جرمني ٻه ملڪ هئا ته يورپ ۾ انهن جي اها پوزيشن ڪانه هئي جيڪا هينئر آهي پوءِ جڏهن ديوار برلن ڀڳي ۽ ايسٽ جرمني ويسٽ جرمني ملي هڪ جرمني ٿي ته اها اڄ دنيا جي چوٿون نمبر وڏي ايڪانامي ۽ سڄو يورپ ۽ يورپي يونين سندس ڪنٽرول ۾ آهي.انگلينڊ ۾ ڪجهه سال اڳ جڏهن يورپي يونين مان نڪرڻ جو ريفرينڊم ٿيو ۽ انگلينڊ جي عوام يورپي يونين ۾ نه رهڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ته ان وقت جي وزيراعظم ڪيمرون چيو ته اسان کي يورپي يونين مان ڪڍڻ ۾ جرمنيءَ جو وڏو هٿ آهي، خلافت جي وقت مسلمانن جي وڏي اڪثريت متحده ۽ سلطنت هئي ته هو ٽن کنبدَن يعني يورپ ايشيا ۽ آفريڪا تي مڪمل حاوي هئا پوءِ جڏهن پهرئين جنگ عظيم ۾ ترڪي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ته مسلمانن جي دنيا اندر طاقت ئي ختم ٿي وئي، هاڻ ته صرف گلف ۾ ئي ٻه ٽن لکن جي آدمشاري وارا ڪنگڊم نه پر شيخ ڊم ٺاهيا ويا آهن، مثلاّ دبئي، ابو ظهبي، شارجه، ڪويت، قطر، بحرين، مسقط ۽ عمان. انهن سڀني ملڪن جي آدمشاري اصلوڪي رهاڪن جي پنجاهه لک به ڪانه هوندي سو هندستان ۾ به هيڏي مسلمانن جي آدمشماري هوندي به ڪڏهن به هندستان جو وزيراعظم مسلمان ڪونه ٿيو آهي. نه وري ڪشمير کان سواءِ هندستان جي ڪنهن به صوبي جو وزيراعليٰ مسلمان ٿيو آهي، آئون چوندو آهيان ته هندستان جو وزيراعظم ۽ اقوام متحده جو جنرل سيڪريٽري ڪڏهن به مسلمان ڪونه ٿينداپاڪستان ۾ وري ڪڏهن به چيف آف آرمي اسٽاف سنڌي ڪونه ٿيندو.
اسان هت هڪ هوٽل تي ترسي ماني کاڌي اسان گهڻو ڪري انڊيا ۾ سبزيون کائيندا هئاسين هت هوٽلن تي گوشت ڪڪڙ به ملندو هو پر اسان سبزيون ئي کائيندا هئاسين هت مونکي ماني کائڻ ۾ مزو ڪونه ايندو هو، سواءِ ناشتي جي هندستان ۾ بنگال وارن جو کاڌو جدا ته مدارس وارن جو جدا ته دهليءَ وارن جو جدا. پاڻ سان کاڌي ۾ جي هڪجهڙائي آهي ته اهي صرف پنجاب جا کاڌا آهن جيڪي، سنڌ جي کاڌن سان ڪيتري قدر ملن ٿا، تنهنڪري اسان هت پنهنجي نموني کاڌو کائيندا هئاسين ۽ ڪنهن سک پنجابي جي هوٽل ۾ وڃي ماني کائيندا هئاسين، هندو مذهب ۾ کاڌي ۾ پاڪ ۽ ناپاڪ جو تصور تمام گهڻو آهي هندو مذهب ۾ ڪي ذاتيون ته اهڙيون به آهن جو گوشت کانسواءِ بصر ۽ ٿوم به ڪونه کائينديون آهن.

6

اسان هت ماني کائي ٿورو ٿڪ ڀڃي دهليءَ وڃڻ واري شاهراهه تي تيزي سان هلڻ لڳاسين. اسان هت گاڏيءَ ۾ هلندي ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ڏٺيون سين جيڪي اسان اڳ ڪڏهن سنڌ يا پاڪستان ۾ ڪونه ڏٺيون سين، مثال پاڻ ٻنيءَ ۾ هاريءَ کي هر هلائيندي صرف ڍڳي سان ڏٺو پر هت هندستان ۾ ڍڳي سان گڏ ڍڳيءَ ۽ پاڏيءَ ۽ مينهن کي به هر ۾ هلندي ڏٺو ۽ عورتن کي هر هلائيندي، ڪوڏر سان ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي، ٻنيءَ ۾ پاڻي ورائيندي ۽ ٻيو اهڙو ڪجهه عورتن کي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي ڏٺو، جيڪو مون سڄي زندگي ءَ ۾ عورت کي پاڪستان يا سنڌ ۾ ڪم ڪندي ڪونه ڏٺو، آئون انهيءَ عمل کي خراب نه پر سٺو ٿوسمجهان، ته هندستان جي عورت عورتاڻن ڪمن سان گڏ مرداڻن ڪمن ۾ به مرد سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪري، ٻيو ته عام هندستاني ماڻهو پاڻ وانگر فصول خرچ بلڪل ڪونه ڪن، هندستان ۾ انگريزي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر جواستعمال پاڻ کان تمام گهڻو آهي، جنهن ڪري هندستان جو پڙهيل لکيل ماڻهو سڄي دنيا ۾ خاص ڪري يورپ آمريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ ته توهان کي هزارن ۾ نه پر لکن ۾ ملندو ۽ هينئر ته يورپ آمريڪا جي وڏين ڪمپنين جا سربراهه به سون جي تعداد ۾ هندستاني آهن.
اسان شام ڌاري دهليءَ پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. اسان ڪجهه دير هت آرام ڪري، پوءِ دهليءَ ۾ لڳل هڪ وڏي نمائش ڏسڻ وياسين، جت هندستان جي سڀني تهذيبن جا ڪپڙا، ڪاٺ جو سامان، هٿ سان ٺهيل سامان ۽ ڀرت جا ڪنئين نمونا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هت وڪري لاءِ رکيل هو، هر پورشن ۾ کاڌي جو سامان به صرف پنهنجي پنهنجي علائقي جو رکيل هو، هت ڪافي رش ۽ گهما گهمي هئي. اسان سڄي نمائش مان چڪر لڳائي پوءِ اچي راجستان واري نمائش جي سيڪشن مان خريداري ڪئي هي حصو نمائش جو سنڌ جي ٿر جي ڪلچر سان ملندڙ جلندڙ هو، تنهنڪري اسان هت ڪافي وقت هر شي ءَ کي ڏٺو، مِنا ۽ ڊاڪٽر پارس هتان چنري جي ڀرت واراڪپڙا ۽ ڪافي ساڙهيون خريد ڪيون، اسان رات جي ماني به راجستاني قسم جي کاڌي ۽ پوءِ اسان واپس پنهنجي هوٽل تي پهچي، سنڌ ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪو اسان جو روز جو دستور هوندو هو.
سنڌي اڪيڊمي وارن اسانجي ٽن راتين جي هوٽل جي مسواڙ خود ڀري ۽ اسان کي ڇهه هزار رپيا هرهڪ کي روڪ رقم ڏنا، ٻيو هڪ رپيو به هنن اسان تي خرچ ڪونه ڪيو. ٽن ڏينهن جي ڪانفرنس کانپوءِ به اسان ٻه ڏينهن آگري ۾، چار ڏينهن دهليءَ ۾ رهياسين، جيڪو سڄو خرچ اسان پنهنجو پاڻ برداشت ڪيو، الانا صاحب به بمبئي کان هت دهليءَ ڪانفرنس ۾ هنن جي دعوت تي آيو هو انهيءَ منهنجي ڪتاب واقعات عالم جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته سنڌ مان جيڪي به احباب انهيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ هئا، انهن سان ڪانفرنس ڪوٺائڻ وارن جو رويو ڪيئن هو، پرڪانفرنس جي منتظمين مون سان جيڪا تعدي ڪئي ان کي اڄ به آئون وساري نه سگهيو آهيان ۽ منهنجو دوست ڊاڪٽر ڄيٺلي ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي جي منهنجو سهارو نه بڻجن ها ۽ جنهن هوٽل ۾ مون کي رهايو هئائون ان جو بل آئون پنهنجي کيسي مان نه ڀريان ها ته هوٽل جو مالڪ شايد مونکي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏي ها.
اسان هوٽل تان تيار ٿي صبح سوير چاندني چوڪ بازار گهمڻ وياسين، هيءَ بازار دهليءَ جي تمام پراڻي بازار آهي ۽ تمام وڏي بازار آهي، پر اڄڪلهه وڏا وڏا مال ٺهڻ ڪري اهڙيون بازاورن وڃن ختم ٿينديون.
جيئن اڄڪلهه حيدرآباد جي شاهي بازار جا حال آهن، پر اڄ ڪلهه سڄي رش فتح مل اڳيان بلوارڊ مال تي آهي، هت هر شيءَ هڪ هنڌ ملي مثال، سئنيما، ٻارن جي راندين لاءِ عليحده ڪارنر، ڪپڙي جا دڪان، ڪتابن جا دڪان، ريزڪي سامان، جُتا ڪتاب، پرفيوم گهر جي استعمال جو سڀ سامان ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه توهان کي هڪ هنڌ ملي، اسان کي هت خريداريءَ کان وڌيڪ دهليءَ جي هن قديم بازار کي ڏسڻ جوشوق هو، هت وڏي تعداد ۾ مسلمانن جا دڪان به هئا، پر پراڻي طرز تعمير ڪري هنن ۾ ڪنهن به قسم جي جاذبيت ڪانه هئي.
سڄي دنيا ۾ بازارن جو رواج مذهبي ۽ سماجي تقريبن ۽ ماڻهن جو مختلف شئين جي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ڪري پيو، پراڻي زماني ۾ دهليءَ ۾ بيشمار بازارون هونديون هيون جنهن ۾:
1- بازار گنج احسن خان
2- ڪابلي بازار
3- قنڌار بازار
4- لاهوري بازار
5- قصاخاني بازار
6- چوڪ سعدالله خان بازار
7- شاهي قلعه بازار
8- مير خان بازار
9- فيض بازار
انهيءَ کانسواءِ قلعي ۾ عورتن لاءِ مينا بازار به لڳندي هئي. جنهن ۾ دهلي جي امراءَ اميرن جون عورتون اينديون هيون، ۽ هن بازار ۾ دڪان هلائڻ واريون به سڀ عورتون هونديون هيون، انهيءَ زماني ۾ لکنوءَ دهلي ۽ لاهور جون بازار حسن به تمام مشهور هيون، جن ۾ نواب مهاراجه ۽ امير وڏي شوق سان ويندا هئا.مون پهرين عرض ڪيو ته اسان جو مقصد هت گهمڻ هو نه ڪي خريداري ڪرڻ جو، پر جت عورت هجي ۽ ڪجهه خريد نه ڪري سو ناممڪن آهي، مِنا هت ڪپڙو ساڙهيون ۽ چوڙيون خريد ڪيون، اسان هتان واندا ٿي سڌاهوٽل تي آياسين ۽ هوٽل تي ئي ماني کائي ٿورو آرام ڪر ي پوءِ لوڌي گارڊن ۾ هڪ ڪلب ۾ وياسين، جت سنڌ ۽ هنڌ جي اديبن هڪ مشاعري جو بندوبست ڪيو هو، جنهن جي صدارت مخدوم امين فهيم ڪئي ٿي، هن مشاعري ۾ سنڌ ۽ هنڌ جي سڀني شاعرن، اديبن حصو ورتو ۽ سڀني شاعرن پنهنجا شعر ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو، مخدوم امين فهيم هن مشاعري ۾ شعر پڙهڻ کان اڳ ٻڌايو ته ننڍي هوندي مون کي شعرو شاعريءَ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، ڪافي شعر لکيم ۽ بزم طالب الموليٰ ۾ وڃي پنهنجا شعر پڙهندو هوس، پر پوءِ هر هنڌ اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي ته اهي شعر مون کي بابا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ لکيو ٿو ڏي، انهيءَ ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي دل شاعري تان بلڪل کٽي ٿي وئي انهيءَ وقت ماڻهو مخدوم طالب الموليٰ لاءِ به چوندا هئا ته مخدوم صاحب وڏي کي به سائين غلام محمد گرامي شعرو شاعري لکي ٿو ڏي ايڪڙ ٻيڪڙ ته ماڻهو ڪنهن کي لکي ڏئي سگهي ٿو، پر سڄي زندگي ڪو ٻيو ماڻهو لکي ڏي اهو ناممڪن آهي. ماڻهو پاڻ لکي پوءِ درستگيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي پنهنجون ڪاوشون ڏيکاري سگهي ٿو، ته هن کي درست ڪري ڏي، ته اهو ڏسي به ڪي پنهنجا ويجها ماڻهو اهو سمجهندا هوندا ته اهو سڄو مواد هن کي درست ڪري لکي پيو ڏي، پر منهنجي نظر ۾ گهڻو مواد لکڻ وارو ماڻهو جيڪو مسلسل لکندو رهي ٿو اهو ناممڪن آهي ته اهو سڀ ڪنهن ٻئي جو لکيل هجي.
هي مشاعرو ٻه ڪلاڪ کن هليو. مشاعري کان پوءِ چانهه پارٽي هئي، تنهنکانپوءِ ٻاهر لان ۾ سڀني جو گروپ فوٽو ڪڍيو ويو، جنهن ۾ هندستان جي ڪنهن صوبي جي هاءِ ڪورٽ جو سنڌي جج به هو.اسان مشاعري کانپوءِ ٻاهر هوٽل تان ماني پيڪ ڪرائي اچي پنهنجي ڪمري تي کاڌي اسان جلد سمهي رهياسين ڇو ته ٻي ڏيهاڙي ٽوئر وارن سان اسان جو سڄي ڏينهن جو ٽوئر پروگرام هو، اسان صبح سوير اٿي هوٽل رسيپشن تي آياسين. اسان کي رسيپشن واري ٻڌايو ته ٽوئر وارا پوري ٽائيم تي ننڍين گاڏين ۾ چڙهي هنن جي مين آفيس توهان کي پهچائيندا پوءِ اتان توهان کي وڏي ايئرڪنڊيشن بس ۾ چاڙهي جيڪي جيڪي توهان کي ٽوئر ۾ شامل جڳهيون آهن، اهي گهمائيندا ۽ پوءِ وري توهان کي هِتِ پهچائي ويندا، اسان هت هوٽل ۾ پهريون دفعو ناشتو ڪيو ناشتي مان واندا ٿياسين، ته ٽوئر وارن جي گاڏي به اچي وئي، ۽ اسان انهيءَ ۾ چڙهياسين هنن ٻين ٽوئرن وارن کي به پنهنجي پنهنجي هوٽلن تان کڻي اچي سندن مين آفيس پهچايو ۽ اسان کي سڌو هنن بس ۾ کڻي ويهاريو ۽ اسان جي بس دهليءَ جي روڊن تي روان دوان ٿي هلڻ لڳي، بس بلڪل اهڙي هئي جهڙيون بسون يورپ ۽ آمريڪا يا فارايسٽ ۾ ٽوئر ڪمپنين جون هونديون آهن. بس ۾ گهڻو ڪري غير ملڪي ماڻهو هئا. بس ۾ اسان جي ٽوئر جي گائيڊ پهريائين اسان کي پنهنجو تعارف ڪرايو، پوءِ هر انهيءَ جڳهه جي باري ۾ تمام مختصر نموني سان معلومات فراهم ڪئي هنن پهرئين اسان کي جامع مسجد دهليءَ اچي گهمائي اسان جي گائيڊ اسان کي هر ڳالهه انگريزي ۾ ٿي ٻڌائي. جامع مسجد دهليءَ 1650ع ۾ شاهجهان بادشاهه ٺهرائي، جيڪا ڏهن سالن ۾ روزانه پنج هزار مزدورن ٺاهي تيار ڪئي، يعنيءَ هيءَ مسجد 1660ع ۾ تيار ٿي، هيِءَ مسجد انهيءَ مغل بادشاهه شاهجهان ٺهرائي جنهن آگري ۾ تاج محل ٺهرايو هو، هي مسجد هندستان ۾ وڏي ۾ وڏي جامع مسجد آهي، هيء اسلامي فن تعمير ۽ مغل فن تمعير جو هڪ شاهڪار آهي. زمين کان مسجد تائين رسڻ ۾توهان کي ٽيهه ڏاڪا مٿي چڙهڻا آهن، هن جي چؤطرف باغ باغيچا پاڻيءَ جا تلاءَ يا گهڻي خوبصورتي ڪانهي، جيڪا توهان کي قرطبه لاهور استنبول ۽ ٺٽي جي جامع مسجد ۾ ڏسڻ لاءِ ملندي.
هي مسجد لال قلعي جي صفا ويجهو آهي، هي جامع مسجد ڳاڙهي پٿر ۽ سنگمرمر سان ٺهيل آهي، هت عيد نماز ۽ جمعي جي نماز به پڙهائبي آهي، هن مسجد تي ٻه دفعا هندو انتها پسندن حملا ڪيا آهن، هڪڙو دفعو 2006ع ۾ جنهن ۾ تيرهن ماڻهو شديد زخمي ٿيا، مسجد اندر ۽ ٻيو دفعو مسجد کان ٻاهر هڪ گن مين فائر ڪري ٻن ماڻهن کي زخمي ڪيو، اهو هندستان ۾ عام آهي، ته مسجدن، امام بارگاهن ۽ مسلمانن جي گهرن تي حملا ڪيا وڃن. هن مسجد کي ٺاهيندڙ انجنيئر استاد خليل هو، هن مسجد کي هينئر دهلي وقف بورڊ هلائيندڙ آهي، هي مسجد شهر جي وچ ۾ هئڻ ڪري ريلوي اسٽيشن ۽ دهليءَ ۾ هلندڙ ميٽرو بس اسٽينڊ جي بلڪل ويجهو آهي، هن مسجد جي افتتاح لاءِ بخارا مان ان وقت جي وڏي عالم سيد عبدلغفورشاهه بخاريءَ کي خصوصي دعوت ڏئي گهرايو ويو هو، پوءِ هن کي هن مسجد جو امام ۽ مُلڪ جي امام اعظم جو لقب ڏئي مقرر ڪيو ويو.
اڄ به دنياءِ اسلام ۾ دهليءَ مسجد جي پيش امام جي وڏي عزت ۽ وقار آهي. هينئر هن مسجد کي رپيئر جي به سخت ضرورت آهي، اسان هت نفل پڙهي پوءِ اسان جي ٻي منزل گانڌي جي سماڌي جنهن کي هت چون راج گهاٽ، ڏانهن بس ۾ چڙهي روانا ٿي وياسين، جيڪا گانڌي روڊ تي آهي، اسان جي بس راج گهاٽ پهتي، ته اسان بس مان لهي گانڌي جي سماڌي وٽ بيٺاسين. سماڌي مٿان ڏينهن جو به فانوس ٻري رهيا هئا، هت اسان سان گڏ سڀني ٽوئر وارن فوٽا ڪڍيا. هيءَ سماڌي ڪاري ماربل سان ٺهيل آهي. هت چؤطرف ڇٻر لڳل هئي اسان کي هتان کان پوءِ اندرا گانڌي ميموريل وڃڻو هو، اسان ٽوئرسٽ بس ۾ چڙهي دهلي شهر جي رستن تان گهمندا ڦرندا اچي اندرا گانڌي ميموريل تي پهتاسين ۽ سڀئي پنهنجون پنهنجون ڪئميرائون ڪڍي هٿ ۾ جهلي اندر داخل ٿياسين.
هي اندرا گانڌي يا وزيراعظم هندستان جي سرڪاري رهائش گاهه هئي، جت هن جي سک محافظن 31 آڪٽوبر 1984ع، اربع جي ڏينهن هن کي گوليون هڻي ماريو.
اندرا گانڌي جواهر لال نهروءَ جي ڌيءَ هئي ۽ هندستان جي پهرئين عورت وزيراعظم هئي هت اندرا گانڌيءَ کي گولين لڳڻ ڪري جيڪو رت وهيو انهيءَ رت جي نشان کي به مٿان شيشو هڻي محفوظ ڪيو ويو آهي، هت لئبريري اندر ۽ اندرا گانڌيءَ جي بيڊروم کي به اهڙي نموني محفوظ ڪيو ويو آهي، جيئن هو اڳ هئا، هت هڪ وڏي ڪمري ۾ اندرا گانڌيءَ جا سوين فوٽا ننڍپڻ کان مرڻ تائين لڳل آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ سياحن جي هن ڪمري ۾ وڏي رش هئي. اندرا گانڌي ميموريل نوين بجي صبح کان پنجين بجي تائين کليل هوندو آهي، ۽ سومار تي هي ميموريل بند هوندو آهي.
اسان کي هنن لال قلعو ۽ قطب مينار به گهمايو جيئن ته اسان اهي جڳهيون اڳ ئي گهمي چڪا هئاسين، تنهنڪري آئون انهن جو وري ذڪر ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجهان، اسان هتان کان پوءِ پنهنجي ٻي منزل لاءِ روانا ٿياسين، پر انهيءَ دوران اسان کي ٻنپهرن جي ماني لاءِ هڪ هنڌ اچي لاٿئون، جت اڳ ئي ڪيتريون ٽوئرسٽ بسون بيٺيون هيون. اسان به هت هڪ هوٽل ۾ ويهي ماني کاڌي هوٽلن ۾ سياحن جي وڏي رش هئي، هڪڙا ٿي آيا ته ٻيا ٿي اُتان اُٿيا. اسان هت ماني کائي ٻاهر ٿوري پاسار ڪئي پوءِ اسان جي بس دهليءَ جي رستي تي هلڻ لڳي. هاڻ اسان جي ٻي منزل برلا مندر يا لڇمي نارائڻ مندر هو، جيڪو دهليءَ جو وڏي ۾ وڏو مندر پڻ آهي.هي مندر 1933ع ۾ هندستان جي هڪ وڏي سرمائيدار جگال ڪرشن برلا ٺهرايو، جنهن جو افتتاح مهاتما گانڌي 1939ع ۾ ڪيو. اسان هن مندر جي باغ اندر بيھي ڪيترا فوٽا ڪڍيا هت ڪيئي ڦوهارا به لڳل هئا. هي ڪافي وڏو مندر آهي، هندن جون وڏيون تقريبون به هر سال هن مندر ۾ ٿينديون آهن. هاڻ هي مندر سان گڏ سياحن جي اچڻ لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه پڻ ٿي وئي آهي. هن مندر کي ناگرا اسٽائيل اڏاوت به چيو ويندو آهي، هن مندر جو ٻاهريون ڏيک به ڏاڍو وڻندڙ آهي، ۽ هن کي لڳندڙ رنگ به ڏاڍا جاذب ٿي لڳا، اسان هت ڪافي دير گهمي ڦري پوءِ پنھنجي ٻي منزل يعنيٰ لوٽس ٽيمپل يا بهائي هائوس ڏانهن روانا ٿياسين اسان جڏهن هت پھتاسين ته ڪافي رش هئي، هت سياح ۽ بهائي مذهبي فرقي وارا تمام وڏي تعداد ۾ اچن تنھنڪري هت هميشه رش هوندي آهي. هن جي اڏاوت به آسٽريليا جي هڪ سڃاڻپ جي جڳهه وانگر آهي، جيڪا پري کان ڏسڻ ۾ ٻين جڳهين کان تمام مختلف لڳندي آهي. هن جو ٻاهريون ڏيک سڄو اڇي سنگمرمر سان ٺھيل آهي، هن جو نقشو ايران جي هڪ مشھور ماهر تعميرات فريبورز صاحب ٺاهيو آهي، جيڪو دنيا اندر عمارتن جي نقشن ڪري ڪيترا ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، هي انسائيڪلوپيڊيا ۽ گنيز بُڪ آف رڪارڊس وارن کان به ڪافي انعام کٽي چڪو آهي. هي ٽيمپل 1986ع ۾ ٺھي تيار ٿيو. هن ٽيمپل کي وڏا دروازا آهن. هن جي هڪ وڏي هال ۾ هڪ ئي وقت پنجويھه سئو ماڻھو عبادت ڪري سگھن ٿا، هن ۾ استعمال ٿيندڙ سڀ ماربل يونان جي مشھور پينٿالي جبل مان آندو ويو آهي، هت ٻيا به ڪيترا بهائي فرقي وارن جا ٽيمپل، هن ئي پٿر سان ٺھيل آهن، هي ٽيمپل ڇويھن ايڪڙن تي ٺھيل آهي. هن جي اڳيان ڏاڍا سٺا باغ باغيچا به آهن جيڪي واقعي ڏاڍا خوب صورت ۽ ڏسڻ وٽان آهن، جنھن ڪري هن ٽيمپل کي ڏسڻ لاءِ هر روز ڏهه هزار ماڻھو ايندا آهن، ۽ سال ۾ چاليھه لک ماڻھو ڏسڻ ايندا آهن، هن جو ٻاهريون ۽ اندريون ڏيک ڏاڍو دلچسپ آهي. اسان هتان کانپوءِ پنھنجي آخري ٽوئر جي منزل ڏانھن روانا ٿي وياسين. هنن اسان کي پارليامنيٽ هائوس ۽ وائسراءَ هائوس جي وچ تي لاهي پوءِ اسان کي چئون ته هت فوٽا ڪڍو ۽ گهمو ڦرو اڌ ڪلاڪ هت گهمڻ کانپوءِ اسان توهان کي پنھنجي هوٽلن تي لاهي اينداسين، اسان هت اڳوڻي وائسراءَ هائوس ۽ هاڻ راشت پتي ڀون جي ٻاهران ڪافي فوٽا ڪڍيا. هي اڳوڻو وائسراءَ هائوس پراڻي دهليءَ جي شاهجهان آباد واري علائقي ۾ ٺھيل آهي، جيڪو ويھين صديءَ جي دنيا جي وڏن محلن مان هڪ هو. هن اندر ٽي سئو چاليھه ڪمرا ٺھيل آهن. هي 1929ع ۾ ٺھي تيار ٿيو، پر وائسراءَ هن ۾ 1931ع ۾ اچي رهيو ۽ 1947ع ۾ هندستان آزاد ٿيو، ته ان حساب سان وائسراءَ هن ۾ صرف سورهن سال رهيو هندستان جو وائسراءَ لارڊ ارون پھريون وائسراءَ هو جيڪو هن محل ۾ اچي رهيو، ۽ ائين وري هندستان جو پھريون هندستاني گورنر جنرل راج گوپال آچاريا هن ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، گانڌي به هڪ دفعو وائسراءَ جي چانھه پيئڻ هت آيو هو، ته ڏاڍو پريشان هو، وائسراءَ اُن پريشاني جو سبب پڇيس، چيائين ته منھنجي واچ چورائجي وئي آهي، وائسراءَ پڇيس ته اها ايڏي قيمتي هئي ڇا ؟ ته پاڻ ٻڌائين ته اها صرف ويھه رپين جي هئي، وائسراءَ هائوس ۾ ٻه هزار مستقل ملازم ۽ هڪ هزار عارضي ملازم هت هر روز ڪم ڪندا هئا. هن اندر بيشمار پارڪ، جن اندر اوڻٽيھه ڦوهارا، تمام وڏيون ڪشاديون چاڙهيون، جيڪي نفيس سنگ مرمرسان ٺھيل هيون نفيس باٿ روم سڄي وائسراءَ هائوس جي دروازن جھلڻ جا هئنڊل انگلينڊ مان ٺھريا ويا هئا، اسپيشل آرڊر تي هن جون دريون دروازا خاص واڍن کان نفاست سان ٺھريا ويا هئا، ٻاهرراندين لاءِ خاص ڪري ڪرڪيٽ فوٽ بال گهوڙا ڊوڙ لاءِ وڏا وڏا ميدان ٺھرايا ويا هئا، جن لاءِ روشني جو لطف اندوز بندوبست ٿيل هو، انڊور راندين لاءِ به وڏا سھڻا هال ٺھرايا ويا هئا. وائسراءَ هائوس چئين سالن ۾ ٺھي راس ٿيو، جنھن تي ان وقت جا چار لک پائونڊ خرچ ٿيو هو، هن کي ٺھرائڻ لاءِ ڪيترن ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏنا ويا هئا. انھن ٺيڪيدارن ۾ مشھور ليکڪ خوشونت سنگَهه جو پيءُ به شامل هو. هي سڀ ٺيڪيدار پبلڪ ورڪس کاتي جي سيڪريٽري Hugh keelmg هگ ڪيلنگ جي ماتحت ڪم ڪري رهيا هئا، هن ڪم جا مک ٺيڪيدار هئا، سيٺ هارون رشيد ۽ سيٺ سو ڀا سنگهه، جيڪو خوشونت سنگهه جو پيءُ هو، ۽ ان وقت هن جي عمر اٺانوي سال هئي.
وائسراءَ هائوس جي وچئين روم جي ڇت هڪ سئو اسي فوٽ اندران اندر ڊگهي آهي، وائسراءَ هائوس ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ وائسراءَ ۽ ان جي اسٽاف جو پورشن، ته ٻيو پورشن وري گيسٽ هائوس طور ٺھيل آهي.
وائسراءَ وارو سڄو حصو اٽيليئَن سنگ مر مر جي چاڪليٽ ڪلر سان ٺھيل آهي، وائسراءَ واري پورشن ۾ ٽينس ڪورٽ، سوئمنگ پول، بليئرڊ روم، گاف ڪورس يعني راند جا ميدان ٺھيل آهن، ۽ انھيءَ پاسي اُوڻٽيھَه وڏا وڏا شمعدان لڳل آهن، انھيءَ پاسي هڪ اسپتال ۽ هڪ وڏو ٿيٽر هال پڻ ٺھيل آهي. جڏهن لارڊ ارون کي هن محل جي چاٻي ڏني وئي هئي، تڏهن هي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪنھن حاڪم جي محلات هئي.

