ڪھاڻيون
فُٽ پاٿ
- 4.5/5.0
- 12
- 7
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” فُٽ پاٿ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب شفيع بِڪڪ جي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو آھي جنھن ۾ 17 ڪھاڻيون شامل آھن. ضراب حيدر لکي ٿو:
”شفيع بڪڪ جون رنگ رتول ڪھاڻيون ڪڏھن ھالاري رنگ جھڙيون سرخ ۽ ساديون آھن تہ ڪڏھن بَھاري رُت جھڙيون تازيون آھن، أسلوب ۽ ڏانءَ ۾ بنھ معصوم محسوس ٿيندڙ ڪھاڻيون ڪٿي شرارت واري رمز ۾ تہ ڪٿي وري ڳنڀيرتا جي سَنگ ۾ جُڙيل لڳن ٿيون. سندس ڪھاڻين جا سمورا موضوع نج ۽ سچا آھن، جيڪي ڪنھن بہ ريت ھٿرادو طرح نہ آندا ويا آھن نہ ئي مڙھيا ويا آھن، اِھائي ھڪ سادي ڪھاڻيءَ جي تشريح آھي جيڪا لکڻ ۾ شفيع بڪڪ ڪامياب ويو آھي.
هي ڪتاب 2020ع ۾ ساحل پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون مور ساگر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
اداري پاران
”فُٽ پاٿ“ ۾ ڪُل سترهن ڪھاڻيون شامل آهن، ٽائٽل ڪھاڻي’فُٽ پاٿ‘ ۾ وبا جي وارتا بيان ڪئي وئي آهي، ايئن ئي: (ڪهاڻي جو پلاٽ، موٽر بائيڪ، پينون، آسودي، ڀروسو، مڏهاڙ، اُٿل، مٺي، ڍڳيون، رڪشو، راشن جو ٿيلهو، ٽِپِ (Tip)، پرفيوم، نيو ييئر، نائٽ، آليون اکيون، ساٿ)، ۾ ڪو نه ڪو حادثو يا واقعو بيان ڪيل آهي.
شفيع بڪڪ جي ڪھاڻين جو ڪِتاب ”فُٽ پاٿ“ ادب کيتر ۾ ڪيتري جڳهه ٺاهي ٿو، اِهو اوهان پڙهندڙن تي منحصر آهي، اوهان جي راءِ جو ساحل پبليڪيشن کي انتظار رهندو ته شفيع بڪڪ جي ڪھاڻين جو هي مجموعو ”فُٽ پاٿ“ اوهان کي ڪيئن لڳو.
اسين پُراميد آهيون ته شفيع بڪڪ جي ڪھاڻين جو هي ٻيو مجموعو ”فٽ پاٿ“ ادب کيتر ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهيندو.
اوهان جو پنھنجو
مور ساگر
03332634650
پنهنجي پاران
مان ڪهاڻي جي ميدان ۾ ٻار جيان ڪِرندو، ٿاٻڙجندو هلڻ سکي رهيو آهيان، ڪهاڻي جي منزل جو پنڌ تمام پري آھي، جيڪڏهن ان منزل ڏانهن ويندڙ شاهراھ تي پير رکي هلي پوان تڏهن مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهندس.
منهنجي ڪهاڻين جي پهرين مجموعي ”در جو کڙڪو“ کان پوءِ هي منهنجي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”فُٽ پاٿ“ جيڪو توهان جي هٿن ۾ آھي، منهنجي هن ڪهاڻي مجموعي متعلق پڙهندڙن تي آهي ته اُهي ڇا راءِ رکن ٿا.
مان سائين ضراب حيدر صاحب جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لِکي منهنجي قلم کي همت ڏياري.
ساحل پبليڪيشن جي سرواڻ مورساگر صاحب جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجو ڪتاب شايع ڪيو.
شفيع بڪڪ
ڪھاڻيون
فُٽ پاٿ
ان چوواٽي وٽان گذرندڙ صاحب داد ڪجهه سالن کان پنهنجي ننهن ۽ پٽ سان ناراض ٿي هن شهر ۾ اچي رهيو هو، هي روزانو انهيءَ چؤ واٽيءَ وٽ لال خان جي هوٽل تي ماني کائڻ ايندو هو. ڏينهن جو ڏيڍ ٿي رهيو هو. هي جيئن ئي اچي هوٽل ۾ داخل ٿيو، ته لال خان هوٽل ۾ اڳ ويٺل ٽن نوجوانن کي چئي رهيو هو:
”توهان جيڪڏهن ماني کائي ڇڏي آهي ته وڃي سگهو ٿا، هوٽل ۾ ٽن کان وڌ ماڻهن کي ويهارڻ جي اجازت ناهي.“
لال خان ڳاڙهو، ڳٽ، منڌرو مڙس هو، مٿي ۽ چهري جي اڇن وارن مان هو پنجاهه سالن جو لڳي رهيو هو.
هن جي چوڻ بعد هوٽل ۾ ويٺل ٽيئي نوجوان اٿيا ۽ دخل وٽ پهچي کيس مانيءَ جو بل ادا ڪري ٻاهر نڪري ويا.
هيءَ شهر جي مشهور هوٽل هئي، هتي هر وقت ماڻهن جي رش هوندي هئي. هوٽل ۾ لڳل سئو ڪرسين تي به ويهڻ لاءِ جاءِ نه ملندي هئي.
اڄ هوٽل جون سڀئي ڪرسيون خالي هيون، هوٽل۾ صرف سيٺ لال خان، هڪ ويٽر، هڪ تندوري ۽ هڪ باورچي هو.
جتي اڳ ڇهه ويٽر، چار باورچي، چار تندوري ڪم ڪندا هئا.
صاحب داد ماني کائڻ بعد هوٽل جي دخل تي پهچي لال خان کان پڇڻ لڳو :
”ڇا ٿيو آهي اڄ هوٽل خالي آهي ۽ ويٺل ماڻهن کي به ڀڄائين پيو.“
”تو اعلان ڪو نه ٻڌو آهي ڇا .....؟“
”ٻڌو ته هيم سمجهه ۾ نه آيو، ڇا ٿيو آهي؟“
”چون ٿا ڪا وبائي بيماري سڄي دنيا ۾ پکڙي آهي تنهن ڪري ٽن کان وڌ ماڻهن جي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ تي پابندي آهي.“
صاحب داد، لال خان کي بل جا پئسا ڏئي هوٽل مان ٻاهر نڪري آيو.
هي قدآور، ڳورو، مڙس هو سندس وهي سٺ سال هئي. هي شهر جي هڪ وڏي بازار ۾ ڇليءَ ۾ سامان کڻي ماڻهن کي سندن گاڏيءَ تائين پهچائي ڏيندو هو.
هي هوٽل مان نڪرڻ بعد فٽ پاٿ تان ڇلي هٿ ۾کنيو بازار ڏانهن پيادو اچي رهيو هو ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماڻهو پنهنجون دڪانون بند ڪري رهيا هئا. هي دڪانون بند ٿيندي ڏسي سوچڻ لڳو، بازارون بند ٿيڻ بعد منهنجي روزيءَ جو ڇا ٿيندو، جيڪر ڪا مزدوري نه ملي ته مان ڪٿان کائيندس.
شام تائين سڄي شهر جون بازارون بند ٿي ويون. سج لهڻ کان پوءِ هڪ ٻيو اعلان ٿيو. سڀاڻي ڪو به ماڻهو گهر کان ٻاهر نه نڪري، سڀئي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ رهن، ٻئي حڪم اچڻ تائين اها پابندي رهندي.
اهو اعلان ٻڌڻ بعد هن کي پريشاني وڪوڙي وئي. شهر جون فٽ پاٿون منهنجو بستر ۽ هوٽلون چلهه آهن هاڻي مان ڪاڏي ويندس. رات جو پهر جيئن وڌندو ٿي ويو تيئن شهر جا روڊ سنسان ٿيندا ٿي ويا.
هي فٽ پاٿ تي رکيل پنهنجي بستري واري جاءِ وٽ اچي پهتو. شهر ۾ خوفناڪ خاموشي ڇانيل هئي.
روڊ تي پوليس جا اٽالا ڏسي هن کي ڊپ ورائي ويو، هي ڊپ وچان پنهنجو بسترو بس اسٽاپ جي اڏيل ديوار جي اوٽ ۾ وڇائي ليٽي پيو.
شهر جي اها صورتحال ڏسي کيس ڳوٺ ياد اچي ٿو، هي پنهنجي گذري ويل زندگيءَ جي يادن ۾ وڃائجي وڃي ٿو.
زندگيءَ ۾ کيس پنهنجن جا مليل زخم ياد پون ٿا ۽ هن جي اکين مان لڙڪ لار بڻجي ڪرڻ لڳن ٿا. ايتري ۾ آسمان مان بوندون وسڻ لڳن ٿيون. مينهن جون بوندون هن جي ڳلن تي پئي سندس اکين مان ڪريل لڙڪن کي ڌوئي ڄڻ کيس اهو پيغام ڏئي رهيون هيون ته تون پريشان نه ٿي ڏکيا ڏينهن گذري ويندا وري شهر جون رونقون بحال ٿي وينديون.
هي سڄي رات ڊپ ۾ سمهي نه سگهيو، رڳو مٿان رلهي وجهي ليٽيو پيو هو.
فٽ پاٿ سامهون هڪ بنگلي ۾ نئون شادي شده جوڙو پنهنجي پيار جي مستين ۾ مست هو. جيئن پکين جو ڪو جوڙو وڻ جي هڪ ٽاريءَ تان اڏري ٻئي ٽاري تي ويهي هڪ ٻئي سان پيار جو اظهار ڪندو آهي تيئن هي ٻئي به بنگلي جي مختلف ڪنڊن، درين، ۽ بالڪوني تي اچي هڪ ٻئي سان پيار ڀريون ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
هي بنگلو شهر جي هڪ واپاري پنهنجي پٽ عمران کي شاديءَ ۾ گفٽ ڏنو هو.
عمران پنهنجي يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ صائقه سان پيار جو پرڻو ڪيو هو. هنن جي شاديءَ کي اڃان هفتو گذريو هو ۽ هي ٻئي پنهنجي پيار ۾ مگن هئا.
ٻئي جڏهن اچي بنگلي جي روڊ واري بالڪوني وٽ بيٺا، جتان سامهون روڊ واري فٽ پاٿ نظر ايندي هئي.
فٽ پاٿ تي ستل صاحب داد کي ڏسندي صائقه چوڻ لڳي:
”عمران ڏس پاڻ کي ڌڻيءَ هر نعمت کان نوازيو آهي، هن دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جن کي اهي سهولتون ميسر ناهن ۽ ههڙين حالتن ۾ جڏهن دنيا کي هڪ وبا پنهنجي لپيٽ ۾ آندو آهي، تڏهن اسان تي اهو فرض ٿو ٿئي ته پنهنجي اوسي پاسي ان وبا سبب بي روزگار ٿيل ماڻهن جي مدد ڪيون.“
”ها پر هن مهل اها ڳالهه تنهنجي ذهن ۾ ڪيئن آئي.“
”عمران سامهون فٽ پاٿ تي ڏس هي چاچا روزاني هتي سمهندو آهي، هي ڪٿي کائيندو پيئندو هوندو. “
”ظاهر آهي هوٽل تي.“
”عمران سڀاڻي کان سڄو شهر بند ٿيڻ وارو آهي.“
”ها پوءِ....؟“
”اسان کي هن چاچا جي مددڪرڻ گهرجي نه....؟“
”ها ضرور ڇو نه، صبح مان وٽس ويندس، هينئر پاڻ اندر هلون.“
”عمران تون ته دير اٿندو آهين، واعدو ڪر صبح سوير اٿندي ۽ وٽس ويندين.“
”ها منهنجي راڻي واعدو مان صبح سوير اٿي وٽس ويندس.“
”عمران ٿينڪ يو.“
عمران، صائقه کي ڀاڪرن ۾ ڀَري بالڪوني کان بيڊ روم طرف وٺي روانو ٿيو.
صبح سج اڀرڻ سان صائقه اٿي چانهن ناشتو ٺاهي عمران کي صاحب داد لاءِ ڏنو.
هو ناشتو کڻي اچي صاحب داد وٽ پهچي ٿو ۽ کيس چوي ٿو:
”چاچا ! جيسين شهر وبا سبب بند آهي، مان توهان کي چانهن پاڻي، ماني روز پهچائي ويندس.“
”پٽ توهان جي مهرباني.“
عمران چانهن صاحب داد کي گلاس ۾ وجهي ڏيڻ مهل گَهرَ جي بالڪوني تي بيٺل صائقه ڏانهن مرڪي ڏسي ٿو، صائقه کيس مرڪندي پيار مان فلائنگ ڪس ڪري ٿي.
*
ساٿ
حاجران ۽ سڪينه ننڍي هوندي جون ساهيڙيون هيون. ٻئي گڏ کيڏي مال چاري، وڏيون ٿيون.
ٻنهي ساهيڙين جو هڪ ٻئي ۾ ساهه هو. سندن ڳوٺ ۾ مورڳو ڪي ست، اٺ گهر هئا ۽ نه وري هنن جي ڪنهن ڏانهن اچڻي وڃڻي هئي. ڳوٺ جا اهي ست، اٺ گهر هڪ ٻئي جا مائٽ هئا، تنهن ڪري حاجران ۽ سڪينه پاڻ ۾ ساهيڙيون هئڻ سان گڏ مائٽاڻيون به هيون. پر سندن دوستيءَ وارو رشتو گهڻو مضبوط هو.
ٻئي هڪ ٻئي سان جهنگ ۾ مال چارڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، يا وري پاڻي ڀرڻ مهل، هڪ هنڌ ويهي ڪجهه دير ڪچهري ڪري وٺنديون هيون. ٻنهي اچي جواني واري ڏاڪي تي پير رکيو هو. سندن گهرن ۾ ٿيندڙ وڏڙن جون سڱن واريون ڳالهيون ٻڌي اچي هڪ ٻئي سان ڪنديون هيون.
هڪ ڏينهن حاجران سڪينه کي اچي ٻڌايو ته بابا منهنجو سڱ چاچا جي پٽ کي ڏئي ڇڏيو آهي. چاچا وارا جمعي ڏينهن اسان جي گهر مڱڻو ڪرڻ اچن پيا.
اها ڳالهه ٻڌي سڪينه ڏاڍي خوش ٿي ۽ حاجران کي مبارڪون ڏيڻ لڳي. چار ڏينهن کان پوءِ جمعي ڏينهن حاجران جي چاچا وارا پنهنجي پٽ مڱٿر جو مڱڻو حاجران سان ڪرڻ اچي پهتا. سڪينه ۽ حاجران هڪ ٻئي سان مذاق ڪري ٽهڪ ڏئي ڪچهريون ڪري رهيون هيون. سڪينه حاجران جي شادي جا سهرا چئي کيس ستائي رهي هئي.
مڱڻيءَ جي سال گذرڻ بعد حاجران جو چاچا پٽ مڱٿر جي شادي جي تاريخ ٻڌڻ اچي سندن گهر پهتو. چنڊ جي پندرهين تاريخ ٻڌي وئي.
ڪجهه سالن کان هنن جي ڏيهه ۾ مينهن نه وسيو هو پر حاجران جي والد پنهنجي ڀاءُ جي زور ڀرڻ تي شادي جي تاريخ تي ها ڪئي هئي. حاجران جي والد ڌيءَ جي شادي جي زالاڻي تياري لاءِ گهڻو پريشان هو. ڪپڙن جي سيتي لاءِ وٽن ڌاڳو نه هئڻ ڪري ويهاڻن جون ڇَهوُن، رلهيون، ۽ ڪجهه ڪپڙا تيار نه ٿي سگهيا هئا.
اهي سڀئي زالاڻيون، مرداڻيون ذميواريون حاجران جي پيءُ مٿان هيون. کيس ساٿ جي واپسي تي اهي سڀ سامان خريد ڪرڻا هئا.
ڏيهه ۾ ڏڪار هئڻ سبب مال مري چڪو هو، مال جي ڪا به پهر نه بتي هئي جو ان کي کپائي ڌيءَ جي شاديءَ جو هٽاڙو ڪري سگهي.
وٽس چئن اٺن جي لڏ جيتريون ڪاٺيون ۽ ڇهن اٺن جي لڏ جيترا ڪک ۽ چئن اٺن جي لڏ جيترا ڪوئلا هئا. اٺن جي لڏ کپائي کيس ڌيءَ جي شاديءَ جو هٽاڙو ڪرڻو هو.
ڏڪار سبب ڏيهه جا گراٽا، ٽوبا، تراهه، سڪي ويا. پاڻيءَ جي پُرٻ به نه بچي هئي. پاڻي پيئڻ لاءِ گراٽن ۽ ٽوبن ڀرسان کونئري ڪڻي تنهن مان پيئڻ لاءِ ڀريندا هئا.
شاديءَ جي تاريخ کان پندرهن ڏينهن اڳ حاجران جو پيءُ ميرل اٺ لڏي شهر لاءِ نڪري پيو ته حاجران جي ساهيڙي سڪينه اچي وٽس پهتي ۽ چوڻ لڳي:
”چاچا ! منهنجي لاءِ شهر مان چوڙيون، مهندي، ڪجهه سڳا،چوٽيون، ڦڻيون، تيل ۽ سوپاريون وٺي ايندا.“
حاجران جو پيءُ ڌيءَ سڪينه جي مٿي تي هٿ رکي، کيس دعا ڏيندي چوڻ لڳو:
”امان ڌڻي سکياڻي ڪندئي، مان ساٿ موٽڻ تي اهي سڀ شيون وٺيو ايندس.“
ساٿ کي شهر پهچندي رستي ۾ چار ڏينهن لڳا. ميرل شهر پهچڻ بعد ڪاٺيون ۽ ڪک کپائي اچي ليمارڪيٽ ۾ ڌيءَ جي هٽاڙي جو سامان خريد ڪرڻ لڳو. سامان خريد ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه پئسا وري موٽي ايندڙ ساٿ تي ڏيڻ جو واعدو ڪري بازار مان نڪتو. هر ڀيري ساٿ اچڻ تي سڄو سودو هن ئي بازار مان خريد ڪندو هو. تنهن ڪري ساڻس دڪاندار رعايت ڪئي.
ساٿ اچڻ جا ڏينهن ويجها ايندي ئي سڪينه، حاجران کي سهرا ڳائي ستائي رهي هئي. سندن خوشيءَ جو سڄو سامان انهيءَ ساٿ سان سلهاڙيل هو. حاجران جي امڙ ۽ سندس ڀينرن، ڀائرن جون اکيون واٽ تي کتل هيون. حاجران کي پنهنجي ڏيج جا پُچ ۽ رهيل وهاڻا سبڻا هئا.
سڪينه کي سندس ساهيڙيءَ جي شاديءَ ۾ کيس تحفو ڏيڻ لاءِ وهاڻا، رلهيون، ۽ گج تيار ڪرڻو هو. جنهن جون کٽل ٽڪون اچڻ تي انهن کي لڳائڻو هو.
شاديءَ کان وڌيڪ ساٿ جي اچڻ جو انتظار هو. ڇو ته هن ڏڪار سٽيل ڏيهه ۾ پاڻي به نه بچيو هو. شاديءَ جو ڪاڄ ته وري پري جي ڳالهه آهي. تنهن ڪري شاديءَ کان وڌ ساٿ جو انتظار هئن. جنهن جي اچڻ کان پوءِ سندن سڀ خوشيون شروع ٿيڻيون هيون.
صبح جو نائين وڳي جو وقت هو، سڀئي ڳوٺ جا ٻارڙا گهرن جي اڱڻن تي کيڏي رهيا هئا، سڪينه پنهنجي گهر جي اڱڻ تي ٻهاري ڏئي رهي هئي، حاجران گهر جا ٿانوَ رڌڻي ڀرسان ڌوئي رهي هئي. ساٿ جي اٺن کي ٻڌل ڊگرن جا آواز سڀني ڳوٺ وارن جي ڪنن تي پيا، آواز ٻڌڻ ساڻ سڪينه ۽ حاجران ٿانون ۽ ٻهاريءَ مان هٿ ڪڍي اچي اڱڻ تي بيٺيون.
ٻارڙا ساٿ ڏسي نچڻ ٽپڻ لڳا، سڪينه خوشيءَ مان ڳيچ جهونگارڻ لڳي، حاجران جي سڀني گهر ڀاتين جي چهرن تي رونق اچي وئي.
