سنڌ شناسي

سنڌوءَ جو سفر 1989ع

ھي ڪتاب انڪري بہ منفرد آھي جو بدر ابڙي پنھنجي ساٿين انور پيرزادي ۽ ڪليم لاشاري سان گڏ 1989ع ۾ Indus Expedition جي نالي سان 12 ماڻھن تي مشتمل ٽيم سان گڏ 22 ڏينھن ۾ سنڌوءَ جي مھم جوئي ڪئي، جيڪا اٽڪ کان ڪابل نديءَ جي ڇوڙ وٽان شروع ٿي ڪيٽي بندر تائين توڙ پھتي. انور پيرزادو لکي ٿو: ”ھي ڪتاب ظاھر ۾ تہ ھڪ سفرنامو آھي پر بدر ان کي تحقيق جو ھڪ ڳٽڪو بڻائي ڇڏيو آھي. جيئن تہ ان جو موضوع سنڌو درياءُ آھي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ ھي ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي ثقافتي وجود جي تاريخ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 76
  • 16
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Sindhu'a Jo Safar

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب، محقق ۽ تاريخدان بدر ابڙي جو لکيل ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر 1989ع) اوھان اڳيان پيش آھي.

ھي ڪتاب انڪري بہ منفرد آھي جو بدر ابڙي پنھنجي ساٿين انور پيرزادي ۽ ڪليم لاشاري سان گڏ 1989ع ۾ Indus Expedition جي نالي سان 12 ماڻھن تي مشتمل ٽيم سان گڏ 22 ڏينھن ۾ سنڌوءَ جي مھم جوئي ڪئي، جيڪا اٽڪ کان ڪابل نديءَ جي ڇوڙ وٽان شروع ٿي ڪيٽي بندر تائين توڙ پھتي. انور پيرزادو لکي ٿو: ”ھي ڪتاب ظاھر ۾ تہ ھڪ سفرنامو آھي پر بدر ان کي تحقيق جو ھڪ ڳٽڪو بڻائي ڇڏيو آھي. جيئن تہ ان جو موضوع سنڌو درياءُ آھي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ ھي ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي ثقافتي وجود جي تاريخ آھي.

ھي ڪتاب 1994ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو

 

محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

books.sindhsalamat.com

 


پبلشر پاران

1989ع ۾ (Indus Expedition) جي نالي سان سنڌوءَ جي مهم جوئي ٿي، جيڪا اٽڪ کان مٿي ڪابل نديءَ جي ڇوڙ وٽان شروع ٿي پورٽ قاسم تي توڙ ٿي. تفصيلي رڪارڊ نوٽ ڪرڻ جي لحاظ کان سنڌوءَ جي پهرين مڪمل مهم جوئي آهي، جيڪا سنڌ جي چونڊ سڄاڻ فردن جي سٿ سان سرانجام ٿي. هن مهم جوئي ۾ محترم بدر ابڙي جي بقول هن جيڪي ڪجهه ڏٺو، پڙهيو يا ٻڌو، تنهن کي ڪاغذ تي لاٿو، سنڌوءَ جي سفر ۾ هُن پنهنجا مشاهدا قلمبند ڪيا. سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد سوين ماڻهن کان انٽرويو ڪيا ۽ بعد ۾ انهن کي قلمي شڪل ڏيڻ وقت سنڌ، سنڌو ۽ سنڌوءَ جي تهذيب تي لکيل ڪيترن ئي ڪتابن جي حوالن ڏيڻ سان هن سفر جي ڪتاب کي تحقيقي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان هن ڪتاب کي سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو ڳٽڪو چئجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي. هي ڪتاب، ”سنڌوءَ جو سفر 1826ع“ جي ترجمو ٿيل مواد سان گڏ، گذريل هڪ سال کان تيار ٽريسنگ ڪاپين جي صورت ۾ موجود هئو. اسان پنهنجي محدود وسيلن جي ڪري ڪوشش پئي ڪئي ته هن ڪتاب کي تمام سهڻي گيٽ اپ ۽ مڪمل رنگين تصويرن سان پڌري ڪرڻ لاءِ ان کي ڪنهن سرڪاري اداري جي سهڪار سان جوائنٽ پبليڪيشن ڪري پڌرو ڪجي. ان مقصد لاءِ اسان سنڌ جي تقريبن سڀني سرڪاري ادارن وٽ اڌو اڌ خرچ ۽ اڌو اڌ ڪاپيون ورهائي کڻڻ جي سين هنئي، پر ڪنهن به آمادگي ظاهر ڪونه ڪئي. ڪروڙين رپين جي قومي فنڊن مان قائم انهن ادارن وٽ شايد هن ڪتاب کان وڌيڪ ڪي ٻيا ڪتاب ترجيحي طور تي اشاعت لاءِ موجود هوندا. نتيجي ۾ آخرڪار اسان کي پنهنجي ئي وسيلن تي ان کي پڌرو ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو نه رهيو ۽ اها حسرت پنهنجي جاءِ تي باقي رهجي وئي ته اسان ڪجهه صفحن کان سواءِ باقي تصويرن کي رنگين ڪري ڇاپي نه سگهياسين. هن سان گڏ اسان سنڌوءَ جو سفر 1826ع به پڌرو ڪري رهيا آهيون ته جيئن ان وقت جي سنڌ ۽ سنڌو ۽ هاڻوڪي سنڌ ۽ سنڌوءَ جو تقابلي مطالعو ڪرڻ جو ٻٽو مقصد حاصل ٿئي. محترم بدر ابڙي جي لاءِ هن هيڏي ساري محنت جو صلو زنده قومن وٽ ته اڻ ميو هجي ها ليڪن اسان وٽ ڪهڙي پڪ آهي ته کيس زندگيءَ ۾ اسانجي ادارن پاران سندس مانّ وٽان مڃتا به ملندي يا نه؟ البته جيئنءَ ته هي ڪتاب سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد گوڏ ۽ گنجي پاتل ماڻهن جي تذڪري جي جهونگار آهي ۽ سنڌ جي تاريخ انهن جي ئي دم سان آهي، ان ڪري محترم بدر ابڙي جو هي ڪم اسڪائي ليڪس جي سفر وانگر تاريخ جي صفحن تي کيس هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيندو. نور احمد ميمڻ چيئرمين سنڌيڪا اڪيڊمي

ليکڪ پاران

’سنڌو مهم‘ ته ٽن هفتن ۾ پوري ٿي وئي، پر ان دوران گڏ ڪيل معلومات کي ترتيب ڏئي مڪمل ڪرڻ هڪ اهڙو ڪم هو، جيڪو شايد ممڪن نه ٿئي ها، جيڪڏهن ’سنڌيڪا‘ نه اتساهي ها. لکڻ جو مرحلو ستن اٺن مهينن ۾ مڪمل ٿيو آهي، پر جيڪڏهن جمع ڪيل مواد کي پني تي لاهڻ وارو مدو به شامل هجي، ته پورو هڪ سال ڪَٿي سگهبو. پڙهندڙن کي هيءَ محنت قبول پوي، اها ئي منهنجي لاءِ وڏي ڳالهه آهي، نه ته موٽ ۾ ڇا ٿو ملي ۽ ڪو ڇا ٿو ڏئي سگهي؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ليکڪ، لکڻ واري عرصي دوران وقت ۽ ڏوڪڙن سان گڏ ٻيو ڇا ڇا وڃائي چڪو آهي؟ ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ مهل، مان انهن مهربانن کي نٿو وساري سگهان جن جي مدد کان سواءِ هيءَ ڪتاب لکڻ ممڪن نه ٿئي ها! مئڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ ڪليم لاشاريءَ جو حوالو، سنڌو مهم ۾ شرڪت لاءِ بنيادي هو، سندن تعاون کانسواءِ اڀياس ممڪن نه هو. ڪتاب لکڻ واري مرحلي ۾، سنڌ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري حميد آخوند، ڊائريڪٽر جنرل ممتاز مرزا، سنڌ پراونشل ميوزم حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ظفر ڪاظمي ۽ شيخ سلطان ٽرسٽ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر علي احمد بروهيءَ جو تعاون تمام اهم رهيو، جن جي مدد سان مختلف لائبريرين ۾ سانتيڪو ماحول ۽ حوالا مليا. سنڌو مهم ۾ شريڪ ساٿين جو به ٿورائتو آهيان، جن مواد ميڙڻ ۾ سهڪار ڪيو. سچ پچ ته مان انهن ماڻهن جو سڀ کان وڌيڪ ٿورائتو آهيان، جن سنڌوءَ جي ڪنارن تي مونکي عجيب عجيب ڏندڪٿائون ٻڌايون ۽ احوال ڏنا. مان ارباب منگي ۽ لطف پيرزادي جو به ٿورائتو آهيان، جن ڪيسٽن تان مواد لاهي ڏنو. مون وٽ ڪنهن به فني شعبي جي مهارت ناهي. مان نه انجنيئر آهيان ۽ نه آرڪيالاجسٽ، نه ثقافت جي گهڻن تفصيلن کان واقف آهيان ۽ نه ئي پاڻ ۾ ايڏي سگهه ساريان ٿو جو هن ڪتاب کي تحقيقي ڪم چئي سگهان. بس! مون اهو ڪجهه لکيو آهي جيڪو ڏٺو،پڙهيو يا ٻڌو اٿم. صرف هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿو ته پيار جو پورهيو ڪيو اٿم. شال قبول پوي! بدر ابڙو 5- ڊسمبر 1992ع

مُهاڳ؛ سنڌوءَ جي زندگي ۽ موت جو سُوال

هي ڪتاب بدر ابڙي جي اندر ۾ جڏهن هڪ اُڌمي جي صورت ۾ سرجڻ لڳو هو، مون تڏهن ئي پڙهي ورتو هو، هن ڪتاب جا پهريان لفظ ۽ جملا ان وقت لکيا ويا هئا، جڏهن سنڌوءَ جو سفر شروع ئي مس ٿيو هو، اٽڪ کان وٺي ڪيٽي بندر تائين سنڌو درياءَ جي سيني تي سفر ڪرڻ اڃا هڪ حسين خواب ئي هوته بدر فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن انهيءَ خواب واقعي حقيقت جو روپ ورتو ته هو ان کي علمي ۽ دستاويزي حقيقت بڻائي ڇڏيندو، ۽ واقعي هُن ائين ڪري ڏيکاريو. ان لاءِ جيڪا هن کي محنت ڪرڻي پئي آهي ۽ جنهن ذهني توڙي جسماني پيڙا مان هن کي گذرڻو پيو آهي، ان جي هڪ هڪ لمحي کان مان واقف آهيان. مون کي ائين لڳي ٿو ڄَڻ هُن سنڌوءَ جي هڪ هڪ لهر کي ويهي ڳڻيو آهي، جنهن کان پوءِ ئي اهڙو ڪتاب تخليق ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي.
سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڇپيل سڀئي ڪتاب ته مون ڪونه پڙهيا آهن، پر مون کي پڪ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جيڪو هن موضوع تي لکي پورو ڪيو ويو آهي. ۽ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ هي ڪتاب لکي بدر سڄي سنڌ تي احسان ڪيو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ توڙي سنڌي قوم جي وڏي خدمت ڪئي اٿس.
هي ڪتاب ظاهر ۾ ته هڪ سفر نامو آهي، پر بدر ان کي تحقيق جو هڪ ڳٽڪو بڻائي ڇڏيو آهي. جيئن ته ان جو موضوع سنڌو درياءَ آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ثقافتي وجود جي تاريخ آهي.
سنڌو درياءَ جو اڀياس صدين کان وٺي دنيا جا مُهم جُو ماڻهو ڪندا رهيا آهن، پر اهڙي ڪاوش جو مقصد هميشه سنڌ کي فتح ڪرڻ پئي رهيو آهي. يونان جي سڪندر اعظم کان وٺي انگلستان جي انگريزن تائين ۽ ايران جي حاڪمن کان وٺي چين ۽ هندستان جي حڪمرانن تائين مڙني حملي آورن لاءِ هي شينهن درياءُ هڪ فطري ڍال بڻيو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌو ماٿريءَ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ هن درياءَ جو جائزو وٺڻ ڌارين حملي آورن لاءِ ضروري پئي ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي هو جو اسڪائي ليڪس ۽ نيرڪس سنڌوءَ درياءَ جو سفر ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن قديم سفرنامن اسان جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود بابت دستاويز مهيا ڪري اسان تي احسان ڪيو آهي.
پر بدر ابڙي سنڌوءَ بابت جيڪو دستاويزي مواد ڏنو آهي، سو انوکي نوعيت جو آهي. هن پنهنجي قلم واري تلوار سان سنڌو درياءَ ڏانهن کڄندڙ دشمن جي هٿ کي وڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب توڙي انهيءَ جاگرافيائي حدن اندر رهندڙ عوام جي پيدائشي حڪمرانيءَ واري حق جي حفاظت ڪئي آهي. اهڙي طرح هن مزاحمتي جنگ وڙهي آهي ۽ هي ڪتاب ان جنگ ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو دليل آهي.
اصولي طور تي اسان جو قومي مفاد ان ۾ آهي ته هر سال نه ته ٿوري ٿوري وقت کانپوءِ سنڌو درياءَ جو نئين سر اڀياس ڪيو وڃي ۽ هر دفعي اهڙو دستاويزي رڪارڊ قائم ڪجي، جنهن مان پتو پئجي سگهي ته سنڌ جي جياپي جي جَڙ جهڙي هن درياءَ ۾ پاڻي جو مقدار ڇا وڃي بچيو آهي، ان جا تازا وهڪرا ڪهڙا آهن، ڪهڙين جاين تان سنڌو پنهنجو رخ مٽائي رهيو آهي، ان جي آبپاشيءَ واري نظام جي تازه ترين صورتحال ڪهڙي آهي، ان جي ڪناري تي اڄ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهون آباد ٿي رهيا آهن، سنڌوءَ ۾ ماحولياتي گندگي ته نه ٿي پيدا ٿئي، پلي مڇي، ٻُلهڻ ۽ لڌڙن جي تباهيءَ کان پوءِ ٻي ڪهڙي حيواني جيوت آهي، جنهن جي وجود کي خطرو پيش آهي؟ ڇا ائين ته ناهي ته ڪا برفاني ڇپ ڪرڻ ڪري هن درياءَ ۾ ڪا خطرناڪ ٻوڏ اچڻ واري آهي؟ ڇا سنڌوءَ ۾ لَٽَ جو وهڪرو گهٽجي ته نه رهيو آهي؟ هن درياءَ جي پڇاڙ ۾ ڪو هاڃو ته نه ٿي رهيو آهي، ڊيلٽائي علائقن جي ڪهڙي صورتحال آهي، تمر جي وڻن جو ڪهڙو حشر ٿيو آهي، مهاڻن ۽ ٻيڙياتن جو گذران ڪيئن ٿي رهيو آهي؟ وغيره وغيره. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جو پاڻيءَ ۾ پساههُ آهي. جي سنڌو درياءَ نه هجي ها ته سنڌو جي ڌرتي وجود ۾ ئي نه اچي ها. ماڻڪ پٿاوالا بلڪل صحيح چيو آهي ته سنڌ پرڳڻي جو انچ انچ سنڌو درياءَ لَٽُ وجهي ٺاهيو آهي. سو سنڌ برابر ”لٽ بستي“ آهي، ”درياآباد“ آهي. ان ڪري سنڌو درياءَ جي حفاظت سنڌ کي بچائڻ لاءِ بيحد ضروري آهي.
سنڌوءَ جو سفر جيڪو ٻارنهن ماڻهن جي هڪ ٽيم سال 1989ع جي نومبر مهيني ۾ ٽين تاريخ کان چوويهين تاريخ تائين ٻاويهن ڏينهن ۾ اٽڪ کان وٺي ڪراچيءَ تائين مڪمل ڪيو، سا پڻ اهڙي قسم جي هڪ ڪوشش هئي. پر اهو خيال اڳ ۾ ڪنهن کي آيو، ڪنهن اهڙي رٿ رٿي ۽ ان جو خرچ ڪنهن برداشت ڪيو، ان جا سمورا تفصيل نه بدر ابڙي کي معلوم آهن، ۽ نه مون کي اهڙي مڪمل ڄاڻ آهي. ظاهر ۾ اهو پروگرام سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي جوڙيو هو، جنهن جي ان وقت جي سيڪريٽري محترمه مهتاب اڪبر راشدي هئي ۽ ڊپٽي سيڪريٽري ڪليم لاشاري هو. ان پروگرام جو خرچ سنڌ ثقافت کاتي سان گڏ ڪجهه خانگي ڪمپنين ۽ ڪجهه فردن پڻ برداشت ڪيو هو. انهيءَ مهم جو ظاهري طور باني ڪليم لاشاري هو، جنهن اڳ ۾ به ڪيتريون ايڪسپيڊيشنون ڪيون آهن، پر سندس ساٿين ۾ اشتياق انصاري ۽ ڪجهه پنجابي دوستن جو ڪردار پڻ ڏاڍو اهم آهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته سنڌوءَ جي انهيءَ سفر واري اصل ڪهاڻي ۽ ان جي حقيقي ڪردارن بابت پڻ کوجنا ڪئي وڃي ۽ اهڙي ڪوشش ٻيهر ورجائڻ جو پڻ بِلو ڪيو وڃي.
باقي جيستائين سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي جو تعلق آهي ته 1989ع ۾ سنڌو درياءَ جو اڀياس ڪرائڻ وارو پروگرام جيڪڏهن واقعي ئي انهيءَ کاتي رٿيو هو ته پوءِ ائين چئبو ته پاڪستان جي ڇائيتاليهن واري ڄمار ۾ هن کاتي اهو سڀ کان عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو هو، پر جيئن ته انهيءَ پروگرام جي نتيجي ۾ ٿيل کوجنا تي ٻڌل ڪو به ڪتاب انهيءَ کاتي اڃا تائين نه ڇپايو آهي، ان ڪري ائين به چئبو ته هن کاتي پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ سان وڏي ۾ وڏي ويساهه گهاتي ڪئي آهي. ۽ انهيءَ ويساهه گهاتي جو ڪفارو ادا ڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي، ته سنڌ حڪومت جو ثقافت وارو کاتو، جنهن 1989ع ۾ سنڌوءَ جو سفر منظم ڪيو هو، سو ان موضوع تي انگريزيءَ ۾ هڪ مڪمل ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪري. اهو ڪم گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ته ممڪن ٿي سگهي ٿو ، ڇاڪاڻ ته 1989ع جيان هڪ دفعو وري محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت وجود ۾ آئي آهي، ٻيو ته سنڌوءَ واري مهم دوران 45 ويڊيو ڪيسٽون تيار ڪيون ويون هيون، 200 ڪئميرا جا رول ۽ 40 ڪلاڪن جا انٽرويو ريڪارڊ ڪيا ويا هئا، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪومت سنڌوءَ بابت هڪ اعليٰ قسم جي دستاويزي فلم به تيار ڪرائي سگهجي ٿي ۽ خاص ڪري انگريزي ٻولي ۾ هڪ بين الاقوامي معيار جو تصويرن سان ڀرپور ڪتاب پڻ ڇپائي سگهجي ٿو.
بهرحال هن وقت سنڌ جو اهو قرض هڪ ته بدر ابڙي لاٿو آهي، جنهن ”سنڌو جو سفر“ ڪتاب لکيو آهي ۽ ٻيو سنڌيڪا اڪيڊميءَ اهو قومي فرض ادا ڪيو آهي، جنهن هن ڪتاب تي خاص بجيٽ خرچ ڪري ان کي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. سنڌيڪا اڪيڊميءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان پنهنجي ٻن سالن جي مختصر ڄمار ۾ ٻين ڪتابن کان علاوه سنڌو درياءَ بابت هڪ اهڙو ڪتاب ڇاپيو آهي، جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اڳي ڪڏهن به پڌرو ٿي نه سگهيو آهي.
سنڌو مهم جا ٻاويهه ڏينهن ۽ ٻاويهه راتيون ڪيئن گذريون، اها ڪهاڻي هڪ خوبصورت ڪٿا آهي، جنهن جو گهڻو تڻو ذڪر هن ڪتاب جو موضوع آهي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جا ڪردار مهم دوران ڪيئن نظر آيا، سنڌوءَ جي ڏورانهن ڪنارن تي رات ڪيئن ٿيندي هئي، چنڊ ڪيئن کِڙندو هو، آسمان ۽ ماٺي پاڻيءَ ۾ تارا ڪيئن تجلا ڏيندا هئا ۽ انهيءَ سانت ۾ ڪهڙي سنگيت اوتيل هوندي هئي، جيڪا درياءَ جي سُنسان ڪنارن تي لڳل تَنبُن جي چوڌاري چوڪي ڏيندي هئي.
ان جا تفصيل هن ڪتاب جي صفحن کي اورانگهي سنڌو مهم بابت اڃا وڌيڪ ڪتابن ڇپائڻ واري ضرورت جو احساس ڏياري رهيا آهن. سنڌوءَ جي حُسن کي ٽيم جي هر هڪ ميمبر پنهنجي پنهنجي اک سان ڏٺو هو، پر ڪريم ميمڻ ويڊيو ڪئميرا جي اک سان ان کي ڪيئن ڏٺو هو، محمّد علي قادريءَ ڪئمرا جا 200 رول ڪيئن ٺاهيا، هو بزن جهڏو غار جو ڪيئن هيرو ٿيو، طوطِي خان ناکئو ڪيڏي وڏيءَ حد تائين ناخدا ثابت ٿيو، ڪليم لاشاريءَ ۾ مهم واري ٽيم جي ليڊر واري حيثيت ۾ ڪهڙيون شاندار خوبيون هيون، ميجر اعظم ڪالاباغ ڊيم واري جاءِ تي ان اختلافي رٿا بابت ڪيڏي حقيقت پسند سوچ جو مظاهرو ڪيو، اشتياق انصاريءَ هڪ واپڊا جي انجنيئر طور سنڌوءَ جي وجود کي درپيش خطري کي ڪيئن محسوس ڪيو، زبير، ارشد، انتخاب، اشفاق ۽ نديم جهڙن نوجوانن ٻيڙين ۾ هوا ڀرڻ لاءِ ڪيئن پمپ هلايا ۽ ڪيڏي جاکوڙ ڪئي، خشڪيءَ تي هلندڙ ٻن گاڏين جي ڊرائيورن لياريءَ جي خالد سمي ۽ پنجاب جي ارشد کي سنڌوءَ جا ڪنارا ڪيئن لڳا؟ انهن احساسن کي سموئڻ جي اڃا گنجائش موجود آهي. ٽيم جي ٻارنهن ميمبرن ۽ ٻن ڊرائيورن سنڌو مهم دوران ٻه يا ٽي دفعا موت کي ويجهڙائيءَ کان ڪيئن ڏٺو؟ اها ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي. ’گهوڙا تڙپ‘ وارو سوڙهو لنگهه جتان جبلن مان اَباسين (سنڌو) درياءَ واقعي شينهن وانگي گجندو وهي ٿو، اتان رٻڙ جون ٻه ڪمزور رانديڪي جهڙيون ٻيڙيون ڪيئن گذريون ۽ انهن تي ويٺل ماڻهن جي حالت ڇا هئي؟ مٺڻ ڪوٽ وٽ هڪ ٻيڙي جو ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ۽ ان تي ويٺل همراهَن جو معجزانه طور بچي وڃڻ، لاڙڪاڻي لڳ هڪڙي ٻيڙيءَ تي ڌاڙيلن جي انڌا ڌُنڌ فائرنگ ڪيڏي خوفناڪ هئي، انهن واقعن جا تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب’الف‘ کان ’ي‘ تائين پڙهڻ ضروري آهي.
هونئن ته هر مهم جوکم جو ڪم آهي، پر جڏهن اهڙو جوکم سنڌوءَ جهڙي درياءَ تي کنيو وڃي، تڏهن اهو واقعي روح کي رهنڊون ڏيندڙ خطرو هوندو آهي. خطري سان گڏ ڊگهي سفر جي ٿڪاوٽ، ٿوري وقت ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ دوران کاڌي پيتي جي اڻاٺ ۽ زندگيءَ ۾ يڪسانيت ماڻهن کي بيزار ڪري وجهندي آهي. بدر هڪ هنڌ بلڪل صحيح لکيو آهي ته: ڪا به مهم شروع ٿيڻ وقت ٽيم تازي توانائي ۽ اسپرٽ ۾ هوندي آهي، پر اهو سلسلو برقرار نه رهندو آهي. پهرين ڏينهن وڏو شوق هوندو آهي، ٻئي ڏينهن به وڏو اتساههُ هوندو آهي، ٽيون ڏينهن به ٺيڪ گذرندو آهي، پر چوٿين ڏينهن کان ٿڪاوٽ جون جهلڪيون ظاهر ٿينديون آهن، پنجين ڏينهن سنهو ٿلهو تڪرار ٿيندو آهي. ڇهين ڏينهن همراهه پڙ ڪڍي بيهي رهندا آهن ۽ ستين ڏينهن هڪٻئي جي شڪل نه وڻندي آهي. پر اسان جي ٽيم ۾ اڃا تائين ٿڪاوٽ جو ڪو به آثار ظاهر نه ٿيو آهي، شايد اهو سنڌوءَ سان عشق جو مسئلو آهي. سڄي ساري ٽيم صبح جو ساڍي ڇهين کان رات جو يارهين تائين مصروف رهي ٿي. سفر به ڪو آرام ڏيندڙ ناهي. هڪ ٽيوب تي سفر ڪرڻو آهي. اگهاڙي فطرت ۾ ٻاويهن ڏينهن جو سفر ٿوري ڳالهه ناهي ... اڄ ته خير نائون ڏينهن آهي.“
سو اسان مان به ڪيترائي دوست مختلف مرحلن تي سفر جي ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي ويا ۽ هنياءُ لاهي پيا هئا. اسان جو هڪ پنجابي دوست زبير جنهن سڀني کان وڌيڪ سفر ڪيا هئا، سو هڪ مرحلي تي مشتعل ٿي واپس ٿيڻ جو سوچڻ لڳو هو، نيٺ هن کي ٿڌو ڪري پاڻ سان اڳتي وٺي آياسون. ٻيو ته ٺهيو پر بدر ابڙي جهڙو ٿڌو ماڻهو ڪيٽي بندر وٽ گرم ٿي ويو. ان جو هڪ ڪارڻ شايد اهو به هو ته هن کي ڪيٽي بندر کان پورٽ قاسم تائين آخري سفر ۾ به خشڪي رستي تي هلڻ جي ڊيوٽي هنئي وئي هئي. هونئن بدر سان اها ويڌن اڳي به ٿيندي رهي هئي، جنهن ڪري هن کي سنڌوءَ جي سيني تي سفر ڪرڻ جو پورو موقعو نه ڏنو ويو. جيڪڏهن هن کي اٽڪ کان وٺي ڪراچيءَ تائين خشڪي بدران ٻيڙي ۾ سفر ڪرڻ جو اڃا وڌيڪ موقعو ملي ها. ته هو پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌوءَ جي سونهن جا وڌيڪ چِٽَ چِٽي سگهي ها. بهرحال پوءِ به بدر سموري ٽيم جي مڙني دوستن کان گوءِ کڻي ويو آهي ۽ سڀني کان اڳ ۾ سنڌوءَ جي سفر تي ڪتاب لکي ورتو اٿس، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
سنڌوءَ جي هن اڀياس مان جيڪي خاص نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن، انهن مان سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هماليا کان وٺي ڊيلٽا تائين سنڌوءَ جي ڪنارن تي جيڪي به ماڻهو رهن ٿا، انهن جي ٻولي معمولي ڦيرڦار کان سواءِ سنڌي آهي. بِرُوشِشِڪو، هندڪو، سرائيڪي، کيتراني، ۽ سنڌي سنڌو ماٿريءَ جون خاص ٻوليون آهن. سنڌوءَ ماٿريءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڪلچر ۾ پڻ هڪجهڙائي آهي. ٻيو ته سنڌو درياءَ تي بندن ٻڌڻ واري عمل سان هن تاريخي درياءَ جي وجود کي خطرو آهي. اسان کي ٻڌايو ويو ته ڊسمبر جي مهيني ۾ اٽڪ وٽ اباسين بلڪل سڪي ٺوٺ ٿي ويندي آهي. ٽيون ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ڏنو ويوته نه رڳو سرحد ۽ سنڌ صوبي جي آبپاشيءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسندو ، پر سنڌوءَ جي اترين علائقن جو فطري حسن پڻ تباهه ٿي ويندو. جيڪو هن وقت دنيا جي حسين ترين علائقن مان هڪ آهي ۽ ان سان گڏ سنڌوءَ مان سونُ ملڻ بند ٿي ويندو، جيڪو هن وقت ڪالاباغ شهر کان مٿي ججهي انداز ۾ موجود آهي.
سَرُ سُڪو سال ٿيا، هنجههَ هَريو ئي پيرُ،
هي ڪنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي ان رَمزَ کي.
(ڀٽائي)


انور پيرزادو
ڪراچي
27 نومبر 1993ع

  اسڪائي ليڪس جي نقش قدم تي!

”دنيا جي وڏي ۾ وڏي سلطنت ڪهڙي هئي ۽ ڪٿي هئي؟“
ان سوال جو جواب ڪو اهڙو ڏکيو ناهي. تاريخ جو هر شاگرد وڏي سولائي سان ٻڌائي سگهندو ته هخامنشي (Achamenien) دور جي مشهور بادشاهه دارا پهرين (686-521 ق-م) ترڪي، يونان، مصر، عربستان، شام، عراق ، افغانستان ۽ هند کي ايران سان ملائي دنيا جي وڏي ۾ وڏي مملڪت ٺاهي هئي، ايڏي وڏي مملڪت تاريخ ۾ وري ڪڏهن نه ٺهي.
تاريخون بادشاهَن جي فتوحات جو ذڪر ڪنديون آهن، پر انهن ڪاميابين پٺيان جن عظيم شخصن جو ذهن، حوصله مند نوجوانن جو جذبو ۽ من جي متوالن جو جوش ڪارفرما هوندو آهي، انهن متعلق خاموش رهنديون آهن، جيڪڏهن ڪٿي ڪو نالو اچي به وڃي ته ان جي ڪم جي اهميت جو ڪو ذڪر يا مڃوتي مفقود.
دارا هندستان تي ڪاهه جو پروگرام ايستائين ٺاهڻ جي همت نه ساري سگهيو جيستائين اسڪائي ليڪس (Skylax) گنڌارا مان ٻيڙين رستي سنڌو درياهه مان ٿيندو سمنڊ تائين سڀئي گهٽ گهير ڏسي نه آيو.
تاريخ جي ابي هيروڊوٽس وٽ اسان کي ان جو ذڪر هيٺين ريت ملي ٿو:
”ايشيا جي وڏي حصي کي ڳولهي هٿ ڪرڻ وارو دارا هيو. هن ڄاڻڻ چاهيو ته سنڌو درياءَ، جنهن ۾ واڳون به پيدا ٿين ٿا (اها ڳالهه يونانين لاءِ حيران ڪن هئي)، ڪٿي وڃي ٿو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. اهو ڄاڻڻ لاءِ هن ڀروسي جهڙا شخص موڪليا. ان ۾ ڪرونڊا جو اسڪائي ليڪس به هيو، جنهن کي نديءَ ۾ موڪليائين.“
”هو پڪتوئڪ (Paktuika) پرڳڻي جي ڪاسپاتروس (kaspaturos) شهر کان هليا. نديءَ ۾ اوڀر منهن سفر شروع ڪيائون، سج کين سامهون اڀريو، هو سمنڊ ۾ پهتا ۽ پنهنجو رخ اولهه ڏي رکيائيون، تان جو ٽيهن مهينن جي مسافري کان پوءِ ان هنڌ پهتا جتان مصر جي بادشاهه فونيشين (Phonecians) کين لبوا (Africa) جي چڪر تي اماڻيو. جڏهن اهو سفر مڪمل ٿيو ته دارا هند کي فتح ڪيو ...“ [14:Herodotus Book IV]
اسڪائي ليڪس اهو پهريون غير مقامي شخص هيو، جيڪو سنڌو جهڙي حيرت انگيز درياهه رستي سمنڊ تائين پهتو ۽ سنڌ جي وڻجارن کي ساڻ ڪري مصر تائين دڳ ڏسي آيو، هو پاڻ يوناني هيو. سندس رڳن ۾ هلندڙ رت ۾ جستجو جو شوق ڦري رهيو هيو، همت جا اڻکٽ خزانا وٽس موجود هئا، پر سنڌوءَ جا گس ڏسڻ لاءِ جن وسيلن جي گهرج هئي، اهي هن وٽ نه هئا. ان ڪري کيس بادشاهه کان رجوع ڪرڻو پيو، جنهن پنهنجي مقصدن جي پيش نظر هن جي مدد ڪئي.
اسڪائي ليڪس پنهنجو سفر ڪهڙي هنڌان شروع ڪيو؟ اهو بحث هڪ عرصي کان جاري آهي. هند جي فتح کان اول دارا جي سلطنت جي اوڀر واري حد گنڌارا هئي. جنهن جو ذڪر ڪوهه بيستيون (Bisitun Inscriptions) تي اڪريل عبارتن ۾ آهي. دارا جي مقبري تي اڪريل عبارتن ۾ هند به شامل آهي، ظاهر آهي هند بعد ۾ دارا جي قلمرو ۾ شامل ٿيو، ڇو جو نقش رستم واري عبارت دارا جي وفات کانپوءِ جي آهي. بيستون نقش رستم ۽ استخر (Persepolis) وارين عبارتن جي پيش نظر اهو چئي سگهجي ٿو ته هخامنشي دور جي شروعات ۾ سائرس اعظم جي فتوحات جي دائري ۾ گنڌارا به شامل هيو، ڇو ته دارا جي شروعاتي دور وارين عبارتن ۾ گنڌارا صوبي جو ذڪرملي ٿو.
هيروڊوٽس جي بيان مطابق اسڪائي ليڪس گنڌارا صوبي جي مشهور شهر ڪاسپاتروس وٽان پنهنجو سفر شروع ڪيو هيو. ان لحاظ کان اهو سفر پشاور شهر جي پسگردائي مان ڪٿان شروع ٿيو هوندو، ڪاسپاتروس ۽ پشاور جي ساڳئي شهر هئڻ جي حق ۾ تاريخي شاهدين ڳولڻ ۾ اسان کي هيڪاٽس (Hecateaus of Miletus) وٽ، پنج سو سال قبل مسيح ۾ به اهو ذڪر ميل ٿو. هو چئي ٿو، ”ڪاسپاپورس جو شهر گنڌارا ۾ آهي.“ مشهور چيني سياح هايون تزنگ (Hiuen Tsang) ان شهر جو نالو پولشاپول (Polushapolu) ٻڌايو آهي. سندس ٻيو هم وطن فاهِين (Fa-Hien) جيڪو زيارتن سانگي گنڌارا آيو، پنهنجي سفر نامي ۾ پرشاپورا (Purshapura) لکي ٿو. سنسڪرت زبان جي پراڻي عبارتن ۾ کيس پرشاپورا (Purshapura) لکيو ويو. مسلمانن جي اوائلي تذڪرن ۾ (Pushapur) پشاپور آيو آهي. [البيروني پشاپور (Pushapur)سڏي ٿو.] ان نالي جو داستان پوري طرح واضح ڪري ٿو ته هيروڊوٽس وارو ڪاسپاتروس ئي اڄڪلهه وارو پشاور آهي.
ان خيال جي حق ۾ هڪ ٻي شاهدي به ملي ٿي ۽ ان جي قدامت کيس وڌيڪ معتبر بڻائي ٿي. نقش رستم ۾ دارا جي مقبري ڀرسان ٻن زبانن ۾ هڪ عبارت ملي آهي، جيڪا شاپور پهرين جي دور جي آهي. پارٿين ۽ يوناني زبانن ۾ لکيل ان عبارت ۾ هخامنشي سلطنت جي اوڀر واري حد Pshkbur/Paskiboura ٻڌائي وئي آهي. ان نالي سان هيروڊيوٽس واري نالي ۽ سنسڪرت واري پريشاپورا ۽ جديد پشاور واري بيهڪ بلڪل ٺهڪي اچي ٿي ۽ البيروني جو بيان ٻنهي جي وچواري ڪڙي جي حيثيت رکي ٿو.
ڪاسپاتروس جي شناخت متعلق اڄ کان سٺ ستر سال اڳ ڪا دعويٰ ڪرڻ مشڪل ٿئي ها. پر ڪجهه عالمن جو اندازو اهو ئي هيو ته اسڪائي ليڪس ڪابل ندي کان پنهنجي مشهور سفر جي شروعات ڪئي هوندي. ڪابل کان 45 ميل مٿي اولهه کان ڪابل ندي پنهنجي سفر جو آغاز ڪري ٿي. ڪابل ٽپي لوگار ندي ۾ اچي ڇوڙ ٿي ڪري. سورنهن ميل ميدان لتاڙي تانگي گارو کاج ۾ داخل ٿئي ٿي، ٻن ميلن کان پوءِ هڪ نهايت زبردست ۽ حسين آبشار بڻائي پورا سو فٽ هيٺ ڪري ٿي. جتان جبلن جي وچ ۾ سوڙهي دڳ مان لنگهي، گهڻين لاهين مان ٿيندي (جتي ان جي تيزي انتهائي خطرناڪ آهي) دارنتا گاج مان دڳ ٺاهيندي، مستي ۾ ٽپندي ڪڏندي، ڦوڪون ڏيندي، گج اڏائيندي جلال آباد، گردي ڪت ٽپي داڪا وٽ جابلو نالي (گاج) مان ٿيندي، مهمند جبلن مان رستو ڪندي وارسڪ وٽ پشاور ماٿري ۾ گهڙي ٿي. مچني ٽپي نساٿا وٽ سوات نديءَ کي ساڻ ڪري آخرڪار اٽڪ وٽ سنڌو ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. جتي ان جو ۽ سنڌوءَ جو پاڻي هڪ جيترو هوندو آهي.
اها ندي ڪابل کان وٺي گهڻي ڀاڱي اوڀر رخ ۾ وهندي ٿي اچي، جلال آباد ٽپي، ڪوهه سفيد جا جبل لنگهي، وادي پشاور جا ميدان لتاڙي، اٽڪ تائين هڪ رخو سفر اٿس. سنڌوءَ جو رخ وري ڏکڻ طرف آهي. ڪابل ندي ۽ سنڌو اٽڪ وٽ ذري گهٽ گونيا ڪنڊ ٺاهين ٿيون.
ڪابل ندي حقيقت ۾ ايستائين ٻيڙين جي سفر لائق نٿي ٿئي، جيستائين اها پشاور ماٿري ۾ نٿي پهچي. ڇو ته شروع ۾ پاڻي گهٽ آهي، جڏهن ڪنهار ندي جلال آباد وٽ ان سان ملي ٿي ته وري پاڻي جو وهڪرو نهايت تيز آهي ۽ ڪنارن تي بيٺل اَڏيون ٽڪريون تمام خطرناڪ آهن. لالپوره کان وار سڪ تائين ندي سفر لائق نٿي رهي. البت تمام ننڍڙيون ٻيڙيون لاهي سگهجن ٿيون. پر اصل دريائي سفر وري به ممڪن ناهي. ها، پشاور جي ميدانن ۾ ٻيڙين جي سفر ۾ ڪو خطرو ناهي، پر اتي ندي چئن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. سردرياب ، ناگومان، شاهه عالم ۽ بدني . نساٿا وٽ ڪابل ندي جون اهي شاخون ۽ سوات ندي جو ڪردار جداگانه آهي. ايتري قدر جو مقامي طرح نديءَ جو نالو به بدلجي وڃي ٿو. اتي ان کي ’لنڊائي ندي‘ يا ننڍي ندي سڏين ٿا. جاگرافيائي طور تي نساٿا کان ڪابل نديءَ جو جابلو نالي وارو انداز ختم ٿئي ٿو. ۽ نئين ندي شروع ٿئي ٿي.
ڪابل ندي جي ڪيفيت ڏسي ان ۾ ڪو شڪ نٿو رهي ته اسڪائي ليڪس پشاور جي اولهه کان مٿان نديءَ ۾ پنهنجو سفر هرگز شروع نه ڪيو هوندو. ٻيو ته پشاور جي ڀر ۾ پڻ ندي چئن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي، اهو هنڌ به ان سفر جي شروعات جو نٿو ٿي سگهي. باقي جتي چارئي شاخون گڏجن ٿيون اتي ان نديءَ ۾ اٽڪل سنڌو جيترو پاڻي جمع ٿي وڃي ٿو، تنهن ڪري اهو ممڪن آهي ته اسڪائي ليڪس پنهنجو سفر پشاور شهر جي اوڀر ۾ نساٿا کان ڪجهه هيٺان شروع ڪيو هوندو.
پر ٻن مشهور عالمن Foucher ۽ Herzfeld ملتان کي ڪاسپاپورس (Kaspapuros) قرار ڏنو آهي. سندن تحقيق جو بنياد البيروني جي Indica ۾ آيل هڪ مصرع آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ملتان کي شروعات ۾ ڪاسيَپاپورا (Kasyapapura) سڏبو هو. هو چون ٿا ته اسڪائي ليڪس پنهنجو سفر ملتان مان شروع ڪيو هوندو.
ملتان کان سفر جي شروعات واري خيال کي اسان ان بنياد تي رد ڪيون ٿا ته سنڌوءَ جو رخ ڏکڻ طرف آهي ۽ اسڪائي ليڪس جهڙو مانجهي مڙس ملتان کان سفر ڪندي ڪڏهن به ان غلط فهمي ۾ مبتلا نه ٿي سگهي ها ته هو اوڀر طرف سفر ٿو ڪري.
ٻيو اسان جي خوش نصيبي سبب اسڪائي ليڪس جي پنهنجي زباني سندس سفر جي احوال جا ڪجهه ٽڪرا اٿينس (Athenaesus: Circa AD-200) جي معرفت ملن ٿا، ” ...هڪ جبل درياهه سان گڏوگڏ هلندو رهي ٿو. ڪٿي ڪٿي اهو جبل تمام بلند ٿي وڃي ٿو. ان تي جهنگ بيٺل هو. ڪَنڊن وارا ٻوڙا جام هئا.“
بيلجيئم جي عالمن Honigman ۽ Maricq اها عبارت ڳولهي لڌي، سندن خيال ۾ اهو بيان اٽڪ کان هيٺ شادي پور پوءِ ڪالاباغ ۽ اتان کان بلاٽ تائين واري علائقي سان ڀيٽي سگهجي ٿو. واقعي ملتان جي ميدانن ۾ جبل ڪٿان آيا؟
اسڪائي ليڪس جي سفر جي شروعات جي هنڌ کي ڳولهڻ لاءِ عالمانه بحث مباحثي جو فائدو پنهنجي جڳهه تي پر ان معاملي جي جاچ لاءِ جاگرافيائي شاهدين جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي.
ان لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪابل ندي ۾ سفر شروع ڪجي ۽ هٿ آيل اڪتسابي شاهدين کي مشاهدي جي ڪسوٽي تي پرکجي.
اسڪائي ليڪس جي سفر متعلق سمورين پراڻين شاهدين ۽ سندس بيان جي ڀيٽا ٻيڙين جي سفر دوران ڪئي وئي.
ان سلسلي ۾ ڪابل- سنڌو مهم (River Kabul-Indus Expedition 1988) ترتيب ڏني وئي. نوشهره کان ڪجهه مٿي جتان ڪنهن وڏي دريائي سفر جي شرعات ممڪن ٿي سگهي پئي، اهو سفر ٻيڙين جي رستي شروع ٿيو ۽ اٽڪ تائين ڪابل يا لنڊائي ندي ۾ ۽ اتان کان پوءِ ڪالاباغ تائين سنڌو ۾ جاري رهيو. پنجن ڏينهن جي ان سفر ڪري اها حقيقت به واضح ٿي ته اهو دريائي رستو سفر ۽ مواصلات لاءِ اڄ به اوترو موزون آهي، جيترو هزارين ورهيه اڳ هيو. دريائي رستا تمام سنهنجا ۽ سستا ٿين ٿا. ان مهم وسيلي انهن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ شعوري ڪوشش جي ابتدا ٿي.
درحقيقت ڪابل سنڌو درياهه مهم 1988ع دوران، ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته سنڌو درياهه ۾ هڪ مڪمل مهم ترتيب ڏجي ۽ وقت جي ظالم هٿن مان پراڻين نشانين کي تباهه ٿيڻ کان اڳ بچائي محفوظ ڪري سگهجي.
تبديلين جي هن جهان ۾ ڪي هنڌ اهڙا به آهن، جتي وقت بيهي رهي ٿو. سنڌو مهم دوران اهڙا ڪيترا مقام آيا جتي محسوس ٿيو ته وقت ڄمي پارو ٿيو پيو هجي، اليڪٽرانڪ هوا جو هڪ به جهونڪو اتي نه گهليو هيو.
سنڌو مهم جو پروگرام ميجر اعظم ۽ مون ڪراچي ۾ ويهي ٺاهيو هيو. ان زماني ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري جي عهدي تي محترمه مهتاب اڪبر راشدي تعنياتي ٿي.
اسان مهتاب صاحبه سان ملاقات وڃي ڪئي، سنڌو مهم جو ٻڌي انهن پنهنجي ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. ميجر اعظم پنڊي واپس وريو ۽ آءٌ بلوچستان موٽي ويس.
ٿيو ائين جو مون کي بدلي ڪري سنڌ موڪليو ويو ۽ سنڌ حڪومت وري ثقافت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي تقرري جا آرڊر ڪيا.
رهيل ڪسر به پوري ٿي وئي. مون ميجر اعظم کي لاهور گهرايو ۽ پاڻ به جهاز پڪڙي شهزاد جي گهر تي وڃي ديرو دمايو. ضمير، زبير، اعظم، شهزاد ۽ آءٌ مسلسل يارنهن ڪلاڪ وسيع ڊرائينگ هال جي فرش تي نقشا وڇائي، سنڌوءَ جا ور وڪڙ جاچندا رهياسين. ميجر اعظم جون آهون ۽ دانهون ڪنهن عاشق خانه خراب کان گهٽ هرگز نه هيون. زبير جي رومانويت پڻ بنا بريڪ آهي. هڪ کي سنڌوءَ سان پيار آهي ته ٻئي کي ايڊونچر سان عشق.
وقت جي گهٽتائي جي شديد احساس ۽ ڪم جي گهڻائي جي خيال سبب مون کي هر هر پنهنجو هيڊماستر جهڙو آواز بلند ڪرڻو پيو، آخرڪار هڪ مفصل ۽ جامع منصوبو اسان جي آڏو پيو هيو.
ميجر اعظم ۽ آءٌ رات جي پيٽ ۾ پنڊي ۽ ڪراچي واپس ورياسين ۽ تيارين ۾ لڳي وياسين. تيارين جو تفصيل تمام ڊگهو آهي ۽ تاريخ جو حصو پڻ. پر ان لاءِ ٻيو موقعو پيدا ڪبو. بهرحال هڪ اهڙي ٽيم جي ترتيب حقيقتًا هڪ مشڪل مرحلو هيو جيڪا نه صرف ان مهم جي بنيادي اهميت کي سمجهي سگهي، بلڪه مهم جي اڪتسابي پهلوءَ جي ضرورت پڻ سمجهي، جيئن ته لفظ ’مهم‘ چٽي طرح اها ڳالهه واضح ڪري ٿو ته اهو نه صرف پُر خطر معاملو ٿئي ٿو بلڪه جسماني طور تي به مشقت طلب موقعو آهي.
بهرحال بدر ابڙو جن جو ٽيم ۾ شمول ٽئين پهلوءَ سامهو رکندي ٿيو، مهم جو هي احوال اسان جي ان اعتماد کي درست ثابت ڪري ٿو.
سنڌو مهم جديد دور ۾ اسڪائي ليڪس واري مهڙين باضابطه مهم وانگر هڪ عظيم قدم آهي. جنهن جو فيصلو وقت ضرور ڏيندو.

ڪليم لاشاري

سنڌوءَ جي جاگرافيائي تاريخ

سنڌوءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ ۽ ڪڏهن پيو؟ شايد ئي ڪو محقق ان جو پورو جواب ڏيئي سگهي، پر ائين ٿو لڳي ته اهو نالو تڏهن پيو جڏهن، سنڌو ماٿريءَ جون ٻوليون اڃا ابتدائي ۽ ارتقائي مرحلن مان لنگهي رهيون هيون. ان کان اڳ جو سنڌوءَ جي ڪنارن تي پکڙيل زندگي ۽ حالتن جو احوال لکجي، اهو ڏسڻو پوي ٿو ته سنڌوءَ جي وهڪري جو رخ ۽ جاگرافيائي صورتحال ڪهڙي آهي.
سنڌوءَ جو بُنجو مانسرور يا مانسر ڍنڍ کي سمجهيو ويندو رهيو آهي، پر اها اڃا به اتر کان شروع ٿئي ٿي. سَر يا سَرور جي معنيٰ آهي تلاءُ، ڍنڍ يا پاڻي. اهو لفظ سنڌيءَ ۾ به جيئن جو تيئن استعمال ٿئي ٿو. مثال طور: ڀوڏيسر، انچليا سر، نبي سر يا وري ڇر يا جر طور استعمال ٿئي ٿو: جيئن منڇر يا ڪينجهر! ’منڇر‘ جو لفظ ته هوبهو منسر يا مانسر يا مانسرور آهي. ڇا مانسر ڍنڍ تان منڇر تي اهو نالو پيو يا منڇر تان اهو نالو مانسر تي پيو؟ اهو برابر آهي ته هندن جي پستڪن ۾ مانسر ڍنڍ جو نالو پوتر علائقن طور استعمال ٿيڻ ڪري ملڪان ملڪ مشهور ٿيو آهي پر اها به حقيقت آهي ته منڇر ڍنڍ ايشيا ۾ مٺي پاڻي جي وڏي ۾ وڏي قدرتي ڍنڍ سمجهي ويندي آهي ۽ منڇر فقط هڪ ڍنڍ نه پر هڪ تهذيب آهي. ڇا منڇر ۽ مانسر جي وچ ۾ ڪو رابطو يا تعلق آهي؟ هائو، سڀ کان وڏو تعلق ته خود سنڌو ندي آهي، جيڪا مانسرور جي ڀرپاسي کان هڪ هنڌان پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي.
سنڌو ندي، هماليه جي اوچن پهاڙن کان ٿيندي جڏهن اٽڪ وٽ پهچي ٿي ته سڄي هندستان جي تاريخ جو اهم موڙ بڻجي وڃي ٿي. اتي ڪابل ندي اولهه کان اوڀر طرف وهي، اٽڪ واري عظيم سنڌو وهڪري ۾ ملي وڃي ٿي. سنڌو ندي ان هنڌ کان ڏکڻ طرف وڌي ڪجهه ڪجهه اولهه رخ ۾ ور وڪڙ کائيندي جبلن مان واٽ ٺاهي، ڪالاباغ وٽان آخري جابلو ڍوري مان جند ڇڏائي، پنجاب جي الهندي سرحد وٽ، ٿل ريگستان ۽ سليمان جبل جي دامن مان واٽ ڪوري سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. ۽ نيٺ ٺٽي کانپوءِ ڊيلٽا ٺاهي سمنڊ ۾ لهي وڃي ٿي. ان ريت سنڌوءَ جا ٽي جاگرافيائي رخ آهن: پهريون جابلو جيڪو ڪالاباغ تي ختم ٿئي ٿو، ٻيو ميداني ۽ ريگستاني جيڪو ٺٽي جي لڳ ڀڳ ختم ٿئي ٿو ۽ چوٿون ٺٽي، بدين ۽ ڪراچيءَ جي سامونڊي کارين تي ٻڌل کارين وارو علائقو آهي. سنڌوءَ جو ڊيلٽا وري ٽن حصن ۾ ورهايل آهي جنهن تي اڳتي لکبو.
اٽڪ واري ماڳ جي جاگرافيائي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان هڻي سگهجي ٿو ته خيبر لڪ واري واٽ اڳتي وڌي اوڀر ۾ ڪابل نديءَ جي ڪناري ڪناري اٽڪ تائين پهچي ٿي. جتان سنڌو درياهه ٽپي پنجاب، سنڌ يا باقي سڄي اپکنڊ ڏانهن هلائون ٿينديون رهيون. اڄ ڪلهه هتي هڪ مضبوط پل به آهي جيڪا ريل کي ٽپائي ٿي. ٻي پل ٽريفڪ لاءِ آهي. هتي پاڻيءَ جو شديد وهڪرو آهي. پر ياد رکڻ گهرجي ته آڳاٽي وقت ۾ سنڌو ٽپڻ جو سڀ کان مکيه ذريعو ٻيڙيون هو. حملو ڪندڙ ماڻهو فقط گهوڙن جي پٺن تي چڙهي. اگهاڙيون ترارون اُلاريندا ڪونه ايندا هئا. ڇاڪاڻ ته خود ڪابل نديءَ جو هيٺيون حصو جهاز رانيءَ جي قابل هو تنهنڪري هلان ڪندڙ لشڪر، ٻيڙا استعمال ڪندا رهيا آهن، ظاهر آهي ته ٻيڙيءَ جو استعمال درياهه جي ڪنارن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏي ٿو.
اٽڪ واري ماڳ جي اهميت جو اندازو ان مان به هڻي سگهجي ٿو ته، ان هنڌ اڪبر اعظم جي وقت ۾ هڪ تمام طاقتور قلعو قائم ڪيو ويو هو، جيڪو ان اهم درياهي لنگهه تي سخت نظر رکي ويٺو رهيو. اڄ ڏينهن تائين اهو قلعو قائم آهي ۽ فوجي اهميت هئڻ سبب ڪمانڊوز جو هيڊڪوارٽر آهي.
اسان به پنهنجيون رٻڙ جون ٻيڙيون ڪابل نديءَ جي ان حصي ۾ لاٿيون جيڪو سنڌوءَ ۾ ڇوڙ جي ويجهو هو. اهوئي رستو حضرت عيسيٰ کان اڳ واري دور ۾ دارا اول، سائرس اعظم ۽ سڪندر اعظم جي چوڻ تي سروي ٿيو.
ڪابل نديءَ يا ماٿريءَ جو علائقو پاڪستان جي اترئين سرحدي صوبي ۽ افغانستان ۾ پکڙيل آهي، جنهن ۾ پشتون ۽ افغان آباديون گهڻائيءَ ۾ آهن. تاريخ ۾ هميشه اهو سوال دلچسپيءَ سان ڏٺو ويو آهي ته آخر افغان ۽ پشتون نسل ۾ فرق ڪهڙو آهي ۽ انهن جو بنيادي قبيلو ۽ اصل ڪهڙو آهي؟ ساڳيو سوال سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومن بابت به اٿي سگهي ٿو ته آخر سنڌوءَ جا ڪنارا سڀ کان پهرين ڪنهن وسايا ۽ اڄ اهي قوتون ڪٿي بيٺيون آهن؟ هن موقعي تي اينٿرو پالاجيءَ جي ماهرن لاءِ بحث ڇيڙڻ خاطر اهو سوال رکي سگهجي ٿو ته پشتون ۽ افغان نسل جي ساڳئي بڻ بڻياد وانگر ڪٿي سنڌي سرائيڪي ۽ هندڪو قومن جو بنيادي نسل ساڳيو ته ناهي؟ حقيقت ۾ ان سوال جي حق ۾ ڪيئي دليل آهن، جن تي اڳتي هلي بحث ٿيندو، پر سوچڻ جي ڳالهه فقط اها بيهي ٿي ته نيٺ پنجاب، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وارين قومن جو بڻ بڻياد ڇا هي؟ ڇا اهي قومون به ڪنهن وقت ۾ موهين دڙي جي تهذيب سان ڳنڍيل هيون؟ يا اهي به اُتر ۽ اولهه کان آيل قبيلن جو بدلجي ويل روپ آهن؟
ڪابل نديءَ واري وادي ئي اصل ۾ اهو تاريخي رستو آهي جتان، جڏهن تڏهن خونخوار قبيلا ۽ لشڪر سنڌو ماٿري ۽ گنگا جمنا جي ماٿرين تي قبضن ۽ شهنشاهتون قائم ڪرڻ لاءِ حملا ڪندا رهيا آهن. شايد ان ڪري ئي سنڌ ۾ اهو پهاڪو ٺهيو آهي ته ”جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌارؤن جوکو!“ سنڌ تي سچ پچ به اولهه ۽ اتر کان فقط خيبر لڪ، بولان ۽ مُولا لڪ کان ئي هلائون ٿينديون رهيون آهن.
پر حقيقت اها آهي ته سنڌو ماٿريءَ ڏانهن وڌڻ مهل سڀ کان وڏي مزاحمت، خيبر لڪ ۾ رهندڙ پشتون لوڪن ڪئي آهي. پرڏيهي لشڪر جابلو لڪن مان تباهيون مچائيندا لنگهندا رهيا آهن، بالڪل ائين جيئن جابلو نالا اوچين برساتن ۾ ڀرجي ٻوڙان ٻوڙ ڪندا آهن. خيبر لڪ جي ماڻهن اهڙين ٻوڏن ۾ ڪيڏو نقصان کاڌو هوندو؟ سو تصور ڪري سگهجي ٿو. بدقسمتيءَ سان پٺاڻن جي تاريخ تي اڃا ڪو خاص ڪم نه ٿيو آهي پر اهو سچ آهي ته پٺاڻن وڏيون مزاحمتون ڪيون ۽ هڪ طرح سنڌ جي پاران وڙهيا، انهن جا ڪيئي جوان انهن لڙاين ۾ مارجي ويا ۽ نسلن تائين مارجندا رهيا. پٺاڻن جو اصل حسب نسب کڻي ڪهڙو به هجي پر حقيقت اها آهي ته انهن سڄي اپکنڊ لاءِ، لاشعوري طور محافظن وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.
جبل تي ماڻهن جي زندگي سخت هوندي آهي، ان ڪري خاص طور خيبر لڪ توڙي مختلف لڪن تي رهندڙ ماڻهو به جانٺا ۽ جنگجو رهيا آهن. انهن مان ڪن جنگجو ۽ مهم جُو پٺاڻن ۽ افغانن، سنڌ سان به جٺيون ڪيون پر انهن حملن لاءِ سڀني پٺاڻن کي ذميوار قرار ڏيئي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ پٺاڻن جي اڪثريت سنڌوءَ جي ڪناري نٿي رهي، ان جي باوجود، ڇاڪاڻ ته ڪابل نديءَ جو وهڪرو سنڌوءَ ۾ پوي ٿو تنهن ڪري سنڌو ماٿريءَ ۾ پشتون افغان اثر آهي. قومن ۽ تهذيبن جا سياسي اثر به پاڻيءَ جي رخ، وهڪرن ۽ مقدار موجب اثرانداز ٿيندا آهن. اتر سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو به، پوءِ انهن جي ٻولي ۽ لهجو کڻي ڪهڙو به هجي، ڏکڻ سنڌو ماٿري جي ماڻهن وانگر فطرت کان ڊنل آهن، ان ڪري انهن جي زندگي به عقيدن، ڏند ڪٿائن ۽ قصن جي گهڻائيءَ سان ڀريل آهي.
سنڌو ماٿريءَ ۾ ڪابل نديءَ کانسواءِ باقي سڀني ٻانهن ٻيلي ندين جو وهڪرو اتر کان اولهه ڏکڻ آهي، تنهن ڪري هيٺين سنڌو ماٿريءَ ڏانهن اترين ماٿرين کان لڏپلاڻ جو اڻکٽ سلسلو قبل مسيح کان جاري آهي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌو ءَ جو پاڻي، سنڌ واسين لاءِ رحمت سان گڏ ڏکن جو سبب به بڻيو آهي. سنڌوءَ جي وهڪري تي کوجنا ڪندڙن جي راءُ آهي ته جڏهن کان سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو اختيار ڪيو آهي، تڏهن کان ان جو وهڪرو ڪالاباغ کان مٿي تائين لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. (فقط هڪ جاءِ اهڙي ٻڌائي وڃي ٿي جتان سنڌوءَ پنهنجو رستو مٽايو آهي) ان علائقي ۾ سنڌو لکن سالن کان جبلن جي مضبوط ٻانهن ۾ قيد آهي. باقي ڪالاباغ کان هيٺ ته سنڌو ندي مرضي جي مالڪ رهي آهي ۽ ان اهي ڪم ڪيا آهن جيڪي ديوتا ئي ڪري سگهن ٿا. مثال طور آباد وسندين کي هڪ لحظي ۾ ويران ڪري ڇڏڻ يا غير آباد علائقن ۾ نوان ڳوٺ قائم ڪرڻ،
”وسنديون ويران ڪرين، وسائين واهڻ“
اسان سنڌوءَ جي هڪ ٻي ديوتائي صفت به ڏٺي
”پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون“
اسان ڏٺو ته تيز ٽاڪرو وهڪرن ۾، درياهه بالڪل ائين ٿي ڪيو. پٿرن کي ائين لوڙهي ٿي ويو ڄڻڪ ڪاٺ جا ٽڪرا هجن ۽ پن ائين پاتال ۾ لهي گم ٿي پئي ويا ڄڻڪ وڌا ئي ڪونه ويا هجن.
اٽڪ کان هيٺ، سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي سرحد صوبو آهي ۽ کاٻي ڪناري تي پنجاب. ساڄي طرف يعني الهندي پاسي ڪالاباغ کان هيٺ سليمان جبل جو سلسلو سُري هٽي وڃي ٿو. اهڙي طرح سنڌوءَ ۽ سليمان جبل جي وچ ۾ هڪ وٿي آهي. جنهن ۾ سرائيڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.
اٽڪ کان ڪجهه مٿي ٻه اهم نديون، درياهه ڪابل ۽ درياهه سوات جبلن مان ور وڪڙ کائينديون، پنج وهڪرا ٺاهي وري ملي هڪ ٿي وڃن ٿيون ۽ نيٺ اٽڪ کان ٿورو مٿي انهن جا پاڻي اچي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ٻنهي ندين جو پاڻي سنڌوءَ کان ڪجهه گهٽ آهي.
افغان توڙي پٺاڻن جو نسل آريائي، يوناني ۽ وچ اوڀر جي قومن جو مخلوط نسل آهي يا اها جدا قوم آهي؟ اهو هڪ وڏو بحث ٿي سگهي ٿو جنهن بابت هن ڪتاب ۾ تفصيل ۾ وڃڻ کان پاسو ڪندي، ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته، خيبر لڪ ۾ پرڏيهي نسلي اثر جا ڪافي ثبوت آهن. البت افغانن ۽ پٺاڻن وچ ۾ اهو فرق نوٽ ڪري سگهجي ٿو ته پٺاڻن جو معاشي ۽ فطري لاڳاپو سنڌو ماٿريءَ طرف رهيو آهي، جڏهن ته افغان ماڻهو اپکنڊ جي جاگرافيائي سرحدن جي اولهه کان ٻئي ڀر رهن ٿا. عام سمجهاڻي طور اهو به چئي سگهجي ٿو ته سمورا افغان پٺاڻ آهن پر سڀئي پٺاڻ افغان ناهن ۽ افغانستان تاريخ ۾ هڪ مستحڪم ملڪ بدران جنگجو قبيلن جي گذرگاه ۽ جنگ جو ميدان ٿي رهيو آهي جتي طاقتور قبيلن ڪمزور قبيلن کي سدائين بيدخل ڪيو آهي.
سنڌو نديءَ ۾، اوڀر طرف کان پنج نديون گڏجي پنجند وٽ اچي پون ٿيون ۽ اولهه کان ڪابل ندي، پاڻ سان سوات نديءَ جو پاڻي کڻي، اٽڪ وٽ سنڌوءَ سان ملي ٿي. درياهن جي پنهنجي ريت هوندي آهي. هر ننڍو درياهه ان مهل پنهنجو نالو وڃائي ڇڏيندو آهي جڏهن پاڻ کان وڏي درياهه ۾ شامل ٿي ويندو آهي. جهڙي طرح اوڀر جا چار درياهه گڏجي جهلم ۾ پوڻ کانپوءِ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي جهلم ندي سڏجن ٿا ۽ جهلم ندي سنڌوءَ ۾ ملي پنهنجي نالي تان هٿ کڻي ٿي، اهڙي طرح سوات ندي پنهنجو وجود ڪابل نديءَ ۾ ۽ ڪابل ندي سنڌوءَ نديءَ ۾ ملي پنهنجي نالي تان هٿ کڻي ٿي. اهڙيءَ طرح سوات ندي پنهنجو وجود ڪابل نديءَ ۾، ڪابل ندي سنڌوءَ ۾ ملي ملائي پنهنجي سڃاڻپ ختم ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح سنڌو هڪ هڪڙي عظيم ندي بڻجي ٿي جو، سنڌو ماٿريءَ کان گهڻو پري نازل ٿيل الهامي ڪتابن ۾ به ان جو نالو شامل ٿيو ۽ دنيا جي چئن مقدس مکيه درياهن ۾ شامل ٿي. يعني، دجله، فرات، نيل ۽ سيحون (سيون، سين يا سنڌو) سنڌو نديءَ جي ٺاهيل ماٿريءَ پاڻ ۾ نيٺ ايتري ڪشش پيدا ڪئي جو آخرڪار شهنشاهيت پسندن ان جو ترو ۽ انت لهڻ لاءِ عظيم مهمون سر ڪرايون. انهن مهمن جا پڙاڏا اسان نيرڪس ۽ اسڪائي ليڪس جي صورتن ۾ ٻڌون ٿا.
ڪابل ندي اولهه کان اوڀر طرف سفر ڪري ٿي، اها افغانستان جي شهر ڪابل وٽان لنگهندي سنڌوءَ ڏانهن اچي ٿي. ان ڪري ان درياهه جي مهڙ واري اڌ، يعني اولهه واري حصي ۾ ٻنهي ڪنارن تي افغان رهن ٿا، جڏهن ته اوڀر واري اڌ تي پٺاڻ ۽ هندڪو ڳالهائيندڙ ماڻهو آباد آهن. ڪابل نديءَ جو اولهه وارو گهڻو ڀاڱو، ان لائق ناهي جو ان ۾ ٻيڙيون لاهي درياهي سفر ڪري سگهجي. ان ڪري قديم مهمون جيڪي اٽڪل 550- قبل مسيح کان شروع ٿيون پڪ سان ڪابل نديءَ جي ان حصي کان شروع ٿيون جتان کان ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ تائين رسائي ممڪن آهي، يعني لڳ ڀڳ نوشهري وٽان.
سراولف ڪيرو جي لکڻين مان ظاهر آهي ته، هن کي پٺاڻن جي وطن جي مهڪ لاهور کان اٽڪ ويندي سنڌوءَ کان 40 ميل اڳ ٽيڪيسلا جي ويجهو مارگله کان محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. هن صاحب اتان کان ئي اٽڪ وٽ سنڌوءَ جي سوڙهي جابلو لنگهه جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن کانپوءَ يعني اولهه طرف، هڪ پُل ٽپڻ کانپوءِ وادي ويڪري ٿئي ٿي. اتي ئي سنڌوءَ ۽ ڪابل ندين جو ميلاپ ٿئي ٿو. هيءُ ماڳ ٻن اهم دنيائن ڏانهن ويندڙ رستن جو سنگم بڻجي ٿو. هڪ ته ڪابل کان ٿيندو اتر ايشيا ۽ يورپ ڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ ٻيو پامير ۽ چين تائين وڃي ٿو. سراولف ڪيرو سنڌوءَ ۽ ڪابل نديءَ جي ڀرپاسي جو جيڪو جاگرافيائي تفصيل ڏنو آهي سو ڪافي معلوماتي آهي. پر ليکڪ هن خطي جو ذڪر ڪجهه ان ريت ڪيو آهي جو علائقي ۾ پشتون آبادين کانسواءِ ٻين قومن ۽ قبيلن جو وجود ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اها ڳالهه صحيح ناهي. ڪابل نديءَ جا اڀرندا حصا توڙي سنڌوءَ جو اتريون پاسو، سنڌو ثقافت ۽ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي تمدن جو حصو آهن. ڇو ته اتي پشتو کانسواءِ اهڙيون ٻوليون به مروج آهن جيڪي سنڌو تهذيب جو عڪس پيش ڪن ٿيون.
هر قوم جي اها ڪمزوري هوندي آهي ته اها پاڻ کي ماضيءَ جي ڪن شاندار واقعن، قبيلن يا شخصيتن سان جوڙيندي آهي، جيئن ڪافرستان جا ماڻهو پاڻ کي بني اسرائيل سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ بلوچ پاڻ کي حضرت امير حمزي يا وري نمرود سان جوڙيندا آهن. پر اهي ان وقت تائين محض روايتون ئي لکبيون جيستائين تحقيق مڪمل ٿئي. پنجاب، صوبي سرحد ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ سليمان جبل ، تخت سليمان (اوچائي 3380 ميٽر ديري اسمائيل خان کان 100 کن ڪلو ميٽر جي اولهه ڏکڻ ۾) ايران ۾ شيراز لڳ پاسرگاد ۽ پرسيپولس سان حضرت سليمان کي جوڙڻ عجيب سلسلو آهي. اهي ڏند ڪٿائون بهرحال، فارسي ۽ عربي قصن ۽ اثر کي ظاهر ڪن ٿيون.

سنڌو ندي شروع ڪٿان ٿئي ٿي؟

سنڌوءَ ندي شروع ڪٿان ٿئي ٿي؟ اهو وري هڪ ٻيو بحث آهي. عام راءُ ۽ تبتين جي عقيدي موجب هماليه جي ٻئي ڀر مانسر يا مانسرور ڍنڍ جو جمع ٿيل پاڻي جڏهن وهي هلي ٿو ته اهو سنڌوءَ جو وهڪرو آهي. پر جيڪڏهن دنيا جو ڪو به سٺو ائٽلس کڻي ڏسبو ته اها دعويٰ درست نظر نه ايندي.
مانسرور يا مانسر ڍنڍ، ملڪ نيپال جي اولهه واري ڪنڊ کان، اتر ۾ تبت جي سرحدن ۾ واقع آهي. اهو علائقو تبت جو ڏکڻ آهي. اتي ڪئلاش پربت واقع آهي. جنهن جي اوچائي 6714 ميٽر يا 22028 فٽ آهي، ڪئلاش جبل جي 15000 فٽ اوچي ماٿريءَ ۾ ٻه وڏيون ڍنڍون آهن، جن جو هڪٻئي سان ڳانڍاپو به آهي. اوڀر واري ڍنڍ جو نالو مانسرور آهي، جڏهن ته اولهه واري ڍنڍ کي “راڪاس تال“ يعني ”راڪاس ڍنڍ“ چيو وڃي ٿو. (Newnes World Atlas-London)
ڪئلاش پربت واري جابلو سلسلي کي Gangdisi Range به چئجي ٿو. آڪسفورڊ ورلڊ ائٽلس ۽ برٽينيڪا ورلڊ ائٽلس هڪ وڌيڪ دلچسپ صورتحال ٻڌائين ٿا، يعني، سنڌو ندي ڪنهن به ڍنڍ مان نٿي نڪري پر اها ڪئلاش پربت مان مانسرور ڍنڍ جي اتر ۾ 50 کن ڪلو ميٽر پري کان شروع ٿي، پنهنجو پاڻي ميڙي، جبلن مان پنهنجو لنگهه ٺاهي، تبت مان نڪري، لداخ وٽان ڦرندي، ان کانپوءِ اسان جي ڏٺل وائٺل رستي تي هلي ٿي. هوڏانهن مانسرور سان ڳنڍيل راڪاس ڍنڍ مان برابر هڪ ندي نڪري ٿي، جيڪا سنڌو نه پر ستلج ندي آهي. اِها ندي سنڌوءَ وانگر اولهه طرف کان وڏو وڪڙ کائي اپکنڊ ۾ داخل نٿي ٿئي پر پنهنجو وهڪرو اولهه ڏکڻ ۾ جاري ڪري ٿي ۽ نيٺ پنجاب جي ٻين ندين سان گڏجي پنجند وٽ سنڌوءَ سان گڏجي ٿي.
مانسرور ڍنڍ ايورسٽ چوٽيءَ کان اٽڪل 500 ڪلو ميٽر اولهه- اولهه اتر ۾ آهي، جڏهن ته سنڌوءَ جو مهڙ ڪئلاش پربت جي اتر ۾ آهي. قديم ڪتابن ۾ سنڌوءَ کي مانسرور مان نڪتل ندي ڇو ٻڌايو ويو؟ شايد ان ڪري ته تڏهن هماليه ۽ ندين جا ور وڪڙ چڱيءَ طرح نه ڏٺا ويا هئا. ۽ نتيجي ۾ قديم ڪتابن جي ليکڪن کان هڪ وڏي غلطي ٿي وئي.
اپکنڊ جي ديومالا چوي ٿي ته، هتان چار نديون نڪرن ٿيون جيڪي چئن مختلف رخن کان وهن ٿيون. سنڌو ندي اتر طرف کان شينهن جي وات مان نڪري ٿي، اولهه کان ستلج ندي هاٿيءَ جي وات مان نڪري ٿي، ڏکڻ طرف کان ڪرنالي ندي، مور جي چهنب مان نڪري ٿي ۽ اوڀر طرف کان برهمپترا گهوڙي جي وات مان نڪري ٿي. ڪرنالي ندي، اڳتي هلي گنگا ٿي پوي ٿي. هندو ڏندڪٿا ۾ مٿين چئني جانورن کي مقدس حيثيت آهي.
1811ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ملازم مُور ڪرافٽ جوکم کنيو ۽ وڃي ڪئلاش کان نڪتو. اهو نه رڳو جاگرافيائي جوکم هو پر مقامي عقيدن ۽ سياسي حالتن جي اعتبار کان به گهٽ جوکم نه هو. تبتين جي خيال ۾ ڪئلاش پربت ڌرتيءَ جو وچ آهي ۽ هڪ اهڙو برفاڻو جبل آهي جتي هزارين ديوتا ۽ فطرت جون مقدس آتمائون رهن ٿيون، جن کي فقط سچين ۽ اندر جي اکين سان ڏسي سگهجي ٿو.
هندن جي خيال ۾ ڪئلاش مهاديو جو آستانو آهي، جنهن تي هو هر وقت تپسيا ۽ گيان ڌيان ۾ مصروف رهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي زال پاربتي ۽ ٻين ننڍن ديوتائن سان گڏجي، مانسرور ڍنڍ ۾ ترندا آهن. انڪري ماڻهوءَ ذات کي اها ڳالهه نه ٿي جُڳائي ته اهو ديوتائن جي دنيا ۾ پير وجهي. گهڻو ممڪن آهي ته ديوتا ڪنهن ڳالهه تان چِڙي کيس اهڙي سيکت ڏين جيڪا ڪڏهن به وسري نه سگهي، پر ماڻهو ڪٿان ٿو مُڙي. ڪنهن به ڌرم يا مذهب ۾ ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي خواهش اها هجي ٿي ته الله راضي ٿئي يا ڀڳوان پرچي پوي. جيڪڏهن اهو ممڪن ناهي ته پوءِ ڀڳوان کي اکين سان ڏسي ڍاپجي، درشن ڪجي يا جيڪڏهن اهو به ممڪن نه هجي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ مقدس/ پوتر ماڳن جو درشن ڪجي. سو، ماڻهو ڪئلاش ۽ مانسرور جي ياترا تي ويندا آهن. هيءُ ماڳ رڳو هندن لاءِ پوتر ناهي، خود تبتين جو عقيدو آهي ته مهاتما گوتم ٻڌ پنهنجن مڪتي ڏيندڙ 500 ساٿين سميت هتي رهي ٿو.
منڇر ۽ ڪئلاش جي ياترا لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سوين ميلن جو اڻانگو پنڌ به ڪرڻ پوي ٿو. ڪي ماڻهو پنهنجن وڏڙن جي رک ڍنڍ ۾ وجهڻ ايندا آهن ته جيئن انهن کي مڪتي ملي. واپسيءَ مهل وري پاڻيءَ جا دٻا ڀري کنيو وڃن، جيئن مسلمان مڪي شريف مان آبِ زم زم ڀريو اچن. جبل ۽ ڍنڍ ڏانهن ويندڙ واٽن تي هنڌ هنڌ مندر جڙيل آهن. ماڻهو هر تيرت تي ترسي پوڄاپاٺ ڪن ٿا. مانسرور ڍنڍ تي سندن ياترا اولهه کان اوڀر ٿيندي آهي ڇو ته سج جو سفر به اوڀر کان اولهه هوندو آهي.
مورڪرافٽ کان اڳ پورچوگيز پادري عيسائيت جو پرچار ڪرڻ پهتا هئا پر تبتين جي عقيدن آڏو، سندن دال نه ڳري ۽ مايوس وريا. مورڪرافٽ کان هڪ سؤ سال پوءِ 1907ع ڌاري هڪ سوئڊش مهم جو Seven Hedin مورڪرافٽ جي پيرن تي نڪتو. هنن ٻنهي مانسرور ۽ ڪئلاش جي جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي سا ڏسي ۽ پڙهي هندو ڏند ڪٿائن تي پيار اچي وڃي ٿو.
ڪئلاش جبل جو رنگ گهرو واڱڻائي آهي، پر اهو ڪارو ڏسجي ٿو، شايد ان ڪري ئي ان کي ڪئلاش يا ڪالاش يا ڪارو سڏين ٿا. ڪئلاش جي مکيه سلسلي کان ٿورو پاسيري ۽ ٻنهي ڍنڍن جي ويجهو 2200 فٽ برف پوش چوٽي، هر وقت ڪوهيڙي، برف ۽ ڪڪرن ۾ ويڙهيل رهي ٿي. جبل سخت کردرو آهي، جيڪو ياترين کي ڦٽي وجهي ٿو.
مهم جو سيوين هيڊن، مانسرور جي ماپن تي وڏي محنت ڪئي. هن ٻڌايو ته ڍنڍ جو ترو ساسر جهڙو آهي ۽ وچ ڍنڍ ۾ ان جي وڌ ۾ وڌ اونهائي 250 فٽ آهي. ڍنڍ جو قطر 15 ميل آهي. مانسرور ۽ راڪاس ڍنڍن جي وچ ۾ ٻنهي کي ملائيندڙ چئنل سوڙهو آهي. جڏهن هيڊن اهو چئنل ڏٺو تڏهن اهو خشڪ هو. هو اونهاري جي مند ۾ اتي ويو هو.
راڪاس ڍنڍ تي اهو نالو شايد انڪري پيو جو، ڏندڪٿائن موجب تنهن وقت ۾ ڪجهه راڪاسن ديوتائن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪئلاش جبل کي ڊاهڻ يا ڪيرائڻ جا جتن ڪيا هئا. چون ٿا ته ڪئلاش جي پاڙ ۾ اهو ڪڙو ۽ رسا ڇڪڻ جو نشان اڃا به موجود آهن. جن سان راڪاسن ڪئلاش اکوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. راڪاس به شايد اتي ئي راڪاس ڍنڍ وٽ رهندا هئا، جنهن ڪري ڍنڍ تي اهو نالو پيو.
اونهاري جي مند ۾ مانسرور ۽ راڪاس پرسڪون نيريون ڍنڍون آهن. سرءُ جي مند ۾ راڪاس ڍنڍ تي برف ڄميو وڃي، صاف ۽ سڌي، ان حد تائين جو ان ۾ مڇيون ۽ نباتات ڏسي سگهجي ٿي. مانسرور ڍنڍ ۾ گرم چشما به آهن جنهن ڪري اها مڪمل طرح نٿي ڄمي.
موسم جي لحاظ کان هيءُ ماڳ ڀروسي جهڙو ناهي. ڪنهن به مهل اوچتو ئي اوچتو طوفان منهن ڪڍن ٿا، ڪڏهن مينهن، برف ته ڪڏهن تکيون هوائون لهيو پون. انڪري ڍنڍن ۾ لهڻ يا ٻيڙيون ڪاهڻ سر تريءَ تي کڻڻ برابر آهي. علائقي ۾ سرمائي هنج، عقاب ۽ پاڻيءَ جي پکين جا ڪيئي قسم آهن، جيڪي يا ته پاڻ ڀڳوان جا روپ آهن يا وري ڀڳوان جي وندر جو سامان.
ڌرتي وديا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، اٽڪل پنج لک سال اڳ ڌرتيءَ جي زبردست ڀڪوڙ سبب ايوريسٽ ۽ ڪي-ٽُو (K2)چوٽين جي وچ ۾ ڪئلاش پربت اڀريو. ان سان ڇا ٿيو جو ان علائقي مان وهندڙ هڪ وڏو وهڪرو ٻن ڀاڱن ۾ پکڙجي ويو. هڪ گنگا ۽ برهمپترا وارو جيڪو ڏکڻ اوڀر ڏي ويو ۽ ٻيو ستلج ۽ سنڌوءَ وارو، اتر ۽ اولهه ڏانهن مڙي ويو. هن وقت گنگا ۽ سنڌوءَ جا بُنجا هڪ ٻئي کان فقط 60 ميل پري آهن پر ٻنهي جا ڇوڙ هڪ ٻئي کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ميل پري ڊيلٽا ٺاهن ٿا.

سنڌو طاس

سنڌو طاس

هماليه جي اتر اولهه واري ڀاڱي مان بيشمار ننڍيون وڏيون نديون آبشارن وانگر ڪرن ٿيون ۽ اپکنڊ جا ٻه وڏا تراکڙا ميدان ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، هڪ سنڌو ماٿريءَ جو ۽ ٻيو گنگا ماٿريءَ وارو. هن هنڌان ايتريون نديون ڇو ٿيون نڪرن؟ ان جو جواب ان رپورٽ مان ملي سگهي ٿو جيڪا تازو (5 مئي 1992ع تي) جاري ٿي هئي.
رپورٽ چوي ٿي ته، جيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي هڪ ٽيم 18 سالن جي لاڳيتي جاکوڙ کانپوءِ معلوم ڪيو آهي ته، هماليه جابلو سلسلي ۾ گليشئرن جو تعداد 5220 آهي. تازي پاڻيءَ جا اهي ڄميل ذخيرا اپکنڊ جا دائمي درياهه ٺاهين ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ننڍين وڏين ٻوڏن جو سبب ٿين ٿا. هن سروي کان اڳ هماليه ۾ گليشئرن جي تعداد بابت ڌُُڪا هنيا ويندا هئا. جنهن موجب گليشئرن جو تعداد پنجن کان پندرهن هزار وڃي بيهندو هو. هماليه جي گليشئرن جو پهريون اڀياس، ٻن آمريڪي محققن مائويسي ۽ جيشڪي 1812ع ۾ ڪيو هو. ان کانپوءِ 1974ع ۾ جيالاجيڪل سروي انڊيا وارن اهم ڪم کنيو. اڀياس جي نتيجن موجب اهي گليشئر 38039 ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهن جيڪي ٽن درياهي ماٿرين سنڌو، گنگا ۽ برهمپترا جي وچ ۾ ورهايل آهن. گليشئرن جو وڏي ۾ وڏو تعداد 3538 سنڌو نديءَ جي طاس ۾ آهي، جڏهن ته گنگا طاس ۾ 1020 ۽ برهمپترا طاس ۾ 662 آهي. هماليه جي ڊيگهه اوڀر کان اولهه اڍائي هزار ڪلو ميٽر ۽ ويڪر اتر کان ڏکڻ 400 ڪلو ميٽر آهي.
گليشئرن بابت رپورٽ اهو به چوي ٿي ته اهي ڄمون، ڪشمير، هماچل پرديش، اتر پرديش، سڪم ۽ ارنا پرديش ۾ آهن. وڌ ۾ وڌ گليشئر ڪشمير ۾ آهن، جن جو تعداد 3136 آهي، اهي 22 هزار چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهن ۽ انهن جي سراسري ماپ 10.24 چورس ڪلوميٽر آهي. رپورٽ مطابق هن وقت دنيا جي 10 سيڪڙو ايراضيءَ تي گليشئر موجود آهن. جڏهن ته 10 هزار سال اڳ برفاني دور ۾ ٽيڻا گليشئر هئا، ٻئي طرف، گذريل سؤ سالن ۾ هماليه مان 10 سيڪڙو گليشئر گهٽيا آهن. گليشئرن جي ان گهٽجندڙ تعداد سبب سائنسدانن ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ڇو ته ان سبب ڪري پاڻيءَ جو ذخيرو ۽ درياهن جو وهڪرو گهٽجي رهيو آهي، جڏهن ته آدم واڌ ۽ زرعي زمينن جي گهرج ۾ واڌ سبب وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت پوندي.
هڪ ٻي رپورٽ مطابق سنڌو طاس جي سڀني درياهن جو گڏيل پاڻي 170 ملين ايڪڙ فٽ آهي، جيڪو نيل دريا کان ٻيڻو ۽ دجله فرات کان ٽيڻو آهي. اڄڪلهه، پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ٿيل سنڌو طاس ٺاهه سبب بياس، ستلج ۽ راويءَ جو 33 ملين ايڪڙ فٽ هندستان کي ملي ٿو، يعني پاڪستان وٽ 137 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي آهي. ان ٺاهه جو سڀ کان خراب اثر سنڌ تي پيو آهي.

سنڌو طاس ٺاهه

سنڌو طاس ٺاهه

سن 1960ع ۾ ”سنڌو طاس ٺاهه“ ڪهڙين حالتن ۾ ٿيو؟ پاڪستان جو اڳوڻو فوجي صدر ايوب خان پنهنجي ڪتاب ”فرينڊز ناٽ ماسٽرز“ ۾ لکي ٿو ته: ”مون کي سڀ کان گهڻي پريشاني پاڪستان جي غير محفوظ هئڻ جي هئي. اسان جي درياهن جا هيڊ ورڪس هندستان ۾ هئا ۽ اهي جايون به جتان درياهه شروع ٿين ٿا. هندستان پاڻيءَ جو رخ بدلائڻ جا انتظام ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڀارتي فوج، اسان جي فوجن کان ٽيڻي هئي. مون سوچيو ته جيڪڏهن ڀارت سان ڳالهايون اڌ ۾ رهجي ويون ۽ ڀارتي حڪومت درياهن جو رخ بدلائڻ جو فيصلو ڪري وجهي ته پوءِ اسان کي جنگ آڏو ايندي. هر ڳالهه اسان جي خلاف هئي، ان ڪري ان ۾ ئي مصلحت هئي ته ڀارت سان ٺاهه ڪيو وڃي، پوءِ ڇو نه کڻي ڪجهه نقصان کڻڻو پوي، جيڪڏهن اسان ائين نه ڪنداسون ته سڀ ڪجهه وڃائي ويهنداسين.“
ايوب خان ڪهڙو به دليل ڏيئي سگهي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته سندس دليل ۾ وزن هجي پر ان ٺاهه، سنڌ کي پاڻيءَ جي مستقل گهوٽالي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

رگ ويِد ۾ سنڌو

رگ ويِد ۾ سنڌو

رگ ويد، اپکنڊ جو سڀ کان قديم ڪتاب آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ هزار سال قبل مسيح کان 1500 قبل مسيح جي وچ ۾ لکيو ويو. بهرحال، اڃا تائين ڪنهن به محقق تاريخ جي پڪ نه ڏني آهي. البت ڪجهه محققن جي راءُ آهي ته رِگ ويد جو پراڻي کان پراڻو گيت اڃا به هڪ هزار سال اڳ جو ٿي سگهي ٿو. رگ ويد ۾ سنڌوءَ جو ذڪر ڪجهه هن ريت آهي:
1. سنڌ گهوڙن ۾ شاهوڪار، رٿِن (جنگي گهوڙي گاڏيون) ۾ شاهوڪار، ڪپڙي لٽي ۾ شاهوڪار، عمدن گهڙيل سونن زيورن ۾ شاهوڪار، کاڌي خوراڪ ۾ شاهوڪار، سدائين تازي، اُن ۾ شاهوڪار، سلِما ٻوٽا (مڃ؟) به جام آهن ۽ ..... ندي ماکي ڏيندڙ گلن سان ڍڪيل آهي. (رگ ويد: منڊل ڏهون سؤڪت 15)
2. ”اي سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي، تڏهن تون بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي، تنهنجو پاڻي اتم آهي. اي سنڌو! جيڪڏهن تنهنجي سونهن جي ڀيٽ ڪجي ته تون نئين ڪنوار وانگرآهين. سنڌو سدائين جوان ۽ سدائين سهڻي آهي ....“
3. ”اي سنڌو! پهريائين تون ترشتما (Trishtama) سان گڏجي وهين ٿي، ۽ پوءِ سسرتو (Susartu) ۽ رسا ۽ سويتي (سوات ندي) سان تون ڪنڀا (ڪابل ندي)، گومپي (گومل)، ميهتنو (Mehatnu) ۽ ڪرمو (Krumu) (ڪرم) سان گڏجي وهين ٿي.“
4. سنڌوءَ جي گجگوڙ ڪندڙ پاڻيءَ جو آواز ڌرتيءَ کان آسمان تائين ٻڌجي ٿو. اڇي لاٽ جو چمڪو سندس وهڪري کي ڊگهو ڪري ٿو.
5. ”اي سنڌو! جيئن سوئا ڳئون کير سان ڀريل اوهن سان پنهنجن ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون، تئين، ٻيون نديون جدا جدا هنڌن مان پاڻي کڻي توڏي رنڀنديون اچن ٿيون.“

سنڌو مهم ۾ شرڪت

سنڌو مهم ۾ شرڪت

صحافيءَ جي حيثيت ۾ مون کي اها ته خبر هئي ته سنڌوءَ جي اڀياس لاءِ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڪا مهم شروع ٿيڻي آهي پر ڪڏهن کان؟ اهو نه ٿي ڄاتم. ان اڻڄاڻائيءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته مهم تي نڪرڻ جو ڪم تمام ماٺ ميٺ ۾ پئي ٿيو ۽ ثقافت کاتي ان مهم جو هروڀرو ڪو اعلان به نه ڪيو هو.
مون کي مهم بابت معمولي کڙڪ هئي. ويهارو ڏينهن اڳ اسان جي صحافي دوست انور پيرزادي جنهن سان گڏ هن کان اڳ ”ڀٽائي ريسرچ سوسائٽي“ هيٺ ڪي سنهيون ٿلهيون مهمون ڪيون هئم، ٻڌايو هو ته، سنڌ جو ثقافت کاتو سنڌوءَ بابت هڪ مهم شروع ڪري رهيو آهي. وڌيڪ تفصيل هو به ٻڌائي نه سگهيو هو. ٻن هفتن تائين ڪو به تفصيل نه مليو ته ڳالهه دل تان لهي وئي. مون سوچيو ته، “سرڪار گهڻئي پروگرام رٿيندي آهي پر شايد ئي ڪنهن تي عمل ٿيو هجي!“
مون هندستان گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو، پاڪستان سرڪار کان اجازت به ملي وئي. منهنجو ارادو هو ته اجنتا الورا، الفانٽا غار ۽ گرنار جبل جا مندر ڏسبا. اڃا ڀارتي قونصل خاني سان ويزا لاءِ لهه وچڙ جو مرحلو شروع ٿيو هو.
پهرين نومبر تي، سدائين وانگر هلال پاڪستان جي مارننگ شفٽ ۾ ڊيسڪ تي ڪم لاءِ پهتس. هميشه وانگر هلال پاڪستان جو تازو پرچو جيڪو اسان ڪالهه تيار ڪري ويا هئاسين ڊيسڪ تي موجود هو. اخبار جي پوئين صفحي تي اها خبر هئي جنهن جي انتظار ۾ ٿڪجي چڪا هئاسين:
”سنڌ ثقافت کاتي پاران سنڌوءَ جي اڀياس لاءِ نڪتل ٽيم 3- نومبر تي صبح جو 8-لڳي اٽڪ کان ٻيڙين رستي پنهنجو سفر شروع ڪندي ۽ 24 تاريخ تي ڪراچي پهچندي، ٽيم ۾ صحافي به شامل آهن.“
خبر پڙهي پوري مس ڪيم ته ،مٿان انور پيرزادي جو فون آيو.هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڇيو ”صاحب ڇا حال آهي؟“
”حال احوال کي ڇڏ ،پهرين اهو ٻڌاءِ ته خبر پڙهيئه؟“
”ڪهڙي؟“ انور خبر نه پڙهي هئي. حال احوال ٿيو ۽ فيصلو ٿيو ته هاڻي جو هاڻي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سان ملي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائجي ته جيڪڏهن ٽيم ۾ صحافين جي گنجائش هئي ته پوءِ اسان کي ڇو نه ٻڌايو ويو.
هڪ ڪلاڪ جي اندر اسان ٻئي سيڪريٽري آڏو ويٺا هئاسين. خبر پئي ته جن صحافين کي سفر لاءِ چيو ويو هو ته، انهن ايترو معاوضو گهريو هو جو ثقافت کاتو ڏيئي نه پيو سگهي. ٽيم ۾ هن وقت ڪو به صحافي ڪونه هو.
”توهان وڃڻ پسند ڪندؤ ؟“ مئڊم سوال ڪيو.
”بالڪل ۽ بنا معاوضي!“ اسان جو گڏيل جواب هو.
”ته پوءِ مون کي ڪوشش ڪرڻ ڏيو ۽ دعا ڪيو ته توهان کي جهاز ۾ سيٽون ملي وڃن.“
اسان کي 2-نومبر تي منجهند واري فلائٽ ۾ اسلام آباد لاءِ ٻه سيٽون مليون. اسان اخبارن مان موڪلون ورتيون ۽ زباني اهو چيو ته ، ”موڪل نٿا ڏيئي سگهو ته استعفائن لاءِ به حاضر آهيون.“ اخبارن مان اوچتيون ۽ ڊگهيون موڪلون نه ملنديون آهن. موڪلون منظور ٿيون. تڙتڪڙ ۾ تياري ٿي. هندستان گهمڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيم. زندگي رهي ته هندستان گهمي وٺبو، سنڌوءَ جي مشاهدي جو وري موقعو ڪونه ملندو!

آديسي اڄ مر! سڀان مرندو سڀڪو

آديسي اڄ مر! سڀان مرندو سڀڪو

خميس 2-نومبر 1989ع
رات جا ساڍا نو ٿيا ته جهاز اسلام آباد لاءِ ٻيهر اڏامڻ جي تياري ڪئي. اسان کي منجهند جو 3- وڳي ڌاري بورڊنگ ڪارڊ مليو هو. هنن ساڍن ڇهن ڪلاڪن ۾ گهڻو ڪجهه ٿي ويو هو.
اصل ۾، جهاز پنهنجي وقت تي اڏاڻو هو، شام جو 4:10 وڳي جهاز ٽيڪ آف ڪيو هو ۽ پروگرام موجب 6 وڳي ڌاري اسلام آباد جي هوائي اڏي تي لهڻو هو. جتي ثقافت کاتي جي ٽيم جو ميمبر اسان سان ملي ها ۽ پوءِ اٽڪ وڃون ها! پر چوندا آهن ته غريب جي قسمت هميشه ڦٽل هوندي آهي ... هتي به هڪ رولو اسان جو منتظر هو.
اهي تمام قيمتي ۽ اذيت ناڪ گهڙيون هيون. جهاز اڃا 20-25 منٽ ئي اڏاڻو هوندو جو جهاز ۾ ڪنهن شيءِ جي سڙڻ جي بوءِ پکڙجي وئي، اسان هڪ هنڌان دونهون نڪرندي ڏٺو، ڪن هنڌن تي ايئرڪنڊيشنر سسٽم ۾ خرابي سبب پاڻي به ٽمي رهيو هو. جهاز ٻيو نه ته 20 هزار کن فٽ اوچي اڏام تي هوندو، ٽي سؤ کن مسافر هئا. انهن ۾ عورتون، ننڍڙا ٻار، ڪُراڙا ۽ نوجوان سڀ هئا. ماڻهو پريشان ٿي ويا. ڊپ کان اڪثر ماڻهن جون اکيون ڦاٽي ويون هيون ۽ قرآني آيتن جو ورد شروع ٿي ويو هو.
مان سمجهان ٿو ان مهل اسان لڳ ڀڳ دادو موري يا نواب شاهه وٽ هونداسون جو جهاز اڌ گول ڦيرو کائي اتر ڏانهن وڌڻ بدران واپس ڏکڻ اولهه مڙيو هو. اهو ڦيرو ٻين مسافرن محسوس نه ڪيو. مون کي ان ڪري خبر پئي جو ان وقت مان قطب نما ۾ اهو ڏسي رهيو هوس ته اهو صحيح ڪم ڪري رهيو هو يا اڳتي دوکو ڏيندو. جهاز ڦيرو کاڌو ته مون سمجهيو ته قطب نما ۾ ئي خرابي آهي پوءِ ان مهل قطب نما جي درست هجڻ جي تصديق ٿي، جڏهن جهاز جي ڪپتان اعلان ڪيو ته، فني خرابي سبب اسان واپس ڪراچي وڃي رهيا آهيون ۽ جلد ئي هوائي اڏي تي لهنداسون.
اعلان ٿيڻ جي باوجود مسافرن جي ڳڻتي نه لٿي، گهڻن کي ته پگهر اچي ويا. ٺيڪ 5 لڳي جهاز ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي پير رکيا. جهاز جا دروازا کليا ئي مس ته مسافرن وٺي ڊوڙون پاتيون ۽ هڪٻئي کي چيڀاٽيندا لهي ويا. هيٺ پي آءِ اي جو هنگامي عملو تيار بيٺو هو. بچاءُ ٿي ويو. ماڻهن خدا جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ هٿ کڻي آڪاس ڏانهن ڏٺو ۽ ٽرانزٽ لائونج ۾ گهڙي ويا.
واپسيءَ کان پوءِ روانگي جي صورتحال غير يقيني ٿي وئي هئي. پي آءِ اي جي انتظاميه جهاز جي مرمت ڪرڻ يا ڪو ٻيو جهاز هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئي. مسافر ٻئي جهاز جي انتظار ۾ ويٺا رهيا، نيٺ خبر پئي ته ساڳئي ئي جهاز کي ٿُڪ بُجو ڪري ٺيڪ ڪيو ويو آهي. گهڻن ماڻهن جو ته هنيانءُ ٻڏي ويو. ”اسان ان جهاز ۾ نه چڙهنداسون!“ وچولي عمر واري هڪ همراهه زور سان رڙ ڪئي. ”اسان به نه چڙهنداسون!“ ڪجهه ٻين به چيو. ”مان نه چڙهندم!“ ٻي ڪنڊ مان آواز آيو. نيٺ پي آءِ اي وارن هڙتالي مسافرن جي ڳالهه مڃي اعلان ڪيو ته، “جيڪو مسافر رضا خوشيءَ سان نٿو هلي اهو ڀلي ٽڪيٽ واپس ڪري ۽ پنهنجو سامان کڻي گهر روانو ٿئي.“
انور مون ڏانهن ڏٺو. سندس ارادو به واپسي جو هو. ”نه!“ مون انڪار ڪيو. انور ٽهڪ ڏنو، ”تون هميشه گن پوائنٽ تي سفر ڪرائيندو آهين!“
”منهنجي صلاح مڃ ته موٽي ٿا هلون؟“ انور ڪجهه سوچي رهيو هو. ”پنهنجو شيڊيول ٽائٽ آهي ... جيڪڏهن جهاز نه کري ها ته شام جو ڇهين لڳي پنهنجا ميزبان ايئرپورٽ تان پاڻ کي وٺي وڃن ها ... ان کانپوءِ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جو باءِ روڊ سفر ڪرائي اٽڪ پهچائن ها، ڇو ته صبح جو 8-9 لڳي ڌاري ٻيڙيون هلنديون جن ۾ پاڻ کي سفر ڪرڻو آهي ... تون وري هتان جو جائزو وٺ! خبر ناهي ڪيڏيءَ مهل پهچون، پنهنجا ميزبان هجن يا نه هجن! رُلي وينداسون! جهاز ۾ به خرابي آهي، اها درست الائي ڪيئن ٿيندي! پِي آءِ اي ڪمرشل ادارو آهي يعني بس خراب هوندي ته به ڪنڊيڪٽر ٽڪيٽون کپائي سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪندو آهي ... سو باقي تنهنجو ضد آهي ته ڀلي هل! اها ڳالهه ته ٿي: آديسي اڄ مر، سڀان مرندو سڀڪو!“ انور دليل ڏيندي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٽهڪ ڏنو.
خدا خدا ڪري جهاز ٻيهر اڏاڻو. هن ڀيري اڌو اڌ سيٽون خالي هيون. منجهند جو ٽين لڳي حاصل ڪيل بورڊنگ ڪارڊ تي پنهنجو سفر اڃا جاري هو. اسان بوريت ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”توهان ڪهڙي قسم جي بيل گاڏيءَ ۾ سفر ڪري رهيا آهيو، جيڪا موهن جي دڙي واري ڏاند گاڏيءَ کان به سست آهي؟“
”هن کي ايئر بس چئبو آهي جيڪا 29 هزار فُٽن جي بلنديءَ تي 860 ڪلو ميٽر جي رفتار سان اڏامندي آهي.“
”ماشاءَالله!“
جهاز جي ڪپتان پنهنجي ڪئبن مان ڳالهايو، ”هن وقت جهاز کان ٻاهر ڪاٽو 35 ڊگريون سينٽي گريڊ گرمي پد آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ گرميءَ جو درجو 22 ڊگريون آهي.“ اسلام آباد ۾ گرميءَ جو درجو ٻڌي اسان کي اطمينان ٿيو. هونئن به ٿڌ کان بچاءُ جو اسان وٽ پورو پورو انتظام هو.
اسان پوئتي ڪراچيءَ ۾ چڱي خاصي سياسي بي يقينيءَ واري ڪيفيت ۾ پنهنجا ڪٽنب ڇڏي نڪتا آهيون. ڪلهه بينظير ڀٽو خلاف عدم اعتماد جي رٿ رد ٿي آهي، ان کانپوءِ ڪراچيءَ جي ڪيترن علائقن ۾ ڪرفيو لڳي رهيو آهي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪرفيو لڳڻ جا امڪان آهن.
”خبر ٻڌءِ!“
”وري ڇا ٿيو؟“
”هي جهاز جنهن کي مرمت ڪري اڏاريو اٿن ۽ جنهن جي ٻن ٽن حصن مان پاڻي پئي ٽِميو ۽ جنهن لاءِ ماڻهو دعائون ٿا پيا ڪن ته خير سان اسلام آباد ۾ لهي ته منجهانئن جند ڇٽي، سو وقت سر نه لهندو!“
”ڇو؟“
”چون ٿا ته اسلام آباد جي هوائي اڏي تي وِي . وِي .آءِ. پِي ٽريفڪ سبب ايئر فيلڊ کي بند ڪيو ويو آهي. پوڻي ڏهين کان سواءِ ڏهين تائين هيءُ کريل جهاز، اسلام آباد مٿان لامارا هڻندو رهندو ۽ کيس ڪليئرنس نه ملندي.“
”اسلام آباد سدائين گهوٽالي ۾، جنهن اسلام آباد ڏانهن رخ ڪيو سو وري ڪيئن گهوٽالن کان جند ڇڏائيندو!“
”ڏس نه هيءَ جهاز به پاڪستاني سياست وانگر رولڙي ۾ ... آسمان ۾ پيو ڦيرا ڏئي. وي.وي.آءِ.پي ٽريفڪ سبب مورڳو ٿو ماڻهن جو ساهه وڃي. ڪنهن تي اعتبار ڪجي!“
”بس ادا هاڻي ته اعتبار آهي سنڌو درياهه تي، جنهن جي چوڻ تي پيا هلون.“
مان ۽ هُو پاڻ ۾ ڳالهائيندا پئي وياسون.
اسان کي في الحال سفر جي گهڻن پهلوئن کان واقفيت ناهي. ڪو به ڪاغذ پٽ نه ڏٺو اٿئون. بس سڀ ڪم ٻُڌ سڌ تي پيو هلي. اسان به فقط سنڌوءَ جي مشاهدي خاطر جوکم کنيو آهي. خبر ناهي ته ٻيڙيون ڪهڙيون آهن؟ ڪيتريون وڏيون آهن؟ اسان ٻڌو آهي ته، هن سفر جو سڄو خرچ سنڌ سرڪار نه ڪيو آهي، البت ڪنهن پرائيويٽ ڪمپنيءَ به ڀائيواري ڪئي آهي ۽ اسان ان مهم ۾ زوريءَ ڪاهي پيا آهيون. شاباس آهي ثقافت کاتي وارن کي جن مهم ۾ شامل ڪري اسان کي کنيو آهي.
اسان کي اها به خبر ناهي ته اها ڪهڙي ڪمپني آهي جنهن هن مهم ۾ خرچ پکو ڏنو آهي ۽ ان جا هن مهم ۾ ڪهڙا مفاد آهن؟ (ڪئمپ تي پهچڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها ڪمپني پرل ڪانٽينينٽل هوٽلز واري آهي جنهن پنهنجي مشهوريءَ جي خيال کان هڪ ٽيم ميمبر نديم قمرالدين جي رسائيءَ تي ڪافي خرچ کنيو آهي) ثقافت کاتي جا مفاد ته پڌرا آهن؛ جيئن ٻڌجي ٿو ته سنڌوءَ جي سروي کانپوءِ ان تي ڪو ڪتاب ڇپايو ويندو. سنڌوءَ جا وهڪرا، ان جي تاريخ، سنڌوءَ جي ڪناري تي رهندڙ ماڻهو، انهن جي رهڻِي ڪهڻي، ڏند ڪٿائون، طور طريقا، روايتون ۽ ايڪولاجيڪل تبديلين ۽ هاڻي واري صورتحال، بندن ۽ پُلين جي صورتحال وغيره جو جائزو وٺي ڪتاب لکيو ويندو. مان اهو سوچي رهيو آهيان ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هيڏي ساري معلومات ويهن ٻاويهن ڏينهن جي سفر ۾ حاصل ڪري سگهجي!
”مون جڏهن ’عوامي آواز‘ کي انڊس ايڪسپيڊيشن بابت رپورٽ پئي لکائي ته هنن مون کان اهو سوال پئي پڇيو ته ڪتاب ڪير لکندو؟ ... مون کين ٻڌايو ته سنڌ ثقافت کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري ڪليم لاشاري آهي. مان آهيان، بدر آهي ۽ ڪي ٻيا آهن، ڪو انجنئير، ڪو ڪئمرا مين ... ڪتاب ڪير لکندو؟ اها پوءِ جي ڳالهه آهي.“ انور اطلاع ڏنو.
اسان ٻڌو آهي ته سفر ڏينهن جو ٿيندو ۽ رات جو درياهه جي ڪناري ڪڏهن هن ڪپ تي ته ڪڏهن هن ڀر ڪئمپ هڻبي. اسان اهو به ٻڌو آهي ته سنڌ سرڪار پنجاب حڪومت کي هن مهم جو شيڊيول به ڏنو آهي ۽ سهڪار جي اپيل به ڪئي آهي.
جهاز رات جو ساڍي ڏهين ڌاري راولپنڊي واري هوائي اڏي تي لٿو. هوائي اڏي کان ٻاهر نڪرندي ويهه پنجويهه منٽ ٻيا به لڳي ويا. ٻاهر، ڊپارٽمينٽ طرفان محمد علي قادري وٺڻ آيو هو. غريب پنج ڪلاڪ انتظار ۾ بيٺو هو. ڀليڪار ڪيائين، ”اسلام عليڪم!“ مون کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو. البت انور سان سندس واقفيت هئي. بت جو ڀريل، رنگ پڪو، ڳالهائڻ مهل لفظ ٿورا استعمال ڪندو پر رفتار تِکڙي. هونئن به همراهه چست آهي. سٽ ڏيئي منهنجو سامان کڻڻ جي ڪيائين.
”نه ڀائو! مان پنهنجو سامان ٻين کان نه کڻائيندو آهيان.“ مون کيس جهليو پر هو نه مڙيو، نيٺ ننڍي ٿيلهي تي ئي راضي ٿي ويو.
اڌ رات جو اسلام آباد کان پشاور ويندڙ ڪوچ سروس ملي وئي. اسان کي اٽڪ پل جي هن پار خيرآباد يا جهانگيرا وٽ ڪابل نديءَ جي ڪناري تي لهڻو هو، جت ڪئمپ لڳل هئي. سنڌ ۾ ان مهل سواري ملڻ ۽ هاءِ وي تي هلڻ جو اڄڪلهه تصور ئي ڪونه آهي. مون کي پنجاب ۽ سرحد جي امن امان تي خوشي ٿي. ٿوري ئي دير اندر ڪوچ راولپنڊيءَ جو شهر ڇڏي هاءِ وي تي ڊوڙڻ لڳي. ٻاهر ٺپ اوندهه هئي. ڪا شيءِ نظر نه ٿي آئي، سواءِ ان جي ته ڪنهن ڪنهن مهل روشن بلبن جو ڪو مختصر جهڳٽو اکيون مِچڪائي پوئتي هليو ٿي ويو.

ٽيڪسيلا

ٽيڪسيلا

واٽ تي ٽيڪسيلا (تڪشَـشِلا Takshashila) ۽ حسن ابدال ڪيڏيءَ مهل پوئتي لنگهي ويا مون کي پتو ئي نه پيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اٽڪ پل اچڻ کان اڳ تائين منهنجي ذهن جي ڪينواس تي قديم زماني جون جهلڪيون اڀرنديون رهيون.
مون کي رگ ويد ياد اچي ويو جنهن ۾ ڇهه هزار اشلوڪ آهن. جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته ان جو گهڻو تڻو ڀاڱو هتي ٽيڪسيلا ۾ رچيو ويو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سنسڪرت ٻوليءَ جا پهريان جملا سڄي هندستان ۾ سڀ کان پهرين هتي ئي لکيا ويا هوندا.
مونکي گنڌارا آرٽ ياد اچي ويو، جنهن ۾ هندي ۽ يوناني فن جو ميلاپ آهي. منهنجي اکين آڏو Fasting Buddha جي اها مورتي ڦري ويئي جنهن جو دنيا ۾ جواب ناهي. ان تصوير ۾ گوتم ٻڌ تپسيا ۽ گيان ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ جسم تي هڏين، نسن ۽ چمڙيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ڪونه اٿس.
قديم ڪتابن ۾ ٽيڪسيلا جون گهڻيون ڪهاڻيون موجود آهن، پر هتان جا ٽي ڪردار ڪير به نه وساري سگهندو. رياستي ۽ سياسي معاملا اڪلائڻ بابت قديم ڪتاب ”ارٿ شاستر“ جو ليکڪ اچاريه وِشنو گپتاچاڻڪيه، ٻيو سندس شاگرد چندر گپت موريا ۽ ٽيون چندر گپت جو پوٽو اشوڪ.
جهڙيءَ طرح يوناني فاتح سڪندراعظم جو استاد رياستي ۽ سياسي معاملن جو ماهر ارسطو هو، تهڙيءُ طرح هندوستاني فاتح چندر گپت موريا جو استاد اچاريه ڪوٽليه وشنو چاڻڪيه هو. اهي سڀ هڪ ئي دور جا ۽ هڪ جيترا ودوان ۽ جرنيل هئا. پر هندوستان جي عظيم فاتحن چندر گپت موريا ۽ اشوڪ پنهنجين عظيم ڪاميابين کانپوءِ جيڪي فيصلا ڪيا سي يوناني فاتح ڪري نٿي سگهيو، چندر گپت موريا 289 ق-م ۾ تخت ڇڏي وڃي جين مت جو ساڌو ۽ پرچارڪ ٿيو، ۽ اشوڪ ٻڌ مت جو پرچار ڪري ان کي اڌ ايشيا ۾ پکيڙي ڇڏيو. تاريخ ۾ ائين ڪي ورلي مثال ملندا جڏهن عظيم فاتحن جنگ کان نفرت جو نعرو هڻي اهنسا جو پرچار ڪيو هجي!
منهنجي ذهن جي پردي تي ٽيڪسيلا جون جهلڪيون اڀرنديون رهيون.
مونکي يوناني گهوڙن جون ٽاپون ٻڌڻ ۾ آيون. سڪندراعظم جو لشڪر نظر آيو، جيڪو اتر کان آمو درياهه پار ڪري ڪابل فتح ڪندو، 326 ق-م ۾ سنڌو ندي پار ڪري ٽيڪسيلا پهتو هو.
مونکي اچاريه ڪوتليه جو پاتلي پترا ڏانهن اهو سفر ياد آيو، جڏهن هو پنهنجي عالماڻي حيثيت مڃائڻ لاءِ راجا ڌنانندا وٽ ويو هو. راجا ڌنانندا کيس بي عزت ڪيو هو ۽ ڪوٽلا چاڻڪ ڌنانندا حڪومت جي دشمني پِرائي، سپاهين کان جند ڇڏائي ڀڳو هو.
مونکي پاتلي پترا (مگڌ) جي هڪ نوجوان چندر گپت جي گستاخي به ياد آئي، جنهن کانپوءِ هو به جان بچائي ٻيلن ۾ لڪو ۽ اچاريه چانڪيه ڪوٽليه کي هٿ لڳو.
مون کي اهو به نظر آيو ته اچاريه ڪهڙيءَ طرح مسلسل اٺن سالن تائين چندر گپت جي تربيت ڪئي ۽ کيس نندا حڪومت خلاف اٿاري بيهاريو. ٺيڪ ان وقت سڪندري گهوڙن سنڌو ماٿريءَ ۾ پير پاتا ۽ چندر گپت موريا پنهنجي اچاريه چاڻڪ جي چوڻ تي سڪندر وٽ لنگهي ويو، ”تون نندا حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ پاتلي پترا تي حملو ڪر!“ سڪندر اعظم چندر گپت جا ارادا سمجهي ويو ۽ سندس گرفتاري جو حڪم ڏنو پر موريا هوشياريءَ سان ڀڄي ويو. چندر گپت جو نالو يوناني حوالن ۾ Sandrocyptus آهي.
سنه 323 ق م ۾ جيئن ئي سڪندر اعظم مري ويو، چندر گپت موريا پنجاب مان فوج ڀرتي ڪري، 322 ق م ۾ ٽيڪسيلا تي حملو ڪري اتان جي حڪومت ورتي ۽ پوءِ هوريان هوريان يونانين جا تختا ڪڍي هندستان ۾ پري پري تائين حڪومت ٺاهيائين.
ڪي تاريخ دان ائين به چون ٿا ته، اچاريه چاڻڪيه چندر گپت جي منهن ۾ ڏَيا ڏسي کيس خريد ڪيو هو ۽ پوءِ ٽيڪسيلا ۾ سندس تربيت ڪئي هئي. سنڌي دانشور، چندر گپت موريا جو هسب نسب گجرات ۽ سنڌ ۾ ڳولين ٿا پر تاريخدانن جو اهو به چوڻ آهي ته هماليه جي هڪ قبيلي جو نالو موريا آهي. ٻي روايت موجب هو ”مورياه“ نالي هڪ کتري عورت جو پٽ هو. بهرحال، هو هڪ گمنام ماڻهو هو جنهن تاريخ ۾ ڌاڪ ڄمائي ڇڏي. سچ اهو آهي ته چندر گپت اڄ تائين پنهنجي نالي وانگر ’لڪل چنڊ‘ آهي، شايد سندس نالو درست هجي، باقي سندس پيءُ به ’گپت‘ (لڪل، گمنام) آهي ته قبيلو به.
ٽيڪسيلا کي سڄي هندستان ۾ علم جي ميدان ۾ وڏي اهميت رهي آهي. اشوڪ يا اشوڪا ٽيڪسيلا مان پڙهي ڪڙهي نڪتل ٻيو اهم ماڻهو هو جنهن جا زورآور گهوڙا ۽ لشڪر ڌرتيءَ تي رت جو نديون وهائڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته اهو لاحاصل ڪم آهي.