7

اسان کي ٽوئر وارن گهمائي ڦيرائي آڻي پنھنجي هوٽل تي لاٿو، جتان اسان جلد تيار ٿي رام ڄيٺملاڻي جي دعوت تي وياسين، جيڪا ڪنھن باغ ۾ تقريب هئي، هن دعوت ۾ منھنجي خيال ۾ چار سئو کن مھمان هئا، جيڪي سڀ جا سڀ سنڌي هئا، رام ڄيٺملاڻي سڄي هندستان ۾ مونکي هڪڙو سنڌي قوم پرست ڏسڻ ۾ آيو جيڪو مذهبي تنگ نظريءَ کان تمام مٿانھون نظر ٿي آيو، جنھن کي سنڌي مسلمانن لاءِ به ايتري حُب ۽ اڪير هئي، جهڙي هن کي هندن لاءِ هئي، هن جي زبان تي جهولي لال جي بدران صرف شاهه عبدالطيف هو، جنھن جي زبان مان سنڌيت جي سرهاڻ اچي رهي هئي، رام ڄيٺملاڻي تازو 93 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، رام ڄيٺملاڻي شڪارپور ۾ ڄائو هو، پوءِ پاڻ ۽ اي- ڪي بروهي گڏجي ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي، پاڻ بلڪل هندستان وڃڻ ڪونه ٿي چاهين پرڪراچيءَ ۾ مُهاجر اچڻ ڪري! اهڙا ته حالات ٿيا، جو لياقت عليءَ جي حڪومت هندن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو تڏهن اي- ڪي بروهي جي صلاح سان مجبورن هن کي هندستان وڃڻو پيو، هن سنڌين جا هندستان ۾ ڪيس پاڻ کنيا ۽ اهي کٽيا. مثال پاڻ پھريائين سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي سرڪاري ٻوليءَ طور منظور ڪرائين پوءِ وري ڪنھن هندو سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته هندستان جي قومي تراني مان سنڌ جو نالو ڪڍيو وڃي، ته انھيءَ ڪيس ۾ به پاڻ وڪيل ٿي رهيو، ڪيس کٽيائين ته سنڌ جو نالو هندستان جي قومي تراني مان ڪونه ڪڍيو ويندو ۽ پڻ جن سکن اندرا گانڌيءَ کي گوليون هڻي ماريو، انھن جي ڪيس ۾ به پاڻ وڪيل هو، ۽ ٻيو هندستان جي پارليامنيٽ تي جڏهن حملو ٿيو ته ان ۾ هڪ پاڪستاني نالي افضل کي به چالان ڪيو ويو هو، ته پاڻ انھيءَ جو وڪيل ٿي انھيءَ کي ڪيس مان آزاد ڪرائين، پاڻ راجيا سڀا ۽ لوڪ سڀا جو ميمبر هو، ۽ سڄي هندستان جو وزير قانون پڻ هو، ۽ هندستان جي وزير اعظم اٽل بھاري باجپائي سان اليڪشن ۾ زبردست مقابلو ڪيو پر پاڻ اليڪشن هارائي ويو، پاڻ ڪيترائي دفعا هندستان سپريم ڪورٽ بار جو صدر پڻ ٿي رهيو، هن تقريب ۾ قمر شھبار ۽ حميد سنڌيءَ به تقرير ڪئي جنھن ۾ هن مونسان گڏ بابا ارباب نور محمد تي به تمام سٺو ڳالھايو، هن تقريب ۾ هندستان جي مشھور ڳائڻي امه لالا به خوب ڳائي ماڻھن کان داد حاصل ڪيو.
مون کي اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته موجوده مودي جي حڪومت جڏهن ڪشمير جي آئين مان انھيءَ شڪ کي خارج ڪيو ته ڪشميرين کان سواءِ ڪشمير ۾ ڪو به ماڻھو جائيداد نٿو وٺي سگهي ۽ هت ڪشميرين کانسواءِ ڪوبه ماڻھو نوڪري نٿو ڪري سگهي، اهو تازو سيپٽمبر ٻه هزار اويڻهه 2019ع ۾ هندستان جي پارليامنيٽ بل پاس ڪيو ۽ انھيءَ جي رد عمل ۾ مسلسل هڪ مھينو هنگامن ڪري ڪرفيو لڳو ۽ ڪيترا ڪشميري ڀارتي فوج هٿان شھيد ٿيا، انھيءَ موضوع تي هندستان ۾ انھيءَ جي حمايت ۾ سيمينار ڪرايا ويا. اهڙي هڪڙي سيمينار ۾ رام ڄيٺملاڻي مرڻ کان چندڏينھن اڳ پنھنجو مؤقف ٻڌايو ته ڪشمير هندستان جو حصوئي ڪونھي جيستائين اُت اقوام متحده جي زير اهتمام راءِ شماري نٿي ڪرائي وڃي، تيستائين هندستان ڪشمير متعلق پنھنجو ڪوبه قانون پاس نٿو ڪرائي سگهي. اهو جيڪو مودي پارليامنيٽ مان بل پاس ڪرايو آهي ان تي ڪشمير ۾ عمل ئي ڪو نه ٿو ٿي سگهي، سندس اهي دليل اڄ به فيس بڪ تي پيا آهن. سندس انھيءَ مؤقف ڪري سڄي هندستان ۾ مٿس ڏاڍي تنقيد ٿي پر کيس انھيءَ جي ڪا به پرواهه ڪانه هئي.
فنڪشن ۾ هند سنڌ جي اديبن خوب ڊانسون ڪيون ۽ موج مستيون ڪئون. هي فنڪشن رات جو دير سان ختم ٿيو ۽ اسان به دير سان هوٽل تي پھتاسين ۽ اچڻ شرط سمھي پياسين، صبح سوير تيار ٿي اسان هوٽل وارن کي چيو ته هوٽل خالي ڪري واپس پاڪستان روانا ٿي وينداسين، پر ريل روانگي کان اڳ اسان هت مختصر خريداري به ڪرڻ چاهيون ٿا سو اهڙي ڪا اسانکي سٺي ويجهوئي مارڪيٽ ٻڌايو ته ڪجهه خريداري ڪري پوءِ توهانجي هوٽل تان سامان کڻي سڌو دهليءَ جي ريلوي اسٽيشن پھچي وڃون اسان کي هنن چيو ته بل ٺھڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو، تنھنڪري توهان هت ويجهو ئي غفور مارڪيٽ آهي، اتان خريداري ڪري اچو ته توهان جو بل تيار هوندو. سو اسان هتان تيار ٿي ٽئڪسي ڪري سڌو غفور مارڪيٽ آياسين، هيءَ تمام وڏي مارڪيٽ هئي هت ڪنئين وڏا شاپنگ مالس هئا. جن مان ڪن ۾ لفٽون به لڳل هيون هت ڪافي دڪان مسلمانن جا به هئا، هت مِنا سينڊل ۽ واچ ورتي، مون جُتو ۽ چشمون ورتو، پارس به واچ ۽ ٻيو ننڍو ننڍو سامان ڪافي خريد ڪيو، اسان ماني به هت، کاڌي ۽ پوءِ ٽئڪسي ڪري هوٽل وارن کي پيسا ڏيئي، انھيءَ ٽئڪسي ۾ ئي اچي دهلي جي ريلوي اسٽيشن تي پھتاسين اسان جي ريل پليٽ فارم کان پري بيٺل هئي، تنھنڪري اسان ڪوليءَ کان سامان کڻائي اچي ريل ڀيڙا ٿياسين اسانجون سيٽون رِزَروڊ هيون سو اسان اچي پنھنجي بوگي جي انھن سيٽن تي ويٺاسين ۽ پنهنجو سامان مٿي رکي ويهي رهياسين. هن ريل جو پھريون اسٽاپ هندستان جي اٽارِي اسٽيشن هو. هندستان تمام وڏو ملڪ آهي تنھنڪري هنن پنھنجي ريلوي نظام تي ڪافي ڌيان ڏنو آهي، خاص ڪري جڏهن لالو پرشاد ريلوي جو وزير هو هندستان جو ريلوي نظام سڄي دنيا اندر چوٿون نمبر وڏو ريلوي نظام آهي هِن ريلوي نظام جي پٽڙين جي پکيڙ پنجھتر هزار چار سئو چاليھه ميل آهي، هن ريلوي جو ٽيٽيهه سيڪڙو ڊبل ٽريڪ Tracked سسٽم آهي ۽ هن ريل نظام ۾ ڪافي ريلون بِجليءَ تي هلنديون آهن. هندستان ۾ انگريز پھريائين بمبئي ۾ ريلوي 16 اپريل 1845ع ۾ هلائي، ريل ٽي لڳي پنجويھه منٽن تي بمبئي کان ٿاڻي تائين هلي، منجهس چار سئو مسافر هئا. گاڏيءَ کي ايڪيھن توبن جي سلامي ڏني وئي، گاڏيءَ ۾ ٽي انجڻيون هيون هڪ جو نالو سنڌ هو. ان ڏينھن بمبئي ۾ عام موڪل ڪئي وئي هئي، ريلوي انجنيئر جان بوٽن هو، جنهن سنڌ ۾ به 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريل هلائي هئي. پاڪستان جي ريل جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ آهي ۽ هندستان جي ريل جو هيڊ ڪوارٽر دهليءَ ۾ آهي، هندستان جي ريل جا تيرهن لک اسي هزار پڪا ملازم آهن انڊين ريلوي ارڙهن زونن ۾ ورهايل آهي ۽ هن جون سڄي ملڪ ۾ ست هزار ٽي سئو پنجاهه ريلوي اسٽيشون آهن، هنن جو تيز ۽ سٺو روٽ دهليءَ کان بمبئي ۽ دهليءَ کان اگرا آهي، جت نوي ميل ڪلاڪ اسپيڊ سان ريل هلندي آهي، هي پنھنجي نئين ريل لائين دهليءَ کان لکنو ۾ وڇائي رهيا آهن. ان جي اسپيڊ هوندي هڪ سئو ٻارهن ميل جيڪو هڪ ڪلاڪ ۾ سفر ڪندي، سڄي هندستان ۾ انڊين ريلوي جون نو هزار ٻه سئو ريلون هلنديون آهن سال ٻه هزار ارڙهن 2018ع ۾ هندستان جي ريل گاڏين ۾ اسي لک ڇويھه هزار مسافرن سفر ڪيو. يورپ ۽ جپان ۾ ته ملڪ جو اسي سيڪڙو آدمشماري ريل ۾ چڙهي، ڇو ته اُتي جو ريلوي نظام ايڏو ته سٺو ۽ تيز آهي، جو ماڻھو پنھنجي گاڏين کان به وڌيڪ ريل کي ترجيح ڏين ان ڪري يورپ ۽ جپان ۾ روڊ رستن تي ڪارن جي پنھنجي ملڪ واري رش يا روڊ بلاڪ ٿئي ئي ڪو نه .
دنيا اندر جديد مواصلات ڪري انسان جو صدين کان هلندڙ ڪلچر ۽ تھذيب به آهستي آهستي تبديل ٿيڻ لڳي، جيئن پھريائين وڏا سامونڊيءَ جھاز تيار ٿيا، انھن تي فوج چاڙهي ڪيترا ملڪ فتح ڪيا ويا، اسلامي حڪومت ۾ پھريائين باقاعده سامونڊي ٻيڙا امير معاويه تيار ڪرايا جڏهن يورپ جي ملڪن وڏا وڏا سامونڊي جھاز ٺاهيا ته ڪئپٽن ڪڪ آسٽريليا ڳولي لڌي ۽ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي. اهڙي طرح يورپي قومون هندستان، آمريڪا آسٽريليا ۽ آفريڪا کنڊن جون حاڪم ٿي ويھي رهيون، آفريڪا آسٽريليا ۽ آمريڪا ۾ هنن ڪروڙن جي تعداد ۾ مقامي ماڻھن کي ماريو ۽ سڄي دنيا جا حاڪم ٿيا ته جت جت هنن کي ماڻھن جي زياده ضرورت ٿي، ته اُت ماڻھن کي غلام بنائي، هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين پھچايو ۽ ڏسندي ڏسندي يورپ سڄي دنيا جي خزاني جو مالڪ ٿي ويو، سنڌ تي به پورچو گيزن حملو ڪري ٺٽي کي باهه ڏئي، سنڌ جي سڄي دولت کڻي ويا ۽ انگريز ته سئو سالن تائين سنڌ جا حاڪم ٿي ويا ۽ اڄ به آمريڪا، آسٽريليا ۽ ڪجهه آفريڪن ملڪن تي هي قابض آهن، اڻ سڌي طرح ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي دولت تيل تي سندن ئي ڪمپنين جو قبضو آهي، جڏهن سامونڊي جھاز پنھنجي ملڪ پھچندا هئا، ته سوين ماڻھو اچي انھن کان ٻين ملڪن جا حال احوال پڇندا هئا، سامونڊي جھازن ڪري يورپين جڏهن سڄي دنيا تي قابض ٿيا ته وري انھن قبضي وارن ملڪن جو سڄو مال يورپ موڪلڻ لاءِ هنن انھن ملڪن ۾ هڪ کنڊ کان ٻي کنڊ تائين ريل جون پٽڙيون وڇائي انھن ملڪن جي زراعت جو مال يورپ موڪلي اُت ڪارخانا قائم ڪري پنھنجي ملڪن کي وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور بنايو ۽ جڏهن انھيءَ مال مان بي انتھا دولت گڏ ڪئي، ته وري سفر کي آسان بنائڻ لاءِ پليون ٺاهيون، اهي پُليون انگلينڊ ۾ ئي ٺھنديون هيون، هت صرف اچي فٽ ڪيون وينديون هيون.
انگريزن سنڌ 1843ع ۾ فتح ڪئي سنڌ ۾ ريلوي هنن 1858ع ۾ هلائڻ شروع ڪئي، يعني سنڌ تي قبضي کان پندرهن سالن بعد، پر سنڌ ۾ هنن درياءَ تي پُليون سکر ۽ ڪوٽڙي ۾ ٺاهيون 1889ع ۾، يعنيٰ ريل هلائڻ کان 31 سال پوءِ هنن پلين جو نقشو انجنيئر سرالينگزانڊر رينڊل ٺاهيو، پر هُن نه سنڌ ۽ نه ئي سنڌو ندي ڪڏهن ڏٺي.!
ريل هلي ته دنيا اندر هڪ نئين تھذيب جي ابتدا ٿي، ريلوي اسٽيشن اندر مسافرن لاءِ رهائش جا ڪمرا، دڪان، ڊائينگ هال، ڪتابن جا دُڪان، هوٽلون، عام استعمال جي شين جا دڪان ريلوي اسٽيشن کان ٻاهر به هوٽلون مھمان سراءِ دڪان، ٽانگا اسٽينڊ، ٺاهيا. ڪراچي ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران پھرين هوٽل هڪ روسي عورت، ”ڪارلٽن“ نالي هوٽل قائم ڪئي، جنھن ۾ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ملازم ٺيڪيدار ۽ انجنيئر اچي رهندا هئا، ريلوي پليون ٺھيون ۽ سامونڊي جھاز هليا ته ماڻھو پري جو سفر ڪرڻ لڳا، سنڌ جا ماڻھو بمبئي سعودي عربستان انگلينڊ پڙهڻ گهمڻ ۽ زيارتن لاءِ وڃڻ لڳا، ۽ سنڌ جا ماڻھو اتان شاديون ڪري اچي هت رهڻ لڳا، ائين ماڻھو پري پري مسافريون ۽ شاديون ڪرڻ لڳا ته هڪ نئون ترقي يا فته سماج وجود ۾ آيو، ۽ ڪنئين سنڌي ماڻھو سرڪاري نوڪرين ۾ بِه آيا پھريائين گهرن ۾ پوءِ پاڙن ۾ پوءِ ڳوٺن ۽ شھرن ۾ وڏيون تبديليون آيون.
اسانجي ريل جي گارڊ جڏهن سائي جھنڊي ٻاهر لوڏي ته ريل آهستي آهستي هلڻ لڳي، جينئَن ته هِيءَ ريل هندستان کان پاڪستان وڃڻ واري هئي، تنھنڪري هن ريل تي سندن مٽ مائٽ به جام هنن کي ڇڏڻ آيا هئا، ڪي هڪ ٻئي سان گلي ملي موڪلائي رهيا هئا، ته ڪي موڪلاڻيءَ مھل هڪ ٻئي کان روئي موڪلائي رهيا هئا، ته ڪي وڏا وڏا مانيءَ جا ٽفن باڪس کين ڏئي رهيا هئا، ته ڪي وڃڻ وارن کي هار به پھرائي رهيا هئا، ڪي مسافرن کان موڪلائي هليا ويا ته ڪي ريل جو ڪافي پري وڃڻ تائين هٿ لوڏي هڪ ٻئي کي الوداع ڪري رهيا هئا، ريل ڪافي پري هلي وئي ت ريل جي دروازن تي بيٺل ماڻھو به دروازا بند ڪري اچي اندر ويھي رهيا، ۽ اسان به آرام سان ويھي رهياسين، ڪافي دير تائين ريل ۾ بلڪل خاموشي ڇانئجي وئي، اسان شام ويلي هريانا ۽ پنجاب جي سر سبز وادين، ميدانن، ڳوٺن، شھرن ۽ گُردوارن جا نظارا ڏسندي، هلندي هلندي اچي نيٺ اٽاري ريلوي اسٽيشن پھتاسين، هيءَ هندستان جي آخري ريلوي اسٽيشن ۽ اميگريشن پوائنٽ هئي، جيئن ته اسان وٽ سامان تمام ٿورو هو، تنھنڪري سواءِ ڪنھن پڇ پڇان جي اسان جي سامان تي چاڪ ۽ پاسپورٽ تي اسٽيمپ هڻي اسان کي پنھنجو سامان ۽ پاسپورٽ واپس ڏئي ڇڏئون ڪافي وقت انتظار بعد ريل واگها اسٽيشن ڏانھن هلڻ لڳي، ته اسان ڪو ڪتاب يا اخبار پڙهڻ شروع ٿي وياسين، ڇو ته ٻاهر هاڻي بلڪل اوندهه ٿي وئي هئي، ۽ ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو، اڳوڻي زماني ۾ ريلن جي ايڪسيڊنٽ ۽ ريلوي حادثي ۾ ماڻھو مرڻ وارن جو باقائده رڪارڊ رکبو هو، ۽ ان جي مڪمل تحقيقات ڪئي ويندي هئي، ته اهو حادثو ڪھڙي سبب ڪري ٿيو، جئين وري آئنده اهڙو ڪو حادثو نه ٿئي، پاڻ وٽ سنڌ ۾ ڪافي سال اڳ سکر ويجهو سانگي ڳوٺ وٽ ريل جو وڏو حادٿو ٿيو، جنھن ۾ ٽن سئون کان به وڌيڪ ماڻھو مري ويا هئا، ان علائقي جي ماڻھن کي هي خوفناڪ ريل حادثو اڃان به ياد آهي، دنيا اندرٻين ملڪن ۾ ريل حادثو يا هوائي حادثو ٿيندو آهي، ته ان کاتي جو وزير استيعيفا ڏئي ڇڏيندو آهي، پر پنھنجي ملڪ ۾ ايئن ڪو نه ٿئي. اسان دهلي ۽ آگره ۾ سخت مصروف وقت گذاريو هو، تنھنڪري اسان ريل اندر خوب آرام ڪيو. انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ هڪ بلڪل عجيب ۽ چڙ ڏياريندڙ رواج هوندو هو، ريلوي جي قانون مطابق ريل اندر ڊائينگ هال يا ڏٻي اندر ماني آرڊر تي نه پر مينو مطابق ملندي هئي، ۽ انھيءَ مينو ۾ هر کاڌي وقت کاڌي ۾ سوئر جو گوشت به ضرور ڏنو ويندو هو، جيڪو مسلمان ۽ هندو ته ڪو نه کائيندا هئا، پر انھن کي بل ۾ سوئر جي گوشت جي به هر کاڌي يعنيٰ بريڪ فاسٽ لنچ ۽ ڊنر تي پيمينٽ ضرور ڪرڻي پوندي هئي، اهو هو انگريزن جو قانون ته جينئن سوئر جي گوشت کي هندستان ۾ فروغ ڏجي ۽ نه کائيندي به هي پنھنجي اڳيان پليٽ ۾ پنھنجي کاڌي ۾ سوئر جو گوشت ضرور ڏسن ۽ ڌپ وٺن، هنيئر ٿوري ڳالھه تي وڏيون وڏيون تحريڪون هليو وڃن، پر انگريز دؤر حڪومت ۾ انھيءَ قانون کي ختم ڪرڻ جو ڪنھن به مطالبو ڪو نه ڪيو، انھيءَ وقت ۾ هندن ۽ مسلمانن جي ديني رهنمائن به ريل ۾ سفر ضرور ڪيو هوندو ، پر مون اهو ڪٿ به ڪو نه ٻڌو ياپڙهيو. جڏهن مون سينٽرل ريلوي بورڊ ۽ ريلوي فنانس بورڊ جي ميمبر سر محمد يامين جي آٽو بايو گرافي ”نامه اعمال“ پڙهي ته انھيءَ هن ڳالھه جو پنھنجي آتم ڪٿا ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
پنجاب صوبي ۾ انگريزن جي دؤر حڪومت ۾جليا نِوالا ۾ فائرنگ جو واقعو ٿيو جنھن ۾ سوين ماڻھو مئا ۽ انھي واقعي جو اڄ تائين ذڪر ٿيندو رهندو آهي، پر هندستان ۾ موپلي جي مقام تي هڪ هزار کان وڌيڪ مسلمان انگريز فوج ۽ پوليس هٿان شھيد ٿيا، پر انھيءَ واقعي کي ايڏي شھرت ڪا نه ملي. موپلي ۾ هندو زميندارن جا هاري سڀ مسلمان هئا، ۽ انھن جا هڪ ٻئي تي ڪورٽن ۾ ڪيس سدائين هلندا رهندا هئا، هڪ دفعو هت هڪ هندو زميندار جي گهر ۾ ڌاڙو لڳو، ۽ مسلمانن جي گهرن جي تلاشي ورتي ويئي، پر هنن جي گهرن مان ڪجهه به ڪو نه مليو. انھيءَ دوران ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ کي خفيه انفارميشن ملي ته مسلمان وڏي پئماني تي هٿيار پيا گڏ ڪن. سو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ پوليس ۽ فوج جي مدد سان هنن موپلان مسلمانن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا. نه رڳو گهرن پر مسجدن ۽ مدرسن جي به تلاشي ورتي وئي، پر هنن کي هتان ڪجهه به ڪين مليو، هنن هڪ مذهبي پيشوا کي هرو ڀرو گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تنھن تان هنن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هنن ٻه ڏينھن حڪومتي پراپرٽي جي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڪافي سرڪاري آفيسن کي باهه ڏني. ضعلي جو ڪليڪٽر ۽ ٻيا سرڪاري ملازم شھر ڇڏي ڀڄي ويا، پر هنن مسلمانن هڪ به هندؤ جي ملڪيت کي نقصان ڪو نه پھچايو نه وري ڪو هنن ڀڃ ڊاهه ۾ هنن سان هڪ به ڪو هندو گڏ هو، ٻن ڏينھن کانپوءِ هندن جي ملڪيتن کي به نقصان پھچايو ويو، پر انھيءَ سڄي نقصان ۽ عمل جو ذميوار ضلعي جو ڪليڪٽر هو، جنھن ڪري هي فساد ٿيا، ۽ نقصان ٿيو، انھيءَ واقعي بعد سب ڊيوزنل آفيسر جي نگراني ۾ هنن موپلي مسلمانن جي مٿان مشين گن هلائي وئي، جنھن ۾ ڪيترائي انسان قتل ٿيا، ماڻھن جي مَرڻ جي باري ۾ حڪومت صحيح انگ اکر ظاهر ڪو نه ڪيا، پر انھيءَ دوران اخبارن لکيو ته مئلن ماڻھن جو انگ هڪ هزار کان مٿي هو.
”ڪتاب نامه اعمال صفحو 86-87“
اسان کي ريل آڻي واگها ريلوي اسٽيشن پھچايو هت به ڪسٽم ۽ اميگريشن وارن اسان کي جلد فارغ ڪيو، پر هت هرو ڀرو اسانکي پاڪستان کان ايندڙ ريل جي انتظار ۾ ست اٺ ڪلاڪ سخت بوريت ۾ گذارڻا پيا، ريل هلي ته جلد اچي لاهور ريلوي اسٽيشن پھتاسين.
انگريزن جي وقت ۾ بمبئي، لکنؤ ۽ لاهور ريلوي اسٽيشون هندستان جون سٺيون، وڻندڙ ۽ لاجواب ريلوي اسٽيشون هيون. چون ٿا ته جڏهن بمبئي جي ريلوي اسٽيشن ڪنھن گورنر جنرل جي زال پھريائين ڏٺي، ته ٽوڪ هڻندي چئِين ته هندستان ۾ اهڙي سٺي ريلوي اسٽيشن ! هنن ماڻھن کي زيب نٿي ڏي، هن ريلوي اسٽيشن جو نالو راڻي وڪٽو ريا جي نالي پٺيان وڪٽوريا ٽرمنيل آهي، پر بمبئي جا ماڻھو هن کي وي-ٽي ڪري سڏين.
انگريزن ريل جو هندستان ۾ ڄار صرف ٻن ڳالھين جي ڪري وڇايو، هڪ ته سڄي هندستان مان هر شيءَ جلد سي پورٽ پھچي، اتان انگينڊ پھچي، ته جئين انگلينڊ جا ڪارخانا سدائين پيا هلن ۽ سندن ملڪ خوشحال ٿئي، ٻيو ته سڄي هندستان اندر هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين فوج کي يڪدم پھچائي سگهجي، 1857ع ۾ پنجابي فوج گهرائي دهلي ۽ سڄي هندستان تي قبضوڪري انگريزن هندستان تي وڌيڪ نوي سال سامراجي حڪومت ڪئي، انگريزن لاهور ريلوي اسٽيشن ته صفا قلعي نما جنگي حڪمت عمليءَ مطابق تيار ڪرائي، جنھن جي ڇتين تي مورچا ٺاهيا ويا، داخلا جي سڀني دروازن تي وڏا وڏا لوهي دروازا ۽ رات جو انھن سان ريلوي اسٽيشن کي مڪمل طرح سان بند ڪيو ويندو هو، رات جو لاهور ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏين جي اچ وڃ ڪا نه ٿيندي هئي.
لاهور ريلوي اسٽيشن جي وڌيڪ اڏپ جو ٺيڪو، اسٽيشن ٻاهران سائيڪلن بيھارڻ جي ٺيڪيدار، سلطان کي ڏنو ويو، جنھن کي پوءِ جڏهن لاهور ميونپالٽي ٺاهي وئي، ته ان جو اعزازي ميمبر به ڪيو ويو. سلطان هيءَ ريلوي اسٽيشن مغلن جي محلن کي ڀڃي پوءِ ٺاهِي، جت بيشمار سرون زير زمين اڳ ئي پيون هيون ۽ هُنن مغلن شھزادن جون سڀ رهائش گاهون جنھن ۾ دارا شڪوه جو محل به شامل هو، کي ڀڃي ان جون سرون ڪڍي ۽ انھن جي بنيادن مان لکين سرون ڪڍي هي ريلوي اسٽيشن ٺاهي مغلن جي محلن کانسوءِ ٺيڪيدار اُن دؤر جي ڪيترين پراڻين مسجدن کي به شھيد ڪيو. هن ستارا بيگم جي دؤر جي هڪ لاجواب وڏي مسجد ان جي ڀرسان مدرسا ۽ حُجرا به ڀڃائي، ان جون سرون ڪڍي لاهور ريلوي اسٽيشن ٺھرائي ۽ ائين هيءَ ريلوي اسٽيشن ٺھي راس ٿي، جيڪا اڄ به قائم آهي، نه رڳو لاهور پر سڄي ملڪ ۾ انگريزن جون ٺاهيل ريلوي اسٽيشنون اڄ به وڏي تعداد ۾ قائم آهن، اسان جي ٺٽي ضلعي ۾ انگريزن جي دؤر جون جڳهيون ٺھيل ڪو نه آهن، سواءِ جنگ شاهي ۽ ٻي ڪا هڪ ٻه پراڻي ريلوي اسٽيشن ۽ هڪ ٻه ڀڳل اسپيڪشن بنگلا مس هوندا، پر مغلن جي ٺاهيل ٺٽي جي باد شاهي مسجد اڄ به پراڻي ۾ پراڻي آهي. هيءَ مسجد اڳم ايڏي وڏي ۽ سھڻي ڪانه هئي پر شھيد ڀُٽي هن اڳيان سيدن جي فيمليز جا گهر ٻي هنڌ انھن کي پلاٽ ۽ پيسا ڏئي شفٽ ڪرائي پوءِ مسجد جي مرمت سان گڏ، اُن اڳيان پارڪ، پاڻي، جا تلاءَ ٺھرائي انھن کي ڦوهارا ۽ ٽائلس لڳائي ان جو مان شان اڃان به وڌرائي ڇڏيو، جيڪا هاڻ وري به مرمت ٿي گهري.
اسان لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي لٿاسين ته هت ڪولين جي هڪ وڏي فوج بيٺي هئي، هن ريلوي اسٽيشن تي مونکي دهلي ريلوي اسٽيشن کان به وڌيڪ ڪولي نظر آيا، پر انھن ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪولي وڏي عمر جا پوڙها به نظر آيا، جيڪي سامان کڻڻ مھل بلڪل جوان ٿي لڳا اسان وٽ سامان ايترو ته ٿورو هو، جو اسان ڪنھن ڪوليءَ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي، اسٽيشن کان ٻاهر نڪري اسان ٽيڪسي ڪري اچي آواري هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اسان ٽن ڄڻن لاءِ هڪ ڪمرو ورتو. اسان ٿڪل هئاسين سو ماني هوٽل ۾ ئي کائي سمھي رهياسين، ڇو ته اسان کي ٻه ڏينھن لاهور گهمي پوءِ واپس وڃڻو هو، اسان صبح جو مفت جو ناشتو ڪري، شھر گهمڻ لاءِ روانا ٿي وياسين.
لاهور شھر تي سندس نالي بابت تاريخ دانن پنھنجي پنھنجي راءِ ڏني آهي، مسٽر ريناڊ پنھنجي ڪتاب فريگ مينٽس ۽ ايليٽ پنھنجي ڪتاب ۾ لاهور شھر جو نالو لوهاور، لھارو ۽ لھور لکيو آهي. حضرت امير خمسرو دهلوي تيرهين صديءَ جي آخري دؤر ۾ پنھنجي ڪتاب ”قرآن المسعديف“ ۾ لاهور کي لھارنو لکيو آهي، پھريون دفعو رشدالدين 1310ع ۾ پنھنجي ڪتاب جامع التواريخ ۾ لاهور شھر کي سندس موجوده نالي سان ”لاهور“ لکيو آهي،هو لکي ٿو ته هن شھر ۾ ڪو به مضبوط قلعو ڪونھي البيروني به لاهور جو ذڪر لکيو آهي ۽ سندس گاديءَ جي هنڌ کي مندهو لکيو آهي، پر سڀ ليکڪ انھيءَ ڳالھه تي متفق آهن ته لاهور شھر جو نالو، ”رام“ جي پُٽَ جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. لاهور جي اوائلي تاريخ بلڪل گمنام آهي، تنھنڪري هن شھر جي باري ۾ اسان ڪا به چٽي ۽ واضع تاريخ لکي نٿا سگهون.
اڪثر چيني سياح هن ڳالھه تي متفق آهن ته پنجاب جي گاديءَ وارو ”ٽڪي“ يا ”اسارو“ شهر ستين صديءَ تائين پنجاب جي گاديءَ وارو شھر هو، جيئن حيدرآباد پنھنجي چاڙهين ۽ پڙن جي نالن سان مشھور آهي، مثلا =