اٺن جي گهر جي اڱڻ تي پهچڻ سان ڪتاريل اٺن ۾ اڳين اٺ تي ويٺل حاجران جو پيءُ اٺن جي اجهڻ ساڻ سڌو اچي پٽ تي ڪريو ڌيءَ جي ڏيج لاءِ آندل سامان چوڙيون، مهندي، چوٽيون ۽ سڳا سڀ پٽ تي وکري ويا. حاجران رڙ ڪري اچي پيءُ وٽ پهتي. ميرل جي ساهه وارو پکي الائي ڪهڙي مهل اڏامي ويو هو.
*
آليون اکيون
بَچُل ۽ سندس نياڻيون، نيامت ۽شبانه ڪيئن زندگي گذاري رهيون آھن اهو به ڪڏهن پڇڻ نه آيو.
بَچُل پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ ڳوٺ واري بلاڪن جي بَٺيءَ تي مزدوري ڪرڻ لڳي، ائين زندگي واري گاڏي جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، ميهار ۽ سلو کي هڪ پٽ هڪ نياڻي اولاد ٿيو.
بَچُل کي ڏکن ۽ سورن وقت کان اڳ ڪراڙي ڪري ڇڏيو ، سندس مٿي جا سڀئي وار اڇا ٿئي ويا هئا، هي جڏهن ڪارو رئو ڪري سرون مٿي تي کڻندي هئي ته سندس اڇا وار چٽا نظر ايندا هئا، وقت گذرڻ ساڻ کيس ائين لڳڻ لڳو ڄڻ ھي رنڙ ٿي وئي آهي ، هيءَ مڙس جو آسرو هميشه لاء دل مان لاهي ويهي رهي ،هن بيمار ٿيڻ بعد پنهنجي جوان نياڻين کي بَٺيءَ تي پورهيو ڪرڻ لاءِ موڪليو.
بَچُل غربت ۽ ننڌڻڪائي جا ڏک صحيح صفا جهور ٿي وئي ۽ چيل جي سور سبب اچي کٽ ڀيڙي ٿي ، زندگي جي گاڏي کي هلائڻ لاءِ هن مجبوري سبب پنهنجي جوان ڌيئرن کي بلاڪن واري بٺي تي ڪم لاء موڪليو هو ، مڙس جي کيس ڇڏي وڃڻ کي پندرھ سال گذري ويا هئا، ان دوران سندس ڏيئرن ڪڏهن کائنس اچي اهو نه پڇو باڄائي ڪا تڪليف يا ڪنهن چيز جي ڪا ضرورت آھي، هن جون ٻئي نياڻيون جوان ٿئي اوڻيهه ۽ ويهه سالن جي وهي کي اچي پھتيون هيون.
هن وهي ۾ کين پيء جي ڇَپر ڇَانَو جي ضرورت هئي پر وقت جي بي رحم گهڙين بک سبب کين آڻي بٺي تي پورهيو ڪرڻ لاء پهچايو هو.
هنن جي جواني ۽ حسن سندن بدن تان جرڪيو پئي، جنهن ڪري کين پورهيو ڪرڻ سان گڏ پنهنجي عزت کي به بچائڻو ٿي پيو.
بَچُل جي وڏي ڌيء شبانه پنهنجي ننڍي ڀيڻ نيامت کي هر وقت پئي سمجهائيندي هئي ته عزت سان اُٿ، ويھه اسان کي پورهيو ڪرڻ سان گڏ پنهنجي عزت جو به خيال رکڻو آھي ، نيامت پنهنجي عقل آھر ڀيڻ شبانه جون ڳالهيون ٻڌي اڻ ٻڌيون ڪري ڇڏيندي هئي.
هڪ ڏينهن نيامت، شبانه کي اچي چوڻ لڳي:
”ڀيڻ منٺار جيڪو پاڻ واري بٺي تي سوزوڪي هلائي ٿو سو ۽مان شادي ڪرڻ چاهيون ٿا ، منٺار چيو پئي ته مان توهانجي گهر سنڱ گهرڻ مائٽ وٺي اچان پر پهرين تون پنهنجي امڙ کي راضي ڪري وٺ ڀيڻ تون امان کي راضي ڪري وٺجان .“
شبانه نيامت جي ڳالهه ٻڌي کيس چوڻ لڳي:
”ڪڏهن کان تنهنجي منٺار سان ڳالهه ٻول آهي جو هو تنهنجو سنڱ گهرڻ اچي پيو اڳ ۾ ته تو ڪڏهن منٺار جو ذڪر مون سان ڪونه ڪيو هو.“
”بس ڪجھه ڏينهن ٿيا آهن مان توسان ڳالھه ڪرڻ واري ھيس.“
”چڱون مان امان کان پڇي وٺان پوءِ توکي ٻڌائيندس.“
ٻئي ڏينهن شبانه رات جو گهر جي اڱڻ تي رکيل کٽ تي ليٽيل پنهنجي امڙ بَچُل جي پيرن وٽان ويهي کيس پيرن تي زور ڏيڻ لڳي ۽ کيس ڀيڻ نيامت جي ڳالهه به ڪري ٻڌايائين.
بَچُل شبانه جي سڄي ڳالهه ٻڌڻ بعد کيس چوڻ لڳي:
”امان سنڱ گهرڻ ۾ ڪو عيب ناهي ڀلي اچن پر تنهنجي چاچا وارا جڏهن اها ڳالهه ٻڌندا ته ٻڙڌڪ مچائيندا.“
”امان اسان جڏهن هن وهي ۾ پراون ماڻھن وٽ وڃي پورهيو ٿيون ڪيون ان وقت ٻڙڌڪ نٿا مچائين ، تڏهن کين غيرت ياد نه آھي ، ڪڏهن اسان کي پڇڻ آيا ته اسان ڪئين جيئون پيون.“
”ها امان هتي ائين ئي ٿيندو آهي ، توهان ڀلي بک ، بيماري سبب مرو تڏهن هي توهان جا وارث ناهن ، جيڪڏهن توهان پنهنجي مرضي سان ڪٿي ڪنهن سان سنڱ ڳنڍيو ان وقت کين پنهنجون غيرتون ياد پون ٿيون توهان کين چئو ته سنڱ گهرڻ ڀلي اچن.“
امڙ واري ڳالهه شبانه ،نيامت کي ٻڌائي نيامت منٺار سان ڪئي
ڪجھ ڏينهن بعد منٺار جو وڏو ڀاء ۽ سندس امڙ بَچُل وارن جي گهر پهتا، بَچُل کين چيو ته ڪجهه ڏينهن بعد توهان کي جواب ڏيندس نيامت جي سنڱ گهرڻ واري ڳالهه ڪنهن ذريعي نيامت جي چاچن تائين پهتي ، بَچُل جي وڏي ڏيئر ارباب ڳوٺ جي مائي ملوڪان کي پيغام ڏيئي موڪليو ته مائي بَچُل کي چئو جيڪر ڌيئرن جو سنڱ اسان جي اجازت بغير ڏني ته چڱو نه ٿيندو.
مائي ملوڪان بَچُل کي سندس ڏيئرن جو نياپو پهچايو، هُوءَ ڏيئرن نياپو ٻڌي ملوڪان کي چوڻ لڳي:
”ڪٿي هئا منهنجا ڏير ان وقت جڏهن مون ۽ منهنجي نياڻين هن گهر ۾ بکيون ڪٽيون پئي مان پنهنجي نياڻين جا سنڱ پنهنجي مرضي سان ڪنديس چئي ڇڏجان ارباب خان کي.“
مائي ملوڪان جڏهن ارباب کي سندس ڀاڄائي جو نياپو ڏنو ارباب تپي باھ ٿئي ويو.
هُن منٺار جي مائٽن کي نياپو ڪري نيامت جو سنڱ وٺڻ کان جهلي ورتو.
هفتو گذرڻ بعد منٺار جي ڀاء مائي بَچُل کي پيغام ڏياري موڪليو ته ارباب اسانکي ڌمڪي ڏياري موڪلي آهي جيڪر هي رشتو توهان ڪيو ته چڱون نه ٿيندو جيستائين توهان جا وارث راضي نه ٿيندا اسان رشتو ڪرڻ نه اينداسين، بَچُل اهو پيغام ٻڌڻ بعد کين نياپو ڏياريو هاڻي مان توهانکي سنڱ نه ڏيندس، اها سڄي ڳالھه بَچُل ڌيءَ نيامت کي ڪري ٻڌائي۽ کيس چوڻ لڳي:
”پوء سنڱ گهرڻ ڇو آيا هئا.“
نيامت ٻئي ڏينهن اها ڳالھ منٺار کي ٻڌائي ، منٺار چوڻ لڳو:
”نيامت ڀلي سڄو جڳ راضي نه هجي مون ته توسان پيار ڪيو آهي ،مان توسان شادي ڪرڻ لاء تيار آھيان ،مونکي ڀلي ڪجھ به ٿي پئي مان توسان ئي شادي ڪندس.“
”منٺار جيڪر پاڻ ائين شادي ڪنداسين ته چاچا وارا باھ ٻاري ڇڏيندا.“
”ڪجھ به ٿئي پاڻ شادي ڪنداسين.“
”جيڪا تنهنجي مرضي مان به تو سوا جي نه سگهنديس.“
منٺار ۽ نيامت ڪورٽ پھچي شادي ڪري ڇڏي ،
ڳوٺ ۾ نيامت جي شادي ڪرڻ واي خبر پهچڻ بعد نيامت جي چاچن ممڻ مچائي ڇڏيو مائي بَچُل ۽ شبانه کي گهر پهچي مار ڪڍي آيا ۽کين هتان لڏي وڃڻ جي دھمڪي ڏيئي آيا.
نيامت ۽ منٺار وارن جي برادرين ۾ جنگ لڳي ، ڪيترائي ماڻھون زخمي ٿي اسپتالن ۽ ٿاڻن تي پهتا نيامت ۽ منٺار پنهنجي ۽ نيامت جي فيملين جي حفاظت جي درخواست ڪورٽ ۾ ڏني ، بَچُل عدالت پهچڻ تي ڌيءَ نيامت کي ڏسي کيس ڀاڪر پائي روئڻ لڳي اتي موجود اخباري نمائندن بَچُل جي بي وسي ننڌڻڪائي ۽ ڏکن سبب ٿيل آلين اکين واريون تصويرون ڪڍي ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ ڇاپيون.
*
نيو ييئر نائٽ
بنگلو هڪ وڏي ايراضيءَ تي ڦهليل هو، جنهن جي هڪ حصي تي لان ۽ ٻئي حصي تي سوئمنگ پول ٺهيل هو. لان ۾ ويهڻ لاءِ ماربل جي پٿر جون بينچون رکيل هيون. هن بنگلي جو مالڪ ۽ بينچ تي اچي ويٺل ڇوڪريءَ جي پيءُ هڪ وڏو بزنس مين هو، جيڪو گهڻو ڪري پنهنجي بزنس ۾ مصروف رهندو هو.
ڇوڪريءَ جي امڙ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مصروف رهندي هئي. ان طرح گهر جا سڀ ڀاتي پنهنجي پنهنجي زندگي گذارڻ ۾ آزاد ۽ مست مگن هئا.
هيڏي وڏي بنگلي ۾ ماڻهو رهندي به بنگلو خالي خالي لڳندو هو. صبح جو مالهي اچي لان جي صفائي ڪري ويندو هو. چوڪيدار گيٽ تي اڏيل ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هوندو هو. گاڏيون گهر جا ڀاتي پاڻ ڊرائيو ڪندا هئا. تنهن ڪري ڪو به ڊرائيور رکيل نه هو.
گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪر گهر اندر ئي رهندا هئا. تنهنڪري بنگلي جو ٻاهر جو ڏيک ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ هن بنگلي ۾ ڪوئي رهيل نه هجي.
ڳيريءَ ڳيري کي چيو:
”تون ڀلي وڃ. پاڻ آکيري ۾ ڏکيا ٿينداسين. ڪٿي نئين سال جي خوشيءَ ۾ فائرنگ جي ٺڪائن تي پنهنجي ڦٿڪڻ سان آنا ڪري ڀڄي نه پون. تون صبح جو موٽي اچجان.“
”چڱو مان صبح جو موٽي ايندس، تون ٺڪائن تي گهٻرائجي مٿي نه اڏامجان.“
ڳيري کيس چيو.
ها مان آکيري ۾ ئي پنهنجي آنن تي ويٺي هونديس. ڳيريءَ وراڻيو.
ڳيري، ڳيريءَ ۽ آنن تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ اطمينان ڪري جهنگ واري باغ ڏانهن اڏامي ويو.
بينچ تي ويٺل ڇوڪرو ۽ ڇوڪري به رات جو نيو ايئر نائٽ سمنڊ ڪناري ملهائڻ جو پروگرام ٻڌي بينچ تان اٿيا.
رات جي اونداهي جيئن جيئن وڌندي وئي، آکيري ۾ آنن تي ويٺل ڳيريءَ جو ڊَپُ وڌندو ويو. جنهن مهل به ٺڪاءَ شروع ٿين پر مون کي پنهنجو هي آکيرو ڇڏڻو ناهي. ائين سوچيندي ڳيري آکيري ۾ ڄَپُ ڪري ويٺي رهي.
جيئن ئي شهر جي گهڙيالن ۾ رات جا ٻارهن وڳا ته، شهر ۾ ڄڻ ڪنهن هڪ ئي وقت هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا. هر طرف کان فائرنگ شروع ٿي وئي. سڄو شهر فائرنگ سان گونجڻ لڳو. ننڊڙي دل واري ڳيري،سهمجي پنهنجي آنن مٿان پرَ وڇائي ويٺي رهي.
ڪجهه سيڪنڊن ۾ ئي اوچتو ڪنهن نامعلوم طرف کان گولي آکيري کي، ڪنهن بم جيان اچي لڳي. گولي لڳڻ سبب ڳيري پنهنجي آنن مٿان هميشه جي لاءِ ننڊ پئجي وئي.
صبح ٿيڻ سان ئي ڳيرو جهنگ ڇڏي شهر ڏانهن اڏاڻو، نئين سال جي سج جا ڪرڻا آکيري مٿان پوڻ وقت آکيري ۾ صحيح سلامت بچي ويل هڪ آني مان ڦٽل گيريءَ جي ٻچڙي،اکيون پٽي نئين سان جي آجيان ڪئي.
جڏهن ڳيري اچي آکيري مٿان پير رکيا ته، سندس وجود لُڏي ويو. آکيري ۾ ڳيري آنن مٿان پَر وڇائي هميشه جي لاءِ ننڊ پيل هئي. ڳيريءَ جي سسيءَ مان وهيل رت سڄي آکيري ۾ سڪل حالت ۾ موجود هو. سندس رت جا ڪجهه ڦڙا وڻ هيٺيان رکيل ماربل جي بينچ مٿان به پيل هئا.
ڳيرو پنهنجي ڳيريءَ جي مرڻ تي اڃا هنجون ئي هاري رهيو هو ته، اوچتو بنگلي جي گيٽ تي گاڏيءَ جو هارن وڳو، چوڪيدار ڪمري مان نڪري گيٽ کوليو، جنهن مان هڪ ايمبولنس بنگلي اندر داخل ٿي اچي ان جي پورچ ۾ بيٺي. ڪلهه ڇوڪريءَ سان گڏ بينچ تي ويٺل ڇوڪري، ايمبولنس مان لهي، ان جو پويون گيٽ کولي، اسٽريچر تي، ڪفن ۾ ويڙهيل ڇوڪريءَ جو مڙهه هيٺ لاٿو.
*
پرفيوم
هُوءَ يونيورسٽي پهچڻ بعد خوشي ۾ ڊاپي نه پئي سندس ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪريءَ جو ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ به وڏي ڳالهه هو. هن ته وري اچي يونيورسٽيءَ ۾ پير رکيو هو. هيءَ تيز تيز وکون کڻندي دل جي تيز دهڙڪڻ سان ڪلاس جي در تي پهتي. ڪلاس ۾ پروفيسر پڙهائي رهيو هو ۽ هيءَ در تي بيهي کانئس اندر اچڻ جي اجازت وٺڻ لڳي:
”سر مان اندر اچي سگهان ٿي.؟“
هن جو جهيڻو آواز صرف پروفيسر جي ڪنن تائين پهتو. پروفيسر ”يس ڪم ان“ چئي کيس اندر اچڻ لاءِ چيو.
پروفيسر جو زور دار آواز ٻڌي ڪلاس ۾ ويٺل شاگرد ڪتابن تان ڪنڌ مٿي ڪري فرزانه کي ڏسڻ لڳا.
هوءَ سر جي يس چوڻ تي ڪلاس ۾ رکيل ڪرسين ڀرسان لنگهي وڃي پوئين سيٽ تي ويٺي. انهيءَ ڪلاس ۾ هڪ شاگرد اڪرم به پڙهندو هو،سندس خوبصورتي ۽ اخلاق سبب ڪلاس جا سڀئي شاگرد کيس پيار مان هيرو سڏيندا هئا.
ڪلاس ۾ هن ساڻ سندس دوست راشد، اختر ۽ لقمان ويٺل هئا. هلندي ڪلاس دوران لقمان آڱر سان کيس گهت هڻي پويان فرزانه کي ڏسڻ لاءِ اشارا ڪري پيو.
لقمان جي تنگ ڪرڻ باوجود اڪرم پويان نه ڏٺو. ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ هن جا دوست هن سان نئين ڪلاس فيلو جي باري ۾ ڊسڪس ڪرڻ لڳا.
لقمان چوڻ لڳو:
”يار! ڏاڍي خوبصورت ڇوڪري پنهنجي ڪلاس ۾ آئي آهي.“
راشد: ”ها يار ڏاڍي سهڻي ڇوڪري آهي.“
اڪرم: ”توهان شل ڪنهن ڇوڪريءَ کي نه ڏسو بس اتي اڀا ٿي بيٺا هوندا آهيو.“
لقمان:”يار راشد اسان اجايا پيا سيل ساڙيون، ڇوڪريون ته وري به وڃي اڪرم کي لفٽ ڏينديون آهن.“
اڪرم:”اها توهان جي سوچ آهي، ڪنهن سان به جيڪڏهن اخلاق ۽ ادب سان ڳالهائبو ته ان جو جواب عزت ۽ ادب سان ملندو آهي.“
اختر: ”ها يار اسان ته ڄڻ ماڻهن کي پٿر ٿا هڻون، جو اسان کان ڀڳا ٿا وتن.“
اڪرم:”يار منهنجو اهو مطلب ناهي....!“
ڪلاس جي بريڪ بعد فرزانه ڪينٽين ۾ ڪرسي تي ويهي چانهن بسڪٽ کائي رهي هئي ته ارم اچي سندس ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي ۽ کيس چوڻ لڳي:
”مان بي اي ڪلاس جي اسٽوڊنٽ آهيان، منهنجو نالو ارم آهي. توهان جو نالو ڇا آهي.“
”منهنجو نالو فرزانه آهي.“
هنن جي ڳالهين دوران راشد ۽ اڪرم به اچي ڪينٽين ۾ پهتا. ارم کين سڏي ساڻن فرزانه جو تعارف ڪرائڻ لڳي.
هي فرزانه آهي، پنهنجي ڪلاس ۾ نئين آئي آهي. راشد ۽ اڪرم فرزانه کي سلام ڪيو ۽ کيس پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرايو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بقول لقمان جي فرزانه اڪرم سان يونيورسٽيءَ ۾ گڏ گهمندي نظر اچڻ لڳي ۽ ٿورئي عرصي ۾ ٻئي هڪ ٻئي جا سٺا دوست ٿي ويا. سندن دوستي وڌي هڪ گهاٽي وڻ جي پاڙن وانگر مضبوطي جهلي وئي.
هڪ ڏينهن اڪرم حيدرآباد جي هڪ مشهور گفٽ سينٽر تان فرزانه جي لاءِ هڪ پرفيوم خريد ڪري اچي کيس ڏنو.
هاڻي فرزانه روز اها پرفيوم لڳائي يونيورسٽي ايندي هئي. هن کي لڳل پرفيوم جي خوشبو سندس سڀني ڪلاس فيلو ڇوڪرين کي پسند آئي ۽ کائنس پرفيوم جو نالو معلوم ڪرڻ لڳيون، پر فرزانه مسڪرائيندي اهو چئي نٽائيندي رهي ته هن پرفيوم جو نالو نٿي ٻڌائي سگهان. ڇو ته هي پرفيوم جنهن مون کي گفٽ ڪئي آهي ان جو چوڻ آهي ته هيءَ خوشبو منهنجي سڃاڻپ هئڻ گهرجي.
ارم ساڻس مذاق ڪندي چوڻ لڳي:
”گفٽ ڏيندڙ خوشنصيب جو نالو ته ٻڌائي سگهين ٿي؟“
جنهن تي هن جون سڀئي ڪلاس فيلو ڇوڪريون هڪ آواز ٿي چوڻ لڳيون:
”اسان کي ته هڪ ئي ٿو لڳي.“
ڪلاس ميٽ ڇوڪرين جي مذاق اڏائڻ بعد هوءَ اتان اٿي وڃي پنهنجي ڪلاس ۾ ويٺي.
