ڪھاڻيون

ڇڻيل گُل

ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ ميمڻ جون ڪھاڻيون معاشري جي هلندڙ ڦرندڙ ۽ ڪردارن جي ڪهھڻيون آهن، جنهن ۾ معاشري جي لِڪل چھري تان پردو کڻي ڪيترن انيڪ مسئلن کي نروار ڪيو آهي. هن ڪتاب ”ڇڻيل گل“ ۾ اڄ کان 30 سال اڳ کان وٺي 2017ع تائين جو ڪھاڻيون پڙهڻ وٽان اوهان کي ملنديون. مقبول مارو جون ڪھاڻيون ساديون، عام فھم جون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ حقيقي رنگ سمايل آهن. سندس ڪھاڻيون پڙهي ڪير بہ ائين چئي نہ سگهندو تہ اهو سڀ ڪجهه هتي ڪٿي ٿو ٿئي !؟
  • 4.5/5.0
  • 162
  • 43
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڇڻيل گُل

ڪتاب جا حق ۽ واسطه اداري وٽ محفوظ آهن

Book No: 38

ڇڻيل گُل !
(ڪهاڻيون)
ڊاڪٽر مقبول ”مارو“
ڇاپو پهريون : 2019ع
ڪمپوزنگ، لي آئوٽ ۽ ٽائيٽل :
احسان آڪاش (03013324100)
ڇپائيندڙ: سج پبليڪيشن ۔ حيدرآباد
ڇپيندڙ: احساس پبليڪيشن حيدرآباد (03013324100)

قيمت: 250 روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

Chhaniyal Gul !
Stories
Dr Maqbool Memon “Maroo”
1st Edition 2019
Ehxaan Aakaxh
Sijj Publication
Hyderabad
03313522911

ارپنا

پنهنجي پياري (مرحوم) بابا سائين جي نانءُ،
جنهن مونکي ننڍپڻ ۾ آڱر کان جهلي جيئڻ جي واٽ ڏيکاري ۽ منهنجي هر ڏُک ۽ سُک جو ساٿي رهيو.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” ڇڻيل گُل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري اديب ۽ ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي.
ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ ميمڻ جون ڪھاڻيون معاشري جي هلندڙ ڦرندڙ ۽ ڪردارن جي ڪهھڻيون آهن، جنهن ۾ معاشري جي لِڪل چھري تان پردو کڻي ڪيترن انيڪ مسئلن کي نروار ڪيو آهي. هن ڪتاب ”ڇڻيل گل“ ۾ اڄ کان 30 سال اڳ کان وٺي 2017ع تائين جو ڪھاڻيون پڙهڻ وٽان اوهان کي ملنديون. مقبول مارو جون ڪھاڻيون ساديون، عام فھم جون ڪھاڻيون آهن، جن ۾ حقيقي رنگ سمايل آهن. سندس ڪھاڻيون پڙهي ڪير بہ ائين چئي نہ سگهندو تہ اهو سڀ ڪجهه هتي ڪٿي ٿو ٿئي !؟
هي ڪتاب سج پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2019ع ۾ إحساس پبليڪيشن حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آھي. مھرباني احسان آڪاش جي جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري طرفان

ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ ميمڻ جون ڪهاڻيون معاشري جي هلندڙ ڦرندڙ ۽ ڪردارن جي ڪهاڻيون آهن، جنهن ۾ معاشري جي لِڪل چهري تان پردو کڻي ڪيترن انيڪ مسئلن کي نروار ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جا 4 ڪتاب جن ۾ 3 سنڌي ۽ هڪ اردو ڪتاب اسان جي اداري سج پبليڪيشن طرفان ڇاپيا ويا آهن. هي ڪھاڻين جو مجموعو سندس پنجون ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. اميد ته اوهان ان مان لاڀ حاصل ڪندا ۽ پنهنجي قيمتي راءِ کان اسان کي آگاه ڪندا ته اوهان جو ٿورائتو رهندس.


نور محمد ڀٽو
سج پبليڪيشن –حيدرآباد

ڊاڪٽر مقبول ”مارو“ جو تعارف !

مقبول مارو 14 فيبروري 1957ع ۾ ماتلي جي مٽي مان جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ماتلي ۽ فرسٽ ايئر، انٽر گورنمينٽ ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪيائين. ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان پاس ڪيو. شاگردي واري زماني کان ئي شعر، ڪهاڻيون ۽ تاثر لکڻ لڳو. جيڪي روزاني آفتاب، مهراڻ، سنڌ نيوز حيدرآباد، هلال پاڪستان ڪراچي، الوحيد ۽ عبرت ۾ ڇپبا رهيا. عبدالغني درس ۽ نور محمد ڀٽي سان گڏجي “ينگ رائيٽرس جو بنياد رکيو. جنهن طرفان به ڪتاب ڇپرايا ويا. ۽ پوءِ سنڌ ۾ ادبي سرگرميون جاري رکيون. ايل ايم سي ۾ انٽرنيشنل ميڊيڪوز ٺاهيو ويو جنهن طرفان مختلف سبجيڪٽن ۾ نوٽس ڇپرائي فري ۾ ورهايا ۽ اتان هڪ رسالو ڊاڪٽر پبليڪشن سنڌي، اردو ۽ انگلش ۾ جاري ڪيو. يونائيٽيڊ ميمڻ اسٽوڊنٽس جماعت ، محمدي ۽ ڊاڪٽر اقبال هارون جي مدد سان ٺاهي پوري سنڌ ۾ فري ڪئمپون لڳايون ۽ حيدرآباد جي اسڪولن ۾ ٻارن کي کي فري هيلٿ ايجوڪيشن سان گڏ طبعي چڪاس ڪئي. ڊاڪٽر محمد شفيع پاٽولي ۽ ميڊم شائسته آفندي ۽ ماسٽر نور محمد ملڪ سان گڏ حيدرآباد ۾ آرگنائيزيش آف سوشل ورڪرس جو بنياد رکيو. حيدرآباد ۾ فري ڪئمپون ۽ فلاحي اسپتال هلائي ۽ عبرت مئگزين ۾ طبعي مشورا ڏيندو رهيو. شاگردي واري دور ۾ آفتاب ۾ شاگردن جو صفحو ڪڍندو رهيو. روزانه مهراڻ ۾ سنڊي ڊائجسٽ جي نالي سان آچر جو ايڊيشن ترتيب ڏيندو رهيو. ايل ايم سي ۾ اکين جي اسپتال ۾ نوڪري دوران آفتاب ڪلينڪ جي نالي سان آفتاب اخبار ۾ ميڊيڪل جو صفحو ترتيب ڏيندو رهيو. 1972ع ۾ ماتلي ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ سيڪريٽري جي حيثيت سان بنياد رکيو. جيڪو تعلق، عهدن ۽ ميمبر جي صورت ۾ اڄ به قائم آهي. 1987ع ۾ سرڪاري نوڪري جوائن ڪئي. جتان 13 فيبروري 2017ع ۾ ماتلي مان ايڊيشنل ميڊيڪل سپرينڊينٽ جي حيثيت ۾ ريٽائر ٿيو ۽هاڻي ماتلي ۾ پنهنجي ذاتي ڪلينڪ المصطفى هلائي رهيو آهي.
محترم خان محمد پنهور مرحوم جي تعاون سان ماتلي جي ويجهو ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڳوٺ سُڌار سنگتون ٺاهيون ۽ انهن ڳوٺن ۾ مفت ڪئمپن جو اهتمام ڪيو. ماتلي ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر عبدالرحيم ميمڻ مرحوم سان گڏجي فري ڪئمپن سان گڏ ماتلي ويجهو ڳوٺن ۾ سلائي سينٽر کوليا. مختلف موقعن تي شاعري جا ڪتاب جن ۾ ٽي سنڌي شاعري جا مجموعا (اکين ۾ ٿي ويهه، سُونهن سندو ساگر ، لڙڪ لڙيون) ۽ هڪ اردو شاعري جو مجموعو (اڌوري خواب) ڇپرايو.

معاشري جو عڪاس: خاڪي جاني

“ڏسو ته رستا لالچي انسانن جي ڀيڙ سان ڪنجهي رهيا آهن ۽ فضا لوهه جي شور، ڦيٿن جي چيڪاٽڻ ۽ انجڻين جي سِيٽين سان گونجي گونجي رهي آهي. سڄو شهر جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ طاقتور ڪمزور کي چٽ ڪري رهيو آهي ۽ ظالم شاهوڪار، غريب مزدور جي محنت جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي.
منهنجا پيارا! هُتي زندگي ڪيتري نه حسين آهي ! ڄڻ ته روشني ۾ نزاڪت سان ڀريل شاعر جي دل ! منهنجي پياري هتي زندگي ڪيڏي نه بي رحم آهي، ڄڻ ته گناهن ۽ خوفن سان ڀريل ڏوهي جي دل!” هي اهي لفظ آهن جيڪي خليل جبران صديون اڳ لبنان ۾ ويهي لکيا پر ائين ٿو لڳي ڄڻ اڄ لکيا ويا هجن. ڄڻ اسانجي معاشري جي عڪاسي ڪندا هجن. ادب چئبو ئي انهي کي آهي جيڪو صدين جي سفر کانپوءِ به پراڻو نه ٿئي، جڏهن به پڙهجي ته نڪور نظر اچي. جنهن ۾ معاشري جي براين کي ننديو وڃي ۽ معاشري ۾ موجود چڱاين کي وائکو ڪيو وڃي. اهو ئي ادب آهي. پوءِ ڀلي اهو نثر ۾ هجي يا نظم ۾. اسان جو ادب به دنيا جي ادب کان گهٽ ڪونهي پر ادب کي اڳتي آڻڻ لاءِ وسائل ڪونهي. تنهن هوندي به اسانجي ڌرتي شاهه عبدالطيف ڀٽائي، شيخ اياز، خليفو قاسم، اُستاد بخاري ۽ مولوي احمد ملاح جهڙن ناميارن شاعرن جي پيرن جي خاڪ ۾ آهي. انهي کانسواءِ نثر جي حوالي سان امر جليل، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، سراج ميمڻ، نسيم کرل، مدد علي سنڌي، سليم چنا، عبدالجبار جوڻيجو، نورالهدى شاهه ۽ ٻيا هزارين نانءُ آهن، جن جي پورهئي کي جيترو به ساراهجي گهٽ آهي.
ڪهاڻي پنهنجي پلاٽ اندر هڪ ڪهاڻي سمائي ٿي. جنهن ۾ تفريح به هجي ٿي، تنقيد به هجي ٿي، تعمير به هجي هجي ٿي. ڪهاڻي اسانجي چوگرد ٿيندڙ واقعن جو نچور هجي ٿي، ڪٿي ڪاري ڪُٺي، اتي ڪهاڻيڪار جي ذهن سوچيو، قلم کنيائين ۽ ڪهاڻي جُڙي راس ٿي.
اسان جي دوست مقبول مارو به پنهنجي قلم جي پورهيئي سان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو هن معاشري ۾ ڏٺو آهي. هن زيادتي ٿيندي ڏٺي آهي، هن بي ڏوهه ڪارويون ٿيندي ڏٺيون آهن، هن سياست جي آڙ ۾ سنڌ جو ڪارڊ ڪئش ٿيندي ڏٺو آهي. هن ڌارين جي يلغار کي حاوي ٿيندي ڏٺو آهي ته رئيسن جي رئيس پائي ۽ سندن مانّ ۽ سندن عزت کي به ويجهي کان پرکيو آهي، هن وڏيرن جي سازشن ۽ هٿ ڪڍن کي به محسوس ڪيو آهي ته هن ڪامورن جي ڪارين ڪرتوتن کان به چڱي طرح واقف آهي. هي سنڌ جي هڏ ڏوکين ۽ دردوندن کي به سُڃاڻي ٿو. هي عورت ذات جي انگل، آرن ۽ عياشين کان به چڱي پُرواقف ٿو ڏسجي. هن سنڌ جي اديبن جي پاڻ پڏائڻ، پاڻ وڻائڻ جي عمل کي به سمجهي ٿو. هي گناهه جي دلدل ۾ ڦاٿل ماڻهو کي ڏسي مٿس مُرڪي ٿو، هو معاشري ۾ موجود منافق ماڻهن کي به ڄاڻي ٿو. هي پيار جي نالي کي بدنام ڪندڙ ۽ حوس جي پُڄارين کي به گهڻو سڃاڻي ٿو. هي سنڌ تي قابض ٿيندڙ گروهن جي زنجيرن کان پاڻ بچائڻ به ڄاڻي ٿو. هي انهي عاشق ماڻهو جي درد ۾ به شريڪ رهي ٿو جيڪو سنڌ جي اٻوجهه ماڻهو وانگي پنهنجي حياءَ و شرم جي ڪري سڀ موقعا وڃايو ڇڏي.هي سنڌ ۾ وسندڙ هيٺين طبقي جي ماڻهن جي مسئلن ۽ محبت کان به واقف ٿو ڏسجي. هي راتو رات امير ٿيندڙ ، محبت ڪندڙ، مڪارن کي به سُڃاڻي ٿو.
مقبول انسان جي لباس ۾ لڪل شيطان به ڳوليو لهي ٿو. هي سنڌي ۽ اردو ادب جي فرق کي به سمجهي ٿو. هي قسمت ۾ يقين رکندڙ، باايمان ماڻهو آهي. هي طوائف جي آواز کي به درد جي صدا ٿو سمجهي، مقبول مذهب جي آڙ ۾ موجود ننڍ، وڏائي ۽ مت ڀيد کان به واقف آهي. معاشري جي انهن مسئلن دردن، سورن کان واقف ته اڪثر ماڻهو هوندا آهن، پر ڌيان گهٽ ڏيندا آهن، هڪ ليکڪ ئي آهي جنهن جو شعور انهن معاشري جي مرضن تائين پهچي، انهن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ پوءِ قلم ذريعي انهي جي علاج جو طريقو به ٻُڌائي ٿو. ائين مقبو ل مارو هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ۾ نه صرف معاشري جي عڪاسي ڪئي آهي پر انهن برائين کي بُرو به ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. ۽ چڱاين جي پرک ڪرڻ جو سليقو به ڏَسي ٿو.
بس هڪ ڳالهه جي کوٽ آهي، اُها اِها جو سندس ڪهاڻين ۾ ڪو جديد رنگ ڪونهي، ڪا نواڻ ڪانهي، بس ساديون، عام فهم جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ حقيقي رنگ سمايل آهن. سندس ڪهاڻيون پڙهي ڪير به ائين چئي نه سگهندو ته اهو سڀ ڪجهه هتي ڪٿي ٿو ٿئي !؟ ڪهاڻيڪار هوندو ئي عوام جي بدولت آهي، جيڪڏهن عوام ڪنهن به ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون نه سمجهندي ته اهو ڪهاڻيڪار هوائن ۾ ته اُڏري سگهي ٿو پر ڌرتي تي انهي جو ڪو نام نشان ئي نه رهندو. شال مقبول جي محبت جو پورهيو ماروڻن جي دل وٽان هُجي.

وقت کي بريڪون ناهن هونديون !: احسان آڪاش

اهيو سچ آهي ته وقت ڪنهن لاءِ ناهي رُڪندو، ڇو جو وقت کي ڪا به بريڪ ناهي هوندي. پر وقت جي هڪ ڳالهه تمام سُٺي هوندي آهي ته وقت جهڙو به هوندو آهي، گذري ويندو آهي. پوءِ چاهي ڏک هجي يا سُک. وقت کي گذرڻو هوندو آهي سو هو نيٺ گذري ويندو آهي ۽ هر گذريل وقت پنهنجي اندر ۾ نه ڄاڻ ته! الائي جي ڪيتريون ڪهاڻيون رکندو آهي. گذرندڙ هر پل هڪ ڪهاڻي مثل هوندو ئي آهي. هر ليکڪ وٽ لکڻ لاءِ پنهنجو الڳ سماج هوندو آهي پر اڪثر موضوع هڪٻئي سان ٽڪرائجندي ضرور ملندا آهن. ڇو ته اسان جنهن سماج ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون اهو سماج اڃان پنهنجي ڪارن ڪرتوتن کان پنهنجو پلئه مڪمل طرح آجو نه ڪرائي سگهيو آهي، جنهن ڪري اسان وٽ موضوعات جو هڪ جهڙو هجڻ ڪا خاص ڳالهه نه هوندي آهي. بس هڪ ليکڪ لاءِ اهو تمام ضروري هوندو آهي ته هو پنهنجي لکڻين ۾ پڙهندڙن لاءِ ڪيترو چس ۽ رس رکي ٿو...؟ جيترو اوهان جي لکڻين ۾ چس هوندو پڙهندڙن اوترو ئي اوهان جي لکڻين ۾ پنهنجي دلچسپي پيدا ڪندو. جيڪڏهن چس نه هوندو ته پڙهندڙ جلد ئي اوهان جي لکڻين مان هٿ ڪڍي وٺندو.
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪهڙن ڪهاڻيڪارن جا نالا کڻي ڪنهن جا کڻجن.... هر ڪوئي پنهنجي ادبي قد ۾ اوچو بيٺو آهي. جيڪا سنڌي ادب لاءِ هڪ باعثِ فخر آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته ڏسجي ٿو ته هر طرف سنڌي ادب مالا مال ٿو ڏسجي، هر روز نيون تخليون سرجن پيون، اخبار، مئگزين ۽ سوشل ميڊيا سنڌي ادب سان ڀريا پيا آهن، پر پوءِ به ڄڻ انهن لکڻين مان هڪ احساس ختم آهي. ڇو جو هيترو ڪجهه لکڻ جي باوجود به سماج جيئن جو تيئن بيٺو آهي، ڪا رتي برابر به تبديلي نه ٿي ڏسجي. ماڻهن تي ڪو ڄڻ فرق ئي نه ٿو پوي. آخر ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟؟؟ نه ته ڪو دور هيو جو صرف هڪ ليک تي ماڻهو ۾ واويلا ٿي ويندي هئي، جوش، جذبو ۽ احساس جنم وٺندا هئا. پر اڄ جو سماج هڪ اگهور ننڊ سُتل آهي، جنهن تي اوهان جي ليک جو ڪوئي اثر نه ٿيڻو آهي. يا وري اوهان جي لکڻين مان اثر يا احساس ختم ٿيندو پيو وڃي.
هن ڪتاب “ڇڻيل گل” ۾ اڄ کان 29 سال اڳ کان وٺي 2017ع تائين جو ڪهاڻيون پڙهڻ وٽان اوهان کي ملنديون. هي اهو دور آهي، جنهن جو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آهيان ته ان دور جي ماڻهن وٽ لکڻيون پڙهڻ کانپوءِ احساس جنم وٺندا هئا. انتهائي سبق آميز قصا، ۽ ان وقت جي اقتصادي ۽ معاشي حالتن کان واقف ٿيڻ لاءِ اڄ جي نسل جي لاءِ هي ڪتاب لاڀائتو ثابت ٿيندو. ڇو ته هن ڪتاب ۾ نهايت سادگي سان، آسان نموني سان، پنهنجي سهڻي سنڌي ٻولي ۾ جنهن جنهن موضوعن تي جيڪا قصا گوئي ڪئي وئي آهي انهي جو اصولوب تمام سهڻو آهي. هن ڪتاب ۾ اڪثر قصا اوهان کي مشاهدتي ملندا ۽ اهيا ئي هڪ سُٺي ليکڪ جي نشاني هوندي آهي ته بجاءِ اجائي لفاظي جي هو پنهنجي لکڻين ۾ اهي شيون بيان ڪري جيڪي سندس مشاهدي ۾ آيون هجن.
ڇا اڄ به اسان وٽ بيروزگاري ڪونهي؟ ڇا اڄ به بي گناهه عورت ڪاري ڪري نه ٿي ماري وڃي؟ ڇا اڄ به ڪا عورت نيلام نه ٿي ٿئي؟ ڇا اڄ به ا سان جو سماج عورت جي جسم کي ڪُتي جيان پٽڻ لاءِ نوس نوس نه ٿو ڪري؟، ڇا اڄ به ڀوتارن جا ظلم يا ڪيس اسان وٽ ڪونهن؟ ڇا اڄ به اسان جي ٻهراڙين ۾ سادگي ڪانهي؟ ڇا اڄ به ظالم جو ڏاڍ ڪنهن مظلوم تي ڪونهي؟ ڇا اڄ به اسپتالن، ايجوڪيشن يا ٻئي ڪنهن سرڪاري ادارن يا پرائيوٽ ادارن ۾ ڪرپشن ڪونهي؟ ڇا اڄ به سماج ۾ عياشي جو سامان موجود ڪونهي.....!!!؟ شيخ اياز جيان ته: “عمر گذري وئي، دک هن ديس جا ساڳيا آهن.”
سو سڀ ڪجهه ساڳيو آهي، مان مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته سماج اڃان به ساڳيو آهي. بس صرف سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جا حُليه تبديل ٿيا آهن. جنهن کي جدت سڏيو وڃي ٿو. ۽ انهيءَ جدت جي چادر ۾ ڍڪيل ماڻهن جا حال به ساڳيا آهن. جيڪي اڄ کان 29 سال اڳ جي ماڻهن جا هئا.
ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو جي ڪهاڻين ۾ اوهان کي پڻ اهي سمورا رنگ ملندا جيڪي اوهان ڏسڻ چاهيو ٿا. تعميري قصن کان ويندي تفريحي مواد تائين ميسر آهي. سو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب جي ڪهاڻين جي تاريخ ۾ ڊاڪٽر مقبول ميمڻ مارو جون ڪهاڻيون پنهنجو هڪ الڳ مقام حاصل ڪنديون.

مقبول جون لکڻيون دل ۾ گهر ڪندڙ آهن ! : جهان آرا بتول قمبراڻي

هن سنڌ ڌرتي تي ڪيترائي اديب ۽ ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا آهن. تن ۾ ڊاڪٽر مقبول مارو به انهن مان هڪ آهي. 14 فيبروري 1957ع تي ماتلي شهر ضلع بدين ۾ جنم ورتو. تعليم MBBS سان گڏ پاڻ هڪ سٺو شاعر ۽ ليکڪ به آهي. هن کان اڳ ۾ سندس چار شاعري جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ۽ هن ڀيري ڪهاڻين جو هي ڪتاب “ڇڻيل گل” آهي. سنڌي ادب ۾ کيس چڱي مهارت حاصل آهي. هن وٽ مختلف ماحول جا مختلف ماڻهو پنهنجا ڏک ۽ ڪهاڻيون کڻي هن سان شيئر ڪندا آهن. ۽ اهي سڀ هي ڪهاڻين جي روپ ۾ پنن تي لاهيندو آهي. هن سماجي، سياسي، پيار، سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ ظلم ۽ ٻين مختلف موضوعن جي ڪردارن تي عڪس چٽيا آهن. زماني جي ظلمن جي پيڙائن کي هن ڪهاڻين ذريعي ظاهر ڪيو آهي. هن لاءِ اها ڳالهه حوصلو بخشيندڙ آهي ته اڄ جي هن گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري دور ۾ هن لکڻ جي همت ڪري 30 کان به مٿي ڪهاڻيون لکيون آهن. هن جون لکڻيون دل ۾ گهر ڪندڙ آهن. سندس ڪهاڻيون حقيقت تي مبني آهن. دل جي ستار جون تارو ڇيڙي وجهڻ جي سگهه رکندڙ شاعر جون ڪهاڻيون به اثر رکندڙ آهن. ۽ انهن کي پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اهي سڀ ماڻهن جي دلين سان ائين ٿيو هجي . اديب سڀ قومن جا اثاثا هوندا آهن. موتين جي مُٺ جهڙي شاعر جون لکڻيون سانڍي رکڻ لاءِ دل چوندي آهي. جڏهن به وڃو خوشي سان ملڻ ئي سندس بردباري آهي. هي پنهنجي جذبن کي ڪهاڻين ۽ شاعري جي پنن جي ورقعن تي لاهي ٿو. هن ٿوري وقت ۾ تمام گهڻو لاڀ ماڻيو آهي. پاڻ سنڌي ادب جي محفلن گهڻو ڪري هر هنڌ حاضر ٿيندو آهي. ڪنهن مجبوري سبب نه وڃي ته ٻي ڳالهه آهي. ربّ سائين سندس ڏاهپ ۾ واڌارو ڪري . هڪ دفعي آئون ساڻس ملڻ لاءِ ويس ته خاموش ويٺو هو. مون کائنس پڇيو ته چوڻ لڳو ته: “سچائي جو، شريف ماڻهو جو قدر نه آهي.” مون چيو “پريشان نه ٿي، پاڻ سڀ اديب، پنهنجا جذبا ڊائري جي ورق تي لاهيندا آهيون. توهان به لاهي ڇڏيو ۽ ائين اسين کلڻ شروع ٿي وياسين. هن قبيلائي جهيڙن، ڪارو ڪاري جهڙين رسمن جي خاتمي ۽ عورتن جي تعليمي صحت هارين ۽ مزدورن تي به گهڻو لکيو آهي.

پنهنجي پاران

عجيب ڪيفيتون من ۾ جنم وٺنديون آهن. جڏهن دنيا ۾ رهندي جيئندي ۽ ان کي پرکيندي محسوس ڪندو آهيان، منافقيت جي انتها نظر ايندي آهي. ماڻهو ماسڪ اوڍي هلندي ڏسندو آهيان. ڪڏهن ماسڪ لهندو آهي ته انهن جو مڪروهه چهرو صاف نظر ايندو آهي. اهڙي دنيا ۾ جيئڻ ڏاڍو مشڪل آهي. جتي رشتن ۾ مفاد هجن.
بهرحال مشاهدي جي بنياد تي ڪجهه لکندو رهيو آهيان. هن مجموعي ۾ موجود ڪهاڻيون، منهنجي اردگرد موجود ماڻهن جون حقيقي ڪهاڻيون آهن. جيڪي مختلف موقعن تي لکيون اٿم. تقريباً سموريون ڪهاڻيون مختلف موقعن تي ڪتابن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. آس هئي ته انهن سمورين ڪهاڻين کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ڏجي. مون کي يقين آهي ته پڙهندڙن کي هي پنهنجي يا پنهنجي اردگرد جي حالات جون ڪهاڻيون محسوس ٿينديون.

[b]مقبول ”مارو“
[/b]10 آگسٽ 2019ع

ڪھاڻيون

---

اولاد جي خواهش !

شهر جي پرُرونق رستي تان هلندي، هڪ ليڊيز ڪاسميٽڪ جي دُڪان تي هڪ خوبصورت ماڊل گرل ڏسي ڪجهه دير لاءِ وات ڦاٽي ويم. ڏاڍي غور فڪر سان هن جي زيب و تن کي ڏسندو رهيس. وقت جو ڪو به احساس نه پئي رهيو. ٻهراڙي مان نئون نئون شهر آيو هيس، آئون پنهنجي ٻهراڙي جي عورتن کي ان ماڊل گرل جي برابري تي آندم ته هو منهنجي خيالن جي ساهميءَ ۾ ان ماڊل گرل کان تمام گهڻيون هلڪيون لڳي رهيون هيون. منهنجي خيالن جا سلسلا تڏهن ٽُٽا جڏهن هڪ مرسيڊيز ڪار منهنجي ڀرسان اچي بيٺي، ان ۾ ويٺل عورت مسلسل هارن وڄائي مون کي سڏي رهي هئي. آئون ويجهو ويس ته چيائين:
“مون کي اميد آهي ته تون مون کي مايوس نه ڪندين...؟”
مون نِوَڙت مان وراڻيو: “فرمايو! خاتون مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو...؟”
اها عورت 38 سالن يا 40 سالن جي هوندي، تمام نفيس قسم جي عورت هُئي. هن جي ڪارجي دريءَ جو شيشو لهڻ ڪري پرفيوم جي مُڌر خوشبو منهنجي دماغ جا پردا ئي کولي ڇڏيا.
عورت شائستگي سان چيو: “آئون سيٺ رياض علي جي زال آهيان، اولاد جي بي انتها خواهش هوندي، اولاد جي نعمت کان محروم آهيان. اڄ جڏهن منهنجي نظرِ انتخاب توهان تي پئي ته مون کي اميد جو ڪِرڻو نظر آيو. مون کي اميد آهي ته توهان مون کي مايوس نه ڪندا .”
دل ۾ چيم ته هن معزز عورت کي ڪيئن مايوس ڪجي؟ هي ته شايد اولاد جي سڪايل آهي ۽ مون کي پنهنجو پٽ بنائڻ چاهي ٿي، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي جو منهنجا ماءُ پيءُ موجود آهن، انهن جي شفقت کان آئون محروم ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان.
“ڇا پيا سوچيو....!؟” هن منهنجي سوچن جي سلسلي ٽوڙيندي سوال ڪيو. منهنجو جواب ڄاڻڻ کان اڳ ئي پنهنجي ڳالهه جاري ڪندي چيائين:
“آئون چاهيان ٿي ته اسان جي مرڻ کان پوءِ اسان جي دولت ڪانگن جي ويڙهه جو شڪار نه ٿئي. ان کي سنڀالڻ لاءِ اسان جو ڪو پنهنجو وارث موجود هجي. ان لاءِ مون کي اولاد جي شديد خواهش آهي. ڏسو خدا جي واسطي مون کي مايوس نه ڪجو.”
آئون الائجي ڇو ڪجهه چاهيندي به ڪُڇي نه سگهيس ۽ هن عورت ڪار جو دروازو کوليو ۽ آئون ان ڪار ۾ ويهي رهيس. ڪار شهر جي رستن تي هلڻ لڳي. آئون سڄي واٽ اهو سوچيندو رهيس ته واه جو ڪمال ٿي ويو، واٽ ويندي هڪ عورت ملي جيڪا مون کي پنهنجو اولاد بنائڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجي سڄي دولت جو وارث به...! دل ئي دل ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ڪرڻ لڳس ۽ دل ئي ۾ پنهنجو پاڻ کي امير ٿيندو ۽ محلن ۾ رهندي ۽ ڪارن ۾ گهمندي پئي ڏٺم. رستي ۾ ان عورت مونسان ڪجهه به نه ڳالهايو. ڪار هڪ خوبصورت بنگلي ٻاهر بيٺي. هن ڪار جو دروازو کولي پهرين پاڻ لٿي ۽ منهنجو دروازو کولي مونکي ڪار مان لهڻ جو چيو ۽ پاڻ سان گڏ بنگلي ۾ اندر هلڻ جو چيائين. مختلف ڪمرن مان گذرندا هڪ خوبصورت ڪمري ۾ داخل ٿياسين، جيڪو شايد بيڊروم هيو. مون کي ويهاري ڪوڪا ڪولا جي بوتل کولي گلاس ۾ وجهي ان ۾ برف به وجهي منهنجي اڳيان رکندي چيائين:
“توهان پيئو، آئون فريش ٿي اچان ٿي.”
آئون ڍُڪ ڍُڪ ڪري بوتل پئيندو ، هن نيڪ دل ۽ باوقار عورت جي باري ۾ سوچيندو رهيس. جيڪا مونکي پنهنجو اولاد بنائڻ جي خواهش رکي پئي. آئون پنهنجي قسمت تي رشڪ ڪندو پاڻ کي امير بڻجندو محسوس ڪري رهيو هيس. اوچتو ئي هن کي سامهون ڏسي گلاس منهنجي هٿن مان ڪِري پيو. وڏو ٺڪاءُ ٿيو ۽ ڪوڪا ڪولا سڄي قالين تي هارجي ويئي.
هن چيو: “ ڪا به ڳالهه ناهي ڊيئر...! ڳالهه اصل ۾ هي آهي جو مسٽر رياض سان شادي ڪندي 25 سال ٿي ويا آهن، پر آئون اولاد جي نعمت کان محروم آهيان، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مسٽر رياض علي ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جا جُزا (جراثيم) نه آهن ۽ مونکي اولاد جي بي پناهه خواهش آهي، ڪيترائي علاج ڪرايا اٿم ۽ حيلا وسيلا هلايا اٿم پر محرومي ئي منهنجو مقدر آهي. اڄ منهنجي نظر توتي پئي، مونکي اميد آهي ته تون مونکي مايوس نه ڪندين ۽ مونسان ضرور تعاون ڪندي، ان ڳالهه جي مونکي رياض علي طرفان به اجازت مليل آهي. هو ڀر واري ڪمري ۾ شراب پي سُتو پيو آهي ۽ ان عيوض آئون توکي مالا مال ڪري ڇڏيندس.”
اهو چوندي بيگم رياض هڪ پيگ شراب جو پيتو ۽ پنهنجي عريان جسم سان مون ڏانهن وڌندي رهي...!!! مون هن جي اولاد جي خواهش خاطر پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ٽينڊر

ٽينڊر

ٽاڪ منجهند جو سخت گرمين جي موسم ۾ ڪلينڪ تي ٻين بجي ڌاري سمورن مريضن سان فارغ ٿي ڪمپائونڊر کي چيم ته: “ڪار کي ڪپڙي سان صفا ڪر ته وڃي ماني کائي اچان.”
ليڊيز ڪمپاٽمينٽ مان بيل وڳي، مان تپاسي ڪنڌ ۾ وجهي، بلڊ پريشر جو آلو ۽ ٿرماميٽر هٿ ۾ کڻي ليڊيز روم ڏانهن وڌيس. ڪونج بيل وڄائي بينچ تي کڻي زور سان پاڻ کي ڇڏيو. مٿي جو هڪ حصو ڀت ۾ لڳس، جنهن ڪري رت جي لار آهستي آهستي اڏي رهي هيس ۽ تيز هلڻ جي ڪري هانڀارو پئي لڳس. ڪونج اٽڪل هڪ سال کان مون وٽ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي دوا وٺڻ لاءِ ايندي هئي. مون هن کي هر ويلي پرشاني ۾ ڏٺو. هن کي ڪا بيماري نه هئي سواءِ ذهني دٻاءُ جي. هن جي علاج ۾ وٽامنز ۽ ٽرونڪلائيز تجويز ڪري کيس آرام جو مشورو ڏيندو هيس ته هي مرڪي طنزيه انداز ۾ اڪثر ڪري چوندي هئي ته :
“ڊاڪٽر هن دور ۾ آرام ڪنهن کي نصيب آهي؟ آرام ته موت کانپوءِ ملي سگهي ٿو.”
مون بلڊ پريشر جو آلو ۽ ٿرماميٽر بينچ تي رکيو ۽ ڪمپائونڊر کي جلد ڪپهه آڻڻ لاءِ چيم. ڪمپائونڊر جلد ئي زخم واري جڳهه تي ڪپهه رکي ته رت جي ٽِم ٽِم بند ٿي وئي. هٿ صاف ڪري زخم جي مَلم پٽي ڪري ڇڏيم. ڪونج جو بلڊ پريشر ۽ پلس ريٽ ۽ ٽيمپريچر چيڪ ڪيم، نارمل هئا. صرف دل تيزي سان ڌڙڪي رهي هئي. اکين ۾ غنودگي جي ڳهر هئس، ڪجهه دير ۾ اچي سُڏڪن ۾ پئي. اصل ماٺ ئي نه پئي ڪري، مٿي تي هٿ رکي چيومانس: “ڏِس ڀيڻ ! تون پنهنجي مرض جي مون کي نه ٻڌائيندي ته آئون تنهنجي مرض جي دوا ڪيئن ڪري سگهندس، مريض کي گهرجي ته ڊاڪٽر کي پنهنجي مرض جي پوري ڄاڻ ڏي ۽ تعاون ڪري ته جيئن ڊاڪٽر مرض جي صحيح علاج ڪري .”
ڪمپائونڊر کي پاڻي آڻڻ جو چيم. اهو پاڻي پيارڻ کانپوءِ تسلي ڏيندي چيومانس ته:
“ادي توکي خبر ڪهڙي تڪليف آهي. مون کي اها ٻڌاءِ جيئن ان کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.”
سُڏڪن مان اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. آئون ان کي ڇڏي ٻيهر اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺس. هو ڀلي روئي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري. ٿوري دير بعد وري مريض اچڻ شروع ٿي ويا ۽ آئون انهن کي ڏسڻ ۾ لڳي ويس. بُک به اچي ڏاڍي لڳي. ڪمپائونڊر کي چيم ته پڪوڙا وٺي اچ ۽ چانهه هوٽل تي چئي اچ ته جسم ۾ گلوڪوز جي ڪمي ڪجهه پوري ٿئي. مريضن مان فارغ ٿي پڪوڙا کائي، چانهه پيتم، پاڻ کي توانو محسوس ڪيم. مٿي ۾ بُک جي ڪمي ڪري ايندڙ چڪر ڪجهه گهٽ ٿي ويا. اڪثر ڪري جڏهن به ڪلينڪ ۾ رش هوندي هئم ته پڪوڙا کائي مٿان چانهه پي گذارو ڪندو هئس. اسان ڊاڪٽرن جي به ڪهڙي زندگي آهي؟ ٻين کي کاڌو وقت تي کائڻ جي تجويز ڏيندا آهيون ۽ پاڻ اڪثر ڪري ڪمهلو ئي کائيندا آهيون.