سڪندر اعظم

سڪندر اعظم

سن 327 ق-م جي ڳالهه آهي جڏهن، سڪندر سنڌوءَ کان هڪ سؤ ميل اولهه وارن جبلن کان ظاهر ٿيو. سندس بي حساب ۽ طاقتور لشڪر جي فتحن ڪابل ۽ سنڌوءَ جي اترين ماٿرين ۾ ٽاڪوڙن ۽ ڦڙ ڦوٽ وجهي ڇڏي هئي. گهڻا ئي راجا دل لاهي ويٺا هئا پر ڪابل کان اتر طرف رهندڙ قبيلن سڪندر کي ڏاڍو ڪڪ ڪيو. سڪندر لشڪر کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصو ڪابل نديءَ جي ڪنڌي ڏيئي سنڌوءَ ڏانهن وڌيو ۽ ٻيو حصو اتر ڏانهن سرڪش قبيلن کي چيڀاٽڻ لاءِ روانو ٿيو. جيتوڻڪ سڪندر کي مهم جوئي ڪندي 8 سال گذري ويا هئا پر سندس لشڪر ۾ اڃا به وڏو اتساهه هو. اتر واري مهم سر ڪرڻ کانپوءِ لشڪر جو اهو ڀاڱو به سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ٻئي حصي سان اچي گڏيو. هاڻي ٽيڪسيلا جو وارو هو.
ٽيڪسيلا جو حاڪم سڪندر وٽ لڙي آيو، ”جيڪڏهن تون اسان کان پاڻي ۽ زندگيءَ جون بنيادي گهرجون ڦرڻ جو ارادو نٿو رکين ته پوءِ جنگ جو ڪوبه جواز ڪونهي. جيڪڏهن مان توکان شاهوڪار آهيان ته پوءِ توکي سون ۽ چانديءَ مان حصو ڏيان پر جيڪڏهن مان غريب آهيان ته به مون کي تنهنجي دولت ۾ ڀائيوار ٿيڻ ۾ اعتراض ڪونهي.“
پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ هڪٻئي کي قيمتي سوکڙيون ڏنائون. طئي ٿيو ته ٽيڪسيلا وارا اوهند (Ohind) وٽ ٻيڙين جي پل ٺاهي ڏيندا، جتان سڪندر جو لشڪر لنگهندو. 326 ق-م ۾ سڪندر پل ٽپڻ جي تياري ڪئي. هُنڊ (Hund) (اڄڪلهه جو مروج نالو) وٽ پل ٻڌي وئي. سوکڙين ۾ سڪندر کي چانديءَ جا ٻه سؤ ٽينٽ، ٽي سؤ ڏاند، ڏهه هزار رڍون ۽ تيرهن هاٿي مليا. ان وقت سڪندر جي لشڪر ۾ لکها يوناني ۽ ڀاڙيتو فوجي، هزارين گهوڙا، مال ڍوئيندڙ جانور ۽ ٽنن جي مقدار ۾ هٿيار هئا.
ٽيڪسيلا جي حاڪم جي آڻ بابت هڪ چوڻي اها آهي ته، سڪندر لڙائيءَ ۾ ٽيڪسيلا فتح ڪري ان کانپوءِ ٽيڪسيلا جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي جنهن هڪ پٽ ڄڻيو جنهن جو نالو سڪندر رکيو ويو. هاڻي، سڪندر اعظم جي آڏو راجا پوروءَ (پورس) جو ملڪ جهلم نديءَ جي ڪنڌي تي هو. ان نديءَ جو قديم نالو وِتستا (Vitasta) آهي.
اسلام آباد کان نڪتل ڪوچ جي ڊوڙ، گنڌارا جي ماضيءَ کان لاتعلق هئي، پر منهنجي ذهن جي ڪينواس تي ماضيءَ جا تاريخي واقعا منظر بدلائيندا رهيا. هي اها ئي وادي هئي جتي سڪندر کانپوءِ ٻڌمت زور ورتو. ٻڌ جو فلسفو هماليه تان لهي هندستان کان ٿيندو گنڌارا ۾ پير کوڙي پوءِ شاهراهه قراقرم کان چين ڏانهن وڌي ويو. تبت ۾ ٻڌ ازم گهڻو پوءِ پهتو. مونکي ٻڌمت جي پرچارڪن جا قافلا هندوڪش ۽ قراقرم کان ٿيندا، هماليه جي هن ڀرويندا نظر آيا، مونکي اشوڪ جون سرگرميون نظر آيون ... سڀ بادشاهتون پنهنجو وقت گذاري هليون ويون، سڀ لشڪر پنهنجا وارا وڄائي ويا پر سنڌوءَ جهڙي حاڪميت ڪٿي! جيڪا جبلن سان پهرين جنگ مٿي لداخ جي سرحد وٽ ڪري ٿي ۽ جبلن جي سوڙهه مان پنهنجو لشڪر ڪڍي 350 ميلن ۾ 12000 فٽ لهي ٿي.

ڪئمپ ڏانهن

ڪئمپ ڏانهن

آڌيءَ ويل ڪوچ اٽڪ پل پار ڪئي. قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ماڻهن ڪوچ روڪي سنهي ٿلهي تلاشي ورتي ۽ مسافرن جي چهرن کي چتائي ڏٺو. ڪوچ وري سفر شروع ڪيو. گهڙي کن کانپوءِ وري محمد عليءَ ڊرائيور کي گاڏي جهلڻ لاءِ چيو. اسان لهي پياسون، ڪوچ اڳتي رواني ٿي وئي.
”اوهه! انور صاحب غلطي ٿي وئي، پنهنجي ڪئمپ ميل کن اڃا اڳتي آهي ... لڳي ٿو ته مان جبلن جي وڪڙن تي ڀلجي پيو آهيان.“ محمد عليءَ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ڇا ٿي ڪري سگهياسين؟ سامان پٺن تي کڻي اڳتي پنڌ پياسين. آسمان مان بوندون پيون ۽ زمين آلي ٿي وئي. ان مهل رات جو هڪ وڳو هوندو، جڏهن اسان پٺن تي سامان کڻي ڪابل نديءَ جي ڪناري ڪناري روڊ وٺيو اڳتي پئي وياسين. آڏو روڊ تي ٻه ٽي بتيون ٽمڪنديون نظر آيون، هيءَ هوٽل هئي. هوٽل ڏسي چانهه جي ٻاڙ لڳي. منجهند کان سڄي سفر دوران فقط هڪ چانهه نصيب ٿي هئي.
”لالا هم ڪو چاءِ پلاؤ ... مليگي؟“ انور پيرزادي هوٽل ۾ پهر کي ڏسندي منٿ ڪئي. چلهه وسامي چڪي هئي پر همراهه کي اسان مسافرن تي ڪهل اچي وئي. ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪيائين. اسان پٺن تان سامان لاٿو، پاڻيءَ ڍڪ پيتو ۽ گهڙيءَ کن کٽن تي اَهلي پياسون. ليٽڻ سان ٿڪ جو احساس ٿيو ۽ اکيون ننڊ کان پُورجڻ لڳيون. پر منزل اڃا ڪجهه اڳ ڀري هئي. ننڊ جي پريءَ کي ٿورو ترسڻ جي درخواست ڪئي سون.
”لالا جهانگيره ڪدهر هئه؟ اُدهر همارا ڪئمپ هئه، تم ني ديکها هئه؟“ محمد عليءَ هوٽل واري همراهه کان پڇيو.
”اس پاسي ونجو، اُٿي تنبو لگي پئه هِن.“ همراهه وراڻيو ۽ اسان کان ڇرڪ نڪري ويو. مون انور ڏانهن ۽ انور مون ڏانهن ڏٺو. هيءَ ڪهڙي ٻولي هئي؟ ڇا هيءُ سنڌيءَ جو ڪو لهجو هو، ”هن پاسي وڃو اتي تنبو لڳا پيا آهن!“ جملي جي سڄي ترتيب، ترڪيب ۽ مصدر بالڪل اهوئي هو جيڪو سنڌيءَ جو آهي.
هيءَ جاءِ لڳ ڀڳ اها ئي آهي جتي ڪابل ۽ سنڌو نديون پاڻ ۾ ملن ٿيون. رات هئڻ سبب اسان اهو ميلاپ ڏسي نه پئي سگهياسون. سامهون ٽيبل تي رکيل جڳ ۾ شفاف پاڻي ڏسي هڪ سوال ذهن ۾ اڀريو،
”هيءُ پاڻي سنڌوءَ جو آهي يا ڪابل نديءَ جو؟“ مون اردوءَ ۾ پڇيو هو.
”صاحب کُهي دا“ هن وراڻيو ۽ اسان ٻيهر ڇرڪ ڀريو. اسان سنڌي ماڻهو ننڍڙي کوهه کي کُهي چوندا آهيون. اسان کي احساس ٿيو ته اسان هيڏي ساري هوائي سفر کانپوءِ به سنڌي ٻوليءَ جون لساني سرحدون ٽپي نه سگهيا آهيون ۽ ڪنهن اجنبي دنيا ۾ نه پهتا آهيون.
”تون ڪهڙي ٻولي پيو ڳالهائين لالا؟“ مون هوٽل واري کان پڇيو.
”هِندڪو!“ جواب مليو.
”پنهنجو ڪم شروع ٿي چڪو آهي جناب ! اڄوڪو ڏينهن به ضايع نه ٿيو.“ انور به هِندڪو ۾ دلچسپي محسوس ڪئي.
هِندڪو ٻوليءَ بابت پاڻ اڳ ۾ ٻڌو ضرور هو پر اُن تي ڪڏهن سوچيو ڪونه هو. مان لفظ ”سنڌ“ ۽ ان جي مختلف شڪلين تي سوچن ۾ گم ٿي ويس: سنڌ جو لفظ قديم ايرانين ڦيرائي ڪيو ”هِند“، ان مان ٿيو ”هندستان“. يونانين ڦيرائي ڪيو ”اِنڊ“، ”اِنڊس“ ۽ ”اِنڊيا“، ڇا لفظ ”هندڪو“ اصل ۾ ”سنڌڪو“ ناهي؟
”چانهه!“ محمد عليءَ چانهه جو ڪوپ ڏيندي ڌيان ڇڪايو.
رات جو 2 لڳي ڪئمپ پهتاسون. اونداهي رات ۾ ڪابل نديءَ جي بنهه ڪپ تي ٽي چار ننڍڙا تنبو لڳل هئا ۽ چئني پاسي اونداهن جبلن جون چوٽيون هيون. آسمان تي تارا ڪونه هئا. ڪڪرن آڪاس ڍڪي ڇڏيو هو. پيرن جي آواز ۽ ڳالهائڻ تي هڪ ننڍڙي تنبوءَ مان هڪ پاڇي ليئو پاتو ۽ پوءِ بانبڙا پائي ٻاهر نڪري اُڀو ٿي بيٺو.
”انگريز بهادر پهچي ويو؟“ هي ڪليم لاشاريءَ جو آواز هو جنهن پنهنجي مخصوص اسٽائل ۾ محمد عليءَ کان حال احوال ورتو، مختصر ڪچهري ڪئي ۽ ”مومنن“ صلواة سڳوري پڙهي تنبن ۾ گهڙي سمهي پوڻ جي صلاح ڏني .
”ڪچهريون صبح جو ... محمد علي! سليپنگ بيگس وغيره وغيره ڏسو!“ ڪليم اڄوڪيون آخري هدايتيون ڏنيون. اسان کي سليپنگ بيگ ۾ سمهڻ جو طريقو ٻڌائي، جدا جدا تنبن ۾ گهڙڻ جي هدايت ڪئي وئي. هيءُ اسان ٻنهي لاءِ نئون تجربو هو. تنبو ۽ سليپنگ بيگ واٽر پروف هئا. برسات جي صورت ۾ تنبوءَ ۾ مينهن جي پاڻي اچڻ جو امڪان ڪونه هو. جيت جڻي کان بچڻ لاءِ تنبوءَ جي درکي زپ (Zip) سان بند ڪيو ويو. اها يقيناً هڪ دلچسپ رات هئي. ننڊ آئي ته سهي پر ٻئي ڏينهن کان شروع ٿيندڙ مهم جي شوق سبب گهڙي گهڙي اک کُلي ٿي پئي.

ڪابل نديءَ جي ڪنڌيءَ تي

ڪابل نديءَ جي ڪنڌيءَ تي

جمعو 3-نومبر 1989ع
صبح ٿيو. سڄو ماحول ڌوتل پوتل هو، تازو تازو! تياريون ان مهل کان شروع ٿيون جڏهن اڃا سج ننڊ ۾ هو ۽ اکيون ڪونه پٽيون هئائين. ٻهراڙين ۾ سوير اٿڻو ئي پوندو آهي، اونداهي ماڻهوءَ کي بهتر پڙدو مهيا ڪندي آهي.سج اکيون پٽيون ته ڄڻ اسان جون اکيون پٽجي ويون، اسان کي سنڌ ۽ سرحد جي منظرن وچ ۾ واضح فرق محسوس ٿيو.
هتي سج اڀرڻ جو منظر ڏاڍو سهڻو هو. اولهه کان اوڀر وهندڙ چاندي روپ ڪابل نديءَ جو رخ سج ڏانهن هو. پر ڀرو سنڌوءَ جو وهڪرو اتر کان اولهه لٿو پئي آيو.. ۽ آڏو سورج شاخون ڪڍي آسمان ۾ پکيڙيون: ڳاڙهيون، نارنگي ۽ سونهري شاخون ... سونا ڪرڻا چانديءَ روپ وهڪري ۾ پون ٿا. ائين ٿو لڳي ڄڻ آسمان مان سون لهي چانديءَ ۾ ملي ٿو. اسان اهو ٻڌو آهي ته سنڌوءَ مان سون نڪرندو آهي.
سڄي سنڌ ۾ ههڙو منظر ڪونه هو. نديءَ جو ڪنارو، ٻنهي پاسن کان اوچن جبلن جون چوٽيون، جبلن تي اُڀا وڻ، هڪٻئي کان مٿي پٻن ڀر بيهي نظارا ڏسڻ ۾ مصروف هئا. جبل جي پاڙ ۾ نانگ وانگر وروڪڙ کائيندڙ روڊ ۽ ان جي ڀر ۾ ريلوي لائن، جتان ڪنهن ڪنهن مهل ڪا ريل گاڏي ڦٿڪندڙ، لڇندڙ، آڳ اوڳا ڇيندڙ اجگر وانگر رنڀندي هلي ٿي وئي. ۽ ... هيٺ واديءَ جي وچ ۾، هڪ ٻئي ريڙهيون پائيندڙ ڪاري ميٽوڙي اجگر، سج جي شعاع تي چانديءَ جهڙو چمڪو ٿي هنيو، اها ڪابل ندي هئي، جيڪا نه رڳو پشتون تاريخ، ادب ۽ ڏند ڪٿائن ۾ وڏي اهميت رکي ٿي پر اپکنڊ تي به وڏا اثر وڌا اٿائين.
هتي جبلن تي زندگي آهي ۽ چئو طرف رنگ آهن. نيرو آڪاس، ساوا وڻ، چانديءَ روپ ندي ۽ ان وايومنڊل ۾ اڀرندڙ پکين جون لاتيون، مال جو رنڀون ۽ جهرڻن جا آواز. سنڌ جا جبل اداس آهن، اتي زندگي وڌيڪ سخت آهي. اُتي بيشمار جهرڻا ڪونهن. انهن جهرڻن جو پاڻي گندرف گاڏڙ هئڻ ڪري ٻاڙو آهي. سنڌ جي جبلن ۾ پکين جون لاتيون نٿيون ٻڌجن، ساوڪ ناهي ... بس هڪ حوصلو آهي جيڪو سنڌ جي جابلو ماڻهن جي نراڙ تان بکي ٿو. سنڌ جي سڄي سونهن ۾ اهم رنگ اهو ئي ته آهي، ٽامي جهڙا ماڻهو، ٽامي جهڙا پٿر، ٽامي جهڙي تپش آهي ... هائو! سنڌ جا ميداني علائقا جتي سنڌوءَ جي ٿڃ پهچي ٿي، اتي رنگ موجود آهن. ساوا کيت، نيرو آڪاس، سنڌوءَ جو ميرانجهڙو وهڪرو، نم، ٻٻر، ڪنڊي ۽ انهن جا ٻيلا.
هيءَ ٽيم ڏهاڪو کن ماڻهن تي مشتمل آهي. ڪيلم لاشاري مهم جو ليڊر آهي. ڊپٽي ليڊر شپ ميجر اعظم ۽ اشتياق انصاريءَ وٽ آهي. اعظم جعفر نوجوان آفيسر آهي. اشتياق انصاري واپڊا ۾ انجنيئر آهي. اهي ٽيئي ڄڻا هن کان اڳ ڪافي مهمون سر ڪري چڪا آهن. ڪابل نديءَ ۾ به هڪ ڀيرو ٻيڙيون لاهي چڪا آهن.
سنڌو مهم ۾ رٻڙ جون ٻه ٻيڙيون آهن، هڪ جيپ ۽ هڪ پِڪ اَپ آهي. ڊرائيورن سميت ٽيم جي ميمبرن جو ڪل تعداد پندرهن آهي:
ڪليم لاشاري (ڊپٽي سيڪريٽري سنڌ ثقافت کاتو)، ميجر اعظم جعفر (مَهم جُو)، اشتياق انصاري (انجنيئر واپڊا)، شبير احمد (اينٿرو پولاجيءَ جو شاگرد ۽ تجربيڪار مهم جو)، زبير (پاڪستان نيوي)، انور پيرزادو (صحافي)، بدر ابڙو (صحافي)، ڪريم ميمڻ (وڊيو آفيسر سنڌ ثقافت کاتو)، محمد علي قادري (فوٽو گرافر سنڌ ثقافت کاتو)، نديم قمرالدين (شاگرد)، سيد انتخاب حسين شاهه (شاگرد)، اشفاق لُنڊ (شاگرد)، طوطي خان (ناکئو)، ارشد (پڪ اپ ڊرائيور) ۽ خالد سمون (جيپ ڊرائيور). هر ٻيڙي هڪ وقت چار يا پنج ڄڻا کڻي سگهي ٿي تنهن ڪري باقي ٽيم ميمبر، واري واري سان ڪناري جو اڀياس ڪندا ايندا.
ٻيڙين جا نالا ”نوري“ ۽ ”مورڙو“ رکيا ويا آهن، جيڪي سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا مضبوط ڪردار آهن.
مان ڪابل نديءَ جي ڪنڌيءَ تي ويهي سج اڀرڻ جو جادوئي منظر ڏسان ٿو ۽ ڪوشش ڪيان ٿو ته اهو عڪس ذهن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي. سج جا ڪرڻا اوڀر کان شاخون بڻجي پکڙجن ٿا. چانديءَ ۾ سون لهي ٿو ۽ لهندو هليو وڃي ٿو. نديءَ ۾ مڇيون تڙڳن ٿيون. سج هوريان هوريان سجدي مان نڪري رڪوع ۾ اچي ٿو ۽ پوءِ اتي بيهي ٿو. ڄميل سج پگهرجي ٿو ۽ زندگيءَ جي هلچل شروع ٿي وڃي ٿي.
انور ڪابل جي ڪنڌيءَ تي بيهي چؤ طرف نهاري رهيو هو، مون کي پاڻ ڏانهن تڪيندو ڏسي لڙي آيو. ”ڇا پيو سوچين؟ هي هٿ ۾ ڇا اٿئي؟“
منهنجي هٿ ۾ ڀُرٽ هو جيڪي هتي به سنڌ وانگر عام جام آهي. ”هيءُ ته ڀُرٽ ٿو لڳي.“ انور ڀُرٽ وٺي جاچيندي چيو.
”هائو! هي ڀُرٽ آهي، جهنگلي شيءِ آهي.“ طوطي خان تائيد ڪئي. هندڪو ۾ ان جهنگلي شيءِ جو نالو ساڳيو هو.
”توهان وڻ کي ڇا چئو؟“ مون طوطي خان کان پڇيو.
”جهنگي“ هن جواب ڏنو.
”اسان گهڻن وڻن کي جهنگ چوندا آهيون.“ ڀر ۾ بيٺل هڪ سنڌي نوجوان چيو.
”ڀلا هن جاءِ کي توهان ڇا ٿا چئو، جيڪا سامهون پئي ڏسجي؟“
”هن ماڳ کي پشتو ۾ لڪئي (Lakaee) چون ٿا“ اسان جي معلم يا ناکئي طوطي خان ان ٻيٽاريءَ جهڙي حصي ڏانهن آڱر سان اشارو ڪيو. جيڪو ڪابل ندي ۽ سنڌوءَ جي وچ ۾ آهي.
”لڪئي معنيٰ ڳئون يا مينهن جو پڇ.“
”ڀلا لڪئي ڇو ٿا چون؟“ اسان پڇيو.
”توهان ٿورو غور ڪيو، ڇا اها زمين ڳئونءَ جي پڇ جهڙي نٿي لڳي؟“ طوطي خان جو مطلب هو ته اهو تشبيهي نالو آهي.
”هِندڪو ۾ ان کي نوڪره ... ۽ پنجابيءَ ۾ ان کي دميل (Damel) چوندا آهن يعني دومَيل، ٻن (درياهن) جي ملڻ واري جاءِ!“ طوطي خان ان ماڳ جو ٻيو نالو ٻڌايو.
سڄي ڀارت ۾ جن جن جاين تي ٻه درياهه ملندا آهن انهن کي پوترتا ۽ اهميت حاصل آهي، نيٺ به اهو ميلاپ جو ماڳ آهي، ڇِڄڻ جو ناهي. نيپال ۽ هندستان ۾ اهڙن ماڳن تي اڪثر ڪري ڪونه ڪو مندر ٺاهيو ويندو آهي. پر مونکي دميل ماڳ تي ڪجهه به نظر نه آيو.
”جتي نيلم ۽ جهلم درياهه پاڻ ۾ ملن ٿا اتي به دوميل چون ٿا.“ ڪليم لاشاريءَ طوطي خان جي رپورٽ ۾ اضافو ڪيو، ” ...۽ ٻي ڳالهه ته اتي جيڪو ڳوٺ آهي اهو ”ڪُنڊ“ سڏجي ٿو. اهو ڪُنڊ وارو تصور به ڏاڍو عاليشان آهي. جتي حب ندي سمنڊ سان ملي ٿي اتي موجود ڳوٺ جو نالو به ’ڪُنڊ‘ آهي. ان هنڌ به هتي وانگر 90 ڊگرين جي گوني ڪُنڊ ٺهي ٿي.“

اِسڪائيليڪس

اِسڪائيليڪس

پشاور کان هيٺ ڪابل نديءَ جو هڪ ٻيو نالو لنڊاءِ (Landai) آهي. هيءَ اها ندي آهي جنهن کان سنڌوءَ جي پهرين کوجنا مهم شروع ٿي.
(هيرو ڊوٽس باب چوٿون-44)
”ايشيا جو گهڻو تڻو حصو دارايوس ڳوليو، اهو ڄاڻڻ لاءِ ته درياءَ اندوس جيڪو گهڙيال (واڳون) پيدا ڪندڙ هڪ ٻئي درياهه کي ڇڏي اڪيلو درياهه آهي، پنهنجو پاڻي سمنڊ ۾ ڪٿي اوتي ٿو. هن اهڙا ڪيئي ماڻهو موڪيا جن جي صداقت تي ڀروسو ڪري پيو سگهجي ۽ انهن ۾ روانڊا اسڪائيليڪس(510 ق م) به شامل هو. هو ماڻهو شهر ڪسپاتوروس ۽ پڪتويڪ جي ملڪ کان روانا ٿيا (هي لفظ ’پڪتويڪ‘ هاڻوڪن ’پڪتيا‘ ۽ ’پختون‘ لفظن سان ڪيڏا نه ملن ٿا!) ۽ درياهه جي وهڪري سان اوڀر طرف درياهي رستي کان سمنڊ طرف هليا. پوءِ هو اولهه طرف مڙي ويا ۽ ٽيهن مهينن جي سفر کان پوءِ ان هنڌ پهتا جتي مصر جي بادشاهه ليبوا (آفريقه) جو چڪر لڳائڻ لاءِ فونيشون کي موڪليو هو. هيءُ سفر ختم ٿيڻ تي دارايوس هندين تي فتح حاصل ڪئي ۽ انهن جي علائقي ۾ سمنڊ کي پنهنجي استعمال ۾ آندو.“
ڪابل نديءَ جي صورتحال اها آهي ته، اها واحد ندي آهي جيڪا اولهه کان اوڀر طرف سفر ڪري سنڌوءَ ۾ڪري ٿي، تنهن ڪري سنڌوءَ جي ٻي ڪا به اهڙي ساٿاري ندي ٿي نٿي سگهي جنهن ۾ سفر ڪري اسڪائيليڪس (Scylax) سمنڊ تائين پهتو هجي. سنڌوءَ جو وهڪرو عام طور اتر کان ڏکڻ آهي پر ان جو جهڪاءُ اولهه طرف به آهي، ان ڪري ائين به چئي سگهجي ٿو ته سنڌوءَ جو لاڙو ڏکڻ-ڏکڻ اولهه آهي. اسڪائيليڪس سنڌو مهم قديم ايران جي شهنشاهه دارا اول جي چوڻ تي شروع ڪئي. اهو دور لڳ ڀڳ 550 سال قبل مسيح جو آهي.
ڪابل نديءَ جي وهڪري کي سولائيءَ سان پنجن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون حصو ڪابل کان جلال آباد تائين وارو آهي ان ۾ ڪا به ننڍي وڏي ٻيڙي هلائي نٿي سگهجي. جلال آباد کان ڪجهه هيٺ ڪونڙ دريا ڪابل نديءَ سان ملي ٿو، ان کان پوءِ ٻيڙيون لاهي سگهجن ٿيون پر لالپور ۽ ورسڪ جي وچ ۾ خيبر جي ٽڪرن مان لنگھڻ ممڪن ناهي. هتي ڪيئي آبشار ۽ ڏکيا رستا آهن. هتان ترها ٻڌي هلي سگهجي ٿو پر ٻيڙيون ڪاهي نٿيون سگهجن. چوٿون حصو ورسڪ کان چارسدهه تائين آهي، جنهن ۾ ڪابل ندي اڄڪلهه چئن ڌارائن ۾ ورهائجي وڃي ٿي، چارسده کان ڪجهه هيٺ پهچي سڀ ڌارائون وري ملي هڪ ٿي وڃن ٿيون. انهن چئني ڌارائن جا نالا سردرياب (Sardariab)، ناگمان (Naguman)، شاهه عالم ۽ بڊني آهن. چارسده پهچڻ کان اڳ، سردرياب ۾ سوات ندي به اچي پوي ٿي، جنهن کانپوءِ ڪابل يا لنڊاءِ نديءَ جو وهڪرو موچارو ٿي وڃي ٿو، اهو پنجون حصو آهي. جاگرافيائي امڪان کي وٺجي ته اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته، اسڪائيليڪس لنڊاءِ نديءَ ۾ ئي ڪنهن هنڌان ٻيڙا لاٿا هوندا.
ڪابل نديءَ جون چارئي ڌارائون، هميشه ساڳي هنڌان نه هلنديون آهن، ۽ پنهنجا رستا بدلائينديون رهنديون آهن. چون ٿا ته مغلن جي دور ۾ فقط ٻه ڌارائون هيون.
قديم سنڌ بابت قديم لکندڙ
هيڪٽئس (Hecataeus) يوناني تاريخ نويس ۽ جاگرافيدان هو. هو سن 550 قبل مسيح ۾ ڄائو ۽ 476 ق م ۾ گذاري ويو. هو ميلٽس(Miletus) جو رهاڪو هو. سندس ڪتاب جينالوجيا (Genealogiae) آهي جيڪو 500 قبل مسيح ۾ لکيو ويو. سندس ٻيو ڪتاب پريگيسز (Priegesis) جاگرافيءَ تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ اپکنڊ ۽ سنڌ بابت حوالا آهن. سنڌ بابت معلومات کيس اسڪائيليڪس کان ملي. هن دنيا جو نقشو به تيار ڪيو جيڪو گول هو. اهو ڪتاب ضايع ٿي چڪو آهي پر ان جو مواد هيروڊوٽس استعمال ڪيو جيڪو هيڪٽئس جي موت وقت اٺن سالن جو ٻار هو.
اسڪائيليڪس يوناني هو ۽ ڪئريانڊا Caryanda جو رهاڪو هو. دارا اعظم هٿان سنڌو ۽ گنڌارا جي فتح کانپوءِ هن ڪسپاپورا کان سمنڊ تائين درياهي سفر ڪيو ۽ مڪران کان ٿيندو مصر پهتو هو.
ٽيزياس (Ctesias) (نائيدس Cnidus ترڪيءَ جو رهاڪو) حضرت عيسيٰ کان پنج صديون اڳ يوناني ڊاڪٽر ۽ ليکڪ هو. ايراني شهنشاهه ارد شير (Artaxerexes) جو سرڪاري طيب هو. هن 23 جلدن ۾ ايراني تاريخ لکي، جن مان هڪ جلد هندستان جي جاگرافيءَ بابت هو.
هيروڊوٽس (520-489 قبل مسيح) وڏو سياح هو. تاريخ تي سندس نو ڪتاب آهن، جن ۾ سنڌ بابت به باب آهن. هيروڊوٽس چوٿين ڪتاب ۾ اسڪائيليڪس واري سنڌو مهم جو احوال لکيو آهي.
زينوفان (Xenophone) 454-430 ۾ جيئرو هو. اصل يوناني هو پر پوءِ اسپارٽا هليو ويو. هن دارا (ثاني) ۽ اردشير وچ ۾ لڳل جنگ ۾ بهرو ورتو ۽ ڪجهه ٻين جنگن جو ذڪر به ڪيو، جن مان ڪجهه جو تعلق سنڌ سان به آهي.
نيرڪس، سڪندر اعظم جو ويجهو دوست هو، هو سنڌ مان رواني ٿيل بحري ٻيڙي جو مهندار هو. سندس خاص ڳالهه اها آهي ته هو سنڌو درياهه ۾ استعمال ٿيندڙ تراکڙين ٻيڙين ذريعي مڪران کان ٿيندو دجله تائين پهتو. نيرڪس پنهنجي سفر جي هڪ ڊائري لکي هئي جيڪا بچي وئي.
وقت: صبح جا سوا اٺ
”جيستائين سفر جو سامان ٻڌجي وڃي ۽ ٻيڙيون تيار ٿين، ٻه چار ضروري ڳالهيون دوستن لاءِ ...“ ميجر اعظم اسان جو ڌيان ڇڪايو. ”اپکنڊ جي جاگرافيءَ کي نظر ۾ رکبو ته فقط هيءَ (ڪابل) ندي اهڙي نظر ايندي جيڪا سر اوڀر ڏانهن وهي ٿي. باقي سڀ نديون اتر کان ڏکڻ يا اتر کان اولهه، اولهه کان ڏکڻ يا اتر کان اوڀر، اوڀر ڏکڻ وهنديون نظر اينديون.“
”توهان کي پاڪستان ۾ اهڙي ڪا به ندي نه ملندي جيڪا اتر ڏانهن وهندي هجي يا وري اولهه ڏانهن ويندي هجي.“ لاشاريءَ ميجر اعظم جي ڳالهه کي اڳتي وڌايو. ”گنگا نديءَ جي ڪناري تي توهان کي گهڻئي تيرٿ ملندا ڇو ته هندو ڏند ڪٿا موجب جيڪي نديون اولهه کان اوڀر وڃن ٿيون، اهي مقدس آهن. جيڪڏهن اهڙين ندين تي سفر ڪبو ته هنڌ هنڌ توهان کي مندر ۽ تيرٿ ملندا. پر سنڌوءَ تي توهان کي اهڙو ڪو داستان نه ملندو!“ ڪليم پنهنجي راءُ ڏيئي بس ڪئي.
گنگا تي واقعي گهڻا تيرٿ آهن پر جيڪڏهن سنڌو تيرٿن کان آجي آهي ته پوءِ اها واقعي حيرت جهڙي ڳالهه ٿيندي. منهنجي خيال ۾ اسان کي داستان ملڻ گهرجن جيئرا نه سهي، انهن جا پڙاڏا سهي!
”سر! ٿورڙو هوڏانهن نهاريو ... انڊس جو وهڪرو پيو اچي ۽ هيءَ ڪابل ندي پئي وڃي. ٻنهي ندين جو پاڻي اڳتي هلي پاڻ ۾ ملي وڃي ٿو.“ ميجر اعظم ٻنهي ندين جي ميلاپ سان ڪنهن خاص مسئلي ڏانهن نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ”تربيلا بند وارا اڪثر ڪري رات جي وقت ۾ ٽربائين ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏيندا آهن، جنهن ڪري انڊس جي سطح وڌي ويندي آهي ... پوءِ ڇا ٿيندو آهي ته ڪابل نديءَ جي پاڻيءَ جو انڊس ۾ پوڻ (inflow) متاثر ٿيندو آهي نديءَ جي سطح چڙهي ويندي آهي ... هاڻي اچون ٿا اصل ڳالهه تي، توهان ڪالاباغ ڊيم بابت اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه پڙهيو آهي ... هاڻي سرزمين جي صورتحال ڏسو! جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه ٿئي پر ٿيندو هيءُ ته هن درياهه جو بيڪ فلو (back flow) شروع ٿي ويندو. سنڌوءَ جي سطح هن جاءِ تي ستن کان اٺ فٽ چڙهي ويندي. جيڪڏهن سطح ست يا اٺ فٽ چڙهندي ته لازمي طرح ڪابل جي سطح به ايتري چڙهندي، جنهن کانپوءِ ڪابل جو پاڻي سنڌوءَ ۾ پئجي سگهندو.“ ميجر اعظم جو تجزيو درست هو.
”طوطي خان! تون چئه ڪيترو پاڻي چڙهندو جيڪڏهن ڪالاباغ ٺهيو؟“ ميجر اعظم جهوني ملاح کان پڇيو. طوطي خان سڄي عمر لنڊاءِ کان سنڌوءَ ۾ سکر تائين تڙ ڳيو آهي. ماڻهو کيس پاڻيءَ جو جانور ۽ لڌڙو چوندا آهن.
”روڊ ٻڌي ويندو، اباسين (سنڌو) روڊ جي سطح تائين چڙهي ويندو.“ طوطي خان سنڌوءَ ۽ روڊ جي سطح ڏسي چيو.
”۽ جهانگيره (طوطي خان جو ڳوٺ)؟“ ميجر ٻيهر پڇيو.
”ان مٿان پاڻي وري ويندو!“ طوطي خان اداس ٿي چيو.
”منهنجي خيال ۾ تنهنجا اندازا ٺيڪ ناهن!“ ميجر سندس جوابن کي رد ڪيو.
”بلڪل صحيح آهن!“ طوطي خان وڏي اعتماد سان چيو.
”1924ع جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي سر!“ ميجر عام طور تي ’سر!‘ چئي ئي ڳالهائيندو آهي. ”اَپر اِنڊس ۾ بالتورو نالي هڪ گليشيئر ناگا پربت وٽ درياهه ۾ لڙهي آيو. ان سان درياهه جو وهڪرو بند ٿي ويو ۽ درياهه خشڪ ٿي ويو ... ڪجهه عرصي کانپوءِ ... ٽن چئن مهينن کانپوءِ ... طوطي خان توکي ڪجهه ياد آهي جڏهن درياهه بند ٿيو هو ...؟“ ميجر اعظم طوطي خان کان اکين ڏٺو احوال وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ڪو هڪ ڀيرو! ڪيئي ڪيئي ڀيرا بند ٿيو آهي.“ طوطي خان عجيب لهجي ۾ چيو. ڄڻ چوندو هجي، ”توهان پڙهيل ماڻهو ڇا ڄاڻو درياهه جو مزاج ۽ ڳالهيون!“
”هاڻي ته خير ڊيم ٺهي ويو آهي.“ ميجر اعظم ڳالهه اڳتي کنئي.
”هاڻي ته ايندڙ سڄو مهينو بند رهندو، گهٽجي ويندو، پاڻي!“ طوطي خان وري ساڳئي لهجي ۾ چيو، ائين لڳو ته ڄڻ سندس اندر ۾ ڪي جملا رهجي ويا هجن. هن ڪجهه چوڻ ٿي گهريو پر چئي نه سگهيو هو.
”سر! پوءِ ڇا ٿيو ته جڏهن گليشيئر ڀڳو ته وڏي تباهي مچي وئي ... توهان اڄ اڳتي هلندا ته اٽڪ وٽ سنڌوءَ جو هڪ سوڙهو جابلو لنگهه (gorge) ڏسندا. ان لنگهه مان وڌ ۾ وڌ پاڻي لنگهڻ جي هڪ حد آهي. ان مان وڌيڪ پاڻي لنگهي نه ٿو سگهي. ان لنگهه مان وڌ ۾ وڌ اٽڪل ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ لنگهي سگهن ٿا. ان کان وڌيڪ پاڻي نڪري ئي نٿو سگهي ...“ ميجر اعظم پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “سو، جڏهن اهو گليشيئر ڳري ڳري ڀڄي پيو ته، جمع ٿيل پاڻي آزاد ٿي ويو. پاڻي ته آيو پر اٽڪ واري سوڙهي لنگهه ان کي روڪيو. ان ڪري هيءُ پويون علائقو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. پوئتي نوشهري تائين ڪابل نديءَ جو پاڻي چڙهي آيو ... ڪالاباغ کان اٽڪ تائين ٻه ٻيا سوڙها لنگهه آهن. هڪ گهوڙا تڙپ ۽ ٻيو ڪالاباغ وٽ آهي ... ان ڪري ڪيڏيون به وڏيون ٻوڏون اچن ڪالاباغ شهر نه ٻڏندو آهي ... سؤ سالن ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا وڏي ٻوڏ ايندي آهي پر هنن لنگهن ڪري ڪالاباغ ڪڏهن به نه ٻڏندو آهي.“
ميجر کي پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ پوري ڪرڻي پئي. تياري ذري گهٽ مڪمل هئي.
”سامان ٻڌجي ويو؟“
”هائو!“
”ڪير ڪير ٻيڙين تي آهن ۽ ڪير خشڪيءَ واري قافلي سان؟“ ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻيڙين ۾ پاور جون انجڻيون فِٽ ٿي چڪيو هيون، هينڊ پمپ سان هوا به ڀرجي چڪي هئي. ٻيڙيون ڪابل نديءَ جي ڪارسري روپي پيٽ تي آزمائشي چڪر هڻي رهيون هيون. تنبو، ٿيلها ۽ ٻيو اضافي سامان پڪ اپ ۾ سٿجي چڪو هو. ڪئمپ غائب ٿي چڪي هئي. سڄي ٽيم، ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر جي حڪمن جي منتظر هئي. هر هڪ جي خواهش هئي ته هو ٻيڙين تي هجي ... پر اهو ممڪن ڪونه هو.
اعلان ٿيو:
”بدر ابڙو، انتخاب شاهه، اشفاق! خشڪيءَ جو قافلو توهان جي حوالي آهي!“
”مان بدر سان ڪمپني ڪندس!“ انور مون کي اڪيلو ڪرڻ نه گهريو.
”توهان مان هڪڙو واري سان خشڪي ۽ پاڻيءَ جو مشاهدو ڪندو!“ ڊپٽي ليڊر اشتياق انصاريءَ وضاحت ڪئي.
”سر هيڏانهن ڏسو!“ ميجر اعظم منهنجي آڏو هڪ نقشو پکيڙيو. ”اسان هن وقت هتي آهيون. اسان کي اڄ هتي پهچڻو آهي، خوشحال ڳڙهه. توهان اٽڪ شهر کان ٿيندا، بسيال ۽ پوءِ خوشحال ڳڙهه پهچندا. اڄ جو فيصلو درياهه رستي 75 ڪلو ميٽر آهي توهان کي اٽڪل 80 يا 100 ڪلو ميٽر پوندا. توهان پئٽرول جا جيريڪن فل ڪرائي منزل تي پهچندا، ٻئي سامان ۽ راشن جي لسٽ انتخاب وٽ آهي، اهي وٺندا اچجو. باقي توهان کي ڇا ڪرڻو آهي سو توهان کي خبر آهي ... مشاهدو ڪندا اچو، رستي ۾ ڪا معلومات وٺڻ جهڙي ڏسو ته ضرور وٺو ...“ ميجر اعظم، فوجي انداز ۾ هدايتون ڏنيون. واقعي! مهم جوئيءَ لاءِ فوجي انداز اختيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي. ڊسيپلين بنيادي شرط آهي.
”سر! هن کان اڳ ۾ سنڌوءَ تي هڪ ايڪسپيڊيشن 1987ع ۾ ٿي هئي، جيڪا تربيلا کان ڪراچيءَ تائين ٿيڻي هئي ان کانپوءِ 1987ع ۾ هڪ آمريڪي ٽيم آئي جنهن جي اڳواڻي پشاور جي هڪ ڊاڪٽر ڪئي.“ ميجر اعظم پنهنجين اڳوڻين مهمن بابت آگاهه ڪرڻ شروع ڪيو. ”مان انهن مان هڪ مهم ۾ ڊپٽي ليڊر جي حيثيت ۾ ويو هئس. پر اهي مهمون سکر کان ڪوٽڙي بئراج جي وچ ۾ جيڪو اٽڪل 350 ڪلو ميٽر کن آهي، ناڪام رهيون. ان جا ٻه سبب هئا. هڪ اهو ته سکر ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ پاڻي گهٽ هو ۽ ٻيو اهو ته امن امان جي صورتحال خراب هئڻ سبب مقامي انتظاميائن ان جاءِ تي ٻيڙيون لاهڻ نه ڏنيون. هن ڀيري اسان وقت اهڙو چونڊيو آهي جو پاڻيءَ جي صورتحال بهتر هجي ۽ امن امان ...“ ميجر منجهي پيو، ”اسان جي ته پوري پوري ڪوشش آهي ته هن ڀيري هر صورت ۾ اهو حصو ضرور سر ڪجي.“
ڪجهه دير اڳ ميجر اعظم بالتورو گليشئر جي ڳالهه پئي ڪئي. مان سمجهان ٿو ته طوطي خان جي ڳالهه وڌيڪ صحيح آهي ڇو ته گليشيئرن جو اهڙيءَ طرح ترڪي اچڻ، جنهن سبب پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي وڃي، اترين علائقن جي ماڻهن لاءِ رواجي نه سهي، پر ڪا نئين ڳالهه ناهي. سنڌوءَ جو وهڪرو، اهڙن گليشئرن سبب وري وري بند ٿيو آهي. اهڙو رڪارڊ اوڻهين صديءَ کان ملي ٿو. فطرت جو اهو سلسلو منڍ کان وٺي اڄ تائين جاري آهي.
هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن اخبارن مان پتو پوندو آهي ته اهڙن گليشئرن کي بمن سان اڏائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويندو آهي ته جيئن پاڻي جمع نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته اهڙو جمع ٿيل پاڻي، ڊيم جي ٽٽڻ سان وڏي تباهي آڻي سگهي ٿو. خاص ڪري انساني هٿن سان ٺاهيل بندن ۽ بئراجن کي وڏو نقصان رسي سگهي ٿو. اهو سبب آهي جو بندن جي بچاءُ لاءِ ذميوار ادارا گليشئرن جي ڳرڻ جي عمل، انهن جي ترڪڻ ۽ چرپر تي گهري نظر رکندا آهن. سندن معمولي ڀُل وڏا بند ڀڃي ملڪ ٻوڙي سگهي ٿي.

گليشئر جي هاڃا

گليشئر جي هاڃا

جنوريءَ 1841ع ڌاري جي ڳالهه آهي، جو ناگا پربت جي قدمن ۾ هڪ وڏو گليشئر اچي ڪريو، جنهن ڪري تربيلا کان هيٺ پاڻيءَ جو وهڪرو بنهه گهٽجي ويو. اها صورتحال ڇهن مهينن تائين جاري رهي ... ۽ پوءِ اوچتو اهو قدرتي برفاني بند ڀڄي پيو. پشاور کان ڏهن ميلن تائين ٻوڙان ٻوڙ ٿي وئي. چئن شهرن سميت 20 ڳوٺ ٻڏي ويا. اهو واقعو، جُون مهيني ۾ منجهند جو 2-وڳي ڌاري ٿيو. اهو سڀ ڪجهه ايترو تڪڙو ٿيو جو ڪنهن کي موقعو ئي نه مليو. ڪارو پاڻي مختلف ڍورن مان ڌوڪيندو آيو ۽ زندگيءَ کي لوڙهي ويو. ان واقعي ۾ 500 سک سپاهي به لڙهي ويا هئا. ان واقعي بابت مقامي ماڻهو روايتن جي آڌار تي چون ٿا، ”جيئن ڪا ٻڍڙي عورت آلي ڪپڙي سان ماڪوڙن جي فوج کي اگهي وڃي، تيئن سنڌوءَ راجا جي لشڪر سان ڪيو.“
سنڌو ندي، منڍ کان ئي جبلن سان وڙهندي لهي ٿي. واٽ تي گليشئرن وارا لنگهه ۽ جابلو لڪ لنگهڻ کان پوءِ ان کي واٽ تي اسڪردو ۽ هنڊ جي وچ ۾ پهرين خلاصي وٿي ملي ٿي. جتي سنڌو ندي پکڙجي ساهي کڻي ٿي. اسڪردو ۽ هُنڊ کانپوءِ، اڳتي وري ڪالاباغ تائين سوڙهيون ماٿريون آهن.

اٽڪ وٽ سنڌو

اٽڪ وٽ سنڌو

وقت: صبح جا يارنهن
اسان خيرآباد پئٽرول پمپ تي بيٺا آهيون. پندرهن منٽ اڳ ٻن ٻيڙين تي مشتمل قافلو جهانگيره کان سنڌوءَ ڏانهن روانو ٿيو آهي خشڪيءَ واري قافلي ۾ اڳواٽ طئه ٿيل ساٿي آهن. اسان پاڻ ۾ اهو طئي ڪيو آهي ته ٻيڙين جي روانگيءَ کانپوءِ 15 منٽ ترسي پنهنجو سفر شروع ڪنداسون ته جيئن خبر پوي ته، ڪابل نديءَ کان سنڌوءَ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ هوا ڦوڪيل رٻڙ جي ٻيڙين (inflatable boats)جو مزاج ڪيئن ٿو رهي؟ متان ٻيڙين واري قافلي کي ڪنهن قسم جي مدد جي ضرورت پوي. اسان جي ڪوشش رهندي ته جتي جتي به ممڪن هجي، درياهه جي ڪپ تي بيهي ٻيڙين تي نظر وجهجي. اسان جي ملاقات شام جو خوشحال ڳڙهه پل کان اڳ ٿيڻ ممڪن ناهي ڇو ته، واٽ ۾ ڪنهن به هنڌ اهڙو روڊ يا رستو ناهي جيڪو اٽڪ پل کانپوءِ ۽ خوشحال ڳڙهه پل کان اڳ ۾ سنڌوءَ تائين وٺي وڃي، تنهن ڪري اٽڪ پل تان بيهي، ٻيڙين کي اٽڪ واري لنگهه (gorge) ۾ داخل ٿيندو ڏسنداسون ۽ پوءِ پنهنجو سفر شروع ٿيندو.
هن پئٽرول پمپ تي هڪ همراهه اخبار پڙهي رهيو آهي. اڄوڪيون خبرون ڇا آهن؟ پاڻ کي في الحال اخبار پڙهڻ جو موقعو نه مليو آهي ۽ نه وري ڪا اهڙي اميد آهي مون کائنس پڇيو، ”ڀائو ڪا خاص خبرچار؟“
”سڀ خير آهي ... سڀ خير آهي!“ خبر ناهي همراهه ڪهڙيءَ بيزاريءَ ۾ هو. اها مون کي به پڪ آهي ته ملڪ ۾ سڀ خير ڪونهي! ان جي باوجود مون پڇيو ۽ اهو جواب مليو. جنهن ملڪ جي ماڻهن ۾ چڙ جي حد اها هجي، اتي ڪهڙو ”سڀ خير“ ٿي سگهي ٿو؟
خالد سمي جيپ اسٽارٽ ڪئي، گيئر وڌو ۽ جلد ئي اٽڪ جي پل وٽ پهچي، لهي بيٺاسون. هيٺ ننڍڙيون ٻيڙيون شفاف سنڌوءَ جي سيني تي ڪکن وانگر هوريان هوريان وڌي رهيون هيون. هن جاءِ تي سخت پهرو آهي ۽ هئڻ به گهرجي. هتي فوٽو ڪڍڻ ته ڇا ٻيڙين ۾ گهمڻ جي اجازت به ناهي. پر هيٺ ٻيڙين وارا پنهنجين ذميوارين ۾ مصروف هئا. ڪريم ميمڻ جي وڊيو ڪئمرا شاٽ وٺڻ ۾ مصروف هئي ۽ محمد علي پنهنجي ڪئمرا ۾ سنڌوءَ جا ڪنارا محفوظ ڪري رهيو هو. پُل جي حفاظت لاءِ مٿي بيٺل عملي ۾ ڦڙڦوٽ هئي، ”هيءُ ڪير ماڻهو آهن ... ڇا ٿا ڪن؟“ هڪ محافظ اسان جي ويجهو اچي پڇيو.
”سرڪاري ٽيم آهي ... سنڌوءَ جي سروي پئي ڪري!“ مون رواجي طرح جواب ڏنو. ڄاتم پئي ته هي ماڻهو لڪير جا فقير آهن. ڳالهه سمجهه ۾ نه آين ته وڏي رولي ۾ وجهي سگهن ٿا.
”توهان به هنن سان گڏ آهيو؟“ محافظ مون ڏانهن، خشڪيءَ جي قافلي ڏانهن ۽ جيپ جي سرڪاري نمبر پليٽ ڏانهن ڏٺو ۽ ماٺ ٿي ويو.

اٽڪ قلعو

اٽڪ قلعو

اٽڪ پل وٽ ٽي اهم شيون آهن. هڪ ته اُها پُل آهي، ٻيو شهنشاهه اڪبر جو شاهي قلعو، جنهن جون ديوارون ڏکڻ ۾ درياهه جي ڪپ تائين لهي آيون آهن. ڏاڪڻين خوبصورت منظر پئي پيش ڪيو. درياهه جي ساڄي ڪپ تي هڪ ٻئي قلعي جا نشان باقي آهن، جيڪو مهاراجا رنجيت سنگهه جي نشاني آهي.
“هن درياهه جي هيٺان سرنگهه هئي، جنهن جو هڪ ڇيڙو قلعي ۾ آهي ۽ ٻيو هن پاسي” پِڪ اپ ڊرائيور ارشد، اٽڪ جي پيٽ ۾ ڪن تعميراتي ڍانچن جا کنڊر ڏَسندي چيو.
“ان جا نشان آهن” مون پڇيو.
“نه ... ماڻهو چون ٿا ... هتي اها ڳالهه مشهور آهي. باقي خدا کي خبر!” ارشد جواب ڏنو.
“چون ٿا ته ايڏي وڏي سرنگهه هئي جو گهوڙي سميت ماڻهو لنگهي ويندا هئا ...” ارشد اٽڪ واري سرنگهه بابت ڏند ڪٿا جو ٻيو حصو ٻڌايو.
ڏند ڪٿائون پنهنجي جاءِ تي، تاريخ پنهنجي جاءِ تي! جُون 1581ع ۾ مغل شنشاهه جلال الدين اڪبر، پنهنجي زبردست فوج سان اٽڪ پهتو. ساڻس گڏ 500 ساٿي هئا. اڪبر اعظم، هتي ٻيڙين جي پُل ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بيربل کي قلعو تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. قلعو 1586ع ۾ ٺهي تيار ٿي ويو. قلعي جي تعمير ۾ شهنشاهه جي دلچسپيءَ جو اندازو ان مان هڻي سگهجي ٿو ته، بنياد پوڻ کان پوءِ اڪبر اعظم بنياد ڏٺا ۽ تعميرمڪمل ٿيڻ کانپوءِ وري آيو. هروڀرو ائين به ڪونه هو ته ڪو اڪبر اعظم خاص طور تي سيڙجي آيو، پر هو جڏهن به هن علائقي ۾ آيو، اٽڪ جي قلعي جي تعمير ۾ گهڻي دلچسپي ظاهر ڪئي. قلعي جي تعمير جو ڪم انجنيئر قاسم خان ڪيو.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته، اڪبر اعظم کي ڪابل کان خطرو هو، جتي سندس ڀاءُ حڪيم مرزا گورنر طور مقرر ٿيل هو جنهن کي دين اڪبري جي مخالفن اڪبر اعظم خلاف تيار ڪيو هو. اڪبر جڏهن لشڪر ساڻ ڪري ڪابل ڏانهن وڌيو ته سنڌوءَ سندس واٽ روڪي، اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪيم مرزا ڀڄڻ ۾ دير نه ڪئي. هو ڪجهه ئي سالن ۾ گهڻو شراب پيئڻ ڪري مري ويو.
اٽڪ قلعي جون اوچيون ۽ مضبوط ديوارون هڪ ميل جو گهيرو ٺاهين ٿيون. چون ٿا ته قلعي جو نالو، اٽڪ ان ڪري رکيو ويو جو شهنشاهه جي خيال ۾ اهو اجيت قلعو هو. اٽڪ معنيٰ رنڊڪ يا رڪاوٽ. پڪ ئي پڪ، هيءَ قلعو ڪابل کان ايندڙ لشڪرن آڏو وڏي رنڊڪ بڻيو. هن ئي هنڌ درياهه جي هن ڀر، خيرآباد نالي ننڍڙي شهر يا ڳوٺ جو بنياد به اڪبر ئي وڌو. خيرآباد، اڪبر جي فتح ۽ حڪيم مرزا جي ڀاڄ جو اهڃاڻ بڻجي اڃا تائين قائم دائم رهندو پيو اچي.
اٽڪ جو قلعو 1812ع ۾ رنجيت سنگهه جي هٿ چڙهي ويو، جنهن کان پوءِ هن واديءَ جو الهندو حصو به سک راڄ جي اثر ۾ ايندو ويو. قلعو 1849ع تائين سندس هٿ ۾ رهيو.
اٽڪ قلعي جو شاهي دروازو شهنشاهي شان رکي ٿو. شاهي سواريءَ لاءِ تمام وڏو ڪاٺ جو دروازو آهي. جنهن جا ٻه طاق آهن، جنهن ۾ هر ٽن فٽن تي لوهه جا سوئا آهن. هاٿيءَ کي مجال ناهي جو دروازي سان مٿو ٽڪرائي ان کي ڀڃي سگهي. ڪاٺ جي دروازي کي لوهه جي پٽن سان اڃا مضبوط ڪيو ويو آهي. عام لنگهه لاءِ وڏي دروازي ۾، هڪ ننڍڙي در جو بندوبست ٿيل آهي. ان ننڍڙي در تي اُڪر ڪئي وئي آهي، جنهن جي محراب ۾ ٻه مڇيون ٺهيل آهن. شايد سنڌوءَ جي ڪناري تي هئڻ ڪري مقامي فنڪار، سنڌوءَ سان عقيدت جو مظاهرو ائين ڪيو آهي. قلعو سچ پچ ته ڏاڍي محنت ۽ شوق سان جڙيل نظر اچي ٿو، خاص ڪري اهو برج جنهن جون ڳڙکيون ائين آهن جيئن اکيون. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ برج سچ پچ اکيون پٽي ڏسي ٿو.
قلعي جون ديوارون، وهڪري کان ڪافي مٿي آهن، پر قلعي سان تعلق رکندڙ ۽ درياهه کان بچاءُ جون ڪجهه حفاظتي ديوارون درياهه جي سطح تائين اچن ٿيون. جڏهن ته درياهه جي پيٽ ۾ پڪين سرن جا ٺل بيٺا آهن. بي شڪ اٽڪ جي قلعي کي سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود قلعن ۾ نمايان جاءِ حاصل آهي. هيءُ قلعو اڄڪلهه فوج جي حوالي آهي جنهن ڪري سياحن لاءِ بند آهي گھمڻ لاءِ خاص اجازت وٺي سگهجي ٿي.
سنڌوءَ تي ڏکڻ کان اتر طرف سفر ڪندڙ مهم جُو ۽ “ٽريولس ان ٽو بخارا اينڊ واويج آف انڊس” جو ليکڪ اليگزينڊر برنس، هتان 07-آگسٽ 1837ع تي لنگهيو هو. پر يوناني فاتح اليگزينڊر سنڌو درياهه ڪٿان ٽپيو هوندو؟ اهو سوال محققن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. پر عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته لنڊاءِ (ڪابل ندي) ۽ سنڌوءَ جي ميلاپ واري ماڳ کان اٽڪل 5 يا 6 ميل مٿي اها جاءِ آهي، جتان سڪندر اعظم سنڌو ٽپيو هوندو، ڇو ته اتي سنڌوءَ جو وهڪرو ايترو گهڻو، تکو ۽ اونهو ناهي جيترو اٽڪ وٽ آهي. اٽڪ جي قلعي وٽ ترسي اليگزينڊر برنس قلعي ۽ درياهه جون ماپون ورتيون هيون. اهو آگسٽ جو مهينو هو جڏهن سنڌو تار وهندو آهي. تڏهن اتي 30 ٻيڙين جي مدد سان 537 فٽ ڊگهي پل ٻڌي وئي هئي ۽ پاڻي 12 فيدم (fathoms) (72 فٽ) اونهو هو. جڏهن ته ليفٽيننٽ وڊ جي رپورٽ موجب، هن ماڳ ۽ ڪالاباغ جي وچ ۾ ڪن جاين تي 30 فيدم (180 فٽ) گهرائي هئي.
سڪندر اعظم، جنهن جاءِ تان سنڌو ٽپيو هوندو ان جو نالو هُنڊ (Hund) آهي. هتان سنگ مرمر ۾ گهڙيل سورج مکيءَ جا گل ۽ سنسڪرت ۾ لکيل ڪجهه ڪتاب به مليا آهن. چون ٿا ته هتان يوناني اثر جا سڪا به ملن ٿا، پر هٿ آيل لکتون، ستين يا اٺين صديءَ جون ٿي سگهن ٿيون. قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته 1586ع ۾ اٽڪ وٽان ٻيڙين جي پل ٺهڻ کان اڳ تائين هُنڊ واري جاءِ تان درياهه ٽپيو ويندو هو. سڪندر، بابر ۽ محمود غزنوي به درياهه ٽپيا هئا. هن وقت هتي هندو دور ۽ مغل دور جا اهڃاڻ موجود آهن.

اٽڪ پُل

اٽڪ پُل

اٽڪ واري قديم پُل پنهنجي وقت جو هڪ عجوبو آهي.هيءَ ٻه ماڙ لوهي پل آهي جنهن جي مٿئين حصي تان ريل گاڏهي وڏي بي نيازي ۽ شان سان لس ترندي هلندي وڃي ٿي. هيٺئين حصي مان ڪنهن وقت ۾ گاڏيون موٽرون هلنديون هيون. هاڻي موٽر گاڏين لاءِ نئين پل ٺهي وئي آهي. پراڻي پل کي ست ٿنڀا آهن، چار کاٻي ڪپ تي ۽ ٽي ساڄي ڪپ تي. پل جي ٻنهي ڇيڙن تي قلعي جي مورچن جهڙا لنگهه آهن شايد اٽڪ قلعي جي مناسبت سان اها ڊزائين ٺاهي اٿن. ٽريفڪ لاءِ ٺاهيل نئين پل شڪل صورت ۾ سادي آهي. ٻيڙيءَ ۾ سوار ماڻهوءَ کي اها پل پري کان انگريزي لفظ “T” وانگر لڳي ٿي ڇو ته ان جو هڪ ٿنڀو درياهه جي پيٽ ۾ وچ تي کتل آهي. 23-مارچ 1839ع تي ليفٽيننٽ وليم بار پنهنجي پارٽيءَ سان جڏهن اٽڪ وٽ پهتو ته اتي هڪ وڏو طوفان اچي چڪو هو، جنهن وڏي تباهي مچائي هئي. طوفاني ڳڙي، ٻئي نقصان سميت سنڌوءَ تي ٺهيل ٻيڙين واري پل جو نالو نشان به ڊاهي ڇڏيو هو. ساڳي پل جو اطلاع 1831ع ۾ وليم مور ڪرافٽ (William Moorcroft) جي رپورٽ مان به ملي ٿو جنهن رنجيت سنگهه جي اجازت سان قلعي جو معائنو ڪيو هو. ان کانپوءِ مختلف انگريزن 1860ع ۽ 1878ع ڌاري اٽڪ وٽ جيڪي اسڪيچ ۽ منظر ڪينواس تي چٽيا آهن، انهن ۾ به ٻيڙين جي پُل صاف ظاهر آهي. 26-آڪٽوبر 1878ع تي ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ ان پل جي ڊيگهه 537 فٽ ڄاڻايل آهي جنهن ۾ عام طور تي 20 کان 30 ٻيڙيون استعمال پئي ٿيون. رپورٽ موجب انهاري ۾ درياهه جي چاڙهه وقت خطري سبب ٻيڙيون ڪڍيون ٿي ويون ۽ ٻيڙين واري پل ذريعي اچ وڃ متاثر پئي ٿي. 1883ع ڌاري تراکڙن ترن واريون بار ڍوئيندڙ 24 وڏيون ٻيڙيون موجود هيون، جن کي هڪٻئي سان برابر برابر ٻڌي پل جوڙي وئي هئي. ان هنڌ تي سنڌوءَ جو پيٽ 970 فٽ ماپيو ويو هو. مٿين رپورٽن مان هڪ موجب، اها پل فوجي سامان ٽپائڻ جي لحاظ کان مضبوط هئي پر هاٿين کي اڪارڻ لاءِ کين تاريو ٿي ويو. ٻيڙين جي پُل سبب هتي هڪ ڳوٺ به آباد ٿيو جنهن جو نالو ”ملاحي ٽولا“ هو. (Historical Images of Pakistan by Aijazuddin)ملاح ٽولا ڳوٺ اٽڪ قلعي لڳ آهي، اتي پڪين سرن جون عمارتون ۽ مندر آهي.
1856ع ڌاري هندستان سرڪار اٽڪ وٽ سنڌوءَ هيٺان هڪ سرنگهه کوٽڻ جو ڪم به شروع ڪيو هو پر اهو ڪم نه ٿي نه ٿيو، نيٺ پنجاب اسٽيٽ ريلوي فيصلو ڪيو ته نديءَ مٿان پُل ٺاهي وڃي. 1883ع جي هڪ لکت موجب اها سرنگهه سچ پچ ته 1862ع ۾ مڪمل به ٿي هئي پر اها پاڻيءَ سان ڀرجي وڃڻ سبب بيڪار ٿي وئي ڇو ته ان مان پاڻي ڪڍڻ مشڪل هو.
اٽڪ واري پل جو ڪم 1880ع کان هٿ ۾ کنيو ويو پر اصل ڪم ڊسمبر 1882ع ۾ شروع ٿيو. پُل مئي 1883ع ۾ جڙي تيار ٿي ۽ ٽريفڪ لاءِ کولي وئي. اٽڪ تي پُل وجهڻ جو هيءَ چئلنج لنڊن جي هڪ ڪمپني ويسٽ وڊ بئلي اينڊ ڪمپني قبول ڪيو هو. چئلنج ان ڪري ٿو چئجي ته اها درياهه جي وڌ ۾ وڌ سطح کان به مٿي ٻڌڻي هئي، يعني نوي فٽن کان مٿي! ڪهڙي خبر ته هن پورالي نديءَ جي من ۾ ڪڏهن ڪهڙي ڳالهه ٿي اچي ۽ ڀرجي ڀرجي ٻوڙان ٻوڙ ڪري!

نيرن نيڻن واري ۽ چانديءَ روپ مست

نيرن نيڻن واري ۽ چانديءَ روپ مست

خيرآباد پئٽرول پمپ لڳ هڪ ننڍڙي پل ۽ پوليس چيڪ پوسٽ آهي. هتي بيهڻ کان پوءِ سامهو نظر ايندڙ منظر تان اکيون هٽائڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. سامهون هڪ ڪشادي ماٿريءَ مان نيرن نيڻن واري سنڌوءَ ندي وروڪڙ کائيندي اچي ٿي ۽ اولهه کان ڪابل جو ڪارسرو چانديءَ جهڙو پاڻي پنهنجي سست رفتار سان نيرن نيڻن واريءَ جي جهوليءَ ۾ ڪرڻ گهري ٿو ۽ پر سونهن جي نشي ۾ مست طاقتور سنڌوءَ جو پاڻي پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌندو وڃي ٿو. اهو عمل مسلسل جاري آهي انهن ڏينهن کان جڏهن سنڌو ساماڻي ۽ ڀرپاسي جون نديون نالا سندس سونهن تي مست ٿي سندس وجود ۾ ملي هڪ ٿيڻ جي تمنا کڻي وڌيا.
دوميل ماڳ تي ٻنهي پاڻين جي ميلاپ جو منظر جماليات جي ستل جذبن کي ڌونڌاڙي اٿاري ٿو. سنڌوءَ ۾ ملي هڪ ٿي وڃڻ جي شوق ۾ ڪابل نديءَ جو پاڻي سنڌوءَ جي تيز وهڪري جي ڌڪي سان پري تائين گهلبو هليو وڃي ٿو ۽ ڌرتيءَ جي ڪينواس تي هڪ لڇندڙ تصوير اڀري ٿي. نيري ۽ چاندي جهڙي رنگ جا ٻه پٽا پري تائين گڏ هلن ٿا. نيرو پاڻي وڌيڪ لڇندڙ آهي ۽ چاندي رنگ واري پاڻيءَ ۾ لُڇ گهٽ آهي ... ۽ پوءِ هوريان هوريان چانديءَ جو وهڪرو نيراڻ ۾ پنهنجو وجود ۽ رنگ سڀ وڃائي ويهي ٿو.
چون ٿا ته، سنڌوءَ جو پاڻي اٽڪ وٽ لٽ سان ڀريل ۽ ميرانجهڙو هوندو آهي پر مون شفاف ڏٺو، جيڪو گهراين ۽ آسمان جو رنگ جهٽڻ سبب نيرو ٿي پئي ويو. ڪينواس تي رنگن جي ان تبديليءَ جو سبب شايد تربيلا بند آهي، جنهن ۾ هماليه تان لٿل لٽ جا تهه ڄمندا پيا وڃن ۽ سنڌوءَ کي آٺريل پاڻي ملي رهيو آهي.

پوٺوهار

پوٺوهار

انڊس ايڪسپيڊيشن لاءِ نڪتل ننڍڙين ٻيڙين تي منهنجي نظر ان مهل تائين کتل رهي، جيستائين اهي اٽڪ گهاٽيءَ جي وڪڙ ۾ گم نه ٿي ويون. گهاٽيءَ مان نظر ڪڍي مون هڪ ڀيرو وري اٽڪ جي قلعي تي نظر وڌي. پراڻي اٽڪ پُل ڏانهن ڏٺو ۽ اوڏانهن ڏٺو جتان سنڌو ۽ ڪابل جا وهڪرا گڏجي اورتي اچي رهيا هئا ۽ پوءِ اٽڪ شهر ڏانهن روانگيءَ لاءِ گاڏين جا ڦيٿا ڦريا. نئين اٽڪ پُل ٽپڻ مهل، ساڄي شيشي مان اٽڪ گهاٽيءَ الوداعي هٿ لوڏيو ۽ کاٻي دريءَ مان سنڌوءَ آشيرواد ڏنو.
پل ٽپڻ شرط سمورا منظر بدلجي ويا، هتي ننڍيون وڏيون ٽڪريون ۽ ميدان هئا. سرحد صوبو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي رهجي ويو هو ... ۽ هيءُ هو پنجاب. اٽڪ قلعي جون ديوارون روڊ سان آهن. ٿورڙو اڳتي مغل تعمير جا ٻيا نمونا موجود هئا. وقت گهٽ هئڻ ڪري انهن قديم آثارن کي ڇڏي اڳتي وڌي وياسون ۽ وڃي اٽڪ کان نڪتا سون. اٽڪ بس اسٽينڊ تي پري پري کان پهتل ۽ نڪتل بسن جو تعداد ڏسي شهر جي مصروفيت جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه هو.
هونئن هر شهر جي پنهنجي خوشبوءِ، شخصيت، مزاج ۽ انفراديت هوندي آهي، خاص ڪري ننڍن شهرن جي سونهن انهن جي ٻهراڙين سبب پئي بکندي آهي. خبر ناهي ته ڇو اٽڪ شهر مون کي متاثر نه ڪيو، مون کي گندگي نظر آئي. شهر ۽ ٻهراڙيءَ جو ميلاپ هئڻ جي باوجود شهر جي شخصيت ۽ انفراديت نظر نه آئي. نه ڪا پراڻي روايتي عمارت ملي ۽ نه وري ڪنهن مقامي ماڻهوءَ رهنمائيءَ لاءِ هائوڪار ڪئي. البت اسان کي سفر جو سڄو سامان مليو.
اٽڪ شهر، سرحد ۽ پنجاب جي ڪنڌيءَ تي هئڻ سبب تهذيبي ورثي ۾ مالامال هئڻ کپي پر هيءُ شهر نه پنجاب جو محسوس ٿيو ۽ نه صوبي سرحد جو، هر ماڻهو پنهنجي هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان ۾ مصروف هو ۽ جيڪو واندو هو سو ڄڻڪ سڄي ماحول کان لاتعلق، فقط ”مشاهدو“ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي لڳو. اٽڪ ۾ اسان کي مُرڪ به نه ملي جيڪا هر ماڻهو ڏيئي ٿي سگهيو. ڇا اهائي اٽڪ شهر جي انفراديت ۽ شخصيت هئي؟ ٿي سگهي ٿو ته اٽڪ بابت راءُ قائم ڪرڻ ۾ مون جلدي ڪئي هجي. مان شهر جي سڄي مارڪيٽ ۽ سموريون جايون ڪونه ڏسي سگهيو آهيان. شهر ۾ هٿ جي هنر جا ٻه چار دڪان هئا، خاص ڪري جُتين جا. پر انهن تي ٿيل ڪم مونکي نه هِرکايو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان وٽ وقت نه هو ۽ اسان کي سفر جي سامان جي خريداري مڪمل ڪري جلد کان جلد خوشحال ڳڙهه پهچڻو هو. اسان جيئن تيئن اٽڪ کان نڪتاسين ۽ خوشحال ڳڙهه لاءِ بَسال (Basal)وارو رستو اختيار ڪيوسين. هن رستي تي اٽڪ شهر کان اڳ ۽ پوءِ ڪافي ميلن تائين فوجي نوعيت جون ڪئمپون ۽ ادارا قائم ٿيل نظر آيا. مون کي اٽڪ جي ٻهراڙين ۾ ڳوٺاڻا گهٽ، فوجي گهڻا نظر آيا: ائين ٿي لڳو ڄڻ اٽڪ جو ڪلچر لشڪري اقتصاديات مان ڦٽي نڪتل هجي!
خوشحال ڳڙهه پهچڻ جا ٻه رستا آهن. هڪ سرحد صوبي مان جيڪو سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي، جبلن کان ٿيندو پشاور ۽ ڪوهاٽ ضلعي مان نظامپور ۽ ٻين ننڍڙن شهرن وٽان ٿيندو، خوشحال ڳڙهه پهچي ٿو ٻيو پنجاب جي ضلعي اٽڪ کان وڃي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي کاٻي پاسي، پوٺوهار جي بالڪل الهندي ۾ آهي.
پوٺو معنيٰ ”غيرهموار“ ۽ هار معنيٰ ”جهڙو“. مجموعي معنيٰ اهائي بيٺي ته غيرهموار علائقو. پوٺوهار جي اهائي جاگرافي آهي. سروي آف پاڪستان جي نقشي موجب پوٺوهار پليٽو لڳ ڀڳ اسلام آباد کان جهلم، جهلم کان سنڌوءَ جو ڪنارو لڳ ڀڳ ڪالاباغ کان اٽڪ تائين وارو آهي. ٻين لفظن ۾ اتر ۾ مارگله، اوڀر ۾ جهلم ندي، اولهه ۾ سنڌو ۽ ڏکڻ ۾ لوڻاٺين ٽڪرين جو سلسلو. ان پليٽو جي وچ ۾ هڪ ندي ”سوان“ (Soan) وهي ٿي جنهن ۾ راولپنڊيءَ جي اتر ۽ اوڀر وارين جابلو ماٿرين جو پاڻي لهي اچي ٿو. سوان ندي، ڪالاباغ کان ٿورو اتر ۾ سنڌوءَ سان ملي ٿي.
توزڪ جهانگيريءَ ۾ پوٺوهار جون حدون ”هيٿ کان مارگله تائين“ ڄاڻايل آهن. جيستائين پوٺوهاري ٻوليءَ جو تعلق آهي ته فقط ”سيد ڪسران“ تائين ٺيٺ پوٺوهاري ڳالهائي وڃي ٿي. علائقي جون ٻيون ٻوليون ڪاهرو، ڪجهي، پلکي، ڌني ۽ گهيبي وغيره آهن، جن کي پوٺوهاريءَ جو حصو سمجهيو وڃي ٿو.
پوٺوهار اٽڪ، جهلم، چڪوال، راولپنڊي ضلعن ۽ اسلام آباد تي پکڙيل آهي. علائقي ۾ اعواڻ، عباسي، جنجوعه، منهاس، سَتي، ۽ گکڙ قبيلا رهن ٿا جن ۾ اڪثر راجپوت آهن. سڪندر ۽ راجا پوروءَ جي لڙائيءَ به پوٺوهار ۾ لڳي هئي. اسان کي خوشحال ڳڙهه تائين واٽ ۾ ڪا به ذڪر جوڳي شيءِ نظر نه آئي، پر هيءُ علائقو ڪافي دلچسپ هو. مٽي ۽ پٿر جا پهاڙ، ننڍڙيون ننڍڙيون ماٿريون، وروڪڙ واٽون ۽ مختصر وڻڪار. پوٺن جي ڪن ڪن لاهين تي ننڍڙا بند ويران حالت ۾ هئا، جيڪي مقامي ماڻهن، آباديءَ لاءِ ٺاهيا هئا. پهرين نظر ۾ اهي ننڍڙا بند قديم آثار ٿي نظر آيا. جيتوڻيڪ هيءُ علائقو خشڪ نظر ٿي آيو پر جر ۾ پاڻي جام هو. سوال فقط ايترو هو ته جر جو پاڻي اوچائين تائين ڪيئن پهچائي آبادي ڪجي؟ آبادي تمام ڇڊي هئي. بسال لڳ ميداني منظر هو، جتي ٽيوب ويل تي آبادي هئي. پوٺوهار بنيادي طرح باراني علائقو آهي جنهن ڪري ماڻهن لاءِ پيٽ پالڻ وڏو مسئلو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿين ٿا. پوٺوهار نه رڳو تاريخي طرح اهم خطو آهي پر ارضياتي طرح به تمام شاهوڪار آهي. پنڊپهڻن ۾ کيرٿر ۽ سنڌ جي لڪي سلسلي کان گهٽ نه آهي، ۽ قد بت ۾ به لڪي ۽ بڊو جبلن جيترو آهي. برسات جي مند ۾ هي خطو ڪشمير جهڙو ٿيو پوي.
لڳ ڀڳ اهوئي علائقو آهي، جتي وفاقي حڪومت غازي گهڙيالا نالي هڪ پروجيڪٽ تي عمل ڪرائي رهي آهي. اسان اکين سان اهو هنڌ نه ڏٺو جتان ڪم جاري هو، پر اها رٿا لڪل ڪونهي. چون ٿا ته جيڪڏهن اها رٿا مڪمل ٿي ته اها ڪالاباغ کان وڌيڪ اثر ڇڏيندي.

غازي گهڙيالا پروجيڪٽ

غازي گهڙيالا پروجيڪٽ

سنڌوءَ تي وڏي ۾ وڏو بند تربيلا آهي، جنهن جي اڏاوت دوران سوين مزدور مري ويا ۽ ڪيئي گم ٿي ويا.بند ٻڌجڻ کان پوءِ بجليءَ جي پيداوار ته برابر وڌي آهي پر ڪي اهڙا سياسي ۽ سماجي مسئلا به پيدا ٿيا آهن جن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.ٻيا مسئلا پنهنجي جاءِ تي ،خود بند جي ڀرپاسي وارا ساوا پٽ سم ۽ ڪلر جو شڪار ٿيا آهن ۽ بي شمار ماڻهو بي گهر ٿيا آهن.جيتوڻيڪ زمين الله جي سمجهي ويندي آهي۽ انسان دنيا جي گولي کان ٻاهر نٿو رهي، تنهن هوندي به زمين جا ڀلا ۽ رهائش جوڳا پٽ اڳ ئي قومن، قبيلن ۽ طاقتور فردن جي ملڪيت بڻجي چڪا آهن. هر اهو ماڻهو جيڪو بي گهر ٿئي ٿو، پاڙئون پٽيل وڻ وانگر زندگيءَ جي وهڪري ۾ لڙهي وڃي ٿو، ان مهل تائين جيسين وقت جو ظالم وهڪرو کيس ڪنهن ڪناري تي هڻي.
تربيلا ڊيم بجليءَ جي ضرورت پوري ڪري نه سگهيو آهي، ان ڪري پاڪستان سرڪار سنڌوءَ تي هنڌ هنڌ بند ٻڌي، بجلي پيدا ڪرڻ جا پروگرام ڏيندي پئي اچي. ڀاشا بند، ڪالاباغ بند، تونئسه، چشمه، جناح بئراج وغيره وغيره. هيءُ هڪ وڏو معاشي ۽ سياسي مسئلو بڻجي ويو آهي. ڪهڙي خبر ته اهو مسئلو ملڪ کي ڪيڏانهن ٿو نِئي!؟ معاملو رڳو بجليءَ جي پيداوار جو هجي ها ته ڪنهن کي اعتراض ڪونه هو. اصل ڳالهه ته ان ڀروسي جي آهي جيڪو وڏي صوبي يعني پنجاب کي پيدا ڪرڻو هو. سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي ورڇ جو مسئلو هميشه ٺڳيءَ جي نظر ٿي ويو آهي. مان سياسي بحث ۾ پوڻ بدران هڪ ”نئين رٿا“ بابت لکڻ گهران ٿو جنهن تي چپ چاپ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان بابت ڪنهن به قسم جو پرچار نه ڪيو ويو آهي. هيءُ آهي، ”غازي گھڙيالا پروجيڪٽ“.
تربيلا بند جي پاڇاڙ کان، ڇهه ميل هيٺ سنڌوءَ ۽ هارو نئه جي ميلاپ سان غازي ۽ خانو ڳوٺن وٽ، غازي گهڙيالا پن بجلي گهر جي رٿا تي ڪم زور شور سان جاري آهي. رٿا وارن جي دعويٰ آهي ته، ان سان ملڪ نه رڳو ٻارڻ (تيل) بچائي سگهندو، پر ان رٿا سبب اتر پنجاب ۽ پوٺوهار جي علائقن ۾ هزارها ٽيوب ويلن ذريعي وڏيون آباديون ٿي سگهنديون ۽ پنجاب سان گڏوگڏ سرحد صوبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ايندو.
هن رٿا جي شروعات ڪجهه سال اڳ تمام رازداري سان ٿي چڪي آهي. ڪم ۾ واپڊا کي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (UNDP) جو ساٿ شامل آهي. 1987ع کان اڳ رٿا جو مطالعاتي جائزو ورتو ويو. ان ڪم لاءِ پاڪستاني انجنيئرنگ ڪمپنيون، نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان (پرائيويٽ) لميٽڊ لاهور، نبي اينڊ پارٽنرز (اورسيز) لميٽڊ يو-ڪي ۽ هڪ آمريڪي ڪمپني، هزاره انجنيئرنگ ڪمپني انٽرنيشنل ايل پي شڪاگو شامل رهيون. انهن ڪمپنين پنهنجين رپورٽن ۾ نه رڳو انهيءَ منصوبي کي پاڪستان لاءِ تمام فائديمند قرار ڏنو پر انهيءَ سلسلي ۾ ٻارڻ جي بچت ۽ پاڻيءَ جي کپت جي اهميت تي به لکيو آهي. رپورٽن ۾ حڪومت کي صلاح ڏني وئي ته اهو ڪم بنا دير جي شروع ڪيو وڃي.
واپڊا ۽ حڪومت جي خرچ تي ڪيل اڀياس موجب هريپور، چاچ ۽ سروان (اٽڪ تعلقو) سميت داکنرجابا، ڌير، باروٿا، غازي گھڙيالا وغيره ڳوٺن جو تفصيلي معائنو ڪرڻ کانپوءِ هن رٿا کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو، جيڪي هن ريت آهن.
غازي بئراج: هيءَ بئراج سنڌو دريا جي کاٻي ڪپ تي، تربيلا بند کان ڪجهه ميل ڏکڻ ۾، ڳوٺ غازي وٽ هڪدم ٺاهيو ويندو. جنهن ۾ فولاد جا دروازا هڻي هائڊرو اليڪٽرڪ پروجيڪٽ لاءِ پاڻي جمع ڪيو ويندو، جتي ٻارنهن ئي مهينا لکين ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جمع هوندو، جيڪو سڄي جو سڄو سنڌو درياهه مان حاصل ڪيو ويندو. ان جاءِ تان پاڻيءَ جو وهڪرو اٽڪل ڇهه لک سٺ هزار ڪيوسڪ آهي، جنهن مان غازي بئراج کي ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي ملندو. بچيل پنج لک ڪيوسڪ پاڻي جناح، تونئسه ۽ چشمه بئراجن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کان پوءِ پاڇي غلام محمد بئراج تائين پهچندو.
پاور چئنل: بئراج کان هڪ واهه کوٽيو ويندو جنهن تي 9000 ملين رپيا (9 ارب رپيا) خرچ ايندو، اُنهيءَ مٿان 30 پليون ٺهنديون. هيءُ واهه اٽڪل پنجن ميلن جو فاصلو طئه ڪري 250 فٽن جي بلنديءَ تان هيٺ ڪرندو، جنهن مان بجلي حاصل ڪري سگهبي.

پاور ڪامپليڪس

پاور ڪامپليڪس

هيءُ ڪم باروٿا جي ماڳ تي ٿيندو. هيءَ اها جاءِ آهي جتي بجلي پيدا ڪري، پنجاب جي مختلف علائقن کي ڏني ويندي. جنهن سان پنجاب جا بي شمار ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيندا. هن جاءِ تان اندازو آهي ته 100 کان 300 ميگاواٽ تائين بجلي پيدا ٿيندي.
ان سڄي منصوبي تي عمل لاءِ جيڪو خرچ ايندو اهو ڪنهن به صورت ۾ هر سال 2000 ملين رپيا (ٻه ارب) کان گهٽ نه هوندو.
نقشو کڻي ڏسبو ته گهڙيالا وارو ماڳ، اٽڪ شهر جي بالڪل اولهه ۾ ٺيڪ ان جاءِ تي آهي، جتان سنڌوءَ جو عظيم موڙ شروع ٿئي ٿو. اهائي جاءِ آهي جتي هارو ندي پنهنجو پاڻي سنڌوءَ ۾ اوتي ٿي. پروجيڪٽ جي پڄاڻيءَ تي ئي خبر پوندي ته هاروندي سنڌوءَ کي پاڻي ڏيندي رهي ٿي يا وري اوڌر ورتل پاڻي ڦٻائي وڃي ٿي.

پوٺو هار جا ڪجهه درويش

پوٺو هار جا ڪجهه درويش

سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي تڪرار پنهنجي جاءِ تي، پوٺوهار جي صوفي درويشن جي انسان دوستي پنهنجي جاءِ تي. جيتوڻيڪ اسان کي اٽڪ کان خوشحال ڳڙهه تائين ڪنهن درويش جي درگاهه نظر نه آئي پر پوٺوهار کي سچ پچ ته ڪي وڏا درويش مليا آهن، جن مان ڪجهه درويشن جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندي.

شاهه لطيف بري
اسلام آباد کان ڪوهه مري ويندي، پنڊيءَ کان 14-ميلن جي پنڌ تي سندس درگاهه آهي. سندس پيدائش جو سن 1617ع آهي. سندس عرس هر سال بهار جي مند ۾ ٿئي ٿو. سندس وفات 1705ع ۾ ٿي. ان لحاظ کان هيءُ صاحب شاهجهان ۽ اورنگزيب جو همعصر ٿيو.
سندس عقيدت مندن ۾ واڌ ٿي ته جاسوسن وڃي مغل درٻار ۾ رپورٽ ڪئي ته هوشياري ڪرڻ کپي متان فتنو نه ٿئي. اطلاع ملندي ئي شاهجهان، درويش کي آگري اچڻ جو حڪم ڏنو پر شهنشاهه جو حڪم هن فقير تي نه هليو. ڪجهه مهينن کانپوءِ هتان اورنگزيب لانگهائو ٿيو ۽ کانئس متاثر ٿي ويجها ڳوٺ لکي ڏنائين، پر فقير قبول نه ڪيا. اورنگزيب ڪنهن ٻي خدمت لاءِ چيو ته شاهه لطيف بريءَ کيس پوٺوهار تان ڍل معاف ڪرڻ لاءِ چيو ڇاڪاڻ ته اهو علائقو تڏهن ڏڪاريل هو. اورنگزيب هڪدم پوٺوهار کي ڍل کان ”بري“ ڪري ڇڏيو. اهو ئي لفظ پوءِ فقير جي سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ سندس عقيدتمندن کيس شاهه لطيف “بري” سڏڻ شروع ڪيو.

پير مهر علي شاهه
هيءُ اهو ئي صوفي شاعر آهي جنهن جو شعر سڀني ٻڌو آهي ته
ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيري ثنا
گستاخ اکيان ڪٿي جا لڙيان!
هيءُ درويش 1859ع ۾ ڄائو. گولڙهه شريف ۾ مرڪز ٺاهيائين جيڪو مارگله جي دامن ۾ اٽڪ ۽ جهلم جي وچ تي آهي. پير مهر علي شاهه ڪجهه ڪتاب به لکيا ۽ مريدن جي سياسي رهنمائي به ڪئي. پهرين مهاڀاري لڙائي وقت هن پنهنجن مريدن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي انگريزن جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿي سامراجي ڌر نه ٿين. هن ڪڏهن به ڪنهن انگريز عملدار جي حڪم تي حاضري نه ڏني.
هڪ ڀيري انگريز ڊپٽي ڪمشنر وٽس آيو ۽ خبر ناهي ڇا سوچي چيائين، ”پير صاحب بارش لاءِ دعا ڪر!“ جنهن تي پير صاحب جواب ڏنس، ”الله منهنجي صلاح جو محتاج ڪونهي، توهان به دعا گهرو اسان به گهرنداسون“ چون ٿا ته ان مهل سچ پچ بادل مڙي ويا ۽ مينهن پيو. سندس هڪ ڪلام مشهور آهي ته
”ڪُن فيڪون تان ڪَل دي گل اَي، اسان اگي پريت لگائي
تون مين حرف حرف نشان نه آها، جدون دِتي ميم گواهي.“

خوشحال ڳڙهه

خوشحال ڳڙهه

خشڪيءَ جو قافلو ٽپهريءَ مهل خوشحال ڳڙهه جي پُل تي پهتو. هيءُ پُل به اٽڪ پُل جي ڀيڻ آهي. پُل ٻه ماڙ آهي. هيٺئين حصي مان موٽر گاڏيون لنگهن ٿيون ۽ مٿئين حصي تان ريل لنگهي ٿي. هيءَ سوڙهي پل آهي، تنهن ڪري هڪ وقت ۾ هڪ پاسي کان ٽريفڪ ڇڏي وڃي ٿي. ان دوران ٻئي ڪناري تي ٽريفڪ جي قطار ٻڌجي وڃي ٿي. پل ڪا خاص ڊگهي ناهي ۽ هڪ ٿنڀو اٿس. هيءَ پل سنڌوءَ تي ننڍي ۾ ننڍي پل آهي. هونئن ته سکر وٽ به بکر۽ سکر کي هڪ ننڍي پل ڳنڍي ٿي. پر ان پل هيٺان سنڌوءَ جو سڄو وهڪرو نٿو لنگهي. وڏو پاڻي بکر جي ڏکڻ کان لئنڊسڊائون پل هيٺان لنگهي ٿو. خوشحال ڳڙهه جي پل هيٺان سنڌوءَ جو سڄو پاڻي لنگهي اچي ٿو. هيءَ پل 1907ع ڌاري ٺهي تيار ٿي هئي ۽ ان جو انجنيئر اهو ساڳيو آهي جنهن لئنڊسڊائون پل تي پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪيو هو.
جبل جي مٿئين حصي تان، ريل گاڏي پنهنجي رفتار سان لنگهي وڃي ٿي پر جبل اُڀو هئڻ ڪري ٽريفڪ لاءِ وڏي تڪليف آهي. پل ۾ اولهه توڙي اوڀر، جنهن به پاسي کان گاڏي داخل ٿيندي، پهرين ساڄي پاسي 90 ڊگرين جي وڪڙ سان مختصر ۽ سرنگهه جهڙي لنگهه ۾ داخل ٿي، پوءِ کاٻي پاسي 90 ڊگرين جي وڪڙن سان پل جي اندرين حصي مان لنگهڻو پوندس. ننڍيون گاڏيون ته اهي وڪڙ سولائي سان ڪاٽي وڃن ٿيون پر وڏي تڪليف ان وقت ٿئي ٿي جڏهن ٽرڪون پل ۾ داخل ٿيڻ گهرن ٿيون. هڪ هڪ ٽرڪ کي اهو وڪڙ ڪٽڻ ۾ چڱو وقت لڳي وڃي ٿو ڇو ته وڪڙ ڪٽڻ مهل، سرنگهه ۾ باقي ڪو فٽ ڏيڍ ئي بچي ٿو. ان وٿيءَ مان ٽرڪ ڪڍڻ واقعي وڏي مهارت جو ڪم آهي.
اٽڪ کان خوشحال ڳڙهه ۽ ڪالاباغ جي وچ ۾ سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي جبلن جي، سمنڊ جي سطح کان اوچائي هڪ هزار کان ڏيڍ هزار ميٽر جي وچ ۾ آهي. جڏهن ته درياهه جي سطح کان انهن جي اوچائي 200 کان 400 ميٽر جي وچ ۾ آهي. خوشحال ڳڙهه وٽ الهنديون ٽڪريون، سمنڊ جي سطح کان 300 ميٽر مٿي آهن. هتان اولهه طرف ويندڙ ريل گاڏيون پنجاب جي اسٽيشنن تان چڙهيل مسافرن کي ڪوهاٽ، هنگو ۽ افغان سرحد لڳ ننڍڙن شهرن تائين کڻي وڃن ٿيون، جڏهن ته ريل جي اها پٽڙي سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي اچي ٻن رخن ڏانهن وڌي ٿي. اتر ۾ اٽڪ ۽ راولپنڊيءَ ڏانهن ۽ ڏکڻ ۾ ڪالاباغ کان ٿيندي مختلف شهرن ڏانهن.
هتان اولهه ۾ ڪوهاٽ جو شهر آهي جنهن جون ٻه سڃاڻپون آهن. هڪ جسٽس ڪياني ۽ ٻيو هٿيار. ڪوهاٽ ۽ علائقه غير جا ماڻهو هٿيار ٺاهين ۽ وڪڻي روزگار ڪن. سندس روالور پستول، بندوقون ۽ هاڻي ڪلاشنڪوف جهڙا آٽوميٽڪ هٿيار قبائلي ماڻهن، شهري دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن جا دلپسند آهن. يورپي هٿيار جديد مشينن ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان تيار ٿين ٿا پر علائقه غير جا هٿيار به ڪا ڪسر ئي گهٽ آهن. انهن قبائلين جو روزگار، سنڌ جي ماڻهن لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي، ڇو ته اهي هٿيار سنڌ جي ٻيلن، شهرن ۽ روڊن رستن تي ماڻهن جو رت پي رهيا آهن. ماڻهن جون دانهون پيون پون ته علائقه غير ۾ ٺهندڙ هٿيار بند ڪرايا وڃن پر سرڪار چوي ٿي ته اتي اسان جو ڪنٽرول ناهي. سرڪار هٿيارن جي اسمگلنگ ته بند ڪري سگهي ٿي ... پر چون ٿا ته ضياءُ دور ۾ سرحد حڪومت جو هڪ بيحد وڏو عملدار هٿيار مافياجو گرو هو.

سنڌوءَ جا خوفناڪ لنگهه

سنڌوءَ جا خوفناڪ لنگهه

مون کي ٻيڙيءَ واري قافلي جي ڳڻتي هئي ۽ سج لهڻ ۾ دير نه هئي.خوشحال ڳڙهه تي ٽپهريءَ کان بيهي بيهي عجيب بي چيني ٿي رهي هئي،”جيڪڏهن سج لهي وين ته واٽ ۾ ڪيئن ڪندا؟کين ڪو حادثو ته پيش نه آيو ؟وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ ٻيو انتظار ڪبو ۽ پوءِ مقامي انتظاميه سان رابطي جي صورت ڪڍي ڪجهه ڪبو !“ مون دل ۾ فيصلو ڪيو ،”پر جيڪڏهن خدانخواسته ٿي چڪو ته پوءِ ...؟“ اهو اڌ ڪلاڪ تمام ڳرو هو. ان مهل مونکي پنهنجن ٻن نوجوان ساٿين انتخاب شاهه ۽ اشفاق جي بي پرواهي بنهه نه وڻي، جيڪي ريلوي پل تي وري وري مٿي کان هيٺ ۽ هيٺ کان مٿي لهي چڙهي رهيا هئا.
سامهون سنڌوءَ جو پاڻي هڪ وڪڙ کائي هلندو ٿي آيو ۽ سج لهي ويو.هاڻي روشني مهمان هئي ...اسان سڀني جون اکيون ان وڪڙ ۾ هيون جتان سنڌوءَ جو اڻکٽ پاڻي ڇلڪندو ٿي آيو.اوچتو ...انتخاب شاهه پل تان رڙ ڪئي،
“اچي ويا ....اچي ويا !” سامهون وڪڙ مان هڪ ڪارو ٽٻڪو نڪتو ۽ ٿوريءَ جهٽ کان پوءِ ٻيو. مون پنهنجي ننڍڙي دوربين اکين تي رکي. اهي ٽٻڪا ويجهو اچي ٻيڙيون بڻجي ويا.اسان جي پيٽ ۾ ساهه پيو. ٻيڙين ڪناري ڏانهن رخ ڪيو ۽ اسان ٽڪريءَ تان لهي هيٺ نديءَ جي ڪناري ڏانهن ڊوڙياسين.
اڳين ٻيڙيءَ جي نڪ تي طوطي خان ائين ويٺو هو ڄڻ ڪنهن ننڍڙي فوجي جٿي جو سالار،ٽاهه کاڌل گهوڙي جي ڪنڌ تي چڙهيو ويٺو هجي! ٻيڙيون ڪناري لڳيون.ٻيڙياتا لٿا. سڀني جي چهري تي فاتحانه مرڪ سان گڏ ٿَڪ جا پاڇا هئا. پر ٿڪ ڀڃڻ جا ڏينهن لنگهي ويا هئا.
ٻيڙين تان مسافر لٿائي ڪونه هئا ته، طوطي خان رڙ ڪئي،”ٻيڙيون خالي ڪيو ۽ پاڻ سان سامان کڻي لهو!“ بي شڪ مهم جو ليڊر ڪليم لاشاري هو پر جڏهن ٻيڙين جو معاملو ٿي آيو ته ڪمان طوطي خان جي هٿ ۾ هلي ٿي وئي. برابر ڪنارو اچي ويو هو پر طوطي خان اڃا ٻيڙين جي چارج نه ڇڏي هئي.
”انجڻيون کوليو ۽ ٻيڙيون درياهه مان ڪڍي 15-20 فٽ مٿي ڪري بيهاريو!“ طوطي خان اڄوڪيون آخري هدايتون ڏنيون ۽ ٽيم جا سڀ ميمبر سندس حڪم موجب ڪمن ۾ جنبي ويا.جيڪڏهن ٻيڙيون پاڻيءَ ۾ هجن ها ته سڄي رات ڇولين تي پٿرن سان ٽڪرائجي تباهه ٿي وڃن ها.(اهڙي دورانديشي نه ڪرڻ سبب اسان جي هڪ ٻيڙي اڳتي هلي چشما بئراج جي ڪناري تي رات وچ ۾ پنچر ٿي پئي هئي.) ڪو به نوڪدار پٿر، ڪنڊو يا زوردار گهڪو ٽيوب ڦاڙڻ لاءِ ڪافي آهي. ٻيو خطرو اهو هو ته رات جو تربيلا جي ٽربائين مان ڇڏيل پاڻي سبب سنڌوءَ جي سطح ڪجهه فٽ چڙهي پئي سگهي.
هاڻي اسان جي آڏو ٽي سوال هئا. ڪئمپ ڪٿي هڻجي؟ مانيءَ جو ڇا ٿيندو؟ ۽ اڄوڪي اڀياس ۽ مشاهدن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ بيٺڪ!
”تنبو کوڙڻ جي ضرورت ناهي. مٿي ٽڪريءَ تي هڪ ريسٽ هائوس آهي.جاءِ ملي ته ٺيڪ، نه تڏهن به ورانڊن جي ڇت ڪم ايندي، فقط سليپنگ بيگس کڻو ۽ انهن ۾ گهڙي وڃو !“ ميجر اعظم کي خوشحال ڳڙهه جي ريسٽ هائوس بابت خبر هئي.
”۽ ماني؟“ هڪ نوجوان بک کان بيتاب ٿي پڇيو!
”اڄ پهرين منزل آهي توهان سڀني کي بگو تتر ۽ ڪجهه ٻيو طعام به پيش ڪبو!“ ڪليم پنهنجي خاص انداز ۾ نوجوان جي پٺي ٺپري ۽ پوءِ ڊرائيورن کي سڏي ڪي هدايتون ڏنيون.
جيستائين ماني اچي، چانهه لاءِ چلهه ٻاري وئي. طوطي خان چانهه جو ڪم سنڀاليو ۽ نوجوان سندس مدد کي لڳي ويا. ڪريم ميمڻ ۽ محمد علي قادري ڪئمپ ۾ ٿوري چهل قدمي کانپوءِ چانهه جي چلهه ۾ اکيون وجهي ويهي رهيا. ٻنهي کي پنهنجين ڪئمرائن جي ڳڻتي هئي. سڄي واٽ ڇولين ۾ ڇلڪندا آيا هئا، ڪئمرائون پاڻيءَ کان ڪيئن بچيون هونديون. هاڻي اونداهي گهري ٿي چڪي هئي. ريسٽ هائوس جي کليل ورانڊي ۾ روشنيءَ جو انتظام هو. ڪريم ميمڻ مووي ڪئمرا جون ڊسچارج ٿيل بئٽريون چارج ڪرڻ لاءِ بجليءَ جي سوئچ بورڊ جو پاسو ورتو ۽ محمد علي ٽرانسپيرنسين ۽ ڪلر رولن جو رڪارڊ ٺاهڻ شروع ڪيو.
هاڻي مشاهدن تي خيالن جي ڏي وٺ جو وقت هو. هڪ ڪنڊ ۾ ڪليم، ميجر اعظم، انور، اشتياق انصاري ۽ مان ويٺاسون.
”سر! انڊس تي خوبصورت ڪتاب اچڻ گهرجي.“ ميجر اعظم پنهنجي حسرت جو اظهار ڪيو. پوءِ دير تائين ان رٿ تي رايا هلندا رهيا ... تان جو ماني اچي وئي. آڏو دال، ڀاڄي ۽ ٿڌا نان رکيا هئا.
”سر! هو توهان جو بگو تتر ڪٿي آهي؟“ ميجر اعظم، ڪليم کان پڇيو.
”سائين ڪونه آيو ڇا ...؟“ ڪليم ويجهو اچي مانيءَ جو معائنو ڪيو ۽ دال جي ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڏٺو، ”سائين حاضر آهي ...! بگو تتر توهان جي نظر ڪرم جو منتظر آهي ... توهان شوق سان نوش فرمايو!“ سڀني جي چهري تي مرڪ پکڙجي وئي. عوام دال تي ائين حملو ڪيو ۽ چپ چٽيا ڄڻ ته سچ پچ بگو تتر پنهنجي سڄي لذت ۽ خوشبوءَ سان رڌجي آيو هجي!

جبلن ۾ ڦاٿل سنڌو

جبلن ۾ ڦاٿل سنڌو

هندو ڏند ڪٿا موجب ڪئلاش جبل مهاديو شو جو اَسٿان آهي. مهاديو جو هڪ نالو ڪئلاش پتي به آهي. جڏهن ته هماليه سندس وارن جون جٽائون يا چڳون آهن. ڏٺو وڃي ته شو ڀڳوان پنهنجين جٽائن ۾ ندين کي اهڙو لوهه ڪيو آهي جو اهي ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پون ٿيون پر انهن کي واٽ نه ٿي ملي. ندين کي شايد واٽ ملي به ڪو نه ها جيڪڏهن ڪو ديوتا سندس واٽ نه ٺاهي ها!
رگ ويد ۾ چيل آهي ته “سنڌ جي واٽ وروڻ ديوتا ٺاهي آهي.” ارضيات جا ماهر چون ٿا ته، سنڌوءَ پنهنجي واٽ پاڻ ئي ٺاهي آهي. سنڌو پاڻ به ديوتائي صفتون رکندڙ هستي آهي، جنهن نه رڳو پنهنجي واٽ ٺاهي پر پنهنجي نالي سان سڏجندڙ زرخيز ماٿريءَ کي به جنم ڏنو آهي.
هماليه جي ورن وڪڙن مان پاڻ ڇڏائي، سنڌو اڃا آزاد ئي مس ٿي ٿئي ته، اٽڪ وٽ جبل سندس دڳ جهلي بيهي ٿو. وروڻ ديوتا يا سنڌوءَ اتان به دڳ ٺاهڻ لاءِ جبل سان مهاڏو اٽڪايو ۽ دڳ ورتو آهي، پر هيءُ ڪهڙو دڳ آهي؟ هتي سنڌو جبلن جي مضبوط ٻانهن ۾ لڇي ۽ ڦٿڪي ٿي. ڪالا باغ کان هيٺ سنڌوءَ ڪيڏا به وهڪرا بدلايا هجن پر ڪالاباغ وٽ سنڌو لکن سالن کان اتان ئي وهي رهيو آهي. هائو! انهن ئي جبلن ۾ اٽڪ کان مٿي هڪ لنگهه اهڙو ٻُڌجي ٿو جيڪو ورُوڻ ديوتا بدلائي ڇڏيو هو. چون ٿا ته اٽڪ کان مٿي سنڌوءَ جو هڪ پراڻو وهڪرو هو، جيڪو سوابي کان مٿي نوشهري کان ڦيرو کائي، گهوڙا تڙپ کان هيٺ ”سوڪڙيان“ نالي ماڳ وٽ، هاڻوڪي وهڪري سان ملندو هو. ان علائقي ۾ اهڙي خشڪ ٿيل لنگهه جا نشان آهن، جنهن کي ”ڪال پاڻي“ چون ٿا. درياهه اهو وهڪرو ڪنهن زلزلي جي نتيجي ۾ ئي مٽايو هوندو. سنڌ جي ڪوهستان ۾ جابلو برساتي ندين جي پيٽ ۾ بيٺل پاڻيءَ کي ”ڪارو پاڻي“ چيو ويندو آهي. اهڙو پاڻي نئه گاج ۾ موجود آهي، جيڪا سنڌ جي سڀ کان وڏي نئه آهي. برساتن کانپوءِ جڏهن ندين نالن مان پاڻي لهندو آهي تڏهن ان کي ڪارو پاڻي چيو ويندو آهي. نقشو ڇا ٿو چوي مون کي ڪال پاڻي ۽ ڪاري پاڻيءَ ۾ هڪجهڙائي لڳي ٿي. ”ڪال پاڻي“ لنگهه ۾ به اڪثر هنڌن تي پاڻي بيٺل هوندو آهي جيئن نئه گاج ۾ آهي. اهو ’ڪَل پاڻي‘ آهي يا ’ڪال پاڻي‘ ان سوال تي اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ڪال يا ڪل پاڻيءَ جي ٻي معنيٰ اها به آهي ته ”ڪلهه پاڻي“ يعني ڪالهه (ماضي ۾) تائين هتان پاڻيءَ جو لنگهه هو؛ ”ڪل“ جي هڪ معنيٰ زمانو به آهي ۽ ”ڪال“ جون معنائون کوٽ، ڏڪر، آفت ۽ موت به آهن.
اٽڪ وٽ جبلن جي ٻانهن ۾ ڦاسجڻ کان پوءِ سنڌو ندي پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پنهنجو وهڪرو تکو ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهرائي وڌائي ڇڏي آهي. اها تمام تيزيءَ سان وڌي ٿي، لڇي ۽ ڦٿڪي ٿي، جبل سان مٿو ٽڪرائي، پٿرن کي گَسي لوڙهي ذريون ذريون ڪري ڇڏي ٿي. جبل ۾ سنڌوءَ جي طاقت آزمائي جاري آهي.
ڦٿڪندڙ سنڌوءَ جو پاڻي اٽڪ گهاٽيءَ (gorge)مان لنگهي، هڪ ماٿريءَ ۾ داخل ٿي، وري لڪن ۾ ڦاسجي وڃي ٿو ۽ پوءِ اها جاءِ اچي ٿي جتي جبل ڳاٽ اُوچو ڪري سامهون اچي بيٺو آهي. سندس ويڪري ڇاتي سنڌوءَ جي ٽڪرن سان ائين ڇيهون ڇيهون آهي جيئن سنڌ ۾ سنڌو ندي مٽيءَ جي ڀڪن سان ڪندي آهي. هيءَ جاءِ اٽڪ پل کان ڪو 15 ميل ڏکڻ ۾ آهي. ٻيڙياتا سنڌوءَ جي رستي ۾ اڏول جبل کي ڏسي ککا وکا ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن آڏو جبل آهي ته پوءِ سنڌوءَ جو پاڻي ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ ٻيڙياتا اڃا ان ئي سوچ ۾ رهن ٿا ته اوچتو سنڌوءَ جو وهڪرو ايترو تکو ٿي وڃي ٿو جو ٻيڙيون ڪک پن وانگر بي وس ٿي وڃن ٿيون. سنڌوءَ هن جاءِ تي پاڻ کي جبل جي مضبوط گهيري مان ڪڍڻ لاءِ جبل جي ڪڇ مان ساڄي پاسي گهت هنئي آهي ۽ سر اولهه ۾ سڄا سارا ڏهه ميل نڪري ويو آهي.
پر سنڌو پاڻ ڇڏائي نه سگهيو آهي. جبل ٻانهن ورائي کيس تمام سولائيءَ سان ٻيهر وڪوڙي ڇڏيو آهي. هن ”گريٽ انڊس بينڊ“ ۾ خاص ڳالهه اهو جهٽڪو آهي، جيڪو پاڻيءَ جي ٻه سطحي وهڪرو سبب ٻيڙين کي آيو. اهڙو ئي هڪ جهٽڪو ان مهل به آيو هو جڏهن ٻيڙيون ڪابل نديءَ جي سست رفتار پاڻيءَ مان سنڌوءَ جي تيز وهڪري ۾ داخل ٿيون هيون.
بروٿا لڳ سنڌوءَ جي عظيم موڙ ۾ داخل ٿيڻ مهل سچ پچ ته ٻيڙياتا پگهرجي ويا هئا. رٻڙ جي ٻيڙين ۾ لڳل انجڻين جا پکا ايترو تيز نٿي ڦريا جيترو تيز سنڌوءَ جو وهڪرو هو. ڪا به معمولي غلطي يا اتفاق ٻيڙيءَ کي اونڌو ڪري سگهيو ٿي. جيڪڏهن ٻيڙي اونڌي ٿي پوي ها ته ڇا ٿئي ها؟ اسان مان اڪثر ميمبر تارُو ناهن، پر هتي تارُو ۽ اَڻ-تارُو سڀ برابر هجن ها. جنهن مڇريل سنڌوءَ پنهنجي آڏو بيٺل جبل جي ڇاتي ڇني ڇڏي هئي، سا پَن تي سوار ماڪوڙين کي چٿي قيمو ڪري سگهي ٿي، پر شايد سنڌوءَ کي مٿن پيار اچي ويو هو جو انهن کي سلامتي سان تاري پنهنجي عظيم موڙ مان ڪڍي اڳتي ڪري ڇڏيائين:
سڙهه سنوان لاڄو نوان، مهاڻا سندن مير
سـاٿـي سـفـر هـليــا ٿـيا سـڻـاوا سِـيـر،
جي اچن ساڻ اُڪِير، سي ٻيڙا رکج ٻاجهه سين.
موڙ مان نڪرڻ مهل ٻيڙياتن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو- اُف! سنڌو جبل جي ڇاتيءَ کي چيري، لهي رهي هئي!
سنڌو موڙ ڪٽي ويڪري ماٿريءَ ۾ گهڙيو ۽ وري جبل جي ٻانهن ۾ سُڪ ٿي ويو. اڀڪڀرا جبل، سوڙها لنگهه، ڪي موڪريون ماٿريون، ڪٿي ڪٿي وڻڪار، لسا گول پٿر، ڪٿي ڪٿي ڪو ننڍڙو ڳوٺ، ڪناري تي بيٺل ماڻهو، ڇلڪندڙ ڇولين تي ڏڪندڙ ٻيڙين کي ڏسي بيهي ٿي رهيا. ننڍڙن ٻارڙن هٿ لوڏي کيڪاريو ٿي ۽ سنڌوءَ ڪناري تي ٿانءَ ۽ ڪپڙا لٽا ڌوئيندڙ جوانڙيون ٽيڏي اک سان ڏسي پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي پئي ويون.

نوري پِير ۽ جوڳي

نوري پِير ۽ جوڳي

بروٿا کان اڳتي درياهه ٻه ٽي خطرناڪ وڪڙ کاڌا. جبلن درياهه کي ڀڪوڙيو، هڪ هنڌ ته ماڳهي 350 فٽ سوڙهه ڪيائون. ٻيڙيون هلنديون ويون، تان جو سڀني ڇرڪ ڀريو. کاٻي ڪناري تي ٽڪر جي چوٽيءَ تي هڪ ننڍڙو ٽاور ڪر کڻي نهاري رهيو هيو. ڇا اکين دوکو ٿي کاڌو؟ لڳ ڀڳ اهڙو ئي هڪ ٽاور سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ آخري ٽڪرين تي، پير پٺي جي درگاهه وٽ آهي. ڄڻ ته ساڳيو سلسلو هو! ... ۽ اها ئي ڏاڪڻ جيڪا سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري جي پيٽ مان مٿي، پير پٺي جي درگاهه ڏانهن وڃي ٿي. ٻيڙياتن اکيون مهٽي هڪ ڀيرو وري ان ٽاور ۽ ڏاڪڻين ڏانهن ڏٺو ۽ ٻيڙيون ڪناري لاٿيون. اجنبي ماڻهن سان ڀريل ٻيڙيون ڪناري تي بيٺيون ته پاسي واري ٽڪريءَ تان لهندڙ ڊيلن جي قطار بيهي رهي. هو مٿي تي دلا کڻي سنڌوءَ مان پاڻي ڀرڻ لاءِ لهي رهيون هيون. طوطي خان وڏيون ٻرانگهون ڀريندو اڳتي نڪري ويو. هن کي خبر هئي ته کيس ڇا ڪرڻو آهي.
”مايان پاسي ٿي ونجو!“ طوطي خان ماين کي هندڪو ۾ چيو. ٻيڙياتن هڪ ڀيرو وري ڇرڪ ڀريو. ڇا طوطي خان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو هو؟ شايد هتان جا ماڻهو به سنڌي سمجهن ٿا تڏهن ته مايون دڳ ڇڏي ويون هيون!
مسافرن ٽڪريءَ تي چڙهي ساهِي پٽِي. درگاهه تائين پهچڻ لاءِ 180 ڏاڪا آهن. مسافرن، ڳوٺ تي نظر وڌي. هڪ گهر جي ڇت تي ٻه چار عورتون ليپو ڏيئي رهيون هيون. ٻه چار گهر ڇڏي هڪ ٻي ڇت کي هڪ مرد ليپي رهيو هو. جاين جون ڇتيون مضبوط ٿي رهيون هيون.
ٻه سؤ فٽ بلند ٽڪريءَ تي پهچڻ کانپوءِ ان مهل ته اکيون پٽجي ويون، جڏهن اُتي گهنڊ نظر آيو. بالڪل ساڳيو منظر! ”ڇا هيءُ ماڳ پير پٺي جي جاڙي ڀاءُ جو آهي؟“ ٻيڙياتن جي ذهن ۾ سوال ڦري رهيو هو. سڀني هڪٻئي ڏانهن ڏٺو.
”هيءَ نوري پير شاهه عبدالوهاب جي درگاهه آهي!“ طوطي خان درويش جو تعارف ڪرايو سندس چهري تي مرڪ هئي، ”هي باغ نيلاب آهي!“ نيلاب سنڌوءَ جو هڪ ٻيو نالو آهي، معنيٰ اٿس ”نيرو پاڻي“. هيءُ ماڳ صاف چغلي هڻي رهيو هو ته درويش جي درگاهه کان اڳ، هتي ڪا ٻي ڳالهه هئي. مسافرن درگاهه جو تنقيدي جائزو ورتو. هيءَ ٽڪريءَ جي چوٽي هئي جنهن تي سڌو پَٽ يا پڌر ٺاهيو ويو هو. هڪ طرف مسجد، ٻئي طرف ٽاور، هڪ ڪنڊ ۾ درويش جي مزار، ديوارن تي چُن جو پلستر، ڪاٺ تي سهڻي اُڪر ۽ سٺ ستر ڏيئا رکڻ ۽ ٻارڻ جو جوڳو انتظام. ڪنهن به درگاهه تي ڏيئي ۽ گهنڊ جو وجود قديم مندرن واري رسم جو تسلسل آهي.
درگاهه جي مجاور پنهنجو نالو سيد شهريار ٻڌايو. مجاورن جون ڳالهيون عقل کان مٿي پر دلچسپ هونديون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي ”علم جي خزاني“ مان ٻه چار اهڙا قديم سڪا به ڏيکاريندا آهن جن مان معاملي جي اصليت تي ڪا نه ڪا روشني پوندي آهي. پيداگير مجاور، انهن قديم ۽ عقل کان مٿي ڳالهين کي سؤ سيڪڙو سچ ثابت ڪرڻ لاءِ اکيون ڏيکاريندا آهن، پر پڙهيل ڳڙهيل مجاور اهي ڳالهيون ٻڌائڻ کانپوءِ شرم جو اظهار ڪري چوندا آهن، ”بس سائين ماڻهو جاهل آهن، ويٺا ٿا عجيب عجيب ڳالهيون ڪن!“ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مجاورن جو سڄو روزگار انهن ئي ”عجيب ڳالهين“ تي ٻڌل هوندو آهي.
مجاور ڳالهه کنئي، ”هيءُ ڇهه سؤ سال پراڻو شهر آهي. هتي مسلمان بلوٽ شريف کان آيا (بلوٽ شريف جو ذڪر اڳتي ايندو) منهنجا وڏا به اتان آيا. هتي وڻ وڍي ڪاٺين جو ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو، زمينداري به آهي. هتي اعواڻ، سيد ۽ پٺاڻ رهن ٿا ...“ هتي جا پٺاڻ خٽڪ آهن ۽ هتي کٽڙ قبيلو به رهي ٿو.
باغ نيلاب تائين خشڪيءَ رستي به پهچي سگهجي ٿو. ان لاءِ اٽڪ کان يا بَسال کان ڦري اچڻو پوندو. چون ٿا ته شيرشاهه سوريءَ جي قديم شاهراهه هتان لنگهندي هئي ۽ درياهه ٽپڻ لاءِ مناسب پتڻ هو. اصل ۾ هن جاءِ تي درياهه، گهڙي سوا لاءِ پرسڪون آهي.
”نوري پير هتي ڪٿان ۽ ڪيئن آيو؟“ مشاهداتي ٽيم جي آڏو هڪ اهم سوال هو. ڇا اها آکاڻي به پير پٺي جي ڪٿا جهڙي آهي؟
”ڪنهن زماني ۾ هتي ڪافر رهندا هئا.“ سيد شهريار نوري پير جي ڪٿا ٻڌائڻ شروع ڪئي، “ڪافرن جي بادشاهه جو نالو جوڳي هو. نوري پير قدرت جي حڪم سان هتي اچي رهڻ لڳو. جوڳيءَ، درويش کي هتان لڏي وڃڻ لاءِ چيو، پر درويش نه اٿيو. درويش جي انڪار تي جوڳي کيس چئلنج ڪيو ۽ چيو ته هو روحاني طاقت سان سندس مقابلو ڪري ...“
”پوءِ؟“
” ...پوءِ نوري پير جوڳيءَ کي چيو ته ٻيلي مان فقير ماڻهو آهيان ۽ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ نٿو گهران! پر جوڳيءَ کيس مجبور ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪرامت اٿئي ته ڏيکار نه ته ماڳ خالي ڪر!“
”پوءِ؟“
” ... پوءِ جوڳيءَ کي درويش چيو ته مون وٽ ڪا به ڪرامت ناهي جيڪڏهن تو وٽ ڪجهه آهي ته ڏيکار! تنهن تي جوڳيءَ چيو مان سِرڻ ٿي اڏامي سگهان ٿو ... پوءِ جادوءَ جي طاقت سان هو سِرڻ بڻجي اڏاڻو ته درويش کيس جهلي، پادر لاهي مارڻ شروع ڪيو ۽ ڪُٽي ڪُٽي او هن پاسي وڃي جبلن ۾ هنيائينس ...! سِرڻ مئي يا بچي پر انهن جبلن ۾ گم ٿي وئي. ان کانپوءِ نوري پير ڪافرن کي مسلمان ٿيڻ جي دعوت ڏني. ڪافرن چيو ته هت رهڻ جو وسيلو پيدا ٿئي ته مسلمان ٿيون. هتي چئني پاسي جبل آهن. پوءِ ڇا ٿيو ته رات وچ ۾ هڪ جبل گم ٿي ويو ۽ ميدان ظاهر ٿيو. ان کانپوءِ ماڻهو مسلمان ٿي ويا.“ ڳالهه پوري ٿي.
معاملو صاف ٿي ويو ۽ اسان جو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو. ڇهه سؤ سال اڳي هتي ٻُڌ يا هندو آبادي هئي ۽ هتي ڪو ساڌو يا جوڳي تپسيا ڪندو هو. هوريان هوريان مسلمانن کي سياسي ۽ فوجي بالادستي حاصل ٿي ته جوڳي هتان لڏي ويو يا مارجي ويو، باقي ماڻهو يا ته لڏي ويا يا وري مسلمان ٿي ويا. ان ئي عرصي ۾ هڪ مسلمان درويش آستاني تي پهتو ۽ پوءِ زماني سان ڪهاڻيءَ ۾ ڪرامت ۽ جادوئي طاقت جو قصو شامل ٿي ويو. اڄ تائين قديم مندر جا تفصيل درگاهه تي موجود آهن. ظاهر آهي ته جوڳيءَ جي جاءِ تي ڪنهن نه ڪنهن مقدس هستيءَ کي وهارڻو هو، سو وهاريو ويو. هندو جوڳيءَ جي جاءِ تي مسلمان درويش کي وهاريو ويو پر هن کي به جوڳيءَ واري حيثيت ملي. ڏيئا ۽ گهنڊ ان قديم زماني جي ياد ڏيارين ٿا ۽ هائو! هتان جون ڏاڪڻيون! جيڪڏهن ڪنهن جابلو مندرن جو منظر ڏٺو آهي ته هن کي محسوس ٿيندو ته هنن ڏاڪڻين جو درگاهن کان وڌيڪ مندرن ۽ اسٽوپائن سان تعلق آهي.
ٻيڙيون هڪ ڀيرو وري اڳتي وڌيون، باغ نيلاب جي واسين هٿ لوڏي خدا حافظ ڪيو ، پر ٻيڙياتن جي ذهن ۾ اهو سوال اڌورو رهجي ويو ته نوري پير ۽ پير پٺيءَ واري ماڳ ۾ ايڏي هڪجهڙائي ڇو آهي؟ هتان جا ماڻهو نه پشتو ڳالهائين ٿا ۽ نه پنجابي، سندن ٻولي سرائيڪي يا هندڪو نموني جي آهي. نوري پير درياهه جي کاٻي ڪپ تي پنجاب ۾ آهي. ساڄو ڪپ سرحد صوبي جو آهي جتي جا ماڻهو پشتو ڳالهائين ٿا.