1- تلڪ چاڙ هي،
2- ڀائي خان جي چاڙهي
3- قدم گاهه واري چاڙهي
4- ڇٽل چاڙهي
۽ پڙن ۾
1- فقير جو پڙ
2- ناهين جو پڙ
3- دادن شاهه پڙ
4- گنج بخش پڙ
تيئن دهلي، پشاور ۽ لاهور شھر وري پنھنجي دروازن ڪري مشھور آهن، لاهور شھر جا مشھور دروازا هي آهن.

1- روشنائي دروازا
2- ڪشميري دروازا
3- مستي دروازا
4- يڪي دروازا
5- دهلي دروازا
6- اڪبري دروازا
7- موچي دروازا
8- شاهه عالمي دروازا
9- لاهوري دروازا
10- مودي دروازا
11- ڀائي دروازا
12- ٽڪسالي دروازا
13- خضري دروازا
يعنيٰ لاهور شھر پنھنجي دروازان ڪري مشھور آهي، اسانجي پھرئين منزل لاهور جي مشھور بادشاهي مسجد هئي جت اسان پھرئين اندر ٻاهر فوٽا ڪڍيا، پوءِ اندر گهڙي سڄي مسجد گھمي ۽ مسجد اندر نفل پڙهيا ۽ دعا گهري. لاهور جي هيءَ عظيم الشان مسجد مغل بادشاهه اورنگ زيب 1673ع ۾ ٺھرائي هيءَ مسجد زمين کان ڪافي مٿي ٺھيل آهي، مسجد ۾ ٻاويھه چاڙهيون چڙهي پوءِ اندر داخل ٿِبو آهي، هيءَ مسجد مڪي جي مشهور الوليد مسجد جو نقل آهي، هن مسجد جا وڏا مينار پري پري تائين ڏسڻ ۾ ايندا آهن، هر مينار جي ڊيگهه هڪ سئو ٽيتاليھه فٽ ڇھه انچ آهي، راجا رنجيت سنگهه جي دؤر حڪومت ۾ هيءَ مسجد اسلح خانا ۽ فوجي گدامن طور استعمال هيٺ هئي، پر جڏهن پنجاب انگريزن فتح ڪيو ته هيءَ مسجد 1856ع ۾ انگريزن مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏي. اسان هيءَ مسجد گهمي پوءِ لاهور جو مشھور قلعو ڏسڻ وياسين.
جنھن بابت ملڪ اندر ڪئين قصا مشھور آهن، هي قلعو مشھور مغل بادشاهه اڪبر ٺھرايو هو، قلعي اندر هڪ محل به ٺھيل آهي، جنھن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا آهن هڪ ديوان عام ڏانھن جت عوام کي بادشاهه هرروز ديدار ڪرائيندو هو، ۽ سندن مسئلا ٻُڌي حل ڪندو هو ۽ ٻيو دروازو ديوان خاص ڏانهن وڃي ٿو، جت بادشاهه رات اٺين وڳين کان ٻارهين وڳي تائين اميرَن سان ملڪي مسئلن تي ڳالھه ٻولھه ڪندو هو، هن محل جي جھانگهير بادشاهه جي دؤور حڪومت ۾ واڌ ڪئي وئي. نه رڳو هن محل جي، پر جھانگهير سڄي لاهور شھر کي خوبصورت بنائڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪانه ڪئي قلعه لاهور کي چئين مغل بادشاهن ٺھرايو، وڌايو ۽ قلعي جي مرمت ڪرائي هئي.
اڪبر قلعي اندر محل ٺھرايو، جھانگهير هن ۾ ديوان عام ۽ ديوان خاص ٺھرايا، مينارن جي ديوار شاھجھان ٺھرائي، اورنگزيب به هن قلعي ۾ وڌيڪ اضافو ڪرايو، شاهي عورتون ۽ شھزاديون هن قلعي جي جنھن دروازي مان نڪري ٻاهر گهمڻ وينديون هيون انھيءَ دروازي کي ”هاٿي پير دروازو“ چيو ويندو هو، قلعي اندر شاهي خاندان جي عورتن لاءِ هڪ لاجواب مسجد سفيد سنگمرمر سان ٺھرائي وئي هئي جنھن کي ”موتي مسجد جي نالي سان سَڏيو ويندو هو، رنجيت سنگهه، سک بادشاهه، جڏهن پنجاب جو بادشاهه ٿيو، تڏهن هن موتي مسجد کي مندر ڪري استعمال ڪيو، ۽ سندس نالو موتي مسجد تبديل ڪري موتي مندر رکيو ويو، ۽ پنھنجي مندرن ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو.

8

اسان شام تائين صرف بادشاهي مسجد ۽ قلعو گهمي پوءِ واپس پنھنجي هوٽل تي پھتاسين. ڪجهه دير آرام ڪري پوءِ رات جي ماني کائڻ لاءِ لاهور جي مشھور فوڊ اسٽريٽ تي هوٽل وارن جي گاڏيءَ ۾ روانا ٿياسين اسانکي بوبيءَ فون ڪري چيو هو ته رات جي ماني فوڊ اسٽريٽ تي کائجو ۽ سردار فش“ نالي هوٽل تي مڇي ضرور کائجو، سو اسان فوڊ اسٽريٽ ۾ سڌو اچي ”سردار فش“ نالي هوٽل تي پنھنجي گاڏي بيھاري اسان سردار فش هوٽل جي پڇا ڪئي، ته اسان کي ٻڌايون ته هوءَ سامھون ئي آهي، مون پھريون دفعو لاهور جي هيءَ فوڊ اسٽريٽ ڏٺي، جيڪا اسانجي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ڪامران لاشاري ٺھرائي هئي. جڏهن هو لاهور ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمين هو، تڏهن هن لاهور کي ماڊرن بنائڻ لاءِ تمام گهڻا ڪم ڪرايا، لاشاري ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿورو وقت هو پر انھيءَ ٿوري عرصي ۾ به هن ٺٽو جيمخانا ۽ ٻيا ڪافي ڪم ڪرايا هو جي ٺٽي ضلعي ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت هجي ها ته ڪافي ڪم ڪرائي ها، پر هُو ترت بدلي ٿي پنجاب هليو ويو، لاهور جي فوڊ اسٽريٽ ڪلفٽن جي بوٽ بيسن تي ٺهيل هوٽلن جي مقابلي ۾ ڪجهه به ڪونھي، پر هاڻ ته سمنڊ جي ڪناري ڪلڦٽن تي جيڪي هوٽلون ٺھيون آهن تِن کي چون ”دودريا“ اهي هوٽلون ته فارين جي بيچز جي هوٽلن کان وڌيڪ سٺيون ۽ سھڻيون آهن، انھن هوٽلن جو کاڌو به ڏاڍو سٺو آهي، پر مھانگيون به ڏاڍيون آهن، هوٽل وارن اُت هوٽلون ٺاهيون به ڏاڍي سھڻي نموني سان آهن، خاص ڪري چانڊاڻ وارين راتين ۾ هوٽلن ۾ ويٺي سمنڊ مٿان چنڊ جي چانڊاڻ ڏاڍي من موهيندڙ لڳندي آهي انھيءَ چنڊ جي چانڊان ۾ سمنڊ مٿان وري جڏهن سفيد پکي سون جي، تعداد ۾ اڏامندا آهن ته هي منظر روح کي ريجھائي ڇڏيندو آهي، چنڊ جي چانڊاڻ ۾ سمنڊ مٿان پکين جو رقص هلڪو نشو ۽ پنھنجي سامھون ڪنھن حسين جميل چھري تي هلڪي مسڪراهٽ، پوءِ دل ئي ڪانه چوندي آهي ته هتان اٿجي..! اسان سردار فش هوٽل ۾ داخل ٿياسين ته هوٽل ۾ ويٺل ماڻھو گهٽ پر پڪل مڇي پئڪ ڪرائي گهر کڻي وڃڻ وارا گهڻا هئا، ۽ مڇي پئڪ ڪري ڏيڻ وارو اسٽاف، هوٽل اسٽاف کان عليحده هو، تنھنڪري هوٽل اندر ويٺل ماڻھن کي ڪا پريشاني ڪانه هئي، اسان به بيري کي مڇيءَ جو آرڊر ڏنو هنن ڪلو اڌڪلو، ٻه ڪلو جي حساب سان ئي ٿي آرڊر ورتا، اسان ٽي ڄڻا هئاسين تنھنڪري اسان صرف اڌڪلو جو آرڊر ڏنو پر مڇي ايڏي ته لذيز هئي جو اسان اڌڪلو جو ماني کائڻ دروان ئي ٻيو به آرڊر ڏنو اسان صرف ماني مڇي کاڌي ٻي ڪا به شيءَ ڪانه کاڌي اسان ماني کائي واپس اچي پنھنجي هوٽل تي آرامي ٿياسين، اسان صبح جو سوير هوٽل ۾ ناشتو ڪري پوءِ ٽئڪسي ڪري سِڌا اچي شالامار باغ پھتاسين، شالامار باغ 1634ع ۾ شاهجھان بادشاهه ٺھرايو هو. هي باغ ڪشميري طرز تي خليل الله جي نگراني هيٺ ٺھي راس ٿيو، باغ کي پاڻي پڻ انھيءَ وقت ساڌو پور کان هڪ شاخ ڪڍي ....... اسي ايڪڙن تي ٺھيل باغ کي گل و گلزار ۽ سرسبز ڪيو ويو، اهڙو سھڻو باغ مون سڄي هندستان پاڪستان ۾ ڪو نه ڏٺو. اسان ٽئڪسي مان لھي ...... گيٽ کان باغ ۾ داخل ٿياسين. هن سڄي باغ کي چؤطرف ديوار ٺھيل آهي، جنھنڪري هي باغ جانورن ۽ ٻين نقصانن کان محفوظ آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ باغن کي ڪمائونڊ وال ٿئي ئي ڪو نه، ان ڪري ماڻھو جتان ڪٿان پيا باغ ۾ داخل ٿيندا آهن. دنيا جي مشھور شھرن ۾ ته وڏي تعداد ۾ ننڍا وڏا باغ هوندا آهن، جتي سڄو ڏينھن ملڪي ماڻھو ۽ غير ملڪي سياح پيا هلندا ۽ فوٽا ڪڍندا آهن، لنڊن ۾ هڪ باغ آهي. ”ڪيو گارڊن“ نالي، جنھن ۾ سڄي دنيا مان ٽيٽيھه هزار چار سئو مختلف قسمن جا گل هٿ ڪري لڳا يا ويا آهن، هن باغ ۾ سائسني اصولن موجب تقريبا ستر لک سڪل ٻوٽا محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. هن ٻاغ ۽ ٻوٽن متعلق سائسني تحقيق جو هڪ ادارو به قائم آهي. ان کانسواءِ هت هڪ وڻن ٻوٽن متعلق ڪتب خانون به آهي جنھن ۾ هڪ لک ٽيھه هزار ڪتاب رکيل آهن، هن ڪتب خاني طرفان ماهوار رسالو، پمفليٽ گلن تي لکيل نوٽن جا ڪنئين ڪتاب شايع ٿيندا رهندا آهن، تنھن کانسواءِ هر ٽي مھيني ڪيو بُليٽن ۽ ٻيو ٻن سالن بعد ڪيو سائنٽسٽس (Scientists)به شايع ٿيندو آهي هن باغ ۾ سڄي دنيا جي گرم ۽ سرد ملڪن مان ڳولي ڳولي گل هٿ ڪري آندا ويا آهن جن کي پنھنجي پنھنجي ملڪ جي آبھوا مطابق شيشن جا وڏا هال ٺاهي رکيو ويو آهي، هت وڻن ۽ ٻوٽن جي ماڻھن کي سکيا ڏيڻ لاءِ به هڪ ادارو موجود آهي، جيڪو ماڻھن کي سائنسي بنياد تي ٽريننگ ڏيندو آهي هت وڏيون هوٽلون ۽ ريسٽورانٽ به آهن، آئون جنھن به ملڪ وڃان ته ان ملڪ جا باغ لئبرريون ۽ ميوزم به ضرور ڏسان، سو آئون هي دنيا جو هڪ منفرد باغ به ڏسي آيو آهيان. هن ڪيو گارڊن باغ جي داخلافي تمام گهڻي رکئون آهي، جنھن ڪري هت غريب ملڪن جا سياح گهٽ اچن دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو پارڪ آمريڪا جي شھر سَينفِرانسِسسِڪو جي اتر اولھه جي سامونڊي پٽي تي گولڊن گيٽ پارڪ جي نالي سان ٺھيل آهي. هي پارڪ اٺاويھه ميل ڊگهي ساحلي پٽيءَ تي ٺھيل آهي هن اندر سياحن کي گھمائڻ لاءِ بسون به هلنديون آهن، ڇو ته هي پارڪ تمام وڏو آهي، جو ماڻھو پنڌ نٿو گهميو سگهي، هن پارڪ اندر وڏي تعداد ۾ سئنيمائون، عجائب گهر، هوٽلون ۽ بيشمار ٻيون عمارتون به ٺھيل آهن، پراڻن باغن ۾ وري پئرس کان ٿورو پر ڀرو ورسيلز باغ ڏاڍو مشھور آهي، سو سڄي دنيا جي شھرن ۾ بي مثال باغ ۽ پارڪ ٺھيل آهي. پر پاڻ اچون ٿاهاڻ واپس شالامار باغ گهمڻ شالامار باغ ۾ مٿي هڪ بارهه دري به ٺھيل آهي، جڏهن شھيد ڀٽي جي وقت اسلامي سربراهه ڪانفرنس ٿي هئي، ته انھيءَ بارهه دريءَ ۾ ملڪن جي سربراهن جي ماني جو به بندوبست ٿيل هو، ۽ اُتان ئي سڄي مسلم دنيا جي ليڊرن هيٺ ماڻھن کي ديدار ڪرايو ۽ هٿ لوڏي ماڻھن جي سلامن جا جواب ڏنا، انھن سربراهن ۾ ياسر عرفات، ڪرنل قضافي، شاهه فيصل، حافظ الاسَدَ ٽنڪو عبدالرحمٰن، حواري بومادين ۽ شيخ مجيب الرحمٰن جهِڙا عظيم ليڊر به هئا. شيخ مجيب الرحمٰن کي وٺي اچڻ لاءِ شهيد ڀٽي مصر جي صدر، انور سادات کي موڪليو، ۽ شيخ مجيب ڪاوڙيل هو. انور سادات شيخ مجيب کي نيٺ اسلامي ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڍاڪا کان لاهور وٺي آيو. پنجاهه سربراهان مملڪت ۾ ڀٽي جي شخصيت جو ڪو مثال ڪو نه هو، هن ڪانفرنس جي عجيب ۽ نه وسرندڙ ڳالھهه اها هئي، ته عيدي امين هن ڪانفرنس ۾ پنھنجي ٻارهن زالن سميت آيو هو، هن ڪانفرنس جي ثقافتي پروگرام ۾ عيدي امين جي انھن سڀني زالن گڏجي سندن ثقافتي رقص پيش ڪيو. پاڪستان ۾ سربراهه ڪانفرس جهڙو پروگرام نه ڪڏهن ٿيو آهي، ۽ نه وري ڪڏهن ٿيندو، هن باغ ۾ نھايت ئي سٺا گل ۽ وڻ پوکيل آهن شاندار شينگلرن ۽ بتين سان وڻندڙ بندوبست ڪيل آهي، رات جي وقت ۾ انھن روشنين ڪري هي باغ بلڪل پرين جو آستان ۽ محل لڳندو آهي، هي باغ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي.
جڏهن راڻا رنجيت سنگهه پنجاب جو بادشاهه هو، ته هن شالامار باغ مان سنگمرمر جا پٿر لھرائي، امرتسر جي محلن ۾ ۽ امرتسر جي رام باغ ۾ لڳايا هئا، اسان هت ٻه ڪلاڪ کن گهمي ڦري پوءِ هتان کان نورجھان جو مقبرو ڏسڻ وياسين، جيڪو هن خود پنھنجي لاءِ پنھنجي جيئري ئي ٺھرائي ڇڏيو هو، هي نورجھان جو مقبرو ۽ سندس گهر واري جھانگهير جو مقبرو به سنگمرمر جو ئي ٺھيل آهي، هن مقبري تان به راڻا رنجيت سنگهه سڀ سنگمرمر لھرائي امرتسر جي محلن ۾ لڳايو. نورجھان جي هن مقبري تان سنگمرمر لھڻ ڪري پوءِ هي مقبرو پھرين جهڙي سونھن برقرار رکي نه سگهيو نور جھان سان گڏ جيڪا ٻي قبر آهي سا سندس ڌيءَ، لاڏلي بيگم جي آهي، نورجھان جو اصل نالو مھرالنساءِ هو جھانگهير بادشاهه جنھن جي پاڻ زال هئي، سوکيس نور محل ڪري سڏيندو هو، ۽ ٻي دنيا کيس نورجھان ڪري سڏيندي هئي، نورجھان جو پھريون مڙس هڪ بھادر ترڪ جرنل علي قلي بيگ هو، جيڪو پوءِ شير افگن جي نالي سان مشھور ٿيو، پوءِ جڏهن جهانگير هندستان جو بادشاهه ٿيو ته هن شير افگن کي مارائي پوءِ پاڻ نورجھان سان شادي ڪئي، جيڪا پوءِ ڄڻ ته سڄي هندستان جي بادشاهه ئي پاڻ هئي، نورجهان پنھنجي حسن سان گڏ تمام گهڻين صلاحتين جي مالڪ به هئي.
نورجھان جو پيءُ پوءِ حڪومت جو وزير اعظم ٿيو، ۽ سندس ڀاءُ شائسته خان کي بينگال جو گورنر مقرر ڪيو ويو،سندس ٻئي، ڀاءُ مرزا ابوالحسن آصف جو درجو وڌائي ”نوهزاري “ ڪيو ويو، اهڙي طرح نورجهان سڄي حڪومت تي حاوي ٿي وئي. جهانگهير جڏهن تخت تي ويھي حڪومت ڪندو هو، ته هوءَ به هُن سان گڏ تخت جي پٺيان ويھندي هئي، ۽ جھانگهير ملڪي ڪاروبار جي هر مسئلي تي هن کان راءِ وٺندو هو، نورجھان کي ڪو به جهانگهير مان اولاد ڪو نه ٿيو، اڳوڻي مڙس مان هن کي هڪ ڌيءَ هئي، جيڪا ساڻس دفن آهي، جھانگهير کانپوءِ ملڪي سياست مان هن جو اثر رسوخ بلڪل ختم ٿي ويو، پاڻ 1638ع ۾ ٻاهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين، پاڻ فارسيءَ ۾ ڪجهه شاعري به ڪئي اسان نورجھان جي مقبري کان ٿي پوءِ مال روڊ تي شيزان هوٽل تي ماني کاڌي پوءِ اسان کي مِنا چيو ته انارڪلي بازار هلو ته آئون ڪجهه خريداري ڪريان، سڀاڻي ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ اسان مال روڊ تي ئيP.I.A جي آفيس مان ٽي ٽڪيٽون هوائي جھاز جون خريد ڪيون.
لاهور جو شھر پراڻي ۽ نئين طرز تعمير ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي، ۽ پڻ لاهور قديم زماني کان هندو، مسلمانن، سک ۽ قادياني مذهبن ۽ ثقافتن جو مرڪز رهيو آهي، لاهور پيار ۽ محبت جي هڪ نه وسرندڙ ڪردار، انارڪليءَ جو به شھر آهي، جهانگهير جي محبت ۽ پياري راڻي، جو مقبرو به هن ئي شھر ۾ آهي، مغل بادشاهه جهانگهير به هڪ لاجواب مقبري ۾ هت ئي دفن آهي، ته مغل اعظم اڪبر بادشاهه به سڄا سارا ٻارهن سال هن شھر ۾ ويھي سڄي هندستان تي حڪومت ڪئي ۽ پڻ شاهجهان جنھن تاج محل سان گڏ سڄي هندستان ۾ بي مثال محل محلاتون ٺھرايون، سو به هن شھر لاهور ۾ پيدا ٿيو. تنھن کانسواءِ سکن جو حاڪم راڻا رنجيت سنگهه پڻ لاهور ۾ دفن آهي، انھيءَ کانپوءِ جڏهن انگريز پنجاب ۽ لاهور تي حڪومت ڪرڻ لڳا ته هنن پڻ لاهور ۾ ڪنئِين تعليمي ادارا قائم ڪيا جيڪي اڃان تائين قائم آهن، هاءِ ڪورٽ، اسيمبلي ۽ ٻيو پڻ ڪنيئن لاجواب عمارتون ٺھرايون جڏهن ون يونٽ هو، ته سنڌي اسيمبلي ميمبر به هتي ايندا هئا، ڇوته مغربي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ لاهور هو ته تڏهن ڪيترن ئي سنڌي ميمبرن هتان ٻيون شاديون ڪيون ۽ وري ڪيترن سنڌي وڏيرن هتي اچي سنڌي اردو فلمون ٺاهيون. ڪي هتان گهوٽ ٿي نڪتا ته ڪي ناڪام فلمون ٺاهڻ ڪري هتان خُوار ٿي واپس هليا ويا، جينئَن هينئَر سنڌي امير سنڌي چئنل پيا کولين، تئين اُن وقت اُتي هنن فلمون ٺاهيون. لاهور ۾ لغڙ اڏائڻ جو رواج يا شوق هت صدين لان هلندڙ آهي، جنھن کي لاهور وارا چون ”بسنت تھوار“ معنيٰ بهار يعني جشن بهار هي ڏيھاڙو هت صدين کان ملھايو پيو وڃي مھا راجا رنجيت سنگهه جڏهن پنجاب جو راجا هو، تڏهن هُو ۽ سندس وزير ۽ جرنل نوان ڪپڙا پائي اچي هن تھوار ۾ شامل ٿيندا هئا، ۽ رنجيت سِنگهه هڪ خاص جڳهه، جنھن کي خانقاه چئبو هو اُت ويھندو هو، پاڻ ان ڏينھن يارهن سئو روپيا نقد ۽ ٻه هيڊي رنگ جون شالون انعام طور ورهائيندو هو، اُن ڏينھن تي اڄ به سڄي پاڪستان جا ماڻھو انھيءَ ڏيھاڙي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ لاهور وڃن ۽ اُنھن ڏينھن ۾ توهان کي لاهور لاءِ هوائي جھاز جي ٽڪيٽ ۽ هوٽلن ۾ ڪمرا به ڪونه مِلندا. اڄ به لاهور پنجاب صوبي جو هيڊ ڪوارٽر ۽ پاڪستان جي مين پاور ۽ گن پاوَر جو مرڪز آهي. مغلن کان وٺي نواز شريف تائين هر حاڪم لاهور کي سينگارڻ سنوارڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪانه ڪئي آهي، نواز شريف لاهور کان اسلام آباد تائين موٽروي ٺھرايو. پر سڄي دُنيا اندر موٽروي سي پورٽ کان شروع ٿيندا آهن. پر هت ڪم ئي اونڌا، تنھن کانسواءِ لاهور رنگ روڊ، لاهور جو نئون ايئرپورٽ، جنھن تي چوَن ٿا ته بلوچستان جي بجيٽ کان به وڌيڪ خرچ ڪيو ويو آهي ۽پڻ هندستان پاڪستان بارڊر وٽ واگها جي مقام تي جهنڊي لاهڻ، چاڙهڻ واري هرروز هڪ ڏاڍي سُٺي تقريب ٿئي، جنھن کي ڏِسڻ لاءِ هندستان ۽ پاڪستان جا هزارين ماڻھو ٻنھي پاسن جي تقريب ڏسن، لاهور ۾ راءِ ونڊ وٽ هر سال هڪ وڏو مذهبي اجتماع ٿئي. جنھن ۾ سڄي پاڪستان مان لکن جي تعداد ۾ ماڻھو شريڪ ٿين. پنجاهه سٺ سال اڳ اِهو اجتماع سنڌ جي شھر ٽنڊي آدم ۾ٿيندو هو.جنھن ۾ هِڪ دفعو آئون به شريڪ ٿيو هوس. پاڪستان جي تاريخ جو انوکو ڪيس اڄ به ماڻهن کي ياد آهي، جنھن ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا سڀ جج ۽ شاهد پنجابي هئا، اهو ڪيس به لاهور ۾ ئي هليو، اهو هو شھيد ڀٽو جو جڳ مشھور ڪيس، جنھن ڪيس جي هڪ جج نسيم شاهه پنھنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ۽ ٽي-وي انٽرويو ۾ چيو آهي، ته ”اسان ضياءِ الحق جي پريشر ۾ اچي ڀٽي کي موت جي سزا ڏني“ انھيءَ ڪيس ڪري ڀٽو صاحب لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ پنج مھينا رهيو، هندستان جڏهن ائٽمي تجربو ڪيو تڏهن ته ڀٽي سوچيو ته جي پاڪستان به ائٽمي ملڪ نه بنيو ته هندستان پاڪستان کي هميشه بليڪ ميل ڪندو رهندو، ۽ پاڪستان هميشه هندستان اڳيان هيڻو ۽ ڪمزور رهڻ تي مجبور رهندو. سو ڀٽي صاحب سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل، جنھن جي نالي پويان ڪراچيءَ جو ”شاهراهه فيصل“ آهي ۽ لبيا جي صدر ڪرنل قذافي جنھن جي نالي پٺيان لاهور جو ڪرڪيٽ گرائونڊ قذافي اسٽيڊيم جي نالي سان ٺھيل آهي جي صلاح ۽ مدد سان ائٽم بم ٺاهڻ ٿي گهريو، چون ٿا، ته انھيءَ ائٽمي پروگرام جو سڄو خرچ قذاني ۽ شاهه فيصل ڏنو، انھيءَ بعد ڀٽو پنھنجي عقلمندي ۽ تعلقات جي بنياد تي فرانس کان ائٽمي پلانٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پرهنن وٽ اهڙو ڪو به ماڻھو ڪو نه هو جيڪو هي سڄو ڪم ڪري ۽ نه وري ڪو اهو ڪم اهڙو آسان هو جو پاڪستان جھڙو ملڪ انھيءَ لاءِ گهربل سامان بين الاقوامي مارڪيٽ مان خريد ڪري سگهي. انھيءَ مقصد لاءِ هالينڊ جي ڪنھن فرم ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالقدير نالي هڪ سائنسدان کي هٿ ڪيو ويو، ۽ ائٽمي سامان به خفيه نموني خريد ڪجي سو ڪٿان ٽائر ته ڪٿان انج،ڻ ڪٿان باڊي ۽ ائين هر شيءَ جدا جدا خريد ڪجي، سو به پنھنجي اثر رسوخ تي اهڙن ماڻھن کي هٿ ڪري هر پرزو جدا جدا خريد ڪري ۽ سڌو پاڪستان نه پر قطر، دبئي، جده، استنبول جي پورٽن لاءِ بُڪ ڪرائي، پوءِ اُتان پاڪستان ٿي پھچايو ويو، جئين، دنيا کي شڪ به نه ٿئي، هي سڄو ڪم سڌي طرح شھيد ڀٽي جي نگرانيءَ ۾ خفيه نموني ٿيو، جيتوڻيڪ دنيا جا وڏا جا سوسي ادارا آمريڪن C.I.A رشيا جي K.G.B انڊيا جي R.W.A انگلينڊ جي M.I.S اسرائيل جي موساد هميشه وڏي پيماني تي هر طرح سان پاڪستان جي جا سوسي ڪندا رهندا آهن، پر شھيد ڀٽي جي خفيه حڪمت عمليءَ ڪري ڀٽو پاڪستان کي ائٽمي ملڪ بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، 1976ع ۾ سڄي دنيا ۾ خاص ڪري آمريڪا کي هيءَ خبر پئجي وئي ته پاڪستان جو ائٽمي پروگرام هاڻ آخري مرحلي ۾ آهي، سو آمريڪا سندس قومي سلامتيءَ جي ايڊوائيزر هينري ڪيسنجر کي ڀٽي ڏانھن سندن ائٽمي پروگرام ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو. هينري ڪيسنجر پاڻ به يھودي آهي ۽ اڃان تائين زندهه آهي، سو پنھنجي زال سان سيپٽمبر 1976ع ۾ لاهور پھچي، ڀٽو سان ملاقات ڪئي ڀٽي هن جي گورنر هائوس لاهور ۾ ڊنر ڪئي.
جنھن ۾ محفل موسيقي جو به بندوبست ٿيل هو ۽ فريده خانم لاجواب غزل ٻُڌايا. هن دعوت ۾ صرف ٽيھن مھمانن کي دعوت هئي، جنھن ۾ صرف آمريڪا جا سفار تڪار ۽ پاڪستان جا اعليٰ عھديدار شامل هئا، ڀٽي صاحب هينري ڪيسنجرکي يقين ڏياريو، ته اسان جو ائٽمي پروگرام صرف پر امن مقصد لاءِ آهي، پر آمريڪا ڪنھن به حالت ۾ هن پروگرام کي جاري رکڻ نٿي چاهيو، دعوت ۾ به ڀٽي ۽ ڪيسنجر وچم آهستي آهستي انھيءَ موضوع تي ڳالھه ٿي رهي هئي. اوچتو ڪيسنجر وڏي آواز ۾ کلندي کلندي شھيد ڀٽي کي چيو ته Mrs. Bhutto We Will run Rail Road engine Over You جنھن جي جواب ۾ شھيد ڀٽي به کلندي هي لفظ ڳالھايا.
Mr. Kisinger When the Time Comes we will see to that also ماني کانپوءِ ڀٽي تقرير ڪئي ۽ جنھن جي جواب ۾ هينري ڪيسنجر تقرير ڪئي جنھن ۾ هن چيو ته :
Ladies and gentlemen, it is my misfortune that I have to speak after Mr: Bhutto, who is the best orator in the world today. He has not only made a speech, but he has Spoken Better English than me.