ليڊيز واري ڪمري ۾ وري آيس ته ڪونج روئي روئي ٿڪجي پئي هئي ۽ ٻيون به ڪجهه مريض مايون اچي ويون هيون. ٻين مريض عورتن کي تپاس ڪري فارغ ڪيم، پوءِ ڪونج کي چيم ته:
“ادي تون پنهنجي تڪليف مون کي ٻڌاءِ ته آئون تنهنجي لاءِ صحيح علاج تجويز ڪري سگهان.”
ڪونج روئيندي روئيندي چيو: “ادا پنهنجي وڍيءَ جو ڪو ويج نه آهي. مون کي اگر مهرباني ڪري سگهين ته هڪ زهر جي سُئي هڻي موت جي منهن ۾ سمهاري ڇڏ ته تنهنجي احسانمند رهنديس. تون منهنجو ڀاءُ آهين ۽ آئون توکي پنهنجو همدرد ڀاءُ سمجهي ايندي آهيان ۽ تنهنجي همدردي پائي محسوس ڪندي آهيان ته دنيا ۾ ڪجهه همدرد ماڻهو موجود آهن. پر ادا منهنجي دردن جو درمان تو وٽ آهي ڪو نه.”
چيومانس: “ادي تون پنهنجي دل جو بار لاهڻ لاءِ پنهنجي دل اندر جو درد مونسان ونڊ ٿي سگهي ٿو ته توکي انهيءَ مان ئي آرام ملي سگهي ٿو.”
پوءِ چوڌاري ڏسندي مطمئن ٿيندي چيائين ته: “ادا توکي ته خبر آهي منهنجو مڙس ٺيڪيدار آهي ۽ هن جو هر ٽينڊر نڪرڻ کان پهرئين منهنجي جسم جو ٽينڊر نڪرندو آهي. جيڪو هاڻ منهنجي قوت کان، برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو آهي. آئون هن درديلي دنيا جي ڪٺن چوواٽي تي هلي هلي هاڻ ڪافي ٿڪجي ۽ ..... ٿي چڪي آهيان. رابيل ۽ سنڌو ڪافي وڏا ٿي چڪا آهن. آئون انهن ٻارن جي سامهون ايندي پاڻ کي ندامت ڀريو محسوس ڪيان ٿي. ڇاڪاڻ ته هي ڪجهه سالن ۾ ئي سمجهه لائق ٿي ويندا ۽ منهنجي فعلن کي هي مونکي ننديندا. هاڻ منهنجي قوتِ مدافعت به جواب ڏيئي چڪي آهي، سوچيان ٿي ته پنهنجو پاڻ خودڪشي ڪري پنهنجي وجود کي هن پاپي سنسار کان نجات ڏياريان، مونکي هن دنيا ۾ جيئڻ جو ڪو به حق نه آهي. آئون پنهنجي پاڻ کي هن پاپي دنيا ۾ بار محسوس ٿي ڪريان. هن سنسار جي سُندرتا ۽ سُونهن تي مان هڪ بدنما داغ ۽ مها پاپ آهيان.”
ڪونج جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. مون هن جي لڙڪن کي ڏسڻ بدران ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو جيئن هو لڄي نه ٿئي. پنهنجي ڪهاڻي کي جاري رکي، هٿ کي زور زور سان بينچ تي هڻندي چيائين:
“ڊاڪٽر ! آئون هن پاپ جي دنيا ۾ پاڻهي ڪونه آيس، پر ان شخص جيڪو منهنجي زندگي جي ڏُک سُک جو ساٿي چوائيندو آهي ۽ مونسان بي انتها پيار ڪرڻ جو دعويدار به آهي، اهو آهي عامر جيڪو منهنجو شريڪِ حيات مڙس آهي. عامر هڪ عام ماڻهن جيان پيار ڪندڙ مڙس آهي، پر هي منهنجي سمجهه کان بالاتر آهي. آئون کيس اڃان تائين سمجهي نه سگهي آهيان. يا اهو ته ڪڏهن به سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿم. اڄ کان ٻارنهن سال پهرين جڏهن ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر جي شاگرد هئس ته هي اڪثر ڪري ڪاليج جي گيٽ کان ٻاهر مون کي هڪ پان جي ڪئبن اڳيان سگريٽ ڇڪيندو نظر ايندو هو. سگريٽ ۽ ٻيڙي کان نفرت ڪرڻ جي باوجود به هن جي سگريٽ پيئڻ جي ادا الائجي ڇو وڻندي هئم. مون اهيو محسوس ڪيو ته هي اڪثر ڪري موڪل مهل منهنجي رڪشا جي پٺيان منهنجي گهر تائين پيڇو ڪري ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو منهنجو وهم هجي. ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن به پنهنجي ڪا به ڳالهه نه چئي هئي. هڪ ڏينهن آرهڙ جي سخت گرمين جي ڏينهن ۾ منهنجو رڪشا خراب ٿي ويئي. رڪشا جي ڊرائيور لهي ڪافي منهن مٿو هنيو پر رڪشا نه ٺهي هئي، سا نه ٺهي. مان رڪشا تان لهي ٻي رڪشا جو انتظار ڪرڻ لڳس. الائي ڇو ان ڏينهن مئا رڪشا وارا خبر ڪٿي مري ويا هئا...؟ جو ڪافي دير گذرڻ جي باوجود به اتان ڪنهن به رڪشا جو گذر نه ٿيو، اڌ ڪلاڪ گذري ويو. آئون پنهنجي گهر جي رستي تي پنڌ هلڻ لڳس ڪجهه چند قدم هليس ته هڪ موٽر سائيڪل تيز چيڪاٽ واري بريڪ سان بيٺي. ڪنڌ ڦيري ڏٺم ته ان موٽر سائيڪل تي عامر هو. ڪنڌ هيٺ جهڪائي نهايت نياز نِوَڙت ۽ ادب سان چيائين: “محترمه اگر دل ۾ نه ڪريو ته آئون توهان کي توهان جي گهر تائين ڊراپ ڪريان.” الائي ان ڏينهن ڇا ٿيم، مردن جي چالاڪي جا قصا ٻڌا هئم. پر عامر جي الائي ڪهڙي قوت جنهن مون کي موٽر سائيڪل تي ويهڻ لاءِ مجبور ڪيو. گهر پهچي پاڻ کي بروڀلو چيم. پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ به آئي، جذبات تي قابو ڪري ٻيهر اهڙي غلطي نه ڪرڻ جو عزم ڪيم. ٻئي ڏينهن جڏهن ڪاليج مان نڪتم ته عامر اڳيان موٽر سائيڪل کي بيهاريو ۽ ان تي غيرارادي طور ويهي رهيس. اهو سلسلو روز هلندو رهيو ۽ انٽر جي امتحانن کانپوءِ عامر ۽ منهنجي شادي تي ختم ٿيو. منهنجي ماءُ پيءُ هن شادي جي ڏاڍي مخالفت ڪئي. جنهن ڪري مون مجبورن عامر سان ڪورٽ مئريج ڪرڻي پئي ۽ مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي سهاري کان هٿ ڌوئڻا پيا. شادي کانپوءِ آئون عامر جي گهر اچي ويس. عامر جا ماءُ پيءُ زنده نه هئا. هي اڪيلو ئي فرد هو. ايم اي پاس هو ۽ روزگار جي تلاش ۾ هو. هن کي پنهنجي دوست انجنيئر جي مدد سان ٺيڪو مليو. ان ٺيڪي جي شروعاتي پئسي جي مدد انهي انجنيئر دوست ڪئي. ان انجنيئر دوست جي فرمائش تي عامر سندس دوست جي دعوت عامر پنهنجي گهر ۾ ئي ڪئي. دعوت کانپوءِ هي ٻئي دوست ايترا مدهوش ٿي ويا جو انهن ٻنهي جي بسترن جي زينت مون کي ئي بڻجڻو پيو. صبح جو عامر جي انجنيئر دوست جي ويندي ئي مون راتوڪي ساري حقيقت عامر کي سڻائي. هن ڪاوڙ بجاءِ مون کي ڌمڪي ڏيندي چپ رهڻ جو چيو. “انهيءَ انجنيئر دوست واعدو ڪيو آهي ته تمام جلد هڪ ٽينڊر ويهن لکن ۾ منهنجي نالي سان کوليندو. جنهن ۾ پاڻ کي ڏهن لکن کان مٿي بچت ٿيندي. انهيءَ معمولي ڳالهه جو ڪو به اُلڪو نه ڪر. مان توکي بي انتها چاهيان ٿو. مان چاهيان ٿو ته تون خوش ۽ هيرن، جواهرن ۾ ڇڄيل رهين.” پاڻ کي اندر ۾شرمندو محسوس ڪيم. ماءُ پيءُ کان ناتو اڳ ۾ ئي ڇڄي چڪو هيو، مڙس جو سهارو هئم ته جنهن لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪنديس اهو اهڙو بي غيرت نڪرندو... اندر ۾ غيرت جي باهه ڀڙڪندي به منهن سان ڪجهه به ڪُڇي نه سگهيس، سواءِ نيڻن مان چند نير وهائڻ جي ۽ ان کانپوءِ باقاعدگي سان عامر جا ٺيڪا کلندا رهيا هر ٽينڊر نڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين مون کي ان انجنيئر جي گهر وڃي هن جون جائز ناجائز گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون هيون. هن جون مون لاءِ جائز گهرجون ڪهڙيون هيون، سموريون گهرجون ناجائز هيون. مڙس جي بي غيرتي ۽ منهنجي بي حيائي جي ڪري اسان جو معمولي گهر ڪجهه سالن ۾ محل ٿي ويو، ۽ دنيا جي ضروري ۽ غيرضروري شيءَ ان ۾ موجود هئي. شادي جي ٻن سالن کانپوءِ رابيل پيدا ٿيو ۽ ساڍن ٽن سالن کانپوءِ مرڪ هن ڌرتي تي قدم رکيو. آئون محسوس ڪريان ٿي ته اهي ٻئي ٻار عامر جا آهن يا نه پر منهنجي جگر جا ٽُڪرا ضرور آهن. انهن جو صحيح پيءُ ڪير آهي؟ ان جي ته مون کي خبر ڪونهي.....!!!”
اهو چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. مٿي تان هٿ ڦيريندي چيومانس ته:
“ڀيڻ هن دنيا ۾ ڪيترائي ڪٺن مرحلا اچن ٿا انهن سان منهن ڏيڻ ئي جهاد آهي. خدا ڪا نه ڪا بهتر راهه ضرور ڏيندو. توهان ڪجهه منٽ همت سان ڪم وٺو.”
سُڏڪندي سُڏڪندي چيائين: “ادا آئون عامر کان شديد نفرت ڪيان ٿي، جنهن ئي مون کي هن پاپي راهه تي آندو آهي ۽ جڏهن به آئون هن جي ناجائز تعاون کان جواب ڏيان ٿي ته هي اهو ئي چوي ٿو ته : “جاني هي سڀ ڪجهه تنهنجو آهي، ۽ آئون به تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪريان ٿو.” هي سموري جائيداد به منهنجي نالي خريد ڪري پيو پر مون کي اهو سڀ ڪجهه نه گهرجي، مون کي سُڪون گهرجي، هاڻ منهنجا ٻار سمجهه ڀريا ٿي چڪا آهن. اهي به انهن ڪارنهن واري ڪم جي پروڙ پوندي مون کي ضرور ننديندا ۽ مون کان نفرت ڪندا. آئون اهو سوچي پريشان ٿي وڃان ٿي ته ٻارن کي خبر پوڻ کان پهرئين آئون خودڪشي ڪري ڇڏيان.... پنهنجو پاڻ کي ذهني ولوڙ مان نجات ڏياريان ته جئين اڳتي لاءِ ڪو به ٽينڊر ڀرجڻ کان پهرين منهنجو ٽينڊر ڀرجي نه سگهي.....!!!”

ترڪيب

ترڪيب

سرجيڪل وارڊ ۾ منهنجي نئين نئين پوسٽنگ ٿي هئي. هتي هر ڪم سسٽم تحت پئي هليو. هر مريض کي بنا سفارش جي داخلا ملندي هئي ۽ ان جو آپريشن به بنا سفارش جي نمبر سان ٿيندو هو. هر مريض جي سار سنڀال به سُٺي نموني سان ورتي ويندي هئي. مريضن سان اخلاق ۽ پيار سان ڳالهايو ويندو هو. پروفيسر صاحب روزانه پنهنجي ٽائم تي ايندو هو ۽ وقت پورو ڪري پوءِ ويندو هو. ان ڪري اسسٽنٽ پروفيسر، سينئر رجسٽرار، رجسٽرار به پنهنجي وقت تي ايندا هئا. تمام سٺو ماحول هوندو هو، جيڪو مون کي ڏاڍو پسند آيو. مون کي هن وارڊ ۾ ڪم ڪندي مهينو ٿي ويو. هڪ ڏينهن پروفيسر صاحب مون کي سڏرايو، جڏهن آئون پروفيسر صاحب جي آفيس ۾ ويس ته پروفيسر صاحب مون سان خوش اخلاقي سان مليو ۽ مون کي ويهڻ جي صلاح ڪئي. آئون پروفيسر صاحب جي سامهون پيل صوفي تي ويهي رهيس. پروفيسر صاحب مون کي چيو ته:
“ڊاڪٽر صاحب ! آپريشن ۾ مريضن طرفان گهرايل دوائن ۾ شڪايتون ٿين پيون، توهان وارڊ ۾ موجود دوائن ۽ مريضن کان گهرائڻ وارين دوائن تي نطر رکو. نظر ڇا رکو بس سڄو ريڪارڊ رکو.”
مون : “جي سر!”
چئي ٻاهر نڪري آيس ۽ وارڊ ۽ او ٽي جو سمورو ريڪارڊ چيڪ ڪيو. سرڪار طرفان ملندڙ دوائون ناڪافي هيون، جنهن ڪري اسٽاف هر اوٽي تي مريضن کي آپريشن لاءِ دوائون لکي ڏيندي هئي. جيڪو سامان مريضن کي آپريشن کان هڪ ڏينهن پهرين لکجي ملندو هو ۽ آپريشن واري ڏينهن اهو سامان اسٽاف کڻندي هئي. جنهن ڏينهن اسٽاف مريضن کي سامان لکي ڏنو ان شام جو ئي مون اهو سامان مريضن کين ورتم ۽ هڪ لسٽ ٺاهي ۽ پنهنجي نئون آندل رجسٽر ۾ نوٽ ڪيم. جڏهن مون مريضن جو سامان چيڪ ڪيم ته اهو ايترو هيو جو ان سان پوري مهيني جو اوٽيون ٿي سگهيو پئي. هڪ مريض جي آپريشن لاءِ ٻه ٽي سو جو سامان ڪافي هيو.پر هتي ته هر مريض کي ڇهه ست هزار جو سامان لکي پئي ڏنو ويو، جيڪو هڪ مريض جو سامان به ان ڏينهن جي سمورن مريضن لاءِ ڪافي هو. هر او ٽي ۾ ارڙهن کان ويهه مريض هوندا هئا. جن جو آپريشن ٿيڻو هوندو هو. جڏهن مريض طرفان آيل سامان تمام گهڻو هو، مون هڪ ترڪيب ڪئي، ايندڙ سامان رجسٽر ۾ نوٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ هر آندل سامان مٿان پنهنجي صحيح ڪري تاريخ لکي ڇڏي. جيڪا مارڪر سان نمايان نظر اچي رهي هئي. اها او ٽي گذري ويئي. ٻئي او ٽي وارڊ ڏينهن به اسٽاف مريضن کي سامان لکي ڏنو، جيڪو شام جو مريض وٺي آيا. حالانڪه اسٽاف وٽ موجود سامان پورو مهينو اوٽيون هلي پئي سگهيون. مريضن جو آيل سامان چيڪ ڪيم ته اهو ئي ساڳيو سامان اسٽور تان آيو. جنهن تي منهنجي صحيح ڪيل هئي ۽ تاريخ لکيل هئي.
ٻئي ڏينهن اوٽي جو ڏينهن هو. مون اسپتال سوير پهچي، اسٽاف جو انتظار ڪيو. جڏهن اسٽاف آئي ته مون هن کي چيو ته:
“گذريل اوٽي ۾ مريضن طرفان ڪافي سامان آيل هوته مريضن کي ٻيهر سامان ڇو لکي ڏنو....؟”
اسٽاف لاپرواهي ۾ چيو ته: “ڊاڪٽر اهو سامان ختم ٿي ويو.”
مون چيو: “ اهو سامان ته ڪافي هيو ۽ هي ڪالهه مريضن طرفان آندل سامان به اهو ئي آهي، جنهن تي مون صحيح ڪيون هيون، اهو سامان ٻيهر مريض اسٽور تان خريد ڪري آيا آهن.”
اسٽاف نرس منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، جڏهن ٻيهر کيس چيم ته: “ اسٽاف هتان جو سامان وڪيو ويو آهي. اهو ڪڌو ڪم ڪنهن ڪيو آهي؟ انجي باري ۾ اوهان کان پُڇان ٿو”
اسٽاف نرس خفگي مان چيو ته: “ڊاڪٽر مون کي خبر ناهي، مون کي ڪم ڪرڻ ڏي ۽ مونسان وڌيڪ بحث نه ڪر.”
ڀر ۾ بيٺل ڊاڪٽر شمس چيو ته: “اسٽاف سان وڌيڪ بحث نه ڪر، متان توتي ڪو الزام هڻي ڇڏي....”
مون ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي. مريضن کان اسٽور جو پڇيم، ان اسٽور تي ويس، جنهن پهرين تي رُکائي مان چيو:
“مون کي خبر ناهي”
پوءِ مون هن کي چيو ته: “مون کي پروفيسر صاحب چيو آهي، ٿي سگهي اهو معاملو پوليس ۾ ڏي.”
پروفيسر ۽ پوليس جي ڊپ کان همراه ٿڌو ٿيو چيائين ته:
“او ٽي واري اسٽاف نرس اهي دوائون مون کي اڌ قيمت تي وڪڻي ويئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيتري عرصي کان جاري آهي. چاليهه کان پنجاهه هزار روپيه هر اوٽي تي مون کي اسٽاف دوائن جي بدلي ۾ وٺندي آهي.”
آئون حيران ٿي ويس ۽ رجسٽر ۽ سمورو ريڪارڊ کڻي ٻئي ڏينهن تي پروفيسر جي آفيس ۾ ويس. کيس سموري حقيقت پيرائتي ڪري ٻڌايم ته ڪهڙي ريت اسٽاف پنهنجي پگهار کان به ڏهوڻي رقم اسپتال مان ڪمائي رهي هئي. پروفيسر تپي باهه ٿي ويو ۽ فورن گهنٽي وڄايائين ، پٽيوالو اچي ويو، ان کي چيائين ته:
“اسٽاف نرس کي سڏي اچ”
اسٽاف نرس آئي روئڻهارڪو منهن ٺاهي بيهي رهي. پروفيسر صاحب ڪاوڙ مان نرس ڏي منهن ڪري چيو ته:
“ڊاڪٽر ڇا پيو چوي ته تون لکين روپين جون دوائون هرمهيني مريضن کان گهرائي وڪڻي ٿي، جنهن جو ثبوت به ڊاڪٽر ڏئي پيو.”
اسٽاف نرس روئڻ لڳي. پروفيسر صاحب مون کي چيوته : “ڊاڪٽر صاحب اوهان وڃو.”
آئون ٻاهر نڪري آيس، ڀر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر صاحب جي آفيس هئي. ان مونکان پڇيو ته : “ڊاڪٽر صاحب ڇا ٿيو؟” ان کي سموري حقيقت ٻڌايم. جنهن کلندي چيو ته:
“پروفيسر صاحب جيڪو ڪم سالن ۾ نه ڪري سگهيو، سو تو چند ڏينهن ۾ ڪري ڇڏيو. اها هئي پروفيسر صاحب جي ترڪيب.”
آئون اسسٽنٽ پروفيسر جي ڳالهه سمجهي نه سگهيس، ڪجهه دير کانپوءِ محسوس ڪيم ته پروفيسر صاحب ۽ اسٽاف نرس جي ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هئا. ڪجهه دير کانپوءِ اسٽاف نرس کلندي پروفيسر صاحب جي آفيس مان نڪتي. پروفيسر صاحب گهنٽي وڄائي. پٽيوالو اندر ويو، ڪجهه دير کانپوءِ ٻاهر نڪري مون وٽ آيو، چيائين ته: “توهانکي پروفيسر صاحب سڏي رهيو آهي.” آئون پروفيسر صاحب جي آفيس ۾ ويس پروفيسر صاحب مونکي چيو ته:
“ڊاڪٽر صاحب ! بس هاڻي توهان کي او ٽي ٻاهران گهرايل دوائون چيڪ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اسٽاف کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي ويو آهي. هاڻي هو اهڙو ڪم نه ڪندي.”
مان ڪنڌ جهڪائي پروفيسر صاحب جي آفيس مان نڪري ويس.

افسوس

افسوس

فيض محمد بي اي سُٺن نمبرن ۾ پاس ڪئي. اڳيان وڌڻ ۽ پڙهڻ جي شوق هن کي اڳيان پڙهڻ جو موقعو ڏنو. ايم اي ۾ داخلا ورتائين. ٻه سال به کن پل ۾ گذري ويا. ايم اي به سُٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. مائٽن جو ڪو به ڪاروبار نه هو سو ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڪا سرڪاري نوڪري ملي وڃي. سو ڪيتريون درخواستون لکي هو هر شعبي ۾ موڪليائين. تازو عوامي سرڪار آئي هئي، هن کي اميد هئي ته کيس نوڪري ضرور ملندي. ايم پي اي، ايم اين اي، ۽ تر جي وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ چڱن مڙسن وٽ ڪيترائي ڏينهن جُتي گسائيندو رهيو پر هن کي نوڪري نه ملي. هن کي ڪهڙي خبر ته جهموري دور ۾ نوڪريون پئسن تي ملن ٿيون. جيڪا به نوڪري آئي پارٽي جا جيالا، ايم پي اي، ايم اين اي ان کي سُٺي اگهه ۾ وڪڻيو ڇڏين. هن وٽ ته رشوت ڏيڻ لاءِ پئسا نه هئا. آخر روزي روٽي ڪرڻي هئي سو زال جا زيور وڪڻي پنهنجي ئي پاڙي ۾ هڪ ننڍڙو پرچون جو دڪان کولي ڇڏيائين. ان دڪان ۾ اڃان هڪ روپئي جو به ڌنڌو نه ڪيو هئائين ته ڪامريڊ ڪرڙ ڪانڊيرو دڪان تي پهچي ويو. ڪامريڊ ڪرڙ ڪانڊيرو هڪ تنظيم جو صدر هو. فيض محمد کان ڀتي جي گهُر ڪيائين. فيض محمد چيو ته:
“مون اڃان اڄ دڪان کوليو آهي، هڪ روپئي جو به ڌنڌو نه ڪيو اٿم.”
ڪامريڊ ڪرڙ ڪانڊيرو چيس ته: “اهو تنهنجو مسئلو آهي، منهنجو مسئلو تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ آهي، ان ۾ ته توکي حصو وٺڻو پوندو.”
ڪافي ريڙهه پيڙهه کانپوءِ همراهه گهر وڃي پنهنجي ننڍڙي جي اسڪول لاءِ رکيل في کڻي ڪامريڊ کي ڏئي ڇڏي. ٻئي ڏينهن ڪجهه ڌنڌو ٿيس ته ٻيو ڪامريڊ چٻري جيان ڏند ڪڍندو همراهه وٽ پهتو. ڏند ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته همراهه مهيني کان ڏندن کي ڏندڻ ئي نه ڏنو هو. ويچاري جو جيڪو به ڌنڌو ٿيو اهو هن ان ڪامريڊ کي ڏيئي ڇڏيو. ٽئين ڏينهن ٽيون ڪامريڊ ٽنڊڻ سنڌي هن کان پارٽي ۽ ميٽنگ لاءِ گاڏي ڪرائڻ لاءِ هن کان پئسا ڦري ويو. چوٿين ڏينهن هڪ اک وارو ڪامريڊ ڏيڏر سنڌي هن کان غنڊه ٽيڪس بهاني رقم ميڙي ويو. الفرض ٽيهن ڏينهن ۾ هي ٽيهه ئي ڏينهن هي ڪامريڊن ۽ اخباري نمائندن جي هٿان هي ڦربو رهيو. اخباري نمائندا ته ڪامريڊن کان به وڌيڪ هئا. دُڪان ۾ هو ڇا جو اشتهار ڏي...؟ آخر نوبت اچي بکن ۽ فاقن تي پهتي. آخر ڪافي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ هن هڪ اهم فيصلو ڪيو. پنهنجو نالو فيض محمد مان مٽائي ڪامريڊ کڙ کٻيتو سنڌي رکي ڇڏيو ۽ پنهنجي هڪ پارٽي ٺاهي ڇڏي. ان جو صدر ٿي ويهي رهيو. هڪ اخبار ڪڍڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيائين. ان کانپوءِ هن اهڙا ئي ڪم شروع ڪيو جيڪو ڪامريڊ ۽ اخبار وارا ڪن ٿا. ڪالهه مليو ٽيوٽا ڪرولا ۾، چيائين ته :
“الله جو شڪر آهي مهيني ۾ ٻه ٽي لک ملي وڃن ٿا، پر افسوس اهو اٿم جو هي ڪم مون دير سان شروع ڪيو.”

مهان راڳي

مهان راڳي

ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڳوٺ جي اديبن طرفان سنڌ جي مهان راڳي سان شام ملهائي ويئي. ڪافي مقررن راڳيءَ جي راڳ تي روشني وڌي ته “هي قومي هيرو آهي، هن جي قومي راڳ ئي هڪ مشعل راهه آهي. هن ڌرتي تي هن غريب ماڻهن لاءِ انقلاب برپا ڪيو آهي.” بس مقررن راڳي جي تعريف ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. آخر ۾ راڳي پنهنجا خيال پيش ڪيا. چيائين ته: “مون پنهنجو پاڻ کي قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. قوم جو درد منهنجو درد آهي.”
پنهنجي واکاڻ ۾ پاڻ کي سنڌ جو هيرو ڪري ڇڏيائين ۽ ڪافي رات تائين راڳ ڳائيندو رهيو. رات گهڻي ٿي ويئي ڳوٺ وارن مهان راڳي کي ڳوٺ ۾ ئي رهائي ڇڏيو. صبح ساجهر ٿي ڌماڪو ٿيو. ميزبانن ڪرائي جي ڪار ڪرائي مهان راڳي کي ان ۾ ويهاري ڳوٺ کان ٻاهر ڪڍيو. ڪار واري کي چڱي رقم ڏئي چيائون ته: “همراهه کي شهر ۾ سندس گهر پُڄائي، ڇاڪاڻ ته رات هن ايترو ته شراب پيتو هيو جو هن کي خبر ئي نه رهي ڳوٺ جي نوجوان ڇوڪري سان زوري زنا ڪري وڌو هو. جيڪو هن جي مهانتا جو ڀرم رکندي هن سان ڪچهري ڪرڻ آيو هو.”

منافع بخش ڪاروبار

منافع بخش ڪاروبار

1984ع وارن ڏينهن ۾ سرجيڪل وارڊ جي بيڊ نمبر 2 تي ابوبڪر نالي مريض گردي جي پٿري جي سلسلي ۾ داخل هو. هن جو آپريشن هو، ڊاڪٽر هن کي هڪ پرچو دوائن جو لکي ڏنو ته وٺي اچ ته صبحاڻي تنهنجو آپريشن ڪريون. هن وٽ پئسا نه هيا. آپريشن ملتوي ٿي ويو. آخر ٽي دفعه هن جو آپريشن ملتوي ٿيو.پيشاب جي نالي ۾ ڪيٿٽر لڳل هٿ ۾ يورين بيگ آيو. آئون ڪائونٽر تي ويٺل هئس چيائين ته: “ڊاڪٽر مون وٽ پئسا ته آهن ئي ڪونه.”
چيومانس : “ ڪو عزيز، قريب....؟”
چيائين: “ ڪو عزيز، قريب نه آهي.”
هن جي هٿ تي ڪجهه نوٽ رکيم ۽ سڄي وارڊ کان چندو ڪري هن کي پئسا ڏنم. ٻئي ڏينهن هن جو آپريشن ٿي ويو. 1984ع کان پوءِ 2017ع ۾ صدر بازار حيدرآباد ۾ مليو. يورين بيگ هٿ ۾ ۽ پيشاب جي نلي ۾ ڪيٿٽر لڳل هو. ڪافي پوڙهو ٿي ويو هو. مون کي سُڃاڻي ورتائين ۽ نالو وٺي سڏ ڪيائين، چيائين ته “سائين توهان چندو ڪري جنهن ڏينهن منهنجو آپريشن ڪرايو. ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ مون کان ڪو به ڪم نه پڄيو سو ٻيهر پيشاب يورين بيگ ۾ ڪريو، بيگ هٿ ۾ کنيو، پندو وتان پيو. چيائين ته سائين هاڻ ته روزگار به اهو ئي آهي ۽ آهي به ڪافي منافع بخش جنهن ۾ نه دماغ لڳي ۽ نه ئي ڪا محنت....!!!”

زنده لاش

زنده لاش

اليڪشن جا ڏينهن هئا. رئيس ڪمال دين جي بنگلي تي ووٽرن ۽ ورڪرن جي رش لڳل هوندي هئي. چانهيون، مانيون لنگر عام وانگر هر ماڻهو کي پيش ٿينديون رهنديون هيون. ان سان گڏ سگريٽ، پان به هرماڻهو کي پيش ڪيو پئي ويو. اسد منهنجو پارٽنر هو ۽ رئيس ڪمال جو خاص ورڪر هو. انڪري بنگلي تي آئون به هن سان اڪثر ملڻ ويندو هوس. رئيس جي بنگلي جي مٿئين فلور جي گئلري تي ويٺو هوس ته ان جي سامهون موجود بازارِ حُسن هوندي هئي. جيڪا سموري نظر ايندي هئي. هڪ دفعي آئون شام جو پنهنجي دوست اسد سان ملڻ ويس. معمول مطابق منهنجو دوست اسد مليو، جيڪو ڪرسي رکي ٻاهر گئلري ۾ ويٺو هو. هڪٻئي جو حال احوال ورتوسين. مون کي کلي چيائين ته: “اڄ مون هڪ تحقيقي ڪم ڪيو آهي.”
حيرانگي مان پڇيومانس ته : “اهو وري ڪهڙو تحقيقي ڪم ڪيو اٿئي....؟”
کلي چيائين ته : “اڄ صبح کان وٺي اجهو پنج ٿين پيا، آئون هن ڪرسيءَ تي ئي ويٺو آهيان، مون پنهنجي ماني به گهرائي هتي ئي کاڌي آهي.”
چيومانس : “آخر ڪهڙي تحقيق ڪرين پيو جو هتان صبح کان وٺي چُرين به نه پيو.”
چيائين : “اهم تحقيق ڪريان پيو، توکي ٻڌائيندس ته تنهنجا به اوسان خطا ٿي ويندا.”
چيومانس : “اهڙي وري ڪهڙي نئي ڳالهه شروع ڪئي اٿئي جو منهنجا اوسان خطا ٿي ويندا؟”
ورندي ڏنائين ته: “اڄ صبح اچڻ سان ئي آئون سامهون موجود بازارِ حُسن جي هن ڳاڙهي دروازي واري طوائف جي کولي کي ڏسي رهيو آهيان. جنهن ۾ صبح کان هينئر تائين 31 ماڻهو وڃي ۽ نڪري چڪا آهن. اهو سلسلواڃان هلي پيو. اڃان شام جا پنج ٿيا آهن ۽ شام کانپوءِ رات به پئي آهي. اهو سلسلو الائي ڪيترو وقت هلندو ۽ 24 ڪلاڪن ۾ اهيا طوائف ڪيترن ماڻهن کي خوش ڪندي....!؟”
آئون سوچن ۾ ٻُڏي ويس ۽ منهنجي اکين مان لڙڪ لڙي آيا، جن بي مندائتي برسات جيئن وسڻ بند ئي نه ڪيو. منهنجو گلو ڀرجي آيو. آئون وڌيڪ ٻڌي نه سگهيس. پنهنجي دوست کان موڪلائي ٻاهر اچي بنگلي جي هڪ ڪنڊ ۾ خوب رُنس. انهن سوچن ۾ پئجي ويس ته اها عورت جيڪا هينئر طوائف بنيل آهي، اها ڪنهن جي ڌي هوندي، ڀيڻ هوندي، هن جا ڪي پنهنجا خواب هوندا، ۽ درد رکڻ واري دل هوندي...... يا بس پاڻ کي وحشي بگهڙن ۽ خوني درندن جي عياشي جو سامان بنجي ائين ئي زنده لاش بنجي ڳجهن ۽ بازن هٿان پنهنجو ماس روڙائيندي رهندي.....!؟

ابا الله خوش رکئي، امان کي جيئاري ڇڏيئي !

ابا الله خوش رکئي، امان کي جيئاري ڇڏيئي !

مير محمد کي ڳوٺ ۾ ڪم ڪار نه مليو. هن شهر طرف رُخ ڪيو. شهر ۾ به نوڪري ۽ پورهيو مشڪل سان ملي ٿو. پر هن همت نه هاري، ڪوشش ڪندو رهيو. آخر رئيس دلبر خان جي زيرِ تعمير بنگلي جي ٻاهر ئي هڪ ننڍڙي جهوپڙي ٺاهي ان ۾ رهڻ لڳو. زيرِ تعمير ٿيندڙ بنگلي جي ريتي، سيمينٽ، سريا ۽ سِرن جي حفاظت ڪندو هو. ماني ڪجهه پرڀرو ملباري جي هوٽل تان کائيندو هو. رفع حاجت لاءِ بنگلي کان اڌ ميل پري هڪ جهنگ هو. ان جو استعمال ڪندو هو.
ان ڏينهن به سج لهي ويو. مستري، مزدور پنهنجو ڪم ڪار ڪري روانا ٿي چڪا هئا. هي ڀر واري هوٽل تان ماني وٺي، ڀونگي ۾ کائي سمهڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته هڪ پوڙهي فقيرياڻي صدا هنئي ته : “ابا الله جي نالي خيرات....” هن کي به خدا جو خوف ياد آيو. سو 10 روپيه ڪڍي فقيرياڻي کي ڏنائين. فقيرياڻي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ جهڙپ ڏيئي هن جي ڀونگري ۾ گهڙي آئي. ۽ هن کي خوب دعائون ڏيڻ لڳي. دعائون ڏيندي ڏيندي هن جي کٽ هيٺ ويهي عجيب و غريب حرڪتون ڪرڻ لڳي، هن جو هٿ مسلسل هلندو رهيو. هن جون ڪيل حرڪتون جيڪي غير شرعي زمري ۾ اچن ٿيون، هي به مرد هو پهرين ته فقيرياڻي کي سمجهائيندو رهيو پر نيٺ شهوت هن تي غالب اچي ويئي. هي اهو ڪري ويٺو جنهن کي ڪبيرو گناهه جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان گناهه ڪرڻ کان پوءِ هن پاڻ کي سنڀاليو جلدئي ڪپڙا پاتا. فقيرياڻي به پنهنجا ڪپڙا سنڀالي هڙ مٿي تي رکي ڀونگي کان ٻاهر نڪرندي چيو ته:
“ ابا الله خوش رکيئي، تو امان کي اصل ٺاري ۽ جيئاري ڇڏيئي....!!!”

ڪامريڊ

ڪامريڊ

هو غريب هو. سدائين غربت جي سُورن جون پچارون پيو ڪندو هو. ويچاري جا ٻه پُٽ پڙهڻ کانپوءِ به بيروزگار هيا. نوڪري لاءِ ميرن، پيرن ، وڏيرن ۽ تر جي چڱن مڙسن، ايم پي اي، ايم اين اي جي درن تي جتيون گسائڻ کانپوءِ هن جي ٻنهي پٽن کي نوڪري نه ملي. ڪالهه ڪار ۾ مليو ، ڏاڍو خوش هيو. کلندي چيائين ته:
“هاڻ مون کي زندگي جو مقصد سمجهه ۾ آيو آهي، ٻنهي پٽن کي مختلف تنظيمن ۾ ڪامريڊ ڪرائي ڇڏيو اٿم. هاڻ ٻنهي کي نوڪري وغيره جي ضرورت ئي نه آهي. هي ڏس مون کي به گهمڻ لاءِ ڪار وٺي ڏني اٿن....!!!”

عظيم ليکڪ

عظيم ليکڪ

هو سُٺو ليکاري هو. هن جا لکيل ليک آئون ڏاڍي شوق سان پڙهندو هوس. الفرض ته هو منهنجي پسند جو ليکڪ هو. هن جون لکڻيون معاشري جون عڪاسي ڪنديون هيون. هن جا لکيل ليک معاشري جي براين کي لپاٽون هڻندا رهندا هئا. هن جو لکڻ واري دنيا ۾ وڏو نالو هو. آئون به هميشه هن جي عظمت کي سلام ڪندو رهندو هيس. من ۾ ڏاڍو شوق هو ته هن سان ملاقات ڪريان. هڪ ڏينهن وقت ڪڍي هن سان ملڻ لاءِ هن جي آستاني تي پهتس. مونکي اتي پهچڻ ۾ ڪافي دير ٿي چڪي هئي، ڪافي رات ٿي چڪي هئي. اتي پهتس ته خبر پئي ته صاحب ! سمهي چڪو آهي. انڪري هاڻي صاحب ملي نه سگهندو. ان جي ملازمن کي پنهنجو تعارف ڪرايم ۽ ٻڌايومانس ته پري کان آيو آهيان، صرف اوهان جي صاحب جو ديدار ڪري، انجا هٿ چمي هليو ويندس. رڳو هڪ منٽ لاءِ صاحب کي سڏايو. ڇاڪاڻ ته آئون هن جو معقد آهيان، ڪافي بحث مباحثي کانپوءِ صاحب جا ملازم راضي ٿي ويا. ۽ مون کي اوطاق جي هڪ اهڙي ڪمري ۾ وٺي آيا جتي اهو عظيم دانشور شراب جي نشي ۾ اڌ ننگي حالت ۾ هڪ بازاري عورت سان گڏ مليو. نشو ايترو ته چڙهيل هيس جو مون ان مهل ئي واپسي ۾ پنهنجي عافيت سمجهي. منهنجي دل ۾ هن جي عظمت جو ٺهيل بُت ڀورا ڀورا ٿي ويو.

ليڊر

ليڊر

هوءَ عورت اڪثر مختلف مردن سان گڏ اچي طبعيت ڏيکاريندي هئي. ۽ پنهنجي غربت جو رئڻ روئندي هئي. مون کيس مشورو ڏنو ته ڪجهه وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري پنهنجي غربت گهٽائي سگهي ٿي. اکين مان لڙڪ لڙي آيس، چيائين ته: “اها ڳالهه منهنجي ليڊر ڀاءُ کي قبول ناهي ته آئون ڪنهن جي گهر وڃي ڪم ڪريان، ان ۾ هن جي عزت ۾ گهٽتائي اچي ويندي.”
چيومانس ته : پوءِ هي هر واري مختلف مردن سان اچي پنهنجي دوا وٺين ٿي... هي ڪم مفت ۾ يا خير ڪندي ته توکي دوا ڪونه وٺي ڏيندا...”
اکين ۾مرڪ اچي ويس لڙڪ لاڙيندي زوري مرڪندي چيائين: “هي سڀ منهنجي ڀاءُ جا دوست آهن، اهو ئي هنن سان گڏ موڪليندو آهي.”

کلڻي...!

کلڻي...!

منهنجي بدلي ٻهراڙيءَ جي لبيڪ هيلٿ يونٽ ۾ ٿي ته اتي ڪافي مريض ديندار هئا. پر هڪ مريض عورت جڏهن به دوا لاءِ ايندي هئي ته سدائين کلندي رهندي هئي. ڪڏهن پاڻ بيمار هوندي هئي ته ڪڏهن ٻار بيمار ٿيندا هيس. دوا وٺڻ ايندي هئي ته پڇندو هيومانس: “ڇا تڪليف آهي؟”
کلندي رهندي هئي. کلندي کلندي پنهنجي ٻارن جي تڪليف ٻڌائيندي هئي. هڪ ڏينهن آئي ته اکين ۾ لُڙڪ هيس. پر کلي رهي هئي. مون چيومانس ته:
“ادي تنهنجي اکين ۾ لڙڪ ڇو آهن؟”
کلندي رهي چيائين ته: “ڪا به ڳالهه نه آهي.”
هن سان گڏ آيل عورت چيو ته :
“سر هن کي سندس مڙس طلاق ڏئي ڇڏي آهي.”
مون مٿي تي هٿ رکي چيومانس :
“ڀيڻ جيڪا الله جي مرضي! الله جي رضا تي راضي رهو. ”
کلڻ لڳي پر هن جي اکين ۾ آيل لڙڪ هن جي ڏک کي لڪائي نه سگهيا. منهنجي بدلي وري شهر جي اسپتال ۾ ٿي وئي. هڪ ڏينهن ڪمپائونڊر ڊوڙندو آيو ته :
“سر ايمرجنسي ۾ هڪ عورت جو لاش پيو آهي. انجي اٽينڊيٽ عورت کي چيو اٿئون ته پوڙهي گذاري وئي آهي. پر هو عورت اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. چوي ٿي ته سر کي وٺي اچو. اهو هن جي موت جي تصديق ڪري.”
آئون ڊوڙندو ايمرجنسي ۾ آيس ڏٺم ته کلڻي لاش وٽ مرڪي کلي رهي هئي. پر هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. مون کي ڏسي هن کي آٿت مليو. مون يڪدم مريض جي پلس، بلڊ پريشر چيڪ ڪيو جيڪو نِل هيو. اکين ۾ ڏٺم ته ماڻڪي ڦهليل هئي. جسم ڪافي ٿڌو هيو. لڳو ته موت کي ڪافي دير ٿي چڪي هئي. کلندي چيائين:
“سائين منهنجي ماءُ کي سُٺي نموني سان ڏسو، هي سڀ چون ٿا ته تنهنجي ماءُ مري چڪي آهي. مون کي اڪيلو ۽ بي سهارا ڪري منهنجي ماءُ مري نه ٿي سگهي.”
منهنجو گلو ڀرجي آيو، هن جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا. چيومانس ته:
“ڀيڻ هي صحيح پيا چون، تنهنجي ماءُ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهي. ”
ڏٺم ته هن جي اکين مان لڙڪ زاروقطار وهي هليا پر چهري تي هلڪي مرڪ هئس. ڄڻ کلي رهي هجي. پوءِ اڪثر شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ مون وٽ دوا لاءِ ايندي رهندي هئي. پنهنجي، پنهنجي ٻارن جي دوا لاءِ پر چهري تي اڪثر مُرڪ ۽ کِل هوندي هئس. اڄ ڪلهه غريب جو ڪير به نه هوندو آهي. ڪيئن وقت گذرندو هوندس....؟ ننڍڙي پُٽ جنهن جي عمر پڙهڻ جي هئي ان گهر جي معاش جو ذمو پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي کنيو. پوءِ ڪافي عرصو هي دوا لاءِ نه آئي. هن جي ڳوٺ جي عورت دوا لاءِ آئي ان ٻڌايو ته : “سر کلڻي جي ٻئي ضلعي ۾ پنهنجي ڳوٺ کان پري ٻي شادي ٿي ويئي آهي.”

هڪ خبر

هڪ خبر

اخبار جي خبر بم جي ڌماڪي کان گهٽ نه هئي. دماغ جا پردا خشڪ ٿيندا ۽ ڦاٽندا محسوس ڪيو. صرف پنج سال پهرين جا واقعا دماغ جي اسڪرين تي ظاهر ٿيندا ۽ گم ٿيندا ويا.
نوشين اسان سان گڏ پڙهندي هئي. قوم پرست ۽ سُٺي مقرر هئڻ سان گڏوگڏ چڱي خاصي اديب به هئي. قومي حوالي سان ٿيندڙ هر فنڪشن ۾ سنڌي ڇوڪرين جي سرواڻ هوندي هئي. ڊاڪٽريءَ جي دماغ ٿڪائيندڙ تعليم سان گڏوگڏ وارڊ ۾ داخل سنڌي مريض جي خدمت چاڪري کان علاوه مختلف موقعن تي جذباتي تقريرون سرڪار طرفان مختلف موقعن تي سنڌ دشمني وارن قدمن کڻڻ خلاف جلسا ۽ جلوس ڪڍڻ، جلوسن ۾ قيادت ڪندي جوشيلا ۽ گرمائيندڙ نعرا هڻندي نوشين ڪا نه ٿڪندي هئي. هن جي هر لکڻي قوم لاءِ وقف هوندي هئي. قوم کي آيل هر تڪليف کي نوشين پنهنجي دل جو درد محسوس ڪندي هئي. سنڌي ٻولي ڳالهائڻ کان علاوه ٻي ٻولي ڳالهائڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪندي هئي. سنڌي ماڻهن کي عزت و احترام لائق سمجهندي هئي.
اڄ ان ئي نوشين بابت اخبار ۾ ڇپيل هڪ ننڍڙي خبر مون کي آسمان تان اڇلائي ڌرتي جي اوناهين ۾ دفن ڪري ڇڏيو. خبر ۾ هو ته ڊاڪٽر نوشين جي شادي اڳوڻي بهار صوبه جي سرواڻ ۽ ڪينيڊا ۾ ڪاروبار ڪندڙ محسن ملڪ سان ڪينيڊا جي هڪ هوٽل ۾ ٿي گذري ...!!!