هيءَ هاڻي پاڻ سان اڪرم جو نالو جڙڻ تي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي. ماسٽرس ڪري وٺڻ کان پوءِ اچي گهر ڀيڙا ٿيا. يونيورسٽيءَ بعد سندن دوستي اڳتي وڌي نه سگهي. فرزانه جي گهر جو ماحول ڪجهه سخت هو، هن جو والد پنهنجي ڳوٺ جو وڏيرو هو، جنهن ڪري کيس يونيورسٽيءَ کان پوءِ پنهنجي زندگي مرضيءَ سان جيئڻ جي اجازت مليل نه هئي.
ڪجهه عرصي کانپوءِ فرزانه جي پنهنجي چاچي جي پٽ سان شادي ٿي، شادي جا ڪجهه سال گذرڻ کان پوءِ فرزانه کي ٻه ٻار به ٿيا. پوءِ هن جو سڄو وقت ٻارن کي پالڻ ۾ گذرڻ لڳو.
اڪرم به يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ شهر ۾ هڪ سرڪاري نوڪري سان لڳو. يويورسٽي کان فارغ ٿيڻ بعد ٻئي هڪ ٻئي سان ملي نه سگهيا.
هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ جا گذري ويل ڏينهن ان وقت فرزانه جي اکين آڏو اچي ويا جڏهن هن جي گهر واري کيس سندس شاديءَ جي سالگرهه جو گفٽ اها ساڳي پرفيوم آڻي ڏني، جيڪا کيس اڪرم گفٽ ڪئي هئي، هوءَ پنهنجي مڙس طرفان کيس اها ساڳي پرفيوم گفٽ ڏيڻ تي يونيورسٽي واري دور ۾ اڪرم ۽ پنهنجي دوستيءَ جي يادن ۾ گم ٿي وڃي ٿي. هوءَ مڙس کان پرفيوم وارو دٻو وٺي کيس ٿينڪ يو چئي پنهنجي ڪمري ۾ ڪٻٽ وٽ پهچي ٿي سندس اکين مان ڳوڙها وهي پرفيوم واري دٻي مٿان ڪِرن ٿا.
*
ٽِپ (Tip)
عمران کيس ڏسڻ سان ئي سندس چپن تي سجيل مرڪ جي وڪڙ ۾اچي ويو ۽ هوءَ سندس دل جي درين منجهان داخل ٿي، اندر گهر ڪري ويهي رهيس. هن جي اٿڻي ويهڻي مان اهو پتو پيو ٿي ته هوءَ هڪ چالاڪ ڇوڪري آهي. عمران هڪ سادي طبيعت جو معصوم نوجوان هو،سندس دل صاف، ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کان اڻ واقف هو. هن کي هوءَ هڪ ئي نظر ۾ وڻي وئي هئي. هي ان سان ملڻ بعد دل ۾ سوچڻ لڳو ،منهنجي من جي دنيا کي جنهن جو انتظار هو سا هيءَ ئي آهي، مون کي پنهنجي چاهت جو اظهارساڻس ڪرڻ گهرجي. جيڪر مون ائين نه ڪيو ته ڪٿي دير نه ٿي وڃي.
فرم ۾ ڪم دوران ٻنهي جي هڪٻئي سان هيلو هاءِ روز ٿيندي هئي پر گڏ ويهي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو کين وقت نه ملندو هئن.
هڪ ڏينهن عمران عاليه کي نويڪلو ڏسي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ جي سٺي مهل سمجهندي اچي سندس ڀر ۾ رکيل بينچ تي ويٺو. هوءَ پنهنجي موبائل ۾ گيم کيڏي رهي هئي، عمران کي ڏسي کيس مرڪي پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ تي ڀليڪار ڪئي.
ڪچهري ڪندي عمران کيس چوڻ لڳو:
”توهان جو اخلاق ڏسي مان پهنجائپ محسوس ڪندو آهيان.“
هوءَ عمران جون ڳالهيون ٻڌي مرڪندي چوڻ لڳي:
”توهان سٺا انسان آهيو مان به توهان جي عزت ڪندي آهيان.“
هوءَ آزاد زندگي گذاريندڙ هئي، هڪ ڏينهن عمران فرم جي ڪم جي وقفي دوران اچي کيس چوڻ لڳو:
”عاليه هن فرم ۾ جن ماڻهن سان توهان اٿنديون ويهنديون آهيو اهي سٺا ماڻهو ناهن، توهان انهن سان گهڻو ويجهو نه رهو.“
هوءَ چوڻ لڳي:
”عمران اهڙي ڳالهه ناهي، توهان سٺو سوچيندا ڪيو.“
هوءَ عمران سان همدردي ته ڪندي هئي پر پنهنجي زندگي گذارڻ ۾ آزاد هئي.
عمران کيس فرم جي ساٿين سان ٽهڪ ڏيندي ڳالهائيندي ڏسي دل ئي دل ۾ پيو ڪاوڙ ڪندو هو. هڪ ڏينهن اچي کيس چوڻ لڳو:
”سڀاڻي فرم جي موڪل آهي پاڻ ڪجهه گهڙيون ڪنهن هنڌ هلي ويهون.“
”ها عمران ڇو نه، سڀاڻي توهان کي فون ڪري ٻڌائينديس.“
ٻئي ڏينهن هن عمران کي فون ڪري طارق روڊ جي هڪ مشهور ريسٽورنٽ تي اچڻ لاءِ چيو، عمران پنهنجي گهران نڪري بس ۾ چڙهي اچي ريسٽورنٽ پهتو. ڪجهه ئي ويرمَ بعد هوءَ به رڪشا مان لهي اچي ريسٽورنٽ ۾داخل ٿي. عمران ڪرسيءَ تان اٿي کيس سلام ڪيو، هوءَ سامهون رکيل ڪرسيءَ تي ويٺي.
ريسٽورنٽ ۾ ويهڻ بعد عمران کيس پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائيندي چوڻ لڳو:
”توهان جو فرم جي ماڻهن سان ايترو هجائتو رويو مون کي ناهي وڻندو. اهي چڱا ماڻهو ناهن مان انهن کي توهان کان اڳ سڃاڻان ٿو، انهن سان ايتريون هجائتيون نه ٿيو.“
هوءَ عمران جي ڳالهه کي اِگنور ڪندي چوڻ لڳي:
”ڇڏ انهن ڳالهين کي ويٽر کي سڏ ڪر ته ڪجهه گهرائي وٺون.“
عمران ويٽر کي سڏ ڪيو ويٽر ڳاڙهي رنگ جي وردي پاتل اڇو ٽوپلو ٽري هٿ ۾ کنيل اچي وٽن پهتو. عمران ٻن برگرن ۽ ٻن بوتلن جو آڊر ڏنو، ويٽر آڊر وٺي ريسٽورنٽ جون ڏاڪڻيون لٿو. هن جو ذهن عمران جون ڳالهيون قبولڻ لاءِ تيار نه هو، هوءَ عمران کي سٺو انسان سمجهندي، ساڻس همدردي وارو رويو هئس. ڪجهه دير ڳالهه ٻولهه کان پوءِ بل ادا ڪرڻ وقت فرزانه پنج هزار جو نوٽ ڪڍي مينوبڪ ۾ وڌو.
”توهان ڇڏيو مان بل ڏيان ٿو.“ عمران چيو.
”مون ڏيئي ڇڏيا آهن.“
ويٽر بل ڪٽي باقي پيسا مينو بڪ ۾ وجهي مينو بڪ ٽيبل تي رکيو، فرزانه مينوبڪ کوليندي بل مان بچيل پيسن مان سئو رپيا ويٽر لاءِ ٽپ مينوبڪ ۾ وڌا ۽ باقي چار هزار ڪڍي عمران کي ڏيڻ لڳي.
عمران چوڻ لڳو:
”مون کي پئسن جي ضرورت ناهي.“
”اهي پئسا توهان رکو، توهان جي ڪپڙن لاءِ آهن، ان ڏينهن توهان جي قميص ڪالر وٽان ڦاٽل هئي. هنن پئسن مان توهان پنهنجي لاءِ ڪپڙا وٺجو.“ فرزانه چيو.
هُن عمران جي کيسي ۾ زوري پئسا وڌا ۽ ٻئي ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪري آيا. ڪجهه مهينن بعد فرم جي موڪل واري ڏينهن عمران کي فرزانه فرم جي مالڪ ساڻ ڪار مان لهندي ۽ هڪٻئي سان هٿ هٿ ۾ ڏيندي طارق روڊ جي ساڳي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيندي نظر آ ئي. عمران سوچڻ لڳو:
منهنجي حيثيت هُن اڳيان ان ويٽر جيتري هئي جنهن کي بل مان بچيل پئسا ”ٽپ“ طور مليا ۽ مون کي به...!!!
*
راشن جو ٿيلهو
ماڻھون خوف کان گهرن ۾ قيد ٿيا ويٺا هئا، روڊن تي پوليس جون چيڪ پوسٽون لڳل هيون گاڏين ۾ ٽن کان وڌ ماڻھن جي ويهڻ تي پابندي هئي.
چونڪن تي ڪبوتر بک ۽ اڃ مان تڙپي رهيا هئا ، جن اڳيان اڳ ٻاجهر ۽ پاڻي جا ڪونڊا ڀريل رکيا هوندا هئا ،اڄ اهي ٻاجهر جي هڪ هڪ داڻي لاء ترسي رهيا هئا٠ ڪانو، سرڻيون اڳ ڪاساين جي ڪٺل ڍڳين ۽ ڪڪڙين جي ڇيڇڙن ۽ آنڊن کي کائي ڍھ ڪرڻ بعد اڏرندي ڪنهن ماڻھون يا گاڏي مٿان ڪيرائيندا ويندا هئا ،اهي اڄ بک وچان وڻن ۽ عمارتن جي ڪنڊن کائنچن ۾ خاموش ويٺل هئا.
هنن کي لاڪ ڊائون بعد بک کان مري ويل سندن ئي ساٿي پکين ،جو گوشت کائڻ لاء ملي پيو جيڪو هنن جي نڙين تان هيٺ ڪنهن زهر جي ڪڙي گوري جيان نه پيو ڇڻين.
پکين کي بک ۽ اُڃ سبب مرندي ڏسي چونڪن تي بيٺل سپاهي ڪبوترن جي ڪونڊن ۾ پاڻي ۽ پنهنجي ماني مان ڪجهه حصو بچائي ڳڀا ڳڀا ڪري ڪونڊن ۾ وجهڻ لڳا٠
خالي روڊن تي تيز هوائون زونڪاٽ پيون ڪن
مهيني جي پهرين تاريخ اچڻ بعد پگهارون وٺڻ وارن جي بينڪن اڳيان رش نظر اچڻ لڳي ۽ شھر جي فٽ پاٿن تي ڪجهه مزدور بيلچن، ڪوڏارين ساڻ اچي ويٺا هئا.
وبا جو خوف ۽ غريبن ۾ بک شھر جي چئني پاسي پکڙجي چڪي هئي ، شھر جي ڪجهه امير ماڻھن پنهنجين تجورين جا منهن غريبن لاءِ کولي ڇڏيا هئا.
فٽ پاٿن تي ويٺل مزدورن ۾ سرڪاري ۽ ڪجهه فلاحي ادارن جا ماڻھون راشن جا ٿيلا ورهائي رهيا هئا.
انهيءَ شھر جي هڪ رهواسڻ چمبيلي پنهنجي مڙس ڀولا کي چوڻ لڳي:
”سڄي زندگي ڪوبه ڪم نه ڪيئي، مان ئي پنهنجو جسم کپائي تنهنجو ڀڀ ڀريندي رهيس، اڄ ته ٻاهر وڃين ڏس ماڻهون راشن ورهائيندا هوندا.“
”مونکي ڪهڙي خبر ڪهڙو ماڻھون ٿو راشن ورهائي.“
”هن وبا ڪري منهنجا سڄاڻڻ وارا مونکان پري ڀڄي ويا آھن نه ته توکي علاض ڪون ڪيان ها ٠٠٠٠٠٠٠٠ “
ٻئي ڏينهن پنپهرن جو هوءَ گهران نڪري پنهنجي دوست نوشي جي گهر اچي پهتي. نوشي جو گهر هن جي گهر کان گهڻون پري نه هو ، هڪ گهٽي ڇڏي ٻئي گهٽي جي موڙ تي ئي هو. هوءَ نوشي وٽ پهچڻ بعد ساڻس حال احوال ڪندي پنهنجي گهر جي سڄي صورتحال کان کيس آگاھ ڪيو.
هوءَ چمبيلي جي سڄي ڳالهه ٻڌڻ بعد ساڻس پنهنجي گهر جو ڏک اوريندي کيس چوڻ لڳي:
”مون وارو مڙس جنهن سڄي حياتي منهنجي ڪمائي کاڌي اڄ جڏهن ماڻھون اسان کان پري ڀڄي رهيا آھن ، هن وقت به هي ڪٿان راشن وٺي اچڻ جهڙو ناهي ، سڄو ڏينهن پيو پلنگ تي پاسا ورائي، مهيني جو ٻڌل کير وارو روز کير ڏيو وڃي ڊبل روٽي وارو صبح روٽي ڏيو وڃي، هن مهيني جي بجلي ۽ گئس جو جو بل به ناهي ڀرايو ،مسواڙ وارو مسواڙ گهرڻ آيو هو ،گهر جي راشن جا سڀئي ڌٻا خالي پيا آھن.“
چمبيلي نوشي جي ڳالھه ٻڌڻ بعد کيس وڌيڪ ڪجھه چوڻ بنا کائنس موڪلائي سندن گهران نڪري پئي. هيءَ نوشي جي گهران ٿي پنهنجي گهر جي در تي پهتي، چمبيلي اٺاويهن سالن جي خوبصورت ، قداور ، ڳوري، سندس سنهي چاٻڪ جهڙي چيل هئي٠ ٽپهري جو وقت هو، سخت گرمي هئڻ سبب پگهر سندس ڀورڙن وارن جي چڳن مان ٽمندو هن جي سنهڙي ڊگهي ڳچي تان ھيٺ ڇڻندي ڇاتي مٿان پئي سندس چولي کي پسائي کيس پاتل بريزر سان چمبڙائي ڇڏيو.
چمبيلي جي در وڄائڻ جي آواز تي ڀولا جئين ئي در کوليو ته هوءَ پريشاني ۽ ڪاوڙ سبب گهر اندر داخل ٿيندي ئي ڀولا کي جيڪو کيس منهن مان اچي پيو، مڄو ، دلال چوندي ڪمري اندر پلنگ تي پنکو کولي وڃي ويهه ٿي.
هيءَ پلنگ تي ويهڻ بعد به ڳچ دير پنهنجي منهن ڳالهيندي رهي.
ڀولا جو کيس ڪو جواب نه ڏيڻ بعد ڪجهه دير جي خاموشي کان پوءِ چمبيلي کيس چوڻ لڳي:
” گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڇا کائينداسين.“
”نوشي کان ڪجهه وٺي اچين ها.“
”اهي به پاڻ وانگر پريشان هئا. “
شام ٻنهي صبح واري بچيل ڊبل روٽي چانهه سان کائي لاتي.
رات جو ٻئي لنگهڻ وڃي پنهجن بسترن حوالي ٿيا ،ڀولا ته بستري تي ليٽڻ ساڻ ننڍ پئجي ويو ،چمبيلي بستري تي ليٽي سوچيندي رهي ته منهنجا سڃاڻڻ وارا به وبا جي ڀوھ سبب منهنجو فون نه پيا کڻن نه ته اڳ سمھڻ ئي نه ڏيندا هئا ، فون مٿان فون پيا ڪندا هئا، هن جي اک سوچيندي سوچيندي لڳي وڃي ٿي.
رات دير سان چمبيلي وارن جي گهر جي در وڄڻ جو آواز ٿئي ٿو، در جي آواز تي چمبيلي جي اک ننڊ مان کلي پئي ٿي.
هيءَ اکيون مهٽيندي بستري تان اٿي اهو سوچيندي ته هن مهل منهنجو ئي ڪو سڃاڻڻ وارو هوندو، هي در جي ڪنڊي ڪڍي در کولي ڏسي ته ٻاهر ڪوئي به ناهي ، در تي ڪنهن کي نه ڏسي سندس دل لهي وڃي ٿي ، ڪجھه دير در تي بيھه ھيڏان ھوڏان ڏسندي اچانڪ سندس نظر در جي اوٽ ۾ رکيل راشن جي ٿيلهي تي پئي ٿي.
*
رڪشو
گارڊن واري علائقي جمن شاهه ۽ لسٻيلي جي وچ ۾ هڪ نم جو عاليشان وڻ مين روڊ تي لڳل هو، جنهن کي لڳي اندازي مطابق سئو سال جو عرصو ٿيو هوندو.
اهو وڻ ان ڇتي گرمي ۾ واٽهڙو مسافرن ۽ رڪشا ٽيڪسي وارن لاءِ قدرت جي نعمتن مان هڪ نعمت هئي.
اونهاري جي ڇتي لُڪ ۽ سج جي تپش، صبح يارهين وڳي کان شام چئين وڳي تائين هلندي هئي. تنهن ڪري شهر ۾ سناٽو ڇانيل هوندو هو، باقي اهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ نم يا بڙ جا وڻ ٻيا به هئا. جتي انهن رڪشا ۽ ٽيڪسي وارن جو ٺڪاڻو هوندو هو.
اهي سڄو ڏينهن جيڪر شهر ۾ سواري لاءِ گهمن تڏهن به کين روڊن تي سناٽو ملندو هو. جيڪڏهن ڪو پسينجر ملي پوين ته بنا ڪنهن ريڙ پيڙ ڪرڻ جي هڪدم مسافر کڻڻ تي راضي ٿي ويندا هئا.
لائق خان به انهن رڪشا وارن مان هڪ هو، جيڪو صبح جو گهران نڪري سڄو شهر ڦري تڏهن به کيس ڪو هڪ مسافر مليو ته مليو نه ته سارو ڏينهن لسٻيلي ۽ گارڊن جي وچ واري علائقي ۾ نم جي وڻ هيٺيان بيٺو هوندو هو. شام جڏهن گهرموٽي ايندو هو ته ٻارڙا اچي ڀاڪر پائي کائنس خرچي گهرندا هئا. انهيءَ مهل لائق خان جي اکين مان لڙڪ ڪري پوندا هئا. ٻارڙن کي ڪجهه دير ڇاتيءَ لائي چمي ڏئي کيسي ۾ پيل رڪشي جي مالڪ کي ڏيڻ وارن پئسن مان پئسا ڪڍي کين ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻارڙا سندس دل جا ٽڪرا هئا.سندس حياتيءَ جو آڪسيجن هئا جن کي ڏسي سڄي ڏينهن جي گرمي سبب ضائع ٿيل اينرجي واپس بحال ٿيندي هئس.
جنهن مهل لائق خان جي زال رضيه گهر جي رڌپچاءَ لاءِ کانئس پئسا گهريا ته هو چوڻ لڳو:
”گرمي سبب ڏينهن جو روڊن تي سناٽو هوندو آهي جنهن ڪري سڄو ڏينهن نم جي وڻ هيٺيان بيٺا هوندا آهيون، هڪ ته مسافر ڪو نه ايندا آهن، جيڪڏهن ڪو مسافر آيو به ته اهي پئسا گئس ۾ خرچ ٿيو وڃن ٿا. مان ڪٿان خرچ پورو ڪيان.“
”ها پر ٻارڙن جي کاڌي لاءِ ته پئسا گهرجن.“
”ها رضيه ! مان سمجهان ٿو، وٺ هي پئسا جيڪي رڪشا جي مالڪ کي ڏيڻ لاءِ رکيا هئم.“
لائق خان پئسا رضيه کي ڪڍي ڏئي ٿو پر مٿس رڪشا جي مالڪ جو قرض چڙهندو ٿو وڃي،ٻئي ڏينهن لائق خان معمول موجب رڪشا ڪڍي گهران نڪتو ته ڪجهه فاصلي کان پوءِ کيس هڪ سوٽ بوٽ ۾ ٽائي لڳل همراهه هٿ ڏنو . لائق خان رڪشا روڪي. همراهه کانئس پڇڻ لڳو:
”حبيب بينڪ پلازهه وٽ وڃڻو آهي ڪيترا پئسا وٺندين؟“
”سر ڏيڍ سئو رپيا.“
”ڏيڍ سئو ته گهڻا آهن.“
”پوءِ توهان کي جيڪي به سهي لڳن اهي ڏجو، ويهي رهو.“
لائق خان رستي ۾ دعا ڪندو پئي ويو ته شڪر آهي اڄ گهران نڪرڻ شرط ڪو مسافر ملي پيو. رڪشا ۾ ويٺل مسافر چوڻ لڳو:
”توهان رڪشا وارن ته باهه ٻاري ڏني آهي، جيترو وڻي ٿو ڪرايو وٺو ٿا، هاڻي ته ڪرائي جي گاڏين جون ڪمپنيون کلي ويون آهن ڪال ڪري ڪنهن به وقت رڪشا ۽ ٽئڪسي پنهنجي گهر گهرائي سگهجي ٿي. مسافرن جي توهان جي چڪ، چڪ مان به جان ڇٽي.“
”صاحب ! اها توهان جي ڳالهه صحيح آهي هتي رڪشا جي گئس ۽ مالڪ جي ڪرايي جي رقم به نٿي نڪري، باقي توهان صاحب لوگ آهيو، جيڪو وڻي چئو.“
لائق خان کيس اچي حبيب بئنڪ پلازه وٽ ڇڏيو ۽ سڄي رستي سوچيندو رهيو هڪ ته گرمي جي ڪري مسافر ٻاهر نٿا نڪرن، ٻيو هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته روڊن تي مسافر گهٽ ڇو آهن، جڏهن کان هي ڪرائي واريون ڪمپنيون کليون آهن اڳي ته ڪارن ۽ وڏين گاڏين جي بڪنگ بابت ٻڌو هو پر هاڻي ته رڪشا به بڪنگ تي ملن ٿا. تنهن ڪري اسان سڄو ڏينهن رلي به رڪشا جي گئس ۽ سيٺ جا پئسا به پورا نٿا ڪري سگهون.