گهوڙا تڙپ

گهوڙا تڙپ

نوري پير کان گهوڙا تڙپ ڪو گهڻو پنڌ ناهي پر گهوڙا تڙپ تائين پهچندي پهچندي سنڌوءَ جو رستو روڪڻ لاءِ جبل وڏا وس ڪيا آهن. نوري پير وٽان ئي ڏسبو ته، ڪجهه پنڌ تائين درياهه جي واري جبلن جي وڏن وڏن پٿرن کي دسي انهن جي مٿان وري وئي آهي. ڪنهن وقت ۾ ماڻهو ان واريءَ مان سون جا ذرا ڪڍندا هئا. هاڻي اها ڪرت ڪافي گهٽجي وئي آهي. ٻيڙيون ڪجهه اڳتي هليون ته اها جاءِ پري کان نظر آئي جتان کان سنڌوءَ ۽ جبل جي وچ ۾ نئين ويڙهه شروع ٿئي ٿي. هتي جبل سنڌوءَ کي ذري گهٽ اچي سوگهو ڪيو آهي پر سنڌو جبل کي کاٽ هڻي نڪري وئي آهي. گهوڙا تڙپ وٽ سنڌوءَ جي ويڪر اٽڪ جي ڀيٽ ۾ اڌ يعني 300 فٽ مس آهي. ان جي ٻنهي پاسن کان اوچا جبل قلعي جي مضبوط ديوارون وانگر بيٺا آهن. هتي درياهه تمام اونهو آهي. هي ماڳ سنڌوءَ جي عظيم وڪڙ جي شروعات کان ٺيڪ ڏهه ميل پنڌ تي آهي.
”گهوڙا تڙپ جي معنيٰ ڇاهي طوطي خان؟“ ڪنهن ٻيڙياتي سوال ڪيو.
“هتان علي سائينءَ جي گهوڙي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ٽپو ڏنو هو.” طوطي خان جواب ڏنو.
”واقعي!؟“
”هائو درياهه جي هن ڀر گهوڙي جي سنبن جا نشان به آهن.“ طوطي خان پڪ ڏياريندي چيو.
اهو ٺيڪ آهي ته گهوڙا تڙپ وٽ سنڌوءَ جو پيٽ ننڍي ۾ ننڍو آهي پر اها ڳالهه وسهڻ جوڳي ناهي ته ڪو گهوڙو ايترو ٽپو ڏيئي سگهي ٿو ... پر جڏهن ڳالهه وڃي ڪنهن ولي الله تائين پهچي ته پوءِ گنهگار ٻانهي کي ماٺ ئي رهڻ گهرجي.
نوري پير جي لڳ ڀڳ واري علائقي ۾ مشهور آهي ته هن هنڌ تي تيرهين صديءَ (1205ع) ۾ جڏهن جلال الدين شاهه خوارزم چنگيز جي لشڪر جو مقابلو نه ڪري سگهيو هو ۽ ڀڄي جند ڇڏائي هئائين، تڏهن هن 60- فٽ اوچي هڪ ڇپ تان درياهه ۾ گهوڙي سميت ٽپو ڏنو هو. شاهه خوارزم کي ٽپو ڏيندي ڏسي لشڪر مٿس درياهه ۾ تير هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر چنگيز خان پنهنجي لشڪر کي روڪي ڇڏيو. هُو شاهه خوارزم جي همٿ ڏسي متاثر ٿيو هو ۽ کيس پٺيءَ ۾ تير هڻڻ نٿي گهريائين. شاهه خوارزم درياهه مان بچي نڪتو ۽ پوءِ پنجاب، گجرات ۽ سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هئائين.
جيئن جيئن گهوڙا تڙپ وارو سوڙهو لنگهه ويجهو اچڻ لڳو، سنڌوءَ جي اندر ۾ آزاديءَ جي ويڙهه جا اهڃاڻ اُڀرڻ لڳا، پاڻيءَ جي سطح سان گڏ ٻيڙي به ڦٿڪڻ لڳي ...
“ڪشتيون ڪناري لڳايو ... جلد ڪريو!” طوطي خان هدايت ڪئي. پوئين ٻيڙيءَ کي به اشارو مليو. طوطي خان ٻيڙيون جهلڻ جي جاءِ اڳ ئي تاڙي ورتي هئي. ٻيڙيون ڪناري لڳيون. ٻيڙياتا هيٺ لٿا. هتي، ڪنارا واريءَ سان لٽيل هئا، سامهون گهوڙا تڙپ واري وڪڙدار لنگهه ۾ سنڌو مڇريل ۽ زخمي شينهن وانگر وٽ کائي رهيو هو. جبل جون ڇپون ۽ اُڀا ڪَپر فولاد جي رنگ ۾ بدلجي ويا هئا.
“چانهه پاڻيءَ کانپوءِ هن موت جي کوهه ۾ گهڙنداسون!” هيءُ پهريون ڀيرو هو جو طوطي خان پاڻ، چانهه پاڻيءَ لاءِ ٻيڙيون ڪناري هڻايون هيون. طوطي خان جي چهري تي ڳڻتيءَ جا آثار هئا. هو ٻيڙي تان لهي باهه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ميڙڻ کي لڳي ويو. سڀني طوطي خان جي بيچيني نوٽ ڪئي ۽ پوءِ گهوڙا تڙپ لنگهه ۾ ڦٿڪندڙ سنڌوءَ ڏانهن ڏٺو.
طوطي خان ٿڪل ٻيڙياتن کي چانهه پياري ۽ اڌ ڪلاڪ کن آرام ڪرايو ته جيئن نوبنا ٿي اڳتي وڌن.
”ڏسو! هي گهوڙا تڙپ آهي، هتي وڏن وڏن جو پِتو پاڻي ٿي ويندو آهي ... ٻيڙي ڪنهن جاءِ تي ٽڪري ته تختو تختي کان ڌار ٿي ويندو آهي ... سنڌوءَ ۾ گهڻي کان گهڻو نقصان هتي ٿيندو آهي- پر الله مالڪ آهي ... تڙ تڪڙ جي ضرورت ناهي، گهٻرايو نه، حوصلي ۽ خبرداريءَ جي ضرورت آهي ... توهان ٻيڙين جي رسن کي مضبوطيءَ سان جهلي ويهو ... بس هتان نڪري وڃون ته پوءِ پرواهه ناهي.“ جهوني ملاح ضروري خبرچار ڏيئي ٻيڙياتن کي هوشيار ڪيو. طوطي خان جيڪي چيو ان جي تصديق سامهون نظر ايندڙ ۽ ڦٿڪندڙ پاڻي ڪري رهيو هو.
گهڙيءَ کن لاءِ سڀني جا چهرا وسامي ويا، سڀني کي پهريون ڀيرو، محسوس ٿيو ته سر تريءَ تي رکيو آهي. موٽ جو رستو ڪونه هو، هيءَ “گِهڙيا سي چڙهيا” واري صورتحال هئي:
(1)
”دهشت دم درياهه ۾، جت جايو جانارن
نڪو سنڌو سِير جو، مپ نه ملاحن
درندا درياهه ۾، واڪا ڪيو ورن
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجها تن
ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن
اتي اڻ تارن، ساهڙ! سِير لنگهاءِ تون.“
(سهڻي)
(2)
”دهشت دم درياهه ۾، جت ڪُنن جا ڪڙڪا
سهي ڪين سمونڊ جا، ماندي دل دڙڪا
ساهڙ تون سڻ ڪا، فريادي فقير جي.“
(سهڻي)

ٻيڙيون هوريان هوريان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. طوطي خان اڳين ٻيڙيءَ جي نڪ تي ويهي ٻيڙيءَ جو رخ هيڏانهن يا هوڏانهن موڙڻ جون هدايتون ڏيندي پئي ويو. سوڙهي لنگهه ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو به تکو ٿي ويندو آهي، هيءُ ته هيڪاري سوڙهو لنگهه هو. سنڌوءَ کي هن وقت ڪنهن جي به پرواهه نه هئي، اهو ائين اُڇلون ڏيئي جبل تي حملو ڪري رهيو هئو جيئن موت ۽ زندگيءَ جي ويڙهه وقت اکين ۾ رت لٿل هجيس. ڪهڙي خبر ته سنڌوءَ شينهن جو ڪهڙو چنبو جبل بدران ٻيڙين تي پوي ٿو!
سنڌو ڇُلندي ۽ ڇِليندي رهي، ڦٿڪندڙ پاڻيءَ تي ڏڪندڙ ٻيڙيون ڪک پن وانگر لڙهنديون ويون- بس طوطي خان جو تجربو ۽ حوصلو ئي هئو جو ٻيڙياتا موت جي کوهه مان بچي نڪرڻ جي اميد ۾ هئا. ڇا اِها يوناني شاعر هومر جي ايپڪ “اوڊيسي” جي ڪا جهلڪ هئي جنهن ۾ جهاز خوفناڪ جبلن ۾ ڦاٿل سمنڊ جي خوفناڪ ڇولين مان بچي نڪرڻ جون واٽون ڳولهي رهيو هو! پر هي ته رٻڙ جون ٻيڙيون هيون جن ۾ پٿر جو گهڪو سهڻ جي قوت به نه هئي.
سنڌوءَ ٿيڙ ڏنا، ٻنهي ڪنارن تي بڙڇيون کڻي بيٺل ڇپن، راڪاسن وانگر اُلرون ڪيون، گجگوڙون ڪيون ... ۽ نيٺ جبل جي گرفت ڪجهه ڍري ٿي، سنڌوءَ جي لوچ پوچ گهٽ ٿي. تڏهن سڀني کي هوش آيو ته پُسي ڀت ٿي چڪا آهن، ٻيڙين ۾ پاڻي ڀرجي چڪو آهي، پئٽرول ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ سج لڙي چڪو هو- پر هاڻي خطرو ٽري ويو هو.
ٻيڙياتا خطري مان نڪري آيا هئا پر طوطي خان جي نراڙ تي گهنج موجود هئا، “مونکي سج جي ڳڻتي آهي. سج لهڻ کان اڳ منزل تائين پهچڻ ضروري آهي!”
سڀني ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو، اڃا ڪجهه دير سفر ممڪن هو. هوريان هوريان سنڌوءَ جو وهڪرو لس ٿيو پرسندس تک ۾ کوٽ نه اچي نه آئي.
“اڙي ٻڪريون!” هڪ همراهه اُڀين پهاڙين تي بيٺل ٻڪرين ڏانهن اشارو ڪيو. سڀني جون اکيون وري مٿي کڄي ويون. هاڻي سڀئي فطرت جي سونهن جهٽڻ لاءِ تيار ٿي ويا هئا.
“اسان جي جنون جو تماشو ڏسڻ آيون آهن.” هڪ همراهه وراڻي ڏني ۽ سڀني جي چهرن تي مرڪ پکڙجي وئي.

سوڪڙيان

سوڪڙيان

سوڪڙيان هڪ پتڻ آهي، جنهن سان مقامي ماڻهن جي هڪ روايت مشهور آهي. هتي درياهه جا ٻئي ڪنارا هڪ ڀيرو وري ويجها ٿيا آهن. جبلن جي سوڙهه سنڌوءَ کي وري بيچين ڪيو آهي. ڀرپاسي جون ڪي ٽڪريون مندرن جي ڏيک پيون ڏين.
سوڪڙيان هڪ ماڳ آهي، جتي اها وڏي جابلو نئه اچي سنڌوءَ ۾ پوي ٿي جنهن بابت مشهور آهي ته ڪنهن وقت ۾ ان نئه جو مٿيون ڇيڙو سوابي وٽان سنڌوءَ مان ٿي ڦٽو ۽ سنڌوءَ جو اصل رستو اهوئي هو. مردان ۽ نوشهري جي وچ ۾ ان نئه جا نشان آهن، جن کي ڪَل پاڻي چيو وڃي ٿو.
جبلن ۾ سنڌوءَ جو لنگهه بدلجڻ بظاهر ڏاڍي ڏکي ڳالهه لڳي ٿي، پر اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته هيءَ درياهه هندوڪش جابلو سلسلي ۾ زلزلي واري علائقي (Zone) مان لنگهي ٿو. اهو بالڪل ممڪن آهي ته زلزلي، درياهه جو اڳيون لنگهه بند ڪيو هجي ۽ پوءِ درياهه شاهه پنهنجي لاءِ نئون شاهي رستو ٺاهيو هجي.
سوڪڙيان پتڻ سان هڪ ڪهاڻي منسوب آهي. ڪنهن وقت ۾ هتي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو، جنهن جون ٻه زالون هيون هڪ درياهه جي ساڄي ڪپ تي رهندي هئي ۽ ٻي کاٻي ڪپ تي. بادشاهه سلامت ٻنهي سان پيار ونڊڻ لاءِ درياهه تي رسن ۽ تختن جي پل ٻڌائي هئي، جنهن تان لنگهي هو هڪ رات هڪ راڻيءَ وٽ ويندو هو ۽ ٻي رات ٻي راڻيءَ وٽ. هڪ ڀيرو هڪ زال، بادشاهه تي ڪاوڙي، ”تون ٻيءَ وٽ ايڏو ڇو ٿو رهين؟“ نيٺ هڪ ڏينهن چيڙاڪ راڻيءَ ٺيڪ ان وقت پُل جا رسا وڍي ڇڏيا جڏهن بادشاهه سلامت پُل ٽپي رهيو هو. بادشاهه سلامت ٻن عشقن جي سزا ڀوڳي ۽ الله کي پرتو. مقامي ٻوليءَ ۾ سوڪڙيان جي معنيٰ آهي “پهاڄ.” عورت، عورت آهي ڀلي راڻي هجي. مڙس مارڻ قبول ڪيائين پر ٻي زال سان پيار جي موڪل نه ڏنائينس.
سوڪڙيان پتڻ کانپوءِ ڳوٺ شادي پور آهي، جنهن سان گڏوگڏ ساڄي ڪناري تي پشاور ضلعو ختم ٿيو ۽ ڪوهاٽ ضلعو شروع ٿيو. کاٻي ڪناري تي پنجاب جو اٽڪ ضلعو جاري آهي. جبلن جي ساخت ۾ هوريان هوريان فرق نمايان ٿئي ٿو. هيءُ پٿر ڪچو آهي، جيڪو ڪالاباغ تائين هلندو، جتي پاڪستان سرڪار ڪالاباغ بند ٺاهڻ جو ضد پئي ڪري. جبل جي مضبوطيءَ جو اندازو اِن مان به هڻي سگهجي ٿو ته اٽڪ کان پوءِ درياهه جي عظيم موڙ وٽ جڏهن سنڌو اولهه رخ ۾ وهي ٿو، اتي درياهه جي ڪناري وارن پهاڙن مان سوراخن وچان پاڻي وهي درياهه ۾ ٿي پيو. اهو سم جو پاڻي هو جيڪو ڪناري تي لڳل ٽيوب ويلن تي ٿيندڙ آباديءَ ۾ استعمال ٿيو هو.

طوطي خان کان انٽرويو

طوطي خان کان انٽرويو

رات جي ماني کائڻ کانپوءِ وري چوڪڙي متي. هن ڀيري طوطي خان کان انٽرويو وٺڻ جي موڊ ۾ آهيون. طوطي خان جي عمر هن وقت 60 سال آهي ۽ اٽڪل چاليهن سالن کان درياهه جا سفر پيو ڪري، هو لنڊاءِ ۽ سنڌوءَ جي ڳُجهن مان ائين واقف آهي جيئن مڇيءَ کي خبر هجي.
”طوطي خان! جيڪڏهن ڪالاباغ بند ٺهي ٿو پوي ته ڇا ٿو ڀانئين، نوشهرو ٻڏندو ڪي بچندو؟“ پهريون سوال ميجر اعظم ڪيو.
”ڪونه ٻڏندو!“
”ڇو؟ پاڻيءَ جي سطح جو چڙهندي!“ ميجر ٻيو سوال ڪيس.
”ڪالاباغ بند ٺهڻ کانپوءِ جيڪڏهن وڏي ۾ وڏو اندازو هڻجي تڏهن به خوشحال ڳڙهه تائين پاڻي چڙهندو. ويهارو کن فٽ سطح چڙهندي.“ طوطي خان چيو.
ميجر اعظم، طوطي خان بابت مختصر احوال ڏيڻ شروع ڪيو. چيائين، ”هيءَ ماڻهو جهانگيره کان سکر تائين ٻيڙين جي ذريعي ڪاٺ جي ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪندو رهيو آهي ... اڳي سوات نديءَ جي ڪناري ٻيلن ۾ بيٺل وڻ وڍي سوات نديءَ ۾ لوڙهيا ويندا هئا، جيڪي خيرآباد وٽ ڪابل نديءَ مان ڪڍيا ويندا هئا. خيرآباد ڪاٺ جي وڏي مارڪيٽ هئي. هاڻي اهو سلسلو بند ٿي ويو آهي. ان ڪاٺ مان ٻيڙيون ٺهنديون هيون، انڪري جو اهو ڪاٺ پاڻيءَ ۾ رهڻ ڪري چڱيءَ ريت پُسي چڪو هوندو هو. ٿڌي پاڻيءَ ۾ پسيل ڪاٺ ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ تمام سٺو هوندو آهي ... هيءَ ماڻهو اتي (خيرآباد وٽ) ٻيڙيون به ٺاهيندا آهن.“
”اڄ کان 15 سال پهرين تائين انهن ندين ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون پر هاڻي درگئي ۽ مالا ڪنڊ تي هائڊرو اليڪٽرڪ پروجيڪٽ ٺاهيا ويا آهن. جنهن ڪري سلسلو بند آهي.“ ميجر اعظم جي ڳالهه جاري رهي. ”سو جڏهن ٻيڙيون ٺاهيندا هئا ته پوءِ اهي ٻيڙيون ڪاهي، سنڌوءَ ۾ هيٺ سفر ڪندا هئا ۽ انهن ٻيڙين ۾ بالن (ٻارڻ يا ٻارڻ جون ڪاٺيون) کڻي ويندا هئا. اها ڪمائي پنهنجي جاءِ تي ... پوءِ ٻيڙيون به سکر ۾ وڪڻي موٽي ساڳئي ڌنڌي کي اچي لڳندا هئا ...“ ميجر اعظم طوطي خان جي ڪهاڻي ڇڏي نئين موضوع تي لهي آيو، چيائين، ”اٽڪ کان خوشحال ڳڙهه تائين، پاڻي اٽڪل 300 فٽ کن هيٺ ڪري چڪو آهي. خاص ڪري گهوڙا تڙپ وٽ ته هڪدم 100 فٽ لٿو آهي، سو ٿورو ذهن ۾ رکو ته نوري پير واري ماڳ کان اٽڪ پل مٿي آهي ۽ ڪابل درياهه ان کان مٿي آهي ...“ ميجر اعظم خبر ناهي ته ڇا پئي سمجهائڻ گهريو، طوطي خان کي ڳالهه نه وڻي، کيس ڪٽي ڇڏيائين.
”او بادشاهو!“ طوطي خان هندو گاڏڙ اردو ڳالهائيندو آهي، ”هي جيڪو حڪومت وارا چون ٿا ته ڪالاباغ ڊيم ٺهي ۽ ٻيا چون ٿا ملڪ ٻڏي ويندو. اهو نه ٻڏندو. حڪومت وارا ٻاهرين ملڪن مان پئسا پيا گهرائين ... هيءُ ڊيم فقط ان ڪري پيا ٺاهين جو تربيلا جي بيڪار ٿيڻ کانپوءِ ڪم اچي!“ طوطي خان پنهنجو اندازو ڏنو.
”ڇا مطلب؟“ ميجر پڇيو.
”مطلب هي ته سنڌوءَ جو پاڻي پاڻ سان مٽي کڻي ايندو آهي. اها مٽي هاڻي تربيلا ۾ جمع پئي ٿئي، اها تمام گهڻي آهي، اها نيڪال ٿئي ڪونه ٿي. هيڏي وڏي ڍنڍ آهي، نيٺ ته ڀربي! پوءِ ڇا ڪندا؟ هنن جو ته ٽينڊر (پروجيڪٽ) خراب ٿي ويندو ... سو، هي ان انتظار ۾ آهن ته جيئن ئي اهو ڊيم ناڪام ٿئي ڪالاباغ کي اسٽارٽ ڪري ڇڏين!“ طوطي خان دليل ڏنو.
”ڀلا جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته مکڊ جو ڇا ٿيندو؟“
”ٻڏي ويندو.“ طوطي خان پڪ سان چيو.
”مکڊ وارا بند ٻڌجڻ تي خوش آهن ته کين اُٿارڻ مهل حڪومت پئسا ڏيندي ... سو انهن ڇا ڪيو آهي ته مکڊ جي ڀرپاسي ۾ مٽي جا گهر ٺاهي ڇڏي ڏنا اٿن ته جيئن دعويٰ (Claim) ڪري سگهن.“ ميجر اعظم ٻڌايو ۽ طوطي خان ان جي تائيد ڪئي.
”پر ڪابل ندي ته متاثرٿيندي.“ انور، ميجر اعظم کي ياد ڏياريو.
”ها ... ڪابل ٿورو بيڪ فلو (back flow) ڪندي. سر! ماڻهو نوشهري کي نقصان جي جيڪا ڳالهه ڪن ٿا سا سؤ سالن ۾ هڪ ڀيرو واري ٻوڏ جي بنياد تي ڪن ٿا. اها ته صورتحال ائين آهي ته جيڪڏهن اها وڏي ٻوڏ اڄ اچي، پوءِ کڻي ڪالاباغ بند ٺهيل هجي يا نه هجي، نوشهرو پاڻيءَ هيٺ ايندو ... ان جو سبب ڪالاباغ نه پر جاگرافيائي حالتون آهن.“ ميجر راءُ ڏني.
”شهر جي ڊرينيج جو بيڪ فلو به ته مسئلو آهي؟“ انور پڇيو، پر ان جو ڪو جواب نه مليو، ڇو ته ان سوال جي نتيجي ۾ طوطي خان ۽ ميجر جي راءِ گڏ وچڙ ٿي وئي. مان سمجهان ٿو ته وٽن ڪو به پڪو جواب ڪونه هو.
اڌ رات ٿي چڪي هئي. جسم ٿڪ کان چُور هئا ۽ ذهن نڍال. ذهن جون تارون گرم ٿي چڪيون هيون ... اوٻاسيون، ننڊ جا جهوٽا ۽ پوءِ هوش جو فيوز اڏامي ويو.

خوشحال ڳڙهه کان اڳتي

خوشحال ڳڙهه کان اڳتي

ڇنڇر 4- نومبر 1989ع
فجر جي ٻانگ سان ڪنهن همراهه جي اک کلي، هلچل ٿي ته ٿڏا ٿاٻا آيا. کنگهه کڙڪو ۽ پوءِ ڳالهائڻ جا آواز- ننڊ پوري نه ٿي هئي، اک نه پئي پٽجي. طوطي خان چلهه ٻاري چانهه چاڙهي ۽ همراهه هڪ هڪ ٿي جهنگ مان موٽيا ته روشني پکڙجي چڪي هئي. ڊرائيور خالد سمون نيرن جي “شڪار” لاءِ ڀر واري شهر ويل هو.
نيرن آئي ۽ ورهائجي وئي.
“اٽينشن جينٽلمين!” هيءَ ڪليم لاشاري هو، مهم جو ليڊر، “اڄوڪو سفر ڊگهو آهي ... پاڻ کي جلدي ڪرڻ گهرجي ... ٻي خاص ڳالهه اها ته ان نيرن کي منجهند جي ماني سمجهيو وڃي ڇاڪاڻ ته واٽ ۾ اهڙو ڪو به بندوبست ٿي نه سگهندو. مهرباني!” ڪليم پنهنجي مختصر تقرير ۾ اڄوڪو پروگرام ٻُڌائي ڇڏيو. ٽيم جي ميمبرن، ناشتي کي منجهند جي ماني سمجهي انصاف ڪيو ۽ پوءِ ٻيڙيون تيار ڪرڻ ۽ سامان ٻڌڻ جي ڪم کي جنبي ويا. ٻيڙين ۾ هوا ڀري وئي ۽ کين هٿن تي کڻي درياهه ۾ لاٿو ويو. انجڻيون فِٽ ٿيون، سامان رکيو ويو ۽ سفر جي شروعات جو اعلان ڪيو ويو.
اعلان ٿيڻ شرط آگم پنهنجو ڪم ڪيو. پهرين وڏ ڦڙو پيو ۽ پوءِ بوندا باندي- سڀني مٿي ڏٺو، “هيءَ سازش ڪنهن ڪئي؟” هڪ همراهه چيو.
“غريب جي ڪم ۾ رنڊڪون!” هڪ ٻئي همراهه چيو.
“ٻيڙين تي سوار ٿيو!” ليڊر، بوندا بانديءَ دوران حڪم ڏنو. سڀ ٻيڙين ۾ ويٺا. انور ڀٽائيءَ جا بيت ڏنا:
تڙ تڪڙ تار گهڙڻ، اي ڪاڻيارين ڪم
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏئي ڏوراپا ڏم
عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا

سياري تهه رات ۾، جا گهڙي وسندي مينهن
هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.

ڪاري رات ڪچو گهڙو، مٿان وسي مينهن
هڪ ڀؤ بيراهه جو، ٻيو سانڀارا سينهن
شل مَ ڇڄي نينهن، گهڙان، گهورئو ڄندڙو.

مِينهن وسندي پڳ ڇوڙيا ويا. مورڙي ۽ نوريءَ خوشحال ڳڙهه جي پل هيٺان گُهت هڻي، سنڌوءَ جي پيٽ تي ڊوڙ وڌي. اڄ، ڪلهه جي ڀيٽ ۾ مٿن بار گهڻو هو. ڊرائيورن کان سواءِ باقي سڀ ٽيم ميمبر ٻيڙين تي هئا، ان ڪري مورڙئي ۽ نوريءَ جي رفتار ڪلهه جي ڀيٽ ۾گهٽ هئي. پاڻيءَ جي تک ساڳي هئڻ ڪري ٻيڙين جي ڊوڙ مناسب هئي. اڄ سڀني ميمبرن کي ان ڪري به کنيو ويو جو اڄ ان جاءِ تان لنگهڻو هو جتي ڪالاباغ بند تجويز ٿيل آهي. جيڪڏهن ڪالاباغ بند ٺهي چڪو هجي ها ته اڄ سڄو ڏينهن وهندڙ پاڻيءَ تي سفر بدران ڪالاباغ بند جي ڍنڍ ۾ ٻيڙيون هلن ها، هڪ اهڙي ڍنڍ، جنهن جي اونهائي 150 کان 200 فٽ، ڊيگهه 80 کان سؤ ڪلو ميٽر ۽ ويڪر 800 کان هزار ڏيڍ فٽ هجي ها.
ٻيڙيون ڊوڙي رهيو هيون، سنڌوءَ ندي ڊوڙي رهي هئي، نظارا ڊوڙي رهيا هئا، ڪڪر ڊوڙي رهيا هئا، سڀ ڪجهه ڊوڙي رهيو هو. اکيون جبلن جون چوٽيون، لاهيون ۽ پاڻيءَ جو مزاج پرکي رهيون هيون. وڻڪار گهٽ هئي. ڪٿي ڪٿي ڪو وڻ ڪنهن لاهيءَ تان يا چوٽيءَ تان بيهي هيٺ ڏسي رهيو هو. هنن ڇا پئي ڏٺو ؟ سنڌوءَ جو وهڪرو يا سنڌوءَ جي پيٽ تي ڊوڙندڙ رٻڙ جون ننڍڙيون ڪاريون ٻيڙيون ...؟ ڇا هو سنڌوءَ جي نظارن تي موهت هئا؟ بهرحال، اهي اڪيلا وڻ مون کي سنڌوءَ جا پهريدار محسوس ٿيا جيڪي هر ايندڙ ويندڙ تي اک رکيو ويٺا هئا.
“هوشيار خبردار ...!” اوچتو طوطي خان جي رڙ ٻڌي سون. ”ٻيڙيون هن طرف لاڙيو ... هيٺ پاڻيءَ ۾ نوڪيليون ڇِپون آهن ... ٻيڙيون ٽڪريون ته ڦاٽي پونديون ...“ طوطي خان جي هدايت تي ٻيڙيون سندس مرضيءَ تي رخ وٺي هليون. اسان هيٺ پاڻيءَ ۾ جهاتي پاتي، ڪارن ڪڪرن جهڙو هڪ پاڇو پاسي کان لنگهي ويو. پاڻيءَ هيٺ لڪل خطرناڪ ڇِپن جو سلسلو گهوڙا تڙپ کان شروع آهي. ڪنهن ڪنهن هنڌ اهي پاڻيءَ کان ٻاهر اُڀري ظاهر ٿيون. وهڪري جي تک سبب اهي لسيون ٿي ويون آهن ۽ ڊائنوسارن جون پُٺيون محسوس ٿين ٿيون.

عزيز شڪاريءَ جي قبر

عزيز شڪاريءَ جي قبر

سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي هڪ عمارت نظر آئي. سڀني سوالي نگاهن سان طوطي خان ڏانهن ڏٺو.
”اَو جي هتي عزيز شڪاريءَ جي قبر آهي.“ طوطي خان، عزيز شڪاريءَ جي ڪهاڻي اردوءَ ۾ ٻڌائڻ شروع ڪئي.
”طوطي خان تون اسان سان هندڪو ۾ ڳالهاءِ“ مون کيس سنڌيءَ ۾ چيو.
”چڱو!“ طوطي خان هائوڪار ڪئي ۽ عزيز شڪاريءَ جو قصو هندڪو ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”عزيز شڪاري اصل ۾ پشاور جو هو. هن سڄي عمر شادي نه ڪئي. شڪار سان عشق هئس. هو وڏن وڏن آفيسرن کي هن علائقي ۾ شڪار ڪرائيندو هو. شڪار جو اهڙو شوق هئس جو چوندو هو ته جڏهن مان مري وڃان ته مون کي ڪنهن اهڙي هنڌ تي پُورجو جتي مان درياهه مان مهاشير مڇي ۽ پهاڙن تان تتر ۽ آڙين جا آواز ٻڌندو رهان. آخري ڀيرو عزيز شڪاري هتي عبد الخالق خان سان گڏ شڪار تي آيو هو، اوچتو پيٽ ۾ سور پيس ۽ مري ويو. ان ڪري هن کي هتي ڊاڪ بنگلي جي آڏو دفن ڪيو ويو.“ طوطي خان چپ ٿي ويو.
”هو وڏو شڪاري هو ...!“ طوطي خان سندس شان ۾ ٻه لفظ چيا ۽ وري ماٺ ٿي ويو. اسان ٻيڙيون ڪنڌيءَ سان جهليون. جبل جي چوٽي چڙهي عزيز شڪاريءَ جي قبر جي مٿان بيٺاسين. چؤطرف وڻڪار هئي. سچ پچ تي هن کي پنهنجي مطلب جي جاءِ تي قبر ملي آهي. هو درياهه مان مهاشير مڇي جا آواز ۽ جبل تي ٻوڙن مان تترن جون ٻوليون ٻڌندو هوندو. هتي ٻيلي کاتي جي پاران هڪ ريسٽ هائوس “فاريسٽ لاج” به ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڪيئي تصويرون ٽنگيل آهن. انهن مان ٻن ٽن تصويرن ۾ عزيز شڪاري به موجود آهي. محمد علي قادريءَ تصويرون ٻاهر ڪڍي روشنيءَ ۾ رکيون. ۽ ان جون تصويرون ڪڍيون. ڪريم ميمڻ به مووي ڪئمرا ۾ انهن تصويرن کي محفوظ ڪيو.
عزيز شڪاريءَ جي قبر تي لڳل ڪتبو سندس جيون ڪٿا ٻڌائي ٿو:
پيدائش: پشاور 1918-وفات: 1982 دوئي بانڊهه ڪوهاٽ
مڇي ۽ پکين جي شڪار جو ماهر ۽ سٺو نشاني باز
کس موڑ پر یہ حرکتِ دل بند ہوئی ہے
کس شہر خموشاں میں بشر ڈوب گیا ہے
مٹی کے جزیرے میں، مگر ڈوب گیا ہے
اسان ڏاڍي شوق سان عزيز شڪاريءَ جي قبر ڏسڻ ويا هئاسون پر هن يار جي ڪٿا ٻڌي دل اداس ٿي وئي. ذاتي طور تي مون کي شڪاري ماڻهن کان نفرت آهي. سبب ظاهر آهي ته هو پنهنجي شوق ۽ بي خوديءَ ۾ آزاد پکين کي مارين ٿا ۽ کانئن جيئڻ جو حق ڦرين ٿا. پر خبر ناهي ته ڇو عزيز شڪاريءَ جي وصيت ٻڌڻ ۽ ڪتبو پڙهڻ کانپوءِ مون کي ساڻس همدردي ٿي. مون خوبصورت ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان خوبصورت ماٿريءَ تي نظر وڌي ۽ اڪيلي قبر تي آخري نگاهه وجهي ٿڪل ٿڪل قدمن سان فاريسٽ لاج جي ان ڪٽهڙي سان لڳي بيهي رهيس، جتان هڪ پهاڙي نئه جو منظر ڏسڻ ۾ ٿي آيو. اهو جابلو نالو “تيري توئي” ڪافي پري کان اچي هن ماڳ تي سنڌوءَ ۾ پوي ٿو.
درياهه جي ڪپ تي ڇوليون ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيون هيون. گول رنگين پٿر ڇولين سان ڌوپجي من هرکائي رهيا آهن. انور پيرزادو ڪجهه رنگين پٿر ميڙڻ لڳي ويو.
”عزيز شڪاري اِتي ئي درياهه جي ڪپ تي مئو هو. ستن اٺن سالن جي ڳالهه آهي.“ طوطي خان چيو، هو منهنجي ڀر ۾ ئي بيٺو هو.
”بدر ابڙا صاحب پُورالي ۽ ڪُڊ نديءَ جي هتي ڀيڻي ناهي!“ انور ڪجهه پٿر چونڊي اچي ڏيکاريا. هن جو اشارو بلوچستان جي ٻن جابلو ندين مان ملندڙ رنگين ۽ گول پٿرن ڏانهن هو، جيڪي گوندراڻي غارن لڳ ميلن ۾ پکڙيل آهن. پٿرن جي معاملي ۾ اها صورتحال دلچسپ هئي ته اهي فقط هيٺ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي هئا جڏهن ته مٿي جبل تي اهي پٿر ڪونه هئا، جڏهن ته ڪڊ نديءَ ۾ نديءَ جي ماٿريءَ ۾ توڙي ٽڪر تي مٿي به ساڳيا پٿر آهن.
هتي فوٽو گرافي ڪجهه تفصيل سان ٿي. درياهه جا ڪنارا، جبلن جون چوٽيون، عزيز شڪاريءَ جي قبر، فاريسٽ لاج ۽ گروپ فوٽو. فوٽو نه نڪري سگهيو ته فقط ڇولين جي ڇلڪڻ سان اڀرندڙ آوازن جو! ڇولين جا آواز ڪريم ميمڻ پنهنجي مووي ڪئمرا ۾ رڪارڊ ڪري سگهيو يا وري اسان پنهنجن ننڍڙن ٽيپ رڪارڊن ۾ انهن کي محفوظ ڪري سگهياسين.

ست سهيليون

ست سهيليون

عزيز شڪاريءَ جي قبر کان ٿورڙو ئي پهرين درياهه جي پيٽ ۾ ڊائنوسارن جي پُٺين جهڙيون ست ڇِپون نڪتيون بيٺيون آهن. درياهه جو وهڪرو انهن ڇپن کي نه لوڙهي سگهيو آهي ۽ نه گسي ٻُورو ڪري سگهيو آهي، جنهن ڪري ان جاءِ تي درياهه بنا نوٽس ڏيڻ جي اوچتو ئي اوچتو ٻن ڦاڪن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. طوطي خان بار بار رڙ ڪري چوي ٿو، ”کاٻي پاسي کان ٻيڙيون ڪڍو، سنڀاليو ... مٿان ڦري اچو ...“
ٻيڙيون درياهه جي کاٻي وهڪري کان لنگهيون ۽ اسان ڊائنوسارن جهڙيون ڇپون ڳڻيون، ”هڪ ... ٻه ... ٽي ... چار ... پنج ... ڇهه ... ۽ ست.“ اڳتي وري درياهه جو لس پر تکو وهڪرو هو.
”هيءُ ست ساهيڙيون آهن ...“ طوطي خان ڇِپن ڏانهن اشارو ڪيو، ”هتي ڪيئي ٻيڙيون ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو آهن ...“
”ستن ساهيڙين واري ڳالهه ڪيئن آهي ...؟“ مون پڇيو.
”اهي ساهيڙيون ست سهڻيون ڇوڪريون هيون، هڪٻئي سان ڏاڍو پيار هئن، هتي درياهه ۾ هڪ ٻئي کي بچائيندي بچائيندي سڀ ٻڏي ويون، هاڻي ڇپن جي صورت ۾ اڀري يادگار ٿي ويون آهن. اها ڳالهه اسان زماني کان ٻڌندا پيا اچون ...“ طوطي خان آکاڻي ٻڌائي وري درياهه جي وهڪري ۾ اک وڌي. هُو هر وقت درياهه جي پيٽ ۾ سِير ڳولهيندو رهندو آهي ۽ ٻيڙين جو رخ سير تي رکائيندو آهي.
ويچارين ساهيڙين جا لاش به ڪونه مليا هئا ۽ ماڻهن درياهه جي پيٽ مان اڀريل ٽڪرين کي ستن ساهڙين جي نالي سان سڃاڻپ ڏيئي سندن پيار ۽ قربانين کي امر ڪري ڇڏيو.

ٻيو وڏو وڪڙ

ٻيو وڏو وڪڙ

جيئن جيئن وادي ويڪري ٿئي ٿي، تيئن تيئن پاڻيءَ جي تک گهٽجي ٿي ۽ جيڏي مهل ڪو سوڙهو لنگهه يا رنڊڪ آڏو اچي ٿي، پهريائين پاڻي ڦٿڪڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي رفتار وڌائي گڙندو، گجندو ۽ ڌوڪيندو اڳتي وڃي ٿو. ان کان سواءِ جنهن هنڌ پاڻي اونهو آهي اتي به سنڌوءَ جي تک ايڏي خوفائتي ناهي پر جتي پاڻيءَ ۾ تِک آهي ۽ وادي به ويڪري آهي، اتي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ دير نه ٿي لڳي ته اتي پاڻي گهڻو اونهو ناهي.
هنن جبلن تي ڪو ٻيو نالو رکيل ٻڌڻ ۾ نه آيو، سواءِ ان جي ته انهن کي پوٺوهار جا جبل پئي سڏيائون، يعني پوٺوهار جون ٽڪريون ڪوهاٽ ۽ پشاور ضلعن جي اڀرندي حد ۾ به آهن. “نه سائين هي جبل ناهن هيءَ ته ٽڪريون آهن.” طوطي خان هنن جبلن کي جبل مڃڻ لاءِ تيار نه هو. هُن جبل کي اسان سنڌي ماڻهن جي اکين سان نه پئي ڏٺو جن وٽ هزار فٽ جي ٽڪري به جبل آهي. اسان ته ڪارونجهر کي به جبل چوندا آهيون جنهن جي اوچائي هزار فٽن کان مٿي ناهي. طوطي خان، جبلن بابت اسان جي تصور کي رد ڪري، اسان جون اکيون هيٺ ڪرائي ڇڏيون. طوطي خان هڪ حد تائين صحيح به آهي ڇاڪاڻ ته هن هنڌ (عزيزي شڪاريءَ جي قبر وٽ) جبل جي اوچائي سچ پچ ته 300 ميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي.
ٻيڙين ڪپر ڇڏيا ۽ سنڌوءَ جي کليل ماٿريءَ ۾ سفر شروع ٿيو. اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ وري هڪ ڀوائتو منظرآڏو هو. آڏو هڪ اوچو جبل ڪر کنيو بيٺو هو ۽ سنڌوءَ جي سطح تي بيچيني هئي، پاڻيءَ ۾ زبردست ڇڪ هئي، پاڻيءَ جو وهڪرو سامهون واري جبل ڏانهن ٻيڙين کي ڌڪي رهيو هو.
“سنڀالجو! ٻيڙيون وڏي وهڪري مان ڪڍي کاٻي ڪپ ڏانهن ڪريو ۽ ڪناري ڪناري هلو ...!” طوطي خان ٻانهون هڻي هڻي اشارا ڪيا. درياهه جي گوڙ ۽ انجڻين جي گهوگهٽن ۾ سندس آواز دٻجي دٻجي ٿي ويو.
ٻنهي ڪپن کان جبل اوچا ٿي ويا هئا. ۽ آڏو ٽڪر ٽرڻ لاءِ تيار نه هو. سنڌوءَ جوش ۾ ڀرجي آڏو ٽڪر کي ٽڪر هنيو ۽ زخمي ٿي کاٻي پاسي کان نڪري ”يُو ٽرن“ وٺي پوئتي مڙي ويو. آڏو ٻيو جبل هو ... سنڌوءَ ان کي به زوردار ٽڪر هنيو ۽ ساڄي پاسي کان ٻيو ”يُوٽرن“ هڻي تيزيءَ سان اڳتي نڪري ويو. هنن موڙن ۾ سنڌوءَ جون لُوهون ڏاڍيون خوفائتيون آهن، ٻيڙيون سامهون وارن اُڀن جبلن سان ٽڪر کائيندي کائيندي بچيون. ٻيڙياتا پگهرجي ويا. سنڌوءَ پنهنجي وٿي ڪڍي هڪ لاهيءَ ڏانهن ڊوڙ وڌي ۽ پوري قوت سان راڪاس جهڙي جبل کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪيائين. سنڌوءَ، انگريزي لفظ “S” جهڙو موڙ ڪٽي ٿي ته ٻيڙياتن ڪنارو جهلڻ جي ڪوشش ڪئي. مورڙي کي ڪنارو جهٽ ملي ويو پر نوري نماڻي ڪنارو جهلي نه سگهي. ناکئي وڏي مهارت سان نوريءَ کي موڙيو ۽ اوڀارو چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٽڪل پنجن منٽن جي ٿڪائيندڙ ڪوشش ۾ فقط پنج يا ڏهه فٽ طئه ڪري سگهي ۽ نيٺ ويجهي ڪناري ۾ هٿ وڌائين. نوريءَ جا مسافر باقي پنڌ ڪنارو ڏيئي آيا.
سنڌوءَ جي قوت جو هيءُ مظاهرو اسان لاءِ نئون هو. اسان کي اهو اندازو هڻڻ ۾ دير نه لڳي ته هنن موٽرن جي قوت سان ڪالاباغ کان مٿي سنڌوءَ ۾ اوڀارو سفر ممڪن ڪونهي. اهائي وڏي ڳالهه هئي جو طاقتور سنڌوءَ مهرباني ڪري نوريءَ کي اوڀارو هلڻ جي سزا ۾ اونڌو نه ڪيو، جنهن جو شديد خطرو هو.
چانهه پاڻيءَ کان پوءِ ٻيڙين تي سوار ٿيڻ جو حڪم مليو.
”ترسو!“ ليڊر جو آواز آيو. ”هيءَ ڦلهيار، هي اڌ سڙيل ڪاٺيون، ميون جون کلون ۽ سگريٽن جا پاڪيٽ کڏ کوٽي پوري وڃو!“ ڪليم لاشاريءَ جو نڪ چڙهيل هو. نوجوانن حڪم جي تعميل ڪئي ۽ پوءِ پڇيو ته کڏ کوٽي پورڻ جو ڪم ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي!
”ناراض نه ٿيو نوجوانو! ايڪسپيڊيشن جو هڪ اهم اصول اهو آهي ته توهان جنهن سهڻي ماڳ تي پهچو، ان کي ان کان وڌيڪ سٺي حالت ۾ ڇڏيو، جهڙي توهان ڏٺي هئي ... جيڪڏهن ائين نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾گهٽ اهڙو ڇڏيو، جهڙو توهان جي اچڻ کان اڳ هو ...“ ڪليم ننڍڙو ليڪچر ڇنڊيو.
”يعني ... توهان جو خيال آهي ته ماحولياتي آلودگي نه پکڙجي!“ ساڳئي نوجوان ڳالهه دل سان هنڊائي.
”پر ٻيا ماڻهو ...“ نوجوان وري سوال ڪرڻ گهريو پر ڪليم سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي،
”ڇا توهان به ٻين ماڻهن وانگر ڪندؤ ...؟“
ٻيڙيون سنڌوءَ جي تيز وهڪري ۾ لاهيءَ تان لهنديون هليون ويون. هي پنجاهه کان سؤ کن فٽن جي لاهي (drop) هوندي.

مکڊ شريف

مکڊ شريف

منجهند جو ڏيڍ لڳي ڌاري پري کان سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي ڳڻتين ۾ ٻڏل هڪ شهر ڪنڌ موڙي اسان ڏي نهاريو. ان کان اڳ ٽڪريءَ تي بيٺل هڪ مندر اکيون ٽمڪائي اسان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. شهر جي ويجهو پهچڻ تي اسان جون دليون درياهه جي ڇولين وانگر بيچين ٿي ويون.
ڪناري لڳ ٻن ٻين مندر جا کنڊر هئا، ٿَلها، پپر جا وڻ، ڌرمشالا ۽ درياهه ڏي منهن ڪري بيٺل ٽي چار غارون.
غار منهنجي ڪمزوري آهي. هر غار مونکي ائين سڏيندي آهي جيئن صدين جي ڄمار جي ڪا ٻڍڙي ڪنهن ننڍڙي ٻار کي کٽمٺڙو ڏيکاريندي هجي. ٻيڙيون بيهڻ شرط مون هڪ غار ڏانهن ڊوڙ ڀري. هي انساني هٿن جون ٺهيل ننڍڙيون غارون هيون. هڪ غار ۾ گاهه جون ڀريون پيون هيون، ٻيءَ ۾ هڪ کٽ پئي هئي. ٻيون خالي هيون. ٽڪريءَ جي هن حصي ۾ غار کوٽڻ سولو هو. هيءُ نرم ريتيلو پٿر هو جنهن کي ڪنهن به سخت شيءِ سان کرچڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونه هئي.
“هيءُ ڪيتريو پراڻيون آهن.” منهنجو پهريون سوال هو.
“تازيون آهن ...” هڪ ماڻهو جواب ڏنو، “ماڻهو انهن ۾ ٿڌڪار لاءِ وڃي وهندا آهن يا سامان سڙو رکندا آهن.” هن ٻڌايو ته انهن غارن تي ڪجهه ماڻهن جو قبضو آهي. هتي اڪثر جاين تي قبضا هئا. اها ڳالهه پوءِ کلي.
درياهه جي ڪپ تي هڪ شهر، جنهن ۾ هڪ نگاهه ڊوڙائڻ سان ٽي شوالا نظر اچن، انهن ۾ غارن جو وجود اهڙي وائڙي ڳالهه ٿي نه پئي سگهي جهڙي همراهه ٻڌائي پئي. هنن غارن جو سڌو تعلق مندرن سان هو. اهي مندر کان پري ڪونه هيون.پڪ سان اهي غارون هندو سنياسين ۽ جوڳين جي جوڳ ۽ تپسيا لاءِ کوٽيون ويون هونديون.
مندر لڳ هندن جي اشنان ۽ پوڄا پاٺ جي جاين جا اهڃاڻ نظر آيا، جيڪي هاڻي ذري گهٽ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن. اسان کي مندر ۾ يا مندر جي ڀرپاسي ۾ ڪو به پوڄاري يا پنڊت نظر نه آيو. اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي. ماڻهن ٻڌايو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي مندرن ۾ وڏا ميڙا لڳندا هئا ۽ پوڄا ٿيندي هئي پر پوءِ هندو لڏي ويا ۽ سندن ماڳ ويران ٿي ويا. مون تصور ۾ مندر جو ماضي ڏٺو. ماڻهن جا هشام،ندي پوڄا، درياهه جي سيوا، اَکائون، درياهه جي وهڪري تي لڙهندڙ ۽ ٻڏندڙ ڏيئن جون قطارون. پنڊت جوڳي ۽ پوڄاري. ”هر هر مهاديو ۽ جئه ماتا ڪالي ماتا.“ جا نعرا ۽ ڀڄن ... منڊپ ۽ منڊل، ڌوڻيون ۽ انهن جي آڏو ويدن جا منتر، گيتا جو پاٺ، تلڪ ۽ انهيءَ سڄي وايو منڊل ۾ نوجوان نينگرين ۽ نوجوانن جي وچ ۾ دلين جا سودا، اک ٽيٽ، پوڄا جي بهاني نديءَ ڪناري ملاقاتون، ٽهڪڙا ۽ وچن.
”بدر هيڏانهن ته اچ!“ انور پيرزادي پري کان رڙ ڪري مون کي سڏيو ۽ منهنجو تصور ٽٽي پيو. هو تيزيءَ سان ان طرف ٽڪريءَ تي چڙهي رهيو هو، جتي ڪنهن ڪنڀر جو آستان هو. چؤطرف سهڻا ٺڪراوان ٿانءَ ڍير ٿيا پيا هئا. مون به پُٺ ورتي. هڪ مقامي ماڻهو خبر ناهي ته ڇو هروڀرو به گڏجي پيو.
“ڀائو ڪر خبر شهر ۾ گهڻا هندو آهن؟”
“سڀ ڀڄي ويا. هاڻي هڪڙو به ڪافر ڪونهي!” هن همراهه ڏند ٽيڙي چيو.
“ڪنهن ڀڄاين؟” مون نئون سوال ڪيو.
“پير صاحب!” هن چيو.
خبر ناهي ته هيءُ ڪهڙو پير هو جنهن پرائي شهر تي قبضو ڪيو هو. اسان جي ملڪ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. هڪڙا ماڻهو شهر ٺاهيندا آهن ۽ ٻيا انهن تي قبضو ڪري ويندا آهن. جيئن سنڌ ۾ آهي. جيئن ادارن ۾ آهي، هڪڙا ماڻهو رت پگهرجي محنت سان ادارا ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ اوچتو ڪي ٻيا ماڻهو انهن تي قبضو ڪري وٺندا آهن. مون مقامي همراهه کان گهڻائي سوال پڇڻ ٿي گهريا پر هيءُ صفا بيڪار نڪتو. ڪٽر ۽ جنوني ماڻهو هو. مون ماٺ رهڻ مناسب سمجهيو. مون کي ته هن سڄي شهر جا ماڻهو پير صاحب جا ٿورائتا ۽ کانئس هيسل محسوس ٿيا. هتي ٻه گاديون آهن، هڪ سخي نوري بادشاهه جي ۽ ٻي پير محمد علي شاهه جي.
مکڊ سؤ ڏيڍ فٽن جي اُڀي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي ۽ درياهي چاڙهه کان محفوظ آهي. مان به ٽڪري چڙهي ڪنڀر جي دنيا ۾ پهتس. 50- 60 سالن جو ڪمزور همراهه ٺڪرن جي ٿانون جي دنيا ۾ گم هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هو پنهنجن ٻچڙن سان ڪچهري ۾ هو، هن ٺڪر جي ٿانون کي ڏاڍي ٻاٻوهه سان پنهنجن هٿن سان تخليق ڪيو هو. اهي سندس ٻچا ئي ته ٿيا.
هن ڳاڙهي مٽيءَ جون ڪُنڙيون پئي ٺاهيون، جن جي مارڪيٽ سنڌ ۾ سلطان ڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪشمور تائين هئي. ڪنڀر مقامي ٻوليءَ ۾ ان ٿانءَ کي ”ڪُني“ ئي سڏيو.
”چاچا جيڪڏهن ڪالاباغ بند ٺهيو ته مکڊ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندو ڇا؟“ انور، ڪنڀر کان پڇيو.
”هائو!“ ڪنڀر چيو.
”پوءِ توهان ڪاڏي ويندؤ؟“ انور ٻيو سوال ڪيو.
”خبرناهي، اسان غريب ماڻهو آهيون، خبرناهي ڪاڏي موڪليندا!“ ٻڍڙي ڪنڀر جي نراڙ تي پيل گهنجن ۾ هڪ ليڪ وڌي وئي، شايد روزگار کان وڌيڪ پيريءَ ۾ هڏيون رلي وڃڻ جي ڳڻتي هئس.
مکڊ جي ماڻهن جي اندازي مطابق ڪالاباغ بند ٺهڻ جي صورت ۾ هت پاڻيءَ جي سطح هاڻوڪي سطح کان سؤ کن فٽ چڙهندي، جنهن ڪري مکڊ جو شهر ٻڏي ويندو ۽ مجموعي طرح هن ماٿريءَ جا ٻه لک کن ماڻهو متاثر ٿيندا.
ڪنڀر جيتوڻيڪ وڏي عمر جو ۽ تجربيڪار ماڻهو هو پر شهر ۾ موجود گادين جي گادي نشينن کان ڊنل محسوس ٿيو. اسان جا اهي سوال جيڪي گادين جي بابت هئا، وڏي ڳيت ڏيئي پي پئي ويو. البت هندن جي غيرموجودگيءَ سبب مندرن بابت کلي راءِ پئي ڏنائين. سندس چوڻ هو ته، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به مکڊ ۾ مسلمان آبادي وڌيڪ هئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هندن جا ميلا ۽ پوڄا پاٺ جا انتظام ڏاڍا شاندار هوندا هئا. مکڊ جو هڪ ”خان“ به آهي جيئن ڪالاباغ جو هڪ ”خان“ آهي.
مکڊ شريف اٽڪ ضلعي ۾ سنڌوءَ جي جابلو ڪپ تي واقع هئڻ ڪري خشڪيءَ رستي اُڇري ۽ ٻين ننڍن ننڍن شهرن سان ڳنڍيل آهي ۽ ويجهي ۾ ويجهي ريلوي اسٽيشن مکڊ روڊ اٿس جيڪا ڏکڻ ۾ دائود خيل، ڪالاباغ ۽ اتر ۾ بسال ۽ اٽڪ سان وڃي ملي ٿي. شهر جي آدمشماري 1980ع ڌاري پنج هزار هئي.
ڪنڀر کي ڇڏي اسان اتر طرف اڳتي وڌياسين، جتي ٽڪريءَ تي بيٺل اڪيلي مندر اکيون ٽمڪائي اسان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. شايد ان کي پنهنجن وارثن جي ڳولا هئي. سڄو قافلو وڏيون ٻرانگهون کڻندو مندر تائين پهتو. مندر ۾ ڪاٺ جو در هو ۽ ان کي تالو لڳل هو.
“ڇا هن مندر جو ڪو والي وارث به آهي؟” اشتياق انصاريءَ هڪ مقامي ماڻهوءَ کان پڇيو.
“هڪ همراهه هن ۾ مال واڙيندو آهي يا گاهه رکندو آهي!” مقامي ماڻهوءَ چيو.
“توبهه توبهه ... ڀڳوان جي گهر ۾ پليتائي! وٺ نٿو ڪريس؟” ڪليم لاشاريءَ شوالي جو ٻاهريون جائزو پئي ورتو. ايتري ۾ ڪنهن همراهه اٽڪل سان در جو هڪ تاڪ کولي وڌو. اندر سڪل گاهه ڀريو پيو هو. اندرين ڪمري (مندر جي گرڀ) ۾ اوندهه ۽ چمڙن جي ڌپ هئي. آڏو وڏي مورتي رکڻ جي جاءِ هئي. مورتي ڪونه هئي. هوندي به ڪيئن! هر پاڪستاني ماڻهو پاڻ کي محمود غزنوي سمجهي مندر ۽ بت ڀڃڻ فرض سمجهندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته محمود غزنويءَ کي سومناٿ واري مندر ۾ انڪري دلچسپي هئي جو ان ۾ سون، چاندي ۽ هيرن، جواهرن جو وڏو ذخيرو هو.
ٻاهرين يا پهرين ڪمري جي گنبذ نما ڇت ڏسي ڇرڪ نڪري ويو. ذهن ۾ ٿر جي گوڙي مندر چمڪو ڏنو. مکڊ جي هن مندر ۾ اندرين پاسي خوبصورت تصويرون ٺهيل هيون، جن جا رنگ هاڻي ڦٽي ويا هئا. مندر ۾ هندو ڏند ڪٿائن کي تصويري آکاڻين ۾ پيش ڪيو ويو هو‏. گوڙي مندر ۾ ڏيکاريل تصويرن جي آکاڻي مکڊ مندر ۾ چٽيل تصويرن کان مختلف آهي. مکڊ مندر جي گنبذ جي اندرين پاسي چٽيل تصويرن ۾ عورتون ۽ مرد (هڪ عورت هڪ مرد وري هڪ عورت هڪ مرد) هٿ هٿن ۾ جهلي دائرو ٺاهي بيٺا آهن. ڪردارن جا رنگ اڇا به آهن ته ڪارا به. انور افسوس ۾ هٿ مهٽيا. محمد علي ۽ ڪريم ميمڻ سان گڏ ڪليم، اشتياق ۽ مون فوٽو ڇڪيا ۽ ٻاهر نڪري بيٺاسين، پري کان هڪ همراهه سهڪندو اچي پڳو.
“بنا موڪل جي هيءُ در ڪنهن کوليو آهي؟” همراهه جون اکيون ڳاڙهيون ۽ وات ۾ گڦ ڀريل هئس.
”اڇا ... ته اهو تون آهين جنهن هن مندر تي قبضو ڪيو آهي!“ هيءُ انور پيرزادو هو، ”توکي خبر آهي ته هيءُ قديم آثار، حڪومت جي ملڪيت آهن. ۽ تون وري ان ۾ گاهه ۽ مال وجهي ان کي تباهه ويٺو ٿو ڪرين؟“ انور جون اکيون ڏسي مکڊي همراهه ٿڌو ٿي ويو، ڄڻ برف!
”سائين! هيءَ ڪافرن جي جاءِ ... ويران هئي ... ڪوبه ڪونهي ... مال لاءِ گاهه رکيو هئم ... سائين! چوري ٿي وڃي ها ته ڪيڏو نقصان ٿئي ها.“ همراهه صفائي ڏيڻ ۾ پئجي ويو. پر انور جي ڪاوڙ نه گهٽي. چئي
“توکي وري گاهه جي ڳڻتي لڳي آهي، عمارت جو خيال ناهي ...” انور کي اسان ٿڌو ڪيو باقي هُو همراهه ته اڳ ئي وسامي ويو هو.
مندر کان پوءِ اسان شهر جو رخ ڪيو. هيءُ مڪمل طرح سان ڳوٺاڻو جابلو شهر هو، جنهن جي عمارتن جي بيهڪ شڪارپور جهڙي هئي. ڪاٺ جي اڪر ۾ گل ۽ جاميٽري ڊزائين عام هئي. مکيه بازار جنهن ۾ ويهه پنجويهه دڪان هئا، ٽڪريءَ جي ڪرنگهي تي هئي. جنهن مان مختلف گهٽيون ڦٽي، درياهه ڏانهن ٿي لٿيون. اسان شهر جي مکيه گهٽيءَ ۾ لڙي پياسين جيڪا موهن جي دڙي جي ڪنهن ويڪري گهٽيءَ وانگر درياهه ڏانهن لهندي پئي وئي.
بازار ۾ سيڌي سامان، ڀاڄين، لوهار ۽ ڳوٺاڻي هنر جو هلڪو سامان هو. بک کان بي حال ٿيل همراهن گهورڙين جي ڪمائي ڪرائي، لايون، وڙا ۽ گٻت پيٽ جي دوزخ ڀري ته نه سگهيا پر ايترو آٿت ٿيو ته پيٽ ۾ ڪجهه پيو آهي. وڏي گهٽي مان لنگهندي هڪ گئلريءَ تي نظر پئي جيڪا گهٽيءَ جي ٻنهي پاسن تي ٺهيل جاين کي پل وانگر ڳنڍي رهي هئي، ٿي سگهي ٿو ته اهو به ڪمرو هجي! هتان لنگهندي اسان کي نه ڄاڻي ڇو لاڙڪاڻو ياد اچي ويو. ان پل جي هيٺان گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي تي درياهه وهندو ٿي نظر آيو.
بازار ۽ مندر جي وچ ۾ اسان هڪ درگاهه به ڏٺي. پٿرن جي چؤديواري، جن تي آرائشي ڪنگرا هئا. وچ ۾ وڏو ۽ سهڻو گنبذ، ننڍا وڏا 19-20 منارا، گنبذ تي اوچي سونهري چوٽي. گنبذ تي فيروزي ڪاشي، ديوارن ۽ منارن تي ڪاشيءَ جا روايتي سهڻا گل چٽ. درگاهه جو خوفناڪ گادي نشين ڏسي اسان درگاهه ۾ نه گهڙياسون جو سمجهيوسين پئي ته هو ضرور ڦشري ڪندو. البت درگاهه جي سامهون مسجد ۽ درگاهه ۾ ليئو پاتوسون جتي کٿابي ڦري رهيا هئا. مسجد جي هڪ ننڍڙي ڀت تي هڪ عجيب گول دائرو ٺهيل هو. جنهن جي وچ تي کتل ڪِليءَ سبب سج جو پاڇو هوريان هوريان زاويو بدلائيندو ٿي ويو. اسان کٿابين کان ان بابت پڇيو پر گادي نشين جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. گادي نشين پِير کان وڌيڪ چنگيز خان جو پيءُ ٿي لڳو.
“اهو گول دائرو جنهن ۾ ڪِلي کتل هئي، وقت جي ماپ جو پراڻو طريقو هوندو!” ڪنهن دوست راءِ ڏني. ڳالهه دل سان لڳي.
ٻيڙيون هڪ ڀيرو وري پنڌ پيون، ڪالاباغ اڃا پري هو.

سنڌوءَ ۾ سون

سنڌوءَ ۾ سون

ٻيڙيون ڊوڙنديون ڊوڙنديون اچي هڪ اهڙي ماٿريءَ کان نڪتيون جيڪا ڪجهه خلاصي هئي. جبل ڪجهه پرڀرو ٿي بيٺا هئا. جبلن ۽ وهڪري جي وچ ۾ واري گول پٿرن مٿان چڙهي وئي هئي. انهن وارياسين ڀٽن تي چار پنج تنبو لڳل هئا. تنبن جي آڏو ڪي سندريون، ٻار، جوان ۽ ٻڍڙا پنهنجي ڪرت ۾ هئا. آسمان جهڙالو هئڻ ڪري واندا هئا.
”هي ماڻهو سنڌوءَ مان سون ڪڍندا آهن!“ طوطي خان ڊوڙندڙ ٻيڙيءَ جي نڪ تان ويٺي ويٺي اشاري سان اسان کي ٻڌايو. سنڌو سان منسوب هزارها ڏند ڪٿائن مان هيءَ ڏند ڪٿا سڀ کان اتساهيندڙ هئي. اهو اطلاع ئي وڏي تسلي هئي ته سنڌو ندي سون سان مالا مال آهي. ڪيئي پرڏيهي سياح ۽ مهم جُو سنڌو ۾ سون جا قصا ڏند ڪٿائي انداز ۾ بيان ڪري چڪا آهن.
يوناني تاريخدان هيروڊوٽس اها ڏند ڪٿا هينئن لکي ٿو، ”ڪاسپاتورس سرحدن ۾ هڪ قبيلو رهي ٿو، جيڪو اتي ريگستان ۾ رهندڙ ڪِولين جي مدد سان سون هٿ ڪري ٿو. ڪِولين جو قد لومڙ کان وڏو ۽ ڪتي کان ننڍو آهي. اهي جڏهن پنهنجي لاءِ چرون کوٽين ٿيون ته واريءَ سان گڏ سون به ٻاهر ڦٽو ڪن ٿيون. منجهند ڌاري اُس جي گرميءَ کان جڏهن اهي ڪِوليون وڃي لڪن ٿيون تڏهن اهي قبيلا اها واري ٻورين ۾ ڀري کڻي ڀڄن ٿا.“ هيروڊوٽس اهو به چوي ٿو ته انهيءَ علائقن ۾ سون ڪافي مقدار ۾ موجود آهي، ڪي ان کي زمين مان کوٽي ڪڍن ٿا، ڪي درياهه جي پاڻيءَ مان هٿ ڪن ٿا، ڪي مٿي ٻڌايل طريقي يعني ڪِولين جي مدد سان سون حاصل ڪن ٿا.
اهي ڪِوليون ته اسان کي نظر ڪونه آيون، نه ئي وري اهڙي قسم جي ڪنهن جانور يا مخلوق جا پارپتا پيا پر سنڌوءَ جي واريءَ مان سون ڪڍندڙ ماڻهو اسان جي اکين آڏو بيٺا هئا. ڏٻرا جسم، ڦاٽل ڪپڙا ۽ اڪيلا اڪيلا ! اسان کي حيرت ان ڳالهه تي هئي ته پنهنجن هٿن سان سون ميڙڻ جي باوجود هي ماڻهو ايڏا غريب ڇو هئا؟ سندن مالي حالت بهتر ڇو نه هئي. ٻيو سوال اهو هو ته اهي سنڌوءَ مان سون ڪيئن ٿا ڪڍن ۽ ٽيون سوال اهو هو ته سنڌوءَ ۾ سون ڪٿان ٿو اچي؟ فقط سنڌو ئي نه، اسان گنگا بابت به ٻڌو هو ته ان مان به سون نڪري ٿو.
ڇا هماليه جي اوچاين تي سون جا ڪي لڪل ذخيرا آهن، جتان تيز رفتار نديون سون جا ذرا پاڻ سان کڻي اچن ٿيون؟ اسان ساڳيو سوال سنڌوءَ جي ڪناري هڪ ٻڍڙي کان پڇيو جيڪو، سڄي عمر سنڌوءَ مان سون ڪڍندي گذاري چڪو آهي.
ٻڍڙي آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ سنڌوءَ ۾ گهور وڌي. ٽپهريءَ جي سج گهڙيءَ پل لاءِ ڪڪرن مان ليئو پاتو ۽ سج جو سونو عڪس سنڌوءَ جي سِير ۾ ڦٿڪڻ لڳو. مون کي ائين لڳو ڄڻ ٻڍڙي ماڻهو روحاني طاقت سان ڪڪرن کي حڪم ڏنو هجي ته اجنبيءَ جي سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ گهڙي کن سج کي آزاد ڪري!
”اِجهو هينئن سنڌوءَ ۾ سون لهي ٿو!“ ٻڍڙي ماڻهوءَ سوني عڪس ڏانهن اشارو ڪيو.
”ڇا توهان مهرباني ڪري اسان کي ٻڌائيندا ته توهان سون ڪيئن ڪڍندا آهيو؟“ ٻن ٽن ٻيڙياتن جي زبانن مان هڪ ئي ويل ساڳيو سوال منٿ جي لهجي ۾ نڪتو.
”هائو ڇو نه! پر هن وقت سج ڪڪرن ۾ آهي. اسان چمڪندڙ سج ۾ سون ڪڍندا آهيون. توهان مسافر آهيو. توهان کي ڪڍي ٿا ڏيکاريون.“ ٻڍڙي وڏي مهرباني ڪئي ۽ پريان بيٺل نوجوانن کي سڏ ڪري اوزار آڻڻ لاءِ چيو.
نوجوان پنهنجا اوزار کڻي آيا. انهن اوزارن ۾ ڪو به جديد نوعيت جو ڪونه هو. نه بيٽريون، نه مشينون ۽ نه سائنسي فارمولا! سڌي سادي ڳالهه هئي، پر تمام ڏکي ۽ صبر واري ... ٻه ٽي نوجوان مِڙي ويٺا. هڪ همراهه هيڏانهن هوڏانهن نهاري ان جاءِ جي چونڊ ڪئي جتي سندس خيال ۾ سون وڌيڪ هو. هن هٿ ۽ ننڍڙي ٽيڪم جي مدد سان ٻه چار گول پٿر واريءَ مان ڪڍيا، ٿوري زمين کوٽي هڪ ٿانءَ ۾ واري وجهي درياهه جي ڪپ تي کڻي آيو. ان ڪم ۾ هڪ ٽيڪم ۽ هڪ سنهڙي رنبي ڪم آندائون. ٽيڪم کي ”ڪيرنِي“ ٿي سڏيائون. ٻيو همراهه ڪانن جهڙين گول ڪاٺين مان ٺهيل ڇاڻيءَ جي مدد سان ڪاٺ جي هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ جهڙي ٿانءَ ۾ ڇاڻيندو ويو. ائين ڪرڻ سان سنهي واري هيٺ ٻيڙي جهڙي ٿانءَ ۾ وڃي جمع ٿي ۽ باقي ننڍڙيون پٿريون ڇاڻيءَ تي رهجي ويون. هنن ڇاڻيءَ کي ”ڇڄڪي“ ۽ ٻيڙيءَ جهڙي ٿانءَ کي ”ناوا“ پئي سڏيو. ان کانپوءِ ناوا کي هڪ خاص زاويي تي رکي هڪ ٻئي ٿانءَ ۾ ڀريل پاڻيءَ ناوا ۾ وجهي واريءَ کي هوريان هوريان ڇاڇوليو ويو. هيءُ وڏي مهارت جو ڪم هو جيڪو ٻڍڙي پاڻ ڪيو.
سون جا ذرڙا واريءَ کان ڳرا آهن تنهن ڪري سون جا ذرڙا ناوا جي مٿئين حصي ۾ رهجي ويا باقي واري وڃي هيٺ پئي. اسان سون جا چمڪندڙ ذرڙا ڏسي ٽڙي پياسين. سڄي ٽيڪنڪ پاڻي هارڻ ۽ ڇاڇولڻ ۾ لڪل آهي. ٻيءَ صورت ۾ سون جا ذرا به واريءَ سان وهي سگهن ٿا، پر اها ٽيڪنڪ فقط ايتري به ناهي. سنڌوءَ جي سڀني ڪنارن تي هڪ جيترو سون ڪونهي. ڪٿي گهٽ آهي ته ڪٿي وڌ. سون ڪڍندڙ جن کي عام طور ڪيريگر چيو وڃي ٿو، تن لاءِ اهو اندازو هڻڻ به تجربي جو ڪم آهي ته اڄوڪي تاريخ ۾ ڪهڙي ڪنڌيءَ تي وڌيڪ سون ملندو.
ڪيريگر سون ڪڍڻ جو ڪم صبح کان سانجهيءَ تائين ڪن ٿا ۽ چئن چئن ڄڻن جي ٽولي ٺاهي ڪم ڪن ٿا، پر سڄي ڏينهن جي پورهئي کانپوءِ کين ٽي چار يا وڌ ۾ وڌ پنج رتيون سون ملندو آهي. رتي سون جي ماپ جو گهٽ ۾ گهٽ وزن آهي. اٺ رتيون جمع ٿينديون ته چوندا هڪ ماسو. جڏهن ٻارنهن ماسا ٿيندا ته هڪ تولو ٿيندو. درياهه مان نڪتل سون جي قيمت ڀرپاسي وارين سونار بازارين ۾ گهٽ ملي ٿي ڇو ته سون جون ذريون ميڙڻ مهل ڪيريگر پارو استعمال ڪندا آهن ۽ اهو ڳنڍو وڃي مارڪيٽ ۾ ڏيندا آهن. ان ڪري هر پورهيت کي سراسري طور وڃي هڪ رتي ملي ٿي. ڪيريگر اهو سون جمع ڪري ڪنهن ماڻهو هٿ هڪ ڀيري مارڪيٽ موڪلين ٿا ڇو ته روز جو ڀاڙو سڄي ڏينهن جي مزوري کڻي وڃي ٿو.
هن وقت سون ڪڍندڙ ماڻهو ايبٽ آباد، سوات جي ڪنڌين، نوشهري، هنڊ ۽ اٽڪ کان ڪالاباغ تائين مختلف هنڌن ٿي ملن ٿا. اڳي تربيلا کان مٿي به سون ڪڍيو ويندو هو پر تربيلا بند ٺهڻ کانپوءِ سون جا ذرا تربيلا ڍنڍ جي پيٽ ۾ جمع ٿيندا پيا وڃن پر وهڪرو نه هئڻ ڪري ڪڍي نٿا سگهن. جيڪڏهن ڪالاباغ بند ٺهيو ته پوءِ ڪالاباغ کان اٽڪ تائين سون نڪري نه سگهندو ۽ ڪيريگر يا ته وڃي ڪي ٻيا ڪنارا وسائيندا يا وري اهو ڌنڌو ئي ڇڏي ڏيندا. هن وقت به ڀرپاسي ۾ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته جيڪي ماڻهو سُڃا ٿين ٿا، اهي وڃي درياهه مان سون ڪڍڻ جي ڪرت کي لڳن ٿا.
هي ڪيريگر ماڻهو پٺاڻ هئا پر ڪوهستاني، چترالي ۽ گلگت جا ماڻهو به هن ڌنڌي ۾ شامل آهن. جيتوڻيڪ انهن علائقن جا ماڻهو عام طورتي ڳوٺ ٻڌي رهڻ جا عادي آهن پر هيءُ ڌنڌو ئي اهڙو آهي جنهن ۾ زندگي رولاڪ قبيلن جهڙي اختيار ڪرڻي پوي ٿي. صحيح معنيٰ ۾ دربدر خاڪ بسر زندگي اٿن!
سون ڪڍڻ جي قديم ٽيڪنڪ ڏسڻ کانپوءِ اسان جي ذهن ۾ سوال اٿيو ته ”ڇا سون ڪڍڻ جو ڪم جديد سائنسي طريقن سان ممڪن ناهي؟“ اسان ڪيريگر کان پڇيو.
”حڪومت ڪوشش ڪئي هئي، (ذوالفقار علي) ڀٽي صاحب جي زماني ۾ وڏيون مشينون هنيون هئن. انهن مشينن تي پنجاهه سٺ ڪيريگر ڪم ڪندا هئا پر مشين فيل ٿي وئي ... مزورن جو خرچ به نه پئي ڪڍي سگهي.“ جواب مليو، ”اصل ۾ سون جي ذرن جو مقدار تمام گهٽ آهي.“
”مونکي موقعو مليو ته هڪ ڀيري وري اچي ڪيريگرن ۽ سون ڪڍڻ جي طريقن بابت تفصيلي معلومات جمع ڪندس.“ اشتياق انصاري ڪيريگرن جي حياتيءَ کان ڏاڍو متاثر پئي لڳو. هُو، هن کان اڳ به ڪيريگرن سان هن ئي قسم جي مهم ۾ ملي چڪو آهي. (هن سچ پچ هڪ تفصيلي دورو ڪري سندن زندگيءَ جي ٻين پهلوئن جو مشاهدو ڪيو جيڪو پوءِ ماهوار پروڙ جي سيپٽمبر-اَڪٽوبر 1991ع واري پرچي ۾ ڇپيو.)

سوان ندي

سوان ندي

ڪيريگرن سان ملاقات کانپوءِ اسان جو سفر اوچن جبلن جي وچ مان هو. البت انهن جون پاڻ ۾ قربتون ۽ فاصلا گهٽ وڌ ٿيندا رهيا. واٽ تي ڪٿي ڪٿي ڪنهن اوچي جبل جي اوٽ ۾ ڪا ڪا ٻيڙي بيٺي نظر ٿي آئي، ڄڻڪ درياهه جي تيز وهڪري کان اچي لڪي هجي. انهن اوچن جبلن جي چوٽين ڏانهن اتان پڪ سان ڪا واٽ ويندي هوندي. پڪ سان اتي ڪو ڳوٺڙو هوندو، نه ته هتي خالي ٻيڙين جي موجود هئڻ جو ڪو جواز نٿو بچي.
نيٺ اها جاءِ به آئي، جتي کاٻي پاسي کان سوان نديءَ جو پاڻي اچي سنڌوءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سمنڊ ڏانهن ڪاهه ۾ شامل ٿئي ٿو. هتي پاڻي ماٺو محسوس ٿيو. شايد ان ڪري ته ڪالاباغ بند کان هيٺ ٻڌل جناح بئراج جو ذخيرو شروع ٿي ويو هو. هتي ڇولين جي اڇل نه هئي پر سطح تي ٿل ٿل ڪندڙ پاڻي اونهائيءَ ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو.
سوان نديءَ جو وهڪرو سڄي پوٺوهار کي، اتر اوڀر ڪنڊ کان اولهه ڏکڻ ڪنڊ تائين ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. جيتوڻيڪ اها ڪا وڏي ندي ناهي پر هيءَ اها ندي آهي جيڪا پنجاب جي اتر واري مارگله جبل تان لهندڙ پاڻي ميڙي سنڌوءَ کي ڀيٽا ڏئي ٿي. جڏهن علائقي ۾ طوفاني مينهن پوي ٿو تڏهن درياهه ڳاڙهو ٿيو وڃي، ڇو ته پاڻيءَ سان گڏ لوڻياٺي جبل جي معدنيات به ملي اچي ٿي. سوان ماٿريءَ جي ٻي اهميت اها آهي ته ان مان سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان قديم انسان جي موجودگيءَ جا اهڃاڻ مليا آهن. ڪالهه تائين قديم آثارن جا ماهر سوان ماٿريءَ ۾ رهندڙ قديم ماڻهوءَ جي عمر 4 لک سال ۽ پوءِ 10 لک سالن تائين کڻي ويا هئا پر هاڻي 86-1985ع ڌاري راولپنڊي ضلعي مان تمام قديم پٿر جي دور جا ڪي اهڙا اوزار به مليا آهن جن بابت ڪن ماهرن جو خيال آهي ته اهي 20 لک سال پراڻا آهن. انهن اوزارن جي استعمال تي اڪثر محقق متفق ٿيا آهن پر اڃا اهو فيصلو باقي ٿيڻو آهي ته اهي اوزار واقعي قديم انسان ٺاهيا هئا يا محض قدرتي اتفاق سان انهن پٿرن هٿيارن جي شڪل اختيار ڪئي آهي؟
پر سوان ماٿريءَ ۽ پوٺوهار جي ڪهاڻي اڃا پوئتي وڃي ٿي، راما پٿيڪس پنجابيڪس نالي انساني نسل جو ڏاڏو هتي رهندو هو. ماهرن ان جي عمر ڏيڍ ڪروڙ سال ٻڌائي آهي. ان مخلوق جو قد 1.1 ميٽر کان 1.2 ميٽر (ساڍا ٽن فٽن کان 4 فٽن تائين) هو ۽ وزن 40 پائونڊ. انسان جي ان ڏاڏي جا پٿراوان جسم (fossiles) اٽڪ ضلعي جي ڳوٺن نگري، ڍوڪ پٺاڻ ۽ چنجهي جي علائقن مان مليا آهن. اهو علائقو دڙن، ڍڳِين، واري، وارياسين پٿرن، مٽي، مٽيءَ جي پٿرن ۽ ريتيءَ جي کچڙي (conglomerate) تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ قديم زماني جي جانورن جهڙوڪ گهوڙن، هاٿين، هرڻن، سوئرن ۽ بن مانسن (apes) جا پنڊپاهڻ (fossiles) گهڻي تعداد ۾ مليا آهن. انهن پنڊ پاهڻن جي عمر ست ڪروڙن کان هڪ ڪروڙ سالن تائين آهي. ان ريت پوٺوهار دنيا ۾ ڏاڍي نمايان حيثيت حاصل ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هتي زمين جي مختلف تهن ۾ زندگيءَ جا مختلف دور پنڊ پهڻ حالت ۾ موجود آهن.
جيتوڻيڪ سوان نديءَ جو وهڪرو هروڀرو موچارو ناهي تنهن هوندي به سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ سندس پيٽ ۾ چڱو پاڻي آهي، سبب اهو آهي ته جناح بئراج جي پاڻيءَ واري ذخيري سبب سنڌوءَ جو وهڪرو تک وڃائي وهي ٿو. جنهن ڪري سوان نديءَ ۾ پاڻي پکڙجي وڃي ٿو.

ڪالاباغ ڏانهن

ڪالاباغ ڏانهن

ڪالاباغ وارو ٽاڪرو لنگهه شروع ٿيو ته پاڻيءَ جي سست وهڪري هڪ وڏي ڍنڍ جي صورت اختيار ڪئي. جبل اڀا ٿي ويا ۽ انهن جو لوڻاٺو رنگ سج لهڻ سان ڪارو ٿي ويو.
”جبل جي هُن پار ڪافر ڪوٽ آهي.“ طوطي خان اولهه طرف جبل ڏانهن اشارو ڪيو.
”ڪيترو پري؟“ مون سوال ڪيو.
”گهڻو پري ناهي، پر پاڻ کي سج لهي ويو آهي، ترسي نٿا سگهون، اوندهه کان اڳ ڪالاباغ پهچون ته بهتر نه ته ڏاڍي تڪليف ايندي ڪجهه به نظر نه ايندو.“ طوطي خان منهنجو ارادو سمجهي ان کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
اسان هيءُ ڪافر ڪوٽ ڏسي ڪونه سگهياسين، سنڌوءَ ماٿريءَ جا ماڻهو عام طور تي جنهن ماڳ کي ڪافر ڪوٽ سڏين ٿا، اهو اڪثر ڪري تاريخ کان اڳ وارو ماڳ نڪتو آهي يا گهٽ ۾ گهٽ اسلامي دور کان اڳ جو ماڳ ثابت ٿيو آهي. چئي نٿو سگهجي ته هن ڪافر ڪوٽ ۾ ڇا آهي؟ البت اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ته ان ماڳ تي غير مسلم سائٽ جو وجود آهي. پوٺوهار تي هندو شاهي جو راڄ ٽين صديءَ کان نائين صديءَ تائين رهيو آهي. ان دور ۾ هتي ڪافي ماڳن تي شاندار مندر ٺهيا جن جا کنڊر اڄ به موجود آهن. اهي مَلوٽ (چڪوال)، ڪَٽاس ۽ نندنا ڪوٽ آهن جيڪي جهلم نديءَ کان اولهه پاسي جبلن تي آهن.
پروگرام موجب اسان سڀاڻي ڪالاباغ شهر مان صبح جو 9 لڳي ڌاري اڳتي روانا ٿي وينداسون. صبح جو سوير ڪلاڪ ٻه شهر ۾ چڪر هڻبو. ان ڪري ڪافر ڪوٽ ڏسڻ جو وقت نه ملندو. طوطي خان جو چوڻ آهي ته ڪافر ڪوٽ وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ جو پنڌ بهتر آهي ڇو ته خشڪيءَ رستي واٽ تمام اڻانگي آهي، گهڻو ممڪن آهي ته هجي ئي ڪونه!

ڪالاباغ بند

ڪالاباغ بند

ڪالاباغ هڪ سوڙهي جابلو ماٿري آهي جنهن جي بالڪل ڏکڻ ۾ لوڻ وارا جبل آهن. لوڻياٺن جبلن جو هيءُ سلسلو اوڀر طرف پوٺوهار جي ڏکڻ ۾ پري تائين وڃي ٿو. ڪالاباغ وٽ سنڌوءَ جي سطح، سمنڊ کان 680 فٽ مٿي آهي. ملڪ ۾ اڄ ڪلهه ڪالاباغ بند جي مخالفت ۾ وڏا جلسا جلوس ٿي رهيا آهن. سنڌي ماڻهن سڄي سنڌ ۾ تاريخي احتجاج ڪيو آهي. اخبارن ۾ ڪالاباغ بند جي هلندڙ اڏاوت بابت وڏيون وڏيون خبرون ڇپيون آهن. پر اسان کي سرزمين تي ڪو به ڪم هلندڙ نظر نه آيو. البت درياهه جي ٻنهي ڪپن تي اُڀن جبلن تي اهي نشان ضرور نظر آيا، جيڪي انجنيئرن ڪڍيا هئا. انجنيئرن جي حساب موجب ڪالاباغ جي تعمير وقت پاڻي ان سطح تائين چڙهي ويندو ۽ اهائي سطح مستقل رکي ويندي. اسان کي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين مٿي هڪ رسي به ٻڌل نظر آئي جيڪا انجنيئرنگ جو سامان يا ٻيو اڏاوتي سامان اُڪارڻ لاءِ ابتدائي پل طور ٻڌي وئي هئي. طوطي خان ٻڌايو ته هن وقت ڪم بند آهي ۽ اڏاوت لاءَ گهرائي جمع ڪيل سامان سڙي بيڪار ٿي ويو آهي. هتي هڪ ڪالوني به تيار ڪئي وئي هئي. جيڪا هاڻي اسٽاف نه هئڻ ڪري خالي آهي. اهو ڪم عوامي دٻاءَ سبب بند ڪيو ويو هو. ڇا ان رٿا تي سڀاڻي ڪم ٻيهر شروع ٿيندو؟ ان جو دارومدار فقط ۽ فقط سياسي صورتحال تي آهي. سنڌ جو عوام ۽ سنڌ اسيمبلي، ڪالاباغ بند جي خلاف فيصلو ڏيئي چڪا آهن، سرحد ۽ بلوچستان صوبا به مخالفت پيا ڪن، فقط پنجاب جا سياستدان ۽ پنجاب جا آبپاشي عملدار هن رٿا تي زور ڏيئي رهيا آهن.
ڪالاباغ بند جي ڪهاڻي به پاڪستان جي جنم سان شروع ٿئي ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 1974ع کان ئي مخالفت جو شڪار ٿي وئي آهي. ڪالاباغ بند جي اڏاوت لاءِ رٿا 1953ع ڌاري ڏني وئي هئي ۽ رٿا تي ابتدائي ڪم شروع ڪيو ويو هو. ان رٿا جي ضرورت ڀارت سان سنڌو طاس ٺاهه کانپوءِ پاڪستان کي ٿيندڙ نقصان کي نظر ۾ رکي محسوس ڪئي وئي. پر پوءِ جڏهن بجليءَ جو گهوٽالو پيدا ٿيو ته ڪالاباغ کي وري اهميت ڏياري وئي.
1974ع ۾ تربيلا بند مڪمل ٿيو. پنجاب جا بالا عملدار واندا ٿيا ته ڪالاباغ جو اڀياس شروع ڪيائون. 1987ع ڌاري رٿا جي رپورٽ مڪمل ڪري حڪومت کي ڏنائون ۽ سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ وڏي بيچينيءَ لاءِ راهه هموار ڪيائون. آبپاشيءَ جي سرشتي جو ڪو ماهر ئي هن بند بابت فني پيچيدگين کي بهتر سمجهي ۽ آخري راءِ ڏيئي سگهي ٿو ته هن رٿا جي پويان اصل ڪهڙا مقصد آهن. پر هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ مان ڄاڻان ٿو ته سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا يا سنڌ جي زرعي اقتصاديات تي سٺي نظر رکن ٿا يا وري اهي ماڻهو جيڪي ماحوليات جي حوالي سان سنڌ ۾ تبديلين تي نظر رکي ويٺا آهن، اهي ڏاڍا پريشان آهن، ڇو ته خاص طور تي تربيلا بند ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال ٺهڻ کانپوءِ سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ محسوس ڪئي وئي آهي جنهن ڪري سنڌ ۾ آباديءَ لائق زمينن کي پاڻي ڏيڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، ٻئي پاسي سنڌو ڊيلٽا ۾ پاڻي ۽ لٽ نه پهچڻ ڪري ماحولياتي تبديليون ظاهر ٿيون آهن جن، اتي تمام خراب اثر وڌا آهن.
هڪ طرف سنڌ جا ماڻهو ڪالاباغ بند کي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهي ان جي مخالفت پيا ڪن ۽ ٻئي پاسي پنجاب جو آبادگار طبقو به زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهي ان بند جي حمايت ڪري ٿو. پنجاب جي ماڻهن کي سنڌ جا ماڻهو پاڪستان دشمن نظر پيا اچن (شايد هو فقط پاڻ کي ئي پاڪستاني سمجهن ٿا) ٻئي پاسي سنڌ جي ماڻهن کي پنجاب جا حڪمران ۽ ڪامورا جلاد لڳن ٿا، شايد ان ڪري ته پنجاب جو حڪمران طبقو سڄي ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ پيداواري ذريعن تي ڇانئجي ويو آهي ۽ ووٽ، دولت ۽ طاقت جي سهاري پنهنجي مطلب جا قانون ۽ رٿائون جوڙڻ تي قادر ٿي ويو آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي ماڻهن ۾ سوچ ۽ مفادن جو هيءَ ٽڪراءُ ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي ويندو؟ ان جو بهتر جواب ته سياستدان ئي ڏيئي سگهن ٿا پر هڪ صحافي ايترو ضرور چئي سگهي ٿو ته، هن کي سنڌ ۽ پنجاب ماڻهن وچ ۾ وڏو ويڇو نظر آيو ۽ جڏهن ويڇا وڌندا آهن تڏهن گهوٽالا جنم وٺندا آهن، ڪالاباغ بند جون ٻه اهميتون آهن. هڪ اها ته اهو بند سنڌوءَ جو رستو جهليندو جنهن ڪري ڪي نه ڪي جاگرافيائي ۽ ماحولياتي تبديليون ضرور اينديون. ٻي اها ته اهي جاگرافيائي تبديليون انساني زندگي، مفادن ۽ اقتصاديات تي اثر وجهنديون جنهن ڪري ڪي نه ڪي سياسي تبديليون به ضرور اينديون.

ڪالاباغ بند: ڪجهه تفصيل

ڪالاباغ بند: ڪجهه تفصيل

1960ع ۾ سنڌو طاس ٺاهه کانپوءِ پاڪستان ٽن درياهن جي پاڻيءَ کان محروم ٿيو ۽ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي. آباديءَ ۾ واڌ ۽ صنعتي ترقيءَ سبب بجليءَ جو بحران وڌيو. نتيجي ۾ سنڌوءَ تي بند ٻڌا ويا. بئراجون پيون ۽ سنڌوءَ جو پاڻي جڪڙجي ويو.
پاڪستان ۾ هن کان اڳ ٻه وڏا بند، منگلا ۽ تربيلا ٻڌجي چڪا آهن، ڪالاباغ ٽيون بند هوندو. پاڪستان جا ٻه وڏا مسئلا آهن: آباديءَ لاءِ نيون زمينون تيار ڪرڻ ۽ بجلي وڌائڻ جا ذريعا ڳولڻ. پنجاب جا ڪجهه درياهه اڳ ئي سنڌو طاس ٺاهه کانپوءِ هٿن مان نڪري ويا، ڪجهه درياهن تي بند ٻڌجي ويا، باقي وڃي بچيو آهي شينهن درياهه، جنهن تي تربيلا کان هيٺ ڇهه بئراجون اڳ ئي پيل آهن. هوڏانهن حڪومت جي مرضي آهي ته سنڌو ۽ سندس ساٿي درياهن جي پاڻين جو وڌ ۾ وڌ استعمال ٿئي. ان ڏس ۾ واپڊا (WAPDA) ڏاڍي سرگرم آهي.
واپڊا، ڪالاباغ رٿا کي ”تمام لاڀائتي رٿا“ قرار ڏيئي رهي آهي. پنجاب توڙي سنڌ ۾ سڄي اردو پريس ۽ انگريزيءَ جون ڊان، دي نيوز ۽ ڪجهه ٻيون اخبارون واپڊا جي موقف کي ڏاڍي هوشياري سان درست ۽ ملڪي مفاد وٽان قرار ڏيئي رهيون آهن. جڏهن ته سڄي سنڌي پريس ۽ ڪجهه انگريزي اخبارون ملڪي يڪجهتيءَ لاءِ ان رٿا کي نامناسب سمجهن ٿيون.
ڪالاباغ رٿا جوڙيندڙن جون دعوائون ڏاڍيون متضاد آهن. هڪ طرف اها دعوا ڪئي وڃي ٿي ته ڪالاباغ رٿا فقط بجلي پيدا ڪرڻ جو پروجيڪٽ آهي، پر ٻئي پاسي ڪم جون تصريحون ۽ تفصيل ان دعوا جي ابتڙ آهن. مثال طور چيو وڃي ٿو ته،
”سنڌوءَ جي وڏي وهڪري مان لاڀ وٺڻ لاءِ ڪالاباغ هڪ ڏاڍو سٺو پروجيڪٽ آهي. ان جو بنيادي مقصد بجليءَ جي پيداوار وڌائڻ، آبپاشيءَ لاءِ پاڻيءِ جو وڏو ذخيرو قائم ڪرڻ ۽ ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ آهي.“
ڪالاباغ بند، تربيلا کان 176 ڪلو ميٽر هيٺ ۽ جناح بئراج کان مٿي ان جاءِ تي رٿيو ويو آهي جتي سوان ندي سنڌوءَ ۾ پوي ٿي. اندازو آهي ته ڪالاباغ بند جي اڏاوت سان هيءَ پاڻيءَ جو ٻيو وڏو آبي ذخيرو هوندو. هن ذخيري ۾ پاڻيءَ جو مقدار تربيلا جي ڀيٽ ۾ فقط ڏهه سيڪڙو گهٽ هوندو، جڏهن ته منگلا جي ڀيٽ ۾ هتي پاڻيءَ جو ذخيرو 59 سيڪڙو وڌيڪ هوندو. هن بند جي اوچائي 265 فٽ ۽ ڊيگهه 4150 فٽ هوندي. جڏهن ته تربيلا بند جي اوچائي 485 فٽ ۽ ڊيگهه 9 هزار فٽ آهي. يعني اڏاوت جي لحاظ کان تربيلا بند، ڪالاباغ رٿا جي اڌ برابر آهي پر پاڻيءَ جو ذخيرو فقط 10 سيڪڙو گهٽ بيهندو. هوڏانهن منگلا ڊيم 380 فٽ اوچو ۽ ڏهه هزار ٽي سؤ فٽ ڊگهو آهي.
ڪالاباغ رٿيندڙن جو چوڻ آهي ته، تربيلا ۾ هڪ ڪروڙ ڏهه لک ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ڪالاباغ بند سان لڳ ڀڳ 80 لک ايڪڙ فٽ پاڻي جمع ٿيندو. هوڏانهن منگلا ڊيم جي گنجائش 58.80.000 ايڪڙ فٽ آهي.
تربيلا بند بابت سمجهيو وڃي ٿو ته ان ۾ مٽي ۽ واريءَ جا تهه ايتري حد تائين جمع ٿي چڪا آهن جو، انهن جي صفائي ممڪن ناهي پر منگلا بند جو زميني ۽ جاگرافيائي ماحول مسئلن کان وڏي حد تائين بچيل آهي. انجنيئرن جو خيال آهي ته، ڪالاباغ بند به مسئلن کان آجو هوندو ڇو ته واري ۽ گاري کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ اُپاءُ وٺڻ ممڪن آهن. سندن چوڻ آهي ته 884 فٽن جي سلوس-وي ٺاهڻ سان، جنهن جي گنجائش 13 لک ڪيوسڪ هوندي، اهو ڪم سولائيءَ سان ڪري سگهبو.

ڪالاباغ بند ٺاهڻ جا مقصد

ڪالاباغ بند ٺاهڻ جا مقصد

* وڏن لوڊ سينٽرن جي ويجهو گهٽ خرچ تي پن بجلي تيار ڪرڻ ۽ پوءِ اها فيصل آباد گرڊ اسٽيشن کي مهيا ڪرڻ، ته جيئن اها گهريلو، زرعي ۽ صنعتي گهرجون پوريون ڪري سگهي.
* جيئن ته منگلا ۽ تربيلا ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو واري ۽ مٽيءَ جي جمع ٿيڻ سبب گهٽجي رهيو آهي، تنهن ڪري نئون ذخيرو موجود هجي.
* سنڌوءَ تي پاڻيءَ جو هڪ نئون ذخيرو قائم ڪرڻ، جيڪو فصلن کي مرضيءَ موجب پاڻ فراهم ڪري سگهي. هن آبي ذخيري سان انهن علائقن کي لاڀ پهچندو جتي جر ۾ لوڻياٺو پاڻي آهي. نهرحويلي، سڌناني، پاڪ پتن، تريمون، ميلسي، ڀَلوال لنڪ ڪئنال کان هيٺ ميلسي بهاول نهرن ۽ عباسيه ۽ پنجند نهري سرشتي هيٺ ايندڙ پنجاب جي علائقن کي آبپاشيءَ لاءِ وڌيڪ پاڻي ملي سگهندو.
* تعمير هيٺ چشمه رائٽ بينڪ ڪئنال سان پوکيءَ هيٺ ايندڙ ڪجهه علائقن کي به هتان پاڻي ڏنو ويندو. اها رٿا ڪالاباغ کان گهڻو اڳ مڪمل ٿيڻي آهي. هڪ اندازي موجب ڪالاباغ رٿا مان حاصل ٿيندڙ پاڻيءَ سان 68- لک ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ ۾ زرعي صورتحال ڏيڍ سؤ سيڪڙو بهتر ٿيندي .
* (انجنيئرن جي دليل موجب) ڪالاباغ بند سان ٻوڏ وارو پاڻي جهلي، سنڌ ۾ ٻوڏن جي تباهي روڪي سگهبي.
* هن رٿا جي مڪمل ٿيڻ سان نون علائقن ۾ آبپاشي ڪري سگهبي.
* بجليءَ جي پيداوار وڌندي.
ڪالاباغ بند بابت سرڪاري موقف اهو آهي ته اهو بند فقط بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي، پر بند جون تصريحون (specifications) ڊزائينون ۽ نقشا، سرڪاري موقف کي غلط ثابت ڪري رهيا آهن. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڪالاباغ بند گهڻن مقصدن وارو پروجيڪٽ آهي. جنهن جو سڄو لاڀ پنجاب کي ۽ ڪجهه سرحد صوبي کي ملي سگهي ٿو. بجليءَ جي اپت پنجاب جي ڪارخانن جي ضرورت پوري ڪندي ۽ پاڻيءَ سان پنجاب جون خشڪ زمينون آباد ٿينديون. اصل ۾ ڪالاباغ بند، واپڊا جي ان پروگرام جو حصو آهي جنهن موجب سن 2000ع تائين پنجاب جي زرعي گهرجن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.

فني جوڙجڪ

فني جوڙجڪ

ڪالاباغ بند 265 فٽ اوچو 4150 فٽ ڊگهو هوندو. ان جو مددگار بند 100 فٽ اوچو ۽ 4.900 فٽ ڊگهو هوندو. سروس اسپل وَي(spillway) 884 فٽ ڊگهي هوندي جنهن مان پاڻي لنگهڻ جي گنجائش 13 لک ڪيوسڪ هوندي. ان اسپل يا سلوس وَي جي اڏاوت مهل اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٺهندڙ ڍنڍ ۾ واري ۽ گپ گڏ نه ٿئي. ان سان گڏوگڏ ٻه مددگار اسپل وَي به ٺاهيا ويندا. انهن اسپل ويز مان 14 لک ڪيوسڪ پاڻي لنگهي سگهندو. انهن ۾ 56 دروازا هوندا، جيڪي پاڻيءَ جي وهڪري کي سنڀاليندا. هر دروازو 60 فٽ ويڪرو ۽ 18 فٽ اوچو هوندو. هيءُ بند 9.375 ملين ايڪڙ فٽ پاڻيءَ جي ڍنڍ ٺاهي سگهندو، جڏهن ته ان جي رواجي گنجائش 7.70 ملين ايڪڙ فٽ هوندي. هن رٿا ۾ 8 يونٽ، بجلي ٺاهڻ جو ڪم ڪندا جنهن مان هر هڪ 220 ميگاواٽ جي صلاحيت رکندو. ان پن بجلي گهر جي ڊيگهه 1150فٽ هوندي.

بند ڪيئن ٺهندو؟

بند ڪيئن ٺهندو؟

تجويز ڪيل ماڳ تي درياهه جي ماٿري ڪجهه ويڪري آهي، جتي بند جون ڪجهه اڏاوتون کڙيون ڪيون وينديون. درياهه جو رخ ڦيرائڻ کانسواءِ ٻه يا ٽي اسٽرڪچر تيار ٿيندا ۽ درياهه سان گڏوگڏ حفاظتي پشتا ٻڌا ويندا هڪ اندازي موجب پنجاهه هزار مزدور ڏهن سالن ۾ هيءُ بند ٻڌي وٺندا.

ابتدائي ڪم
جولاءِ 1982ع جي هڪ رپورٽ موجب بند لاءِ تجويز ٿيل ماڳ تي ڪئمپ لڳي چڪي هئي، زميني ۽ اڏاوتي تجويزن لاءِ لئبارٽريءَ جي بلڊنگ مڪمل هئي ۽ ان ۾ اوزار هنيا پئي ويا. رهائشي عمارتون تيارين ۾ هيون. بند تائين 22 فٽ ويڪرو ۽ 13 ڪلو ميٽر ڊگهو ڪچو روڊ تيار ڪيو ويو هو ۽ ان تي 12 فٽ ويڪري روڊ جي اڏاوت ٿيڻي باقي هئي. مختلف ڪمن جا ٽينڊر جاري ٿي چڪا هئا، في الحال ٻيڙين ذريعي اچ وڃ جاري هئي. هڪ اندازي موجب ڪالاباغ بند ٺاهڻ لاءِ 30 سالن ۾ هڪ ارب رپيا تحقيق، سروي ۽ ڊوڙ ڊڪ جي ڪمن تي خرچ ڪيا ويا آهن.

جبلن جي صورتحال

انجنيئرن جو چوڻ آهي ته:
* زميني لحاظ کان هيءُ هنڌ تبديلين کان محفوظ آهي. لوڻ جون کاڻيون هتان ڪافي ميل پري آهن ۽ انهن جي ڀڃ ڊاهه جو عمل بند تائين اثر انداز نه ٿيندو. هتان جو وارياسو پٿر منگلا وانگر ڪمزور هئڻ جي باوجود ان ڪري سٺو آهي جو اهو 120 فٽ گهرائيءَ تائين هموار لهي ويو آهي. ان ۾ ڪو به جوڙ يا ملاوٽ ناهي تنهن ڪري ڪنهن به دٻاءُ کي جهلڻ لاءِ مناسب آهي.
* هتان واري ڪڍڻ جو عمل جاري رکي سگهبو. درياهه ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو چڱو هئڻ ڪري مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ ذخيرو نه ڪرڻ سان فرق نه پوندو. انهن ٽن مهينن ۾ مينهوڳيءَ سبب پاڻي گدلو هوندو آهي ۽ منجهس واري به گهڻي هوندي آهي. انجنيئرن موجب جيڪڏهن ان تيز رفتار پاڻيءَ کي سلوس-وي جي ذريعي هيٺين پاسي وهايو وڃي ته ڍنڍ ۾ واري جمع نه ٿيندي. ساڳيءَ ريت ڪجهه ٻين اپائن سان هن بند جي عمر سؤ ڏيڍ سالن کان وڌيڪ ٿيندي.

پٺاڻن کي اعتراض جا سبب

پٺاڻن کي اعتراض جا سبب

ڪالاباغ بند جي تعمير سان ٺهندڙ ڍنڍ سبب ڪي خطرا محسوس ڪيا ٿا وڃن. شروع ۾ ڊزائين موجب تجويز ٿيل ڪالاباغ ڍنڍ جي مٿين سطح سمنڊ کان 925 فٽ ٿي بيٺي، جنهن ۾ 96 لک ايڪڙ فٽ پاڻي جمع ٿئي ها. هاڻي اعتراضن کانپوءِ اها سطح 915 فٽ ڪئي وئي آهي جنهن سان لڳ ڀڳ 80 لک ايڪڙ فٽ پاڻي جمع ٿيندو. ان تبديليءَ سان بجليءَ جي اپت متاثر نه ٿيندي پر آبپاشيءَ واري پروگرام کي نقصان پهتو آهي.
هوڏانهن حقيقت اها به آهي ته خود آبپاشيءَ جي عملدارن نوشهري ۾ عمارتن تي ان سطح جا نشان لڳايا، جيستائين پاڻي چڙهڻو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي واپڊا وارا وضاحتون ڪندا ٿا وتن ته نشان لڳل سطح غلط آهي ڇو ته اها اوچائي 960 فٽ آهي جڏهن ته پاڻي 915 فٽ چڙهندو.
ٻئي طرف جاگرافيائي صورتحال هيءَ آهي ته سنڌوءَ جو پاڻي اٽڪ کان ڪالاباغ تائين سوڙهي جابلو ماٿريءَ مان لنگهي ٿو. هن ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪابل نديءَ جو پاڻي به اچي شامل ٿئي ٿو. اها سوڙهي ماٿري 28 آگسٽ 1929ع تي هڪ خوفناڪ ٻوڏ جو سبب بڻجي وئي. ٿيو ڇا ته ان سال سنڌو درياهه 12 لک ڪيو سڪ پاڻي کڻي گجندو اچي پهتو. سوڙهي ماٿريءَ مان ايترو پاڻي لنگهڻ جي گنجائش ڪونه هئي. پاڻي پوئتي بيهجي ويو. پاڻيءَ جي سطح وڌڻ ڪري ڪابل نديءَ جو پاڻي سنڌوءَ ۾ لهي نه پيو سگهي. نتيجي ۾ ان جي سطح به وڌي وئي ۽ نوشهري سميت وڌيڪ اوچاين وارا علائقا به بدترين ٻوڏ هيٺ اچي ويا.
ان تجربي سبب پٺاڻن ۽ ڪابل ماٿريءَ ۾ رهندڙ ٻين قومن کي خطرو آهي ته ڪالاباغ بند ٺهڻ سان سندن وسيع علائقا ڍنڍ ۾ ٻڏي ويندا ۽ ڪالاباغ ڍنڍ سبب پاڻي ايترو چڙهي ايندو جو نوشهرو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو. کين اهو به ڊپ آهي ته جيڪڏهن وري 1929ع جهڙي ٻوڏ آئي ته پوءِ نوشهري سميت ڪيئي ننڍن ننڍن شهرن جو نالو نشان ميسارجي ويندو. رستا، پلون ۽ ريلوي لائن به پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿيون.
کين اهو به خطرو آهي ته ڪوهاٽ، پشاور ۽ مردان جون سايون ماٿريون سم ۽ ڪلر جو شڪار ٿي وينديون. ان سلسلي ۾ مردان جي علائقي ۾ اڳ ئي سم پکڙيل آهي، جنهن کي سم نالين ذريعي منهن ڏنو پيو وڃي. ڪالاباغ ڍنڍ ٺهڻ کانپوءِ سم ناليون به بيڪار ٿي وينديون.
مورڙو ۽ نوري ٻيڙيون جڏهن ڪالاباغ وارن جبلن جي آخري لنگهه مان گذري رهيون هيون تڏهن سج لهي چڪو هو. جابلو لنگهه جي ٻنهي ڇيڙن تي اُتانهان جبل ڪنهن وڏي قلعي جي تمام وڏن برجن وانگر بيٺا هئا. سنڌو، ٻنهي برجن جي وچ مان شاهي در ٽپي قلعي مان ٻاهر نڪري پکڙجي وئي. هيءَ جناح بئراج واري پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي.
ٻيڙيون جبلن جي شاهي در مان ائين نڪتيون جيئن ننڍڙا ڪک ڪنهن سوڙهي وهڪري مان نڪري وڏي تلاءَ ۾ اچي پون. درياهه جو پاڻي جناح بئراج جي جيل ۾ بند ٿي ويو هو. درياهه جي پيٽ ۾ ڪالاباغ شهر جون بتيون ٽمڪا ڏيئي رهيون هيون. شهر بالڪل ڪنڌيءَ تي هو. طوطي خان جناح بئراج جي لڳ ساڄي ڪناري تي هڪ ڀرپور نگاهه وڌي ۽ هڪ هنڌان ٽارچ جي ٻرندڙ وسامندڙ اشاري ڏانهن ٻيڙيون موڙڻ جو اشارو ڏنو. هيءُ خالد سمون هو. جيڪو خشڪي واري واٽ سان جيپ ۽ ڊاٽسن پڪ اپ سان هو. ٻيڙي ڪناري کي ويجهي ٿي ته طوطي خان ٻيڙيءَ جي رسي اڇلائي خالد کي ڏني. خالد رسي ڇڪي ٻيڙيءَ کي ڪناري لاتو.
سڀ ٻيڙياتا پاڻيءَ ۾ پُسي آلا ٿي چڪا هئا. هڪ ڇوليون، مٿان مينهن ۽ ٽيون ٿڌين هوائن جا گهوگهٽ. آلا بت سيءَ کان ڪنبڻ لڳا هئا. اڄوڪو ڏينهن ڏاڍو ٿڪائيندڙ هو. اها وڏي آٿت جي ڳالهه هئي ته اڄ رات اسان ڪالاباغ جي هڪ ريسٽ هائوس جي وڏي هال ۾ ترسنداسون جتي ٿڌين هوائن کان بچاءُ هوندو.
منزل تي پهتاسون ته بک ۽ ٿَڪ جو احساس ٿيو. سڀني همراهن، آلا ڪپڙا مٽائي سُڪا پاتا ۽ مختصر ڌوٻي گهاٽ هڻي ڪپڙا سڪڻا وڌا. خالد سمون ”بگو تتر“ ۽ نان وٺي آيو. چانهه جو دور ٿيو. محمد علي ۽ ڪريم ميمڻ ڪئمرائن جي سنڀال ۾ لڳي ويا. اسان طوطي خان جو پاسو ورتو، جيڪو نازڪ ٻيڙين کي وڏي مهارت سان جبلن جي مرحلن مان ڪڍي آيو هو. اٽڪ کان ڪالاباغ 150- ڪلو ميٽر آهي. سمنڊ جي ڇوڙ تائين اڃا 1600 ڪلوميٽر باقي آهن. ڪالاباغ شهر وٽان سنڌوءَ جو منظر شاعراڻو آهي. هونئن به ڪالاباغ جي جبلن کان جند ڇڏائڻ بعد سنڌوءَ جي پيشانيءَ تي دائمي اطمينان جي پهرين جهلڪ هتي ئي ڏسي سگهجي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جناح بئراج سنڌوءَ کي سوگهو ٻڌي ڇڏي ٿو. ۽ ڪئنال ۾ پاڻي وهائي سنڌوءَ جي سگهه ٽوڙي ٿو. ڪالاباغ وٽ سنڌوءَ جو پاڻي گهرو ۽ سانتيڪو آهي. اسان کي پاڻي شفاف مليو، شايد اونهاري ۾ صورتحال مختلف هجي. هتي سنڌوءَ جي ڪشادي پاڻيءَ ۾ جبلن جو عڪس تري ٿو، آسمان تڙڳي ٿو. روشنيون ٽمڪن ٿيون ۽ ڪناري تي ٻڌل شهر جا هلڪا هلڪا آواز پاڻي جي سطح تي ترڪي ٻڏي وڃن ٿا.