واسينگ جا وَر

واسينگ جا وَر

ڪنهن مريض کي پڇڻ ڪاڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ڄامشورو ويس. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڏسي حيران ٿي ويس. جنهن کي لوهي دروازن ۾ قيد ڪيو ويو هو. اڳوڻي چهل پهل گهٽ ڏٺو. ماحول ۾ گهُٽ ۽ ٻُوسٽ محسوس ڪيو. سومري واري هوٽل بند نظر آئي. شايد اڄ موڪل ڪئي هجيس. سرائي وارين هوٽلن تي اها رش ڪو نه هئي. من ۾ چانهه پيئڻ جي خواهش ٿي. سرائي جي هوٽل ۾ ٻاهر پيل ڪرسي تي ويهي سنڌي اخبار پڙهڻ لڳي ويس. ڀر ۾ ويٺل نوجوان جوڙي جي گفتگو اخبار تان ذهن ٿيڙي ڇڏيو. پرايون ڳالهيون ٻڌڻ گناهه سهي پر هنن جي گفتگو اهڙي دلچسپ هئي جو مون مجبور ته ڪن ٻڌن. ڇوڪري غير سنڌي هئي ۽ ڇوڪرو سنڌي دل ڦينڪ عاشق هو. ڇوڪري هن کان ڪجهه نوٽس گهري رهي هئي. جن ۾ ايناٽامي ۽ فزيولاجي جو ذڪر هو. جن مان ائين لڳو ته هي پهرئين سال جا شاگرد هئا. ڇوڪر طرفان عشق جا اهڙا ته فلمي گُٺل ۽ واهيات جملا ڇوڪريءَ جي شان ۾ پئي چيا، جيڪي آئون هتي لکي نه ٿو سگهان، پر ڇوڪري بجاءِ انهن جملن تي ڪاوڙجڻ جي هلڪي مُرڪ مرڪي بار بار ان ڇوڪري کي ان ڳالهه تي متوجه ڪري رهي ته ٽيسٽ ويجهي آهي، انڪري مون کي جلد از جلد هوشيار ڇوڪر يا استاد جا لکيل سُٺا نوٽس گهرجن. ان ڳالهه تي ڇوڪرو واڇون ٽيڙي اهو ئي چيو ته بس منهنجي جان ڳالهه به اهيا..... مون اڳ ۾ به ته توکي وقت تي نوٽس ڏنا آهن. بس اعتبار ڪر ٽيسٽ کان اڳ ئي ، بس اڄ شام جو ئي سمورا نوٽس توکي ملي ويندا ۽ پوءِ هڪ گفٽ پاڪيٽ ڇوڪريءَ کي ڏنائين.
چانهه پي آئون به مريض کي ڏسڻ لاءِ وارڊ ۾ ويس. مريض کان پڇي وارڊ کان ٻاهر نڪتس ته اسپتال جي گيٽ وٽ ميڊيڪل اسٽور اها ئي ساڳي غير سنڌي ڇوڪري هڪ غير سنڌي ڇوڪر سان گڏ کلندي ٽافيون وٺندي نظر آئي. ڇوڪري جي آواز ڏانهن متوجه ڪرڻ تي مجبور ڪيو. کلندي ڇوڪري چئي رهي هئي.
“واه جو سنڌي چريو ڦاٿو آهي، هي قوم به عجيب آهي، ڇوڪريون ڏسيو، واڇون ٽيڙيو ڇڏين. بيوقوف ! صبحاڻي نوٽس آڻڻ لاءِ چيو اٿس ۽ هي ساڙهي منهنجي لاءِ اڄ تحفو آندي اٿس.”
ڇوڪر ۽ ڇوڪري جا ٽهڪ گونجڻ لڳا. ڇوڪر جو آواز ٻڌم: “جيترا ڏينهن چريو رهي، اوترا ڏينهن فائدو وٺينس، منهنجي پياري منڱيتر....!”
منهنجي ڪنن جا پڙدا وڄڻ لڳا. وجود واسينگ جي وَر محسوس ڪيو.

رئيساڻي ...!

رئيساڻي ...!

صبح ساجهر اُٿي، شهر جي اهم چونڪ تي موجود ڀائي جي مهراڻ هوٽل تي کير ڏيڻو هوندو هو. سو سويل ئي فجر ٽاڻي اُٿي مينهون ڀٽارين کي ڏوهي انهن کي گاهه پٺو ڏئي، پوءِ کير کڻي، شهر ڏانهن اچڻ لاءِ رئيس هاشم خان جي حويليءَ وٽان لنگهڻو پوندو هو. مون اڪثر پنهنجي من ۾ اها ڳالهه نوٽ ڪئي هئي ته جنهن سمئي رئيس جي حويلي آڏو لنگهائو ٿيندو هئس ته اڌ کليل دروازي جي ڦاڪ مان ٻه اکيون هميشه ڪنهن لاءِ منتظر ڀائيندو هئس.
مهراڻ هوٽل جي ويجهو ئي ريلوي اسٽيشن هئي، جتان سوير گاڏيءَ جو گذر ٿيندو هيو. جنهن ڪري مهراڻ هوٽل تي صبح پنجين بجي کان ئي ماڻهن جي پيهه شروع ٿي ويندي هئي. مهراڻ هوٽل تي پهچڻ کان پهرين مون کي غريب آباد جي گنجان آبادي مان گذرڻو پوندو هو.غريب آباد جي گهٽين مان گذرندي اڪثر رئيس هاشم واري 1980 ماڊل واري مرسيڊيز ڪار غريب آباد جي گهٽين ۾ ڪنهن نه ڪنهن دروازي اڳيان بيٺل هوندي هئي. هاڻ ته رئيس هاشم غريب آباد ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي ڇڏي هئي ۽ رئيس واري مرسيڊيز ڪار سدائين ان جاءِ جي اڳيان ڏسندو هوس. سوچيندو هوس ته رئيس جن وڏا ماڻهو آهن، سو انهن جا ڪم به وڏا هوندا. وڌيڪ سوچڻ مناسب نه ڄاتم. آخر رئيس جي فعلن ۾ منهنجو ڇا وڃي....؟ بس پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو.
روز جي معمول جيان صبح ساجهر اٿيو، مينهون ڏهيو، کير هوٽل تي پهچائيندو هوس. ڪجهه ڏينهن کان رئيس جي حويليءَ جي دروازي جي تاڪن منجهان ٻن اکين سان گڏ ڪو جسم به ڪنهن ڪاڻ منتظر محسوس ڪيم پر منهنجو ان ۾ ڇا وڃي؟ ان ڳالهه تي به ڪو به غور نه ڪيو. پر ٿورو عجيب ضرور ٿيو. ساڍي چئين 4:30 ڌاري جڏهن غريب آباد جي گهٽين ۾ رئيس جي مسواڙي جاءِ اڳيان لنگهندو هوس ته اُتي اڪثر ڪري رئيس جي جاءِ مان ننڍيون، نيٽيون عورتون نڪرندي ڏسندو هوس، پوءِ اهو معمول ٿي ويو. روزانو نيون نيون ۽ سُٺن لباسن واريون عورتون اتان نڪرندي ڏسندو هوس. ڳالهه ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ آئي، پر جئين ته مون کي کير پهچائڻ جي جلدي هوندي هئي انڪري وڌيڪ نه سوچيندو هوس.
هڪ ڏينهن کير کڻيو، شهر ڏانهن وڃي رهيو هوس ته رئيس ملوڪ جي حويليءَ جي دروازي جي ڦاڪ وڌيڪ کلندي ڏٺو. هڪ وجود آڱر جي اشاري سان سڏ ڪيو. ويجهو ويس، اندران آواز آيو “آچر تنهنجي هڪ مينهن ڍُڪي ٿي ويئي آهي، پوءِ تنهنجو کير ته گهٽ ٿيندو هوندو، ٿيتن جي پورت ڪيئن ڪندي هوندي....!؟”
سمجهي ويس ته رئيساڻي آهي. ڪنڌ جهڪائي ورندي ڏني مانس ته:
“سانئڻ ڇا ڪجي ؟ غريب ماڻهو آهيون، مڙئي گذارو ڪريون. جيڪو کير گهٽ ٿيندو آهي اهو وري ٻين کير وارن کان خريد ڪري هوٽل تي پورو کير پهچائيندو آهيان.”
“ٺيڪ آهي آچر، شام اچجانءِ، توسان ضروري ڪم آهي.”
شام جو آئون رئيس هاشم جي حويليءَ جي در تي پهچي در تي ٺڪاءُ ڪيو. رئيساڻي پاڻ ئي نڪري آئي، مون کيس ڏسندي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.چيائين ته:
“اڄ نوڪرياڻي ۽ مالهي موڪل تي آهن، سو تون ٿورو باغ ۾ ٻوٽن کي پاڻي ڏي.”
اهو چئي رئيساڻي اندر حويليءَ ۾ ويئي هلي. آئون ڀر ۾ پيل پلاسٽڪ جو پائيپ کڻي گلن ۽ ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ لڳس. ڏٺو ته ٻوٽن ۽ گلن کي ڪافي عرصي کان پاڻي نه مليو هو، سو جيڪو به پاڻي ڏنو پئي سو زمين پي پئي ويئي. رئيساڻي ٻيهر موٽي آئي ۽ چيائين ته:
“ڌرتي اُڃايل آهي، انڪري هن کي وڌيڪ اُڃ آهي، سُڪل ٺوٽ ڌرتي کي پنهنجي جر سان سيراب ڪر. هن کي پنهنجي جيون جو جر ڏئي، جيون دان ڏي....!”
آئون رئيساڻي جي ڳالهه سمجهي نه سگهيس، سو ٿورو هٽي ڪري، وري ٻي پاسي پاڻي ڏيڻ لڳس جو مون کي رئيساڻي کان شرم اچڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته هوءَ عجيب و غريب لباس ۾ هئي. صرف هڪ ئي چولو پيل هئس. جيڪو مٿي کان هيٺ پيرن تائين هڪ ئي هو. آئون پنهنجا جذبات قابو ۾ رکي، نظرون چورائي وڃي صفا ڪنڊ ۾ بيٺل وڏن وڻن کي پاڻي ڏيڻ لڳس. رئيساڻي وري وئي هلي. سج پنهنجون ........ سميٽي ڪڏهن ڪو گم ٿي ويو هو. چنڊ پنهنجي چانڊاڻ سان ماحول کي وڌيڪ معطر ڪري ڇڏيو هو. سوچيندو رهيس ته شايد سانئڻ مهربان ٿي ، مون کي مينهن ڏياريندي.... من ۾ سانئڻ کي دعائون به ڏيندو رهيس ته ههڙي نيڪ عورت خدا هر مرد کي نصيب ڪري. پاڻي ڏيندي مون کي رات جا نوَ ٿي ويا. رات به ڪافي گذري چڪي هئي. مون وڃڻ جو سوچيو ته رئيساڻي وري ساڳئي لباس ۾ ظاهر ٿي چيائين ته:
“آچر تون اندر ڪمري ۾ مون کي ڪرسي هڪ پاسي رکرائي.”
آئون رئيساڻي جي پٺيان اندر جاءِ ۾ داخل ٿيس. عجب ۾ پئجي ويس ته جاءِ نه پر ڪو پَرين جو محلات هو. جتي هر ڪا شيءَ سليقي سان رکيل هئي. مختلف ڪمرن مان ٿيندو هڪ ڪمري ۾ پهتس، جتي صرف هڪ پلنگ هو. مون ڪنڌ جهڪائي رئيساڻي کي چيو ته:
“سانئڻ مون کي اوهان جي لباس کان شرم پيو ٿئي.”
رئيساڻي چيو ته: “آچر هن لباس کي “نائيٽي” چوندا آهن ۽ هي منهنجو من پسند لباس آهي، منهنجا من ....!!!”
اهو چوندي ڳل تي ڀرپور چُمي ڏنائين ۽ ڀاڪر ۾ جهلي کڻي پلنگ تي ليٽايائين. پلنگ تي هن جي هيٺيان ڪِرندي چيم:
“رئيساڻي ڇا ٿي ڪرين .....!!؟”
رئيساڻي جذباتي نوع ۾ چيو : “جڏهن پنهنجو کير پورو نه ٿو پوي ته پرائو خريد ڪري پورت ڪبي آهي. ائين ئي ٻوٽن جي اُڃ لاهڻ لاءِ پاڻي ڏبو آهي ۽ جسم جي باهه اُجهائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو....!!!”
۽ پوءِ ! مون کان ڪجهه نه پر سڀ ڪجهه ٿي ويو !

ارمانن جو محل

ارمانن جو محل

ملوڪ خوشين ڀريا ڏينهن گذاري رهيو هو. مائٽن کان مليل ٽي جريب زمين جو پاڻ هاري ۽ پاڻ ئي زميندار هو. محنت ۾ عظمت هوندي آهي. انهي ڪري ئي هي سُکيو ستابو، مڇي ماني وارو هو. ڳوٺ ۾ هن جي سڀاءَ ۽ شرافت جي ڪري تمام گهڻي عزت هئي. هن جي زال روپاوتي هن جي ڏکن سکن جو سهارو هئي. ڌڻيس راڻي، جهڙي خوبصورت ته تهڙي هئي نيڪ سيرت. ملوڪ لاءِ ڌيءُ هانءَ جي ..... هئي. هن جو قوت ڏاڍو سٺو پئي گذريو. خبرناهي هن جي خوشين کي ڪنهن جي نظر لڳي ويئي. اوچتو سندس زال روپاوتي بيمار ٿي پئي. ملوڪ کيس علاج لاءِ ويجهو شهر جي مشهور ڊاڪٽر هوندراج ڏانهن وٺي ويو ته هوندراج اهو چئي ملوڪ کي اسپتال ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ته “مائي جي بيماري جو علاج داخل ڪرائڻ کانسواءِ ڪو نه ٿيندو. ڪجهه ڏينهن اوهان کي اسپتال ۾ رهڻو پوندو. وڌيڪ مرضي وارا آهيو.” ملوڪ ڳوٺان آندل پئسا هڪ ٻن ڏينهن ۾ ئي خرچ ڪري چُڪو. پر روپاوتي وئي ٿي سُڪندي ۽ پيلي ٿيندي. ڊاڪٽر هوندراج داخلا، علاج، ڪمري جي في ۽ ٽيسٽن تي ئي ملوڪ کي خالي کيسي ڪري ڇڏيو ۽ ڏٺئين ته ڪٿي مريض منهنجي ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي سو ملوڪ کي چيائين ته:
“مون پنهنجي وسان ڪو نه گهٽايو آهي، پر مرض وڏو ٿو ڏسجي، هن کي شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ته سٺو ٿيندو.”
ملوڪ ، ڊاڪٽر جي اها ڳالهه ٻڌي حيران ، پريشان رهجي ويو ته هوندراج پهرين اها ڳالهه ڇو نه ڪئي !؟ هاڻ مون وٽ آهي به ڇا جو روپا کي وڏي اسپتال ۾ وٺي وڃان....!؟ ملوڪ مايوس ٿي واپس ڳوٺ موٽيو ۽ ڳوٺ پهچندي ئي وڏيري ولي محمد وٽ ويو، وڏيري کي ڪمدار اڳ ۾ ئي ملوڪ جي پريشانين جو ٻڌائي ڇڏيو هو. ۽ وڏيرو به انهي انتظار ۾ هو ته ڪڏهن ٿو ملوڪ ڄار ۾ ڦاسي..... ملوڪ کي ايندي ڏسي ولي محمد وڏي قرب سان مليو ۽ پڇن لڳس:
“ڏي خبر ملوڪ ! ٻڌو هئم تو واري زال ٺيڪ ناهي، هاڻي ڪيئن آهي؟”
ملوڪ به ڏٺو هاڻ اڌارا پئسا گهرڻ جو به موقعو آهي. سو هٻڪندي چيائين:
“وڏيرا ! انهي ڪري تو وٽ آيو آهيان، منهنجي زال کي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو آهي، ڪجهه ڏوڪڙ گهرجن. ”
اتي وڏيري ٿوري ماٺ ڪئي ته ملوڪ چيس: “ڪجهه ڏينهن ۾ ئي سموري رقم موٽائي ڏيندس، صرف پنجاهه هزار گهرجن.”
وڏيري چيس: “ملوڪ ! ڏسين پيو ته هيل نڪي پاڻي سولو ٿو ملي، وارا بندي پئي هلي ۽ نه ئي وري ڪو ڪمند جو اگهه آهي. مون وٽ به پنهنجي پورت مس آهي. سو سڀاڻي تون نه ڏين يا دير ڪرين ته آئون پنهنجو ڪاروبار ڪيئن هلائيندس، سو تون (وڏيرو قسم نامو، ملوڪ جي اڳيان رکندي چيو) هن ڪاغذ تي صحيح ڪري ڇڏ.”
ملوڪ پڙهيل هو ئي ڪو نه سو آڱوٺو هڻي ڪاغذ وڏيري حوالي ڪيو. وڏيري پنجاهه هزار ڏئي ڇڏيس. ملوڪ وڏي شهر جي اسپتال ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ ڌڻيس راڻي کي سام طور وڏيري جي حويلي تي ڇڏيائين ڇو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪو مائٽ مٽ نه هو. وڏي شهر پهتو، جتي ڊاڪٽر مختلف ٽيسٽن کانپوءِ چيس ته:
“دل کي رت سپلاءِ ڪندڙ هڪ نلي بند آهي، جنهن جو آپريشن ٿيڻ ضروري آهي. تون پهرين ئي دير ڪري پهتو آهين، پوءِ به ڪوشش ڪريون پيا.”
وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن ۾ ته مريضن کي تپاسڻ ۽ آپريشن لاءِ تاريخون ملنديون آهن، جيسيتائين آپريشن جي تاريخ اچي تيسيتائين روپاوتي جو علاج هلندو رهيو. آپريشن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ اسپتال جي انچارج سندس هٿ تي هيترن ڏينهن جي رهائش ۽ خرچ جو چٺو هٿ تي رکيو. ملوڪ جنهن اها رقم به ادا ڪئي ته وٽس باقي ڪجهه هزار بچيا.... ۽ آپريشن اڃان سڀاڻي ٿيڻو هو. خرچ ته وڏو سڀاڻي کان شروع ٿيندو . اهو سوچي ملوڪ ڳوٺ وڏيري ڏانهن ويو. گس ۾ ڳوٺاڻا مليس جڏهن هي اڳتي وڌي ويو ته انهن ڳوٺاڻن چيو:
“بيوقوف ! زال جي ڪري پنهنجي زمين وڏيري کي لکي ڏئي ڇڏي ۽ اڄ به وري وڏيري وٽ وڃي پيو ۽ وڏيرو وري به ڪجهه لکائي وٺندس.”
ڳوٺ پهتو ته بنگلي ۾ وڏيرو ڪمدار سان ڪجهه ڳالهائي رهيو هو. ملوڪ کي ايندو ڏسي ماٺ ٿي ويا. ملوڪ سڄي وارتا وڏيري کي ٻڌائي ته وڏيري لکيل نامو ملوڪ کي ڏيندي چيو ته: “هن تي صحيح ڪر ته پنجاهه هزار ٻيا به ڏيانءِ.”
ملوڪ ڪاغذ تي ڪجهه لکيل ڏسي پڇيو:
“وڏيرا ! هن ۾ ڇا لکيل آهي !؟”
وڏيري چيس ته : “ هن ۾ لکيل آهي ته آئون پنهنجي زمين هوش و حواس سان وڏيري کي پنجاهه هزار ۾ لکي ٿو ڏيان.”
ملوڪ مايوسي مان چيو : “سائين اهو ظلم نه ڪريو.”
وڏيري ڪاوڙجندي چيو: “ملوڪ ! پنهنجي ڪا مائٽي ڪانهي جو مفت ۾ ٿورا ڪريان، صحيح ڪرين ته پئسا ڏيان نه ته ڀلي واپس هليو وڃ.”
اتي ملوڪ کي روپاوتي جو چهرو نظر اچڻ لڳو. ڄڻ روپاوتي چئي رهي هئي مون کي هن عذاب مان ٻاهر ڪڍ، مون کي زندگي گهرجي. ملوڪ صحيح ڪري ڇڏي، پئسا وٺي ويندي وقت ملوڪ چيو:
“وڏيرا ! منهنجي نياڻي جي پارت اٿو.”
وڏيري چيس: “ملوڪ ڪا به ڳڻتي نه ڪر، سمجهه ته پنهنجي گهر ويٺي آهي.”
ملوڪ بنگلي کان ٻاهر نڪتو ۽ وڏيرو هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ته:
“ڪمدار ڪئين ڏٺئي زمين به ورتي مانس ۽ ڇوري به لکي ڏنائين.”
ملوڪ انهي ڏينهن واپس وڏي شهر نه پهچي سگهيو. واٽ ۾ رات پئجي ويس. صبح سوير وڏي شهر پهچي اسپتال ۾ داخل ٿيو. پري کان پنهنجي زال کي سُتل ڏٺائين دل ۾ خوش ٿيو ته مس وڃي روپاوتي کي ننڊ آئي آهي. پاڻ وڃي زال جي سيراندي کان بيٺو. نرس آئي ۽ چيائين ته:
“توهان دير ڪري ڇڏي، توهان جي زال دل جي دوري پوڻ ڪري گذاري وئي.”
ملوڪ جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي ۽ ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪو بم ڪريو، ڌماڪو ٿيو ۽ سندس ارمانن جو محل ڊهي پٽ وڃي پيو. انهيءَ گهڙي ڳوٺ ۾ شرنايون وڳيون، دهل لڳاءُ، ملوڪ جي 16 سالن جي معصوم ڌي جو 60 سالن جي وڏيري ولي محمد سان لانئون لڌيون ويون.

ڇڻيل گُل

ڇڻيل گُل

انهيءَ ڏينهن ٻن تنظيمن جي وچ ۾ جهيڙي جي ڪري يونيورسٽي ۾ موڪلي ٿي وئي. مون هاسٽل ۾ ويهي بور ٿيڻ کان بچڻ لاءِ حيدرآباد شهر جو رُخ ڪيو. آئون تنها پسند هيس، ۽ آهيان. اها عادت سُٺي يا خراب، مون کي ڄاڻ ناهي. انهيءَ اڪيلائي پسند طبعيت جي ڪري منهنجي دوستي به محدود هئي ۽ آهي. اڪثر اڪيلو ئي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري پوندو هئس. يونيورسٽي واري بس گاڏي کاتي ۾ لاٿو. اتان فردوس سنيما جي وچ واري گهٽي ڏئي هائوس کان ٿيندو ريڊيو پاڪستان ۽ ڏيالداس ڪلب وارو روڊ ڏئي ڪوٽڙي جي سوزوڪي اسٽاپ پهتس ۽ بنا سوچڻ جي ئي ڪوٽڙي واري سوزوڪي ۾ چڙهي ويٺس. سوزوڪي ڀري ۽ هلڻ لڳي، الائي ته آئون ڪهڙن خيالن ۾ گم هئس. شيدي ڪلينڊر ڪوٽڙي ، ڪوٽڙي ڪندو رهيو، حالانڪه سوزوڪي ۾ پير رکڻ جي به جڳهه باقي نه هئي. وس هليس ها ته هوند ماڻهن کي ڇت تي به ويهاري ڇڏي. سوزوڪي تيزي سان روڊ تي ڊوڙڻ لڳي. آئون دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس ته انسان ڪيڏو نه ڪِري پيو آهي جو حيوانن وانگي وتي ماڻهن جو رت پئيندو. اسان يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ اچون ٿا پر سياست جي نالي ۽ قوم پرستي جي آڙ ۾ غنڊا گردي ڪري پنهنجي ئي ڀائرن جو خون ڪري ويهون ٿا. اهو سڀ ڪجهه آخر ڇو ٿا ڪريون ....!؟ ڪڏهن انهي بابت ڪارڪنن سوچيو ئي ناهي، پر جيڪڏهن اهي ڪارڪن عرف ظلم جا ڪارندا انهي مسئلي تي سوچين به سهي ته عمل ڪير ڪرائيندو !؟ اوچتو خيالن کان ٻاهر نڪتس. ڏٺم ته سوزوڪي راڻي باغ وٽ پهچي چڪي هئي.
“روڪي .....!”
هڪ زوردار رڙ ڪندي، سوزوڪي جي ڇت کي اندران ئي ڌڪ هيم. سوزوڪي کن پل ۾ ئي بيهي وئي. جهٽ ڏئي سوزوڪي مان لهندي ئي راڻي باغ ڏي وڌيس. هي ڪچي منجهند جو وقت هو، تمام گهٽ ماڻهو هئا جي راڻي باغ ۾ هن ٽائم تي وڃن، صبح جو ته هتي ڪو به نه اچي، هرڪو پنهنجي پڙهائي، ڊيوٽي، ڪاروبار ۽ ڪم ڪار ۾ مصروف باقي شام جو ڪجهه رونق ڏسڻ ۾ اچي ٿي. موڪل واري ڏينهن ته چڱي رش ٿيو وڃي. ٽڪيٽ وٺي چڙيا گهر گهمي آيس. چڙيا گهر مان موٽيس ته پريان ڪجهه مفاصلي تي سائي ڇٻر مٿان گهاٽي وڻ جي ڇانو ڏسي دل چاهيو ته گهڙي کن ليٽي ڪجهه آسائش وٺان. آئون اتي ئي ليٽي پيس، الائي ڪنهن ٽاڻي ننڊ جا گهيرٽ چڙهي ويا، اها ڪا به خبر نه پيم. هونئن رات هاسٽلن ۾ ٽينشن هيو، جنهن ڪري ساري رات ننڍ نه آئي هيم. اُٿيس ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. مون محسوس ڪيو ته مون ڪافي ننڊ ڪئي هئي. شام جا چار ٿي چڪا هئا. راڻي باغ ۾ ڪافي چهل پهل به ٿي وئي هئي. ڪافي خاندان جن ۾ عورتون، مرد ۽ ٻار به شامل هئا. جيڪي راڻي باغ جي تفريح مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. آئون ڇٻر تي ويهي رهيس ته جيئن ننڊ جي خمار مان آجو ٿي سگهان. ايتري ۾ ڏٺم ته هڪ عورت سامهون ئي سامهون ئي ڪار بيهاري ۽ ڪار مان هڪ خوبصورت ڌُپ ڇٽي ڪڍي، مون کان ئي ٿوري مفاصلي تي لڳائي ان جي خالي پلي ڇانو ڪئي. حالانڪه وڻن جي ڇانو ڪافي گهري هئي. هن سان گڏ هن جي اٽڪل پنجن سالن جي ننڍڙي به هئي. جيڪا بال سان راند کيڏڻ ۾ لڳي وئي ۽ عورت وڏي ٽوڪري کڻي ڇٻر تي هڪ ننڍڙو غاليچو وڇائي ٽوڪري مان کاڌي جا مختلف سامان ڪڍي ان تي سجائڻ لڳي. صبح کان هاسٽل مان نڪتل هئس بک مون کي به ڇتو ڪري وڌو هو. ويتر جو مختلف کاڌن جي خوشبو سنگهيم ته سو بک برداشت کان به وڌي ويئي. پيٽ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ ڇٻر تان ڪپڙا ڇنڊي اٿيس ته ننڍڙي جو اڇلايل بال ست کليو اچي اک ۾ لڳم. اک ۾ بال لڳڻ سان کن پل لاءِ ته مٿي ۾ ئي چڪر اچي ويم، لڳم ڄڻ منهنجي اک ئي ٻاهر نڪري آئي هجي. اک کي سلامت ڏسي خدا جو شڪر بجا آندم ۽ ستت ئي پاڻ کي سنڀالي ورتم. ايتري ۾ عورت محدود سامان سجائي چڪي هئي، مون کي بال لڳڻ سان مون ننڍڙي کي خونوار نظر سان ڏٺو. آئون ڪا ڇڙپ ڏيان ئي ڏيان ان کان اڳ ۾ ئي عورت مون وٽ آئي ۽ معافي گهرندي چيائين ته:
“ساري ! معاف ڪندا جو منهنجي ننڍڙي کان توهان کي اتفاقي ڌڪ لڳي ويو آهي جو مون کي دل سان افسوس آهي.”
۽ مون نرمي سان جواب ڏنو ته: “خير آهي، مون کي ايترو تيز ڌڪ نه لڳو آهي.”
عورت وري پنهنجن وينگس جيڏن وارن کي هڪ جهٽڪي سان ڳلن تان هٽائيندي پنهنجي ننڍڙي رومال کي وات تي رکي ان تي ڦوڪ هڻندي گرم ڪندي چيائين ته:
“اچي هن ڪپڙي جي اک تي ٽاڪور ڪريو، هينئر ئي ٺيڪ ٿي ويندو.”
مون چيو ته: “نه نه محترمه، ان جي ڪا ضرورت نه آهي، مون کي ايترو ڌڪ نه لڳو آهي، بس بچاءُ ٿي ويو آهي. ”
پر ان خوبصورت عورت جي اقرار تي مون به رومال کڻي اک تي رکي ڇڏيو .عورت جا وار وري به منهن تي اچي ويا. (جيڪي وار نه هئا ڄڻ ته بيد مُشڪ جون ڊگهيون ڊگهيون ٽاريون) وار چهري تان هٽائيندي عورت چيو:
“هلو اسان سان گڏ ڪجهه کائو نه !؟”
“مهرباني.” مون مختصر جواب ڏنو.
حالانڪه صبح کانپوءِ ڪجهه نه کاڌو هئم. بُک به ڏاڍي لڳي هئي. پيٽ ۾ وڪڙ پئجي رهجي هيا. ايتري ۾ ننڍڙي ڊوڙندي ڊوڙندي اچي منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ ٻاراڻي حُج ڪندي چيائين:
“هلو نه انڪل اسان سان گڏ ويهي ڪجهه کائو .”
عورت پنهنجي ڪارين اکين تان عينڪ لاهيندي شوخ ادا سان مُرڪي مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ته:
“اچو نه ! ننڍڙيءَ جي دل خوش ٿي ويندي.”
دل ئي دل ۾ سوچيم ههڙي سهڻي ماحول ۾ حَسين ڇوڪري سان ڪمپني نه ڪيم ته ضرور پڇتاءُ ٿيندو. انهيءَ ڪري يڪدم ننڍڙيءَ کي هٿ مان جهلي اچي هنن سان گڏ دسترخوان تي ويٺس. اها عورت منهنجي سامهون ويٺي هئي ۽ مون سان مسڪرائي ڳالهائي رهي هئي. ڪجهه کاڌي جون شيون منهنجي اڳيان رکي چيائين: “هنن مان ڪجهه کائو.” ۽ پوءِ پاڻ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين: “منهنجو نالو زيب آهي، منهنجي ڌي مُرڪ ۽ آئون صدر اپارٽمينٽ ۾ رهندا آهيون. منجهند کانپوءِ اسان ٻئي ماءُ ڌيءُ هتي روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هتي هوندا آهيون. اڄ اوهين ملي ويا آهيو. سچ ته اوهان سان ڪمپني ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو. ”
مون “مهرباني” چئي ۽ شرم کان ڪنڌ نوائي ڇڏيم.
زيب لڳاتار ڳالهائيندي رهي ۽ آئون هن کي صرف جي ۽ ها ۾ جواب ڏيندو، ان جي ادائن ۾ گم ٿيندو، ڳالهايون ٻڌندو رهيس. انهن جي ڳالهين کان ڄاڻ ملي ته هي پنهنجي مڙس جي ڇهين نمبر ۽ ننڍي زال آهي. هن جو مڙس سنڌ جو گڻنگ وڏيرو ڪرڙ خان عرف ڪي ڪي آهي. جيڪوهر دفعي اليڪشن ۾ بيهندو آهي پر پنهنجي تڪ مان ئي هار کائي ويندو آهي. زيب جي بقول ته هو چوندو آهي: “ڏسجانءِ جنهن سال آئون کٽي ويس ته سنڌ جو وڏو وزير آئون ٿي هوندس.” پر افسوس ! سندس نصيب ۾ هار سوا ڪجهه به ناهي.
زيب جي عمر 22 يا 23 سال مس ٿيندي. جيڪا چهري مان ئي ڏٺي پئي. ۽ ڪرڙ خان ته ستر سالن کي به ڪراس ڪري چڪو هو. وڏيرو زيب وٽ مهيني جي آخري هفتي ۾ ايندو هو، باقي ڏينهن زيب مختلف ماڻهن سان گڏ گذاريندي هئي. ۽ ائين ڳالهين ڳالهين ۾ زيب مونکي به پنهنجي دوستي جي آڇ ڪئي ۽ آئون به “ها” ڪري ويٺس. زيب ڏاڍي خوش ٿي ۽ منهنجو هٿ جهلي چمي ورتائين. مون پنهنجي جسم تان بجلي جو ڪرنٽ گذرندي محسوس ڪيو. ڪنهن اڻ ڄاتي خوف کان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس، پر ڪافي انڌيرو ڇائنجي چڪو هو. ۽ هر ڪو پنهنجي ۾ پورو هو. شڪر ٿيو ڪنهن ڏٺو ڪونه. من ئي من ۾ اطمنان ڪرڻ لڳس. ٿوري دير ۾ ئي مون ۽ زيب سمورو سامان گڏجي سميٽڻ شروع ڪيو، آئون مرڪ کي کڻي پوئين سيٽ تي ويهڻ لڳس ته زيب چيو:
“مُرڪ پويان ويهندي، تون اڳيان اچ” زيب گاڏي خود ڊرائيو ڪئي ۽ آئون سندس ڀر ۾ ويٺس. جڏهن زيب جي فليٽ وٽ پهتس ته ضمير ملامت ڪئي ته ڪيڏانهن پيو وڃان !؟ منهنجا قدم ڪهڙي ديس وڌي رهيا آهن !؟ منهنجي دل معمول کان وڌيڪ تيز ڌڙڪي رهي هئي. مون کي هڪ سجايل سينگاريل ڪمري ۾ ويهاري زيب معذرت ڪندي چيو:
“پليز ! ڪجهه انتظار ڪجو، مُرڪ کي سمهاري ۽ چينج ڪري ٿوري دير ۾ اچان ٿي.”
زيب جي وڃڻ شرط ئي دل ۾ عجيب وهم ۽ وسوسا جنم وٺڻ لڳا. هتان نڪري وڃڻ چاهيم. پنهنجو پاڻ کي نندڻ لڳس. عجيب وغريب ڪيفيتن مان گذرڻ لڳس. ڪجهه ئي دير ۾ زيب ڪمري ۾ ظاهر ٿي، تن تي نه هئڻ برابرڪپڙا هئس. فرج تان وسڪي ڪڍي ٻه گلاس ڀريائين، جن ۾ ڪجهه سيون اپ بوتل مڪس ڪيائين ۽ ٻئي گلاس هٿ ۾ جهلي ساقيانه ادا سان ان هڪ گلاس مون ڏي وڌائي ڇڏيائين.... مون انڪار ڪندي چيو:
“نه زيب ! آئون شراب نه پيئندو آهيان.”
زيب مرڪي ڏنو: “پر اڄ توکي شباب سان گڏ هي شراب به پيئڻو پوندو، صرف منهنجي ڪمپني جي خاطر....”
حوس ۽ شيطاني جذبو حاوي ٿي ويو، سَٽ ڏئي هڪ ئي ڳيت ۾ سڄو گلاس ڏوڪي ڇڏيم ۽ ايتري دير ۾ زيب به پنهنجو پاڻ کي مختصر لباس کان آجو ڪري ڇڏيو.
صبح جو اک کلي ته اسان ننگي حالت ۾ هڪ ئي بستري تي پيا هئاسين، اهڙي حالت ۾ ڪوفت ٿيڻ لڳم. جلدي اُٿي ڪپڙا پائڻ لڳس ته زيب بستري تي انهيءَ حالت ۾ ليٽي ئي عجب ادا سان بنا ڪنهن شرم و حياءَ جي ڳالهايو ته:
“اڙي يونيورسٽي جا اڙٻنگ ڇورا ! منهنجا ته ورهين جا ٿڪ لاهي ڇڏيئي ! مون وارو وڏيرو ته مٽي جي ٻُڪ آهي. مُردار ۾ ڪجهه به ناهي، پوءِ به ڇهه رنون ويهاريون اٿائين، ۽ اسان جا حال اجهو اهي اٿئي ....!”
ائين چئي زيب وڏو ٽهڪ ڏنو.
آئون وڃڻ لڳس ته چيائين: “ترس....! هن به ڪپڙا زيب تن ڪيا ۽ الماري مان هزارن جا ڪجهه نوٽ ڪڍي، منهنجي تريءَ تي رکندي چيائين: “هاڻ وساري نه ڇڏجانءِ، جڏهن به دل چئي هليو اچجانءِ، تنهنجو پنهنجو گهر آهي، پر مهيني جي آخري ڏينهن ۾ نه.... ” ائين چئي زيب مرڪي ڏنو.
الوداع ڪندي چيائين ته: “ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن تون وڏي عرصي لاءِ پنهنجي ڳوٺ هليو وڃين ته پوءِ ڀلي پنهنجي ڪنهن ويجهي دوست کي هن فليٽ جو ڏس پتو ڏيندووڃجانءِ ....!”

