جيل ڊائري

ساھيوال جيل جي ڊائري

ھي ڪا عام ڊائري نہ آھي، پر سندس شاعرانہ ۽ دانشورانہ ڪردار جو ھڪ آئينو آھي. ھـُن ماڻھن کي جيل ۾ ڪيئن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. آمريت جي بدترين دور ۾ شيخ اياز ھن تجربي مان گذريو. ھن جيل ۾ بند ماڻھن جا حوصلا ڏٺا. ڪيئن پارٽيءَ جي اقتدار مان ٻاھر ھجڻ تي رويا بدلايا ۽ وفاداريون تبديل ڪيون. اياز ٦٨ ۽ ١٩٦٩ع ۾ ھن ڊائريءَ جا صفحا لکيا. ھن ڊائريءَ ۾ شيخ اياز جنهن نموني يادگيرين، ڪورٽ ۽ ٻاھر جي واقعن توڙي شخصيتن جي باري ۾ قلمبند ڪيو آھي. ائين ھي ھڪ اھم دستاويز بنجي پيو آھي. اھو شيخ اياز جو شعر، افساني، سفرنامي ۽ خطن ۾ نظر اچي ٿو، سو ھـِت بہ پوري حـُسن سان جلوه گر آھي.
  • 4.5/5.0
  • 291
  • 150
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ساھيوال جيل جي ڊائري

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ شاعر شيخ اياز جو ڪتاب ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪا عام ڊائري نہ آھي، پر سندس شاعرانہ ۽ دانشورانہ ڪردار جو ھڪ آئينو آھي. ھـُن ماڻھن کي جيل ۾ ڪيئن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. آمريت جي بدترين دور ۾ شيخ اياز ھن تجربي مان گذريو. ھن جيل ۾ بند ماڻھن جا حوصلا ڏٺا. ڪيئن پارٽيءَ جي اقتدار مان ٻاھر ھجڻ تي رويا بدلايا ۽ وفاداريون تبديل ڪيون. اياز ٦٨ ۽ ١٩٦٩ع ۾ ھن ڊائريءَ جا صفحا لکيا. ھن ڊائريءَ ۾ شيخ اياز جنهن نموني يادگيرين، ڪورٽ ۽ ٻاھر جي واقعن توڙي شخصيتن جي باري ۾ قلمبند ڪيو آھي. ائين ھي ھڪ اھم دستاويز بنجي پيو آھي. اھو شيخ اياز جو شعر، افساني، سفرنامي ۽ خطن ۾ نظر اچي ٿو، سو ھـِت بہ پوري حـُسن سان جلوه گر آھي.
ھي ڪتاب 1986ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]