ڪالاباغ شهر

ڪالاباغ شهر

آچر-5 نومبر 1989ع
اسان نئين ڏينهن جي آجيان صبح سوير ڪئي. سج اڀرڻ مهل اسان جيپ ۾ هئاسون. جيپ ڪالاباغ شهر جي سرڪاري عمارتن کان ٿيندي، ننڍڙي چؤواٽي تي بيٺي. چؤواٽي کان درياهه جي ڪنڌي پري ڪونه هئي. شهر اڃا ننڊاکڙو هو. ڪو ڪو دڪان کليل هو. چانهه وارو ، سِيري پُوريءَ جو دڪان، کير وارو، حجم يا اهڙو ڪو ٻيو دڪان. شهر کُلڻ ۾ گهڻي دير ڪونه هئي. ننڍا شهر پورهيت ماڻهن وانگر جلد جاڳندا آهن، ڇو ته ٻهراڙين جا ماڻهو ساجهر اچي ساجهر ئي موٽي ويندا آهن.
”توهان ناشتو پاڻي ڪري وٺو تيسين شهر کُلي ويندو!“ ڪالاباغ جي هڪ نوجوان پُڇا تي اسان جي رهنمائي ڪئي. سامهون چانهه ۽ پراٺي جو بندوبست هو. محمد علي قادري ۽ ڪريم ميمڻ پنهنجن هٿيارن ۽ بندوقن (ڪريم پنهنجين ڪئمرائن کي بندوقون چوندو آهي) کي سنڀالي شڪار تي ٻيلي ۾ (شهر ۾) گهڙي ويا. ننڍڙن شهرن ۾ ڪا نئين ڳالهه جهنگ ۾ باهه وانگر پکڙجندي آهي. اسان هڪ جهوني مندر جي آڏو اچي بيٺاسون ته پنج ڇهه مقامي ماڻهو وڪوڙي ويا. محمد علي ۽ ڪريم ميمڻ جي پويان به ننڍڙو لشڪر هلي رهيو هو. عام ماڻهن جو تاثر هئو ته اسان ٽيلي وزن وارا آهيون، گهڻن کي شڪ هو ته هيءَ ٽيم ڪنهن ڳجهي ڪم تي نڪتل ٽيم آهي. ماڻهن جو ميڙ ڏسي اسان پڇيو،
”هيءُ ڪنهن جو مندر آهي؟“
”هندن جو“ هڪ همراهه جواب ڏنو.
مندر جي عمارت ٻڌايو پئي ته اهو شوالو هو، پر اسان ٻاراڻا سوال ضرور پڇندا آهيون، ان ريت عام ماڻهو به تعاون ڪرڻ لڳندو آهي.
”ڀلا هتي ڪي ٻيا به مندر آهن؟“
”اڳي گهڻا هئا، هاڻي ٿورا بچيا آهن.“
”ڊهي ويا ڇا؟“
”نه سڀ ته ڪونه ڊٺا آهن، ڪافي مندرن تي قبضا ٿي ويا آهن.“
”مندر ڪٿي ڪٿي آهن؟“
”نِڪالا والا پتڻ جي ڀرسان کنڊا رام سراءِ آهي، ان کي اسان رام سرن چوندا آهيون. اتي هڪ مڪان آهي، ڌرم شالا آهي، اتي هاڻي ڇوڪرين جو اسڪول آهي. ڪالاباغ کان رستو نڪري ٿو شيخوپورهه پشاور وارو ... ان رستي تي سراءِ لاءِ هڪ جاءِ ٺهيل آهي، هتي مسافر ترسندا آهن، اها جاءِ هڪ هندو ٺهرائي هئي، اتي پاڻيءَ جو کوهه به آهي، اتي هڪ پراڻي عمارت هئي، هاڻي نئين ٺهرائي وئي آهي. ان کي کنڊا رام سراءِ چون ٿا. هتي مندر ڪونهي.“
”ٻيو؟“
”ٻيو هتي هڪ چ‍وڪ ”پير ڇوٽا“ وٽ هندن جو هڪ مندر آهي، اهو اڃا بيٺو آهي- توهان تنگ بازار وڃو؛ اتي هندن جون جايون آهن، اهي ڏسو بازار ڏسو.“ همراهه اسان جي رهنمائي ڪئي.
تنگ بازار هڪ ننڍڙي مارڪيٽ آهي، جنهن ۾ دڪان ۽ گهٽيون آهن، هتي هندن جي زماني جو هڪ پتڻ به آهي. اسان پنهنجي معلومات لاءِ نوٽس جمع ڪندا پئي وياسين ته هڪ همراهه شڪجي پيو. خبر ناهي ته سرڪاري هو يا غير سرڪاري، ”توهان ڪير آهيو ... مندرن جي پڇا ڇو ٿا ڪيو؟“
ماڻهو پاڻ کي پنجابي سڏين ٿا پر سندن ٻولي ٿوري مختلف آهي. ان کي ڪالاباغ جي خاص ٻولي چئي سگهجي ٿو، جنهن تي هندڪو جو اثر آهي. مون هڪڙي ماڻهوءَ کان پڇيو.
”توهان جي ٻولي پنجابي آهي؟“
”نه پوٺواري آهي!“ ڪالاباغيءَ چيو پر اسان سان ٽيم ۾ شامل هڪ پوٺواري چيو، ”نه هيءَ پوٺواريءَ کان مختلف آهي. اصل پوٺواري اڃا ٻي آهي. هتان جو لهجو ميانواليءَ کي ويجهو آهي.“
”اسان پنهنجي ٻوليءَ کي بروچي يا بلوچي چئون.“ هڪ ڪالاباغي نوجوان وچ ۾ چيو. پوءِ هن پنهنجي ٻوليءَ جا ٻه جملا ڳالهايا:
”آج جُلان هان اسان درياهه تي ... درياهه ديکڻا!“ ...”اها بروچي زبان آهي ڪالاباغ جي خاص زبان، خود ميانوالي واري به جهٽ سمجهي ويندا آهن ته هي ڪالاباغ واري پاسي جا ماڻهو آهن. ٿَل يا ميانواليءَ جا ماڻهو چوندا.”ڪيڏي پيا ويندا هئه؟ اسان چوندا آهيون،“ ڪٿي ويندا اي؟“
تاريخ پاڪستان - قديم دور جو ليکڪ يحيٰ احمد لکي ٿو ته (صفحو 388) ”ميانوالي پنجاب جو سڀ کان گهٽ آباديءَ وارو ضلعو آهي، پر ان ۾ هڪ ڊزن کان وڌيڪ ٻوليون آهن، جن جو پاڻت ۾ فرق آهي. ڪالاباغ ۽ ماڙي انڊس جي ٻوليءَ دائود خيل، پائي خيل ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کان مختلف آهي ۽ پوءِ اڳتي ميانواليءَ جي ٻولي ٻنهي کان مختلف آهي. وري ڪنديان ۾ وڌيڪ فرق آهي. ڪلُور ڪوٽ ۾ اهو فرق وڌي وڃي ٿو. وان بڇران جي ٻولي پنهنجي آهي - هوڏانهن اتراد ۽ سوانس ڳوٺن جون ٻوليون بالڪل ئي جدا لهجو رکن ٿيون، موسيِٰ خيل ۽ وڙڇا ۾ لهجو ٻئي نموني جو آهي ... جيتوڻيڪ اها سڀ لهندي ٻولي آهي پر ان ۾ فرق آهي. اهو فرق قبائلي بنياد تي نه پر علائقائي بنيادن تي آهي. هڪ ئي قبيلو هڪ علائقي ۾ هڪ ٻولي ڳالهائي ٿو ته ٻئي علائقي ۾ ٻي.“ يحيٰ امجد جو خيال آهي ته ان فرق جا سبب تمام قديم يعني پٿري دور کان محسوس ڪري سگهجن ٿا. ائين ڇو؟ جي جواب ۾ سندس دليل آهي ته مٿيان علائقا نئين زماني جي تڪڙي ملاوٽ ۽ ڦيٽاري کان بچيل آهن ۽ صنعتي دور تبديليون نه آنديون آهن ان ڪري انهن ٻولين مان ماضيءَ جي رهڻي ڪهڻي جهلڪي ٿي.
هتي جيڪي مندر ختم ٿي ويا آهن، انهن تي بنگلا ٺهي ويا آهن، اسڪول ٺهيا آهن. هندن جا نشان ختم ٿيندا پيا وڃن. البت ماڻهن درياهه جي هن پار جبل ڏانهن بار بار اشارو ڪري پئي ٻڌايو ته اتي هندن جو هڪ مندر آهي، جيڪو ضرور ڏسجو. اتي ماڙي شهر هو جيڪو خاص هندن جو هو هتي هڪ ڦٽل قلعي جا نشان به آهن جنهن کي ”راجه والا برج“ چون ٿا.
هڪ بينڪ آفيسر ٻڌائي ٿو، ”ماڙي جي کنڊرن مان ٺڪراٽو ملي ٿو. کنڊر ماڙيءَ کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهن ... هتي ٻيون به گهڻيون شيون آهن، هتي تلاءَ آهن، بابر بادشاهه به هتان لنگهيو آهي، هتان پنج ميل اتر ۾ هڪ ٻيو قلعو آهي جتان سڪا به ملن ٿا. پر تعليم نه هئڻ ڪري ڪنهن کي احساس ڪونهي ... سرڪار به هتي ڪا تحقيق نٿي ڪرائي!“ بينڪ آفيسر جي لهجي ۾ درد هو، بالڪل اهڙو درد جيڪو سنڌ جي ماڻهن ۾ هوندو آهي. هن يار کي به اها ساڳي شڪايت هئي ته قديم آثارن تي تحقيق کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري علائقو سياحن لاءِ نه کليو آهي.
”ڊنگوٽ واري جبل تي به ڪالاباغ جا نشان هنيا ويا هئا پر 1976ع واري وڏي ٻوڏ ۾ جبل کسڪي ويو هو. ان ڪري هن جاءِ کي رد ڪري ڇڏيائون.“ هجوم مان هڪ ماڻهو ڳالهايو، ”جبل ۾ ڏار پئجي ويا هئا ان صورتحال کي ڏسي ڪالاباغ بند جو منصوبو هاڻي پير هائي وٽ منتقل ڪيو اٿائون.“
”اصل ۾ هي شهر ٻه اڍائي سؤ سال اڳ آباد ٿيو. هتي سکن واري وقت ۾ ڊنگوٽ کان اچي ماڻهو آباد ٿيا. ڊنگوٽ اها کنڊرن واري جاءِ آهي جتي تلاءُ به آهي. اتي ڀڳل ٽٽل ٿانءَ به ملن ٿا.“ بينڪ آفيسر چيو، جيڪو ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ گهران نڪتو هو پر هاڻي حال احوال ۾ بيهي رهيو هو.
”اوڏانهن وڃي سگهجي ٿو؟“
”ڇو نه؟ توهان ٻيڙين ۾ واپس مٿي وڃو ڏيڍ ڪلاڪ کن وڃڻ ۾ لڳندو ۽ موٽ ۾ هڪ ڪلاڪ لڳندو. جيپ جو رستو ڪونهي، ملاحن کي سڀ خبر آهي.“ بينڪ عملدار ٻڌايو. شايد هيءُ اهو ئي ڪافر ڪوٽ آهي جنهن بابت طوطي خان ٻڌايو هو.
”ڊنگوٽ ماڙيءَ کان ايترو پري آهي جيترو هتان کان ماڙي، جيڪڏهن توهان پنڌ وڃو ته ڪلاڪ لڳندو پر اهو ڏاڍو ڏکيو آهي، توهان کي رستو نه ملندو، کنڊر مٿي جبل تي آهن.“ هڪ دڪاندار چيو. هيءُ دڪاندار چار پنج سال ڪائونسلر رهي چڪو آهي ۽ هاڻي تحريڪ اهلسنت جو صدر آهي. هن ٻڌايو ته هتي توهان کي ڪو به نوجوان يا پوڙهو نه ملندو جنهن کي قديم آثارن سان ٿوري گهڻي دلچسپي هجي. حڪومت جي سرپرستيءَ کانسواءِ ڇا ٿو ٿي سگهي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سرڪار ٿورڙي به دلچسپي ظاهر ڪري ته ڊهندڙ آثارن کي بچائڻ ممڪن آهي.
”ڇو ممڪن ناهي؟ اسان پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي ترقياتي ڪم ڪيا“ اڳوڻي ڪائونسلر بنا پڇڻ جي پنهنجيون ڪاميابيون ڳڻائڻ شروع ڪيون. ”اسان هڪ لک چوئيتاليهه هزار رپين ۾ سامهون واري اسڪول ۾ هڪ ڪلاس ٺهرايو، اسان ٻن سالن جو منصوبو ٺهرايو، اسان پاڻ ڊرينيج پيا ٺاهيون ... حڪومت اسان کي ڪا گرانٽ نه ڏني ... مغل حڪومت کانپوءِ ڪنهن به حڪومت هن علائقي تي ڌيان نه ڏنو آهي.“ اڳوڻي ڪائونسلر جو آواز ٿورو اُوچو ٿي ويو هو. ”هتي تمام گهڻا مسئلا آهن، تعليم هجي ته دلچسپي به پيدا ٿيندي آهي. اڳي هتي علم گهٽ هو، هيءُ سامهون بيٺل نوجوان تعليم يافته آهي، کيس پنهنجي وطن سان محبت به آهي ... هيءُ نوجوان اڳتي هلي ڪم سنڀالي سگهن ٿا پر سندن رهنمائي ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي. وسيلا ڪونهن. ماڻهو جدوجهد ڪري ڪري ٿڪجي ٿا پون.“ ڪائونسلر جي ڳالهه درست هئي.
”هيءُ ڪنهن جو گهر آهي؟“ مون هڪ نئين عمارت ڏانهن اشارو ڪري اڳوڻي ڪائونسلر کان پڇيو.
”اهو هڪ مندر هو ۽ هُو وڻ وٽ هڪ ٻيو مندر هو، هاڻي گهر ۽ هاءِ اسڪول ٺهي ويا آهن. اصل ۾ هي اڳي هندن جو علائقو هو ان ڪري هاڻي توهان کي مندر ۽ مسجدون گڏوگڏ ملندا. هيءُ وڏو مندر هو ۽ هُو ننڍو مندر 66-1965ع ۾ ۽ ٻيو 56-1955ع ۾ ڊٺو.“ ڪائونسلر مندرن جي تاريخ مختصر ڪري ٻڌائي.
”سامهون (درياهه جي اڀرندي ڪپ تي) واري جبل جو نالو پراڻي ماڙيءَ وارو جبل آهي. ان جبل تي بجليءَ جون تارون لڳل آهن، جتان اسان پراڻي ماڙي لوڻ پهچائيندا هئاسون. ان جي بالڪل سامهون مندر بيٺو آهي. او ... هتي جيڪي مينار پيا ڏسجن اتي رڳو جايون ئي جايون ٺهيل آهن. هندن پنهنجي حفاظت لاءِ پنهنجا گهر مٿي جبل تي ٺاهيا هئا. انهن کنڊرن جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي.“ اڳوڻي ڪائونسلر ماڙيءَ بابت ابتدائي اطلاع ڏنا.
ماڙي انڊس تي هڪ هنڌ ٻه قديم مندر آهن، جن کي ماڻيڪوٽ يا ماڻڪ ڪوٽ به سڏين ٿا. شايد ان ڪري ته اهي مندر ماڻڪن ۽ هيرن جواهرن سان سينگاريل هئا. ميانوالي گزيٽئر (1915ع) موجب هتان هيرا لڌا ويا هئا. مقامي ماڻهو ان کي ڪافر ڪوٽ به سڏين ٿا. ائين ٿو لڳي ته اڳي اهي کنڊر پري پري تائين هئا، جبل جي اتاهين هنڌ تي وڏو قلعو يا محل ٺهيل هوندو. ڪنهن ڪنهن هنڌ ڀڳل ٽٽل ديوارن جا نشان اڃا به آهن جن تي سهڻي اُڪر ٿيل هئي. اڄ ڪلهه فقط ٻه مندر آهن جن تي ڏاڍي سهڻي اُڪر ٿيل آهي.
وڏو مندر هاڻي ٻڍڙو ٿي هڪ طرف جهڪي پيو آهي، عمر جون آخري گهڙيون اٿس. هڪ ٻه ارضياتي جهٽڪا ليٽائي پٽ ڪري ڇڏيندس. ٻنهي مندرن جي اڏاوت بابت هڪ راءِ اها به آهي ته اهي ٻڌڪي طرز تي ٺهيل آهي. عمارتن کي جتي جاگرافيائي حالتن نڍال ڪيو آهي، اتي مقامي ماڻهن به وسان نه گهٽايو آهي. جڏهن جڏهن کين موقعو مليو آهي انهن عمارتن کي غيرمسلم عبادت گاهه سمجهي نقصان پهچايو آهي. بهرحال، ان مسئلي تي اڃا اتفاق راءِ نه آهي ته اهي مندر بنيادي طور تي ڪهڙي مذهب وارن جا هئا؟ هندو، ٻُڌ يا جين؟
”ڪالاباغ ۾ هندن جي گهرن تي نوابن قبضو ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي اڃا تائين وڪڻي رهيا آهن. پاڻ هاڻي جنهن جاءِ تي بيٺا آهيون ان جي بالڪل سامهون ’رام سرڻ‘ جو گهر هو، جيڪا هندن جي جاءِ هئي. توهان کان ٻه سال اڳ هتي بي بي سيءَ جي هڪ ٽيم آئي هئي، ان نقشا به ٺاهيا هئا.“ ڪائونسلر ڪالاباغ جي نوابن جا احوال ڏيڻ شروع ڪيا. ”توهان جيڪڏهن ڏهه سال اڳ اچو ها ته توهان کي ڪو درياهه به نه ڏيکاري ها، نه وري ڪو گهر ۽ مندر ڏيکاري ها ۽ نه توهان هن طرح ڳالهائي سگهو ها. ڇو ته هتي نوابن جي بادشاهي هئي، انهن جو رواج هو. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ائين ڳالهائي ها ته نواب جا ماڻهو ان کي پڪڙي وڃن ها ... اها 1977ع وارين چونڊن جي ڳالهه آهي ته نواب جي ماڻهن ٽن ماڻهن کي جهليو هو، اهي اڄ ڏينهن تائين گم آهن، ڪو به اتو پتو ناهي، جيتوڻيڪ حڪومت کي ڪيئي درخواستون ڏنيون ويون، ڪيئي بيان ڏنا ويا پر حڪومت ڪو به ڌيان نه ڏنو.“ اڳوڻو ڪائونسلر ٻڌائيندو رهيو.
”اڃا ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته بني افغان ۾ نواب ملڪ مظفر هڪ ماڻهوءَ کي گولي هڻي خون ڪري ڇڏيو ته حڪومت ڪجهه به نه ڪيو، حالانڪه هن جي خلاف ڪيس داخل ٿيا، ناڪي بنديون ٿيون پر ڪجهه به نه ٿيو.“ ڪائونسلر وٽ اڃا به گهڻيون ڳالهيون هيون. اصل ۾ هتان جي هڪ هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ نواب خاندان جي خلاف نفرت ۽ ڪاوڙ جو وڏو اوڙاهه آهي. ماڻهو انهن جاين جا تفصيل ٻڌائين ٿا جيڪي نوابن کانئن ڦريون، اهي جٺيون ٻڌائن ٿا جيڪي نوابن عوام سان ڪيون، انهن قيدخانن ۽ اذيت گهرن جو ذڪر ڪن ٿا جيڪي نوابن قائم ڪيا. مون کي ائين لڳو ته 1979ع کان اڳ ڪالاباغ جا ماڻهو نازين جي ٽارچر ڪئمپ جهڙي حالت ۾ هئا، جنهن ۾ ماڻهو فقط ڦٿڪي، لڇي، بي عزت ٿي ۽ مري سگهيا ٿي پر ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي نه ٿي سگهيا هيءُ ايوب خان جي بنيادي جمهوريت جو ڪهڙو نه اگهاڙو مثال آهي، جيڪو ايوب خان کانپوءِ به سالن جا سال باقي رهيو.
1979ع کي وقت گذري ويو آهي، ”نواب ڪالاباغ“ امير محمد خان جو دور ختم ٿي چڪو آهي، ماڻهو نواب ڪالاباغ جي ظلمن خلاف ڳالهائين ٿا پر ماحول ۾ خوف اڃا جاري آهي، ماڻهو اڃا به سرٻاٽن ۾ ڳالهائين ٿا. نئين نواب جا جاسوس اڃا به ڦِرن ٿا، اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي 1978ع کان اڳيون دور موٽي نه ايندو.
اسان شهر گهمڻ نڪري وياسون. شهر کلي چڪو هو. ٻهراڙين جا ماڻهو پاڻ سان هڙهون ٻڌي کڻي آيا هئا. شهر ۾ ماڻهن سان گڏ مال به گهمي رهيو هو. جبل تي اڏيل گهر ڪالاباغ کي ڳتيل شهر ثابت ڪرڻ لاءِ زور هڻي رهيا هئا ۽ انهن گهرن جي مٿان ڪالاباغ جو گلابي جبل ڪَر کڻي سج جا ڪرڻا ڇاتيءَ تي جهٽي رهيو هو. هيءُ لوڻ جو جبل هو، جنهن تي گهر ۽ دڪان اڏيل هئا، جنهن تي ڪالاباغ جي عورتن ڇيڻا ٿڦيا هئا ۽ جنهن جي پٿر (لوڻ جي ڳنڍن) مان مقامي فنڪار روايتي ٿانءَ گهڙي وڪڻي رهيا هئا. اهي ٿانءَ رڌپچاءُ يا ماني کائڻ جي ڪم جا ڪونه آهن. انهن کي گهريلو هنر ۽ سجاوٽ جي سامان ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. مقامي هنرمند لوڻ جي انهن ڳنڍن تي کوٽڻين سان اڪر ڪن ٿا ۽ واڍي وانگر جنڊيءَ تي گهڙي گول ڪن ٿا. اهي گلدستا، ايش ٽري، پليٽون وغيره ڏسڻ وٽان آهن. جاين تي ڪاٺ اُڪر جو ڪم به شاندار آهي.
گهڻن ماڻهن جو پيشو لوهارڪو هو، تغاريون، ڪوڏرون ۽ اهڙا ٻيا بنيادي اسم. هتان جي ماڻهن تغاريءَ کي سنڌين وانگر تغاري ٿي چيو.
ڪالاباغ جو شهر به مکڊ وانگر قديم شڪارپور جهڙو آهي. ڪا ڪا عمارت نئين دور جي، نه ته گهڻو ڪري سڀ پاڪستان کان اڳ جون ٺهيل هيون، شايد ان ڪري ته غربت گهڻي آهي ۽ ٻيو اهو ته ماڻهن جي لڏپلاڻ ڪالاباغ ڏانهن گهٽ ۽ ڪالاباغ کان ٻاهر وڌيڪ آهي. شهر جون گهٽيون سوڙهيون، بازارون تنگ، اڪثر گهٽين ۾ اونداهي محسوس ٿئي ٿي. هر گهٽيءَ ۾ ور وڪڙ، لاهيو ن چاڙهيون ۽ ڪاٺ جون اڏاوتون جام آهن. مٽيءَ جو گارو به چڱو استعمال ٿيل هو. ائين ٿو لڳي ته ڪالاباغ ۾ ”ڪاٺ جو دور“ آيل هو. شهر جون اڪثر اڏاوتون سؤ سوا سالن جون محسوس ٿين ٿيون.
لوهار بازار ۾ پورهيت پنهنجي ڪم کي لڳي ويا هئا. چؤطرف رڪ ڪٽجڻ جا آواز ۽ پڙاڏا ٿي گونجيا. سانداڻيون سهڪيون ٿي ۽ لوهارن جي جسمن مان پگهر ڦڙا ڦڙا ٿي ٽمڪيو ٿي. بازار گهڻي وڏي نه سهي پر ڪم سٺو هو. ڪريم ميمڻ ۽ محمد علي ڪالاباغ جا منظر فلمبند ڪندا ڪنهن گهٽي ۾ گم ٿي ويا. اهڙي ئي هڪ گهٽي ۾ مان ۽ انور وڃي نڪتاسون. هن گهٽيءَ ۾ فقط گهر هئا.
هر گهر جي دروازي تي هڪ مضبوط تالو هو. هيءُ ڪي ٻه چار گهر نه هئا، سڄو پاڙو هو، مکيه گهٽي ۽ ان سان ڳنڍيل ننڍيون گهٽيون سڀ ويران هيون. سڀني گهرن کي تالا هئا، فقط ڪنهن ڪنهن گهر ۾ هڪ ٻڍڙو يا جوان موجود هو. اسان ڀانيو ته نوابن جي ظلم کان ڪڪ اچي هن پاڙي جا ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄي ويا آهن. هيءُ منظر بالڪل ائين هو جيئن ناني پوڙهيءَ جي آکاڻين ۾ هوندو آهي. نانيون ٻڌائينديون آهن ”پوءِ اُڀا خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو هڪ راڪاس اچي شهر تي هريو. روزانو شهر ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ ٻه چار ماڻهو کائي هليو ويندو هو. پوءِ ماڻهو ڊپ ۾ شهر ڇڏي ٻي بادشاهيءَ ۾ هليا ويا.“
”هن شهر کي ڇا ٿيو آهي؟ ماڻهو ڪيڏانهن ويا؟“ مون عطا محمد کان پڇيو جيڪو ’نواءِ وقت‘ اخبار جو نمائندو هو.
سڀ ماڻهو ڪراچي هليا ويا آهن، پوئتي ڪو هڪ اڌ ماڻهو گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيو اٿائون!“ عطا محمد وراڻيو.
”ڇو لڏي ويا آهن؟“
”ڪمائڻ!“ عطا محمد جواب ڏنو.
ڪالاباغ جي هڪ سڄي پاڙي جو مثال ڏسڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ آباديءَ جي ڇهه سيڪڙو سالياني واڌ جو سبب سمجهه ۾ اچي ٿو. خبر ناهي ته پنجاب ۽ سرحد مان هر سال ڪيترا پاڙا لڏي ڪراچيءَ جي شهر ۾ شامل ٿيندا پيا وڃن. مان ڪالاباغ جي هن پاڙي ۾ بيهي اهو سوچيان ٿو ته، آخر ڪراچيءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ لساني ۽ نسلي ويڙهه جو انت ڇا ٿيندو ۽ سنڌ تي پوندڙ معاشي ۽ آبادي جو دٻاءُ ڪهڙا ڪهڙا بحران پيدا ڪندو؟
ڪالاباغ جو قديم نالو ”قلعه بوغ“ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي مفرور ماڻهن جو قلعو. هڪ مقامي نوجوان جو چوڻ هو ته بنون وزيرستان جا وزيري ماڻهو هتي ايندا هئا. اهي ماڻهو ٻيڙين رستي درياهه ٽپي ڦرلٽ ڪري، هن قلعي ۾ اچي لڪي ويهندا هئا. هاڻي هن شهر ۾ پنجويهه ٽيهه هزار ماڻهو رهن ٿا. ڪالاباغ ٽائون ڪميٽي آهي. معدنيات جي اعتبار کان ڪالاباغ لوڻ کان پوءِ ڪوئلي، ڪرومائيٽ ۽ جپسم ۾ شاهوڪار آهي.

جناح بئراج

جناح بئراج

جناح بئراج 1947ع ۾ ٺهي. ڪالاباغ جي جابلو سلسلي جي توڙ کانپوءِ آزاد سنڌوءَ تي هيءَ پهرين ڇاٻ آهي، جنهن سنڌوءَ کي نستو ڪري ڇڏيو آهي. جناح بئراج کان اتر پاسي سنڌو ندي، سمنڊ وانگر اٿاهه آهي پر هيٺانهينءَ طرف سنڌوءَ جو منظر ڏسي دل اداس ٿي وئي. ساڳيو ڄامشوري وارو منظر هو ... درياهه جي پيٽ ۾ سڪي ٻيلاٽيون ٿيل سنڌو، جنهن جي هڪ پاسي کان سنڌوءَ جو وهڪرو ڦليليءَ کان ڪجهه وڏو هو.
هتي درياهه جي ساڄي توڙي کاٻي ڪپ تي ميانوالي ضلعو آهي. ڏٺو وڃي ته ضلعن ۽ صوبن جي هيءَ ورڇ ڪجهه عجيب لڳي ٿي. ميانوالي پنجاب جو ضلعو آهي ٻئي طرف اٽڪ کان هيٺ ڪروڙ شريف (ضلعو ليهّ پنجاب) تائين سنڌوءَ جو وهڪرو صوبي سرحد ۽ پنجاب جي سرحد آهي. ڪروڙ شهر کانپوءِ سنڌوءَ جي اولهه ۾ ضلعو ديرو غازي خان ۽ اوڀر ۾ ضلعو ليهّ آهي، جيڪي ٻئي پنجاب جو حصو آهن. پر عجيب ڳالهه اها آهي ته ڪالاباغ کان خرم نديءَ جي ڇوڙ تائين جبل جي ڪڇ وارو، اڌ گول جهڙو ٽڪرو جيڪو سنڌوءَ جي اولهه ۾ آهي، پنجاب جي حدن ۾ شامل آهي.
جناح بئراج مان چار ڪئنال نڪرن ٿا. ڪئنالن جا نالا ناهن انهن کي ڪئنال نمبر -1، ڪئنال نمبر-2، ڪئنال نمبر-3 ۽ ڪئنال نمبر-4 ڪري سڏين ٿا. هتي بئراج جي سمجهاڻي لاءِ لڳل بورڊ تي لکيل آهي ”گريٽر ٿل اسڪيم“. جناح بئراج کان اڳتي چشمه بئراج آهي، جيڪو پڻ ساڳي اسڪيم جو حصو آهي. ان مان به ڪئنال نڪرن ٿا.
”مون کي صادق جعفريءَ ٻڌايو هو ته، گريٽرٿل اسڪيم ۾ پنجاب جي فوجي جنرلن ۽ جاگيردارن 50 لک ايڪڙ زمين ورتي آهي ۽ انهن زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ بند ٺاهين ٿا.“ انور پيرزادي، جناح بئراج تي رکيل ماڊل تي نظر وجهي هڪ صحافي دوست جي حوالي سان چيو.
ٿل (Thal) پنجاب جو اهو وارياسو علائقو آهي، جيڪو ميانوالي شهر جي ڏکڻ کان شروع ٿي، ضلعي مظفر ڳڙهه جي شهر خان ڳڙهه وٽ ختم ٿئي ٿو. ٿل جون اوڀر ۾ حدون جهلم نديءَ جي وهڪري سان گڏوگڏ جوهر آباد کان خان ڳڙهه تائين پکڙيل آهن. صحرا جو ٻيو پاسو سنڌونديءَ جي اولهه ۾ ديري غازي خان کان راڄڻ پور جي حدن ۾ ٽڪرن ٽڪرن ۾ آهي. هوڏانهن ديري اسماعيل خان ضلعي کي سرحد صوبي جو ”ڪاڇو“ چئي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ ان علائقي ۾ ڪجهه نهري نظام آهي پر مجموعي طور تي اهو علائقو به اُڃايل آهي.
ٿل صحرا اصل ۾ ڪا جدا شيءِ ناهي. ڏٺو وڃي ته اهو ان وڏي صحرا جو حصو آهي، جيڪو ميانوالي کان وٺي سنڌ جي ڏکڻ تائين ۽ هندستان ۾ راجستان تائين پکڙيل آهي، پر پنجاب جي پنجن درياهن ۽ سنڌوءَ ليٽي پيٽي پاڻ سان آندل لٽ سان پنجاب جو هيڪاندو حصو زرخير ۽ آباد علائقي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان راءِ جي تصديق پنجاب جي زرخير پٽن ۾ ڪٿي ڪٿي موجود ريگستاني علائقا ڪن ٿا، جيڪي خانيوال جي ڏکڻ، رڪن پور جي اتر ۽ ڀرپاسي ۾ آهن. ان وڏي صحرا جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ ۽ جهلم جي وچ ۾ ان جو نالو ٿل آهي، بهاولپور ۽ رحيم يار خان وٽ اهو چولستان آهي، خيرپور طرف اهو نارو ٿر آهي، خيرپور ۽ ان جي ڏکڻ ۾ اهو اڇڙو ٿر آهي، سنڌ جي اوڀر ڏکڻ ۾ ٿر ۽ ڀارت ۾ راجستان سڏيو وڃي ٿو.
سو، جهلم ۽ سنڌوءَ نديءَ جي وچ تي موجود، ٿل ريگستان ۾ ٿيندڙ آباديءَ جو گهڻو تڻو پاڻي جناح بئراج وٽان نڪتل ٿل ڪئنال مان وڃي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا سنڌوءَ ۾ ايترو اضافي پاڻي آهي جو ٿل ريگستان جي صدين کان اڃايل زمين جو ڍءُ ٿي سگهي ۽ سنڌ لاءِ به ڍڪ بچي!
”ٿل وچ ڪوڪان ماران!“ انور پيرزادو، ريشمان جو ڳايل ڪلام ياد ڏياري ٿو. ”سو، ان ٿل کي آباد ڪرڻ جي رٿا آهي! ٿل ڪئنال ته عمل ۾ آهي ئي، جنهن مان ٻيون چار شاخون به نڪرن ٿيون: هيٺ چشما ۽ مٿي ڪالاباغ!“ انور ڀڻڪيو.
”بئراج وٽ هڪ ماڊل رکيو آهي جنهن سان ڪالاباغ کان ٿل ريگستان تائين آبپاشي ۽ جاگرافيائي صورتحال بهتر طور سمجهه ۾ اچي ٿي. ڪالاباغ شهر جبل تي ٺهيل آهي. شهر وٽ ڪالاباغ ريلوي پل آهي جيڪا ٻئي ڀر ماڙيءَ سان ڳنڍيل آهي. ريلوي پل کان چارميل هيٺ جناح بئراج آهي. هوڏانهن جابلو سلسلو ڪالاباغ شهر وٽان اولهه-اولهه ڏکڻ کسڪندو هليو وڃي ٿو جڏهن ته سنڌوءَ جو رخ ڏکڻ طرف آهي. ڪالاباغ پل يا جناح بئراج کان ماڙي انڊس جي ڏکڻ ۾ ويندڙ روڊ سڌو ميانوالي وڃي ٿو جنهن کانپوءِ ٿل ريگستان شروع ٿئي ٿو.
”اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي ته جڏهن ڪالاباغ کان فقط ٽي چار ميل هيٺ جناح بئراج ٻڌل آهي، ان جي باوجود ڪالاباغ بند جي رٿا جوڙي وئي آهي.“ انور چيو، ”ايم-جي اڪبر پنجاب جي درياهن بابت دلچسپ ڳالهه چئي آهي ته پنجاب، پنجن ندين جو مالڪ ناهي، ستن ندين جو مالڪ آهي، پنج پنجاب جون، ڇهين سنڌو ۽ ستين سرسوتي، جيڪا هڪ ڏند ڪٿا موجب مقامي ماڻهن جي ڪڌن ڪرتوتن سبب سڪي وئي. لڳي ٿو سنڌو طاس ٺاهه جي نتيجي ۾ ٽي درياهه سڪائڻ کانپوءِ هاڻي سنڌوءَ کي به سڪائي ساهه پٽيندا.“

وقت صبح جا 9:30
اسان ڪافي دير کان جناح بئراج تي نوري ۽ مورڙي جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جيڪي جناح بئراج واري ڇاٻ سبب اڳتي نٿيون وڌي سگهن. اڳتي وڌڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته ٻيڙين مان سامان لاهي ٻيڙيون ڪلهن تي کڻي بئراج ٽپائجي، ٻيو طريقو اهو آهي ته بئراج جا عملدار سنڌ حڪومت جي ٽيم کي عزت ڏيئي بئراج ۾ موجود ان بندوبست جو فائدو ڏين جنهن سان ٻيڙيون پاڻيءَ مان نڪرڻ کان سواءِ بئراج مان لنگهي اچن. بئراج جي هيٺين عملدارن کي هن ٽيم بابت اڳواٽ اطلاع آهي پر اهي ڪنهن بالا عملدار جي انتظار ۾ آهن. مان ۽ انور ان دير جو فائدو وٺڻ لاءِ بئراج بابت تفصيل ميڙڻ ۾ لڳي وڃون ٿا.
انور هڪ پريس رپورٽ جي مطالعي ۾ مصروف ٿي ويو. ٿوري دير کانپوءِ ڪنڌ کڻي چوي ٿو، ”1945ع ۾ انگريزن، سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن جي اعليٰ آبپاشي عملدارن کي سڏائي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ بابت هڪ ٺاهه ڪرايو هو. ان ٺاهه موجب سنڌ، سنڌو درياهه مان 75 سيڪڙو پاڻيءَ جي حقدار آهي ۽ پنجاب 25 سيڪڙو حقدار آهي، جڏهن ته پنجاب جي ٻين ندين مان 96 سيڪڙو پاڻيءَ تي پنجاب جو حق آهي ۽ 4 سيڪڙو سنڌ جو حق آهي. ان ٺاهه دوران هڪ ٻيو بحث به ٿيو ته هندستان سان پاڻين بابت ٿيل ٺاهه ۾ جيڪو پاڻي هندستان کي وڪيو ويو ان ۾ 6 سيڪڙو کن سنڌ جو هو، ان جو معاوضو سنڌ کي ڏنو وڃي. ”انڊس ٽريٽي“ ۾ ٻي اهم ڳالهه اها لکيل آهي ته، سنڌ حڪومت جي اجازت يا رضامنديءَ کانسواءِ سنڌوءَ جي مٿئين حصي ۾ پنجاب حڪومت ڪو به بند نه ٻڌندي. اها ڳالهه 1945ع واري ٺاهه ۾ لکي پئي آهي.“
ٻيڙيون اڃا نه پهتيون آهن. اسان ماحول جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. ڏکڻ طرف سنڌو تمام ڪشادي ٿي چڪي آهي. چؤطرف ماٿريءَ ۾ سنڌوءَ جون ٻيٽاريون ۽ ننڍڙا وهڪرا نظر ٿا اچن. انهن مان فقط هڪ وهڪري ۾ ايترو پاڻي آهي جو مورڙو ۽ نوري تري سگهن. ٻيڙين کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي فٽ پاڻي گهرجي. جناح بئراج جو ريسٽ هائوس چڱو موچارو آهي. رنگ برنگي گل ٻوٽا ۽ انهن تي پوپٽن جا ڦيرا دل لڀائين ٿا پر جنهن ويل سنڌوءَ جي لهواري وهڪري تي نظر پوي ٿي، دل اداس ٿيو وڃي. اسان سوچيون ٿا ته پهرين ڇاٻ ئي سنڌوءَ کي نستو ڪري وڌو آهي ته چشمه ۽ تونسه بئراجن کانپوءِ ڇا هوندو؟
”توهان هتان جو پاڻي پي ڏٺو آهي؟“ محمد علي قادريءَ جي هٿ ۾ گلاس هو. ”هڪ ڍڪ ڀري ڏسو، نلڪي جي پاڻيءَ ۾ گاسليٽ جي ڌپ آهي. هتان جا ماڻهو چون ٿا ته ڏهه سال اڳ اتان پئٽرول نڪرندو هو. هاڻي پئٽرول کپي ويو آهي پر جر جي پاڻيءَ مان اڃا تائين گاسليٽ جي ڌپ اچي ٿي! هتي گاسليٽ ڪڍڻ جي فيڪٽري به لڳي پئي آهي، جيڪا هاڻي بند ٿي وئي آهي. ماڻهو چون ٿا ته هنن پنجن ڇهن جاين تي بورنگ ڪري ڏٺي آهي پر هر هنڌ پاڻيءَ ۾ گاسليٽ جي ڌپ آهي.“ محمد علي هڪ ساهيءَ ۾ سڄي رپورٽ ڏيئي ڇڏي. اسان به ڍڪ ڍڪ ڀري ڏٺو. پاڻيءَ ۾ چڱيءَ خاصي بوءِ هئي، وات جو ذائقو چڱي دير تائين خراب رهيو.
”ڪالاباغ ۾ توهان جي فوٽوگرافي ڪيئن رهي؟“ انور، محمد علي کان پڇيو.
” توهان کان جدا ٿي اسان هڪ گهٽيءَ ۾ پهتاسون، اتي هڪ گهر ۾ اسان عورتن جي ڀرت جي فوٽو گرافي ڪئي. عورتن اسان کي ننڍڙن ٻارن جا پهراڻ ڏيکاريا، جيڪي پَٽ تي ڀريل هئا. هتان جون عورتون ۽ سنڌ جون عورتون ڀرت ۾ جيڪي گل ٺاهين ٿيون، سي لڳ ڀڳ هڪ جهڙا آهن، پٽ به ساڳيو استعمال ٿو ٿئي، پهراڻ به ساڳئي قسم جا ڍلا ڍلا هئا، ڀرت بالڪل ائين هو جيئن اسان وٽ ننڍڙيون چار پتيون ۽ گل هوندا آهن. اسان پتڻ تي ٻيڙين جون تصويرون به ٺاهيون پر اسان کي بيهڻ نه ڏنائون چون پيا عورتن جو پتڻ آهي، واقعي ڪجهه عورتون به هيون جن لٽا پئي ڌوتا. هتان جي ٻيڙين تي ڪا به اُڪر ڪونه هئي، بنهه ساديون هيون. اسان جون سنڌ واريون ٻيڙيون وڌيڪ سهڻيون آهن.“ محمد علي، شهر ۾ شهر واسين جو چڱو تنقيدي اڀياس ڪيو هو.
محمد علي فوٽوگرافي ڪرڻ مهل گونگو ٿي ويندو آهي. هڪ غير آريائي هڏڪاٺ، ٻيو رنگ جو پڪو ۽ ٽيون ٽريڪ سُوٽ ... ماڻهو کيس غير ملڪي سمجهي ”انگريز“ چوندا آهن. پاڪستان جا ماڻهو انگريزن کي رعايت ڏيندا آهن، پاڪستاني فوٽوگرافر سان فوٽو ڪڍڻ تي وڙهندا آهن پر انگريز کي ڏسي مرڪي پوندا آهن. ويتر جو محمد علي گونگو ٻوڙو ٿي پوندو آهي ته ماڻهن خاص ڪري عورتن جون همدرديون حاصل ڪري وٺندو آهي، ڪنن تي هٿ رکي چونديون ”توبهه منهنجا رب! ڇا ته شينهن مڙس آهي پر ويچارو گونگو!“ محمد علي به منهن پڪو ڪري بيهي رهندو. اڄ به ائين ئي ٿيو. عورتون کيس گهر وٺي ويون ۽ پهراڻ ڪڍي ڏيکاريائونس.
”جڏهن مان سکر ۾ هئس تڏهن مون پتڻ تي ٻيڙيون ڏاڍي غور سان ڏٺيون هيون.“ انور، سکر ۾ 83-1982ع ڌاري ڊان گروپ جي هڪ اخبار جو بيورو چيف رهي چڪو آهي. ”مون اتي تمام وڏا ٻيڙا ڏٺا آهن، جن جا ٻئي پاسا مٿي هوندا آهن، اهي ٻيڙا پنجاب جا ماهي گير ٽوئن يا هنداڻن سان ڀري ايندا آهن. اهي ٻيڙيون، اُڪر جي لحاظ کان تمام سهڻيون هونديون آهن، خبر ناهي ته اهي پنجاب جي ڪهڙي هنڌ کان نڪرن ٿيون؟ ٿي سگهي ٿو ته اهڙا راڄ اسان کي اڳتي ملن!“
”اسان هتان جي عورتن سان ڳالهايو، ساڳيو ادا ڀاءُ واري حساب ۾ پئي ڳالهائين“ ڪريم ميمڻ پنهنجو مشاهدو بيان ڪيو، ”ٿورڙو زبان جو فرق آهي ... مون کي ته ائين پيو لڳي، اها پشتو سرائيڪي ۽ اهڙين ٻولين جو سنگم يا مڪسچر هئي. هو جيڪي چون ٿا، اهو سمجهه ۾ ته اچي ٿو پر اشارن کان سواءِ سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي.“
جيئن جيئن اسان سنڌوءَ تي سفر ڪندا پيا وڃون تيئن تيئن مان ان خيال تي پڪو ٿيندو پيو وڃان ته سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن تي اها قوم اڃا تائين موجود آهي جيڪا ماضيءَ ۾ هڪ هئي، اها قوم جيڪا ايبٽ آباد کان ڪيٽي بندر تائين هڪ ٻولي ڳالهائيندي هئي، اڄ به سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد آهي. پڪ سان ٿيو هينئن هوندو ته ٻاهريون قومون هوريان هوريان سنڌوءَ جي ڪنارن تي وسنديون ويون ۽ پنهنجا اثر وجهنديون ويون، تان جو هاڻي مختلف ڪنڌين تي وقت سان مختلف ٻولين ۽ سياسي واقعن جا اثر پئجي ويا. ۽ انهن جي شڪل صورت ۾ ٿورو گهڻو فرق اچي ويو.
”ڀائيجان توهان جو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“ انور باغ ۾ ڪم ڪندڙ مالهيءَ کان پڇيو. ”۽ گهر ۾ زبان ڪهڙي ڳالهايو؟“
”هتان هڪ ميل جي پنڌ تي آهي سخي شاهه مردان، تمام پراڻو آهي، اسان جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا رهندا هئا. گهر ۾ پنجابي ڳالهايون ٿا.“
”هندڪو سمجهو ٿا؟“
”نه اها ڪونه اچي“
”هتي قومون (قبيلا) ڪهڙيون ٿيون رهن؟“
”اعواڻ، کدرال، مسلي، سيد، چترالي، پٺاڻ، اُترادي رهن ٿا.“ مالهيءَ قبيلا ڳڻايا.
”اُترادي ڪير آهن؟“ مون پڇيو.
”اُترادي مَلِڪن جي هڪ قوم آهي انهن جي پنهنجي زبان آهي، جنهن کي اسان اُترادي چئون، مان سمجهان ٿو پر ڳالهائي نٿو سگهان. هو جبل جا ماڻهو آهن، هو نواب (امير محمد خان) صاحب جي علائقي جا آهن پوءِ اتان گهر ڇڏي اسان جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا آهن.“ مالهي پاڻ به مَلِڪ آهي.

وقت 10:15 صبح
ٻيڙين جو انتظار ڊگهو ٿيو ته بئراج انتظاميه تي تنقيد شروع ٿي، جيڪا اڃا تائين ٻيڙيون ٽپائي نه سگهي آهي. تنقيد بئراج انتظاميه جي دائري کان اڳتي وڌي ته ملڪ جي نظام تائين وڃي ڳالهه پهتي. هڪ نوجوان مزاحيه شعر پڙهي ٽهڪ وکيريا:
”نه ميرا پاڪستان هئه، نه تيرا پاڪستان هئه
يه اس ڪا پاڪستان هئه جو صدر پاڪستان هئه.“
”نه جناب! هيءُ پاڪستان اسان ٺاهيو آهي، صدر ودر ڪونه ٺاهيو آهي، محنت مزدوري اسان ڪيون مالڪ وري ٻيا ٿين!“ هڪ ٻئي نوجوان ساڳئي موڊ ۾ چيو.
”توهان وڃي هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهيو، تقريرون ڪندا رهو، اسان کي سمجهائيندا رهو، جڏهن ووٽن جو وقت ايندو ته سوچينداسون“ انور پنهنجي خاص انداز ۾ ٽهڪ ڏنو.
اسان 53 دروازن تي ڦِري رهيا آهيون. ٻيڙيون اُڪرڻ جو مرحلو شروع ٿي ويو آهي. بئراج ۾ وڏو شور آهي. پل تان لنگهڻ مهل وري وري ڄامشوري وارو منظر اکين آڏو اچي ٿو. مٿئين پاسي وڏي ڍنڍ آهي. ۽ هيٺيئن پاسي ڊٻون نظر اچن ٿيون. هتي لهواري پاسي درياهه جو پيٽ پٿريلو آهي ۽ لٽ ڪونهي.
جناح بئراج کان اڳ ڪالاباغ وارن جبلن جو لوڻ ڪالاباغ شهر کان ٻيڙين رستي سولائيءَ سان سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن تائين پهچندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني به سنڌ سان جن جنسن جو واپار ڪندي هئي ان ۾ لوڻ به شامل آهي. طوطي خان به ٻڌائي ٿو ته هو ڪالاباغ کان لوڻ جون ٻيڙيون ڀري ديري اسمائيل خان، ديري غازي خان مٺن ڪوٽ، ڄام پور، روهڙي، سکر ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن کڻي ويندو هو.
بئراج ٺهڻ کان اڳ سنڌوءَ جو وهڪرو هن ماڳ کان چار پنج ڪلو ميٽر پري، ڪوٽ چاندني وٽان وهندو هو. ان کان هيٺ مندو خيل، عيسيٰ خيل ۽ ٻيا ڳوٺ آهن. انگريزن، پهرين هاڻوڪي ماڳ تي بئراج ٺاهي پوءِ اڳوڻي وهڪري کي هنن بند ڏيڻ شروع ڪيا ۽ وهڪري کي هن طرف ڏانهن موڙي ڇڏيو. هاڻي اڳوڻي پاسي ڏانهن پاڻي جي ڍنڍ آهي. طوطي خان ٻڌائي ٿو ته ٻي وڏي جنگ جي دوران به انگريز هن بئراج جو ڪم ڪندا رهيا هئا.
طوطي خان ٻڌائي ٿو ته مکڊ، ڪالاباغ، ماڙي انڊس، مندو خيل ۽ عيسيٰ خيل ۾ اٽڪل پنج ڇهه سؤ ٻيڙيون لوڻ ڍوئينديون هيون، انهن مان پنجويهه ٽيهه ٻيڙيون هر هفتي ڏيڍ ۾ قافلو ٺاهي نڪرنديون هيون. مختلف ٻيڙين ۾ مختلف وزن جي گنجائش هوندي هئي، ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ هزار مڻ، ڪنهن ۾ ڏيڍ هزار ڪنهن ۾ ٻه هزار مڻ، ڪنهن ۾ اڍائي هزار، ننڍين ٻيڙين ۾ پنج سؤ مڻ به هوندو هو. هندڪو ۾ لوڻ کي ”لوڻ“ ئي چون ٿا، پشتو ۾ ”مالگا“ ۽ پنجابيءَ ۾ ”نمڪ“ چون.

ڪالاباغ کان چشمه تائين

جناح بئراج کان چشمه بئراج لاءِ ٻيڙيون روانيون ٿيون. هڪ ٽيم خشڪيءَ کان مشاهدو ڪرڻ نڪتي. جناح بئراج کان چشمه تائين واٽ ۾ مکيه شهر ميانوالي آهي. ميانوالي ڪالاباغ کان 50 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي، جڏهن ته چشمه بئراج ميانواليءَ کان ڏکڻ اولهه ۾ اٽڪل 25 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي.
ٻن وڏن بئراجن جي وچ ۾ ۽ ٽئين وڏي بند جي اميد ۾ ويٺل ميانوالي شهر ۽ ضلعو پنهنجي اڃ ڪڏهن به اُجهائي نه سگهندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٿل ڪئنال سم پيدا ڪري رهيو آهي ۽ سايون ٻنيون لوڻياٺن ٻيٽن ۾ بدلجي رهيون آهن. ٿل هڪ وڏو ريگستان آهي جنهن جي اُڃ حضرت ميڪائيل ئي اجهائي سگهي ٿو، باقي سنڌوءَ جي پاڻيءَ مان اميد رکي وئي ته پوءِ ان جو مطلب ٿيندو پڇڙيءَ وارن علائقن ۾ ڏڪر پيدا ڪرڻ.
ميانواليءَ جي ماڻهن جو خيال آهي ته ڪالاباغ بند ٺهڻ سان ضلعي ۾ ڏاڍي خوشحالي ايندي، ڇاڪاڻ ته پروجيڪٽ تي هزارين ماڻهو ڪم ڪندا ۽ اهي هزارين ماڻهو ڪيترن سالن تائين علائقي مان خريداريون ڪندا رهندا. سندن ڪٿ موجب اها اربين رپين جي خريداري هوندي. سندن خيال ۾ ٻيو فائدو روزگار ملڻ جو ٿيندو ۽ ٽيون اهو ته ٿل کي هڪ ٻي نهر ملندي. ڪالاباغ بند جا حمايتي اسان کي ڪالاباغ شهر ۾ به مليا. انهن جو چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو هر ان رٿا جي مخالفت ڪن ٿا جنهن ۾ پنجاب جو فائدو هجي! جيتوڻيڪ (سندن فلسفي موجب) جيڪڏهن پنجاب جي فوج سنڌ جي حفاظت نه ڪري ته هوند هندستان هڪ ڏينهن ۾ سنڌ کي ڳڙڪائي وڃي. اسان وٽ ان فلسفي جو مناسب جواب هو پر اسان ڪنهن سياسي بحث ۾ پوڻ مناسب نه سمجهيو ۽ کين سندن فلسفي جي حوالي ڪري اڳتي نڪري هليا ويا هئاسون.
عظيم ٿل پروجيڪٽ بابت صادق جعفريءَ جي رپورٽ صحيح نڪتِي. اصل ۾ هو پاڻ به پنجاب جي سرائيڪي علائقي سان تعلق رکي ٿو، تنهن ڪري کيس مقامي سياسي مفادن جي باري ۾ مناسب معلومات هئي. خبر پئي ته ٿل پروجيڪٽ مان نڪتل نهرون پنجاب جي ٽوانه ڪٽنب جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ کوٽيون ويون آهن. رضا علي عابدي جنهن بي بي سي لاءِ ”شير دريا“ جي عنوان هيٺ دستاويزي رپورٽ تيار ڪئي آهي، پڻ ساڳي ڳالهه جي تصديق ڪندي وڌيڪ چوي ٿو ته 1964ع ۾ ٺاهيل اريگيشن اسڪيم به مفاد پرست طبقي جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي، جنهن ڪري عام ماڻهوءَ کي ڪو به فائدو نه مليو. عابديءَ ڪالاباغ بابت رپورٽ ۾ پنجاب جي جاگيردارن جي مفادن جو ذڪر به ڪيو آهي جنهن موجب ڪالاباغ کي سرحد صوبي جي قدرتي حدن ۾ رکڻ بدران 1901ع ۾ پنجاب جي حدن ۾ شامل ڪيو ويو.
ميانواليءَ جو اصل نالو ”ڪچي“ (Kachee) آهي، بالڪل ائين جيئن سنڌ ۾ ”ڪچو“ سڏبو آهي. چشمه بئراج پوڻ کان اڳ سنڌوءَ جي عظيم اٿل پٿل علائقي کي ريج ڏيئي آباد ڪري ويندي آهي، جنهن ڪري اهو ڪچي جو علائقو سڏيو ويو. هاڻي سنڌو، ٻن بئراجن ۽ بندن ۾ ڦاٿل آهي تنهن ڪري ڪچيءَ وارو علائقو ڦِٽي ويو آهي.
”ڪچِي“ بدلجي ميانوالي ٿي ويو، پر ميانوالي جي ماڻهن کي ڪجهه به نه مليو آهي. ڀلي کڻي ڪالاباغ بند به ٺهي وڃي تڏهن به ميانواليءَ جي عام ماڻهن کي ڪجهه نه ملندو. اڳ کان موجود ٻن بئراجن ڇا ڏنو جو هاڻي ڪالاباغ بند سندن قسمت بدلائيندو؟ نه ٿل جي اڃ لهندي نه وري ستابن ڪٽنبن جي بک مرندي.
اهو صحيح آهي ته ميانوالي ضلعي مان لنگهندي اسان جي ملاقات ٽوانه خاندان جي ڪنهن ڀاتيءَ سان نه ٿي پر پڙاڏا هوائن ۾ گونجندا آهن، ڪو به ڪَن اهي پڙاڏا ٻڌي سگهي ٿو. البت درياهه جي ڪنڌيءَ تي (جنهن کي هندڪو ۾ به ڪنڌي چئجي ٿو) اسان اهي ماڻهو ضرور ڏٺا جيڪي ٿل ڪئنال ۽ درياهه جي وچ تي هوندي به اوائلي دور جهڙين حالتن ۾ هئا. هي ڪيل (Kel) قبيلي جا ماڻهو هئا.

ڪيل (KEL)

ڪيل (KEL)

وار اڻڀا، مٿي ۾ رت ڄَيون، سنهڙا سُڪا، رنگ سڙيل ڪارا، گهٽ خوراڪ سبب بيمارين ۾ ورتل، اڌ اگهاڙا ٻار، ڪپڙا ڦاٽل، اڻڌوتل جسم، ميرا گپ جهڙا، زندگيءَ جي هر سهوليت کان وانجهيل. هيءُ آهن ڪيل قبيلي جا ماڻهو.
ڪالاباغ کان چشمه بئراج ويندي، ٻيڙين کي اڃا گهڻو وقت نه ٿيو هو ته سنڌوءَ جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي ميانوالي ضلعي جي حدن ۾ ٻه چار ڏتڙيل جهوپڙيون نظر آيون. ٻيڙيون ڪناري تي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
”هيءُ ڪيل ماڻهو آهن حرام حلال سڀ کايو وڃن!“ طوطي خان ابتدائي رپورٽ ڏني.
ڳوٺ ۾ ٻار ۽ عورتون هيون. مرداڻي پهر ايڪڙ ٻيڪڙ هئي. ٻيڙيون ڪناري تي لڳندي ڏسي، ڪيل قبيلي جا ٻار تجسس کان ڪناري ڏانهن ڊوڙيندا آيا ۽ ڏندن ۾ آڱريون وجهي بيهي رهيا. ڪنهن به ٻار جي بت تي پورا ڪپڙا نه هئا. ڪنهن جا پٺا اگهاڙا ته ڪنهن کي سٿڻ ڪونه هئي، هڪ اڌ ٻار ته الف ننگو هو. ٻارن جي پويان پڪي عمر وارو هڪ ڪيل پهتو، پٺا اگهاڙا ۽ گوڏ.
”هيءَ سرڪاري ٽيم آهي توهان کان حال احوال وٺندي، توهان جا ڏک سور معلوم ڪري رپورٽ ڏيندي، فوٽا به ڪڍندي. توهان جي موڪل هجي ته همراهه پنهنجو ڪم ڪن!“ طوطي خان ٽيم جي اڳواڻ ڪليم لاشاريءَ جي چوڻ تي ڪيل کان پڇيو. ڪيل ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي ۽ پنهنجي ڪم تي هليو ويو.
محمد علي قادري، اشتياق انصاري، ڪريم ميمڻ ۽ ٻين سڀني همراهن پنهنجيون ڪئمرائون ڪڍيون ۽ ننڍڙي وستيءَ تي حملو ڪري ڏنائون. عورتن مهڙ ۾ ٿورڙو برداشت ڪيو پر پوءِ چڙي پيون، چون.
”اتي رنَان دا ڦوٽو ڇڪيندا هِن ...“
ايڏو ته هُل ڪيائون جو اسان لاءِ ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. خبر ناهي ته ان هُل ۾ ڪيتريون گاريون هيون ۽ ڪيترو ٺلهو هُل! هروڀرو ائين به ڪونه هو ته سڄي ڳوٺ کي اعتراض هو يا ان احتجاج ۾ اڪثريت شامل هئي. ٽي چار عورتون هيون جن کي سخت اعتراض هو. نه رڳو رنن جا فوٽو ڇڪڻ تي، پر ان تي به اعتراض ٿي ڪيائون ته سندن جهوپڙن، ٿانون ٿپن، ڪپڙن لٽن هنڌ بسترن ۽ گڏهه جو به فوٽو ڇڪيو اٿائون. طوطي خان وڏا وس ڪيا، گهڻو ئي سمجهايائين چوي، ”اڙي مقدر ٿو ٺهيوَ ... بينظير ڀٽو ٽيم موڪلي آهي ته توهان کان تڪليفون پڇي اچن ته جيئن ترقياتي ڪم ٿين. هيءُ ماڻهو توهان جي ڀلي لاءِ آيا آهن ... اڙي مان توهان جو پنهنجو آهيان مون کي به ڪونه ٿا سڃاڻو؟ فلاڻو منهنجي چاچي جو پٽ ... فلاڻو مامي جو پٽ ...!“
پر نه مايون ماٺ ٿيون ۽ نه اسان پنهنجو ڪم ڇڏيو، ڪجهه عورتن پنهنجي ملڪيت ڏيکاري. ڀڳل ٽٽل سامان، سهڻو ڀرت ۽ ٿانءَ ٿپا. ملڪيت ڏيکاري پوءِ ٻارڙن لاءِ دوائون گهريائون، ڪن پئسا ڏوڪڙ گهريا. سندن ٻولي سمجهڻ اسان لاءِ ڪجهه ڏکيو هو. هيءُ ميانواليءَ جو خاص لهجو هو.
سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ويٺل هنن ماڻهن جي گدلائپ ۽ اڻڀا وار ڏسي حيرت لڳي سون. غربت پنهنجي جاءِ تي، درياهه ۾ ٽٻي هڻي پاڻ کي تازو رکڻ ته ڪا وڏي ڳالهه ڪونه هئي. سندن ظاهري حالت ڏسي ائين پئي لڳو ڄڻ کين مرشد جي منع ٿيل هجي ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن به تڙ نه ڪجو ۽ نه هٿ منهن ڌوئجو. سچ پچ ته گهڻن ٻارن جي اکين ۾ پِچيون ڏسي انهن جي ويجهو وڃڻ تي دل نه چيو، نه ته اسان ٻارن سان ڪچهري ضرور ڪندا آهيون.
ڪيل (Kel) ماڻهن جي زندگي درياهه جي ڪناري ڪناري، ڪڏهن هِن ڀَر ته ڪڏهن هُن ڀر ته ڪڏهن ڪنهن ٻيٽ تي لڏپلاڻ ۾ گذري ٿي. هيءَ ماڻهو بنيادي طور تي ”شڪاري“ آهن جيڪي هاڻي مسلمان ٿي چڪا آهن. هو مسلمان ته برابر ٿي چڪا آهن، سندن نالا به مسلمانڪا آهن پر اڄ تائين کين ڪنهن به عبادت ڪندي نه ڏٺو آهي ۽ نه وري غير ڪيل (non-Kel) جا ماڻهو ڪيل (Kel) ماڻهن جي انهن رسمن ۾ شريڪ ٿين ٿا جن ۾ ڪي مذهبي گهرجون به هونديون آهن. طوطي خان جو چوڻ هو ته ڪيل (Kel) ماڻهو پنهنجون رسمون چپ چاپ ۽ لڪي ادا ڪندا آهن، تنهن ڪري هو چئي نٿي سگهيو ته ڪَيل ماڻهو پنهنجا مردا ڪٿي ۽ ڪيئن دفن ڪندا آهن.
ڪَيل ماڻهن جا جهوپڙا به اهڙا آهن جو جيڏيءَ مهل وڻي تڏهن ويڙهي سيڙهي گڏهن تي وجهي اڳتي نڪري وڃن. هيءُ ڪانن، تيلن ۽ ڪکن جون چکن وانگر ديوارون آهن، ائين ئي ڇت آهي. بس ٿوري کڏ کڻي چکون بيهاري ڪاٺيون کوڙي ٽيڪ ڏيئي، رسن سان ٻڌي مٿان ڇت رکيو ڇڏين: جهوپڙي تيار. شايد کين اوٽ (Privacy) جي گهڻي ضرورت ناهي ڇو ته هو سڀ پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن ۽ رهن به ته ويرانن ۾ ٿا.
ڪيل ماڻهن جو گذارو درياهه تي آهي، ڪن وٽ ٻيڙيون به آهن، جيڪي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي بيهن. ڪٿي ڪٿي ڪو مستقل ڳوٺ به رکن ته عام طور تي لڏپلاڻ سندن زندگيءَ جو مکيه حصو آهي. هيءُ ماڻهو اڄڪلهه مزوري ڪن ٿا. خاص ڪري کيت مزوري - ويچارا ڪيل ڌڪاريل ذات وانگر تعليم ۽ ٻين سماجي حقن کان پري، تمام پري آهن.
ڪيل بستيءَ ۾ ٻن ٽن هنڌن تي ٻُوڙن جي ڀر ۾ ڪُمين جون کلون اس تي پکڙيون پيون هيون. ”ڪَيل ڪُميءَ جو گوشت ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن، جنهن کي ڪُميءَ جو شڪار لڳو تنهن جي ڄڻ عيد ٿي وئي!“ طوطي خان کلون ڏسي چيو. ”هيءُ مردار به کايو وڃن.“
اشتياق انصاريءَ ڪُميءَ جي کوپي کي پير سان سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هيءُ ڇا هي؟“ هن هڪ ڪَيل عورت کان پڇيو.
”خبر ناهي!“ هوءَ صاف لنوائي وئي. هن اهو تاثر ڏيڻ ٿي گهريو ته هن ڪڏهن به ڪُمي نه ڏٺي آهي، متان نه ڪُمي کائڻ جي ڳالهه کلي پوي!
ڪَيل وستي ۽ سندن مهانڊا ڏسڻ کانپوءِ اسان جي ذهن ۾ هڪ سوال شدت سان اڀريو. ڪيل نسلي اعتبار کان ڪير آهن؟ اينٿروپولاجيءَ جي ماهرن لاءِ هيءُ دلچسپ موضوع ٿي سگهي ٿو. ڇا ڪيل قبيلو قديم دراوڙي نسل جو ڪو گم ٿيل حصو آهي؟ ڇا ڪَيل قبيلو قديم نسل ڪولهيءَ جي ڪا ٻي صورت آهي؟ آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو ڪَيل نسل جي ماڻهن پاڻ کي شهري زندگيءَ کان پري رکيو آهي ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن تي لاڏائُو زندگي گذارڻ ۾ عافيت ڀانئي اٿن؟
ڪَيل هڏ ڪاٺ جا وڏا يا ڳرا ناهن، شايد پورهئي ۽ غربت کين ڳاري ڇڏيو آ هي، مهانڊن جي لحاظ کان به دراوڙن جهڙا بي ڊولا ناهن. نه چپ ٿلها اٿن، نه نڪ ويڪرو، البت سڀني جا چهرا بنهه آرين جهڙا به ناهن. ائين ٿو لڳي ته ڪَيل نسل ۾ ٻاهريون رت گهڻو شامل ٿي ويو آهي ۽ زماني جي لاهن چاڙهن ۽ اُتر ۽ اولهه کان آيل ويڙهاڪ نسلن ڪَيل ماڻهن کي سندن ٺڪاڻن تان ڀڄائي ويرانن ڏانهن ڌڪيو آهي. ضروري ناهي ته اهو واقعو تاريخي يا نيم تاريخي دور ۾ ٿيو هجي، پر ان ڳالهه جو امڪان وڌيڪ آهي ته هيءُ تاريخي دور کان اڳ ڌڪجي ويا هجن ۽ ويڙهاڪ نسل، زرخيز علائقن تي قبضو ڪري ويا هجن. جيستائين نسل جي مخلوط ٿيڻ جو تعلق آهي ته ائين ٿيندو آهي. غالب يا بالادست نسل، شڪست کاڌل نسل ۾ پنهنجو ٻج ڇٽيندا آهن. اهو عمل اڄ تائين جاري آهي.
اسان ڏٺو ڪَيلَ بستيءَ جي ڪنهن ڪنڊ مان هڪ غيرڪَيل نسل جو ماڻهو ظاهر ٿيو. هيءُ ماڻهو ذات جو سيد هو. خدا ڄاڻي ته هو ڪَيل بستيءَ ۾ ڇا ڪري رهيو هو ۽ ظاهر ٿيڻ ۾ ايتري دير ڇو ڪيائين؟ ظاهر ٿيڻ شرط ڪَيل نسل جي ماڻهن جو وڪيل ٿي بيهي رهيو،
”نڪري وڃو هتان! اچي غريب ماڻهن کي پريشان ڪيو اَٿو، مان اجهو ٿو پوليس کي گهرايان، ناهي اسان کي توهان جي ترقياتي ڪمن جي ضرورت! ڪنهن جي اجازت سان آيا آهيو هتي؟“ سندس انداز چڙ ڏياريندڙ هو، پر ٽيم جو اڳواڻ هميشه وانگر ٿڌو رهيو. ڪافي معلومات جمع ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري ڪليم لاشاريءَ ٽيم کي موٽ جو اشارو ڏنو.
ڪَيل بستيءَ مان واپسيءَ کانپوءِ آئون سوچيندو ئي رهيس آخر هيءُ قديم شڪاري نسل هن جديد زماني ۾ ڪيئن بچي ويو آهي؟ سنڌوءَ جو ڪنارو سندن زندگي ڇو نه بدلائي سگهيو آهي؟ منهنجي ذهن ۾ قديم دراوڙ نسل بابت سوال اٿيو. دراوڙ ڪيڏانهن ويا؟ ڇا اهو سچ آهي ته دراوڙن آرين هٿان شڪست کاڌي؟ منهنجو خيال آهي ته حقيتقت ايئن نه آهي. دراوڙن اتر اولهه کان آيل ويڙهاڪ نسلن کان ڪڏهن به تهذيبي شڪست نه کاڌي.
اڄ به ويدڪ ڌرم جي ٽن وڏن ديوتائن مان ٻه ديوتا شِوُ ۽ وِشنو رنگ جا ڪارا آهن ۽ هندو ڌرم جو آخري اوتار شري ڪرشن به ڪارو آهي. جيڪڏهن سچ پچ اڇي رنگ وارن آرين جو نسل سنڌ ۽ هِند ۾ طاقتور هو ته اهي پنهنجن مکيه ديوتائن جو رنگ به اڇو پيش ڪن ها!

دراوڙ

دراوڙ

هندستان جي قديم لوڪن ۾ سنٿال، اوڏ، ڀيل، گونڊ، ٻاليشاهي، ڪولهي، ميگهواڙ شامل ڪيا وڃن ٿا. پر اينٿروپولاجي (Anthropology) جي ماهرن ۾ ان مسئلي تي بحث اڃا هلندڙ آهي ته انهن مان دراوڙ ڪير ڪير آهي؟ ڏٺو وڃي ته اهي سڀئي نسل قديم هندستان جا شڪاري لوڪ آهن، جيڪي تاريخ کان اڳ واري زماني کان مختلف ماٿرين، جبلن ۽ ريگستانن ۾ رهندا پيا اچن. سندن رهڻي ڪهڻي، سندن ڪرت، ديويون ۽ ديوتا، ريتون رسمون توڙي جهوپڙن جو انداز پٿر جي پڇاڙڪي زماني سان هڪجهڙائي رکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته جديد زماني جي ايجادن سبب هو پٿر جي دور واري سرشتي ۽ اوزارن کان جند ڇڏائي چڪا آهن، ۽ تهذيبي طور تي ٻه چار وکون اڳتي کنيون اٿن. تهذيبي طور پوئتي رهڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته اهي قديم لوڪ تاريخن کان اڳ واري زماني کان وٺي اڄ تائين پرماري طبقن جي ڏاڍاين جو شڪار رهيا آهن، ٻيو اهو ته ڇاڪاڻ ته هيءُ قديم لوڪ ڏورانهين ٻهراڙين ۾ رهن ٿا تنهن ڪري جديد زماني جي سهوليتن مان کين ڪو به فائدو نه پهتو آهي.
هندو لوڪ انهن قديم نسلن کي هندو ضرور سڏين ٿا پر اها هڪ سياست آهي. انهن قديم ۽ باغي نسلن کي اڇوت ۽ شودر جو درجو ڏنو ويو آهي، کين شودر جو درجو ڏيئي هندو لوڪن ۾ شامل ته ڪيو ويو پر سماج ۾ غلام جي حيثيت ڏيئي برهمڻ ۽ کتري ذاتين سان برابريءَ جي حقن کان محروم رکيو ويو. شڪاري لوڪ هئڻ جي ناتي اهي ويڙهاڪ ماڻهو هئا پر سماج جي بندشن سبب بي وس ٿي ٻوساٽجي ويا آهن. ڀيلن کي دراوڙ لوڪن ۾ شامل ڪجي يا نه ڪجي؟ ان سوال جو جواب اينٿرو پولاجيءَ جا ماهر بهتر طور ڏيئي سگهندا پر اها ويڙهاڪ قوم آهي، جنهن کي هر حيلي بهاني سان چيڀاٽيو ويو. مثال طور مهاڀارت ۾ هڪ ڀيل ”ايڪ لويه“ جو ذڪر آهي، جيڪو ارجن جي گرو دروڻ اچاريه کان جنگي تعليم وٺڻ آيو پر دروڻ اچاريه کيس اهو چئي پنهنجي شاگرديءَ ۾ وٺڻ کان انڪار ڪيو ته هو ڪنهن کتري راجا جو پٽ ناهي؛ پر ان ڀيل، دروڻ اچاريه کي پنهنجو گرو ڀانئي لڪ چوريءَ اهي سبق ياد ڪيا۽ مشق ڪئي جيڪي دروڻ اچاريه ارجن کي ڏيندو هو. اهو ڀيل تير اندازيءَ ۾ ايترو ئي ڀڙ ٿيو جيترو ارجن هو. مهاڀارت موجب دروڻ اچاريه کي جڏهن ان حقيقت جي خبر پئي تڏهن ايڪ لويه ڀيل کان گرو دکشڻا ۾ ساڄي هٿ جو آڱوٺو گهريائين جيڪو ڪمان تي چاڙهڻ ۽ تير لاهڻ لاءِ بنيادي شيءِ هوندو آهي. ايڪ لويه ڀيل پنهنجي گروءَ جي حڪم تي آڱوٺو ڪپي ڏنو ۽ ارجن کي برتري ملي. ڀيلن سان عملي ٻه اکيائيءَ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو جو مهاڀارت جهڙي ڌرمڪ داستان ۽ گرو دروڻ اچاريه هڪ نوجوان ڀيل شهزادي جو آڱوٺو فقط ان ڪري وڍائي ڇڏيو جو متان اهو تير اندازيءَ ۾ کتري شهزادي ارجن کان اڳتي نه نڪري وڃي! مهاڀارت داستان 200 قبل مسيح کان 400 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ لکيو ويو هوندو.
ڀيلن جو ذڪرُ مهاڀارت کان اڳ لکيل داستان رامائڻ ۾ به آهي. هڪ عورت رام جي ڀڳتڻ آهي جنهن جو جوٺو ٻير کائڻ تي رام جا سنگتي رام کي جهلين ٿا. ٻئي هنڌ ڀيلن جو هڪ قبيلو رام جو ساٿاري آهي جيڪو بن واس دوران رام جو دوست ٿيو. رامائڻ (جيڪڏهن مڪمل ڏند ڪٿا نه آهي ته ان) جو زمانو لڳ ڀڳ 1000 قبل مسيح ٿي سگهي ٿو. رامائڻ تقريباً 300 ق م ۾ لکي وئي.
ڀيلن بابت هڪ ڳالهه طئي آهي ته اهي اصل سنڌي ناهن، انهن جو وطن مارواڙ طرف هو جتان پوءِ هر طرف پکڙيا آهن. سنڌ ۾ انهن جي گهڻائي هن وقت به سرحدي علائقن ۾ آهي. هونئن ڀيل لوڪ جهنگلي جاتي آهي، جيڪا شڪار، زراعت ۽ مزوريءَ تي گذر سفر ڪري ٿي. انهن جي ڀيٽ ۾ ڪولهي نسلي اعتبار کان سنڌي آهن، ڪڇ، گجرات ۽ ٿر سندن ٺڪاڻا آهن. شڪار جا قديم طور طريقا اڃا به سندن مزاج ۾ شامل آهن، کيت مزوري ڪن، مال پالين، جهنگلي گاهه ۽ ٻوٽن مان استعمال جون شيون ٺاهين ۽ پنهنجا مردا پورين ٿا. مردار به کائين ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪڇ، گجرات، ٿر ۽ جيسلمير ۾ رهندڙ انهن اوائلي لوڪن وٽ اهي سڀ اهڃاڻ اڃا تائين موجود آهن. جيڪي موهن جي دڙي ۾ عام هئا.
انهن نشانين ۾ سڀ کان اهم ته اهي نشان آهن جيڪي جانورن تي سڃاڻپ لاءِ هنيا وڃن ٿا، ٻي نشاني عورتن جي ٻانهن ۾ پاتل ٻانهيون آهن، جيڪي ڪنهن وقت ۾ عاج مان ٺاهيون وينديون هيون پر هاڻي جهنگ، ٻيلا ۽ هاٿي ختم ٿيڻ سبب پلاسٽڪ مان ٺاهيون وڃن ٿيون. اهڙيون ٻانهيون اسان کي ڪيل (Kel) بستيءَ ۾ به نظر آيون.
دراوڙ لوڪن جو ذڪر نڪتو آهي ته هتي هڪ بحث ڇيڙي سگهجي ٿو. اسان ڏٺو آهي ته سنڌ جا قديم ماڻهو مال پالين ٿا. جيڪو ٻڪريون پالي ان کي ٻڪرار چون، جيڪو رڍون پالي سو ٿيو ريڍار، مينهون پاليندڙ ميهار سڏجي ۽ اٺ پاليندڙ اوٺار. سڀني کي گڏي چون مالوند يا مالدار، يعني مال وارا، يا وري سڏين ”ڌنار“ يعني ڌن وارو. سنڌيءَ ۾ اڃا به هڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو ”ڌراڙ“. عام طور تي ڌراڙ ۽ ڌنار هڪ معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. پر اهو ٺيڪ ناهي. اهو صحيح آهي ته ”ڌراڙ“ ماڻهو بنيادي طرح جانور پالين ٿا. پر اهو ٺيڪ ناهي ته ڌراڙ لفظ جي معنيٰ به ساڳي هجي. هر لفظ جي پنهنجي معنيٰ ۽ ان جو تاريخي حوالو هوندو آهي.
مان تجويز ٿو ڪيان ته لفظ ”ڌراڙ“ ساڳيو ئي لفظ ”دراوڙ“ آهي. يعني جڏهن اسان دراوڙ لوڪن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اصل ۾ اسان دراڙ لوڪن جي ڳالهه ڪيون ٿا. اسان اهو به ڏسون ٿا ته دراوڙ لوڪ مال پالين ٿا ۽ ان اپائين ٿا يعني سندن سماج چارڻڪو ۽ زرعي (pastoral agricutral) آهي. هوڏانهن لفظ ڌراڙ جي اڄوڪي معنيٰ به اها آهي، يعني مال پاليندڙ. جيڪڏهن سنڌ جي قديم لوڪن جي ڪار ڪرت ۽ نفسيات جو ٿورڙو ئي مشاهدو ڪبو ته چٽي طرح نظر ايندو ته اهي ماڻهو اڄ به ساڳيو ڪم ڪندا نظر ايندا، يعني مال پالڻ ۽ پوک ڪرڻ.
اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ”ڌراڙن جا ڌڪ“ محاوري طور استعمال ٿيندو آهي. اهو سنڌي لوڪن جي بهادري ۽ طاقت ڏانهن اشارو آهي. جيڪڏهن ڌراڙ جي معنيٰ فقط ريڍار ۽ ٻڪرار آهي ته پوءِ محاورو فضول ٿيو وڃي. ظاهر آهي ته بهادريءَ جي وصف گگدام جانورن کي ڌڪ هڻندڙن لاءِ نه پر دشمنن تي اثرائتو وار ڪرڻ وارن لاءِ مخصوص آهي. ٻين لفظن ۾ ڌراڙن کي ويڙهاڪ نسل چيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته مُهين جي دڙي سان لاڳاپيل نسل کي ويڙهاڪ چوڻ تي اعتراض ڪيو وڃي پر ان حقيقت جو ڪهڙو جواب ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جا اوائلي نسل اڄ تائين پنهنجن وڏڙن جي بهادريءَ جا داستان ڳائيندا پيا اچن. هونئن به مُهين جو دڙو فوجين جو شهر نه هو، اهو سڌريل ۽ واپاري نوعيت جو هيڊ ڪواٽر هو. شهرن ۾ فوجي نه، شهري رهندا آهن.

ڪيل بستيءَ کان اڳتي

ڪيل بستيءَ کان اڳتي

ڪيل بستيءَ کان واپسيءَ مهل اسان هڪٻئي جون شڪليون ڏٺيون پيش آيل واقعي کان پوءِ هر چهري تي چڙ ۽ ڦڪائي هئي. درياهه تي سفر جو اڄ اڃا ٽيون ڏينهن هو، پر سڀنيءَ جا رنگ جهڪا ٿي ويا هئا. جيڪي رنگ جا صاف هئا، سي سانورا ٿي ويا آهن ۽ جيڪي سانورا هئا سي ڪارا ٿي ويا آهن ۽ جيڪي ڪارا آهن تن جو رنگ اڃا پڪو ٿي رهيو آهي.
سج جي روشني ۽ پاڻيءَ تان ان جو موٽندڙ تجلو چمڙي ساڙڻ لاءِ ڪافي آهن. چمڙي ائين سڙي ٿي جيئن ڪا چڻگ اچي ڪري هجي! ڪجهه دوست احتياط کان sun burn کان بچاءُ جي دوا مکيندا رهن ٿا. مهاڻا رنگ جا ڪارا ڇو ٿيندا آهن؟ هيءُ ڪيل لوڪ ڪارا ڇو آهن؟ سبب آڏو هو، استوائي خطن ۾ پاڻيءَ جي ڪنڌيءَ تي جيڪو به رهندو، هن جو رنگ سڙي ويندو.
”پاڻ سڀ ڪيل (Kel) ٿي وينداسون“ هڪ نوجوان سڀني جو سڙندڙ رنگ ڏسي چيو، ”گهر موٽنداسون ته ڪوبه ڪونه سڃاڻيندو.“
”ڪا ڳالهه ناهي، اسان پنهنجي ڪيل (Kel) برادري ٺاهي گڏ رهنداسون ...“ ڪريم ميمڻ کلي چيو، ”هاڻي اسان سڀ ڪَيل آهيون: ڪوبه ميمڻ ڪونهي، ڪوبه پيرزادو، لاشاري، ابڙو ۽ قادري ڪونهي ...“
”سائين! صاحب سان ملو، پاڻ ڪريم ڪَيل آهي“ انور پيرزادي ڪريم ميمڻ ڏانهن اشارو ڪري محمد عليءَ کي چيو.
”۽ سائين جن انور ڪيل صاحب!“ ڪريم ميمڻ پاڻ کي ڪيل براديءَ ۾ شامل ڪري انور کي به گهلي ورتو ۽ ائين نئين برادريءَ جو بنياد پيو!
”توهان ڪڇون ڪميون به کائيندؤ؟“ محمد عليءَ ڪريم ميمڻ کان پڇيو.
”ڇو نه؟“
”تڙ به نه ڪندؤ؟“ محمد عليءَ ٻيو سوال ڪيو.
منجهند ڌاري ٻيڙيون چشمه بئراج جي ڍنڍ ۾ داخل ٿيون ۽ سڌيون بئراج جي بوٽ لاڪ سسٽم وٽ اچي بيٺيون. بوٽ لاڪ سسٽم گهڻو ڪري هر بئراج ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن درياهي سفر ۾ رنڊڪ نه پوي. بئراج پوڻ کان اڳي ته سچ پچ درياهي سفر ٿيندا به هئا، پر هاڻي بئراجن کان هيٺ لهواري پاسي ايترو پاڻي بچيو ئي ناهي جو پاڻيءَ جا ننڍا جهاز يا وڏا ٻيڙا هلي سگهن، تنهن ڪري بوٽ لاڪ سسٽم جو ڪو ڪارج ڪونهي. هاڻي، اڪثر ٻيڙيون بئراج کان بئراج تائين هلن يا وري آبپاشي کاتي وارن کي راضي ڪرڻ کانپوءِ بوٽ لاڪ مان لنگهن.

بوٽ لاڪ

بوٽ لاڪ

بوٽ لاڪ سسٽم هر بئراج ۾ ان مقصد لاءِ رکيو وڃي ٿو ته جيئن درياهي سفر کي بنا رنڊڪ جي جاري رکي سگهجي. اصل ۾، جڏهن بئراج جا دروازا بند يا ڪجهه بند هوندا آهن، تڏهن درياهه جي اوڀاري توڙي لهواري سطح مٿي ۽ هيٺ هوندي آهي. ڪو به دروازو کلڻ سبب اتان پاڻيءَ جو وهڪرو ايترو تيز ٿي ويندو آهي جو ڪا به ٻيڙي اتان سلامتيءَ سان لنگهي نٿي سگهي، انڪري بوٽ لاڪ سسٽم ٺاهي اهو ڪم سولو ڪيو ويو آهي.
هيءُ هڪ اهڙو چئنل ٿئي ٿو جنهن جي ٻنهي پاسي مضبوط گيٽ هوندا آهن. اوڀاري گيٽ مان پاڻي داخل ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته لهواري گيٽ مان پاڻي خارج ٿئي ٿو. ان چئنل جي ماپ ڪوشش ڪري ايتري رکي وڃي ٿي، جنهن مان سنڌوءَ تي سفر ڪندڙ وڏي ۾ وڏي ٻيڙي يا لانچ لنگهي سگهي.
جيڪڏهن ڪا ٻيڙي اوڀاري کان لهواري وڃڻي هوندي ته پوءِ لهوارو در بند ڪري پهرين اوڀارو در کوليو وڃي ٿو ته جيئن چئنل ۾ پاڻيءَ جي سطح مٿي کڄي اچي. سطح برابر ٿيڻ کانپوءِ ٻيڙيءَ کي چئنل ۾ آڻي اوڀارو در بند ڪيو وڃي ٿو. ان کانپوءِ لهوارو در ايترو کوليو وڃي ٿو جو پاڻي هوريان هوريان گهٽجندو وڃي، چئنل ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽجڻ سان ٻيڙي به هيٺ لهندي اچي ٿي. تان جو لهواري سطح ۽ چئنل جي سطح برابر ٿيو وڃي، ان مهل لهوارو در کولي ٻيڙيءَ کي لهواري پاڻيءَ ڏانهن ڪڍيو وڃي ٿو.
ساڳيءَ طرح لهواري کان اوڀاري ويندڙ ٻيڙيءَ کي پهرين چئنل ۾ آڻي، لهوارو در بند ڪري ان کانپوءِ اوڀاري در مان ٿورو ٿورو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو ته جيئن پاڻي جي سطح کڄي اوڀاري جي برابر ٿئي. سطح برابر ٿيڻ کانپوءِ اوڀارو در مڪمل کولي ٻيڙيءَ کي اڳتي پنڌ جي موڪل ڏني وڃي ٿي.
نوري ۽ مورڙئي کي بوٽ لاڪ مان گذاري، لهواري سطح تي آڻي، ريسٽ هائوس لڳ ڪنڌيءَ تي چاڙهيو ويو. ٻيڙين رستي اڄوڪو سفر پورو ٿي چڪو هو. پر اسان کي خشڪي بابت ڪجهه معلوم ڪرڻو هو. سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي بلوٽ شريف نالي قديم ماڳ بابت اطلاع مليو آهي، چون ٿا ته سوا لک پيرن ۽ اوليائن جو آستانو آهي.
چشمه بئراج وٽ سنڌوءَ جو منظر لڳ ڀڳ اهڙو ئي آهي. جهڙو جناح بئراج تي هو. اتر ۾ پاڻي جي ڍنڍ، ڏکڻ ۾ لهواري پاسي ٻيٽاريون ۽ اولهه ۾ ڪجهه فاصلي تي سليمان جبلن جي قطار.

بلوٽ شريف

بلوٽ شريف

چشمه بئراج کان ٿورو مٿي اتر اولهه کان ڪُرم نديءَ جو وهڪرو ڊوڙندو اچي سنڌوءَ ۾ پوي ٿو. سروي آف پاڪستان جي نقشي ۾، ڪُرم نديءَ جي ڇوڙ وٽ سنڌوءَ جي مختلف ڇاڙهن جي وچ ۾ هڪ ڪافر ڪوٽ جو نشان ڏيکاريل آهي. چشمه بئراج وٽ بيهي، اسان ان جي کنڊرن بابت پڇا ڪئي پر ڪنهن به ڏس پتو نه ڏنو. اهو ڪافر ڪوٽ ڪُنڊيان شهر کان اتر اولهه ۾، ڏهن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي هئڻ گهرجي. ڪُنڊيان شهر سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي آهي. ڪافر ڪوٽ جي ڳولا کان مايوس ٿي اسان بلوٽ شريف جو رخ رکيو. جيڪو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي سليمان جبل جي پاڙ ۾ آهي.
سروي آف پاڪستان جو نقشو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي هڪ ٻئي ڪافر ڪوٽ جو ڏس پتو به ڏئي ٿو. هيءَ ڪافر ڪوٽ چشمه بئراج کان ڏکڻ- ڏکڻ اولهه ۾، ڪلور ڪوٽ کان اتر اولهه ۾ ۽ ديري اسماعيل خان کان اتر-اتر اوڀر ۾ آهي. هن ڪافر ڪوٽ ۽ بلوٽ شريف جو ماڳ مڪان لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. سياري جو سج لڙي چڪو هو، اسان وٽ وقت تمام ٿورو هو. جيپ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ سج لهڻ کان اڳ بلوٽ شريف پهچايو.
بلوٽ شريف جي ڀر وارو ڪافر ڪوٽ، بلوٽ کان ڪجهه ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي آهي، جنهن ۾ ڊگهيون ديوارون، چن جي پٿر مان ٺهيل گول برج ۽ ٽي مندر آهن، مندرن تي ٿيل اُڪر سٺي حالت ۾ ۽ ڏسڻ وٽان آهي. بلوٽ وارو ڪافر ڪوٽ ڪنجور پٿر مان ٺهيل ۽ چُن ۾ اوساري ٿيل آهي. شاندار شِکر اٿس. هيءَ نائين صدي عيسويءَ جي تعمير آهي. ڇت بارآڌر (corbeled) اٿس. اهي بار ايتري مهارت سان ڏنا ويا آهن جو محراب جهڙي ڏِک ڏني اٿن.
ٻئي ڪافر ڪوٽ بابت پاڪستان هينڊ بوڪ جي ليکڪا اِزوبيل شا (Isobel Shaw) لکي ٿي ته اهو ڪوٽ چشمه بئراج جي الهندي ڇيڙي تان، مروت ٽڪرين ۾ دوربينن جي مدد سان ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو اُتان ڇهه ڪلو ميٽر پري آهي. اوڏانهن پنڌ چڙهي سگهجي ٿو. بهتر آهي ته ڪو گائيڊ پاڻ سان کڻجي. اهو قلعو 62 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جنهن کي ٽن طرفن کان اونها ڍورا آهن. ديوارن جي اوچائي 26 فٽ آهي. قلعو ڏسڻ جي بهترين جاءِ ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ آهي، ڇو ته اتان سنڌوءَ ۽ پرتي پنجاب جا ميدان ڏسجن ٿا، هن وقت قلعي جو هڪ در ۽ ڪجهه ديوارون محفوظ آهن. اهو قلعو ڪرم نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي. اهي مندر اٺين يا نائين صدي عيسوي جا آهن. اهي ماڳ يارهين صديءَ ۾ غزنويءَ جي هٿان تباهه ٿيا. (لڳ ڀڳ 1026ع). منهنجي ذهن ۾ بلوٽ اهڙو ئي آڳاٽو قلعيبند ماڳ هو جنهن ۾ ڪي مندر هئا، پر اسان جتي پهتاسون اهو ماڳ مختلف هو.
بلوٽ شريف مونکي ڪو اهڙو ماڳ محسوس ٿيو جنهن جا بنياد اسلام کان اڳ وڌا ويا هئا. سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي خاص طور تي جبل جي پاڙ ۾ ڪو قديم آثار هجي ۽ ان جا بنياد گهرائيءَ ۾ اسلام کان به هيٺ نه وڃن، اهو مون تمام گهٽ ڏٺو آهي. سنڌوءَ جي وهڪري کان ٿورو پر ڀرو هيءَ جابلو ڪنڌي، ڪو سٺو نخلستان ڪونهي. هيءُ خشڪ ٽڪر آهي ائين جيئن بلوچستان جا آهن. ڪنهن وقت ۾ سنڌو هن جبل جي پاڙ وٽان لنگهندو هو پر هاڻي رخ مٽائي اوڀر طرف کسڪي ويو آهي.
بلوٽ ۾ داخل ٿيڻ سان اسان کي ٽڙپکڙ کجين جا وڻ، زبون قبرون، پيرن جو آستانو ۽ خانقاهه نظر آئي. درگاهه تي ڪافي عقيدتمند اچن ٿا پر جنهن وقت اسان پهتاسون عقيدت مندن جو آخري قافلو موٽي رهيو هو اسان گادي نشين جو پتو ڪيو، خبر پئي ته همراهه ٻاهر ويل آهي. قبرستان جي هڪ مجاور پنهنجون خدمتون پيش ڪيون ۽ قبرستان جي سڀني کان مکيه قبرن تائين رهنمائي ڪئي. اسان هڪ وڏي دروازي مان لنگهياسون، اهو ڪنهن قلعي جي دروازي وانگر وڏو ۽ موڪرو هو. هيءَ اسلامي دور جي اڏاوت هئي. اڏاوت جا ٻيا حصا اسان نه ڏسي سگهياسون، ڇاڪاڻ ته سج لهي ويو هو.
وڏي دروازي کانپوءِ قبرستان جو هڪ ٻيو سلسلو آيو، ان کانپوءِ هڪ چؤديواري وٽ پهچي مجاور جتيون لاهڻ جو اشارو ڪيو، جتيون لاهي اندر داخل ٿياسون. اندر پنج ڇهه قبرون هيون. هڪ قبر تي خاص اهتمام نظر آيو. هيءَ قبر هتان جي سڀ کان مکيه قبر هئي. مجاور، پير صاحب جي ڪجهه ڪرامتن کان آگاهه ڪيو پر منهنجو ڌيان انهن ٻن پٿرن ڏانهن ڇڪيل رهيو جيڪي قبر جي سيراندي ۽ پيراندي کان هئا. پيرانديءَ واري پاسي هلڪي سائي رنگ جو هڪ خوبصورت بيضوي پٿر کتل هو، اٽڪل فٽ کن جو يا ٿورو گهٽ هوندو. پٿر هوبهو مهاديو شو جي لنگم جهڙو هو. مجاور، پٿر بابت ڪجهه به نه ٻڌايو. البت سيرانديءَ کان موجود گهڙيل پٿر بابت هن وٽ هڪ ڪهاڻي هئي.
قبر جي سيرانديءَ وٽ رکيل اهو نانگ ڏاڍي مهارت سان گهڙيو ويو هو. مجاور جي ڪهاڻيءَ موجب اهو نانگ، درويش جو مريد هو جڏهن درويش رضا ڪئي تڏهن اهو نانگ اتي اچي ويهي رهيو ۽ پٿر ٿي ويو. ان نانگ جو وڏو درجو آهي ڇو ته هن مرشد جو پاسو نه ڇڏيو.
هندو ڏند ڪٿا ۾ لنگم ۽ نانگ ٻئي شو مهاديو جون نشانيون آهن. منهنجي ذهن ۾ سوال اٿيو، ”ڇا هتي ڪنهن وقت ۾ شو مهاديو جو مندر هو؟“ پر، ظاهر آهي ته مان اهو سوال مجاور کان پڇي نٿي سگهيس، ڪنهن جي عقيدي جو سوال هو. هتي هر سال چيٽ مهيني ۾ ميلو به لڳي ٿو.
”هتي سوا لک پير، اوليا ۽ نبي دفن آهن“ مجاور چيو، ”هتي علي سائين ۽ ٻيا اصحابي به آيا ... هيءُ تمام وڏي گادي آهي“ مجاور اسان کي روحاني طور مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي سنڌ ۾ سوا لک اوليائن جا ٻه ماڳ ياد اچي ويا. هڪ لاهوت ۽ گهاڙ وارو علائقو.
”هتي ڪي ٻيا کنڊر ۽ نشانيون به آهن؟“ مون مرعوب ٿيڻ جو تاثر ڏيئي مجاور کان عاجزيءَ سان پڇيو.
”کوڙ! نبي سائين جي ڏاچيءَ جا پير آهن، علي سائين جي گهوڙي جي سنبن جا نشان آهن. هڪ پٿر تي علي سائينءَ جي پيرن جا نشان ۽ ٻئي پٿر تي نبي سائينءَ جي هٿ مبارڪ جو نشان آهي ... ڇا هو ته پاڻ نماز پئي پڙهيائون جو هڪ ڪافر وڏي ڇپ کي ٺيلهو ڏنو پر پاڻ سلام ورائي هٿ سان پٿر جهلي ڇڏيائون، اهو نشان آهي.“ مجاور مقدس هستين جو ذڪر ڪري تڏي وانگر وڇائبو پئي ويو.
هي نشان ڪجهه ميل پري هئا. هاڻي اوندهه ٿي چڪي هئي. مجاور گهڻيون ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي خوش ٿيو. درگاهه جِنّ ڪڍڻ لاءِ خاص طور تي مشهور آهي، پري پري کان عورتون، جِنّ ڪڍائڻ اچن ٿيون، تعويذ ڏنا وڃن ٿا. هونئن عقيدت مند هر قسم جي دعا پنڻ اچن.
گادي نشين جي دعوا آ هي ته هتي اصحابي پير عبد الرحمان سميت ٻين 10-15 اصحابن جون قبرون آهن. هاڻوڪي گادي نشينن جو ڪٽنب ملتان ۽ اُچ شريف ۾ اسلام پکڙجڻ کانپوءِ اُچ کان هتي آيو ۽ تبليغ ڪئي ۽ پوءِ معتبري جاري رهندي آئي. گادي نشينن جي دعوا موجب کين بلوٽ شريف جي جاگير بادشاهن ڏني، وٽن اهڙا دستاويز ۽ نشانيون آهن، جيڪي نادر شاهه، اورنگزيب، شاهجهان، ابراهيم لوڌي، اڪبراعظم ۽ تيمور لنگ ڏنيون هيون.

بلوٽ جي اصل ڪهاڻي

بلوٽ جي اصل ڪهاڻي

بلوٽ جي اصل ڪهاڻي اڃا گم آهي.
قبرن کان ڪجهه فاصلي تي هڪ قديم قلعي جا نشان آهن، جيڪو عيسوي سن کان سوا ٻه سؤ سال پراڻو سمجهيو وڃي ٿو. هتي ٻڌن ۽ هندن جي وقت جا آثار آهن. بِل ڪوٽ اصل ۾ اهو قلعو آهي، جيڪو کري بِلوٽ ۽ بلوٽ شريف ٿي ويو آهي. چون ٿا ته دِل ۽ بِل ٻه ڀائر هئا. بِل پنهنجي ڀاءُ دِل جي حملن کان بچڻ لاءِ هيءُ قلعو ٺهرايو هو. دل شريف هو، بِل ظالم. نيٺ هڪ ڏينهن دِل پنهنجي ڀاءُ بِل کي ماري وڌو. چون ٿا ته هن ماڳ جو ذڪر ”مهاڀارت“ ۾ به آهي. تازو پاڪستان ٽيليويزن وارن هن ماڳ جي مختصر ڊاڪيوميٽري تيار ڪئي آهي.
اصل ۾ هن علائقي ۾ ڪافر ڪوٽن جو هڪ سلسلو حصن ۾ ورهايل آهي. جيڪي مسلم دور کان اڳ واري زماني سان تعلق رکن ٿا. قديم وقتن کان انهن ماڳن کي پوترتا/تقدس حاصل آهي. ڪافر ڪوٽن جو هڪ سلسلو بلوٽ لڳ آهي. ٻيو سلسلو بلوٽ کان چاليهارو کن ڪلو ميٽر اتر ۾ ڪِشور (Kishore) ٽڪرين ۾ آهي.
ذڪر هيٺ، ڪافر ڪوٽ سان هڪ ڏند ڪٿا شامل آهي: هڪ ڏينهن اَجري قبيلي جو هڪ ماڻهو مندر جي تهه خاني جون ڏاڪڻيون لهي ويو. اندر خزانو هو. هن خزاني مان ڪجهه شيون کڻي واپس نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته در بند ٿي ويو. خزانو ڦِٽو ڪيائين ته در کلي ويو. ٻيهر خزانو کنيائين ته در ٻيهر بند ٿي ويو. نيٺ خزانو کڻڻ جو ارادو ڇڏي جان بچائي نڪتو. ٻي روايت موجب هن جڏهن خزاني کي هٿ ٿي هنيو ته انڌو ٿي پئي ويو. مڪمل تحقيق نه هئڻ سبب، هنن ڪافر ڪوٽن جي پوري ڄاڻ نه ٿي ملي. پر هڪ روايت موجب اهي قلعا ٽن ڀائرن دِل، بِل ۽ اَڪل جا هئا. دِل راجا جو ڪوٽ اڄڪلهه ڪافر ڪوٽ سڏجي ٿو. بِل جو ڪوٽ بلوٽ آهي ۽ اَڪل جو ڪوٽ اڄڪلهه اڪره سڏجي ٿو، جيڪو بنون ماٿريءَ ۾ آهي. انهن سڀني ڪوٽن جي اڏاوت هڪ ئي قسم جي آهي ۽ اهي مستطيل ٿلهن تي ٺهيل آهن، انهن جا دروازا اوڀر کان آهن. قلعن جي وچ ۾ مرڪزي ڪمرا چورس آهن، جن جي ماپ ٻارهن کان سورهن فٽن جي وچ ۾ آهي.

چشمه بئراج ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال

چشمه بئراج ۽ چشمه جهلم لنڪ ڪئنال

”چشمه بئراج ڪالاباغ کان 33 ميل (50 ڪلو ميٽر) ڏکڻ ۾ ۽ ڪنڊيان شهر کان ڏکڻ اولهه ۾ 7 ميلن جي پنڌ تي، سليمان جبل جي ڪڇ ۾ ٺهيل آهي. بئراج جي کاٻي ڪناري چشمه جهلم لنڪ ڪئنال آهي، جيڪو سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ منڍ کان وٺي تڪراري رهيو آهي. درياهه جي ساڄي پاسي کان پهاڙ پور نهر نڪري ٿي جيڪا سرحد صوبي جي علائقن کي ريج ڏيئي ٿي.
هڪ رپورٽ موجب چشمه جهلم لنڪ ڪئنال تي پنجاب جي 27 لک ايڪڙ زمين جو دارو مدار آهي. اهي زمينون ميانوالي، ڀڪر، ديري غازي خان، مظفر ڳڙهه، بهاولپور، بهاول نگر، رحيم يار خان، ملتان، وهاڙي ۽ چولستان جي علائقن ۾ اچن ٿيون. اهو علائقو پنجاب جي پوکيءَ لائق زمين جو ٽيون حصو آهي، جنهن ۾ ڦُٽي ۽ ميوا وڌيڪ پوکيا وڃن ٿا. 1985ع ڌاري چشمه ڪئنال جي هڪ بحران دوران پنجاب جي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته، جهلم لنڪ ڪئنال بند ٿيڻ سان ڪپهه جون 11 لک ڳنڍون گهٽ لهنديون جنهن ڪري ٽي ارب اسي ڪروڙ رپيا نقصان ٿيندو. ٻئي طرف 50 سيڪڙو باغ متاثر ٿيندا.
چشمه جهلم لنڪ ڪئنال جي ضرورت ان ڪري پيش آئي جو ڀارت مان ايندڙ درياهن جو پاڻي ٻن ملڪن وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻجي ويو. اپ کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ پنجاب ۾ بياس، ستلج، راوي چناب ۽ جهلم جي پاڻين تي پوک ٿيندي هئي پر ورهاڱيءَ کانپوءِ 1- اپريل 1948ع تي بياس ستلج ۽ راويءَ جو پاڻي ڀارت بند ڪري ڇڏيو. معاملو وڃي عالمي سطح تي پهتو. اهو جواهر لال نهرو ۽ لياقت علي خان جي حڪومتن جو دور هو. ڳالهيون ٿيون، نتيجي ۾ 4- مئي 1948ع تي درياهن جو پاڻي جاري ٿيو. نيٺ سيپٽمبر 1960ع ۾ سنڌو طاس ٺاهه هيٺ ٽن درياهن جو پاڻي ڀارت کي ڏنو ويو ۽ باقي ٽي درياهه چناب، جهلم ۽ سنڌو پاڪستان کي بچيا. هڪ رپورٽ موجب بياس، ستلج ۽ راوي ندين ۾ 33 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ايندو هو، جنهن مان 9- ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڀارتي علائقن ۾ استعمال ٿيندو هو ۽ باقي پاڪستاني علائقن ۾.
بياس، ستلج ۽ راويءَ کي پنهنجو نهري نظام هو. پاڻيءَ بند ٿيڻ سان سڄو سرشتو ڦٽي ٿي ويو، تنهن ڪري باقي ٽن درياهن جي پاڻين سان بياس ستلج ۽ راويءَ جي نهري سرشتي کي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 8- نيون رابطه نهرون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو جن ۾ تريمون سڌنائي رابطه نهر، سڌنائي ميلسي رابطه نهر، رسول قادرآباد رابطه نهر، قادرآباد بلوڪي رابطه نهر، بَلوڪي سليمانڪي (Baloki-Sulemanki)رابطه نهر، چشمه جهلم رابطه نهر ۽ تونسه پنجند رابطه نهر شامل آهن. چشمه جهلم لنڪ ڪئنال مارچ 1971ع ۾ ٺهي پورو ٿيو ۽ مارچ 1972ع کان چالو ٿي ويو.
لنڪ ڪئنال چالو ٿيڻ کانپوءِ ان نهر جو پاڻي ٿل جي علائقي ۾ شير ڳڙهه وٽ وڌو ويو. نهر جي ڊيگهه 67- ميل، گهرائي 14- فٽ ۽ ويڪر اٽڪل 400 فٽ آهي. نهر ۾ 21700 ڪيوسڪ پاڻيءَ جي گنجائش رکي وئي آهي. شير ڳڙهه وٽ نهر جو پاڻي جهلم نديءَ ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو جتان چشمه لنڪ جو پاڻي تريمون هيڊ ورڪس جي ذريعي چناب ۾ وڌو وڃي ٿو. ان پاڻيءَ سان جهنگ، ملتان، وهاڙي، اڳوڻي بهاولپور رياست ۽ چولستان جا علائقا آباد ٿين ٿا. چشمه جهلم لنڪ ڪئنال جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنجاب ٿل ڪئنال جو ڪم هٿ ۾ کنيو.
پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو مسئلو ايترو ڳنڀيرآهي جو ڏينهون ڏينهن تضاد وڌندو ئي پيو وڃي. جيتوڻيڪ اسان جي ٽيم جي ڪم ۾ پاڻيءَ جي ورڇ بابت انگ اکر ڏيڻ جو ڪم ڪونه هو، پر هيءُ درياهه ۽ ان جي ڪناري آباد ماڻهن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل سڀ کان اهم مسئلو آهي، تنهن ڪري ڪٿي ڪٿي نهري نظام ، پاڻين بابت ٺاهن ۽ پاڻين سان لاڳاپيل ڪجهه معاملا قلمبند ڪرڻا ئي پون ٿا. سنڌ ۽ پنجاب جا انجيئر کڻي ڪيتري به دعوا ڪن ته هو حق انصاف تي ۽ پاڻيءَ بابت بنيادي، آئيني ۽ عالمي معاملن موجب رپورٽون پيش ڪن ٿا، پر انهن جي رپورٽن ۾ داخليت محسوس ڪري سگهجي ٿي. لڳ ڀڳ سڀ رپورٽون ۽ فيصلا داخلي ۽ ذاتي سوچن کي ظاهر ڪن ٿا.
پنجاب جي طرفداري ڪندڙ موقف موجب، جيستائين سمنڊ ۾ پاڻي ڪرندو رهندو تيستائين سنڌ جو حق غصب نه ٿيندو. ڪيترين ڪوششن جي باوجود تڪرار اڃا جاري آهي. جڏهن سنڌو طاس ٺاهه ٿيو تڏهن صوبا معطل هئا، سنڌ جي طرفداري ڪندڙ موقف موجب سنڌو طاس ٺاهه وقت سنڌ جو موقف نه ٻڌو ويو جنهن ڪري سنڌ کي ڀوڳڻو پيو آهي. سنڌو طاس ٺاهه کانپوءِ تڪرار وڌيو ته پاڻيءَ جي ورڇ جو معاملو طئي ڪرڻ لاءِ وقت به وقت اعليٰ اختياراتي ڪميٽيون ٺاهيون ويون.
ان ڏس ۾ 1969ع ۾ اختر حسين جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي پر سنڌ جي آبپاشي کاتي جي اعتراض تي اها ٽوڙي وئي.
ان کانپوءِ 1970ع ۾ جسٽس فضل اڪبر جي سربراهيءَ ۾ نئين ڪميٽي ٺهي. ان ڪميٽيءَ پاڻي جي وسيلن ۽ برساتن جي مقدار کي به ذهن ۾ رکيو. ان ڪميٽيءَ جي فيصلي تي سنڌ اختلافي نوٽ لکيو، هيءُ جنرل يحيٰ خان جو دور هو. البت، فضل اڪبر رپورٽ ظاهر نه ڪئي وئي.
ان کانپوءِ چيف جسٽس تي ٻڌل هڪ نئين ڪميشن ٺهي، جنهن ۾ سڀني صوبن جا چيف جسٽس شامل هئا، پر ان ڪيمشن به ڪو فيصلو نه ڪيو يا وري اها رپورٽ به خفيه رکي وئي. هيءُ جنرل ضياءُ الحق جو دور هو. ان ڪميٽيءَ ۾ جسٽس انوارلحق ۽ اي ڪي بروهي شامل هئا.
هڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ زمين هيٺ مٺي پاڻيءَ جا ذخيره فقط ڏهه لک ايڪڙ فٽ آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ اهي وسيلا اڍائي ارب فٽ آهن. پنجاب ۾ برسات جو مقدار سراسري طور 40 انچ آهي جڏهن ته سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ 10 انچ مينهن پوي ٿو. هڪ ٻي رپورٽ موجب جنهن جي تصديق ٿيڻ ضروري آهي، پنجاب ۾ پوک هيٺ 22 ملين (2 ڪروڙ 20 لک) ايڪڙن لاءِ 55 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ملي ٿو جڏهن ته سنڌ کي (1 ڪروڙ 10 لک) 11 ملين ايڪڙن لاءِ 42 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ملي ٿو. منهنجي خيال ۾ اها رپورٽ پنجاب واري موقف جي حمايت ۾ ڏنل هڪ اهڙو دليل آهي جنهن ۾ اڻپورا انگ اکر ڏيئي راءِ عامه کي پنهنجي حق ۾ ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
بهرحال، جيستائين لنڪ ڪئنال جو تعلق آهي، انهن جو مقصد فقط اهو آهي ته فاضل پاڻيءَ کي هڪ درياهه مان ٻئي درياهه ۾ منتقل ڪيو وڃي. اهي ڪئنال هڪ ايڪڙ به آباد ڪرڻ لاءِ ناهن. چشمه جهلم لنڪ ڪئنال جي تعمير ايوب خان جي وقت ۾ ٿي هئي. سنڌ جي ماڻهن ان وقت به ان ڪئنال جي مخالفت ڪئي هئي پر ان مخالفت کي نظر انداز ڪيو ويو. اصل ۾ هيءُ ڪئنال تربيلا بند رٿا جو هڪ حصو آهي، جنهن لاءِ عالمي بئنڪ امداد ڏني هئي.