سانوڻ

سانوڻ پڻس جي وفات کانپوءِ ڇورڙو ٿي ويو. ڄڻ ته هن جي مٿان اڏيل ڇت ڊهي پئي ۽ هي بي سهارا ٿي پيو. حالانڪه ماڻس هر ممڪن ڪوشش ڪري کيس پڙهائڻ چاهيو پر ماءُ جي هر ڪوشش کي ناڪامي جي منهن ڏسڻو پيو. سانوڻ اسڪول ۾ به شرارتي “ڏنگو” ٻار طور مشهور ٿي ويو. وڙهڻ هن جو معمول ٿي ويو. ماءُ پِٽن پاراتن کان به ڪم ورتو، ڪڏهن ڪڏهن سانوڻ کي سندس حرڪتن جي سبب ماءُ هٿان زبردست مار کائڻي پوندي هئي پر سانوڻ جا اهي ئي پِرڪار رهيا. ماڻس پُٽ جي پڙهڻ، سُڌرڻ ۽ شادي ٿيڻ جو اميدون من ئي من ۾ سانڍي هڪ ڏينهن راهه رباني وٺي هلي وئي ۽ سانوڻ هاڻ بنهه آزاد ٿي ويو. نه روڪ نه ٽوڪ. نه ڪو سمجهائڻ وارو، مٿان جو اڻ جهل جواني حاوي ٿي وئي هيس. جواني ايندي ئي پنهنجو پاڻ کي گناهن ۾ غرق ڪري ڇڏيائين. جوا، ڀنگ، چرس، ۽ ڪچو شراب هن جي روز مره جي مشغلن ۾ شمار ٿيڻ لڳا. عورت کان ڇوڪرا بازي ۽ انهيءَ کان جانورن تائين پنهنجي نفساني اُڃ کي اجهائڻ ۾ ڪو عيب نه سمجهندو هو. غلط صحبت ۾ رهندي ، فضول خرچي ۽ اجائي عياشي ۾ پڻس جون ڇڏيل چاليهه مينهون وڪڻي پوريون ڪري ڇڏيائين ۽ ٻني کي به اڏوهي وانگي اچي لڳو ۽ پنجاهه ايڪڙ مان باقي ڏهه ايڪڙ ڇڏيائين. پنهنجي ڪُڌن ڪمن ۾ ايترو ته مصروف رهڻ لڳو جو نه سج اُڀرڻ جو پتو ٿي پيس ۽ نه ئي سج لهڻ جو. گرمي، سردي ڪهڙي به موسم هجي پر هي مهينن ، سالن ۽ موسمن جي تبديلين کان بي خبر رهندي پنهنجي ۾ ئي پورو رهيو. پنهنجي زندگي جا سُنهري سال ائين اجايا وڃائي ڇڏيائين ۽ ڏينهون ڏينهن ويو ٿي سُڪندو، ۽ ڪارو ٿيندو. اکيون ڏرا ڏئي ويون هيس ۽ اکين جي چوڌاري ڪارا نشان جئين پوءِ تئين ويا ٿي چٽا ٿيندا.
سانوڻ جي اهڙي وڌنڌڙ خراب حالت کي ڏسي سانوڻ جي ويجهن مائٽن سانوڻ ڏانهن توجهه ڏني ۽ کيس زوري زبردستي انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيائون ته توکي شادي ڪرڻ گهرجي ۽ اسان ڪنوار به چونڊي ڇڏي آهي. جيڪا تنهنجي چاچي ولو جي ڌي ماروي آهي. ماروي جيتري هئي خوبصوت اوتري ئي هئي نيڪ سيرت. تنهنجي جي ڪري ئي ماروي جي چونڊ ڪئي وئي ته جئين سانوڻ سدا ملوڪ سوٽ سان لانئون لهڻ کانپوءِ برين عادتن کان بچي سگهي ۽ ماروي مان به اهيا ئي اميد هئي ته هو هڪ سگهڙ زال سان گڏوگڏ هڪ سُٺي ساٿي وانگي سانوڻ ۾ سُڌارو آڻي سندس حياتي کي سهڻو بڻائيندي. آخر ڪار سانوڻ ۽ ماروي جي شادي جي تار يخ مقرر ٿي هئي. شادي جون تياريون به ٿيڻ لڳيون پر سانوڻ پنهنجي خيالن ۾ گم، هن کي پنهنجي جسم ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي. اها کوٽ جيڪڏهن عمر تي اچي ته خير پر جيڪڏهن اها کوٽ عمر کان اڳ ۾ ظاهرٿي وڃي ته مرد لاءِ انهيءَ کان وڌ ٻي مايوسي ناهي هوندي. جيئن جيئن شادي جا ڏينهن ويجها ايندا ويا. سانوڻ عجيب خوف کان پريشان ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن پنهنجن موالي ۽ لوفر دوستن سان حال اوريائين. جن جي صلاح هن کي اخباري حڪيمن ۽ اڻ ڄاڻ ڊاڪٽرن جي ور چاڙهي ڇڏيو. هن مختلف قسمن جون دوائون کاڌيون پر ڪجهه نه ٿيو. نيٺ حڪيمن جا ڪُشتا ۽ ليپ واپرايائين، تسيتائين شادي جو ڏينهن به اچي ويو. سانوڻ جي دل ۾ عجيب خوشي ۽ نه بيان ڪرڻ جهڙو ڊپ گڏوگڏ رهي پيا. خوشي جي پويان غم جا نه نظر ايندڙ ڀيانڪ عڪس نظر اچڻ لڳس. ڳوٺ جي ڇوڪرين سانوڻ جي شادي ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ انهيءَ خوشي جي موقعي تي سهرا ۽ ڳيچ چئي خوشين جو اظهار ڪيائين. سانوڻ جي شادي کي ريتن ۽ رسمن چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. کير ۾ منڊي ڳولڻ کان وٺي، کير ۾ چيچ ٻوڙڻ، آرسي ۾ ڪنوار جو منهن ڏسڻ ۽ گهوٽ جي جُتي لڪائڻ تائين سڀ رسمون اورانگهي سانوڻ ڪمري ۾ سيج تي ويٺل ڪنوار وٽ پهتو ته سندس دل جي ڌڪ ڌڪ گهڙيال کان به وڌيڪ تيز ٿيڻ لڳي. پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي، ڪنوار جو گهونگهٽ کوليائين ته ڏسندو ئي رهجي ويو ڄڻ ته ڪنهن حُسن جي پري جو ديدار نصيب ٿيو هجيس. سُونهن کي چمڻ شروع ڪيائين ۽ ائين ڪندي ڪلاڪ گذري ويا پر وريو سريو ڪجهه به ڪو نه .....!
پهرين رات ئي سانوڻ کي پنهنجي سهڻي زال اڳيان شرمسار ۽ لڄي ٿيڻو پيو. حڪيمن جا آزمايل ڪُشتا، طلاع ۽ ليپ بي سود ثابت ٿيا.۽ هوڏانهن ماروي کي سيج تي ئي پهرين رات خوشين جي عيوض سُور مليا. جن اندر جي آسن جو قتل ڪري ڇڏيو.
سانوڻ ٻي ڏيهاڙي صبح جو ئي مختلف ڊاڪٽرن، حڪيمن کان انهيءَ مرض لاءِ دوائون، طلاع وٺي آيو. پر ٻي رات به کيس ناڪامي ۽ نامرادي کانسواءِ ڪجهه به پلئو نه پيو. اهو قدرت جي طرفان سندس ڪُڌن ڪرتوتن جو انتقام هو پر سانوڻ کي اها ڳالهه دماغ ۾ نه ويٺي پر هن پنهنجي عزت ۽ پنهنجو مان رکڻ لاءِ ٽي رات پنهنجي انا جي تحفظ لاءِ اڌ رات جو ماروي جي سسي ڪهاڙي سان ڪپي ڇڏي ۽ صبح جو سنڌ مان نڪرندڙ هر اخبار ۾ اهيا خبر درج ٿيل هئي ته: “سانوڻ پنهنجي نوورني زال کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪارو جاءِ واردات تان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو....”

ڪِريا ڪاڪ محل !

ڪِريا ڪاڪ محل !

ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ ڊاڪٽر سنڌو ٻئي ڪراچي جهڙي خوبصورت ۽ بين الاقوامي شهر ۾ ڄاوا، نپنا ۽ پڙهيا. هائوس جاب به ڪراچي ۾ ئي ڪيائون. سرڪاري نوڪري جي ٻئي خلاف هئا. ڊاڪٽر ماڻڪ جو پيءَ پنهنجي دور جو ڪامورو هو. مال به سُٺو ميڙيو هئائين. ڪراچي ۾ سُٺي نموني ڪاروبار به ڦهلائي چڪو هو. ۽ سندس سرڪاري کاتن ۾ چڱي رهائي رسائي هئي. انهي ڪري سندس خيال هو ته پُٽ ۽ ننهن کي جلد کان جلد نوڪري وٺرائي ڏيان. جڏهن ڊاڪٽر ماڻڪ جو خيال هو ته هو ڪراچي ۾ ئي ٽاپ ڪلاس جي اسپتال جوڙي پر ان جي برخلاف سنڌو جي خواهش هئي ته هو پنهنجي ناناڻي ڳوٺ سائين شاهه ۾ اسپتال کولي. ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته ٻهراڙي جي ماڻهن جون دليون جبل جيڏيون اوچيون ۽ سمنڊ وانگي گهريون هونديون آهن. جيڪي مهمان اچڻ تي پنهنجو مان مٿانهون سمجهن ٿا. جن جي زندگي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ختم ٿيو وڃي. ماڻڪ کي سنڌو جي خدمت واري جذبي جو احترام هو پر هو سائين سکئي شاهه جي افعالن مان واقف هو. جيڪو پنهنجي ڳوٺ جو بي تاج بادشاهه آهي. ڳوٺ ۾ هر ڪاري اڇي جو مالڪ آهي. ماڻهو مارائڻ کان ڳوٺ جي نياڻين جون عزتون لُٽڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل آهي. آخرڪار سُهري ۽ وَر ڊاڪٽر سنڌو اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. ڊاڪٽر ماڻڪ مجبور ٿي پنهنجي ڪلينڪ سائين سکئي شاهه جي ڳوٺ ۾ کولي. ويندي وقت ڊاڪٽر ماڻڪ جي پيءَ، پُٽ ۽ ننهن کي سمجهائيندي چيو ته:
“سُکيو شاهه ڏنگو ماڻهو آهي، مون اڳواٽ ئي اتي جي چڱن ماڻهن ۽ بالا آفيسر کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي. سُکيو شاهه ڪُڇندو ڪو نه پر پوءِ به احتياط ضروري آهي. انهن وڏيرن کي تعليم ۽ صحت سان دشمني تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن عام ماڻهو تعليم وٺڻ لڳن يا عام ماڻهن کي صحت جون سهولتون ملڻ لڳن.”
سائين سُکيو شاهه خانداني وڏيرو آهي. سو پنهنجي علائقي ۾ هلندي پُڄندي وارو ماڻهو آهي. ٽي شاديون ڪيائين، هڪ ڏاڏي پوٽي، ۽ ٻه لاهوري عورتون هٿ ڪيون اٿس. لاهوري زالن مان ڪو به اولاد نه اٿس. شايد انهن مان نسل وٺڻ ئي ڪو نه ٿو گهري. باقي ڏاڏي پوٽي زال مان پنج ٻار ٿيا، پنجئي ڄمڻ کانپوءِ جلد گذاري ويا آخر ۾ پُٽ ٿيو، جنهن جو نالو الله بچايو رکيائون ۽ بچي ويو. الله بچايو 20 سالن کان مٿي آهي. انهيءَ جا افعال به پڻس کان گهٽ ڪونهن. ڳوٺ جي نياڻين ۾ هٿ وجهڻ ته معمول اٿس. جاڙي جي ڪنوار جي ٻه ڏينهن ئي لڄ لُٽي هئاسين ته جاڙي وڃي خودڪشي ڪئي. سوڍي جي ڀيڻ جي عزت تار تار ڪيائين، سوڍي جهنگ منهن ڪري اڄ تائين ڪنهن ڪونه ڏٺو. ماڻس چري ٿي وئي.گهڻين نوجوان نارين کوهن ۾ ٽپا ڏئي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. جي ڪنهن سُکئي شاهه کي بچل شاهه جي دانهن ڏني ته ايترو چئي دانهن آڻيندڙ کي ماٺ ٿي ڪرايائين:
“بابا! اميراڻو ٻار آهي، مڙئي رونشو ڪندو هوندو، هروڀرو کڻي ماڻهن کي ڳالهين ٺاهڻ جو شوق ٿيو آهي. پر منهنجو پُٽ اڃان ٻار آهي، وڏو ٿيندو ته ٺيڪ ٿي ويندو.”
سنڌو جڏهن سُکئي شاهه جي ڳوٺ ۾ پهرين ڏينهن ڪلينڪ ۾ ويٺي ته کيس ماءُ ياد اچڻ لڳي. جيڪا پنهنجي ننڍپڻ جون يادون ٻڌائيندي ڳوٺ سُکئي شاهه جا حالات بيان ڪندي روئي پوندي هئي، چوندي هئي : “ڌيءَ اسان جي ڳوٺ ۾ بيمار جو علاج ڪو نه ٿئي، ڦرئي جو فرياد ڪو نه ٿئي، مُئي جو داد ڪو نه ٿئي....”
“ڪهڙن خيالن ۾ گم آهين....!؟” ڊاڪٽر ماڻڪ سنڌو اڳيان هٿ هلائيندي چيو.
“ڪجهه نه.....”
۽ پوءِ ٻئي لڳي ويا، مريضن جي چيڪ اپ ۾. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندن اسپتال جون خبرون ٻين ڳوٺن تائين پهچي ويون. پوءِ سکئي شاهه جي ڳوٺ جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جا مرد ۽ عورتون به هنن وٽ اچڻ لڳا. ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ سنڌو جي خوش خلقت ۽ مهربان رويي جي ڪري اڌ مريض اسپتال مان ئي تيار ٿيو وڃن.
ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ ڊاڪٽر سنڌو مٿان کان پرائمري گرلس اسڪول به منظور ڪرائي ورتو. جنهن جي ردِ عمل ۾ سُکئي شاهه کي ٽانڊا لڳي ويا. ۽ ڪمدار کي چوڻ لڳو :
“اڙي انهن ڊاڪٽرن کي سمجهائي ته سُتل نانگ تي لت نه رکن، نه ته پوءِ ڏکيا ٿيندا.”
ڪمدار چيو: “وڏيرا مون ته ٻڌو آهي هي پاڻ وارو ڀانڊو به اسڪول ۾ ويندو هليو.”
“چريو آهين ڇا....!؟” وڏيرو تپي ويو.
“اهو به ڇوڪرن جو اسڪول هو، سو به بند ڪرائي ڇڏيم، ڪيئن ٿو کلي، اسان جنهن شيءَ تي قبضو ڪندا آهيون ته اهو سدائين لاءِ هوندو آهي....پر ......!!؟”
“پر بابا پر ڇا ....؟” پُٺس اوطاق ۾ گهڙندي ئي پيءَ کي پريشان ڏسي چيو.
“ابا الله بچايا ٻُڌو اٿئي ته هاڻ اسانجي هارين، نوڪرن جون ڇوڪريون به پڙهنديون.....”
“ بابا اهو وري ڪيئن....!؟” بچل چيو.
ڪمدار سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. الله بچائي پيءَ سان مخاطب ٿيندي چيو: “ڏسو بابا ايترا ڏينهن اوهان مون کي جهليو نه ته اهيا ڊاڪٽرياڻي ته...... پوءِ به هاڻ آئون ٻنهي جي اسپتال پٽرائي اهڙي حالت ڪندس جو جهان ڏسندو.....”
“نه بابا نه ، ائين نه ڪبو، تون ڪجهه نه چئجان، آئون پاڻهي سمجهائيندوسان .....“
پُٽ اوطاق مان ويندي چيو: “بابا سمجهائيو نه پر آئون هينئر ئي وڃي آخري دفعو چتاءَ ڏيان ٿو، جيڪڏهن عقل هوندو ته ماٺ ڪري، ٽپڙ ويڙهي هليا ويندا، نه ته پوءِ جيڪو ٿيندو، اهو اوهين به ڏسندا....”
“پٽ...... پٽ.......!” سُکيو شاهه سڏيو پر پٽس ويو هليو.
هوڏانهن ماڻڪ ۽ سنڌو پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، شام ٿي وئي هئي، مريض به ڪو نه هو. تيستائين جيپ مان وڏيري جو پُٽ الله بچايو لٿو. ايندي شرط ئي هٿياربند ساٿين کي چيائين:
“کڻو ڇوريءَ کي ....!”
ڊاڪٽر ماڻڪ ڊپ وچان رڙ ڪئي: “سائين! ڪو ڏوهه، گناهه ته ڏسيو....؟”
“ڏوهه اهو جو هتي اسپتال کوليو ۽ اسپتال کولڻ کانپوءِ وري سائين ! ڇورين جي پڙهڻ لاءِ اسڪول به منظور ڪرايو. ڀلا اڳ ۾ منظور ٿيل ڇورن جو اسڪول هليو هو جو هاڻ اهو ڇورين جو اسڪول هلندو....؟؟”
سنڌو سڄي هيسجي وئي، ماڻڪ به ڊنل هو. ماڻڪ چيو:
“ٺهيو سائين ! اسان اسڪول تان هٿ کنيو، اسان جو اوهان جي معاملن ۾ ڪجهه ڪو نه اچي.”
سائين الله بچايو چيو: “ ته پوءِ ٺيڪ آهي، اڙي ! ڇڏيوس ڇوري کي، (سنڌو جي ٻانهن مان هٿ نڪتا ته اچي ماڻڪ جي ڀر ۾ بيهي ڏڪڻ لڳي) پر هڪ ٻي ڳالهه صبح جو سج اُڀرڻ کانپوءِ اوهان ٻنهي کي هتي نه ڏسان.... سمجهو !!!”
ائين چئي وڏيري جو پٽ جيپ ۾ چڙهيو ۽ جيپ ڌوڙ اڏائيندي هلي وئي. ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ ڊاڪٽر سنڌو مايوس بيٺا حيرانگي ۽ خوف وچان جيپ کي ويندي ڏسي رهيا هئا.
سنڌو جا سُکئي شاهه جي ڳوٺ جي تبديلي جا ڏٺل خواب ۽ سپنا وڏيري جي جيپ جي ڌوڙ ۽ دز ۾ گم ٿي ويا....!

ڪُڇان ته ڪافر !

ڪُڇان ته ڪافر !

شهر ۾ اچي سرڪاري نوڪري لاءِ گهڻي ئي ڪوشش ڪيم پر بي فائدي ثابت ٿي. منهنجي پيءَ ڳوٺ ۾ ٻروچن جو ڊرائيور هو. جنهن مونکي مڪمل ڊرائيوري سيکاري ڇڏي هئي. مون وٽ لائيٽ ۽ هيوي ڊرائيونگ جا ٻئي لائيسنس هئا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پنج درجا پاس به ڪيا هيم. حيدرآباد ۾ هفتو کن ڌڪا کائڻ ۽ نوڪري لاءِ رُلڻ جي ڪري ڳوٺان آندل سموري مُوڙي به خرچ ڪري چُڪو هوس. ڳوٺ وڃڻ لاءِ اسٽاپ تي ويس ته اُتي منهنجو ڳوٺائي ڊرائيور غلام نبي مليو. ڪچهري ڪندي ٻڌايائين ته “منهنجو دبئي لاءِ ويزا لڳي ويو آهي” گلشير هوٽل تي هن مون کي چانهه پياري ۽ مون کان هتي اچڻ جو سبب پڇيائين. مون کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ته چيائين: “سٺو ٿيو جو پاڻ ملي وياسين، مون تازو ئي هڪ نوڪري ڇڏي آهي. صاحب هتي حيدرآباد ۾ ئي آهي. صدر واري علائقي ۾ گهر اٿس. ٻه زال مڙس آهن ڪو به اولاد نه اٿن. ائين چئي غلام نبي مون ۾ نهاري مرڪيو پر مون هن جي مشڪڻ جي معنى نه سمجهي. غلام نبي ڪجهه ڳالهايو ۽ پوءِ لفٽ ذريعي اسان سُتت ئي پنهنجي گهربل فليٽ تي پهچي وياسين. غلام نبي ان جي بيل تي هٿ رکيو. کن پل دروازو کُليو ۽ هڪ اڌڙوٽ عورت نمودار ٿي، جنهن جي ڪپڙن ۽ ميڪ اپ مان لڳو پئي ته مالڪياڻي آهي. ان عورت اسانکي گيسٽ روم ۾ ويهاريو. غلام نبي منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو:
“هي منهنجو ڳوٺائي، نهايت تجربيڪار ڊرائيور، خاطري وارو، سچو ۽ ايماندار ماڻهو آهي. هن تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو.”
ان عورت غلام نبي سان منهنجو پگهار اڍائي هزار مهينو مقرر ڪيو. کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو مفت ۾. ڊيوٽي اها ته صبح جو صاحب کي پنهنجي آفيس تي ڇڏي اچڻ.... غلام نبي ان ميڊم جو نالو نرگس ٻڌايو ۽ ويندي مهل به اهائي مُرڪ چپن تي هئس. ميڊم ڪپڙن جو وڳو ڏيندي چيو:
“تنهنجا ڪپڙا ميرا ٿي ويا آهن، سو بدلائي وٺ.”
جئين ڪپڙا بدلائي ٻاهر نڪتس ته ميڊم عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳي، مون جلدي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. گاڏي جي چاٻي منهنجي هٿ ۾ ڏيندي ميڊم نرگس چيو ته:
“صدورا هي وٺ چاٻي، هيٺ گيراج ۾ ڳاڙهي رنگ جي مرگلا بيٺي آهي، ان کي ٻاهر ڪڍ ته پاڻ شهر جو چڪر ڏئي اچون.”
آئون جلدي گاڏي گيراج مان ڪڍي آيس ۽ اچي مکيه دروازي تي بيهاريم. ميڊم آئي ۽ اڳين سيٽ تي منهنجي ڀر۾ ويٺي. ايتري ته گهڻي خوشبو لڳائي آئي جو سڄي گاڏي معطر ٿي وئي. مون گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ پڇيم :
“ميڊم ڪٿي هلڻو آهي؟”
چيائين: “هتان هل پوءِ جتي مرضي پئي اتي هليو هل.”
آئون منجهي پيس ۽ پريشاني مان پڇيومانس: “ميڊم ڪجهه ته ٻڌايو ، منزل ڪهڙي آهي؟ اوڏانهن گاڏي کي موڙيان...”
ڪاوڙ مان صفا ڳاڙهي ٿيندي چيائين: “صفا ڪو اُٺ آهين، نه سُڻين نه سمجهين ٿو، چوان ٿي جيڏانهن وڻئي اوڏانهن وٺي هل.”
گاڏي کي فليش کان ٻاهر واري پاسي ڪڍي ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال روڊ تي هلائيندو راجپوتانه اسپتال وارو روڊ ورتم، جتان سٽيزن ڪالوني کان ٿيندي واٽر پلانٽ تائين پهتس. ميڊم سگار جي سُوٽا هڻندي دونهون منهنجي طرف موڪليندي رهي. ڪاوڙ ته لڳي پر .... “ڪُڇان ته ڪافر !” المنظر تي پهچي مون بريڪ هنيو ته ميڊم يڪدم چيو: “توکي ڪنهن چيو ته بريڪ هڻ !؟”
ٿورو اڳتي هلي ڄامشورو ڦاٽڪ وٽ گاڏي سلو ڪيم پر ميڊم جي تيز ۽ ترڇي گهُور ٻيهر مون کي گاڏي تيز ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. علامه آءِ آءِ قاضي جي تُربت وٽ مونکي گاڏي روڪڻ جو چيائين، گاڏي ۾ ويٺي ويٺي دعا گهريائين. پوءِ منهنجي سٿر تي ڌڪ هڻندي چيائين: “صدورا گاڏي هلائي”
مارئي هاسٽل جي روڊ کان اندرين طرف گاڏي موڙڻ جو چيائين ۽ چيائين هاڻي آهستي آهستي هل، پاڻ ٻاهر جو منظر ڏسندي رهي. ٻن ڪلاڪن کان گاڏي يونيورسٽي جي روڊن تي هلندي رهي، نيٺ وري يونيورسٽي کان ٻاهر نڪرڻ جو چيائين. ٿوري دير ۾ گاڏي سُپر هائي وي تي هئي. سُپر هائي وي جي ٻئي طرف گورنمينٽ آفيسرن جي ڪالوني ڏانهن هلڻ جو اشارو ڪيائين. مان هن جي چوڻ مطابق اوڏانهن هلندو رهيس. هڪ بنگلي اڳيان گاڏي روڪڻ جو چيائين. گاڏي بيٺي ته چيائين:
“انهيءَ بنگلي جي بيل وڄاءِ....”
مون بيل وڄائي، ميڊم به منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺي. ٿوري دير ۾ هڪ اڌڙوٽ همراه نڪتو. ميڊم ان کان سندس زال جو پڇيو ته چيائين:
“اها هفتي لاءِ مائٽن ۾ ويل آهي.”
ميڊم پوءِ مسڪرائي ان همراه سان هٿ ۾ هٿ ڏئي ان بنگلي ۾ گهڙي وئي. ۽ آئون اچي گاڏي ۾ ويٺس. ڪلاڪ کن کانپوءِ ميڊم ٻاهر نڪتي، سندس ڪپڙا سُريل، ۽ وار وکريل هئس. پاڻ ٿڙندي ٿاٻڙندي آئي پئي ۽ انهي همراه سهارو ڏئي گاڏي ۾ ويهاريس. ميڊم هلڻ لاءِ چيو ۽ اهو چيائين ته ڪلاڪ ٻه مختلف روڊن تان چڪر هڻندو پوءِ گهر ڏانهن هلجانءِ. (ميڊم جي ڳالهائڻ تي سندس وات مان شراب جي بدبو آيم) ميڊم نشي ۾ اهڙي ته ڌُت هئي جو ٻن ڪلاڪن تائين ڪجهه نه ڪُڇيائين ۽ سيٽ تي مٿو ٽڪيو اکيون پوريو رهي. جنهن وقت پنهنجي فليٽ وٽ گاڏي بيهاريم. رات جا ٻه ٿي چُڪا هئا. ٻين فليٽن ۾ به سانت ڇانيل هئي. چوڪيدار جاڳيو جيڪو ڊوڙي آيو. دروازو کولي ميڊم کي گاڏي مان سهارو ڏئي لاٿائين. (شايد ميڊم جي افعالن کان اڳ ۾ ئي واقف هو) آئون گاڏي گيراج ۾ بيهاري آيس ته ميڊم چيو: “مٿي تون وٺي هل”
سوچيم شايد ميڊم گهڻو پي وئي آهي جو اڃان خُماري پئي آهي. ميڊم کي فليٽ جي بيڊ تي ويهاريم ته چيائين:
“صدورا ڪجهه زور ڏي، بدن ۾ سُور آهي.”
آئون شرم و حياءَ وچان ماٺ ٿي ويس ته ميڊم چيو:
“پهرين در کي ڪنڊي ڏي، پوءِ ......!!!”
مون هٻڪندي چيو ته: ميڊم... صاحب اسان کان اڳ ۾ اچي چڪو آهي، هو جي هتي اچي وڃي ته پوءِ .....!؟”
ميڊم وراڻيو: “نه..... نه...... اهو به کائي پي آيو هوندو، پنهنجي ڪمري ۾ سهمي رهندو ۽ صبح کان اڳ نه جاڳندو. تون رڳو منهنجي خدمت ڪر...”
مون فرمانبردار نوڪري جيان در بند ڪيو ۽ حڪم مطابق زور ڏيڻ لڳس. ۽ ميڊم سُتي ئي وڦلڻ لڳي.
“اڃان مٿي..... اڃان مٿي ..... ۽ جوش وچان اُٿي الف جهڙي ٿي پئي..... ۽ مون ڏانهن وڌي مون کي به ڪپڙن کان آجو ڪري ڇڏيائين....
صبح جو سوير اٿيم، ميڊم سُتل هئي. پنهنجي ڪمري اچي وهنجي ڪپڙا بدلائي، هيٺ گاڏي ۾ ويهي صاحب جو انتظار ڪرڻ لڳس. صاحب تيار ٿي اٺين وڳي هيٺ آيو. انهيءَ کي آفيس ڇڏي واپس اچي ناشتو ڪيم پئي ته ميڊم منهنجي مٿان بيهي منهنجي ڪلهن تي هٿ رکي چيائين: “صدورا اڄ به ٻاهر هلڻو آهي.”
اهڙي ريت ٻي ڏينهن به اهو سڀ ڪجهه ٿيو، جيڪو ڪالهه ئي ٿي چڪو هو. اُتي رهندي مون کي ٽي مهينا گذري چُڪا. آئون هر رات ٿيندڙ بُري فعل جي ڪري پنهنجو پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪري رهيو هئس. ڪنهن مهل من ۾ آيو ٿي ته ڀڄي نڪران.... وري ڳوٺ جو خيال ايندي ئي لڱ ڪانڊارجو وڃن. منهنجي بيروزگار رهڻ جي ڪري فاقا اچيو وڃن، انهي ڊپ کان پنهنجي ضمير کي سمهاري ڇڏيو هئم.
ميڊم اڄ سويري ئي مون کي ڪراچي بس اسٽاپ تي هلڻ لاءِ چيو ۽ پنهنجي پرس مان ٻه هزار جا نوٽ ڪڍي، منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيائين ته:
“اچي هي وٺ، پنهنجو خيال رکجانءِ، ۽ ها صاحب جي پارت اٿئي، آئون ڪراچي هڪ شادي ۾ هفتي کن لاءِ وڃان پئي، وري ايندس.” مرڪي پئي.
آئون ميڊم کي خواجه غريب نواز پُل پوليس چوڪي وٽ ڪراچي ڪوچ ۾ روانو ڪري آيس. رات جو صاحب آيو ۽ مون کان پڪ ڪرڻ خاطر پڇيائين: “ميڊم وئي هلي .....!؟”
مون جواب ۾ چيو: “ها صاحب !”
پوءِ مون کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيو ۽ منهنجي ساراهه ڪرڻ لڳو. تون هيترا ڏينهن اسان وٽ رهيو آهين. تنهنجي ڪا به شڪايت ناهي ملي، تو جهڙا محنتي، ايماندار ماڻهو ٻيو ورلي ملندو سو مون کي تنهنجو قدر آهي. توکي جنهن به شيءَ جي ضرورت هجي بي ڌڙڪ ئي مون کي چئجانءِ، ائين چئي الماري مان بوتل ڪڍيائين. “هن مان ٻه پئگ تيار ڪر....”
مون چيومانس: “سائين مان نشو نه ڪندو آهيان، ۽ نه ئي پيگ ٺاهڻ جي خبر اٿم.”
چيائين: “ٺهيو پيگ آئون ٿو ٺاهي وٺان، تون هي پئسا وٺ ڪرسپي تان فل بروسٽ وٺي اچ.”
آئون جلدي ۾ ڪرسپ تان فل بروسٽ وٺي آيس. صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ڇرڪ نڪري ويو ۽ پوئين پير هٽيس. صاحب اونڌو اگهاڙو سُتل هو. اتان سڏڪندي چيائين:
“اڙي صدورا ! وڃين ڪيڏانهن ٿو ؟”
مون يڪدم چيو: “صاحب اوهان شايد ڪجهه وڌيڪ پي ويا آهيو. جو اگهاڙا سُتا پيا آهيو ۽ ٻيو ته اونڌا ٿيا پيا آهيو.”
“صفا ڪو جاهل آهين....” ڪاوڙ مان اُٿيو در بند ڪري زوري مون کي به پيگ پياري ڇڏيائين ۽ پوءِ اهو سڀ ڪجهه ٿيو جي ڪُڇان ته ڪافر ، پر انهي جو تصور ڪرڻ به ڪنهن ڀيانڪ خواب وانگي آهي.

حسد

حسد

بصر سهڪندو ڊوڙندو اچي مون وٽ پهتو ۽ سهڪندي سهڪندي چوندو ويو: “بائيڪاٽ زنده باد، بائيڪاٽ زنده ....”
مون ڳالهه کي ڪٽيندي چيو: “ڪهڙو ويل ٿيو اٿئي؟”
چيائين: “جُمن يار ڳالهه ئي نه پڇ، اڄڪلهه ڪاوڙ ۽ بائيڪاٽ جو اگهه صفا سستو ٿي ويو آهي. جنهن کي ٿوري ڪسر ٿي اچي اهو پنهنجو پاڻ مٿان ڪري هڻي ٿو، بائيڪاٽ ڪري ٿو.”
مون بصر بيوس کي ٻانهن کان جهليندي چيو: “اصل ڳالهه ٻڌائي، اهي ڳجهارتون نه ڏي.”
چيائين: “ڪالهه جيڪو ادبي ڪاميٽي وارن پروگرام ڪيو هو نه ان ناني نوناري، شوڪت شينهن وارن کي نه گهرايو ويو هيو. سو اڄ ناني نوناري جي لڏي وارن ادبي ڪاميٽي خلاف احتجاج ڪيو آهي. ۽ هٿن ۾ بينر کڻي ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ صدر خلاف نعري بازي ڪندا پريس ڪلب ڏانهن پيا وڃن.”
ورندي ڏني مانس: “يار اها ته بُري خبر آهي، مس مس وڃي پنهنجي ضلعي ۾ ڪو ادبي پروگرام ٿيو آهي، ۽ ٻيو ته صدر ۽ چيئرمين نهايت ادب ذوق ماڻهو آهن، انهن جو ڪهڙو ڏوهه؟”
بيوس بصر چيو: “اصل ڏوهه چون ٿا آهي ئي انهن جو، جو هنن نائي جهڙي تُڪ بند شاعر ۽ شوڪت جهڙي لٺ مان لئي ڀڃي ڪهاڻيڪار ٿيندڙ کي ادبي ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ شامل نه ڪيو آهي. ”
“پر بصر انهن کي ته ڪو اخبار جو صحافي به ڪوريج نه ڏيندو.”
“اڙي فضل! چريو آهين، انهن سان ڪجهه صحافي به برسرِ احتجاج آهن. ”
“اهي وري ڇو؟” مون چيو
“اهي به چون ٿا ته صحافي جو ادب ۾ ڪردار رهيو آهي. سو اهي به چاهين ٿا ته اسانکي به ڪو حصو پتي ملي.”
“يار بصر پڪ ڄاڻ ته هاڻ نه رهندي اها ڪاميٽي، ۽ نه ئي ٿيندا اهڙا پروگرام.”
“اهو وري ڇو !؟”
“انهي ڪري جو اسان ناشڪرا ۽ بي سهپ ٿي ويا آهيون.”

ڏوهاري

ڏوهاري

“ريحان اڄ ڪلهه ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچين. پنهنجي بنگلي تي به ناهين هوندو آخر آهين ڪٿي!؟ ۽ ڪٿي پيو شوق شڪار ڪرين؟”
“يار دلبر ! انهي شوق شڪار جي ڪري ته ڏسڻ ۾ نه ٿو اچان. منهنجي ڌيءُ انيسه هاڻي وڏي ٿي وئي آهي، ڪاليج ۾ پڙهندي آهي، بورڊنگ ۾ رهندي آهي، اتفاق سان ڪڏهن ڪڏهن گهر اچي ٿي. سو سوچيم ته انهي جي اوچتي گهر اچڻ سان منهنجي عيش عشرت ۾ رُخنو پئجي سگهي ٿو. سو سمنڊ ڪناري هڪ سيپريٽ جاءِ ورتي اٿم، جنهن بابت يارن کانسواءِ انيسه کي به نه ٻڌايو اٿم.”
“اهو ته اڃان مزو ٿيو، پوءِ ڪنهن ڏينهن تي آئون به ايندس.”
“ٺيڪ.... ٺيڪ”
ائين ٺيڪ هفتي کانپوءِ ريحان ۽ دلبر گڏجي عياشي ڪرڻ جو پروگرام رٿيو. ۽ جڏهن هفتو پورو ٿيو ته ريحان پنهنجي ماڻهن کي چيو ته :
“اڄ اهڙي ڪا چيز هٿ ڪجو، جيڪا اڳ۾ مون وٽ نه آئي هجي ۽ عمر جو به خيال رکجو.”
“حاضر سائين !”
حڪم جا بندا ۽ پئسن جا پُٽ ويا پنهنجي ڌنڌي پويان. دلبر به اچي رَسيو. ٻنهي خوب ڊرنڪ ڪيو. ريحان سڏ ڪيا. دينو ايندي ئي چيو:
“اڄ صفا نيو مال اٿو....”
ريحان ۽ دلبر وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. ريحان دلبر کي چيو ته:
“پوءِ وڃ تون ....!”
دلبر چيو: “نه نه .... پهرين تون !”
ٻئي نشي ۾ ٻُڏل هيا. سندن پهرين تون وڃ، نه پهرين تون وڃ جو تڪرار ڪافي وقت هليو. نيٺ دلبر چيو:
“ڀلا توکي ميزباني جو شوق آهي ته آئون وڃي ٿو مهمان ٿيان.”
ريحان چيس: “ڪجهه خيال ڪجانءِ منهنجو به وارو آهي.”
ٻنهي ٽهڪ ڏنا. دلبر جڏهن ٻئي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته اڳيان نوجوان نينگر ڏسي وڌيڪ مڌ مست ٿي ويو ۽ ڪلاڪ کانپوءِ بيٺڪ ۾ آيو. ريحان چيس:
“ڏي خبر! ”
دلبر چيو: “مولا ! اهڙو قيمتي هيرو ڪٿي لڪايو ويٺو هئين...!؟”
ريحان ٽهڪ ڏيندو ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳو ته دلبر چيس:
“ڇوري صفا چوزو آهي، تنهنجو به ٻڌايو مانس ته ٻيو اصل گراهڪ اڃان رهيل آهي. ته خبر اٿئي ڇا چيائين...؟”
“ها ڇا چيائين....!؟”
چيائين: “خير آهي.” ۽ ٻنهي ٽهڪ ڏنا.
ريحان ڪمري ۾ داخل ٿيو، مڌهم روشني هئي، بيڊ تي هڪ سنهڙي پوپري اونڌي ليٽي پئي هئي. هن به پنهنجا ڪپڙا لاهيندي دير نه ڪئي. نشي ۾ ٿڙندو وڃي ان حسين نينگري مٿان پيو. هوءَ به انتظار ۾ هئي. جئين ئي منهن سامهون ڪيو ته ڇرڪ ڀري ريحان جي ڀاڪرن کان پاڻ کي آجو ڪيائين ۽ ريحان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. انيسه سُڏڪندي پنهنجا ڪپڙا پائي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي...!

زهر بڻي زندگي

زهر بڻي زندگي

در تي مسلسل ٺَڪ ٺَڪ جي ڪري سُجاڳ ٿيس، روم جي دروازو کوليم ته سامهون پريشان حال ۾ بابُو بيٺو هو. هڪٻندي چيائين:
“ٻُڌو اٿم ته تو وٽ هاسٽل تي امتياز آيو آهي.؟”
مون نهڪار ڪئي ۽ کيس ٻانهن کان جهلي روم ۾ وٺي آيس. مون چيو: “خير ته آهي !؟”
پهرين ته چيائين ته: “ڪجهه به ڪونهي.”
مون چيومانس: “آئون به تنهنجو دوست آهيان، مون تي ويساهه ڪر، پنهنجي پريشاني مون سان اور، ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي ڪم اچان....!”
لنوائيندي لنوائيندي نيٺ چيائين: “هڪ مشڪلات اٿم، ڪٿان سينکيو هٿ ڪري ڏي، هڪڙي دوا ٺاهڻي اٿم.”
سينکيو ۽ دوا ڳالهه سمجهه ۾ نه آيم، پوءِ به بابُو سان گڏ شهر جي ڪافي پنسارڪين دڪانن تان پڇا ڪيم پر ڪنهن به سينکيو جي هئڻ ۽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ وچ ۾ هي ڪنهن ڪنهن دڪان واري کان اعجاز بابت پڇندو رهيو. مون کي ڪجهه شڪ ٿيڻ لڳو ۽ مون کيس هڪ هوٽل تي بابُو کي ويهاريو ۽ آٿت ڏيندي چيم:
“ڏِس تون مون کي سچ سچ ٻڌائي ته ڪهڙو مسئلو اٿئي !؟ يقين ڪر آئون ڪنهن سان به ذڪر نه ڪندس، ٿي سگهيو تنهنجي مدد به ڪندس ۽ تو هي اعجاز جي بار بار پُچا ڇو پئي ڪئي...!؟”
پهرين ته ٿڌو شوڪارا ڀريائين پوءِ آخر ٻڌائڻ لڳو:
“دلبر توکي ته خبر آهي تمنا کي آئون ڪيترو چاهيندو آهيان ۽ تمنا به مونسان محبت ڪندي آهي. ۽ تمنا کانسواءِ منهنجو جيئڻ به محال آهي.”
“ڇو ڇا ٿيو !؟”
منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيائين: “توکان ڪهڙو پردو ! اعجاز منهنجو دوست، تمنا جو ويجهو مائٽ آهي. اعجاز منهنجي مڙني براين کان واقف آهي. اعجاز جيئن ته مونکان وڏو آهي. آئون ننڍو هيس ته سندس چالاڪين ۽ ڳالهين جي ور چڙهي گهڻو ڪجهه اڳتي نڪري ويس. پوءِ مون پاڻ بچائڻ چاهيو پر اعجاز جي راز کولڻ جي ڌمڪين جي زنجيرن مون کي قابو ڪري ٿي ڇڏيو. ۽ تمنا جا مائٽ اعجاز جي ڪرتوتن کان واقف هئا. انهن تمنا کي چيو ته:
“جيڪو ماڻهو اعجاز جهڙي لوفر سان گڏ پيو هلي، انهي کي پنهنجي ڌيءَ ڪيئن ٿا ڏئي سگهون...!؟”
۽ تمنا مون کي پنهنجي پيار جو واسطو ڏيندي چيو:
“جيڪڏهن توکي آئون ۽ منهنجي محبت پيارا آهيون ته اڄ کانپوءِ اعجاز سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه رکجانءِ.”
هڪ پاسي باهه تي ٻي پاسي پاڻي. سو گذريل هفتي کان آئون اعجاز کان پاسيرو هئس. ڪالهه اعجاز مون وٽ آيو. هن پنهنجي (معمول جيان) خواهش پوري ڪرڻ چاهي ته مون انڪار ڪندي چيو:
“اعجاز اڄ ڏينهن کانپوءِ نه اهڙي ڳالهه ڪجانءِ ۽ نه ئي هاڻ پنهنجو ڪو واسطو آهي.”
اعجاز مرڪندي چيو ته: پوءِ ٺيڪ آهي، آئون پاڻهي ٿو توکي ننگو ڪري تنهنجي معشوقه تائين ، انهي جي مائٽن تائين ڳالهه پهچايان ته تنهنجو مونسان ڪهڙو رشتو آهي، ۽ تون ڪهڙو چڱو مڙس آهين.”
مون منٿون ڪندي چيو: “نه اعجاز ! اهو ظلم نه ڪجانءِ.”
ته چيائين: “پوءِ صرف اڄوڪو ڏينهن ڇڏيائين ٿو، سڀاڻي جي تو انڪار ڪيو ته پوءِ ......”
بس انهي ڪري سوچيم ته خودڪشي کانسواءِ ڪو ٻيو علاج ئي ڪونهي. ائين چئي بابُو روئڻ لڳو.
مون کي ماٺ لڳي وئي. ٿورو سوچي پوءِ چيومانس:
“ڀلا جيڪو هفتو تون اعجاز کان پري رهين، انهي جي تمنا جي مائٽن کي خبر آهي...؟”
“ها .... اهي مهنجي انهي قدم تي خوش ٿيا آهن.” بابُو جواب ڏنو.
مون چيو: “پوءِ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اجايو زندگي کي زهر ڇو ڪيو اٿئي...؟ اڄ وڃي تمنا جي مائٽن سان ڳالهائي رشتو طئي ٿيڻ کانپوءِ اعجاز ڇا به ڪندو، ڪهڙيون به ڳالهيون هلائيندو ته تمنا جا مائٽ اهو ئي سمجهندا ته بابُو اعجاز سان واسطو ختم ڪيو آهي، تڏهن پيو الزام هڻي.”
مون بابُو جي ڪلهي تي ٿڦڪي ڏيندي چيو: حوصلو ڪر!”
۽ بابُو مسڪرائيندو تمنا وارن جي گهر روانو ٿيو.