لائق خان کي ائين ڪندي پندرهن ڏينهن گذري ويا ۽ رڪشي جي مالڪ کي ڏيڻ وارا پئسا به ٻارن تي خرچ ڪندو رهيو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن رڪشا جو مالڪ اچي گهر پهتو ۽ کانئس رڪشا واپس وٺي ڇڏيائين.
*
ڍڳيون
مجو صبح ڍڳين کي ڪچري جي ٽپ تي ڇڏي پاڻ ڪنهن ٿاٻي واري هوٽل تي وڃي ويهندو هو، ڍڳيون پنهنجا پيٽ ڀري اچي هڪ وڏي نم جي وڻ ھيٺيان اجهنديون هيون ، مجو جو ڏاڏو ۽ پيءُ به مال جي ڌنڌي سان سلهاڙيل هئا٠سندن واڙي جي چوڌاري وڏيون وڏيون عمارتون اڏجي ويون هيون ،وقت گذرڻ سان گڏ شھر ي آبادي کين چئني پاسن کان گهيري وئي هئي٠سندن گهر جو گذر سفر انهيء مال جي ڌنڌي سان هو.
شھر ۾ گاڏين جي رش ايتري وڌي وئي هئي جو ماڻھن جو روڊ پار ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو هو ،ٽريفڪ جي رش سبب ڍڳين کي روڊ ڪراس ڪرڻ ۾ ڏکيائي ته ٿيندي هئي پر هي شھر ۾ رهي گاڏين جي چرپر، ۽ رفتار کي سمهجي ويون هيون.
هنن جو پاڻ ۾ ايترو چاهه هو جو روڊ ڪراس ڪرڻ وقت هڪ ٻئي پٺيان قطار ۾ گذرنديون هيون ،جيڪڏهن روڊ ڪراس ڪندي ڪا ڍڳي پويان رهجي ويندي ته اڳيون ڍڳيون کيس رنڀي پيون اچڻ لاء آواز ڏينديون هيون، ڍڳيون پويان رهجي ويل ڍڳين جي روڊ ڪراس ڪرڻ بعد اڳتي هلنديون هيون.
هي شھر جون ور وڪڙن واريون گهٽيون لتاڙينديون روڊن تان ٿينديون اچي واڙي پڄنديون هيون.
هڪ ڏينهن مجو شام سج لهڻ کان ٿورو اڳ ڪچري واري ٽپ تان کين ڪاھي گهر آڻي رهيو هو اٺ ڍڳيون سندس اڳيان هيون پاڻ لٺ هٿ ۾ پويان هو ، جئين ئي مجو هن ساڻ اچي مين روڊ وٽ پهتو ته اڳيون چار ڍڳيون روڊ ڪراس ڪري ويون مجو ۽ چار ڍڳيون اڃان پويان هيون ، پويان رهجي ويل ڍڳين ۾ راڻي، ڪونج ، تيلي ۽ رتي هيون ، جئين گاڏين کين ٿوري وٿي ڏني ته مجو کين لٺ سان هڪل ڏيئي روڊ پار ڪرائڻ لڳو،راڻي ۽ ڪونج روڊ ڪراس ڪري ويون تيلي، رتي ۽ مجو پويان هئا.
روڊ ڪراس ڪري ويل اڳيون ڇهه ئي ڍڳيون تيلي،رتي ۽ مجو جي انتظار ۾ رنڀڻ لڳيون ، ايتري ۾ پري کان هڪ ڳاڙھي رنگ جي ڪار تيزيءَ سان اچي رھي هئي ، مجو تيلي ۽ رتي کي روڊ ڪراس ڪرائي رهيو هو ته ڪار اچي کيس ڌڪ هنيو، هُو ڌڪ لڳڻ ساڻ وڃي فٽ پاٿ ۾ لڳو ۽ سندس مٿو ڦاٽي ويو تيلي ۽ رتي اڃان روڊ ڪراس نه ڪيو هو ، ڪار جي زوردار بريڪ جي آواز تي ٻنهي ڍڳين پويان ڪنڌ ورائيندي مجو کي ڌڪ لڳندي ڏسي ورتو هن جي مٿي مان وهندڙ رت ڏسي ڍڳيون مڇرجي پيون،هُو پويان پير وڌي پنهنجن سنڱن سان ڪار کي ٽڪرون هڻي منجهس ڊينٽ وجهي ڇڏيا ، روڊ تي ماڻهون گڏ ٿي ويا ، مجو جو مٿو ڦاٽڻ سبب گهڻو رت وهي رهيو هو سڄي ڦٽ پاٿ رت مان ڳاڙهي ٿي وئي هئي ، کيس ايمبولنس ۾ چاڙھي اسپتال نيو ويو٠
ڍڳيون اچي واڙي پهتيون رتي ۽ تيلي سڌيون اچي مجو جي پيءَ جي کٽ وٽ بيٺيون ڄڻ کيس ڪا ڳالھه ٻڌائڻ چاھين پيون، مجو
جو پيءُ وسايو هن کي ڍڳين ساڻ نه ڏسي سمجهي ويو ته مجو سان خير ناهي، هن پنهنجي پٽن ۽ ڀائيٽين کي هن جي ڳولا لاء موڪليو ، ڇوڪرا ڪجھه دير بعد بازار مان ٿي موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته مجو گاڏي جي ڌڪ لڳڻ سبب گذاري ويو آھي ، اهاخبر ٻڌڻ بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ڍڳيون هنجون هارينديون رهيون.
*
مِٺِي
هن جي مٺيءَ کان الڳ ٿي وڃڻ بعد زندگي جو هر پل کيس ڪنهن زخم جيان ڏکائڻ لڳو. هو هر روز ڪو نئون بهانو ڳولي گهران نڪري پوندو هو. گهر ۾ ويٺي کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ گهرکيس کائڻ ايندو هجي، ان ڏينهن هُو پنهنجي آفيس کان نڪري ليکڪ دوست جي آفيس اچي پهتو. عمران کي سندس ليکڪ دوست ڪچهري دوران شهر جي هڪ هال ۾ هڪ تقريب جو ٻڌايو، عمران سوچڻ لڳو تقريب ۾ شرڪت بعد شايد سندس ذهن تي سوار بوج جو وزن گهٽجي پئي تنهن ڪري هي پنهنجي دوست ساڻ تقريب ۾ وڃڻ لاءِ نڪري پيو آفيس کان رڪشا ۾ چڙهي ڪجهه دير بعد ٻئي هال جي مين گيٽ اڳيان رڪشا مان لٿا.
رڪشا مان لهڻ بعد هال جي روڊ واري گيٽ مان داخل ٿيندا هال جون ڏاڪڻيون چڙهي وڃي اندر پهتا، هال ۾ پنج سو ماڻهن جي ويهڻ لاءِ لڳل ڪرسين مان آخري قطار ۾ ڪجهه ڪرسيون خالي هيون، باقي سڄو هال ماڻهن سان ڀريل هو، هي پوئين سيٽن تي ويهي رهيا. هال جون سموريون لائٽون وساميل هيون. اسٽيج پويان لڳل اسڪرين جي کلڻ تي سڄو هال روشن ٿئي ويو هال ۾ ويٺل سمورا ماڻهو ڊائيس تي تقرير ڪندڙ هڪ مقرر جي تقرير ايتري غور سان ٻڌي رهيا هئا، عمران کي لڳو ته شايد مقرر ڪنهن اهم موضوع تي تقرير ڪري رهيو آهي.
هن جي خطاب ۾ ايترو اثر هو، جو ماڻهو ٿوري به بوريت محسوس نه پيا ڪن، پر هن جي بوريت وڌندي پئي وئي، هي هال مان ڪرسي تان اٿي پنهنجي ليکڪ دوست کي هٿ سان پاڻي پيئڻ جو اشارو ڪندي هال کان ٻاهر اچي اتي لڳل واٽر ڪولر مان پاڻي پي اٿي بينچ تي ويهي سگريٽ ڪوٽ جي اڳين کيسي مان ڪڍي ٻاري تنهن جون ڦوڪون ڪڍڻ لڳو سگريٽ جي ختم ٿيڻ تي بوٽ سان فرش تي اونجهائي هال ۾ وڃڻ لاءِ اٿي پيو ۽ اچي هال اندر پهتو هال مٿان کان هيٺيائين تائين ڪرسين جي قطار ۾ جڙيل هو عمران جي سيٽ هال جي مٿاهين حصي تي هئڻ سبب کيس سارو منظر آساني سان نظر آيو پئي جئين ئي اسٽيج تي تقرير ڪندڙ مقرر جي تقرير ختم ٿي ته عمران پنهنجي ليکڪ دوست کي چوڻ لڳو:
”يار هن مقرر ته ڊگهي تقرير ڪئي.“
عمران جي ٻئي پاسي کان ويٺل هڪ همراهه اُها ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳو:
”شايد توهان کي خبر ناهي هي هڪ وڏو مقرر آهي.“
عمران ان همراهه کي ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ خاموش ٿي ويهي رهيو، هن جي چهري تي رونق ۽ مرڪ ان وقت آئي جڏهن هن اسٽيج تي ڪمپئرينگ لاءِ آيل هڪ خوش شڪل خوش رنگ خوش لباس خاتون کي ڏٺو، اسٽيج پويان لڳل اسڪرين تي ان ڪمپيئر جو چهرو ايترو چٽو نظر اچي رهيو هو.
کيس ڏسڻ بعد عمران جي ذهن تي سوار بوج لهي ويو. هي ڪر کڻي اڀو ٿي ويهي رهيو اسڪرين تي ڪمپيئر جي چهري جا نقش کيس پاتل وڳو ۽ سندس وار ايترا چٽا نظر اچي رهيا هئا، جو هي کيس ڏسڻ بعد پنهنجي مٺي جي يادن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. عمران ڪمپيئر جي شڪل ۾ کيس ڳولهڻ لڳي ٿو. هن جي وارن جو اسٽائيل ۽ کيس پاتل جوڙو ۽ سندس چپن تي لڳل لپسٽڪ ۽ ٽوپس جيڪي سندس دوست پائيندي هئي، هوبهُو تنهن جهڙا لڳي رهيا هئا، هن جا وار ريشمي سڳي جيان چمڪندڙ لڳن پيا، جن کي هن پوني ۾ سوگهو ڪري ٻڌي ڇڏيو هو، سندس نرڙ تي چنڊ چمڪي پيو، هن جا ڳل ڏاڙهو جي لالاڻ جيئان لال لڳي رهيا هئا، سندس ڳچي سنهي ۽ ڊگهي هئي، هُن جو بدن مضبوط ۽ ٻانهون ڊگهيون، ڇاٿي موڪري ۽ ڪلهن تي ڪارو رئو رکيل هيس، هوءَ پنهنجي حُسن ۽ ويس ۾ ٻهڪي پئي، هوءَ جيئن ئي ڪنهن مقرر کي مدعو ڪرڻ بعد پنهنجي سيٽ تي وڃي ويهي پئي، عمران جون نظرون سندس پيڇو ڪن پيون، هن کي پنهنجي دوست جي صورت هن ڪمپيئر ۾ نظر اچڻ لڳي.
جنهن مهل ڪنهن مقرر جي تقرير ختم ڪري وڃڻ بعد هوءَ ٻيهر اسٽيج تي اچي پئي ته عمران کيس اسڪرين تي ڏسي ٻهڪي پوي پيو. هن جي بوريت ختم ٿي چڪي هئي. کيس لڳي رهيو هو ته ڄڻ سندس دوست هن ئي هال ۾ موجود آهي، پر هي وٽس پهچي نه پيو سگهي، مقرر اچي ڇا تقرير ڪري وڃي رهيا هئا، ڪجهه به سندس سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو، هو هن جي انتظار ۾ ڊائس ۽ سندس ڪرسي مٿان اکيون کُپائي ويٺو هو. ڪيترا مقرر اچي تقريرون ڪري موٽي ويا، عمران ڪمپيئر جي حسن جا چاڳ مستيون پسي کيس هر هر اکين اڳيان سندس دوست جي شڪل گهمي رهي هئي، جنهن وقت هُن ڪمپيئر پنهنجي وارن جي پوني کولي کين ڇنڍيو. ان وقت هن جا وار عمران مٿان ڪڪرن وانگر ڪڙڪي وڄ ڪيرائي ويا، هوءَ جهڙي طرح مرڪي ماڻهن سان ملي رهي هئي، اهو سندس انداز عمران کي هوبهو پنهنجي مٺي جهڙو لڳي رهيو هو، هي چاهي پيو ته مان به ساڻس ٻين ماڻهن وانگر ملي سندس ڀر ۾ خالي ڪرسي تي وڃي ويهان، پر ساڻس اڻواقفيت سبب اهو سڀ کيس مشڪل لڳي رهيو هو، هن جي خواهش هئي ته ساڻس منهنجي واقفيت ٿئي. پروگرام جي آخري مقرر جي تقرير دوران هڪ رسالو ڪمپيئر جي هٿ ۾ ڏسڻ بعد سندس خوشي ڏسڻ وٽان هئي.
هي سوچن جي درياهه ۾ غوطو هڻي سوچڻ لڳو:
هن رسالي ۾ ڇپيل منهنجي ڪهاڻي پڙهڻ بعد هُوءَ مونکي سڄاڻڻ لڳندي پروگرام جي ختم ٿيڻ تي هال جون لائيٽون هڪ دم کلي ويون عمران جي ليکڪ دوست کيس هٿ هڻي اٿڻ لاءِ چيو عمران سوچن جي دنيا مان جهٽڪو هڻي ٻاهر نڪري آيو، ۽ ساٿي ليکڪ ساڻ هال مان اٿي ٻاهر نڪري آيو.
*
اُٿل
اها سندن روز جي روٽين ھئي، انهيءَ بهاني هڪ ٻئي سان دل جون ڳالهيون به ڪري وٺندا هئا. ٻئي ايم، اي، فائنل جا اسٽوڊنٽ هيا، سندن هڪ ٻئي سان قربت جي سڄي ڪلاس جي شاگردن کي خبر پئجي چڪي هئي ٻنهين جو هڪ ٻئي سان چاهه ۽ قرب وڌندو ويو. چاهت ۽ قرب جي نه ڪا ديوار۽ نه وري کيس ڪو ٻنڌ ٻڌل آهي. دل ۾ چاھ جا جيترا به ورڪ آهن، سي جيترا کوليندو ايترا کولندا ويندا. کين هڪ ٻئي سان ايترو چاهه هيو جو خاندان، ذات وارا ويڇا کين راءِ جو ڪو ڊڳ لڳي رهيو هئن. هنن ڪڏهن اوڏانهن ڌيان نه ڏنو ۽ ٻئي چاهه ۽ محبت جي دنيا ۾ گم رهيا. وقت پاسو ورايو، سندن يونيورسٽي جا ڏينهن ختم ٿيا ۽ ٻئي وڃي گهر پيڙا ٿيا.
يونيورسٽي ۾ سندن گڏ گذاريل ڏينهن وسارڻ يا دل تان لهڻ مشڪل هئا. يونيورسٽي ڇڏڻ بعد به ٻئي هڪ ٻئي سان ملندا رهيا. هڪ ڏينهن شهر جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ سندن ملاقات وقت رخسانه آفتاب کي پنهنجي گهر وارن طرفان سندس سؤٽ سان رشتي جي ٿيل ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن جو سؤٽ پرڏيهه ۾ رهندو هو ۽ ان جو والد پنهنجي پٽ جو رشتو رخسانه سان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڏيهه آيل هو. آفتاب رخسانه جي رشتي جي ڳالهه ٻڌي پريشان ٿئي ويو. ڪجهه دير مٿس ماٺ ڇانيل رھي. ٿوري دير جي خاموشي کان پوءِ رخسانه کي چوڻ لڳو:
ڀلا تو ڇا چئين.....؟ ڪهڙو جواب ڏني....؟
”رخسانه : مون کان ڪنھن پڇائي نه ڪئي ته مان ڇا چوان ھا.“
هُوءَ صفا ماٺيڻي ۽ سٻاجهڙي هئي، پر سندس دل آفتاب لاءِ ڌڙڪندي هئي. ڪجھ دير ريسٽورنٽ ۾ ويهڻ کان پوءِ ٻئي گهر لاءِ نڪري پيا پر ٻنين جي چهرن تي اداسي ۽ مايوسي مڪمل هنڌ وڇائي ڇڏيو هو. رخسانه جو چاچا ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻيهر رخسانه جي والد سان رشتي جي ڳالهه دهرائي چوڻ لڳو:
”امان مرحيات جي به اها خواهش هئي، ته اسان ٻچن جا رشتا پاڻ ۾ ڪريون جنهن ڪري ڀاءُ مان پرڏيهه مان هلي هتي پنهنجي وطن پٽ جو رشتو پنهنجن سان ڳنڍڻ آيو آهيان، اميد آهي ته توهان مون کي انڪار نه ڪندا.“
ها ڀاءُ امان مرحيات مون سان به آفتاب ۽ رخسانه جي سڱ جي ڳالهه ڪئي هئي تڏهن رخسانه ۽ آفتاب به ننڍڙا هيا، جنهن ڪري ڪو جواب ڪون ڏنم.
تنهنجي پٽ سان پنهنجي نياڻيءَ جو رشتو ڳنڍي ڏاڍي خوشي ٿيندي، منهنجي نياڻي ڏاهي ۽ نماڻي آهي. هوءَ منهنجي فيصلي تي ئي راضي ٿيندي، مون کي ان ڳالهه جي پڪ آهي.
رخسانه رات جو پيءُ لاءِ ماني کڻي آئي ته سندس بابا کيس ويهڻ لاءِ چيو.
هُوءَ پيءُ جي چوڻ تي کٽ تي ويهي رهي. سندس بابا چوڻ لڳو:
”رخسانه مان اڄ هڪ ڳالهه توهان سان ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا منهنجي ۽ تنهنجي چاچا جي وچ ۾ ٿي آهي. توهان جي چاچا ڪريم بخش پنهنجي پٽ عمران لاءِ مون کان تنهنجو سنڱ گهريو آهي. جيڪا ڳالهه مان پاڻ توسان ڪرڻ چاهيم پئي.“
مون کي اُميد هئي ته منهنجي ڌيءَ رخسانه اسان جي فيصلي تي اسان سان گڏ هوندي تنھن ڪري توهان جي چاچا کي مون ها ڪئي آهي.
پٽ...... توهان اسان جي ان فيصلي تي راضي آهيو نه.....؟
اھو ٻڌڻ کان پوءِ رخسانه جي ڪنن ۾ شور جو آواز گونجڻ لڳو.
ڄڻ ڪا زور سان بزل وڃي هجي. پيءُ جي ڳالهه ٻڌي عزت، نؤڙت، ۽ احترامن سِرُ جُهڪائي، وراڻيائين:
”بابا جيڪا توهان جي مرضي.“
۽ کٽ تان اُٿي، پاڻي جو خالي ٿيل گلاس کڻي چوڻ لڳي:
”بابا پاڻي کڻي اچان.“
”ها پٽ“
رخسانه جي پيءُ ڌيءَ رخسانه جي سندن فيصلي ۾ رضامندي سمجهي. مهيني اندر مڱڻون ڪرائي ڇڏيو. هُوءَ پنھنجي ماٺيڻي/ نماڻي مزاج ڪري پيءُ اڳيان ڪجهه به اظهار ڪري نه سگهي.