بئراج تي

بئراج تي

سومر-6-نومبر 1989ع
صبح ساڻ انور پيرزادي کي هڪ اهڙو ماڻهو مليو جنهن کانپوءِ کيس ناشتو به نٿو وڻي. اسان جي رات، آبپاشي کاتي جي سهڻي ريسٽ هائوس ۾ ڪٽي آهي. ريسٽ هائوس مان اسان کي اهو فائدو آهي ته ڇت ملي وڃي ٿي جنهن ڪري تنبو کوڙڻ ۽ ويڙهڻ کان ڇٽي ٿا پئون. فقط سليپنگ بيگس ۽ چانهه پاڻيءَ جو سامان وين مان لاٿو وڃي ٿو. ماني ڀرپاسي جي ڪنهن آباديءَ مان هوٽل تان آندي وڃي ٿي. چانهه پي، سليپنگ بيگس ۾ گهڙي سڄي ڏينهن جي گڏ ڪيل معلومات جي ڏي وٺ کانپوءِ بيهوشيءَ جهڙي ننڊ ڪيون ٿا. فقط پنج يا ڇهه ڪلاڪ. فجر مهل ڪليم لاشاري بي نمازين کي ننڊ مان اٿارڻ لاءِ بانگ ڏئي ٿو.
انور صبح ساڻ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي بيهي شايد انت بحر لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جو کيس اهو ماڻهو ٽڪرجي ويو.
”ڀائيجان! هن درياهه جو نالو ڇاهي؟“ انور جڏهن به اڙدوءَ ۾ ڳالهائيندو آهي ”ڀائيجان“ ڪري سڏيندو آهي، پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ کي ”جناب“ چوندو آهي.
”هن درياهه جو نالو؟.. هيءُ پنجاب جو درياهه آهي“ ڪنڌيءَ تي آيل ماڻهو جواب ڏنو.
”درياهه جو ڪو نالو ته هوندو؟“ انور وري پڇيس.
”مونکي خبر ناهي ... بس درياهه آهي“ وري جواب مليو.
”تنهنجو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“ هن ڀيري انور جي لهجي ۾ ٿورو زهر هو.
”او هُتي!“ ڳوٺاڻي ويجهو ئي نظر ايندو وڻڪار ڏانهن اشارو ڪيو.
”درياهه جي ڪناري تي رهين ٿو پر درياهه جي نالي جي خبر ڪونه اٿئي! ان ئي درياهه جو پاڻين ٿو ڏوگهين، انهيءَ تي ٻنيون ٻارا ڪيو پر نالو نه ٿو اچئي!“ انور جي نڪ ۽ ڪنن جون چوٽيون ڳاڙهيون ٿي ويون، ڳوٺاڻي ڀڄي جند ڇڏائي.
”هنن ماڻهن کي سنڌوءَ جو پاڻي پيئڻ جو ڪهڙو حق آهي. انهن جو سنڌوءَ سان ڪوبه تعلق، ڪو به پيار ۽ رشتو ناهي. بس، الائي ڪٿان آيا ۽ ويهجي ويا. هنن کي درياهه جو نالو به نٿو اچي!“ انور صفا چڙيل هو. کيس ڏاڍي مشڪل سان ٿڌو ڪيو ويو.
انور جي چڙ جائز هئي پر ڇا ٿو ڪري سگهجي! ٿل ۾ انهن پناهه گيرن جون ڪافي آباديون آهن، جن کي اپکنڊ جي ورهاڱي وقت هندستان کان لڏپلاڻ دوران خاص طور تي آباد ڪيو ويو هو. پنجاب جي ٻِين حصن ۾ پناهگيرن جون آباديون ايتريون نظر نه اينديون جيتريون ٿل واري نهري نظام جي ڀرپاسي ۾ آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي ورهاڱي کان اڳ به پنجابي ڳالهائيندا هئا. پنهنجو وطن، ڳوٺ ۽ ماضي وساري ڇڏڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي، پر جيڪي ماڻهو هڪ ڀيرو وطن ڇڏي ڪنهن ٻئي ماڳ تي وڃي رهن، انهن مان ڪيئن توقع ڪجي ته اهي نئين زمين سان جذباتي پيار ڪندا! مان فقط اهو ئي سوچيندو رهجي ويس ته جن ماڻهن اڌ صديءَ دوران نئين زمين سان اولاد وارو جذباتي رشتو نه جوڙيو آهي، اهي پنهنجي هِتي هجڻ ۽ محب وطن سڏائڻ جي حق ۾ ڪهڙو دليل ڏيئي سگهن ٿا؟
بئراج جي لهواري پاسي هڪ ٻيڙي بيٺل نظر آئي، نئين هئي، هي ڪَيل (Kel) هئا، سندن سفر ڪالاباغ طرف آهي، هيءُ ٻيڙي بوٽ لاڪ مان لنگهي نه سگهندي ڇو ته بوٽ لاڪ جو ترو لهواري سطح کان ست اٺ فٽ مٿي آهي. اسان پنهنجون ٻيڙيون بوٽ لاڪ مان ان ڪري ڪڍي سگهيا هئاسون جو اهي ننڍيون هيون ۽ ستن اٺن فٽن جي لاهي ترڪي لٿيون هيون. ڪيل قبيلي وارا اُٺ گاڏيءَ جي انتظار ۾ آهن، جيئن ئي اُٺ گاڏي ايندي، هو ان تي ٻيڙي سوار ڪري اوڀاري پاسي وري درياهه ۾ لاهيندا. اهو ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ مرحلو آهي، ٿي سگهي ٿو ته کين ڏينهن اڌ لڳي وڃي. هونئن به بوٽ لاڪ مان ٻيڙيون ڪڍڻ لاءِ ٻن مان هڪ شرط پورو ڪرڻ ضروري آهي، يا ته مٿان حڪم اچي يا وري هيٺين عملدارن کي خرچي پاڻي ڪرائي وڃي.
ڪالاباغ کان هيٺ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي، ڪَيل لوڪن سان پيل واسطي کانپوءِ هنن ڪَيلن سان ڳالهائڻ کان اڳ ڪيئي ڀيرا سوچڻو پيو. نئين ٻيڙيءَ تي چٽيل چٽ ڏسي فوٽو ڇڪڻ تي دل ٿي. اڳئين تجربي کي ذهن ۾ رکي مون ٻيڙيءَ جي مالڪ کان ٻيڙيءَ جا فوٽو ڇڪڻ جي موڪل گهري. موڪل ملڻ تي ٻه چار فوٽو ڪڍي ورتم. ٻيڙي، ننڍي ۽ تراکڙي تري واري هئي. چٽساليءَ ۾ ڳاڙهي، ڦِڪي ۽ سائي رنگ جو وڻندڙ استعمال هو. گل، ٻوٽا ۽ مور جون شڪليون هيون. ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم خاص ڪونه هو.
فوٽو ڇڪي بس ڪيم ته همراهه ڦري آيا، ”فوٽو ڇو ڇڪيئه؟“ اسان جي نَوَن هزارن جي ٻيڙي ... توکڻي فوٽو ڇڪيو!“ هيءُ نوان همراهه اوچتا ظاهر ٿيا هئا. هنن همراهن جو ننڍڙو پر مستقل ڳوٺ چشمه بئراج جي ڏکڻ ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ تي ميل ڏيڍ جي پنڌ تي ڏسڻ ۾ پئي آيو.
اصل اعتراض فوٽو ڇڪڻ تي نه هو. هنن پئسن جي فرمائش ڪئي. ڇا هو لالچي هئا؟ ڪٿي غربت سبب سندن رويو اهڙو جهيڙاڪرته نه ٿيو آهي؟ هيءُ ماڻهو ڪانوَن وانگر مِڙن ٿا ۽ ڪان ڪان ڪري هٿن مان لولو ڦري، پري هٽي وڃن ٿا.
مهم جوئيءَ جي ٻي معنيٰ آهي جوکم کڻڻ. اسان مان گهڻن ئي جوکم کنيو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان، جيڪي ترڻ ڪونه ڄاڻن. هنن ٻيڙين تي سفر خطري کان خالي ناهي. اسان مان هر هڪ وٽ لائف جئڪيٽ آهي. ٻيڙين تي چڙهڻ مهل اُهي ڳچيءَ ۾ وجهي انهن ۾ هوا ڀري وڃي ٿي. سنڌوءَ جي تک ۽ ڇوليو ن ڏسي اهو اندازو ڪرڻ ڏکيو ناهي ته هيءَ لائف جئڪيٽ فقط دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ آهن. خود ٻيڙين جي به ساڳي حالت آهي انهن جي حيثيت سهڻيءَ واري ڪچي دلي کان وڌيڪ ناهي. ڪالهه هڪ ننڍڙو حادثو مونسان به پيش آيو. ٿيو ڇا جو ٻيڙيون چشمه بئراج جي ڍنڍ ۾ بوٽ لاڪ تي اچي بيٺيون. لهڻ جو حڪم مليو. مون بوٽ لاڪ جي دڪي کي هٿ وڌا، ٺيڪ ان وقت ڪو جهٽڪو آيو ۽ ٻيڙي پوئتي نڪري وئي. مون کي خبر ناهي ته ڍنڍ ۾ ڪرڻ کان ڪيئن بچي ويس. مون ڏٺو ته مان دڪي تي بيٺو هئس ۽ کاٻي هٿ جو آڱوٺو بالڪل لهي چڪو هو. جهنگ ۾ ڪٿان ڊاڪٽر اچي ۽ ڪٿان ڪنڀر ملي! پاڻ ئي ڪنڀر ٿيڻو پيو. لڙڪندڙ آڱوٺو ساڄي هٿ ۾ جهلي ڇڪ ڏيئي ان کي پنهنجي جاءِ تي ويهاريم. ڪو دوست پَٽي کڻي آيو، جا ٻڌي ڇڏيم (اهو نقصان اڄ به محسوس ٿئي ٿو. سنڌوءَ جي سفر جو اهو يادگار زخم شايد ڪڏهن نه ڇٽندو).
حادثو فقط مون سان نه ٿيو آهي. اڄ صبح ساڻ پتو پيو ته ٻئي ٻيڙيون پنچر پيون آهن. مورڙئي کي مڙئي وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. اصل ۾ ڪالهه بوٽ لاڪ مان لنگهڻ کان پوءِ ٻيڙيءَ جي سنڀال لاءِ نوجوانن شبير ۽ زبير غلطي ڪري ٻيڙيون پاڻيءَ مان ڪڍي ڪنڌيءَ تي نه رکايون هيون. سڄي رات ٻيڙيون ڇولين تي ڇُلنديون ۽ بند جي پٿرن سان ڇِلجنديون رهيون. صبح جو پتو پيو ته مورڙيو زخمن سان چور آهي، جڏهن ته نوريءَ کي هلڪي مرهم پٽيءَ جي ضرورت هئي. ڪا مهل ٻنهي جا پنچر ڳنڍيندي گذري وئي.
”ويٺو تُنَ تُنيس، مک ڏيهاڙي مَڪڙي
سنباهي سيد چئي، مٿي نينڊُوءَ نيسِ
وٽائي وڏاندار، لاچو لڳائيس
آخر اُهرائيس ته جوکو ٿئي نه جهاز کي.“
(ڀٽائي-سريراڳ)

ڪلُور ڪوٽ

ڪلُور ڪوٽ

ٽيم جي اڳواڻ فيصلو ڏنو ته ٻيڙين جي پنچر ٿيڻ کانپوءِ ٻيڙين تان وزن گهٽايو وڃي. اڄوڪو پنڌ به وڏو آهي، تنهن ڪري ٻيڙين کي هلڪو رکيو وڃي. انور درياهه تي رهندو ۽ مان خشڪيءَ وارا پٽ ڏسندو ويندس. واٽ تي پِيپلان ۽ ڪلور ڪوٽ ايندا. ڪلور ڪوٽ وٽ ٻيڙين کي پئٽرول ڏيئي اڳتي روانو ڪبو شام تائين ديري اسماعيل خان جي پتڻ تي گڏباسون. ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته متان ٻيڙين کي رستي ۾ سج لهي وڃي، ان ڪري هڪ تنبو ۽ ڪجهه سليپنگ بيگس به ٻيڙين تي رکيا ويا آهن. ٻيڙيون 10 لڳي ڌاري روانيون ٿيون. اسان سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي خشڪيءَ جو سفر شروع ڪيو. ڪلور ڪوٽ پهچڻ ۾ اسان کي سوا ڪلاڪ به نه لڳو. هيءُ شهر ٿل ڪئنال ۽ سنڌوءَ جي وچ تي آهي. اسان کي واٽ ۾ ڀِٽون ان ڪري نظر نه آيون جو هيءُ هڪ لحاظ کان ڪچي وارو علائقو هو، جنهن ڪري لٽاشو ۽ سائو هو. درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي ڪلور ڪوٽ کان ڀَڪر ضلعو شروع ٿئي ٿو.
ڪلور ڪوٽ چڱو خاصو شهر آهي، ريلوي اسٽيشن هئڻ ڪري چڱي ترقي ڪئي اٿائين، سٺي بازار اٿس. ڪاسائيءَ جي دڪان تي ٻڪر جو گوشت 28 رپيا ڪلو وڪامجي رهيو آهي. اها حيرت جهڙي ڳالهه ان ڪري ٿي لڳي جو ڪراچيءَ جي بازار ۾ هن وقت ٻاڪري گوشت جي قيمت 45-50 رپيا هلي رهي آهي. ڪلور ڪوٽ ۾ جاين جو نمونو بالڪل اهڙو آهي، جيئن اتر سنڌ جي شهرن لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ روهڙيءَ ۾ جاين جو آهي.
اسان لاءِ ڪلور ڪوٽ جو نالو هڪ ڳجهارت آهي. ڇا ڪلور جي معنيٰ اها آهي جيڪا اسان وٽ آهي؟ ٻن چئن ماڻهن کان سوال ڪيم پر ڪنهن به معنيٰ نه ٻڌائي، اتفاق هو يا شايد اڙدو ڳالهيندڙ ماڻهن جي اڪثريت هئي، هر ڪنهن چيو، ”خبر ناهيءَ ته ڪلور جي ڇا معنيٰ آهي!“ ڪنهن به ماڻهوءَ ”ڪوٽ“ جو ڏس پتو به نه ڏنو. اسان شهر ٽپي درياهه جي ڪنڌيءَ تي ٻيڙين جو انتظار شروع ڪيو. پنچر ٻيڙين جو حال احوال وٺڻ ضروري هو. درياهه جي ڪنڌيءَ تي وڏي کاڌ هئي. ڀر ۾ ئي سرون ٺاهڻ جو بٺو نظر آيو.
اجنبي ماڻهن کي درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڏسي بٺي تي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه ويجهو اچي کيڪاريو ”سلام عليڪم جي!“
”وعليڪم السلام!“
هيءُ بٺو هڪ ٺيڪيدار جو هو ۽ کيڪاريندڙ همراهه درياهه جي ڪلور جو شڪار هو.
”او ! هوءَ وچ درياهه ۾ اڏاوت ڏسو ٿا، اهو هڪ بٺو هو“ مقامي ماڻهو درياهه جي پيٽ ۾ ڪنڌيءَ کان ٻه فرلانگ پري هڪ ڊٺل اڏاوت ڏانهن اشارو ڪري چيو. اڏاوت جي مٿان پاڻي سِير ٺاهي وهي رهيو هو.
”درياهه ڪڏهن پاتو؟“
”پنج ڇهه مهينا ٿيا هوندا جو اهو بٺو چالو هو.“
ڪلور ڪوٽ جي اتر اولهه ۾ ڪافي پنڌ تي درياهه جي هن ڀر، بلوٽ شريف جي مسجد ڏسجي ٿي. درياهه جي ٻئي ڪپ تي ان زمين تي ٽريڪٽر هر کيڙي رهيو آهي، جيڪا اڃا 5-6 مهينا اڳ درياهه ڇڏي آهي.
مقامي نوجوان جي پيدائش 1964ع جي آهي، گهر ۾ اڙدو ۽ پنجابي ڳالهائين ٿا. هونئن سندس پيءُ اوڀر پنجاب جي ضلعي ۽ تحصيل خانپور کان لڏي آيو هو. ان جهوني مڙس ٻه ڀيرا حج ڪيو آهي.
”اسان ڏسون پيا ته درياهه اڃا به پائي رهيو آهي، شهر کي اڃا به نقصان اچي سگهي ٿو، ڪا بچاءَ جي تدبير ڪئي اٿو؟“ اسان نوجوان کان شهر جي بندوبست بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
”هائو! درياهه اڃا پائي پيو، هن ڪناري کان مٽي کڻي کڻي هن پاسي پيو اڇلائي، توهان ڏسو ته هوءَ ڀر هن ڪنڌيءَ کان مٿي آهي، درياهه ضرور نقصان ڪندو.“
نوجوان ٻڌايو ته هاڻوڪي پائيندڙ وٽان سندس پيدائش کان اڳ به ڪڏهن سنڌوءَ پنهنجو گس ٺاهيو هوندو، پر هاڻوڪيءَ ڪور جو ذميوار سنڌو نه هو. نوجوان ٻڌايو، ”هتي پهرين وڻ ۽ ٻيلا هئا، پوءِ آبادي ٿي. آباديءَ جي وڌڻ ڪري پهرين ڪجهه وڻ وڌيا ويا. پوءِ ماڻهن کي لالچ ٿي ته هوريان هوريان سڀ وڻ وڍي ڇڏيائون. ان کان پوءِ هتي بَٺو لڳو ته ٺيڪيدار، ڪنڌيءَ تان چيڪي مٽيءَ کڻڻ شروع ڪئي. جتان جتان مٽي کڄندي وئي، اتي پاڻي ورندو ويو ۽ پوءِ اتان اتان سنڌوءَ دڳ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. هتان 80-90 ٽرڪون روز مٽي کڻنديون هيون. ائين ٿيندي ٿيندي هڪ ڏينهن درياهه هيڏو سارو هنڌ پائي ويو.“
”تحصيل ڪلور ڪوٽ تي هيءَ آفت درياهه نه آندي آهي، اسان پاڻ آفت کي دعوت ڏني آهي، هن صورتحال جو ذميوار ٺيڪيدار آهي جنهن مٽي کڻڻ مهل هن صورتحال جو اندازو نه لڳايو.“ نوجوان جذباتي ٿي چيو.
هن وقت درياهه جي سطح کان ڪلور ڪوٽ جي اوچائي اٽڪل 20-فٽ آهي. نوجوان ٻڌايو ته هاڻوڪي وهڪري ۾ ٻه فرلانگ اندر تائين زمين جي اوچائي ساڳي اها ئي هئي، جيڪا باقي ڪلور ڪوٽ جي آهي. اها سڄي مٽي درياهه نه ڪوري هئي پر گذريل 10 سالن ۾ ماڻهن کنئي هئي.
”پهرين ماڻهن مٽي کنئي، پوءِ زمين هيٺاهين ٿيندي وئي ته هيڏانهن پاڻي لڙي آيو ۽ درياهه پنهنجي پائيندڙ شروع ڪئي. پوءِ مٽي اڳتي هلي وئي ۽ درياهه واري کڻي کڻي هن ڪناري تي اڇلائڻ شروع ڪئي.“ ڪلور ڪوٽ جي نوجوان سنڌوءَ کي ڏوهه ڏيڻ بدران انهن لالچي طبقن کي شهر جو دشمن سڏيو، جن دولت ڪمائڻ جي لالچ ۾ ڪلور ڪوٽ سان ڪلور ڪيو آهي.
سنڌ ۾ ’ڪلور‘ جي معنيٰ آهي ’ظلم يا قهر‘. چوندا، ’وڏو ڪلور ٿي ويو ... ڪلور ٿي ويا“ هي اصطلاح ڪلهوڙن جي وقت کان مروج ٿيو آهي. شايد ڪلهوڙن جي پکڙجڻ ۽ سندن رياستي گرفت سبب ’ڪلهوڙا ٿيڻ‘ يا ’ڪلهور ٿيڻ‘ جو اصطلاح وجود ۾ آيو آهي. ڪلور ڪوٽ جي تاريخ ۽ معنيٰ ڪهڙي به هجي، حقيقت اها آهي ته هن شهر سان ماٺ ميٺ ۾ وڏو ڪلور ٿي ويو آهي.

دريا خان ڏانهن

دريا خان ڏانهن

منجهند جو سوا ٻارنهن لڳي ڌاري ٻيڙين کي ڪلور ڪوٽ کان اڳتي روانو ڪري، اسان ديري اسماعيل خان ڏانهن روانا ٿياسون، جتي ٻيڙيون درياهي واٽ سان پهچنديون. ديرو اسماعيل خان درياهه جي ساڄي ڪناري تي آهي. اتي پهچڻ لاءِ اسان کي ”دريا خان“ شهر کان پُل ٽپڻي پوندي. ڪلور ڪوٽ کان ”دريا خان“ جو مفاصلو اٽڪل چاليهه ڪلوميٽر آهي.
ڪلور ڪوٽ وٽ سنڌوءَ جي ڪنڌي ڇڏي، اسان ڏکڻ، ڏکڻ اوڀر ۾ سفر جاري رکيو. هن واٽ تي ٿل ريگستان جي ڏِک موجود هئي. ننڍيون ننڍيون ڀِٽون ۽ ان جي وچ وچ ۾ زرخيز مٽيءَ جا ويرا. اهي ويرا ٽيوب ويلن ۽ نهري سرشتي سان آباد آهن. پوک ڇڊي آهي.
پندرهن منٽن جي پنڌ تي ڳوٺ شاهه عالم آهي. ترسڻ جو وقت نه هئڻ ڪري ڀتين تي لڳل پوسٽر ۽ چاڪنگ ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ٻيو رستو نه هو.
”فلاڻي فلاڻي بيماريءَ جو علاج ممڪن آهي ... علاج ڪرايو.“
”فلاڻي پوک لاءِ فلاڻو ٻج ۽ فلاڻو ڀاڻ استعمال ڪيو.“
”فلاڻي مهيني کان اڳ فلاڻي فصل جو ٻج ڇٽي ڇڏيو.“
سچ پچ ته هنن ديواري اشتهارن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. چئي نٿو سگهجي ته صحت کاتي ۽ زراعت کاتي وٽ دعائون، ٻج ۽ ڀاڻ موجود آهن يا نه، اسپتالن ۽ زرعي مرڪزن ۾ مريضن ۽ هارين کي گهربل شيون ملنديون يا نه، پر ٻنهي کاتن جي اطلاعات مهم سٺي ۽ ڪامياب هئي.
ديوارن تي سياسي نعرا به لکيل هئا،
”جي ايم سيد کي ڦاسي ڏيو!“
”جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو!“
”جي ايم سيد کي جلا وطن ڪيو!“
جي ايم سيد سان سياسي اختلاف رکڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي، ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي هن قوم پرست اڳواڻ سان گهڻا سنڌي متفق نه به هجن پر پنجاب ۾ خاص طور تي ٿل ۾ جي ايم سيد جي خلاف چاڪنگ پڙهي مون کي افسوس ٿيو. ٿل، پنجاب جي قوم پرست اڳواڻ غلام مصطفيٰ کر جي اثر هيٺ علائقو سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن غلام مصطفيٰ کر جهڙو سياستدان ٺيڪ آهي ته پوءِ جي ايم سيد جي قوم پرستيءَ تي اعتراض لاءِ ڪهڙو دليل بچي ٿو. پنجاب ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ اجنبيت جو احساس ۽ اهو تاثر عام ملي ٿو ته سنڌي ماڻهو پاڪستان جا سڄڻ ناهن، پوءِ کڻي اهي قوم پرست هجن يا وفاق پرست. هيل تائين پنجاب جي ماڻهن سان حال احوال ۾ اسان اهو شدت سان محسوس ڪيو ته پنجاب جا ماڻهو سنڌ جي اصل حالتن ۽ واقعن کان بالڪل اڻڄاڻ آهن. ان ۾ سندن ڏوهه به ناهي. ظاهر آهي ته هو انهن ئي رپورٽن ۽ خبرن تي ويساهه ڪندا جيڪو ريڊيو، ٽيليويزن ۽ پنجاب جي اخبارن ۾ ڇپجي ٿو. يا وري اڳواڻ کين ٻڌائين ٿا. مون کي اهو به شدت سان محسوس ٿيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ماڻهن جي وچ ۾ رابطي جي وڏي کوٽ هئڻ ڪري سياسي ويڇا پئجي ويا آهن. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کان بنهه ابتڙ انداز ۾ سوچين ٿيون. پنجاب جي سياستدانن پنهنجا ووٽ کرا ڪرڻ لاءِ جي ايم سيد ۽ پيپلز پارٽيءَ خلاف خوب ڳالهايو آهي، نتيجي ۾ سڄي سنڌ صوبي کي ”باغي صوبو“ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهه ڪندڙ ڪنهن به سنڌيءَ کي وطن دشمن سمجهيو وڃي ٿو. اها صورتحال ڪيڏانهن وٺي ويندي ؟ ان جو جواب سياستدان ئي بهتر طور تي ڏيئي سگهندا.

دريا خان ۾

دريا خان ۾

ديرو دريا خان ديري اسماعيل خان جي آمهون سامهون سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي سمنڊ جي سطح کان اٽڪل 500 فٽ مٿي واقع آهي. خشڪيءَ جو قافلو منجهند جو هڪ لڳي،دريا خان شهر ۾ داخل ٿيو.چڱڙو مصروف شهر ۽ ڀڪر ضلعي جي هڪ تحصيل آهي.ديرو اسماعيل خان اڃا ڪجهه ڪلوميٽر پري آهي.دريا خان ۾ سڀ کان تاريخي ماڳ سلطان حاجي ... بُڍا شاهه بخاريءَ جي درگاهه آهي.
دريا خان کان، سر ڏکڻ ۾ ترتيبوار ڀَڪر، ڪروڙ ۽ لَياهه شهر آهن، اوڀر ۾ ويجهو ڪو به خاص شهر ڪونهي.
هيءُ شهر 6-7 سؤ سال پراڻو ٿيندو. دريا خان ۽ ديري اسماعيل خان جي وچ ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو آهي. ٻنهي شهرن جي وچ ۾ جيتوڻيڪ هاڻي هڪ پل ٺهي چڪي آهي پر ڇاڪاڻ ته اها ڏکڻ طرف ڪجهه پرڀري آهي، تنهن ڪري عام ماڻهو پتڻ تان ٻيڙين ذريعي درياهه اُڪرڻ بهتر سمجهن ٿا.
اسان کي ڪلور ڪوٽ کان دريا خان تائين واريءَ جون وڏيون ڊٻون نظر آيون، پر دريا خان کانپوءِ ڪچي واري علائقي ۾ چڱڙي پوک آهي. دريا خان شهر لڳ کجيءَ جو وڻ ڪافي آهي. ڪاٺ جو ڪاروبار ڪافي آهي.
دريا خان کان نڪرندي سرون ٺاهڻ جا بَٺا ۽ اٽي پيهڻ جون چڪيون جام مليون. پُل ٽپڻ کان اڳ شاهي روڊ تي ڪافي وقت تائين اٽي پيهڻ جي هڪ چڪي گراهڪن کي پري پري تائين سڏڙا ڪندي نظر آئي. ”اُو ...اُو ...اُو ...اُو ...اُو“.
خشڪيءَ وارو قافلو ديره سماعيل خان تائين اڍائي بجي پهچي ويو. ٻيڙيون شام جو پنجين لڳي ڌاري پهتيون. اڄوڪي ڏينهن ۾ اسان ڪا به معلومات هٿ ڪري نه سگهيا آهيون. ديري اسماعيل خان پهچڻ جي تڪڙ ان ڪري هئي ته اتان جي ضلعي اتنظاميه سان رابطو ڪري، رات ٽڪڻ جو بندوبست ڪرڻو هو. پر ان کان اڳ پتڻ تي ٻيڙين جو انتظار ضروري هو، جيڪي ڪچي پنچر سان درياهه ۾ لاٿيون ويون هيون. ڪجهه به هجي، اڄوڪو ڏينهن حقيقت ۾ اجائي تڪڙ جو شڪار ٿيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ٻيڙين تي سوار دوستن کي ڪا دلچسپ ڳالهه ملي هجي!
ٻيڙين واري ٽيم کي ديري اسماعيل خان کان ڪجهه اتر ۾ وري ڪيل (Kel) لوڪن جون جهڳيون مليون. انور ٻڌايو ته سندن جهڳين وٽ ڪُمين جا هڏا ۽ کلون موجود هيون، ڪُمي مسلمان وٽ حرام آهي، جيڪا هنن لوڪن کاڌي هئي پر اعتراف نه ڪيائون. هڪ ڪيل جي ڳچيءَ ۾ روپي ۽ چانديءَ جا ٻه تائٿ هئا، جن مان هڪ بخار لاهڻ لاءِ ۽ ٻيو مٿي جي سور لاءِ هو. هنن پاڻ کي مهاڻا سڏيو، شايد مڇي مارڻ سبب. انهن ماڻهن انور کي ٻڌايو ته سندن قبيلو ڪالاباغ کان ديري غازي خان تائين پکيڙيل آهي. هن علائقي ۾ هڪ ذات ”ڏڦير“ به موجود آهي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ڏڦير لفظ ڦڏئيءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڏڦير ذات سنڌ ۾ به آهن. ڏڦو هڪ ننڍڙو ڀالو ٿئي ٿو، ڏڦير جي معنيٰ آهي ڏڦي سان شڪار ڪندڙ، يعني ’شڪاري‘.

ديرو اسماعيل خان

ديرو اسماعيل خان

جيڪڏهن ديري اسماعيل خان ۽ ديري دريا خان جي وچ ۾ سال ڏيڍ اڳ ٺهيل پل هٽائي ڇڏجي، ته ديرو اسماعيل خان هڪ اهڙو ڏورانهون شهر ٿي پوندو، جنهن جي ويجهو ٻيو ڪوبه وڏو شهر ناهي. هتي ريلوي اسٽيشن به ناهي، البت هوائي اڏو ۽ رات ڏينهن ڪم ڪندڙ ٽيليگراف آفيس موجود آهي. ديرو اسماعيل خان سرحد صوبي جو شهر آهي، جڏهن ته درياهه جي ٻئي ڀر ديرو دريا خان پنجاب جو حصو آهي. ٻنهي شهرن ۽ پري پري تائين ٻهراڙين جي ٻولي سرائيڪي آهي. البت ديري اسماعيل خان ۾ پشتو ڳالهائيندڙ به آهن.
ديري اسماعيل خان کان اولهه طرف 70-80 ڪلو ميٽرن تائين پکڙيل برپٽ کي ”دامن“ چون ٿا، جيڪا اصل ۾ سليمان جبل جي ڪڇ آهي. ان ”ڪاڇي“ واري علائقي ۾ آباديءَ جي ڪا به صورت ناهي، سواءِ برساتي ندين جي، جڏهن مينهن پوي تڏهن جابلو نديون سنڌ جي نئه گاج وانگر ڪڙڪاٽ ڪيو لهن ۽ دامن جي مختلف حصن مان پکڙجي يا پنهنجي لاءِ مقرر ڪيل واٽن تان ٿيندو اچي سنڌوءَ ۾ پون. اهو پاڻي مقدار ۾ 5-10 هزار ڪيوسڪ کن ٿئي. چون ٿا ته انگريزن جي دور ۾ ان پاڻيءَ کي ڪنٽرول ۾ آڻي پوک لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، اهو سرشتو ”رود ڪوهِي“ سڄو ٿي ويو. مقامي ماڻهن جو مطالبو آهي ته اهو جابلو پاڻي جهلي ان کي ٺيڪ طرح چئنلائيز ڪيو وڃي، ڪوهه سليمان جو دامن ڏسي مون کي کيرٿر جو ڪاڇو ۽ ڪوهستان ياد اچن ٿا، جتان جا ماڻهو به ساڳئي قسم جو مطالبو ڪندا رهندا آهن.
دامن جو زمينون ڏاڍيون ڀليون آهن پر پاڻي ڪونهي. جر جو پاڻي ڪافي هيٺ آهي. جن جاين تي بجلي پهتي آهي يا جتان واهه لنگهي ٿو چڱي پوک ٿئي ٿي. پر اڪثريت کي برساتن جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. سندن نگاهون هميشه آڪاس ۾ آهن. ٽيوب ويل هڻڻ غريبن جي وس جي ڳالهه ڪانهي. مون ڏاڍي شدت سان محسوس ڪيو آهي ته جتي جتي سرائيڪي لوڪ رهن ٿا اتي پاڻي ته ٺهيو ٻيا ترقياتي ڪم به نه ٿيڻ جي برابر آهن ۽ جتي جتي پنجابي لوڪ آهن، اتي ترقياتي رٿائون زورن تي آهن. ائين ڇو آهي؟ صرف ايترو چوڻ ته جاگرافيائي حالتون سازگار آهن يا ناهن، مناسب نٿو لڳي. صرف اهو چوڻ ته سرائيڪي لوڪ محنت نٿا ڪن، اهو به غلط آهي. ڇا هتي انگريزن واري زماني جو رود ڪوهِي سرشتو ٻيهر جيئاري نٿو سگهجي؟
ديرو اسماعيل خان، لڳ ڀڳ چار سؤ سال پراڻو (سورهين صديءَ جو) شهر آهي. مقامي زبان ۾ ديرو معنيٰ ٿاڪ، ڪئمپ يا چوڪي آهي. 1882ع ڌاري شهر جي آبادي 23 هزار هئي.
ڊي آءِ خان ۾ 1974ع ۾ گومل يونيورسٽي قائم ٿي ته ماڻهو ٽِڙي پيا. هڪ هزار ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هن يونيورسٽيءَ مان ماڻهن کي وڏيون اميدون آهن، ان ڪري استاد، شاگرد ۽ شهري وڏي جذبي سان اداري جي ترقي، ساک ۽ مقصد جي ڪمن ۾ جنبي ويا. پاڪستان جي هر يونيورسٽي سياست جو ڳڙهه ٿي چڪي آهي، هر هنڌان خودڪار هٿيارن جا ٺڪاءَ ٻڌا ويا آهن پر گومل يونيورسٽي اڃا تائين بچيل آهي. ڪاش سڀ يونيورسٽيون پرامن تعليمي ادارا بڻجي وڃن.
لفظ ”ڊيره“ سنڌي لفظ ”ديرو“ جي برابر آهي، جيڪو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سمجهيو وڃي ٿو. لاڙڪاڻي طرف رتو ديرو، نئون ديرو مشهور شهر آهن. اسماعيل خان، جنهنجي نالي پٺيان شهر قائم آهي اصل ۾ افغانستان کان آيل بلوچ هو. سند س ٻه ڀائر ٻيا به هئا، غازي خان ۽ دريا خان، ٽنهي ڀائرن جدا جدا جاين تي پنهنجا ديرا ڄمايا. هي اهو دور آهي جڏهن بلوچن مڪران، قلات، چاغي ۽ سبيءَ کان سنڌوءَ طرف لڏپلاڻ ڪئي. ان وقت ملتان تي لانگاهه سلطان حسين جي حڪومت هئي. هو بلوچن جي اُٿل کي روڪي نه سگهيو تنهنڪري اهو علائقو هوت بلوچ سردار سهراب خان دودائيءَ کي جاگير ڪري ڏنائين. غازي خان، اسماعيل خان ۽ فتح خان سندس پٽ هئا. هي بلوچ ڀائر 1540ع ڌاري شير شاهه جا همعصر آهن. هوريان هوريان اهي ديرا ٽنهي ڀائرن جي نالي سان مشهور ٿي ويا. ديرو دريا خان ته اسان اڄ منجهند ڌاري درياهه جي هُن ڪپ تي ڏسي آيا آهيون، جيڪو ديري اسماعيل خان جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو شهر آهي. هاڻوڪو ديرو اسماعيل خان 1823ع کان پوءِ جو آهي. اصل شهر ساڳئي سال وڏي ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو هو.
ڪوهه سليمان جي دامن ۾ برساتي ندين جو زبردست ڄار آهي. سچ پچ به جيڪڏهن انهن تي بند ٻڌا وڃن ته هڪ طرف جر ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو وڌندو ته ٻئي طرف ڪوهه سليمان جو ڪاڇو آباد ٿي ويندو. هيءَ تمام ڀليون زمينون آهن فقط پاڻيءَ جي ضرورت اٿن. مکيه نو ندين جا نالا ڪجهه هن ريت آهن، تڪ وارا، لُوڻي (جنهن جي ڪنڌيءَ تي ڪُلاچي شهر آهي). سَوا (Sawa)، کورا (Khora) (جيڪا تخت سليمان وٽان لهي ٿي) ۽ گاجستان. اهي جابلو ڍورا وڌ ۾ وڌ 3379 ميٽرن کان گهٽ ۾ گهٽ 900 ميٽرن جي اوچاين تان لهن ٿا. سنڌ ۾ ڪا به نئه ايتري اوچائيءَ تان نٿي لهي. ڊي آءِ خان ۽ تونئسه بئراج جي وچ ۾ بيشمار ڍورا سهي پر سروي آف پاڪستان جي نقشي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڍورن جا نالا لوڻي (Luni) لکيل آهن. پهرين لوڻي نئه، ڪلاچيءَ کان ٿي، ڊي آءِ خان جي اولهه ڏکڻ کان لنگهي، سنڌوءَ ۾ پوي ٿي. ٻي لوڻي نئه، نئه سَوا جي پڇڙي آهي ۽ ٽين لوڻي، ضلعي لورالائي کان شروع ٿي ديري غازي خان کان لنگهي، تونئسه شهر وٽ سانگهر (Sanghar) جي نالي سان سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌ ۾ لوڻي نالي هڪ ماڳ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ وچ ۾ سپر هاءِ وي تي نئه بارڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي. اِتي ٽالپرن سان منسوب هڪ ڦٽل ڪچي قلعي جا نشان آهن.
ديري اسماعيل خان جي پتڻ تي درياهي آگٻوٽ انگريزن جي دور جي يادگار طور بيٺو آهي. هيءُ ڊبل اسٽوري شاهي آگبوٽ پنهنجي جاءِ تان عام طور تي چوريو پوريو نٿو وڃي. مقرر ٿيل سرڪاري عملي جي دعوا آهي ته، آگٻوٽ چالو حالت ۾ آهي. ديري اسماعيل خان کان ديري دريا خان لاءِ مسافر کڻندڙ، مسافر لانچون واري واري سان آگٻوٽ سان لڳي بيهن ٿيون. مسافر لانچ تان لهي بيٺل آگٻوٽ تي هڪ پاسي کان چڙهي ٻئي پاسي پتڻ تي لهي اڳتي هليا وڃن ٿا. ساڳيءَ طرح دريا خان ويندڙ مسافر، پهتل لانچ ۾ چڙهي روانا ٿين ٿا. مسافر پاڻ سان گهڻو ئي سامان کڻن ٿا. کير جون ٽانڪيون، رڍون ٻڪريون، سائيڪلون، کٽون، هٿ هنرن جو سامان، هنڌ بسترا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. درياهه جي سير ساڄي ڪنڌيءَ کي ويجهي آهي، جنهن ڪري ديري اسماعيل خان جو حفاظتي بند چڱو مضبوط آهي. بند جو فائدو وٺي درياهه جي ڪنڌيءَ کي باغن ۽ هوٽلن جي ذريعي چڱي پڪنڪ ماڳ طور ترقي ڏياري وئي آهي. جيتوڻيڪ ڊي آءِ خان چڱو قدامت پسند شهر آهي، تڏهن به ڪي ڪٽنب ٻارن ٻچن سميت درياهه جو جاهه جلال ڏسڻ اچن ٿا. يقيناً اونهاري جي مند ۾ درياهه جو مزو ئي ٻيو هوندو، ان صورت ۾ هيءُ درياهه پار ڪرڻ ڏاڍو خطرناڪ هوندو. (تازو ئي مئي 1992ع ۾ هڪ اسٽيمر سيِر ۾ مسافرن سميت ٻڏي ويو).
آگٻوٽ جو نالو ايس ايس جهلم آهي. هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڊيگهه 100 فٽ اٿس. هيءُ ٻيڙو 1917ع ۾ گلاسڪو ۾ ٺهيو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران عراق جي شهر بصره ۾ استعمال ٿيو ۽ نيٺ ڪالاباغ لڳ 1931ع ۾ ٺهيل پل جي ڪمن ڪارين ۾ بهرو ورتائين ۽ پوءِ 60 ميل هيٺ ديري اسماعيل خان جي ڪنڌيءَ تي اچي بيٺو.
ديري اسماعيل خان ۽ ديري دريا خان جي وچ ۾ ٺهيل نئين پل کان اڳ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ ٻيڙين جي پُل هئي، جيڪا 1985ع ۾ کنئي وئي. ٻنهي شهرن وچ ۾ درياهه جو پيٽ ڏهه ڪلو ميٽر آهي. اونهاري ۾ 20 ڪلو ميٽر ٿي وڃي ٿو ان ڪري ٻيڙين واري پل درياهه جي مختلف ٻيٽن کي ڳنڍي ڳنڍي ٽريفڪ کي پار پهچائيندي هئي. نئين پل فقط هڪ ڪلو ميٽر ڊگهي آهي پر ان هنڌ درياهه جي پيٽ ۾ وڏا بند ۽ ننڍيون پليون ٻڌي درياهه جي ننڍن وهڪرن ۽ ڇاڙن کي ضابطي ۾ آندو ويو آهي. نئين پل ڊي-آءِ خان کان پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي پر مجموعي طور تي ٻنهي شهرن وچ ۾ 19-20 ڪلو ميٽرن جو فاصلو پيدا ٿئي ٿو اهو ئي سبب آهي جو عام ماڻهو هاڻي اسٽيمر ذريعي مختصر سفر کي بهتر سمجهن ٿا.

آلودگي

آلودگي

سنڌوءَ جي ڪناري وڏو شهر ڏسي جيتري خوشي ٿئي ٿي، ان کان وڌيڪ ڏک ٿئي ٿو. ايس ايس جهلم جي ڀرسان شهر مان ايندڙ گندي پاڻيءَ جو نالو سنڌوءَ ۾ پوي ٿو. ماحول ۾ جيتري ڌپ پکڙجي ٿي، ان کان هڪ لک ڀيرا وڌيڪ گند سنڌوءَ ۾ نيڪال ڪري درياهه ۾ آلودگي پکيڙي پئي وڃي. ڊي آءِ خان جي گٽرن جو پاڻي سنڌوءَ ۾ پوي ٿو. لهواري پاسي رهندڙ ماڻهو اهو پاڻي پيئڻ ۽ جيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
هن کان اڳ ڪابل نديءَ ۾ نوشهري جون سموريون گٽر لائنون ڇوڙ ڪن ٿيون. ڪابل ندي، اها گندگي سنڌوءَ ۾ شامل ٿي ڪري. اهو عمل ڪو ڪلاڪ اڌ نٿو هلي، گٽرن جو بدبوءِ دار پاڻي گندن آبشارن وانگر مسلسل درياهه ۾ شامل ٿي رهيو آهي. مولوي صاحب جيڪي شهر جي سياست تي قابض آهن، سمجهن ٿا ته وهندڙ پاڻي پاڪ رهي ٿو، پر انهن مان ڪو به مولوي صاحب ڊي آءِ خان جي ڏکڻ ۾ ميلن تائين درياهه جي ڪنڌيءَ تي ويهي وضو ڪرڻ پسند نه ڪندو.
ريسٽ هائوس نه ملڻ جي صورت ۾ اسان ايس ايس جهلم تي ڊاٻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر پوءِ سج لٿي مهل سرحد جي ضلعي انتظاميه سرڪٽ هائوس جو بندوبست ڪري ڏنو. هيل تائين پنجاب ۾ ضلعي انتظاميائن، سنڌ سرڪار جي هن ٽيم کي ڪا لفٽ نه ڏني آهي نه ئي وري ڪا رهنمائي ڪئي آهي. سرحد صوبي جي ڪنهن مکيه شهر ۾ هيءَ پهرين منزل هئي، جتي عزت سان گڏ رهنمائي به ملي. مون شايد مٿي به ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته، پنجاب جي حدن مان لنگهڻ وقت اسان ائين محسوس ڪيو، جيئن اسان تي ڪا چوڪسي هجي، رهنمائي ۽ مدد ڪجهه به نه.
سنڌوءَ جو سفر شروع ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن جديد سهوليتن واري شهر ۾ اسان جو پهريون ڊاٻو ديري اسماعيل خان ۾ ٿيو آهي. ريسٽ هائوس جي ڀرسان ئي ٽيليگراف آفيس آهي. جيتوڻيڪ گهرٻار ڇڏي اڃا هفتو به ڪونه ٿيو آهي پر ائين ٿو لڳي ته اسان ڪنهن اهڙي ٽائيم مشين ۾ گهڙي ويا آهيون، جنهن اسان کي صديون پراڻي دور ۾ اڇلائي ڇڏيو آ هي. اڄ ديري اسماعيل خان ۾ نئون زمانو ڏسي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ٽائيم مشين غلطيءَ سان اسان کي ڇڪي پنهنجي دور ۾ واپس آندو آهي. اهڙو موقعو ڪير وڃائڻ گهرندو؟ هر ڪنهن جا قدم پنهنجي ليکي ٽيليگراف آفيس ڏانهن وڌيا.
هر ڪنهن ٽيليفون رستي پنهنجي خير خيرت جو احوال پهچايو، گهرٻار جي خبر ورتي ۽ تازو توانو ٿيو ... پر ڪريم ميمڻ کي گهران ڏاڍي خراب خبر پهتي آهي. سندس ڀيڻ ٽي ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ گذاري وئي آهي. سڀئي ساٿي ڪريم سان همدرديءَ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن! سڀني کيس صلاح ڏني ته هوائي جهاز ذريعي حيدرآباد روانو ٿي وڃي پر ڪريم سنڌو ياترا اڌ ۾ ڇڏڻ نٿو گهري. چوي ٿو، ”امانت وڃي ڌڻيءَ کي پهتي، هاڻي پوئتي ڇاهي!“ ڪريم ميمڻ سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ وڊيو آفيسر آهي. هن مهم ۾ سندس ذميواري آهي ”انڊس ايڪسپيڊيشن“ دوران وڊيو تيار ڪرڻ، جيڪا مهم جي پڄاڻيءَ تي ايڊٽ ڪرڻ کانپوءِ منظر عام تي آندي ويندي. ڪريم کي اندازو آهي ته جيڪڏهن هو مهم ۾ اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو ته وڊيو جو ڪم متاثر ٿيندو. محمد علي ۽ ڪليم لاشاريءَ ڪريم ميمڻ تي چڱو زور ڀريو ته هو ڀلي موٽي وڃي، وڊيو ٺاهڻ جو ڪم هو سنڀالي وٺندا، پر ڪريم نه ويو سندس همٿ جي ڳالهه آهي.

طوطي خان سان ڪچهري

طوطي خان سان ڪچهري

رات جا ساڍا نَوَ
”تنهنجو اصل نالو ڇاهي؟ ۽ توکي طوطي خان ڇو ٿا چون؟ اهو عجيب نالو ناهي؟“ مان ۽ انور پيرزادو اڄ ان موڊ ۾ آهيون ته پنهنجي ٽيم جي معلم طوطي خان جو انٽرويو ڪيون. اسان جي خواهش هئي ته طوطي خان اسان جي سوالن جا جواب پنهنجي مادري ٻولي هندڪو ۾ ڏيندو هلي ته جيئن اسان هندڪو ۽ سنڌي ٻولين وچ ۾ هڪجهڙائي يا تفاوت محسوس ڪندا هلون.
”طوطي (Totee) خان دا مطلب اَي وي ڪه جِس وقت مين ڇوٽا آن، بچه آن، تَي نِڪڙَي هوندي آن مين گلان شروع ڪِيتيان، ستان مهيني ميري زبان چلي اَي تي! اس وقت مين ماءُ دا اور پيءُ دا لاڊلا پتر بڻ گَيان- تو بچپن تَون مين گلان ڪرڻ لگان ها تو اُس وقت ميرا نان رک دتا اين ڪه اَي جيها گلان ڪرنا تَي بالڪل طوطي پيا ڪرنا ... باقي تَي ميرا اصل نان سدبرگ گل اَي يعني گلاب کا ڦول، لکڻا پڙهڻا پَئدا اَي تَي سدبرگ عرف طوطي خان“ طوطي خان پنهنجو تعارف ڪرائي ويو. ”هيءَ ڇا شيءِ آهي؟“ مون طوطي خان کي ڀُرٽ ڏيکاريو جيڪو مون جيڪو جهانگيره وٽان کنيو هو.
”اسين لوگ آکنا ڀروٽ ... اَي ڪَپڙان دَي چمٽيا اَي نان تَي ڪپڙان دي نال آهستي آهستي لِويٽئي نال ... ان دا هور ڪوئي ڪام نهين هئه نان، صرف بالڻ (ٻارڻ) دَي ڪام آندا اَي.“
طوطي خان ٻڌايو ته سندس علائقي ۾ ڀُرٽ هڪ ٻوٽي جو نالو آهي، جنهن جو قد چار پنج ۽ ڇهه ست فٽ به ٿيندو آهي. ان جو ٻج اڌ مُني انچ جو بيضوي شڪل جو ٿئي ٿو، جنهن تي ڪنڊا ڪنڊا اڀريل هوندا آهن. ساڳئي علائقي ۾ ”ٽالهي“ به ٿئي ٿي، جيڪو ساڳوان وانگر مضبوط ڪاٺ آهي ان مان پيٽين جا تختا، ٻيڙين جا ڪي حصا ۽ فرنيچر ٺهي ٿو. اڄڪلهه شيشي جو سامان ان ئي ڪاٺ جي پيتين ۾ وجهي روانو ڪيو وڃي ٿو.
ٽالهيءَ کان سواءِ سفيدو وڻ آهي جيڪو پنهنجي اوچائي سبب نمايان آهي. سفيدي جو ڪاٺ نرم ٿيندو آهي تنهن ڪري ان مان ۽ بانس مان ماچيس جون تيليون ٺاهيون وڃن ٿيون. بيد به هتي جام آهي، جيڪو سنڌ ۾ ناهي. البت لڪيءَ وارن جبلن ۾ اهڙي ڪاٺ جا پنڊ پهڻ ملن ٿا جيڪو بيد يا بانس ٿي سگهي ٿو. هن علائقي ۾ نم کانسواءِ ٻيا اڪثر وڻ ٻوٽا آهن جيڪي سنڌ ۾ ٿين. هن علائقي ۾ ٽالهيءَ جي نالي سان هڪ ٻوٽو به ٿئي ٿو. هندڪو ۾ وڻ لاءِ ٻه ٽي نالا آهن ڪي بَڻ يا وَڻ چون، ڪي جنگي يا جهنگي چون، نئين زماني ۾ درخت به عام ٿيو آهي پر عام طور تي ته جهنگي لفظ ڪتب اچي ٿو. جهنگي گهڻا هجن ته ٿئي جهنگل، بَنَ (وڻ) گهڻا هجن ته به ٿئي ”بَن“ سنسڪرت ۽ ان جي اثر هيٺ بنگال تائين سڀني ٻولين ۾ ”بن“ جي معنيٰ ”جهنگ“ آهي، جيئن بَن مانس (جهنگلي ماڻهو) سندربَن (سهڻو ٻيلو) يا بن واس (جهنگ ۾ واسو يا رهڻ) وغيره. جهنگل کي انگريزيءَ ۾ به جنگل چون جيڪو لفظ سنسڪرت جي ’جانگل‘ تان ورتل آهي. انگريزن وٽ ٻيلي لاءِ لفظ جهنگل، کانسواءِ ٻيا پنهنجا به لفظ آهن جيئن ’وُڊ‘ يا ’فاريسٽ‘.
طوطي خان سنڌوءَ ۾ تربيلا کان پنجاهه ميلن جي پنڌ ’دربند‘ کان وٺي ڪراچيءَ تائين سفر ڪيو آهي. دربند شروع ۾ علائقو غير هو، هاڻي ”رعيت“ ٿي ويو آهي. دربند آباد ايوب خان جي دور ۾ ”رعيت“ ۾ شامل ٿيو. طوطي خان اکين ڏٺي شاهدي ڏني ته ان کان اڳ دربند ۾ چرس آفيم ٽوڪرين ۾ ڀرجي دڪانن تي وڪامجندو هو. پوليس وارا به ڪونه پڇندا هئا (طوطي خان وڪامڻ لاءِ هندڪو ۾ لفظ وڪي استعمال ڪيو).
جڏهن تربيلا بند ٺهيو تڏهن دربند ۾ کبل جا ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ اتان کڄي ويا. هاڻي دربند مٿي جبل تي ڪالوني بڻجي ويئي آهي. مجموعي طور تي اٽڪل 160 ڳوٺ تربيلا جي پيٽ ۾ اچڻ سبب ڦٽي ويا. گهر ڇڏڻ لاءِ نواب جي معرفت ماڻهن کي پئسا ڏنا ويا. ان کانپوءِ وقت به وقت ٻه ٽي ڀيرا ٿوري ٿوري وقت لاءِ ڍنڍ ۾ پاڻي ڇڏيو ويو، جن تي ساڳين ماڻهن آبادي ڪئي. عارضي رهائش اختيار ڪئي ۽ هر ڀيري پئسا ڪليم (Claim) ڪيا. ان سلسلي ۾ علائقائي چيئرمين به جاوا ڪيا، اڌ پئسا آبادگارن جا ۽ اڌ ليڊرن جي کيسي ۾. (طوطي خان کيسي لاءِ لفظ ”کيسو“ استعمال ڪيو.)
دربند جو نالو اهو ڪيئن پيو؟ طوطي خان ٺيڪ طرح جواب نه ڏيئي سگهيو پر هن ٻڌايو ته، اهو پراڻو ڳوٺ هو. اتي ڪاٺ جو تمام وڏو ڪاروبار هو. ان ڪري دربند جي منڊي مشهور هئي. دربند جي علائقي وٽان سنڌو، جابلو گهاٽين مان لنگهي ٿو، گهوڙا تڙپ وانگر. طوطي خان جو چوڻ آهي ته تونئسه بئراج ٺهڻ سان ڪنهن به ڳوٺ کي نقصان نه ٿيو البت چشمه بئراج ٺهڻ سان چشمه نالي هڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ آيو.
مون طوطي خان کان ان ڪافر ڪوٽ بابت پڇيو جنهن بابت هن چشمه بئراج تي پهچڻ کان اڳ، ساڄي پاسي جبلن ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايو هو. طوطي خان ٻڌايو ته، ”مان هتي ڪيئي ڀيرا ويو آهيان، اتي هڪ رنڊيءَ جي ڪوٺي هئي، اتي هڪ جوڳي رهندو هو، پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، اسان اکين سان ڪونه ڏٺا پر اتي کجين جا جهڳٽا آهن 20-25 کجيون آهن انهن ۾ چوکا (وهڻ جون جايون) ٺهيل آهن، معمولي چار ديواري آهي، ان کي جوڳيءَ جو ٿلهو چون ٿا، مون آخري ڀيرو 15-16 سال اڳ ڏٺو هو، خدا ڄاڻي هاڻي آهي به الائي نه. هيءُ ڪو شهر هو، الله ڄاڻي ماڻهو ڪيڏانهن ويا؟ ٻه اڍائي ميلن ۾ شهر جا بنياد پکڙيل آهن، بنياد پٿر جا آهن، هڪ هڪ پٿر پنج پنج، ڇهه ڇهه، اٺ اٺ ۽ 10-10 مڻن جو آهي، وڏا پٿر آهن انهن کي وڏين سرن وانگر گهڙيو ويو آهي، اوڏانهن وڃڻ لاءِ اڳي ته جيپ جو رستو به ڪونه هو، هاڻي ڪو ٺاهيو هجين ته اها خبر ناهي. هائو! باقي ڪالاباغ واري پاسي کان رستو آهي اتان جيپ ۾ وڃي سگهجي ٿو. ڪالاباغ کان عيسيٰ خيل ۽ اتان ڪنڊل. ڪنڊل تائين ويگنون هلن ٿيون. اتي ئي ڪافر ڪوٽ آهي.“
تو کي هن علائقي ۾ ڪي ٻيا قديم آثار سُجهن؟ طوطي خان کان نئون سوال ڪيو ويو.
”هائو! اٽڪ وٽ جتان پاڻ سفر شروع ڪيو (جهانگيره) ان کان ٽي ميل اڳتي هڪ پراڻو شهر محمد پور غرق ٿيل آهي. چون ٿا اهو سکن جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ هو. ارڙهن ميلن تي پکڙيل هو. ان ۾ هندو مسلمان ۽ سک رهندا هئا.“
”شهر تباهه ڪيئن ٿيو؟“
”هتي هڪ پير رهندو هو. هڪ شخص پنهنجي ڌيءَ ڪٿان مڱائي پر پوءِ ڦِري ويو. پوءِ ڪيئي جرگا ٿيا پر هن شخص ڪنهن به جرگي کي نه مڃيو. پوءِ ڳالهه پهتي علائقي جي پير وٽ. فريادي ٻيڙيءَ ذريعي درياهه ٽپي پير وٽ پهتو. پير صاحب به هن شخص کي سمجهايو پر هن ڌيءَ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي، پير موٽي ويو ته پويان شهر کي باهه لڳي ۽ شهر سڙي ويو.“
”طوطي خان! هڪڙا ماڻهو ٿا چون ته سنڌو درياهه مانسرور ڍنڍ مان ٿو نڪري، ٻيا ماڻهو چون ٿا ته شينهن جي وات مان ٿو نڪري، ٽيان ماڻهو ٽين ڳالهه ٿا چون. سچ ڇاهي؟“ انور پيرزادو طوطي خان کان ڪا نئين ڏند ڪٿا پڇڻ جي موڊ ۾ هو.
”دربند وٽ سنڌوءَ کي اُگئي (Ugaee) ٿا چون، اوستائين مان ويو آهيان. اتي جبل آهن. اُگئي کان مٿي ڪونه ويو آهيان. باقي ان پاسي جا جابلو ۽ ٻڪرار ماڻهو ٻڌائيندا آهن ته، مٿي جيڪا برف پوي ٿي اها ڳري وهي ٿي ۽ مختلف چشمن مان ٿيندي ٿيندي وڏو وهڪرو ٿئي ٿي. (طوطي خان ”ٿيندي ٿيندي“ لاءِ ”ٿيندي ٿيندي“ لفظ استعمال ڪيو). ڪو پاڻي ڪٿان اچي ٿو ته ڪو ڪٿان، هڪ درياهه سوات مان ٿو اچي، ٻيو ڪشمير مان، ٽيون گلگت مان ٿو اچي. دربند ٽپي ٿو ته سنڌوءَ کي اباسين ڪريو سڏين. يعني سڀني درياهن جو پيءُ، اتان سنڌو درياهه شروع ٿئي ٿو. مکڊ تائين اباسين سڏين.“
مکڊ ۾ غارن بابت طوطي خان چيو ته، انهن ۾ هندو رهندا هئا، پر هن هڪ ٻي ڳالهه به ڪئي جيڪا اسان سنڌ واسين لاءِ نئين آهي پر ساڳئي وقت قديم غارن تي تحقيق مهل نظر انداز نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته، هن خطي ۾ ڇاڪاڻ ته جون جولاءِ جي مهيني ۾ سخت گرمي پوندي آهي تنهن ڪري ماڻهو غار کوٽي يا اڳ کان موجود غارن ۾ وڃي ٿڌڪار وٺندا آهن. ائين اڪثر قدرتي يا آڳاٽي وقتن ۾ ماڻهن جي ٺاهيل غارن تي قبضا به ٿي ويا آهن. اڪثر ماڻهو ته انهن غارن کي ڪاٺ جا در وجهي ڇڏيا آهن ۽ انهن کي گهر ٺاهي ڇڏيو آهي ... جبلن ۾ اڄ به غارون ٺاهي رهڻ عام ڳالهه آهي اها صورتحال اتي وڌيڪ آهي جتي وڻڪار گهٽ آهي. غارن ۾ اڪثر پٺاڻ ۽ ٻيون جابلو قومون رهن ٿيون. ڪجهه غارون منجهند جو آرام لاءِ استعمال ٿين ته وري ڪي مهمانن لاءِ اوطاقون بڻجي ويون آهن. مکڊ وارين غارن ۾ بهه پيو آهي. طوطي خان کي ڪي سؤ ڏيڍ اهڙيون غارون سجهيون ٿي، جن مان اڪثر هندو خالي ڪري ويا هئا.
غارن کان موضوع هٽيو ته قومن قبيلن جو ذڪر هليو، اُتان ٻيڙين ۽ مال برادريءَ جي ڳالهه هلي. هن ڀيري منهنجو ڌيان سندس ٻوليءَ ڏانهن هو. درياهه تي ٻيڙين جي سرگرمي ٻڌائيندي طوطي خان چئي رهيو هيو، ”سؤ ڊيڙهه سؤ بيڙيان هِن. هُڻ جو اعواڻ چلاوَن، بيڙي تي لوڻ ڀرِن، ڊيري اسماعيل خان آڻڻ، ڪلور ڪوٽ آڻڻ، ديري غازي خان کڻن، جام پور کڻن، سکر روهڙي تڪ لوڻ کڻندي اين ...“
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مکڊ، ڪالاباغ ۽ ماڙي انڊس ۾ هندن ۽ سکن جي چڱي آبادي هئي. مکڊ ۾ سک گهٽ هئا، باقي اڪثريت هندن جي هئي. ڪالاباغ ۾ هندو به هئا ۽ سک به. ٻه حصا هندو ۽ هڪ حصو مسلمان هئا ۽ ويهه پنجويهه گهر سکن جا هئا. ماڙي انڊس ۾ مسلمانن جا فقط 10-11 گهر هئا باقي سڀ هندو ۽ سک هئا. هيٺ درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڪاٺ جي وڏي منڊي هئي، جتي خير آباد ۽ ٻين پاسن کان ڪاٺ ايندو هو.
ڪالاباغ کان مٿي ٻيڙين جا ڪي گهڻا قسم ناهن. هڪ قسم ”ڪٽارا“ آهي، انهن تي بار کنيو وڃي ٿو. مڇيءَ جي شڪار لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻيڙيءَ کي ”بتيلو“ چون. سفر لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻيڙيءَ کي ”ٻيڙي“ سڏين، ٻيڙيءَ جو ٻيو نالو ڪٽار آهي جنهن کي ”ڪِشتي“ به چون ٿا. هندڪو ۾ مڇيءَ کي مڇي ئي سڏين. هڪ مڇيءَ جو نالو ”سواتي مهاشير“ آهي ٻيءَ کي ديسي مهاشيري يا رتا مهاشير چون، ان ۾ پيلو ڳاڙهو ۽ ڪجهه ٻيا رنگ ٿين. ٽين مڇي ”ترڪي“ آهي، هڪ مڇيءَ جو نالو ”مَلي“ آهي، هڪ جو نالو ”پلوا“ آهي. پلوا (Palwa) سنڌ جي پلي جهڙي مڇي آهي، فرق اهو ئي آهي ته پلي ۾ ڪنڊا هوندا آهن جڏهن ته پلوي ۾ ڪنڊا نه هوندا آهن. پلوي جو وات ڄرڪي ۽ سينگاري مڇيءَ جهڙو ٿيندو آهي. تربيلا ۽ وارسڪ بندن ۾ ٻج ڇڏڻ کانپوءِ هاڻي موراکي به ٿيڻ لڳي آهي پر علائقي جي ماڻهن جي سڀ کان پسنديده مڇي ديسي مهاشير آهي، جيڪا مقامي بازارين ۾ اڄ ڪلهه 5 روپيا ڪلو وڪامجي ٿي.
جهانگيره ڳوٺ ۾ 63 سالن جي ڄمار گذارڻ جي باوجود طوطي خان اٽڪ قلعو فقط هڪ ڀيرو تڏهن اندران ڏٺو آهي، جڏهن هو اڃان 10-12 سالن جو ٻار هو. تڏهن قلعي ۾ هندو ۽ سک سپاهي هئا. طوطي خان انهن کي مڇي ڏيڻ ويو هو. ان کانپوءِ قلعو نه ڏسي سگهڻ جو سبب فقط اهو رهيو ته اهو قلعو اڄ تائين فوجين جي استعمال ۾ رهيو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن کي گهڙڻ جي اجازت ناهي. طوطي خان جي شخصيت جو هڪ دلچسپ پهلو اهو به آهي ته هن ٽيهن سالن دوران فقط ڇهه عيدون ڳوٺ ۾ گذاريون آهن ۽ باقي سفرن ۾.

رحمان ٺيڙهي

رحمان ٺيڙهي

اڱارو-7 نومبر 1989ع
ديري اسماعيل خان کان اٺ ڏهه ميل اتر اولهه ۾ بنون روڊ کان کاٻي پاسي، سنڌو تهذيب جو هڪ وڏو مرڪز رحمان ٺيڙهي آهي. رحمان ٺيڙهي لڳ ڀڳ هڪ چورس ڪلو ميٽر تي پکڙيل شاندار سائٽ آهي. سنڌو تهذيب جي پکيڙ بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته سمورين قديم تهذيبن ۾ پکيڙ جي لحاظ کان سنڌو تهذيب وڏي ۾ وڏي آهي. قديم تهذيبن مان مراد، مصر، عراق، ايران ۽ چين جون قديم تهذيبون آهن، جن جي وسعت مڃيل آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جون حدون اتر ۾ افغانستان جي علائقي بدخشان کان وٺي ڏکڻ ۾ لوٿل ڪاٺياواڙ تائين، مڪران بلوچستان کان وٺي هاڪڙي جي گم ٿيل وهڪري تائين ۽ ان کان اڳتي گنگا جي ڪنڌيءَ تائين پکڙيل آهن. تازي تحقيق موجب، سنڌو تهذيب جا ماڳ مڪان بي شمار آهن، فقط چولستان ۾ 360 ۽ سنڌ ۾ 250 کن ماڳ رڪارڊ تي چڙهي چڪا آهن، تڏهن به هر نئين ڏينهن تي ڪو نه ڪو کنڊر ظاهر ٿي رهيو آهي.
سنڌو تهذيب کي ٽن مکيه دورن ۾ ورهايو ويو آهي، جن جو گڏيل عرصو 3880 قبل مسيح کان 1700 قبل مسيح تائين لکيو وڃي ٿو، پر سنڌ ۾ تهذيب جا بنياد اڃا قديم آهن. ڪجهه سال اڳ سبيءَ جي ويجهو مهر ڳڙهه وٽ، ظاهر ٿيل آثار سنڌ جي تهذيبي تاريخ کي ايترو پوئتي کڻي ويا آهن جو، سواءِ فلسطين ۾ جيريڪو آثارن جي (جيڪي سڀ کان پراڻا سمجهيا وڃن ٿا) کان پوءِ ٻئي نمبر تي قديم ليکيا وڃن ٿا. مهر ڳڙهه ثقافت ست هزار سال اڳ ٺڪريءَ جي دور کان به اڳ موجود هئي. رحمان ٺيڙهي کان چار پنج ميل ڏکڻ ۾، گومل ٺيڙهي آهي جيڪا پڻ سنڌو تهذيب جو هڪ ورق آهي. هيءُ سرائيڪي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو ملڪ آهي. گومل نديءَ جا سڪل ڪنارا سنڌو تهذيب جي آثارن کي پنهنجي ساهه سان سانڍيو بيٺا آهن. سرائيڪيءَ ۾ ٺيڙهي يا ٺيڙهه جي معنيٰ آهي ڊهي پيل جاين جو ڍير. رحمان نالي هڪ ڳوٺ ڀر ۾ موجود آهي، جنهن ڪري هنن کنڊرن کي اها سڃاڻپ ملي آهي. مقامي ماڻهو رحمان ٺيڙهيءَ کي رحمان ڍيري به چون ٿا. ڍيري جي معنيٰ اها ئي آهي، جيڪا سنڌي ۾ آهي يعني ”ڍير“ (ڊٺل جاين جو ڍير). سنڌ ۾ خيرپور ميرس ۽ سکر جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي شهر جو نالو ٺيڙهي آهي. ڇا هيءُ شهر ڪنهن کنڊر تي قائم آهي؟ سرائيڪي ۾ ٺيڙهه لاءِ هڪ لفظ ٽِٻه يا ٽٻو به استعمال ٿئي ٿو.
رحمان ٺيڙهيءَ مان ملندڙ ٺڪراٽو تمام گهڻو ۽ هوبهو مُهين جي دڙي جهڙو آهي. ٺڪر جون چوڙيون، ڌرتي ماتا جون ننڍڙيون مورتيون، ڏاند، ڦيٿا، ڪاري ۽ ناسي پٿر جا گهڙيل چاقو، مڻيا، سوراخن واريون ٺڪريون ۽ ٻيو سڀ ڪجهه. هتان اسان کي هڪ گهيٽي جي منڍي به ملي، هيءُ ٺڪر جو بيحد سهڻو رانديڪو هو. مُهين جي دڙي مان گهيٽي جو رانديڪو نه مليو آهي، پر رحمان ٺيڙهي وٽان گهيٽي جو رانديڪو لڀجڻ جابلو ماحول سان ٺهندڙ آهي ڇو ته هتي رڍون ۽ گهيٽا اڄ به مکيه پالتو جانور آهن. دڙي ۾ هڏا به تمام گهڻا آهن.
رحمان ٺيڙهي، جيڪا هن ماڳ جي ڦٽڻ لاءِ ڪنهن اوچتي آفت ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي، جي کوٽائيءَ جو ڪم ڪجهه سال اڳ شروع ٿيو هو. ماهرن، ٻن چئن جاين تي کوٽائيءَ جو ڪم ڪري، ڪم بند ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ هاڻي هتي هڪ چوڪيدار مقرر آهي، جيڪو ڀر ۾ هڪ ڳوٺ جو رهندڙ آهي. کوٽائيءَ دوران سنڌو تهذيب جون مهرون به لڌيون ويون آهن، ڪڻڪ به ملي آهي. هتان لڌل سموريون شيون پشاور موڪليون ويون آهن، جتي قديم آثارن واري کاتي جي آفيس آهي. پشاور يونيورسٽيءَ ۾ قديم آثارن جو جدا ڊپارٽمينٽ آهي. سڄي پاڪستان ۾ اها پهرين يونيورسٽي آهي جتي آرڪيالاجيءَ جي پڙهائي ٿئي ٿي. هاڻي خيرپور ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ به پڙهائي شروع ڪئي اٿائون، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ به جدا شعبو ڪونهي پر هڪ مضمون طور پڙهائي وڃي ٿي. پشاور يونيورسٽي جي شاگردن کي رحمان ٺيڙهي يا اتر سنڌو ماٿريءَ ۾ قديم آثارن جي ٿيندڙ کوٽائيءَ مان وڏو تجربو حاصل ٿي رهيو آهي. بدقسمتيءَ سان آرڪيالاجي کاتي کي سنڌ ۾ کوٽاين جو ڪو به شوق ڪونهي تنهن ڪري سڄي کوجنا پنجاب ۽ سرحد صوبن ۾ ٿي رهي آهي.
ان کان اڳ جو اسان ماهرن جون رپورٽون پڙهون، اسان کي رحمان ٺيڙهيءَ جي چوڪيدار ٻڌايو ته ”هن شهر ۾ ٽي شهر آهن، هڪ زلزلي ۾ تباهه ٿيو، ٻيو درياهه ٻوڙيو ۽ ٽيون باهه ۾ سڙي ويو. شهر مان کوپڙيون ۽ وڏا هڏا به مليا هئا. تمام ٿورا سياح هتي گهمڻ اچن ٿا باقي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ وارا ايندا آهن.“ دڙي تي پکڙيل رک، باهه جي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. رحمان ٺيڙهيءَ جي چوڪيدار سرائيڪي پئي ڳالهائي، پاڻ کي بلوچ پئي سڏيائين، پاڙو ”ڪوڙيل“ هئس. پگهار 900 رپيا ماهوار هئس، ٽن سالن کان ملازم آهي. کائنس اڳ سندس پيءُ هن دڙي جو چوڪيدار هو. چوڪيدار ٻڌايو ته مقامي ماڻهن جو خيال آهي ته هيءُ شهر ان ڪري تباهه ٿيو جو هتان جا ماڻهو ڪافر هئا انهن تي خدا جو قهر نازل ٿيو. هن دڙي سان دلوراءِ جي ڪٿا لاڳو نه هئي جيڪا عام طور تي هر هنڌ ٻڌبي آهي. مقامي ماڻهن کي هتان جي ٺڪرين ۾ وضو يا طهارت لاءِ ڪم ايندڙ ڪنهن لوٽي يا بدني جا ٽڪرا ڪونه مليا ان مان اندازو هنيو اٿائون ته هتي ڪافر رهندا هئا. چوڪيدار ٻڌايو ته، ”هتان ٺڪر جو ننڍڙيون زالون يا گڏيون ۽ ڏاند ملن ٿا.“ ننڍڙيون زالون معنيٰ ڌرتي ماتا جون مورتيون. هن سرائيڪي ۾ زال، گڏي ۽ ڏاند جا لفظ بالڪل سنڌيءَ وانگر اچاريا. هن چوڙين کي ’وَنگ‘ ٿي چيو.
رحمان ٺيڙهيءَ ۾ پڪي سر جو وجود ناهي، ان جي ڀيٽ ۾ گومل ٺيڙهي جيڪا ساڳي تهذيب جو تسلسل آهي، ان ۾ پڪي سر نظر اچي ٿي. گومل ٺيڙهي تمام ننڍڙي آهي ۽ ٽانڪ روڊ جي ڪنڌيءَ تي آهي. گومل ٺيڙهي جي ڀر ۾ ڳڙهه حيات نالي ڳوٺ آهي، جنهن ڪري ان کي ڳڙهه حيات ٺيڙهي به چون ٿا‏.

رولاڪ افغان قبيلو

رولاڪ افغان قبيلو

پَونِدهه (Pawindah) يا ڪُوچي (Kuchi)
ديري اسماعيل خان کان ويندڙ رستو اصل ۾ گومل ماٿريءَ جي قديم شاهراهه آهي، جتان اوائلي وقتن کان افغان قبيلا سياري جي مند ۾ جبلن تان لهي، سنڌوءَ ڪناري تائين سفر ڪندا آهن، ۽ اونهاري ۾ پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن موٽي ويندا آهن. ان طرح ديري اسماعيل خان کي اتر اولهه کان ايندڙ لاڏائو لوڪن جي آخري منزل طور وڏي اهميت ڏيئي سگهجي ٿي.
ڊي آءِ خان کان رحمان ٺيڙهيءَ جي وچ ۾ هڪ مختصر قافلو جبلن تان لهي سليمان جبل جو ڪاڇو لتاڙيندو مليو. ٽي چار اٺ، ٻه ٽي ڪتا، اٺ ڏهه رڍون ٻڪريون، ٽي چار ٻار، هڪ پير مرد ۽ هڪ جوان جوڙو. پٺاڻن جهڙا ڪپڙا، پير اگهاڙا پنهنجي دنيا ۾ گم.
عورتن ۽ ٻارڙن کي ڀرت ڀريل گهگها. ڀرت جي تعريف لاءِ اکرن جي مجال نه هئي، بس چئي کڻي ماٺ ڪجي! هيءُ پوندهه لوڪ آهن، جيڪي خراسان کان سنڌوءَ جي ڪناري پئي ويا. سندن ٻولي سخت لهجي واري پشتو آهي. اڙدوءَ جو ڪو ڪو لفظ ٺيڪ طرح ڳالهائي پيا سگهن. قافلي جا وڏا اسان سان ٻه اکر ڳالهائڻ لاءِ تيار نه ٿيا. البت هڪ ننڍڙي نينگر اسان تي مهربان ٿي پئي. هن ان روٽ مان اڌ پٽي اسان کي ڏنو جيڪو کيس کائڻ لاءِ مليو هو.
پوندهه لوڪن کي ڪُوچي به چون ٿا. ڪُوچي معنيٰ ”لاڏائو“. هي گهڻو ڪري غِلجي، غِلزئي، خروتي ۽ دُراني ٿين. پاڪستان ۾ انهن کي پوندهه چون. انهن جي آبادي ويهه لک کن هوندي جن مان اڌو اڌ لاڏائو زندگي گذارين ٿا.
رات هنن ويجهو ئي ڪٿي ڊاٻو ڪيو هوندو. پوندهه لوڪ سنڌ ۽ بلوچستان جي بروهي لوڪن جهڙا ئي آهن، ساڳي سياري اونهاري جبلن کان درياهه تائين لڏپلاڻ. مون کي جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ ياد اچي وئي. پوندهه لوڪن جي مهربان ننڍڙي نينگر ”پيراڻيءَ“ کان مختلف ته ڪونه هئي! ڇا اها ڇوڪري به ديري اسماعيل خان جي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڪامجي ويندي؟ مان اداس ٿي ويس.
اسان کي ڏسي پوندهه قافلو بيٺو ڪونه، اهو پنهنجي رفتار سان هلندو ويو، ڄڻ کين منزل تي پهچڻ جي تڪڙ هجي. اٺن جي ڳچيءَ ۾ گهنڊ ۽ پٺن تي لَڏَ جو منظر هزارين سال اڳ به اهڙو ئي هوندو. ننڍڙي نينگر جو ڏنل روٽ ٿوٻيءَ تي پڪل هو. هڪ انچ ٿلهي روٽ ۾ ڪڻڪ ۽ لوڻ جي ذائقي کان سواءِ ٻي شيءِ نه هئي. خشڪ ۽ ڪڙڪ ايترو جو پاڻيءَ کان سواءِ نڙيءَ مان نه لهي. پوندهه لوڪ سڄو ڏينهن پنڌ ۾ گذارين تنهن ڪري قبيلي جون عورتون صبح ويل ڀاتين جي حساب سان سڄي ڏينهن لاءِ روٽ پچايو ڇڏين. نيرن مهل اُٺڻيءَ يا رڍ جي کير سان روٽ چٻاڙي اڳتي هلن، گهڙي سوا مانجهاندو ڪن ۽ پوءِ وري اڳتي.
پوندهه لوڪ بنيادي طرح رولاڪ يا خانه بدوش واپاري آهن، جيڪي اڳين وقتن ۾ سمرقند ۽ بخارا کان دهلي، آگري ۽ ڪلڪتي تائين سفر ڪندا هئا. سمرقند ۽ افغانستان مان غاليچا، خشڪ ميوو، اُوني شيون، رڍون ٻڪرين جون کلون، گهوڙا، ايراني ٻليون ۽ اهڙا ٻيا جانور کڻي ايندا هئا ۽ وڪِڻي هندستان مان خاص جنسون وٺي موٽندا هئا. سندن قافلا هزارها ماڻهن ۽ سون اٺن تي مشتمل ٿيندا هئا. اها صورتحال ان مهل تائين جاري رهي جيسين پنجاب ۾ ريلوي پئي. ريل پوڻ کانپوءِ پوندهه لوڪ ديري اسماعيل خان وٽ پنهنجا جهوپڙا ۽ گهرٻار ڇڏي، ريلن جي ذريعي اڳتي نڪري واپار ڪري وري موٽي ايندا هئا. واپسي ۾ وٽن سوٽي ڪپڙا، ٽامون، چانهه، کنڊ، نير ۽ هندي دوائون هونديون هيون.
واپار ۽ مال سبب پوندهه لوڪن تي جابلو علائقن ۾ ڦورو قبيلا حملا ڪندا هئا، جنهن ڪري پوندهه لوڪن به پنهنجي بچاءَ ۾ هٿيار کنيا. اهڙي طرح پوندهه لوڪ نيم واپاري ۽ نيم ويڙهاڪ قبيلو بڻجي پيا آهن. ان لٽ مار ۽ ويڙهه سبب شايد ئي ڪو پوندهه هوندو جنهن جي جسم تي زخم نه هجي.
ديري اسماعيل خان کان اٽڪل 60 ڪلو ميٽر پري اتر اولهه ۾ رستي تي ”ڪولاچي“ شهر آهي. ڪراچيءَ جو قديم نالو ڪلاچي يا ڪولاچي آهي. اسان پڇا ڪئي پر ٻنهي شهرن جي وچ ۾ نالي جي هڪجهڙائيءَ اتفاقي ثابت ٿي. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته ڪولاچي هڪ پٺاڻ قبيلو آهي. هيءُ وڏو قبيلو آهي. ڪولاچي بلوچ به آهن جيڪي ليّه طرف رهن ٿا. اهي پاڻ کي رند سڏائين ٿا. جيڪي سندن دعوا موجب حلب کان هتي آيا.

ڊي-آءِ خان شهر جو چڪر

ڊي-آءِ خان شهر جو چڪر

شهر توڙي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اسان کي ڪراچيءَ جي ماڻهن کان بهتر لڳا. صبح جو رحمان ٺيڙهي ويندي اسان هڪ ٿيلهو وڃايو. اهو فقط ٿيلهو ڪونه هو، مهم جو بنيادي ڀاڱو هو. جيپ جي ڇت تي لڳل ڪيريئر ۾ رکيل ٿيلهي ۾ وڊيو رڪارڊنگ جو سامان، ڪئمرائون، چارجر ۽ بئٽريون هيون. ٿيلهو ڪٿي ڪريو؟ ڪو به پتو نه پيو. سڀني جا منهن لهي ويا. ڊي آءِ خان مارڪيٽ مان اهو سامان ملڻ جي اميد ڪانه هئي، نه ئي ايترا ڏوڪڙ هئا جو نئين خريداري ڪري سگهجي. اوڌر سوڌر جو آسرو به سنڌ جي حدن ۾ پهچڻ کان اڳ ڪونه هو. لاچار رحمان ٺيڙهيءَ کان واپسيءَ مهل واٽ تي هر پئٽرول پمپ ۽ هوٽل تي ووڙ ڏيندا آياسون.
سومهڻيءَ کان ڪجهه اڳ ٻه همراهه موٽر سائيڪلن تي سرڪٽ هائوس ۾ آيا، سندن هٿ ۾ ساڳيو ٿيلهو هو. ڪن ٻڪرار ڇوڪرن کي هٿ لڳو هو، اتان ڳالهه پکڙي ته پئٽرول پمپ تائين پهتي. اتان ڪي همراهه ٿيلهو هٿ ڪري آيا هئا. اخلاق جا اهڙا ڀلا جو نه خرچي ورتائون نه خرچ. چيائون، ”مهمان آهيو توهان کي تڪليف نه ٿئي!“ بس پوءِ هو موٽي ويا.
شام ڌاري اسان شهر جو چڪر هنيو. سنهي ٿلهي خريداري ڪئي، اسان کي سفر جي دوران ڪم ايندڙ ننڍڙين پر اهم شين بابت تڏهن احساس ٿيو جڏهن تجربو ٿيو. خريداريءَ مهل پڪائي ڪرڻ شايد هر هنڌ ضروري آهي. اسان کي هڪ واٽر پروف ۽ پئراشوٽ ڪپڙي مان ٺهيل ڪوٽ جي به ضرورت هئي جيڪو ٿڌين هوائن کي روڪي ۽ ڇولين کان بچائي. ڪراچيءَ ۾ اهڙي ڪوٽ جي قيمت چار پنج سؤ رپين کان گهٽ نه هوندي، دڪاندار هڪ سؤ اسي رپيا قيمت ٻڌائي پر هڪ سؤ رپين ۾ ڏيئي ڇڏيائين.
دوائن جي دڪان تي دڪاندار کلي کيڪاريو ۽ منٽن ۾ دوست ٿي ويو. هن شهر جي سياسي هوا بابت ڏاڍي دلچسپ صورتحال ٻڌائي. هن ٻڌايو ته شهر ۾ پيپلز پارٽي ڏاڍي مقبول آهي پر عام چونڊن کان فقط ٻه ڏينهن اڳ مولوي صاحبن زبردست تقريرون ڪري راءِ عامه کي پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار جي خلاف ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ چونڊون کٽي ويا.
مولوي صاحب آخر ڇا ڳالهايو؟“ اسان پڇيو.
”اصل ۾ ڇا هو ته پيپلز پارٽيءَ واري اميدوار جي هڪ ڀيڻ شيعن ۾ پرڻيل هئي ... توهان کي ته خبر آهي ته ملڪ جو ماحول ڪهڙو آهي، ماڻهو ڦِري ويا ۽ پارٽي هارائي وئي.“ دڪاندار اڻسڌيءَ طرح بنياد پرستيءَ جي ڳالهه ڪري ويو.
ديري اسماعيل خان ۾ توڙي ڪالاباغ ۾ اڃا تائين سائيڪل رڪشائون هلن ٿيون. مقامي ماڻهو ديري اسماعيل خان کي ”د سماعيل خان“ پيا چون. سائيڪل رڪشا هر چڪر جا پنج رپيا پئي وٺي، ٻه سواريون ويهي پيون سگهن. هڪ رڪشا ۾ اسان به چڙهياسون پر جهٽ لهي وياسون. هڪ انسان ٻن سگهن انسانن کي، جيڪي بالم ٿي ويٺا هجن، ائين وٺي وڃي ٿو جو سندس ساهه ڌنوڻ وانگر ڦوڪجي ڦوڪجي وڃي، ڏاڍو اذتيناڪ هو. اسان ڀاڙو رڪشا واري جي تري تي رکي پنڌ هلڻ جو فيصلو ڪيو. پر اسان ڪيئي مولوي صاحب ڏٺا جن جا ڳرا جسم سائيڪل رڪشائن ۾ پيا هئا جن کي ڪمزور ماڻهو ڇڪي رهيا هئا.
جنهن سائيڪل رڪشا تي اسان ويٺاسون ان جو ڊرائيور اصل ميانواليءَ جو هو. هن پنجابيءَ جهڙي ڪا زبان پئي ڳالهائي. پڇڻ تي چيائين، ”اَي اردو زبان اَي.“ هن غريب کي اهو ئي احساس هو ته هو ڏاڍي سٺي اردو ڳالهائي رهيو آهي. اسان سندس غلط فهمي دور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. شهر ۾ هن وقت پندرنهن سؤ کن سائيڪل رڪشائون لائسنس واريون آهن. هونئن ڪل تعداد چار پنج هزار آهي. جتي غربت ۽ رشوت گڏجي پون اتي ائين ئي ٿيندو آهي. غريب ماڻهو لائسنس جي في بچائي پوليس وارن کي خرچي ڪرائيندا آهن.
شهر ۾ چار بازارون آهن، جيڪي هڪ جاءِ تي اچي پاڻ ۾ ملن ٿيون. دڪان چڱڙا آهن پر شاهوڪاري نه آهي. خريدارن جي حالت ئي سٺي ناهي ته واپاري طبقو ڪٿان ڪمائيندو. شهر جي اهميت ڪاروباري گهٽ دفائي ۽ فوجي وڌيڪ رهي آهي. شايد ان ڪري جو قديم گومل شاهراهه تي واقع آهي، جيڪا افغانستان کي سنڌو ماٿريءَ سان ڳنڍي ٿي. هونئن هي شهر ٽي چار ڀيرا درياهه پائي چڪو آهي پر هر ڀيري ٻه چار وکون پوئتي وري آباد ٿيو آهي. هاڻوڪو شهر به ڪنڌيءَ کان ميل کن پري آهي، فقط ڇانوڻيءَ وارو پاسو سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي.

ڪروڙ شريف ڏانهن

ڪروڙ شريف ڏانهن

اربع-8 نومبر 1989ع
ٽيم ميمبرن ڪالهوڪي ڏينهن ۾ ٻه ڪم ٻيا به ڪيا آهن. رحمان ٺيڙهيءَ تان لڌل ٺڪرين کي صاف ڪري ترتيب سان رکي نوٽس (notes) ٺاهيا آهن ۽ انهن جو ٽرانسپيرنسيون تيار ڪيون ويون آهن. ٻئي پاسي چشمه بئراج وٽ ٻيڙين جي ٿيل عارضي مرمت کي پڪو ڪيو ويو آهي ته جيئن اڄوڪو سفر بهتر ٿئي. ايندڙ منزل ليه آهي جيڪو ديري اسماعيل خان کان 90-95 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي.
ٻيڙيون درياهه ۾ لاهڻ کان اڳ، انور ڀٽائي جو بيت ڏنو، درياهه جو وهڪرو ۽ ان جي آرپار لانچن ۽ ترهن ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ ڏسي انور جي شاعريءَ واري رڳ شايد ڦڙڪي اٿي هئي.
”وَهندي واٽ مٿان هينئڙي آسر مَ لهي!“
ٻيڙين جو قافلو ساڍي ڏهين ڌاري اڳتي وڌڻ شروع ٿيو. خشڪيءَ واري قافلي، ديري اسماعيل خان واري پل ٽپي، درياهه جي کاٻي ڪپ تان ڏکڻ جو پنڌ شروع ڪيو. واٽ تي ڪروڙ شريف نالي ننڍڙو شهر آهي.
جيپ هلائيندي اسان جو ڊرائيور خالد سمون کل ۾ ٻُٽجي ٿي ويو. کيس حيرت هئي ته سرڪاري عملدارن ۽ ٽيم جي ميمبرن کي ڇا ٿي ويو آهي جو هنڌين ماڳين ٺڪريون ميڙيندا ٿا وتن. چيائين،
”اجايو ٿا ويٺا ڪشالا ڪڍو، مون کي چئو ته کوڙ ٺڪريون آڻي ڏيانوَ! بازار مان دلا گگهيون ۽ مٽ خريد ڪري پوءِ ڀڃي ٿيلهن ۾ ڀري هلو. باقي کنڊرن ۾ ڌڪا کائڻ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي. ڪو نانگ بلا وڇون ڏنگي وجهي ته اجايو ڏچي ۾ پئجي وينداسون!“
مان چپ رهيس.
”اسان پراڻيون ۽ ڀُتيون ديواريون ڏسي پري ٿا ڀڄون ته متان مٿان اچي نه ڪري پر توهان ته پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو آهيو ... توهان وري وڃيو انهن جون ماپون ڪيو ۽ سرون جاچيو.“
مان وري به چپ رهيس. خالد سمون ٻيهر کل ۾ ٻٽجي ويو. چيائين، ”چڱا چڱا آفيسر ماڻهو پاڻ به سک ڦِٽو اٿن ته اسان کي به کڻي رلايو اٿن. ڀلا اها به ڳالهه آهي جو بنگلا فليٽون ڇڏي هتي درياهن جي ڪناري ڪفن پائي قبرن ۾ ٿا سمهن!“
”ڪفن ۽ قبرون!؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”ٻيو نه ته هيءُ ڇاهي؟ مون کي ته صاحبن جي چريائپ تي کل ٿي اچي ... اسان کي توهان جيڪو سليپنگ بيگ ڏنو هو اهو ته جيئري ئي ڪفن پائڻ آهي ۽ هيءُ تنبو ته صفا قبرن جهڙا آهن. هڪ هڪ قبر ۾ ٻه ٻه چار چار مڙدا“ هو وري کل ۾ ٻٽجي ويو. جيپ سامهون کان ايندڙ گاڏيءَ سان ٽڪر کائيندي کائيندي بچي. خالد وري شروع ٿي ويو.
”آئون سوچيان ٿو ته، خدا جيڪڏهن اسان کي ٻه ڏينهن اڳ اهو ٻڌائي ته فلاڻي ڏينهن اوهان جو موت آهي ته اسان مرڻ کان اڳ تڙ ٻڙ ڪري تيار ٿي ڪفن پائي قبر ۾ سمهي پئون، جيئن هاڻي ٿا ڪيون ته جيڪر ڪيڏا خرچ بچي پون ... ماڻهو به اسان جو بوجهه کڻڻ ۽ خرچ ڪرڻ کان ڇٽي پوندا.“ خالد سمون اصل سيکاٽ جو آهي، سياحت ۽ ثقافت کاتي ۾ نوڪري اٿس. کيس سنڌيءَ ۾ انگريزي ڳالهائڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ڪا صلاح ڏيئي چوندو، ”پاڻ ۾ ڊسڪٽ ڪري وٺو.“ ڊسڪٽ معنيٰ ڊسڪس. خالد سمون پبلسٽيءَ کي ”پبلڪسٽي“ چوندو آهي.
ڪروڙ شريف ڏانهن ويندي ۽ پل ٽپڻ کان پوءِ اسان کي ديري دريا خان جي ڀرپاسي ۾ کجين جا گهڻا وڻ نظر آيا. هن علائقي جون کجيون ۽ ڪتل ڪافي مشهور آهن. اهي عام کجيءَ کان ڪجهه وڏيون آهن. ديرو دريا خان ريلوي اسٽيشن به آهي. اتر ۾ ماڙي انڊس ميانوالي، پيپلان ۽ ڪلور ڪوٽ ريلوي اسٽيشنون اٿس. هيٺ ڏکڻ ۾ ڪوٽلا جام، ڀڪر، ڪروڙ، ليهّ ۽ ڪوٽ ادو ريلوي اسٽيشنون آهن. ڪوٽ ادو تونئسه بئراج جي ويجهو آهي. درياهه جي الهند ڪپ تي ڪروڙ جي آمهون سامهون کان تونئسه تائين ڪابه آبادي ناهي. اهو جابلو ۽ وارياسو پٽ ساڳيو سليمان جبل جو دامن آهي. ان کان اتر ۾ ديري اسماعيل خان تائين تمام ڇڊي آبادي آهي.
ماڙي انڊس کان هيٺ ڪوٽ ادوءَ تائين مٿي ڄاڻايل سڀ شهر ۽ ڳوٺ ڪچي جي ڪنڌيءَ تي وارياسن پٽن تي ٻڌل آهن، جن جي اولهه ۾ سنڌو ۽ اوڀر ۾ عظيم ٿل ڪئنال، ليّه جي اوڀر ۾ اچي پورو ٿئي ٿو. ڪوٽلا جام ننڍڙو شهر آهي. هتان لنگهندي چؤطرف چڱڙيون ڀِٽون نظر آيون پر هيءُ ٿر جي مقابلي ۾ تمام ننڍيون هيون. هتان لنگهندي ائين پيو لڳي ته ڄڻ اسان سکڻي ٿر مان پيا لنگهون، البت ڀٽن تي ڪو به گاهه، ٻوٽو يا ساوڪ ناهي. درياهه ويجهو هئڻ ڪري پاڻيءَ جي کوٽ ناهي. وڻڪار چڱي آهي.
ڀڪر جو شهر ٽپڻ کانپوءِ روڊ سان وڏا وڻ آهن. وڏا وڏا وڻ ٻوٽا ۽ ساوڪ آهي، سرڪاري فارم آهن. شهر ۾ وڏو ڊگري ڪاليج نظر آيو. رستن تي اسڪولي ٻارن جا ٽولا مستيون ڪندي نظر آيا، شايد اسڪولن جي موڪل ٿي هئي. ٻارن جي يونيفارم اڇي سٿڻ قميض هئي. ملڪ ۾ ڪنهن وقت ۾ مليشيا ڪپڙي جي يونيفارم جو رواج هو جيڪا اونهاري ۾ شاگردن کي گرميءَ کان هلاڪ ڪري وجهندي هئي. سنڌ ۾ شاگردن جي ڊريس گيڙو رنگ جي آهي، شايد سنڌ جي تعليم کاتي سنڌي شاگردن کي صوفياڻي رنگ ۾ رڱڻ گهريو آهي. ڪاش! هو سنڌ جو صوفياڻو مزاج بچائي سگهن ۽ سنڌ جو نئون نسل ڪٽرپڻي کان آجو رهي.
پنجاب ۾ اسان کي آبپاشي کاتي سان گڏوگڏ وائلڊ لائف ۽ ٻيلو کاتو به چڱو سرگرم نظر اچي ٿو، اسان کي هنڌ هنڌ تي اهڙيون هدايتون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون جيڪي جهنگلي جيوت توڙي وڻڪار جي تحفظ بابت سٺي ۽ سولي تعليم ڏين ٿيون.
پنجاب ۾ فقط اهي نه، سياسي مذهبي حلقا به ڪافي سرگرم آهن. پوسٽر بازي فقط تعليمي مقصدن لاءِ ته ضروري ناهي. ڀڪر ۾ هڪ چؤواٽي لڳ ڪا اجائي سجائي اڏاوت هئي. اها نه مسجد هئي، نه اسڪول ۽ نه اسپتال. بس ائين ڪا سياسي قسم جي گول مول اڏاوت هئي شايد ڪو يادگار هجي، اڏاوت اڃا مڪمل نه ٿي هئي پر ان تي لکيو ويو هو، ”پاڪستان ڪا مطلب ڪيا. لاالهٰ الالله“- اسان تڪڙ ۾ هئاسون انڪري ڪنهن کان پڇي نه سگهياسون پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته جماعت اسلاميءَ جي سڃاڻپ ان نعري سان آهي. ڇا مقامي ٽائون ڪميٽي يا ڪنهن ٻئي شهري اداري اهو سياسي نعرو لکايو هو؟ يقيناً ائين ئي هوندو ڇو ته اڄڪلهه پنجاب تي آءِ-جي-آءِ جي حڪومت آهي ۽ جماعت اسلامي ان اتحاد ۾ مسلم ليگ سان شامل آهي.
سرحد صوبي ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ خاص ڪري ڪالاباغ کان هيٺ اسان جن جن روڊن تان لنگهياسون، اتي اسان کي پوليس جا ٿاڻا جديد نظر آيا، پر انهن جي تعمير وقت اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته انهن جو ڏيک قلعي جهڙو هجي. اهو شايد ان ڪري هو ته ملڪ ۾ ، خاص طور تي سرحد ۾ قبائلي سرشتو اڃا ڏاڍو مضبوط آهي ۽ قبائلي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ڪوٽن ۽ قلعن کي طاقت جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ان قسم جي تعمير پويان ڪو اهڙو ذهن هجي جنهن ڪوٽن ۽ قلعن جي اڏاوتي ورثي کي بچائڻ گهريو هجي. پر ان جو امڪان ان ڪري گهٽ نظر آيو جو اهڙي اڏاوت اڃا بند نه ٿي آهي، پر قبائلي زورآورون جي گهرن ۽ بنگلن تي به ساڳيو رنگ غالب آهي. اسان کي ڪجهه گهرن جي ڪنڊن تي هڪ اڌ برج ٺهيل نظر آيا جن کي نمايان ڪرڻ لاءِ گهربل رنگ ڏنو ويو هو يا وري ڪنگرا ٺاهيا ويا هئا.
ڀَڪر کان اڳتي روڊ جي حالت ڪافي خراب آهي، ڪن ڪن هنڌن تي بنهه اهڙو آهي جيئن ڄامشوري ۽ سيوهڻ جي وچ واري انڊس هاءِ وي. سفر جيتري تيزيءَ سان تڙ تڪڙ ۾ جاري رکيو ويو آهي، اُن سان مونجهه ٿيڻ لڳي آهي ڇاڪاڻ ته واٽ تي بيٺل هڪ هڪ ماڻهو، هڪ هڪ وڻ ۽ هڪ هڪ کنڊر يا مقبرو خبرون ٻڌائڻ لاءِ آتو آهي پر اسان انهن کي ڇڏي اڳتي نڪري وڃون ٿا. مون تي ٽيم پاران اها ذميواري رکي وئي آهي ته ڪنڌيءَ تي موجود شين تي مواد گڏ ڪندو هلان، پر هيڏي تڙتڪڙ ۾ اهو ممڪن ئي ناهي. هزارن ۽ لکن ورهين جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو اڀياس ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ شهر ۽ ڳوٺ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ڏينهن رهڻ ضروري آهي. هڪ هڪ کنڊر تي هڪ هڪ هفتو رهڻ ضروري آهي. هن ريت گڏ ٿيندڙ معلومات بنهه ٿورڙي، غلطين سان ڀريل ۽ چڙ ڏياريندڙ ئي ٿي سگهي ٿي. مونکي سڀ کان وڌيڪ خطرو ان ڳالهه جو محسوس ٿئي ٿو ته متان ڪو ماڻهو غلط خبرون ٻڌائي ۽ مان انهن کي سچ سمجهي داخل نه ڪري ڇڏيان. ضروري ته ناهي ته جنهن ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ٿي اهو شهر، ڳوٺ ۽ درياهه بابت سڄي معلومات رکندڙ هجي! ان ڪري مان ڪوشش ڪريان ٿو ته شڪي ڳالهيون داخل نه ڪجن. بهرحال، مجبوري آهي. اسان وٽ وقت تمام ٿورو آهي.
هن علائقي ۾ فوجي گاڏين جي چرپر ڪافي محسوس ٿئي ٿي. اٽڪل هر پندرهن ويهن منٽن ۾ هڪ فوجي گاڏي لنگهي ٿي. پرائيويٽ ٽرانسپورٽ به مناسب آهي پر اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ٻهراڙين ۾ اُٺ جو ڪردار اڃا تائين ڏاڍو اهم آهي. ڪالاباغ کان هيل تائين ۽ ان کانپوءِ هيٺ سنڌ ۾ اڄ به اُٺن جون قطارون روڊن جي ڪناري هلنديون نظر اينديون، جن تي هيڪاندو مال ٻڌل هوندو آهي. اجهو هتي به اٺن جي هڪ قطار وڃي رهي آهي ... اوٺار جي هٿ ۾ اڳئين اٺ جي مهار آهي، باقي اُٺ وڏيون وڏيون ٻرانگهون کڻندا هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا جهومندا پيا وڃن. اڳين اٺ جي پڇ ۾ ٻڌل رسي پوئين جي نڪ ۾ ۽ ان جي پڇ ۾ ٻڌل رسي ٽئين جي نڪ ۾ ... ۽ ائين ڇهه ست اُٺ. اُٺن تي مال ٻڌل، انهن تي مايون ۽ ننڍڙا ٻار.

هڪ ڳوٺ-نوتڪ

هڪ ڳوٺ-نوتڪ

هي ڀَڪر۽ ڪروڙ شريف جي وچ تي اهم ڳوٺ آهي. ديري اسماعيل خان کان هيستائين پهچڻ ۾ اسان کي پوڻا ٻه ڪلاڪ لڳا. ڪچي ۽ واريءَ جي ميلاپ تي ٻڌل هيءَ ننڍڙو شهر چڱي رونق وارو آهي. چار پنج ڊاٽسن پڪ اپ گاڏيون، مسافر گاڏيون، اُٺ، سائيڪلون، ٽريڪٽر ۽ چار پنج هوٽلون، بلڪل سنڌي ڳوٺن جهڙو ماحول. ڀرپاسي ۾ نارن جو رواج آهي. جيڪي اٺ هلائن ٿا. هتي سرڪاري هاءِ اسڪول به آهي. هڪ اڌ ڪار به نظر آئي. ٽانگا به آهن. ٽانگن ۾ ڪاٺ جي ڦيٿن بدران جيپ جا ڦيٿا وجهڻ جو نمونو مون هتي پهريون ڀيرو ڏٺو. سامهون هڪ ننڍڙي دڪان آڏو اٺ گاڏيءَ تي ڪمند سٿيو ٿي ويو. هتي هڪ پئٽرول پمپ به آهي ۽ هڪ بنيادي صحت مرڪز به.
شهر جي ٻاهران ديڳيون لٿل هيون. ڪو همراهه پرڻجي رهيو هو. دهل جو ٺڪاءُ ٿي پيو ۽ ماڻهو نچي رهيا هئا. ناچن کي ٺيڪ طرح نچڻ به نٿي آيو. هيءُ نه ڀنگڙا هو، نه جهمر نه جمالو هو ۽ نه لُڊي، بس بت پئي ٿڙڪيا ۽ پاڻ کي ريجهائڻ جو موقعو.
نوتڪ پورو ٿيو ته هڪ ٻيو ڳوٺ آيو جنهن ۾ نوٽ ڪرڻ جي ڪا به خاص ڳالهه نه هئي پر مين روڊ تي هڪ گهر جي دروازي تي لڳل تختي پڙهي چپ لڳي وئي، لکيل هو؛
مسٽر فلاڻو خان
ڀاءُ مسٽر فلاڻو خان ڊي-ايس-پي
مسٽر فلاڻي خان جي سڃاڻپ بس اِها ئي هئي ته هو مسٽر فلاڻي خان ڊي-ايس-پي جو ڀاءُ هو. پاڻ ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا هوندائين سو به تختي مان پڌرو هو. پڪ سان علائقي ۾ وڏي دهشت پکيڙي هوندائين. ماڻهن کان پئسا وٺي ڪم ڪرائڻ جا واعدا ڪيا هوندائين. سچ پچ ته هيءُ تختي ڌنؤس جو اشتهار ئي هو.
جيپ شهر کان نڪتي ته سامهون کان هڪ فوجي گاڏي ايندي نظر آئي. پر هيءُ ڇا!؟ فوجي گاڏيءَ تي جميعت علماءَ اسلام جو پٽاپٽي جهنڊو! ڪجهه مولوي صاحب ۽ کٿابي به گاڏيءَ تي چڙهيل هئا. جيپ هلندي رهي ٿي ۽ ٿل ريگستان ڪتاب وانگر کلندو وڃي ٿو. اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته هن علائقي ۾ ٻه طبقا رهن ٿا ننڍو زميندار ۽ پورهيت. ننڍو زميندار ڪمند ڪري ٿو. زراعت سان لاڳاپيل مشينري (جهڙوڪ ٽريڪٽر ۽ ٽراليون) مسترين کي جنم ڏئي رهي آهي، باقي سنهو ٿُلهو نوڪري پيشه طبقو يا واپاري آهي. پورهيت طبقو بنهه غريب آهي. اهي گاهه مان تڏا ۽ واڻ ٺاهڻ جو ڪم ڪن، ٺيڪيدارن لاءِ ڪاٺين مان ڪوئلو ٺاهن يا وري هارپو ڪن. پورهيت ڪٽنبن جو زالون به مردن وانگر گوڏ ٻڌن ٿيون. گوڏ اتر سنڌ ۾ به عام آهي پر اتي فقط مرد ٻڌن. روزگار جا موقعا تمام گهٽ آهن ۽ توڪل گهڻو آهي. جنهن ڪري پيري مريدي وڌيل آهي.

ڪروڙ شريف

ڪروڙ شريف

ڪروڙ شريف ۾ داخل ٿيڻ سان سڀ کان پهرين ڌيان ڪروڙ شريف جي وڏي درگاهه ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. عام ماڻهو ان کي ’درگاهه لال عيسن ڪروڙ ‘ چون ٿا، پر ٻهراڙيءَ جي لهجي ۾ ’لالا سن ڪروڙ‘ چون. ماڻهن کان جيڪڏهن شهر بابت پڇبو ته ٺڙٺپ چوندا، ”جناب شهر ڪروڙ، ٿاڻو ڪروڙ، تحصيل ڪروڙ، ٽائون ڪميٽي ڪروڙ لالي سن (عيسن) دي.“
مکيه روڊ کان ٿورو اندر کاٻي پاسي هڪ ننڍڙو روڊ سڌو وڃي درگاهه جي دروازي تي کٽي ٿو. ان ننڍڙي روڊ جنهن کي درگاهه جي بازار چئجي ته بهتر، تي ٻنهي پاسي کان اٺ ڏهه ننڍا ننڍا دڪان آهن. دڪانن تي گلن جون چادرون، ڪپڙي جون چادرون، مصري، نبات ۽ اهڙيون ٻيون شيون وڪامجن ٿيون جيڪي معتقد خريد ڪري وڃي درويش جي قبر تي وجهن ٿا. جنهن وقت اسان پهتاسون دڪاندار مڙي آيا. ’مون کان وٺو‘ ’مون کان وٺو‘ - فقيرن پلئه ڇڪيا ’رب جي نالي‘ ’مسڪين آهيان‘ ’لالا سن ڪروڙ مرادون پوريون ڪريوَ!‘
درگاهه تي هڪ ننڍڙو ڪٽنب ترسيل هو، ٻه چار مسافر ورانڊي ۾ اهليا پيا هئا. هڪ ڪنڊ ۾ درگاهه جو مجاور ايندڙ ويندڙ کي نهارڻ ۾ مصروف هو. مجاور پنهنجو نالو غلام غوث ٻڌايو ۽ بزرگن وٽان مليل شجري جي هڪ ڪاپي ڪڍي ڏيکاريائين.
”هيءَ درگاهه 8-9 سؤ سال قديم آهي. درويش وڏي پهتل هستي آهي. سندن تعلق بهاءُ الدين ذڪريا سهروردي ملتاني سان آهي.“
پوءِ هن شجرو ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”حضرت بهاءُالدين ذڪريا سهروردي ملتاني ولد حضرت مخدوم غوث لال حسين شاهه ذڪريا سهروردي. هي حضرت مخدوم آهي. غوث بهاءُ الدين ذڪريا جا پٽ ٿيا. حضرت شاهه رڪن عالم، حضرت رڪن الدين قطب عالم ذڪريا سهروردي ملتاني، حضرت غوث الدين ذڪريا سهروردي ملتاني، حضرت مخدوم غوث بهاءُ الدين ذڪريا سهروردي، حضرت غوث عالم ملتاني، حضرت غوث مخدوم لال حسين ذڪريا ملتاني، غوث عالم ڪروڙي ولد حضرت مخدوم سلطان ابوبڪر ڪروڙي ...“ شجرو ڪافي ڊگهو هو. مون شجرو وٺي ڏٺو 32-33 نسل لنگهي چڪا هئا.
درگاهه تي ڪو به گادي نشين ڪونهي. درگاهه اوقاف کاتي جي نظرداريءَ ۾ آهي. درگاهه تي مقبرو نواب غازي خان ٺهرايو هو جيڪو هن درويش جو مريد هو. هتي نه رڳو نواب غازي خان پر ديري اسماعيل خان جي باني نواب اسماعيل خان جي به قبر آهي. غازي خان عمر ۾ وڏو هو، هن کانپوءِ اسماعيل خان ۽ هن کانپوءِ دريا خان، پر هتي دريا خان جي قبر ناهي.
”هيءَ مزار حضور جي استاد حافظ ملوڪ سنڌيءَ جي آهي“ مجاور اڱڻ ۾ هڪ قبر ڏانهن اشارو ڪري چيو. پر هو اهو نه ٻڌائي سگهيو ته استاد جو سنڌ جي ڪهڙي شهر ۽ قبيلي سان تعلق هو. هتي ئي قرآن شريف جو هڪ قديمي قلمي نسخو موجود آهي جيڪو مجاور جي چوڻ موجب درويش پاڻ لکيو. قرآن شريف کي شيشي جي هڪ پيتيءَ ۾ ڏاڍي عزت ۽ احترام سان نماءَ لاءِ کليل رکيو ويو آهي.
درگاهه ملتاني اڏاوت جو خاص نمونو آهي جنهن ۾ عمارتن جي ٻاهرين اڏاوت چؤڪنڊي هوندي آهي. پر ان جو وچون حصو اٺ ڪنڊون هوندو آهي. ان اٺ ڪنڊي ڍانچي تي سهڻو ۽ اُوچو گنبذ جوڙيو وڃي ٿو. درگاهه ڪروڙ شريف جو ٻاهريون چوڪنڊو حصو اڇي پلستر سان سهڻو ڪيو ويو آهي. چئني ڪنڊن تي ننڍڙا منارا آهن جن تي ڪاشيءَ جو سهڻو ڪم ٿيل آهي. وچين اٺ ڪنڊي حصي تي پڻ هر ڪنڊ تي ننڍڙو منارو آهي. انهن سڀني منارن جي وچ ۾ وچون مرڪزي گنبذ نيري چوٽيءَ سان بيٺو آهي. وچين اٺ ڪنڊي عمارت جي اٺن ئي پاسن کان لڳ ڀڳ هڪجهڙا پر ڪاشيءَ جا جدا جدا پئنل آهن. جيڪي فيروزي، نيري ۽ ميٽوڙي رنگ جا آهن.
درگاهه جو مجاور ٺيٺ سرائيڪي هو. اڇي گوڏ تي اڇو ڪڙتو، سيءَ کان بچڻ لاءِ هلڪي صدري، مٿي تي صافو ٻڌل ۽ هلڪي ڏاڙهي. درگاهه تي آيل عقيدتمند به سرائيڪي هئا. سڄو شهر سرائيڪي ڳالهائيندڙ هو. مون کي شدت سان محسوس ٿيو ته هن مهم دوران اسان پنجاب جي ثقافتي سرحدن ۾ پير وڌو ئي ڪونهي. هندڪو خطي مان لنگهڻ کان پوءِ اسان اٽڪ، مکڊ ۽ ڪالاباغ جي وچ ۾ اهڙي علائقي مان لنگهياسون جتي جا ماڻهو هندڪو، پشتو يا وري ميانوالي پوٺواري گاڏڙ ساڏڙ سرائيڪي ڳالهائن ٿا. سنڌ جو ٽالپر گهراڻو به ماڙي انڊس (ڪالاباغ) جو آهي جنهن جي زبان سرائيڪي هئي. ڪالاباغ کان هيٺ ديري اسماعيل خان جون ٻهراڙيون ته بلڪل سرائيڪي خطو آهي. ٿل صحرا ۾ ميانواليءَ کان هيٺ سرائيڪي اثر صاف هو ۽ هاڻي ته بنهه سرائيڪي هئي. اسان سڄي پنڌ ۾ ٺيٺ پنجابي نه ٻڌي.
”حضرت غوث بهاءُالدين ذڪريا ملتاني هتي ڄائو هو“ مجاور ٻڌايو، ”هتي ئي تعليم پرائي پوري ڪيائون ... هيءَ قبر سندن ڏاڏيءَ جي آهي ۽ هي قبرون سندس اولاد جون آهن ... ۽ هي سندن والدين جون قبرون آهن.“ مجاور جي ڏنل معلومات موجب بهاءُ الدين ذڪريا درويش جو پوٽو هو.
هاڻي اسان جي سامهون سوال هو ته ’ڪروڙ‘ ڇاهي؟ مجاور ٻڌايو ته هن شهر جو اصل نالو دِفال ڪوٽ هو جيڪو پوءِ درويش جي رياض سبب ڪروڙ شريف سڏجي ٿو. درويش بابت مشهور آهي ته هن هڪ ڪروڙ ڀيرا سوره مزمل جو چلو مڪمل ڪيو جنهن کانپوءِ هن شهر جو نالو ڪروڙ شريف ٿي ويو. ’ڪروڙ پڪو‘ نالي هڪ ٻيو شهر ملتان طرف دين پور جي سامهون آهي پر هِن شهر جي سڃاڻپ ’ڪروڙ لال ايسڻ‘ (لعل عيسن)آهي هيءُ صاحب هڪ ٻئي درويش پير محمد راڄڻ جو همعصر آهي. پير محمد راڄڻ سيد بخاري آهي جڏهن ته لال ايسڻ قريشي هاشمي آهي. ڪروڙ شريف ۾ رهندڙ ڪجهه قبيلا ۽ برادريون هي آهن: ڪلواڙ، قريشي، بلوچ، آرائين ۽ راجپوت. سڀني جي ٻولي سرائيڪي آهي. شهر جي آبادي 18-19 هزار ماڻهن تي ٻڌل آهي.
ڪروڙ شريف کان هيٺ درياهه جي ٻنهي ڪنڌين تي پنجاب صوبو آهي. الهندي پاسي، ضلعو ديرو غازي خان، جنهن ۾ تونئسه ۽ ديرو غازي خان مکيه شهر آهن. اڀرندي پاسي ضلعو ليهّ ۽ ان جي ڏکڻ ۾ ضلعو مظفر ڳڙهه.