ويسر

ويسر

او پياري زال صابل!
او معافي.... زال نه پر مڱيندي ، ناراض نه ٿجانءِ جو تون هاڻي شايد ڪنهن ٻئي جي زال هجين. تنهن ڪري توکي صرف منڱيندي ئي چئي سگهان ٿو. ڇا ڪريان ويسر ته اصل تپائي ڇڏيو آهي. پنهنجي ويسر جو احساس ته ننڍي لاڪئون ئي ٿي ويو هئم. جو شهرمان گهمي ڦري خالي ئي واپس موٽي ايندو هئس. ته موٽ ۾ مائٽ جا موچڙا ئي ملندا هئم. جڏهن اسڪول ۾ ويندو هئس. استاد ڪنهن ڪم جي ياد هئڻ بابت پڇندا هئا ته چوندو هئس:
“مون کي ياد آهي” ۽ جڏهن استاد اهو سبق پڇڻ تي ايندا هئا ته وسري ويندو هئم ۽ پوءِ ملنديون هئم استاد جون مارون.
جڏهن توسان اک اٽڪي ۽ دل ڦٿڪي، توسان ملاقاتون ڪندو هئس پر تنهنجونالو ذهن ۾ ٽڪندو ئي نه هو. ڪڏهن کاتل ته ڪڏهن ڦاپل پيو چوندو هئس. هڪ ڏينهن ٿاڌل چيومانءِ ته ڪاوڙجي پئي هُئين، تڏهن لاڳيتو ٻه ڏينهن نه کاڌم نه پيتم نه ئي گهر کان ٻاهر نڪتس، تڏهن ئي وڃي تنهنجو نالو ذهن جي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ٿيو هو. تو مون کي پهرين فرمائش گهڙي جي ڪئي هئي. جيڪا وسرندي وسرندي هفتي کانپوءِ تڏهن ياد آيم. جڏهن هڪ ڪنڀار جي دڪان اڳيان رکيل مٽڪن ۽ گهڙن مٿان چڙهي ويو هئس ۽ ڪنڀار ٺاهوڪي ڇنڊ پٽيندي چيو هو “اڙي ڇورا ! انڌو آهين ڇا؟”
ته مون تڪڙ ۾ چيو. “اڙي ياد اچي وئي گهڙي ...”
“گهڙي ڇا....؟”
“اڙي بابا! مون کي گهڙي ڏي، جيڪا تحفي ۾ ڏيڻي آهي .”
ڪنڀار به هڪ گُلن چِٽن واري گهڙي مون کي ڏني هئي. مون يڪا ويهه روپيه ڏيئي ڇڏيا هئا. جڏهن تو وٽ پهتو هوس تون خوش ٿيڻ جي بدران ماڳهين تارا ڪڍڻ لڳي هئين. مون پنهنجو پاڻ کي ڏٺو ۽ چيم:
“ڇو ائين پئي ڏسين، مون کي ڇا ٿيو آهي؟ اڄ ته خوش ٿي تنهنجي لاءِ پهرين پيار جو پهريون خوبصورت تحفو آندو اٿم.”
انهي تي تون ٽهڪن تي پئجي وئي هئين. ۽ کلندي کلندي چيو هيئي: “اڙي ولو ! گهڙي ٽائيم واري چئي هئم ۽ تون.....”
وري به تنهنجي کِل شروع ۽ آئون گهڙي ڪڇ ۾ کڻي پوئين پير ڀڳو هئس. ۽ پوءِ تون منهنجي ويسر کان واقف ٿي وئي هئين. تنهنڪري فرمائشون ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنيون هيئي. ۽ جلدي ۾ پنهنجو مڱڻو به ٿي ويو هو. انهي جو هڪ سبب هو اڄ تائين نه ڪنهن مون کي قبوليو ٿي ۽ نه ئي تنهنجي لاءِ ڪو رشتو آيو ٿي. معنى پاڻ ٺهيا ئي هڪٻئي لاءِ هياسين. نيٺ خوشي جو ڏينهن به آيو، پنهنجو نڪاح پاڙي واري مولوي پڙهايو. سرگس گهمائي مون کي هڪ مسجد ۾ ڇڏيائون نماز پڙهڻ لاءِ. چيائون “نفل پڙهه” مون کي ته ياد ڪو نه هو. ڪڏهن مون نفل پڙهيا هجن پوءِ به مسجد ۾ پهتس ته هڪ گهوٽ هارن، موڙن سميت مسجد ۾ هو. نفل نماز پڙهي دير جام لڳي ٻاهر نڪري ماڻهن جي انبوهه سان گڏجي ويس انهي وقت مهنجو موڙ هيٺ هيو.
مون کي تنهنجي ڪمري تائين پهچايو ويو. جڏهن سڀ ويا هليا تڏهن وڃي موڙ لاٿم. تون ايتري خوبصورت ڪانه هئين جيتري لڳي رهي هيئن. جڏهن صبح جو سجاڳ ٿيس ته سيج تي تون نه هئين، تنهنجي جڳهه تي ٻي ڪنوار ويٺل هئي. مون هاءِ گهوڙا شروع ڪئي، احتجاج ڪيم ته گهوٽيتن چيو.
“رات جو اسانجو گهوٽ ڀُل ۾ تنهنجي ڄڃ سان گڏجي ويو، تون اسان جي ڄڃ ۾ شريڪ ٿي هتي پهتين . رات به انهي ڪنوار سان گذاري اٿئي، هاڻي اها ئي تنهنجي ڪنوار آهي. باقي ٻيهر نڪاح جو بندوبست ڪري ٿا وٺون، توکان آئون ڏاڍو شرمندو آهيان، توکانسواءِ سُک ئي ڪونهي پر سچ پڇين ته هتي به مزو لڳو پيو آهي. اڳي رڳو رُلندو وتندو هئس هاڻ منهنجي نئين زال مونکي دروازو به مٽڻ ڪا نه ٿي ڏي. سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪرائي ٿي، رات جو سُڪون جي ننڊ اچي ٿي، اميد ٿو ڪريان ته تون مون کي معاف ڪري ڇڏيندين ۽ ربّ جي رضا تي راضي رهي زندگي گذاريندين.
فقط تنهنجو سابق مڙس
(اڙي مڙس نه پر منڱيندو)
ولو خان ويسرو
ٽپالي ٽئونرداس شهر ۾ ڪالهه ئي آيو هو. خط انهي ڪري کوليائين جو مٿان ڪا به ايڊريس نه لکيل هئي. پر خط پڙهڻ کانپوءِ ٿڌا ساهه ڀري وري لفافو بند ڪري واپس دٻي ۾ وجهي ڇڏيائين.

ڪملا !

ڪملا !

ڪملا سورنهن سالن جي ڄمار ۾ پير رکندي ئي پنهنجي سُونهن ۾ بي مثال بڻجي پئي هئي. ڳوٺ قاسم ڪوٽ جو هر ڳڀرو پاڻ سنواري ڪملا کي پاڻ وڻائڻ پئي چاهيندو هو پر ڪملا ڪنهن ڏانهن اک کڻي ڏسڻ به پسند نه ڪندي هئي. پر ڪالهه کان ڪملا جي هلت ۾ فرق اچي ويو. سهيلين سان ٻڌا ٽهڪ ڏيڻ ۽ ويندي ويندي گنگنائڻ سڀ ڪجهه وسري ويو هئس. رات ته ننڊ به سولي ڪا نه آيس. ڄڻڪه ڪجهه وڃائجي ويو هجيس. سج نيزي پاند آيو ته ماني کڻي ٻني ڏانهن رواني ٿي، پڻس ڪالو پوڙهو هوندي به وڏيري جي ٻني تي هارپو ڪندو هو. ڪالو کي بس هڪ ئي نياڻي ٿي سابه اهڙي سهڻي جو هر ڪو ويندڙ بيهي رهي. ۽ کيس ڏسڻ کانسواءِ نه رهي. ڪملا ڳوٺ کان ٻاهر نڪتي ته سامهون اهو ئي ڪالهوڪو نوجوان نينگرايندي ڏٺس.... جنهن سندس نيڻ جي ننڊ ڦٽائي، چين آرام حرام ڪري ڇڏيو هو. ٻئي جڏهن هڪٻئي کي ويجها پهتا ته ڏسندا ئي رهجي ويا. ڪملا ڪنڌ جهڪائي رحيم بخش جي پاسي مان گذرڻ لڳي ته رحيم بخش ٻانهن کان جهلي چيس:
“سهڻا ماڻهو! ايتري لئي به چڱي ناهي، ڪجهه اسان پرديسين جو به حق آهي.” ڪملا ماٺ ڪيون بيٺي رهي.
“ڪملا... ! اڳتي ته ڪنهن کي ڳالهائڻ ۾ وارو نه ڏيندي هئين، گڏجي رانديون ڪندا هئاسين ته هرطرف کان تنهنجا ٽهڪ ٻُرندا هئا. اڄ هي ڇا ٿي ويو اٿئي !؟”
ڪملا وڏو ساهه کڻي چيو: “رئيس ننڍا ! اهي ننڍي وَهي جون ڳالهيون هيون، هاڻ اهو سڀ ڪجهه نٿو ٺهي...”
“ڇا چئي رئيس ....! اڙي تون ته مون کي ڪاوڙائڻ لاءِ رحيمون چوندي هئين.... ۽ اڄ نالو ته نٿي وٺين ماڳهين رئيس.....!!!”
ڪملا اڳتي وڌندي چيو: “رئيس گس ڏيو ته وڃان، ڪو ڏسندو ته ڇا چوندو ...!؟”
“ڇو ڪير ڇا چوندو !؟ ڪنهن جي ڪهڙي مجال جو مون کي ڪجهه چوي....”
“رئيس اوهان کي نه پر اسان غريبن کي ته هر ڪو مِهڻا ڏئي سگهي ٿو....”
“وري به رئيس.... ڪملا تون مون کي منهنجي نالي سان سڏ... ۽ ٻي ڳالهه ته ڪو به ڊپ نه ڪر آئون جو آهيان نه ....”
رحيم بخش ڪملا کي اشارو ڏنو ۽ پاڻ اچي ٻٻر جي وڻ جي ڇانو ۾ ويٺو. “ڪملا ويهه ...!”
“نه .... نه .....!”
“اڙي ويهه نه ....!” رحيم بخش ڪملا کي ٻانهن مان جهلي سامهون ويهاريو. پهريان ننڍپڻ جون ڳالهيون، پوءِ ڳوٺ جون خبرون چارون ۽ پوءِ رحيم بخش پنهنجي پڙهائي جو ٻڌايو ته آئون انٽر ۾ پڙهان پيو ۽ ڪراچي ۾ پنهنجو بنگلو آهي اتي رهان پيو.
ڪجهه دير کانپوءِ ڪملا چيو:
“رحيم بخش ! ڀلا هاڻ وڃان، بابا انتظار ڪندو هوندو.”
“ٺيڪ ....” رحيم بخش ائين چئي اُٿيو. ۽ ڪملا کان وري سڀاڻي ملڻ جو واعدو ورتائين. ائين ڏينهن گذرندا ويا ۽ رحيم بخش، ڪملا جي قرب ڪچهرين جي ڪهاڻي ڳوٺ جي ماڻهن جي زبانن تي حرڪت ڪندي رهي. ۽ هوڏانهن رحيم بخش ۽ راتين جو راتيون جاڳي پيار ونڊيندي جڳ جهان کان بي خبر رهندي، الائي جو ڇا مان ڇا ڪندا رهيا.... هڪ ڏينهن ڪملا کي اُداس ڏسي رحيم بخش چيو:
“ڪملا! ڪجهه پريشان ٿي ڏسجين، ڪهڙو مسئلو آهي.؟”
“هونءَ.... ڪجهه به نه .... ”
“تڏهن به .....”
ڪملا ڳالهايو: “آئون سوچيان ٿي ته تون وڏيري جو پُٽ، سيد ذات ۽ آئون ڪالو جي غريب مسڪين گهر ۾ جنم وٺندڙ ڪُولهڻ، پنهنجو ناتو گهڻو عرصو شايد نه هلي سگهي....!”
“اڙي چري ! ڪهڙيون ٿي خبرون ڪرين... آئون رڳو تعليم مڪمل ڪريان پوءِ ڏس ته ڪيئن ٿا پنهنجو ميلو ڪريون....!”
ڪملا ڀڻيڪي.... “پر تيسيتائين....”
“پر تيسيتائين ڇا .....!؟” رحيم بخش پڇيو.
“تسيتائين آئون ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل رهنديس...”
“ڇو ڇا ٿيو ....!؟” رحيم بخش چيو
“ڇا وري ڇا ٿيڻو آهي، اهوئي ڪجهه ٿي ويو آهي، جيڪو مرد ۽ عورت جي ملڻ سان ٿئي ٿو.... ”
“ڇا ٻار .....!؟”
“ها.....”
“خير آهي آئون اڄ ئي بابا سان ڳالهايان ٿو، باقي تون ته مذهبي قرباني ڏيندينءَ نه ....”
“دل، جسم، جان ڏيئي ڇڏيم باقي مذهب بدلائڻ ۾ ڇا هي !؟”
“ٺيڪ ... پوءِ آئون هينئر ئي وڃي بابا سان ڳالهايان ٿو، تون پريشان نه ٿي.” رحيم بخش ويو، ڪملا پنهنجي منهن مرڪڻ ۽ من ئي من ۾ خوش ٿيڻ لڳي.
سج لهڻ تي هو، وڏيرو مير محمد اڃان گهر ۾ ئي هو. رحيم بخش سوچي رهيو هو ته ڪهڙي طرح بابا سان ڳالهايان!! مير محمد پٽس جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو:
“پُٽ تنهنجون موڪلون پوريون ٿي ويون هونديون....!؟”
پٽس ورندي ڏني: “ها بابا! سڀاڻي کان ڪاليج کُلي ويندا.”
“ته پوءِ پُٽ اڃان وڃڻ جي تياري نه ٿو ڪرين !؟”
“بابا هڪ مسئلو آهي.”
“ڪهڙو مسئلو آهي؟ مون کي ٻڌائي آئون ويٺو آهيان، پريشان ڇو ٿو ٿئين...!؟”
رحيم بخش هٻڪندي چيو: “بابا! آئون شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.”
پڻس جي چهري تي مُرڪ تري آئي. مسڪرائيندي چيائين:
“ته اهيا ڳالهه آهي، چئبو ته صاحب کي ڪا پسند اچي وئي آهي. ڀلا ٻڌائي اها ڪهڙي راڻي آهي. جيڪا منهنجي پُٽ جي تخت تي ساڻس گڏ ويهندي....!؟”
رحيم بخش ڊڄندي چيو: “ڪملا ....!”
“ڪملا ڪهڙي !؟”
“بابا هوُ ڪالو واري ڌيءَ !”
“ڇا.....!؟؟ دماغ ته ٺيڪ اٿئي، ڪولهڻ کي آئون پنهنجي ننهن ڪندس....!؟ سڄي جهان مان توکي بس اهائي نظر آئي ته ڪملا.... منهنجي جوُٺن تي پلجندڙ خاندان ڪولهي جي ڌيءَ.... واهه ڙي پُٽ واهه..... ” وڏيرو تپي باهه ٿي ويو.
رحيم بخش ڪجهه دير ماٺ کانپوءِ ڳالهايو:
“بابا ! اوهان به ته هڪ ڪولهڻ ويهاري هئي .”
“ها مون هڪ ڪولهڻ ويهاري هئي، ڪو نڪاح ته نه ڪيو هو. پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ شريڪ نه ڪيو هئم”
“پر بابا! آئون ته هن کي مسلمان ڪري پنهنجي زال بنائيندس.”
“هئي .... هئي ..... ڊيڊ..... پوءِ به ڊيڊ ! کڻي دريائن ۾ ڌوئينس، سڏجي وري به ڪولهي ڪالو جي ڌيءَ...!”
“بابا.... ڪملا کي مون مان پيٽ ٿي ويو آهي. ۽ اسان هڪٻئي سان بيحد پيار ڪيون ٿا. مون واعدو ڏنو آهي سو هاڻ مون وٽان بيوفائي ڪا نه ٿيندي .”
وڏيرو مير محمد چُپ ٿي ويو. ڪجهه ٿڌو ٿيندي چيائين:
“تون اڄ ئي ڪراچي وڃ هليو، پويان مسئلي کي آئون پاڻهي منهن ڏيندس.”
“بابا مون چيو نه هاڻ مونکان پُٺي ڏني ڪا نه ٿيندي ..”
پُٽ جو فيصلو ٻڌي وڏيرو سوچ ۾ پئجي ويو. آخري فيصلو ٻڌائيندي چيائين:
“ته تون ضد تان نه لهندين .... پوءِ اڄوڪي رات ڇڏي، ٻي رات تنهنجي رشتي لاءِ ڪالو کي گهرائيندس.”
وڏيرو ڪاوڙ، غصي ۾ اوطاق تي پهتو. کوڙ ماڻهو سلامي هئا. وڏيري ڪمدار سڀني کي واپس موڪلي ڇڏيو. ۽ ڪمدار سان ضروري ڳالهيون طئي ڪري ٻني تي روانو ٿي ويو. رات جو پيءُ پُٽ ڪجهه به نه ڳالهايو ۽ نه ئي ڪملا سان رحيم بخش ملي سگهيو.
رات جي ٻئين پهر ۾ هڪ فائر ٿيو، ڪُتا ڀونڪيا ۽ رات جي اونداهي ۾ خاموشي ٿي وئي .
ڪمدار صدوري کي چيو:
“ڏسجانءِ.... متان ڪولهين مان ڪو جاڳندڙ نه هجي ۽ احتياط ضروري آهي. ڇو ته وڏيري جو چوڻ آهي ته ننڍي رئيس کي کُڙڪ به نه پئي ته هي سڄو ڪم مون ڪرايو آهي.”
“ٺيڪ ڪمدار ..... ٺيڪ ” ائين چئي تازي رت وهندڙ لاش کي ٽنگن کان ڪمدار پڪڙيو ۽ ٻانهن کان صدوري .... ڪالو جي گهٽي جو ڊينگهر لاهي، ٻئي ڄڻا لاش گهليندا گهر ۾ داخل ٿيا ڏکڻ کان ڪالو جي کٽ پيل هئي. ۽ اُتر طرف ڪملا گهري ننڊ ۾ هئي. ڪمدار اشارو ڪيو ۽ لاش کي ڪملا جي کٽ تي اُڇلي، فائر ڪيائون.... ڪملا ريهه ڪئي ۽ ڪملا جو پيءُ ڇا آهي .... ڇا آهي؟ چوندو اُٿي کڙو ٿيو.
ٻه لاش ڪالو جي گهر ۾ کٽ تي پيا آهن. ڳوٺ مڙي پيو آهي، ڪالو ڪنڌ جهڪايو پَٽ تي ويٺو آهي. وڏيرو اچي ٿو ساڻس رحيم بخش به آهي. رحيم بخش بُت بڻجي ڪملا جي کٽ کي ڏسندو رهي ٿو . وڏيرو ڪمدار کان پُڇي ٿو.
“ڪاري جي خبر پئي يا نه ؟ ڪٿان جو ۽ ڪير آهي؟”
“نه سائين صرف ماڻهو اهو ٿا ٻڌائن ته ڪجهه ڏينهن کان اهو ماڻهو ڪالو جي ٻني وٽ ڏٺو ويو هو !”
“پوءِ ٻنهي کي ڀر واري ٻيلي ۾ اُڇلي اچ ....!”

بيٺل ماڻهو

بيٺل ماڻهو

ڪمري ۾ ويٺي هڪ ڪتاب جو مطالعو ڪيم ته در تي ٺَڪ ٺَڪ ٿي، اُٿي دروازو کوليم، هڪ اوپرو همراهه اڌڙوٽ عمر وارو بيٺل هو. ڪمري اندر هليو آيو. مون کيس ويهڻ جي صلاح ڪئي، پاڻ ڪرسي تي ويهي رهيو هيس. هو ڪرسي تي ويهڻ جي بجاءِ منهنجي ڀر ۾ بيٺو رهيو. مون خير عافيت پڇي ته چيائين:
“پُٽ تو وٽ هڪ ڪم سان آيو آهيان.”
مون چيو: “فرمايو، مان توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟”
ته بيٺل اوپري شخص سنجيده ٿيندي چيو:
“مان اوهان کي پسند ڪريان ٿو....”
“جيءُ....!!!؟؟؟” مون حيرانگي مان چيو. “توهان جو مطلب ڇا آهي ؟”
بيٺل ماڻهو وڌيڪ سنجيده ٿيندي چيو: “مطلب آسان آهي ته آئون توکي پنهنجي فرزندي ۾ آڻڻ چاهيان ٿو.”
مون چيو: “مان ته اوهان کي سُڃاڻان به ڪو نه.....”
هن وراڻيو: “مان توهان لاءِ نئون آهيان، توهان جي ضلعي جو ناهيان پر مان توکي چڱي طرح سُڃاڻان ٿو. نهايت لائق ۽ فرمانبردار نوجوان آهين، تنهنجي نالي کان واقف آهيان، سُٺو ليکڪ به آهين.”
“توهان جو اصل مقصد ڇا آهي؟ مان سمجهي ناهيان سگهيو.” مون عجب ۾ پوندي پڇيم.
وراڻيائين: “پُٽ منهنجي ڌيءُ انٽرپاس ڪيو آهي، تون جي تعاون ڪندين ته ميڊيڪل ۾ سليڪٽ ٿي ويندي.”
مون ڳالهه کي ڪجهه سمجهندي چيو: “تعاون مان اوهانجو مطلب ڇا آهي !؟”
“منظور صاحب! صفا سولي ۽ آسان ڳالهه آهي، اوهين جيڪڏهن منهنجي ڌيءُ لاءِ “ها” ڪندو ته منهنجي ڌيءُ سان منهنجي پُٽ جو مسئلو به حل ٿي ويندو. انهي جي به ميڊيڪل ۾ سليڪشن ٿي ويندي.”
مون ڳالهه سمجهي ورتي، پوءِ به ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ چيم: “پر اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن آهي؟ مون کي کولي سمجهايو.”
بيٺل اوپرو ماڻهو ڪجهه قدر سنجيدگي مان نڪري مرڪڻ لڳو، چپن تي هلڪي مرُڪ هيس. “معنى ته اوهين منهنجا فرزند ٿيڻ لاءِ تيار آهيو ته جڏهن اوهان منهنجي ڌيءُ جا وَر ۽ منهنجي پُٽ جا ڀيڻيا ٿي ويندا ته منهنجي ڌيءُ جو ڊوميسائيل به هن ضلعي جو ٺهي پوندو، پي آر سي ملي ويندي، انهي کانپوءِ ظاهر آهي ته سندس ڀاءُ جي مدد تون ڪندين، انهي جو ڪم ٿي ويندو ۽ ٻئي ميڊيڪل ۾ هن ضلعي جي ڪوٽا تي کڄي ويندا. ڇو ته !؟ هن ضلعي جي ڪوٽا اڪثر خالي رهي ٿي. سيٽون وڌيڪ هجن ٿيون ۽ شاگرد گهٽ اچن ٿا....”
مون بي اطمناني مان چيو: “ته آئون اڳ ۾ ئي شادي شده آهيان ٻيو ته مون کي نئي شادي ڪرڻ جو ڪو به شوق ناهي.”
بيٺل ماڻهو مون ڏانهن معصوميت مان ڏسندي ڌيرج سان چيو:
“خير آهي، تون عارضي طور منهنجو ناٺي ٿي وڃ، ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڀلي تون منهنجي ڇوڪري کي ڇڏي ڏجانءِ، انهي ۾ منهنجي ٻارن جي مستقبل جو حل آهي.”
مون ڪاوڙ مان چيو: “مهرباني ڪري مون کي مطالعو ڪرڻ ڏيو، ۽ اجايو پنهنجو وقت وڃائي مون کي تنگ نه ڪريو، آئون ڪنهن به عارضي شادي جي موڊ ۾ ناهيان، اوهين وڃي سگهو ٿا، آئون اوهان جي ڪا به مدد نه ٿو ڪري سگهان.”
ڪجهه دير جي ماٺار کانپوءِ بيٺل اوپري شخص ڳالهائڻ شروع ڪيو: “مون به چاهيو پئي ته اوهين ڪجهه وقت لاءِ سُڪون حاصل ڪريو، ۽ ان جي بدلي منهنجي نسل جو مستقبل ٺهي پوي، پر شايد اوهين اهڙن مزن کان اڳ ۾ ٿڪل آهيو. سو هي وٺو....!!!”
ڳاڙهن نوٽن جي سَٿي منهنجي اڳيان ٽيبل تي رکيائين. مون منهن مٿي ڪري کيس نهاريو ته مُرڪي چيائين: “ڇا اهي به ٿورا آهن ته پوءِ ٻيڻا ٿي ڪيون....”
ائين چئي ٻي دستي به ٽيبل تي رکندي چيائين: “هاڻ ويهه هزار پورا آهن، بس رڳو تون ڊوميسائيل ٺهرائڻ ۾ ڪجهه پوانئٽن تي اسان جي مدد ڪندين.”
مون نوٽن ڏي نهاريو، اهي ڳاڙها نوٽ مون کي منهنجي ضلعي جي اٻوجهه ماڻهن جو خون نظر آيو. مون ڪاوڙ مان اهي نوٽ دروازي ڏانهن اُڇليا ۽ بنا نهارڻ جي چيم:
“اسان گهر آئي جي عزت ڪندا آيا آهيون، مهرباني ڪري هاڻي هليا وڃو نه ته ......... !!!؟”
ڪجهه دير کانپوءِ نگاهه مٿي کنيم ، اهو اوپرو ماڻهو ڪمري ۾ نه هو.

منهنجا سپنا !

منهنجا سپنا !

هر ماڻهو پنهنجي اندر جي اُميدن، خواهشن ۽ تمنائن کي حقيقي رنگ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي. انهن ماڻهن مان مون جهڙا اڻ ڄاتل ماڻهو موقعا هٿن مان وڃائي ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن. ائين ئي مون اها فنڪشن واري شام ڀرپور موقعو ڏئي وئي هئي، پر مون ڪجهه نه ڪڇيو. صرف تنهنجو آواز جي سحر ۾ پاڻ وڃائي ويهي رهيو هيس. بس هيٺيان ڪرسي تان ويهي توکي ڏسندو رهجي ويو هيس ۽ تون ٻي ڪنهن جو نالو پڪاريو، ڪئي اديب آيا، مون کي ڪجهه به ياد ڪونهي، صرف تنهنجو مُڌر آواز ٻڌندو رهيس، جنهن ۾ منهنجو نالو گونجندو رهيو. فنڪشن ختم ٿي چڪو هو، تون به وڃي چُڪي هئينءَ. پوءِ ٻي ڏينهن نه پر هر ڏينهن ڪاليج کان موٽندي ئي تنهنجي شهر ۾ وقت گذارڻ لڳس. هر گهٽي، هر روڊ رستو ڄڻ ته تنهنجي آمد جو گس هو. مون کي سُڪون ميسر ٿي ويو هو. تنهنجي ڳولا ۾ به راحت هئي. هڪ ڏينهن توکي ڪوههِ نور سنيما وٽ ڏسي ورتو هئم. ڪجهه اڳيان وڌيو هئس ته تون مُرڪ جا پوپٽ اُڏاريندي سهيلين سان گڏ هڪ گهٽي ۾ مُڙي وئي هئينءَ. مون کي ائين محسوس ٿيو ته تون سهيلين سان گڏجي منهنجي بيڪسيءَ تي مسڪرائي رهي هئينءَ. مون کي وري به فنڪشن واري شام ياد اچي وئي هئي ۽ ذهن ۾ هٿوڙا لڳڻ لڳا هئا. پوءِ ته مان هر وقت ڪوههِ نور سنيما ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ چڪر لڳائڻ لڳو هئس ته من ڪٿي تنهنجو مُک نظر اچي وڃي ۽ توسان پنهنجي دل جو حال بيان ڪيان دوستن مون کي رول ۽ رولاڪ ڪوٺڻ شروع ڪيو پر تنهنجي يادن انهن جا طعنا ذهن مان تڏي ڪڍيا.... بس ياد هئين ته تون ئي تون .... مان ويراڳين جيان تنهنجي شهر جي ڌوڙ پاڻ ئي وسائيندو رهيس.
مان جيڪو تنهنجي بايو ڊيٽا کان ناواقف، تون ڪير آهين؟ ڪٿي رهندي آهين؟ تنهنجا ذاتي مسئلا ۽ معاملا ڪهڙا آهن؟ انهن کان بي خبر هوندي صرف تنهنجي نالي جي سهاري سان ئي تنهنجي شهر ۾ ڀٽڪي رهيو هيس. بس آٿت اهيا هئي ته تون اديبه آهين ۽ مان به اديب آهيان. ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملنداسين... تنهنجي ڪهاڻين جو چرچو هر ٽهيءَ جي ليکڪ جي چپن تي هو. پر منهنجو انهن ڳالهين سان ڪو به تعلق نه هو. بس تعلق هو ته منهنجي من جو تنهنجي من سان....
وري هڪ ڏينهن عيد کان ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن آئون پنهنجي سنگت سان گڏ ٽيلر ماسٽر وٽان ڪپڙا کڻڻ لاءِ ويس پئي ته پريان تون ڪتابن جي دڪان تي بيٺل نظر آئي هئينءَ. تو به مون ڏي ڏٺو هو.ٻنهي جون نظرون مليون هيون پر مون يڪدم نظر ڦيرائي ڇڏي هئي. دوست جو گڏ هئا. مون ويندي وقت پُٺ تي نهاريو هو تون مُرڪي رهي هئينءَ ۽ پوءِ واپس نه ورڻ جو موقعو مليو ۽ نه ئي ڏسڻ جو. پر مون کي ائين محسوس ٿيو ٻه اکيون منهنجي پُٺي کي جانچي رهيون آهن. مون کي ڏسي مرڪي رهيون آهن. پوءِ به اهي اکيون مسلسل منهنجو پيڇو ڪنديون رهيون. اهو ٽيلر ماسٽر جو دڪان، اهو ڪتابن جو دڪان، منهنجي روز اچڻ جي معمول ۾ شامل ٿي ويا هئا. پر تون نظر نه آئي هئينءَ. هفتا گذري ويا، مهينا گذري ويا، پاڻ کي نندن لڳو هئس. پنهنجو پاڻ کي بزدل ۽ بي همت محسوس ڪرڻ لڳو هئس.
سال گذري ويا اڄ به تنهنجي شهر ۾ رولاڪن جيان رُلندو رهان ٿو. تون ادب جي ميدان مان به ٻاهر نڪري وئي آهين. مختلف ماڻهن جون مختلف ڳالهيون آهن پر تنهنجي باري ۾ ڪا به حقيقي خبر مون تائين نٿي رَسي، شايد! مان تنهنجي شهر ۾ ئي رُلندي فنا ٿي وڃان ۽ منهنجا سپنا مون سان گڏ دفن ٿي وڃن ....!!!

مولائي جي ڪاوڙ

مولائي جي ڪاوڙ

بي اي ۾ بار بار فيل ٿيڻ کانپوءِ اڄ اهو احساس ٿيم ته يار پنهنجي زندگي اجائي وڃائي ڇڏيم، پر وري اندر مان آواز آيو، يار زندگي اڃان گذري ڪٿي آهي. مان ته 25 سالن جو ڇوڪرو مس ٿيو آهيان. اها وهي ته عشق ڪرڻ جي اٿم. عشق نه پڇي ذات جي اصول تحت الائي ته ڪيترين عورتن سان اک اٽڪائي اٿم ۽ پيچ لڙايا اٿم پر منهنجي پيار جو لغڙ هر دفعي ڪو ٻيو شاهينگ ڪاٽا ڪريو وڃي !
مون ڪنهن به عورت کان ذات نه پڇي ڇو ته عورت ڪهڙي به ذات جي هوندي پوءِ به سڏجي عورت ۽ رهندي عورت...! پر جيڪي به عورتون مونسان مليون انهن کي منهنجي ذات نه آئڙي پوءِ مون مغل ۽ مينڌرو سڏايو پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو. مونکان ننڍو (وچٽ) ڀاءُ آهي مولائي. اصل ڀوڪ آهي ، ڀوڪ. هو ريلوي اسٽيشن تي ڇولا وڪڻي سموري گهر جو بوجهه ڪُلهن تي کنيو هلي ۽ مان جو بي اي ۾ بار بار فيل ٿيو آهيان ۽ مختلف اسڪينڊل منهنجي نالي سان مشهور آهن سو آئون کيس ڏٺي ڪو نه وڻان پر وڏو هئڻ ڪري ڪجهه حيا ڪريو وڃي نه ته گهر ۾ ئي رهڻ ڪو نه ڏينم. مونکان مولائي ننڍو آهي، تڏهن مون کي وڻندو آهي ٻيو وڻڻ جو سبب اهو به آهي جو گهر جو خرچ سان گڏ ڪڏهن مونکي به خرچي ڏيو ڇڏي. مون به پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو آهي. دل چوي ته ڪا 11 يا 12 اسڪيل ۾ نوڪري ملي ته واهه واهه ٿي وڃي، پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو ٿي وڃان پر اڄ تائين مولائي جي پيرن تي بيهندو اچان. جمال مولائي کان به ننڍو آخري ڀاءُ آهي، هن کي پيار مان جمال گهوٽو سڏيندو آهيان. نائين ڪلاس ۾ پڙهندو آهي. اداڪاري جو بي انتها شوق اٿس ۽ ليڊري به ڪندو آهي. جنهن تان هڪ ٻه دفعا احتجاجن ۽ هٽ تاڙي ڪندي صوبيدار مار به ڏني آهي. پر نٿو مڙي، چوي ٿو ته سنڌ جو وڏو ليڊر ٿيندس ڇو ته سنڌ ۾ وڏا ليڊر سڀ مون جهڙا اداڪار ٽائيپ آهن، وقت تي اداڪاري به ڪندا آهن.
پيءُ جي اسان شڪل ئي ڪا نه ڏٺي ته ڪهڙو هو، پر ماڻهو چون ٿا شرابي هو ۽ هو مئو به پراڻي شراب پيئڻ ڪري هو. ماءُ به جمال گهوٽي کي هن دنيا جي حوالي ڪري پاڻ راهه رباني وٺي رواني ٿي وئي. جمال گهوٽي کي پاڙي جي مائي ملوڪان پاليو ۽ اڃان تائين اُتان ماني ٽڪر کائيون اچي ۽ اڄ ڪلهه ملوڪان جي ڌيءُ گُلان سان اک ٻوٽ ڪري پيو.
آئون رات جو دير سان گهر وڃان ٿو، جڏهن ٻئي ڀائر گهري ننڊ ۾ هوندا آهن. مولائي ڇولا وڪڻڻ کانپوءِ گهر ۾ اچي ماني پڇائي، جمال گهوٽو پاڻ ملوڪان جي گهران پيٽ ڀريو اچي، ۽ پنهنجي حصي جي ماني منهنجي لاءِ لڪايو رکي. باقي صبح جو ناشتو اسان ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونهي،
خالده ڏي وڃڻ انهي سان ملڻ اڄ ڪلهه منهنجي ڊيوٽي ۽ عشق ۾ شامل آهي. پر خالده پاڻ کي سڏائي خالد. مرد ٿيڻ جو شوق ننڍي هوندي کان اٿس. پر هاڻي وهي چڙهي آئي اٿس، صفا نازڪ سنهڙي، چلولي ڇوڪري آهي. مان هن کي پيار مان ڀولي سڏيندو آهيان. هي جڏهن به مونسان ملي ٿي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته مونسان ڪا صدين جي محبت هجيس. هن کي ڏسي اهو احساس ٿئي ٿو ته شايد سهڻي ٻيهر پيدا ٿي وئي آهي. ۽ هي ڀولي مونکي ميهار سمجهي تار درياءَ ۾ به ٽپي پوندي. ڪنهن مهل سوچن ئي سوچن ۾خالده کي سسئي بنائي پاڻ پنهون بڻجي عشق جي عميق ۾ گم ٿيو وڃان ته ڪنهن وقت وري هن کي مومل ۽ پاڻ کي راڻو تصور ڪري صدين جا ورق ورايو ماضي ۾ گم ٿيو وڃان ائين ڄڻ ته اسان ٻئي شاهه جي رسالي جي سمورن (سُرن) داستانن جا هيرو، هيروئين بڻجو وڃون.
اڄ خالده مون کي ڪجهه قدر پريشان ۽ غم زده محسوس ٿي ۽ مون کي چيائين :
“ڊيڻا! (اهو نالو هن مون تي قرب مان رکيو آهي) .
مون وراڻيو: “ڇا هي ڀولي !؟”
هن چيو ته: “ڊيڻا! هڪڙي ڳالهه توکي ٻڌائڻ ضروري ٿي سمجهان .”
“ها ٻُڌائي، ٻڌائي .”
ٿورو شرمائيندي چيائين: “هو تنهنجو ڀاءُ آهي نه مولائي ...”
“ها... ڇو ڇا ٿيو مولائي کي، ويچارو ڏاڍو نيڪ ۽ شريف....”
منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين:
“هون ! ڌوڙ آهي شريف، هن ته ..... ”
“ها ها چئو... ڇا ڪيو مولائي .....؟”
ڀولي منهن ڀيلو ڪندي پوتيءَ جو پلئه ڏندن ۾ ڏيندي چيو:
“هُن رات مون ۾ هٿ وڌا ....!”
“هان ! ڇا ٿي چوين ڀولي ...!!!؟”
مون يڪدم محمد علي جو ڊائيلاگ هڻندي چيومانس:
“هُن کي اهيا همت ٿي ڪيئن جو منهنجي ڀولي سان ائين پيش اچي، بس آئون هينئر وڃي ٿو سبق سيکاريان.... ”
مون پُٺ ڏئي، شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ ته ڀولي پويان رڙيون ڪندي چيو: “اڙي مولائي ته گهر هوندئي ...”
مون کي شڪ پيو پر پوءِ سوچيم ته هي ٽائيم ته هن جي ڇولن وڪڻڻ جو آهي ۽ ريلوي اسٽيشن تي هوندو. آئون ريلوي اسٽيشن وٽان لڪندو لڪندو مَٽيس، شڪر ٿيو ته مولائي نظر تي نه چڙهيو نه .... آئون ڪجهه به ڪري ٿي سگهيس. اُتان گهر پهتس ته دروازو ٻيڪڙيل هو اندران آواز ٻڌم .....
“مولي ! هو تنهنجو ڀاءُ آهي نه ڊيڻي ...”
“ها ... ڇا ٿيو ؟”
“انهيءَ اڄ مونسان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.”
اڙي ! اها ته ڀولي !
مولائي ڪاوڙ مان گجگوڙ ڪري اُٿيو ۽ مُڏي ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي چيائين: “تون ويٺي هُج... سانجهي ايندو ته ڏسجانءِ ڪهڙو ٿو حشر ڪريانس، منهنجي ٽڪرن تي پلجڻ وارو منهنجي ڀولي ڏي مير اک ٿو کڻي....!!!”
منهنجا وائيسر ئي ڍلا ٿي ويا ۽ پوئين پيرين ڀڄي هتي پهتو آهيان. هاڻي فٽ پاٿ تي منهنجو گهر آهي. ڇو ته مون کي اڃان به عشق ڪرڻو آهي ۽ مون کي مولائي جي ڪاوڙ اڳيان حرام ڪونهي ٿيڻو .