جنهن ڪري سندس دل جي ڳالهه دل ۾ رهجي ويئي. هن جي تڪڙ ۾ ٿيل مڱڻي واري خبر جڏهن آفتاب تائين پهتي ان خبر هن جي دماغ جي خانن ۾ ڄڻ ڪو زور دار ڌماڪو ڪيو. جنهن ڪري آفتاب سڄو لڏي ويو ۽ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي نه سگھيو. هڪ جاءِ ڏسي اُتي ويهي رهيو، سندس زندگي ويران ٿي ويئي. خواب ريزا ريزا ٿي ويا. ڄڻ وجودئي سڄو ڀري ويس. پر ساهه جي سڳي کيس چُرڻ تي مجبور ڪيو. ۽ اُٿي اچي گهر پهتو.
هن جي چهري تي اُن خبر وڏا نشان ٺاهي ڇڏيا، هو هڪ رولاڪ وجود کڻي رُلڻ لڳو هو. سندس زندگي جئيڻ جون سڀئي خواهشون ختم ٿي چڪيون هيون. رلندي هڪ ڏينهن شهر ۾ ماڻهن جي هڪ اهڙي ٽولي سان اچي مليو. جيڪي پنهنجي وجود ۾ هڪ اهڙو زهر گهوٽي رهيا هئا، جيڪو کين انهيءِ منجهه رهڻ تي مجبور ڪري پيو.
آفتاب شهر جي هيروئن جي نشي ۾ ورتل ماڻھن سان اچي مليو. اهو آفتاب جيڪو خوبصورت زندگي ۽ هڪ گهر جا خواب ڏسي رھيو ھو، تنهن کان ان خبر سوچڻ جي قوت کسي ڇڏي ۽ هي هيروئنچن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويو ۽ ان قاتل نشي جا سوٽا هڻڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن نشي جا عادي کيس مفت ۾ نشو پياريندا رهيا پر جڏهن هُو مڪمل عادي ٿي ويو، ته انهن منجهس هٿ ڪڍي ڇڏيا. هي جدائي واري ڌَڪَ لڳڻ سبب اهڙي وڃي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو جو هو نڪرڻ به چاهي ته نڪري نه پيو سگهي. نشو نه ملڻ سبب کيس اُلٽيون، جلاب ۽ جسم ۾ سخت سور ٿيڻ لڳو.
آفتاب روزانو پئسا ماءُ کان وٺي ان زهر جو هڪ ٽوڪن خريد ڪرڻ لڳو. جنهن مان مشڪل سان ٻه يا ٽي سگريٽ پيءُ پيا سگهجن. سندس امڙ جي کيس پيسا نه هجڻ جو چوڻ بعد هي نشي جي پوراءَ لاءِ گهر جا سڀ سامان هڪ هڪ ڪري کپائڻ لڳو. آخر سندس ڀائرن کيس گهران ڪڍي ڇڏيو. گهران نڪرڻ بعد هي شهر جي رستن تي رُلي پني پنهنجي نشي جو پورائو ڪرڻ لڳو.
عمران پرڏيهه کان رخسانه جي ويزا کڻي پنهنجي ڏيهه اچي پهتو، هڪ ڏينهن عمران ۽ رخسانه شاپنگ لاءِ ڪار ۾ چڙهي طارق روڊ اچي پهتا، موٽ تي سندن ڪار جنهن مهل سگنل تي اچي بيٺي ته آفتاب انهيءَ جو فائدو وٺندي گاڏي ڏانهن هٿ وڌائي پن گهرڻ لڳو. گاڏي کي ڪارا شيشا چڙيل هئڻ سبب آفتاب رخسانه کي ڏسي نه سگهيو پر رخسانه گاڏي اندران آفتاب کي پنهنجي گاڏي جي شيشي اڳيان هَٿُ وڌائي پن گهرڻ مهل چڱي طرح ڏسي ورتو. سگنل کُلڻ سبب گاڏي اڳتي نڪري وئي، ڪنڌ ورائي پويان ڏسڻ لڳي. آفتاب کي ان حالت ۾ ڏسي سندس چهري جو رنگ مٽجڻ لڳو.
عمران چوڻ لڳو:
”سگنلن تي اها مصيبت آهي، جو پنڻ وارا اچي بيهه ٿا رهن.“
عمران جا اهي لفظ رخسانه جي دل تي ڄڻ ڇريون بڻجي وهي رهيا هئا. آفتاب کي ان حالت ۾ ڏسي رخسانه بيچين ٿئي وئي. بي،آرامي سبب بک جو احساس ختم ٿي ويس.
سندس وجود ان پکي وانگر بنجي ويو، جيڪو پنجري مان نڪرڻ جي ڪري ۽ نڪري نه سگهي. سندس ننڊ ختم ٿي وئي. عمران رخسانه جي اها حالت محسوس ڪندي کيس چوڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان ڏسان پيو ته ڪجهه کائو به نٿيون ۽ رات دير تائين ويٺيون هونديون آهيو.
طبيعت ٺيڪ نٿو ته ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن هلون.
”رخسانه: نه عمران الاهي ڇو عجيب بي چيني ٿي رهي آهي، خبر... ناهي ڇا.....؟ آهي.“
”هُوءَ چاهي پئي ته ڪهڙي ريت سندس آفتاب سان ملاقات ٿئي. اهو عمران جي موجودگي ۾ ممڪن نه هو. ڇو جو عمران ڪابه گهڙي هن کان پري نه پيو وڃي. تنھن ڪري هن جي بي چيني اڃان وڌي پئي. هي آفتاب کي ان حال ۾ ڏسي، اندرئي اندر وڍجي رهي هئي.
رخسانه هر حال ۾ آفتاب سان ملڻ پئي چاهيو. ڪجهه ڏينهن بعد عمران کيس چوڻ لڳو:
”امان فون ڪئي آهي، ته ماسي وارن وٽان ٿي اچان. اڄ ٻنپهرن جو اوڏانهن هلنداسين ۽ رات موٽي ايندا سين.“
”عمران منهنجي طعبيت ٺيڪ ناهي امان چوي پئي ته نظر لڳي آهي. اسان جي پاڙي ۾ هڪ مائي نظر پڙهندي آهي. ڪم واري ماسي سان گڏجي اوڏانهن وينديس ۽ جلدي موٽي ايندس. توهان ڀلي ماسي جن وٽان ٿئي اچو.“
”رخسانه ماسي ڇا چوندي ته رخسانه ڇو.....؟ نه آئي.“
”ماسي کي چئجو طبعيت ٺيڪ نه ھيس تنھن ڪري اچي نه سگھي.“
عمران گاڏي ٻاهر ڪڍي نڪتو ئي هو ته رخسانه جهٽ جهٽ ۾ ڪم واري ماسي ساڻ ڪري آفتاب جي گهر لاءِ نڪري پئي.آفتاب وارن جو گھر سندن گھر کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي هو، جتي رڪشا ۾ چڙهي اچي پهتي. رخسانه وڃي گهر جو دروازو کڙڪايو ته اندران آفتاب جي امڙ، نڪتي جنهن رخسانه کي ڏسي اندر سڏي ورتو، هُوءَ يونيورسٽي واري دور ۾ به ھڪ ٻه واري سندن گھر اچي چڪي ھئي. آفتاب جي امڙ گهر جي اڱڻ ۾ رکيل کٽ تي ويهاڻو رکي کين ويهڻ لاءِ چيو. رخسانه ويھڻ ساڻ ئي آفتاب جي امڙ کان هڪ ساهه ۾ ٻه ٽي سوال ڪري ورتا.
”ماسي آفتاب ڪٿي..... آهي؟“
”ڪڏهن ايندو ...........؟.“
”ڪيڏانهن ويو..........آهي؟“
رخسانه کي ڏسندي آفتاب جي امڙ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. جوان پٽ جي نشي ۾ وٺجي وڃڻ سبب سندس جسم ۽ زبان ايتري ڪمزور ٿي چڪي هئي، جو ڪجهه گهڙين جي ماٺ کان پوءِ وراڻائين:
امان آفتاب ڪڏهن ڪڏهن گھرايندو آهي. هو هڪ اهڙي نشي ۾ ڦاسي چڪو آهي، جو کيس ڪنهن به ڳالهه جو هوش ناهي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي، سو به تڏهن جڏهن سندس نشو ختم ٿيندو آهي، سندس ڀائرن کيس پنھنجن زالن جي چوڻ تي گهران ڪڍي ڇڏيو اٿس.
امان منهنجي ٻچڙي کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو هو نشي ۾ ڦاسي پيو.
”امان آفتاب هينئر ڪٿي......؟ هوندو.“
”پٽ چون ٿا ته اڪثر ڳوٺ واري ڍوري جي ڪناري پل هيٺان هيروئنچين سان گڏ هوندو آهي.“
رخسانه جي بيچيني وڌڻ لڳي ته ڪهڙي به حالت ۾آفتاب سان ملي وٺان.
رخسانه بي چيني سبب چوڻ لڳي:
”اما اهو ڍورو ۽ پل ڪٿي......؟ آهن.“
”پٽ اهي گهڻون پري ته ناهن پر اُتي ڪو به چڱو ماڻهون نٿو وڃي. نشائين جو ٺڪاڻو آهي.“
رخسانه پنھنجي پيار جي تڙپ، سڪ، بيچيني ۽ اندر ۾ بڙڪا کائيندڙ اڪير سبب چوڻ لڳي:
”امان مون کي رستو ڏسيو مان وڃي آفتاب کي ڏسي ٿي اچان.“
”نه امان توهان اوڏانهن ڪاڏي وينديون، خراب جاءِ آهي.“
”امان مونکي آفتاب سان تمام ضروري ڪم آهي.“
”پٽ ضدنه ڪيو. اوڏانهن وڃڻ چڱو ناهي“
رخسانه جي بي چيني ۽ تڙپ آُسمان سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. سندس اندر آفتاب کي ڏسڻ جي اُڪير هئي. جيڪا آفتاب کي ڏسڻ کان سواءِ ڪنهن به صورت ۾ ماٺي ٿيڻي نه هئي. ايتري ۾ در جو کڙڪو ٿيو.
آفتاب جي امڙ رڙ ڪري چوڻ لڳي:
”پٽ آفتاب جي دروڄائڻ جو کڙڪو آهي. لڳي ٿو آفتاب اچي ويو آهي.“
رخسانه جي دل آفتاب کي ڏسڻ لاءِ اٿلون کائي رهي هئي. جيئن ئي آفتاب جي امڙ دروازو کوليو ته در اڳيان آفتاب بيٺل هو. جنهن جي جسم تان گوشت لهي صرف هڏ وڃِي باقي بچيا هئا. اکيون اندر پئجي ويون هيس. کيس ڏسي رخسانه جي اکين مان لڙڪ ائين وهي رهيا هئا ڄڻ هماليه جبل جي چوٽي تان پاڻي هيٺ ڪري رهيو ھجي.
رخسانه، آفتاب کي ڏسندي چوڻ لڳي:
”آئون رخسانه آهيان. توهي پنهنجي ڪهڙي.....؟ حالت ڪري ڇڏي آهي.“
آفتاب ڪو جواب ڏيڻ بنا سڌو اچي گهر ۾ پيل کٽ تي ويٺو. رخسانه کيس چوندي رھي.
”توهان کي ڇا......؟ ٿي ويو آهي.“
”هي پنھنجي ڪهڙي.......؟ حالت ڪئي اٿو.“
”مان توهان جو علاج ڪرائيندس.“
”ھاڻي مان توھان کي ڇڏي ڪڏهن به نه ويندس.“
آفتاب ڄڻ رخسانه جون ڳالهيون نه پيو ٻڌي، امڙ پاڻي گلاس آڻي آفتاب کي ڏنو. هن پاڻي پيءَ گلاس پٽ تي رکيو. رخسانه جي اندر محبت جو درياءُ ڇوليون هڻي رهيو هو.
هُوءَ آفتاب جي ھن حال جو ذميوار پاڻ کي سمجهي رهي هئي .
هُوءَ آفتاب جي امڙ کي چوڻ لڳي:“مان آفتاب جي علاج جو پورو بندوبست ڪنديس.”
آفتاب جي امڙ چوڻ لڳي:
”امان قسمت جو کيل آهي، جيڪو ڀاڳ ۾ هوندو آهي اهوئي ٿيندو آهي.“
ڌڻي توکي پنهنجي گهر خوش ۽ آباد رکي.
آفتاب احساسن ۽ جذبن کان آري بيٺو هو، ڄڻ سندس رخسانه سان ڪو به ناتو نه هجي. ڄڻ کيس سڄاڻندو ئي نه هجي.
آفتاب کٽ تان اُٿي ماءُ کي چوڻ لڳو:
”امان مون کي ٻه سوروپيا ڏي، ڏاڍي تڪليف ٿئيم پئي. اُلٽي به پئي اچي. هُو پنهنجي جسم ۽ مٿي جي وارن کي هٿن سان کنهي رھيو ھو، جيڪي مٽي، مر ۽ ڪچري مان ڀرجي چڪا ھئا.“
آفتاب جي امڙ چوڻ لڳي:
پٽ ڪٿان آڻيان پئسا،
ڪير....؟ ٿو ڏي مون ڪراڙي کي. تنهنجا ڀائر ته زالن ۽ ٻارن جي خرچن ۾ پورا آهن. منهنجا ٻچڙا مان ڪٿان آڻيان.
”آفتاب نشي جي تڙپ سبب رڙيون ڪرڻ لڳو.“
رخسانه جي محبت سان ڀريل دل کي جهٽڪو آيو. جيڪا ڇلڪي پئي. هن هڪدم پنهنجي پرس ۾ هٿ وجهي هزار جو نوٽ ڪڍي آفتاب جي هٿ ۾ ڏنو.
هن جو صبر، برداشت سڀ هن جي محبت اڳيان ختم ٿي چڪا هئا. سندس اکين مان وهندڙ لڙڪن جو درياءُ نه پيو بيهي ۽ دل اندر جي انجهن ۾ ٻُڏي چڪي هيس.
هُوءَ آفتاب جي امڙ کي چوڻ لڳي:
”مان ٻيهر ايندس. آفتاب ضرور ٺيڪ ٿي ويندو.“
آفتاب رخسانه جي هٿ مان هزار جو نوٽ وٺي ايئن ڀڳو ڄڻ هو ڪنهن کي سڄاڻي نه پيو. هيءَ آفتاب جي حالت ڏسي بي چين ٿي وئي. کيس اهو احساس اندر ئي اندر کائڻ لڳو ته آفتاب جي هيءَ حالت منهنجي ڪري ٿي آهي. جيڪڏهن مان همت ڪري بابا سائين کي پنهنجي پيار جي باري ۾ ٻڌائي وٺان ها ته اڄ آفتاب ائين نه ھجي ها. رخسانه پنهنجي خيالن جي دنيا کان ٻاهر نڪري آفتاب جي امڙ کان موڪلائڻ لڳي.
آفتاب جي امڙ کيس دعائون ڏيندي چوي پئي:
”پٽ ڌڻي توکي آباد رکي شل سُکي هجين.“
هُوءَ رڪشي ۾ چڙهي اچي گهر پهتي ته اڃان عمران نه آيو هو.
رخسانه جي گهر پهچڻ جي ڪجهه ئي دير کان پوءِ گهر جي گيٽ تي گاڏي جو هارن وڳو. عمران گاڏي مان لهي سڌو ڪمري ۾ اچي ڪرسي تي ويٺو، ۽ شوز لاهڻ لڳو. رخسانه پاڻي جو گلاس ڀري کڻي آئي. عمران شوز جا ليس کولي رهيو هو.
هن پاڻي جو گلاس ميز تي رکيو ۽ چوڻ لڳي:
”عمران ماني کڻي اچان.“
” نه ماسي جن کان کائي آيوآھيان.“
”رخسانه ڇا ڳالهه آهي توھان جو چھرو لٿل لڳي رهيو آهي.“
”ٿوري طبعيت ٺيڪ ناھي.“
”توهان کي چيو هيم ته ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. توهان الاهي ڇو ڊاڪٽر ڏي وڄڻ کان نٽائي رهيون آهيو.“
”ھا عمران هلنداسين. پاڻي پئي وٺو.“
عمران ميز تان پاڻي وارو گلاس کڻي ٻئي گلاس واپس ميز تي رکيو ۽ رخسانه کي چوڻ لڳو:
”رخسانه مان ڪپڙا چينج ڪري وٺان.“
”مان چانهه ٺاهي ٿي اچان.“
”ها رخسانه ڀلي چانهه کڻي اچ مٿي ۾ سور اٿم.“
رخسانه ڪجهه دير بعد چانهه ٺاهي کڻي آئي، عمران آرام سان بيڊ تي وهاڻو چيل هيٺان ڏيئي ويٺو هو ڪپ رخسانه کان وٺي، چانهه جون سرڪيون ڀرڻ لڳو.
هوءَ سامهون رکيل ڪرسي تي اچي ويٺي.
هن جي چهري تي، ڏک ۽ غم وارو تاثر چٽي نموني نظر اچي رهيو هو.
عمران چانهه پئي ڪپ سامهون ٽيبل تي رکيو ۽ چوڻ لڳو:
مان جڏهن کان آيو آهيان توھان کي اداس، پريشان ڳڻتي ۾ ڦاٿل ٿو ڏسان. مان مڱيندي سان گڏ توهان جو ڪزن به آهيان.جيڪر توهان مون کي ان لائق ڄاڻون ته مون سان پنهنجي دل جي ڪابه ڳالهه شيئر ڪري سگهو ٿيون.
”بس ڪجهه ڏينهن کان طعبيت خراب آھي تنھن ڪري.“
اهو ئي ته چوان ٿو ته ڪنهن ڊاڪٽر کي ھلي ڏيکاريون. يا ڪا پريشاني آهي، ته توهان بناڪنهن هٻڪ جي مون سان شيئر ڪري سگهو ٿيون.
”رخسانه دل جي ٻڏ تر ۾ ھئي ته آفتاب ۽ منهنجي پيار واري ڳالهه مان عمران سان ڪيان، يا نه ڪٿي ڪو ڪهرام نه مچي پوي. بابا کي جي خبر پئي ته ڇا....؟
چوندو. عمران ڇا....؟ سوچيندو. وقت هٿن مان نڪري چڪو آهي. هاڻي سڀ بيڪار آهي. هن سوچن جي سمنڊ ۾ ٽٻي هنئي هئي. عمران آواز ڏنس رخسانه ڇرڪ ڏئي پنهنجي خيالن واري سمنڊ مان ”جي“ چئي ٻاهرنڪري آئي.
عمران چوڻ لڳس:
”رخسانه ڪھڙن خيالن ۾ گم ٿي وئي هئين. توهان جيڪر مون سان پنهنجي دل جي ڳالهه شيئر ڪندا ته توهان جو بار گهٽجي ويندو.“
هُوءَ اندر ۾ ڏاڍي تڙپي رهي هئي، ته عمران سان سڄي ڳالهه شيئر ڪري وٺان. پرکيس هڪ اڻڄاڻ خوف روڪي رهيو هو. عمران ڳالهين دوران هن جي چهري تان اهو محسوس ڪري ورتو ته هُوءَ ڪنهن ڳالهه جي ڪري سخت پريشان آهي.
رخسانه چوڻ لڳي:
”عمران توهان ڀلي آرام ڪريو، مان به گهر جو ڪم ڪري وٺان.“
هُوءَ ڪمري کان ٻاهر آئي، پر کيس آفتاب جي حالت ۽ پنهنجي گهر جي ماحول ۽ سندس عمران سان ٿيل مڱڻي اهي سڀ سوچون کيس باربار منجهائي رهيون هيون ۽ اچي پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ليٽي پئي، پر سوچن جو طوفان کيس ننڊ ڪرڻ نه پيو ڏيئي اهو سوچي پئي ته پنهنجي دل جي ڳالهه عمران سان ڪيان يا نه!
سڄي رات انهيءَ سوچ ۾ گذريس ڪنهن گهڙي لاءِ ڪا مَس اک لڳي هوندس نه ته سچي رات جاڳندي گذريس، صبح چانهه ٺاهي گهر وارن کي ڏنائين ۽ اچي عمران جي ڪمري ٻاهران بيٺي ته عمران اڃان سُتل، هو ڪجهه ديرکان پوءِ عمران اٿيو ۽ واش روم مان ٿي اچي ڪرسي تي ويٺو سامهون ميز تي رکيل اخبار کڻي ڏسڻ لڳو، تيسين رخسانه به اچي ڪمري ۾ پهتي.