لَيهّ پتڻ تي

لَيهّ پتڻ تي

ڪروڙ جي ڀرپاسي کان ٻنيون ۽ ساوڪ شروع ٿي ليهّ تائين پهتي. ليهّ چڱو خاصو شهر آهي، پهرين تحصيل هو پر هاڻي ضلعي جو درجو مليو اٿس. سٺو آباد ملڪ آهي، خاص ڪري ڪچي واريون زمينون من موهيندڙ آهن. ليه شهر کان هڪ رستو اوڀر ڏانهن پتڻ طرف وڃي ٿو پر سال ٻه اڳ درياهه وڏي تباهي مچائي آهي. پتڻ تائين پهچندي پهچندي سج اولهه ۾ ٽٻي هڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻيڙيون اڃا نه پهتيون هيون. اسان ڪنڌيءَ تي ڪم ڪندڙ ريڍارن ۽ هارين کان ٻيڙين بابت به پڇا ڪئي هر ڪنهن ڪنڌ ناڪار ۾ ڌوڻيو، ”نا جي مين ڪونه ڏٺيان“.
درياهه جي وهڪري ٻه سال اڳ هن هنڌ اوڀر طرف وڏي کاڌ ڪئي آهي. درياهه جو اڳيون وهڪرو هتان اٽڪل چار ميل اولهه ۾ هو. سرڪار پتڻ تائين پڪو روڊ تعمير ڪرايو هو پر درياهه ان کي به پٽي پاڻ سان کڻي ويو آهي. هن وقت درياهه جو مکيه ۽ تيز وهڪرو اڃا به ڪنڌي پائڻ جي موڊ ۾ هو‏. ٻيٽاريءَ جي هن پار ٻيو وهڪرو ننڍو آهي. ٻيڙيون پڪ سان هن ئي ڪناري کان لنگهنديون. اسان منزل هڻي مقامي ماڻهن سان ڪچهري شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اڄوڪو پنڌ ڊگهو هو ٻيڙين کي پهچڻ ۾ وقت لڳڻ ممڪن هو. پر انهن کي هر صورت ۾ سج ٻڏڻ کان اڳ پهچڻ گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ طوطي خان ڪنهن ويراني ۾ پڳهه ٻڌڻ لاءِ چوندو ۽ اڳتي هڪ وک نه وڌندو.
ليه پتڻ ٻه سال اڳ ليه کان ست اَٺ ميل پري اولهه ۾ هو پر هاڻي ڇاڪاڻ ته درياهه ٽي چار ميل اورتي اچي ويو آهي. تنهن ڪري ليه شهر کان پتڻ جو پنڌ چار ساڍا چار ميل وڃي بچيو آهي. درياهه جو پيٽ ڪنڌي کان سندس پنج فٽ هيٺ هو. درياهه ڀلي زمين کي سٺو ريج ڏنو هو ڇو ته هيءُ ڪچو پري پري تائين جهنگلي ڇٻر سان سائو ٿي ويل نظر ٿو اچي. ڪجهه پرتي ٻنيون ٻارا ۽ ڳوٺڙا نظر اچن ٿا. ڌرتيءَ تي ويهڻ لاءِ ڪپڙو وڇائڻ يا ڇنڊڻ جي ضرورت ڪونهي، سڄو ملڪ ڇٻر ٿي ويو آهي.
ليه وٽ ڪنڌيءَ تي اجنبي ماڻهن جو قافلو ڏسي ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن جو لشڪر نه مِڙيو. هيءَ عجيب ڳالهه هئي. هنن همراهن اسان کي پري کان ڏٺو ۽ لاتعلق رهيا. اسان کي هيل تائين اهو تجربو رهيو آهي ته قافلو بيهڻ شرط سڀ کان پهرين ٻار ڊوڙندا ايندا آهن پر پوءِ ٻه چار وکون پري بيهي اسان جون ڳالهيون ٻڌي پاڻ ۾ خيال ونڊڻ لڳندا آهن. ان وچ ۾ اسان مان ڪو کين کيڪاري سنگت ڳنڍيندو آهي، ان دوران ٻه چار جوان ۽ ٻڍڙا اچي نڪرندا آهن، پوءِ خبرون چارون ٿينديون آهن ۽ محفل مچندي آهي. پر هتي ائين نه ٿيو. نه ٻار ڊوڙي آيا نه وري ڪنهن جوان يا ٻڍي ويجهو اچي کيڪاريو. ماڳهين اهو همراهه به پنهنجو رڍن جو ڌڻ ڪاهي ڪنارو ڇڏي ويو جيڪو اسان جي پهچڻ کان اڳ اتي رڍن کي جهنگلي ڇٻر چاري رهيو هو. شايد هن ملڪ جي ماڻهن کي اجنبين سان سٺو تجربو نه ٿيو آهي.
اڌ مني ڪلاڪ کانپوءِ هڪ همراهه چڱي پنڌ کان ڪهي ويجهو آيو. پيرن ۾ گهيتلو، گوڏ مٿان ڪڙتو ۽ مٿو اگهاڙو. اچي ’سلام عليڪم‘ ڪيائين. هيءُ همراهه علائقي جو نمبردار هو جيڪو هونئن ته سرڪاري ملازم نه هوندو آهي پر کاتيدارن کان ڍل وغيره اوڳاڙڻ ۾ سرڪار جي مدد ڪندو آهي. سندس گذر سفر بس ائين ئي ٿيندو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان چڪر ۾ کاتيدارن جو مٿو رلائي ڇڏيندو آهي. نمبرداري انگريزن جي زماني کان چڱ مڙسيءَ جو ننڍي ۾ ننڍو اعزاز آهي. جنهن ڪري سماج ۾ هن جي ڪجهه نه ڪجهه هلندي پڄندي آهي.
گهڙيءَ کن کانپوءِ تَر جو چيئرمين اچي نڪتو. سندس هٿ ۾ حقو هو، ڪنهن ننڍڙي چوڌريءَ جي ڏِک ٿي ڏنائين، ”ڪير مڙس آهيو ڀائو! ڪٿان ٿا اچو، ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ اسان لاءِ ڪا خدمت؟“ همراهه رسمي طرح صلاح ڪئي پر ايتريءَ حُب سان جو اسان سمجهيو ته وڏو ڪو مهمان نواز آهي. رات جو ڏهين ساڍي ڏهين لڳي تائين گهر کان پتڻ ۽ پتڻ کان گهر ايندو ويندو رهيو، پر نه چانهه پياريائين، نه ماني جي صلاح ڪيائين نه وري رات ترسڻ لاءِ ڪا جاءِ آڇيائين. اسان کي هروڀرو سندس مدد جي گهرج ڪونه هئي. اسان کي هونئن ئي رات ڪنڌيءَ تي گذارڻي هئي ۽ ماني ٽڪي لاءِ روڊ واريون هوٽلون هيون. وڌ ۾ وڌ اڌ ڪلاڪ جي نوٽيس تي بندوبست ٿي پئي سگهيو پر اسان کي هن مان چانهه جو اجايو آسرو ٿي پيو هو. اهو به تجربو سهي.
نوجوانن تنبو کوڙيو، خالد سمون ليهّ شهر مان ڀوڄن پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ مون نمبردار ۽ چيئرمين سان ڪچهري جاري رکي. سج لهڻ کانپوءِ اسان ٻيڙيءَ وارن همراهن جو آسرو لاهي ڇڏيو هو. خبر ناهي ته همراهن کي رڻ ۾ ڪٿي رات پئي. هو اڃا بکيا سو رهندا، باقي رات گذارڻ جو سامان وٽن آهي. پڪ سان ڪنهن ڪنڌيءَ تي خيمو کوڙي ان ۾ گهڙي پئجي ويا هوندا ... سج اڀرڻ جي انتظار ۾.
ڪنڌيءَ تي درياهه جي پائيندڙ جا آواز ڌماڪن وانگر ٿي گونجيا. درياهه جون ڇوليون خوفائتيون ڪونه هيون پر اهي ڪنڌيءَ سان وڙهي رهيون هيون. مٽيءَ ڪوري ڪڍڻ لاءِ وري وري ٿي وريون. ڪنڌيءَ تي بيٺل وڻن ۽ ٻوڙن جو پاڙون مٽيءَ کي سوگهو جهلي ٿي بيٺيون پر پاڻي پاڙن مان واري ۽ مٽي ائين ڪڍي ٿي ويو جيئن هٿن مان واري نڪرندي آهي ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو ڪا وڏي ڀڪ بارود جي ضد ۾ بيٺل قلعي جي ڪنهن ديوار وانگر وڃي درياهه ۾ ڦهڪو ٿي ڪيو. ان ڦهڪي جا پڙاڏا پاڻيءَ جي سطح تي ڊوڙندا ۽ هوائن ۾ اڏامندا پري پري تائين پهچي خاموشيءَ کي ڏاريندا ٿي ويا.
”اهي ٺڪاءَ پائيندڙ جا آهن ... جيئن جيئن رات گهري ٿيندي ويندي ۽ ماحول سانت ٿيندو ويندو، تئين تئين ٺڪاءَ وڏا ٿيندا ويندا.“ چيئرمين چيو. چيئرمين جو نالو حق نواز آهي. اڳي فوج جي آءِ-ايس-آءِ محڪمي ۾ هو ۽ هاڻي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي زمينون سنڀالي ٿو، نوجوان آهي. مون کي سندس تعارف تي ويساهه ڪونه آيو. مون کي ائين محسوس ٿيو ته هو اڃا تائين حاضر سروس آهي. پر هتي پنهنجي ئي علائقي ۾ بدلي ڪرائي اٿائين، ههڙن حساس ادارن جا ملازم پاڻ کي حاضر سروس ظاهر ڪندا ئي ناهن.
ليّه جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ قبيلا اهي ئي آهن جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا. مثال طور ميراڻي، سامٽيا، لُهاچ ۽ مهاڻا. هتان جي مهاڻن کي ’ڀَڏا مهاڻا‘ ٿي چيائون. سڀني جي ٻولي سرائيڪي آهي. مهاڻن جي ڪرت اُها ئي آهي، يعني ٻيڙيون هلائڻ.
اسان جنهن پتڻ کي ليهّ پتڻ سڏي رهيا آهيون ان جو هاڻوڪو نالو جکڙ (Jakhar) والا پتڻ آهي. اڳي ان جو نالو ڀيڏان (Bhedan) والا پتڻ هو. مور جهنگي پتڻ جو نئون نالو چانديان والا پتڻ آهي. اصل ۾ جکڙ هڪ قديم ۽ وڏو قبيلو آهي جيڪي سماٽ آهن. هن علائقي مان ڪامياب ٿيل قومي اسيمبلي جو ميمبر ملڪ نياز حسين به جکڙ قبيلي مان آهي. اڳوڻو پرڏيهي وزير به جکڙ هو، مَلڪ قادر بخش جکڙ به هن ئي علائقي جو آهي. سندن بنگلا ۽ ماڙيون ته شهر ۾ آهن پر پيدائش هتان جي اٿن.
هن علائقي ۾ انڌي ٻلهڻ (Indus Dolfin) آهي جنهن سڄي دنيا ۾ شهرت ماڻي آهي. کيس اکيون ته آهن پر انڌي ٿي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته لڙاٺيل پاڻيءَ ۾ اکين جو استعمال بيڪار ٿيو وڃي. ٻلهڻ کاڌي ڪونه وڃي، هتان جا ماڻهو به ڪونه کائين. پر هتي ٻلهڻ جو تعداد گهڻو ڪونهي. علائقي جي چيئرمين ٻڌايو ته گذريل سال ڪجهه جپاني سياح هتي آيا هئا، انهن سان گڏ ڇوڪريون به هيون. هنن هتي ٻلهڻ تي فلم ٺاهي هئي.
ليهّ لڳ ٻه سال اڳ درياهه جي پائڻ سبب تباهه ٿيل ڳوٺ جو نالو ميراڻي هو. هاڻي سامٽين جي ڳوٺ کي وڏو نقصان ٿيو. جکڙن جو ڳوٺ بچي ويو آهي. هن علائقي مان تازين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ لاءِ ڪامياب ٿيل ٻن ميمبرن مان هڪ آءِ جي آءِ (IJI)۽ ٻيو پيپلز پارٽيءَ جو آهي، صوبائي اسيمبليءَ جا هڙئي ميمبر آءِ جي آءِ (IJI) جا آهن.
هتان جا ماڻهو سرائيڪيءَ ۾ وڏي کي ’وڏا‘ چون ۽ ننڍي کي ’ڇوٽو‘. ٻار کي چون ’ٻال‘ يا ’ٻالڪو‘. سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جي پاڻ ۾ هڪجهڙائي ڏسجي ته اهو چئي نٿو سگهجي ته اهي ڪي جدا ٻوليون آهن. دنيا ۾ هن وقت شايد اهي ئي ٻه ڀينر ٻوليون آهن جن وٽ اکرن جو ذخيرو ساڳيو ۽ هڪ جيترو آهي. ان ذخيري ۾ هندڪو جي به ڀائيواري آهي پر سرائيڪيءَ ۾ اهي اکر هوبهو ۽ چٽا آهن، مثال طور: سنڌي اچار ڳ، ٻ، ڏ، ڃ، ڄ، ڻ ۽ ڱ. البت پنجابيءَ ۾ ’ڻ‘ جو اچار موجود آهي. پنجابي ۽ سرائيڪي اديبن هاڻي ڪوشش ڪري پنجابي ۽ سرائيڪي لکڻ جو بنياد وڌو آهي پر پنهنجي انفراديت قائم ڪرڻ جي چڪر ۾ اردو ابجد جو سهارو ورتو اٿن، خاص ڪري پنجابيءَ لاءِ، ان ڪري پنجابيءَ جا اچار خاص ڪري ’ڻ‘ ته چچرجي ويو آهي. پنجابيءَ ۾ ’ڻ‘ لکڻ مهل ’نڙ‘ لکن. يعني پاڻي لکڻ بدران لکن، ’پانڙي‘. مان سمجهان ٿو ته سرائيڪي اديبن پنهنجي انفراديت جي چڪر ۾ جدا ابجد ٺاهي تڪڙ ڪئي آهي، جيڪڏهن هو سنڌي ابجد جيئن جو تيئن کڻن ها ته هوند ٻوليءَ کي جلد ۽ سٺي ترقي ڏياري سگهن ها ڇاڪاڻ ته سنڌي ٽائپ رائٽر ۽ سنڌي ڪمپيوٽر پروگرام کين ٺهيل ٺڪيل مليا ٿي. ان کان سواءِ سنڌي ابجد ۾ ڇپيل سرائيڪي ادب مان به لاڀ وٺي سگهن ها ۽ سندن ادب مان سنڌي لوڪ پرائين ها. ائين ٻئي ٻوليون ۽ ٻئي لوڪ وڌيڪ ويجهو اچن ها جيڪي هونئن ئي هڪ آهن. اڃا به وقت ويو ناهي پر کين ڪير سمجهائي!
حق نواز ٻڌايو ته هو فوج ۾ 18 سال رهيو. ان وچ ۾ اسلام آباد، ڪراچي، آسٽريليا ۽ افغانستان ۾ ڊيوٽي ڏيئي چڪو آهي. نوڪري ان ڪري ڇڏيائين جو مزو نه ٿي آيس. هاڻي لوڪل باڊيز جي چونڊن (جنهن کي هن بي-ڊي اليڪشن ٿي چيو) ۾ کٽي يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو آهي. همراهه 1982ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. چيائين، ”ڏاڍو تنگ هئس، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، پگهار به اهائي ٻارنهن سؤ پنجويهه رپيا ...“
حق نواز خبرناهي ته ڪيئن مهربان ٿيو. ٿڌ وڌي ته اٿيو، ”مان چانهه جو بندوبست ڪري اچان ...!“
حق نواز ٿڌي ٿيل چلم کڻي روانو ٿيو ته هڪ اڌڙوٽ همراهه ڪچهري شروع ڪئي. سندس نالو احمد ڀائي هو ۽ پاڻ مهاڻو هو، ’ڀڏو مهاڻو‘. سندس ڳوٺ هاڻي درياهه پائي ويو آهي. ڪچهري ڪندي چيائين، ”اپڻي زمين اي، پاڻي دي وچ ... هڻ ڊٺي اَي ... تقريباً ڏون اڍائي مهيني ٿي ڳئي سن ...“ هو اڄڪلهه هارپو ۽ مزوري پيو ڪري. غريب ڀلا ٻيو ڇا ڪري؟ سرڪار کان مدد جي ڪا اميد ڪو نه هئس. روزي ته ڪمائڻي ٿي پوي. ڪڏهن ڪٿي ڪم ٿو ڪري ته ڪڏهن ڪٿي. ڪڏهن هِن وٽ ته ڪڏهن هُن وٽ. پُڇيو مانس، ”هاڻي ڇا پيو ڪري؟“
چيائين، ”رهڙڪي! کيتي ٿو ڪيان ڪڻڪ جي ... پهرين ٺيڪي تي ڪيم ... پوءِ هاڻي مڙئي هِن هن جي ... ٻيو ڇا ڪيان؟“ ٻڏل زمين پنهنجي نالي ۾ هئس پر درياهه جي دانهن ڪنهن کي ڏي! ”او! هي منهنجي جهڳي آهي بس ٻچڙن سان اتي پيو آهيان.“ سندس لهجي ۾ ڏاڍي تلخي ۽ بي وسي هئي.
”سرڪار کي ڪا درخواست ڪونه ڪئي اٿئي؟“
”سرڪار ڇا ڪندي؟ ڏنم درخواست، تحصيلدار آيو هو موقعي تي، ڪيئي آفيسر عملدار آيا، زمينون ڏٺن ... بس رڳو ڏسن ٿا ۽ هليا ٿا وڃن ... غريبن جو ته رڳو خدا آهي ...“
”درياهه گهڻن ماڻهن جون زمينون لوڙهيون آهن؟“
سوين ٻڏيون ...او هوستائين درياهه ڏسين ٿو! فريد خان جي زمين ٻڏي وئي، ميراڻي ختم ٿي وئي، ڪولاچي ويو ... اهي وڏيون ايراضيون هيون ... وڏو نقصان ٿيو آهي ... ڪجهه هاڻي ٻڏيون آهن، ڪجهه اڳئين سال ٻوڙيائين، ڪجهه ان کان اڳئين سال. هيءُ ٽيون سال آهي (هن گذريل سال کي ’پر‘ چيو ۽ ان کان اڳئين سال کي ’پرار‘ سڏيو) درياهه گذريل سان وڃي بس ڪئي آهي نه ته يڪو ٿي ملڪ ڊاٺئين ... ٻنيون ٻوڙيائين، جايون ڊاٺئين ۽ مال لڙهي ويو، مال جو ته خير بچاءُ ٿي ويو جو تري نڪتو.“
”تنهنجي زمين ڪيئن هئي؟“
”ڀلي! ڪڻڪ ڪندو هئس، مرضي پئي ته ڀاڄيون ڪيان ڪمند ڪيان. ٻارهن ڪِلا ايراضي هئي ... سال اندر هڪ ڪلي مان 25-30 مڻ لهندا هئا. بس پنهنجو گذر چڱو هو. هاڻي ته زمينداز اڌ کنيو وڃي. هتي اڌو اڌ جو حساب آهي.“
”ٻج ڪير ڏئي؟“
”مند جو حساب آهي مڱ هجن ته ٻج مان ڏيان. هونئن زميندار اڌ ٻج ۽ اڌ ڀاڻ ڏئي ٿو. اڌ ونڊي ٿو. ٽريڪٽر جو خرچ هاريءَ جو آهي. ٽريڪٽر جو خرچ هر ڪلي جي حساب سان يا ڪلاڪن جي حساب سان آهي. هڪ ڪلي جي کيڙائيءَ ۾ ٽريڪٽر ٽي چار ڪلاڪ وٺي ٿو. هڪ ڪلاڪ جو خرچ 50-60 رپيا آهي.“
”تو وٽ ملڪيت ڇا آهي؟“
”مال؟ مال بس هڪ ڏون منجهه (مينهن) اي، هڪ ڏون گاءِ، تي هڪ ڏون ٻڪري اي، بس!“
”ڀلا تو کي اِها خبر آهي ته مهاڻا ڪير آهن؟“
”مهاڻا؟ مهاڻا ته بس نهر تي هوندا آهن ... ٻيڙيون ڪاهين تان پتڻ تي ... سڀ (ٻيڙياتا) مهاڻا مشهور ٿي وڃن ٿا ... مهاڻن جون ڪيئي ذاتيون آهن ... اصل ذات ته جٽ گٽ پال آهي ... (پر هاڻي) ڪو قمبراڻي، ڪو رند، ڪو بلوچ، ڪو ميراڻي آهي ته ڪو ڪولاچي آهي ... اهي سڀ ته مهاڻا ناهن پر جيئن جيئن اچي هن ڪم ۾ لڳن ٿا ... الله ٿو ڄاڻي ته ڪٿان ڪٿان کان اچيو (مهاڻا سڏائين) ... ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪير ڪير آهي ...؟“ احمد ڀائيءَ اهو ئي چوڻ گهريو ته اڄڪلهه جيڪي مهاڻا آهن، انهن مان اڪثر اصل مهاڻا ناهن. پر ڇاڪاڻ ته انهن درياهن جي ڪنڌيءَ تي اچي مهاڻڪو ڌنڌو شروع ڪيو آهي تنهن ڪري انهن کي به مهاڻن جي نالي سان سڃاڻپ ملي آهي.
ڇا سچ پچ مهاڻا ڪا نسلي وحدت آهن يا ڌنڌي جي نسبت سان هر ماڻهوءَ کي مهاڻو سڏي سگهجي ٿو؟ اهو سوال في الهال ذهن ۾ ئي رهجي ويو. احمد ڀائي ٿڪو ته ٻئي همراهه سان احوال شروع ٿيو.
”سائين مين مهاڻا آن ڪم ڊرکڻا دا ڪرڻا آن“ مون هن کان ٻه ٽي ڀيرا ورائي پڇيو ته ڪهڙو ڪم ڪري ٿو هن هر ڀيري ”ڊرکڻا“ ائين پئي اچاريو جو ”ترکاڻ“ ۽ ڊرکاڻ“ جو فرق محسوس نٿي ٿيو. مان سوچ ۾ پئجي ويس. اسان مهاڻا اتر سنڌ ۾ واڍي کي ڊکڻ چئون، ترخان جي معنيٰ به ساڳي آهي. ڇا هيءُ ساڳيو ئي لفظ آهي؟“
سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت ختم ٿي ته حاڪم نسل وڃي پورهيو ڪيو. ڪِن هَرُ کنيو ته ڪِن وڃي واڍڪو ڪم ڪيو. ان ڪري اڪثر واڍا سومرا آهن. مان سوچيان ٿو ته ڇا ترخانن به حڪومت پوري ٿيڻ کانپوءِ ساڳيو پورهيو اختيار ڪيو؟ ايڏي وڏي تعداد ۾ جو سندن قبيلي جو نالو وڃي ڌنڌي تي پيو! اترادي اچار ڊکڻ جنهن ۾ ’ڊ‘ سان ’ر‘ به شامل آهي. ’ترخان‘ جي ڦٽل شڪل محسوس ٿئي ٿي. ڇا سنڌ جا ڊکڻ اصل ۾ ترخان آهن؟ پر ليه جي ترکاڻ پاڻ کي مهاڻو ڇو چيو؟ ڇا هو نسلي لحاظ کان مهاڻو آهي ۽ هاڻي واڍڪو ڪم ڪرڻ ڪري پاڻ کي ترکاڻ ٿو سڏائي؟

نئون ڏينهن

نئون ڏينهن

خميس 9 نومبر 1989ع
صبح جا اَٺ
رات گذري، ڏينهن ٿيو. رات ڪنهن به هوٽل تان ماني نه ملي، منجهند به ماني نصيب نه ٿي هئي. رات جو يارهين لڳي ڌاري حق نواز کي دل ۾ رحم پيو، جنهن ڌونئرو ماني کارائي. ناشتي جو به آسرو ڏيئي ويو. صبح جو چانهه جي ٻاڙ لڳي ته قهو ٺاهي پيتوسين ڳوٺ وارن هيل تائين يا ته کير نه ڏڌو آهي يا ته وري فجر سان وڃي وڪڻي ڇڏيو اٿائون. اجهو انتخاب حسين شاهه مايوس موٽيو آهي، چوي ٿو، ”عجيب ماڻهو آهن، رات پڇيوسين ته چيائون صبح جو ملندو ۽ هاڻي پڇون ٿا ته جواب مليو آهي ته کپي ويو ... اسان وٽ سنڌ ۾ اچن ته کير ۾ وهنجاري ڇڏيونِ ... صفا ڪي بي مروت ماڻهو آهن هتان جا ...!“
اسان جون اکيون وري درياهه ۾ آهن. ٻيڙين کي هاڻ پهچڻ گهرجي. ڪجهه ساٿين جو خيال آهي ته اتر طرف اُن هنڌ وڃي بيهجي جتان درياهه ٻه ڦاڪون ٿئي ٿو، متان ٻيڙيءَ وارا ٻئي وهڪري مان اڳتي نه نڪري وڃن. پر اهو ممڪن ناهي ڇو ته سندن پئٽرول کپڻ وارو هوندو ۽ هو ليه تي ضرور بيهندا، سپلاءِ اسان وٽ آهي. ان کان سواءِ طوطي خان ساڻن گڏ آهي هن کي وڏو وهڪرو وٺي هِن پتڻ تان لنگهڻ گهرجي. ليه جي اولهه کان درياهه اڄڪلهه چار پنج وهڪرا ٺاهي لنگهي ٿو پر ٻيا ٽي وهڪرا ته بنهه ننڍڙا آهن. اسان تنبو ويڙهي ڇڏيا آهن، بس ٻيڙين جي اچڻ ۽ انهن ۾ پئٽرول ڀرڻ جي دير آهي.
صبح جا ڏهه:
ٻيڙيون اڃا تائين نه پهتيون آهن. انتخاب شاهه ۽ اشفاق لنڊ اتر ۾ پري تائين پنڌ ڪري موٽيا آهن. اسان ماني ٽڪي کائي ٻيڙيءَ وارن جو ڀاڱو بچائي رکيو آهي. نيرن نمبردار ڪرائي آهي. حق نواز اڃا ظاهر ڪونه ٿيو آهي. ڳوٺاڻي زندگي پنهنجي رفتار وٺي چڪي آهي. اڌ فرلانگ کن جي پنڌ تي اٽي پيهڻ جي چڪي پري پري تائين ڳوٺاڻن جو ڌيان ڇڪي رهي آهي، ”اُو ...اُو ...اُو ...اُو ...“ ريڍار ۽ ٻڪرار پنهنجا ڌڻ ڪاهي ۽ چاري رهيا آهن. خشڪي ۽ درياهه جا پکي چوڳي ۽ شڪار ۾ مصروف آهن؛ سندن رڙيون ۽ چرڙ چرڙ من کي وڻي ٿي. هتي ٻڪريون جابلو نسل جون آهن جن کي ’بربر‘ ٿا چون. ٻڪرين جي ڳچيءَ ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون گهنٽيون ٻڌل آهن جن جو آواز ڳوٺاڻي ماحول کي اڃا شاهوڪار ڪري ٿو.
درياهه جي ڪنڌيءَ سان ڪيل قبيلي جو هڪ نوجوان جنهن جي عمر 20-25 سال ٿيندي ٻيڙي ڇڪڻ ۾ مصروف آهي. سندس چيلهه ۾ رسو ٻڌل آهي، رسي جو ٻيو ڇيڙو ٻيڙيءَ جي مهريءَ ۾ ٻڌل آهي. ٻيڙيءَ کي ڪنڊو آهي. هڪ ڇوڪرو ويڻي ٿي ويهي ڪنڊي جي مدد سان ٻيڙي کي ڪناري سان لڳڻ کان بچائي رهيو آهي. سندن سفر اتر ڏانهن آهي، ٻيڙي خالي آهي. هن کان اڳ اسان هڪ ٻيڙي ڏٺي جيڪا اتر کان ڏکڻ يعني لهواري ٿي وئي، اها ڪانن سان سٿيل هئي مٿس چار ماڻهو ويٺل هئا. نمبردار ٻڌايو ته هتي ٻيٽن تي ڪانا جام ٿين. هيءُ ماڻهو انهن ٻيٽن تان ڪانا ميڙي آيا آهن ۽ ان سان جهوپڙيءَ جي ڇت ٻڌندا.
”سائين ڇا ڪجي ٻيڙيون ته نه پهتيون؟“ انتخاب شاهه ڳڻتي ڏيکاري.
”انتظار!“
”ٻارهين تائين ڏسون ٿا ...“
”پوءِ ڇا ڪبو؟“
”وري انتظار ... پر جيڪڏهن همراهن جو پئٽرول ڪٿي کٽو آهي ته واهر ڪبي؟“ واهر به ممڪن نه هئي. خبر ناهي ته پئٽرول ڪٿي کٽو هجي!
”ڪنٽينر کڻي ڪنڌيءَ سان نڪري ٿا پئون“
”جيڪڏهن پرينءَ ڀر هجن ته پوءِ؟“ هر صورت ۾ جواب اهو هو ته اتي ئي ترسي انتظار ڪجي.
***
ٻيڙين وارا يارهين وڳي ڪنڌيءَ تي پهتا. انور ٻڌايو ته وڏي ڪوشش جي باوجود کين واٽ ۾ سج لهي ويو ۽ کانئن پتڻ نه لڌو. سبب اهو هو ته پاڻيءَ جي کاڌ سبب نقشو ڦري ويو آهي. طوطي خان جوکم نه کنيو ۽ سج لهڻ شرط هن ٻيڙيون ڪنڌيءَ هڻائي ڇڏيون. هو رات جو ليه کان ڪو ٻه چار ڪلو ميٽر اتر ۾ رات ترسيا هئا. ڀر جي ڳوٺاڻن سندن چڱي خدمت ڪئي هئي، سڄو سارو ڪنستر کير جو پيش ڪيو هئائون، ماني به کارايائون. همراهن چانهه ۾ پاڻيءَ بدران کير ٿي پيتو. انور پيرزادي جو چوڻ آهي ته اها رات سندس زندگيءَ جي سڀ کان سهڻي رات هئي.
ليهّ کان تونئسه ويندي ٻيڙيءَ جو پکو وڃي مٽيءَ ۾ لڳو. ٻيڙي بيهجي وئي. ٻيڙياتن پکو مٿي ڪيو ۽ گوڏي جيتري پاڻيءَ ۾ ٻيڙيءَ کي هڪ فرلانگ تائين ائين ڌڪيو جيئن روڊ تي کريل گاڏيءَ کي ڌڪجي. انور موقعو نه وڃايو ۽ ڀٽائيءَ جو بيت ڏنو:

نه ملاح نه مڪڙي، نه ڪي کڻي نوڙ
پاڻي پِنيءَ ٻوڙ، سهڻيءَ ڀانيو سير ۾.

پر هتي ڳالهه اُبتي هئي اسان پِنيءَ ٻوڙ پاڻي کي سِير ڀانيو هو. سير ڪجهه پرڀري هئي.
ٻيڙين مان هر لمحي هوا گهٽ ٿيندي رهي ٿي، شايد ڪي سنها پنچر آهن يا اڳوڻا پنچر ٺيڪ نه لڳا آهن. جتي جتي موقعو ملي ٿو يا ٻيڙيون ڪنڌي تي لڳن ٿيون اتي پمپن سان هوا ڀري وڃي ٿي. ٻيڙين جو وري وري پنچر اسان لاءِ لطيفو ٿي پيو آهي. پنچر ڳنڍڻ جي ذميواري زبير ۽ شبير تي آهي جيڪي مهمون سر ڪرڻ جا ماهر چيا وڃن ٿا. نوجوان ساٿي انتخاب حسين شاهه ۽ اشفاق لنڊ پنچر ڳنڍڻ ۽ هوا ڀرڻ ۾ سندن مدد ڪندا هلن ٿا. ڪٿي ٻيڙيون ڪناري تان کڻڻيون هجن، موٽر لاهڻي هجي سامان لاهڻو چاڙهڻو هجي ته هر ڪو هٿ ونڊائي. سڀ انتظام ضابطي ۾ آهن پر ٻيڙين جو وري وري پنچر ٿيڻ ڪو سٺو سوڻ ناهي. ٻيڙيون اسان جي توقع کان وڌيڪ ڪمزور لڳن ٿيون. رواجي حالتن ۾ لڳاتار پنچرن سبب هر ڪنهن کي پريشان ٿيڻ گهرجي پر ائين نه ٿيو آهي. ماڳهين ان سلسلي کي لطيفي ۽ علامت طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. ’ٻيڙي پنچر ٿي وئي آهي‘ معنيٰ ڳالهه رولڙي ۾ آهي. ڪئمرا پنچر. هڪ ڀيرو وري ٻيڙيءَ مان هوا گهٽبي محسوس ٿي. هوا گهٽجڻ سبب ٻيڙيءَ جي رفتار تي اثر پوي ٿو ۽ انجڻ تي وزن پوي ٿو. ٻيڙي پاڻيءَ جي سطح تي جُهڪي هلي ٿي جنهن ڪري پاڻي ڇلڪي اندر اچي ٿو. ”ٻيڙيون ڪنهن مناسب جاءِ تي بيهاري هوا ڀرڻي پوندي.“ اشتياق انصاريءَ درياهه جي ڪنڌين ڏانهن نهاري مناسب جاءِ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. انور پيرزادي عادت کان مجبور ٿي وري اڌ بيت ڏنو:
دَنگي منجهه درياهه ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي
”ڪنهن هنڌ پاڻي ڪيترو گهرو آهي، توهان کي ڪيئن ٿو پتو پوي؟“ مون ترندڙ ٻيڙيءَ تان لڙاٽيل پاڻيءَ جي گهرائيءَ سمجهڻ لاءِ طوطي خان کان پڇيو جنهن ٿوري دير اڳ ٻڌايو پئي ته ڪهڙي هنڌ ڪيترو پاڻي آهي.
”پاڻي جي وهڻ مان پتو پوندو آهي ... هوڏانهن پاڻي اونهو آهي ۽ هوڏانهن ڏس اُتي تانگهو آهي.“ مون ٻنهي پاسي نهاريو مون کي سطح تي ڪو به فرق نظر نه آيو، سير جي ڳالهه جدا آهي.
”مون کي ته فرق نٿو ڏسجي!“
”بس اهائي ڳالهه آهي ... عُمرِ ڏيڻ کان سواءِ ڪيئن سمجهبو؟ جڏهن مان ڇهن سالن جو هوس ته بابي سان گڏ ايندو هوس، توهان ڇهن ڏينهن ۾ ڪيئن سمجهندا؟“
هن علائقي مان لنگهندي ٿر ياد اچي وڃي ٿو. جڏهن هاڪڙو وهندو هو تڏهن ٿر ۾ به ايتري ئي آبادي هوندي! هِتي به واريءَ جون ڀِٽون آهن، سنڌوءَ انهن مان پنهنجو دڳ ٺاهيو آهي. جڏهن هاڪڙي جو وهڪرو ٿر مان هو تڏهن اتي جا ماڻهو به درياهه سان ايڏوئي پيار ڪندا هوندا يا ان جي اٿل کان ڇرڪندا هوندا!
انور ٻڌايو ته ليه لڳ جنهن پتڻ تي هنن رات گذاري اُتان جا ماڻهو اڳوڻي الهندي وهڪري کي ’پراڙ‘ پيا ڪوٺين. ڪليم لاشاري چيو ته هر پراڻي وهڪري کي پراڻ چئجي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هِتي پراڙ مان مراد ’پَريون‘ آهي ۽ نه پراڻو. پراڙ لفظ جو استعمال اڃا ڪالهه هڪ شخص پئي ڪيو پر ان به پراڙ جو لفظ ’پرسال‘ جي معنيٰ ۾ ڪتب آندو هو. ان ڪري هتي پراڙ جو لفظ ’آر‘ ۽ ’پار‘ يعني ’اوريون‘ ۽ ’پريون‘ طور ڪم آندو ويو هوندو. پر لاشاري صاحب جي اها راءِ به رد نٿي ڪري سگهجي ته ’پراڙ‘ معنيٰ ’پراڻو‘ ڇاڪاڻ ته سندس مشاهدي موجب ڪن هنڌن تي اورئين پاسي واري پراڻي وهڪري کي به پراڙ سڏيو ٿي ويو.
درياهه جي وهڪري کان ساڄي پاسي سليمان جبل جي قطار اسان تي نظر رکيو پئي اچي. جبلن جو اهو سلسلو ڪالاباغ کان پوءِ پري هٽي ويو هو پر هاڻي اڳي جي ڀيٽ ۾ ويجهو آهي. اهو سلسلو ديري غازي خان تائين لڳ ڀڳ ايتري پنڌ تي هلندو. ليه کان الهندي طرف درياهه ۽ جبل جي وچ ۾ لڳ ڀڳ 15 ميل ريگستان آهي جنهن جو ٻيو حصو ليه کان اوڀر طرف جهلم ۽ چناب جي گڏيل وهڪري تائين پکڙيل آهي. سنڌوءَ جو وهڪرو ٽي ٽي، چار چار ۽ ڪٿي ڪٿي پنج وهڪرا ٺاهي هلي ٿو. انهن مان هڪ وڏو ۽ مکيه وهڪرو هميشه موجود رهي ٿو پر اهو ضروري ناهي ته گذريل سال وارو مکيه وهڪرو ۽ اڄوڪي سال وارو مکيه وهڪرو ساڳيو هجي. اها درياهه بادشاهه جي مرضي آهي ته ايندڙ سال هو ڪهڙي وهڪري مان پنهنجي شاهي فوج کڻي اڳتي وڌي ٿو. اهو به ممڪن آهي ته هو ايندڙ سال ڪو بلڪل ئي نئون دڳ ٺاهي چڙهائي ڪري. ان چڙهائي دوران هن ڪيئي ڳوٺ نابود ڪيا آهن. ڪيترن شهرن کي اڌو اڌ پٽي ويو آهي ۽ ڪيترن علائقن کي نيون ۽ تازيون زرخيز زمينون ڏيئي ويو آهي. پر ماڻهن کي پڪ ناهي ته ايندڙ سال اهي زمينون وياج سميت موٽائي وٺندو يا هميشه لاءِ سوکڙي ڏيئي ويو آهي.
ليه پتڻ تان روانگيءَ مهل، ٺيڪ ان وقت جڏهن سفر لاءِ ٻيڙيون ٿيلهيون ٿي ويون هڪ سنڌي ڪٽنب گڏهن تي گهمندو نظر آيو. تيرهن چوڏهن سالن جا ٻه ڇوڪرا ۽ هڪ ٻڍو. ڇوڪرن جا پير اگهاڙا، ڪپڙا ميرا گڏهن جي اگهاڙين پٺين تي سوار ڏکڻ کان اتر طرف پنڌ‏ پئي ويا. ٻڍڙي جي پيرن ۾ ٽائرن وارو پٺاڻڪو سينڊل، هٿ ۾ لٺ، چهري تي اڇي ڏاڙهي، هڪ ڪلهي تي ٿلهي شال، ٻئي ڪلهي ۾ وڏي گودڙي ۽ ٻانهن ۾ ڪارو فقيري ڪڙو هو. انور کانئن تفصيلي انٽرويو ورتو.
هيءُ مختصر قافلو جيڪو گڏهن تي مهم سر ڪرڻ نڪتو هو، هميشه کان سفر ۾ آهي ۽ شايد هميشه رهندو. اهو سندن خانداني پيشو هو. راڻي پور پير وسڻ جا رهندڙ هي ماڻهو سيال هئا، پاڻ کي سنياسي ٿي چيائون. ٻڍڙو ماڻهو ديسي حڪيم هو. هنن جو ڪم سنڌوءَ جي ڪناري ڪناري صحت ڏيندڙ جڙيون ٻوٽيون ڳولي گڏ ڪرڻ، دوائون ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ هو. جهوني سنياسيءَ جي دعويٰ هئي ته وٽس هر مرض جي علاج لاءِ نسخو آهي. سنڌوءَ جا ڪنارا هر مرض جي علاج لاءِ جڙين ٻوٽين، ڪکن ۽ وکرن سان ڀريل آهن. هيءُ قافلو هر سال پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان نڪري ڪڏهن اتر ڪڏهن ڏکڻ نڪري ويندو آهي ۽ ويران ڪنڌين تان زندگيءَ جو سامان ميڙي چونڊي موٽندو آهي. سنياسيءَ پنهنجو نالو فقير احمد بخش خان ٻڌايو، هڪ ڇوڪر جو نالو غلام عباس سيال هو.

***
سج لهڻ کان اڳ ٻيڙيون تونسه بئراج جي ڍنڍ ۾ داخل ٿيون ته ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون ٻڏي ويون. درياهه جي ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ طوطي خان الهندي پاسي اشارو ڪري ٻڌايو، ”تونئسه شهر هِن پاسي آهي.“ بئراج کان تونئسه شهر جو پنڌ اٽڪل 20-25 ڪلو ميٽر آهي. پر سنڌوءَ جا ڪنارا هاڻي اسان کي ويران لڳن ٿا. بس ائين ٿو لڳي ته درياهه جون ڪنڌيون ۽ ٻيٽ ٽيٽيهرن، سرخابن، سانهه ۽ ٻگهن لاءِ ڇڏيا ويا آهن ته جيئن اهي درياهه جي تانگي توڙي اونهي پاڻيءَ ۾ تڙڳندا وتن ۽ گهتون ۽ ٽٻيون هڻي مڇيون جهلي ڳڙڪائين. اڪثر پکي آکيرا ڪونه ٿا ٺاهين بس ويران ٻيٽن تي وڃيو رهن ۽ آنا لاهن ته جيئن گدڙن ۽ ڪنڌيءُ جي ٻي مخلوق کان بچيل رهن.

تونسه بئراج

تونسه بئراج

تونسه، چشمه بئراج کانپوءِ پهريون بئراج آهي. ٻنهي بئراجن جي وچ ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ ميلن جو پنڌ آهي. چشمه کان هيٺ پهريون بئراج سنڌ جي حدن ۾ گڊو بئراج آهي جنهن جو پنڌ پڻ هتان لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ ميل ٿيندو. تونسه بئراج جي اڏاوت جي پهرين تجويز 1936ع ۾ ڏني وئي جڏهن ته 1958ع ڌاري جڙي راس ٿيو. 3 مارچ 1959ع تي ايوب خان پل جو افتتاح ڪيو.
ترتيب جي لحاظ کان سنڌوءَ تي في الحال هيءُ چوٿون بند آهي. رٿابنديءَ هيٺ هيءَ بئراج ديري اسماعيل خان ۽ مظفر ڳڙهه جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. 1947ع کانپوءِ ترميم بعد اندازو هنيو ويو ته اهو بئراج هڪ لک ڇاونجاهه هزار ايڪڙ زمينون آباد ڪندو. رٿا ۾ هڪ بند، هڪ روڊ، ريلوي پُل ۽ ٻه نهرون شامل آهن. الهندي پاسي کان ڊي-جي ڪئنال نڪري ڄام پور جي اولهه ۾ کُٽي ٿو. اڀرندي پاسي تونسه پنجند لنڪ ڪئنال آهي.
بئراج تي پاڻيءَ جو شور پنهنجي جاءِ تي پر هتان پاڻي تمام گهٽ مقدار ۾ خارج ٿئي ٿو. لهواري پاسي بلڪل ڄامشوري جهڙو منظر آهي. هيٺئين پاسي واريون ٻيٽاريون چشمه جي ڀيٽ ۾ وڏيون ۽ گهڻيون آهن. صاف محسوس ٿئي ٿو ته هر بئراج کانپوءِ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽبو وڃي ٿو. اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته گڊو ۽ سکر کان پوءِ ڇا حال هوندو! ڇا سفر اڳتي جاري رکي سگهبو؟

تونسه شريف / پير پٺاڻ

تونسه شريف / پير پٺاڻ

جمعو 10- نومبر 1989ع
ٻيڙين جو سفر شروع ڪرڻ کان اڳ تونسه شهر ڏسڻ ضروري هو، تنهن ڪري صبح جو 6 لڳي ڌاري جيپ تونسه ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيو. جيپ تونسه بئراج تي ٺهيل شاندار ريسٽ هائوس ڇڏي بئراج ٽپي الهندي ڪناري تي پهچڻ کانپوءِ سر اُتر طرف وڌي. بانگ اچي چڪي هئي، نمازي نماز پڙهڻ ۾ مصروف هوندا. ٿڌ هئي پر گهٽ. هاڻي اسان انهن پٽن ۽ جبلن کان گهڻو هيٺ هئاسون جيڪي برفاني دور ۾ برف هيٺ دٻيل هئا. اسان کي فقط ٻن ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو. تونسه ڏسڻ، ماڻهن کان حال احوال وٺڻ، فوٽو گرافي ۽ وڊيو ٺاهڻ لاءِ ... پر هڪ ڪلاڪ اسان کي پنڌ ۾ لڳي ويو، ان ۾ واٽ تي چانهه پيئڻ جي عياشي شامل هئي. اسان جي پهچڻ کان اڳ شهر جاڳي چڪو هو. هوٽلن گرم ۽ خوشبوءِ دار ناشتي لاءِ ڇڪ ڪئي پر وقت ڪونه هو. ننڍيون ننڍيون هوٽلون ۽ دڪان، شهر جي هڪ ڇيڙي تي بس اسٽينڊ.
اهي مسافر جيڪي رات پوڻ سبب شهر ۾ ٽڪي پيا هئا، خواجه محمد سليمان جي درگاهه کان نڪري ڳنڍون ۽ هڙهون ٻَڌي بس اسٽينڊ ڏانهن پئي پيا. انهن رات پڌر تي گذاري هوندي يا درگاهه جي آڏو ننڍڙين هوٽلن ۾. مون سائن بورڊ پڙهڻ شروع ڪيا:
”ڪراچي جنرل اسٽور ... سليماني پلازا ... سليماني هوٽل ...پير پٺاڻ هوٽل ... سليماني ميڊيڪل اسٽور.“ سڀ سليماني.
شايد ان ڪري جو درگاهه خواجه محمد سليمان جي آهي جيڪو پاڪستان جي سڀ کان وڏن بزرگن جي قطار ۾ شامل آهي. هيءَ تمام وڏي روحاني گادي آهي. اهو به ممڪن آهي ته سليمان جبل جي نسبت سان سڀ ڪجهه سليماني ٿي ويو هجي. خواجه محمد سليمان کي مقامي ماڻهو ’پير پٺاڻ‘ سڏين ٿا.
پير پٺاڻ جي شاهي درگاهه جو مکيه رستو هاڻي سوڙهو ٿي ويو آهي. ان رستي، جنهن کي گِهٽِي چئجي ته بهتر، جي ٻنهي پاسن کان ننڍا ننڍا دڪان کلي چڪا آهن. جيتوڻيڪ اهي دڪان به ڪافي پراڻا ٿي ويا آهن پر انهن جو ڪو خاص ڪاروبار هلندو نظر نه آيو. باقي درگاهن جي در تي ميلي دوران ٿيندڙ ڪمائي سڄي سال نه ته اڌ سال لاءِ ڪافي اٿن. دڪانن تي ٻئي سامان سان گڏ حيدرآباد جون چوڙيون اسان خاص طور تي نوٽ ڪيون.
گهٽي هڪ وڏي در تي پوري ٿئي ٿي. جتيون دروازي تي لاهي، ننڍي ڏيڍي مان لنگهي ماڻهو هڪ وڏي پڌر ۾ داخل ٿئي ٿو. آڏو هڪ شاندار ۽ شاهي قد ڪاٺ جو مقبرو بيٺو آهي. پڌر ۾ داخل ٿيڻ سان ٻه عمارتون ڌيان ڇڪائين ٿيون. پهرين عمارت ڪاشيءَ جي سهڻي ڪم واري درگاهه آهي. خبر ناهي ته ڇو مونکي ڀٽائيءَ جو روضو ياد اچي ويو. ڪافي هڪ جهڙائي هئي شايد اها هڪجهڙائي ڪاشيءَ جي سهڻي ڪم پيدا ڪئي هئي. درگاهه ۽ پڌر جي وچ ۾ صاف سٿرو ۽ عاليشان ورانڊو آهي. ورانڊي کي آڏو ست محرابدار در آهن. وچين دروازي جي مٿان مناري نما اڏاوت آهي جتان سڄي پڌر جي نظرداري ڪري سگهجي ٿي. سڀئي محرابدار دروازا اڇي سنگ مرمر سان سهڻي طرح گهڙي تيار ڪيا ويا آهن. مقبري ۽ گنبذ جو نمونو ساڳيو ملتاني آهي پر هي اڇو گنبذ نارنگيءَ جي ڦاڪن وانگر آهي، جنهن تي سوني نيل پري کان ڏسجي ٿي. قبي هيٺ پير صاحب جي قبر جي چوڌاري اڇي سنگ مرمر جو شاندار ڪٽهڙو آهي. ڀر ۾ ٻيون قبرون به آهن.
مقبري جي ڀر ۾ پٿر سان جڙيل ٽه ماڙ عاليشان عمارت گادي نشين جي شاهوڪاريءَ جو وڏو دليل آهي. حويلي جو شاهي در ڪنهن قلعي جي شاهي دروازي جي ڏِک ڏئي ٿو. شاهي در مٿان اوچو ٽاور بيٺو آهي. ٽاور جو وچون حصو چوڪيدار جي ڪوٺي آهي، ان مٿان هڪ وڏو گهڙيال ۽ ان مٿان لائوڊ اسپيڪر. ڇاڪاڻ ته حويلي ٽه ماڙ آهي تنهن ڪري پڌر مان چڱيءَ طرح پئي ڏسجي، پٿر جي اڏاوت، ان ۾ سنگ مرمر جا محراب ڪٿي ڪٿي ڪاشيءَ جو ڪم. اڏاوت جي لحاظ کان هر شيءِ شاندار هئي، جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ. صفائي به ٺاهوڪي هئي پر گادي نشين جو رويو اسان کي نه وڻيو. هو صوفين کان وڌيڪ ڪٽرپڻي ڏانهن مائل هئا. ڪٽرپڻو به اهڙو جو نه رڳو پاڻ قبرن کي سجدو ڏين پر هر ايندڙ ويندڙ تي به دٻاءُ وجهن ته اهي به سجدو ڪن. اهو ئي سبب هو جو عام ماڻهو گادي نشين کي عزت نه پيا ڏين ۽ سرٻاٽن ۾ انهن کي خراب ٿي چيائون.
گادي نشين، صاحبِ درگاهه کي حضرت شاهه سليمان سڏيو . عام ماڻهن جو خيال هو ته گادي نشين پاڻ کي سيد سڳورو ثابت ڪرڻ لاءِ خواجه سليمان کي سيد ثابت ڪري ٿو جڏهن ته هو اصل ۾ پٺاڻن جي هڪ قبيلي، جعفر سان تعلق رکندڙ هو. گادي نشين جڏهن اسان کي پير پٺاڻ جو شجرو ٻڌائي رهيو هو ته هڪ اُمتيءَ وچ ۾ پنهنجي راءِ پئي ڏني. اُمتيءَ جو خيال هو ته پرديسين کي اصل تاريخ کان اڻڄاڻ نه رکجي ڇو ته جيڪڏهن اُهي (اسان) غلط معلومات کڻي ويا ۽ ڪٿي ڇپي ڇڏيائون ته پوءِ وارن وقتن ۾ تاريخ غلط رخ ۾ مڙي ويندي. هن اُمتيءَ سچ پچ ته وڏي همت ڪئي هئي. گهڻو ممڪن آهي ته اسان جي وڃڻ کانپوءِ گادي نشين کيس ڪاسيکت ڏين يا درگاهه تي اچڻ کان منع ڪري ڇڏين. ان جو اندزو اسان کي ان مهل ٿيو جڏهن گادي نشين امتيءَ کي زوردار ڇڙٻ ڏني.
”توکي ڪهڙي خبر! تون بوزدار کيتيراني ... مان ته پاڻ درويش جي خاندان مان آهيان ... مون کي توکان وڌيڪ خبر آهي.“ اُمتي ڇڙٻ ٻڌي کسڪي ويو. پوءِ گادي نشين درويش بابت ڪٿا کنئي.
”حضرت خواجه شاهه سليمان جو وصال 1267 هجريءَ (1851ع) ۾ ٿيو. سندس مقبرو حاجي الله بخش 1306 هجريءَ ۾ مڪمل ڪرايو. اهو سن درگاهه تي به لکيل آهي. تعمير کي سؤ سال کن ٿيا آهن. درويش پاڻ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ شاعري نه ڪئي پر جاميءَ جو ڪلام پڙهندو هو. هو صاحب گرگوجي دروگ کان آيو جيڪو سليمان جبل ۾ آهي. اها تحصيل مرزاخيل کان 40 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي ... سندن والد صاحب جو نالو محمد ذڪريا آهي، والده جو نالو زليخا بيبي هو. سندن تعلق قوم جعفر پٺاڻ سان آهي پر (هن ’پر‘ تي زور ڏنو) هو اُتي رهڻ سبب جعفر ٿيو آهي ... اصل ۾ سندن سلسلو حضرت امام جعفر صادق سان ملي ٿو. ان حساب سان هو سيد آهي ... جو جعفر قوم ۾ رهندي جعفر مشهور ٿيو آهي، اصل ۾ هن جو خاندان جعفر ناهي ... هونئن سندن ڇڏيل ورثي ۾ هڪ اڌ جاءِ تي اهو لکيل آهي ته جڏهن هو پنهنجي شيخ حضرت قبله رحمة الله خواجه نور احمد وٽان فيضياب ٿي هتي آيو تڏهن هن وٽ ٽي سيد زاديون آيون پر جڏهن هنن کي خبر پئي ته هيءُ پٺاڻ آهي ته هو هليون ويون. پوءِ پاڻ کين سڏي چيو ته، ”مان سيد آهيان ... مان سيد آهيان ... مان سيد آهيان!“ فقط هڪ جاءِ تي اها ڳالهه ملي ٿي باقي هر جاءِ تي پٺاڻ ۽ گرگوجي وغيره جو احوال آهي. پر سندن والد جو نالو يا سندن والده جو نالو اتي جبلن ۾ توهان کي ڪو به ٻڌائي نه سگهندو.
خواجه محمد سليمان جو دور سکن وارو زمانو هو. هن علائقي ۾ گهرن جي تعمير ۽ ٻيون اڏاوتون شروع شروع ۾ هڪ سک مستري جهنڊا سنگهه ڪيون هيون. هتي اڄ تائين ٻه چار مندر آهن. جڏهن کان هتي مهاجر آيا آهن تڏهن کان هنن انهن مندرن ۾ گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. هڪ مندر ۾ اسڪول قائم ڪيو ويو آهي.
گادي نشين ٻڌايو ته سليمان جبل يا تخت سليمان سان هن درويش جي ڪا به نسبت ناهي. تخت سليمان نالي جبل جي چوٽيءَ تي حضرت سليمان پيغمبر جو تخت هو، جتي هو ويهندو هو. ڪوهه سليمان جو جاگرافيائي يا تاريخي لاڳاپو سرحد ۽ بلوچستان سان آهي جتي جعفر قبيلو وڏي اڪثريت رکي ٿو. بهرحال اسان اهو معلوم نه ڪري سگهياسين ته حضرت سليمان واري ڏند ڪٿا ڪيئن آهي ۽ اها هتي ڪيئن پهتي. البت اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته قديم وقتن ۾ اها ڏند ڪٿا ايراني اثرن کان هتي پهتي آهي. تونسه شهر کان ڪوهه سليمان جو سلسلو فقط ٽي ميل پري آهي.
گادي نشين چيو، ”سکن جي وقت ۾ جڏهن هتي انگريز آيا. شاهه سليمان جي پوٽي واري وقت ۾ انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ هتان جو اڪثر سرڪاري عملو سکن تي ٻڌل هو. ان وقت انگريز بادشاهه کي اطلاع مليو ته هتي هڪ فقير آهي جنهن سان ملڻ لاءِ تمام گهڻا ماڻهو ڪشالا ڪڍي اچن ٿا. هن کي شڪ ٿيو ته متان فقير جي نيت بغاوت ڪرڻ تي هجي. ڇاڪاڻ ته تونسه ٽن صوبن جي سرحدن وٽ آهي. هيڏانهن سرحد ۽ بلوچستان ۽ هوڏانهن پنجاب. سو، تڏهن ڪو انگريز گورنر دهلي کان هلي هتي پهتو ۽ فقير کان پڇيو ته توهان خاندان جا گهڻا ڀاتي آهيو؟ تڏهن خاندان ۾ فقط ٻه ڀاتي هئا يا وري ٻه ٻه پٽ هوندن. هن پڇيو ته توهان هتي گهر پيا ٺهرايو. تڏهن هتي وڏي سراءِ (جڳهه) هئي جنهن ۾ هزارها ماڻهو ترسي ٿي سگهيا. اهو انگريز اصل ۾ اهو ڏسڻ آيو هو ته ماڻهو هتي ڇو ٿا اچن؟ ۽ هيڏا گهر ڇو پيا ٺهن ...“
”لڙائي نه ڪيائين؟“ انور گادي نشين کي ٽوڪيو.
”لڙائي ڇو ٿئي ها؟ معاف ڪرڻ اسان جي مسلڪ ۾ آهي ته جيڪڏهن وقت جو حاڪم کڻي ڪافر هجي يا مشرڪ، هن سان لڙائي ڪرڻ يا فساد ڪرڻ ٺيڪ ناهي.“
”تعاون ڪرڻ گهرجي؟“ انور، گادي نشين کي چيڙائڻ جهڙو سوال ڪيو.
”لڙائي نه ڪرڻ کپي باقي اهو توهان ٻڌايو ته ان کي تعاون چئجي يا نه چئجي“ گادي نشين وڏي ڳيت ڏيئي چڙ پيتي، ”جهڳڙو نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته حڪومت جي حڪم ۾ ڪمزوري ٿيندي ته ملڪ ۾ خرابي پيدا ٿيندي ... اهو درويش جي ڪاڳرن ۾ محفوظ آهي ... جيئن رنجيت سنگهه جي زماني ۾ خرابي پيدا ٿي هئي ...“
”جڏهن جارج پنجم جي تاج پوشي ٿيڻ لڳي هندستان ۾ ... تڏهن هتان جي گورنر درويش کي اطلاع موڪليو ته توهان مهرباني ڪري اچو ... هن جو خيال هو ته درويش هٿان تاج پوشي ڪرائي وڃي ... تڏهن هن گاديءَ تي خواب حامد صاحب عليه رحه هو. حاڪم جو حڪم هو ... تنهن تي هن جواب موڪليو ته تاج پوشي ڪرائڻ فقيرن جي ذميواري ناهي البت مان دهلي ايندس ... اتي پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي عرس تي ويندو آهيان ... ان ڪري جيڪڏهن توهان جو بادشاهه ان موقعي تي اچي نڪري ته پوءِ مان سندس تاج پوشي ڪندس ... هاڻي اهو نمونو ٿي ويو آهي جو علماءِ حڪومتن سان حمايتن ۽ مخالفتن ۾ پيا هلن. اسان جي بزرگ ائين نه ڪيو.“
هيءَ درگاهه اوقاف جي سنڀال هيٺ ناهي. درويش بابت هڪ ڳالهه اها به ٻڌائي وئي ته هڪ ڪمري ۾ هڪ ٿنڀي تي ٻه نشان آهن جيڪي ان مهل ٺهيا جڏهن درويش وجد جي حالت ۾ ٿنڀي تي آڱر ۽ اڱوٺو رکيو. ڪريم ميمڻ اهي نشان مووي ڪئمرا ذريعي محفوظ ڪري ڇڏيا.
اسان جيئن ئي گادي نشين سان گڏ درگاهه ۾ گهڙياسين، گادي نشين ڌُو وڃي سجدي ۾ ڪريو. سجدي مان نڪري اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان مان ڪنهن کي به پوئواري ۾ سجدو نه ڪندي نه ڏٺائين ته همراهه کي ڏاڍي چڙ لڳي پر ڪاوڙ پي ويو. ويتر جو ڪريم ميمڻ ۽ محمد عليءَ پنهنجين ڪئمرائن ۾ چٽساليءَ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ قبرن کي پٺي ڏني ته صفا چڙي پيو چوي، ”احترام نٿا ڪريو ته نه ڪيو پر گهٽ ۾ گهٽ منهنجي آڏو ته قبرن کي پٺي نه ڏيو.“
سنڌ ۾ به پيرپرستي ۽ قبرپرستي گهڻي آهي پر هتي ته دنگ هو. سنڌ ۾ ڪنهن به درگاهه تي ’سجدو‘ ڏيڻ جي روايت ناهي البت چانئٺ چمڻ يا چانئٺ تي هٿ رکڻ عام آهي. جيتوڻيڪ چانئٺ چمڻ مهل ماڻهو سڄو جهڪي وڃي ٿو پر ان هوندي به اهو سجدو ناهي.
پير پٺاڻ جي درگاهه کان نڪري واپس بازار ۾ آياسين ته اُتي ڪيئي مريد وڪوڙي ويا، ”سائين! هي سيد ناهي ... پٺاڻ آهي، حضرت امام جعفر جو اولاد ناهي ... سڀني کي خبر آهي ته جعفر قبيلي جو پٺاڻ آهي ... گادي نشين ڪوڙ ٿو هڻي.“
تاريخ ضلع ديره غازي خان جو ليکڪ منشي حڪم چند 1875ع ڌاري هن درگاهه بابت لکي ٿو ته، ”خواجه محمد سليمان قوم افغان گوت عشقون معروف جعفر جو قديم وطن خراسان آهي. اتان لڏي درگي واقعي ڪوهستان باغستان ۾ اچي رهيو جيڪو تونسه کان اولهه طرف جبل ۾ آهي. سندس پيدائش 1179 هجريءَ ۾ ٿي ۽ سندس نالو ’مانا‘ رکيو ويو. هن تونسه شيخو لنگاهه ۽ مٺڻ ڪوٽ ۾ علم پرايو. پوءِ خواجه نور محمد مهار والا جو مريد ٿيو. تڏهن پير سندس نالو ڦيرائي محمد سليمان رکيو. هو 1199 هجري ۾ دهلي ۽ اجمير زيارتن لاءِ ويو ۽ پوءِ پنهنجي وطن گرگوجي هليو ويو. وري تونسه اچي رهيو. نواب بهاول پور سندس مريد ٿيو 1267هه ۾ وفات ڪيائين. نواب بهاول خان سندس روضو پختو ڪرايو. سندس عرس تي پنج هزار مريد جمع ٿين ٿا. ميلي ۾ ميراثي راڳ ۽ غزل ڇيڙين ٿا، ساز وڄائين ٿا ۽ فقير وجد ۾ اچي نچن ٽپن ٿا ۽ آهه زاري ڪن ٿا. ان رقص کي ’حال‘ چون ٿا. ماڻهو هر قسم جي ڀيٽا ڏين ٿا.“
شهر جي ڊيگهه هڪ ميل کن آهي. شهر ۾ چَچه پٺاڻ ۽ ڀُٽا وڌيڪ آهن. درگاهه تي هر سال ميلو لڳي ٿو. گذريل ميلو مهينو ڏيڍ اڳ لڳو هو. وڏو ميلو 5 صفر تي لڳندو آهي. ٽي ڏينهن شهر ماڻهن سان ٽٻيل رهندو آهي. پنجاب ۽ سرحد مان ماڻهو اچن ٿا. ٻيا ته ننڍا ننڍا ڪيئي ميڙا لڳن ٿا، جيترا گذاري ويل گادي نشين اوترا ميلا. درگاهه تي بلوچستان جا مري ۽ بگٽي به اچن ٿا.
”ٻيا ڪير ڪير اچن؟“ اسان هڪ دڪاندار کان پڇيو.
”ملڪ ملڪ جا ماڻهو اچن ٿا ... مديني کان به اچن ٿا.“ دڪاندار شايد جذباتي ٿي ويو هو. شايد ڪڏهن ڪو ٿڙيو ٿاٻڙيو عرب هتي پهتو هجي. ”پير پٺاڻ سيد ناهي هو بلوچستان جي موسيٰ خيل ضلعي لورالائي مان هتي آيو هو.“
دڪاندار جو لهجو سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جهڙو هو. اسان کانئس اباڻي ٻوليءَ بابت پڇيو. چيائين، ”کيتراني“.
”کيتراني؟“
”هائو!“ هن ڪوهستانين وانگر هائو کي ڊگهو ڪري چيو.
”ڪي ٻيا به چار جملا“ اسان اردو ۾ پڇيا.
”هيڏي اچ ... هوڏي وڃ ...“ هيءَ کيتراني زبان هئي يا ٺيٺ سنڌي! مون ۽ انور هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. هن ’ڏ‘ ۽ ’ڃ‘ جا آواز بلڪل ٺيٺ سنڌي صوتيات موجب ادا ڪيا.
”توکي سنڌي اچي ٿي؟“ اسان سوال ڪيو.
”هائو! سمجهه ۾ اچي ٿي.“ هن کيتراني ۽ اردو ۾ چيو. کيترانيءَ جو علائقو به لورالائي آهي.
شهر کان واپس ايندي ايندي اسان روزاني استعمال جي شين جا اگهه پڇيا. وڏو گوشت 20 رپيا ڪلو، ننڍو گوشت ويهين رپين جو ڪلو، بصر ڏيڍ رپئي ڪلو، مقامي ماڻهن ’ڏيڍ‘ کي سنڌي وانگر ’ڏيڍ‘ ئي چيو. ماپ طور جي نظام ۾ هڪ لفظ استعمال ڪن، ’ڌڙِي‘ ڌڙي معنيٰ ’پنج‘ (ڪلو). بصر کي ’بصل‘ چون. ننڍڙا ڳاڙها مرچ ويهه رپيا ڪلو (مرچن جي اها جنس ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ ٺاهي ٿي ۽ ميرپور خاص لڳ ڪُنريءَ ۾ لهي ٿي).
سياسي طور تي هر شهر ۾ پيپلز پارٽيءَ جو زور هو. روڊن، رستن، دڪانن ۽ گهرن تي پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا ۽ بينر پئي ڦڙڪيا. اسان واري ٽيم بابت ماڻهن جو خيال هو ته اسان کي نواز شريف موڪليو آهي. هنن هڪٻئي سان وڏي آواز ۾ تبصرو ٿي ڪيو. سندن لهجي ۾ چٿرون ٿي جهلڪيون. ثقافتي طور تي اجرڪ جو به ڪجهه نه ڪجهه ڪردار نظر اچي ٿو.
معاشي لحاظ کان تونسه کي سٺو مستقبل ٿي سگهي ٿو پر هتي ڪا به صنعت نظر نه آئي. سليمان جبل ۾ ڍوڍڪ ۽ هڪٻئي هنڌان تيل ۽ گيس نڪري ٿي پر هتي روڊ به نه وڌا ويا آهن. هڪ مقامي ماڻهوءَ شڪايت ڪئي، ”تيل ڪمپنيءَ وارن کان ايترو به نه ٿو پڄي جو خالي گاڏين ۾ کڻي پنڌ ويندڙ ماڻهن کي منزل ويجهو لاهين ...“
محمد علي ۽ ڪريم پنهنجو ڪم پورو ڪري سنڌوءَ ڪناري شاندار نيرن ڪرائڻ جو بندوبست ڪري ورتو. نان، دال ۽ ڀاڄي. ڪم پورو نه ٿيو هو، پر ڏنل شيڊول کان هڪ ڪلاڪ دير ٿي چڪي هئي.

بئراج ڏانهن واپسي

بئراج ڏانهن واپسي

جيپ جو اسٽيئرنگ ڪريم ميمڻ جي هٿ ۾ هو ، ” انور صاحب شهر ڪيئن لڳو؟“ ڪريم ايڪسيليٽر تي دٻاءُ وجهي اکيون روڊ ۾ وڌيون ۽ ڪن انور ڏي لاڙيا.
” پاڻ شهر ته نه ڏسي سگهيا آهيون البت شهر جي سڀ کان اهم ثقافتي جاءِ تان پيا موٽون.مون کي پير پٺاڻ واري گاديءَ ۾ سنڌ جي صوفين وارو جهاد نظر نه آيو. انگريز جڏهن هن علائقي ۾ آيو تڏهن انهن جي مزاحمت فقط صوفي فقير ۽ روحاني رهبرڪري ٿي سگهيا ، جن کي عوام وٽ وڏي مڃتا هئي.ان جو اندازو انگريزن کي به هو تنهن ڪري هِتي به لارڊ موڪليائون .سندن خواهش هئي ته صوفين کي زير ڪجي يا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن کي دوست بنايو وڃي . هِن گاديءَ کي انگريز بادشاهه جي تاج پوشي ڪرڻ جو اعزاز ڏيڻو ڪيو ويو.اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي.وڏي رعايت ۽ لالچ هئي ته وقت جو انگريز حڪمران ڪنهن ماڻهوءَ کي سڏائي چوي ته تنهنجي هٿان منهنجي تاج پوشي ٿئي ،سو هن گاديءَ وٽ به ٻه رستا هئا يا ته انگريز سان ٺهي وڃي يا وري مزاحمت ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ انڪار ڪري ... پر هتي ائين نه ٿيو. مان سمجهان ٿو ته ڪو به سنڌي صوفي شاهه عنايت وانگر شهيد ٿيڻ ته پسند ڪندو پر ڪنهن انگريز بادشاهه جي تاج پوشيءَ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندو.“ انور پنهنجو تبصرو ڪيو.
” هتي روحاني دهشتگردي هئي. بلوچن جو ڪافي اثر هو.اجرڪ به ڏسڻ ۾ آيا شايد بلوچ آبادين جي ڪري اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي هئي.ان کان سواءِ هتان جي عورتن جا برقعا ڏاڍا عجيب هئا.جوان توڙي پوڙهيون امير توڙي غريب ،پنڌ توڙي گاڏين ۾ ويٺل عورتن کي هڪجهڙا شٽل ڪاڪ برقعا هئا ۽ انهن برقعن جون چوٽيون ڏاڍيون عجيب آهن ...سنڌ ۾ پوڙهين ماين جي برقعي ۾ بس اهو ئي فرق آهي ته انهن کي گول چوٽيون ناهن.“ محمد علي قادريءَ تبصرو ڪيو.

زندهه پير

زندهه پير

تونسه کان هيٺ به جاگرافيائي منظر ساڳيو آهي. البت ثقافتي طرح هر لمحي سنڌ جي ثقافت جو عڪس چٽو ٿيندو وڃي ٿو. درياهه جي کاٻي ڪپ تي ٿل وارو صحرا ديري غازي خان کان ڪجهه هيٺ تائين جاري رهندو.ان کان پوءِ ديري غازي خان کان سر اوڀر ۾ مظفر ڳڙهه، چناب ۽ جهلم جي گڏيل وهڪري تي آهي. ديري غازي خان کان پڪو رستو اوڏنهن وڃي ٿو. ان پڪي روڊ کان اٽڪل ويهارو ميل ڏکڻ ۾ اهو ڪچو روڊ آهي جنهن کي سنڌ جهلم دوآبو چئجي ٿو.اهو دوآبو پنجند ۽ سنڌوءَ جي ميلاپ تي پورو ٿيندو.ان دوآبي ۾ علي پور سڀ کان مکيه شهر آهي. ساڄي ڪنڌيءَ تي لغورن ۽ کوسن جا ڳوٺ آهن.
تونسه کان ٽيهارو کن ميل ڏکڻ اولهه ۾ سليمان جبل ۾ زندهه پير جي زيارت آهي. جيتوڻيڪ اسان اوڏانهن وڃي نه سگهياسون پر ان بابت ڪجهه نه ڪجهه معلومات ملي وئي. هتي هڪ جابلو نئه سوريءَ لڳ جبل مان گرم پاڻيءَ جو هڪ چشمو ڦٽي ٿو، ٻيو ڀر ۾ پٿرن مان نڪري ٿو. پاڻي ايترو گرم آهي جو هٿ وجهي نٿو سگهجي. ان مان گندرف جي بوءِ اچي ٿي. پاڻيءَ ۾ سڻڀ به محسوس ٿئي ٿو. پاڻيءَ جو رنگ اڇو آهي. ڦٽ ڦرڙي، خارش ۽ چمڙيءَ جي بيمارين جا مريض هتي اچي وهنجن ٿا بلڪل ائين جيئن سنڌ ۾ لڪي يا منگهي پير تي ماڻهو وڃن. جيڪڏهن ميرا ڪپڙا پاڻيءَ ۾ وڌا وڃن ته ڌوپجي صاف ٿيو وڃن. چشمن جو پاڻي ڏکڻ طرف هڪ مستقل نئه ۾ پوڻ کان پوءِ ٿڌو ٿي وڃي ٿو جنهن تي ٿوري گهڻي آبادي به ٿئي ٿي.
چشمي تي زندهه پير جي زيارت آهي. چون ٿا ته هڪ ڀيري زندهه پير جي هڪ ٻانهيءَ خيرات لاءِ ديڳ چاڙهي جنهن جي پچڻ ۾ گهڻي دير لڳي وئي. هڪ ٻيو درويش سخي سرور هتي زندهه پير وٽ آيل هو . زندهه پير کي ڏاڍي چڙ لڳي، سو هن زور سان لت هنئي ته ديڳ ۽ ٻانهي ٻئي زمين ۾ گهڙي ويون .انهيءَ جاءِ تان گرم چشمو ڦٽي نڪتو.منشي قلم چند لکي ٿو ته: ”ان چشمي جو پاڻي هڪ هنڌان گهٽ ٿي ٻئي هنڌان نڪتو آهي.“
درويش جي پيدائش به هندو ڏند ڪٿائن مان ڦُٽل لڳي ٿي يا ممڪن آهي ته اها حضرت عيسيٰ جي پيدائش جو ڪوهه سليماني چرٻو هجي. چون ٿا ته شهباز نالي هڪ ولي الله هڪ عورت تي نظر وڌي ته ان عورت کي پيٽ ٿي پيو جنهن مان لاکو لاهڙي (زندهه پير ) پيدا ٿيو. پوءِ عورت هتي اچي پناهه ورتي، جتي لاکي زندهه پير سان اٽڪل هڪ سؤ سٺ ماڳ منسوب آهن. ان چشمي لڳ هڪ اهڙي غار به آهي جنهن ۾ اونداهيءَ سبب ان جو ٻيو ڇيڙو نه لڌو ويو آهي. ان غار ۾ ڪبوتر ۽ جانور رهن ٿا. ڪٿا موجب زندهه پير ان غار ۾ رهي ٿو.
هڪ ٻي روايت موجب هڪ فقير پاڻ کي ڪنهن راجا جو پٽ سڏائي هتي ست محل ٺهرايا. ڪجهه وقت کان پوءِ نئه ۾ وڏو پاڻي آيو جنهن سڀ محل ڊاهي ڇڏيا پر هڪ قرآن شريف، هڪ کٽ ۽ نقارن جي جوڙي بچي وئي. ماڻهو علاج، زيارت ۽ منت لاءِ هتي اچن ٿا، پر انهن لاءِ ضروري آهي ته پهرين گنگ پاڻيءَ مان وهنجن ۽ پوءِ گرم پاڻيءَ سان تڙ ڪن.
سنڌو ماٿريءَ ۾ پاڻيءَ جي پوڄا يا درياهه پنٿي سلسلو شايد مُهين جي دڙي ۾ به هوندو. قديم آثارن جا ماهر ’ناچڻيءَ‘ واري مورتيءَ ۽ ٺِڪر جي ڪجهه ننڍڙن بتن کي درياهه پوڄا سان نسبت ڏين ٿا. سنڌ ۾ درياهه پنٿين جا وڏا مرڪز فقط درياهه جي ڪنڌين تي ئي ناهن پر ٽاڪرو علائقن ۾ چشمن تي به آهن جتي پاڻيءَ جي ديوتا وروڻ کي اڏيرو لال ۽ جهولي لال جي نالي سان پوڄين ٿا. مسلمانن ۾ اڏيري لال کي زندهه پير ۽ خواجه خضر جي حيثيت حاصل آهي. سنڌ ۾ به گرم پاڻيءَ جي لڳ ڀڳ هر چشمي تي ڪنهن نه ڪنهن پير جي زيارت آهي. گرم پاڻيءَ ته وري به ڪرامت ڀريو چئجي پر ڪراچيءَ جي اتر ۾ مول شريف ۾ مٺي پاڻيءَ جو کوهه به اڏيري لال يا درياهه پنٿ جو وڏو مرڪز آهي. ساڳي طرح لاهوت ۾ مٺي پاڻيءَ جي چشمي کي، جيڪو ڪنهن وقت ۾ گندرف جو گرم پاڻي هو، ڪرامت وارو پاڻي سمجهيو وڃي ٿو. اتي جا ماڻهو به اڄ تائين اها دعويٰ ڪن ٿا ته لاهوت واري چشمي مان ڪنهن وقت ۾ کير (اڇو پاڻي) وهندو هو.

ديري غازي خان ڏانهن

ديري غازي خان ڏانهن

ساڍي ڏهين لڳي ٻيڙين تونسه کان هيٺ چيلهه جيتري پاڻيءَ مان ديري غازي خان جي واٽ ڳولهڻ شروع ڪئي. ٻيڙين جي پنچرن جي مرمت، انجڻيون فٽ ٿيڻ، هوا ڀرڻ ۽ ناشتو ڪرڻ ۾ چڱي دير لڳي وئي. هميشه وانگر هن ناشتي کي به منجهند جي ماني تصور ڪري انصاف ڪيو ويو. اڄوڪو سفر ديري غازي خان جي سامهون درياهه جي اڀرندي ڪنڌيءَ تي غازي گهاٽ وٽ کٽندو.
ٻيڙيون اڳتي وڌيون ته چيلهه جيترو پاڻي وڌي مڙس جيڏو ٿي ويو. ٻه چار ميل اڳتي ويون ته ماڻهوءَ تار ٿي ويو. اها حيرت جهڙي ڳالهه هئي.
”ڪالاباغ ۾ ويهن ايڪيهن سالن جي هڪ نوجوان سنڌوءَ تي هڪ عجيب تبصرو ڪيو هو.“ انور پيرزادي کي پاڻيءَ جي صورتحال تي هڪ رهجي ويل ڳالهه ياد آئي، ”نوجوان پئي چيو ته هن درياهه مان جيترا ڪئنال کوليا ويا آهن، جيڪڏهن ايترا ڪئنال دنيا جي ڪنهن به ٻئي درياهه مان کوٽجن ها ته اهي درياهه سڪي وڃن ها ...“
اها واقعي حيرت جي ڳالهه هئي ته بئراج وٽ وڏيون ٻيٽاريون هيون ۽ ائين ٿي لڳو ته اڳتي سُڪ هوندي. بئراج جا سڀ دروازا بند هئا سواءِ هڪ جي جيڪو پڻ ٿورڙو کليل هو پر اڳتي هلي درياهه جو پيٽ ايترو ويڪرو ٿي ويو، جو انور کي ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ چوڻو پيو:
”مَئي متي مهراڻ جو، نڪو آر نه پار ...“
ڪروڙ شريف کانپوءِ سنڌوءَ جو لاڙو سر ڏکڻ طرف آهي. ٿل جي واريءَ درياهه جي پاڻيءَ کي ڍُڪ ڀرڻ لائق نه ڇڏيو آهي. اڃا بئراج وٽ ڪجهه پاڻي صاف هو ڇاڪاڻ ته بئراج جي ڍنڍ ۾ واري ويهي رهي هئي. لٽ درياهه جي سونهن گهٽائي ڇڏي آهي. ٻنهي ڪنارن جي ويرانيءَ ته هيڪاري درياهه کي رڻ مان لنگهندڙ ۽ ٿڪل سڪندري فوج جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. مٿي نيرو آڪاس، ڪنڌيءَ کان وارياسين ڀِتين جي ڀڳل ٽٽل سرمائي ديوار ۽ پري اولهه ۾ هڪ اوتاهين جبل جو ڌنڌلو پاڇو. هيءُ اهو لاڳيتو منظر آهي جيڪو اسان کي ڪالاباغ کانپوءِ مليو آهي، جيڪو شايد گدوءَ تائين ساڳيو ئي رهندو. نظارن جي هڪجهڙائي بنهه ٿڪائي وجهي ها جيڪڏهن ڪنڌيءَ تي بيٺل ماڻهو ۽ ٻارڙا هنڌ هنڌ هٿ لوڏي ۽ واڪا ڪري نه کيڪارين ها. پر هيءُ ته وارياسو پٽ هو، اهڙيون کيڪارون ڪنهن ڪنهن مهل نصيب پيون ٿين. البت ڪنڌين تي يا ڪنڌين کان ڪجهه پر ڀرو قائم شهرن ۽ اتان ملندڙ عجيب غريب خبرن چارن اداس منظرن ۾ ڏاڍا سهڻا رنگ ٿي ڀريا. اهڙا رنگ جيڪي سنڌوءَ جا پنهنجا هئا، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ٻئي درياهه کي حاصل نه هوندا.
ڪريم ميمڻ هڪجهڙا منظر ڀري ڀري ٿڪجي پيو هو، پر جيئن ئي ڪو نئون منظر آڏو ٿي آيو، وڊيو ڪئمرا جو رخ اوڏانهن ڦري ٿي ويو. ٽيم ۾ شامل پراڻا مهم جُو چون ٿا ته ڪا به مهم شروع ٿيڻ وقت ٽيم تازي توانائي ۽ اسپرٽ ۾ هوندي آهي اهو سلسلو اڳتي برقرار نه رهندو آهي. هڪ همراهه چيو،
”پهرين ڏينهن وڏو شوق هوندو آهي، ٻئي ڏينهن به وڏو اتساهه هوندو آهي، ٽيون ڏينهن به ٺيڪ گذرندو آهي پر چوٿين ڏينهن کان ٿڪاوٽ جون جهلڪيون ظاهر ٿينديون آهن، پنجين ڏينهن سنهو ٿلهو تڪرار ٿيندو آهي ڇهين ڏينهن همراهه پِڙ ڪڍي بيهي رهندا آهن ستين ڏينهن هڪٻئي جي شڪل نه وڻندي آهي.“
پر اسان جي ٽيم ۾ اڃا تائين ٿڪاوٽ جو ڪو به آثار ظاهر نه ٿيو آهي. شايد اهو سنڌوءَ سان عشق جو مسئلو آهي. سڄي ساري ٽيم صبح جو ساڍي ڇهين کان رات جو يارهين لڳي تائين مصروف رهي ٿي. سفر به ڪو آرام ڏيندڙ ناهي. هڪ ٽيوب تي سفر ڪرڻ آهي. اگهاڙي فطرت ۾ ٻاويهن ڏينهن جو سفر ٿوري ڳالهه ناهي. گهٽ ۾ گهٽ ويجهي ماضيءَ تي سنڌوءَ ۾ ٻاويهه ڏينهن ڊگهي ڪا مهم ڪو نه هلي آهي. سڄي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ سفر کان اڳ يا پوءِ ڪنڌيون يا شهر ڏسڻ، نوٽس ٺاهڻ، فلمبندي ڪرڻ ۽ انٽرويو ڪرڻ جو ڪم پاڻ کي ماري وجهڻ کان گهٽ ناهي. اڄ ته خير سان نائون ڏينهن هو. اڃا منزل پري آهي. ’نوري‘ ۽ ’مورڙو‘ ٻيڙيون ڏاڍي جفاڪشيءَ سان سڄو بار کنيو ڪاهي رهيون آهن. مورڙو ٿورو مڙس ماڻهو آهي، نوري ته هونئن ئي نماڻي آهي. ڊوڙ ۾ وري وري پوئتي رهجيو وڃي. مجبور ٿي مورڙي کي به پنهنجي رفتار ڍري ڪرڻي پوي ٿي. نيٺ به زال ذات کي اڪيلو ته ڇڏي نٿو سگهي.
سنڌوءَ جي پائيندڙ ٻنهي ڪنارن تي جاري آهي. هنڌ هنڌ ڀڪون ڪرڻ جو منظر ڏسجي ٿو. درياهه جي ڊيگهه ويڪر پنهنجي جاءِ تي گهڻي سهي پر ان جي گهرائي تمام گهٽ آهي. بس سِير آهي جنهن ۾ ايترو پاڻي آهي جو ان مان لانچ سولائيءَ سان تري ٿي. پر اها سير به هڪ ننڍو چئنل آهي. ٿورڙي ڀل چُڪ سان ئي ٻيڙيون وڃي تري سان لڳن ٿيون. حقيقت ته اها آهي ته سنڌو درياهه تراکڙي ميدان مان لنگهي رهيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجو سفر جاري رکڻ لاءِ ڌرتيءَ کي ڪوري چئنل ٺاهيو آهي. اهو چئنل نانگ جي ورن وڪڙن وانگر هڪ ڪنڌيءَ کان ٻي ڪنڌيءَ تي وڃي ٿو. ڪنڌين وٽ هيٺين ڪور گهڻي هئڻ ڪري ڪٿي ڪٿي اونهائي 15-20 فٽن کي پهچي ٿي، نه ته پاڻي ٻه چار فٽ به ناهي.
ان هنڌ پاڻي ڪجهه اونهو هو جو اتي ٻلهڻون موجود هيون. هڪ ٻلهڻ درياهه جي سطح تي اڀري ٽپو ڏنو ۽ پوءِ ڊگهي گُهت هڻي هيٺ هلي وئي. ٻلهڻ کي شايد انجڻين جي آواز ڇرڪائي وڌو هو. اسان گهڻي وقت تائين درياهه جي سطح تي اکيون ڦيرائيندا رهياسين، ڪريم ميمڻ ڪئمرا جو فوڪس ويڪرو ڪري ٻلهڻ جو ٽپو محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪا مهل بيٺو رهيو پر ٻلهڻ وري ظاهر نه ٿي. ڪالاباغ کان وٺي هيستائين هيءُ ٽيون چوٿون ڀيرو هو جو ٻلهڻ ظاهر ٿي هئي. اها سيڪنڊن جي ڳالهه آهي، ڪا به ٻلهڻ يا ٻي مڇي رواجي ٽپي مهل ٻن ٽن سيڪنڊن ۾ وري گم ٿيو وڃي.
سنڌوءَ جي پکڙيل وهڪري جو هڪ فائدو اهو آهي جو اهو پرديسي پکين کي پري کان نظر اچي ٿو. سياري منهن ڪڍيو آهي. لاڏائو پکين جا پهريان قافلا سنڌوءَ جي وسيع تراکڙي پيٽ تي لهي چڪا آهن. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان پکين جا ولر بار بار نظر اچن ٿا پر انهن ۾ مقامي پکين جا ولر به آهن. پرديسي پکي جيڪي انسان جي ٺاهيل سياسي سرحدن کي ڪو نه مڃين، الپس جبل جون چوٽيون ۽ هماليه جي الهندي قطار ٽپي سنڌوءَ تي تڙڳڻ لاءِ پهتا آهن. انهن مان ڪيترا جيئرا سلامت وري پنهنجن ڪکن ڏانهن موٽندا؟ اهو سندن نصيب آهي. ويچارا ساهه تريءَ تي کڻي سنڌوءَ جو پاڻي پيئڻ اچن ٿا پر ماري ميرا ڪپڙا ۽ بغل ۾ بندوق کڻي انهن جي ڪڍ ڪاهيو پون.
سنڌوءَ تي ڪونجن جون قطارون، انهن جي ڪڻڪار، بدڪون ۽ انهن جي من لڀائيندڙ ترڻي، سنڌوءَ جي سونهن جا اضافي رنگ آهن. هڪ سرخاب (مُنگهه، للو هنج)(Brahminy Duck) ٻيڙين کي ڏسي ڀر واري ٻيٽاريءَ تان پر ڦڙڪائي پرتي اڏامي ويو. سرخاب ڏسي سڀني کي مايوسي ٿي، هيءُ ڪو ايترو سهڻو پکي ته ڪو نه هو جو ان کي تشبيهه ۾ ڪم آڻجي. تشبيهه ۾ چون، ”توکي وري ڪهڙا سرخاب جا پر لڳل آهن؟“ سرخاب جي پرن ۾ ٻي ڪا خاص ڳالهه ڪو نه هئي. سواءِ ان جي ته پرن جي اندرين پاسي جسم وارا کنڀ ڳاڙها هئا. باقي پاڻ ته سرمائي گاڏڙ بادامي رنگ جو پکي هو. سرخاب پرديسي پکي ناهي. اهي ئي سنڌوءَ جا ڪنارا سندس وطن آهي. ٻيٽن تي بيٺل وڻ ٻوٽا سَر، ڊڀ، ڪنڊي ۽ لئو کين لڪائين ٿا. خاص ڪري اهي جيڪي ٻيٽن تي آهن ڇو ته گدڙ وغيره اتي نٿا پهچي سگهن. درياهه جي الهندي ڪپ طرف ٽالهي ۽ بهڻ جا وڻ ڏسجن ٿا.
ٽپهريءَ ڌاري ديري غازي خان جي نئين پل هيٺ ٻيڙين لنگر هنيو. غازي گهاٽ واري قديم ٻيڙين جي پل هاڻي کڄي چڪي آهي. نئين پل ٺهي 5-6 سال ٿي چڪا آهن. تنهنڪري پراڻي پل جي ضرورت باقي نه بچي آهي. طوطي خان ٻڌائي ٿو ته اها پل سُڪي تي تيار ڪئي وئي ۽ پوءِ هوريان هوريان درياهه جو رستو ڦيرائي پل هيٺان ڪري ڇڏيائون.
پنجاب سرڪار جي عملدارن هتي به ڪو سٺو ورتاءُ نه ڪيو. جيئن ئي تنبو کوڙيا ويا ٻه چار پوليس وارا اچي نازل ٿيا. ”توهان کي هتي ترسڻ جي اجازت ناهي!“
”ڇو؟“
”ڇو ته هتي پوليس آفيسرن جي پڪنڪ آهي، هو ٻارن سان ايندا.“ ٿوري دم کانپوءِ هڪ صوبيدار آيو. مٿان بند تان بيهي بڪ ڪيائين. هيٺ ڪنڌيءَ تي لهي اچڻ سان عزت پئي گهٽجيس. هيٺ نه لهي نه لٿو. اسان تنبو نه اکيڙي نه اکيڙيا. پوءِ هو هليو ويو. ٽيم جو ضد ۽ سنڌ سرڪار جي گاڏي ڏسي همت نه ٻڌي سگهيو هوندو.

ديرو غازي خان شهر

ديرو غازي خان شهر

ديرو غازي خان پُل کان ٽيهارو کن ڪلو ميٽر اولهه ۾ آهي. زمين مِٺي آهي جيڪا درياهه صدين جي عمل ۾ ٺاهي آهي. هاڻي سٺڙو شهر آهي. رڪشائون، ٽيڪسيون، بسون ۽ انهن سان لاڳاپيل ننڍا ننڍا ورڪشاپ. واٽ تي هنڌ هنڌ ويندي شهر جي ويجهو به تنبن جي آبادي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. انهن تنبن ۾ نه ته ڪي سرڪاري ماڻهو هئا ۽ نه وري افغانن جون ڪئمپون هيون. انهن ۾ مقامي ماڻهو هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ اهي تنبو افغان پناهه گير ڪئمپن مان چوري ٿي وڪاڻل هجن. جيڪي مقامي ماڻهن خريد ڪري جهڳين طور استعمال ڪيا آهن.
واٽ تي هنڌ هنڌ زراعت کاتي جون هدايتون بورڊن تي پڙهڻ ۾ اچن ٿيون. زراعت کاتي وارا سنڌ ۾ به هدايتون هڻندا آهن پر اهي ايتريون ته ڇسيون ۽ سطحي هونديون آهن جو انهن مان ڪنهن به قسم جي لاڀ جي اميد نٿي رکي سگهجي، مثال طور : سنڌ ۾ لکيل هوندو آهي، ”پيداوار وڌايو“ يا ”ڀاڻ استعمال ڪيو“ وغيره پر هتي هر هنڌ اهي هدايتون نظر اچن ٿيون ته ڪهڙي مند ۾ ڪهڙي شيءِ پوکيو. ڇا پوکيو. پوءِ ڇا ڪيو ۽ ان کانپوءِ ڇا ڪيو؟ جيڪڏهن توهان فلاڻو ڪم نه ڪيو آهي ته پوءِ هاڻي توهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي. ڪهڙي زمين تي ڪهڙي کيتي ڪيو. ڪهڙي قسم جي زمين تي ڪهڙي پوک ڪيو ۽ ان ۾ ڪهڙي قسم جو ڀاڻ نائٽروجن وغيره استعمال ڪيو. سچ پچ ته پنجاب سرڪار پنجاب جي رستن کي ’اوپن زرعي يونيورسٽي‘ ٺاهي ڇڏيو آهي.


تاريخ جاگرافي

ضلعي ديري غازي خان جي ڊيگهه 190 ميل ۽ ويڪر 12 کان 63 ميل آهي. ان جي اوڀر ۾ سنڌو، ڏکڻ ۾ راڄڻ پور، اولهه ۾ سليمان جبل ۽ اتر ۾ ديرو اسماعيل خان آهي. مقامي ٻوليءَ ۾ جبل کي ’روهه‘ چون ٿا جيڪو ٺيٺ سنڌيءَ جو لفظ آهي. جيئن سکر لڳ واقعي شهر روهڙيءَ جي معنيٰ آهي ننڍڙي ٽڪري (روهه + ڙي) يا جيئن بروهيءَ جي لفظي معنيٰ آهي جابلو (ب + روهي). ائين ٿو لڳي ته اهي ئي جابلو ماڻهو وقت به وقت جبل تان لهندا سنڌوءَ جي ڪناري آباد ٿيندا ويا آهن. مٿي جبل تي بُزدار، کيتران، مري، بگٽي ۽ ٻيون بلوچ قومون آباد آهن. انهن کان پرتي پٺاڻ آباديون آهن. آباديءَ جي لحاظ کان ديرو اسماعيل خان سڀ کان وڏو شهر آهي. 1867ع جي انگن اکرن موجب تحصيل ديري غازي خان جي آبادي هڪ لک چاليهه هزار هئي. ٻين تحصيلن جي آبادي ڪجهه هن ريت هئي: ڄام پور 62 هزار ۽ راڄڻ پور 72 هزار. ديري غازي خان کي هر دور ۾ وڏي اهميت حاصل رهي آهي ڇو ته اتي گذريل صديءَ ۾ به باقاعدي فوجي ڇانوڻي موجود هئي.
جيتوڻيڪ هن وقت سياسي طور تي ديرو غازي خان پنجاب جو حصو آهي پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به ديري غازي خان جي الهندي ڀاڱي کي سنڌ جو حصو سمجهيو ۽ سڏيو ٿي ويو. منشي حڪم چند (1876ع) ۾ لکي ٿو ته، ”ديري غازي خان جا اتر کان ڏکڻ تائين ٻه علائقا آهن هڪ سنڌ ۽ ٻيو پچاهد (اولهه). ٻنهي علائقن جي وچ واري حصي کي دندا سڏيو ٿو وڃي. سنڌ وارو علائقو درياهه کي ويجهو آهي. پچاهد سنڌ جي اولهه وارو ڀاڱو آهي‏.
سؤ سال اڳ تائين هن درياهه ۾ سيسر، لڌڙا، ٻلهڻ، ڪڇون ۽ ڪُميون جام هيون. ڪناري تي شينهن، گدڙ، سهو، بگهڙ ۽ لومڙي جو ذڪر ملي ٿو. واپاري لحاظ کان ديرو غازي خان ٻيڙين رستي شڪارپور ۽ مکڊ تائين مختلف شهرن سان ڳنڍيل هو. ان واپار ۾ آگبوٽ به حصو وٺندا هئا.

موسم

آبهوا جي لحاظ کان ضلعو خشڪ ۽ سرد آهي. سنڌوءَ جي ڪناري واري علائقن ۾، جابلو علائقن جي ڀيٽ ۾ گرمي گهٽ پوي ٿي. جون جي مهيني ۾ عام طور 120-115 ڊگريون گرمي پوي ٿي. جنوريءَ ۾ 68 کان 47 درجا رڪارڊ ڪيا ويا آهن. سڄي ضلعي ۾ ڄام پور جي آبهوا کي بهتر سمجهيو وڃي ٿو. ڪنڌيءَ واري علائقي ۾ تپ (مليريا) جي بيماري عام آهي. ميداني علائقي ۾ کوهن جو پاڻي مٺو آهي. جبل جو پاڻي ايترو کارو آهي جو دست ڪريو وجهي. ڪٿي ڪٿي مٺو پاڻي به ٿئي ٿو. گرميءَ جي مند ۾ ايتري سخت گرمي پوي ٿي جو ماڻهو ٻن پهرن جو ٻاهر نڪري نٿو سگهي، ان ڪري جابلو ماڻهو اونهاري ۾ سنڌوءَ جي ڪناري ڏانهن لڏيو اچن.
منشي حڪم چند اڃ ۽ گرميءَ جي صورتحال بابت هڪ مقامي قصو قلمبند ڪيو آهي، جنهن کي پڙهي جابلو ماڻهوءَ جي سخت زندگيءَ جي تصوير سمجهي سگهجي ٿي. هو لکي ٿو، ”هڪ عورت پنهنجي ٻار کي هڪ ٿنڀ سان ٻڌي قلف هڻي ٻاهر ڪم تي هلي وئي. ٻار اڃ کان روئيندو رهيو، ڪافي دير کانپوءِ هڪ اجنبي ماڻهو اچي اتان لنگهيو جنهن رڙيون ٻڌي در کوليو ۽ ٻار کي پاڻي پياريو. ايتري ۾ ٻار جي ماءُ اچي نڪتي ۽ اجنبيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙي ته هن ٻار کي پاڻي ڇو پياريو! عورت پنهنجي ٻار کي اڃ سهڻ جو عادي پئي ڪيو.“ اڄ ته اجنبيءَ پاڻي پياريو هو، ٻار کي ته سڄي عمر اڃ سَهڻي هئي.
جبل ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ اهڙي هوا لڳي ٿي جيڪا ماڻهو ماريو وجهي. ان کي ’ڇلا‘ چون. جبل ۾ جتي نه پاڻي ۽ نه وڻ اتي کاڻين ۾ ڦٽڪي ۽ گندرف جا ذخيره آهن. جڏهن هوا تيز هوندي آهي تڏهن انهن جبلن مان بخار جوش کائي ٻاهر نڪرندا آهن ۽ هوا ۾ ملي ساهوارين شين کي منجهائي وجهن ٿا. ان هوا کان بچڻ لاءِ جابلو ماڻهن هڪ طريقو ڳولي ڪڍيو آهي، بصر ۽ پاڻي. اڪثر جابلو ماڻهو پاڻ سان بصر ۽ ماني رکندا آهن ته جيئن ان ’ڇلي‘ جي اثرن کان محفوظ رهن.


قديم علاج

جابلو ماڻهن وٽ تپ جو علاج به عجيب آهي. هاڻي ته ڊاڪٽر گهڻا ٿي ويا آهن پر ڏورانهين ٻهراڙين ۾ اهو طريقو اڃا جاري آهي. جڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو تڏهن هڪ رڍ ڪهي ان جو چمڙو لاهي مريض جي جسم کي اوڍيو ڇڏين. چمڙو مريض جي جسم کي چهٽيو وڃي. پوءِ چمڙي کي وارن کان جهلي ڇڪين. ان طرح چمڙو اکڙجي ٻيهر چنبڙيو وڃي. اهو عمل گرميءَ ۾ 12 ڪلاڪ ۽ سياري ۾ 8 ڪلاڪ جاري رهي ٿو. پوءِ چمڙو لاهيو ڇڏين. بخار لٿو ته ٺيڪ نه ته ٻئي ڏينهن ٻي رڍ ڪهي ساڳيو عمل ڪن. سندن خيال آهي ته چمڙو بخار کي چُهي وٺي ٿو. ڪنهن کي نانگ ڏنگي ته ان جو علاج به ساڳيو ڪن، سائيءَ جو علاج به اهو ئي آهي.

شهر جو ماضي

جتي اڄ ڪلهه شهر آهي، ڪنهن وقت ۾ اتان درياهه لنگهندو هو. جڏهن زمين ظاهر ٿي تڏهن (1698ع) غازي خان مِروڙاڻي Mirorani (بلوچ) جنهن جو پيشو مال پالڻ هو، هتي اچي ديرو ڄمايو ڇو ته هتي گاهه سٺو ٿيندو هو. اها اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي. هيءُ شايد اهو دور آهي جڏهن لاڏائو لوڪ هوريان هوريان ۽ وڏي تعداد ۾ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ ٻڌڻ لڳا هئا: هوريان هوريان ٻيا لوڪ به وهندا ويا ۽ ڳوٺ وڏو ٿيندو ويو. ايستائين جو مغلن ۽ بهال خان جي عملداريءَ وقت ڪجهه سختين سبب شهر جي ترقي بيهجي وئي ۽ پوئتي پير ڪيائين. ان کانپوءِ وري اڳتي وڌيو، رونق وڌڻ لڳي ۽ پڪيون عمارتيون ٺهيون. هتي هڪ قلعو به ٺهيو جنهن الهندي حصي ۾ هڪ ڪشادي بازار، ڏکڻ ۾ جايون ۽ اتر ۾ جاين سان گڏ ٿاڻو ٺهيو. قلعي ۾ وڏن ماڻهن جا گهر هئا، شهر جي رٿابنديءَ ۾ ڪئپٽن سنڊيمن جو به حصو آهي. منڍ ۾، هيءُ ماڳ جابلو معيشت جي مارڪيٽ بڻيو ڇو ته خراسان ۽ روهه جا ماڻهو هتان ئي لنگهندا ۽ واپار ڪندا هئا.

قديم مندر ۽ مسجدون

شهر ۾ پنج قديم مسجدون آهن. مسجد خانيوال، جيڪا نواب غازي خان ٺهرائي هئي. مسجد ۾ چيني (ڪاشي) جي عمدي ڪاريگري هئي ۽ اندروني ٿنڀا ڪاٺيءَ جا ٺهيل هئا. ٻي مسجد نواب عبدالجبار خان 1235 هجريءَ ۾ ٺهرائي جيڪا سکن جي دور ۾ ڌرم شالا بڻجي وئي ۽ پوءِ ٻيهر مسجد ڪئي وئي. ٽين مسجد 1165 هجريءَ ۾ ٺهي جنهن کي سکن ڌرم شالا ڪري ڇڏيو پر پوءِ مسجد بحال ٿي. چوٿين مسجد حاجي محمد خان واري هئي جنهن کي پڻ ڌرم شالا بڻايو ويو. ان ۾ هڪ هندو خدمتگار رهندو هو جنهن کي پوءِ ڪڍي مسجد بحال ڪئي وئي. پنجين مسجد ڪلاله واري هئي جيڪا نواب محمود خان گوجر ٺهرائي هئي.
مندرن جو تعداد سري گوپي ناٿ سميت ڪل پنج آهي پر هن وقت انهن جا نالا ماڻهن کان وسريل آهن. منشي حڪم چند انهن جا نالا مندر سري گوپي ناٿجِي، مندر شيامجِي، مندر رام رائجِي، مندر نرا سنگهاجِي ۽ مندر ڍنڍلالجِي ڄاڻايا آهن. يعني اڄ کان هڪ سؤ سال اڳ اهي مندر چڱا آباد ٿا ڏسجن.
گوپي ناٿ مندر شهرجي وچ ۾ آهي جيڪو ٺٽي ۽ شڪارپور جي وچ ۾ ڪنهن تعلقي سيورن (؟) کان آيل سائين لالجِي ٺهرايو هو. سؤ سال اڳ مندر ۾ هڪ مورتي به هئي جنهن بابت مشهور هو ته گورڌن جبل ۾ ڪيئي سال تپيسا ڪرڻ کانپوءِ گوپي ناٿ (ڪرشن) ظاهر ٿي کيس ڏني هئي. روايت موجب مورتي گورڌن جبل مان ظاهر ٿي لالجيءَ کي هٿ مان جهلي کيس چيو ته مون کي سنڌ وٺي هل، هُتي هر ڌرم جا ماڻهو تنهنجي سيوا ڪندا. چون ٿا ته اها مورتي پاڻ پنڌ هلي ديري غازي خان تائين آئي ۽ لالجِي سندس پويان پويان آيو. ائين به چيو وڃي ٿو ته هيءَ اها ئي مورتي آهي جنهن جي پوڄا شري ڪرشن پاڻ دوارڪا ۾ ڪئي هئي. مورتي 1641ع ۾ هتي آئي. ان هنڌ پوءِ مسلمانن مسجد ٺاهي جنهن ڪري اها مورتي پوءِ مندر ۾ رکي وئي. سؤ سال اڳ تائين ان مندر جي سنڀال ڪندڙ شخص لالجيءَ جي نسل مان هو ... هر روز پنج ڀيرا مورتيءَ جو درشن ڪرايو ويندو هو.
شيام جِي مندر به ڪرشن مندر آهي. جيڪو 1698ع ۾ ٺهيو. بعد ۾ خراساني حاڪم مشهور شاهه مندر ڊهرائي ڇڏيو ۽ مورتي تونسه هلي وئي. ستن سالن کانپوءِ واپس آئي، تڏهن ٻيو مندر ٺاهي مورتي رکي وئي. ان مندر جا سيوڪ نانگيه آهن جيڪي اصل ٺٽي جا آهن. رام جي مندر ۾ هڪ سماڌيءَ جي پوڄا ٿيندي هئي. نراسنگهه مندر جي وڌيڪ ڄاڻ نه آهي. البت هندو ڏندڪٿا ۾ وشنو ڀڳوان جي هڪ اوتار کي ’نراسنگهه‘ چيو وڃي ٿو جيڪو اڌ شينهن ۽ اڌ ماڻهو هو. نراسنگهه اوتار هِرڻياڪشپ کي ماريو هو. ڍنڍ لال گر ديري غازي خان کان ڏکڻ ۾ ويهه ميل پري آهي جتي بڙ ۽ پپر جا وڻ آهن. چيٽ جي پهرين نون راتين ۾ هتي ميلو لڳندو هو. هتي شرو ع ۾ پاڻي نه هو پر پوءِ لال گر سنياسيءَ جي چوڻ تي درياهه هيستائين آيو ۽ ڍنڍ ٺاهي هليو ويو. هندو لوڪ ان پاڻيءَ کي پَوتر ڀانئين ٿا.
علائقي جي تاريخ کي هن تسلسل ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اسلام کان اڳ هتي هندو ۽ ٻُڌ آباد هئا ڇو ته مٿي اتر ۾ ٽيڪسيلا ٻڌن جو ڳڙهه هو. جڏهن مسلمان آيا تڏهن ڪجهه غير مسلم لوڪ مارجي ويا، ڪجهه ڀڄي ويا ۽ باقي ڪي وڃي بچيا. مهڙ ۾ هتي پٺاڻ هئا، ڏکڻ طرف يعني هاڻوڪي ڄام پور طرف گوپ چاڻي، سومرا، لانگاهه ۽ ماڇي آباد ٿيندا ويا. پوءِ چانڊيا، احمداڻي، گوپانگ، مزاري ۽ ڊيشڪ آيا.
جيئن انساني تاريخ جو دستور آهي تيئن هتي به ٿيو. هر نئين ۽ طاقتور قوم اڳ کان ويٺل قوم کي ڊوڙائي ڪڍيو. هوريان هوريان بلوچن پٺاڻن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ هندو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا، سي به جبلن ۾. هاڻوڪا هندو گهڻو پوءِ آيا. ان کان سواءِ سؤ سال اڳ جي رڪارڊ موجب هتي ڇاٻڙا، منجهال، نارنگ، سندا، چانڊيا، ترينجا، انڙيجا، لُنڊ، دودا، سينجا، گنواترا، نهال، هنس، برماني، ڪڪڙيجا ۽ ٻيا ڪيئي قبيلا هئا. اهي سڀئي هندو اروڙه کتري لوڪ سمجهيا وڃن ٿا. چون ٿا ته جڏهن پرشرام اوتار کترين کي ناس ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن بچيل کترين شري پرشرام کي وڃي منٿ ڪئي ته اسان کتري ناهيون، جان بخشي ٿئي. تڏهن پرشرام کين ڇڏي ڏنو ۽ اهي اروڙه مشهور ٿيا. ٻي ڪٿا موجب مهاڀارت واري لڙائيءَ ۾ هنن لوڪن پنهنجي راجا دروپد جو ساٿ نه ڏنو هو ۽ هندستان مان نڪري ويا هئا تڏهن کان اروڙه مشهور ٿيا. اروڙه جي لفظي معنيٰ آهي ڪنهن شيءِ تي ’سوار‘.
بلوچن جي تاريخ اڄ تائين سراسر راز آهي. جڏهن کان چاڪر خان رند ۽ گهرام خان لاشاريءَ جي جنگ ٿي، ان کانپوءِ جي تاريخ ۽ شجرا هنڌ هنڌ ملن ٿا پر ان کان اڳ هو ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا؟ ان تي وڏو بحث جاري آهي. ڪي بلوچ پاڻ کي حضرت امير حمزي جو اولاد سڏائين ٿا ته ڪي پنهنجو شجرو قديم عراق جي نمرود بلوص سان ڳنڍين ٿا. حقيقت ڪجهه به هجي پر قديم تاريخن ۾ بلوچن بابت به حوالا ضرور ملن ٿا. پهريون حوالو ’مهاڀارت‘ جو آهي. جڏهن مهاڀارت لڙائيءَ کان پوءِ اشوميڌيگيه لاءِ نڪتل ارجن جي گهوڙي جي واڳ سنڌ جي بلوچن (ٻل ۾ اوچن) جهلي. ٻيو حوالو ’شاهنامي‘ جو آهي جنهن موجب هندستان کان واپسي مهل نوشيروان بلوچن کي سيکت ڏني. نوشيروان حضرت امير حمزي جو همعصر هو. پر اهو شاهه نامو گهڻو پوءِ (1010-977) جو لکيل آهي جنهن ۾ شاعراڻو مبالغو ۽ ڏند ڪٿائي ڳالهيون لکيل آهن.

سياسي ڇڪتاڻ

شهر ۾ هڪ قديم ۽ سهڻي عمارت ڏسي اسان جا پير بيهجي ويا. سهڻو ڪاٺ جو ڪم، سنگ مرمر جو استعمال پر هاڻي هر شيءِ اهڙي نڍال سپاهي وانگر هئي جيڪو گهڙي سواءِ ۾ ساهه ڏيڻ وارو هو. پڇا ڪئي سون، ”هيءَ جاءِ ڪڏهن جي آهي؟“
”پراڻي آهي هندن جي هئي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ...“ هڪ جهوني چيو، ”هاڻي هڪ مهاجر جي ملڪيت آهي، هن کي ڪليم ۾ ملي هئي، جاءِ جي مرمت ڪڏهن به نه ٿي آهي“ جهوني جي جواب ۾ لاپرواهي هئي. اها عمارت هندن جي وقت ۾ بينڪ هئي، هاڻي ان ۾ هڪ ڀڳل ٽٽل دڪان ۽ گهر هو. ”شروع شروع ۾ ڏاڍي شاندار بلڊنگ هئي ...“ هڪ ماڻهو وچ ۾ چيو ”ڪنهن ڪرڙو پتيءَ جي جاءِ هئي.“
”مان توهان کي ٻڌايان ٿو ...“ هڪ ٽئين ماڻهو وچ ۾ ڳالهايو، ”ديرو غازي خان ايترو قديم ناهي جيترو توهان سمجهو ٿا. اڳوڻي شهر کي درياهه پائي ويو هو (1910ع ۾). هيءُ نئون شهر آهي ... وڌ ۾ وڌ ستر اسي سال پراڻو، پاڪستان ٺهڻ کان ٽيهه سال اڳ هتي نئون شهر ٺهيو آهي ... اڳوڻو ديرو غازي خان ائين هو جيئن سمجهو کڻي ملتان آهي.“
ديرو غازي خان هن وقت مهاجرن سان ٽٻيل آهي. اهي مهاجر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ دهلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن کان هتي آيا آهن. ڪو ڪو ماڻهو اوڀر پنجاب جوآهي، نه ته هر مهاجر جي مادري ٻولي اردو آهي. شهر جي ڪاروبار ۽ شهري ادارن تي سندن قبضو آهي. مونکي اصل مقامي ماڻهو ٻئي درجي جا شهري نظر آيا جن جي مادري ٻولي سرائيڪي هئي. ٻهراڙيون سرائيڪي لوڪن جون هيون پر شهرن تي مهاجرن جو قبضو هو. جيڪڏهن ڪو ائين چوي ته ديرو غازي خان سرائيڪين جو شهر آهي ته اها دعويٰ سچي نه ٿيندي. شهر ۾ اڌو اڌ آبادي مهاجرن جي آهي جيڪي تعليم ۽ وسيلن ۾ اڳتي آهن. ويهه سيڪڙو پنجابي آبادي آهي باقي ٽيهه سيڪڙو سرائيڪي آهي. يعني اصلوڪا رهواسي اقليت ۾ تبديل ٿي چڪا آهن.
شهر جو سياسي ماحول ڪافي ڇڪتاڻ وارو محسوس ٿئي ٿو. هتان جي مهاجرن جو ڪراچيءَ جي ايم ڪيو ايم سان گَهرو رابطو آهي پر سرائيڪي لوڪن کان ڊنل آهن. ايم ڪيو ايم جو وجود مهاجرن جي گهرن ۾ آهي. سندن اکيون ٻڌائين ٿيون ته جنهن مهل کين موقعو مليو ڪو نه ڪو ممڻ مچائيندا. رستن تي نڪري فتنو پکيڙڻ جي في الحال همت نه اٿن. سرائيڪي لوڪن سان ڪا به همدردي يا دوستاڻو نه رکيو اٿن. شهر ۾ مهاجرن جي هڪ شادي هئي. ڄڃ نواب شاهه کان آيل هئي. گهوٽ به مهاجر هو.
شهر جي ديوارن تي لکيل نعرا سياسي ماحول جو عڪس پيش ڪن ٿا. هڪ ديوار تي لکيل آهي:
“مارينگي مر جائين گي، سرائيڪستان بنائين گي!”
ٻي جاءِ تي لکيل آهي:
“جاگ سرائيڪي جاگ، ڀاگ پنجابي ڀاگ!”
ٽين جاءِ تي لکيل آهي:
“سرائيڪي قوم ڪا نعرا هئه، تاج لانگاهه قائد همارا هئه!”
اهي نعرا پاڪستان سرائيڪي پارٽيءَ پاران لکيل آهن.
آڏو هڪ شوالو بيٺو هو، پٿر جي چوڪنڊي عمارت مخروطي گنبذ ۽ پوءِ ان تي پلاسٽر ۽ سهڻي اُڪر. چوڪنڊي عمارت جي مٿئين ڀاڱي ۾ ٽي مورتيون: رام، لڪشمڻ ۽ هنومان جون هيون. رام ۽ لڪشمڻ تير ڪمان کنيو بيٺا آهن ۽ هنومان جي هڪ هٿ ۾ گدا آهي ٻئي هٿ جي تريءَ تي هماليه کڻي لنڪا ويندو نظر ٿو اچي، جتي رام ڪٿا موجب لڪشمڻ راوڻ جي پٽ اِندر جِيت ميگهه ناٿ جو هڪ زهريلي تير لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو هو. ان موقعي تي حڪيمن هنومان کي روانو ڪيو هو ته اهو هماليه جبل تان ’جيون ٻوٽي‘ کڻي اچي ته جيئن ان مان دوا تيار ڪري لڪشمڻ کي ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته هنومان اها ٻوٽي نٿي سڃاتي تنهن ڪري سڄو هماليه جبل تريءَ تي کڻي آيو هو!
مندر جي مخروطي چوٽيءَ تي مهاديو شو جي مورتي اڪريل آهي. مندر جي اندرين پاسي مورتيون ڀڳيون ويون آهن. هن وقت مندر ۾ ٻه اسڪول پيا هلن. مندر جي دروازي تي لڳل بورڊ تي لکيل آهي، ”پرائمري بوائز اسڪول نمبر-7، ديرو غازي خان.“ ٻئي بورڊ تي لکيل آهي، ”نئين روشني اسڪول براءِ طلبا، بلاڪ نمبر ايم، ديرو غازي خان.“ پرائمري بوائز اسڪول ڪافي وقت کان هلندڙ آهي، نئين روشني اسڪول هاڻي کليو آهي.
شهر مان اخبار خريد ڪري پڙهڻ جو موقعو گهڻن ڏينهن کانپوءِ مليو. هندستان ۾ ’بابري مسجد‘ تان ڦڏو کڙو ٿيو آهي. هندو چون ٿا ته اها جاءِ اصل ۾ شري رام چندر جي جنم جي جاءِ آهي. تنهن ڪري اتي مسجد ڊاهي رام مندر ٺاهجي. مسلمان چون ٿا ته اهو ڪوڙ آهي، ايوڌيا جا کنڊر اتي آهن ئي ڪو نه جو رام اتي ڄائو هجي. مسلمان مسجد ڊهڻ نٿا ڏين ... پر هتي ديري غازي خان ۾، ديري اسماعيل خان ۾، ڪالاباغ ۾، ۽ مکڊ شريف ۾ اسان جيڪي ڪجهه ڏٺو اهو تصوير جو ٻيو رخ آهي.
شهر ۾ خوشيءَ جي هڪ ٻي تقريب به هئي. دهل جي ٿاپ تي رقص جاري هو، هيءُ به مهاجر هئا. صاف چٽي سنڌي ڳالهايائون. کدڙا نچيا ٿي، گهور جو سلسلو جاري هو. هڪ گهر ۾ چئن ڌيئرن کان پوءَ پٽ ڄائو هو. اڙدو ڳالهائيندڙ مهاجرن جا اوڀر پنجاب کان آيل مهاجرن سان ناتا بهتر ٿي لڳا ڇو ته هنن جي خوشين ۾ اهي به شامل هئا. شايد ڪنهن به سرائيڪي کي ڪوٺ نه هئي. صاف نظر ٿي آيو ته ديري غازي خان ۾ ٻه ڌريون هيون، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سرد ويڙهه هئي. هتان جو اسيمبلي ميمبر هڪ مهاجر آهي جنهن آءِ جي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊ کٽي آهي.
هڪ مهاجر ڳيت ڏيئي پڇيو، ”ڪراچيءَ ۾ سنڌي مهاجر پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهن! ڏسو اسان هتي ڪو پاڻ ۾ وڙهون ٿا؟ بلڪل ڀائرن وانگر ٿا رهون.“ اهڙو ئي سوال ڪالاباغ ۾ به پڇيو ويو هو. پر ٻنهي سوالن ۾ فرق هو. ڪالاباغ وارن کي سنڌ مان بغاوت جي بوءِ پئي آئي پر هتي ديري غازي خان جي مهاجرن ڪراچيءَ جي صورتحال تي سنڌين جو مؤقف پئي سمجهڻ گهريو. هن همراهه جو سوال ئي غلط هو. ڪراچي ۾ سنڌي مهاجر ڪو نه وڙهيا آهن پر هر ڀيري مهاجر آبادي ڪڏهن پنجابين سان، ڪڏهن پٺاڻن سان ته ڪڏهن سنڌين سان وڙهي آهي. تازن فسادن ۾ به سنڌين مهاجر ڪو نه ماريا آهن. پر مهاجرن سنڌي گهرن تي حملا ڪيا آهن. ديري غازي خان جا مهاجر سرائيڪي آباديءَ سان ڪيترو ڀائپي سان هلي رهيا آهن؟ اهو ته شهر ۾ پير پائڻ سان ئي نظر اچي ويو. سچ به جيڪڏهن سرائيڪي ڌر ٿوري به سست هجي ها يا ديرو غازي خان اڄوڪي سنڌ ۾ هجي ها ته هتي به چڱي خونريزي ٿي چڪي هجي ها.
شوالي جو فوٽو ڇڪڻ مهل چڱا خاصا مهاجر ۽ پنجابي ڪٺا ٿي ويا هئا. بابري مسجد واقعي سبب سندن ذهن ٻَري رهيا هئا. گهڻن ماڻهن اسان کي عجيب غريب صلاحون ڏنيون هيون. هڪ مهاجر چيو، ”اسان کي پاڪستان ۾ هڪدم سڀ مندر ڊاهي ڇڏڻ گهرجن“ ٻئي چيو، ”توهان هڪدم سرڪار کي لکو ته بدلو وٺڻ لاءِ ائين ضرور ڪن“ ٽئين چيو، ”جڏهن هِتي مندر ڊهندا تڏهن هندستان ۾ مسجدون ڊهڻ کان بچنديون“ اسان شُڪر ڪيو جو هتي اسان مندرن جي معاملي ۾ گهڻي دلچسپي نه ڏيکاري نه ته شايد ماڻهو اسان کي دشمن جو ايجنٽ يا هندو سمجهي وڙهي پون ها!