يادن جا صليب

يادن جا صليب

پياري صنوبر !
آئون هي خط اندر جي آرزوئن ۽ ارمانن کي سميٽي دل جي آنڌ مانڌ کي روڪي پنهنجي سُندر سپنن جي اڻپوري تڪميل تي روئي لکي رهيو آهيان.
جان ! توکي کوڙ خط لکيا هئم پر انهن خطن ۾ سلطان صباح صاحب جو ذڪر نه ڪيو هئم، جي اهو نيڪ بخت ماڻهو نه ملي ها ته هتي آئون درد جون ٺوڪرون کائي ٿانوَ ٻهاري ڪري ڪري مري وڃان ها. مان سلطان جي ٿورن هيٺيان دٻيل آهيان، ايتري تائين جو هن مون کي پنهنجي فرم ۾ برابر جو ڀائيوار ڪري ڇڏيو آهي. تون سوچ ته جيڪو ماڻهو هوٽلن تي، ٻاهر واري بيراگيري ڪرڻ لاءِ تيار هجي انهي کي هڪ بهترين فرم ۾ نوڪري ملي ۽ پوءِ ڪم کان متاثر ٿي فرم مالڪ پنهنجي فرم ۾ اڌ حصي جو مالڪ بنائي ڇڏي ... ڇا ڪو ماڻهو اهڙو هوندو جيڪو اهڙي فرم مالڪ جو نافرمان ٿيندو ....!؟ پوءِ سلطان صباح صاحب مون کي گهر جو فرد بڻائي ڇڏيو، کيس هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، نهايت ئي سهڻي، پر توکان گهٽ !
سلطان صباح هڪ ڏينهن مون کي چيو:
“ڏس گلاب ! مون توکي ترقي ڏياري اِتي پهچايو آهي، هاڻ تو ۾ هڪ ڪم ڦاٿو آهي، انڪار نه ڪجانءِ ....”
سو مون يڪدم چيو: “انڪار ڪيان ته ڪافر ٿيان ....”
هن مسڪرائيندي چيو: “منهنجي ڌيءُ جي مرضي آهي ته تون اسان جي خاندان جو حصو بڻجي وڃ.... يعني منهنجي ڌيءُ سان شادي ڪر...”
۽ مون به “ها” ڪئي. انهي وقت سلطان صباح جي چهري تي خوشي جا بادل ڇائنجي ويا ۽ آئون وڌيڪ ڪجهه نه ڪُڇيس. بس ڪجهه ڏينهن ۾ ئي اسان جي شادي ٿيڻ واري آهي. هاڻ منهنجي ايڊريس به تبديل ٿي وئي آهي. تون مهرباني ڪري خط نه لکجانءِ، ڪٿي سلطان صاحب کي دل ۾ نه ٿئي ته آئون نمڪ حرام آهيان.
مون کي وسارڻ جي ڪوشش ڪجانءِ باقي هر مهيني تنهنجي ضرورت جيترا پئسا تو وٽ موڪليندو رهندس. اميد ته منهنجي ترقي ۽ خوشحالي کي بيوفائي جو نالو نه ڏيندينءَ ...
پيار مان آخري دفعو تنهنجو گلاب !
گلاب جو خط نه هو ڄڻ ته غمن جو پهاڙ هو، جيڪو صنوبر جي خوشين مٿان ڪِري سڀئي خوشيون چيڀاٽي ويو. انهي خط صنوبر جي پيامِ محبت ۽ خلوص جو جنازو کڻي ڇڏيو ، انهي هڪ خط هن جي مستقبل، حال مٿان وڄ ڪيرائي سڀ ڪجهه ساڙي رک ڪري ڇڏيو. خط صنوبر جي لڙڪن سان ڌوپجي ويو ۽ لفظ ڊهي ويا پر صنوبر جي دل جي زخمن کي ڪير مٽائيندو .... ڪير به نه !!!
صنوبر سُڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ سُڏڪن ئي سُڏڪن ۾ صنوبر ماضي جي گهڙين ۾ گم ٿي وئي.
هن جڏهن فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي هئي ته سوين ڇوڪرا هن جي سُندر صورت ۽ من مهڻي سيرت ڏسي مٿان ڳاهٺ ٿي، ڀؤنر وانگي پيا ڦرندا هئا. ڪنهن ڏي مجال جو ڌيان سان ڏسي پر گلاب جي پاڻ ارپڻ جي ائڪٽنگ به عجيب هئي ! صنوبر جا سڀ ڌڙڪا ڌڪا سهي پوءِ به ماٺ ئي ماٺ ۾ صنوبر جي ڪڍ لڳو وتو هوندو هو. صنوبر جي دل به پٿر جي نه هئي جو ڪنهنجي هيڏي ساري پيار، سڪ، سڪ ۽ سهپ کي نظر انداز ڪري ڇڏي. نيٺ صنوبر گلاب سان ڳالهائڻ لڳي، ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ گلاب صنوبر کي پاڻ ڏي متوجهه ڪري ورتو.
ٻنهي جي پيار جي ڪهاڻي ڪاليج جي ڪلاسن کان ٿيندي گلاب ۽ صنوبر جي مائٽن تائين پهتي. انٽر جو امتحان ٿيندي ئي ٻنهي جي شادي طئي ڪئي وئي. صنوبر جي شادي 27 جون تي سندس چاچي جي پٽ ڦتو سان جيڪو مال چاريندڙ ڌنار هو ۽ گلاب جي سندس ماسات مومل سان جيڪا اڃان 13 سالن جي مس ٿي هئي.
صنوبر جي اشڪبار کي سڀني نظرانداز ڪندي چيو ته:
“ڪجهه به نه ٿيندئي، اسان پنهنجن کانسواءِ ٻاهر ڏينداسين ڪو نه، هو سمان گلاب ڪٿي ۽ اسان ٻروچ ...”
ڪجهه ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ 25 جون جي اخبار ۾ گلاب ۽ صنوبر جي مائٽن جي سموري عزت ۽ مرتبو هڪ ننڍڙي ڌيان طلب ۾ نمايان هئا. هنن جي سول مئرج ڪرڻ کانپوءِ هي ڪراچي اچي رهيا. ڪراچي جتي هزارين گريجوئيٽ پاس جتيون پالش ڪندا هجن اُتي هڪ انٽر واري کي ڪهڙي نوڪري ملندي ....!؟
ڪجهه ڏينهن جي هڻ وٺ کانپوءِ صنوبر جو پاڻ سان آندل سمورو سون وڪڻي سٺ هزارروپيا هڪ دلال حوالي ڪري ڏيئي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. انهي شخص بغير ڪنهن قانوني ڪاغذن جي گلاب تي ٻيڙي رستي دبئي پهچايو هو. ۽ صنوبر کي هڪ مهيني کانپوءِ گلاب جي هٿن جو لکيل خط مليو هو جنهن ۾ نوڪري ملڻ جي خوشخبري درج ٿيل هئي ۽ ڪجهه پئسا به هئا.
ائين خط ايندا رهيا ۽ پئسا به ايندا رهيا. پهرين هڪ هزار ۽ پوءِ هر مهيني 20 هزار اچڻ لڳا. پر هي گلاب جو آخري خط مڙني تمنائن جوخون هو ۽ صنوبر کي هاڻ صرف ۽ صرف يادن جي صليب تان گذرڻو هو.

رانديڪو !

رانديڪو !

رابيل، راهو جو رويو ڏسي حيران ٿي وئي! پر هن ڪوڙ نه ڳالهيو هوهن ته حقيقت ٻڌائي هُئي، ۽ سچي حقيقت ته هوءَ راهو جي ٻار جي ماءُ بڻجڻ واري آهي. رابيل، راهو جو اهڙيو بدليل رويو ڏسي چيو:
“راهو ! توکي آخر ڇا ٿي ويو آهي ؟ مان رابيل آهيان، تنهنجي رابيل. ڇا اڄ قرب نه ڪندي، هليا چپ ويجها ڪر ....!!!”
“چُپ ڪر ... بي حيا .... بي شرم .... توکي خبرهئڻ گهرجي ته بابا جلدئي منهنجي شادي هڪ وڏي ماڻهو جي ڌيءُ سان ڪرائڻ وارو آهي. ۽ تنهنجي اهڙي بيهوده بڪواس جي منهنجي شادي ۾ رڪاوٽ پئجي سگهي ٿي...”
راهو ڪاوڙ ۾ الائي ته ڇا ڇا چئي ويو !
“پر .... پر تو ته مون کي پنهنجي ڪنوار بنائڻ جا سهانا سپنا ڏيکاريا هئا...”
“هُون ! تون ۽ منهنجي ڪنوار ! تون ته عورتن جي بازار ۾ ويهڻ لائق آهين .”
“چُپ ڪر ...!.” رابيل ڪاوڙ ۽ ڏک مان ڏڪندي چيو.
“خبردار ! اڳتي هڪ لفظ به نه چئجانءِ، مون محبت ۾ سڀڪجهه قربان ڪيو آهي. غريب ضرور آهيان پر .... ”
“ته پوءِ تون به اڳتي لاءِ پنهنجو نالو مونسان منسوب نه ڪجانءِ...”
ائين چئي راهو ويندو رهيو.
رابيل سوچن جي پاتالن ۾ ڌڪجي دٻجي وئي. ننڍپڻ جو ساٿ، ۽ اهي رانديون ۽ راندين کانپوءِ روح جي رشتا ۽ پيار جا پيچ سڀ راهو هڪ لمحي ۾ وساري هن جي وجود کي رانديڪو سمجهي ڪجهه وقت لئه کيڏي، ٺوڪر هڻي روانو ٿي ويو.
ماڻس ته گهڻو سمجهايس ته وڏيري حاجي امام الدين جي پٽ سان تنهنجو اهو ميل جول ڪٿي پنهنجي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي پيو ته ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا ڪونه رهنداسين. هونئن به غريب جي عزت ڪاغذ جي ٻيڙي مثل هوندي آهي. جيڪا ننڍڙي پٿر رکڻ سان ئي ٻُڏي ويندي آهي پر رابيل هميشه اهوئي چوندي هئس نه امان! اهڙي ڳالهه جي نوبت نه ايندي . ٻيو ته راهو مونسان محبت ڪري ٿو ۽ هو اهڙو ماڻهو آهي ئي ڪونه جو مونکي ذليل يا رُسوا ڪري. نيٺ رابيل ، راهو جي لِڪ ڇپ جي ملاقاتن جي سلسلن، رابيل جي پيٽ ۾ هڪ وجود جي سرجڻ جا رنگ ڪڍيو .
راهو کي آخرڇا ٿي ويو آهي، جو ايترو بدلجي ويو آهي...!؟ رابيل خيالن جي دنيا مان ڇرڪي نڪريو اچي ٿي . اوچتو کيس راهو جو پيءُ اميد ۽ آس جو ڪرڻو محسوس ٿيو. وڏيرو حاجي امام الدين ڳوٺ ۾ بيواهن جي پرگهورلهڻ ۾ ، خيرات ڏيڻ ۾ مشهور هو. سو هي به ڊوڙندي يڪدم راهو جي گهر ڏانهن پهتي. گيٽ تان ئي اطمنان ٿي ويس ته حاجي صاحب اندر آهي. گهر ۾ ٻيو ڪو به ماڻهو نه هو، نه ئي ڪو آواز ٻُڌڻ ۾ آيس هڪ ڪمري جو در کليل ڏسڻ ۾ آيس، دٻيل پيرن سان آهستي آهستي وڃي انهي ڪمري جي در وٽ بيٺي . حاجي صاحب مصلي تي تسبيح جا داڻا ڦيري رهيو هو. حاجي مصلو ويڙهيو ۽ هن کان پڇيو:
“چئو ڇا هي بابا !؟”
۽ پوءِ روئندي روئندي رابيل سندس پُٽ راهو جي باري ۾ سڀ ڳالهه ٻڌائي ڇڏيو ۽ ٻڌائي دنگ ڪيائين ته کيس شرم اچڻ لڳو ته حاجي صاحب کي ته سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيم، ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين ته حاجي صاحب کيس ٻنهي ڪلهن وٽان جهلي پلنگ تي ويهاريندي چيو:
“ڇوڪري! توسان ضرور انصاف ڪبو .”
حاجي صاحب پنهنجي کيسي مان ڏهين جون ٻه دستيون رابيل ڏانهن اُڇلائي چيائين:
“هي وٺ ....”
۽ پاڻ اڳتي وڌي ڪمري جي تاڙي لڳائي، رابيل ڏانهن وڌيو، رابيل ڇرڪي اُٿي ته حاجي صاحب چيو:
“گهٻراءِ نه .... توکي سُٺي ڊاڪٽرياڻي کان چيڪ اپ ڪرائي حمل ضايع ڪرائي ڇڏيندس ۽ اڄ کانپوءِ تنهنجو به ٻين بيواهن جيان وظيفو چالو ....”
۽ پوءِ حاجي صاحب به پنهنجي مرضي مطابق رانديڪي سان کيڏيو .

اڻونجاهون عاشق

اڻونجاهون عاشق

“محترمه !”
“جي ...”
“محترمه.... ! ”
“ جي ..... هُون ! محترمه، محترمه ! ڪجهه بڪ به سهي يا رڳو محترمه محترمه ڪندو رهندين !؟”
“تون روز رستي تان لنگهندي آهين !”
“ها ته ڇا ٿيو، ڪو تنهنجو خريد ڪيل رستو آهي ڇا !؟”
“اڙي ! ڪاوڙ ڇو پئي ڪرين، منهنجو مقصد آهي ته روز هتان مٽيندي سفيد ساڙهي ۽ ڳاڙهي رئي ۾ ايمان سان ڏاڍي خوبصورت لڳندي آهين ...”
“خوبصورت ته آئون آهيان ئي پر انهي ۾ تنهنجو ڇا !؟”
“تون جنهن ٽاڻي به گذرندي آهين، انهي گهڙي منهنجي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪندي آهي .”
“ماريا! دل اهڙي ڪمزور اٿئي ڇا ...؟؟؟”
“نه .... نه...... اهڙي ڳالهه به ڪانهي !”
“ پوءِ آخر ڇا ٿيو اٿئي !؟”
“توسان اک اڙڻ کانپوءِ دل اٽڪي وئي آهي. يعني توسان محبت ٿي وئي آهي .”
“اڇا .... تون محبت به ڪندو آهين .”
“پياري ! مذاق ناهي تنهنجي عشق ۾ آئون پهاڙ به پُرزا ڪري سگهان ٿو .هاڻ ڀلا پياري منهنجي باري ۾ ڇا ٿي چوين !؟”
“ڇا وري ڇا چونديس، اڃان تنهنجو امتحان ئي نه ورتو اٿم .”
“خير آهي مان تنهنجي هر آزمائش منجهان مجنون بڻجي پار پوندس.”
“ٺيڪ پوءِ تون منهنجي تريءَ تي منهنجي پيار جي صدقي رک هڪ هزار جو نوٽ ....”
“اها به ڪا ڳالهه آهي، اچي هي وٺ.”
“هاڻ ڀلا منهنجي باري ۾ .....!!!؟؟؟”
“راءِ ! اها آهي ته تون منهنجي عاشقن جي لسٽ ۾ اڻونجاهين نمبر تي لکجي وئين. چڱو هاڻ هلان ٿي وري سڀاڻي ....”

ڊبل اي اُداسي

مون رمون جي ريزڪي دڪان تي بيٺي بيٺي پئي ڳُڙ چٽيو، تيستائين پويان راجا ڊبل اي اداسي کي ايندي ڏٺم. جيڪو اسانجي شهر جو پهريون ۽ شايد آخري شاعر آهي. ڇو ته هن شهر وارن کي نه شهر سان نه شاعر سان دلچسپي آهي سو اداسي اڪثر چوندو آهي ته اي الله ! مون کي بي شعورن جي شهر مان ڪڍ .
راجا ڊبل اي اداسي ويجهو آيو ته ڳُڙ چٽڻ جي صلاح ڪئي مانس، دير ئي نه ڪيائين منهنجي هٿ مان ڳُڙ جو ڳنڍو وٺي لڳي ويو چٽڻ ۾ ، ڳُڙ چٽيندي چيائين:
“يار قهر ٿي ويو! اصل غضب ٿي ويو.”
مون سمجهيو شايد گُڙ ۾ ڪا ڳڙٻڙ نظر آئي اٿس، پڇيومانس
“ڇا ٿي ويو ...!؟”
چيائين: “بس سُورن جون ڳالهيون نه پُڇ ته چڱو ...”
مون چيومانس ته: “ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻُڏي ويو اٿئي، جو سُورن جون رڙيون پيو ڪرين !؟”
چيائين: “ته يار انهي کان به وڌيڪ نقصان ٿيو اٿم.”
پڇيومانس: “ڪڏهن کان ايڏو امير ٿي وئين جو کنڊ جي جهاز کان به مٿي نقصان پهتو اٿئي ....!؟”
چيائين: “بس يار ڳالهه ئي نه پڇ، ڳڻتين ۾ صفا ڳري ويو آهيان، توکي پنهنجو سينو چاڪ ڪري ڏيکاريان ته رڳو زخم ئي نظر ايندئي.”
مون بيزاري مان چيو: “آخر توسان مسئلو ڪهڙو آهي، جو وڃين ٿو وڦلندو !؟”
چيائين: “چيم نه ڳالهه ئي نه پُڇ، پر نٿو مُڙين ته ٻُڌ منهنجي درد جو داستان...”
ٻڌائڻ شروع ڪيائين “ اڄ به ريڊيو اسٽيشن معمول وانگي پهتس (توکي ته خبر آهي ريڊيو اسٽيشن واري رستي جا چڪر ڪاٽيندي ڪاٽيندي منهنجون جتيون ئي گسي ويون آهن) پهرين ته اندر وڃڻ ئي نه ڏين. چون:
“ڪنهن سان ڪم آهي؟ ڪنهن جو ماڻهو آهين؟”
بابا صفا تنگ ڪري وڌائون. نيٺ ميڙون منٿون ڪري اندر پهتس. اندر ڪمرا ئي ڪمرا .... جنهن ڪمري ۾ وڃان ته وڏي ڪرسي تي صاحب ويٺل آهي ۽ ڀر ۾ هڪ نوجوان نينگري. آئون شرم کان هٽيو وڃان ٻي ڪمري ڏي . نيٺ وڃي هڪڙو ڪمرو هٿ ڪيم همراهه اڪيلو ويٺل هو.... ويندي شرط سلام ڪيم. سلام جو جواب به ڪو نه ڏنائين . هٿ به مون وڃي ڏنومانس . ويهڻ جو ته اصل ڪو نه چيائين. مون پنهنجا صفا نوان نڪور شعر سندس ٽيبل تي رکندي چيو:
“سائين هي منهنجي قلم جو پورهيو آهي. ريڊيو ۾ ڪنهن پروگرام ۾ هلائي ڏسو ته اصل ماڻهو اوهان کي اهي شعر وري وري پڙهڻ لاءِ چوندا. ”
منهنجي شاعري جي ڪاپي ڏسڻ کانسواءِ چيائين:
“ڪنهن موڪليو اٿئي !؟”
مون چيو: “سائين پاڻهي آيو آهيان.”
ته بيزار ٿيندي چيائين: “منهنجو مطلب ته ڪنهن جي ذريعي، ڪنهن جي سفارش تي آيو آهين....؟”
مون وڏي ايمانداري سان چيو: “سائين انهي سفارش سان اصل پاڻ ٺهون ئي ڪو نه...سفارش اهي ڪن ٿا جن جي قلم ۾ سگهه نه هجي.”
“ٺهيو....ٺهيو..... منهنجي ڳالهه ڪٽيندي ڪاوڙ مان ڪاپي منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيائين: “اچي هي وٺ پنهنجي ملڪيت... همراهه کي سُڃاڻي ڪو به ڪو نه ۽ هليو آهي ريڊيو تان شاعري نشر ڪرائڻ ....”
منهنجا پگهر نڪري ويا ۽ آئون به جلدي ٻاهر نڪري آيس اهي ڊپ ۾ ته متان ڌڪا ڏئي نه ڪڍن ! مون به کين پٽيو ڍو تي آهي. هاڻي تون مولائي مڙس آهين، عوام سان گڏ رهين ٿو، اهڙي ڪا صلاح ڏي جو مڙئي سڻائي ٿي پوي.
چيومانس: “هڪ ڳالهه چوانءِ جي عمل ڪرين ته ٺٺ ٿي وڃنئي....”
اڃان به ويجهو ايندي چيائين: “چئو ڀلا ! ڪهڙي صلاح ؟؟”
چيومانس : “فلمي گانا لک، اهڙا جهڙا اڄ ڪلهه هلن پيا، ٽچ مي ناٽ، سيني نال لگ جا.... جهڙا ته گهٽ ۾ گهٽ هجن پر هجن ٻي ٻولي ۾ . ”
اکيون ڦاڙيندي چيائين: “سنڌي ۾ ڇو نه !؟”
جواب ڏنومانس: “سنڌي فلمن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ريڊيو وارا فلمن جا گانا گهٽ هلائيندا آهن. ۽ مشهور سنڌي گانا (ڪلام) ريڊيو تان بند ٿي ويندا آهن. ۽ هونئن به ٻين گانن (يعني اردو) لاءِ پنج ، ڇهه ريڊيو اسٽيشنون آهن ۽ سنڌي گيتن لاءِ حيدرآباد ۽ خيرپور سي به اڌو اڌ ڌارين ٻولي هلائن پيا. ڪراچي ريڊيو ته آهي ئي اردو وارن جو....”
“واهه ڙي واهه .... واهه جي صلاح ڏنئي اٿئي . مون سان هٿ ملائي...” مُرڪندو روانو ٿي ويو.
ڇهه مهينا گذري ويا کانئس ڪا به ملاقات نه ٿي. اڄ جيئن ئي ريڊيو کوليم ته اردو اسٽيشن تان مائي جي آواز ۾ هي الفاظ ٻُڌي حيران رهجي ويس !
“هماري آج ڪي پروگرام “ايڪ شاعر ڪي نغمي” مين شاعر تشريف رکهتي هين، جنهون ني نئين آني والي فلم “پت جهڙ” ڪي نغمي لکهي هين. آئيي شعر سنتي هين محترم راجا ڊبل اي اداسي سي ....!!!”

هوءَ جيسين زنده هئي !

هوءَ جيسين زنده هئي !

آئون شهر ۾ نئون نئون آيو هيس ، منهنجي اسپتال هئي. هڪ مريض کي چيڪ ڪري رهيو هئس ته هڪ ڪار اسپتال جي دروازي وٽ اچي بيٺي . جنهن مان هڪ عورت ۽ هڪ مرد لٿا. عورت ليڊيز واري ڪمري ۾ وئي هلي ۽ مرد پريشان حال ۾ مون وٽ آيو ۽ ايندي ئي چيائين:
“منهنجي زال کي پيٽ ۾ شديد سور آهي، مهرباني ڪري جلدي ڏسوس .”
عورتن جي ڪمري ۾ گهڙيس ته هڪ پنجويهه سالن جي خوبصورت نوجوان عورت پيٽ جي سور جي شدت کان بيحال آهي. مون جلدي ۾ هڪ سُئي لڳائي . ڪجهه دير ۾ سور جي شدت ۾ گهٽتائي ٿي ته دوائن جو پرچو لکي مرد کي ڏيندي چيم ته اوهان پنهنجي زال جو ايڪسري ڪرايو ۽ پوءِ ٻئي هليا ويا. ڪجهه ڏينهن مس گذريا جو هڪ همراهه ڪار مان لهي مون ڏي سهڪندي آيو ۽ چيائين:
“سائين هيٺ هلو ڪار ۾ منهنجي زال ويٺل آهي، جنهن کي پيٽ جي سور تڙپائي وڌو آهي. آئون اسپتال جي دروازي وٽ بيٺل ڪار ۾ عورت کي ڏسي حيران ٿي ويس. اهائي ڊگهي ڳچي، رنگ چٽو ۽ وڏيون گول اکيون... ڪجهه ڏينهن پهرين عورت آئي هئي. ڄڻ ته اها ئي ساڳي، پر هن جو مڙس ٻيو، هُن جو مڙس ٻيو. سوچيم ماڻهو، ماڻهو جهڙا ٿي سگهن ٿا. مون ضروري ٽريٽمينٽ ڪئي. دوائن جا نسخا لکيم. مرد کي هدايت ڪيم ته هن جو ايڪسري ڪرايو. مون کي شڪ هو ته عورت جي گردي ۾ پٿري آهي.
اڃان ڪجهه ڏينهن گذريا هوندا ته جو هڪ وڏي گاڏي اسپتال وٽ بيٺي . انهي مان هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ شخص لٿو ۽ تيز تيز وکون کڻندي اسپتال ۾ پهتو ۽ مون چيائين:
“ڊاڪٽر صاحب ! ڪجهه ايمرجنسي آهي، مهرباني ڪري مونسان گڏ منهنجي گهر هلو، منهنجي زال کي پيٽ جي سور جي تڪليف نهايت وڌي وئي آهي. ”
آئون پنهنجي مريضن کان واندو ٿي، انهي همراهه سان گڏ سندس گهر پهتس. بنگلو نهايت شاندار هو. جڏهن انهي همراهه مون کي بيڊروم ۾ آندو ته منهنجي حيرانگي جي حد نه رهي. آئون سوچن ۾ گم ٿي ويس ته هي ڇا ....!؟ هڪ ئي عورت جا هيترا سارا مڙس !!! يا هن شهر جون سڀ عورتون هڪ جهڙيون آهن....!؟ بهرحال عورت بيڊ تي پيٽ جي سور جي شدت جي ڪري تڙپي رهي هئي. انجيڪشنون لڳائي، ضروري دوائون لکي، بنا ڪجهه ڪُڇڻ جي ماٺ ڪيو، هليو آيس.
آئون مسلسل انهي عورت بابت سوچي رهيو هئس. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اها ئي عورت آئي. ساڻس هڪ زميندار هو. جنهن ايندي ئي چيو:
“ڊاڪٽر منهنجي زال جي حالت خراب آهي. پيٽ جي سور ماري وڌو آهي. مهرباني ڪري کيس بچائي وٺو. عورت جي حالت خطري جهڙي هئي. مون علاج شروع ڪيو پر طبعيت جيئن پوءِ تيئن بگڙجندي وئي. ۽ انهي عورت جي اهڙي حالت ڏسي زميندار پريشان حالت ۾ ٻاهر نڪري ويو. ڪجهه ئي دير نه گذري ته اها عورت مري وئي.....
ڪمپائونڊرن انهي زميندار کي سڏيو پر هو ڪيڏانهن ٻئي پاسي نڪري چڪو هو. شام تائين عورت جي لاش جو ڪو به وارث نه ٿيو ته مون شهر جي وڏي اسپتال جي سردخاني ۾ انهي عورت جو لاش رکرائي ڇڏيو. پر اُتي به ٽن ڏينهن تائين اهو لاش لاوارث پيو رهيو. پوءِ منهنجي اکين اڳيان پٽي لٿي ۽ مون کي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو ته اها عورت جيسين زندهه هئي ته ڪنهن نه ڪنهن مرد کيس پنهنجي زال جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايو ٿي، مئي ته ڪو لاش دفنائڻ لاءِ به تيار نه ٿيو. اها عورت هتي جي بازار جي عورت هئي. مرڻ کانپوءِ هو هڪ ڪٽيل پتنگ وانگي هئي.

شڪست

شڪست

نازو اڄ اداس، وياڪل، ويڳاڻي ٿيو ڪجهه سوچي رهي هئي. هن جي من ۾ سوچن جا سلسلا نسري آيا. هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي. اشفاق جي موت جي صدمي هن جي جيءُ کي جهوري وڌو هو. هفتو اڳ اشفاق هن کي هن وشال ڪائنات ۾ اڪيلو ڪري ، اوڏانهن ويو هليو جتان ڪو موٽيو ناهي. هن جي هٿن تان مينڌي جو رنگ به نه لٿو هو جو نازو جو نينهن موت جي منهن ۾ هليو ويو. هن لاءِ اهو ڏينهن قيامت جهڙو ئي هو جنهن ڏينهن اشفاق جي ايڪسيڊنٽ جي خبر هن تائين پهتي هئي. هي ۽ ٻيا سڀ گهر ڀاتي اسپتال ۾ پهچي ويا. اشفاق جو چهرو چچريل هو. جسم جو اهو عضوو نه بچيو هو جنهن ۾ زخم نه هو. نازو کي پاڻ مٿان غمگين بيٺل ڏسي چيائين:
“پياري نازو تون گهٻراءِ نه مان جلدي تندرست ٿي ويندس. توکي خبر آهي مون زندگي ۾ ڪڏهن به هاريو ناهي ۽ هن موت ۽ زندگي جي جنگ ۾ به آئون موت کي شڪست ڏيندس. بس ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي.”
ڪجهه ڏينهن ته ٺهيو، چند ڪلاڪن کانپوءِ اشفاق جو روح پرواز ڪري ازلي ماڳ ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ پويان ڇڏي پيو روڳ، درد، وڇوڙو.... نازو ماضي ۾ ٽُٻي هنئي.
ڪيئن نه اشفاق پوري سماج سان ٽڪر کائي کيس حاصل ڪيو هو، ايتري تائين جو نازو جي مائٽن مجبور ٿي اهو فيصلو ڪيو ته...
“جيڪڏهن نازو هروڀرو ئي پنهنجي برادري کان ٻاهر پرڻجڻ ٿي چاهي ته پوءِ اڄ کانپوءِ نه نازو سان ڪو رشتو رهندو ۽ نه ئي اشفاق سان ۽ جيڪو به برادري مان نازو وارن سان تعلق رکندو اهو ڄڻ ته اسان مان هو ئي ڪو نه !”
۽ پوءِ اشفاق هزار رنجشن باوجود کيس حاصل ڪري ورتو هو. اشفاق جا مائٽ به ڪي راضي نه هئا. پر اڪيلي ۽ لاڏلي پُٽ جي هوڏ ۽ محبت اڳيان ڪجهه به نه هلين ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيا پر اڄ نازو جي دل چيهون چيهون ٿي پئي هئي. جو سسڻس اهو چئي کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو ته:
“نڀاڳي ڏائڻ هفتي ۾ ئي منهنجي پُٽ کي ڳڙڪائي وئين، اڃان ڪنهن جي پويان پوندين... وڃ..... ٽر..... آئون توکي اکين به ڏسڻ نٿي چاهيان نڀاڳي رن...... منهنجو پُٽ ......!!!
نازو اڪيلي سر هن مردن جي سماج ۾ ڇا جيئي !؟ هن مرد جي سهاري سان ئي نفرت کي شڪست ڏئي محبت حاصل ڪئي پر هاڻ کيس پنهنجي محبت ئي (سماج اندر) پنهنجي لاءِ شڪست محسوس ٿي رهي آهي.

ڀاءُ !

ڀاءُ !

ڪاليج کان گهر موٽيس ته ڪتاب ميز تي رکي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ جيئن ئي باٿ روم جي در وٽ پهتس ته سُتت ئي ڇرڪي پوئين پير هٽيس. ڏٺم هڪ نوجوان عورت منهنجي باٿ ۾ وهنجي رهي هئي. منهنجي سامهون اچڻ ڪري هوءَ به ڇرڪي پئي هئي. هن باٿ روم جو در اندران آئون به وڏي محنت کانپوءِ بند ڪندو آهيان سو هن کان ڪٿي ٿي بند ٿيو. هوءَ ڪير آهي؟ هيستائين ڪيئن آئي؟ انهي عورت بابت پڇڻ لاءِ ڀڄندو بورچيخاني ڏانهن ويس ته امان به پريان آئي. سو ملي وئي. مون کي ڏسي چيائين:
“اچي وئين پُٽ .... ! ”
مون ڪجهه پڇڻ چاهيو انهي کان اڳ امان غمزده ٿيندي چيو:
“ڏُک جي ڳالهه ته تنهنجو مامو گذاري ويو.”
“امان.....!” مون کان صرف اهو اُڪليو.
“ها پُٽ ! ” امان ڳالهه کي جاري رکندي چيو:
“هو گذريل ويهن سالن کان اسان کان پري هو. هن خانداني روايتن کي ڇڏي هڪ غير ذات جي عورت سان شادي ڪئي هئي. جنهن ڪري کيس خاندان وارن برادري مان ئي ڪڍي ڇڏيو هيو. نه هو مائٽن ۾ ايندو هو، ۽ نه ئي ڪو هتان ڏانهنس ويو ٿي. آئون هڪ دفعو ڏانهس وئي هئس. جڏهن سندس گهر واري گذاري وئي هئي.... ادا جي ڌيءُ اڃان سال جي مس هوندي. پوءِ تنهنجي مامي پنهنجي ڌيءُ کي ماءُ بڻجي پاليو. ڌي جوان ٿيس ته پاڻ کي نه ڄاڻ ڪهڙي بيماري اچي ورتس جو هلڻ کان به هلاڪ ٿي ويو. بيماري ۾ ئي ڌڻيس کي اسانجي گهر جو ڏس پتو ڏنو ۽ کيس چيائين ته تون منهنجي ڀيڻ جي گهر هلي وڃ، هو توکي ماءُ وانگي پيار ڪندي پر ڌي هنکي اهڙي حالت ۾ نه ڇڏيو. نيٺ ادا وفات ڪري ويو. اسان مان ڪنهن کي به خبر نه پئي ! اڄ هفتي کانپوءِ منهنجي ماءُ جي نشاني مون وٽ آئي آهي. ”
امان جو گلو ڀرجي پيو، اکيون ترٿي ويس. امان کي ڀاڪر پائي دلداري ڏنم ۽ پوءِ پڇيم:
“اها ڇوڪري آهي ڪٿي !؟”
لڙڪ اگهندي چيائين: ڪجهه دير ٿي آهي جو وهنجڻ وئي آهي.”
ڳالهه وڃي اُتي دنگ ڪيو ته اها وهنجڻ واري منهنجي مامي جي ڌيءُ منهنجي ماروٽ هئي. ايتري ۾ ماروٽ بليو رنگ جي وڳي ۾ آلن وارن کي هٿ هڻندي اچي پهتي. مون کي ڏسي ڇرڪي پئي. امان يڪدم تعارف ڪرائيندي چيو: !
“هي آهي تنهنجي مامي جي ڌيءُ روزينه”
۽ امان مون کي ڀاڪر ۾ وجهندي چيائين: “هي آهي منهنجو پُٽ شهزاد....!”
۽ مون مرڪندي چيو : تخلص “راهي ” اٿم.
مرڪي چيائين : “خوب ! چئبو ته ادبي ذوق به اٿو، مون کي ادبي شخصيت سان ملڻ جو شوق رهيو ئي رهيو آهي. ”
“هن تازو انٽر جو امتحان ڏنو آهي، بي اي لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندي.” امان هن جو وڌيڪ تعارف ڪرائيندي چيو.
“اوهه ! اها ته تمام سُٺي ڳالهه آهي.”
۽ پوءِ مون روزينه سان مخاطب ٿيندي چيو: “آئون به ڄامشورو ۾ پڙهان پيو، هڪٻئي کي ويجهو هونداسين. اميد ته توکي ڪنهن به دشواري جو منهن ڏسڻو نه پوندو.”
هن مرڪي چيو: “مهرباني ”
تيسيتائين امان اسان جي ڳالهين جو سلسلو ٽوڙيندي چيو:
“انهن ڳالهين لاءِ اڃان وقت پيو آهي، ماني تيار آهي، پهرين ماني کائو، پوءِ اوهان جي مرضي.”
“امان آئون هٿ منهن ڌوئي اچان....” ائين چئي جيئن ئي باٿ روم ۾ گهڙيس ته ڌيمي ڌيمي مهڪ ۽ ڀنل وارن جي خوشبو محسوس ڪيم. ذهن روزينه جي تصور ۾ غائب ٿي ويو.
ڏينهن گذرندا ويا، ۽ منهنجي من ۾ روزينه لاءِ محبت جيئن پوءِ تيئين وڌندي وئي، آئون روزينه کي پيار مان “روزي” سڏڻ لڳس. ۽ هو مون کي راهي ڪري سڏيندي هئي. پر جڏهن ڪو ٻيو ماڻهو موجود هوندو هو ته هو “ادا شهزاد !” چوندي هئي ته ان پل منهنجي ذهن کي شديد جهٽڪو لڳندو هو ۽ پاڻ کي پاتالن ۾ ويندي محسوس ڪندو هئس.
روزينه اڪثر مون کي “راهي صاحب” چئي نئين شعر ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندي هئي ۽ شعر ٻڌڻ کانپوءِ وري به اها ئي ڳالهه چوندي هئي:
“ڀلا توهان شاعرن وٽ درد، سوز، ڏک کانسواءِ ٻيو ڪجهه به آهي يا ...!!؟
آئون هر دفعي ڪوشش ڪندو هئس ته کيس چئي ڏيان :
“اهي منهنجي قلم مان نڪتل درد جا نوحا، منهنجي دل مان صرف تنهنجي ڪري ئي نڪرن ٿا.” پر هر ڀيري نه چئي سگهندو هئس ۽ روزينه اُٿي ويندي هئي. بي چين ، بي آرام ٿي پوندو هوس. چاهيندو هئس ته وڏي واڪي رڙيون ڪري سموري دنيا کي ٻڌايان ته مان روزي سان محبت ڪريان ٿو پر ائين ناممڪن هو. آئون جو هڪ روزينه سان ئي اظهار ڪري نه پئي سگهيس سو ڪٿي ٿي ساري جڳ اڳيان زبان کولي سگهيس !
هڪ ڏينهن بي چين ٿيندي يونيورسٽي پهتس. دل ۾ اهو ئي ارداو هو ته اڄ روزي کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس . گهر ۾ ته موقعو ئي نه ٿو ملي. ڪجهه دير جي تلاش کانپوءِ هوءَ مون کي آرٽس فئڪلٽي وٽ ملي وئي. ساڻس هڪ خوبصورت نوجوان ڏسي منهنجو من جلڻ لڳو. اها رقابت منهنجي محبت جي نشاني هئي. روزي ويجهو ايندي چيو:
“هيلو ادا .... ! ڪيئن هيڏانهن نڪري پيا؟”
اهي لفظ ٻڌي ڪارو ٿي ويس. بس ايترو چيم ته: “ڪنهن دوست سان ڪم هو، چڱو جو ملاقات ٿي وئي.”
۽ پوءِ روزينه نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي چيو : “هي آهي امتياز منهنجو ڪلاس فيلو” ۽ امتياز ڏانهن منهن ڪندي چيائين:
“هي آهي مسٽر شهزاد راهي، اديب آهي ۽ منهنجو ڪزن ٿئي”
اتان جلدي واپس موٽيس. دل ۾ دردن جا دونهان دُکي پيا هئا. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. آخر مون کي ڇا ٿي ويو آهي. دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيم ته هاڻي جلد کان جلد مان پنهنجي دل جي تڙپ روزي سان بيان ڪندس. کيس چوندس ته: “روزي مان توسان پيار ڪيان ٿو. اهو پيار جو مجنون ليلا سان، سسئي پنهون سان، سهڻي ميهار سان، راءِ ڏياج سورٺ سان ۽ وامق عذرا سان ڪيو هو. ” ٻئي ڏينهن ئي روزي گهر ۾ اڪيلي ملي وئي. امان پاڙي ۾ ويل هئي. سوچيم ته موقعو مناسب هٿن مان نه وڃايان. پنهنجي دل جو بوجهه لاهڻ لاءِ روزي کي سڏ ڪيم. روزي.....!!!
ڄڻ ڪو وڏو ڪم ڪري وڌم، دل ڌڙڪي پئي، چپ رڦيا پئي، روزي ڪجهه ويجهو ايندي چيو:
“راهي صاحب ! خيرته آهي نه !؟”
روزي شرارتي لهجي ۾ ڳالهايو ته مون پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪندي چيو ته:
“اوهان سان ڪجهه ضروري ڳالهائڻو آهي. ”
“جي فرمايو !” روزي وري به سنجيده نه ٿي.
مون چيو: “مذاق ڇو ٿي ڪرين !؟”
روزي چيو: “اڄ سائين جن کي ڇا ٿيو آهي !؟”
“وري به شرارت !” روزي مون ڏانهن نهاريندي رهي ۽ مون همت ڪيو. چوڻ شروع ڪيو:
“روزي ....!”
۽ ٻاهريون در کُليو. آئون چپ ٿي ويس. امان گهر ۾ گهڙي آئي. ته ايندي چيائين:
“ڪهڙيون پيا ڪچهريون ڪيو...؟”
ته روزي مون کي چيڙائيندي چيو ته: “اڄ صاحب جن کي الائي ته ڇا ٿي ويو آهي...؟”
ته مون کوکلي مرڪ مرڪندي چيو: “امان مون ٿي چاهيو ٿي ڪجهه روزي کي سنجيده ڪريان پر هن تي ڪو اثر ئي نه ٿو ٿئي. اها ئي مشڪري بس !”
۽ آئون اتان اُٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس. الائي ڪيسيتائين سوچيندو رهيس روزي تي، پنهنجي بيوسي تي. پر مايوس نه ٿيس بس موقعي جي تلاش ۾ هئس. هڪڙو موقعو مليو مس ته امان عين وقت تي پهچي وئي. نه ته جيڪر روزي سان اظهار ڪري چُڪو هجان ها. وقت گذرندو ويو. درد وڌندا ويا. روزينه ڊاڪٽري جو امتحان ڇڏيو. اڄ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هئس ته امان چيو:
“پُٽ ! اُٿي هل ! مهمان آيا، انهن سان مل.”
ته مون چيو: “امان ڪير !؟”
ته امان چيو : “پُٽ روزينه جو ڪلاس فيلو امتياز، سندس پيءُ .....” اهو ٻڌندي ئي زمين منهنجي پيرن هيٺيان کسڪندي محسوس ٿي.
مون چيو: “ نه امان ! آئون نه ٿو ملان منهنجي طبعيت ٺيڪ ناهي.”
“ابا ! ڇا ٿيو ٿئي؟”
“بس امان وڃ ، چيم ته نه ٿو هلان !”
“پر پُٽ ! هو ته چون ٿا اسان کي روزينه جي ڀاءُ سان ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي.”
“ڪهڙي ضروي ڳالهه....؟” مون بيزار ٿيندي چيو .
“پُٽ ! روزينه ۽ امتياز هڪٻئي کي پسند ڪن ٿا ۽ روزينه هنن کي تنهنجي نالي ٻڌايو آهي ته اهو منهنجي ڀاءُ وانگي آهي. رشتو به اهو ئي طئي ڪندو.”
منهنجي نرڙ مان پگهر وهي نڪتو. سڄو بدن رڦڻ لڳو. ماٺ ۾ ڏسي امان چيو: “امتياز جو پيءُ هلندي پڄندي وارو آهي، پنهنجا ڪاروبار اٿن، گاڏيون، موٽرون ڌار... اسان جي روزينه سُکي رهندي. ٻيو ته سندس مرضي جو به خيال رکڻو آهي.”
آئون سوچن جي پاتالن مان نڪري اٿيس ۽ پنهنجي دل تي پٿر رکي روزينه جي شادي جي سلسلي ۽ سندس خوشي خاطر هڪ ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيم ۽ اهو سڀ ڪجهه مون کي هڪ خواب هڪ ڊرامو لڳو.