جھڙي طرح ڀٽي پاڪستان کي ائٽمي ملڪ ٺاهيو اهڙي نموني سان بينظير ڀٽو پاڪستان کي ڪوريا کان بيلاسٽڪ ميزائل ٽيڪنالا جي وٺي ڏني ۽ ٻھني جو انتقام ضياءِ الحق ۽ مشرف جي هٿان ڏاڍو دل ڏکوئيندڙ ٿيو.

يورپ جو سفر نامو

---

1

آئون مِنا ۽ نور هنگري، پراگ ۽ جرمنيءَ جي سفر کانپوءِ جرمنيءَ جي موٽروي تي هاڻ سوئٽزرلينڊ ڏانھن وڃي رهيا آهيون. جرمنيءَ جا روڊ رستا مين هاءِ ويز ۽ اندرون جرمنيءَِ ۾ دُنياجي نمبر ون روڊ رستن مان آهن. آمريڪا، يورپ ۽ گلف جي ملڪن ۽ پڻ فارايسٽ جي ڪافي ملڪن وٽ ايتري ته دولت اچي وئي آهي، جو اُنھن ملڪن پنھنجن پنھنجن ملڪن کي ڄڻ ته جنت بنائي ڇڏيو آهي. شهرين جي هر سھولت لاءِ ڪمال جا تجربا ڪارناما ۽ خرچ ڪيا آهن، خاص ڪري رستن ۽ ريل جي نظام کي سمنڊن، درياهن اندران ۽ جبلن کي ٽُڪي انهن مان رستن کي ٺاهڻ ڪري ملڪن ۽ شهرن کي صفا ڳنڊي، ڇڏئون آهي. اسان به جرمنيءَ جي انهن رستن تان پنهنجي ڪار ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ آئون چاهيان ٿو ته جرمنيءَ جي رستن ۽ ريل نظام جي باري ۾ توهان کي ڪجهه ٻڌايان. اسان هاڻ جرمنيءَ جي موٽر وي تان سوئيرز لينڊ جي شهر زيورڪ ڏانھن وڃي رهيا آهيون سڄو يورپ هڪ جھڙو آهي، پر يورپ جا ٽي چار ملڪ وڌيڪ امير آهن تنھن ڪري انھن جو اسٽينڊرڊ به يورپ جي ٻين ملڪن کان مٿي آهي، پر مهانگا تمام گهڻا آهن. اسان کي اُت منھگائي وڌيڪ محسوس ٿي.
وچ يورپ جي ملڪ جرمنيءَ ۾ اٽڪل ساڍا ڇھه لَکَ ڪلو ميٽر مفاصلي تي مشتمل پڪا رستا ٺهيل آهن، انهن رستن جو ٻه لک، ايڪٽيهه هزار ڪلوميٽرن جو مفاصلو غير مقامي رستن تي مشتمل آهي جرمنيءَ ۾ ريل گاڏين ۽ هوائي جھازن ۾ سفر جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو سفر سفر پڪن رستن جي ذريعي ٿئي ٿو. ملڪ ۾ لکين ڪلو ميٽرن جي ڊيگھه تي مشتمل پڪن رستن جي ٺھيل ڳوڙهي ڄار تي سن 2005ع دوران هلندڙ سمورين ننڍين وڏين گاڏين مجموعي طور ٻه ٽرليئن يعني ٻه هزار ارب ڪلوميٽر سفر طئي ڪيو ۽ هوائي جهازن ملڪ ۾ انھيءَ سڄي سال ۾ فقط پنجٽيهه ارب ڪلوميٽرن جي برابر اڏامون ڪيون. جرمنيءَ جي پڪن رستن جي وفاقي نظام جو نالو Auto Bahan آٽو باهن رکيو ويو آهي. شاهراهن جي انهيءَ نظام لاءِ سرڪاري ڇيد يا نالو بُنڊس آٽو باهن Bundes Auto bahn مقرر ڪيل آهي. جنهن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Federal Motor way يعني وفاقي شاهراهه سڏجي ٿو. جن رستن تي مقرر رفتار لکيل ڪانهي، انهن رستن تي 130 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ٿيل آهي. شاهي رستن جي انهيءَ وفاقي نظام جي ڊيگھه 2016ع ۾ ٻارهن هزار نَوَ سئو ڇانوي ڪلوميٽر هئي. اسان هنيئر جنهن موٽروي يا شاهراه تان وڃي رهيا آهيون، اهو شاهراهن جو وفاقي نظام دنيا جي تمام ڊگهن شاهي رستن جي نظامن مان هڪڙو آهي. شاهراهن جي انهيءَ نظام سان وابسته پڪن شاهي رستن تي نصب ڪيل نشانيون ۽ نمبر بِلو يعني نيري رنگ سان ٺهيل آهن. انھن سڀني رستن تي وڏي اي-بي-سي جو پھريون اکر ”A“. لکيل هوندو آهي، ۽ ان سان گڏ رستي جو نمبر به لکيل هوندو آهي، مثال طور : A 2 A -9 سڄي ملڪ ۾ ٺھيل انھن مخصوص وفاقي شاهي رستن تي نمبر هڪ انگ وارو لکيل هوندو آهي، مثلا 3-5-يا 9 .ريجِنل يعنيٰ علاقائي شاهي رستن تي لکيل نمبر ٻن انگن تي مشتمل هوندو آهي، مثلا A-24 شاهراهه برلن شھر کان هيمبرگ شھر ڏانھن ويندڙ آهي، وڏين ۽ بار کڻندڙ گاڏين لاءِ ننڍي مفاصلي وارن مخصوص طور وڌيڪ مضبوط تعمير ٿيل رستن تي لکيل نمبر ٽن انگن تي مشتمل هوندو آهي، جھڙوڪ رنگ روڊ يا A -555 روڊ، جيڪو ڪولن شھر کي بون شھر سان ملائي ٿو، ٽن انگن ۾ پھريون انگ ريجن يا مخصوص علائقي جو نمبر هوندو آهي. اوڀر کان اولھه ويندڙ رستن تي اڪي انگ لکيل هوندا آهن، هنن رستن تي هلندڙ ننڍين گاڏين کان ٽول ٽيڪس ڪو نه وٺندا آهن تنهن ڪري اسان به جرمنيءَ داخلا جو ٽول ٽيڪس ڪو نه ڀريو، اڳم هت سڀني گاڏين کان ٽول ٽيڪس وٺبو هو، پر هاڻ ڪو نه وٺن.
پھرين جنوري 2005ع ۾ وڏين ٽرڪن تي ٽول ٽيڪس لڳايو ويو آهي.
جرمنيءَ ۾ وفاقي شاهراهن کانسواءِ هڪڙي ٻي ڪيٽيگري وارا رستا، قومي شاهي رستا ڪوٺجن ٿا، انھن، رستن تي لڳل ٽريفڪ جي نشانن واريون لوهي پليٽون پيلي رنگ جون آهن جيڪي اسان ڪٿ ڪٿ ڏٺيون انھن جي بارڊر ۽ انھن تي لکيل انگ ڪاري رنگ جا آهن، اهي ٽريفڪ جي نشانن واريون هيڊيون پليٽون مستطيل هونديون آهن، انھن رستن تي انگريزي اکر B لکيل هوندو آهي، ۽ نمبر وارو انگ ان B اکر سان گڏ لکيل هوندو آهي، مثال طور B 1 B2 وغيره.
مٿي ڄاڻايل ٻن قسمن کانسواءِ ٽِئي ڪيٽيگري وارا رستا رياستن جي ماتحت رستا سڏجن ٿا، انھن رستن تي انگريزي اکر L-ايل S ايس ۽ St لکيل هوندو آهي، وڏن ۽ ننڍن شھرن جا رستا گهٽيون ۽ ڳوٺن جا رستا ۽ گهٽيون ضلعي انتظاميه ياميونسپالٽين جي انتظامه هيٺ آهن، انھن رستن تي انگريزي اکر K لکيل هوندو آهي، جرمنيءَ جو ريلوي نظام دنيا جي بهترين ريل نظامن مان هڪ آهي، پَرَاسان کي پنهنجي گاڏي هئڻ ڪري ان ۾ چڙهڻ جو اتفاق ڪو نه ٿيو.
سن 2014ع جي سرڪاري پڌرائي ، موجب، جرمنيءَ ۾ ٽيتاليھه هزار، چار سئو اٺھٺ ڪلوميٽر ريلوي جون پٽڙيون وڇايل آهن، جن ۾ اٽڪل 19973 ڪلو ميٽر پٽڙيون بجليء تي هلندڙ گاڏين لاءِ خصوصي طور ٺاهي وڇايل آهن، جيڪو ڊيوٽسڪي باهن Deutsehe bahn نالي سان سڏجندڙ جرمنيءَ جو مکيه ريلوي نظام آهي. اهو جرمن ريلوي نظام هڪ خانگي ڪمپنيءَ جي نالي سان سڏجي ٿو، پر انھيءَ ريلوي ڪمپنيءَ جا سمورا مالياتي ڀاڱا Shares جرمن سرڪار جا خريد ڪيل آهن، تنھنڪري اهو نجي ريلوي نظام هلائيندڙ ڪمپني سرڪاري ملڪيت ليکي سگهجي ٿي، سن 1994ع ۾ خانگي ملڪِيت واري قانون تحت ٿيندڙ اصلاح کانپوءِ، ڊيوٽسڪي باهن ڪمپني پنهنجي ريلوي واري ملڪيت جا انگ اکر شايع يا پڌرا ڪرڻ ڇڏي ڏنو، تنھن کانسواءِ ڊي بي اي جي سِسٽَم ۾ شامل اٽڪل 280 ننڍيون خانگي ريلوي ڪمپنيون ملڪ ۾ موجود آهن، جن وٽ ٽن کان چار هزار ڪلو ميٽر ريلوي لائينون سندن ذاتي ملڪيت آهن، ۽ اهي ڪمپنيون سندن ريل گاڏيون، ڊيوٽسڪي باهن ريلوي واري ريلوي لائين تي به هلائينديون آهن، اسان هاڻ جرمنيءَ جو موٽر وي ڇڏي سوئيزرلينڊ جي موٽر وي تي سوئيزرلينڊ جي شھر زيورڪ ڏانھن وڃي رهيا آهيون، جيڪو شھر اسان جي سوئيزرلينڊ ۾ پھرين منزل هوندو. اسان يورپ جي ستن ملڪن يعنيٰ هنگري، پراگ، سلوويڪيا، جرمني، سوئيزرلينڊ، اٽلي ۽ آسٽريا ۾ پنھنجي رهائش لاءِ ڪن ملڪن ۾ هوٽلون ته ڪِن ۾ فليٽ، ته ڪٿِ ٻن بيڊرومن وارا گهر ٻه چار مهينا اڳواٽ بُڪ ڪرائي ڇڏيا هئا، تنھنڪري اهو مسئلو اسان لاءِ ڪو نه هو ته ڪٿ وڃي رهجي سو، اسان کي صرف انھيءَ جڳهه تي پھچڻ جي دير هئي، جت فليٽ يا گهر هو ته اُتي اسان کي هڪ ڏينھن فون تي اڳ ٻڌائڻو هو، ته انھيءَ جڳهه تي اسان لاءِ عورت اسان کان اڳ اُت پھتي ٿي، ۽ هوٽلن کانسواءِ ڪٿ ڪٿ انھن فليٽن يا گهر ۾ اسان کي ناشتو به ڪرائون ٿي، ته اُت به ڪنھن عورت ڪچن ۾ اسان کي ناشتو تيار ڪري اسانجي ڊائننگ ٽيبل تي ٿي لڳايو، يورپ جي سڀني مُلڪن کان سوئيزرلينڊ ۾ وڌيڪ ڍنڍون آهن ۽ وڌيڪ سر سبز ملڪ آهي، تنھن ڪري سڄي دنيا جا سياه سوئيزرلينڍ اچن، پر جِينئن ته سوئيزرلينڊ هاڻ دنيا ۾ مھانگي ۾ مھانگو ملڪ ٿي ويو آهي، تنھنڪري سوئيزرلينڊ ۾ سياح اڳ جي مقابلي ۾ هاڻ گهٽ اچن، اسان سوئيزرلينڊ جي شھر زيورڪ پھچي پنھنجي رهائش جي هوٽل ڀيڙا ٿياسين، دستور مطابق اسان لائونج ۾ ويھندا هئاسين، ۽ نور محمد هوٽل رسپشن تي پاسپورٽن جون داخلائون ڪرائي ۽ ٻيون فارملٽيز پوريون ڪري جڏهن چاٻيون وٺي ايندو هو ته پوءِ اسان ڪمري ۾ ويندا هئاسين. اسان ڪمري تي پھچي سفر جو ٿڪ لاهي، پوءِ چانھه يا ڪافي پي پوءِ ٻاهر شھر گهمڻ ويندا هئاسين ۽ رات جي ماني ٻاهر کائي پوءِ واپس ڪمري تي ايندا هئاسين. سو اسان رات جي ماني کائڻ ۽ شھر گهمڻ لاءِ ٻاهر روانا ٿياسين، اسان پھرئين هڪ ترڪ هوٽل تي اچي ماني کاڌي اسان ٻاهر گهڻو ڪري ترڪ هوٽلن تي ماني کائيندا آهيون، اهي ئي هوٽلون گهڻو ڪري مسلمانن جون هونديون آهن، ۽ ٻيو ته ترڪي ۽ لبناني کاڌا اسان کي ڏاڍا وڻندا آهن، جن ۾ ڪي کاڌا پاڪستاني کاڌن سان ملندا جُلَندا آهن. اسان ماني کائي پوءِ مئنجر کان پڇيو ته زيورڪ شھر کي ويجھو سوئيزرلينڊ جون ٻيون ڪھڙيون سياحتي ۽ خوبصورت جڳهيون گهمڻ جهڙيون آهن ؟ اسان کي هن ٻڌايو ته زيورڪ شھر ۾ به ڪافي گهمڻ جهڙيون جڳهيون آهن، پر هتان کان ٻٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي ليوزين جو خوبصورت شھر ۽ انھيءَ کان اڳيان انٽرلاڪن نالي هڪ لاجواب گهمڻ جي ٽوئرسٽ پوائنٽ آهي، اها ضرور ڏسجو. اسان مانيءَ جو بل ڏيئي واپس پنھنجي هوٽل تي اچي آرامي ٿياسين، ۽ صبح سوير ناشتو ڪري پھرين زيورڪ شھر گهمڻ لا روانا ٿياسين.
زيورڪ شھر سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ سڀني شھرن کان وڏو شھر آهي، ۽ پاڪستان ۾ ضلعي يا ڪمشنري يا ڊويزن وانگر ، سوئيزرلينڊ جي هڪ انتظامي علائقي جنھن کي ”ڪَينٽونِ“ سڏين ٿا، ”زيورڪ“ نالي هڪ ڪينٽون جي هي گاديءَ جو هنڌ آهي، زيورڪ شھر سوئيزرلينڊ جي اترئين ڀاڱي جي وچ تي موجود زيورڪ ڍنڍ جي اتر- اولھه ڪنڊ تي اڏيل آهي، شھر جي ميونسپالٽي واري علائقي ۾ اٽڪل چار لک، ٽِيهه هزار ماڻھو رهن ٿا شھر جي اربَن ايريا ۾ تيرهن لک پندرهن هزار ماڻھو ۽ شھر جي ميٽرو پوليٽن ايراضيءَ ۾ ارڙهن لک ٽي هزار انسان آباد آهن، زيورڪ شھر ۾ ريل گاڏين جي پٽڙين، پڪن رستن ۽ هوائي جهازن ۽ ريل گاڏين جي اچ وڃ تمام گهڻي هُئَڻ ڪري مسافرن جي تمام گهڻي رش هوندي آهي، زيورڪ شهر ٻن هزارن سالن کان به وڌيڪ عرصو اڳ اٽڪل سن 15 ق- م ڌاري رومي قابض حاڪمن اڏايو هو ۽ ان جو نالو انھيءَ دؤر ۾ ٽيوريڪم (Turicam) رکيو ويو ۽ سڏيو ويندو هو، هن شھر واري علائقي ۾ ڇهه هزار چار سئو سالن جا انساني آباديءَ جي موجودگيءَ جا آثار لڌاويا آهن، پر اتي ڪنهن شھر جا پراڻا آثار ڏسڻ ۾ ڪو نه آيا آهن. يورپ کنڊ جي تاريخي طور تي سڏجندڙ وچئين دؤر ۾ زيورڪ شھر، هڪ آزاد ۽ مراعات يافته ۽ شاهي خاندان جي رهائش واري شھر جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ سن 1519ع ۾ اهو شھر عيسائي مذهب جي هڪڙي فرقي جو بنيادي مرڪز ٿي پيو، انھيءَ فرقي عيسائي مذهب ۾ موجود بي جا ۽ فرسوده رسمن ۽ رواجن کي خارج ڪري، سُڌارڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي هئي، تنھنڪري تاريخ ۾ انھيءَ فرقي کي ”سڌارڻ لاءِ احتجاج ڪندڙ فرقو“ ڪو ٺيو ويو، انھيءَ وقت انھيءَ فرقي جو اڳواڻ هُلڊرڪ زُونگلي هو، زيورڪ شھر ۾ سرڪاري زبان، جرمن زبان مقرر ٿيل آهي ۽ شهر ۾ انهيءَ جرمن زبان جو مقامي لَهجو ڳالھايو وڃي ٿو، انھيءَ مقامي لھجي کي زيورڪ شھر وارو جرمن ٻوليءَ جو لھجو سڏيو وڃي ٿو، ڪُنسٽهائوس نالي سوئيز رلينڊ نيشنل ميوزم سميت شھر ۾ ڪيترائي عجائب گهر ۽ آرٽ گيلريون موجود آهن، هڪڙو جديد ناٽڪ گهر ”ٿيٽر اِليوَن“ اوئرليڪِن علائقي ۾ قائم آهي. زيورڪ شھر ۾ موجود اسڪائوس پيلهائوس زيورڪ نالي ناٽڪ گهر، يورپ ۾ جرمن ٻولي ڳالھائڻ وارن علائقن ۾ موجود تمام اهم ٿيٽرن ۾ هڪڙو اهم ٿيٽر آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي گهڻن شھرن کان گهٽ آدمشماري رکندڙ شھر هئڻ جي باوجود زيورڪ دنيا جي تمام وڏن مالياتي مرڪزن مان هڪ ۽ عالمي حيثيت جو حامل شھر آهي. هتي ڪيترن ئي مالياتي ادارن ۽ بينڪن جا مکيه دفتر قائم آهن. عظيم زيورڪ نالي شھر واري علائقي ۾ سوئيزرلينڊ جا تحقيق ۽ ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل ادارا موجود آهن. سرڪاري ٽيڪس جي گهٽ اگهه ۽ زيورڪ ڪينٽون طرفان ملندڙ مالي مدد، پرڏيھي مالياتي ادارن کي زيورڪ شھر ۾ سندن مالياتي مکيه دفتر قائم ڪرڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. زندگيءَ جي معيار جو جائزو وٺندڙ هڪ يورپي تحقيقي اداري، ”مونوڪل سن 2012ع ۾ سندس پڌري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي، ته دنيا ۾ زندگيء جي بھترين معيار جي حامل 25 شھرن ۾ به زيورڪ شھر پھرئين نمبر تي هو، هڪڙي ٻئي تحقيقي اداري ”مرسر“ طرفان سن 2019ع ۾ شايع ٿيل دنيا جي فقط ڏهن شھرن کي سڀني کان وڌيڪ سٺو رهڻ جي لائق شھر قرار ڏنو. انھن ۾ سوئيزرلينڊ جا ٽي شھر جَنِيوا، باسل ۽ زيورڪ شامل آهن، اسان به هن شھر ۾ ٻه ڏينھن هئاسين واقعي زيورڪ دنيا جي اهم ۽ حسين شھرن مان هڪ آهي.
زيورڪ شھر جي لميٽ Limmet واري علائقي جي چوڌاري رهائشي تعميرات صنعتي اڏاوتون ۽ تجارتي مرڪزن تي مشتمل نهايت ترقي يافته ۽ بيحد خوشحال شھري ڀاڱو قائم آهي. مٿي ڄاڻايل رهائشي علائقو ننڍين جابلو ٽڪرين يعنيٰ ڪيترين ئِي بُٺين تي مشتمل پھاڙي علائقي ۾ اڏيل آهي، جتي عموماً سٺي فزائي ڪفيت هوندي آهي، ۽ سج جي اُس جو تڙڪو به ميسر هوندو آهي، انھيءَ رهائشي جابلو علائقي وٽان سڄو زيورڪ شھر ۽ آسپاس ۾ موجود وستيون جھڙوڪ وائڊبرگ، زيورڪ برگ، ۽ ٽڪرين کان هيٺ زمين جي سطع تي به ڳتيل عمارت سازي ٿيل آهي، زيورڪ شھر کي چوڌاري قدرتي ٻيلا موجود آهن، جن کي شھر جا ساهه کڻڻ وارا عضوا يعنيٰ گرين لنگس Green Lumngs سڏيندا آهن، انهن ۾ ايڊلس برگ، زيورڪ برگ، ڪافر برگ، هونگر برگ ۽ يوئيٽلي برگ ٻيلا شامل آهن. زيورڪ ڍنڊ جي ڪنارن تي زبردست شاهي پارڪ پوکيل آهن، پر سڄو زيورڪ شھر ننڍڙن باغيچن سان ته اصل ڳتيو پيو آهي. شھر جي نزديڪ افولٽرن ۽ سياچ علائقن ساڻ زرعي زمينون آباد آهن. سڄي يورپ ۾ زرعي جنسون پنھنجي ملڪ جهڙيون هونديون آهن، مثلاً مڪئي ۽ ٻيو مال جو چارو پر يورپ جاوڻ بلڪل پنھنجي ملڪ کان مختلق هوندا آهن، پر ميوا هڪ ٻن جنسن کانسواءِ بلڪل پنھنجي ملڪ جهڙا هوندا آهن، يورپ جي ملڪن ۾ زراعت کان انڊسٽريءَ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن، زيورڪ شھر جي ڍنڍ کانسواءِ سموري ايراضيءَ جي 45.5 سيڪڙو حصي تي رهائشي ضعتي ۽ واپاري مرڪزن جي والار آهي، 15.5 سيڪڙو ايراضيءَ تي رستا ۽ ريل جي پٽڙي وِڇائيل آهي، 5. 26 سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا پوکيل آهن، 11 سيڪڙو ايراضي پاڻي هيٺ آهي، زيورڪ شھر ۾ پڪن رستن، ريل گاڏين جي پٽڙين ۽ هوائي جھازن جي اڏامن جو هڪ ڄار واڇايل آهي زيورڪ هائوپٽ باهن هوف نالي سان مشھور ريلوي اسٽيشن سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ سڀني کان وڏي ۽ وڌيڪ مشغول ريلوي اسٽيشن آهي، زيورڪ شھر ۾ موجود انھيءَ ريلوي اسٽيشن کي يورپ جي مکيه ريلوي اسٽيشنِنِ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، زيورڪ شھر جي هن ريلوي نظام تحت روزانه ساڍن ٽن لکن کان پنج لک مسافرن جو تعداد سندن دفترن، آفيسن ڪارخانن، واپاري مرڪزن، زرعي زمين، ٻيلن ۽ ٻين ڪم وارن هندن ڏانھن وڃي ۽ پنھنجي گهرن ڏانهن موٽي اچي ٿو، سوئيزرلينڊ توڙي يورپ جي ٻين ملڪن کان زيُورِڪ شھر جي هن ريلوي اسٽيشن تي روزانه ايندڙ ريل گاڏين جو تعداد 2915 آهي، پر پنھنجي ڪار هئڻ ڪري اسان هڪ ڏينھن به سوئيزرلينڊ ۾ ريل يا انڊر گرائونڊ ريل ۾ نه چڙهياسين. شھر جي حدن اندر مختلف ماڳن تي 26 ريلوي اسٽاپ آهن تنھن کانسواءِ شھر کان ٻاهر به پنج ٻيون به وڏيون اسٽيشون موجود آهن، ملڪ جو ريلوي نظام سوئيز فيڊرل ريلويز نالي ريلوي جي وفاقي نظام تحت عمل پيرا آهي، تنھنکانسواءِ زيورڪ شھر ۾ فرانس جرمني آسٽريا ۽ ٻين يورپي ملڪن جون مسافر ريل گاڏيون به اينديون ۽ واپس وينديون آهن. زيورڪ شھر جو هوائي اڏو شھر کان ٻاهر شھر کان اتر اوڀر ڪنڊ تي ڏهن ڪلو ميٽرن کان ٿورو گهٽ مفاصلي تي ”ڪلوٽن“ ماڳ تي اڏيل آهي، هن هوائي اڏي وٽ هڪڙي زير زمين ريلوي اسٽيشن تعمير ٿيل آهي، جيڪا سوئيزرلينڊ ملڪ جي سڀني مکيه شھرن سان سڌي طرح ڳڍيل آهي، زيورڪ هوائي اڏي تي دنيا جي مختلف ملڪن مان مسافرن کي کڻندڙ سٺ کان وڏيڪ هوائي ڪمپنين جا جھاز لھندا ۽ اتان اڏامندا آهن، هن هوائي اڏي تي هڪڙي بار ڍوهيندڙ هوائي ڪمپنيءَ جا جھاز به ايندا ۽ ويندا آهن. زيورڪ شهر وارو هوائي اڏو سوئيزرلينڊ ملڪ جو مکيه هوائي اڏو آهي. هن هوائي اڏي جي ويجهو ڊيوبن ڊورف نالي ماڳ تي به هڪڙو هوائي اڏو ٺھيل آهي مون ڏٺو آهي ته يورپ جي شھرن ۾ جام ائيرپورٽ آهن.