هُوءَ عمران کي چوڻ لڳي:
”توهان لاءِ ناشتو کڻي اچان.“
”ها.. ڀلي کڻي اچ.“
هن ناشتو کڻي اچي ميز تي رکيو، عمران چوڻ لڳو:
”توهان به ويهو.“
”ها مان توهان لاءِ پاڻي کڻي اچان.“
رخسانه پاڻي واري بوتل کڻي اچي ميز تي رکي:
”پاڻ سامهون رکيل ڪرسي تي اچي ويٺي.“
عمران چوڻ لڳو:
”رخسانه پاڻ ڪلهه رات ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته توهان کي ڪابه پريشاني آهي، ته مونسان شيئر ڪريو ڇو ته توهان جي چهري مان خبر پوي پئي، ته توهان رات به صحيح طرح ننڊ نه ڪئي آهي، جنهن ڪري توهان جون اکيون سڄيل آهن.“
رخسانه سڄي رات جي سوچ ۽ پريشاني سبب ٿڪل ۽ ڪمزور لڳي رهي هئي. هن جي اندر جي اٿل پٿل کيس عمران سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ اڻ تڻ ڪري رهي هئي. سندس اندر جي ڳالهه اندران نڪري زبان تائين آئي ۽ اڌ ۾ رڪجي ويس.
عمران چوڻ لڳو:
”رخسانه جيڪا به ڳالهه آهي چئي ڏيو.“
”نه عمران ڪجهه به ناهي.“
”توهان جي فيلنگس کي مان سمجهان ٿو، مون کي لڳي رهيو آهي ته توهان ڪنهن ڳالهه جي ڪري پريشان آهيو.“
رخسانه همت ٻڌي کيس چوڻ لڳي:
عمران توهان سان جيڪا ڳالهه مان ڪرڻ وڃان پئي اها مان ٻئي ڪنهن سان به نه ڪئي آهي، مون کي توهان جي دلجاءِ ڏيڻ کان پوءِ لڳو ته توهان جي اندر به هڪ سٺو انسان موجود آهي.
عمران توهان جي ۽ منهنجي هن رشتي ٿيڻ کان اڳ منهنجي يونيورسٽيءَ جي ڪلاس ميٽ آفتاب سان سٺي ڳالهه ٻولهه هئي، اسان ٻئي هڪ ٻئِي کي پسند ڪندا هئا سين. يونيورسٽيءَ جي فائنل امتحان کان اڳ آفتاب مون کي اچي چيو هو، ڇو نه پاڻ هڪ اهڙي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وڃون جو سڄي زندگي گڏ رهي سگهون.
تنهن تي مون کيس چيو هو ته ان لاءِ توهان کي پنهنجا مائٽ وٺي منهنجي مائٽن سان ڳالهائڻو پوندو. يونيورسٽيءَ مان فارغ ٿيڻ بعد به هن جا گهر وارا اسان جي گهر نه آيا ۽ نه ئي مون ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي گهر وارن سان ڪيو. هڪ ڏينهن بابا اچي مونسان توهان جي رشتي جي ڳالهه ڪئي ۽ مان بابا جي عزت کي سامهون رکي کين سندن مرضي چئي ماٺ ڪئي هئي. جنهن کي بابا منهنجي ها سمجهي چاچا کي رشتي لاءِ ها ڪئي، تنهن بعد توهان جو ۽ منهنجو رشتو ٿيو، پر اها ڳالهه مان آفتاب کي ٻڌائي نه سگهيس. ڪنهن ذريعي اها ڳالهه هُن تائين پهتي، ۽ هو ان خبر کان پوءِ هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو، جتان سندس نڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي، مون کيس ان ڏينهن ڏٺو جڏهن پاڻ طارق روڊ تان شاپنگ ڪري موٽون پيا جڏهن پنهنجي گاڏي اچي سگنل تي بيٺي هئي ان مَهل آفتاب اسان جي گاڏيءَ اڳيان پن گهرڻ لاءِ وڌيوهو، سگنل جي کلي وڃڻ سبب اسان اڳتي نڪري وياسين. ڪارن شيشن هئڻ سبب آفتاب مون کي نه ڏٺو هو. مون آفتاب کي جڏهن کان ان حالت ۾ ڏٺو آهي، منهنجي ننڊ اڏري وئي آهي. هن حالت جي ذميوار مان پاڻ کي سمجهان ٿي، جنهن ڪري ڏاڍي پريشان آهيان منهنجي عزت منهنجي مائٽن جي عزت سڀ توهان جي هٿ ۾ آهي.
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو توهان پنهنجي دل جي ڳالهه مون سان شيئر ڪئي، ان کان به وڌيڪ ان ڳالهه جي خوشي اٿم ته توهان ڪيترو نه خوبصورت دل رکو ٿيون، اهو ڪيترو نه نصيب وارو ماڻهو آهي، جنهن کي توهان جهڙي نازڪ ۽ نرم دل رکندڙ پيار ڪندي هجي.
”رخسانه مان توهان جي ان ڳالهه کي زندگي جي آخري دم تائين پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندس، پاڻ گڏجي آفتاب جي مدد ڪنداسين.“
”عمران ڪٿي مان توهان جو دل ته نه ڏکايو آهي، اگر منهنجي ان ڳالهه سان توهان جي دل آزاري ٿي هجي ته مون کي معاف ڪندا.“
سڀاڻي پاڻ گڏجي آفتاب جي گهر هلنداسين.
”ٿينڪ يو عمران، مان توهان جي زندگي ڀر احسان مند رهندس. ٻئي ڏينهن صبح عمران ۽ رخسانه آفتاب جي گهر لاءِ نڪتا اُتي پهچڻ بعد گاڏي آفتاب جي گهر سامهون بيهاريائون.“
رخسانه گاڏي مان لهي آفتاب جي گهر جو دروازو کڙڪايو، جيڪو آفتاب جي امڙ کوليو تيسين عمران به گاڏي پاسي کان بيهاري اچي رخسانه سان گڏ در وٽ بيٺو.
آفتاب جي امڙ کين چوڻ لڳي:
پٽ اندر اچو، رخسانه ۽ عمران گهر اندر داخل ٿيا.
رخسانه آفتاب جي امڙ سان عمران جو تعارف ڪرائيندي چوڻ لڳي:
”امان هيءُ منهنجو سئوٽ عمران آهي، جيڪو پرڏيهه کان هتي گهمڻ آيو آهي.“
”آفتاب ڪٿي آهي“
”امان اندر ستو پيو آهي، بخار اٿس.“
”مان مان آفتاب کي وڃي ڏسان.“
”ها امان وڃُ ڀلي.“
هوءَ آفتاب جي ڪمري ۾ اچي پهتي، آفتاب هڪ ٽٽل کٽ تي ديوار ڏانهن منهن ڪري سُتل هو رخسانه آفتاب....آفتاب چئي کيس سڏڻ لڳي.
هُو رخسانه جي سڏ جو ڪو به جواب نه ڏئي رهيو هو، نيٺ رخسانه کيس ڪُلهي کان جهلي جيئن ئي پاسو ورايو ته..! آفتاب جون اکيون مٿي کُتل هيون، رخسانه هڪ زوردار رڙ ڪئي..... آفتاب.
*
مڏهاڙ
”ابا لکو سج وڃي هيٺ ڇڻيو آهي ، گهڻي جو شمار ٿيو آهي“
” ڏاڏي چار ٿيا آهن “
”ابا اچي ريڊيو کول“
”ها ڏاڏي اچي کوليان ٿو“
لکانو موٽر سائيڪل صاف ڪرڻ وارو ڪپڙو گهر جي آڳر ۾ رکيل پراڻي ڪاٺي واري ڪٻٽ مٿان رکي گهر ۾ داخل ٿيو٠ هنن جي گهر ۾ ٽي،وي به هو پر ڏاڏي صفوران روز انهيءَ پهر جو اندازو اُسَ گهر جي دري وٽان هيٺ لهي وڃڻ مان ڪندي هئي٠
لکاني گهر اندر لوھ جي وڏي پيتي مٿان رکيل سيلن وارو ريڊيو کڻي ڏاڏي جي کٽ ڀرسان رکيل ڪاٺي جي ٽيبل مٿان رکيو ۽ ريڊيو کولي اسٽيشن رکڻ وارو بٽڻ ڦيرائڻ لڳو ، ريڊئي جي سئي ، جئين، جئين ڦرندي ٿي وئي تئين اسپيڪر مان مختلف اسٽيشن جون آوازون اچڻ لڳيون٠ لکاني ريڊيي جي سئي هڪ هنڌ تي بيهاري ۽ پاڻ ٻاهر وڃي ٻيهر موٽر سائيڪل صاف ڪرڻ لڳو ريڊيو تي ڪورونا وائرس کان بچاء جون تدبيرون اختيار ڪرڻ متعلق پروگرام هلي رهيو هو٠
هنن جي گهر ۾ ڪل پنج ڀاتي هئا٠ لکاني جو بابا آچر امڙ ڀوري، ڀيڻ همچ ۽ ڏاڏي صفوران هئي. آچر کي ڪجھه ايڪڙ زمين جا ۽ ڪجهه مال وٽس هو جنهن مان سندن گهر جو گذر ٿيندو هو٠ ڌيء ھمچ شھر جي اسپتال ۾ نرس جي نوڪري ڪندي هئي، آچر کي ڌيءَ همچ کي ڊاڪٽر بنائڻ جو ڏاڏو شوق هو، ٻارهن درجا پاس ڪرڻ بعد هن ڊاڪٽري لاء انٽري ٽيسٽ به ڏني پر پاس ٿي نه سگهي، ڪاليج تائين همچ ۽ لکانو گڏ هڪڙي ئي ڪاليج ۾ پڙهيا لکانو انٽر ڪرڻ بعد زمين جي سنڀال ڪرڻ لڳو ۽ همچ ڊاڪٽري واري ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ بعد نرسنگ ڪرڻ لاء بي، ايس، ايم ۾ داخلا ورتي.
چار سالن جو ڪورس مڪمل ڪرڻ بعد ھمچ پنهجي بابا کان اجازت وٺي شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ نوڪري تي لڳي٠ ڏاڏي صفوران زندگي جا اٺ ڏهاڪا گذاري چڪي هئي سندس گهر وارو ڏھ سال اڳ بيماري سبب گذاري ويو هو ، هن جي ساڻس شادي ويهه سالن جي ڄمار ۾ ٿئي ھئي، کيس ٻه اولاد ٿيا پٽ آچر ۽ نياڻي عزت ڌيء عزت شادي بعد ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي رهي، صفوران پٽ آچر ساڻ مڙس کوراٽ واري گهر ۾ رهيل هئي ، سڀئي گهر ڀاتي ڏاڏي صفوران جوچوڻ مڃيندا هئا، صفوران کٽ تي ويهاڻي تي ٽيڪ ڏيئي ريڊيو ٻڌو پئي، کيس ريڊئي تي هلندڙ پراڻا ڪلام پسند هئا ڏاڏي ريڊئي تي پراڻن ڪلامن جي اچڻ جو انتظار ڪندي بور ٿئي پئي ۽ زور سان لکاني کي سڏ ڪيائين.
لکانو سندس هڪئي سڏ تي اچي وٽس پهتو.
”ڏاڏي ڇا ٿيو“
”ابا ڪهڙي ٽيشڻ تي رکيو اٿئي“
”ڏاڏي روز انهي اسٽيشن تي رکندو آهيان“
”ابا ڪلاڪ گذري ويو آھي ڪوبه پراڻو ڪلام ڪون هليو آهي ، رڳو پيا چون ڪورونا ، اهو ابا ڇا آھي٠٠٠٠٠٠؟ “
”ڏاڏي اهو هڪ وائرس آهي مڏهاڙ وانگر ان ۾ کنگھه تپ ۽ ساھ ۾ تڪليف ٿيندي آھي.“
” ابا مونکي ته اهو مڏهاڙ ڄمار هليو اچي .“
” ڏاڏي اهو توهان وارو مڏهاڙ ناهي هن وائرس سڄي دنيا کي پنهجي لپيٽي ۾ آڻي ڇڏيوآھي، هزارين ماڻھو مري چڪا آهن.“
هنن جي ڳالين دوران همچ چانھه وارو ٿرماس کڻي اچي وٽن پهتي ٿرماس کي ريڊئي ڀرسان ٽيبل تي رکيائين ٿرماس مان هڪ پيالي ڀري ڏاڏيءَ ۽ لکاني کي ڏنائين،همچ ريڊئي جو آواز گهٽائي ڇڏيو.
ڏاڏي چوڻ لڳي:
”امان همچ مون واري پيالي چڱين طرح آکاري رکجان “
”ها ڏاڏي صفائي تمام ضروري آهي.“
چانهه پيئڻ بعد همچ ٿرماس ۽ پياليون کڻي نَلَ تان آکاري رڌڻي ۾ رکي وڃي ڪمري ۾ رکيل پلنگ تي ويهي ڪتاب پڙهڻ لڳي.
رات جو همچ جي موبائل تي ڪال آ ئي کيس ٻڌايو ويو ته ڪورونا وبا سبب هيلٿ کاتي ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي آهي توهان جون موڪلون ڪينسل ڪيون ويون آهن سڀاڻي پنهنجي ڊيوٽي تي پهچو توهان جي ڊيوٽي ڪرونا وارڊ ۾ لڳائي وئي آهي ، اها سڄي ڳالھه ھمچ پنهنجي بابا کي ٻڌائي آچر ڌي همچ جي نرڙ تي چمي ڏيئي کيس چوڻ لڳو :
”امان همچ هن ڏکئي وقت ۾ توهان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ضرور وڃو، اڄ منهنجو سينو فخر مان چوڙو ٿئي ويو آهي، توهان کي اجازت ڏيندي مان فخر محسوس ڪري رهيو آهيان.
همچ پنهنجي امڙ کي به سڄي ڳالھ ٻڌائي.
امڙ کيس دعائون ڏنيون.
صبح جو سوير همچ تيار ٿئي بيگ ڪُلهي تي ڪري منهن تي ماسڪ ٻڌي اچي ڏاڏي کان موڪلائڻ لڳي.
ڏاڏي کيس ماسڪ منهن تي ٻڌل ڏسي چوڻ لڳي:
”امان هي ڇا منهن تي ٻڌو اٿئي.“
ڏاڏي هي بيماريءَ کان بچاء جو ماسڪ آهي، ڪورانا وائرس کان بچڻ لاء ماسڪ لڳائڻ تمام ضروري آهي. ان کان بچڻ جو هڪڙوئي حل آهي ته ان کان بچڻ جون تدبيرو اختيار ڪجن حڪومت بار بار ريڊيو، ٽي وي ۽اخبارن وسيلي احتياطي تدبيرون ٻڌائي رهي آھي جن تي عمل ڪيون. پنهنجي هٿن کي بار بار صابڻ سان ڌوئڻ کنگھڻ مهل ٺونٺ جي وچ ۾ منهن ڏيئي کنگهڻ غير ضروري ٻاهر اچڻ وڃڻ بند ڪيون گهر ۾ رهون هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيون ۽ حڪومتي احڪامن تي عمل ڪرڻ تمام ضروري آھي.
”امان ڌڻي دنيا جي سڀني ماڻھن کي پنهنجي حفظ ۾ رکي.“
ھمچ بابا امڙ ۽ ڏاڏي کان موڪلائي گهر مان نڪري اسپتال ڏانهن رواني ٿئي.
ٻن هفتن بعد صبح اٺين بجي آچر جي موبائل تي همچ جي اسپتال کان ڪال آئي، آچر موبائل ڪن تي رکي،”يس“ چيو ڪجهه منٽن بعد آچر جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ موبائل سندس هٿن مان ڪري پئي.
*
ڀروسو
تون ڀلي ٿي اچ منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي.
ڇا ٿيو آهي، پوءِ مان نه وڃان.
نه بس ٿورو مٿي ۾ سور اٿم آرام ڪندس ته ٺيڪ ٿي ويندو.
رات دير ٿي ته مان جميلا جي گهر رهي اهي پوندس.
چڱو ٺيڪ آهي.
اميران ۽ جميلا ننڍي لا جون ساهِڙيون هيون، هنن جون شاديون به هڪ ئي سال ٿيون هيون. جميلا کي ٻه ٻار ٿيا، هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ.
اميران ۽ ستار جي شادي کي ارڙهن سال پورا ٿيڻ بعد به ڪو اولاد نه ٿيوهو. هنن ڪيترن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو پرسندن اولاد جي تمنا پوري ٿي نه سگهي. ڳوٺ جون عورتون اڪثر اچي اميران سان سندس مڙس ستار جي گلا پيون ڪنديون هيون. ته تنهنجو مڙس مائي سونا سان ڦٽل آهي. هن جي گهر ساڻس ملڻ ويندو آهي، اميران کين چوندي هئي ته توهان ڪوڙ ٿيون ڳالهايو ستار اهڙو ناهي، اميران ڪڏهن ستار کي ائين به نه چيو هو ته ڳوٺ جون عورتون اچي تنهنجي گلاٿيون ڪن. هن کي ستار تي ايترو ڀروسو هو جو عورتن جون ڳالهيون ڪوڙيون لڳنديون هيس. اُن رات اميران مڱڻي تان رات ئي موٽي آئي. جيئن گهر ۾ داخل ٿي ڪمري وٽ پهتي ته زمين سندس پيرن هيٺان نڪري وئي، گهر جي ٻاهرين در کي ستار ڪنڍي هڻڻ ڀلجي ويو هو. هن ڪمري جي کڙڪي منجهان ستار ۽ سونا کي اعتراض واري حالت ۾ ڏٺو.
هي جيڪا ستار تي ايترو ڀروسو ڪندي هئي. سا پاڻ کي بيوقوف سمجهڻ لڳي، روئيندي هنجون هاريندي ستار ۽ سونا کي ڪجهه چوڻ بنا انهن پيرن تي گهران نڪري وري اچي جميلا جي گهر پهتي.
جميلا اميران کي موٽي اچڻ ته پڇڻ لڳي:
”اميران خير ته آهي، توهان واپس موٽي آيون آهيو.“
اميران روئي هنجون هاري جميلا کي سڄي ڳالهه ٻڌائي.
جميلا منهن تي هٿ ڏيئي چوڻ لڳي:
”گهوڙا... صفا پڇاڙي وقت آهي ستار اهڙو نه هو.“
اميران جو هجنون نه پيون بيهن. چوڻ لڳي:
”مان ته کيس ڪڏهن به نه جهليو هو ته تون ٻي شادي نه ڪر جڏهن اسان کي اولاد نه ٿي ته مان کيس پاڻ شادي جي اجازت ڏني هئي. پوءِ هي اڇو منهن ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هيس. هن منهنجي ڀروسي کي ڌُڪَ رسايو آهي. هاڻي مان هن سان نه رهندس.“
ٻي ڏينهن اميران صبح پنهنجي ڀائرن جي گهر اچي پهتي ستار کي اُها به خبر نه پئي ته ڪو اميران کيس رات ڏسي وئي آهي.
ٻي ڏينهن ستار اميران جي ساهيڙي جي گهر اچي پهتو کائنس اميران جو پڇڻ لڳو.
جميلا رکو منهن ڪندي کيس جواب ڏنو.
”اميران پنهنجي ڀائرن جي گهر وئي آهي.“
ستار ڪجهه ڪوهه پنڌ ڪري اچي اميران وارن جي ڳوٺ پهتو. اميران جي وڏي ڀاءَ وريام جي گهر جو در کڙڪايائين وريام پنهنجي بابا ۽ امڙ جي گهر ۾ رهندو هو. هن جا ماءُ ۽ پيءُ گذاري چڪا هئا. پر سڄي ملڪيت وريام وٽ هئي. هن جي ننڍن ڀائرن جي شادي ٿيل نه هئي. تنهن ڪري گهر جو وڏو وريام هو.
وريام در کوليو ته ٻاهر در تي ستار بيٺل هو. وريام کيس اندر اچڻ لاءِ چيو، ستار اندر داخل ٿيندي پڇڻ لڳو:
”اميران آهي.“
”ها! ادا ستار توهان ويهو ته مان ادي اميران کي سڏي ٿو وٺان.“
وريام ڀيڻ اميران کي اچي ٻڌايو ته ڀائو ستار آيو آهي. ستار جو نالو ٻڌي اميران جو منهن تپي باهه ٿي ويو چوڻ لڳي:
”ادا چئي ڇڏينس اميران هن لاءِ مري وئي آهي.“
”ادي اميران ڇا ٿيو. خير ته آهي نه !“
”ادا توهان کي ٻڌايان ٿي.“
اميران سڄي ڳالهه ڀاءُ وريام کي ٻڌائي وريام ڪاوڙ مان تپي باهه ٿي ويو. اميران ۽ وريام ڪمري مان نڪري ٻاهر ورانڍي ۾ کٽ تي ويٺل ستار وٽ پهتا. وريام به ڪاوڙ مان منهن رُکو ڪيون بيٺو هو.