بيمار جو ڀڄڻ

بيمار جو ڀڄڻ

پروفيسر ڊي ڊي ٽي خان جي وارڊ نمبر 33 وزٽ ڪيو. .... کان هڪ بيمار پوسٽ آپريٽو ڪيس جنهن جي تازي آپريشن ٿئي هئي. سو وارڊ ۾ پنهنجو سامان ڇڏي فرار ٿي ويو ته اسپتال جي عملي کي رڦڻي لڳي وئي ۽ ملڪ جي پوليس ۽ جاسوس انهي بيمار جي ڳولا ۾ وٺ پڪڙ ڪري ڏني. وارڊ جي پروفيسر کان ويندي بواءِ تائين سمورو عملو انهي بيمار تي ڪاوڙيل هو ته هن اهڙي نازيبا ۽ غيرسنجيده حرڪت ڇو ڪئي ....!؟ اگر هن کي وڃڻو ئي هو ته گهٽ ۾ گهٽ ڊسچارج سلپ وٺي وڃي ها. جيڪو هن کي هونئن ئي مهيني ۾ ملي وڃي ها. اخبار وارن به پنهنجا تجزيا لکڻ شروع ڪيا ته اختياري وارن پرس ڪانفرنس ڪري بيان جاري ڪيو ته اسان مريضن کي پنهنجي حال مطابق علاج ڪندا آهيون. ائين ئي انهي بيمار جو علاج هليو پئي. گذريل هفتي جيئن ئي وارڊ بواءِ مريضن کي اسٽريچر تي کڻي پٽي ڪرائڻ لاءِ ويو پئي ته وچ مان ئي گس تان اهو بيمار گم ٿي ويو. اسان کي شڪ آهي ته انهي بيمار تي جن جو سايو آهي. نه ته ائين مريضن جو گم ٿيڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.
ائين ڪافي ڏينهن گذري ويا سڀڪو ماڻهو اها ڳالهه وساري ويٺو ته ڪو ماڻهو اسپتال مان اچانڪ غائب به ٿيو هو. ٻيو ته ٺهيو اسپتال جي عملي انهي فرار ٿيل بيمار کي ڪاغذن ۾ ڊسچارج ڄاڻائي ڇڏيو. اخبار وارن به انهي قصي تان هٿ کڻي ڇڏيو پر هڪ ڏينهن صبح جي اخبار ۾ نمايان سُرخي هئي. “اسپتال مان فرار ٿيل بيمار هٿ اچي ويو” ۽ پوءِ انهي بيمار جو سمورو بيان اخبار ۾ شايع ٿيل هو. انهي بيمار پنهنجي بيان ۾ چيوته “اسپتال ۾ جنهن نرس رات جي ڊيوٽي هوندي هئي ته اها اسان جي وارڊ ۾ نه پر ڊاڪٽر جي روم ۾ ئي هوندي هئي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ اها نرس ڊاڪٽر جو ٽيمريچر ڏسي مريضن جا ٽيمريچر بغير ڏسڻ جي فائيل تي لکي ويندي هئي. ٻيو ته وارڊ جو حجام جڏهن به ايندو هو ته هڪ ئي بليڊ سان بغير پاڻي ڪريم جي 10 ڄڻن جي ڏاڙهي ٺاهي ويندو هو. ۽ پوءِ مريضن جي منهن تي خارش پنهنجا رنگ ڏيکاريندي هئي. ماني سخت ۽ دال پاڻي جهڙي ملندي هئي ۽ پوءِ مريضن کي دست شروع ٿي ويندا هئا ۽ مريضن لاءِ هڪ ئي ليٽرين هو. جنهن ۾ پاڻي جي لائين لڳل نه هئي. جنهن مهل نرس ٿرماميٽر کڻي بيمار چيڪ ڪرڻ ايندي هئي ته سندس ڌيان وارڊ بواءِ ڏانهن هوندو هو ۽ ٿرماميٽر وات جي بجاءِ نڪ ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. ۽ مريضن جي رڙين تي ڌيان ۾ ايندي هئي مريض جي وات تي هٿ رکي بنا ٽيمريچر چيڪ ڪرڻ جي هلي ويندي هئي. اسپتال ۾ ايڪسري جو نالو هو پر ايڪسري مشين خراب هئي. اسپتال جي بلڊ بئنڪ جي عمارت ۾ بلڊ نه ملندو هو. پر مهنجي فرار ٿيڻ جو سبب اهي ڳالهيون به نه هيون. جڏهن وارڊ بواءِ مون کي اسٽريچر تي کڻي ويو پئي ته ڀر واري وارڊ جي آفيس مان ريڊيو تي هي گانو هلي رهيو هو “يه آج مجهکو کيا هو گيا هي، لا .... لا .... لا....” جنهن تي وارڊ بواءِ جهومڻ نچڻ شروع ڪيو ۽ اسٽريچر سوڌي آئون به هيٺ مٿي ٿيڻ لڳس ۽ مون کي خبر ئي نه پئي ته آئون هڪ اُڇل ۾ در منجهان وڃي ڀر واري چڙيا گهر ۾ ڪريس. ساڻس منهنجو مهينو جانورن سان گڏ گذريو پر سُٺو گذريو.

خوبصورت ڏائڻ

خوبصورت ڏائڻ

فتح پور جو ڳوٺ جتي گذريل ڏهن سالن کان وٺي ڏائڻ جو خوف ڇانيل هو. ڳوٺ جو هر ننڍو، وڏو، عورت، مرد ڊپ ۾ هو ته ڪٿان ڏائڻ نه ڦري اچي. رات جو ڪو به ڳوٺ کان ٻاهر نه ويندو هو. ۽ ٻاهران هڪ ٻه مهمان رات جو آيا ته اهي به اُهي به گس ۾ ڏائڻ ڳڙڪائي وئي. سو هر ڪنهن کي ڏسيل هو ته فتح پور جي ڳوٺ ڏينهن رات جو ڪو به نه اچي. فتح پور ڏانهن ويندڙ پيچري جي ڀر ۾ ئي ڳوٺ جو قديمي قبرستان هو ۽ اهو چيو ٿي ويو ته اها ڏائڻ رات جو انهي قبرستان ۾ ڦرندي رهي ٿي. پر شيرل انهن ڳالهين کي مڃڻ لاءِ تيار نه هو. هُو ڳوٺ ۾ ڏاڍ جواني ۾ مشهور هو. چوري چڪاري به ڪندو هو ۽ آڌين جو ڳوٺ ايندي هن ڪڏهن اهڙي ڏائڻ يا ٻي ڪا بلا ڪا نه ڏٺي. هن جي هٿ ۾ هميشه چمڪندڙ اڇي ڪهاڙي هوندي هئي ۽ دل ۾ ارادو ڪري رکيو هئس ته جي اُها ڏائڻ بُل ڏيئي وڃي نه ته هن جو ڪنڌ لاهي ڇڏيان.
هڪ رات جو جڏهن چنڊ به لهي چڪو هو. هي ڳوٺ پئي آيو ته قبرستان جي ڀر وٽان هن کي ڪنهن عورت جي دانهن ۽ رڙين جو آواز ڪن پيو. انهي آواز تي پهتو ته ڏٺائين هڪ نوجوان عورت روئي رهي آهي. شيرل کي ايندو ڏسي ڪجهه سامت ۾ آئي. شير انهيءَ عورت کان پڇيو ته:
“هن آڌي رات جو هتي ڇا پئي ڪرين ۽ روئين ڇو پئي ...!!!؟”
ته اها عورت شيرل کي ويجهي ٿي سُڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ روئندي ٻڌايائين ته آئون ۽ منهنجي ماءُ هتان گذري رهيون هيون سين ته هڪ بدصورت ڏائڻ منهنجي ماءُ کي او هوڏانهن (قبرستان جي اُتر طرف اشارو ڪندي چيائين) کڻي وئي.”
ته شيرل ڏائڻ جا پار پتا پڇيا ته ان نوجوان عورت ڏائڻ جو نمونو نهايت خوفناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ ٻُڌايو. شيرل اڳتي وڌيو ته ان عورت روڪي ورتو. شيرل چيو:
“تون هتي ترس ته آئون ڏائڻ کي ڏسان...”
پر اها عورت ماڳهين ڏڪڻ لڳي ۽ چيائين ته:
“نه .... نه .... مون کي خوف ٿو ٿئي، هو توکي ۽ مون کي به ماري ڇڏيندي ، بس مون تي اها مهرباني ڪر جو تون پاڻ سان مون کي وٺي هل، امان کانسواءِ منهنجو ڪو به ڪونهي، هاڻ آئون اڪيلي بي سهارا آهيان، مون تي احسان ڪر منهنجو سهارو ٿي.”
۽ پوءِ شيرل ان عورت کي گهر وٺي آيو. ڳوٺ ۾ ان عورت جي سُونهن جي ثنا ٿيڻ لڳي، هر ڪو اهڙو حُسن ڏسيو حيران ٿي، ٻيو سندس سيرت به ساراهڻ جهڙي، شيرل کي ان عورت پنهنجو نالو زينت ٻڌايو. ٻنهي ۾ وافقيت وڌي وئي. ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ محو ٿي ويا. شيرل روز رات جو ڪهاڙي کڻي قبرستان وڃڻ لڳو ۽ اهو پڪو پهه ڪري ته ڏائڻ کي ختم ڪري زينت جي ماءُ جو پلئه وٺندس. ڪافي راتيون گذري ويون پر شيرل کي ڪٿي به ڏائڻ نظر نه آئي.
هڪ صبح جو سڄي ڳوٺ ۾ اها ڳالهه باهه وانگي پکڙي وئي ته قبرستان وٽ شيرل جو لاش پيو آهي. ۽ سندس سينو چيري، جيرا، جگر ڪڍيا ويا آهن. ۽ گهر ۾ اها خوبصورت عورت به ڪونهي. پوءِ جيترا ماڻهو، اوتريون ڳالهيون . ڪن چيو ته اها ڏائڻ انهي عورت کي کڻي وئي ۽ شيرل جو شڪار ڪري وئي. ڪن چيو ته اها ڏائڻ خوبصورت عورت ئي هئي. جنهن شيرل جهڙي جوڌي کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ختم ڪري ڇڏيو.
اهي ڏينهن اهي شينهن نه هاڻ اهي ماڻهو آهن، ۽ نه ئي انهي نالي هاڻ ڪنهن ڳوٺ جو وجود آهي.

گناهه گار

گناهه گار

موهن جي من ۾ اهو شڪ گهر ڪري ويو ته سندس استري اندرا ڪنهن سان ڦٽل آهي. پر ڪنهن سان ....؟ انهي لاءِ ڪو به پڪو ثبوت نه هئس. انهي ڪري ڪجهه ڪُڇي به نه پئي سگهيو.
اندرا سان هن پنهنجي مرضي سان شادي ڪري مائٽن کان عليحدگي اختيار ڪري، مائٽن کيس روڪيو ته تون هڪ اسٽيج جي اداڪاره سان شادي ڪري مُڪتي ڪو نه پائي سگهندين پر کيس هر نصيحت ٺٺول محسوس ٿي ۽ هن پنهنجي اُتم عشق کي وڃائڻ نٿي چاهيو. ٻنهي جي پسند سان پيار جو پرڻو ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن موهن محسوس ڪيو ته سندس محبوبه مون کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن کي وقت ڏئي ٿي ته هن کيس روڪيو ته تون اسٽيج تي اداڪاري نه ڪر. پر اندرا کيس اهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو ته توکي خبر هئي ته آئون هڪ اسٽيج اداڪاره آهيان ۽ اهو سڀ ڪجهه منهنجو شوق آهي، اها ڳالهه پهرين سوچين ها، ٻي ڳالهه ته توکي روزگار ته ملي ئي نه ٿو سو جي اسٽيج کي ڇڏيم ته هي عزت، وقار ويندا پر بُک مرنداسين.
انهي ڏينهن کانپوءِ موهن دل ئي دل ۾ جلندو رهيو پر اندرا کي منع ڪري نه سگهيو. جيئن وقت گذرندو ويو ته اندرا به مشهور ٿيندي وئي. مختلف قسم جا ماڻهو موهن جي گهر ۾ اندرا سان ملڻ لاءِ ايندا ويندا رهيا. ۽ هاڻ ته اندرا ڪافي اسٽيجن تان ڪم ڪرڻ لڳي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اشتهار لاءِ به ڪم ڪندي هئي. موهن جو گهر ۾ هاڻ ضرورت جي هر شيءَ سان ڀرجي چڪو هو. پلنگ، صوفا سيٽ کان ويندي فرج، ايئرڪنڊيشنر ۽ ڊجيٽل..... موهن کي اهو تصور ۾ ئي نه هو ته ڪو اندرا کيس ائين نظر انداز ڪري ڇڏيندي. هاڻ ته اندرا ٽي وي جي پرائيوٽ چينل تي ڇائنجڻ لڳي، اندرا وٽ ايترو وقت به نٿي بچيو جو موهن سان مرڪي پيار محبت جون ڳالهيون ڪري. اڪثر رات جو دير سان گهر ايندي هئي. ۽ دير تائين سُتي پئي هوندي ۽ اُٿندي هئي ته ناشتو ڪري شوٽنگ تي وڃڻو آهي. ائين چئي ڪري هلي ويندي هئي. موهن کي اندرا جي اهڙي رويي سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيو هو. هو پنهنجي استري تي شڪ ڪري ويٺو هو. اڳي جڏهن به ڪو اندرا سان ماڻهو ملڻ لاءِ ايندو هو ته انهي کي اندرا پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويندي هئي ۽ موهن اندرا جي ڪمري ڏانهن نهاريندو به نه هو پر اڄ رات هن اندرا کي ثابتي سان پڪڙڻ ٿي چاهيو. سو دير تائين جاڳندو رهيو. ۽ اندرا جي ڪمري مان ٽهڪن جا آواز ايندا رهيا. اڄ ڪو پروڊيوسر اندرا وٽ آيل هو.
هن کان سهيو نه ٿيو ۽ هن در کولي وڃي اندرا جي ڪمري ۾ گهڙيو ته سندس شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو ۽ پوءِ اندرا کي بغير ڪجهه چوڻ جي اهو شهر ڇڏي ڪنهن اڻ ڄاتي ماڳ ڏانهن منهن ڪري هليو ويو.

خودڪشي

خودڪشي

اسانجي پاڙي ۾ پيل خالي جاءِ ۾ ڪالهه کان هڪ مسواڙي اچي رهيو هو. اهو گهر اسان جي گهر جي ڀرسان هو ۽ گهٽي به پڪي هئي. صبح جو جڏهن انهي گهر جو ٻاهريون تالو لٿل ڏٺم ته پڇا ڪيم ته ڪير اچي رهيو آهي. خبر پئي ته ڪو سکر جي پاسي جو رحيمداد اچي رهيو آهي.
مون نه رحيمداد ڏٺو ۽ نه ان بابت ڪا خبر ورتم. هفتو گذري چڪو. منهنجي روز اچ وڃ انهي گهر اڳيان ٿي پئي. ڪنهن ڪنهن ٽيم تي انهي جي تاڪن مان ڪا عورت در وٽ بيٺل محسوس ڪندو هئس پر انهي ڳالهه ڏانهن ڪو خاص ڌيان نٿي ڏنم. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ در جو هڪ تاڪ کليل هئڻ ڪري اوڏانهن نظر ڪيم ته ڏسندو ئي رهجي ويس. عورت ته ڄمار ۾ وڏي ٿي لڳي پر سندس سُونهن جو ڪو مثال ئي نه هو ۽ پوءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو اُتان گذري ويس. ائين انهي عورت سان آهسته آهسته واقفيت ٿي وئي. مون کي پنهنجن ادائن سان اهڙو سوگهو ڪري ڇڏيائين جو هر پل کيس ڏسڻ لاءِ بيتاب رهندو هئس. هن مون کي پنهنجي باري ۾ ٻڌايو هو ته مون ننڍي هوندي کان وٺي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري جا خواب ڏٺا هئا ۽ انهي به مونسان محبت ڪئي هئي پر هو اسان جي خاندان جو نه هو تنهن ڪري مائٽن منهنجو سڱ برادري جي هڪ ڪراڙي ماڻهو کي ڏيئي ڇڏيائون. پر تنهن وقت مون تي محبت جو جنون حاوي هو سو آئون پنهنجي پرين شفيع سان گڏ ڳوٺان ڀڄي نڪتس ۽ اسان ڪورٽ ميئرج ڪري هڪ ڏورانهن شهر ۾ رهڻ لڳاسين، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڳوٺان آندل پئسا ۽ زيور ختم ٿي ويا. مون کي پتو پيو ته زيورن جا پئسا شفيع جوا ۾ هارائي چڪو هو ۽ هاڻ اسان جي گهر جو گاڏو مشڪل سان ٿي هليو. روز جهيڙو ڪرڻ شفيع جو معمول بڻجي چڪو هو. ۽ شفيع اڪثر ڪري رات جو دير سان ايندو هو. هڪ رات دير سان ڪڙو کڙڪيو مون در لاٿو ته هڪ اوپرو شخص گهر ۾ گهڙي آيو. مون منع ڪئي ته چيائين هيڏانهن مون کي شفيع موڪليو آهي. انهي ماڻهو جي وات مان شراب جي بوءِ محسوس ٿي. رڙيون ڪيم ته وات تي هٿ ڏئي چيائين:
“ماٺ ڇو نه ٿي ڪرين، شفيع مونکان پنج هزار وٺي توکي وڪڻي ڏنو اٿس”
۽ انهي کانپوءِ آئون مختلف ماڻهن وٽ وڪبي رهي آهيان. رحيمداد به 18000 ۾ مون کي خريد ڪري هتي اچي رهايو آهي. پاڻ ڀرواري شهر مان آفيم ٻين شهرن ڏانهن سپلائي ڪندو آهي. ائين آئون روز ان عورت سان ملڻ لڳس. هن مون کي منٿ ڪئي ته آئون کيس هتان ٻاهر ڪڍي وڃان ته جيئن هو ٻيهر وڪرو ٿيڻ کان بچي پوي. مون کي هن جي جسم سان ته دلچسپي هئي پر سندس جذبن جو به احساس هو. بابا کي خبرپئجي چڪي ۽ مون کي سخت لفظن ۾ رحيمداد جي گهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيائين ۽ آئون به ٻه ڏينهن اوڏانهن ويس ئي ڪو نه. هڪ شام ٽاڻي جڏهن ڪٿان موٽيس ته ڏٺم اسان واري گهٽي ۾ ماڻهن جو ميڙ لڳو پيو آهي. ويجهو آيس ڏٺم ته سڀ ماڻهو رحيمداد جي گهر جي در وٽ جمع هئا. جڏهن اُتي پهتس ته حيراني جي حد نه رهي. رحيمداد جو گهر باهه ۾ سڙي چڪو هو ۽ مريم به جلي وئي هئي. ماڻهن چيو:
“ادا باهه رڌڻي کان لڳي. اسان ته گهڻي ڪوشش ڪئي گهر جو سامان ته ڪڍي وياسين پر رحيمداد جي زال کي رڌڻي مان نه ڪڍي سگهياسين. ”

ڦاهي

ڦاهي

مان معمول جيان اسپتال ۾ مريضن کي ڏسڻ ۾ مصروف هئس ته سپاهي هڪ نيئن مريض کي وٺي آيا. ٻين مريضن کان واندو ٿي نئين مريض وٽ پهتس. نوجوان شخص، صفا سنهڙو، ڪمزور بدن سڄو پيلو ٿي ويو هو. مون کي هن جيل جي اسپتال ۾ پنج سال گذريا آهن. ڪافي قيدين کي سُڃاڻان پر هي نوجوان مون اڄ ڏٺو . مون مريض کي تپاسڻ شروع ڪيو ته هو مون ۾ نهارڻ لڳو. ڪجهه دير کانپوءِ ڌيرج سان چيائين:
“عابد !”
آئون مريض واتان پنهنجو نالو ٻُڌي حيرت ۾ پئجي ويس ته مريض ڳالهائڻ لڳو:
“ڇا عابد تون مون کي نه ٿو سُڃاڻين؟”
مون نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ته هن مايوس ٿيندي چيو
“ڇا تون چاچي ولي محمد جو پُٽ ناهين؟ اوهين اسان جي گهر جي ڀرسان اعجاز هائوس ۾ ڪو نه رهندا هئا؟ پاڻ ته گڏجي راندون رهيون.”
مون هن کي سُڃاڻي ورتو ۽ چيم: “خالد ....!!!”
هن جو اکيون خوشي مان ٽمٽار ٿي ويون.
“ها آئون اهو ئي تنهنجو دوست خالد آهيان.” ۽ پوءِ مان ماضي جي پيچرن تي هلڻ لڳس. هي اهو ئي خالد هو، جيڪو مختيارڪار جو دادلو ۽ اڪيلو پُٽ هو. سموري اسڪول تي هن جو رعب حاوي رهندو هو. ٻيو هوشيار هئڻ ڪري استاد به کيس گهڻو ڀائيندا هئا. اسڪول جي شاگردن مان مجال جو ڪُڇي. مون کي ياد ٿو اچي جڏهن آئون اسڪول نئون نئون داخل ٿيو هئس ته سڀني ڇوڪرن منهنجي ڪپڙن، جوتن ويندي منهنجي اٻوجهائپ تان ٺٺوليون ڪيون هيون ته خالد انهن سڀني ڇوڪرن کي منهنجي ڪري ڏاڍي مار ڪڍي هئي ۽ پوءِ آهستي آهستي اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ پڪي دوستي ٿي وئي ، هر وقت ٻئي گڏ گڏ هوندا هئاسين پر اچانڪ خلد جي پيءُ جي ڪنهن ٻي تعلقي ۾ بدلي ٿي وئي ۽ خالد مون کان گهڻو دور ٿي ويو. ڪجهه عرصي تائين خالد ۽ منهنجي وچ ۾ خطن جو سلسلو هليو پر پوءِ اهو سلسلو جاري رهي نه سگهيو. ۽ آئون خالد جي باري ۾ ڪجهه به ڄاڻي نه سگهيس. ائين آئون به اچي ڊاڪٽر ٿيس ۽ مون اهو ئي سمجهيو هو ته خالد به پڻس وانگي ڪنهن سڻڀي عهدي تي فائز ٿي ويو هوندو. پر هي وقت منهنجو ڇا ڏيکاري ڇڏيو....!!!؟ خالد اهڙي حال ۾ ڪيئن ۽ ڇو پهتو ؟ مونکي دلي طرح ڏک رسيو پر پوءِ دل جهلي خالد کان پڇيم.
“ادا هي سڀ ڪجهه ڇا هي؟” تون ڪيئن هتي پهتين؟”
هن روئندي چيو: “بس ادل ! ڪهڙا سور سليان .....!!؟”
مٿان بيٺل سپاهي چيو: “ڊاڪٽر صاحب هي خوني اٿو، خوني !”
آئون عجب ۾ پئجي ويس ته خالد ۽ خوني !؟ مڃڻ جهڙي ڳالهه نه هئي. خالد لڙڪ اگهندي چيو:
“ها عابد ! مان واقعي خوني آهيان، پر عادتي مجرم ڪو نه آهيان، مون اهو سڀ ڪجهه مجبوري ۾ ڪيو آهي.”
“اهو وري ڪئين؟” مون پڇيو ته ٻڌائڻ لڳو:
“ادا جڏهن بابا جي بدلي ٿي وئي ته اسان هڪ ٻي شهر ۾ اچي رهياسين. توسان ڪجهه عرصو خط ڪتابت هلي پر پوءِ بابا جي سموري جائيداد چاچا پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏي. آئون ۽ منهنجي ماءُ چاچا وٽ رهڻ لڳاسين. اسان سان چاچا جو ورتاءُ بلڪل دشمنن جهڙو هو. امان به صدمن ۾ گذاري وئي. آئون ويتر اڪيلو ٿي ويس منهنجو ڪو سهارو نه رهيو. چاچا جي گهر ۾ مونکي ماني ٽڪر مليوٿي باقي ڪجهه به نه . ۽ مون کان گهر جو هر ڪم نوڪر جيان ورتو ٿي ويو. منهنجون پڙهايون، منهنجون دوستيون سڀ ختم ٿي ويون. چاچي ته معمولي معمولي ڳالهين تان ڏاڍي مار ڪڍندي هئي. انهي ظلمن ۾ وڌي جوان ٿيس ۽ دل ۾ بدلي وٺڻ جي آس ڪر کڻڻ لڳي. ۽ آئون اندران ئي اندران ڳرڻ لڳس. هڪ دفعو سخت بيمار ٿي پيس. هنن منهنجو علاج به نٿي ڪرايو پر مورڳو انهي حالت ۾ مون کان گهر جو ڪم ٿي ورتائون. پنهنجي اهڙي حالت ڏسي سوچيم جيڪر آئون مري ويندس ته منهنجو بدلو ڪو به نه وٺندو ۽ موت به مون کي سُڪون سان نه ايندو. سو چاچي جي بندوق کينم ۽ چاچي ۽ چاچيءَ ٻنهي کي سندن ڪيتي جي سزا ڏيئي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيم. ڪجهه عرصي ۾ ڪيس هليو ۽ مون ڪورٽ ۾ به قبوليو ته خون مون ئي ڪيا آهن. ته جج صاحب ڦاهي جي سزا ڏني. ۽ قسمت اچي توسان ملايو. اڄ ته اهڙي خوشي اٿم سمجهان ٿو ته سڄي زندگي خوشين ۾ گذاري اٿم ۽ ڏُک ڏٺا ئي ڪو نه اٿم.”
هن جي رت جون ٽيسٽون ڪرائي، ليبارٽري موڪليم. جڏهن رت جي رپورٽ ڏٺم ته دل دهلجي وئي خالد کي بلڊ ڪينسر هو. مون کي سندس بچڻ جو ڪو آسرو نه هو پوءِ علاج جاري رکي ٻه ڏينهن ڪو نه گذريا ته خالد گذاري ويو. مون کي دوست جي وڇڙڻ جو صدمو رسيو پر پوءِ سوچيم جي بيماري مان خالد بچي به پوي ها ته ڦاهي سندس انتظار ۾ هئي.

روپ ٻهروپ

روپ ٻهروپ

سائين وڏيرو خان محمد ڪير سڏائي!؟ هر هنڌ سندس نيڪي ۽ ڀلائي جون ڳالهيون ڳاتيون ٿي ويون. جيترو هو دين ڏانهن راغب اوترو ئي غريبن جو خير خواهه. سندس منهن مان نور پيو وسندو هو. هر وقت سندس اوطاق تي ماڻهن جا هشام لڳا پيا هوندا هئا. ايترو ته ڳالهائڻ جو مٺو جو دل چوي رڳو ويٺو خان محمد جون خبرون ٻُڌجن . تر جا سڀ ماڻهو پنهنجا فيصلا وڏيري خان محمد کان ئي ڪرائيندا هئا. مجال جو فيصلي ۾ ڪنهنجو پاسو کڻي يا ڪنهنجي ڌُر ٿئي. فيصلو هميشه سان انصاف سان ڪندو هو. ۽ ڏوهي پاران معافيون به پاڻ وٺندو هو. ٻن ڌرين کي ٺاهڻ جو ڍنگ جهڙو وڏيري ۾ هو اهڙو .... ۾ به ڪنهن کي نه هوندو.
اڄ به وڏيرو ماڻهن جي ميڙ ۾ اوطاق تي ويٺل هو ته گهرن وٽان ڀاڳل آئي ۽ وڏيري وٽ سهڪندي سهڪندي پهچي ڪن ۾ ڪجهه چيائين ته وڏيري کيس ڇڙٻيندي چيو:
“ٺهيو هل .... هل آئون اچان ٿو.”
وڏيري اوطاق تي ويٺل ماڻهن کي هٿ ٻڌندي چيو:
“ادا معاف ڪجو ! گهر جو ضروري ڪم ٿي پيو آهي سو ڪچهري ڪنهن ٻي وقت تي ڪبي.”
گهر آيو ته جوڻس ٻڌايو: “وڏيراڌيءُ ته گهر ۾ موجود ڪونهي.”
وڏيري جا ٺپ ٺري ويا. وڏيري گهر واري کي چيو ته نوڪرياڻين کي چئو ته اها ڳالهه گهر کان ٻاهر نه نڪري. ۽ پوءِ وڏيري ڳُجهي نموني پنهنجي پر ۾ ڳولا شروع ڪئي. اها رات گذاري وئي پر ڪو به پتو نه پيو. صبح جو اها خبر هر ڪنهن وڏي ڏک وچان پئي ڪئي ته “ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام ظفرالله نه ڄاڻ ڪهڙي ڳالهه تان ڪاوڙجي راتو واهه هن ڳوٺ کي ڇڏي ويو.ههڙي بزرگ ماڻهو جي وڃڻ کانپوءِ هن ڳوٺ جو الائي ڇا ٿيندو؟”
مولوي جو ائين اچانڪ وڃڻ به ڪنهن سبب کان سواءِ نه هوندو سو وڏيري پنهنجي زال کان پڇيو:
“ڀلا سانجهي کانپوءِ مولوي تنوير کي پڙهائڻ لاءِ آيو هو يا نه !؟”
“نه..... رات مولوي آيو ئي ڪو نه هو ۽ انهي وقت تي ته ڌيءُ پنهنجي ڪمري ۾ هئي.”
وڏيري ٻانگي کان مولوي بابت پڇيو ته چيائين:
“سائين مولوي سانجهي تي هو پر نماز نه پڙهايائين، چيائين ٿي ته منهنجي طبعيت ٺيڪ ناهي. سومهڻي مهل هجري ۾ ڪو نه ويس. مون سمجهو مولوي سُتل آهي. طبعيت ٺيڪ ڪو نه هوندس”
وڏيري جو شڪ مولوي ڏانهن ويو. پر مولوي جي اتي پتي جي ڪا به خبر ڪا نه هئي. کيس ياد اچڻ لڳو ته ڪافي سال پهرين هن مسجد ٺهرائي. ڪي چند نمازي هئا، پاڻ به گهٽ نماز پڙهندو هو. ته هڪ ڏينهن اهو مولوي ظفرالله هن ڳوٺ ۾ اچي پهتو. وڏيرو ساڻس گفتگو ڪئي ۽ مولوي ظفرالله کي ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام ڪري رکيو ويو ۽ ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ پڻ وڏيري ۽ ٻين کي مولوي جي بابت بس اها ئي خبر هئي پنجاب کان آيو آهي. ۽ سڀني ٿي چيو: “ادا پنجاب ۾ دين آهي، باقي اسان صفا جاهل آهيون”
مولوي جي سيرت جي هاڪ سڄي تر ۾ هُلي وئي ۽ ماڻهو هن کي خدا جو نيڪ ٻانهو سمجهڻ لڳا ۽ کين يقين ٿي ويو ته اهو مولوي ظفرالله به الله جي طرفان نعمت آهي ڳوٺ وارن تي. وڏيرو سوچن ۾ غرق ٿي ويو مولوي ظفر الله کي پوري پنجاب ۾ ڪٿي ڳولي !!!!؟؟؟
۽ ڪجهه ڏينهن ڪو نه گذريا ته ڳوٺ وارن صبح جو وڏيري جي گهر کي تالو لڳل ڏٺو. ۽ پوءِ سال گذري ويا نه وڏيري جا گهر وارا موٽيا نه وڏيرو خان محمد. وڏيري جون جايون اڄ به خالي پيون آهن. ڳوٺ آباد آهي، مسجد به آهي، پر نه ان جي ڪو سنڀال ڪري ۽ نه ئي ڪو اهو نيڪ شخص وڏيرو محمد خان آهي.

طوائف

طوائف

اڄ مون کي جو هن حال ۾ ڏسو ٿا، آئون ڪا اهڙي ڪا نه هيس، نڪي منهنجو هي شوق هو ۽ نه ئي مون کي پيٽ جي پورت ڪرڻ لاءِ پنهنجو جسم وڪڻڻو پيو هو. نه ئي آئون اغوا ڪئي وئي هيس ۽ نه ئي منهنجو پي جواري، شرابي هو، پوءِ مون کي هن منزل تي ڪنهن پهچايو...؟؟؟
ها اهو سوال نهايت ئي مناسب آهي. آئون اڃان بي سمجهه هئس ته بابا گذاري ويو. مون بابا جي صرف تصوير ڏٺي آهي پر بابا ڪو نه ڏٺو. مون کي امان ئي پاليو. آئون امان جي صحبت ۾ ئي وڌي جواني تائين پهتس. جواني کان پهريائين جڏهن ڪجهه سمجهه هئي ياد اٿم، ڪجهه خاص ماڻهو اسان جي گهر ايندا هئا ۽ امان انهن سان ڪچهري ڪندي هئي. ۽ منهنجو پڇڻ: “ڪير آهن!؟” امان ٻوڪيندي هئي. تون اڃان ننڍي آهين، هي منهنجاپنهنجا آهن. وقت تي سڀ ڪجهه سمجهي ويندين ۽ جڏهن منهنجي جسم ۾ جوڀن پنهنجا رنگ ڀريا ته امان وٽ ايندڙ ماڻهو مون کي عجيب نموني سان نهارڻ لڳا. امان منهنجي شادي هڪ سُکئي ستابي گهر ۾ ڪرائي ڇڏي. جيڪي امان جي ڪرتوتن کان اڻ واقف شريف ماڻهو هئا. امان انهن کان ڏاج جي بهاني ڪافي رقم ورتي.
اُتي مون کي پيار، محبت ۽ پنهنجائپ ملي. پر امان جو رويو انهن ماڻهن سان نهايت ئي خراب. تنهن ڪري انهن مون کي ماءُ ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. پوءِ امان مون کي بهاني سان پنهنجي گهر وٺي وئي ۽ پوءِ هنن جي منٿن باوجود واپس نه ڪيائين نيٺ امان مون کي طلاق ڏياري ڇڏي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته آخر امان اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو ۽ منهنجي آباد گهر کي برباد ڇو ڪيائين؟ پر آئون امان کان ننڍي وهي کان ڊنل ڪجهه چئي نه سگهيس. امان ڪجهه ڏينهن پنهنجي گهر ۾ ويهاري هڪ شرابي کان ويهه هزار وٺي ان جي نڪاح ۾ ڏيئي ڇڏيائين. پوءِ اهو شرابي مون کي اُٿندي ويهندي طعنا هڻڻ لڳو ههڙي تهڙي مفت ۾ ڪا نه آئي آهين خريد ٿيل آهين، خريد ٿيل !
منهنجو مڙس علائقي جو مشهور بدنام شرابي ماڻهو هو. ڪو سندس گهر ڏي به نه ايندو هو. آئون اڪيلي ئي عذابن ۾ زندگي گذارڻ لڳس. مهينا گذري ويا، انهي مڙس مون کي ماءُ ڏانهن به نه ڇڏيو. هڪ ڏينهن امان الائي ڪيئن ڀُلجي مون وٽ آئي. آئون انهي ڏينهن ڏاڍي رُنس، کيس حقيقت ٻڌايم. ۽ هن انهي مهل پنهنجي پرس مان هڪ گوري ڪڍي ڏنائين، هي شراب ۾ ملائي ڇڏجانءِ پوءِ پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو. ۽ انهي رات اها گوري مون هن کي شراب ۾ ملائي ڏني. هو مري ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آئون سخت ٿي ويس. امان وٽ ئي رهڻ لڳس. امان وس ڪيا ته ڪٿي نه ڪٿي منهنجي ٽيهر شادي ٿي وڃي پر مون هر دفعي انڪار ڪري ڇڏيو ٿي ۽ چيم ٿي امان هاڻي مون کي جيئڻو ۽ مرڻو توسان گڏ آهي. ۽ پوءِ امان سان گڏ رهي امان جو ڌنڌو اختيار ڪري ورتو ۽ اها خبر مون کي پوءِ پئي ته امان هڪ طوائف هئي ۽ مان به هاڻي هڪ طوائف آهيان .... بدنام دنيا جي ذليل ترين مخلوق !

مذهب

مذهب

سيٺ ڄيٺامل پاڪستان ۾ ڄائو ، نپنو وڏو ٿيو. هن جي گهڻي ڏيتي ليتي به مسلمانن سان هوندي هئي. دوستيون اڪثر مسلمانن سان هئس ۽ هڪ مسجد هن جي گهر جي ويجهو هئي. جتان ٿيندڙ واعظ هي چڱي طرح ٻُڌي سگهندو هو. انهي مسجد مان هڪ عالم جي تقرير جو آواز هن جي ڪن پيو....
“اسلام ڀائيچاري ۽ هڪ جهڙاين جو مذهب آهي. هن ۾ نه عربي عجمي کان ۽ نه گورو ڪاري کان مٿي آهي. اسلام ۾ ڪو به برهمڻ ڪونهي ۽ ڪو به گهٽ اڇوٿ ڪونهي. مسلمان سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن، ۽ ڀائرن جو خون، مال عزت ٻين مسلمانن ڀائرن تي حرام آهي.”
مولوي جي مختصر ڳالهه سيٺ ڄيٺامل جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي. هن هندو مذهب کي الوداع ڪيو. جنهن ۾ هي اڇوت هو. ۽ مسلمان ٿي ويو. هن جي اسلام دين قبولڻ سان سندس برادري ناراض ٿي پئي کيس برادري مان ڪڍيو ويو. سندس سڄو خاندان به هن جو مخالف ٿي بيٺو. پر هي هاڻ ڄيٺامل مان سليم ٿي ويو. ڪنهن به ڌمڪي ، لالچ هيٺ نه آيو. پنهنجي ڳالهه تي پختو رهيو. سندس فيڪٽريون جيڪي پٽن جي نالي هيون، پٽن جي حصي ۾ اچي ويون، سمورو پئسو به مختلف بئنڪن، مختلف نالن جي کاتن ۾ هو سو به هن جي ڪم جو نه رهيو. باقي رهي هڪ پراڻي ڪوٺي جيڪا هن جي نالي تنهن ۾ رهڻ لڳو. ڏاڙهي به ڇڏيائين ۽ دل ۾ بهشت ملڻ جي تمنا رکيائين. نماز پنج وقت ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيون نفلي عبادتون به ڪرڻ لڳو. ائين هي شهر جي جيڪا به عبادت گاهه ڏسندو هو ته گهڙي ويندو هو ان ۾ عباد ڪرڻ لاءِ. جڏهن هي بي علمي جي ڪري جماعت خاني ۾ گهڙي ويو ته اتان جي ماڻهن کيس لوڌي ڪڍيو هن کي ته اها خبر ئي ڪا نه هئي ته قادياني ڇا آهن؟؟؟؟
هڪ امام بارگاهه ۾ داخل ٿي مولوي جي ڏسيل طريقي سان نماز پڙهيائين ٻئي ته اتان به انهن ڌڪي ڪڍي ڇڏيو. هن کي انهي طرح لوڌي ڪڍڻ جو سبب سمجهه ۾ نه آيو. وري هڪ ڏينهن هڪ مسجد ۾ نماز پئي پڙهيائين ته پويان هڪ همراه سندس مليل ٽنگون کولي ڇڏيون. هن نماز کان پوءِ ان همراهه کان پڇيو ته ان شخص ٻڌايو ته اهو طريقو غلط هو، مون توکي صحيح طريقو ٻڌايو. سجدي ۾ ٽنگون نه ملائبيون آهن. هي مانّ ۾ پئجي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته: هڪ مسلمانن جي فرقي نماز پڙهڻ نه ڏني.هڪ ته مرڳهين لوڌي ڪڍيو ۽ هن مسجد ۾ منهنجي نماز جو طريقو غلط چيو ويو. هي صحيح ڳالهه جي تلاش ۾ سرگردن جنت ماڻڻ جي شوق ۾ مختلف مسجدن جا دورا ڪندو واعظ ٻڌندو رهيو. مسلمانن جي مختلف فرقن جا ماڻهو مسلمانن جي ٻين فرقن جي ماڻهن کي، ڪافر مشر ڪ ۽ بي ايمان ڪوٺيندا رهيا.
هي مسلمانن جي اندر ايترو حسد ڏسي پريشان ٿي ويو کيس سمجهه ۾ نٿي آيو ته هي مسلمانن جي ڪهڙي جماعت سان وابسته ٿئي ۽ ڪهڙو فرقو صحيح آهي....!!!؟ جڏهن هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته هي واپس هنڌو ٿيڻ جي بجاءِ جهنگ منهن ڪري اُتي عبادت ۽ رياضت ڪرڻ لڳو.