سوئيزرلينڊ جا ٽي مکيه پڪا رستا، اي ون، اي ٿري ۽ اي فور شاهي رستا زيورڪ شھر وٽان لنگهن ٿا. اي ون رستو زيورڪ شھر جي اولھه طرف برن ۽ جنيوا شهرڏانهن وڃي ٿو ۽ اهو رستو زيورڪ جي اوڀر طرف سينٽ گالن شهر ڏانهن وڃي ٿو. اي فور شاهراھ زيورڪ شھر جي اتر طرف اسڪاف هائوسن ڏانھن ۽ ڏکڻ طرف الٽنڊورف شھر ڏانھن وڃي ٿو جتي اي ٽو شاهراھ سان ملي ٿو، جيڪو اڳيان چياسو شھر ڏانهن وڃي ٿو، اي ٿِري شاهي رستو زيورڪ شھر جي اتر. اولھه ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي زيورڪ ڍنڍ ۽والن ڍنڍ وٽان اڳتي وڌندو سارگانس شھر ڏانھن وڃي ٿو.
زيورڪ شھر ۾ سائيڪل جي سواري جي سھولت پيدا ڪرڻ لاءِ شھر جي ڪائونسل سن 2012ع ۾ هڪ منصوبو مرتب ڪيو. تنهن کي ”ماسٽر پلان. ويلو“ نالو ڏنو ويو. انهيءَ ڏس ۾ ٿيل تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته زيورڪ شھر ۾ سائيڪلن تي سفر ڪرڻ واري عمل ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ شھر ۾ گھربل بھتر رستن جي تعمير تمام ضروري آهي ۽ انھن سان گڏ شھر ۾ سائيڪلون هلائڻ لاءِ سماجي بنياد تي مثبت ماحول پڻ نهايت اهم عنصر آهي. انھيءَ مکه مقصد جي حصول خاطر، شھر ۾ سائيڪلون هلائڻ لاءِ مخصوص قسم جي رستن ٺاهڻ جو پروگرام جوڙيو ويو، جنهن تحت ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. بيلجم ۽ هاليڊ ۾ به ماڻھو وڏي تعداد ۾ سائيڪلن تي چڙهن. ڪنھن دؤر ۾ پاڪستان ۾ به سائيڪلن تي ماڻهو وڏي تعداد ۾ سواري ڪندا هئا. زيورڪ شھر ۾ ڳالھائي ويندڙ ٻولي زيورڪ شھر واري لھجي ۾ ڳالھائي ويندڙ جرمن ٻولي آهي. اها زيورڪ لھجي واري جرمن ٻولي سمورن تعليمي ادارن. عدالتن، اخبارن، ڪتابن ۽ ٻي لکپڙهه توڙي فلمن ۽ ناٽڪن ۾ استعمال ٿيندڙ آهي ۽ انھيءَ کي شھر جي سرڪاري ٻولي جو به اعزاز حاصل آهي. سوئيزرلينڊ ۾ جرمن ٻوليءَ جا ڪيترائي لھجا ڳالھايا وڃن ٿا. اهي سمورا لھجا هن زيورڪ شھر جا باشندا ڳالھائيندا آهن. ڊسمبر 2010ع ۾ ٿيل آدمشماري موجب شھر جي آبادي جو.03. 69 سيڪڙو ماڻهو مقامي لھجي واري جرمن ٻولي ڳالھائين ٿا. مون ڏٺو آهي ته جڏهن کان انگلينڊ يورپي يونين جو ميمبر ٿيو آهي، تڏهن کان لنڊن ۾ به ماڻھو ڪَنئين ٻوليون ڳالھائين. يورپي يونين ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ مون ائين ڪونه محسوس ڪيو، پر هاڻ ته انگلينڊ يورپي يونين کان جدا ٿي ويو آهي. 22.07 سيڪڙو ماڻھو معياري جرمن ٻولي ڳالھائين ٿا. مجموعي طور تي زيورڪ شھر جا 20 سيڪڙو ماڻھو ٻه يا اڃان وڌيڪ ٻوليون ڳالھائين ٿا.
زيورڪ شھر ۾ رهندڙ ماڻھن جو 30 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ فرقي وارا عيسائي آهن، 26 سيڪڙو سوئيزر لينڊ واري فرقي وارا عيسائي آهن. 5 سيڪڙو مسلمان آهن. ۽ هڪ سيڪڙو يهودي آهن ۽ 39 سيڪڙو باشندا ڪنهن مخصوص مذهب سان وابسته ڪونه آهن. زيورڪ شھر ۾ اڏيل ”محمود مسجد“ سوئيزر لينڊ ملڪ ۾ اڏيل پھرين مسجد آهي. هتي يھودين جو به هڪ عبادت گاهه اڏيل آهي. 2 سيڪڙو آبادي هندن ۽ ٻُڌن تي مشمتل آهي. سڄي يورپ جي ملڪن ۾ ڏاڍيون سُٺيون مسجدون ٺھيل مون ڏٺيون، پاڪستان کان وڌيڪ سھڻيون ۽ پروقار! زيورڪ شھر ڪيترن ئي بين الاقوامي مالياتي ادارن جو مرڪز ۽ هڪ عالمي شھر آهي. سن 2017ع ۾ شايع ٿيل گلوبل فائنينشل انڊيڪس موجب دنيا ۾ مالياتي چٽاڀيٽيءَ واري ڊوڙ ۾ زيورڪ شھر يارهون نمبر شھر آهي. ۽ يورپ ۾ ٻيو نمبر، يورپ اندر انھيءَ چٽاڀيٽيءَ واري ڊوڙ ۾ لنڊن پھرئين نمبر تي آهي.
زيورڪ شھر جي اقتصادي سرگرمين ۾ مکيه ڪردار خدمتن واري شعبي جو آهي، جيڪو شھر ۾ موجود سمورن پيداواري ادارن ۾ ڪاريگرن ۽ مزدورن جو تقريباً اسي سيڪڙو مھيا ڪري ٿو. ان کانسواءِ شھر جي اقتصادي عمل ۾ ننڍين صنعتن وارو شعبو، ڪپڙو ٺاهڻ وارن ۽ ٻين ننڍن ڪارخانن تي مشتمل شعبو ۽ سياحت وارو شعبو پڻ اهم ڪردار جا حامل شعبا آهن. سوئيزرليند ۾ گھڻين بينڪن توڙي پرڏيھي بينڪن جون مکيه آفيسون به زيورڪ شھر ۾ قائم ڪيون ويون آهن. سوئيزر لينڊ جي اسٽاڪ ايڪسچينج جو دفتر پڻ زيورڪ شھر ۾ 1877ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. اهو اڄڪلھه سڄي دنيا ۾ چوٿون نمبر اسٽاڪ ايڪسچينج طور مشھور آهي. هي شھر ئي دنيا ۾ سون جي واپار جو سڀني کان وڏو مرڪز آهي. سوئيزر لينڊ جي پنجاهه وڏين مالياتي ڪمپنين ۾ وڌيڪ اهميت جون حامل، اي بي بي، يوبي ايس ڪريڊٽ سوئيز، سوئيزري ۽ زيورڪ فائِنَينشَل ڪريڊٽ مالياتي ڪمپنيون آهن. زيورڪ شھر، سوئيزر لينڊ ملڪ جي انھن بيحد مشھور شھرن مان هڪڙو آهي. جنھن کي عالمي سطح تي هڪ پرڪشش ۽ خوبصورت شھر طور پذيرائي حاصل آهي. جيتوڻيڪ اهو عالمي شھرن جي ڀيٽ ۾ پکيڙ ۽ آدم شماري جي حوالي سان ننڍو آهي. پراڪثر وڏن شھرن جي ڀيٽ ۾ اهو وڌيڪ پرڪشش، وڌيڪ موزون قدرتي ماحول ۽ پرڪيف فزا جو حامل خوبصورت شھر آهي. زيورڪ سلووينيا جي شھر لُجِبلجانا ۽ رومانيا جي بخارسٽ شھر سان گھڻي مشابت رکندڙ شھر آهي. مون کي يورپ جا ملڪ شھر ۽ ماڻھو هڪ جھڙا لڳندا آهن. پر کاڌا مختلف هوندا آهن.
حاصل مقصد ته سوئيزرلينڊ ۾ جيڪڏهن ڪنھن حقيقي جنت جي ديدار جي تمنا رکو ٿا ته پوءِ زيورڪ شھر ضرور وڃي گهمو. اسان به زيورڪ شھر خوب گھميو. جڏهن ته هيءَ به هڪڙي حقيقت آهي ته سوئيزرلينڊ دنيا جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ مھانگائي وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. سمورن پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ خصوصي طور تي سوئيزرلينڊ ۾ رهائشي جاين جي مسواڙ ۽ مسافر گاڏين جا ڪرايا / ڀاڙا تمام ڳرا آهن، جيڪو مون اڳ به ذڪر ڪيو آهي. شھر جي سپر مارڪيٽن ۾ جرمنيءَ جي سپر مارڪيٽن کان ٻيڻ ته ڇا ٽيڻ تي مھانگائي آهي، البت لِڊي نالي سپر مارڪيٽ جيڪا زيورڪ شھر جي سٽي سينٽر ۾ قائم آهي، تنهن ۾ ٻين مارڪيٽن جي ڀيٽ ۾ شين جون ڪجهه قيمتون ڪجهه گھٽ آهن، جيڪڏهن ڪجهه بچت ڪرڻ گهرو ٿا ته توهان لِڊِي مارڪيٽ مان خريداري ڪريو، ڇو ته زيورڪ شھر ۾ سستيون مارڪيٽون فقط اهي آهن، اسان هت ڪابه شاپنگ ڪا نه ڪئي، نه ڪو ڪرڻ جو ارادو آهي.
جڏهن توهان رهائش لاءِ بڪنگ ڪرايو، ته ڪنهن هو ٽل جي بدران ڪنھن فليٽ يا هاسٽل ۾ بڪنگ ڪرايو، جتي بورچي خانو هجي ۽ هوٽلن تي مھانگو کاڌيو کائڻ بدران پنھنجو کاڌو مرضيءَ موجب تيار ڪري کائو. پر اهو تڏهن جڏهن توهان ٻه هفتا کن يا ان کان وڌيڪ رهو، سو اسان ته هتي صرف ٻن ڏينھن جا مهمان هئاسين، تنهن ڪري اسان هت هوٽل کي ترجيح ڏني اهو تمام گهڻو سستو پوندو ، فاسٽ فوڊ به ڏهن ٻارهن پائونڊن کان گهٽ ڪو نه ٿيندو ۽ جيڪو هوندو به گهٽ معيار وارو آهي. هاالبت لِڊِي سپر مارڪيٽ ۾ هڪڙي سٺي بيڪري موجود آهي، جتان گرم گرم پيزا بريڊ ڪروئسِنٽ ۽ انھن جهڙا ٻيا به تازا کاڌا ملن ٿا. زيورڪ شھر ۾ ڪنھن دوا خريد ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ته سوير ئي سرهي، ڏينھن بيٺي ئي گهريل دوا درمل خريد ڪري وٺجي، ڇو ته سڄي سوئيزرليڊ ملڪ ۾ موجود سپرمارڪيٽن جو تمام گهڻو تعداد شام جو ڇهين بجي بلڪل بند ٿي وڃي ٿو، ۽ هر آچر جي ڏينھن اهي مڪمل طور بند ٿي وينديون آهن، موڪل وارن ڏينھن دوران فقط شھر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن واري مارڪيٽ مان گهربل شيون خريد ڪري سگهجن ٿيون. انھيءَ ريلوي اسٽيشن وٽ سٺو کاڌو تيار ڪندڙ ريٽورينٽ چگي تعداد ۾ موجود آهن، جتي ترت ماني کائي سگهجي ٿي، نيڪ نيت سان چئجي ته شھر جو پراڻو ڀاڱو واقعي ڏسڻ وٽان آهي، انھيءَ ڀاڱي ۾ نھايت خوبصورت ٺھيل جھونيون جايون جڳهيون ۽ ننڍڙيون صاف شفاف گهٽيون ٺھيل آهن تنھنکانسواءِ زيورڪ شھر جي انھيءَ پراڻي علائقي ۾ فيفا ورلڊ ميوزم به اڏيل آهي.
شھر جي هن پراڻي هن ڀاڱي ۾ اڏيل عمارتن جي طرز تعمير، گهڻي ڀاڱي جرمنيءَ جي اختيار ڪيل آهي، تنھن ڪري انھيءَ هنڌ ماڻھو ڀانئي ٿو، ته هي ڪو جرمن شھر آهي، ڀاڱي ۾ ڪجهه عمارتن جي طرز تعمير اٽليءَ ۽ فرانس واري به ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سوئيزرلينڊ ٽن مختفلف ثقافتن جي سنگم جو حامل هئڻ ڪري، گهڻن رنگن واري گوناگون تھذيب ۽ ثقافت جو مزيدار ملڪ آهي. تنھنڪري فقط هڪڙو شھر زيورڪ ڏسڻ جي بجاءِ هن سڄي سهڻي ملڪ جو سير ڪرڻ گهرجي مون گهڻو ڪري سڄو سوئيزرلينڊ گهميو آهي. زيورڪ شھر ۾ عيسائي مذهب جي عبادت گاهن جن کي يورپ جي تقريبا سڀني ٻولين ۾ چرچ چوندا آهن، انھن کانسواءِ شھر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن، قومي A عجائب گهر شھر جو پراڻو علائقو، پيراڊائيس، پيلس ۽ شھر کي نالو ڏيندڙ زيورڪ ڍنڍ، حسين سياحتي ماڳ آهن، شھر جو سير مکيه ريلوي اسٽيشن وٽان سولائيءَ سان شروع ڪري سگهجي ٿو. ريلوي اسٽيشن جي عمارت تمام وڏي ۽ نھايت ڪشادي ۽ معياري ٺھيل آهي، تقريبا گهڻا ماڻھو هن اسٽيشن جي عمارت اندر به سگريٽ پئيندا رهندا آهن، سا ڳالھه عجب ۾ وجهندڙ آهي، ڇو ته عموماً سڄي يورپ ۾ ريلوي اسٽيشن اندر ٻيڙي پيئڻ ممنوع آهي،اسان به ڪافي منع ڪيل جڳهين تي چند ماڻھن کي سگريٽ پيئندي ڏنو هو.
زيورڪ جي انھيءَ مکيه ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ئي هڪڙي عاليشان عمارت اڏيل آهي، جنھن ۾ قومي عجائب گهر قائم ڪيو ويو آهي. اها عمارت قومي عجائب گهر گهٽ، پر هڪڙو خوبصورت محل محسوس ٿئي ٿي. عجائب گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪا به ٽڪيٽ خريد نٿي ڪئي وڃي ۽ داخلا مُفت ۾ ٿئي ٿي، عجائب گهر جي ويجهو ئي هڪڙو ننڍڙو پر نھايت خوبصورت باغيچو پوکيل آهي، جتي عجائب گهر گهمڻ سان ٿيندڙ ٿڪ لاهڻ لاءِ ساهي کڻي وري به هلڻ جهڙو ٿي سگهجي ٿو. اسان به هڪ ننڍي هوٽل تان ماني وٺي ٻنپهرن جو انھيءَ باغيچي ۾ لنچ ڪئي جيتوڻيڪ مانيءَ جو وقت ته گذري چڪو هو، پر ڪجهه نه ڪجهه کاڌو ۽ ڪجهه دير هت ساهي پٽي پوءِ ڪجهه وقت سٽي سينٽر ۾ گهمي ڦري رات لاءِ کير ڌنئورو ۽ڪجهه فروٽ خريد ڪري، واپس اچي پنھنجي هوٽل تي پهتاسين. اسان سڀ صبح جو تيار ٿي پنھنجي اڄ جي ٽوئر پوائنٽ لاءِ روانا ٿياسين. اسان پنھنجي ڪار ۾ چڙهي، ۽ کاڌي پيتي جو تمام مختصر سامان به هميشه ساڻ کڻندا هئاسين زيورڪ ۽ لوسرن سوئيزرلينڊ جا مکيه شھر آهن، تنھنڪري انھن شھرن وچ ۾ هائي ويز، ريلوي ۽ هوائي سفر جو لاجواب بندوبست ٿيل آهي، ۽ اسان به سوئيزرلينڊ جي انھيءَ فاسٽ ٽريڪ روڊن تان هلندا لوسرن شھر ڏانھن وڃي رهيا آهيون. گاڏي هلندي هلندي منيٰ ڪئميرا سان ڪٿي فوٽا به ڪڍي رهي هئي، ۽ اسان ٽيپ تي سنڌي گانا پي ٻڌا. انھن سر سبز وادين ۾ يورپ سڄو سر سبز ۽ ندين، ڍنڍن، وڏن وڏن وڻن گُلن ڦلن سان سٿيو پيو آهي، پر انھيءَ ۾ به سوئيزر لينڊ بيهڪ، بيشمار سر سبز جبلن ۽ ڍنڍن ڪري هي ملڪ ڄڻ ته هڪ جنت لڳي پئي آهي، تنھن ۾ وري يورپ جي موسم جو به وڏو عمل دخل آهي. يورپ جي موسم ۾ سدائين جهِڙالو ۽ وري وقفي وقفي سان بوند به وسندي رهندي آهي. هن سال يعنيٰ ويھين صديءَ ۾، اقوام متحده پنھنجي رپورٽ ۾ دنيا جي ٻه سئو ملڪن ۾ سياحت جي لحاظ کان پاڪستان کي پھريون نمبر ڏنو آهي، اها ڳالھه به مونکي سمجهه ۾ نه آئي، پاڪستان جا اُتريان علائقا واقعي ڏاڍا سر سبز ۽ حسين آهن، پر اُت ته ڪافي علائقن ۾ رستا ۽ رهائش جو ڪوبه بندوبست ڪونھي ڪجهه سال اڳ ته اهي علائقا سيڪورٽيءَ جي لحاظ کان به تمام غير محفوظ هئا، پر هاڻ ائين ڪونھي سڄي پاڪستان جا ماڻھو هاڻ انھن علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ پنھنجي فيملين سان گڏ وڃن، پر غير ملڪي ماڻھو به هاڻ پاڪستان ۾ اچن شروع ٿيا آهن، پر تمام ٿوري تعداد ۾ جڏهن کان پاڪستان ۾ انگلينڊ جو شھزادو ۽ سندس گهر واري ۽ هالينڊ جي راڻي آيا آهن، تنھن پڄاڻان پاڪستان ۾ غير ملڪي سياحن جو تعداد ڪي قدر وڌيو آهي. تازو انگلينڊ جي حڪومت ۽ آمريڪا جي حڪومت هڪ ليٽر جاري ڪيو آهي ۽ پنھنجي شھرين کي پاڪستان گهمڻ جي ايڊوائيزري جاري ڪئي آهي ۽ هاڻ انگلينڊ جي سرڪاري ائيرلائين جنھن ڪيترن سالن کان پاڪستان لاءِ پروازون بند ڪري ڇڏيون هيون، تنھن هاڻ لاهور ۽ اسلام آباد لاءِ پنھنجون پروازون وري هلائن شروع ڪري ڇڏيون آهن، پاڪستان کان اڳ ته مونکي خبر ڪانھي پر ففٽيز ۽ سڪسٽيز ۽ سيونٽيز ۾ ته پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن سان ڀريو پيو هوندو هو، ۽ سڄي دنيا جون ايئر لائينز پاڪستان ۾ اينديون هيون، ۽ سڄي پاڪستان ۾ توهان کي سائيڪلن تي سڄي دنيا جا سياح پاڪستان جي هڪ ڪُنڊ کان ٻِئي ڪُنڊ تائين وڏي تعداد ۾ بلڪل سواءِ ڪنھن ڊپ خوف کان گهمندا ڦرندا نظر ايندا هئا. سڄي پاڪستان جي وڏن شھرن ۾ نائيٽ ڪلب، بارون ۽ وائين شاپ هوندا هئا، ۽ انھن نائيٽ ڪلبن جي بلڪل آخر ۾ نيڪڊڊانس به تمام مختصر ٽائيم لاءِ ڏيکاريندا هئا، اهڙا پروگرام مون به پنھنجي اکين ڏٺا ۽ پڻ لال بازارن ۾ به وڏيون رونقون هونديون هيون، ۽ ڪا به جهل پل ڪا نه هوندي هئي. ايٽيز کان پوءِ ته صورتحال ئي بدلجي وئي ۽ ضياءِ الحق جي دور ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ هڪ دهشتگرد ملڪ جي ٿيڻ لڳي سڄي ملڪ ۾ بم ڌماڪا ۽ ٻورين ۾ لاش روز جو معمول بڻجي پيو، غير ملڪي ته ٺھيو پر سڄي ملڪ جا ماڻھو صرف گهرن تائين محدود ٿي ويا، ۽ ماڻھن جا هُليا ئي ٻيا ٿي ويا ۽ رات جو ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ پوليس جي نگرانيءَ ۾ ڪانوائي جي شڪل ۾ هلندي هئي. سڄي سنڌ ۽ اڌ پنجاب ۾ وري ڌاڙيل فيڪٽر ۽ شھرن ۾ وري دهشتگرن جو مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو هو. ماڻھو ماڻھوءَ کان ڊڄڻ لڳو، ٻھراڙيءَ ۾ مسجدن مان ماڻھن جو اغوا ۽ شھرن ۾ بم ڌماڪا هڪ عام ڳالھه ٿي پئي.