نئون سج

نئون سج

ڇنڇر 11-نومبر 1989ع
وقت: صبح جا پوڻاست
ڊي جي خان جي نئين پل وٽ نئين ڪَيل (Kel) برادري ايڪسپيڊيشن جون پنج جهوپڙيون (تنبو) لڳل آهن. ٽيم جا ميمبر هڪ هڪ ٿي پنهنجي تنبن مان بانبڙا پائي نڪري رهيا آهن. ڪو هٿ منهن پيو ڌوئي، ڪو ڏاڙهي پيو لاهي، ڪو جهنگ ڏانهن منهن ڪري نڪتو آهي ته ڪو سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تان سج اڀرڻ جو منظر ڏسڻ ۾ گم آهي. طوطي خان چانهه ڪاڙهڻ جي انتظامن ۾ آهي، چلهه ٻري چڪي آهي، انتخاب شاهه ڪاٺيون ميڙي طوطي خان کي ڏيئي رهيو آهي. رات بک ڪاٽي اٿئون، ڏسجي ته نيرن نصيب ٿئي ٿي يا نه. انور پيرزادو اڃا تنبوءَ ۾ ستو پيو آهي، ڪي ٻيا به اڃا تائين ٻاهر نه نڪتا آهن.
خالد سمون ويجهو اچي تنبن ڏانهن اشارو ڪري چوي ٿو ، ”ڏس! جهڙو قبرستان ... پنج قبرون لڳيون پيون آهن ... هڪ هڪ قبر ۾ ٽي ٽي چار چار مردا ڪفن (sleeping bag) پائي پيا آهن ... اسان روز ڪفن پائي سمهون ٿا ۽ صبح جو وري جيئرا ٿي نڪري اچون ٿا ... هر هڪ کي هڪ هڪ ڪفن ۽ ٽن ٽن چئن چئن ڄڻن کي هڪ قبر الاٽ ٿيل آهي ... پر هيءُ قبرستان گهمندو ڦرندو رهي ٿو ڪڏهن هڪ شهر ۾ ڪڏهن ٻئي شهر ۾ ... ڪڏهن هِن ڪنڌيءَ تي، ڪڏهن هُن ڪنڌيءَ تي ...“
“ڪالهه سپاهين تنبو اکيڙڻ جي ڪوشش ته نه ڪئي؟” مون خالد سمي کي سندس عجيب موضوع کان هٽائڻ لاءِ پڇيو.
”هٽائيندا وري ڪيئن؟ مڙئي دهمان ٿي ڪيائون ... ڀلا آفيسرن جا ٻار هتي پٿرن ۽ ڦولڙين تي پڪنڪ ڪرڻ ايندا؟“
درياهه جي ڪنڌيءَ تي سَر هوا جي جهوٽن تي جهومن ٿا. لهرن تي درياهي ٻوڙن ۽ ولين جو سفر به جاري آهي. مختلف ڪنڌين تان پائيندڙ سبب لڙهي آيل وليون ۽ ٻوٽا اچي ڪنڌيءَ لڳا آهن ۽ ڪي اڃا ڏورانهين ڪنڌين ڏانهن لڙهندا پيا وڃن. سنڌوءَ ڌارا نه رڳو زندگيءَ کي پالي ۽ نپائي ٿي پر زندگيءَ کي پري پري تائين پکيڙي به ٿي. اهي وليون ۽ ٻوٽا جنهن ڪنڌيءَ تي لڳندا اتي پاڙ هڻندا، جن تي مال چرندو يا انسان انهن مان لاڀ وٺندا. ڪٿي تونئريون ٺهنديون، ڪٿي جهڳيون ٺهنديون، ڪٿي ڪجهه ٻيو.
صبح جا سوا نَوَ
ٻيڙيون تيار آهن، انهن ۾ هوا ڀري وئي آهي. نيرن جو انتظام ٿي چڪو آهي. انور پيرزادو ڊائري لکڻ ۾ مصروف آهي. محمد قادريءَ کي به ڊائري ۽ قلم هٿ ۾ آهي. اشتياق انصاري پنهنجا تاثر ٽيپ ۾ محفوظ ڪري رهيو آهي. ڪليم لاشاري اڄوڪي سفر جي انتظامن تي آخري نظر وجهي رهيو آهي. ٽيم جي سينيئر ميمبرن جو خيال آهي ته جيئن ئي اسان سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿينداسون تيئن ڪي ميمبر گهٽجي ويندا ۽ اڌ مان ڀڄي ويندا. مان ان راءِ سان سهمت ناهيان. البت ڪجهه نوجوانن کي اها شڪايت آهي ته انهن کي ٻيڙين جي قافلي بدران خشڪي واري قافلي ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي. هر ميمبر سنڌوءَ تي سفر ڪرڻ گهري ٿو پر ٻيڙين ۾ ايڏي سگهه ناهي جو اهي سڀني ميمبرن کي هڪ ئي وقت کڻي سگهن.
ڪليم لاشاري خشڪي واري قافلي کي هدايتون ڏنيون، ”اڄ توهان کي ڄام پور وٽ ٻيڙين جي پل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي ۽ اتي پهچي اسان جو انتظار ڪرڻو آهي ... توهان پروگرام سمجهيو؟ جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري پل کڄي چڪي آهي ته پوءِ ڄام پور لڳ پهرين پتڻ تي انتظار ڪجو ... پاڻ اتي ئي ڪئمپ ڪنداسون.“
ٻيڙيون جيئن جيئن ڄام پور ڏانهن وڌن ٿيون تيئن تيئن درياهه تانگهو محسوس ٿئي ٿو. بئراج کان هيٺ سنڌوءَ جا ڪپ اوچا نه رهيا آهن. هاڻي زمين جي سطح ۽ درياهه جي سطح ۾ وڌ ۾ وڌ چئن پنجن فوٽن جو فرق آهي، پاڻي تراکڙو ٿي وهي ٿو جنهن ڪري ٻيڙيون وري وري گپ ۾ ڦاسجي وڃن ٿيون. اسان محسوس ڪيون ٿا ته پاڻيءَ جي صورتحال ڏينهون ڏينهن مايوسي پکيڙي رهي آهي. ڇا سکر بئراج کانپوءِ سفر ممڪن رهندو؟ اُتي ٻه مسئلا هوندا. پهريون مسئلو پاڻيءَ جي کوٽ جو هوندو ۽ ٻيو ڌاڙيل. ڇا سکر کان هيٺ ٻنهي ڪنارن تي گهاٽا ٻيلا ڌاڙيلن جون پناهه گاهون بڻجي چڪا آهن، ڇا اتان سلامتيءَ سان لنگهي سگهبو؟ ڪليم لاشاري چوي ٿو ته، ”سِر تريءَ تي کڻي به لنگهبو!“

ٻيڙي ناهي ته به پرواهه ناهي

ٻيڙي ناهي ته به پرواهه ناهي

چڱو وقت لڳي ويو پر واٽ تي ڪو به ڳوٺڙو نظر نه آيو. صبح کان اتر جي ٿڌي هوا پئي لڳي. هڪجهڙا منظر ڏسي ڏسي ڪيئي همراهه ٿڪجي پيا آهن. ٿڌڙي هوا ننڊ پريءَ کي سڏي ٿي، سينيئر مهم جُو ٻيڙيءَ جي هنج ۾ اهلي پون ٿا. هوائون درياهه جي سطح تي ڇوليون اٿارين ٿيون. ڪنارن تي درياهه جي کاڌ ان وقت وڌي وڃي ٿي جڏهن هوائون تکيون ٿين ٿيون يا ٻيڙيون ڪناري جي ويجهو لنگهي لهرون اٿارين ٿيون. ڪنڌيون پاڻيءَ اڳيان بنهه بي وس آهن.
مس مس اڀرندي ڪنڌيءَ تي چار پنج همراهه نظر آيا آهن. ڪناري تي پهچي سامان پٽ تي رکيائون. ڪپڙا لاهي، لانگوٽي ٻڌي بيٺا. پنهنجي تنبي کي ڇاتيءَ سان ٻڌي، سامان پٺي تي کنيائون ۽ درياهه ۾ لهي پيا. پيٽ ڀر ترندا سير مان لڙهي ٻئي ڀر وڃي پهتا. تُنبا کولي سامان سان رکيائون، ڪپڙا پهري پنڌ ئي پنڌ الهندي پاسي اوجهل ٿي ويا. اهڙا منظر اسان اڳ به ڏٺا هئا.
”سهڻيءَ کي به ائين تنبو کڻي گهڙڻ کپندو هو“ ڪريم ميمڻ چيو، ”اجايو ڪچو گهڙو کڻي نڪتي ۽ وڃي الله کي پياري ٿي.“
همراهه پندرهن منٽن جي اندر درياهه جي ٻئي ڪپر تي وڃي پهتا هئا. نه پُل جي ضرورت، نه ٻيڙين جي ڪاڻ ۽ نه وري پاتڙين کي منٿ ميڙ. ٻه چار ميل ڏکڻ ۾ وري ساڳيو منظر ڏسڻ لاءِ مليو. پر هنن وٽ تنبو نه هئا. هڪ همراهه وٽ ٽيوب هو، ٻين وٽ گاهه جون ڳنڍيون.
ههڙا منظر سنڌ ۾ هنڌ هنڌ نظر اچن ٿا. اڳي ماڻهن وٽ هوا سان ڀريل مشڪون هونديون هيون، ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ائين هجي پر هاڻي گاڏين جي ٽيوب سولائي ڪري ڇڏي آهي. درياهه پار ڪرڻ بي سبب ڪونهي، ماڻهو ڪيڏانهن بي سبب نٿا وڃن. اڪثر ماڻهو کير وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪن. پتڻ پري آهي ۽ ٻيڙيون گهٽ. ٻيٽن تي مال جو چارو جام آهي تنهن ڪري هيءُ ماڻهو اتان چارو هٿ ڪن ٿا يا وري هڪ ڪنڌيءَ کان ٻي ڪنڌيءَ تائين کير پهچائين ٿا.
هڪ همراهه گاهه جي ڳنڍين کي ڇاتي سان رکي پاڻ کي کڻي درياهه ۾ ٿيلهو ڏنو. ترڻ ڇا هو، لڳو ٿي هٿن سان هلندا ٿي ويا. مون کي ڪينجهر جي ڇاتيءَ تي ترندڙ مهاڻا ياد اچي ويا.
ڪينجهر جا اهي مهاڻاجيڪي ٻيڙيون خريد ڪري نه سگهندا آهن. پتل جون سنهي چادر واريون وڏيون ديڳيون ترڻ لاءِ استعمال ڪن. ديڳ جي منهن تي ڇاتي رکي هٿن پيرن سان ترن. اهو مڇي مارڻ جو قديم طريقو آهي. ڪنهن وقت ۾ ان ئي طرح سنڌوءَ ۾ پلو ماريو ويندو هو. مهاڻا جيڪي مڇي جهلين سا ديڳ ۾ وجهي وري اڳتي هلن ٿا.
تِيلن جي ترهن ذريعي درياهه ٽپندڙ ماڻهن جا قد ننڍا ۽ رنگ ڪارا آهن. پر نه اهي ايترا ننڍا آهن نه وري ڪارا جيئن ويدڪ ادب ۾ انهن کي بڇڙو ۽ بي ڊولو ڪري پيش ڪيو آهي. انساني علمن جي ماهرن جي اندازي موجب اتر وارن ويڙهاڪ لوڪن لڳ ڀڳ 1500 قبل مسيح ڌاري دراوڙن کي اوڀر ڏکڻ طرف ڌڪي ڇڏيو هو. پر اهي ماڻهو اڄ به سنڌوءَ جي ڪنڌين تي نظر اچن ٿا. هونئن به سڄي هندستان توڙي سنڌو ماٿريءَ ۾ وڌ ۾ وڌ طبقو قديم پورهيتن جو آهي جن کي ويدڪ فلسفي ۾ شودر چيو وڃي ٿو. هڪ قديم ايراني حوالي موجب هندستان ۾ عام ماڻهن کي ’مهاڻو‘ سڏيو ٿي ويو جن جو ڪم پورهيو ۽ واپار ڪرڻ هو. ماهرن جي اها به راءِ آهي ته ٻاهرين لوڪن ٻيڙين جو ڌنڌو نه ڪيو ۽ قديم درياهي ماڻهو سٺا ٻيڙياتا آهن.

ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين

ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين

ڊِي جِي خان ۽ ڄام پور جي وچ ۾ فقط ٻه منظر نظر آيا. باقي ته منظر اهو ئي هو جيڪو جناح بئراج کان هيٺ جاري آهي. پهريون منظر ٻلهڻ جون ٻه ٻن ٻن سيڪنڊن ۾ ٽٻيون هو ۽ ٻيو منظر الهندي ڪنڌيءَ تي گهڙي سوا لاءِ معمولي وڻڪار هئي. طوطي خان جي چوڻ موجب اتي ٽالهي ۽ بهڻ جا وڻ آهن.
نانگ جيان ور وڪڙ کائيندڙ درياهه جيتوڻيڪ خطرناڪ نه رهيو هو پر طوطي خان وڏي امتحان ۾ هو. اسان سڀني جون نظرون ڪنارن ۾ کتل ٿي رهيون پر طوطي خان جون اکيون هميشه درياهه جي مٿاڇري ٿي هيون. هن سِير کي ائين ٿي ڳوليو جيئن چور جو پيرو کڻندڙ پيرِي خبرداري سان وک وک تي پيرن جا نشان جاچيندو آهي. طوطي خان جي معمولي غلطي توڙي سکاڻ تي ويٺل همراهه جي ٿورڙي لاپرواهي ڊوڙندڙ ٻيڙيءَ کي گپ ۾ ڦاسائي سگهي ٿي.
درياهه جي ظاهري ويڪر چڱي خاصي سهي پر سِير وارو اونهو ڍورو گهڻو ويڪرو ڪونه هو جنهن ۾ مناسب تک هئي. خاص ڪري انهن ڪنڌين تي جتان درياهه ٽڪر کائي ڪناري سان گسندو ٿي ويو يا وري اوچتو وڪڙ کائي 90 ڊگرين تي ڪنڌيءَ ڏانهن اُلر ٿي ڪيائين. ٽپهريءَ ڌاري ڄام پور پتڻ تي ٻيڙين جي پُل نظر آئي. درياهه پنهنجي عادت موجب پکڙجي ويو هو. پر پتڻ تي کاٻي ڪنڌيءَ ڏانهن زوردار اُلر ڪئي هئائين.
درياهه جي سِير الهندي ڪنڌيءَ لڳ ٻيڙين هيٺان اونهي ڪور ڪري طاقتور وهڪرو ٺاهيو هو. ٻيڙين کي هڪٻئي سان مضبوط جهلي بيٺل رسو، درياهه جي سطح کان فقط ساڍا چار فُٽ مٿي هو. ٽيوب جهڙي ٻيڙيءَ تي ويٺل ماڻهوءَ جي اوچائي به لڳ ڀڳ ايتري هئي. پر ٻيڙيءَ جي نڪ تي ويٺل ماڻهو فُٽ کن مٿي ئي هوندو. هيءَ بي حد خوفناڪ صورتحال هئي. طوطي خان پري کان درياهي گهات کي محسوس ڪيو ۽ اٿي بيٺو.
”خبردار! هيڏانهن مڙو ... ساڄي پاسي ... ساڄي ڪنڌيءَ ڏانهن ... خبردار ... هوشيار ... بچو ...“ پر سندن آواز موٽرن جي شور ۾ دٻجي ويو. پوئين ٻيڙيءَ وارن طوطي خان جي اشاري کي ان مهل سمجهيو جڏهن وقت گذري ويو هو. وهڪري جي تک موٽر جي طاقت تي غالب ٿي وئي. سکاڻ تي ويٺل نوجوان جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ ٻيڙي گوليءَ وانگر ٻيڙين جي پل ڏانهن ڌڪبي هلي وئي. سڀني جا هنيانءَ ڏڪي ويا:

”لُڙ لهريون لس، ليٽَ، جتي اَتُ نه آبَ جو،
الله اُت مَ اولين، ٻيڙا مٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿئي مَ جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽَ،
لڳي ڪا مَ لپيٽ، هن غاريبي غوراب کي.“
(سريراڳ)

اسان فقط ايترو ڏٺو ته ٻيڙين ۾ ويٺل همراهه پُل جا تاڻيل رسا ڏسي گهت هڻي ٻيڙيءَ جي فرش تي ڪري پيا پُل تي بيٺل اسٽاف ۽ مسافرن خوف کان هٿ کنيا ... ”وئي ... وئي ... وئي ...“ ۽ پوءِ ٻيڙي گم ٿي وئي. پُل جي ٻئي پاسي ڇا ٿيو؟ اهو پتو ان مهل تائين نه پيو جيسين طوطي خان پنهنجي ٻيڙي ڪناري هڻائي اوڏانهن ڊوڙ نه وڌي.
طوطي خان ئي ڇا ... هر ڪنهن اوڏانهن ڊوڙ وڌي. اسان کي درياهه جي ساڄي ڪنڌيءَ کان پُل ٽپي هن پار پهچڻ ۾ ٿورڙي ديرلڳي. بس! اهو اتفاق ئي هو جو هو بچي ويا. سنڌو اسان تي منڍ کان مهربان آهي. ٽيوب واري ٻيڙي، پُل جي ٻن ٻيڙين جي وچ ۾ ڏهاڪو کن فوٽن جي وٿيءَ مان نڪري وئي.

ثابت لنگهئا سِير، لهرن لوڏيا ڪينڪي
وڃي پهتا پار کي، نرتون منجهان نير
ماءِ پهتا مير، ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين.
(سريراڳ)
هِڪي ٻانِهي چت ۾، ٻي جا الله ڪري
پاڻهي ويجهي ڪُن ۾، پاڻهي ڪنڌي نِي
سُتڙِ سِي ڍوئي، جي تڙ توائي مڪڙا.
(سريراڳ)

جيسين اسان پهچون ئي پهچون ٻيڙياتن پاڻ سنڀالي ورتو. هڪ همراهه بند ٿي ويل موٽر اسٽارٽ ڪري ننڍي پاڻيءَ مان ٻيڙي ڪڍي ڪناري هنئي. پل تي بيٺل همراهَه لانگوٽيون ٻڌي ٽپو ڏيڻ وارا هئا. سندن خيال هو ته ٻيڙي ٻڏي وئي آهي، پر کين ٽپو ڏيڻ جي ضرورت نه پئي. ماڻهون مِڙي ويا. هنن حوصلا خطا ٿيل هڪ ٻن نوجوانن جون پٺيون ٺپري کين آٿت ڏنو.
”اسان سمجهي ٻُڏ گئي هِن ... لُڙهه گئي هِن ... اسان ويگن کڙا ڪي پِڇون تي ڀڄڻ لڳي هين ... اسان ڪَهين اِنهان ڪُون پڪڙُون ... اسان ولا ڏٺئين پل دي تَلون خير خيريت نال تسان گذر گئي او.“
هن ٻيڙي ۾ انور، زبير، شبير ۽ ڪجهه ٻيا همراهه سوار هئا.انور لهڻ شرط وري ڀٽائي جو بيت ڏنو،
”سامونڊي سچيت ٿيءُ ته پهچين پار کي!“

ڄام پور وٽ ٻيڙين جي پُل

ڄام پور وٽ ٻيڙين جي پُل

سنڌوءَ تي هڪ ڪنڌيءَ کان ٻِي ڪنڌيءَ تائين پري کان نظر ايندڙ ننڍڙا، ٽٻڪا، قطار ۾ بيٺل ٻيڙيون هيون، سنهڙي ليڪ انهن ٻيڙين مٿان رکيل تختن جي هئي ۽ ان تي چڙهندڙ ماڪوڙو هڪ جيپ هئي. هيءُ پل به مندائتي آهي. سياري جي مند ۾ درياهه ۾ چاڙهه ۽ تِک ۾ گهٽتائي هئڻ ڪري ٻيڙيون ٻڌجي سگهجن ٿين ۽ ٽريفڪ سولائي سان ٽپي وڃي ٿي. اونهاري ۾ پل کنيو ڇڏين. هن وقت آرپار اٽڪل چاليهارو کن ٻيڙيون قطار ۾ بيهاريون ويون آهن. جيڪڏهن درياهه تار هجي ته جيڪر سوين ٻيڙيون قطار ۾ بيهي سگهن ٿيون. درياهه جو پيٽ تمام وڏو آهي. سندس ٻي ڇاڙ الهندي پاسي ڪجهه ميلن جي مفاصلي کان پئي وئي. ان تي به ٻيڙين جي ننڍي پل ٻڌل آهي.
پُل لاءِ استعمال ٿيل هر ٻن ٻيڙين جي وچ ۾ اٺن ڏهن فوٽن جو مفاصلو آهي. ٻيڙين جي مٿان تختا مضبوطي سان وڇائي انهن تي پلال وڌو ويو آهي.
هڪ وقت ۾ هڪ طرف کان گاڏيون ڇڏيون وڃن ٿيون. ان وچ ۾ ٻئي ڪناري تي گاڏين جي قطار لڳي وڃي ٿي. پُل تي هڪ قديم ۽ دلچسپ سگنل جو انتظام آهي. ٻنهي ڇيڙين تي لوهي ڊرم رکيا ويا آهن. جنهن پاسي کان گاڏيون ڇڏيون وڃن ٿيون، ان طرف کان ٽريفڪ سنڀاليندڙ همراهه لوهه جي هڪ ننڍڙي راڊ سان ڊرم کڙڪائي ٿو جنهن جو آواز پرين ڪنڌيءَ تائين پهچي ٿو. ڊرم جو کڙڪو ٻڌي ٻئي طرف کان ٽريفڪ بند ڪئي وڃي ٿي.
ڊرمن کان اڳ هتي نقارا استعمال ڪيا ٿي ويا. اڄڪلهه نقارا مرمت لاءِ ويل آهن. تمام وڏيون ۽ ڳريون گاڏيون نٿيون ڇڏيون وڃن. البت مسافر سواريون جهڙوڪ: سوزڪيون ۽ ڊاٽسنون لنگهڻ جي اجازت آهي، سو به ان ريت ته مسافر هڪ ڪنڌيءَ تي لهي پيرين پنڌ ٻي ڪنڌيءَ تائين وڃن، گاڏي بنا مسافرن جي ٻي ڪنڌيءَ تائين پهچي پوءِ ٻيهر مسافر کڻي اڳتي رواني ٿئي ٿي. ٻيڙين ۽ پل جي مرمت جو جوڳو انتظام آهي. ڀر ۾ ئي جهونين ٻيڙين جي مرمت ٿئي ٿي. اسان کي رات هتي ئي گذارڻي آهي. تنهن ڪري رات جو يا صبح جي پهر ۾ ٻيڙيءَ وارن سان حال احوال وٺڻ جو ارادو آهي. في الحال سج لهڻ کان اڳ ڄام پور ڏسڻ جو خيال ڪيو اٿئون. هتي ٻيڙين جي پل ۽ ٻيڙين جي مرمت جو انتظام ڏسي اٽڪ ۽ خيرآباد وٽ ڪنهن زماني ۾ قائم ٿيل ٻيڙين جي صنعت جو خاڪو ذهن ۾ اڀري ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ ههڙو ئي هوندو.

ڄام پور

ڄام پور

پتڻ کان ڄام پور جو شهر 22 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ آهي. ڄام پور ويندي اڪثر پنڌ هڪ ٻيٽاريءَ تان ٿيو جنهن جي ٻئي ڀر وري هڪ ننڍڙو وهڪرو هو. واٽ ۾ واريءَ جو چڱڙيون ڊٻون آهن. اٽڪل 10-12 ڪلو ميٽر واريءَ کانپوءِ لٽ ۽ واريءَ جو ميلاپ نظر آيو. ٻي پل ڪافي مختصر هئي. اها وڌ ۾ وڌ ڇهن ستن ٻيڙين جي پل هوندي.
پتڻ ۽ ڄام پور جي وچ ۾ ڪوٽ مغلان آهي جنهن جي پنهنجي تاريخي اهميت آهي. ڄام پور پهچندي پهچندي سوا پنج ٿي ويا. اسان کي هتي ڏسڻ لاءِ ٻه جايون ٻڌايون ويون ’دلوراءِ دي ٺيڙهه‘ ۽ ’هڙند‘. هڙند ڪافي پري آهي. پر دلوراءِ جو دڙو شهر کان چار پنج ڪلو ميٽر اتر اولهه ۾ آهي، جيڪو ڏسڻ ممڪن هو. هڪ همراهه چيو، “جناب اُٿي وڏي مڪان هِن، محل دکان بڻين هِن، هور ڀي وڏي آثار هِن.” اسان لاءِ دلوراءِ جو نالو ئي ڪافي هو. سنڌو ماٿريءَ جو هيءَ بدنام بادشاهه هتي به موجود هو. ڄام پور شهر جي رٿابندي يا نقشي جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي هنڌ هنڌ چوڪ آهن. شهر ۾ هڪ روڊ گول آهي. ان ڪري اهو قديم رستو پنهنجي گولائيءَ سبب ’ڪنگن سڙڪ‘ سڏجي ٿو. پهريائين ڄام پور ان ڪنگن سڙڪ تائين محدود هو. ڪنگن سڙڪ کان ٻاهر نڪربو ته نوان رستا آهن جيڪي شهر کي ٻين رستن سان ڳنڍين ٿا. انهن ئي شهرن جي نسبت سان روڊن جا نالا مشهور ٿيا آهن مثال طور: داجل روڊ، ڊيرا روڊ، اڊه روڊ. ڪنگن روڊ ۾ دڪان ناهن. فقط ديوارون آهن. شهر جي اها رٿابندي ڪنهن ڪوٽ وانگر آهي.
دلوراءِ جي دڙي لڳ ٻه ٽي ٻيا قصا به ٻڌجن ٿا. ڄام پور کان اولهه ۾ (موضعه نظام والا وٽ) درياهه جو اڳوڻو وهڪرو هو. ان وهڪري تي ”سهڻي والا پتڻ“ آهي. هتي ڪٿا اها ئي آهي ته سهڻي ان پتڻ تان ڪچي دلي جي سهاري درياهه ٽپي ميهار سان ملڻ ٿي وئي جو سِير ۾ ٻڏي وئي. هاڻي درياهه پنهنجو وهڪرو گهڻو بدلائي اوڀر طرف نڪري چڪو آهي. درياهه جي وهڪري جا ڪجهه اڳوڻا آثار ڄام پور کان ست اٺ ميل اولهه ۾ آهن جن کي ”جنگل بيل“ درياهه جي نالي سان شهرت آهي. ان بيل درياهه جي اوڀر ۾ ريگستان آهي. هڪ سؤ سال کن اڳ ”سيتپور“ شهر درياهه جي اولهه ۾ هو جيڪو هاڻي اوڀر ۾ آهي. ائين ٿو لڳي ته درياهه هن علائقي تي منڍ کان وٺي ڏاڍو ڪاوڙيل رهيو آهي. اونهاري ۾ خاص ڪري برساتن دوران پاڻي سڄي علائقي ۾ پکڙجي ڌرتي جل ٿل ڪندو رهيو آهي ۽ ڪنارن تان اٿلي اهڙي ٻوڙان ٻوڙ ڪندو آيو آهي جو زندگيءَ لاءِ وڏي سوڙهه پيدا ٿيندي رهي. سؤ سال اڳ جي رڪارڊ موجب الهندي ڪنڌيءَ طرف چاڙهه وقت درياهه اَٺن ڇاڙهن ۾ وهندو هو. عام طور تي درياهه جو وهڪرو في ڪلاڪ ٽي ميل هو پر چاڙهه وقت اها رفتار ڏهن کان ٻارهن ميل ٿي پئي وئي.

ڄام پور جي تاريخ

ڄام پور جي تاريخ

منشي حڪم چند (1875ع) لکي ٿو ته: ”آباديءَ جو پراڻو حال معلوم ناهي سواءِ ان جي ته ڇهه سؤ سال اڳ ڄام نالي جنهن جي قوم جٽ مانڪ هئي، هن شهر کي آباد ڪيو ۽ ان جي نالي تي شهر جو نالو ڄام پور ٿيو ... ذڪر ڪيل مانڪ جو اولاد هاڻي هن شهر ۾ ناهي ... 1868ع ۾ پختين عمارتن سان هڪ سڌي بازار ٺاهي وئي جيڪا سهڻي آهي ... بازار جو ڪجهه حصو اُس کان بچڻ لاءِ ڍڪيل آهي .... شهر ۾ ٿانو ٺاهڻ ۽ ڪاٺيءَ جو ڪم تمام سٺو ٿئي ٿو ... شهر ۾ آفيم ۽ نير جو ڪم تمام گهڻو ٿئي ٿو ... دڪاندار مال خريد ڪري دڪان تي رکن ٿا جتان ٻين ضلعن جا ماڻهو خريد ڪري وڃن ٿا ... شهر ۾ هندو قوم گهڻي آهي، مسلمان ۽ هندو اڌواڌ ٿيندا ... مسلمان قوم ۾ جکڙ قديم آهي، شروع ۾ هن خاندان وٽ وڏي ملڪيت هئي پر هاڻي هن خاندان کي ڏينهو ڏينهن زوال آهي ... شهر ۾ هن وقت فقط هڪ سرڪاري اسڪول ۾ ٻارن کي فارسي تعليم ڏني وڃي ٿي.“
خبر ناهي ته منشي حڪم چند جنهن ديري غازي خان جي تاريخ لکڻ مهل ذري ذري ڳالهه لکي آهي. ڄام پور تي تحقيق ڪرڻ مهل وڌيڪ تفصيل ڇو نه ڏنا يا غير ضروري سمجهيا.

ڄام جادم جکرو

ڄام جادم جکرو

اسان جي خوش قسمتي هئي جو ’آباد ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر‘ جو هڪ سرگرم نوجوان ڄام پور ۾ اسان جو سونهون ٿي پيو. اسان کانئس شهر جي تاريخ پڇي ته چيائين، ”ڄام هڪ قوم آهي ... هتي پهرين ڄام رهندا هئا ... اهي ڄام هاڻي جکڙ سڏجن ٿا ... هتي هڪ پراڻو قبرستان به آهي انهن جو ... هڪ قبر تي ڄام پور جي بانيءَ جو نالو به لکيل آهي ...“
”هن جو نالو ڇا آهي؟“ مون پڇيو.
”مون کي ياد ڪونهي پر قبر جي تختيءَ تي لکيل آهي.“
ڄام ۽ جکڙ جا لفظ ٻڌي منهنجي ذهن تي ڄام جادم جکري جو نالو تري آيو. ڇا ڄام جکڙ اصل ۾ ڄام جادم جکرو آهي؟ مون هڪدم قبرستان ڏسڻ جو فيصلو ڪيو. سج لهي چڪو هو ۽ رات پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا هئا. قبرستان شهر کان گهڻو پري ڪو نه هو. ٽارچ جي روشني ۾ اسان قبرن تي نالا ۽ سن پڙهڻ شروع ڪيا.
”سنڀاليو متان ڪنهن کٻڙ يا ٻُوڙي ۾ ڪو نانگ وڇون نه هجي!“ اسان جي سونهين خبردار ڪيو. پر ڪنهن ٿي ٻڌو! نيٺ هڪ جُهريل پليٽ تي زبون قبرن جي مٿان اچي بيٺاسون. سِرن جي مٿان ٿيل پلستر ذري گهٽ لهي چڪو هو. اسان قبرن جا نالا پڙهيا. هيءُ سڀ ڄام هئا جن جا نالا ڪاشيءَ جي ٽائلن تي لکليل هئا‏. وچين قبر ڄام پور جي باني جي هئي. ڪتبو پڙهي منهنجي دل ٽپو ڏنو، لکيل هو،
”ملڪ جام باني قصبه جادم پور
معروف جام پور برادرم ملڪ ڪلدن پاندي
سنه 814 هجري.“
(نوٽ: هي سال برابر ٿئي ٿو : 12-1411ع)
ٻي قبر تي لکيل هو،
”ملڪ گامون ابن ملڪ صالح عمر بن پانڌي، هجري 999.“
ٽين قبر تي لکيل هو،
”ملڪ حسن ابن ملڪ گامون ابن ملڪ محمد صالح بن ملڪ پاندي
1085 هجري.“
چوٿين قبر تي لکيل هو،
”ملڪ صالح محمد بن ملڪ پاندي 918 هجري.“
ٻين قبرن تان نالا ڊهي چڪا هئا يا پڙهڻ ۾ نه ٿي آيا. سڀ قبرون هڪ ئي قسم جون ۽ هڪ ئي قطار ۾ هيون. ڪُل ڇهه قبرون هيون. جن مان پنج گڏوگڏ قطار ۾ ۽ هڪ پاسيري هئي. پاسيري قبر جو نالو به گم هو.
اڃا اها تحقيق ٿيڻي باقي آهي ته جادم نالي سان گهڻا حاڪم هئا. البت وڏو جادم شري رام پٽ دشرٿ جي مٿين پيڙهيءَ مان هو. مرزا قليچ بيگ جي ڏنل شجري موجب شجرو هن ريت آهي: جادم پٽ سام، پٽ سنجوت، پٽ ڪين، پٽ گرگنت، پٽ اتت، پٽ لواڪس، پٽ رام، پٽ دشرٿ.
هوڏانهن جکرو وڏي جادم جي ڇهين پيڙهيءَ مان هو. مرزا قليچ بيگ جو ڏنل شجرو هن ريت آهي: جکرو پٽ سمه، پٽ لاکو، پٽ انڙ، پٽ لاکو، پٽ هِسپت، پٽ جادم. هوڏانهن ’قديم سنڌ‘ جو مصنف ڪاڪو ڀيرو مل (صفحه 150، ڇاپو 1992ع) جي حاشئي ۾ چندر ونسي لوڪن بابت وضاحت ڪندي يادوَ (جادوَ) ونسين سان جادم کي ڳنڍي ٿو. سندس خيال آهي ته شاهه لطيف اصل ۾ ڄام تماچيءَ جي ڀائٽي (ڄام اوڍي جي پٽ) جکري کي جادم جکرو سڏيو هو.
هوڏانهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته، ڀٽائيءَ جنهن جکري جو ذڪر ڪيو آهي، سو ڄام اُڍي جو پٽ هو ۽ سندس ماءُ مشهور هوٿل نڱامري هئي جنهن جي سونهن سببان کيس هوٿل پري سڏيندا هئا. ( رسالو ميون شاهه عنايت صفحو 279). جادم جکري بابت عام تاثر اهو ئي آهي ته هو ڏکڻ سنڌ يا ڪڇ طرف جو حاڪم هو. ڊاڪٽر بلوچ به ان راءِ سان سهمت ڏسجي ٿو ۽ دليل طور بيت رکي ٿو ته،

“جي اَڻ سُتي آهين ته ڌڻ اِتان ئي ڌارِ
پاٽوندر پاتار ۾، جاءُ جکرو جُهارِ
ٻَرڙِي ٻيٽ ڪنڌار، وڃي لهرون لڳيون.”

لفظ ’جُهار‘ جي معنيٰ آهي واکاڻ. جڏهن ته ٻَرڙي ٻيٽ بابت ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته اهو جهونا ڳڙهه کان ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري لڳ هڪ ٻيٽ آهي.
جادم جکري بابت ڪنهن به تاريخ ۽ تحقيق ۾ ڪا به واضح صورتحال، سن يا ماڳ اڄ تائين ظاهر نه ٿيو آهي. بس اها سندس سخاوت ۽ ڪردار ئي هو جنهن سندس نالو اڄ تائين قائم رکيو آهي. جادم جکري جي سخاوت جي ساک ڀٽائيءَ جهڙو ماڻهو ڏئي ٿو، اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي.

“هٿان جادم جکري، وِٿي وچ مَ پوءِ
پِي پِي سو پُرُ ٿيو، جو حاتم پاسي هوءِ
ڪيف ڌاران ڪوءِ، جئي ڪو مَ جهان ۾.”
*
“جکرو جوڙي، پاڻا ڌڻيءَ پيدا ڪيو
ڪيهر جيئن ڪَرَ کڻي، مڇون ملهه موڙي
سمونڊ جيئن سِير ڪيو، ٿو ٻارِ جيئن ٻوڙي
گهوٽ چڙهيو گهوڙي، پيچين لائي پيچرا.”

جيتوڻيڪ ڄام پور جي باني جادم جکڙ جي تاريخ بابت فوري طور تي مون کي ڪو مواد نه ملي سگهيو آهي پر مون کي ڄام پور ۾ ٻڌايو ويو ته ڪن ماڻهن وٽان ڄام پور ۽ انهن جي بانيءَ بابت تاريخ ملي سگهي ٿي. ڄام پور جي جهوني قبرستان ۾ ڄام جادم جکڙ جي قبر تي سن 814 هجري (1411ع) لکيل آهي. اهو تجويز ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ٿئي ٿي ته سنڌ جي صوفي شاعرن جنهن ڄام جادم جکري جي ڪردار کي علامتي انداز ۾ پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي سو هاڻوڪي ڄام پور جو باني جادم جکڙ ٿي سگهي ٿو. اهو جادم جکرو جيڪو پنهنجي سخاوت ۽ سورهيائي سبب ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ مشهور هو سو سومرن جي پڇاڙيءَ واري دور (لڳ ڀڳ 752هه -1351ع) جو ڪردار آهي.

دلوراءُ جي ٺيڙهه

دلوراءُ جي ٺيڙهه

قديم دڙي جي چئني پاسي زمينون آباد ٿيل آهن. زميندارن هوريان هوريان دڙي جو ڪافي حصو پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو قديم آثارن ۾ موجود ٺڪرين ۽ هڏين تي تاتيل اَن کائي رب جو شڪر ادا ڪري رهيا آهن.
”سائين هي وڏو دڙو هو ...خبر خدا کي پر چون ٿا ته هتي ٻڌمذهب وارا ماڻهو هئا.“ هڪ جهونڙي اسان کي دڙو گهمائيندي چيو. چؤطرف وڏا دڙا ۽ دڙيون، ڪچيون سرون، موڪريون ديوارون، ٺُلَ، ٺڪريون ۽ هڏيون. هن وقت دڙو ٻه مربع والاري ٿو.
”هن طرف وڏي بازار هئي ... هتي شاهي محل هو ... بادشاهه ڏاڍو ظالم هو. خدا جو قهر نازل ٿيس، اوچتو ڌرتي ڌڏي ڪنهن کي به بچڻ جو موقعو نه مليو.“
هن همراهه به دلوراءُ جي ظلم جي اها ئي ڪهاڻي ٻڌائي جيڪا سنڌ ۾ ٻڌائي وڃي ٿي. اکر اکر ساڳي، ”بادشاهه ڏاڍو عياش هو. سندس حڪم هو ته شهر ۾ جڏهن به ڪا شادي ٿئي تڏهن ڪنوار پهرين رات شاهي محل ۾ سندس ڪمري ۾ گذاريندي، ماڻهو شادي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري نسل گهٽجڻ لڳو. جڏهن دلوراءُ جي ڀاڻيجيءَ جي شادي ٿي ۽ حڪم موجب ان ڇوڪريءَ کي دلوراءِ جي محل ۾ رات گذارڻ لاءِ موڪليو پئي ويو تڏهن ان ڇوڪريءَ دلوراءُکي پاراتو ڏنو، ائين هي شهر خدا جي قهر جو نشانو بڻيو. ڌرتي ڌٻي ۽ هر شيءِ هيٺ مٿي ٿي وئي.“ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هتان هر شيءِ ۽ هر نانءُ ابتو ملي ٿو. کين هڪ ابتي ٽڀي مان ڪنهن پکيءَ جي هڏي به ملي هئي. خبر ناهي ته ڪيڏانهن ڪيائون. ڪن اونڌن ٽڀن ۽ ٿانون هيٺان چانور ۽ ڪڻڪ به ملي آهي.
دلوراءُ جي ٺيڙهه بابت منشي حڪم چند (1875ع ۾) لکي ٿو ته: ”ڄام پور کان ٽي ميل پري ٺيڙهه دلوراءِ آهي. قلعي جا نشان، برج ۽ گهر اڃا تائين موجود آهن. ڪڏهن ڪڏهن چاندي، سون، رپيا پئسا، مڻيا وغيره لڀجن ٿا. هڪ انگريز ڊپٽي ڪمشنر 1858ع ۾ هتي کوٽائي ڪرائي هئي تڏهن هتان سڪا، ٿانءَ ۽ پٿر جا مڻيا نڪتا هئا. انهن مان اڪثر ٿانءَ اهڙا آهن جيڪي هندن جي پوڄا پاٺ لاءِ هوندا آهن.“ منشي حڪم چند دلوراءُ سان منسوب ٻن ٻين دڙن جو به ذڪر ڪري ٿو، جن مان هڪ خاص راڄڻ پور ۾ هو (هاڻوڪي صورتحال معلوم ناهي) ۽ ٻيو فاضل پور ويجهو.
دلوراءُ جي ڏند ڪٿا پنهجي جاءِ تي! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن کي سچو پچو تاريخي فرد قرار ڏئي ٿو جيڪو ڇُٽي امراڻيءَ جو ڀاءُ ۽ سومرن جي دور جو حاڪم هو. ڊاڪٽ بلوچ کيس سنڌ جو چڱي ساک وارو حڪمران سمجهي ٿو۽ ڏند ڪٿا کي بلڪل رد ڪري ٿو.
’دلوراءُ ٺيڙهه‘ تي قائم ڳوٺ جا ماڻهو سرائيڪي ڳالهائيندڙ ۽ مهمان نواز آهن. چيائون، “رات ترسو!” اسان معافي ورتي ته وري چيائون، ”ماني کائو!“ اسان ٻيهر هٿ ٻڌا. وري چيائون، ”چڱو چانهه پي وڃو!“ اسان کي دير پئي ٿي. رات لهي چڪي هئي. ڪريم ميمڻ جي ڪئمرا ويڙهجي سيڙهجي وڃي پنهنجي پيتيءَ ۾ ستي هئي. البت اشتياق انصاري ۽ محمد عليءَ جي ڪئمرائن ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن ڊٺل ديوار تي فليش جو چمڪاٽ ٿي هنيو. پر هاڻي اهي به دڙن تان لهي رهيا هئا. ڪئمپ ڏانهن موٽ کان اڳ شهر جو چڪر هڻڻو هو. اسان چانهه جي دعوت به قبول نه ڪئي ته همراهه صفا چِڙي پيا. چيائون، ”دوست نٿا لڳو ... ڪنهن چڱي نيت سان آيل نٿا لڳو ... جيڪو ماڻهو اسان جي دعوت ٿڏيندو آهي، اسان ڀانئيندا آهيون ته نيت کوٽي اٿس جو نمڪ نٿو چکي!“
چانهه پيئڻي پئي. چڱو جو ترسياسين. ڪچهري مچي وئي.
”اچي هيءَ ڏسو! ڪيڏي نه سنهڙي ٺڪري آهي ... هيءُ ٽڀو ڏسو ... هيءُ پيالو ڏسو ... هتان اسان هڪ پيالو لڌو هو ان ۾ پاڻي وجهندا هئاسون ته پنجن منٽن ۾ ٿڌو ٿي ويندو هو ... هتان ڪڏهن ڪڏهن سوني اشرفي لڀجي ٿي، هڪ تولي جيتري ...“
”ڪا لوهه جي شيءِ لڌي اٿوَ!“
”نه ... ملن ٿيون پر بلڪل ختم ٿيل ... منهنجي هڪ دوست هتان پتل هي هڪ مورتي لڌي هئي اها اسان بچاڻي صاحب کي ڏيئي ڇڏي. بچاڻي صاحب سنڌ صوبي جو هو، هتي ڄام پور ۾ اَي سِي (اسسٽنٽ ڪمشنر) ٿي آيو هو.“
”اها مورتي ڪيئن هئي؟“
”هڪ ماڻهوءَ جو بت هو. ويٺل حالت ۾ ... جيئن پوڄا ڪندو هجي!“ هن ’يوگ آسڻ‘ وانگر ويهي ڏيکاريو، ”ننڍڙي هيتري هٿ جيتري مورتي هئي.“
اها ڳالهه ٻولهه ڳوٺ جي چڱي مڙس سان پئي ٿي.
”دڙو ته وڃي هاڻي ٻه مربع بچيو آهي اڳي هيءُ تمام گهڻو هو. هتان ڏکڻ ۾ اڌ ميل پري هڪ ٻيو دڙو آهي. جيڪو هِن ئي دڙي جو حصو سمجهو ... وري اوڀر پاسي وڃو ته هڪ ميل پنڌ تي ٽيون دڙو آهي ...“
”ڀلا ڪا شيءِ به ته ڏيکاريو ... ڪا مورتي، ڪو سِڪو، ڪا ٻي شيءِ ... کڻي ڪو نه وينداسون ... رڳو فوٽو ڪڍون ... منع ڪندؤ ته فوٽو به نه ڪڍبو پر ڏيکاريو ته سهي ... ڪيڏو پري کان آيا آهيون.“ اشتياق انصاريءَ ڏاڍي درد سان ميزبانن کي منٿ ميڙ ڪئي.
چؤٻول مچي ويو، ”اڙي ڏيکاريون ... مهمان آهن ... ٺڪر ڀٿر ٿا ڏسن ٻيو ڇا؟ ڀلي فوٽا ڪڍن ... اڙي فلاڻا وڃي فلاڻي کي ڏس، متان وٽس ڪجهه بچيل هجي ... فلاڻا تون فلاڻي کي وڃي چئه ته ڪجهه اٿوَ ته اچي مهمانن کي ڏيکاريو. مون وٽ ناهي ... مون وٽان گم ٿي ويون ... مون وٽان فلاڻو کڻي ويو.“ ڪو به همراهه ڪا به شيءِ کڻي نه آيو. نيٺ پِرئي مڙس پاڻ ٺڪر جي هڪ ننڍڙي ڪُني سوکڙي ڪري ڏني ته، ”يارو ڪنهن وٽ هجي ها ته توهان کي ضرور ڏيکاري ها ... ٻئي ڀيري چڪر هڻو ته ڪجهه نه ڪجهه ڳولي ڦولهي وٺنداسون.“
هي کوسا هئا پر علائقي جا چڱا مڙس سردار فاروق خان لغاري ۽ جعفر خان لغاري آهن. دڙي جون سڀ سرون ڪچيون آهن. مقامي ماڻهو کنڊر جي مختلف حصن ڏانهن اشارا ڪري ٻڌائين ٿا، ”هيءَ قلعي جي ديوار آهي، هُن ڀر شهر هو. هِن طرف بازاريون آهن ... هِن پاسي سونارا هئا، هن پاسي ڪنڀار، هن طرف ... جتان جهڙيون شيون لڀجن ٿيون. اسان سمجهون ٿا ته اتي اهي بازاريون هيون ... هيءُ ڏسو هتي بازار پوري ٿئي ٿي ... وڏن ماڻهن هتي وڏي لٽ مچائي، سڀ ڪجهه لٽي ويا.“
”ڀلا توهان ماڻهو هن دڙي کي سنڀالڻ بدران ڊاهي پوک ڇوٿا ڪيو؟“ ڪنهن دوست سوال ڪيو.
”ان ڪري ته کنڊر جي مٽيءَ ۾ ڀاڻ کان به گهڻي طاقت آهي ... ويهه پنجويهه سال اڳ تائين ماڻهو هن دڙي مان مٽي ڪڍي اُٺ ڀري ڀاڻ طور وڃي وڪڻندا هئا. پر پوءِ حڪومت کي خبر پئي ته دڙي تي کڻي قبضو ڪيائين ۽ چوڪيدار ويهاريو اٿن ... او! هتي ڏسو دڙي جي مٿان چوڪيدار جي ڪوٺي ٺهيل آهي.“
”حڪومت وارا همراهه پاڻ به ايندا آهن؟“ انور پڇيو.
”نه حڪومت وارا نه پر هڙپه وارا ايندا آهن“ ڳوٺاڻي جواب ڏنو. سندس مطلب هو ته آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکندڙ عملدار ايندا آهن. جيتوڻيڪ دلوراءُ ٺيڙهه ڄام پور کان فقط ٽي ميل آهي پر اهو دڙو ديري غازي خان ضلعي جي انتظامي حدن ۾ آهي جڏهن ته ڄام پور شهر پاڻ ضلعي راڄڻ پور جو اُتريون شهر آهي.
”مون کي هتان هڪ سوني منڊي ملي هئي.“ هڪ ڳوٺاڻي سچي ڪئي.
”هتان سون لڀجي ٿو ان ڪري ئي ته حڪومت دڙي تي کڻي قبضو ڪيو آهي.“ ٻئي ڳوٺاڻي سرڪار تي ڄڻڪ فرياد داخل ڪيو. سندس خيال هو ته دڙي تي قبضو ٺڪرن ڀٿرن جي ڪري نه، پر سون لڀجڻ ڪري ٿيو آهي ۽ سرڪار کي ان قبضي جو هروڀرو ڪو جواز به ناهي.
”هتان هڪ ماڻهوءَ کي ٻه سونا سڪا به مليا هئا ... هڪ تولي جو هو. هڪ سڪي تي راجا ۽ راڻيءَ جي تصوير هئي ٻئي سڪي تي هڪ شينهن ۽ هڪ شينهڻ ڇپيل هئا. هڪ سڪو تولي جو هو ۽ ٻيو اڌ تولي جو ... هيءُ سردار جعفر خان آهي نه! هڪ سِڪو اڄ به سندس ڳچيءَ ۾ وڌل آهي.“
”ٻيو سڪو ڪنهن وٽ آهي؟“
”غريب ماڻهو آهن، ڪجهه ملين ٿو ته وڪڻيو کايو ڇڏين.“ اصل ۾ ڳالهه ڇا آهي ته عام ماڻهن کي قديم آثارن مان لڌل نادر شين جي قيمت معلوم ناهي پر نادر شين جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن جا ڪيئي ٽولا سڄي ملڪ ۾ سرگرم آهن. اهي قديم دڙن لڳ ڳوٺن ۾ ڪن ماڻهن سان رابطا رکي انهن کي قديم شيون ڳولڻ جي ڪم تي لڳائي، لڌل شيون خريد ڪري پرڏيهه ۾ وڏي قيمت تي وڪڻيو ڇڏين. اهي ڪم چپ چپات ۾ ٿيندا آهن جنهن ڪري ڪنهن به همراهه لڌل شيون ظاهر نه ڪيون فقط انهن شين جا حوالا ڏنا جيڪي هٿن مان نڪري چڪيو هيون.
”هيءُ دلوراءِ جو دڙو ناهي! اصل ۾ هيءُ چندر گپت موريا جي زماني جو آهي ٽي سؤ سال قبل مسيح جو. اهي يوناني دور جا سڪا ٿي سگهن ٿا ... ان دور ۾ درياهه هن دڙي کان هڪ ميل اولهه ۾ وهندو هو. ٿي سگهي ٿو ته چندر گپت هيءُ شهر فتح ڪيو هجي.“ اها راءِ هڪ مقامي نوجوان جي هئي جيڪو پڙهيل ڪڙهيل ٿي لڳو.
”درياهه جا پراڻا ڍورا اڃا تائين آهن.“
ڳوٺ جي چڱي مڙس عبدالڪريم کوسي کي ڪچهريءَ جو چڱو شوق هو. خبر ناهي ته ڪٿان ڪٿان جون ڳالهيون ڪندو وري دلوراءُ مان لڌل هڪ مورتيءَ جا تفصيل ٻڌائڻ لڳو، ”هڪ ننڍڙو ٻار مون وٽ بت کڻي آيو. ٻارڙي کي کنڊر مان ڪٿان مليو هو ... مون هن کان پنجن رپين ۾ خريد ڪيو ... تڏهن هتي سنڌ مان انتظامي عملدار اختر جانوري آيل هو. مون کي کيس اهو بت ڏنو ... پوءِ هن اهو بت جپان موڪليو جتي ٻُڌ مذهب آهي ... هاڻي مون ٻڌو آهي ته کيس ڏهه لک رپيا انعام مليو آهي ... اهو بت ويٺل حالت ۾ هو. هڪ هٿ ۾ نانگ هئس ٻيو هٿ هن ريت هو (هن جوڳيءَ وانگر آشيروادي نموني هٿ جي تري اڀي ڪري ڏيکاري جيئن مهاديو يا گوتم ٻڌ جو انداز آهي) جيئن پوڄا ڪندا آهن.
... ٻڌمت وارا چون ٿا اهو سندن خدا آهي ... نبي آهي ... ان کي جڏهن ڌارئي مذهب وارا تير يا تلوار هڻندا هئا ته هن جي جسم مان رت جي بدران کير وهندو هو ... هن جي ڇاتيءَ مان رت نه نڪرندو هو ... هر ڪنهن جو عقيدو آهي پنهنجو پنهنجو ... بت ڪو وڏو ڪو نه هو بس هيترو هيترو هوندو، چئن پنجن انچن جو.
... ويهه پنجويهه ڏينهن اڳ هڪ سوني اشرفي به لڌي اٿئون، مون به ڏٺي آهي، هتي هڪ همراهه آهي اقبال خان، ان وٽ آهي. اسان ڪنهن کي ڏيکاريون ڪو نه، ڇو ته اهي کڻي ٿا وڃن. اسان پنهنجي دوست فاروق خان لغاريءَ کي ڏينداسون ... هتان ٺڪر جا ننڍا وڏا گولا به ملن ٿا جيڪي منجنيقن جي کنڀاڻيءَ ۾ وجهي هڻندا هئا.“ (فاروق لغاري نومبر 1993 ۾ پاڪستان جو صدر ٿيو).
عبدالڪريم کوسي وڏا وس ڪيا ۽ اقبال خان کي نياپا ڪيا ته سوني اشرفي ڏيکاري پر ڪامياب نه ٿيو. جواب پهتو هو اشرفي وڪڻي چڪو آهي. ڪجهه ماڻهن ٻڌايو ته دڙي مان عورتن ۽ مردن جا ننڍڙا پتلا ملن ٿا. اهي پتلا اگهاڙا هوندا آهن. اهي پتلا ٺڪر جا هوندا آهن انهن جي مٿين حصي ۾ ٺڪريءَ جي پيالي جهڙو نمونو هوندو آهي. هڪ ماڻهوءَ چيو، ”شايد پاڻي ڀرڻ جو منظر آهي يا پوڄا جو!“ شايد هو ڪن اهڙين مورتين جي ڳالهه ڪن ٿا جهڙيون مُهين جي دڙي مان لڌل ڌرتي ماتا جون هونديون آهن، برابر انهن ۾ اهڙيون مورتيون به شامل آهن جن کي ’پاڻي پوڄا‘ سان نسبت ڏني وڃي ٿي.

هرڻاڪس يا هَڙند؟

هرڻاڪس يا هَڙند؟

عبدالڪريم کوسي صلاح ڏني ته اسان هڙند وڃون. چيائين، ”هڙند ضرور وڃو ... وڃي ملڪ گهمو ... هڙند جي قلعي تي اڃا تائين لکيل اٿوَ ’سڪندر ذوالقرنين‘ وڏو قلعو آهي ... ٿورو ٿورو دروازي ويجهو آباد آهي باقي پٿريلو آهي. هتان اولهه ۾ 20 ميل پري اٿوَ! پڪو رستو آهي“ اها ته هئي کوسي صاحب جي صلاح ۽ معلومات. افسوس! اسان رات جي اونداهيءَ ۾ هڙند وڃي نه ٿي سگهياسين. صبح سوير ويراڳين کي اڳتي نئين منزل طرف وڌڻو هو.
هندو لوڪن ۾ هڙند جو قلعو هرڻاڪس سان منسوب آهي. ڪٿا موجب هرڻاڪس ۽ سندس ڀاءُ هرڻيا ڪشپ پرميشور کان انڪاري هئا. اهو ڦٽل شهر ٻنهي مان هڪ ڀاءُ جو اڏايل هو. جيڪو هتي ئي رهندو هو پر رياستي معاملا ملتان ۾ اڪلائيندو هو. پرهلاد ڀڳت هرڻيه ڪشپ جو پٽ هو، جنهن جو ڪردار هندو ڏندڪٿا ۾ ذري گهٽ ائين آهي جيئن رامائڻ ۾ وڀيشڻ راوڻ جو ڀاءُ هو پر لنڪا تي رام جي چڙهائي مهل هو پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏي رام (وشنوءَ) جو ساٿي ٿيو. ان کانپوءِ اها چوڻي عام ٿي ته ’گهر جو ڀيدي لنڪا ڊاهي.‘ ساڳيءَ طرح سنڌو ماٿريءَ ۾ پرهلاد ڀڳت پنهنجي پيءُ کي ڇڏي وشنوءَ جو ڀڳت ٿيو ۽ پيءُ جي راڄ خلاف بغاوت ڪيائين.

سنڌو ماٿريءَ ۾ ديوتائن سان جنگ

سنڌو ماٿريءَ ۾ ديوتائن سان جنگ

جيڪڏهن هڙند سچ پچ هرڻا ڪشپ ديئت جو وطن هو ته پوءِ چئبو ته هيءُ اهو دور هو جڏهن سنڌو ماٿريءَ ۾ ويدن وارو فلسفو پنهنجي گرفت وڃائي ويٺو هو يا ويدڪ مت جي پاڙ لڳي ئي ڪونه هئي. هڙند سنڌوءَ جي اڄوڪي وهڪري کان ويهارو کن ميل اولهه ۾ آهي پر ان جو قديم وهڪرو اڃا به اولهه ۾ هو، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هرڻا ڪشپ ۽ سندس ڀاءُ هرڻا ڪش ٻئي قديم سنڌ جا طاقتور ڪردار هئا، جن جو راڄ سنڌوءَ کان ملتان تائين ته پڪ ئي پڪ هو.
هرڻا ڪش ۽ هرڻيا ڪشپ جي ماءُ جو نالو ’دِتي‘ هو. شريمد ڀاڳوت موجب وشنوءَ واراهه (سوئر) روپ جو اوتار وٺي هرڻا ڪش کي ماريو. اهو اوتار ’ڪروکنڊ‘ نالي ماڳ / ملڪ ۾ ظاهر ٿيو هو جتي پوءِ سوئر جي پوڄا عام ٿي. هرڻا ڪش جي موت جو بدلو وٺڻ لاءِ هرڻيا ڪشپ سنڀريو جنهن کي وشنوءَ نراسنگها روپ اوتار وٺي ماريو. نراسنگها اوتار (نرهر کنڊ) ۾ ظاهر ٿيو جتي پوءِ نرهر برکه جي حڪومت قائم ٿي جنهن نرسنگها اوتار جي پوڄا شروع ڪرائي. ’ڪروکنڊ‘ تي راجا ’ڪَر‘ جي حڪومت قائم ٿي. شريمد ڀاڳوت پڙهڻ سان ائين ٿو لڳي ته ’نرهر‘ توڙي ’ڪرو‘ کنڊ / شهر وارا نالا هرڻا ڪش ۽ هرڻيا ڪشپ جي مرڻ کانپوءِ نون حاڪمن جي نالن سان مشهور ٿيا.
اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته مُهين جي دڙي مان لڌل مهرن مان ڪن تي هڪ اهڙو ڪردار به ظاهر ٿئي ٿو جيڪو عراقي ڪردار گِلگمش وانگر شينهن سان وڙهندو نظر اچي ٿو. وشنو پراڻ ٻنهي ڀائرن جي ماءُ جو نالو ڄاڻايو آهي، پيءُ جو نه. واضح هجي قديم سنڌو ماٿريءَ ۾ ماءُ پوڄا هئي ۽ اولاد جي سڃاڻپ ماءُ جي نالي سان هئي. ٻيو اوتار ’وَراهه‘ سوئر روپ ۾ آهي جيڪو سنڌو ماٿريءَ جو عام جهنگلي جانور آهي.
شريمد ڀاڳوت سنڌوءَ ڪناري تي رهندڙ ڪردارن کي دئيت (شيطان) ڪري پيش ڪيو آهي، جن ديوتائن سان جنگ ڪئي. جنگ جو سبب هو، زمين يا وطن. ڪٿا موجب ته جڏهن هرڻا ڪش جوان ٿيو تڏهن هرڻا ڪش ڌرتيءَ کي پاتال ۾ کڻي ويو. هن سوچيو ته جڏهن ديوتا ڌرتيءَ تي يَگيه ۽ هَـوَن ڪن ٿا تڏهن ديوتائن کي ٻَل تڏهن پهچي ٿو، انڪري جيڪڏهن ڌرتي ديوتائن جي پهچ کان پري هوندي ته هو ڪمزور ٿي ويندا. ان کان پوءِ برهما وڃي وشنوءَ کي منٿ ميڙ ڪئي ته هو ڌرتيءَ کي پاتال مان ڇڏائي. اچي ته جيئن ديوتائن جي سگهه بچي سگهي. سو وشنو وَراهه (سوئر) روپ اوتار وٺي پاتال ۾ ويو ۽ هرڻاڪش کي ماري ڌرتيءَ کي ساڳئي هنڌ قائم ڪيو، جتي اڳ موجود هئي.
ڪٿا جي ان حصي جي عقلي تشريح هيئن به ڪري سگهجي ٿي ته جڏهن برهمڻن سنڌو ماٿريءَ ۾ اکيون وڌيون تڏهن هرڻاڪش مزاحمت ڪئي پر ويدڪ قوت (کشترين) هرڻاڪش جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ سندس رياست (ڌرتي) تي قبضو ڪري ورتو. ڇاڪاڻ ته هرڻاڪش مزاحمت ڪئي ان ڪري کيس دئيت (شيطان) قرار ڏنو ويو. هن ڪٿا ۾ ’پاتال‘ لفظ کي به اهميت ڏيئي سگهجي ٿي ڇو ته ’پاتال‘ سنڌ جي اتهاس ۾ هڪ قديم بندرگاهه آهي.
هرڻا ڪش جي موت کانپوءِ هرڻيا ڪشپ نارائڻ (وِشنو) کان بدلو وٺڻ لاءِ سنڀريو. ڏندڪٿا اڃا اڳتي هلي ٿي، هرڻيا ڪشپ چوي ٿو، ”مان وشنو ڀڳوان کي پنهنجي ترشول سان ماريندس تڏهن سڀئي ديوتائون موت جي ڊپ کان ۽ منهنجي ڊپ کان پاڻهي ڀڄي ويندا ... انهيءَ ڪري جتي جتي به براهمڻ ۽ رکيشورن کي يگيه ۽ هَـوَن ڪندا ڏسو، اتي انهن کي ماري ڇڏيو.“ اها ڳالهه ٻڌندي ئي دئيت سڀڪا جاءِ ڳوليندا ڳئون، براهمڻ ۽ رکيشورن کي مارڻ لڳا ... دتيءَ (هرڻيا ڪشپ کي) چيو، ”اي پٽ! نارائڻ (وِشنوءَ) ديوتائن جي مدد ڪري تنهنجي ڀاءُ کي ماريو، سو تون به ديوتائن کي ماري پنهنجي ڀاءُ جو بدلو وٺ!“ هرڻيا ڪشپ چيو، ”ڇاڪاڻ ته منهنجي ڀاءُ کي پرميشور (وِشنوءَ) ماريو هو تنهن ڪري ان کي ماري بدلو وٺندس.“
ان کانپوءِ هرڻا ڪشپ هڪ طريقو ڳوليو. هو ماءُ کان موڪل وٺي مندرا چل (هماچل يا هماليه) جبل تي هليو ويو ۽ اتي وڃي برهما جو تپ (پوڄا) ڪيو. هن سؤ ورهين تائين هڪ هٿ مٿي ڪري ۽ هڪڙي پير جي آڱوٺي تي بيهي تپ ڪيو ۽ بنا چرڻ ۽ پرڻ جي سج ڏانهن ڏسندو رهيو. ڊگهي تپسيا سبب هو مٽيءَ ۾ ڍڪجي ويو مٿس گاهه ٻوٽا ڄمي ويا، جن ۾ نانگن ۽ وِڇن پنهنجا ٻر ٺاهي ڇڏيا. تپسيا جي گرمي سبب نديون جبل ۽ سمنڊ سڙڻ لڳا. جڏهن ڄڀي ديوتائن کي لڳي تڏهن ديوتائن وڃي برهما کي منٿ ميڙ ڪئي ته هو هرڻيا ڪشپ وٽ وڃي سندس مرضي پڇي، جيڪي گهري ٿو سو ڏئي تپسيا ختم ڪرائي ته جيئن حياتيون سڙڻ کان بچي پون. ٻي صورت ۾ هو ديوتائن جي سرشٽي ناس ڪري پنهنجي سُرشٽِي (ڪائناتي سرشتو) ٺاهي ڇڏيندو.
جڏهن برهما هرڻيه ڪشپ وٽ سندس خواهش پڇڻ ويو ته هرڻيا ڪشپ کانئس گهر ڪئي ته، ”مون سان اهڙو وعدو ڪيو وڃي ته تنهنجو پيدا ڪيل ڪو به ديوتا، دئيت، ماڻهو، جيت جڻو يا جانور مون کي ماري نه سگهي. مان نه ڏينهن جو مران نه رات جو، نه ڌرتيءَ تي مران نه آڪاس تي، نه ڪو هٿيار مون کي وڍي سگهي، نه ڪو لڙائي ۾ منهنجي سامهون بيهي سگهي. جيئن يوگ ۽ تپ ڪرڻ وارا پوتر ٿين ٿا تيئن مون کي به پوترتا ملي، مان ديوتائن، دئيتن، ماڻهن ۽ ٻين سڀني جيون جو راجا ٿيان منهنجي يوگ ۽ تپ جي طاقت ڪڏهن به نه گهٽجي.“ برهما ساڻس واعدو ڪيو ته، ”ائين ٿيندو ۽ ان سان گڏ تون ستن ديپن جو راجا ٿيندين!“
ڪٿا جو اهو حصو هرڻيا ڪشپ جي مزاحمت جو باب آهي. ائين ٿو لڳي ته هن ڊگهو عرصو تياري ۽ ويڙهه ۾ گذاريو جنهن کانپوءِ برهمڻ ۽ کتري ساڻس وقتي سياسي ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ ستن ديپن تي سندس راڄ قبول ڪيائون. پر اهو ٺاهه دشمنيءَ کي ختم ڪري نه سگهيو. ٻئي ڌريون ڪنهن مناسب موقعي جي تاڙ ۾ رهيون. هرڻياڪشپ جي طاقت پوءِ ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي ايستائين جو برهمڻ وڃي غارن ۾ لڪا. شريمد ڀاڳوت جو هيءُ ٽڪرو ڪافي ڇرڪائيندڙ آهي:
”جڏهن هرڻيا ڪشپ پنهنجين ٻانهن جي ٻل تي سڀني ديوتائن، دئيتن، گنڌروَن ۽ سِڌن، چارن ۽ ڪِنرن، رکيشورن ۽ تپسوين، ڀوتن ۽ جنن، پِرجاپتين ۽ مينن ۽ ستن جي ديپن جي راجائن کي جيتي ٽنهي لوڪن جو راڄ ڪرڻ لڳو ... تڏهن سڀني ديوتائن سندس ڊپ کان ڀڄي وڃي برهما کي چيو، ”هرڻيا ڪشپ سڀ راڄ ڇڪي ويو پر هاڻي اسان جي ساهن جي ڪڍ آهي. هاڻي اسين ڇا ڪيون؟“ برهما جواب ڏنو، ”هنن ڏينهن ۾ دئيتن جي حالت چڱي آهي ۽ توهان جا ڏينهن خراب آهن تنهن ڪري توهان جبل جي غار ۾ لڪي هريءَ (وشنو) جو ڀڄن (پوڄا ۽ تعريف جا گيت) ڪيو جيستائين توهان جا چڱا ڏينهن اچن.“ اها ڳالهه ٻڌي سڀ ديوتا ڪنهن جبل ۾ لڪي پنهنجا ڏينهن ڪاٽڻ لڳا.
ان کانپوءِ، هرڻياڪشپ ڊگهي حڪومت ڪئي. کيس چار پُٽ ٿيا جن مان ٽن پيءُ جي راهه ورتي باقي چوٿون پرهلاد وڃي وشنوءَ جو ڀڳت ٿيو. چئني ڀائرن جا استاد شُڪرا اچاريه جا پٽ سنڊا ۽ مرڪ برهمڻ هئا، جڏهن ته شُڪرا اچاريه پاڻ هرڻياڪشپ جو استاد هو. هرڻيا ڪشپ سنڊا ۽ مرڪ کي هدايت ڪئي ته اهي چئني ڇوڪرن کي هرڻياڪشپ جو ڌرم سيکارين. پر پرهلاد نه مڙيو ۽ وِشنوءَ جي پوڄا ڪندو رهيو. شريمد ڀاڳوت موجب هرڻياڪشپ پرهلاد کي گهڻو ئي سمجهايو ۽ نيٺ کيس ماري ڇڏڻ جو حڪم ڏنائين پر وشنوءَ هر ڀيري پرهلاد کي بچايو.
پرهلاد پنهنجا ڪيئي هم خيال ٺاهي ورتا ته هرڻياشپ پنهنجي هٿ سان پرهلاد کي مارڻ لاءِ وڌيو پر ان وقت وشنو نراسنگها روپ ۾ هڪ ٿنڀي مان ظاهر ٿيو ۽ هرڻياڪشپ جو پيٽ چيري سندس آنڊا ڪڍي پنهنجي ڳچيءَ ۾ مالها وانگر وجهي ڇڏيائين. برهما جو وعدو سچو نڪتو. نراسنگها کي برهما پيدا نه ڪيو هو. هُو نه ماڻهو هو نه جانور، اهو وقت به شام جو هو يعني: نه ڏينهن هو، نه رات.
هڙند جي ڳالهه ته شايد اتي ختم ٿي پر ائين ٿو لڳي ته هيءَ به انهن گهڙين مان هڪ گهڙي هئي جڏهن سنڌو ماٿريءَ جون واڳون قديم لوڪن کان کسجي هوريان هوريان ٻين جي هٿن ۾ ٿي ويون. جيتوڻيڪ شريمد ڀاڳوت ۾ هن قصي دوران هنڌ هنڌ شري رام ۽ شري ڪرشن جا نالا نارائڻ طور استعمال ڪيا ويا آهن. پر هڪ هنڌ اهو به لکيل آهي ته جڏهن هرڻياڪشپ تپسيا لاءِ هماليه پربت ڏانهن ويل هو، تڏهن سندس غيرحاضريءَ جو فائدو وٺي اِندر ديوتا ورتر اسر، نموچي ۽ سندس ساٿين کي ماري سندن زالون پڪڙي ديولوڪ وٺي ٿي ويو. انهن زالن ۾ هرڻيا ڪشپ جي زال به شامل هئي جنهن کي پوءِ آزاد ڪيو ويو هو. تنهن ڪري ظاهري طور تي ائين محسوس ٿو ٿئي ته هرڻا ڪشپ واري مزاحمت توڙي ورتر اسر واري مزاحمت ٻئي لڳ ڀڳ هڪ ئي وڏي فوجي ۽ سياسي اٿل پٿل جو حصو آهن جيڪا اصل ۾ رگ ويد واري وقت ۾ يا ان کان ترت پوءِ تائين جاري رهي. رگ ويد رچنا جو زمانو عام طور تي 1000 ق. م. سمجهيو وڃي ٿو پر ان ۾ ڏنل واقعا اڃا به قديم ٿي سگهن ٿا. واضح هجي ته سنڌو تهذيب جي زوال جو دور 1800 ق. م. ڪٿيو ويو آهي ۽ 1500 ق. م. کان سينٽرل ايشيا جا ڪي حملي آور قبيلا اپکنڊ ۾ اچڻ لڳا هئا. ديوتائن سان جنگ کان پوءِ هڙند ويران ٿي ويو. گهڻو گهڻو پوءِ سڪندر لوڌيءَ (1489/ 1517ع) هيءُ شهر آباد ڪيو ۽ ناهڙين کي جاگير ڪري ڏنائين. پراڻو شهر اڃا ڦٽل حالت ۾ آهي.

ورتر اَسر ۽ اِندر جي جنگ

ورتر اَسر ۽ اِندر جي جنگ

ڪي محقق ان تي متفق آهن ته اَسر قوم جو تعلق سنڌو ماٿريءَ سان هو. سيد سبط حسن پنهنجي تحقيقي ڪتاب ’ماضي ڪي مزار‘ ۾، ۽ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ’سنڌ جو پراچين اتهاس‘ ۾ ان جنگ تي پنهنجي راءِ ڏني آهي. ٻئي طرف پارسين جي ڪتاب زنداوستا ۽ هندن جي قديم ترين ڪتاب رگ ويد ۾ به ساڳي جنگ جا پڙاڏا آهن جنهن ۾ اِندر ۽ اَسر (اَهر يا اهر مزدا) جي پوئلڳن جو تڪرار نظر اچي ٿو اندر ۽ ورتر وچ ۾ لڳل جنگ واري ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي.
ٽنهي لوڪن (ديوتا، ماڻهو ۽ گنڌر) جو ناٿ (آقا) اِندر هڪ ڀيري غرور ۾ ڀرجي ويو ۽ سٺائي سڀيتا جا سڀ اصول وساري ويٺو. هو اها هلت به وساري ويٺو جيڪا ديوتائن جي هئي. سڀني ديوتائن جي گروءَ جو نالو برهسپتي هو، جيڪو سڀني علمن جو ڄاڻو هو ۽ ديو ۽ اَسر سڀ هن جي عزت ڪندا هئا. هڪ ڀيري گرو برهسپتي اِندر جي درٻار ۾ اچي نڪتو پر اندر پنهنجي تخت تان اٿي سندس آڌر ڀاءُ نه ڪيو. نه ڪي ويهڻ لاءِ چيو ۽ نه ڪي اهڙا ٻيا ڪم ڪيا جيڪي عظيم ماڻهن جي آجيان لاءِ ڪبا هئا. اِندر غرور ۾ ڀريل هو تنهن ڪري سمجهيائين ته شاستر کيس اها اجازت ڏين ٿا ته هو ڀلي تخت تان اٿڻ کانسواءِ مهمانن جي آجيان ڪري. اِندر ديوتا جي اهڙي هلت ڏسي برهسپتي درٻار مان چپ چاپ نڪري ويو. ديوتائن جي گروءَ جي وڃڻ کانپوءِ اندر جي درٻار جو دٻدٻو ۽ شان ۽ شوڪت ختم ٿي ويو.
اِندر هاڻي پنهنجي غلطيءَ تي پڇتائڻ لڳو ۽ محسوس ڪيو ته گروءَ جي ناراضگيءَ سبب کيس گهڻو نقصان ٿيندو. تنهن ڪري خيال ڪيائين ته گروءَ جي پيرن تي ڪري کانئس ڀُل بخشيائي. پر هاڻي اهو ناممڪن هو ڇاڪاڻ ته گروءَ پاڻ کي غائب ڪري ڇڏيو هو ۽ هن کي ڪو به ڏسي نه ٿي سگهيو. اِندر گهڻيءَ مٿا ڪٽ ڪئي پر گروءَ جو ڏس پتو نه پيو. ان کانپوءِ ديوتائن جي قوت گهٽ ٿيندي وئي ۽ اَسرن جو ٻل وڌندو ويو. هاڻي اَسرن ديوتائن تي چڙهائي ڪئي. اتي، برهما (تخليق ڪندڙ ديوتا) کي ديوتائن تي رحم آيو ۽ هن ديوتائن کي صلاح ڏني ته هو نئون گرو هٿ ڪن.
برهما، چيو ته، ”اِندر جي مورکتا سبب اوهان جو گرو گم ٿي ويو آهي. تَوشٽا جو پٽ وِشو روپ (Vishwaroop) وڏو تپسوي آهي، هن کي آزي نيزاري ڪري پنهنجو گرو ٺاهيو ته توهان جو ڪم ٺيڪ ٿي ويندو.“ سڀ ديوتا، برهما جي صلاح تي نوجوان تپسوي وشو روپ وٽ آيا ۽ منٿ ميڙ ڪرڻ تي کيس گرو بنجڻ تي راضي ڪيو. وِشو روپ جي تربيت ۽ اڳواڻيءَ وسيلي هو اسرن جي اڳراين کان بچي پيا.
وشو روپ جي ماءُ اَسر قوم مان هئي. انڪري اِندر جي دل ۾ وشو روپ خلاف شڪ پيدا ٿيو ته متان وشو روپ ديوتائن سان سچو نه رهي. سندس شڪ وڌندو ويو ۽ کيس سندس روحاني رتبي تان ڪيرائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سهڻين ڇورين ذريعي وشو روپ جي عبادتن ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڇورين جي ڇالن ۽ انگلن جو مٿس ڪو به اثر نه پيو.
جڏهن اِندر جي اها سازش ناڪام ٿي ته هن پنهنجي وجر (کنوڻ جو هٿيار؟) سان وشو روپ کي وِرت (روزي) ۾ ماري وڌو. جنهن ڪري اِندر کي برهمڻ جي خون جو پاپ لڳو. پاپ ڌوئڻ لاءِ هن ڪيترن نمونن سان ازالي جي ڪوشش ڪئي پر پاپ ڌوپجي نه سگهيو. اِندر جي هن ظلم سبب توشٽا ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو هن قسم کنيو ته اِندر کان هن خون جو بدلو وٺندو. هن هڪ وڏو يگه رچيو هن اگني (باهه) مان اِندر جو جاني دشمن وِرتر اَسر پيدا ٿيو. توشٽا وِرتر کي آسيس ڏيئي اِندر سان جنگ لاءِ روانو ڪيو. چيائين، ”اِندر جا دشمن شال تنهنجو ٻل وڌندو رهي، ۽ تون اِندر کي ماري ختم ڪرين!“ ٻنهي جي وچ ۾ هڪ خوفناڪ جنگ لڳي. ورتر ويو زور پوندو. ورتر جي وڌندڙ قوت کان گهٻرائجي رشين ۽ ديوتائن وشنوءَ (حفاظت ڪندڙ وڏو ديوتا) جي پناهه ورتي. وشنوءَ ديوتائن کي پنهنجي پناهه ۾ آڻي چيو، ”ديو لوڪ! ڏڪو نه مان پاڻ اِندر جي وِجر ۾ گهڙي ويندس ۽ آخر ۾ هو سوڀارو ٿيندو.“
هاڻي ديوتا ورتر وٽ ويا ۽ کيس چيائون، ”تون اِندر سان صلح ڪر. توهان ٻئي هڪٻئي جي برابر ۽ طاقتور آهيو.“
انهيءَ تي ورتر ديوتائن ۽ رشين کي چيو، ”اي بي ڏوهي ۽ گناهن کان آجا لوڪو! معاف ڪريو، اِندر ۽ منهنجي وچ ۾ صلح ٿيڻ ناممڪن آهي. اسين ٻئي سمراٽ ٿيڻ چاهيون ٿا، ٻئي ساڳي منزل تي پهچڻ چاهيون ٿا. اهڙن ٻن دشمنن ۾ دوستي ڪيئن ٿي سگهندي؟ هڪ جهنگ ۾ ٻه شينهن ۽ هڪ راڄ ۾ ٻه راجا رهي نه سگهندا.“
ورتر جو دليل ٻڌي رشين چيو، “تون هن ڳالهه ۾ شڪ نه ڪر، ٻن ڌرماتمائن ۾ دوستي ٿي سگهندي آهي. اها دوستي اهڙي ٿيندي آهي، جو ٽٽي نه ٽٽندي آهي.”
ديوتائن جي زوربار هيٺ ورتر جنگ بند ڪئي، پر هن ديوتائن کان وردان (پڪ/خاطري) گهريو. هن چيو، ”اِندر تي اعتبار ڪو نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته هو مون تي اوچتو حملو ڪري. ان ڪري مون کي وردان ڏيو ته منهنجو موت نڪي ڏينهن جو ٿيندو، نه ڪي رات جو ٿيندو. مان نه ڪي آلن هٿيارن سان مرندس نه ڪي خشڪ هٿيارن سان. پٿر، ڪاٺ ۽ ڌاتن سان به منهنجو موت نه ٿيندو. نڪي ئي اِندر مون کي پنهنجن تيرن سان ماري سگهندو.“
رشين، ”ائين ئي ٿيندو!“ چئي ورتر اسر کي اهو وردان ڏيئي ڇڏيو. ان ريت هيءَ جنگ بند ٿي. پر جلد ئي ورتر جو ڊپ سچ نڪتو. اِندر جي دل ۾ دغا هئي. هن ڀائپيءَ جو رڳو ڍونگ ڪيو هو. سارو وقت وجهه پيو ڳوليندو هو. هڪ ڏينهن اِندر کي ورتر اسر سمنڊ جي ڪناري تي شام جي وقت ملي ويو. اهو وجهه ڏسي هن ورتر تي حملو ڪيو. ڳچ وقت تائين جنگ جاري رهي. آخر ورتر وِشنو ڀڳوان جا گڻ ڳائيندي اندر کي چيو، ”اي مهانيچ! هي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇو نه ٿو پنهنجو هٿيار وِجر ڪم آڻين جيڪو ڪڏهن به نه گسندو آهي. تنهنجي وجر ۾ خود هري (وشنو ڀڳوان) ويٺو آهي. اهو هٿيار ڪم آڻ ته جيئن مان هريءَ جي هٿان مري نجات جو درجو حاصل ڪيان.“
اِندر هاڻي ورتر اسر جي ساڄي ٻانهن ڪپي ڇڏي. پر ورتر نه گهٻرايو. هو وڙهندو رهيو ۽ پنهنجي لوهي گدا کاٻي هٿ ۾ کڻي اِندر کي هنئي، ان ڪري اِندر هن جي کاٻي ٻانهن به ڪپي ڇڏي. ورتر اسر هاڻي پنهنجو وات ڦاڙي اِندر کي ڳهي ويو. جڏهن اِندر ورتر جي وات ۾ گم ٿي ويو، تڏهن ديوتائن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. پر اِندر ورتر جي پيٽ ۾ وڃي به نه مئو. ورتر جو پيٽ ڦاڙي ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر نڪري اندر سمنڊ تي ويو ۽ پنهنجو وجر پاڻيءَ تي هنيائين. پاڻيءَ مان گجي اڏامي ۽ وتر کي لڳي. گجيءَ ۾ وشنو پاڻ موجود هو. انهيءَ ڪري اها گاج هڪ خوفناڪ هٿيار بڻجي پئي هئي. انهيءَ ڪري ٻلوان ورتر ڪري پيو ۽ مري ويو. اهڙيءَ طرح هيءَ ڊگهي لڙائي ختم ٿي.
اِندر لاءِ هي سوڀ وڏي بدناميءَ جو ڪارڻ بڻي. کيس هيءَ سوڀ ٺڳي ۽ پاپ سان حاصل ٿي هئي. انهيءَ ڪري شرم کان لڪندو رهيو ۽ پنهنجو وجود گهٽائي پرماڻي (ايٽم) جيترو ٿي مانسرور ڍنڍ ۾ بيٺل هڪ ڪنول گل جي ڏانڊيءَ ۾ وڃي لڪو هو. هو اتي هڪ تاندوري ۾ لڙڪيو پيو هوندو هو ۽ ڀڳوان کان پنهنجن پاپن ۽ نجات لاءَ پيو منٿون ڪندو هو.
(نوٽ: مٿي ڏنل ڪٿا چڪر ورتي راڄ گوپال اچاريه جي ڪتاب مها ڀارت تان کنيل آهي.)

ڪارو پاڻي

ڪارو پاڻي

ڄام پور جي ڏکڻ اولهه ۾ هڙند جي پاسي کان هڪ جابلو نئه آهي، جنهن ۾ هر وقت ڪجهه نه ڪجهه پاڻي هوندو آهي. مقامي ماڻهو ان کي ’ڪارو پاڻي‘ چون ٿا. بلڪل ائين جيئن سنڌ جي ڪاڇي ۾ جابلو نئن جي پاڻيءَ کي چئجي ٿو. اڳي رود ڪوهِي سرشتي جو پاڻي به ڳوٺن کي ملندو هو، جن تي ربيع ۽ خريف جا فصل ڪندا هئا.
پاڻي جي اڻاٺ سبب ماڻهو تراين ۾ پاڻي گڏ ڪن ٿا پر پوءِ سوڪهڙي وقت انهن هٿرادو تراين ۾ کوهه کوٽي پاڻي پين. سطح گهٽ ٿيڻ کانپوءِ پاڻي ٻاڙو ۽ ڪڙو ٿيو پوي. اهڙين حالتن ۾ ڪاري پاڻي واري نئه مان پاڻي گهرايو ويندو هو. سرڪار ڏڪر وقت ماڻهن جي ڪوڪار ٻڌي پاڻي گهرائڻ جو بندوبست ڪندي هئي. ڪارو پاڻي سال ۾ ٽي چار ڀيرا وهي داجل تائين پهچي ٿو، جتان نالن جي ذريعي ترايون ۽ تلاءَ ڀريا وڃن ٿا.

ڄام پور جي سياسي ۽ سماجي حالت

ڄام پور جي سياسي ۽ سماجي حالت

هڪ س‍ؤ سال اڳ جي رڪارڊ موجب هتي هندن جي ملڪيت گهڻي هئي، باقي سيد، سماٽ بلوچ به گهڻا هئا. بلوچ پنهنجن قبائلي رشتن سبب لڳ ڀڳ اهڙائي هئا جهڙا هاڻي آهن، البت شهر ۾ آبادي جو توازن بلڪل بدلجي چڪو آهي. قديم مقامي آبادين ۾ مزاري ، لغاري ، جکڙ، ڀٽي،کوسا ۽ ٻيا ٻروچ قبيلا آهن پر سياسي طور تي لغاري ۽ مزاري طاقتور آهن. اهي قبيلا راڄڻ پور ۽ ڄام پور جي ڀرپاسي ۾ آهن. راڄڻ پور ڄام پور کان پنجاهه کن ميل ڏکڻ ۾ پر ڄام پور کان ڪجهه ننڍو شهر آهي. لغارين وٽ هزارها ايڪڙ زمينون آهن پر بيڪار ڇو ته اهي ويران آهن. مزارين جون زمينون وري به ڪجهه آباد آهن. ان جي باوجود ٻنهي کي وڏا زميندار سمجهيو وڃي ٿو.
هڪ مقامي ماڻهوءَ ٻڌايو ته راڄڻ پور ننڍو شهر هوندي به ضلعي جو هيڊڪوارٽر ان ڪري ٿيو جو ضلعو ٺهڻ وقت مزاري حڪومت ۾ هئا. اڄ ڪلهه راڄڻ پور واري تڪ مان بلخ شير مزاريءَ کٽيو آهي جيڪو شيرباز خان مزاريءَ جو وڏو ڀاءُ آهي. شيرباز مزاري ڪراچيءَ مان چونڊ وڙهيو هو ۽ ملڪي سطح تي ڄاتل سڃاتل آهي. بلخ شيرآزاد اميدوار طور کٽيو آهي جنهن مان علائقي ۾ قبائلي اثر جو اندازو هڻي سگهجي ٿو. لغاري سياسي طور تي پيپلز پارٽيِءَ سان شامل آهي. لغارين جو چڱو مڙس فاروق لغاري آهي جيڪو بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ بجليءَ جو وفاقي وزير هو.
ٽيون شهر داجل آهي جيڪو هڙند ويندڙ رستي تي آهي. ڪنهن وقت ۾ اُتي هندن جي وڏي آبادي هئي، هاڻي ننڍڙو شهر آهي. هندو سڄي پنجاب مان هندستان لڏي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ هندستان کان آيل مسلمانن ڀري آهي جن ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ ۽ اڙدو ڳالهائيندڙ لساني گروهه آهن. پنجابي ڳالهائيندڙ ته مقامي مسلمانن سان ملي هڪ ٿي ويا آهن، پر اڙدو ڳالهائيندڙ آبادي پاڻ کي ملائي نه سگهي آهي. چون ٿا ته داجل اٽڪل 8 سؤ سال اڳ هڪ قبيلي آباد ڪيو جيڪو هڙند کان آيو هو. منشي حڪم چند موجب اڄ کان سؤ سال اڳ هتي سانگي، سومرا، لنگاهه، مهار، ماڇي، ٻُرڙا، ڍانڍلا ۽ ميا آباد هئا. گڏوگڏ هندو به آباد هئا جن کي مقامي ماڻهو ’ڪراڙ‘ چون ٿا. ڇاڪاڻ ته هتي سخت اُس ۽ گرمي پوندي آهي تنهن ڪري بازارن تي چکن ۽ ڪانن جي ڇت وڌي ويندي هئي ته جيئن ڇانوَ رهي. ڪنڀارڪو ڪم شاندار هو، ان کان سواءِ لنگيون ۽ کيس به سٺا ٺهندا هئا. ڪنهن وقت ۾ شڪارپور جا واپاري هتان ڪپڙو خريد ڪرڻ ايندا هئا ۽ شڪارپور کان آندل خشڪ ميوو ۽ ٻيو سامان وڪڻي ويندا هئا. اڄڪلهه شهر جي رونق اها نه رهي آهي. واپار کان وڌيڪ قبائلي سرگرمي آهي.
ڄام پور جي هڪ نوجوان ٻڌايو ته هتي جاگيرداراڻو ظلم گهڻو آهي. ان حد تائين جو چونڊن ۾ بيهڻ جو حق به استعمال ڪرڻ نه ٿا ڏين. گذريل چونڊن ۾ ڪجهه جذباتي ۽ جوشيلن جوانن هڪ ميراڻيءَ کي ڪائونسلرن جي چونڊن ۾ بيهاريو. نتيجو اهو نڪتو جو سامهون بيٺل بااثر اميدوار امانت علي ڳاڙهو ٿي ويو. ميراڻيءَ کي وڃي ڌمڪيون ڏنائين ته هو سندس ٻچا کڻائيندو ۽ مارائيندو. ويچارو ميراڻي چونڊن کان هٿ کڻي وڃي گهر ويهي رهيو.
شهر جي صورتحال اها آهي ته ڄام پور شهر جي ذري گهٽ اڌ آبادي مهاجرن جي آهي ۽ باقي مقامي آهن. مقامي ماڻهو هڪ اڌ ووٽ تان کٽي وڃن ٿا جنهن ڪري شهر جو چيئرمين مقامي ٿئي ٿو. هڪ اڌ ووٽ مان مراد ڪائونسلرن جا ووٽ آهن. مهاجر ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ يا برادرين ۾ پنهنجون ٻوليون يعني پنجابي يا اڙدو ڳالهائين ٿا پر شهر ۾ مقامي ماڻهن سان رابطي جي زبان فقط سرائيڪي آهي. اڙدو آبادي ايم. ڪيو. ايم. جي حامي آهي.
سرائيڪي ڳالهائيندڙ هڪ همراهه چيو، “هُو سڀ ائين ئي آهن جيئن ڪراچيءَ ۾ ... پر هر ڪو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ آهي ... اندر جي ڳالهه ٻاهر نٿا ڪڍن ... اسان لاءِ ڊپ جي ڳالهه ڪونهي ... اصل ۾ هتي مقامي سرشتو وڌيڪ مضبوط آهي. منهنجو مطلب آهي ته وڏيرڪو ۽ قبائلي سرشتو ... ان ڪري هنن تي دٻاءُ آهي ... سو ڪو به ڪجهه نٿو ڪري سگهي.“
مهاجر آبادي گهڻو ڪري سنهو ٿلهو واپار ڪري ٿي، ڪي زمينداري ڪرڻ لڳا آهن. ڪافي ڪراچي هليا ويا آهن. اڪثر ماڻهن جي نوڪري ڪراچيءَ ۾ آهي، اتان پئسا ڪمائي هت خرچ ڪن ٿا. مهاجرن ۽ مقامي آبادين جون پاڻ ۾ مائٽيون تمام گهٽ ٿيون آهن. ڄام پور جا ماڻهو ذهن تي گهڻو زور ڏيڻ کانپوءِ ڪي ٿوريون مائٽيون ٻڌائين ٿا سي به اهڙيون جن ۾ گهوٽ سرائيڪي هوندو. شايد ئي ڪا سرائيڪي ڇوڪري مهاجرن جي گهر ۾ پرڻجي وئي هجي.

هيءَ به سنڌ آهي

هيءَ به سنڌ آهي

سرائيڪي ڳالهائيندڙ هڪ جهوني پاڻ کي ’مَلڪ‘ سڏيو. اسان کانئس مَلڪن جي تاريخ پڇي. هن چيو، “اسان جي قوم اصل ۾ ڄام آهي، جادم جکڙ جيڪو هن شهر جو باني هو، سو به ڄام هو ان ڪري هن شهر جو نالو ڄام پور مشهور ٿيو. پوءِ ڄام مَلڪ سڏجڻ لڳا ... اصل ۾ هن علائقي ۾ دولت واري ماڻهوءَ کي، سردار ۽ زميندار کي مَلڪ ٿا چون. ائين اسان ڄام مان مَلڪ ٿي وياسون.”
”ڄامن جو اصل مَلڪ ڪهڙو هو ... ڪا توهان وٽ خبرچار؟“
”ڄام هڙند کان آيا هئا ... هونئن هيءَ قوم گهڻي پراڻي آهي ... اسان ٻڌو آهي ته محمد بن قاسم جي وقت کان آهي ... هڙند ۾ جنگ لڳي هئي ... پوءِ اسان جا وڏا اُتان لڏي هتي آيا ... چون ٿا ته محمد بن قاسم ملتان تي حملو ڪرڻ مهل هڙند وٽ به قيام ڪيو هو.“
”ملڪ صاحب توهان ڪڏهن سنڌ ويا آهيو؟“ اسان مان ڪنهن جهوني کان سوال ڪيو.
”سنڌ؟ هيءَ به سنڌ آهي ... مان توهان کي ٻڌايان ٿو ... ويهه پنجويهه سال اڳ اسان جڏهن هتان کان داجل ويندا هئاسون ... توهان کي خبر آهي ته داجل هتان ڏکڻ اولهه ۾ چوڏهن ميل پري آهي ... ته جڏهن اسان اوڏانهن ويندا هئاسون ته اُتان جا ماڻهو پڇندا هئا ته سنڌ جون ڪهڙيون خبرون آهن؟ وري جڏهن اتان ڪو ماڻهو ڄام پور ايندو هو ته چوندو هو ته مان سنڌ ٿو وڃان ... گهڻا ماڻهو اڃا به ائين چوندا آهن ... هاڻي ڀلي کڻي ڪو ڄام پور کي پنجاب سڏي ... آهي ته سنڌ!“
”جبل جا ماڻهو هن علائقي کي اڃا به سنڌ ٿا چون ... سنڌو درياهه اڳي اولهه کان وهندو هو ... ڄام پور درياهه جي اوڀر ۾ هو. اولهه طرف سنڌوءَ جو وهڪرو داجل کان فقط پنج ميل پرتي هو جتي ’سهڻيءَ وارو پتڻ‘ آهي ... توهان ڀلي چئو ته سهڻي شهدادپور وٽ ٻڏي يا پنجاب جي ڪنهن ٻئي درياهه ۾ ٻڏي وئي ... هتي ته اهو ئي مشهور آهي ته سهڻي هتي ٻڏي هئي.“

مولانا عبيدالله سنڌي رحه

مولانا عبيدالله سنڌي رحه

هڪ مقامي ماڻهو الله بخش لاشاري ٻڌائي ٿو، ”سامهون هوءَ عمارت ڏسو ٿا ... اهو اسڪول آهي، مولانا عبيدالله سنڌي ان اسڪول ۾ پڙهيو هو ... توهان کي خبر هوندي ته مولانا ريشمي رومال تحريڪ هلائي هئي، انگريزن خلاف ... مولانا عبيدالله سنڌيءَ ڄام پور جي مڊل اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي هئي ... هو هتان جو ئي هو ... سنڌ جو ... هتي ڀرسان هڪ ڳوٺ آهي ’ڪوٽلا مغلان‘، اتي ڄائو ۽ نپنو هو.“
اسان کي درسي ۽ سياسي ڪتاب ياد اچن ٿا جن ۾ اسان کي اهو پڙهايو ويو هو ته مولانا اصل پنجاب جو هڪ سک هو جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو ۽ انگريزن خلاف تحريڪ هلائي هئائين ... جڏهن هو سنڌ آيو ته هن کي سنڌ جي ڌرتيءَ سان پيار ٿي پيو جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي سنڌي سڏايو. اسان سوچيون ٿا ته ڇا اسان جا درسي ۽ سياسي ڪتاب ڪوڙ ڳالهائين ٿا؟ مولانا عبيدالله سچ پچ سنڌي هو پر سندس خلاف پرچار ڪندڙن کيس سنڌ جو ثقافتي ڊوميسائيل نه ڏنو.
ڪوٽلا مغلان ڄام پور کان ڏکڻ طرف ڄام پور پتڻ ويجهو هڪ ننڍڙو شهر آهي. وقت جي تنگيءَ سبب اسان ڪوٽلا مغلان ۾ حال احوال وٺڻ لاءِ ترسي نه سگهياسين.

گهاڙِي والا

گهاڙِي والا

آچر 12- نومبر 1989ع
سج اکيون پٽيون ته سنڌوءَ جا ڪنارا روشن ٿي ويا. جيڪڏهن پُل نه هجي ها ته مڪمل ويرانو هجي ها. نئين ڏينهن جي سفر جون تياريون اڌ مڪمل آهن. رات مٺڻ ڪوٽ ۾ پوندي ۽ سڀاڻي سنڌ جي اڄوڪين سياسي سرحدن ۾ داخل ٿينداسين.
ٻيڙين جي پل وٽ پراڻين ٻيڙين جي مرمت جو سلسلو جاري آهي. ست ڪاريگر مزور ڪنڌيءَ تي رکيل ٻيڙيءَ کي نئون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. هٿوڙن جي ٺڪا ٺوڪيءَ ڌيان ڇڪايو ته اسان رڙهي کين ويجها ٿياسون. ٻيڙين جي قيمت لک رپئي مان وڌي هاڻي ڏيڍ ٿي آهي.
“هاڻي ته اڃا به مهانگي آهي ... هوڏانهن ڏس هوءَ نئين ٻيڙي تيار بيٺي آهي” هڪ ڪاريگر نئين ٻيڙيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. ان ٻيڙيءَ جي ڊيگهه 48 فوٽ، ويڪر 12 فوٽ، ترو 9 فُٽ ۽ اوچائي به 9 فُٽ هئي. مرمت مهل ڪاريگر پراڻا ڳريل ٽڪرا ڪڍي نوان ٽڪر جوڙي رهيا هئا. ڪاريگرن جو اندازو هو ته مرمت هيٺ ٻيڙي چئن پنجن ڏينهن ۾ تيار ٿي ويندي پر جيڪڏهن 10-12 ڪاريگر پورا هجن ته نئين ٻيڙي 12-13 ڏينهن ۾ تيار ڪري سگهن ٿا.
ٻيڙيءَ جي تياريءَ لاءِ ڪاٺ آزاد ڪشمير مان اچي ٿو، ديال جو ڪاٺ. مرمت جو ڪم ٺيڪيدار کڻي ٿو پر ڪاريگر ٺيڪيدار کان ٺيڪو کڻن ٿا. في ٻيڙي مرمت چار هزار رپيا ٺيڪو ... وڏي ٺيڪيدار کي ڪيترا پئسا بچيا؟ سو ٺيڪيدار کي پتو. في الحال کين پنج ٻيڙيون مرمت لاءِ مليون هيون.
ٻيڙين جي پل چيٽ (مارچ) مهيني ۾ بند ٿي ويندي. سڀ ٻيڙيون کولي ڪنڌيءَ تي رکيون وينديون. ان کانپوءِ ماڻهو لانچن ذريعي سنڌو پار ڪندا. هن وقت ٻيڙين جي هيءَ پل ايتري مضبوط آهي. جو انهن مٿان بسون ۽ ٽرڪون به لنگهي وڃن ٿيون. هِن وقت هِن پل ۾ 48 ٻيڙيون ٻڌل آهن. ڄام پور واري واٽ ۾ ٻئي وهڪري تي 12 ٻيڙيون ٻڌل آهن. ان وهڪري کي ’چاچڙان والي‘ ٿي چيائون، ٽين ننڍڙي پل جنهن ’ڪوٽ والي‘ ٿي چيائون، تي پنج ٻيڙيون لڳل آهن. ٻين لفظن ۾ اسان جنهن هنڌ ڪئمپ هنئي هئي سا درياهه جي ڪنڌي نه پر سنڌوءَ جو هڪ وڏو ٻيٽ هو. وڏي وهڪري کي وڏو درياهه چيو ٿي ويو جنهن جي سير ۾ وڌ ۾ وڌ گهرائي هن وقت ٻن ماڻهن جي برابر آهي.
ٻيڙيون ٺاهيندڙ مغل هئا پر ٻيڙيون ٺاهيندڙن کي ’گهاڙِي والا‘ (گهڙيندڙ) چيو وڃي ٿو. ٻيڙين تي هلندڙ ڪم جي نگراني استاد ڪريم بخش مغل پئي ڪئي. ٻيو همراهه قمرالزمان مغل هو. اهي سڀ پاڻ ۾ مائٽ آهن. سندن ڳوٺ ضلعي ليه جي شهر ڪروڙ لالي سن (لعل عيسن) ويجهو آهي، ڳوٺ لسڪاني . هن ڪٽنب ۾ پنج سؤ کن گهر آهن. هڙئي ٻيڙيون ٺاهين ٿا. قمرالزمان چيو، ”جتي جتي به ٻيڙين جي پل آهي ... سرڪاري ڪم هجي يا غير سرڪاري ... اهو اسان ڪندا آهيون ... هر هنڌ اسان جو ڪو نه ڪو ماڻهو ضرور هوندو آهي.“ گهاڙين دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن ٻيڙين جي سنڀال ڪجي ته اهي سوَن سالن تائين هلي سگهن ٿيون. خود هِن پل ۾ استعمال ٿيل ٻيڙيون صديءَ جي ڄمار کان وڏيون آهن.
ٻيڙيون ساڍي نائين لڳي ڌاري مٺڻ ڪوٽ لاءِ روانيون ٿيون. ڪليم لاشاري اڄ خشڪيءَ واري قافلي سان آهي.

مٺڻ ڪوٽ ڏانهن

مٺڻ ڪوٽ ڏانهن

10- لڳي ڌاري سفر شروع ٿيو. ڄام پور کان مٺڻ ڪوٽ 60-65 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ ۾ آهي. مٺڻ ڪوٽ درياهه جي الهندي ڪپ تي آهي جڏهن ته اڀرندي ڪپ تي چاچڙ شريف آهي. جتي خواجه فريد ڄائو هو. مٺڻ ڪوٽ ۾ خواجه فريد جي درگاهه آهي. ٻيڙيون ڪا مهل ڏکڻ ڏانهن ڊوڙنديون رهيون. هڪ هنڌ کاٻي ڪنڌيءَ تي تنبو ۽ جهوپڙيون ڏسي ٻيڙيون ڪناري هنيون ويون.
هيءُ تنبو آبپاشي کاتي جي هڪ ٺيڪيدار جا هئا. چؤطرف مزور ڪم ۾ رڌل هئا. ڪجهه پرڀرو هڪ ڳوٺڙو هو، ٺيڪيدار هتي درياهه جي کاڌ کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرائي رهيو هو. کيس پنهنجي ٺيڪي سان ايڏي ته دلچسپي هئي جو ڀرپاسي جي ڪا به خبر نه هئس ٻيو ته ٺهيو سامهون نظر ايندڙ ڳوٺ جي نالي جو پتو به ڪو نه هئس. هتي اسپر ٺهي رهيو هو.
”درياهه هتي ايڏي پائيندڙ ڇو پيو ڪري جو اسپر ٺاهڻ جي ضرورت پئي آهي؟“ انور ٺيڪيدار کان انٽرويو وٺڻ شروع ڪيو.
”بس درياهه آهي ... جتان وڻيس پائي پر هتي ڇا ٿيو آهي جو درياهه جي هُن ڀر به اڳي ههڙا اسپر ٺاهيا ويا آهن. ان ڪري اتان ٽڪرائجي درياهه هن پاسي اچي لڳي ٿو“ جواب مليو.
هيءُ علائقو وارياسو ناهي، ويندي جهلم نديءَ تائين سڄي ڌرتي ميداني آهي. وارياسا پٽ اسان ديري غازي خان ۽ ڄام پور جي وچ ۾ ڪنهن هنڌ پوئتي ڇڏي آيا آهيون. هيءُ مظفر ڳڙهه ضلعي جي ڏکڻ ۾ علي پور تحصيل جو ڪو ڳوٺ آهي. هتي ڪم ڪندڙ ڪافي مزورن جو تعلق بلوچستان جي ڪچي واري علائقي سان آهي. جيڪي روزگار لاءِ هتي اچي نڪتا آهن. هتي سٺي ڏاند جي قيمت 10- هزار رپيا آهي.
طوطي خان اطلاع ڏئي ٿو ته پاڻ مٺڻ ڪوٽ جي پتڻ کي اچي پڳا آهيون. ڄاڻ پنجند ايندو جتي پنجاب جا سڀ درياهه اچي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. اٽڪل ڏيڍ لڳي ڌاري پنجند جي ڇوڙ کان ٿورو پهرين درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي ٻيو شهر درياهه جي پائيندڙ جو شڪار نظر آيو. شهر ڪافي اوچائيءَ تي هو پر درياهه ڏاڍي زورشور سان ان جا ترا ڪڍڻ ۾ مصروف آهي. ڪافي گهرن جا اڌ حصا پاڻيءَ ۾ لڙهي چڪا آهن. هڪ مسجد جو باقي وڃي محراب بچيو آهي.
ٻيڙيون پنجند ۾ داخل ٿيون ته درياهه تمام سهڻي شڪل وٺي ويو. پنجند جو پاڻي لڙاٽيل نه پر نيرو آهي جنهن مان ظاهر آهي ته پنجاب جي ندين جون بئراجون پاڻي جهلي بيٺيون آهن، هيءُ پاڻي سِمي وهيو آهي. اٿاهه ويڪر جي هن درياهه ۾ هڪ ٻيڙي ترندي نظر اچي ٿي، جنهن جي پويان هڪ ڳوٺڙو بيٺو آهي. نظرون هيءُ منظر هميشه لاءِ جهٽڻ گهرن ٿيون پر اسان جون ٻيڙيون اڳتي وڌي وڃن ٿيون. پنجند جو پاڻي هن وقت هڪ واهڙ وانگر سنڌوءَ ۾ پوي ٿو. اهو محسوس ئي نٿو ٿئي ته ان واهڙ ۾ پنجن ندين جو پاڻي آهي. جڏهن ته سنڌوءَ پنهنجو پيٽ بنهه تراکڙو ڪري پاڻيءَ کي ميلن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي. درياهه هتي سمنڊ جي ڏِک ڏئي ٿو.

ڌٻڻ ۾ ...

ڌٻڻ ۾ ...

شام جو پنجين لڳي مٺڻ ڪوٽ واري پتڻ تي مورڙئي ۽ نوريءَ اسان کي لاٿو. سفر توقع کان وڌيڪ ڊگهو نڪتو. پهچڻ سان اطلاع مليو ته خشڪي واريون ٻئي گاڏيون پتڻ وٽ ڌٻڻ ۾ گپجي پيون آهن جن کي هوريان هوريان زمين ڳهي رهي آهي. ڪليم لاشاريءَ جي نراڙ تي اڄ پهريون ڀيرو پريشانيءَ جي هلڪي ريکا اڀري آهي. جيپ جو ڊرائيور خالد سمون جنهن کي پنهنجي جيپ ساهه کان وڌيڪ پياري آهي جيپ جي چوڌاري طواف ڪري پار ڪڍڻ ۾ مصروف آهي.
ڊاٽسن پڪ اپ ۾ وزن گهڻو هو پر اها جيئن تيئن ڪري پاڻ ڪڍي وئي. پڪ اپ جي ڊرائيور ڏاڍي ڦڙتيءَ ۽ اٽڪل سان گاڏي ڪڍي هئي، شايد اها اهڙي خراب ڌٻڻ نه هئي جنهن ۾ جيپ وڃي ڦاٿي هئي. پڪ اپ ڊرائيور هيڏانهن هوڏانهن نهاري پتڻ وٽان ٻه ٽي تختا آڻي وهيلن جي هيٺان ڦاسائي ٻه چار ماڻهو زور هڻڻ لاءِ به گڏ ڪيا ۽ رورس گيئر هڻي گاڏي تختن تان چاڙهي نڪري ويو.
خالد سمي کي پنهنجي جيپ جي فور وهيل هئڻ تي ناز هو. جتي ڪٿي پڪ اپ ڊرائيور کي طعنو پيو هڻندو هو، چوي، ”هل ڙي هل ... تنهنجي گاڏيءَ ۾ دم ئي ناهي“ پڪ اپ جو ڊرائيور گاڏيءَ جو پاڻ مالڪ آهي. پڪ اپ ڀاڙي تي اسان جي قافلي ۾ شامل هئي جنهن جو ڪم سپلاءِ ۽ ڪئمپنگ جو سامان ڍوئڻ هو. پڪ اپ مالڪ ارشد ٿڌي طبيعت وارو فهميدو ماڻهو آهي. خالد سمي جا مهڻا ٻڌي مُرڪي ماٺ ٿي ويندو هو يا وڌ ۾ وڌ چوندو، ”فور وهيل آهي يا فلائينگ گيئر اٿس ... ڏسجانءِ ڪٿي ايئن ٿيندو جو منهنجي گاڏي نڪري ويندي ۽ تون پيو زور هڻندين!“
ارشد کي اڄ موقعو مليو هو. ڦري ڦري پيو چويس، ”فور وهيل هڻيس ... فور وهيل ... تنهنجي گاڏي ته فور وهيل آهي.“
خالد ويتر چڙي وڃي. وس نه پيو پڄيس ته ڪجهه ڪري. بس هٿ پيو مهٽي. چوي، ”گيئر وري ڪٿان هڻان!؟ ڏسين نٿو سڄي ويهي وئي آهي.“ ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس ته ڪٿان هڪ رسي کڻي آيو. هڪ ڇيڙو جيپ جي جنگلي ۾ ٻڌي ٻيو پاڻ جهلي بيهي رهيو. چيائين ”سرڪاري شيءِ آهي ... پڇا ته مون کان ٿيندي ته جيپ ڪٿي آهي!؟ آفيسرن کي ڇاهي، اهي سمجهندا ته مون وڪڻي کائي ڇڏي ... رسي ان ڪري ٿو ٻڌان ته سڀاڻي ڪو پڇي ته ٻڌائي سگهان ته جيپ هتي غرق ٿي آهي.“
جيپ هوريان هوريان ڌٻڻ ۾ لهندي پئي وئي ... هر ٿوري جهٽ کانپوءِ ڌٻڻ مان آواز ٿي اٿيو “ٻڙڪ ... ٻڙڪ” ۽ ان ٻڙڪ ٻڙڪ سان جيپ اڃا هيٺ لهندي ٿي وئي. ڪليم جيپ ڪڍائڻ جي انتظام ۾ هو. پتڻ وارن کي چيائين. “هائو! ڪڍون ٿا!” هو آسرو ڏيئي وري ناڪو وصول ڪرڻ ۾ لڳي ٿي ويا.
“خالد جيپ ڪيئن ڦاسايئه!” انور پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ مصروف هو.
“سِڌو پَٽ هو انور صاحب! ڪجهه به ڪو نه هو. ڪا به گپ ڪو نه هئي ... بس مون اڃا جيپ بيهاري ته هيٺ لهڻ لڳي. رِورس ڪيم تڏهن به نه نڪتي، فور وهيل لڳايم پوءِ به نه نڪتي ... آئون ته شڪر ٿو ڪيان ته اڃا دروازا ڪو نه ڦاٿا هئا ... پوءِ آئون ٽپو ڏيئي نڪري آيس ...”
گهڙي سوا ۾ پتڻ وارا همراهه ڇهه ست تختا، رسا ۽ ماڻهو ڪٺا ڪري آيا. ڪجهه گپ هٽايائون، تختا جيپ جي ٽائرن هيٺ آڏا ابتا ڏيئي خالد کي چيائون، “اسٽارٽ ڪر ۽ ڪڍينس ٻاهر!” جيپ منٽن ۾ ٻاهر نڪري آئي. پتڻ وارن کي شايد پراڻو تجربو هو. هتي اڪثر گاڏيون ڦاسنديون هونديون. ان ڪري ئي ڏاڍي اطمينان سان ناڪو وصول ڪرڻ ۾ لڳا پيا هئا.

پتڻ تي حال احوال

مٺڻ ڪوٽ پتڻ تي ڀرپاسي جون چڱيون خبرون چارون جمع ٿيل لڳيون، “مٺڻ ڪوٽ کان هيٺ روڊ ڏيئي ويندا ته پهرين امرڪوٽ ايندو ۽ پوءِ روجهاڻ جيڪو شيرباز مزاريءَ جو اباڻو شهر آهي. روجهاڻ امرڪوٽ کان 13- ميل پري آهي. درياهه کان ويندا ته ڀت سرپتڻ ايندو ۽ ان کانپوءِ سبزاني پتڻ، پوءِ ايندو امرڪوٽ پتڻ، جتان عمر ڪوٽ شهر چار ميل پري آهي. ان کانپوءِ سون مياڻي، بدڙي، ميران پور؛ مٺڻ ڪوٽ کان گُڊو 43- ميل پري آهي ... درياهه رستي.“
”ڀلا بابا فريد صاحب بابت اسان کي ڪجهه ٻڌايو!“ انور چيو.
”وڏي هستي آهي“ ٻه چار آواز گڏجي آيا. ”چاچڙان شريف ۾ پيدا ٿيو، اتي وڏيون درگاهون ۽ مقبرا آهن ... وڏو اوچو خاندان آهي ... نواب صادق محمد خان بهاول خان هن جو مريد هو. هن جو پنهنجو بحري جهاز هنن صاحبن لاءِ هو ... هتي هڪ گهاٽ آهي نشتر گهاٽ ... ان ۾ بحري جهاز آهي جنهن ۾ هزارين ماڻهو چڙهي سگهن ٿا. مٺڻ ڪوٽ ۾ درگاهه آهي، تمام وڏي درگاهه، لکها ماڻهو وڃن ٿا حاضري ڀرڻ ... اٺ ڏهه ڏينهن اڳ سندس عرس مبارڪ به ٿي ويو آهي.“
ٻه سال کن اڳ وڏي ٻوڏ دوران هتان جي ماڻهن درياهه ۾ مڇيءَ جو هڪ قسم ڏٺو هو. جوڙو هو. فشريز کاتي جي ماڻهن اهي مڇيون ڏٺيون اهي 12-12 ۽ 14-14 ڪلو وزني هيون. پنجاب جي فشريز کاتي انهن مڇين کي ڊالفن قرار ڏنو هو پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها ٻلهڻ نه هئي.
”اسان ٻلهڻ نه ڏٺي آهي ڇا؟ روز پيا ڏسون ... وڏو فرق آ ٻلهڻ ۽ ڊالفن ۾!“ هڪ ماڻهو زور ڏيئي چيو ۽ سڀني هائوڪار ڪئي. جڏهن هتي ڊالفن مڇيون ٻوڏ سبب مري ويون هيون تڏهن مقامي ماڻهن هڪٻئي کان سوال پڇيو هو ته اِها ڪهڙي مخلوق آهي؟ انهن ماڻهن اهي مڇيون پوءِ ائين ئي ڦٽي ڪري ڇڏيون هيون، جن کي ڏسڻ پوءِ پنجاب جا فشريز کاتي جا عملدار آيا هئا. اتفاق سان فشريز کاتي جو هڪ ننڍڙو عملدار به اچي نڪتو. سندس چوڻ هو ته اٽڪ کان هيٺ سنڌوءَ ۾ ڊالفن مڇيءَ جو تعداد وڌ ۾ وڌ 14-18 آهي. سنڌ توڙي پنجاب ۾ ٻلهڻ ۽ ڊالفن هونئن ئي نه کاڌي ويندي آهي پر تنهن هوندي به سنڌ حڪومت 1974ع ڌاري ڊالفن مارڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي.
مٺڻ ڪوٽ پتڻ جي ملاحن ٻلهڻ ۽ ڊالفن کي ٻه جدا جدا جنسون چئي ڳالهه منجهائي وڌي. اها ڳالهه ته خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿي ته سنڌوءَ جي پاڻين ۾ ڊالفن جو فقط هڪ ئي قسم آهي جنهن کي سنڌيءَ ۾ ٻلهڻ ۽ انگريزيءَ ۾ Indus Blind Dolphin چون ٿا. پڪ سان ملاحن کي يا فشريز وارن کي ڪا غلط فهمي ٿي هوندي.
مٺڻ ڪوٽ راڄڻ پور ضلعي ۾ آهي جنهن جون حدون ڏکڻ ۾ سنڌ جي سرحد تائين آهن. درياهه جي اوڀر ۾ مٺڻ ڪوٽ وٽ ٻيڙين جي پل ٽپڻ شرط ضلعو رحيم يار خان آهي. جنهن جون حدون سنڌوءَ جي اڀرندي ڪنڌي سان گڏوگڏ سنڌ سان ملن ٿيون. الهندي ڪنڌيءَ وارو روڊ ڪشمور کان سنڌ ۾ داخل ٿيندو جڏهن ته اڀرندي ڪنڌي کان سنڌ جو پهريون شهر اوٻاوڙو پوندو. سرحدي ڳوٺن جا نالا ٻيا آهن.