ڇيڇڙو

ڇيڇڙو

اسان جي پنهنجي تر ته ڇا پر اسان جي ڳوٺ جي چونڊيل ايم پي اي سائين ڪُٺل شاهه جا ڀاڳ ڇا کليا جو سائين ايم پي اي چونڊجڻ سان پهرين ڌڪ ۾ وزيرن جي کيپ کڄڻ سان وزير تعليم ٿي ويو. سائين اليڪشن کان ٿورو اڳ ۾ ئي اپوزيشن جي پارٽي ڇڏي اچي سرڪاري ڌُر ۾ شامل ٿيو هو. ۽ هونئن به لوٽن جي هن ملڪ ۾ لئي آهي. سائين وزير ڇا ٿيو منهنجا به ڀاڳ کلي ويا. ڇاڪاڻ ته آئون پنهنجي تر جو اثر رسوخ رکندڙ وڏيرو هئڻ سان گڏوگڏ اليڪشن ۾ سائين ڪُٺل شاهه جو چيف ورڪر پڻ هئس. چيف ورڪر هئڻ دوران مون سائين ڪُٺل شاهه جو خالي اليڪشن ۾ ورڪ ئي ڪو نه ڪيو پر پنهنجي هڙان ۽ وڙان چڱو چوکو خرچ به ڪري ويٺو هئس. ڇاڪاڻ ته منهنجو والد صاحب مون لاءِ هزارين ايڪڙ زمين ڇڏي راه رباني وٺي ويو هو. جيئن ته آئون سندس اڪيلو پُٽ هئس انڪري سندس لاڏاڻي کان پوءِ سموري ملڪيت جو والي وارث هئس هن دنيا ۾ دولت واري کي هر ماڻهو چاهيندو آهي. انڪري سائين ڪُٺل شاهه جي نظر ۾ منهنجي ڪافي اهميت هئي ۽ سائين ڪُٺل شاهه جي مهابو بلڪل نه هيو. مونکي پنهنجي ڪيل خدمتن جي ڪري تمام گهڻو ڀائيندو هو. ۽ هونئن به سائين بادشاهه وڏي نظر رکندو هو، مونسان گڏ پنهنجي هر ورڪر تي محبت ۽ شفقت جي نظر رکندو هو. ان جو سبب اهو به هئو ته سائين کي اڳتي به اليڪشن ۾ بيهڻو ۽ کٽڻو هو. سائين وزير ٿيڻ شرط ڪيترن ئي ماسترن جي نوڪرين جون بيٽون پيدا ڪيون ۽ سڀ پوسٽون پنهنجي ورڪرن ۾ ورهايون ته جيئن سندس ورڪر اهي نوڪريون وڪڻي اليڪشن جا خرچ ڪڍن. مون کي به سائين ويهه کن ماسترن جي نوڪرين جا آرڊر ڏنا هئا. جيڪي مون ضروتمندن ۽ غريبن ۽ اهل ماڻهن کي ڏيڻ بدران في آرڊر پنجويهه هزار روپين ۾ وڪڻي پنهنجي اليڪشن جي لسٽ ڪڍي هئي. انڪري جو وري ٻي اليڪشن ۾ به سائين جي ورڪ ڪرڻي هئي. سائين ڪُٺل شاهه وزارت کان پهرئين سهراب ڳوٺ وٽ پنهنجي هڪ دوست جي ننڍڙي فليٽ ۾ ٺڪاڻو ٺاهيو هيو.جو ڪراچي جي پُررونق علائقي ۾ هڪ هزار گزن جو بنگلو خريد ڪري ورتو آهي. بقول سائين جن جي ته ايندڙ اليڪشن جو خرچ به ڪڍڻو آهي. سائين ڪُٺل شاهه جا مائٽ غريب هوندا هئا. پر چالاڪ ڏاڍا هئا. سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي پيري مريدي جي آڙ ۾ ڦاسائي من مگ مان هزارين ايڪڙ زمين وٺي ويا. اڳي اسلم جي ايتري اهميت نه هوندي هئي. هزارين ايڪڙ زمين هوندي به وڏا وڏا زميندار سيٺن وٽ قرضي هوندا هئا.انهن جا اهي قرض سالن تائين لهڻ بجاءِ ويتر چڙهندا ويندا هئا. جڏهن کان فصلن جا اگهه ٿيا آهن تڏهن کان زميندار به ڏسڻ جهڙا ٿي پيا آهن. هاڻي قرضي زميندار رڳو پنهنجن افعالن سان هوندا آهن. سائين پنهنجي مائٽن کان به وڌيڪ چالاڪ ۽ دورانديش آهي. ان کي اها خبر آهي ته ملڪيت ڪيئن وڌائجي. بڇڙن افعالن هوندي به سائين ۾ وڃائڻ وارا افعال گهٽ آهن. سائين کي اڃا به امير ٿيڻ جو شوق نه پر مٿي تي ڀوت سوار آهي. انڪري ڪنهن طريقي سان ڪمائڻ واري ڪا به گهٽي سائين ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. سائين جي چوڻ موجب ته ابا سرڪار جا لاها چاڙها رکيا آهن. ڪنهن مهل ڪير اچي هن ملڪ جي سرڪار کي ڪيرائي سگهي ٿو. انڪري ڪيڏي به مهل گهر ڀيڙا ٿيون ان کان پهرين پنهنجي قلمدان واري دور ۾ ايترو ڪمائي وٺجي جو ٻيهر به وزارت ماڻڻ جي حسرت نه رهي. جڏهن کان سائين سهراب ڳوٺ واري ننڍڙي فليٽ کان گزريءَ جي پررونق علائقي ۾ بنگلي وٺي پنهنجو ٺڪاڻو ڪيو آهي. تڏهن کان مون به پنهنجو ٺڪاڻو سائين جي بنگلي کي بنائي ڇڏيو آهي. انڪري جو پنهنجي ڳوٺ وارن جا جائز ۽ ناجائز ڪم به ته ڪرڻا آهن. ڪم وري ڪهڙا، اسان جي بلي ته لڳو ماستري جي بدلي ئي وڃي رهي آهي. وڏن ڪمن جي وچ ۾ ته سائين بادشاهه ڪنهن کي ليکيندو ئي ڪو نه هو. جو وڏا وڏا ڪم هو پاڻ ئي ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪميشن تمام گهڻي ملندي هئي.
سائين کان اهو به چوندي ٻڌو هئم ته ابا اها رشوت وغيره ٿورئي آهي ماڻهو ته اها بخشش ٿا ڏين. جيڪو اسان جي وڏن ورتي ۽ اسان وٺون پيا. وڏن پئسن عيوض روحاني فيض ڏنو ۽ اسان پنهنجي هٿ ۾ آيل ٿورو گهڻو ڪم ڪري ماڻهن کي فيض ڏيون ٿا. ماستري لائين جي ڪيترن ئي ماسترن کان وٺي ڊائريڪٽر جي عهدي تائين جي آفيسرن کي سائين جي بنگلي تي حاضري ڏيندي ڏٺم. هڪ فائدو اهو ضرور ٿيو جو انهن سان منهنجي سُٺي دعا سلام ٿي وئي. ڇو ته انهن کي سائين تائين پهچڻ کان پهرين اپائنٽمينٽ مون کان وٺڻي پوندي هئي. ۽ مان به پنهنجي سهولت ۽ تعلقات جي بنياد تي انهن کي جلدي يا دير سان سائين جن سان ملائيندو هئس. ڇاڪاڻ ته سائين جن ان بنگلي ۾ پرسنل اسسٽنٽ مون کي بنايو هو. حقيقت ته اها آهي جو مون سائين جن جي وزارت سنڀالڻ کان پهرين حقيقت ۾ حيدرآباد به پوري ريت نه ڏٺي هئي پر هتي اچڻ کان پوءِ ڪراچي جي سمورن فيشن ايبل علائقن کان واقف ٿي ويو هئس. آئون جئين ته بنيادي طرح هڪ سنڌي وڏيرو هئس. انڪري مون ۾ عادتون به سموريون سنڌي وڏيرن واريون هيون. لُچ لوفر پالڻ، رن روڳڙي نه ڇڏڻ، رڇ ڪتن جو ويڙهون ڪرائڻ، ملهه ملاکڙو ڪرائڻ، وغيره جهڙا شوق منهنجي نس نس ۾ سمايل هئا. شهر ۾ اچي رڇ ڪتا ويڙهائڻ يا ملاکڙا ڪرائڻ جهڙا شوق نه پئي ڪري سگهيس باقي رنن وارا شوق ته شهر ۾ اچي اڪثر وڏيرا ڪندا آهن.آئون به ان شوق کي پروان چاڙهڻ لاءِ سائين جي ساٿ سان لهي پيس. ان شوق جي ڪري اڪثر فيشن ايبل علائقن ۾ رُلڻ ۽ گهمڻ جو موقعو مليو. مون کي هتي اهو ڏسي حيراني ٿي ته هتي اڪثر معزز ۽ عزتدار ماڻهن جو پيشو ئي ڀڙوت آهي. انڪري آئون به هتي ڪيترن ئي عزتدار ڀڙون کان واقف ٿي ويس جن جو ڪاروبار ئي سنڌي وڏيرن کي عياشي مهيا ڪرڻ آهي. اُهي ان ڏَس ۾ مهانگين علائقن ۾ رهيا پيا آهن. ڇو ته انهن جي گهرن ۾ سونا بيدا ڏيڻ واريون ڪڪڙيون پلجي رهيون هونديون آهن. جيڪي پئسي جي خاطر داءُ آزمائڻ ۾ دير نه ڪنديون آهن. انهي جي ڪري ئي انهن جا مٽ مائٽ نوازشون ماڻي وڏن وڏن عهدن تي رسڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن. ۽ مون به پنهنجي سنڌ جي وڏيرن کي انهن جي درن تي نوس نوس ڪندي به ڏٺو آهي. جيئن ته سائين ڪُٺل شاهه وزير هو. انڪري اهو اهڙن گهرن ۾ هلي ڪو نه ويندو هو. مال پاڻهي ئي سائين جي بنگلي تي پهچي ويندو هو. مال رڳو سائين جي لاءِ نه ايندو هو پر اُتي موجود خاص خاص ماڻهن لاءِ ايندو هو. آئون به ان خاص ماڻهن ۾ شامل هئس. ان بنگلي جي هڪ ئي اٽيچ باٿ تي قبضو ڪري ڇڏيو هئم. جنهن کي ڏينهن جو آفيس طور ڪم آڻيندو هوس ۽ رات جو عياشي طور استعمال ڪندو هئس. ڏينهن جو ان ڪمري ۾ ڳوٺ وارا واقف ڪار ماڻهن کان علاوه ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقاتون ٿينديون هيون. جن جا ڪم ڪاريون واقفيت ۽ پئسي جي بنياد تي ڪري ڏيڻ پنهنجي ڊيوٽي ۾ سمجهندو هئس. ۽ رات جو وري ڪمري ۾ عزتدار ماڻهن جي عزت پائمال ٿيندو ڏسندو هو. حالانڪه هن علائقي ۾ ڪافي سنڌي وڏيرن جا بنگلا هئا يا ته اقتدار ڪري پاڙيوار هيسيل هئا يا اهي سڀ اسان جهڙا هئا جو ايڏي بدمعاشي ۽ اچ وڃ هوندي به ڪڏهن ڪا شڪايت نه ٿي. منهنجي ماتحت ۾ چاچو شمشو هوندو هو. جيڪو هيٺ کان مٿي تائين سمورا ڪم اڪلائيندو هو. اسان کي ته رڳو يا ته ماڻهن جو ڪم ڪرائي ڏيڻو هوندو هو يا ته ڪجهه ڏوڪڙ ڏيڻا هوندا هئا. جيڪي ڪم کانپوءِ اسان چاچي شمشو جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئاسين. چاچو شمشو ان ڪم جو هوشيار هو. ماڻهن سڃاڻڻ ۽ اگهه مقرر ڪرڻ جو ته اصل ماهر هو. اسان عياشي جي خريداري ڪا به ڊائريڪٽ نه ڪندا هئاسين. چاچو شمشو مٺو چاچو هئڻ سان گڏوگڏ سٺي دلال يا ڀڙوي وارو ڪردار به خوش اصلوبي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو هو ۽ اسان کي ڪا خاص جهنجهٽ ڪرڻي نه پوندي هئي. اڄ به مان شهر مان چڱي چوکي خواري ڪري جڏهن پنهنجي ڪمري جي در وٽ پهتس ته چاچو شمشو ملي ويو. چيائين:
“سائين مان توهان لاءِ مال آندو آهي. ۽ توهان جي ڪمري ۾ ويهاري آيو آهيان. سائين وڏي سان ملڻ آئي هئي، ڪو فائيل وغيره سائين جي ٽيبل تي پهتل اٿس. ان فائيل ۾ ڪجهه صحيون ڪرائڻيون اٿس. سائين وزير جي ميٽنگ ۾ ويل آهي. شايد هفتو کن نه اچي ۽ مون توهان جو خادم ٿيندي هن سان سمورا معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن، بس توهان پنهنجي ان عياشي جي موٽ ۾ سائين جن کان هن جي فائيل وارو ڪم ڪرائي ڏجو.”
چاچي شمشو کان موڪلائي جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيس ته حيرانگي مان ٻاهر موٽڻ وارو ئي هئس ته چاچو شمشو اندر داخل ٿيو. شمشو اندر داخل ٿيندي چيائين ته:
“سائين ٻاهر ڪيڏانهن پيا وڃو، آيل روزي ڇڏبي ٿورئي آهي. هي توهان جي اڄوڪي روزي جي کاڌ خوراڪ آهي.”
آئون وڌيڪ ٻُڏتر ۾ پئجي ويس جو منهنجي سامهون مهان ليکڪه رابيلي ويٺي هئي. اڃان پندرهن ڏينهن اندر ئي هڪ فنڪشن اٽينڊ ڪري آيو هئس. جنهن جي صدارت هوءَ ڪري رهي هئي. اها منهنجي پسنديده ليکڪه هئي. انڪري ان جا سمورا فنڪشن آئون باقائدگي سان اٽينڊ ڪندو آهيان ڇا ته معاشري تي لکندي آهي. پر اڌ وهي جي هن اديبه کي مال جي صورت ۾ ڏسي منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي ۽ مٿي کي چڪر اچڻ لڳا. ڪجهه پاڻ تي قابو ڪندي چاچي شمشو کي چيم:
“اڙي چاچا! تون شايد غلطي کان ڪم وٺي رهيو آهين، هي ته مشهور ليکڪه رابيلي آهي. جنهن جي لکيل ليک آئون ڏاڍي شوق سان پڙهندو آهيان. اڃان پندرهن ڏينهن پهرئين آئون هن جو فنڪشن اٽينڊ ڪري آيو آهيان.”
چاچي شمشو لاپرواهي مان چيو:
“سائين ڪير آهي رابيلي؟ ڪير آهي ليکڪه ۽ ڪير آهي مهان؟ ان جي مون کي ڄاڻ نه آهي، باقي مون توهان ۽ هن محترمه جي وچ وارا سمورا معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن. توهان کي هن محترمه جو ڪم ڪرڻو پوندو. ۽ ان جي موٽ ۾ هي اڄ سڄي رات توهان جي مهمان آهي.”
رابيلي اڳيان وڌندي بنا شرمائڻ جي چيو:
“توهان حيران نه ٿيو، هي پٽيوالو بلڪل صحيح پيو چوي، هي منهنجو فائيل سائين جن جي ٽيبل تي آهي، اهو ڪم توهان کي ڪرائڻو آهي. ۽ ان جي في مان توهان کي هر صورت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه دور ئي ڏيڻ ۽ وٺڻ جو آهي.”
آئون ڪجهه سوچيان ئي سوچيان پاڻ وڌي ڪمري جو در اندران بند ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو مان جڏهن ننڊ مان اٿيس ته جسم ۾ عجيب بي چيني محسوس ڪيم. ڀانئيم ته مون ڪو تازو گوشت نه پر ڪو ڇيڇڙو کاڌو هو.

ڪتي جي ڪهاڻي

ڪتي جي ڪهاڻي

منهنجي گاڏي جي اڳيان گذرندڙ ٽوياٽا ٽوڊي گاڏي روڊ تي ڊوڙندڙ ڪتي کي چيڀاٽيندي هلي وئي. ڪتو تڙپندو تڙپندو روڊ تي ليٿڙيون هڻندو رهيو. جيئن ته آئون هن گاڏي جي پٺيان هيس ۽ منهنجي گاڏي جي رفتار گهٽ هئي انڪري مون پنهنجي گاڏي ڪتي کان بچائي اڳيان وڃي بيهاري جيئن آئون وڃي ڪتي جي مدد ڪري سگهان. ايتري ۾ پٺيان ٻي ايندڙ هونڊا سوڪ گاڏي ان تڙپندڙ ڪتي کي ڪيرائيندي ان جو گوشت، گوشت ۾ موجود رت جي نلين، رڳن، ساهه جي نلين، هڏن، ٽنگن، پيرن، پيٽ، اکين، نڪ الفرض ته ڪتي جي منسلڪ مڙني شين جو وجود مٽائيندي ڪتي جي گوشت جي لوٿڙي کي روڊ تي راڳيندي تيزي سان گذرندي وئي. آئون هتي بيٺي سوچڻ لڳس ته آئون هن ڪتي جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو. جو آئون هاڻ ان جي ڪا به مدد ڪري نه سگهيس. ڇاڪاڻ ته هو ڪتو هاڻ ڪتو نه رهيو هو. ۽ روڊ جو ننڍڙو حصو ٿي ان ۾ چهٽي چڪو هو. آئون پري کان بيهي اهو سوچڻ لڳس ته هي مئل ۽ روڊ تي راڳيل ڪتو، ڪنهن ڪتي جو پُٽ هوندو، ڪنهن جو پي هوندو، ڪنهن جو ڀاءُ هوندو، ڪنهن جو چاچو هوندو، ڪنهن جو مامو هوندو، ٿي سگهي ٿو ته هي اڄ جو چڱو مڙس هجي، اهو به ممڪن آهي ته هي پنهنجي راڄ مان تڙيل هجي، هي ڪتو ضرور ڪنهن ڪتي جو پٽ هوندو هاڻ هن جو پيءُ ڪتو هن جي لاءِ ضرور روئندوهوندو. هي جنهن ڪتي جو ڀاءُ هوندو هن جي موت تي هن جو ڀاءُ ڪتو اوڇنگارون ڏيئي روئيندو هوندو هي ضرور ڪنهن جو چاچو هوندو ته هن لاءِ ضرور رانڀاٽ ڪندو هوندو. هن جي ماءُ هن جي موت جو ماتم ضرور ڪندي هوندي. اڄ هن ڪتي جي گهر ۾ ڪهرام متل هوندو. روڄ راڙو هوندو. پريشاني جو عالم هوندو. اڃان آئون ڪتي جي باري ۾ سوچي رهيو هئس ته هي پوڙهو شخص منهنجي اڳيان گذريو ، آئون اڃان هن پوڙهي شخص کي ڏسي رهيو هئس هتان هڪ تيز رفتار موٽر سائيڪل جيڪا هڪ نوجوان هلائي رهيو هو اهو هن پوڙهي کي موٽرسائيڪل هڻندو روڊ تي ڪيرائيندي، تيزي سان گذري ويو. آئون هن موٽر سائيڪل جو نمبر نوٽ ڪري وٺان ها پر ان تي نمبر لکيل ئي ڪو نه هو. صرف نمبر پليٽ تي لکيل هو “Bye, Bye” پوڙهو موٽرسائيڪل لڳڻ سبب ڪِري پيو ۽ زور زور سان وڦلندي چيائين:
“ڀيڻان ڪتي جا پُٽ ! آئون توکي ضرور ڏسي رهندس.”
آئون جلدي سان پوڙهي ڏانهن وڌيس مٿان ٻي تيز گاڏي پوڙهي کي روڊ تي راڳي نه وجهي، پوڙهي کي کڻي گاڏي ۾ ويهاريم پر پوڙهو وڦلندو موٽر سائيڪل واري کي گاريون ڏيندو رهيو.
“ڪتي جا پُٽ! آئون توکي ڏسي رهندس.”
مون هن پوڙهي کي چيو: “چاچا هي موٽرسائيڪل هلائڻ وارو ڪتي جو پٽ نه پر ماڻهو جو پٽ هو.”
پوڙهو منهنجو جواب ٻڌڻ شرط بخيل ٿي ويو:
“توکي ڪهڙي خبر آئون چوان ٿو ته اهو ڪتي جو پُٽ هو. آئون هن کي ڪونه ڇڏيندس.”
مون گاڏي اسٽارٽ ڪئي پر پوڙهي جي چيل لفظ تي سوچڻ لڳس جو مون کي موٽر سائيڪل هلائڻ وارو ماڻهو جو پٽ لڳو هو. ڪنهن به صورت ۾ ڪتي جو پٽ نه لڳي رهيو هو. پوڙهي کي وٺي ڪنهن سرڪاري اسپتال ڀيڙو ڪيم. جتي به پوڙهو بڙ بڙ ڪندو موٽر سائيڪل واري کي گاريون ڏيندو رهيو. ان کي ڪتي جو پٽ ڪوٺيندو رهيو. اسان اڃان اسپتال ۾ بيٺا هئاسين ته هڪ همراهه کي زخمي حالت ۾ کڻي آيا جنهن کي ڪتي ڏاڙهي وڌو هو. زخمي همراه سور کان رڙيون ڪندو رهيو ته:
“آئون ان ڪتي کي قطعي ڪو نه ڇڏيندس. جنهن مون کي چڪ وڌو آهي. آئون ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ هن کان بدلو ضرور وٺندس. بدلو ڇا وٺندس پر ان کي جان کان ماريندس. ڇاڪاڻ ته ان ڪتي مون بي گناهه سان زيادتي ڪئي آهي. جو ڪيترائي ماڻهو ڇڏي اچي مون کي چڪ هنيو آهي. ڀيڻسان ڪتي جو پُٽ ! آئون به ڪو نه ڇڏيندس.”
آئون هن زخمي جي ويجهو ويس چيومانس:
“ادا توکي چڪ هڻڻ واروڪتوٽوياٽا گاڏي ۾ ته ڪو نه هو...؟؟؟”
چيائين: “چريو آهين ڇا؟ ڪتا ٽوياٽا گاڏي ۾ هلندا آهن ڇا!؟”
وري چيومانس ته: “ادا اهو ڪتو ڪنهن موٽرسائيڪل تي سوار ته ڪو نه هو؟”
همراه ويتر بگڙي ويو. چيائين:
“چريو آهين ڇا صفا! اهو ڪتو موٽرسائيڪل ڪيئن هلائيندو، مون کي ڏاڙهيندڙ ڪتو پنڌ هو ۽ هاڻ آئون هن کي ڪو نه ڇڏيندس.”
ائين اسپتال ۾ مريضن جي رش وڌندي رهي. ڪمپائونڊر ۽ ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي ڪري وڃي چڪا هئا. هاڻ هڪ بي ايمان ۽ ڊيوٽي چور ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر جي ڊيوٽي آهي. هڪ ٻن سالن ۾ نظر ايندا آهن، انڪري هي شفٽ ائين ويندي مڙني مريضن کي ٽئي شفٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ايماندار ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر جي ڊيوٽي آهي. مريض وڌندا ويا پر ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر ڪونه آيا. آخر سمورا مريض پنهنجي مائٽن سان ملي چوٻوس ڪرڻ لڳا، مون وارو آندل پوڙهو مريض اٿي گڙو ٿيو انهن سڀني جي ڪمانڊ ڪندي نعرا هڻڻ لڳو ته “ڊيوٽي چور ڪتي جو پٽ، ڊاڪٽر مرده باد، ڪتي جو پٽ ڊاڪٽر بدلي ڪريو” جلوس ۽ گوڙ وڌندو ويو. ايتري ۾ هڪ همراه اتي پهتو ته ان چيو ڊيوٽي چور ڊاڪٽر کي آئون ڏسي آيو آهيان جيڪو گهٽ ۾ گهٽ اڄ بلڪل ڪو نه ايندو ڇاڪاڻ ته اڄ اهو ڊاڪٽر هن تر جي مشهور ۽ اثر رسوخ رکندڙ وڏيري ڪرڙ ڪانڊيري سان گڏ باغ واري ميدان ۾ ڪتا ويڙهائي رهيو آهي.

پراڻو مال

پراڻو مال

ڏينهن آفيس ۾ ڪم وڌيڪ هو. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ اليڪشن جا ڏينهن هئا. نمائندن طرفان مختلف خبرون فون تي اچي رهيون هيون. منجهند تائين اخبار جي اندرين صفحن جو مواد ڪمپليٽ ڪري ڇڏيو هو. هاڻي باقي صفحي تي پهرين ۽ ٻئي، ستين ۽ اٺين لاءِ مواد جي ترتيب فون تي ڪري رهيا هئاسين. اسان جو ڪم مواد کي لکي رکڻ جو هو. ان جي ترتيب رات جي شفٽ واراڪندا. اهي اڃا نه آيا هئا. انڪري فون تي خبرون لکندي لکندي دير ٿي وئي. آئون فون تي خبرون لکي رهيو هئس ته هڪ اڌ وهي جي خوبصورت عورت سليٽي رنگ جو پرس هٿ ۾ هئس، وارن کي ڦڻي ڏنل هئي. پر ان باوجود به کليل هئا. گلابي رنگ جي وڳي ۾ انتهائي جازب نظر لڳي رهي هئي. سلام ڪيائين، ويهڻ جو اشارو ڪيم. فون تي ڳالهائي دنگ ڪيم ته هن ڏانهن متوجه ٿيس جيڪا منهنجي اشاري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي منهجي سامهون پيل ڪرسي تي ويهي رهي هئي. مون کي پاڻ ڏانهن متوجه ٿيندي ڏسي مون کي سلام ڪيائين، چيائين ته:
“منهنجو نالو نجم آهي، ۽ آئون انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندي آهيان، توهان جي اخبار ۾ آيل ڪجهه تاريخن جي خبرن واريون اخبارون اسان کان مس ٿي ويون آهن، اگر توهان کي تڪليف نه ٿئي ته اهي اخبارون اسان کي مهيا ڪندا.”
مون هن کان پرچي وٺي پٽيوالي کي ڏني ته هنن تاريخن واريون اخبارون ڪڍرائي اچي. ان سان گڏوگڏ کيس ڀرواري هوٽل تان چانهه ۽ بسڪيٽ آڻڻ جو به چيم. پٽيوالو به سمجهو هو، چانهه ۽ بسڪيٽ پهرين وٺي آيو. چانهه ڪوپن ۾ وجهي بسڪيٽ اسان جي اڳيان رکي هليو ويو. هن ڍير ساريون ڳالهيون ڪيون. هن جا ماءُ پيءُ گذاري ويا هئا. هن ڪافي مشڪلاتن کانپوءِ تعليم حاصل ڪئي هئي. هن کانپوءِ نوڪري خاطر ڪيترائي ڌڪا کائڻا پيا. پوءِ نيڪ دل آفيسر هن کي انفارميشن آفيس حيدرآباد ۾ نوڪري ڏياري. ان آفيسر جي نيڪي ڳائي ٿڪي نه پئي. ۽ ان کي خوب دعائون ڏيندي رهي. ڪافي دير تائين اسان جي ڪچهري ٿيندي رهي. هن جي ڪري مون کي به ڪافي دير ٿي وئي. پٽيوالو اخبارون کڻي آيو. هن اهي اخبارون سنڀالي پنهنجي ڪاغذن ۾ رکيون. مون کي هن جي ڳالهين ۾ مظلوميت محسوس ٿي ۽ من ۾ رحم جا جذبا پيدا ٿي پيا. هي اُٿڻ لڳي ته مون چيومانس:
“آئون به نڪتس پئي، توهان جي ڪري ويهي رهيس.”
ٻئي گڏجي پريس مان نڪتاسين، پريس مان نڪرندي، رستي تي پنڌ هلڻ لڳاسين، مون کي محسوس ئي نه ٿيو جو اسان ڪافي پنڌ ڪري چڪاهئاسين. هن جي ڳالهين ۾ ايتري ته چاشني هئي جو منهنجو من هن جي ڳالهين ۾ محو ٿي ويو. سامهون انڊس هوٽل اچي وئي. هن کان پڇيم ته:
“ توهان ڪيڏانهن وينديون؟”
چيائين: “منهنجو گهر ڪوٽڙي ۾ آهي، آئون اتي وينديس.”
رڪشه روڪيم، هن کان ڪرايو پڇيم 50 روپيه چيائين. منهنجو هٿ بي اخيتار منهنجي کيسي ڏانهن هليو ويو. ۽ رڪشه واري کي 50 روپيه ڏئي ڇڏيم. هن گهڻو ئي چيو ته ان تڪليف جي ڪا ضرورت ناهي. هو رڪشه ۾ ويهي رهي. ۽ آئون اتي بيٺو ڪافي دير تائين رڪشه کي ڏسندو رهيس. جيسيتائين اهو رڪشه منهنجي نظرن کان غائب نه ٿي ويو. هن۾ الائي ڪهڙو نشو هو...!؟ جو هڪ ملاقات مون کي مدهوش ڪري ڇڏيو. اخبار جي به عجيب نوڪري هوندي آهي. پر دعا سلام ۽ واسطو تمام وڏن وڏن ماڻهن سان پوي ٿو. هن ۾ ڪي اخبار وارا مختلف ماڻهن کان وڏا فائدا حاصل ڪندا آهن. پگهار کان ڏهوڻ تي خرچ ڪندا آهن. پر مون رڪشه واري کي 50 روپين جي باري ۾ سوچي پريشان ٿي ويس ته اڄ گهر پنڌ وڃڻو پوندو. ۽ سڀاڻ گوشت بجاءِ آلو جو ٻوڙ کائڻو پوندو. الائجي ڪهڙين سوچن ۾ هلندي هلندي الائجي ڪيڏي مهل گهر جي دروازي تي پهچي ويس. ٽن ڏينهن کان پوءِ نجم ٻيهر پريس ۾ پهچي وئي. چيائين:
“هي خبر پنهنجي اخبار ۾ هلايو. خبر ڏٺم ته ڪا خاص خبر نه هئي. لڳم ته هي ملڻ جو بهانو هيو. مون خبر ترتيب ڏئي، ڪمپوزنگ سيڪشن ۾ اماڻي چانهه جو آرڊر ڏنم ته فورن منع ڪري ڇڏيائين ته:
“اڄ چانهه انڊس ۾ پئينداسين. پريس جو ڪم جلدي ختم ڪريو.”
۽ ٻاهر نڪري هن سان گڏ رڪشه ڪرايم ۽ انڊس هوٽل تي پهچي وياسين. چانهه بسڪيٽن جي دور دوران اسان ڪافي ڪچهري ڪئي. ۽ واپسي ۾ هن کي رڪشو ڪرائي ڏنو ۽ اسان الڳ ٿي وياسين. اسان جو ملاقاتون هاڻ ڪافي وڌڻ لڳيون. ڪڏهن انڊس ته ڪڏهن المنظر تي ڪچهريون ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن انڊس تي هن جي فرمائش تي ڪمرو بُڪ ڪرايوسين ۽ اسان ڪچهري ۾ ايترو ته محو ۽ مدهوش ٿي وياسين جو مون کي پنهنجي گهر جو هوش ئي نه رهيو. صبح جو انڊس جي ڪمري مان آئون تيار ٿي پريس پهتس. ۽ هو به اتان ئي تيار ٿي پنهنجي آفيس ۾ پهتي. هن اتي اهو ئي انڪشاف ڪيو ته هو مون کان سواءِ رهي نٿي سگهي. ۽ هن جي زندگي ۾ اچڻ وارو آئون ئي پهريون مرد آهيان. منهنجي من ۾ هن لاءِ بي انتها محبت پيدا ٿي وئي. محبت ڇا ٿي وئي آئون هن جي پٺيان چريو ٿي پيس. مون کي ويهندي، اٿندي، گهمندي، ڦرندي اکين اڳيان نجم ئي ڦري رهي هئي. اهڙي ريت اسان اڪثر ڪري پريس، المنظر، ۽ انڊس هوٽل ۾ راتيون گذاريندا رهياسين. آئون رات جو ٺري (ڪچي شراب) جو موالي هئس. پر نجم مون کي اهو به ڀلائي ڇڏيو هو. جڏهن نجم سان هوٽل جي ڪمري ۾ رات گذاريندو هئس ته ان ڏينهن ٺرو مون کي ياد ئي نه هوندو هو. پريس جي نوڪري ڪري ڪافي (ايم پي اي، ايم اين اي) ۽ وڏن وڏن آفيسرن سان ياري هوندي هئي. جيئن ته اليڪشن جا ڏينهن هئا انڪري ڪافي ايم پي اي، ايم اين اي ، سابق ڪائونسلر، سابق ناظم، چيئرمين وغيره جي پريس ۾ ٺٺي لڳي پئي هئي. نجم ۽ منهنجي ملاقاتن جي سلسلي کي ٻه مهينا گذري ويا هاڻ ته ڪا به رات نجم کان سواءِ گذارڻ ڏکي نظر ايندي هئي.
اليڪشن گذري وئي. اليڪشن ۾ سائين ڏکيو شاهه کٽي ويو. سائين سان به منهنجي سُٺي ياري باشي هئي. سائين اڪثر ڪري جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته مون کي لطيف آباد واري بنگلي تي گهرائي ولايتي شراب ضرور پياريندو هو. سائين ڏکيو شاهه سان منهنجي دوستي ڪافي پراڻي هئي. سائين اڪثر اليڪشن ۾ حصو وٺندو هو. سائين پنهنجي نالي جيان ڏکيو، بکيو شاهه هو. اوچتو ئي حڪمران جماعت ۾ اچي ويو. ۽ اليڪشن کٽي ويو. ان اليڪشن کٽڻ کانپوءِ هن خوب ڪمايو. حيدرآباد، ڪراچي ۾ بنگلن سان گڏوگڏ ڳوٺ ۾ به ڪافي زمين خريد ڪيائين. هاڻي سائين کي سياست جو گُر اچي ويو آهي. اڪثر ڪري کٽيل پاسي ئي هوندو آهي. اڪثر نمائندن جا موڪليل بيان جي سائين جي خلاف هوندا هئا. اهي آئون ڦاڙي ڇڏيندو هئس. انڪري سائين مون مان ڪافي خوش هو. ۽ مون کي تمام گهڻو ڀائيندو هو. انبن کان وٺي هر تحفو مون لاءِ خريد ڪري ضرور موڪليندو هو. تازي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ سائين موڊ ۾ هو چيائين:
“ڀوتار اڄ ته توکي ولايتي شراب سان گڏ ٻيو ڪجهه به کارائيندس، ڇاڪاڻ ته تو به پريس ۾ ويهي اسان جي خوب خدمت ڪئي آهي.”
سائين سندس پيجارو ۾ ويهاري سندس لطيف آباد واري بنگلي تي وٺي آيو. چيائين ته:
“اڄ اسان جو خاص مال تو لاءِ گهرايو اٿم، منهنجي لاءِ هي مال پراڻو آهي. اڄ منهنجو موڊ خالي پيئڻ جو آهي. اهو مال تنهنجي لاءِ آهي.”
نوڪر ٽيبل تي ولايتي شراب کي سجائي رکيو. سائين نوڪرن کي حڪم ڪيو ته:
“اڄوڪو اسپيشل مال اسان اخبار واري دوست لاءِ مخصوص آهي. ان کي وٺي اچو.”
اهو چوندي سائين شراب جي بوتل منهن تي لڳائي ۽ اڌ بوتل پي ويو. نوڪر چادر ويڙهيل عورت کي وٺي آيو. سائين ڏکيو شاهه اڳيان وڌندي عورت جي مٿي تان چادر لاهي چيو ته:
“منهنجي من موهڻي پوپري! اڄ اسان جو نه پر اسان جي هن صحافي دوست جو دل وندرائي.”
مون جڏهن عورت کي ڏٺو ته منهنجو وات ڦاٽي ويو. منهنجي سامهون نجم بيٺي هئي.

تحفا !

تحفا !

“يار تنهنجي موڪليل تحفي جو ڇا ٿيو ....!؟”
(سامهون) مايوسي مان .... قبول ڪيائين .!
“پوءِ ته هٿ ملائي .”
سامهون، هٿ به ڍِلو ملايو .
“پوءِ ته يار تون مٺائي کارائي. ڀلا توکي هُن چيو ڇا ...؟”
سامهون ساڳي مايوسي !
“هون ! ... چيائين ته:
“ڀينرون ڀائرن جا ڏنل تحفا خوشي سان قبول ڪنديون آهن ...!!!”

لتر ۽ چڪر

لتر ۽ چڪر

هوٽل تي ويٺي ڏٺم ته مسز اسلم ڪنهن غير مرد سان گڏ هوٽل تي ماني کائڻ آئي. جيئن ته هي منهنجي مريض رهي چڪي آهي انڪري مون هن کي سُڃاڻي ورتو. هي بار بار مونکان لڪي رهي هئي. پر سمجهي ويئي هئي ته ڊاڪٽر مون کي سُڃاڻي ورتو آهي. کاڌو کائي جڏهن وڃڻ لڳي ته هي مون وٽ هلي آئي. آهستگي سان مون کي چيائين ته:
“ڊاڪٽر صاحب ! منهنجي عزت رکجو، منهنجي مڙس سان ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪجو ته آئون ڪنهن غير مرد سان گڏ هوٽل تي ماني کائڻ آئي هيس.”
اهو چئي هو ويندي رهي. پوري ٻن ڪلاڪن کانپوءِ منهنجي حيرانگي جي حد نه رهي، ان ئي عورت جو مڙس مسٽر اسلم اسان جي ئي شهر جي هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر سان گڏ ماني کائڻ آيو. جيئن ته ڊاڪٽر هجڻ جي حيثيت سان ليڊي هيلٿ ورڪرن سان واسطو رهي ٿو. ليڊي هيلٿ ورڪر ماني کائي مون وٽ آئي، سلام ڪندي چيائين :
“سر ! اسان جي سُٺي واري دوستي آهي، ڪا به غلط ڳالهه ناهي. متان توهان ڪا غلط سمجهو.”
اهو چئي هو وڃڻ لڳي. آئون ڪجهه سوچيان ئي سوچيان هوءَ وڃي چڪي هئي.

رشوت

رشوت

سائين تمام نيڪ ماڻهو آهي. هيڏي وڏي سرڪاري نوڪري ۾ هوندي ڪڏهن به ڪا رشوت نه ورتي اٿس. رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ حرام سمجهي ٿو. تازو ئي هڪ وڏو آرڊر دوائن جي ڪمپني کي ڏنائين. سائين جي ڪري اسپتالن ۾ خوب دوائون آيون. غريب غربو خوش ٿي ويو. مريضن جو ڀلو ٿي ويو. مريض ويچارا سائين کي خوب دعائون پيا ڪن. الله سائين کي وڏي ڄمار ڏي. دوائن سان گڏ سائين جي گهر به هنڊا سِوڪ ڪارون به اچي ويون. هڪ سائين لاءِ ٻي سائين جي ٻچي شال سدوري پُٽ لاءِ ٻڌو اهو ويو ته دوائن جي ڪمپني واري ايجنٽ اهي ڪارون سائين کي تحفي ۾ ڏنيون آهن. سائين ايندي شرط دوائن جو به وڏو آرڊر ڪمپني کي ڏنو هو. تحفو ڏيڻ ۽ وٺڻ ته دين ۾ به جائز آهي. اهيا رشوت ٿورئي آهي....!!!!

شارٽ ڪٽ

شارٽ ڪٽ

ڪامريڊ ڪاري ڪوڪي ڪافي عرصو بي روزگار ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو شهر جي بارونق بازار ۾ شيشن واري ائيرڪنڊيشن آفيس کولي ڇڏي. پڇيومانس ته:
“آفيس ڇا جو کولي اٿئي؟”
ورندي ڏنائين ته : “شارٽ ڪٽ ڪيو اٿم.”
پڇيومانس: “اهو شارٽ ڪٽ ڇا آهي؟”
چيائين : “هن شهر ۾ ايندڙ دوائن جي سپلا جون گاڏيون، ڊبل روٽي، پاپا وڪڻڻ لاءِ ايندڙ گاڏيون يا جيڪي گاڏيون ڪنهن به قسم جو ڪاروبار ڪرڻ هن شهر ۾ اچن ٿيون، انهن کان منٿلي وٺڻ شروع ڪئي اٿم. جنهن لاءِ هي آفيس کولي اٿم.”
چيومانس ته : “اهو وري ڪئين؟”
چيائين : “شروع ۾ انهن گاڏين کي لُٽڻ ۽ ڦرڻ شروع ڪيم ۽ هاڻي پاڻهي لائين تي اچي ويا. هاڻ ايمانداري سان هڪ حصو پاڻ رکان، هڪ حصو پوليس کي ڏيان، ۽ هڪ حصو جيڪا پارٽي جوائن ڪئي اٿم. جيئن مون کي ڪجهه به ٿئي ته هو ڀرپور مدد ڪن. روزي سان گڏ تحفظ به حاصل ٿي ويو آهي....!”

قول و فعل

قول و فعل

هو هميشه فيس بوڪ ۽ واٽس ائپ تي نماز، قرآن پڙهڻ جي فائدي جي حديثن وارا ميسيج ڪندو هو. جنهن ۾ نماز ۽ قرآن شريف پڙهڻ جي تلقين ۽ فائدا هوندا هيا ۽ نه پڙهڻ وارن لاءِ عذاب جو ذڪر هوندو هو.
هڪ ڏينهن وچين نماز مهل ڪرڪيٽ جي گرائونڊ تي راند کيڏندو ڏٺومانس. وچين نماز کان سانجهي نماز جو وقت به ختم ٿي ويو هي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ مشغول هو. نماز هن کي ياد ئي نه هئي !!!

رپورٽ

مريضن کان فارغ ٿي زال ۽ مڙس جي رپورٽ مون کي پريشان ڪري ڇڏيو. مڙس جي رپورٽ ۾ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت کان محرومي هئي.۽ زال جي رپورٽ ۾ حمل هجڻ جي تصديق ڪيل هئي.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/Rbh4bB6.jpg[/img]