2

آئون مِنا ۽ نور محمد ڪار ۾ سنڌي قومي گانا ٻڌندا سوئيزرلينڊ جي هنن حسين منظرن مان لطف اندور ٿيندا، لوسرن شھر ڏانھن وڃي رهيا آهيون. سوئيزرلينڊ ملڪ جو سرڪاري نالو سوئيز زبان ۾ Confoederafio Helvetica آهي، هِيءَ يورپ ۾ هڪ وفاقي جهموريه آهي هي ملڪ Land Locked يعني چؤطرف زمين اٿس، سندس سرحدن کي ڪٿ به سمنڊ ٽچ ڪو نه ڪري. هن جي چؤطرف جرمنيءَ، اٽلي، آسٽريا ۽ فرانس ملڪ هن جي سرحدن کي لڳن ٿا ۽ هي چارئي ملڪ سوئيزثقافت تي سڌي طرح اثر انداز آهن. هن ملڪ جو ڪل رقبو سنڌ صوبي کان گهٽ آهي، يعني 41285 اسڪوائر ڪلو ميٽر ۽ سنڌ جي ايراضي 51153 اسڪوائر ميل آهي، ۽ ملڪ جي آدمشماري هنيئر 82 لک آهي، سڄي دنيا جا ماڻھو ملڪ جي شھرن ۾ رهڻ کي پسند ڪن، پر سوئيزرلينڊ جا ماڻهو شھرن جي مقابلي ۾ ڳوٺن ۾ رهن ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين، ۽ ملڪ جو پنجويھه سيڪڙو ماڻھو شھرن ۽ پنجھتر سيڪڙو ٻھراڙي ۾ رهن. هن ملڪ ۾ ماڻھن جي عمر ايوريج اسي سال آهي، هت رياست کي Cantons چون. هن ملڪ ۾ ٿوري تعداد ۾ مسلمان به رهن. هن ملڪ جي معشيت دنيا جي چند تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿي، سوئيزرلينڊ جي هن ننڍي ملڪ جي سالياني آمدني ست سئو چار آمريڪن بلين ڊالر آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻاويھه ڪروڙ آدمشماريءَ واري ملڪ پاڪستان جي سالياني G.D.P صرف 243 آمريڪن بلين ڊالر آهي، انھيءَ مان توهان اندازو لڳايو ته انھن ملڪن جي ماڻهن جو ڇا ته امير اسٽيٽڊرڊ هوندو ۽ اهي ماڻھو ڪيڏي نه خوشحال ۽ پر سڪون زندگي گذاريندا هوندا! اهو آهي، ملڪ جي انڊسٽريءِ جي ترقيءَ جو راز! سوئيزرلينڊ سڄي ملڪ جي زراعت مان جيترا پيساحاصل ڪري يا ڪمائي، ان کان وڌيڪ هي ملڪ صرف واچن جي صنعت مان پيسو ڪمائيندو آهي، باقي ٻي انڊسٽري ٿي جدا سڄي ملڪ ۾ هر شھري لاءِ فوجي ٽريننگ لازمي آهي، ملڪ جي فوج جو ڪو به سربراهه ڪونھي، صرف جنگ جي حالت ۾ پاليامينٽ فوجي سربراهه مقرر ڪندي آهي.
مون، مِنا ۽ نور محمد هي لوسرن جو شھر اڳ به ٻه ٽي دفعا ڏٺو آهي. اسان لوسرن شھر جي سڃاڻپ جيڪا هڪ نديءَ تي ڪاٺ جي پل ٺھيل آهي، اوڏاانھن ٿي وڃڻ چاهيو پر اسان مُنجهي پياسين سو هڪ هنڌ بيھي رستي ويندڙ عورت کان ان جو پڇيو، ته اُن اسان کي وٺي اچي انھيءَ پُل ڀيڙو ڪيو، ۽ پاڻ ٻڌائين ته آئون فرانس جي فرينچ آهيان، هِت بزنس ڪَندي آهيان ۽ آرتوار جو ڏينھن هو، سو آئون ڪنھن سُپر اسٽور تان کير وٺڻ آئي آهيان. هُوءَ مونکان به عمر ۾ وڏي ٿي لڳي. اسان انھيءَ قديم پل تي پھچي هت کوڙ سارا فوٽا ڪڍيا ۽ پوءِ هت نھرڪناري ننڍن دُڪانن تان ڪجهه سوئيز ثقافت جون ننڍيون ننڍيون شيون خريد ڪيون، پوءِ اچي هڪ هوٽل تي ماني کاڌي، مِنا ماني ڪانه کاڌي فقط تازو آرينج جوس پيتو. مون ۽ بوبيءَ به هلڪو ڦلڪو کاڌو کاڌو آئون توهان کي هن شھر جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ بهتر ٿوسمجهان.
لوسرن شھر سوئيزرلينڊ ملڪ جي وچ واري انھيءَ علائقي ۾ اڏيل آهي، جتي جرمنيءَ ٻوليءَ جو مقامي لھجو، ڳالهائيندڙ ماڻھو رهن ٿا. لُوسرن شھر ساڳئي نالي سان قائم ڪينٽونِ ۽ ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر پڻ آهي. سن 2013ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب شھر ۾ 181057 انسان آباد هئا. مرڪزي سوئيزرلينڊ ۾ موجود لُوسرن شھر، انھيءَ وچئين علائقي جي معشيت ثقافت آمد رفت يعني سفر جي ذريعي ۽ ذراع ابلاغ جو پڻ مرڪز آهي.
لوسرن شھر جو بنياد سن 840ع ۾ پيو ۽ سينٽ ليوڊيگار اَيبِي يعني ڪليسا يا ديول جي چوڌاريءَ پکڙجڻ ۽ ترقي ڪرڻ لڳو. لوسرن شھر جي آباديءَ جي واضع اڪثريت اڄ تائين رومَن ڪيٿولڪ فرقي وارن عيمسائي مذهب اختيار ڪندڙ ماڻھن تي مشتمل آهي، سن 1850ع ۾ شھر جا 96 ڏهائي نَوَ سيڪڙو باشندا رومن ڪيٿولڪ فرقي وارا هئا، پر پوءِ انھن جو في سيڪڙو تعداد گهٽجڻ لڳو، تنھن جو مکيه سبب مختلف فرقن ۽ مذهبن سان واڳيل ٻاهريئن ماڻھن جو شھر ۾ اچي رهڻ آهي مثال طو ر سن 1900ع ۾ رومن ڪيٿوولڪ فرقي وارن جو تعداد گهٽجي 81 ڏهائي نَوَ سيڪڙو ٿيو، سن 1950ع ۾ گهٽجي 72 ڏهائي 3سيڪڙو ٿيو، سن 2000ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب لوسرن شھر ۾ 35682 ماڻهو يعني 60 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ فرقي وارا عيسائي، 9227 ماڻھو، 15 ڏهائي 5 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ فرقي جا عيسائي، 1979 ماڻهو، 3 ڏهائي 3 سيڪڙو اڃا هڪڙي ٽئين فرقي جا عيسائي، 1824 ماڻهو يعني 3 ڏهائي ٻُڙي 7 سيڪڙو مسلمان 196 ماڻھو يعني ٻڙي ڏهائي ٽي ٽي سيڪڙو يھودي، 1073 ماڻھو يعنيٰ هڪ ڏهائي 8سيڪڙو اڃا ٻين مذهبن سان واڳيل، 6310 ماڻھو يعني 5 ڏهائي ڇھه هڪ سيڪڙو ماڻهو لادين هئا، ۽ 3205 ماڻهو، يعني 5 ڏهائي 3 نَوَ سيڪڙو ماڻهن مذهب جي خاني ۾ جواب ڪو نه لکيو، يعنيٰ اُهي لادين هئا.
لُوسرن شھر ۾ سوئيزرلينڊ جون مکيه تجارتي ڪمپنيون، جهڙوڪ اسڪنڊِلر گروپ، ڪرونو سوئيزرلينڊ، ايمي، اي ايف ايجوڪيشن فرسٽ اينڊ لُوزرنو ڪينٽونل بينڪ ۽ سوئيزلينڊ جي قديم ايڪسيڊنٽ انشو ئرنس ڪمپنين مان هڪڙي سوواڪپمني وغيره قائم آهن. شھر لُوسرن ۾ يونيورسٽي آف لوُسرن قائم ڪيل آهي، جيڪا سوئيزرلينڊ جي روايتي اعليٰ درسگاهن مان هڪ آهي.
لوُسرن شھر جي انتظاميه ڪينٽون سطخ تي سڄي سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪارپوريٽ ٽيڪس اوڳاڙڻ سبب سندس ڪينٽون کي سڄي ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ تجارت دوست ڪينٽون بنائي ڇڏيو آهي، هتي انڪم ٽيڪس به ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهه وارو ٿو اوڳاڙيو وڃي، باسل اڪنا مڪس ٽيڪسيشن انڊيڪس 2012ع جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، ته ٽيڪس ۾ اٽڪل 2 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي.
سن 2009ع کان وٺي ريل گاڏيءَ وسيلي لُوسرن شھر کان زيورڪ شھر واري هوائي اڏي تي فقط هڪ ڪلاڪ ۽ ٻن منٽن اندر پھچي سگهجي ٿو، لوسرن مان هر ڪلاڪ ۾ ريل گاڏيون زيورڪ هوائي اڏي ڏانھن وينديون رهنديون آهن، اهي ريل گاڏيون هوائي اڏي کان ڪجهه وڇوٽيءَ تي اڌڪلاڪ کن بيھنديون آهن. جيڪڏهن گهڻي آمذرفتِ وارو وقت ڪونھي ته انهيءَ دوران لُوسرن کان زيورڪ هوائي اڏي تي موٽرڪار ۾ سفر ڪندي ماڻھو فقط چاليھن منٽن ۾ پهچيو وڃي. لُوسرن شھر ريئوس درياءِ جي ٻنھي ڪپرن تي پکڙيل آهي. ريئوس ندي تي شھر واري ڀاڱي ۾ ڪافي تعداد ۾ پُلُون ٺهيل آهن. انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ هاڪاري پُل جو نالو ”چيپل برج“ آهي، اها پُل 204 ميٽر يعنيٰ 669 فٽ ڊگهي ۽ ڪاٺ جي تختن سان ڍڪيل آهي. اها پول ڪاٺ جي تختن سان ڍڪيل سڄي يورپ ۾ سڀني کان پراڻي پُل آهي، اها اصل ۾ سن 1333ع ۾ ، جڙي راس ٿي هئي، چَوڻ ۾ اچي ٿو، ته 18 آگسٽ 1993ع ۾، ڪنھن جي اُڇلائيل سگريٽ جي ٽوٽي مان، انھيءَ پل کي باهه لڳڻ سبب، انھيءَ جو گهڻو حصو سڙي چٽ ٿي ويو، تنھن ڪري انھيءَ سڙيل وڏي ڀاڱي کي نئين سر شاندار انداز سان تعمير ڪيو ويو، درياءَ جي هڪڙي ڪناري تي مورچه بند اٺڪنڊو آبي ٽاور ٺھيل آهي، ۽ پل انھيءَ آبي ٽاور منجهان گذري ٿي، اهو ٽاور درياءَ جي ڪناري تي هن پُل کان اڳئي، تيرهن عيسوي صديءَ ۾ تعمير ڪيو ويو هو. پُل ۽ ٽاور جي اندرئين ڀاڱي ۾ لُوسرن شھر جي تاريخ متعلق سترهين صدي عيسوي کانپوءِ وارن مکيه واقعن کي پينٽنگس ۾ ڏيکاريو ويو آهي، هيءَ چيپل پُل ۽ اُتي تعمير ٿيل اَٺڪُنڊو ٽاور وڌيڪ شُھرت يافته ياد گار تعميرات آهن. لُوسرن شھر جو ٻيو اهم يادگار سينٽ لِيوڊ گار واري چرچ جا ٺھيل ٽِوِن نِيڊل ٽاور آهن اهو سينٽ ليوڊ گار چرچ شھر واري ڍنڍ جي ڪناري هڪڙي سهڻي ۽ ننڍڙي جابلو بُٺيءَ تي اڏيل آهي. انھيءَ چرچ تي اهو نالو شھر جي هڪ سرپرست درويش سنيٽ ليوڊ گار جي نالي سان قائم ڪيو ويو، اهو چرچ اصل ۾ سن 735ع ۾ اڏيو ويو هو، تنھن کي سن 1633ع ۾ ليٽ رينائيسينس اسٽائل موجب نئين سر سڌاريو ۽ سَنواريو ويو. چرچ جا ٽاوَر اصلي اڏاوتي طِرز سان قائم آهن. چرچ اندر ٿيل گهاٽي سجاوت واقع نھايت خوبصورت انداز ۾ ڪئي وئي آهي. انھيءَ چرچ کي مقامي ماڻھو جن جي ٻولي جرمن آهن. اهي Hof kirehe هوفڪرڪي سڏيندا آهن ۽ جن جي ٻولي سئيز جرمن يعنيٰ پنجابي ۽ سنڌي ٻولين جي گڏيل صورت سرائيڪي وانگر آهي، اهي ماڻھو انھيءَ چرچ کي Hof chile هو فڪائيل سڏيندا آهن، لوئن پلازا جي ڀر ۾ ٺھيل پارڪ ۾ هڪڙي مئل شينهن جو مجسمو سجائي رکيل آهي، جنھن کي سوئيزرلينڊ جي انهن شھيدسوين محافظن جي ياد گار طور اتي سجايو ويو آهي، جيڪي سن 1792ع ۾ فرانس ۾ برپا ٿيل انقلاب دؤران ، فرينچ انقلابين طرفان پئرس ۾ شاهي محل تي ڪيل حملي دؤران اتي ماريا ويا هئا. سوئيز ميوزم آف ٽرانسپورٽ به هن شھر لُوسرن ۾ قائم آهي، جنھن ۾ سفر جي سمورن وسيلن ۾ ڪم ايندڙ لوڪو مو ٽِوِزِ ريل گاڏيون، جيپون، موٽر ڪارون، بحري ٻيڙا، ٻيڙيون، آگبوٽ وغيره ۽ مختلمف قسمن جا هوائي جھاز نمائش لاءِ سنواري ۽ سينگاري رکيل آهن. ميوزيم آف ٽرانسپورت شھر جي اتر اوڀر ڀاڱي ۾ موجود ڍنڍ جي ڀرسان ٺھيل آهي، لُوسرن شھر وارو ڪلچر اينڊ ڪنوينشن سينٽر شھر جي وچ ۾ موجود ڍنڍ جي ڀر ۾ ئي اڏيل آهي. انھيءَ جي اڏاوت جو نقشو هڪڙي انجنيئر نالي جين نووَل تيار ڪيو هو. هن ثقافتي مرڪز ۾ ٺھيل ڪنسرٽ هال دنيا جي انھن وڏن ڪنسرٽ هالن مان هڪڙو آهي، جنھن ۾ ٻُڌَندڙَن لاءِ اسپيڪرن کانسواءِ هڪ عجيب ۽ نھايت نرالو سٽم ٺاهيو ويو آهي، تنھن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Acoustics اَڪُوسِ ٽِڪِس چئجي ٿو، انھيءَ هال ۾ موجود ٻڌڻ جو اهو نظام مشھور انجنيئر رُسل جانِسَن ٺاهيو هو، اسان دنيا جو هي حَسين تَرين شھر ڏسڻ بعد, سوئيزرلينڊ جي ٻي هڪ جنت جهڙي شھر انٽرليڪن ڏانھن روانا ٿي وياسين. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ هن جهڙو خوبصورت شھر ٻيو ڪو نه ڏٺوآهي، انٽرليڪن لُوسرن کان گهڻو پري ڪونھي.
اسان پنھنجي گاڏيءَ ۾ هلندا وڃي رهيا آهيون. ٿورِي ٿوري برسات به وسي رهي آهي! اسان هڪ هنڌ گاڏي روڪي گاڏيءَ ۾ پئٽرول وجھايو ۽ هڪ هوٽل ۾ چانھه به پيتي ۽ ڪجهه دير آرام ڪري، پوءِ هلندا هلندا وڃي انٽرليڪِن پهتاسين سُوئيزرلينڊ جو هي ننڍڙو شھر نھايت دلڪش ۽ قدرتي نظارن جي حسن سان بيحد مالامال آهي، جنھن کي ٻن طرفن کان شفاق پاڻيءَ سان ڀريل قدرتي ڍنڍون هڪڙي ٿن Thun ۽ ٻي برِينز Brienz موجود آهن،
جيڪي بيحد خوبصورت پھاڙي ٽڪرين سان گهيريل آهن. انھن ٽڪرين جي سلسلي مان برساتي پاڻي وهندو، انھن ڍنڍن ۾ آبشارن جي صورت ۾ داخل پيو ٿئي، اسان هت ڪافي فوٽو ۽ فلم ڀري، ڏاڍو دلڪش نظارو آهي! انھن ڍنڍن جي چوڌاريءَ توڙي پر ڀرو ڪيتريون ئي تفريحِي پھاڙي چوٽيون موجود آهن. هتي عام سياحن کانسواءِ ڪيترائي عالمي اديب شاعر ۽ مصور خُصُوصي طور اچي رهندا آهن، ۽ قدرتي سونھن مان لطف اندوز ٿيندا ۽ سڪون حاصل ڪندا آهن، انٽرليڪن شھر ۾ سياري توڙي اونھاري ۾ سڪون، تفريح ۽ لطف اَندوزيءَ لاءِ سدائين ماحول سازگار هوندو آهي. اونھاري ۾ هتي جي جابلو ٽڪرين ۽ چوٽين جو سلسلو ڪوهه پيمائن ۽ مھم جو ماڻھن لاءِ بيحد پرڪشش ٿي پوندو آهي، ته سياري ۾ وري برف تي ترڪڻ واري راند کيڏندڙ نوجوانن لاءِ لُطفُ اندوزِ ماحول موجود هوندو آهي، اسان انھيءَ بھاري وارن نظارن کي ڏسندي ئي شايد پُورا ٿي وڃون! حاصل ڪلام، انٽرليڪن شھر سڄو سال سياحن ۽ سيلانين سان ڀريل رهندو آهي، ڇو ته هتان کان ٻين ويجھن شھرن، جهڙوڪ لُوسرن، برن ۽ ٿُن وغيره ڏانھن هر وقت گهمڻ ڦرڻ وڃي سگهجي ٿو، انھن سڀني شھرن جي وچم سيلاني سدائين پيا، ايندا ۽ ويندا آهن شھر جي واپاري مرڪز ۽ شھر جي اڀرندي ڇيڙهي يا ڀاڱي کي ملائيندڙ هڪڙو چھل قدميءَ، گهمڻ ڦرڻ ۽ وڙڪڻ لاءِ خصوصي طور تعمير ڪيل رستو آهي، جتي سيلاني سدائين پنڌ ۾ هوندا آهن، ته ڪٿي ويھي ٿڪ ڀڃندا ۽ ڪجهه کائيندا پيئندا آهن پسار ڪرڻ واري هن سڙڪ تان پري پري تائين پهاڙي وادين جا نظارا بيحد دلڪش ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. هن شھر ۾ واچن يا گهڙين جو واپار وڏي پئماني تي ٿئي ٿو.
انٽرليڪن شھر سُوئيزَرلينڊ جي مرڪز ي علائقي نالي برينز آبرلينڊ Brienz Oberland۾ واقع آهي، ۽ سمنڊ جي سطح، کان 568 ميٽر يعنيٰ 1863 فٽ مٿي آهي، جڏهن ته اسان وٽ به دادو ضلعي ۾ ڪُتي جي قبر واري پَهاڙي ڇھه هزار فٽن کان به مٿي آهي، پر رستو نه هئڻ ڪري اهو جهڙوڪر آهي ئي ڪو نه! هن شھر جي ڀر ۾ انٽرنسين Unter seen شھر ۽ Boenigen بوئينجن نالي هڪڙو ڳوٺ به موجود آهي، سوئيزرلينڊ اندر اولھه اُتر يا ڏکڻ طرفن کان Loetschi berg tunnal لوئيٽيڪ برگ ٽيونل وسيلي 6 اي شاهي رستي تي سفر ڪندي اسپيز Spiez شھر ڏانھن اڳتي اچي توهان ٽيونل مان انٽرليڪن شھر جي الھندي پاسي وٽ ٻاهر نڪري ايندا ۽ جيڪڏهن شھر ڏانھن اڀرندي طرف کان ايندا ته توهان 8 اي هائي وي تي سفر ڪندا Bhunig برونگ، Sustan سسٽَن ۽ Girmsil گِرِمسِل پھاڙي لڪن مان لنگهي اچي انٽرليڪن شھر ۾ اڀرندي پاسي کان داخل ٿيندا.
سن 2018ع جي ڊسمبر مھيني ۾ ٿيل آدمشماريء موجب شھر ۾ 5610 ماڻھو رهندڙ هئا، سن 2010ع ۾ شھر ۾ رهندڙ 26 ڏهائي 4 سيڪڙو پرڏيھي ماڻھو به رهندڙ هئا، سن 2000ع کان 2010ع تائين ڏهن سالن دوران آدمشماريءَ ۾ 5 ڏهائي 3 سيڪڙو تبديلي آئي، 8 ڏهائي 2 سيڪڙو ماڻھو هتان لڏي ويا ۽ ڄمڻ ۽ مرڻ جو سيڪڙو هڪ ڏهائي نَوَ هو، سَن 2003ع ۾ انٽرليڪن شھر ۾ سراسري طور هڪ فِليٽ جي ماهوار مسواڙ 1013 ڏهائي 98 سُوئيز سڪو فرانڪ هئي، جيڪا انھيءَ وقت 810 آمريڪي ڊالرن، 460 برطانوي پائونڊن ۽ 650 يورپيئن سِڪي ”يورو“ جي برابر هئي. هڪ ڪمري واري فليٽ جي ماهوار مسواڙ 642 ڏهائي 58 فراڪ 510 آمريڪي ڊالر، فليٽ جي ماهوار مسواڙ 741 ڏهائي 20 فِرانِڪ 590 آمريڪي ڊالر، 330 برطانوي پائونڊ ۽ 470 يورو هئي، ٽن ڪمرن واري فليٽ جي مسواڙ 945 ڏهائي 28 سُوئيز فِرانَڪ، 760 آمريڪي ڊالر، 430 برطانوي پائونڊ، 600 يورو هئي، سن 2015ع ۾ اِنٽر ليڪن جي هوٽلن ۾ 710116 ماڻھو ترسيا هئا، انھن ۾ پرڏيھي مسافرن جو تعداد 82 ڏهائي 2 سيڪڙو هو، سن 2017ع ۾ 27 بين الاقوامي معيار جون هوٽلون ٺھيل هيون، جن ۾ ڪُل 1599 ڪمرا موجود هئا. سن 2000ع ۾ ڄاڻائيل انٽرليڪن شھر جي آباديءَ ۾ 1139 ماڻھو يعني ڪُل آباديءَ جو 22 ڏهائي 3 سيڪڙو ماڻھو رو من ڪيٿولڪ عيسائي مذهب جي فرقي ۾ شامل هئا، جڏهن ته 2873 ماڻھو عيسائي مذهب جي سُؤئِيزِ رفارمڊ چرچ واري فرقي ۾ شامل هئا، شھر جا 83 باشندا عيسائي مذهب جي آرٿو ڊاڪِس چرچ واري فُرقي ۾ شامل هئا، اتي رهندڙ چار ڄڻا اهڙا به هئا، جن جو واسطو عيسائي مذهب جي اڃا هڪ مُختلفِ ڪرسچَن ڪيٿولڪ چرچ فرقي سان هو، شھر جي 374 ماڻھن جو واسطو مٿي ڄاڻايل عيسائي فرقي سان هو، انٽرليڪن شھر ۾ ٽي ماڻھو يھودي مذهب جا پيروڪار آهن. هتي رهندڙ ماڻھن ۾ 170 باشدا مسلمان آهن، 29 ٻڌمت جا پيروڪار،43 هندو، 342 ماڻھن جو ڪنھن به مذهب سان واسطو ڪونه هو. پر شھر ۾ رهندڙ 235 ماڻھن مذهب بابت سوال جو جواب ئي ڪونه ڏنو ۽ مذهب جو پُڇين ته چُپ ٿي ويندا آهن.