ستار کين ڏسي کٽ تان اٿي بيٺو. ۽ اميران کي چوڻ لڳو:
”اميران هل ته گهر هلون.“
اميران جي اکين مان باهه جا اولان ٽڙي رهيا هئا.
چوڻ لڳي:
مان جيڪو ڪجهه ان رات پنهنجي اکين سان ڏٺو اهو مان سڄي زندگي وساري نه سگهنديس. اميران توهان جي لاءِ مري چڪي آهي. اهو ٻڌڻ بعد ستار اميران کان معافيون گهرندو رهيو. پر اڄ ستار جي ڪا به معافي تلافي قبول نه پئي اميران جي دل مان ستار لاءِ عزت ۽ ڀروسو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو هو.
*
آسودي
هُن کي زال آسوديءَ جي بيماري جي ڳڻتيءَ اچي ورايو هو. جيڪا سِل جي موذي مرض ۾ ورتل هئي، هُن جي مالي حالت ايتري چڱي نه هئي جو ڪنهن سٺي اسپتال مان سندس علاج ڪرائي سگھي.
ائين لاڳيتو سوچيندي کيس ڳوٺ جي ننڍپڻ جي دوست خير محمد جو خيال ذهن تي تري آيو. جيڪو شهر ۾ ڪنهن فيڪٽري ۾ سپروائزر جي عهدي تي ڪم ڪندو هو. سوچيائين ته ساڻس رابطو ڪري کانئس زال جي بيماريءَ جي حوالي سان ڪا مدد وٺان. ائين سوچيندي سندس اک لڳي وئي.
هُو صبح جو ساجھر اٿي ٻنيءَ ڏانهن نڪري پيو ۽ موٽ تي خير محمد جو ڏسُ سندس ڀاءُ امير بخش کان ورتائين ۽ کانئس فون به ڪرايائين. خادم فون تي ساڻس سمورو احوال ڪيو، جنهن تي هن کيس شهر اچڻ لاءِ چيو.
شام جو ٻنيءَ تان موٽيو ته، زال آسودي ۽ پٽ احمد کي ڪپڙن واري ڪوٿري ۽ پيتي ساڻ گھر ٻاهران نم جي وڻ هيٺان ويٺي ڏٺائين.
هي کانئن حيرت مان پڇڻ لڳو:
”خير ته آ هي، ٻاهر ڇو ويٺا آهيو؟“
آسودي جي اکين مان لڙڪ لَڙي پيا، هوءَ ڪجهه ٻڌائڻ چاهي پئي پر زبان سندس ساٿ ئي نه ڏئي رهي هئي.
نيٺ ڀنل نيڻن سان خادم ڏانهن نهاريندي جهيڻي آواز ۾ چيائين:
”تنهنجن ڀائرن ۽ ڀاڄائين مون کي سِل جي بيماري جو چئي گھر مان تڙي ڪڍيو آهي. مون کين تنهنجي اچڻ جو چيو پر تنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ چيو ته ٻاهر وڻ هيٺيان وڃي ويهو، کاڌو توهان کي اتي پهچائينداسين. تڏهن کان مان ۽ احمد هتي ويٺا آهيون.“
اهو سڀ ٻڌي خادم جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا. هو سوچڻ لڳو ته، ڏکي مهل ۾ رت جا رشتا به جواب ڏئي ڇڏين ٿا، هن همٿ ۽ صبر کي هٿن مان وڃڻ نه ڏنو. سڌو اچي امير بخش سان حال ڪيائين ته ڀاءَ خير محمد کي پهرين تاريخ تي مون اچڻ جو چيو هو، پر منهنجي ڀاڄاين ۽ ڀائرن منهنجي ٻارن کي گھران ڪڍي ڇڏيو آهي. هڪ ڀيرو وري ڀاءُ خير محمد کي فون ڪجو ته مان سڀاڻي صبح واري گاڏي ۾ شهر لاءِ روانو ٿيان ٿو. منهنجي رهڻ جو ڪو بلو ڪجو. امير بخش، خير محمد کي فون ڪري سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيو. خير محمد چيو ڀاءُ خادم کي چئو ڀلي اچي، ڪو بلو ڪري وٺنداسين.
خير محمد خادم کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن گھر اچي آسودي کي صبح شهر هلڻ لاءِ تياريءَ جو چيو.
سڄي رات نم جي وڻ هيٺيان گذاري.آسودي خادم کي چوڻ لڳي شهر هلي پنهنجو گهر وٺي رهنداسين پوءِ اتان اسان کي ڪوئي اٿارڻ وارو نه هوندو. صبح سوير هي شهر لاءِ روانا ٿيا. شام سج لهڻ مهل گاڏي کين اچي شهر ۾ ڇڏيو. جتان رڪشا موٽر ڪري ڀاءُ خير محمد جي گھر پهتا. خادم گھر جي ڪنڊي وڄائي ته کڙڪي ساڻ خير محمد ٻاهر نڪتو.
خادم ۽ ٻارن کي ڏسي هُو دروازو کولي کين چوڻ لڳو:
”ڀاءُ خادم اندر اچو.“
هي رڙ ڪري گهر واري سڪينه کي چوڻ لڳو:
”سڪينه ڏس ڀاءُ خادم ۽ ڀاڄائي آسوديءَ وارا آيا آهن.“
سڪينه رڌڻي مان اٽي وارا هٿ ڇنڊيندي گندي مٿي تي ڪري اچي خادم ۽ آسودي کي هٿ ڏنو ۽ کين کٽ تي ويهڻ لاءِ چيو.
خادم ۽ احمد کٽ تي ويٺا ۽ آسودي پٽ تي. سڪينه رڙ ڪئي:
”ڀيڻ مٿي ويهه“
”تنهن تي آسودي چوڻ لڳي “
ڀيڻ مان پٽ تي صحيح آهيان.
”هُو پاڻي کڻي آئي. پاڻي پيئڻ کانپوءِ خادم خير محمد سان حال احوال ڪيو.
هن جي ڳالهه ٻڌڻ بعد خير محمد چوڻ لڳو:
”ڀاءُ خادم ڳڻتي نه ڪر. مون توهان جي فون اچڻ مهل ئي اسان جي پاسي واري جاءِ جي مالڪ سان ڳالهائي ڇڏيو هو، جاءِ جون چاٻيون به وٺي ڇڏيومانس، مسواڙ 2000 هزار مهينو وٺندو. ايڊوانس ڪونه ڏني مانس. چوي پيو ايڊوانس کان سواءِ آئون جاءِ نه ڏيندو آهيان، توهان جي ڪري ڏيان ٿو. ڪرايو مونکي هر مهيني جي پنج تاريخ تي گھرجي. ها ڪر ڪئي مانس. توهان هاڻي هٿ منهن ڌوئي سفر جو ٿڪ ڀڃيو، ٻيا حال احوال پوءِ ڪنداسين.“
خادم ۽ آسودي سفر جو ٿڪ ڀڳو. سڪينه ماني ٺاهي کڻي اچي خادم ۽ آسودي جي اڳيان رکي.
آسودي چيو:
”ڀيڻ توهان ۽ ڀاءُ خير محمد جو احسان سڄي حياتي نه لاهي سگهنداسين. ڏکي مهل ۾ پنهنجي رت جي رشتن به گھران ڪڍي ڇڏيو.“
”ڀيڻ خير محمد ۽ ڀاءُ خادم ڀائرن جهڙا دوست آهن. اسان ڪو احسان ناهي ڪيو. انسان انسان جي ڪم ايندو آهي. هي ته وري به دوست آهن.“
خادم ۽ آسودي ماني کائي. سڪينه ۽ خير محمد سان ڪچهري ڪرڻ لڳا. خادم ۽ خير محمد ڳوٺ جون ڳالهيون ڪندا رهيا. آسودي ۽ سڪينه خادم ۽ خير محمد جي دوستيءَ جون ڳالهيون ڪن پيون.
ڪچهري ڪندي، ڪندي خير محمد چوڻ لڳو:
”ڀاءُ خادم هاڻي توهان ڀلي آرام ڪيو. سفر جو ٿڪ آهي، پوءِ سڀاڻي ڪچهري ڪنداسين.“
سڪينه کين پاسي واري ڪمري ۾ بسترو لڳائي ڏنو. هو ٿڪل هئا ۽ تنهن ڪري سندن ليٽڻ شرط اک لڳي وئي. صبح ساجھر اٿيا. سڪينه ناشتو کڻي آئي.
ناشتو ڪري خادم، خير محمد کي چوڻ لڳو:
”ڀاءُ اسان کي ڪوارٽر ڏي وٺي هل ته صفائي ڪري هنڌ ٺاهي وٺون.“
”خادم تڪڙ ڇاجي آهي. مان فيڪٽري ٿو وڃان. شام موٽي ايندس. پوءِ هلنداسين.“
”ڀاءٌ تون ۽ مان ڪو پري ناهيون.“
ڪجهه دير بعد خادم ۽ آسودي اچي ڪوارٽر ڀيڙا ٿيا.
خادم آسودي کي چوڻ لڳو:
”پنهنجي ڀائرن گھران ڪڍي ڇڏيو، پر ڀاءُ خير محمد ۽ ڀاڄائي سڪينه جا اسان تي وڏا احسان آهن. هتي رهڻ کانپوءِ مونکي سخت محنت ڪرڻي پوندي. هاڻي اسان ڳوٺ وري نه هلنداسين، ڀلي ڪجھه به ٿي پئي.“
”ها احمد جا پيءُ، شهرن جو خرچ گھڻو آهي.“
”ڌڻي چڱي ڪندو، سڀاڻي ڪا مزدوري ڳولي وٺندس.“
ٻئي ڏينهن خادم مزدوري ڳولڻ گهران نڪتو، شام مزدوري ڪري ڪجھه کائڻ جو سامان وٺي اچي گھر پهتو. ائين روزانو ڏهاڙي مزدوري ڪري گھر جو خرچ هلائڻ لڳو. مزدوري مان ايترا پيسا ملندا هئس جو سندن گھر جي راشن پاڻي ۽ دوا جو خرچ نڪرندو هو. ائين کين ٻه مهينا گذري ويا. خادم کي ڳڻتي لڳي ته مسواڙ جا پيسا ڪٿان ايندا، مزدوري مان ته گھر جو خرچ هلڻ به مشڪل آهي. آسودي گھڻو بيمار رهڻ لڳي. هڪ ڏينهن مسواڙ واري مسواڙ لاءِ اچي در کڙڪايو.
احمد ٻاهر نڪتو ته ٻاهر اڇي وارن وارو هڪ همراهه بيٺل هو، اهو چوڻ لڳو:
”ٻه مهينا گذري چڪا آهن. مسواڙ نه ملي آهي. تنهنجي پيءُ کي چئو ته چار هزار ڏئي نه ته جاءِ خالي ڪري. مون ڪو يتيم خانو ناهي کوليو. اهو چئي اهو همراهه هليو ويو. شام جڏهن خادم گھر پهتو ته آسودي کيس مسواڙ واري جي ڳالهه ڪري ٻڌايس. “
تنهن تي خادم جو هنيانءُ لهي ويو ۽ آسودي کي چوڻ لڳو:
”آسودي هن مزدوري مان ته گھر جو خرچ به مس ٿو نڪري. مان ڪاڏهون مسواڙ جا پيسا آڻيندس.“
”ڀاءَ خير محمد سان ڳالهه ڪر ته ڪا مدد ڪري وٺي.“
”نه آسودي هڪ ته هنن اسان کي جاءِ مسواڙ تي وٺي ڏني، ٻيو وري اهو بار به انهن تي وجھون.“
مسواڙ وارو ايندو ان کي ڇا چئون.؟
”مان ان سان ڳالهائي وٺندس.“
رات خادم مسواڙ واري جي دڪان تي وڃي پهتو، مسواڙ وارو خادم کي ڏسندئي چوڻ لڳو ٻه مهينا گذري چڪا آهن مسواڙ کي ۽ توهان ايڊوانس به ناهي ڏني.
خادم کيس چوڻ لڳو:
”سائين، مان غريب مزدور آهيان، منهنجي گھر واري بيمار آهي، جيڪو مزدوري مان پئسو ملي ٿو سو گھر جي خرچ ۾ پورو ٿئي ٿو وڃي، جلد ڪو بلو ڪري توهان کي مسواڙ ڏيندس.“
”مونکي سڀاڻي تائين مسواڙ گھرجي، نه ته منهنجو گھر خالي ڪيو.“
”سائين مهرباني ڪيو، جلد مونکي ڪا نوڪري ملي پوندي مان توهان جي مسواڙ اوڳاڙي وٺندس.“
”مونکي مسواڙ گھرجي بس.“
خادم نماڻڪو ٿي گھر پهتو. سڄي رات ڳڻتي ۾ سمهي نه سگھيو، نيٺ سوچيندي سوچيندي هن جي اک رات دير ڪنهن مهل لڳي وئي. صبح مزدوري لاءِ نڪري پيو. شام اچي ڏسي ته آسودي ۽ احمد گھر ٻاران ڀت جي ڀر ۾ رلي وڇائي سامان سميت ويٺا هئا.
خادم کين گهر کان ٻاهران ڏسي پڇڻ لڳو:
”آسودي هتي ڇو ويٺا آهيو......؟“
”مسواڙ واري اسان جو سامان گھر مان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڏنو ۽ اسان توهان جي انتظار ۾ ويهي رهياسين.“
”آسودي اهو هن غلط ڪيو آهي.“
“احمد جا پيءُ مسواڙ نه پيا ڏئي سگھون، ته آخر ڪڍي ها.“
آسودي ڪو ته ٺڪاڻو هجي ته اتي هلون، ڀاءُ خير محمد ۽ ڀيڻ سڪينا جا اسان تي احسان آهن. اُنهن کي آزمائش ۾ نه وجھڻ گھرجي، ڪٿي ڏک نه رسي پوي.
”احمد جا پيءُ پوءِ ڪاڏي وڃون...؟“
آسودي مون پڇا ڪئي آهي، هتي هڪ وڏي سِلهه جي اسپتال آهي. اتي اٺن مهينن جو ڪورس ڪرائيندا آهن. اتي هلي توکي داخل ٿو ڪيان، جيسين تنهنجو علاج ٿئي، تيسين مان ۽ پٽ احمد مزدوري ڪري موٽي اچي اسپتال جي پارڪ ۾ سمهي پونداسين. ائين تنهنجو علاج به ٿيندو ۽ اسان مزدوري ڪري ڪجھه پيسا به گڏ ڪري وٺنداسين ۽ پوءِ ڪا جاءِ وٺي اچي رهنداسين.
احمد جا پيءُ منهنجي طبعيت به خراب ٿي رهي، سڄي رات کنگهه کان سمهي نٿي سگھان. کاڌو پيتو به نٿو وڻي. ڀلي اوڏانهن هلو.
خادم وارا انهيءَ مهل ڪپڙا چادرون ۽ کاڌي وارا ٿانو ٻاچڪن ۾ وجھي اسپتال ڏانهن روانا ٿيا. رات وڃي اسپتال جي پارڪ ۾ گذاريائون. صبح (او پي ڊي )لڳڻ مهل آسودي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو.
خادم داخلا لاءِ ڊاڪٽرن کي منٿون ڪيون ڊاڪٽرن آسودي کي داخل ڪري ڇڏيو. خادم ۽ احمد روز گڏ مزدوري تي وڃڻ لڳا شام موٽي اچي آسودي سان ويهندا ۽ رات جو پارڪ ۾ سمهي پوندا هئا. خادم ڀاءُ خيرمحمد کي اطلاع ڏنو ته مون آسودي کي اسپتال ۾ داخل ڪيو آهي. علاج هلي رهيو آهي. ائين ٽي مهينا گذري ويا. اسپتال ۽ ان جي پارڪ خادم وارن جو گھر ٿي وئي.
هڪڙي ڏينهن صبح آسودي خادم کي چوڻ لڳي:
”احمد جا پيءُ اڄ منهنجي طبعيت ٺيڪ ناهي، تون پٽ احمد کي مون وٽ ڇڏي وڃ.“
”احمد جي ماءُ، مان به نٿو وڃان.“
نه احمد جا پيءُ، تون ڀلي وڃ.
احمد کي مون وٽ ڇڏي وڃ.
بس ڪجھه گھٻراهٽ ٿي رهي آهي، گرم گوريون ٿي کاوان، تنهن ڪري ڪا ڳڻتي جي ڳالهه ناهي.
خادم آسودي کان موڪلائي نڪتو ۽ احمد ماءُ جي پاسي ۾ ويهي رهيو. آسودي کي بخار هجڻ سبب احمد سندس مٿي تي پٽي رکي ۽ ڀيڻيون ڏيڻ لڳو. آسودي احمد کي دعائون ڪرڻ لڳي.
ڪجھه دير کان پوءِ آسودي چوڻ لڳي:
”پٽ تون ڀلي وڃي آرام ڪر، مان ٺيڪ آهيان.“
احمد بيڊ تان اُٿي اسپتال جي بينچ تي وڃي ويٺو. ۽ آسودي جي به اک لڳي وئي. ٻن پهرن جو ٻه وڳي اوچتو آسودي جي طبعيت خراب ٿي وئي، پاسي واري مريضياڻي احمد کي سڏ ڪرايو. احمد ڊڪندو آيو ۽ ڊاڪٽر کي سڏ ڪيائين. ڊاڪٽر فورن آسودي جو اچي چيڪ اپ ڪرڻ لڳا ۽ کيس سيني تي زور ڏيڻ لڳا پر آسودي هن دنيا مان وڃي چڪي هئي. ڊاڪٽرن کيس چادر مٿان وجھي ڇڏي، احمد رڙيون ڪرڻ لڳو.
”امان..... امان...“
اسپتال ۾ موجود ماڻهو احمد کي دلاسا ڏيڻ لڳا، احمد روئيندو وڃي اسپتال جي بينچ تي ويٺو. سج جا ڪرڻا اسپتال جي ديوار کان هيٺ لهي چڪا هئا. شام ٿي چڪي هئي، ان وقت خادم اچي اسپتال ۾ داخل ٿيو.
احمد پيءُ کي ڏسي بينچ تان اٿي ڊوڙ پائي پيءُ کي وڃي ڀاڪر پائي روئي چوڻ لڳو:
”بابا... بابا... امان اسان کي ڇڏي وئي. اهو ٻڌي خادم جي هٿن مان آسودي لاءِ آندل فروٽن واري ٿيلهي ڪري پئي.“
خادم روئيندي وڃي آسودي جي منهن تان چادر هٽائي زور سان اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
*
پينون
28 سالن جي عمر ۾ هن شهر ۾ رهندڙ هڪ عورت ارم سان شادي ڪئي کيس شاديءَ جي ٻئي سال هڪ پٽ ڄميو پر ان ٻار جو ڄمندي چيلهه کان هيٺ وارو ڌڙ ڪم نه پيو ڪري. ضمير پٽ جي ڄمڻ تي گهڻيون خوشيون ڪيون، مال خيرات ڪيا. پٽ جو وڏن وڏن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايائين پر سندس پٽڙي جي طبيعت ۾ ڪو فرق نه پئي آيو، هن پنهنجي پٽ تي پنهنجي ڏاڏي جو نالو بخشل رکيو. کيس قدرت واري هر نعمت عطا ڪئي هئي پر هي پٽ جي بيماريءَ جو غم دل سان لڳائي ويٺو.
بخشل جو ڊاڪٽرن آپريشن ڪيو پر آپريشن ٿيڻ کانپوءِ به هو چيلهه جهلي نه سگهيو. وقت گذرندو ويو.
بخشل پيءُ سان ڪچهري ڪندو ڳالهيون ڪندو کيڏندو رهندو هو، ضمير کيس سندس لاءِ وٺي آيل اسڪولي ڪتابن جو سبق پيو پڙهائيندو هو. سندس محبت جو محور سڪيلڌو پٽ هو. هو اٺن سالن جو ٿيڻ باوجود هلي ڦري نه سگهيو، ضمير شهر مان هر قسم جا رانديڪا وٺي آڻي کيس ڏنا پر بخشل کي هلندي نه ڏسي هُو ڏاڍو ڏکارو رهڻ لڳو.
جڏهن بخشل 10 سالن جو ٿيو ته هن جو پيءُ اوچتو هارٽ اٽيڪ ٿيڻ سبب گذاري ويو. ضمير جي گذاري وڃڻ جي سال بعد ارم پنهنجي ڪلاس فيلو اڪرم سان شادي ڪري ڇڏي.
شادي بعد ارم نئين زندگي ۾ مصروف ٿئي وئي.
