تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پاڻيءَ منجهه پساهه

هي ڪتاب شير محمد خدا بخش عالماڻي المعروف ايس. ڪي. بلوچ جو سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي لکيل ڪتاب آهي. 1976ع ۾ بيماريءَ جي بستري تي هن يادن جي سهاري، سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ”سنڌ جو ڪيس“ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هو ان کان اڳ ايريگيشن سنڌ ۽ ويسٽ پاڪستان جو سيڪريٽري رهيو هو. هن انگريز دور ۾ سنڌ جي واهن جي سڌاري وارين رٿن (1855ع)، روهڙي پراجيڪٽ (1910ع) کان وٺي سنڌ جي پاڻيءَ سان پنجاب طرفان ٿيل کئونس، اينڊرسن ڪميشن رپورٽ (1935ع) ۽ راءِ ڪميشن رپورٽ جي روشنيءَ ۾، 1945ع ۾ پاڻيءَ بابت ”سنڌ پنجاب معاهدي“، پنجاب طرفان سنڌو درياهه ۽ پنجاب جي ندين جي پاڻيءَ جي ورهاست خلاف لڳل ڌاڙن جو تفصيل پيش ڪري، ’سنڌ جو ڪيس‘ دليريءَ سان پيش ڪيو آهي. ان ڪاغذي ۽ عملي ويڙهه ۾ سندس ۽ سنڌ جي ٻين انجنيئرن جو ڪردار هن ڪتاب ۾ تفصيلي ڏنل آهي.
Title Cover of book پاڻيءَ منجهه پساهه

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران محترم شير محمد بلوچ المعروف ايس ڪي بلوچ جو سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪيس بابت لکيل تاريخي دستاويزي ڪتاب ”پاڻيءَ منجهه پساهه“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هي ڪتاب شير محمد خدا بخش عالماڻي المعروف ايس. ڪي. بلوچ جو سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي لکيل ڪتاب آهي. 1976ع ۾ بيماريءَ جي بستري تي هن يادن جي سهاري، سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ”سنڌ جو ڪيس“ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هو ان کان اڳ ايريگيشن سنڌ ۽ ويسٽ پاڪستان جو سيڪريٽري رهيو هو. هن انگريز دور ۾ سنڌ جي واهن جي سڌاري وارين رٿن (1855ع)، روهڙي پراجيڪٽ (1910ع) کان وٺي سنڌ جي پاڻيءَ سان پنجاب طرفان ٿيل کئونس، اينڊرسن ڪميشن رپورٽ (1935ع) ۽ راءِ ڪميشن رپورٽ جي روشنيءَ ۾، 1945ع ۾ پاڻيءَ بابت ”سنڌ پنجاب معاهدي“، پنجاب طرفان سنڌو درياهه ۽ پنجاب جي ندين جي پاڻيءَ جي ورهاست خلاف لڳل ڌاڙن جو تفصيل پيش ڪري، ’سنڌ جو ڪيس‘ دليريءَ سان پيش ڪيو آهي. ان ڪاغذي ۽ عملي ويڙهه ۾ سندس ۽ سنڌ جي ٻين انجنيئرن جو ڪردار هن ڪتاب ۾ تفصيلي ڏنل آهي.
هي ڪتاب سنڌ جي پاڻي- ڪيس جو پهريون اهم دستاويز آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو ليکڪ خود ڇپايو هو، ٻيو ڇاپو عثمانيه لائبرري چنيهاڻي، ڪمال ديري/ ڪنڊياري پاران ۽ اُن جو ٽيون ڇاپو، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 2008ع ۾ ڇپايو آهي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]