انٽرليڪن شھر، ان جي آسپاس موجود ڪيترن ئي ننڍن وڏن شھرن ۽ تفريحي وادين ۾ سير ۽ تفريح کي آسان بنائيندڙ بنياد يا مرڪز واري حيثيت جو حامل شھر آهي. جھڙوڪ جُنگفرائُو ريجن ۾ موجود حسين پهاڙي واديون ۽ چوٽيون موجود آهي. جُنگفرائُو ٽڪري 13642 فوٽ اوچي آهي. مونڪ ٽڪري 13474 فوٽ اوچي آهي ۽ ايگر نالي خوبصورت پھاڙي 13015 فوٽ اوچي آهي. هنن پھاڙي چوٽين تي فقط ڪوهه پيما نوجوان وڃي سگهن ٿا. البت عام سَياحَن کي سير ڪرائڻ لاءِ، جُنگِفرائُو ۽ مونڪ چوٽين جي آسان ماڳن تائين ريل گاڏيءَ جي پٽڙي وڇائي وئي آهي. اها ريل گاڏي سمنڊ جي سطح کان 11332 فوٽ اوچائي تي يعني سڄي يورپ ۾ سڀني کان مٿي سير ڪرائيندڙ ريل آهي. اسان به خيال ڪيو ته ان ۾ چڙهون، پر مِنا جواب ڏنو پوءِ اسان ب چُپ ٿي وياسين. ريل صفا سڌي مٿي ٿي وئي، ماڻھو کي ڏسندي ئي حيرت ٿي ٿي انٽرليڪن شھر جي اتر طرف هارڊر ڪُلم Harder kulm پھاڙي چوٽِين جو سلسلو 4334 فوٽ اوچائي جو حامل ۽ شھر جي ڏکڻ ۾ موجود اسڪائي نائيگ پلاٽي Schynige platte پهاڙيون 6453 فوٽ اُچيُون آهن. انهن ٽڪرين ۾ پڻ ريلوي لائين وڇايل آهي ۽ ريل گاڏي عام سياحن کي گھمائڻ لاءِ موجود آهي. تُن ۽ بِرينز ٻئي ڍنڍون شھر سان ڳنڍيل آهن ۽ Aare آري درياه شھر منجھان ئي وهندڙ آهي. اُن جو وهڪرو اوڀر کان اولهه طرف جاري آهي ۽ ڍَنڍُن ۽ درياه ۾ ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ سياحن جو وتِيرو آهي. برينزڍنڍ جي ڪناري تي سير واري ريل گاڏيءَ لاءِ ٺھيل Brienz Rothorn Railway برينز روٿورن ريلوي ٺھيل آهي، جنھن تي هلندڙ ريل گاڏيءَ کي ڇڪيندڙ ٻاڦ تي هلندڙ ريلوي انجڻ استعمال پئي ٿئي. شھر جي ڏکڻ طرف جُنگفرائو پارڪ، عاليشان تقريحي ماڳ آهي، جيڪو اصل ۾ مشھور اديب Erich Von Daniken ايرڪ وون ڊينيڪن جي ملڪيت هو. تنهن اهو تعمير ڪرائي ان تي مِسٽري پارڪ Mystery نالو رکيو هو. مالي مشڪلات سبب هن پارڪ کي سن 2006ع ۾ عوام لاءِ بند ڪيو ويو هو. پر موجود شڪل ۾ اهو سن 2009ع ۾ وري عوام لاءِ کوليو ويو. انٽر ليڪن شھر ۾ سياحن کي وندرائڻ، گھمائڻ ۽ ڦيرائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪمپنيون موجود آهن، جيڪي اسڪائي ڊائونگ، ڪينيننگ، هينگ گلائيڊ نگ ۽ جي پيزاگلائيڊنگ يعني برفاني وادين ۾ ٿيندڙ مختلف راندين کيڏڻ ۾ سياحن جي رهبري ڪنديون آهن. اسان هت هوٽل تي ماني کاڌي، جيڪا سوئيز روايتي کاڌو هو. کاڌو تمام لذيذ هو، پر مهانگو به ڏاڍو هو. سوئيزرلينڊ، سينگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ٽوڪيو اڄڪلھه دنيا جا مهانگا ترين شهر آهن. تنهن ڪري اڄڪلهه دنيا جا وڏي تعداد ۾ سياح باڪو، استنبول، بئنڪاڪ ۽ دبئي وڃن، پر دبئي ۽ استنبول به هاڻ ڪافي مھانگا ٿي ويا آهن. اسان جي رهائش جيئن ته زيورڪ شھر ۾ هئي، تنهن ڪري شام جو واپس زيورڪ روانا ٿي وياسين. يورپ جي ملڪن ۾ ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿين. تنھنڪري ڪڏهن پنجين بجي رات ٿيو وڃي، ته ڪڏهن رات جو صفا روشني پئي محسوس ٿئي، يورپ جي ملڪن پنھنجي روڊ رستن ۽ شھرن کي به انھن روشنين سان اهڙي ته سھڻي نموني سينگاري سنواري ڇڏيو آهي. جو هڪ ئي ڌرتيءَ تي غريب ملڪن ۽ امير ملڪن کي ڏسيو ماڻھو دنگ رهجيو وڃي.!
اڄ جي سوئيزرلينڊ، جيڪا سڄي دنيا جي سياحن جو مرڪز ٿي پئي آهي، ان جي ابتدا پھريائين سوئيزرلينڊ برطانوي ڪوهه پيمائن، بِرنيز اَيلپِس جبلن جون مکيه چوٽيون اوڻھين عيسوي صديءَ جي اوائل ۾ سَر ڪرڻ ساڻ ڪئي هئي. پھرين جنگفرائو نالي بَرطانِوي ڪوه پيما، سن 1811ع ۾ ۽ پوءِ فنسٽ يراهارن سن 1812ع ۾ ايلپِس جبلن جي بِرينز وارين برفاني ٽڪرين کي سَرڪَيو هو. سن 1857ع ۾ ”الپائين“ ڪلب نالي لنڊن شھر ۾ ڪوه پيمائن جي هڪ منڊليءَ جو قيام عمل ۾ آيو اوڻيھين عيسوي صديء جي پڇاڙي ۽ ويھين صديءَ جي شروعات ۾ اَيلپِس جبلن جي سُوئيزرلينڊ وارين بِرينز ِ پھاڙي وادين ۾ ٻن نھايت صحت افزا ماڳن اڍيوش ۽ گرائو بُنڊن تي صحت جي بحالي خاطر هوا بدلائڻ لاءِ بيحد پُرسِڪُونِ ۽ روح افزا رِسرٽ/ ريسٽ هائوس تيار ڪيا ويا. برطانيه جي ڪوهه پيمائن ۾ سوئيوزلينڊ جي برينزايلپس واديءَ جي هاڪ سبب برينز آبرلينڊ وارو علائقو خصوصي طرح عاليشان سياحتي / تفريحي علائقي طور مشھوري ماڻڻ لڳو. ميرنجن وارن ريچنباخ آبشارن يورپ جي ادبي حلقن ۾ تڏهن شھرت ماڻي، جڏهن سر ارٿر ڪونن ڊائيل سندس 1893ع ۾ لکيل ناول ۾ ڄاڻيو ته ناول جي هيرو شرلاڪ هومز جو موت انھن آبشارن وٽ ٿيو هو.
سڀ کان پھرين باقاعدي منظم انداز ۾ سوئيزرلينڊ جي سير ۽ تفريح لاءِ بندوبست ۽ شروعات اوڻيھين صدي دوران 1- ٿامس ڪُڪ ۽ 2 – لُن Lunn نالي ٽريول ايجنسين ڪئي هئي. ٿامس ڪُڪ ڪمپني هاڻ دنيا اندر سياحت جو وڏو نالو ٿي وئي آهي. سوئيزرلينڊ وارن اوچن جبلن جي سير ۽ تفريح لاءِ وڇايل جُنگفرائو ريل جي پٽڙي، پھاڙي سير جو مکيه وسيلو آهي. انھيءَ ريلوي لائين تي تعمير ڪيل جنگفرائو جوڪ Jungfraujoch نالي ريلوي اسٽيشن سڄي يورپ ۾ سڀني کان وڌيڪ اوچائي 11332 فوٽن تي اڏيل آهي. هن پھاڙي تفريحي علائقي ۾ ايندڙ سياحن جو سراسري تعداد، جرمن سياح 16 ڏهائي 5 سيڪڙو، برطانوي سياح 6 ڏهائي 3 سيڪڙو ، آمريڪي سياح 4 ڏهائي 8 سيڪڙو، فرينچ سياح 3 ڏهائي 6 سيڪڙو ۽ اٽليءَ جا سياح 3 سيڪڙو ايندا آهن ۽ اسان جھڙا سياح ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ايندو آهي. سوئيزرلينڊ جي قومي آمدني ۾ سياحت جي شعبي طرفان شامل ڪيل ناڻو اٽڪل 15 ارب سوئيز فرانَڪن جي برابر آهي. جيڪو سن 2010ع جي شماريات موجب قومي آمدنيءَ جو 2 ڏهائي 9 سيڪڙو هو. سوئيزرلينڊ گهمڻ اينِدڙ گهڻي ۾ گهڻا سياح Rhine Falls رهائن آبشار جو سير ڪن ٿا. انھن کان ٿوري گھٽ تعداد ۾ Burne Bear Exhibit برني بِيئرنمائشن جو سير ڪندا آهن. هنن ٻنھي ماڳن جي سير لاءِ ڪابه ٽڪيٽ يا مخصوص محصول مقرر ڪونھي سوئيزرلينڊ جي معشيت دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ فري مارڪيٽ تي مشتمل معاشي نظامن مان هڪڙو معاشي نظام آهي. ملڪ جي خدمتن واري شعبي ۾ مکه ڪردار جا حامل، ملڪ ۾ رائج بينڪاري نظام ۽ سياحت وارو شعبو آهي سن 2015ع جي گِلوبَل انوويشن انڊيڪس موجب سن 2017 واري گلوبل ڪامپٽيٽونيس رپورٽ موجب سوئيزرلينڊ جي معاشيات دنيا جي پھرين رينڪ يا درجي جي حامل آهي. ۽ هي ملڪ سنڌ کان به ايراضي ۽ آدمشماري ۾ ننڍو آهي. سن 2016ع واري اقوامتحده جي ڊيٽا موجب ليچٽينسٽين Liechtenstein ۽ بگسمبرگ کانپوءِ سوئيزرلينڊ دنيا ۾ ٽيون نمبر شاهوڪار ملڪ آهي جيڪو ڌرتيءَ تي خشڪيءَ سان گھريل ملڪ آهي. يعني Land Locked ملڪ آهي جيئن پاڻ وٽ افغانستان ۽ نيپال آهن. لگسمبرگ، ناروي ۽ سوئيزرلينڊ ٽي اهڙا ملڪ آهن جن جي في ڪس سالياني آمدني ستر هزار آمريڪي ڊالرن کان مٿي آهي. ۽ اهي نڪي ٻيٽن تي مشتمل رياستون آهن. ۽ نه ئي ڪي اڌڙوٽ رياستون آهن. سوئيزرلينڊ هڪ وفاقي رياست طور سن 1848ع ۾ قائم ڪيو ويو. انهيءَ کان اڳ سوئيزرلينڊ جا ٻه شھر 1-زيورڪ ۽ 2-باسل صنعتي ۽ تجارتي بنيادن تي معاشي طور ترقي ڪرڻ لڳا. سوئيزرلينڊ جي ٻھراڙيءَ وارا علائقا غُربَتَ جو شڪار ۽ معاشي طور پٺتي پيل رهيا. اوائلي جديد دؤر ۾ سوئيزرلينڊ ۾ ورڪشاپ سسٽم عمل ۾ آندو ويو. ۽ سينٽ گالن شھر ۾ مختلف قسم جي هلڪي ۽ ڇوٽي مشينري سن 1801ع ۾ ٺھڻ لڳي ۽ گُهربَلَ وڏي مشينري برطانيه مان گھرائي وئي. مناسب مقدار ۾ جلائو ڪوئلي جي موجودگيءَ نه هجڻ سبب انھيءَ دؤر ۾ سوئيزرلينڊ ۾ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻين جو استعمال ڪونه ٿيندو هو. ڪارخانن ۾ ٻين هنڌن تي استعمال ٿيندڙ مشنيون ۽ انجڻيون پاڻي جي وهڪري واري توانائي تي هلايون وينديون هيون، جيئن پاڻ وٽ ڊيمن ذريعي توانائي حاصل ڪجي ٿي. سن 1814ع ڌاري هٿ سان ڪپڙو اُڻڻ وارا آڏاڻا گھڻو ڪري هٿرادي توانائي سان هلڻ ۽ اُڻڻ لڳا. تقريباً ساڳئي دؤر ۾ سياحت ۽ بينڪاري نظام باقاعده معاشياتي عناصر طور معروضي طور ترقي ڪرڻ لڳا. انھيءَ وقت تائين سوئيزرلينڊ ملڪ بنيادي طور تي گھڻو ڪري ٻھراِڙيءَ ۾ رهندڙ آباديءَ وارو ملڪ هو، جنھن ۾ ڪي وڏا شھر ته هُئائي ڪونه اوڻيھيئن عيسوي صديءَ جي آخري ڀاڱي دؤران ڪجھه ننڍن شھرن ۾ صنعتون قائم ٿيون. جن ۾ اڪثريت ڪپڙي جي ڪارخانن جي هئي. اهڙي طرح شھرن جي آبادي ۽ معاشي سرگرميءَ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. مثلاً باسل شھر ۾ گھڻو ڪري ڪپڙو ٺاهڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا ويا، جن مان ڪن ۾ ريشمي ڪپڙو به ٺھندو هو. سن 1888ع ۾ شھرن جي ڪارخانن ۽ گھرن ۾ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ 44 سيڪڙو عورتون هيون. عورت مزدورن جي ڪُل تعداد جو اڌ ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندو هو ۽ انھن جو باقي اڌ تعداد گھرن ۾ مزوري ڪندو هو . اقتصاديات جي ماهرن ڄاڻايو آهي. ته سن 1890ع ۽ 1910ع جي وچ واري عرصي دؤران عورتن جو تناسب وڌيڪ هو. سوئيزرلينڊ ۾ صنعتي ترقيءَ ۾ ريلوي نظام مکيه ڪردار ادا ڪيو. ملڪ ۾ پهھرين ريل گاڏين جي پٽڙي سن 1848ع ۾ زيورڪ ۽ بيڊن شھرن جي وچ ۾ وڇائي وئي. ريل جون پٽڙيون وڇائيندڙ خانگي ڪَمپَنِينِ ۾ چٽا ڀيٽيءَ سبب سوئيزرلينڊ ۾ سن 1860ع تائين هڪ هزار ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ مفاصلي تي ريل جون پٽڙيون وڇايون ويون. لائسر فيئر صعنتي / تجارتي پاليسي تحت اوڻيھيئن عيسوي صديءَ ۾ سوئيزرلينڊ ۾ صنعتي شعبي ترقي ڪرڻ شروع ڪئي، ته اهو يورپ جي تمام خوشحال قومن / ملڪن مان هڪڙو ڳڻجڻ لڳو. سندس خوش حاليءَ کي معاشيات جا ماهر سوئيزرلينڊ اقتصادي ڪرشمو پڻ قرار ڏيڻ لڳا. انھيءَ کانسواءِ سوئيزرلينڊ جي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ ۾ عالمي لڙائين دؤران عسڪري سازو سامان جي تجارت به هڪڙو مثبت ڪردار ادا ڪيو. چون ٿا ته ٻنھي عالمي جنگين ۾ غير جانبدار ملڪ هئڻ ڪري، سڄي دنيا جي جرنلن پنھنجا پئسا اچي هن ملڪ جي بَينڪن ۾ لڪائي رکيا. ۽ انھن جي اڪثريت جنگين ۾ مري وئي ۽ انھيءَ لاوارث ملڪيت سوئيزرلينڊ جي ترقيءَ کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا. ملڪ ۾ جيڪا توانائي جي کپت سن 1910ع جي وچ کان 1920ع جي وچ واري عرصي ۾ گھٽجي رهي هئي. انھيءَ ۾ 1920ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ وڌارو چالو ٿي ويو. پر توانائيءَ جو کاپو سن 1930ع واري ڏهاڪي دؤران رڪجي ويو ۽ 1940ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ گھٽجڻ لڳو ۽ نيٺ سال 1940ع واري ڏهاڪي جي وچ کان وٺي ملڪ ۾ توانائي جو استعمال تيزيءَ سان وڌڻ لڳو. سن 1940ع واري ڏهاڪي جي پھرين اڌ يعني ٻي عالمي جنگ دؤران جرمني، فرانس، برطانيه، اٽلي ۽ ٻين يورپي ملڪن کي پنھنجا تيار ڪيل هٿيار وڪرو ڪري وڏو فائدو حاصل ڪري خوب ترقي ڪئي. انھيءَ جنگ دؤران سوئيزرلينڊ عملي طور جنگ ۾ شامل ڪونه هو. پر جنگ ۾ مُلوث ٻنھي مکيه ڌرين يعني اتحادين ۽ انھن سان مقابلو ڪندڙ ايڪسز پاورس سان هٿيارن جي رسد جي سلسلي ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون ڪرڻ سبب اتحادي ڌرين طرفان سوئيزرلينڊ تي مسلسل ڇِتِي تنقيد به ٿيندي رهي ۽ جنگ جي آخري ايام ۾ مختصر وقت لاءِ کيس. عالمي طور تي سياسي تنھائي جو به شڪار ٿيڻو پيو، پر سندس صعنتي پيداوار ۾ ڪابه گھٽتائي ڪانه ٿي. تنھنڪري جنگ جي خاتمي شرط سوئيزرلينڊ جي آمدني واپار توڙي روانگي واپار ۾ مسلسل واڌارو چالو ٿي ويو. سن 1950ع واري ڏهاڪي دؤران، پيداواري صلاحيت ۾ 5 سيڪڙو واڌارو ٿيو ۽ ڪوئلي جي ڀيٽ ۾ صنعتي ادارن ۽ عام زندگيءَ ۾ ڪروڊ تيل ، صاف تيل، قدرتي ۽ صاف ٿيل ٻارڻ واري گئس جو استعمال وڌيڪ ٿيڻ لڳو. سن 1960ع واري ڏهاڪي دؤران G.D.P ۾ چار سيڪڙو اضافو ٿيو. پر صنعتي شعبي ۾ واڌاري سبب تيل واري ٻارڻ جو استعمال ٻيڻو ٿي ويو. سن 1970ع واريء ڏهاڪي دؤران G.D.P ۾ 6 ڏهائي پنج سيڪڙي کان ڪجُھه گھٽتائي ٿي، پر سن 1975ع ۽ 1976ع ۾ قومي پيداوار ۾ 7 ڏهائي 5 سيڪڙو واڌارو ٿيو. انھيءَ دؤران ٻارڻ واري تيل جي گھرج وڌي وئي، جنهن جو پورائو تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم ۾ شامل ملڪن کان گھرائي ٿيڻ لڳو. سن 1973ع کان 1978ع تائين تيل جي عالمي بحران واري عرصي ۾ سوئيزرلينڊ ۾ تيل جي کوٽ رهي. انھيءَ وقت عرب ملڪن، آمريڪا ۽ يورپ کي تيل وڪڻن بند ڪري ڇڏيو هو. تنھنڪري سن 1974ع ۾ ملڪي سطح تي ٽي آچار وارا ڏينھن ڪار فري قرار ڏئي گذاريا ويا. انھن ٽن آچار جي ڏينھن دؤران، سڄي ملڪ ۾ خانگي ٽرانسپورٽ مڪمل طور ڪو نه هلائي وئي، سن 1977ع کان قومي پيداوار وري وڌڻ شروع ڪيو. آمريڪا تيل بند ڪرڻ وارن مُک ليڊرن ڀُٽي ۽ شاهه فيصل کي يا ته مارائي ڇڏيو يا سندن حڪومت ختم ڪرائي ڇڏي سن 1970ع ۾ ملڪ ۾ مزدورن جي ڪُل تعداد جو 46 سيڪڙو صنعتي مزدور هو. جڏهن ته ساڳئي ڏهاڪي دؤران خدمتن واري شعبي سان وابسته مزدور ملازم قومي اقتصاديت ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. ملڪي آدمشماريءَ جو 17 ڏهائي 2 سيڪڙو مزدوري/ ملازمت ڪندڙ هو. مُلڪَ ۾ انھيءَ دؤران ورڪ فورس جو 25 سيڪڙو پرڏيھي ماڻھن تي مشتمل هو. سن 1980ع واري ڏهاڪي دؤران، قومي آمدني ۽ پيداوار ۾ گھٽتائي ۽ واڌارو لڳاتار ٿيندا رهيا ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ به سڄي اولھه يورپ ۾ پيدوار ۽ ترقيءَ جي شرح تمام گھٽ رهي، تنھنجو اثرسوئيزرلينڊ جي معشيت تي پڻ پيو. سوئيزرلينڊ جي واچن گھڙين جو واپار قومي معشيت ۾ اهم ڪردار جو حامِل آهي. دوا سازيءَ جي صنعت به قومي معشيت ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندڙ صعنت آهي. يورپيئن يونين جا اتحادي ملڪ زرعي شعبي ۾ آبادگارن کي 35 سيڪڙو سَبسيڊِي يعني امدادي رقم ڏين ٿا، پر پاڪستان ۾ IMF ۽ ٻيا قرض ڏيڻ وارا ملڪ زراعت لاءِ سبسڊي ڏيڻ جي خلاف آهن، انھيءَ جي ڀيٽ ۾ سوئيزرلينڊ جو ملڪ سندس آبادگارن کي 70 سيڪڙو امدادي رقم ڏيندو آهي. مثال طور سن 2007ع ۾ سوئيزرلينڊ سرڪار امدادي رقم 63 مليئن سُوئيز فرانڪن مان وڌائي چوڏهن ارب سوئيز فرانڪ ڏني سوئيزرلينڊ ۾ سير تفريح ۽ وندر ورُونھن لاءِ نھايت اعليٰ قسم جو بندوبست ڪيو ويو آهي. خصوصي، طور سوئيزرلينڊ پھاڙي وادين ۾ سياحت واسطي عاليشان انفرا اسٽرڪچر جوڙيو ويوآهي، جنهن سان تفريحي ماڳن ۽ شھرن کي خوش اسلوبيءَ سان ڳنڍيو ويو آهي، تنهن ڪري سيلاني ۽ سياح پنھنجي مرضيءَ ۽ آزاديءَ سان گھمي ڦري آسانيءَ سان ڪنھن به وقت واپس پنھنجي مھمان سرا واري شھر ۾ پھچي وڃن ٿا. انھن شھرن ۾ سياحت لاءِ گھربل رهبريءَ لاءِ به خدمتگار موجود آهن. سوئيزرلينڊ جي ملڪ ۾ عالمي معيار جي هوٽلن جو ڄڻ ته ڄار وڇايو پيو آهي گريسن واري علائقي ۾ هوٽلن جو 14 سيڪڙو ويلائس ۽ اوڀر سوئيزرلينڊ ۾ ٻارهن سيڪڙو، ملڪ جي وچ واري ڀاڱي ۾ يارهن سيڪڙو ۽ بِرينز آبرلينڊ واري علائقي ۾ 9 سيڪڙو هوٽلون موجود آهن. ملڪ ۾ 56 ڏهائي 4 سيڪڙو راتيون رهندڙ پرڏيھي سيلاني ۽ سياح هئا، انُھن ۾ 16 ڏهائي 5 سيڪڙو جرمنيءَ جا باشندا، 6 ڏهائي 6 سيڪڙو فرانس جا ماڻھو ۽ ٽي سيڪڙو سيلاني اٽليءَ جا هئا.. عبدالحئي پليجو مومل پيلجو ۽نور محمد ڄڻ ته ان ڳڻپ ۾ شامل ئي ڪونه هئا. سن 2010ع جي شمارايات موجب سياحت واري شعبي اٽڪل پندرهن ارب سوئيز فرانڪ ڪمايا هئا. سياحت واري شعبي ۾ ملازمن جو تعداد 838 144 هو. سن 2010ع ۾ سوئيزرلينڊ جي G.D.P 55 ڏهائي 57 ارب سوئيز فرانڪ هو. تنھن ۾ سياحت واري شعبي جي ڪمائي 2 ڏهائي 9 سيڪڙو طور شامل هُئي آئون ڪوشش ڪندو آهيان، ته دنيا جي ملڪن جي ماڳ مڪانن ۽ تفريحي جڳھين سان گڏ انھيءَ ملڪ جي ادب جي باري ۾ به پنھنجي پڙهندڙن کي ڪجھه ٻُڌائيندو هلان. سو مون هن کان اڳ، پنهنجي ڪتاب ”لنڊن جا ڏينھن، اسڪاٽ لينِڊ جون راتيون“ ۽ اِستَنبول جي سفر نامي ۾ اسڪاٽش ادب ۽ ترڪ ادب جي باري ۾ تفصيل سان لکيو. سو هينئر به سوچيم ته توهان کي سوئيزرلينڊ جي ادب ۽ اديبن جي باري ۾ ڪجھه ڄاڻ شيئر ڪريان، جيڪو احوال ڪجھه هن ريت آهي.