ان جو مڙس تمام چالاڪ شاتر قسم جو انسان هو هن جون نظرون سندس ملڪيت تي هيون، اڪرم کيس تمام گهڻي محبت ڏيڻ لڳو ۽ هن جو ڌيان بخشل تان گهٽجي مڙس ڏانهن ٿي ويو. هو چاهي پيو ته هيءَ ضمير جي ڇڏيل سڄي ملڪيت کپائي ڇڏي. نيٺ ڪجهه ئي مهينن بعد اهو ئي ٿيو، ارم پنهنجي اڳوڻي مڙس ضمير جي سڄي ملڪيت کپائي پنهنجا سڀئي اڪائونٽ اڪرم ساڻ جوائنٽ ڪري ڇڏيا ۽ هن ساڻ گهمڻ پرڏيهه هلي وئي. ٻاهر وڃڻ کان پوءِ ارم هڪ نائٽ ڪلب پارٽيءَ مان نڪرڻ بعد گهڻي شراب پيئڻ سبب طبيعت جي خرابي ڪري وڃي اسپتال پهتي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد گذاري وئي. اڪرم ارم جي گذاري وڃڻ بعد وطن پهچي ارم جي اڪائونٽن ۾ موجود سڀئي پيسا ڪڍائي ڇڏيا.
ضمير جو بنگلو ۽ زمين خريد ڪندڙ زمين خالي ڪرڻ جو نوٽس ڏئي زمين خالي ڪرائي ڇڏي. بخشل زمين ۽ بنگلو کپائجي وڃڻ بعد بنگلو ۽ زمين خالي ٿيڻ بعد بخشل وارن جي سڀ کان پراڻي هاري آچر کيس پنهنجي گهر وٺي وڃي رهايو.آچر اڪيلو رهندو هو. اڪرم ضمير جي ملڪيت مان پرڏيهه وڃي عيش جي زندگي گذارڻ لڳو. ڪجهه عرصي بعد آچر بيمار رهڻ سبب گذاريو ويو. آچر جي گذاري وڃڻ بعد بخشل اڪيلو ٿي پيو، هاڻي کيس ڏسڻ واسڻ وارو به ڪير نه هو، قسمت جو به عجيب کيل آهي هيڏو دادلو پٽ سڄي زمين جو مالڪ پنهنجي زمينن تان تڙجي مفلسي واري زندگي گذارڻ لڳو هو. بخشل 15 سالن جو ٿي ويو هو. آچر جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هن جي پري جي مائٽن بخشل کي سندس گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، بخشل روڊ تي اچي ويو.هن سان ڪنهن به همدردي نه ڪئي ۽ هي وڃي پن جو ڌنڌو ڪرائيندڙ ماڻهن جي هٿ لڳو. جن کيس هڪ ڪاٺ جي ٽائرن واري ننڍڙي هٿ گاڏي وٺي ڏني جنهن ۾ بخشل کان پنڻ جو ڪم ورتو ٿي ويو. بخشل مستقل پينو بڻجي چڪو هو. شهر جي وڏين هوٽلن جي اڳيان اچي پنڻ لڳو هو. هڪڙي ڏينهن بخشل کي اڪرم هڪ وڏي ٽوئيوٽا گاڏيءَ مان لهندي نظر آيو. اڪرم تيزيءَ سان گاڏي مان لهي هوٽل اندر داخل ٿي ويو. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ اڪرم هوٽل مان ٿوڏا کائيندو هڪ نوجوان عورت سان گڏ ٻاهر نڪري رهيو هو ته مٿس بخشل جي نظرپئي، هو هٿ سان ڊوڙائيندي وڃي اڪرم اڳيان پهتو. اڪرم کي پيرن کان جهلي زمين تي ڪيرائي کيس ڌڪ هڻڻ لڳو ۽ سندس اکين مان لڙڪ ڪري رهيا هئا پنهنجي هٿن سا اڪرم کي ڌڪ هڻندي چئي رهيو هو، بدمعاش، بي ايمان منهنجي پيءُ جي ملڪيت واپس ڪر.
*
موٽر بائيڪ
فضيله ۽ هن جو پيءُ ڪلثوم جي هڪ سڏ سان اٿي ناڙي مان وهنجي ڏندڻ ڪري اچي ناشتي واري ٽيبل تي ويهي رهندا هئا، پر ڪاشف بستر مان اٿڻ جو نالو نه کڻندو هو، ڪلثوم پنهنجي مڙس کي هر وقت پٽ ڪاشف جي دانهن ڏيندي پئي چوندي هئي، سڄي رات ٿو موبائيل هلائي مان جيڏي مهل به ٿي ڏسان ته هن جي موبائيل جي روشني پئي ڪمري مان ايندي آهي.
اهو ڪٿان ساجهر اٿندو. فضيلا چوڻ لڳي:
”امان ڪاشف کي اٿارينس اڄ منهنجو پيپر آهي مون کي ساجهر يونيورسٽي پهچڻو آهي، بائيڪ تي ويندس ته جلدي پهچي ويندس.“
ڪلثوم: ”ها ڌيءَ اٿاريانس ٿي“
ڪلثوم ڪاشف جي روم ۾ داخل ٿي کيس مٿان پيل سوڙ هٽائي هن کي چوڻ لڳي:
”اٿ ڀيڻ جو پيپر آهي کيس يونيورسٽي ڇڏي اچ.“
ڪاشف ٻيهر سوڙ مٿان ڪري چوڻ لڳو:
؟امان مان نٿو وڃان چوينس پاڻ وڃي.“
ڪلثوم:
”صفا نڪمو آهين، ڀيڻ کي ڇڏي ايندين ته ڇا ٿيندوءِ، پيپر اٿس.“
ڪاشف:
”روز ته پئي ويندي آهي.“
ڪلثوم اچي ڌيءَ فضيله کي چوڻ لڳي:
”ڌيءَ هي نه اٿندو سڄي رات ٿو موبائيل هلائي پڻس به ڪجهه نٿو چويس هن جو سڪيلڌو پٽ آهي، انگل ٿو کڻي، جڏهن نه پڙهندو ڪنهن جهڙو نه رهندو پوءِ پڻس کي خبر پوندي.“
ڪلثوم:
”ڌيءَ تون ڀلي ڀاڙي واري گاڏي تي چڙهي وڃ هي وٺ ڪرائي جا پئسا.“
فضيله جلدي جلدي پنهنجي ڪٻٽ مان ڪتاب کڻي ماءُ کان ڀاڙي جا پئسا وٺي گهران نڪتي گهر جي ڏاڪڻ لهندي ڀاڙي تي هلندڙ موٽر بائيڪ واري ڪمپني کي فون ڪري کين سندن فليٽ جي مين گيٽ وٽ اچڻ لاءِ چيائين.
ڏهن منٽن بعد هڪ خوبصورت نوجوان ڀورڙي رنگ وارو 22 سالن جو لڳي رهيو هو. فضيله کائنس پنهنجي ڪال جي تصديق ڪرڻ بعد ساڻس بائيڪ تي ويٺي موٽر بائيڪ واري نوجوان کي فضيله چوڻ لڳي:
”منهنجو يونيورسٽي ۾ پيپر آهي، مون کي جلدي يونيورسٽي پهچڻو آهي، توهان تيز بائيڪ هلائي مون کي يونيورسٽي پهچائيندا.“
موٽر بائيڪ هلائيندڙ نوجوان چوڻ لڳو:
”بس اجهو ٿو توهان کي پهچايان.“
بائيڪ هلائيندڙ نوجوان بائيڪ کي تيز هلائڻ لڳو. بائيڪ تيز هلڻ ڪري جهاڪن سبب فضيله پنهنجي سيٽ تان جهٽڪو کائي بائيڪ هلائيندڙ نوجوان سان وڃي لڳي پئي.
فضيله جهاڪا کائڻ سبب موٽر بائيڪ واري کي چوڻ لڳي:
”ٿورو سنڀالي هلايو مان ڪرڻ لڳي هيس.“
بائيڪ وارو:
”مان سنڀالي هلائڻ جي ڪوشش ڪيان پيو، پر رستي تي ايترا جهاڪا آهن جو توهان کي جهاڪا پيا اچن.“
اڌ ڪلاڪ ۾ موٽر بائيڪ واري فضيله کي اچي يونيورسٽي جي گيٽ تي ڇڏيو فضيلا موٽر بائيڪ تان لهڻ مهل پنهنجي خوبصورت مرڪ سان نوجوان کي ڏسندي کيس چوڻ لڳي:
”بائيڪ ڏاڍي تيز پيا هلايو.“
بائيڪ وارو:
”توهان ئي ته چيو دير ٿي وئي آهي تنهن ڪري پئي هلايم.“
فضيله:
”ها چڱو ٺيڪ آهي.“
فضيله کيس ڀاڙي جا پئسا ڏيئي تڪڙو تڪڙو يونيورسٽي اندر داخل ٿئي وئي.
ٻئي ڏينهن وري فضيله جي امڙ پٽ ڪاشف کي ننڊ مان اٿاريندي کيس چوڻ لڳي:
”ڀيڻ کي يونيورسٽي ڇڏي اچينس پيپر اٿس.“
ڪاشف:
”امان مان نٿو وڃان ڪالهه به ته وئي هئي، نه اڄ به ڀلي وڃي.“
ڪلثوم:
”تون ڪهڙي ڏينهن ڀيڻ جي ڪم ايندين پاڻ به الائي ڇا ٿو پڙهين، چوٿون سال اٿئي اڃان بي ڪام جو امتحان پاس ڪري ناهين سگهيو.“
فضيله ٻئي ڏينهن ساڳئي موٽر بائيڪ ڪمپني کي فون ڪري بائيڪ گهرائي ڏهن منٽن بعد اتفاقن ساڳيو نوجوان موٽر بائيڪ تي آيو هو، جيڪو ڪالهه کيس يونيورسٽي ڇڏي آيو هو فضيله جيئن موٽر بائيڪ تي ويٺي ته سندس رئو هيٺ لٽڪي پيو ته بائيڪ واري کيس رئو مٿي کڻڻ لاءِ چيو فضيله رئو مٿي ڪيو ۽ بائيڪ وارو بائيڪ هلائڻ لڳو.
فضيله:
”تيز هلو پيپر تي پهچڻو آهي.“
موٽر بائيڪ وارو:
”توهان ڪالهه چيو پئي ته جهاڪا ٿا اچن.“
فضيله:
”ها پر اڄ دير ٿي وئي آهي تيز هلو.“
موٽر بائيڪ وارو:
“نوجوان بائيڪ تيز هلائڻ لڳو مختلف هنڌن تي جهاڪا اچڻ سبب فضيله بائيڪ هلائيندڙ نوجوان جي هر هر پٺي ۾ اچي لڳي پئي.“
20 منٽن ۾ بائيڪ واري فضيله کي اچي يونيورسٽي جي گيٽ تي ڇڏيو فضيله اڄ بائيڪ واري نوجوان سان مرڪي کيس پرس مان پئسا ڪڍي ڏنا، پئسا وٺندي نوجوان چوڻ لڳو اڃان توهان جا ڪيترا پيپر باقي آهن.
فضيله:
”اڃان ست پيپر باقي آهن“
موٽر بائيڪ وارو:
”توهان منهنجو هي نمبر لکي وٺو جهڙي مهل توهان کي وڃڻو هوندو. مون کي ڪال ڪري وٺجو مان پهچي ويندس.“
فضيله بائيڪ واري نوجوان جو نمبر پنهنجي موبائيل ۾ لکي ورتو ۽ کائنس پڇڻ لڳي:
”توهان جو نالو ڇا آهي.“
بائيڪ وارو:
”منهنجو نالو فرحان آهي.“
فضيله سندس نمبر پنهنجي موبائيل ۾ سيو ڪري ورتو. ۽ مرڪي کيس ٿينڪس چئي يونيورسٽي اندر داخل ٿي وئي، هاڻي روز فضيله فون ڪري فرحان کي گهرائي ساڻس يونيورسٽي وڃڻ لڳي. فرحان خوبصورت پڙهيل لکيل نوجوان هو فضيله کي فرحان جو اخلاق ۽ سٻاجهڙائي وڻي وئي اتفاقن فرحان ۽ فضيله پاڻ ۾ سٺا دوست بڻجي ويا.
*
ڪهاڻي جو پلاٽ
هن جا پگهار جي پڇاڙيءَ وارا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذرندا هئا. هي ستين گريڊ واري هڪ سرڪاري نوڪري ڪندو هو، سندس پگهار مهيني جي آخري ڏينهن ۾ اڪثر ختم ٿي ويندي هئي. هي هڪ حساس مزاج رکندڙ شخص هو، هي پنهنجي حساسيت سبب معاشري جي گهڻائي سان رلي ملي نه سگهيو. هن جا گهڻائي سبب هئا. هڪ ته معاشري جي ماڻهن جي گهڻائي گهڻين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ بجاءِ انهن کي نظرانداز ڪندي هئي.
وريام جو جن به ماڻهن سان تعلق رهيو، انهن جي اها ئي طرز زندگي هئي. هي پنهنجي مزاج سبب اڪثر پريشان ۽ اڪيلو رهندو هو. هن جا مٽ مائٽ پاڙيسري ۽ هن جي آفيس جا ماڻهو کيس اڪثر نظر انداز ڪندا هئا. ماڻهن کي سواءِ پنهنجي مطلب جي ٻي ڪا ڳالهه نه وڻندي هئي.
خودغرضي سوسائٽي ۾ وڌي وڻ ٿي وئي هئي. معاشري جا گهڻا ماڻهو پنهنجي انهيءَ طرز زندگيءَ کي خراب ڄاڻيندي به انهيءَ ۾ اطمينان واري حياتي گذاري رهيا هئا.
وريام پنهنجي اندر ئي اندر ڦتڪندو ۽ لڇندو رهندو هو. ساڻس ماڻهن جي روين سبب ڏک سندس پلئه پيا هئا.
زندگيءَ جي سفر ۾ ساڻس ڪم ڪندڙ ٻيا ماڻهو کائنس اڳتي نڪري ويا، پر وريام اتي جو اتي رهيو.
سندس خيالن، سوچن، احساسن کيس اڪيلو ته ڪري ڇڏيو هو پر هي ڪنهن به صورت ۾ سوسائٽيءَ جي ماڻهن جي ڪوڙي، هٿرادو زندگيءَ کان هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو.
هي پنهنجي ڏکن، ڏولاون جو بار لاهڻ لا ءِ پاڻ جهڙي ڪنهن احساس رکندڙ شخص سان ملي، پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو هو.
هڪ ڏينهن هي اهڙي شخص سان اچي مليو هو، جيڪو سٺو صحافي ۽ انسان دوست هو، پر هو به وريام وانگر پنهنجي حساس مزاج ڪري معاشي ترقي ڪري نه سگهيو پر هڪ مطمئن زندگي گذاري رهيو هو.
ان شخص وريام سان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هن جي طبيعت جي حساسيت سبب سندس ذهن مٿان ڇانيل ٻوجهه کي محسوس ڪندي کيس لکڻ جي صلاح ڏني.
هو پاڻ هڪ مئگزين جو ايڊيٽر هو، وريام کي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏيندي پنهنجي آفيس اچڻ جي دعوت ڏني. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وريام هن جي آفيس وڃي پهتو ۽ پنهنجي لکڻ جي شروعات هڪ ڪهاڻي سان ڪيائين ۽ لکندي لکندي وريام اڳتي هلي، هڪ ڪهاڻيڪار جي طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ورتي. وريام پنهنجي ڪهاڻين جا پلاٽ سوسائٽي مان ڳولهيندو وتندو هو.
هر آچر تي پنهنجي لکيل ڪا ڪهاڻي پڙهي دوستن کي ٻڌائي اصلاح ڪري وٺندو هو. دوستن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ ۽ ان تي ويچار ونڊڻ هن جو شوق ۽ جنون هو.
وريام ڪاغذن وارو بيگ کڻي ٻاهر نڪتو پر اڄ مهيني جي 28 تاريخ هئي تنهن ڪري هن جا کيسا خالي هئا. گهران ٻاهر نڪرڻ مهل کيس اهو پتو هو ته سندس کيسي ۾ پئسا ناهن، پر پنهنجي شوق ۽ جنون لاءِ مارڪيٽ ڏانهن پيرين پنڌ نڪري پيو. هن جي گهر کان مارڪيٽ ٻن ڪلاڪن جي ٻنڌ تي هئي پر هي اهو سارو پنڌ لتاڙيندو جڏهن ٽي حصا ڪڍي ويو ته هن جي پيرن ۽ لڱن ۾ سور ٿيڻ لڳو، هڪ جاءِ تي وڻ ڏسي تنهن هيٺيان ويهي رهيو. ڳچ دير ڪهاڻي جو پلاٽ سوچيندو رهيو ته ذهن مٿان ڪو پلاٽ تري اچي، ته مان ڪهاڻي لکي وٺان پر ٿڪاوٽ سبب کيس ذهن تي ڪا ڪهاڻي لهي نه آئي. ڪجهه دير آرام ڪرڻ کان پوءِ اٿي هلڻ لڳو ۽ اچي ڪتابن جي بازار پهتو. اڄ ڪتابن کي صرف سرسري ڏسندو پئي ويو. بازار ۾ پنهنجي اديب دوستن کي ڳولهيندو رهيو پر اتي کيس ڪو به نظر نه آيو. دوستن جو ٿاڪ چانهه جي هوٽل کيس ساريل هئي، جتي اچي پهتو. هوٽل تي هن جو هڪ اديب دوست اڳ ۾ ويٺل هو. هي سلام ڪري اتي ساڻن گڏ ويٺو. جنهن سان گڏ هڪ ٻيو به همراهه ويٺل هو، هن جي دوست ويٺل همراهه سان سندس تعارف ڪرايو.
ڪجهه دير ويهڻ کان پوءِ وريام جي پيرن ۽ ٽنگن جا سور ڪجهه گهٽ ٿيا ۽ ٻه گلاس پاڻيءَ جا پي پنڌ جو ٿڪ لاٿائين. هن جي دوست چانهه جو آرڊر ڏنو، ايتري ۾ ٻه ٻيا اديب اچي پهتا ۽ ڪچهري مچي پئي وريام جا ٿڪ به لهي پيا. ڪلاڪ ڪچهري هلي. وريام پنهنجي ڪهاڻي پڙهي کين ٻڌائي، ڪجهه دوستن تعريف ڪئي ۽ ڪجهه دوستن تنقيدي رايا ڏنا. وريام ڪهاڻي دوستن کي ٻڌائي پنهنجي ذهني تسڪين پوري ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ سڀئي دوست هوٽل مان اٿيا، وريام پنهنجي دوست کي چوڻ لڳو مون وٽ ڪرايو ناهي، تنهن ڪري ڪرائي جا ڪجهه پئسا مون کي ڏيو. سندس ڪهاڻيڪار دوست کيسي ۾ هٿ وجهي پنجاهه رپيا ڪڍي کيس ڏنا. وريام اچي بس ۾ چڙهيو، پر کيس اڃان ڪهاڻي لاءِ ڪو پلاٽ نه مليو هو.
هي بس جو سفر پورو ڪري گهر پهتو، ته هن جي ٻارڙن اچي کيس ورايو:
”بابا... بابا... خرچي ڏئي پر اڄ مهيني جي 28 تاريخ هئي، جنهن جي سندس معصوم پنجن ۽ ڇهن سالن جي پٽ ۽ نياڻي کي خبر نه هئي.“
ٻارن جي ضد کان تنگ ٿي ڪمري ۾ اچي دروازو بند ڪري سمهي پيو. سج لهي رات ٿي چڪي هئي،ٻارڙن جي ماءُ ٻارن کي کچڙي ۽ پٽاٽا ٺاهي ڏنا. ٻار ڪجهه دير کان پوءِ سمهي پيا.
معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن کان ڪٽيل وريام جو ڪو اهڙو مِٽُ ۽ مائٽ يا دوست به کيس نه پئي سجهيو، ته جنهن کان رقم اوڌر وٺي ڪجهه ڏينهن ڪڍي وٺي ها.
سندس گهر واري بک کان بيزار ٿي پنهنجي مائٽن جي گهر وڃي پهتي، جن جو سندن گهر جي ڀرسان گهر هو. وريام ڪهاڻيءَ ڳوليندي پاڻ ڪهاڻي بڻجي ويو سڄي رات پنهنجي ڪهاڻي لکندي هن جي اکين مان لڙڪ ڪري سندس لکيل اکرن جي سياهي کي ڊاهي رهيا هئا. رات جي آخري پهر قلم سندس هٿن مان ڪري پيس ۽ پاڻ پاسي ۾ پيل وهاڻي تي ڪنڌ لاڙي سدائين لاءِ اگهور ننڊ ۾ هليو ويو.
*