آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

اڳي ايئن ھياس(ڀاڱو ٻيو)

ھي ڪتاب فني حوالي سان پختو، دلچسپ ۽ وڻندڙ يادگيرين تي ٻڌل آھي، جنهن ۾ پنهنجي ننڍپڻ جون يادون، انهيءَ وقت جو ماحول، اهم ۽ دلچسپ واقعا، اهم شخصيتن سان ملاقاتون، انهيءَ دور جون اقتصادي، مذهبي ۽ سماجي حالتون، هندو مسلمان جو پاڻ ۾ ميل جول، ڪاروبار، گهريلو ٽوٽڪا، سنڌ جون تعليمي حالتون ۽ ٻيا به ڪيترا دلچسپ ۽ اهم واقعا تمام دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ دلچسپي سان گڏوگڏ معلومات ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا.

Title Cover of book Agy Ean Huyas

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ اديب فضل احمد بچاڻيءَ جي ساروڻين ۽ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”اڳي ايئن هُياس“ جو ٻيو ڀاڱو اوهان اڳيان حاضر آهي. جيتوڻيڪ فضل احمد بچاڻي ھڪ تخليڪار هو، پر سندس اهم سڃاڻپ مترجم جي حيثيت ۾ آهي، هن اڪثر ترجما انگريزيءَ مان ڪيا، جيڪي آسان ٻولي، لفظن جي درست استعمال، تخليقي انداز ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪافي مقبول آهن.
ھي ڪتاب فني حوالي سان پختو، دلچسپ ۽ وڻندڙ يادگيرين تي ٻڌل آھي، جنهن ۾ پنهنجي ننڍپڻ جون يادون، انهيءَ وقت جو ماحول، اهم ۽ دلچسپ واقعا، اهم شخصيتن سان ملاقاتون، انهيءَ دور جون اقتصادي، مذهبي ۽ سماجي حالتون، هندو مسلمان جو پاڻ ۾ ميل جول، ڪاروبار، گهريلو ٽوٽڪا، سنڌ جون تعليمي حالتون ۽ ٻيا به ڪيترا دلچسپ ۽ اهم واقعا تمام دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ دلچسپي سان گڏوگڏ معلومات ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا.
ھي ڪتاب 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]