3

سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ يورپ جون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، پر انھن مان فِرينچ، اٽيليئن، جرمن ۽ رومنسڪِ يعني رومي، هي چار ٻوليون گھڻو ڳالھايون وڃن ٿيون ۽ عموماً لکپڙهه ۽علم ادب ۾ به اهي چار ٻوليون ڪم آنديون وڃن ٿيون. جيئن پاڻ وٽ پاڪستان اندر به ڪَنئِين ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. سوئيزرلينڊ رياست جو وفاقي وجود سن 1291ع ۾ عمل ۾ آندو ويو. جنھن ۾ 1798ع تائين فقط چند علائقا شامل ڪيا ويا هئا. انھن کي اڄڪلھه ڪَينٽِونِ آف فرائبرگ Canton of fribourg سڏيو وڃي ٿو. انھن علائقن جا رهواسي گھڻي ڀاڱي جرمن ٻولي ۽ ٿوري ڀاڱي فرنچ ٻولي ڳالھائيندڙ هئا. تنھنڪري ملڪ ۾ تعليم تربيت عام لکپڙهه، توڙي علم ادب ۾ مکيه حيثيت جرمن ٻوليءَ کي حاصل هئي. جيتوڻيڪ فِرينچِ ٻولي به انھيءَ دؤر ۾ برن ۽ انھيءَ جي تَر توڙي آسپاس ۾ سکين ستابن ۽ شوقين افراد ۾ گھڻي ڳالھائي ويندي هئي. پر لکپڙهه ۾ اڃان ڪم ڪانه آندي وئي هئي. سن 1815ع ۾ جڏهن فرينچ ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھن وارن علائقي کي سوئيزرلينڊ جي رياست جي قانون طور علائقن جي حيثيت حاصل ٿي، تڏهن کان وٺي فرينچ ٻوليءَ ۾ به لکپڙهه چالو ٿي پر اٽليئن ٻولي ۽ خصوصي طور روم شهر جي نرالي لحجي واري رومنسڪ ٻوليءَ کي جرمن ۽ فرنيچ ٻولين جيتري حيثيت ۽ اهميت حاصل ٿي ڪانه سگھي، پر عجيب ڳالھه هيءَ به آهي، ته شھري حقن ۽ آزادين جا آڳاٽا دستاويز لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيل هئا. تنھنکان متاثر ٿي 1291ع ۾ سوئيزرلينڊ رياست جي اصل وفاقي جوڙجڪ بابت سرڪاري لکپڙهه اٽليءَ واري لاطيني ٻوليءَ ۾ ڪئي وئي هئي. پر تنھنکانپوءِ وڌيڪ ٻين علائقن جي سوئيزرلينڊ رياست ۾ شموليت بابت ۽ ٻي سموري سرڪاري لکپڙهه جرمن ٻوليءَ ۾ ٿيڻ لڳي. جھڙوڪ رياست جي ڪنفيڊرل ڍانچي 1370ع واري پارسنس آرڊيننس، 1393ع واري سيمپيج آرڊيننس، سن 1481ع واري اِسٽانِس واري عهدنامي ۽ قانونساز اسيمبليءَ جي اجلاسن بابت ۽ موڪلن بابت سموري لکپڙهه جرمن ٻوليءَ ۾ ڪئي پئي ويئي. سياسي توڙي سرڪاري دستاويز ۽ سرڪاري لکپڙهه ت علم ادب جي دائري ۾ شامل ڪري نٿي سگھجي، پر سوئيزرلينڊ رياست جي آڳاٽن سرڪاري دستاويزن کي رياست جو عوام وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهي سمورا دستاويز جرمن ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. سنڌ ۾ انگريزي جا دوستاويز ۽ جيڪا به سرڪاري لکپڙهه هئي، جنھن کي اڄڪلھه گزيٽئر ٿو چئجي، هاڻ سنڌي ادب جو حصو ٿي چڪا آهن. سوئيزرلينڊ ۾ ڏاهپ، سياڻپ توڙي علم ۽ ادب جي تحريڪ به ارڙهين عيسوي صديءَ ۾ چالو ٿي. انھيءَ دؤر ۾ سوئيزرلينڊ جا شھر باسل، بَرن ۽ زيورڪ علمي ادبي سرگرمين جا مرڪز هئا. باسل شھر خصوصي طور ارڙهين عيسوي صديءَ جي عظيم رياضي دان ليون هارڊ يولر 1707 -1783 Leonhard Euler ۽ اينٽورپ. مان آئيل بَرمولي خاندان جي ٽن پناهگير شخصن 1. جيڪب 1705ع – 1654ع 2-سندس ڀاءُ جو هان 1748ع – 1667ع ۽ 3-جوهان جي پٽ ڊينئيل 1782ع – 1700ع کان ته مشھور ٿيو. پر سن 1728ع ۾ پيدا ٿيندڙ عالم ۽ اديب اساڪ آئيسيلن، Isaac Iselin جي ڪارنامن باسل شھر کي دنيا ۾ مشھور ڪيو. هو 1760ع ۾ قائم ڪيل هيلِويٽڪ سوسائٽيHelvetic Society ۽ 1777ع ۾ قائم ڪيل ايڪاناميڪل سوسائٽيEconomical Society قائم ڪندڙ اڳواڻ عالمن مان هڪ هو. هُن 1764ع ۾ تاريخ جي فلسفي تي Geschichte Dee Menschheit عنوان تحت هڪ عاليشان ڪتاب لکيو. انھيءَ کان اڳ هن سن 1755ع ۾ مثالي سياست بابت به هڪڙو ڪتاب لکيو، جنھن جو عنوان. Philosophioche und Patriotische Trumei eines Menmschenfreumdes هو. تنھن کانسواءِ اساڪ آئيسيلن سن 1776ع کان 1782ع جي وچ ۾ Ephemerider Der Menscheit جي عنوان تحت ملڪي ۽ عالمي اقتصاديات متعلق ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا. بَرن شھر جي رهواسي البرٽ وون هالر Albrecht Von Haller کي سائنسي علمن جي ليکڪ طور سڃاتو ويندو هو. پر سندس Die Alpen جي عنوان واري گيت ۽ برن شھر ۽ سوئيزرلينڊ جي پھاڙي تفريح گاهن بابت لکيل سندس سفر نامن ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ سويئزرلينڊ جي پھاڙي تفريح گاهن لاءِ سياحن ۽ سيلانين ۾ تمام گھڻو چاهه پيدا ڪيو، جيئن منھنجي سفر نامن ۽ ڪتاب ”ٻنون ٽُو ٽوڪِيو“ ڪري اسان جي ننڍڙي ڳوٺ ٻني جي به ڪجھه سڃاڻپ ٿي.
برن شھر جو ٻيو عالم اديب Chasles Victor De Bonstetten چارلس وڪٽر ڊي بونسٽيٽن، خوشحال گھراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ آزاد خيال ۽ فرينچ ادب کان متاثر ٿي فرينچ اسٽائيل ۾ لکندڙ اديب هو. برن شهر جو اڃا ٻيو ليکڪ Beat Ludwig Von Muralt (1665ع کان 1749ع) بيٽ لُڊوگ وون ميورالٽ هو. جنھن پنھنجي وطن جي عوام کي ڄاڻ ڏيڻ خاطر يورپ ۽ دنيا جي اهم قومن جي سماجي صورتحال جو ڳوڙهو تجزيو پنھنجي لکڻين ۾ پيش ڪيو.
ائين وري سنڌي ۾ ٻين ٻولين جا ڪئين علمي ادبي مطلب ته هر قسم جا ڪنئين ڪتاب ترجما ڪري مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب کي مالامال ڪري ڇڏيو. شايد ئي ڪو اهڙو موضوع هجي، جنھن جو مرزا قليچ بيگ ترجمو نه ڪيو هجي. ائين ڪري مرزا صاحب سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي.
سن1755ع ۾ Sur les anglaeset les francais عنوان تحت سندس لکيل مضمون سندس مکيه ڪاوش طور ڳڻيا وڃن ٿا. جيئن شيخ اياز سنڌ جي هر ماڳ مڪان کي پنھنجي نثر ۽ نظم ۾ محفوظ ڪيو ۽ اسان جي ڳوٺ ٻني جو ذڪر ڪيو. سيميوئل وٽنباڪ Samuel Wyttenbach (1830ع – 1748ع) برن شھر جو رهاڪو، سير ۽ تفريح جو مون وانگر بي حد شوقين هو. هن پنھنجي ملڪ کي خوب طرح گھمي ڏٺو ۽ پنھنجي سير ۽ سفر جو احوال پنھنجي لکڻين ۾ نھايت خوبصورت انداز ۾ پيش ڪري پنھنجي وطن کي ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ وڏي پذيرائي حاصل ڪرائي. برن جي هڪڙي ٻئي اديب گوٽليب سگمند گريونرَ Gottlieb Sigmund Gruner 1760ع ۾ سوئيزرلينڊ جي برف پوش پھاڙين جي سونھن کي بيحد دِلڪَش انداز ۾ پنھنجي تصنيف ۾ بيان ڪري، سندس همعصر اديب جوهان جارج الٽمانس 1758ع 1677ع Johann Geoeg Altmanns کي اِرادتاً شھه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پڻ سن 1751 ۾ Versuch einer historiscen und phy sischen Beschriebung dee helvetischen Eisgcbirge عنوان تحت تاريخ ۽ طب بابت تاريخي اهميت جي حامل تصنيف تحرير ڪئي هئي. علم جي هڪ ٻئي شعبي سان وابسته عالم اديب البرٽ وون هالر جي پُٽ Gottlieb Emmantiel Von Haleler گوٽليب ايمانٽيل وون هالر(1786ع – 1735ع) سوئيزرلينڊ بابت لکيل تاريخي ڪتابن مقالن ۽ مضمونن جي سلسلي ۾ Bibliothek dee Schwzergeschichte عنوان هيٺ ڇھن جلدن تي مشتمل هڪ نهايت طويل فهرست مرتب ڪئي، تنهن ۾ انھن ڪتابن مقالن ۽ مضمونن جي ليکڪن جو تعارف ۽ انھيءَ سموري مواد تي فڪر انگيز تجزيو لکيو. اهو ڪتاب ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي نِصاب ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اڃا تائين پڙهايو پيو وڃي. اهي ڪتاب مون به سوئيزرلينڊ مان ٻين ڪتابن سان گڏ خريد ڪيا. ارڙهين عيسوي صديءَ ۾ سوئيزرلينڊ جو شھر زيورڪ سوئيزرلينڊ ۾ جرمن ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھن جي ڏاهپ ۽علم ادب جو مکيه مرڪز هو. زيورڪ شھر جي آڳاٽن عظيم علمي ادبي شخصيتن مان هڪڙو جوهان جيڪب اسڪيوڪزر Johamn Jakob Scheuchzer هو، جنھن سڄو سوئيزرلينڊ ملڪ گھمي ڏٺو ۽ انھيءَ سير سفر جو احوال لاطني ٻوليءَ ۾ تمام دلچسپ انداز ۾ قلم بند ڪيو. هو اعليٰ تعليم يافته شخص هو. سندس گھاٽو واسطو علم طبعي جي وڏي ماهر نيوٽن ۽ همعصر انگريز سائنسدانن سان هوندو هو. پر خالص طرح علمي ادبي پھلوءَ جي حوالي سان جي بوڊمر Bodmer J.J ۽ سندس سنگتي جو هان جيڪب بريٽنگر Johamn Jakob Breitimger (1772 1702) سڀني کان وڌيڪ اهميت جا حامل هئا. هنن ٻن دوستن جي گڏيل ڪوشَشِن جرمن ٻوليءَ ۾ ادبي تخليق جو زور ٽوڙيو ۽ ان جي جاءِ تي انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب سرجڻ ۽ سهِيڙڻ بابت جوڳا قدم کنيا ۽ انگريز اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ شيڪپسئر، ملٽن ۽ ٻين جي واکاڻ سان زيورڪ جي ادبي حلقن کي واسي ڇڏيو. هنن سنگتين جي خيالن ۽ خواهش جي اُتي موجود Saxon School جي اڳواڻ اديب گوٽسڪينڊ Gottsched سخت مخالفت ڪئي ۽ هنن جي خلاف منظم تحريڪ هلائي اها تحريڪ سوئيزرلينڊ ۾ جرمن ادب جي تاريخ جو حصو آهي. بوٽمر ۽ بريٽنگر سن 1721ع کان 1723ع جي وچ ۾ گڏجي Discourse Der Mater نالي سان هڪ مخزن يا رسالو شايع ڪرڻ چالو ڪيو، جنھن وسيلي پنھنجي ادبي خيالن ۽ رجحانن بابت ليک لکي پرچار ڪرڻ لڳا. شاعريءَ بابت بوڊمر جو سن 1740ع ۾ لکيل تمام گهڻي اهميت جو حامل ڪتاب Kritische Abhandlung Von dem Wunderbaren in der poesir ۽ سال 1740ع ۾ بريٽنگر جو لکيل ڪتاب Crityische Dichtkunst پڻ اهم ادبي تخليق آهي. سندن اڻٿڪ ڪاوشن، سندن پوين اديبن لاءِ ساڳئي ڏس ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ گھربل رستو هموار ڪيو، جنھن سبب کين مشعل راهه بنائيندڙ اديبن جھڙوڪ ڪلو پسٽاڪ Klopstock وائيلينڊWieland ۽ ليسنگ Lessing وغيره سندن مقصد جي حصول لاءِ جدوجھد جاري رکي. زيورڪ شھر جو ٻيو به هڪڙو دهقاني شاعر نالي سولو مون گيسنر Solomon Gesner ارڙهين صديءَ جو مشھور شاعر ٿي گذريو آهي. زيورڪ شھر ۾ ارِڙهين صديءَ عيسوي دؤران ٻيا به ڪيترائي عالم ۽ اديب پيدا ٿيا، جن ۾ ڪجھه عالمن، فاضلن، شاعرن ۽ تعليمدانن جا نالا هتي درج ڪجن ٿا. جي، ليويٽر JK Lavater ، جنهن کي سائنسدان ليکڪ ليکيو ويندو هو. جي ڪي ايڇ پيسٽالوزي J.H. Pestalozzi 1828 ، هڪ تعليمدان هو. جوهان ڪيسپر Johann Casper Hirzol (1725ع کان 1803ع) هيلوٽيڪ سوسائٽي قائم ڪندڙ عالمن / اديبن مان هڪ هو.
Die Wirthschaft eines Philosophischen Baners جي سري هيٺ هن سن 1761 ۾هڪ اهم ڪتاب لکيو، جوهان جارج سُلرز (1720ع کان 1779ع) جنهن جي مکيه تصنيف Allgemeine Theorie Der Schonen Kumste آرٽ ۽ فنون لطيفه جي اصولن متعلق نھايت اهميت جي حامل ڪاوش آهي. اُهو ڪتاب لکڻ ۾ کيس چار سال لڳي ويا. Johann Georg Zimrnerman جان جارج زِمَرمانِ (1728ع کان 1795ع) پنھنجي تصنيف لکڻ ۾ کيس 28- 29 سال نُور نچوئڻو پيو تنھن جو عنوان هو. Betrachtungen fiber die Einsamkeit منھنجو ڪتاب ”واقعات عالم“ مون ڏهن سالن ۾ لکي پورو ڪيو. زمر مان برگ شھر ۾ ڄائو هو. سندس ڪتاب همعصر ادبي لڏي تي تمام گھرا اثرات مرتب ڪيا. Johannes Von Muller جهانس وون مولر پھريون عالم هو، جنھن سوئيزرلينڊ جي هڪ مستند تاريخ تصنيف ڪئي. J.G.Ebel جي جي ايبل سن 1793ع ۾ سوئيزرلينڊ بابت هڪ تمام اهم تصينف، هڪ جامع گائيڊ بُڪ تيار ڪيو. جيڪو ايندڙ وقت جي مهااديبن، مُري ۽ بيڊڪر جي دور تائين سڀني کان وڌيڪ اهم دستاويز طور طبع آزمائي خاطر ڪتب ايندو رهيو. سياحن جي ڄاڻ متعلق ته جيئن هو ٻِئي ملڪ گھمڻ وڃن ته انهيءَ ملڪ بابت هو باخبر هجن، سياحت جي مک مرڪزي ميوزمن پارڪن ۽ هوٽلن ۽ ٻئي معلومات بابت ننڍي ۽ وڏي سائيز ۾ ڪيترن ملڪن جي معلومات بابت هڪ انگريزي پبلشر ڪمپني D.K ڊي ڪي وارن پڻ بيشمار ڪتاب لکيا، پر اڄڪلھه اهي ڪتاب پاڪستان ۾ ڪونه ٿا ملن هاڻ ته net سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن.
سوئيزرلينڊ جي هڪ ٻئي عالم هينرڪ زسڪوڪ Heinrich Zschokke (1771ع کان 1848ع) سن 1822ع ۾ ملڪ جي عوام کي سجاڳ ڪرڻ خاطر سوئيزرلينڊ جي هڪڙي تاريخ لکي، اها عوام ۾ گهڻي مقبول ٿي. سوئيزرلينڊ ۾ اوڻيهئِين عيسوي صديءَ جي ادبي تاريخ ۾ سڀني کان مٿي ٽن عالم اديبن جا نالا ڄاڻائيل آهن. البرٽ بٽزيئس Albert Bitzius، جنهن ايمينٿل علائي جي هاري طبقي جي زندگيءَ بابت ڪهاڻين جو ڪتاب لکيو، اهو تمام گهڻو مقبول ٿيو. ٻيو گوٽفرائيڊ ڪيلر Gottfried Keller سوئيزرلينڊ جو عظيم ناول نگار ۽ قومي شاعر ٿي گذريو آهي. ٽيون اديب ۽ شاعر ڪونريڊ فرڊيننڊ ميئر Conrad Ferdinand Meyer پڻ هڪ عاليشان شاعر ۽ ناول نگار هو. جنهن جي لکڻين ۾ عالمي ادبي سرگرمين ڏانهن رغبت جو رجحان موجود هو، جيڪب برڪ هارڊٽ Jakob Burkhardt اٽليءَ جي آرٽ تي ڳوڙهي انداز سان لکڻ سبب، ملڪ ۾ مشهور ۽ مقبول ٿيو. جڏهن ته جيڪب فري Jakob Frey (1824ع کان 1875ع) بَٽِزِئَس جي ادبي عنوان کي جاري رکندي سوئيزرلينڊ جي سموري هاري ۽ کيت مزدور طبقي جي زندگي کي پنھنجي طبع زاد ڪھاڻين ۾ حقيقي صورتحال موجب عيان ڪيو. اهو ڪم سنڌ ۾ حيدربخش جتوئي پنھنجي لکڻين ذريعي ڪيو. اُلرڪ هيگنر Ulrich Hegner (1759ع - 1840ع) پنھنجي ناولن ۾ مَڪاني يامقامي ماڻھن جي زندگيءَ جا سمورا عڪس اجاگر ڪيا. تنهن ڪري سندس لکڻين کي مڃتا ملي مشهور مصور ڊيوڊ هيس David Hess (1770ع کان 1843ع ) پڻ اُلرڪ هيگنر وانگر ڪھاڻين تي طبع آزمائي ڪئي هئي. جان مارٽن اُسٽري Johann Martin Usteri (1763ع کان 1827ع) انهن آڳاٽن شاعرن مان هڪڙو هو، جن پنهنجي مائٽياڻي لهجي ۾ بيت لکيا هئا.
مٿي ذڪر ڪيل اديبن ۽ شاعرن کان سواءِ سوئيزرلينڊ ۾ پوءِ پيدا ٿيندڙ شاعرن ۽ سگهڙن مان زيورڪ شهر سان واسبته چند شُعراءِ حضرات جو ذڪر ڪرڻ نا مناسب ڪونه ٿيندو جھڙوڪ هينرڪ ليوٿولڊ Henrich Leuthold (1827ع، کان 1879ع)، آگسٽ ڪوروڊي August Corrodi (1826ع کان 1885ع)، ليونهارڊ وِڊمَر Leonhard Widmer (1808ع 1868ع)، تنھن سن 1842ع ۾ morgenrot daher Trittstعنوان تحت هڪڙو عاليشان بياض تيار ڪيو. انهيءَ شعري مجموعي کي البيرڪ زويسگ Alberic Zwyssig نالي هڪڙي عيسائي راهب موسيقيءَ سان سجايو، سوئيزرلينڊ جي مکيه عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي فھرست ۾ هيٺ ذڪر ڪيل حضرات کي به شامل ڪري سگھجي ٿو. مثال طور ارنسٽ زهن Ernst Zahm ، مينرڊ ذهن Meimard Zahm ، آرنالڊ اوت Arnold ڪارل اسپيٽيلر،Spitteler، فِرِٽِز مارٽي Fritz Marti ، والٿر سيگفرائڊ Walther Siegfried، اڊولف فري Adolf Frey ، هرمن هيس Hermann Hesse ، جيڪب ڪرسٽوف، Jakob Christoph جوزف وِڪٽر وِڊِمَين Josefph Victor Widmain ۽ گوٽفرائيڊ اسٽريسر Gottfried Strasser، مٿين مھان ليکڪن کانسواءِ شاعره آئسا بيلاقيصر Isabella Kaiser به بيت ۽ ڪجھه ڪھاڻيون لکيون هيون. هڪڙي ٻي عورت جوهانا اسپائري Joanna Spyri ٻاراڻيون ڪهاڻيون لِکِيون. اسپائري ايلِپس پھاڙي علائي جي هڪ ديو مالائي ڪردار، هيڊي Heidi بابت پڻ هڪ مقبول ڪهاڻي لکي هئي.
سوئيزرلينڊ جي جڳ مشهور اديب ڪارل اسپيٽيلر Carl Spitteler کي سن 1919ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو ۽ هرمن هيس کي ساڳيو ادب جو نوبل انعام 1946ع ۾ ڏنو ويو. رابرٽ ويلسر کي Robert Walser سندس وفات کان ڪيترائي سال پوءِ مڃتا ملي. ته هو ويھئين عيسوي صديءَ جي اوائل دؤران سوئيزرلينڊ جي عظيم جديد ليکارين مان هڪڙو هو. ساڳيو قلم عورت اديبه اينيميري اسڪوار زينباخ Annemarie Schwarzenbach سان به لاڳو رهيو. تنھن کي سندس وفات کان تقريباً پنجاهه سال پوءِ مڃتا ملي. فرائيڊرڪ ڊرينماٽ Friedrich Durrenmatt وڏو ناٽڪ نگار ۽ ناول نگار هو. سندس ناولن ۾ ڏوهاري سرگرمين متعلق دانشورانه اسلوب ۾ قابل فھم تنقيد ڪئي وئي آهي. ميڪس فرسِڪ Max Frisch به ناٽڪ نگار ۽ ناول نگار جي حيثيت سان مشهور هو. اَڊولِف مُسڪا Adolf Muscha هڪ اهم مضمون نگار ٿي گذريو. پيٽربڪسل Peter Bichsel ۽ اُرس وڊمر Urs Widmer قابل ذڪر ڪھاڻيڪار هئا. سوئيزرلينڊ جي ويھين عيسوي صديءَ وارن ليکڪن ۾ هيٺ درج ڪيل اديبن جا نالا لکڻ غير ضروري نه ٿيندو. جھڙوڪ ميلنڊا نيج ابونجي، سيمابل برگ، اريڪابرڪارٽ، جُرگ فيڊرسپيل، ليوڪاس هارٽ مان، ٿامس هُر ليمان، فرانزهوهلر، زوئي جيني، جُرگ لينڊريڪ، هيوگولوئيٽسڪَر، ڪُرٽ مارٽي، نڪلائوس ميئنبرگ، گرهارڊ ميئر، مائلينا موسر، اڊولف مُشگ، پائول، نزن، ارائڪا پيڊرئٽي، مارٽن، سيوٽر، پيٽرويبر، ۽ مارڪس ورنر. سن 1990ع کان پوءِ وارن اديبن ۾ پيٽر اسٽام، ليوڪاس بارفيس ۽ ڪرسچن ڪراڪٽ ناقابل فراموش اديب آهن. اميد ته ادب دوست سڄڻن کي منھنجي هيءَ ڪاوش ضرور پسند ايندي.

ليکڪ جا ڪتاب

[b]آتم ڪٿائون
[/b]
(1) سنڌي شاگرد سياست ڀاڱو پهريون
(2) اسان پنڌ پِرينءَ ڏي ڀاڱو ٻيون
(3) ڪيڏي نه مختصر زندگي ڀاڱو ٽيون
(4) هڪ ٻي زندگي جي تمنا ڀاڱو چوٿون

[b]سفر ناما
[/b]
(1) ڏوريم ڏيسارو سفر نامو
(2) هوجي وڻ ولات جا سفر نامو
(3) ڪجل ڀنل نيڻ سفر نامو
(4) اتر لڳا آءُ پرين سفرنامو
(5) ديس بديس سفر نامو
(6) بندر مون ڏور ٿيا سفر نامو
(7) ٽوئر ٽو آمريڪا سفر نامو
(8) ٻنون ٽو ٽوڪيو سفر نامو
(9) پريان سندي پار ڏي سفر نامو
(10) ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون سفر نامو
(11) دنيا جا مشهور شهر سفر نامو
(12) ڪنواريون ۽ ڪنول سفر نامو
(13) لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون سفر نامو
(14) اسپين تنهنجا ڪيئي رنگ سفر نامو
(15) هنگري ٽو جرمني وايا پراگ سفر نامو
(16) دهلي ٽو سوئيزر لينڊ وايا تاج محل سفر نامو
(17) استنبول ٽو ويانا وايا وينس سفر نامو

[b] تاريخ ۽ تحقيق
[/b]
1. عجائبات عالم
2. واقعات عالم
3. شخصيات عالم
4. They Ruled Sindh For Fifteen Years (ڇپائي هيٺ)
5. تن سپون سوجهي ڪڍيون
6. هي وري نه ورندو وڻجارو

[b]اڻ ڇپيل ڪتاب
[/b]
1. خاڪا (مختلف شخصيتون)
2. سفر نامو
3. ليکڪ تي لکيل مضمون
4. آتم ڪٿا (حصو پنجون)
5. سفر نامو
6. خط