درگاهه بابا فريد

درگاهه بابا فريد

مان اڪثر سوچيندو آهيان ته اهو شاعر ڪيڏو خوش قسمت آهي جنهن جي شاعريءَ کي سٺو ڳائڻو ملي وڃي ”ميڏا عشق وي تون ... ايمان وي تون“ پٺاڻي خان ڳايو هو. ڇا ڪلام سگهارو آهي يا پٺاڻي خان ڪلام کي ائين ڳائي ان جي عمر وڌائي آهي. هيءُ ته ڪو وڏو علمي بحث ٿي سگهي ٿو. مان سمجهان ٿو ته ”ميڏا عشق وي تون“ ڪلام چوڻ مهل بابا فريد پنهنجو وجود ڪائنات ۾ تحليل ڪري ڇڏيو هوندو ۽ پوءِ انساني شعور آڪاش واڻيءَ وانگر گونجيو هوندو. بابا فريد جي مريدن فقط ايترو ڏٺو هوندو ته مرشد بيخوديءَ ۾ ڪجهه ڀڻڪيو آهي. هنن اهي لفظ تحرير ڪري ورتا هوندا. مان اهو ته نٿو چئي سگهان ته جنهن شخص اهو ڪلام قلمبند ڪيو تنهن ڪائنات ۽ ماڻهوءَ جي رشتي کي سمجهيو به هوندو يا نه، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته پٺاڻي خان اها آڪاش واڻي ٻڌي هوندي. هر ڪَن آڪاش واڻي نه جهٽيندو آهي بلڪل ائين جيئن هر ماڻهو راڳ نه سمجهندو آهي. راڳ ٻڌڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ راڳ سمجهڻ ٻي ڳالهه آهي.
مٺڻ ڪوٽ ويندي جيپ ۾ اها ئي ڪيسٽ وڄي رهي هئي. اسان صوفي ناهيون. اسان نه ڪڏهن ڌمال وڌي آهي، نه راڳ ڳايو آهي، نه سُر ڇيڙيو آهي، نه ساز تي اسان جون آڱريون ڦٿڪيون آهن. اسان رڳو ڀٽائي پڙهيو آهي ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ تي جنم ورتو آهي. سنڌوءَ جو پاڻي پيتو آهي ۽ مندر مستيون ڏٺيون آهن. هائو! اسان جدلياتي ماديت ۽ فزڪس به پڙهي آهي. پر اسان کي اها خبر نه ٿي پوي ته ڪن ڪن هنڌن تي اسان بيخود ڇو ٿي ويندا آهيون!
جڏهن بابا فريد ’تون‘ چوي ٿو، جڏهن سائين مرنا جو يڪتارو ’تون ...تون‘ ڪري ٿو، جڏهن ڪو سِر سجدي ۾ وڃي ٿو، جڏهن ڪنهن مندر ۾ گهنٽيون وڄن ٿيون ۽ جڏهن ڪو عاشق ڪنهن چمڪندڙ پيشاني جو مکڙو ڏسي دل جهلي ويهي رهي ٿو ... انهن ڪيفيتن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جيڏي پنهنجائپ ۽ سڪون پاڻ کي ڀٽائيءَ، سچل ۽ شاهه عنايت جي درگاهن تي ملي ٿو اوترو ٻين درگاهن تي ڇو نه ٿو ملي؟ ڀٽائيءَ جي راڳن ۽ سُرن ۾ موجود دانهن ۽ قلندر جي اڱڻ تي بي خود ماڻهن جي ڌمال ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ اسان کي ڪنهن بادشاهه جي پراڻي محل بدران مُهين جي دڙي جا کنڊر ڇو ٿا ڇڪين؟ اسان ڪنهن کي ٿا ڳوليون؟ ڪنهن ٻئي کي يا پنهنجو پاڻ کي؟ ڇا اسان جي ڳولا ڪنهن انت تائين پهچندي؟
سنڌو ياترا دوران مون ڪيئي درگاهون ڏٺيون پر پنهنجائپ جو احساس ڪٿي ڪو نه ٿيو. خبر ناهي ڇو اڄ دل کي تسلي هئي. بابا فريد جي درگاهه ڏانهن ويندي ڪجهه اهڙي ڪيفيت هئي جيئن ڀٽائيءَ جي ڪنهن ويجهي دوست ڏانهن ويندا هجون. مون پنهنجي داخلي ڪيفيت ظاهر ڪرڻ لاءِ انور ڏانهن ڏٺو، ”ڇا ٿو سمجهين بابا فريد، ڀٽائيءَ جي فقيرن کي آشيرواد ڏيندو؟“
”ڏسجي!“ انور چيو.
اسان شهر جو چڪر هنيو، هڪ دڪان تان بابا فريد جي ڪلام جو مجموعو ورتو ۽ سندس تصوير پڻ ورتي. ننڍڙو پر سٻاجهڙو شهر. ننڍڙي بازار مان ٿيندا درگاهه جي وڏي درتي بيٺاسون. ڪئمرائن ۽ اکين منظر محفوظ ڪيا. وڏي در کان پوءِ وڏو شاهي پڌر، پڌر جي کاٻي طرف درگاهه جي شاندار عمارت. ڪاشي ۽ ڪاٺ تي اڪر جو ڪم. اڪريل ڪاٺ جي دروازن سان هيڏو سارو ڪشادو ورانڊو ۽ ورانڊي جي پويان ٻه اوچا گنبذ. مرڪزي وڏي گنبذ تي نيري ڪاشيءَ سان اڇي رنگ جو استعمال. ڀر واري گنبذ تي ڦِڪي ۽ نيري ڪاشيءَ جو ميلاپ.
وڏو در اُڪري اندر ٿياسون ته ڪو همراهه ٽيم جي سڀني ميمبرن کي گلن جا هار وجهي تڪڙو تڪڙو نڪتو هليو ويو، مڙي ڏٺوسين ٿو ته اهو شخص پڌر جو ٻاهريون وڏو در ٽپي، پيرن ۾ بوٽ وجهي ماڻهن ۾ گم ٿي ويو. محمد علي ۽ ڪريم پڌر ۾ بيهي ڪاشيءَ جي رنگين گلڪاريءَ کي ڪئمرائن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. محمد عليءَ چيو، ”ڪهڙو پئنل ڇڏي ڪهڙي جا فوٽو ڇڪيان! سڀ هڪٻئي کان مختلف ۽ نوان آهن.“
ورانڊي ۾ اندر ساڄي ڪنڊ ۾ هڪ ڳرو مڙس گاديءَ تي ويٺو هو. چپن تي مرڪ، نراڙ تي اطمينان ۽ هٿن ۾ وٽجندڙ سَڳا. سندس آڏو پنج ڇهه مريد باادب ويٺا هئا. اسان به باادب ٿي ويٺاسون. ٺيڪ ان مهل هڪ مريد ڪرمنڊل ۾ کير آندو. گادي نشين سڳا وٽي پورا ڪيا. جڏهن اسان کان اڳ ويٺل مريد وٽيل ڌاڳا وٺي هڪ هڪ ٿي اُٿي ويا تڏهن گادي نشين رومال ۾ ويڙهيل هڪ وٽي ڪڍي ان ۾ کير اوتيو ۽ اسان سڀني کي کير وٽيون پيارڻ کانپوءِ ڳالهائڻ لاءِ چپ مس چوريائين ته هڪ فقير سڀني جي آڏو مٺن چانورن جون ٿالهيون رکي ويو. چانورن مان ٻاڦ پئي اٿي. اسان پتڻ تان نيرن ڪرڻ کان سواءِ نڪتا هئاسون. انور مون ڏانهن ڏٺو ۽ مون هن ڏانهن. خبر ناهي ته سندس ذهن ۾ ڇا پئي هليو، پر مون کانئس اکين ئي اکين ۾ پڇيو هو، ”ڇا اهو سڀ آشيرواد ناهي؟“ آشيرواد وٺي مقبري ۾ آياسين. گنبذ جي هيٺان وچولي اوچائيءَ جي ٿلهي کي سنگ مرمر جو ڪٽهڙو ڏنل هو جنهن ۾ خواجه فريد جي ويجهن جون قبرون هيون. ٿلهي جي اتر اولهه ڪنڊ واري قبر بابا فريد جي آهي. سيرانديءَ کان لڳل تختيءَ تي لکيل هو،
حضرت خواجه غلام فريد
ولادت: 26 ذوالقعد 1261- وصال: 7 ربيع الثاني 1319 هه
گادي نشين کان حال احوال وٺي ٻاهر نڪتاسين ته پڌر تان دانهن ٻڌڻ ۾ آئي. ڪٿان ڪو سائين فريد جو فقير اچي نڪتو هو. آڱريون ساز تي چُري رهيون هيون ۽ آلاپ شايد روهيءَ تائين پئي ويو.
”نه يار ملدا، نه موت هي آوي ...“
فقير اِها ئي هڪ سٽ اٽڪل 10-15 منٽن تائين ’خيال‘ جي انداز ۾ پئي ڳاتي. فراق جا اهي ئي ڦٽ آهن جن سان ڀٽائيءَ جو سڄو رسالو ٽمٽار آهي.
ڀٽائيءَ جو عشق ٿر ۽ ملير سان هو. بابا فريد جو عشق روهيءَ سان. ڀٽائيءَ ملير جي مارو لوڪن، ولين، ڏٿ ۽ پيروئن کي ڳايو آهي ته بابا فريد به روهيءَ جي پکين، ڪڇن، ٻوٽن ۽ واريءَ سان عشق ڪيو آهي. ٻنهي ۾ هڪ ٻي هڪجهڙائي به آهي. ٻنهي کي مجازي عشق لڳو ۽ شاعري تڙپي اٿي. بابا فريد روهيءَ ۾ جنهن هنڌ رهندو هو اتي هڪ کوهه سان جنت بيبي پاڻي ڀرڻ ايندي هئي. بابا فريد روهيءَ ۾ 18 سال رياض ڪيو ۽ پاڻ کي صحرا ۾ ضم ڪري ڇڏيائين. بابا فريد کي جنت بيبي جو هٿ سولو نه مليو جڏهن مائٽي گهري وئي تڏهن برادرين جا مسئلا کڙا ٿي ويا. جنت بيبي جو قبيلو ’لاڙ‘ هو.
روايت آهي ته جڏهن رشتي کان انڪار ٿيو ته بابا فريد چاچڙان موٽي آيو، پويان روهيءَ ۾ سخت گرمي ۽ ڏڪر پيو ته جنت بيبيءَ جو ڀاءُ بيبي کي پاڻ اُٺ تي ويهاري وٺي آيو. روايتون آهن ته بابا فريد جي دعا سان روهيءَ ۾ مينهن پوندو هو. روهيءَ جا ماڻهو اڄ به سمجهن ٿا ته بابا فريد روهيءَ ۾ هلندو ڦرندو ٿو وتي.
بابافريد جو مسلڪ چشته آهي. سندس شجرو ٻئي خليفي حضرت عمر رضه سان ڳنڍيل سمجهيو وڃي ٿو، اها ٻي ڳالهه آهي ته بابا فريد جا وڏا ٺٽي کان لڏي وڃي چاچڙان ويٺا. روايت آهي ته بابا فريد چار شاديون ڪيون. انهن بيبين جون قبرون به اتي ئي آهن، پر فقيرن انهن مان روهيءَ واري جنت بيبيءَ جي قبر جي نشاندهي نٿا ڪن. بابا فريد جو عرس هر سال 7- ربيع الثاني کان شروع ٿئي ٿو. جڏهن ته هتي مدفون ٻين اَٺن درويشن جا به ميلا لڳن ٿا.

شهر مٺڻ ڪوٽ

شهر مٺڻ ڪوٽ

چون ٿا ته شروع شروع ۾ مٺڻ خان جتوئي نالي هڪ بلوچ مال چاريندو هو، پوءِ هو هتي پنهنجو ٿاڪ ٺاهي ويهي رهيو ۽ پوءِ هوريان هوريان ٻيا ماڻهو به آباد ٿيندا ويا. مٺڻ ڪوٽ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي واحد شهر آهي جنهن جو قديم زماني کان اوڀر ۽ اوڀر اتر وارن شهرن سان سڌو درياهي رابطو هو. رابطي جو سبب هو پنجند، جتان فيروزپور، لڌيانا، بهاول پور، جالنڌر، ملتان ۽ وزيرآباد ضلعن ڏانهن پنجاب جا درياهي رستا وٺي ٿي ويا. پنجاب کان ڳُڙ، کنڊ ۽ اناج سکر، شڪارپور ۽ بمبئي طرف ويندو هو. ٻئي پاسي بمبئي ۽ شڪارپور کان وڏو مال آگبوٽن جي ذريعي پنجاب ٿي ويو. ان ريت مٺڻ ڪوٽ جي حيثيت مرڪزي واپاري شهر جهڙي ٿي پئي اتر، ڏکڻ ۽ اوڀر کان ايندڙ ٻيڙا هن جنڪشن تي ٿي بيٺا ۽ مال جي وڏي خريداري ۽ وڪرو ٿي ٿيو. ان ڪري شهر هڪ خاص انتظامي اهميت به حاصل ڪئي. پر سنڌوءَ جي پنهنجي مرضي آهي. جڏهن چاهي جتي چاهي وسنديون ويران ڪري ڇڏي ۽ ڪنهن ٻئي برپٽ ۾ واهڻ وسائي ڇڏي.
شايد 1819 ڌاري جي ڳالهه آهي جو سڄو شهر درياهه ۾ غرق ٿي ويو. جنهن کانپوءِ سرڪار ماڻهن جي مدد ڪري پراڻي شهر کان ٽي ميل پري نئون شهر ٻڌايو. هاڻوڪو مٺڻ ڪوٽ نئون شهر آهي جنهن ڪري شهر ۾ رٿابنديءَ جي جهلڪ محسوس ڪري سگهجي ٿي. ٿوري وقت کان پوءِ درياهه مٺڻ کان رسي اوڀر طرف لڙي ويو جنهن ڪري ترقي بيهجي وئي ۽ واپار گهٽجي ويو. جيڪڏهن درويشن جو درگاهون نه هجن ته جيڪر مٺڻ ڪوٽ هاڻي عام پتڻ هجي ها!
درياهه سنڌ اُتي هڪ وستي هَئه، جتي هر شي مهانگي هَئه
صرف رحمت سستي هئه، يه مٺڻ ڪوٽ دي وستي هئه.
(بابا فريد)

سومر 13-نومبر 1989ع
مٺڻ ڪوٽ پتڻ تي ٽي چار خفتي گڏيا. گوڏ مٿان قميص ۽ مٿي تي پٽڪا. اٺ ڏهه تازي ۽ بلٽري ڪتا ساڻ ڪري پُل ٽپي الهندي ڪناري تي گهڙي سواءِ لاءِ اچي ترسيا.
“ڀاءُ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟”
“وڃون ٿا سوئرن جي شڪار تي.”
“خير مان؟ ڪچي ۾ سوئر ۾ گهڻا ٿي ويا آهن ڇا؟”
“مڙئي شغل ... !” اڇي ڏاڙهيءَ واري همراهه ڦِڪي مرڪ سان چيو.
“پاڻ ڇا ڪيو ... ٻني ٻارو!؟”
“هائو! زميندار آهيون ... هوڏانهن رياست ۾ ويٺا آهيون.”
“پاڻ ڪير آهيو؟”
“ملاڻا!”
مٺڻ ڪوٽ واري هن پتڻ تان جنهن کي نشتر گهاٽ به چون ٿا روانگيءَ کان اڳ پتڻ تي ڪم ڪندڙ همراهن سوکڙيءَ ۾ ٻه ڪڪڙ ڏنا، “مسافر آهيو رستي ۾ ڪم ايندوَ!” همراهن رات به خدمت ڪئي آهي. ڪنڌيءَ تي چانهه بدران ڪاڙهو پيئڻو ٿي پيو. همراهن ڪٿان کير آندو هو، کير واريون چانهيون پي کين دعائون ڪيون سين. تنبو ۽ سامان ويڙهي پڪ اپ ۾ وڌا ويا. قافلو اڄ سنڌ ۾ داخل ٿيندو. واٽ ۾ عمر ڪوٽ روجهاڻ اچڻا آهن. عمر ڪوٽ ۾ ترسي شهر جي تاريخ وٺڻ جو ارادو آهي. سروي آف پاڪستان جو نقشو هڪ قلعي جي نشاندهي ڪري ٿو پر مقامي ماڻهو چون ٿا، “اتي ڪو به قلعو ناهي ... اسان ٻئي ٽئين ڏينهن پيا وڃون، اسان سڄي ڄمار اتي قلعو نه ڏٺو ... هائو! هڙند وڃو، اتي قلعو بيٺو اٿوَ!”

هڪ ٻيو عمرڪوٽ

هڪ ٻيو عمرڪوٽ

مٺڻ ڪوٽ کان 18- ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ عمرڪوٽ وٽان جيڪڏهن سنڌوءَ جو وهڪرو نه هجي ها ته هيءُ علائقو بيابان جي ڏِک ڏئي ها ۽ ماڻهو هتان جون ڪٿائون ۽ جاگرافيائي حالت ٻڌي ڏسي هيڪر ته منجهي پون ها ته عمر مارئيءَ وارو اصل عمر ڪوٽ ڪهڙو آهي؟ هن وقت عمرڪوٽ جي اولهه کان لنگهندڙ ’قادرا ڪئنال‘ مان ملندڙ پاڻي ۽ سنڌوءَ جي اُٿل جو پاڻي پوکيءَ جا بنيادي ذريعا آهن جنهن ڪري آبادي نظر اچي ٿي. اڪثر ماڻهن جو روزگار ڪچي ۾ مال چارڻ آهي.
شهر ۾ سچ پچ ڪو به ڪوٽ يا قلعو ڪو نه هو. جنهن کان ٿي پڇيوسون سو چوي، ”سائين ڀُليا آهيو ... اسان شهر ۾ رهون ٿا اسان ڪڏهن ڪو نه ڏٺو!“
اسان جهونن ماڻهن سان ملڻ جي فرمائش ڪئي. ٻه جهونا آيا. هڪ ذات جو سانگي هو، سندس سردار مير غلام محمد خان سانگي لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو. پوڙهي ٻڌايو ته سانگي هن تر ۾ ڪافي آهن، کيس سنڌي نه ٿي آئي بس ڳالهه سمجهي ٿي ويو. ٻيو جهونو ان ڪوٽ جو چوڪيدار نڪتو جنهن جي اسان کي تلاش هئي.
“هائو سائين! برابر هتي هڪ ڪوٽ هو پر هاڻي ڪونهي، نشان بيٺا آهن، چئو ته هلي ڏيکاريان!” پوڙهي جي دعويٰ سڄي شهر لاءِ هڪ ’خبر‘ هئي. ڪيئي ماڻهو پنڌ ئي پنڌ قافلي ۾ گڏجي پيا. جهونو هڪ هنڌ بيهي رهيو.
”هڪڙو نشان هيءُ آهي ...“ هن جهرندڙ ۽ جهريل عمارتن جي هڪ پاسي اشارو ڪيو. اُتي هاڻي ڪجهه به ڪو نه هو. ”هيءَ ڪوٽ جي هڪ ڪنڊ آهي. ٻيو نشان هُتي سامهون هُن ديوار جي ڀرسان هو ... هيءُ هندن جي حويليءَ جو ڪوٽ هو سائين! ٽيون نشان سڏ پنڌ تي آهي اتي ڪوٽ جي ديوار جا نشان اڃا تائين آهن ...“
اهو قافلو پوءِ اڌ فرلانگ کن شهر کان ٻاهر نڪري ويو. اُتي سچ پچ هڪ ٺل جا ڦٽل نشان هئا. مٿس وڻ پاڙون ڪري ويا هئا. هن ڪوٽ جي تاريخ ۾ اسان شايد آخري ماڻهو آهيون جن ان جي پڇا ڪئي ۽ ڳولي ڦولي نشان اکين سان ڏٺا. هيءُ ڪچو ڪوٽ هو، جنهن جو هيءُ آخري ٺل به ٻن چئن سالن ۾ ڊهي ويندو. ڪوٽ جا نشان حويليءَ کان وڏا هئا. پڪ سان هن ڪوٽ ۾ شهر جي واليءَ جو سڄو ڪٽنب ۽ شهر جا ٻيا امير رهندا هوندا.
”شهر کي هڪ دروازو هو ... هِن طرف، هُتي برج وٽ چوڪي هئي“
پوڙهي چوڪيدار ٻڌايو، ”اها پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي جو مان هن ڪوٽ جو چوڪيدار هوس ... اڳي هندو هوندا هئا ... هاڻي شهر ۾ هڪ به هندو ناهي.“
“ٻيو هتي ڇاهي؟”
“هيءُ ڪوٽ ... اَمرسنگهه بادشاهه ٺهرايو هو ... عمر مارئيءَ واري ڳالهه به هن شهر جي آهي ... اَمر سنگهه سِکن جو ڏاڏو هو ... اها ڳالهه مون کي سِکن ٻڌائي ... ٻيو ... هتان هڪ ميل جي پنڌ تي هڪ باغ هو جتي اڪبر بادشاهه ڄائو هو ... مان توهان کي اها جاءِ ڏيکاري سگهان ٿو ... هاڻي اُتي ڪجهه به ڪونهي ... اڪبر جو پيءَ همايون بادشاهه هو، جيڪو پوءِ هتان اولهه طرف ايران هليو ويو ...” ٻڍڙي چوڪيدار پنهنجي ڪوٽ جي عظمت بيان ڪندي ٿر واري عمرڪوٽ جون ٻئي تاريخي روايتون هِن عمرڪوٽ سان منسوب ڪري ڇڏيون.
هِن عمرڪوٽ کي ريلوي اسٽيشن به آهي پر ريلوي کاتي کي دير سان احساس ٿيو ته ساڳئي نالي سان هڪ ٻي ريلوي اسٽيشن ٿر پارڪر ضلعي ۾ به آهي. شايد ڪجهه مسافر ٻئي عمرڪوٽ جي غلطيءَ ۾ هن اسٽيشن تي لهي پيا هئا. ان کان پوءِ هِتان واري ريلوي اسٽيشن جو نالو ڦيرائي ’بهرام ڪوٽ‘ رکيو ويو. هاڻي جنهن کي به راڄڻ پور ضلعي واري عمر ڪوٽ وڃڻو هجي ته اهو بهرام ڪوٽ جي ٽڪيٽ وٺي.
اسان روجهاڻ نه بيٺاسون. وقت سان ڊوڙ پڄائي سج لهڻ کان اڳ گڊو بئراج پهچڻو هيو. عمر ڪوٽ کان اڳتي پنجاب بيابان جي ڏک ڏني. ايستائين جو پنجاب جي حد ختم ٿي. پنجاب پوليس تنگ نه ڪيو، شايد ان ڪري ته جيپ تي سنڌ سرڪار جي نمبر پليٽ هئي ۽ پڪ اپ جي هُڊ تي به وڏن اکرن سان ”سنڌ ثقافت کاتو“ لکيل هو.

عمرڪوٽ کان اوڀر ۾ هُن پار پتڻ مُنارو

عمرڪوٽ کان اوڀر ۾ هُن پار پتڻ مُنارو

جيڪڏهن اسان کي ’عمرڪوٽ‘ ڇِڪ نه ڪري ها ته اسان شايد سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري تان سفرڪري رحيم يار خان ۽ صادق آباد کان ٿيندا اوٻاوڙي کان سنڌ ۾ داخل ٿيون ها، جيتوڻيڪ اهو رستو ڊگهو پئي پيو. رحيم يار خان پاڻ بهاولپور ڊويزن جو ضلعي هيڊڪوارٽر آهي. هيءَ سڄي سڃ آهي جنهن ۾ رحيم يار خان ضلعي جو اتر اولهه وارو ميداني پٽ پنجند ڪئنال مان نڪتل واهن سبب سائو آهي. رحيم يار خان ضلعي جو ميداني پٽو اتر کان اولهه ان ڪري آهي جو هن هنڌ سنڌوءَ جو وهڪرو به انهيءَ رخ ۾ آهي. هونئن به سنڌوءَ جي ڪنهن وهڪري جا آثار رحيم يار خان کان اوڀر طرف نه آهن. البت ستلج جي پراڻي وهڪري يا وري هاڪڙي جا لنگهه آهن، هاڪڙو، اپکنڊ جي اها گم ٿيل ندي آهي جنهن کي سرسوتي ۽ واهند به چيو وڃي ٿو.
پاڪستان جا نقشا بهاولپور ڊويزن ۽ خاص ڪري رحيم يار خان جي ڀرپاسي ۾ ڪجهه قديم آثارن جي نشاندهي ڪن ٿا پر اها نصيب جي ڳالهه آهي، جنهن کي ملن! حڪومت جو سروي ڊپارٽمينٽ مقرر مدي کانپوءِ پراڻا نقشا نوان ڪري ٺاهيندو آهي ته جيئن اڳيون غلطيون درست ٿين ۽ نئين ٿيل ڦيرڦار ڪري سگهجي. پر اهي نقشا عام ماڻهن لاءِ ناهن. سرڪار جو خيال آهي ته ان صورت ۾ دشمن ملڪ اهي نقشا هٿ ڪري ويندا. پر هن سيٽلائٽ جي زماني ۾، جڏهن چون ٿا ته فُٽ پاٿ تي لڳل ٽپال جي دٻي جو فوٽو سيٽلائٽ جي ذريعي ڇڪجي ٿو وڃي ته پوءِ اها تسلي ڪيئن ڪجي ته دشمن وٽ پاڪستان جا نقشا نه هوندا! نقشن جي فراهمي نه ٿيڻ اصل ۾ تحقيقي ڪمن ۾ وڏي رنڊڪ آهي. بازار مان ملندڙ عام نقشي ۾ جيڪو سروي آف پاڪستان وارن جو تيار ڪيل آهي، فقط خيرڳڙهه قلعي ۽ ڀاڳلا قلعي جا کنڊر ڏيکاريل آهن پر رحيم يار خان ضلعو قديم آثارن جي معاملي ۾ ايترو غريب ناهي.
رحيم يار خان کان فقط پنج ميل پري هاڻوڪي زيد اسپتال جي پويان کان ويندڙ پڪو رستو اوڏانهن وڃي ٿو جتي پري کان ئي هڪ اوچو برج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو برج 15 فُٽ اوچي دڙي تي بيٺل آهي. چوڏهن چورس فوٽن تي هڪ برج ٻه ماڙ ۽ چوڪنڊو آهي. اوچائي 26 فُٽ اٿس. درياهه جو قديم وهڪرو دڙي جي ڀرسان لنگهي ٿو جيڪو اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ٻوڏن دوران درياهه جو پاڻي کڻي شهر کي بچائي ٿو.
ڊاڪٽر سيد زاهد علي واسطي ’بهاولپور جي سرزمين‘ تي لکندي رحيم يار خان جي تاريخ تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري چوي ٿو ته، ”ميلن تائين، پري جيستائين نگاهه وڃي ٿي، دڙا ئي دڙا آهن، جتي پٿر، ٻيڙيون ۽ ٺڪريون پکڙيل آهن. هڪ اڌ دڙي تي جيڪا ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ قديم شوالي کي ڊاهي ٺاهي وئي هئي، مسجد ٺاهڻ جو مقصد فقط اهو ئي ته جيئن هندن واريون ريتون مسلمان عورتون ادا نه ڪن. هاڻي مسجد ته بيٺي آهي پر ڪو به ماڻهو يا نمازي ڪونهي جيڪو الله جو گهر آباد ڪري. ڳوٺ ۽ شهر ڪجهه ميل پري آهن ...
هن ڦٽل ماڳ جو نالو ’پتن منارا‘ آهي، ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين هتي شِو راتڙيءَ جو ميلو لڳندو هو. انهن ڏينهن ۾ هڪ تلاءُ کير سان ۽ ٻيو پاڻيءَ سان ڀريل هوندو هو. چون ٿا ته جيسلمير ۽ بيڪانير جا راجا ۽ راءَ هن ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ ايندا هئا.“
بهاولپور رياست جو گزيٽيئر 1904ع ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”رحيم يار خان کان پنج ميل ڏکڻ ۾ سنڌوءَ جي قديم وهڪري جي اڀرندي ڪپ تي وسيع کنڊر ’پتن منارا‘ موجود آهي. قديم وقتن جي لازوال تعمير جوفقط هڪ نمونو ڦٽل برج جي صورت ۾ بيٺو آهي. ان ئي قسم جا ٻيا چار پر ننڍا برج هتي موجود هئا، جيڪي يقيناً مڌمت جي دور جون پاڇيون هيون. وچون منارو چوڌاري چئني منارن کان اوچو هو ۽ چئني منارن جا مٿيان حصا وچين برج جي پهرين منزل سان ڳنڍيل هئا. اهي برج 18 صديءَ جي منڍ تائين صحيح سلامت هئا پر پوءِ فضل علي هلاڻيءَ هيءُ علائقو فتح ڪيو ته ان کي به ڊاهي ڇڏيائين ۽ ان جون سرون دين ڳڙهه، صاحب ڳڙهه ۽ ڀاڳله جا قلعا اڏڻ ۾ کپائي ڇڏيائين.“ گزيٽيئر موجب ٻُڌن جي هيءَ عبادت گاهه ٽي ماڙ هئي جنهن جي مٿين منزل ڪڏهن ڪري؟ تنهن جو پتو ناهي پر وچين منزل 1740ع ۾ بهادر شاهه هلاڻيءَ ڊهرائي هئي. هتان لڌل ڪجهه سرن مان ڪنهن تي سنسڪرت ۾ لکيل هڪ تاريخ موجب مندر 300 ق. م. ڌاري ٺهيو.
1870ع ڌاري ڪرنل ’نچن‘ پتڻ منارا وٽ کوٽائي ڪرائي هئي پر چون ٿا ته ان وقت هڪ ڏاڍي عجيب ڳالهه ٿي. کوٽائيءَ دوران زمين مان ڏاڍو ڌپارو پاڻياٺو مادو نڪتو جنهن تي وڏا وڏا ماڪوڙا ويٺل هئا. ان مخلوق جنهن کي به چڪ پاتو اهو اتي جو اتي ڦٿڪي مري ويو، جنهن کان پوءِ کوٽائي بند ڪئي وئي. اندازو آهي ته پتڻ مناري وارو آڳاٽو شهر لڳ ڀڳ هڪ سؤ چورس ميلن تي پکڙيل هو جڏهن ته ڀرپاسي ۾ چئن پنجن ميلن جي دائري ۾ لڀجندڙ اڪثر دڙا هن ئي شهر جا مختلف پاڙا هئا. هن شهر جو اصل نالو ڇا هو؟ ڪو به ٻڌائي نه سگهيو آهي. البت سڪندر اعظم جڏهن پنجاب کان ڏکڻ طرف وڌيو ته هن ٻن درياهن جي ميل وٽان درياهه پار ڪري سوگڙيان جو محل فتح ڪيو. جڏهن ته ڪنگهم جو خيال آهي ته اهو ميلاپ وارو ماڳ هاڪڙي ۽ سنڌو يا وري سنڌو ۽ سندس ڪنهن ٻئي ساٿي درياهه جي ملڻ وارو ماڳ ٿي سگهي ٿو جيڪو صادق آباد ۽ رحيم يار خان جي ويجهو ڪنهن هنڌ هوندو. ٻيو امڪاني ساٿي درياهه ستلج ٿي سگهي ٿو جيڪو ڪنهن وقت ۾ پنجاب جي درياهن سان ملي پنجند ۾ شامل ٿيڻ بدران پنهنجو جدا وهڪرو ٺاهي لڳ ڀڳ هاڪڙي واري وهڪري وٽان ئي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
پتڻ مناري سان همير سومري جون ڪٿائون به جڙيل آهن. هڪ طرف قديم دور جي ڪنهن به سياح يا تاريخ هن شهر جي نالي يا حوالي جو ذڪر نه ڪيو آهي ته ٻئي طرف همير سومري جون ڪٿائون هلنديون ملن ٿيون جيڪو شهر جو آخري حاڪم سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر واسطيءَ موجب هنن سومرن پاڻ کي بلوچن ۾ ضم ڪري ڇڏيو هو ۽ گرجاڻي سڏجڻ لڳا هئا، جيڪي هڙند ۾ آباد آهن.
هيءُ شهر ڪيئن ڦِٽو؟ ان بابت به ڪٿائون ملن ٿيون. هڪ ڪٿا موجب پتن مناري جي هڪ سهڻي ڇوڪري هڪ ڀيرو درياهه تي وئي ته درياهه جو ديوتا مٿس عاشق ٿي پيو. شادي آڇيائينس پر ڇوڪريءَ انڪارڪيو. ڇوڪريءَ مائٽن سان ڳالهه ڪئي ته انهن ڇوڪريءَ کي ڪنهن ٻئي شهر اماڻي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن درياهي ديوتا کي خبر پئي ته مڇرجي پيو ۽ اُٿلي شهر ٻوڙي ڇڏيائين، ڪو به ماڻهو جيئرو نه بچيو (يعني هي شهر درياهي ٻوڏ سبب ڦِٽو).
ٻي ڪٿا هن ريت آهي ته پتن جو راجا همير سومرو هو. ان وقت رحيم يار خان جو نالو ’ڦل وڏا‘ هو. جنهن جو رئيس ’لاکو پُٽ ڦُل‘ هو. لاکي ان وقت چرن سوامي نالي هڪ سنياسيءَ ساڌوءَ کي ڪجهه گهوڙا سوکڙي ڪري موڪليا پر همير سومري جي وزير ’ڍورو‘ پنهنجن ماڻهن هٿان اهي گهوڙا چوري ڪرائي ڇڏيا. ان موقعي تي چرن سواميءَ هڪ پاراتو ڏنو:

”ڍري ڍورا راءُ جيئن چرن مانڪيا
پتڻ پٽيجو ٿيو، سج وٽايو ساهه
همير پورا راڄ، نه ڪندو سومرا.“

سج ته پنهنجو رستو ڪونه مٽايو آهي البت درياهه رستو مٽائي ويو، پتڻ ڦٽي ويو، همير مري ويو ۽ سومرا هڙند ڏانهن لڏي ويا.

ڪشمور

ڪشمور

سومر، 13 نومبر 1989ع
شام ڌاري پنجاب جون حدون ٽپي جيپ سنڌ ۾ داخل ٿي ته سياسي آبهوا ۾ ڦيرو اچي ويو. پهرين نظر ڪشمور جي مکيه چوڪ تي لڳل ڳاڙهن جهنڊن ۾ وچڙي پئي. ڳاڙهن جهنڊن تي ٻه ڪهاڙيون ٻڌائين پيو ته هتي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن جو وڏو اثر آهي. پيپلز پارٽيءَ جي شاگرد تنظيم ۽ ممتاز ڀٽي جي سنڌ نيشنل فرنٽ جا جهنڊا به نظر اچن ٿا پر گهڻائي ڳاڙهن جهنڊن جي آهي. رسول بخش پليجي جي تحريڪ به سرگرم نظر اچي ٿي. اسان کي پنجاب ۽ سرحد جي ڪنهن به شهر ۾ ايڏا جهنڊا ۽ سياسي نعرا نظر نه آيا هئا، جيترا سنڌ ۾ گهڙڻ شرط ڏٺا اٿئون.
اسان ته سنڌ جا ماڻهو آهيون جو هيترو سياسي تحرڪ ڏسڻ جا عادي آهيون، سچ پچ ته جيڪڏهن پنجاب يا سرحد جو ڪو ماڻهو روڊ سان سنڌ ۾ داخل ٿئي ته جيڪر هنيانءُ ڇڄي پويس ۽ اڌ مان موٽي وڃي. پنجاب جي سرائيڪي علائقي ۾ سياسي سجاڳي چڱي خاصي هئي پر سنڌ جي حالت وڏي بيچينيءَ کي ظاهر ڪري ٿي.
قافلو ڪشمور ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ کاٻي پاسي گڊو بئراج ڏانهن مڙيو. ٻيڙيون اڳ ئي پهچي چڪيون هيون. تازيون خبرون پڙهڻ خاطر ڪشمور جي بوڪ اسٽال تان اخبارون خريد ڪرڻ لاءِ جيپ جهلي وئي. پتو پيو ته اخبارون هڪ ڪلاڪ اڳ پهتيون هيون پر اڌ ڪلاڪ اندر کپي ويون. اخبارن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي جو اڌ ڪلاڪ اندر کپي ويون؟
هڪ بدامني ۽ بابري مسجد جو واقعو! ماڻهو پاڻ کي باخبر رکڻ گهرن ٿا ۽ سياسي نوجوان هڪٻئي جي سياسي بيانن کان باخبر رهڻ گهرن ٿا. ان جي باوجود ڪشمور ۾ ايندڙ سنڌي اخبارن جو تعداد اردو جي اخبار ”جنگ“ کان گهٽ هو. شهر ۾ جيترا سياسي ڪارڪن آهن، وڪامجندڙ اخبارن جو تعداد ان جي ڪا پتي به نه هو.

گرنٿ صاحب جو درشن

گرنٿ صاحب جو درشن

قديم عمارتون، مندر ۽ مسجدون پڇائيندا هڪ گوردواري جي در تي اچي پهتاسون ته ڦڙڦوٽ پئجي وئي. “خبردار ... متان گهڙيان آهيو ... پري هٽي وڃو ...!” هيءَ هتان جي هندو ۽ سک برادري هئي. گوردواري جي سامهون چار پنج پوليس وارا بندوقون کڻي ڦري آيا، “ڪير آهيو؟ ڇا ٿا چاهيو؟”
هيءَ ڦڙڦوٽ ان ڪري متي هئي جو هزارين ڪلو ميٽر پري ڪي انتهاپسند هندو، قديم بابري مسجد ڊاهي رام مندر اڏڻ گهرن ٿا. هيءَ هڪٻئي ملڪ جي شهر ۾ انتهاپسنديءَ جو سنڌ ۾ پڙاڏو هو. پاڪستان ۾ انتهاپسندن مندر ٺاهڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، هندو ۽ سک هيسجي ويا هئا، سنڌ سرڪار مندرن کي بچائڻ لاءِ سرڪاري پهرو بيهاريو هو.
اسان پنهنجو تعارف ڪرايو پر اوستائين مسئلو نه نبريو جيسين پنچائت جا چڱا مڙس نه پهتا. چڱن مڙسن اسان جي ڳالهه سمجهي ۽ مندر ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏنائون. مندر جو در ٽپي سوڙهي ۽ ڏيڍي گهٽيءَ مان ٿيندا وڏي هال ۾ پهتاسون. چؤطرف هندو مت جي ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون مڙهائي ٽنگيون ويون هيون. هڪ طرف سکن جو مقدس ڪتاب گرنٿ صاحب وڏي احترام سان رکيو ويو هو. گرنٿ صاحب گرمکيءَ ۾ آهي جنهن ڪري ان جون ٻاڻيون فقط انهن تائين محدود آهن جيڪي گرمکي پڙهي ڄاڻن يا ٻڌي سگهن.
سنڌ جي مزاج اها عجيب ڳالهه آهي جو هتي هندو سک پاڻ ۾ ائين هڪ ٿيل آهن ڄڻڪ اهي جدا ڌرم نه هجن، جڏهن ته هندستان ۾ سک ۽ هندو هڪٻئي جو رت پي رهيا آهن. سنڌ جا هندو سکن جو روايتي لباس ڪو نه پهرين، نه ڪڙا، نه ڪرپال، نه ڏاڙهي، نه مخصوص گيڙو پٽڪو. سڄي سنڌ ۾ ڪي ٿورڙا سک آهن جيڪي روايتي لباس پهرين ٿا. هندو لوڪن گرو نانڪ کي ڀڳوان جو اوتار تسليم ڪيو آهي جڏهن ته سِکن پاڪستان ۾ اقليت هجڻ سبب هندن سان قربت رکي آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته سک مت جي تعليم هندومت جي ڀيٽ ۾ اسلام کي ويجهي آهي. پنچائت جي موڪل سان مندر جي فلم ٺاهي وئي. گرنٿ صاحب کي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪيو ويو ۽ ان پينگهي جو عڪس ورتو ويو جنهن ۾ خاص موقعن تي گرنٿ صاحب کي لوڏيو ويندو آهي. هندو ۽ سک لوڪن ٻڌايو ته سندن برادرين ۾ خوف جي وڏي لهر آهي جنهن ڪري ڪافي هندو هتان لڏي ڪراچي، يورپ يا هندستان وڃڻ جا سانباها پيا ڪن.

سک مت

سک مت

”اي لوڪو! اجاين وهمن ۽ ڀرمن جي چڪر ۾ نه ڦاسو! هن لوڪ ۾ ڏنل جَلُ، اَن، ڪپڙا لٽا ۽ ٻيو سامان پَرَلوڪ واسي وڏڙن کي نٿا ملن پر هن لوڪ ۾ رهندڙ ٻانڀڻن کي ڪم اچن ٿا. ڪن چالاڪ ماڻهن پنهنجي سهولت لاءِ جيڪي ريتون رسمون چالو ڪيون آهن انهن جي ڄار ۾ نه ڦاسو! هر هڪ جِيو کي پنهنجن عملن موجب ڦل ڀوڳڻو پوندو، ان ڦل کي جل اَنجلي (دعا پڙهيل يا مقدس پاڻي) ڏيئي يا ٻانڀڻن کي مٺايون کارائي بدلائي نه ٿو سگهجي. توهان جا وڏا پنهنجن عملن جو ڦل وٺندا، هاڻي توهان به سٺا عمل ڪري پنهنجو مستقبل ٺاهيو ۽ انڌا عقيدا ڇڏيو!“ اها آهي هڪ مختصر تقرير جيڪا گرونانڪ هردوار ۾ ڪئي. سندس تقرير چِٽيءَ طرح انهن رسمن کي رد ڪري ٿي جيڪي پروهت طبقي شروع ڪرايون.
حقيقت به اها آهي ته هندستان ۾ پنڊتن ۽ ٻين پروهتن انسانن کي نپوڙي ڇڏيو هو. 3- جنوري 1977ع واري ڏينهن تي ”انڊين ايڪسپريس“ اخبار ڌرم جي نالي تي ڦرلٽ جا ڇرڪائيندڙ انگ اکر ڏنا آهن. اخبار موجب مدراس جي هڪ مندر ۾ ايڪاديئيءَ جي دوران ويهن ڪلاڪن ۾ مندر کي ساڍا پنج لک رپيا مليا. اندر وڃڻ لاءِ رکيل ٽڪيٽن مان ڏيڍ لک رپيا آمدني ٿي. پوڻا ٽي لک رپيا نذرانو پيو. ڏيڍ لک رپين کان مٿي رقم جو کاڌو خوراڪ مليو. چاليهه هزار ياترين مان ڏهن هزارن مٿو ڪوڙايو. ڪوڙيل وار هڪ ڪارخاني کي وڪيا ويا جنهن ۾ wigs ٺهنديون آهن.
هندومت، جين ۽ ٻڌمت جوڳين ڀڪشوئن، وئراڳين ۽ سنياسين جا لشڪر پيدا ڪري ڇڏيا هئا. انهن طبقن لاءِ پِنِي کائڻ ڌرم هو. گرونانڪ اِن پِن جي مخالفت ڪئي.
”ڪِرت ڪرو، نام جپو اور ونڊ چڪو“ يعني، محنت ڪيو، نام جپيو ۽ ونڊي ورهائي کائو. گروءَ پاڻ به نوڪري ڪئي جنڊ پيٺو، بار کنيا ۽ ڪشالا ڪڍيا.
گرونانڪ جو جنم 15- اپريل 1469ع تي ٿيو. هن دور ۾ هيٺئن طبقي جا هندو طبقا براهمڻ بالادستي ۽ ريتن رسمن جي چيڀٽ ۾ نپوڙجي چڪا هئا، ٻئي طرف مسلمان حاڪمن پنهنجي مرضي ٿي هلائي، ان ڪري ماڻهو ٻِٽي تڪليف ۾ هئا. گرونانڪ جو پرچار سماجي اڻ برابرين خلاف هلچل ثابت ٿيو. سندس مرضي هئي ته ڪنهن ريت سڀ سوچون ”هڪ سچ“ تي متفق ٿين!
”آد سچ، جڳاد سچ، هئه ڀي سچ، نانڪ هو سي ڀي سچ“
گرونانڪ پنهنجي هلچل ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي سگهيو؟ اها جدا ڳالهه آهي البت سندس فلسفو وقت جي گهرج آهر هو. هن وڏي دنيا ۾ سفر ڪيا ۽ پنهنجي فلسفي جو پرچار ڪيو پر سندس پرچار پنجاب کان ٻاهر ان ڪري پکڙجي نه سگهي جو گرنٿ فقط پنجابيءَ ۾ هو.
جيتوڻيڪ گرونانڪ صاحب پاڻ سوچ ويچار ۽ ميٺ محبت وارو فلسفو ڏنو پر اڳتي هلي سک مت جنگي طبيعت اختيار ڪري ويو. اهو ان ڪري نه ٿيو ته ڪو سکن ۾ پرايا علائقا ڦٻائڻ جي نيت پيدا ٿي پر ان ڪري ته هندو مت واري بناوتي اهنسا ۽ طبقاتي سرشتي اڪثريت کي ان قابل نه ڇڏيو هو ته اها پنهنجو دفاع ڪري سگهي. ڏهين نانڪ گرو گوبند سنگهه، سِک فلسفي جي بچاءَ لاءِ سِکن کي نئين رخ تي آڻي بيهاريو ۽ لوڪ رام ڏوڏيجا جي لفظن ۾ کين ”جهرڪيءَ مان شڪاري باز بڻايو“ اهڙي طرح سک بدلجي ويڙهاڪ نسل ٿي پيا.

گرونانڪ

گرونانڪ

گرونانڪ جي پيدائش پنجاب جي ضلعي شيخو پوره ۾ تلونڊي راءُ پوره نالي ڳوٺ ۾ رهندڙ کتري گهراڻي ۾ 15 اپريل 1469ع تي ٿي. سندس پيءُ جو نالو ڪالو راءُ يا ڪلياڻ چند مهتا هو. ماءُ جو نالو ترپتا ۽ ڀيڻ جو نالو نانڪي هو. 18 ورهين جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي. کيس ٻه پٽ ڄاوا. وڏو پٽ سري چند 1494ع ۾ ڄائو ٻيو پٽ لکميچند 1497ع جي فيبروريءَ ۾ ڄائو. گرونانڪ جو ديهانت 1538ع ۾ ٿيو. سندس اگني سنسڪار راوي نديءَ جي ڪناري ڪيو ويو. روايت آهي ته ديهانت کان اڳ گروءَ هڪ گيت گوڙي راڳ ۾ ڳاتو:
”گهوٽ سان ملڻ جو مهورت، سنبت ۽ شڀ ڏينهن
اڳ ۾ ئي لکيل هوندو آهي.
اي سڄڻ هاڻي منهنجي مٿي ۾ تيل وجهو
۽ آسيس ڪيو ته منهنجو صاحب پريتم سان ميلاپ ٿئي.
هر روز گهر ۾ اهي سڏڙا اچن ٿا.
سڏڻ واري صاحب جو سمرڻ ڪيو ته
ملڻ جو سڀاڳو ڏينهن اچي.“

گرونانڪ - هڪ فنڪار

گرونانڪ - هڪ فنڪار

جيڪڏهن گرونانڪ جي شخصيت جو تجزيو ڪجي ته هڪ مهاپرش نظر ايندو. هڪ وڏو سماج سڌارڪ، وڏو سيلاني، وڏو شاعر ۽ وڏو موسيقار. سندس شاعري گرنٿ صاحب جي صورت ۾ موجود آهي. روايتن موجب پاڻ مڪي، مديني، بغداد، ڪروکيشتر، هردوار، دهلي، مٿرا، بنارس، چٽاگانگ، ڍاڪا، ڪلڪتي، جگنناٿ، روهيلا، هنگلاج، سنڌ ۽ لنڪا ويو هو.
گرو نانڪ جي شاعري جدا جدا راڳن ۾ آهي. ڪُل 31- قسمن جا راڳ ۽ سترهن قسمن جا جدا جدا ماترائن جا تال آهن جن کي گرنٿ ۾ ’گهر‘ چيل آهي. نه رڳو ويدڪ شاستريه موسيقيءَ جا پر فارسي، ترڪي، ڪرناٽڪي ۽ بنگالي راڳ به گرنٿ ۾ آهن.

سنڌ ۾ نانڪ پنٿي هندو
نانڪ پنٿي معنيٰ گرو نانڪ جي تعليمات جو پوئلڳ. هيءُ هڪ پُر امن مَتو هو جنهن ۾ ويدانت ۽ تصوف اچي پاڻ ۾ مليا هئا. پر تنگ نظر طبقن سخت گيري پيدا ڪئي ته هڪ وقت اهو به آيو جڏهن گرو گوبند سنگهه طاقت جو رستو اختيار ڪيو. اڳتي هلي رنجيت سنگهه (حڪومت: 1839-1801ع)جهڙو ڪردار سامهون آيو جنهن پاڻ کي ”سِک شاهي“ جو مهاراجا مسلط ڪيو. هن پنهنجي حڪومت جون حدون پشاور کان ڪشمير، ستلج نديءَ کان سنڌ جي سرحدن تائين وڌايون. سندس نيت سنڌ جي ٽالپر راڄ تي به قبضو ڪرڻ جي به هئي پر اتي انگريزن جا مفاد سامهون اچي ويا.
سنڌ ۽ پنجاب جي هندن ۾ نانڪ پنٿ مقبول ٿيندڙ مت هو، ان حد تائين جو برٽش دور ۾ اڪثر هندو فرد پاڻ به فيصلو نه ڪري سگهندا هئا ته هو سِک آهن يا هندو؟ اهو ئي پنٿ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ به هندو ڪٽنبن ۾ مقبوليت ماڻيندو ٿي ويو، گهڻو ممڪن آهي ته رنجيت سنگهه جو سنڌ فتح ڪرڻ وارو خواب پورو ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ جا اڪثر نانڪ پنٿي هندو پوءِ کُليءَ طرح پاڻ کي سِک سڏائين ها! تاريخ اهڙو رخ ته نه ورتو پر اڄ به سنڌ جا اڪثر هندو ڪٽنب نانڪ پنٿي آهن، توهان کي سنڌ جي اڪثر مندرن ۾ هندو ديوين ۽ ديوتائن جي مورتين سان گڏ گرو نانڪ جي تصوير به رکيل نظر ايندي. هي سنڌ ۽ پنجاب جي ندين جي پاڻين جو تاثير آهي يا ٻيو ڪجهه جو هتي هندو ۽ سِک ڄڻڪ هڪ مشترڪ برادري آهي پر هاڻوڪي هندستان ۾ هندو ۽ سِک هڪٻئي جي خلاف سخت رويا رکن ٿا.

گڊو بئراج

گڊو بئراج

گڊو بئراج جي ابتدائي رٿا 1942ع ۾ ٺهي. بند 4445 فُٽ ڊگهو آهي، جنهن ۾ سٺ سٺ فوٽن جا 64 دروازا آهن. 50- فوٽن جو، بوٽ لاڪ اٿس جنهن مان ٻيڙيون لنگهي سگهن ٿيون. هڪ ڪٿ موجب هن بئراج مان نڪتل شاخن ۽ واهن جي ڪل ڊيگهه 2444 ميل آهي.
گڊو بئراج پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو بئراج آهي، جنهن سان 11- ملين هيڪٽر يعني 27- ملين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.
گڊو مزاري هڪ ڌاڙيل هو جيڪو گڊو ويجهو هڪ ڍنڍ ۾ لڪندو هو. ان ڍنڍ تي گڊوءَ جونالو پيو. پوءِ ان ڍنڍ وٽ بئراج پيو ته اهو نالو بئراج تي پئجي ويو.

سنڌ جي گم ٿيل ندي

سنڌ جي گم ٿيل ندي
(سرسوَتي، گهاگهر، هاڪڙو، ريڻي)

هڪ قديم هندو ڏند ڪٿا چوي ٿي ته جمنا نديءَ جي ڪناري هڪ وڏو اجگر يا نانگ رهندو هو. ديوتائن کيس حڪم ڏنو ته هو سمنڊ ۾ هليو وڃي. اجگر کي سمنڊ تائين رستو ڏيڻ لاءِ جمنانديءَ کي هدايت ڪئي وئي ته اها پنهنجي هڪ شاخ ڏکڻ ڏانهن موڙي. جمنا هدايت تي عمل ڪيو ۽ ان رستي کان ٿيندو اجگر سمنڊ ڏانهن هليو ويو. اها شاخ هاڪڙو يا سرسوتي ندي هئي.
جمنا ۾ ڪو اجگر هو يا نه هو؟ پر اها حقيقت آهي ته سرسوتي ندي نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندي سنڌ جي هاڻوڪين حدن ۾ اتر اوڀر ڪنڊ کان داخل ٿي، اڀرندي ناري واري واٽ سان وهندي، ڏکڻ ۾ ڪوري ڪريڪ وٽ ڇوڙ ڪندي هئي. رگ ويد ۾ سرسوتيءَ جو ذڪر جهڙي شان ۽ مان سان ڪيو ويو آهي تنهن مان ظاهر آهي ته اها هڪ ڀرپور ندي هئي جنهن جي ڪنڌيءَ تي موجود وڻڪار ۾ رشي ۽ مُني پنهنجاآشرم جوڙي رهندا هئا. رگ ويد جي گيتن ۾ جتي سپت سنڌوءَ جو ذڪر آيو آهي، انهن ۾ ستن ندين جا نالا ڳڻائيندي سرسوتيءَ کي به شامل ڪيو ويو آهي.پوءِ وارن ڪتابن ۾ سپت سنڌوءَ جو ذڪر ڪندي ندين جا نالا بدلايا ويا آهن. رگ ويد پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته هڪ اهڙو به وقت آيو جڏهن سرسوتي براهمڻ ـ کتري راڄ ۾ سندن آخري سرحد هئي، ان کان پوءِ سندن حدون هوريان هوريان ڏکڻ طرف وڌيون. براهمڻن سرسوتي نديءَ جي زرخيزي واري طاقت ڏسي ان جي ڪنارن تي پنهنجو حق ڄمائڻ لاءِ ان تي گيت لکيا ۽ پوءِ ان کي ديويءَ جي صورت ڏيئي ڇڏيائون. واضح هجي ته براهمڻن گنگا، جمنا، ڪامني، برهمپترا سميت ڪافين ندين کي ديوتا يا ديوي بڻايو پر سنڌوءَ کي اها حيثيت نه ڏني ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جا ڪنارا هڪ دور تائين سندن سياسي بالادستي مڃڻ کان انڪاري رهيا هئا.
هندو ڏندڪٿا ۾ سرسوتي راڳ، علم، عقل، ڀاڳ ۽ ڳالهائڻ جي فن جي ديوي آهي. کيس ندي ديوي ۽ زرخيزيءَ جي ديويءَ جي حيثيت به حاصل آهي. سرسوتي برهما جي زال آهي تنهن ڪري براهمڻن جي ديوي آهي پر اهي حيثيتون کيس رگ ويد ۾ مليل ناهن. جڏهن به سندس مورتي گهڙي ويندي آهي تڏهن کيس هڪ هٿ ۾ ’وينا‘ ساز ڏنو ويندو آهي مورتي پٿر تي ويٺل ڏيکاري ويندي آهي.
سرسوتي ندي پڪ سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، اهڙي شاهدي رگ ويد مان به ملي ٿي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اها جبل کان سمنڊ تائين وهي ٿي. پر مهاڀارت واري زماني ۾ سرسوتي ندي سڪي چڪي هئي. مهاڀارت جي هڪ ڪٿا مطابق هڪ برهمڻ اُتٿيا (Utathya) سوم ديوتا جي ڌيءَ ڀدرا سان شادي ڪئي، جيڪا تمام سهڻي هئي. وروڻ ديوتا، جنهن کي ڀدرا سان عشق هو، کيس اغوا ڪري ويو. هن برهما جي پٽ نارد کي به ٻانهن نه ڏني، جنهن تي ڇڏائڻ جو ڪم رکيو ويو هو. اتٿيا ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو ۽ سڄو سمنڊ پي ويو پر وروڻ ٻانهن نه ڇڏي. ان کانپوءِ اتٿيا وروڻ ڍنڍ سڪائي ڇڏي ۽ سمنڊ خشڪ ٿي ويو. ان کانپوءِ اتٿيا ڀڻڪيو، ”سرسوتي تون ريگستان ۾ گم ٿي وڃ ۽ اها ڌرتي ويران ڪري ڇڏ!“ ائين سرسوتيءَ کي پاراتو مليو ۽ سڪي وئي، جنهن کان پوءِ وروڻ شڪست قبول ڪري ڀدرا کي آزاد ڪيو. زال ملڻ کانپوءِ اتٿيا دنيا ۽ وروڻ کي تڪليف کان آجو ڪيو.
مٿيون ٻئي ڏند ڪٿائون اتر هندستان ۾ ٻن وڏن جاگرافيائي واقعن ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. گهڻو ممڪن آهي ته هڪ زلزلي سبب جمنا مان هڪ شاخ ڦٽي نڪتي هجي ۽ ٻئي زلزلي ۾ اها بند ٿي وئي هجي. پر انهن مان ٻن واقعن جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هزارن سالن جو وقفو آهي، ڇو ته سرسوتيءَ جي ڪنارن تي سنڌو تهذيب ۽ ان کان آڳاٽن وقتن جا ڦِٽل شهر مليا آهن. ڪي ماڳ گنڌارا دور سان تعلق رکندڙ به چيا وڃن ٿا.
24- 1923ع ۾ ٿيل کوٽاين ۽ سنڌو تهذيب جي دريافت کانپوءِ سر مارٽيمر وهيلر (Sir Mortimer Wheeler) خيال ڏيکاريو هو ته هڙپا ۽ مُهين جي دڙي جي وچ ۾ ساڳي تهذيب جا ٻيا آثار ملي سگهن ٿا. اهو علائقو سرسوتي يا هاڪڙو ماٿري ٿي سگهيو ٿي. کوجنا جي نتيجي ۾ هندستاني علائقي ۾ هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تان سنڌو تهذيب جا سؤ کن ماڳ لڌا ويا. 1974 کان 1977ع جي وچ ۾ ڊاڪٽر رفيق مغل فقط بهاولپور ڊويزن ۾ چار سؤ کن کنڊر رڪارڊ تي آندا جن جا دور چار هزار سال قبل مسيح کان ٻه هزار سال قبل مسيح تائين آهن. اهي کنڊر گهڻو ڪري هاڪڙو ماٿريءَ جي ڏهرن (ٿر جي هيٺانهين ماٿرين) ۾ آهن.
هماليه کان سمنڊ تائين لڳ ڀڳ اَٺ سؤ ميل وهندڙ سرسوتيءَ جا نشان به هنڌان هنڌان ڊهي ويا آهن ۽ انهن مٿان وارياسو سمنڊ چڙهي ويو آهي. ٻه صديون اڳ تائين ان نديءَ بابت فقط ڏندڪٿائون موجود هيون پر پوءِ انگريزن جي کوجنائن هن گم ٿيل نديءَ جو گهڻو تڻو لنگهه ڳولي لڌو آهي. اهو لنگهه ڳولهڻ ۾ وڌيڪ مونجهاري جو سبب ستلج ۽ سنڌوءَ جا ڦٽل وهڪرا بڻجي پيا. اتر وارا وهڪرا ستلج سان گڏوچڙ ٿي ويا ۽ هيٺيون ڏاکڻيون پاسو سنڌوءَ جي قديم وهڪري پراڻ سان گڏوچڙ ٿيو. لئمبرڪ صلاح ڏئي ٿو ته سرسوتيءَ جو وهڪرو سمجهڻ لاءِ ان مهم کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ گهرجي، پهريون اتريون ڀاڱو ڏسجي جيڪو مهڙ کان وٺي غوث پور (پنجاب) تائين آهي ۽ ٻيو غوث پور کان وٺي ڇوڙ تائين وارو ڀاڱو نهارجي. اصل ۾ ان ڳالهه جو وڏو امڪان موجود آهي ته اتر ۾ هاڪڙو / سرسوتي ۽ ستلج ڪجهه پنڌ لاءِ گڏجي هليا هجن. جڏهن ته ڏکڻ ۾ پراڻ ڍوري مان هاڪڙي جو لنگهه ٿيو آهي. پُراڻ سنڌوءَ جو هڪ قديم وهڪرو آهي. پر اهو سمجهڻ ته اڀرندو نارو، جيڪو پڻ پُراڻ ۾ پوندو هو، هر دور ۾ سنڌوءَ جي شاخ هئي، درست نه ٿيندو ڇو ته ان مان ستلج ۽ هاڪڙو (سرسوتي) جو پاڻي به لنگهيو آهي.
سرسوتي نديءَ جا ڪيئي نالا آهن جن مان سرسوتي، گهاگهر، هاڪڙو، نارو ۽ ريڻي وڌيڪ مشهور آهن. جتوڻيڪ نديءَ کي خشڪ ٿئي زمانا ٿيا آهن، سندس ٺاهيل وهڪرا اڄ به وڏين ٻوڏن ۾ وهي هلن ٿا. 1973ع ڌاري آيل وڏي ٻوڏ ۾ پنج ند وٽ خانپور شهر ٻڏي ويو هو پر رحيم يار خان بچي ويو، فقط ان ڪري ته اضافي پاڻيءَ هاڪڙي وارو پيٽ ورتو.
شوالڪ جبلن مان نڪرڻ وقت نديءَ جو نالو سرسوتي آهي. ان کان پوءِ ندي انباله، تمانير، ڪروکيتر، ڪرنال ۽ پٽيالا کان ٿيندي اچي ٿي، پوءِ منجهس گهاگهر ندي شامل ٿئي ٿي. هنومان ڳڙهه کانپوءِ درياهه جو نالو گهاگهرآهي. پاڪستان ۾ فورٽ عباس ضلعو بهاول نگر وٽان هيءَ ندي هاڪڙي جي نالي سان داخل ٿئي ٿي. هاڪڙي جي سطح ستلج کان 30 فُٽ مٿي آهي. ندي چولستان مان لنگهندي ضلعي رحيم يار مان ٿيندي صادق آباد کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. هتان ان جا ٻيا نالا ريڻي ۽ نارو ٻڌجن ٿا. هاڪڙي وارو وهڪرو سڪڻ کانپوءِ ساڳيو پاڻي هاڻي هندستان جي اوڀر وارن پاسن ڏانهن لڙي ويو آهي. جڏهن ته هاڪڙي جون مددي نديون وڏين ٻوڏن ۾ به پنهنجو پاڻي وڌ ۾ وڌ بيڪانير تائين پهچائي سگهن ٿيون.
ايڇ- ٽي لئمبرڪ جي ڪتاب ۾ ڏنل نقشي سنڌ (فزيڪل) ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سنڌ جي اتر اوڀر واري ريگستاني حصي ۾ ٽي چار قديم وهڪرا آهن جن کي ان اوڀر کان اولهه طرف ترتيبوار وهندو، ريڻي ۽ نارو ڄاڻايو آهي. وهندي ۽ ريڻيءَ جا پيٽ ان هنڌ اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه آهن. جڏهن ته ناري وارو وهڪرو روهڙي ڪوٽڏجي ٽڪرين جي اوڀر کان سر ڏکڻ رخ ۾ جاري هو. وهندي ۽ ريڻيءَ جا رخ ظاهر ڪن ٿا ته اهي اڳتي ناري سان ڳنڍيل هئا. سانگهڙ وٽ پهچڻ کانپوءِ نارو، ريگستان جي وٽ وٺي اوڀر ڏکڻ کان وهندو ڪلوئي لڳ پراڻ ڍوري سان مليو ٿي.
ايچ- ٽي لئمبرڪ هن هنڌ تي پراڻ ڍوري کي هاڪڙو لکيو آهي جڏهن ته پراڻ ڍورو هاڪڙي ۾ داخل ٿئي ٿو. نقشي ۾ هڪ واهه گنجي ٽڪر جي اوڀر کان ڏکڻ اولهه ۾ هاڪڙي طرف آيل ڏيکاريو ويو آهي اهو گوني واهه هاڻوڪو ڦليلي آهي. ٻيا ڦٽل ڍورا ٺيڪ ان جاءِ تي آهن، جتان هاڻي مٺڙائو، جمڙائو ۽ نصير شاخون لنگهن ٿيون. اهڙيءَ طرح هاڪڙي رحمڪي بازار جي اولهه کان رڻ ڪڇ جي هاڻوڪي ڪوري ڪريڪ وٽ ڇوڙ ٿي ڪيو، جنهن تي ڪوٽ لکپت ۽ ڪوٽيسر اهم بندر آهن.

ستلج جو وهڪرو

ستلج جو وهڪرو

ڌرتي وديا (Geology) جي ماهرن جي هڪ راءِ اها به آهي ته ڪنهن وقت ۾ هماليه مان نڪتل نديون هڪ ٻئي سان ملڻ کان سواءِ پُورـ وِڇوٽيون ٿي ڏکڻ ۾ وهنديون هيون ۽ ريگستان ٽپي احمد آباد، کنڀات ۽ ڪڇ ۾ عظيم ڊيلٽا ٺاهينديون هيون، پر پوءِ ڌرتيءَ جي گردشي ڦيري سبب جيڪو اولهه کان اوڀر آهي، هوريان هوريان نديون اولهه طرف لاڙو رکنديون ويون ۽ هڪٻئي سان ملنديون ويون، نيٺ اچي مٺڻ ڪوٽ وٽ “ ”پنج ند“ ٺاهيائون.
رخ مٽائڻ واري ان مرحلي ۾ ستلج سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ پنجاب جي گڏيل وهڪري ۾ شامل ٿي. ايم. ايڇ. پنهور جي نقشي موجب ستلج جو اوائلي وهڪرو هاڪڙي جي پُورـ وِڇوٽ اولهه ڏکڻ ۾ هو. هو ريڻيءَ کي به ستلج جي پراڻي وهڪري ۾ بيهاري ٿو. اهو وهڪرو روهڙيءَ کان اوڀر ۾ هاڪڙي سان ملي ٿي ويو ۽ ناري واري وهڪري جي صورت ۾ ڪوريءَ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيائين. آخرڪار ستلج اڃا اولهه جو رخ ورتو ۽ پنجند ۾ شامل ٿي. ستلج تيرهين صدي عيسويءَ تائين ناري مان لنگهندي هئي. ان کانپوءِ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لڳي.

سنڌوءَ جا قديم وهڪرا

سنڌوءَ جا قديم وهڪرا

اولهه ۾:
ڊاڪٽر لوئس فليم، جنهن کيرٿر ۽ گاجي شاهه لڳ قديم آثارن جي کوٽاين ۽ کوجنا کي ڪيئي سال ڏنا آهن، جو چوڻ آهي ته ڪنهن وقت سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ يا وڏو وهڪرو اتر سنڌ مان اولهه طرف ڦُٽي الهندي جبلن جي وٽ کان لنگهي ڏکڻ طرف وڌي منڇر ۾ پوندي هئي، جتان لڪيءَ جي اتر وٽان نڪري ڏکڻ اولهه طرف وڌي ٿي وئي. شايد هيءُ اهو ئي وهڪرو هجي جنهن بابت ايڇ. ٽي. لئمبرڪ ’سنڌ جا ميدان ۽ سنڌو نديءَ‘ واري باب ۾ ذڪر ڪيو آهي.
لئمبرڪ 1942ع واري ٻوڏ جو حوالو ڏيئي چوي ٿو ته ٻوڏ وارو پاڻي سکر ۽ شڪارپور جي هيٺاهين واري ايراضين ڏانهن ڪاهي پيو ... پهرين ڏکڻ اولهه ڏانهن ۽ پوءِ ڏکڻ ڏانهن مڙندو ڪي 180- ميل لتاڙي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پيو هو. لئمبرڪ ياد ڏياري ٿو ته سکر بيگاري بند جي اڏاوت کان اڳ به ٻوڏ جو پاڻي اهو رخ وٺندو هو. اهو سنڌ واهه آهي.
اڳين وقتن ۾ شڪارپور کان مٿي ۽ ڪشمور کان هيٺ سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ تان ٿيندڙ اٿل به لڳ ڀڳ ساڳي واٽ وٺندي هئي. اها ٻوڏ جيڪب آباد ضلعي مان اولهه طرف وڌي ٽڪرن جو راؤ کڻي بگي ديري ۽ دوست علي جي وچ ۾ ٻوڏ جي ذڪر ڪيل وهڪري سان ملي ساڳي واٽ وٺندي هئي. اها سنڌ ڍورو سڏجي ٿي. لئمبرڪ سنڌوءَ جي انهيءَ سيلابي لنگهه کي تمام جهونو گهارو سڏي ’الهندو نارو‘ قرار ڏئي ٿو.
’سنڌ مسلمانن جي فتح واري زماني ۾‘ واري باب ۾ لئمبرڪ ٻيهر چوي ٿو ته اروڙ کان مٿي سنڌءَ جو مکيه وهڪرو سکر جي اوتر اولهه طرف ويندڙ هو، شايد پراڻي سنڌ ڍوري ۽ سنڌ واهه جي پيٽ لڳ، پر ساڳئي وقت ان مان هڪڙي ڇاڙ کاٻي هٿ تي ڦٽي، وڃي اروڙ واري وٿيءَ مان وهندي هئي.

گهاڙ

گهاڙ

ڪلهوڙن جي دور ۾ واهه کوٽي زرعي آبادي وڌائي وئي. لئمبرڪ گهاڙ ۽ الهندي ناري جو گڏيل ذڪر ڪندي چوي ٿو ته انهن عظيم واهن تي Spoil Banks نه هئڻ ۽ سندن زبردست ورن وڪڙن مان ئي ظاهر آهي ته اهي پنهنجو پاڻ ٺهيا. اها راءِ هن سنڌ گزيٽيئر ۽ هئگ جي ڪتاب انڊس ڊيلٽا ڪمنٽري تان ورتي آهي. هو چوي ٿو ته انهن جي عمر وڏي آهي جنهن جو اندزو ان جي جاگرافيائي هلت مان هڻي سگهجي ٿو. پٿاوالا قديم آثارن ۽ درياهن جي پراڻن وهڪرن بابت ٺاهيل هڪ نقشي ۾ هڪ وهڪرو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي کان شروع ٿي، باڊهه ۽ مُهين جي دڙي جي وچ مان لنگهي ڏکڻ اولهه ۾ وڌڻ کانپوءِ سر ڏکڻ ۾ هلي منڇر ۾ پوي ٿو. پٿاوالا، ان وهڪري کي الهندو نارو سڏي ٿو ۽ اهو وهڪرو 3000 ق. م. جو ڄاڻائي ٿو.

مهراڻ

مهراڻ

البيروني ڪتاب ’الهند‘ ۾ لکي ٿو ته جڏهن پنجاب واروگڏيل وهڪرو اروڙ ٽپي ٿو تڏهن اهو مهراڻ جي نالي سان سڏجي ٿو ... اڳتي هلي اهو پنهنجي پيٽ اندر ٻيٽ ڇڏيندو وهي ٿو ايستائين جو اهو منصوره پهچي ٿو جيڪو شاخن جي وچ ۾ آهي ۽ پوءِ اهو ٻن شاخن جي ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ... هڪ ڇوڙ لوهاراڻي وٽ ۽ ٻيو سنڌ ساگر وٽ. المسعوديءَ جو چوڻ آهي ته مهراڻ جون ٻئي شاخون شاڪره جي شهر وٽ سمنڊ ۾ مليون ٿي. الادريسي پنهنجي ڪتاب ’نزهت المشتاق‘ ۾ لکي ٿو ته مهراڻ، اروڙ جي اولهه ۾ وهندو هو. لئمبرڪ به ان راءِ سان سهمت نظر اچي ٿو.

وهڪرا ۽ انهن جا زمانا

وهڪرا ۽ انهن جا زمانا

ماڻڪ پٿاوالا جي راءِ موجب سنڌ ۾ بکر کان هيٺ مختلف وهڪرن جا زمان هن ريت ٿي سگهن ٿا.
3000 س‍ؤ سال قبل مسيح ۾
هاڪڙو، جيڪو وڃڻوٺ جي اوڀر ڏکڻ کان سنڌ ۾ داخل ٿي اڀرندي ناري واري واٽ سان ملي ڪوري کاريءَ وٽ سمنڊ ۾ پيو ٿي. ماڻڪ پٿاوالا جي ڏنل نقشي موجب ريڻي به هاڪڙي جو هڪ لنگهه آهي.
ساڳئي دور ۾ بکر وٽان ڦٽل هڪ شاخ جنهن لاڙڪاڻي وٽ اڄوڪي رائيس ڪئنال واري گذرگاهه واري ڀرپاسي کان رستو وٺي منڇر ۾ ڇوڙ ٿي ڪيو. يعني اهو وهڪرو مُهين جي دڙي کان اولهه ۾ اڍاٽ (باڊهه) ۽ ڌامراهه دڙي کان اوڀر۾ لنگهيو ٿي. پٿاوالا ان وهڪري کي الهندو نارو سڏيو آهي.
ساڳئي دور ۾ ٽيون وهڪرو اروڙ کان اولهه ۾ ڪوٽڏجي وارين ٽڪرين کان ٿيندو، ريگستان ڏانهن لاڙو رکندو محمد طور ۽ وَنگو بازار وٽان ٿيندو ڪوري کاريءَ ۾ پيو ٿي.
ٽين صدي قبل مسيح جا يوناني دور
هن دور جو مکيه وهڪرو بکر کان ڏکڻ اولهه ۾ هلي ٿو. ان وهڪري جو سنڌ جي مٿئين اڌ وارو حصو اڳوڻي قديم وهڪري کان وڌ ۾ وڌ پنج ميل اولهه ۾ پُورـ وِڇوٽ آهي، جيڪو هاڻوڪي ڳاڙهي ڀڙي (لڳ ٻانڌي، ضلعو نواب شاهه) کان ٻن ڦاڪن ۾ ورهائجي ٿي ويو. هڪ الهندي شاخ چانهوءَ جي دڙي وٽان ٿيندي ڏکڻ ڏانهن پئي وئي. هن شاخ جو اڳتي سفر کٽل آهي. اڀرندي شاخ پٽالا کان وري ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيل ڏيکاريل آهي، جنهن مان هڪ ڏکڻ ۾ ڪوري ڪريڪ ۾ پوي ٿي. پٿاوالا، ان کي اولهه پراڻ سڏي ٿو. ٻي شاخ ڪينجهر ۽ هاليجي وٽان ٿيندي ڀنڀور وٽان هاڻوڪي ڦِٽي ڪريڪ ڏانهن ٿي وئي. پٿاوالا، پٽاله جو هنڌ حيدرآباد کان اوڀر ڏکڻ ۾ ۽ بدين کان اتر ۾ لڳ ڀڳ ماتلي ۽ ڊگهڙيءَ جي وچ ۾ رکيو آهي. اهو ان ڪري جو هو حيدرآباد کي نيرون ڪوٽ سمجهي ٿو. جڏهن ته لئمبرڪ پٽاله کي هاڻوڪي نواب شاهه جي لڳ ڀڳ ڳولي ٿو.
عربن جو دور 8- صدي عيسوي
پٿاوالا جي نقش موجب اهو وهڪرو لڳ ڀڳ اهو ئي آهي جتي هاڻي روهڙي ڪئنال آهي. اهو وهڪرو برهمڻ آباد کان اولهه ۽ اتر ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي ويو. هڪ شاخ ڏکڻ ۾ نصرپور جي اوڀر کان ٿيندي ڏکڻ اولهه ۾ لڳ ڀڳ ٽنڊي محمد خان ۽ بٺوري کان ٿيندي ٺٽي جي اتر کان گذري ديبل ۽ لاري بندر کان ڏکڻ ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ٻي شاخ برهمڻ آباد جي اتر کان وڪڙ کائي هيٺ ڏکڻ او ڀر رخ وٺي محمد طور وٽ قديم ڍوري سان ملي ٿي. پهرين مکيه شاخ جو ٻيو وهڪرو پنياريءَ وارو هو جيڪو مغل ڀين (جاتي) وٽان لنگهي سير ڪريڪ ۾ ٿي پيو، جيڪا هاڻي سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد آهي.
وچون دور
وچين دور واري وهڪري بابت پٿاوالا جو خيال آهي ته، سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو تڏهن پراڻي هالا جي ڀرسان هو جنهن مان هڪ شاخ ٻڌڪي ٽڪر ۽ جهرڪ جي وچ مان لنگهي ٺٽي جي ڏکڻ کان (شايد پير پٺي وٽان) اولهه ۾ نڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. جڏهن ته ٻي شاخ پراڻي هالا جي اوڀر کان ٿيندي، نصرپور جي اولهه کان ٿيندي، پراڻي بدين جي اوڀر کان لنگهي، ڪوري ڪريڪ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيو.
ارڙهين صدي
پٿاوالا هر دور ۾، وهڪري جا ٻه مکيه لنگهه ڏيکاري ٿو. هڪ لنگهه ته اهو ئي آهي جيڪو اڄ ڏسجي ٿو پر ان جو ڇوڙ ڊيلٽا ۾ ان هنڌ ڏيکاريل آهي جتي اڄڪلهه پَئٽياڻي کاري (Paetiani creek)آهي، ساڳي شاخ جي هڪ ٻي شاخ حيدري ۽ اوچتو کان به اوڀر ۾ ڏيکاريل آهي. انهن ٻن شاخن جي تقسيم پير پٺي کان ڏکڻ ۾ لڳ ڀڳ ڳاڙهي ۽ جنگي سر وٽان ٿيل ڄاڻائجي ٿي. نقشي موجب ساڳئي دور جو ٻيو ڦاٽ ڦليليءَ وارو آهي. جيڪو پراڻي بدين جي اولهه مان ٿيندو رڻ ڪڇ ۾ ٿي پيو.

سنڌوءَ جي لاهِي

سنڌوءَ جي لاهِي

سنڌوءَ ۾ اٿل جو لاڙو ايترو گهڻو ڇو آهي؟ ان سوال جو هڪ جواب اهو آهي ته اصل ۾ ڪالاباغ وٽ سنڌوءَ جي سطح سمنڊ جي سطح کان فقط 700 فُٽ مٿي آهي. جڏهن ته ڪالاباغ کان سمنڊ 950 ميل پري آهي. اهڙيءَ طرح لڳ ڀڳ هڪ ميل جي پنڌ ۾ سنڌوءَ کي فقط 9 انچ لاهي ملي ٿي. جبلن کان تيزيءَ سان لهندڙ سنڌو پنهنجي طاقت سان جابلو وادين مان هيڪاندي لٽ کڻي اچي ٿي پر جڏهن تراکڙا پٽ اچن ٿا تڏهن سندس طاقت گهٽجيو وڃي جنهن ڪري سندس رفتار به گهٽجيو وڃي. واري ۽ لٽ جا تهه درياهه جي پيٽ ۾ دڙا ۽ ٻيٽ ٺاهين ٿا جنهن ڪري درياهه جي وهڪري ۾ اڃا به رنڊڪ پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو درياهه پنهنجي پيٽ ۾ ٺهيل دڙن سان جهيڙي ٿو ۽ نانگ جيان وٽ سٽ کائي واٽ ٺاهي ٿو. ان ويڙهه ۾ ڪنارا کائي ٿو، ڀِڪون ڊاهي ٿو ۽ پاسن کان ننڍيون وڏيون ڍنڍون ۽ دٻا ٺاهي ٿو ۽ پوءِ موقعو ملڻ تي اتان نئون لنگهه ٺاهي نڪري وڃي ٿو. پر اهڙا موقعا کيس ان مهل ملن ٿا جڏهن چؤماسي جو پاڻي سنڌوءَ جي مندائتي وڏي وهڪري سان گڏجي وڏو لشڪر کڻي ڪاهي ٿو اهو سلسلو صدين کان جاري آهي.
سنڌ ۾ درياهه جي لاهيءَ جو مسئلو اڃا گنڀير آهي. گڊو بئراج کان سکر بئرا تائين فاصلو 80 ميل آهي، جنهن وچ ۾ سنڌوءَ جي لاهي فقط 50 فُٽ آهي يعني گڊوءَ وٽ درياهه جي سطح سمنڊ کان فقط 250 فُٽ مٿي آهي، جڏهن ته سکر وٽ درياهه جي سطح لڳ ڀڳ 200 فُٽ آهي. سيوهڻ وٽ اها اوچائي 111 فُٽ آهي جڏهن ته سکر کان سيوهڻ جو فاصلو 120 ميل آهي، يعني 120 ميلن جي پنڌ ۾ درياهه کي فقط 89 فُٽ لاهي ملي.غلام محمد بئراج وٽ سطح 70 فُٽ آهي ۽ سيوهڻ کان پنڌ 60 ميل آهي يعني سٺ ميلن ۾ فقط 40 فُٽ لاهي آهي. غلام محمد بئراج کان ڳاڙهي جو پنڌ 100ميل (160 ڪلوميٽر) آهي ۽ سمنڊ کان اوچائي فقط 11 فُٽ آهي. انهن سؤ ميلن ۾ درياهه کي ڪل لاهي 59- فُٽ آهي جيڪا سنڌوءَ جي سفر ۾ گهٽ ۾ گهٽ آهي. مجموعي طور تي گڊوبئراج کان ڳاڙهي تائين 370 ميلن جي پنڌ ۾ سنڌوءَ کي فقط 250 فُٽ لاهي ملي آهي يعني هر ميل تي فقط 8- انچ. مٿي ڏنل فاصلا ورن وڪڙن موجب نه آهن پر اهي سڌا آهن.

درياهه ۽ زمين جي سطح

درياهه ۽ زمين جي سطح

جيتوڻيڪ درياهه جو مکيه چئنل زمين ۾ اٺ ڏهه فُٽ گهرو رهي ٿو پر اصل ۾ ان جو ترو بندن کان ٻاهرين زمين جي سطح جي برابر آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن درياهه ۾ پاڻي وهي ٿو ته ان وهڪري جي مٿين سطح زمين جي سطح کان 8-10 فُٽ مٿي آهي. جڏهن بند نه هئا تڏهن سنڌوءَ جو پاڻي هيٺانهينءَ ڏانهن لڙي پوندو هو پر هاڻي (سن 1910-1900 کان پوءِ هوريان هوريان) ٻنهي ڪنڌين جي وچ ۾ سُڪ ٿي ويو آهي ڇو ته ٻنهي ڪنڌين تي 20-25 فُٽ اوچا بند ٻڌجي چڪا آهن. ان ڪري ٻوڏن دوران يا عام برساتن ۾ اهو مثال ڪٿي به ڪو نه ٻُڌبو ته ميداني زمين تي جمع ٿيل پاڻي درياهه ۾ نيڪال ٿيندو هجي.
جيڪڏهن درياهه جو بند ڀڃبو به ته درياهه جو پاڻي زمين تي ميدانن ۾ پکڙجندو. صرف جابلو ندين جو پاڻي ئي سنڌوءَ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو اتانهين کان ٽاڪرو لنگهن مان ٿيندو اچي ٿو. جيئن نئه سن يا نئه بارڻ جا وهڪرا آهن.
اسان اهو ته هنڌ هنڌ ڏسندا آيا آهيون ته سست وهڪري سبب درياهه ۾ مٽي جمع ٿي رهي آهي جيڪا وهڪري کي اڃا سست ڪري ٿي پر فطرت جو هڪ پنهنجو نظام به آهي. هر مناسب وقت کان پوءِ درياهه ۾ وڏو پاڻي اچي ٿو جيڪو درياهه جي پيٽ ۾ جمع ٿيل لٽ کي لوڙهي درياهه جو پيٽ هيٺانهون ڪري ڇڏي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو آبپاشي کاتو درياهه جي پيٽ ۾ کاٽي نٿو ڪرائي. آبپاشيءَ جا عملدار فقط درياهه جي وهڪري جو مطالعو ڪن ٿا جڏهن درياهه ڪنهن خاص هنڌ تي پائيندڙ ڪري ٿو تڏهن ان رخ ۾ ڪو بند ٻڌي ٿا ڇڏين.

گڊو بئراج تي حادثو

گڊو بئراج تي حادثو

اربع 15 نومبر 1989ع
صبح جو گڊو بئراج وٽ ٻيڙيون سنهي ٿلهي مرمت کانپوءِ درياهه ۾ لاٿيون ويون پر زبير فاروقيءَ جي اٻهرائيءَ ڌڪ ڏيئي وڌو کيس پنهنجي’مهم جُو‘ هجڻ تي وڏو ناز هو. ان ناز ۽ پاڻ تي ضرورت کان وڌيڪ اعتماد سبب کانئس غلطي ٿي وئي. بس هڪ سيڪنڊ لڳو جو ’نوري‘ ٻيڙي ڪنڌيءَ لڳ ڪنهن لوهي شيءِ سان ٽڪر کاڌو ۽ هڪ ٺڪاءُ ٿيو، ٻيڙيءَ جو اڳيون حصو ڦاٽي پيو هو. فُٽ ڏيڍ جو چير ٿي پيو هو سنهو ٿلهو پنچر ڳنڍڻ هڪ ڳالهه آهي فُٽ ڏيڍ جو برسٽ ڳنڍڻ فوري طور تي ناممڪن هو. ٻيڙي ڦاٽڻ جي معنيٰ اها هئي ته اڌ ٽيم درياهه جي سفر کان محروم رهندي. هر ٻيڙيءَ تي هونهن ئي وڌ ۾ وڌ پنج ماڻهو ويهي ٿي سگهيا. وقت سڀ کان اهم هو. ٽيم جي اڳواڻ ڪليم لاشاريءَ هڪ ٻيڙيءَ رستي سفر جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ڦاٽل ٻيڙي ويڙهي پڪ اپ ۾ رکي وئي.
”توهان جلد کان جلد ٽوڙي (Tori) بنگلي تي پهچي برسٽ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪيو ته جيئن سڀاڻي سفر ڪري سگهجي.“ ڪليم لاشاريءَ شبير کي هدايت ڪئي جنهن جي ذمي ٻيڙين جي مرمت ۽ سار سنڀال هئي. ”اڄوڪي پنڌ ۾ ور وڪڙ گهڻا هوندا تنهن ڪري سفر ڊگهو آهي ... گهٽ کان گهٽ ماڻهو بچيل ٻيڙيءَ تي هجن ... توهان کي ٽوڙي بنگلي تائين رهنمائي لاءِ ڪنڌ ڪوٽ جي اريگيشن آفيس مان ماڻهو ملندو ... اُتي اطلاع ٿيل آهي. لاشاريءَ روانگيءَ کان اڳ آخري هدايتون ڏنيون ۽ زبير کي درياهي سفر ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڪيو.
زبير تي نوجوانن کي خار هئا، ان ڪري لاشاريءَ جو آخري فيصلو کين نه وڻيو. اصل ۾ حادثي کان پوءِ زبير جو منهن لهي ويو هو. اهو ممڪن هو ته غلطيءَ جي احساس هيٺ هُو صفا ڊپريشن ۾ هليو وڃي. کيس ڊپريشن مان ڪڍڻ ضروري ۽ ڪليم جو فيصلو درست هو. جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو هو.

ماڇڪو : سنڌ جي حدن ۾ پنجاب جو ٻيٽ

ماڇڪو : سنڌ جي حدن ۾ پنجاب جو ٻيٽ

ڪشمور کان ڪنڌ ڪوٽ ويندي هڪ ڀيرو وري پنجاب آيو، پنجاب جي پوليس ۽ پنجاب جو قانون. هيءُ ماڇڪو آهي. چئني پاسن کان سنڌو، وچ ۾ پنجاب جون سرحدون. نقشي ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو ته ماڇڪي جي اتر ۾ سنڌ جي سرحدن مان هڪ روڊ ڪشمور کان گڊو وٽان ٿيندو پني عاقل کان ڦرندو روهڙي تائين پهچي ٿو. ٻيو رستو ڪشمور کان ڪنڌ ڪوٽ، غوث پور ۽ شڪارپور وٽان ٿيندو سکر اچي ٿو، يعني ڪنهن به پاسي کان ماڇڪي جو پنجاب سان هڪ انچ جيترو به ڳنڍاپو ناهي.
ماڇڪي ۾ پنجاب جا ست اٺ تپيدار ۽ هڪ اسسٽنٽ مختيارڪار رهي ٿو. ماڇڪو يونين ڪائونسل ضلعي رحيم يار خان سان انتظامي طور ڳنڍيل آهي. ان ۾ هڪ بئنڪ، هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ ٻيلي کاتي جي آفيس به آهي. ماڇڪو پنجاب جي سرحد کان اٽڪل ويهه پنجويهه ميل پري ڏکڻ اولهه ۾ آهي. مقامي آبادي ماڇين تي ٻڌل آهي جن جي ٻولي سرائيڪي گاڏڙ سنڌي آهي. ماڇڪو سنڌ ۾ هوندي به پنجاب جو حصو ڇو آهي؟
آبپاشيءَ جي هڪ ننڍي عملدار چيو، ”اهو درياهه جي ورن وڪڙن، زمينون پائڻ ۽ ڇڏڻ سبب ممڪن آهي.“ پر ڪيئن؟ هو جواب ڏئي نه سگهيو. اهو صحيح آهي ته ماڇڪو درياهه جي ٻنهي ڪپن تي آهي، پر سڄو اتر سنڌ ۾ آهي. ظاهري طور تي هيءُ علائقو سياسي مفادن جي ور چڙهي ويل نظر اچي ٿو. ماڇڪي جا سردار بهاولپور رياست جي نوابن سان لاڳاپي ۾ هئا.
چون ٿا ته ماڇڪو به هڪ رياست هئي. هتان جا ماڇي ڏهرن جا هاري هئا. ڏهرن ۽ مهرن جي جنگ ۾ سردار خان ماڇيءَ ڏهرن جي پاسي کان اڳواڻي ڪئي ۽ جنگ کٽي، جنهن ڪري ڏهر زميندار ماڇڪو کين جاگير ڏيئي ڇڏي. ماڇي سردارن جا لاڳاپا بهاولپور جي نوابن سان هئا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ماڇڪي جو انتظامي لاڳاپو بهاولپور رياست سان ملايو ويو پر ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سردارن جي خواهش تي ماڇڪي کي پنجاب سان ڳنڍيو ويو.

ماڇڪو يا موسيڪانوس

ماڇڪو يا موسيڪانوس
ماڇڪو جي نالي سان قبل مسيح ۾ به هڪ جدا ۽ وڏي رياست جو پڙاڏو اچي ٿو. 326 ق م ۾ جڏهن سڪندر اعظم سنڌ جا علائقا فتح ڪرڻ شروع ڪيا ته تاريخن موسيڪانوس Musicanus جو نالو کنيو. سڪندر جي فتوحات ۾ موسيڪانوس اتر سنڌ ۾ بشمول اروڙ، سبي، گنداوا ۽ بهاولپور جو پنجند جي سرحدن کان ڪجهه هيٺ تائين حاڪم هو. هن هڪ ڀيرو سڪندر هٿان شڪست کاڌي پر جيئن ئي سڪندر موسيڪانوس جي حدن مان ڏکڻ طرف اڳتي نڪري ويو، هن بغات ڪئي. اها بغاوت سڪندر جي هڪ سالار Peithon هٿان چيڀاٽي وئي. موسيڪانوس کان مٿي اتر ۾ اوگزيڊريٽس Oxydrate ۽ ڏکڻ ۾ اوگزيڪانس Oxicanus (لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه، اڇڙو ٿر جو حاڪم) ۽ سامبس Sambus (ڄامشوري کان سڄو کيرٿر ۽ ڪرخ تائين جو حاڪم)، موريس Moeris (ڪڇ، ٿر ۽ ٺٽي جو حاڪم) ، اربيتاءِ (ٿاڻو بولا خان، ڪراچي جو حاڪم) هئا. چئي نه ٿو سگهجي ته اهي نالا حاڪمن جا آهن يا رياستن جا ڇو ته رياستن جا جدا نالا نه ڏنا ويا آهن.
اسان جي سامهون موسيڪانس جو نالو آهي جيڪو تمام سولائي سان سنڌي شڪل ’ماڇڪو‘ ۾ بدلائي سگهجي ٿو. موريس جنهن علائقي جي حاڪم کي نالو ڏنو ويو آهي، ان جو نالو ’مارُو‘ (مال چاريندڙ) لوڪن جي وطن ’مارو اسٿل‘ (ٿر) سان ڀيٽي يا سڃاڻي سگهجي ٿو. ماڇڪو جي جاگرافيائي بيهڪ به ان ئي جاءِ تي آهي جتي سڪندر جي فتوحات ۾ بيان ڪيل آهي. بلڪل ممڪن آهي ته هڪ وڏي رياست گهٽجي گهٽجي فقط هڪ محدود ايراضيءَ تي نالي تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ درياهه جي وهڪرن باقي سڀ ڪجهه وهڪرن ۾ وهائي ڇڏيو آهي.

ڪنڌڪوٽ ۾

ڪنڌڪوٽ ۾

ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ ڪو گهڻو پري ناهي. جلد ئي خشڪيءَ جو قافلو ڪنڌڪوٽ شهر ۾ داخل ٿيو. پريس ڪلب جي عمارت ڏسي اريگيشن آفيس جو پتو ڪرڻ لاءِ لهي پياسين. سنڌ جي صحافي برادريءَ سان ملاقات ٿئي ڏينهن لنگهي ويا هئا، اها سڪ به لاهڻي هئي.
سياري جا ڏينهن هئڻ سبب پريس ڪلب جو چهچٽو اڱڻ ۾ هو، ٻه ٽي ڪرسيون ۽ هڪ ننڍڙي ميز. ميز جي پويان هڪ ڳرو مڙس ويٺل هو. ٻه ٽي همراهه ڀروارين ڪرسين تي ۽ باقي ست اٺ ماڻهو پيرن ڀر بيٺل يا اوڪڙو ويٺل هئا. ڪنهن وڏيري جي اوطاق جـهڙو منظر هو. پوءِ خبر پئي ته ڳرو مڙس صحافي برادريءَ جو چڱو مڙس ۽ پريس ڪلب جو مکيه عهديدار هو. هيءُ راڄ ڪنهن مسئلي جي نبيري لاءِ سندس مدد وٺڻ آيو هو. کين ڪٿي سفارش گهربل هئي. راڄ موڪلائي ويو ته انور حال احوال ڏنا ورتا ۽ اريگيشن آفيس جو پتو ورتو.
”ڪجهه پيئبو؟“ پريس جي عهديدار هٿ ۾ جهليل گلاس ڏانهن ڌيان ڇڪائي پڇيو هو. سندس وات مان بوءِ ٿي آئي،”هتي سڀ ٺيڪ آهي. پاڻ کي ڪا منع ناهي!“ اسان سندس صلاح جو مطلب سمجهيو پر چانهه پي پريس رليز ٺاهي کيس ڏنوسين ۽ سنڌ جي پريس ڪلبن جي ماحول تي تبصرو ڪندا اريگيشن آفيس پهتاسين.
”هائو سائين! توهان جي انتظار ۾ ويٺا آهيون پر ٿورو ترسو! انتظام ٿين ته هلون ٿا ... بس پوليس اچي ته نڪرون ٿا.“ عملدار اسان کي ويهاري ڇڏيو. اسان کي احساس ٿيو ته پاڻ سچ پچ سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جتي پوليس جي حفاظت کان سواءِ ڪنڌڪوٽ کان ٽوڙي بنگلي تائين نٿو وڃي سگهجي.

ٽوڙي بنگلي ۾

ٽوڙي بنگلي ۾

ٽوڙي بنگلي تائين پهچندي پهچندي ٽپهري ٿي وئي. گاڏيون ٻن واهن جا ريگيوليٽر ٽپي گهاٽن وڻن ۾ لڪل شاهي بنگلي تائين پهتيون هيون. هن ٻه ماڙ بنگلي کي ڏسي شهرن جا وڏا سرڪٽ هائوس ياد اچيو وڃن. وڏا ورانڊا، وڏو هال، وڏا ڪمرا، سوئمنگ پول، بورچي خانا، نوڪرن جا ڪوارٽر، ڪيئي ڪيئي ايڪڙن ۾ پکڙيل باغيچو ۽ مڪمل خاموشي.
چئني پاسي ٻيلو، ڪچي جو علائقو ۽ واهه. بنگلي ۾ هڪ لئبرري به هئي، جيڪا هاڻي ڳريل پنن کان سواءِ ڪجهه به ناهي. سڀ ڪتاب پنو پنو ٿي ويا آهن. اهي ڪتاب انگريزي ادب ۽ يورپ جي تاريخ تي هئا. اريگيشن کاتي وارا ريسٽ هائوس ٺاهي ڄاڻن! ٽوڙي بنگلو به هڪ انگريز جي نالي پويان قائم ٿيل ريسٽ هائوس آهي.
ٽوڙي بنگلو 1902ع ۾ ٺهيو آهي. ان جي ڀر ۾ ٺهيل شاندار سوئمنگ پول نوٽ ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. سوئمنگ پول کي ڇت آهي. پاسن کان ٺل، در ۽ دريون اٿس. تلاءَ کي ڀرڻ لاءِ هڪ کوهه کوٽيو ويو هو. تلاءَ ۾ هيٺ هڪ سوراخ رکيو ويو آهي جنهن مان پاڻي ڪڍيو ٿي ويو.
عام طور تي سرڪاري عملدار پنهنجي سک لاءِ شاندار ريسٽ هائوس ٺهرائيندا آهن. جتي ريسٽ ۽ عياشي گهڻي ڪن، ڪم گهٽ. انگريزن جا ٺهرايل ريسٽ هائوس ڏسي ڪنهن به قسم جو ساڙ يا ڪاوڙ نٿي ٿئي. انهن سچ پچ ته اوترو ڪم به ڪيو آهي. انگريز سرڪار سياسي ۽ معاشي فائدا ورتا، سو پنهنجي جاءِ تي پر انگريز سنڌ جي ترقيءَ ۾ وڏا بنيادي ڪم ڪيا آهن. بئراجن جو نظام، ريلوي سرشتو، سائنسي بنيادن تي تحقيق جو ڪم ۽ روڊن جو ڄار! سچ پچ ته هو سنڌ جي ترقيءَ جا بنياد رکي ويا آهن.
ٽوڙي بنگلي تي قافلو پهچڻ کان اڳ، هتي پوليس جو جٿو پهچي پوزيشن سنڀالي چڪو هو. شبير ٻيڙيءَ جي مرمت جي ڪم ۾ جنبي ويو، ٻيا نوجوان سندس مدد لاءِ ويجها ٿيا. اسان کي خبر پئي ته ڪجهه سال اڳ جنهن هنڌان درياهه کنڊ هڻي اولهه وارن شهرن کي ٻوڙڻ جا سانباها ڪيا هئا، اهو ماڳ هتان ميل ڏيڍ تي آهي. اتي نوان حفاظتي بند ٻڌا ويا آهن. اسان اها جاءِ ڏسڻ جي فرمائش ڪئي پر آبپاشي کاتي وارا دل ٻڌي نه سگهيا.
”نه سائين اسان ذميواري نه کڻنداسين ... زمانو ڏسو ٿا پيا ... مهل نه مهل جهڙي ... ملڪ پيو ٻَري ...“
اسان پوليس وارن سان ساڳي ڳالهه ڪئي پر هو به تيار نه ٿيا، ”سائين بهتر آهي ته ان ڳالهه تان لهي وڃو ... خدانخواسته جيڪڏهن ڌاڙيل ڪٿي آمهون سامهون ٿي وڃن ته ... نقصان ٿي سگهي ٿو.“
آبپاشي کاتي جي هڪ عملدار ٻڌايو ته ميل ڏيڍ پري واري ماڳ تي درياهه هاڻي بند کان ڪو ڇهه سؤ فُٽن تي اچي بيٺو آهي. خدانخواسته جيڪڏهن بند ڀڄي پيو ته پوءِ درياهه جو پاڻي جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي کي ٻوڙيندو. خبر ناهي ته ان وقت هن ڪيترو وڌاءُ پئي ڪيو، جڏهن هن اِهو به چيو ته درياهه جي سطح هتي ايتري اوچي آهي جو بند ڀڄڻ کانپوءِ جيڪب آباد جو گهنٽا گهر به ٻڏي ويندو!
سج لهي ويو ته اونداهيءَ ٻيلن کي لڪائي ڇڏيو. ماحول ۾ اهڙي سانت پکڙجي وئي جو خوف ٿيڻ لڳو هو. اونداهي آزاد دنيا کي به محدود ڪري ڇڏيندي آهي پر ٽوڙي بنگلي کان ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڌاڙيلن جا ٽولا ته آزاد هئا جن کي حڪومتون روڪي نه سگهيون آهن.
هڪ سپاهيءَ جي ڊيوٽي بنگلي جي درتي هنئي وئي. ٻاهر نڪرڻ کان منع ٿي ڪيائين. اسان کانئس حال احوال شروع ڪيو.
”هتي ڪهڙا ٽولا سرگرم آهن؟“
”نادر جسڪاڻي ۽ قابل چاچڙ جا ٽولا هئا، هاڻي ته مارجي ويا ... هاڻي وري ڪجهه ساماڻا آهن! ٻيا سهاڳ ڪي ماڇي ... گهڻائي آهن.“
”هيءَ ڪهڙي بندوق اٿئي هٿ ۾؟“
”اسان ته هن کي ڪليشن ايس. ايم. جي (ڪلاشنڪوف سب مشين گن) سڏيندا آهيون.“
”هن جي حالت ايتري خراب ڇو آهي؟“
”بس سائين سرڪاري شيءِ آهي، حفاظت ناهي ...“ سپاهيءَ خبرون چارون ڏيڻ شروع ڪيون، ”چائنا جي آهي ڪٿان جي آهي ... ڏسو نشان ... هن جي مئگزين ۾ ٽيهه گوليون پونديون آهن ... ٻه ٻيون به پونديون هڪ چئمبر ۾ ۽ هڪ ٻي ... هن جي رينج پري ناهي، هي ويجهو جو هٿيار آ ... بس سائين گهيرو ٽوڙي سگهجي ٿو، سوڙهه ۾ شهر ۾ ٺيڪ آهي ... سنگل فائر به ڪري، مرضي پوي ته هڪ ڀيري ۾ سڀ هلايو، رڳو ليور کي هيڏي هوڏي ڪبو آهي ... هي هٿيار ملڪ ۾ گهڻو ٿي ويو آهي ... ماڻهو ڏهين، پندرهين، ويهين هزارين وٺيو اچن ... اڳي مهانگيون هيون ٽيهين پنجٽيهين هزارين پر هاڻي سستيون ٿي ويون آهن ... گولي به سستي آهي ٽن چئن رپين ۾ داڻو ملندو آ ... اسان کي (پوليس کي) گهٽ ملنديون آهن.“
”ڀلا ڌاڙيل ڇو وڌيا آهن ملڪ ۾؟“
”ماڻهو ناجائزيءَ کان تنگ ٿي ڌاڙيل ٿا ٿين ... ڏسو نه سائين وڏيرا ماڻهو ٻَڌائيندا آهن ... پوءِ پوليس به بعضي بعضي ناجائزي ڪري ٿي ماري ڪٽي ... پوءِ ماڻهو سفارشون ڪرايو يا پئسا پائي ڀري جند ڇڏائين ... ٻه ٽي ڀيرا ائين ٿئي ته ماڻهو بيزار ٿيو پون پئسا به کٽيو وڃن ... پوءِ کڻي الله توهر ڪن ...“
”ختم ٿيندا ڌاڙيل؟“
”نه ... ڪو نه ٿيندا.“ سپاهيءَ پڪ سان چيو.
”فوجي آپريشن سان؟“
”اڳي به ڪهڙو فائدو ٿيو؟ توهان ڪڏهن ٻڌو ته ڪنهن فوجيءَ ڪو ڌاڙيل ماريو هجي! ڪڏهن به نه ... وري به پوليس ماري ... پوليس به مئي ... مطلب ته پوليس ئي پئي ڪري ... فوجي ته رڳو ويچارا غريب ڳوٺاڻا ٻڌي پئي ڇان بين ڪندي.” سپاهي امن امان کان بنهه مايوس ٿي لڳو. چئي، “سائين ڀلا ڪيئن ختم ٿيندا ... جن جا ڀائر ۽ گهر ڀاتي مري ويا سي ڪيئن ماٺ ڪندا ... ڪورٽون به سزائون نه ٿيون ڏين ... سڀني کي خبر آ ته خوني ڪو نه جهلبا ... پوءِ ماڻهو پاڻ روپوش ٿي پيا پلئه ڪن، انت ڌاڙيل ٿيو وڃن ... نه سائين! سلسلو ڪو نه ٿو کُٽي ...!“

دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو

دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو

جهامون ڀيو
ٽوڙي بنگلي جي ٻاهرين پاسي ڪافي اوچائي تي هڪ ڪِلي ٺوڪيل آهي. هيتري اوچائي تي اها ڪِلي بي سبب ته نه ٺوڪي وئي هوندي! بنگلي جي چوڪيدار چيو،
”سائين اهو جهامون ڀيي جو قد آهي!“
”ڪير هو جهامون ڀيو!؟“
”انگريزن جي وقت ۾ هن بنگلي تي ڪم ڪندو هو ... گهڻو ڊگهو هو ... انگريزن کيس هتي بيهاري قد جي نشان تي ڀت ۾ اها ڪِلي ٺوڪائي ڇڏي هئي.“
اسان اوچائيءَ جي ماپ ورتي. هاڻوڪي اوچائي 11- فُٽ چار انچ آهي. چوڪيدار ٻڌائي ٿو ته هاڻي زمين تي ٻه فُٽ مٽي ڀري وئي آهي تنهن ڪري اهو قد 13- فُٽ چار انچ ٿيو.
جهامون ڀيو چاليهه سال اڳ مري ويو. انگريزن کي سندس موت جي خبر پئي ته جهامونءَ جي مائٽن وٽ آيا ۽ کين درخواست ڪيائون ته اهي جهامونءَ جو لاش کين ڏين ته جيئن اهي لاش برطانيا موڪلي سگهن. جهامونءَ جي مائٽن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس غوث پور لڳ دين پور قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيائون. اهڙي طرح جهامون ڀيو زندگيءَ ۾ توڙي موت کان پوءِ دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي انسان هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري نه سگهيو ۽ گمناميءَ ۾ هليو ويو.
ماڻهو هڪ واقعو ٻڌائين ٿا. هڪ ڀيرو جهامون ڪنهن موچي ڏانهن ويو. موچي گهر ۾ هو. هن ڀت جي ٻاهران بيهي موچيءَ کي سڏيو، ڊگهو هئڻ سبب هن اڱڻ ۾ ڏٺو پئي. موچيءَ پڇيس، ”ڇا کپئه؟“ جهامونءَ چيو، ”جُتي کپيم“ موچيءَ چيس، ”ته پوءِ گهوڙي تان لهي اَچ!“ تنهن تي جهامون چيو، ”گهوڙي تي ناهيان، پنڌ آهيان.“ اهو ٻڌي موچي جواب ڏنس، ”ته پوءِ مون وٽ تنهنجي لاءِ جُتي ناهي!“
هاڻي جهامون ڀيي جو قد تشبيهه طور استعمال ٿئي ٿو، ڪو گهڻو ڊگهو ماڻهو ڏسن ته چون، ”جهامون ڀيي جو قد کڻي ڪيو اٿس!“

خميس 16- نومبر 1989ع
صبح جا ساڍا ڏهه ٿيا آهن. اسان ٽوڙي بنگلو ڇڏي پتڻ تي بيٺا آهيون. ڪالهه شبير ۽ ٻين نوجوانن رات جو دير تائين محنت ڪري ڦاٽل ٻيڙي جو چير بند ڪيو آهي. صبح جو خشڪيءَ تي هوا ڀري چڪاس ڪئي وئي ته تجربو ڪامياب نظر آيو. ٻيڙين ۾ سامان وڌو پيو وڃي. چؤطرف وڏو ٻيلو پکڙيو پيو آهي، پکي اوچن وڻن تي ٺاهيل آکيرن مان نڪري پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ مصروف ٿي ويا آهن. ٻيلو پکين جي بي شمار مٺڙين ٻولين سان گونجي رهيو آهي. رات اهي ئي پکي خاموش هئا ته سانت کائڻ ٿي آئي ۽ هاڻي ... پکين جون ٻوليون گونجي رهيون آهن ته ڄڻ دنيا مان وحشت گم ٿي وئي آهي.
انور، ڪچي جي ٻن ٻارن کان انٽرويو پيو وٺي، ”نالا ڇا اٿوَ، پاڻ ڪير آهيو؟ نيرن ۾ ڇا کائو ... منجهند ۽ رات جو؟“ هڪ ٻارڙي جي طبيعت شرميلي آهي. ٻيو چالاڪ ٿو لڳي، ”تون ڪير آهين ... هتي ڇو آيو آهيو ... اسان کان سوال ڇو ٿا ڪيو؟“
نوريءَ کي پاڻيءَ ۾ لاٿو ويو. مٿس سامان رکيو ويو ته پنچر اکڙي پيس. وقت ناهي ۽ نه وري نوريءَ جي مرمت جو ڪو امڪان هو. مجبور ٿي نوريءَ کي پاڻيءَ مان ڪڍي ويڙهي سيڙهي ٻيهر ڊاٽسن ۾ وڌو ويو ۽ مورڙو سکر لاءِ اڪيلو روانو ٿيو. چئن همراهن کان سواءِ باقي سڀ خشڪيءَ واري قافلي ۾ شامل ٿي ويا.

ماٿيلو

ماٿيلو

سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ جي، هُن ڀر ماٿيلو آهي، جتي هڪ ڦٽل شهر جا نشان آهن. ماڻهو چون ٿا ته اهو ڪاڪ محل آهي. خبر ناهي ته ڪاڪ محل کي ماٿيلي لڳ ڇو ٿو ڳوليو وڃي. هائو! جيڪڏهن ان ڦٽل ماڳ جو تعلق مومل واري ڪٿا سان آهي ته پوءِ اهو سندس پيءُ راجا نند جو محل يا شهر ٿي سگهي ٿو. سبب؟ پاڻ وٽ ڪا ثابتي نه آهي پر هيءَ عام ڏند ڪٿا آهي ته هي راجا نند جو ڪوٽ آهي.
مومل سان نسبت رکندڙ ٽي ماڳ ٿي سگهن ٿا: هڪ اهو جتي سندس پيءُ جي راڄ ڌاني هئي يعني درياهه جي ڪنڌيءَ تي. ٻيو کنڊر ريگستان ۾ ڪنهن اهڙي هنڌ هئڻ گهرجي جتي تيز رفتار اُٺڻي نه رڳو رات جي پيٽ ۾ راڻي کي امر ڪوٽ کان مومل جي ماڙيءَ تائين نه رڳو پهچائي پر واپس به آڻي سگهي. روايت آهي ته راڻو مينڌرو رات جي پيٽ ۾ امرڪوٽ کان ڪاڪ محل تائين اوٽ موٽ اُٺ تي سفر ڪندو هو. پر اوٺار چون ٿا ته ڪو به اُٺ ڪيڏو به تيز رفتا هجي وڌ ۾ وڌ 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڊوڙي سگهي ٿو ، سو به جلدي ٿڪجي پوندو. البت ڪو اُٺ روزانو وڌ ۾ وڌ 160 ڪلوميٽر پنڌ ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪاڪ محل لڍاڻي جيسلمير وٽ هو ته اهو پنڌ امرڪوٽ کان هڪ طرفو لڳ ڀڳ 130 ڪلوميٽر آهي. صعني ايترو ئي پنڌ جيترو امرڪوٽ کان نگرپارڪر يا ڪاسبو تائين آهي. ڇا ڪو اُٺ ايتري وقت ۾ ايترو پنڌ ڪري سگهي ٿو؟ ڏند ڪٿا ۾ يقيناً مبالغو شامل هوندو آهي.
راڻو مومل وٽ ٻيو نه تڏهن به ڪلاڪ ڏيڍ ته پيار ونڊيندو هوندو! جيڪڏهن وقت ۽ مفاصلو ذهن ۾ رکجي ته مومل جي ماڙي هاڻوڪي ميرپور خاص يا سانگهڙ ضلعي کان پري ٿي نٿي سگهي يا وري ٿي ان کي اوڀر ۾ هاڻوڪي ڀارتي سرحدن لڳ ڳولجي! مومل سان نسبت رکندڙ ٽين ماڙي امرڪوٽ جي ويجهو ئي ٿي سگهي ٿي جتي هوءَ مرداڻي ويس ۾ راڻي مينڌري سان چؤنسر کيڏندي هئي ۽ جتي پاڻ ڏاگهه چڙهي هئي. عمر ڪوٽ جا ماڻهو عمرڪوٽ جي ڀرسان هڪ کنڊر کي مومل سان نسبت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
ماٿيلي جا کنڊر ٻڌائين ٿا ته اهو سومرن جي راڄ جي پڇاڙي يا سمن جي اوائلي ڏينهن ۾ آباد هو، يعني: چوڏهين پندرهين صدي عيسويءَ ۾. تحفته الڪرام موجب مومل گوجر بادشاهن جي اولاد مان هئي. ڊاڪٽر بلوچ راجا نند کي راٺوڙ پريوار مان سڏي ٿو (لوڪ ادب). ائبٽ صاحب جو خيال آهي ته ماٿيلي جو ڪوٽ راءُ گهراڻي 495ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ ٻيا گهراڻا ان تي عمارتون ٺاهيندا ويا، تان جو سن 1395ع ڌاري جڙي راس ٿيو. انهيءَ زماني ۾ راجا نند ڪوٽ تي حاڪم هو.

مومل ۽ ڀينرون

مومل ۽ ڀينرون

تاريخ جا ورق گم آهن. مومل راڻي جي ڪهاڻي همير سومري جي دور جي آهي. همير سومري 1400ع کان 1421ع تائين ڍٽ (ٿر) تي حڪومت ڪئي. گادي امرڪوٽ هئي ۽ ٽي وزير هئس. ڏونر ڀٽي، سنهڙو ڌماچاڻي ۽ راڻو مينڌرو. سومرن جي تاريخ پڙهجي ته سنن ۾ وڏو فرق اچي ٿو. سومرن جو پهريون حاڪم سومرو 1051ع ۾ تخت ڌڻي ٿيو. ان خاندان جو آخري ۽ اڻويهون حاڪم همير سومرو 1431ع ۾ مئو. دودو سومرو، سومرا خاندان جو ٻيون نمبر حاڪم هو. سندس جنگ 1323ع ۾ ماٿيلي لڳ علاءُ الدين خلجيءَ سان ٿي. اهي عجيب تاريخون ناهن. ته ٻيو ڇاهي؟ پهريون حاڪم سن 1051ع ۾ هو ۽ ٻيو 1323ع ۾!
مومل راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ جو هڪ حصو ته لوڪ ڪٿائن ۾ موجود آهي پر ان جا ڪجهه تفصيل اڃا وسريل آهن. مثال طور: اهو ته اتر سنڌ تي راڄ ڪندڙ راجا گجر راجپوت کي نَوَ (9) ڌيئرون هيون. مومل، سومل، ساجان، سوڍي، مرم، مرادان، ڪوڏ، ڪنداهي ۽ مارکي. سومل سڀ کان سياڻي هئي، ۽ مومل سڀ کان سهڻي هئي. باقي سڀ سنڌ، جوڌپور ۽ جيسلمير ۾ پرڻيل هيون. سومل گهڻو ڪري پنهنجي ذاتي محل شجر پور ۾ رهندي هئي ۽ مومل پنهنجي پيءُ سان.
ماٿيلي بابت اهو به چيو وڃي ٿو ته هتي ئي سومرن ۽ خلجين جي وچ ۾ دودي چنيسر واري لڙائي لڳي هئي. اهو ماڳ ماٿيلي کان ڏهه ميل اولهه ڏکڻ طرف هو.
(سنڌ جا پراڻا شهر-مولائي شيدائي)

شڪارپور

شڪارپور

شڪار پور پهچندي پهچندي منجهند جو هڪ وڄي ويو. ڊاٽسن پڪ اپ تي سوار نوجوان سڌو سکر نڪري ويا. اسان جڏهن هتي پهتا آهيون ته هن شهر جي عمر 373 سال آهي. شهر جو بنياد وجهندڙ دائود پوٽو ڪٽنب ماضيءَ جو پڙاڏو بڻجي چڪو آهي. اڄڪلهه سومرا، پٺاڻ. قاضي. ميمڻ ۽ شيخ برادريون پيون ڏسجن. دائود پوٽا به آهن پر ٿورا.
جيپ شهر جي ٽاور لڳ بيٺي. اسان ماڻهن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيو. ماڻهو مڙيا ته اسان کانئن رهنمائي گهري، ”دوستو توهان مان ڪو اسان کي شهر جون ڪي اهي پراڻيون عمارتون ڏيکاريندوجن تي ڪاٺ جي اُڪر جو ڪم ٿيل آهي؟“
”هائو! مان ڏيکاريانوَ! گهڻا پئسا ڏيندؤ؟“ هڪ همراهه ميڙ کي چيري اڳتي آيو. سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾ هيءُ پهريون ماڻهو هو جنهن پئسن تي رهنمائي آڇي هئي. نه ته اسان ڏٺو آهي ته ماڻهو پنهنجي شهر جون عظمتون ڏيکارڻ لاءِ هڙان خرچ ڪندا آهن. شڪر ٿيو سنڌ ۾ ڪو ته اهڙو ماڻهو به مليو جنهن ڪاروباري بنيادن تي ڳالهايو. ڪاروباري مزاج شڪارپور جي نس نس ۾ هئڻ کپي، بهرحال هيءُ اهو شهر آهي جنهن پنهنجي واپاري صلاحيتن سبب دنيا ۾ نالو ڪڍيو.
”ڀائو پاڻ ڪير آهيو؟“ انور کانئس پڇيو. کيس پڪ هئي ته اهو ماڻهو ميمڻ يا شيخ هوندو جيڪي واپاري مزاج رکندا آهن.
”مان سيد آهيان!“ همراهه چيو ۽ سڀني کي ماٺ لڳي وئي. ڪن جي چهري تي هلڪي مرڪ پکڙجي وئي.
”توهان مون سان اچو..مان ٿو توهان کي ڏيکاريان!“ هڪ نوجوان ٻانهن کان جهليو، ”پر ڪاٺيءَ جو گهڻو ڪم هاڻي وڪامجي ويو آهي. ماڻهن در پٽي ڪراچيءَ جي واپارين کي وڪڻي ڇڏيا آهن.“
”چاچا، توهان هيءُ شهر پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڪيئن ڏٺو؟“ انور هڪ جهوني کان پڇيو. ”عاليشان شهر هو ... پوري دنيا ڏسڻ ايندي هئي. دسهڙي جا ميلا لڳندا هئا ... ڏياريءَ جا ميلا لڳندا هئا ... ٻيا ميلا لڳندا هئا ... هفتي هفتي ميلو هوندو هو ... شاهي باغ ۾ لڳندا هئا ميلا ... اڳي هندو هوندا هئا جيڪي شهر کي پيا ٺاهيندا هئا ... وري جڏهن هليا ويا ته اِجهو هينئن ٿي ويو آهي.“
”ڀلا اڃا به هتي ڪاٺ جي ڪم جا ڪي وڏا ڪاريگر آهن؟“
”هائو! بابلاڻي آهن ... استاد نبي بخش بابلاڻي، علي رضا بابلاڻي، غلام رضا، منير حسين بابلاڻي، رحيم بخش بابلاڻي اڄ جا سٺا ڪاريگر آهن.“ جهوني نالا ڳڻايا.
شڪارپور وڏي ڳالهه هئي. سڄو شهر روز ڌوپندو هو. ميونسپل ڪميٽي چڱي شاهوڪار هئي. ڪنهن وقت ۾ شهر لاءِ ٽراموي منظور ٿي هئي. ان جا نقشا اڄ به دفتر ۾ موجود آهن. شهر ۾ سِڪا ٺاهڻ جون مشينون هيون. اسان هڪ گهٽي مان لنگهندي هڪ عمارت تي پڙهون ٿا، ”دي سينٽرل بينڪ آف انڊيا لميٽڊ“ هتي هاڻي پرائمري گرلز اسڪول آهي.
شهر جي ڍڪ بازار اڌ ميل ڊگهي آهي. هڪ ٻي بازار جو نالو سنڌ بازار هو، جنهن کي هاڻي شاهه لطيف بازار سڏين ٿا. اها به تمام ڊگهي بازار ليکي ويندي هئي. جو ماڻهو شاعراڻو مبالغو ڪري چون ٿا ته، ”ايڏي ڊگهي هئي جو سنڌ جي ٻين شهرن سان وڃي ملندي هئي.“ ان ئي بازار ۾ هندن جون گئوشالائون به هونديون هيون. شهر جي وڏن مندرن مان هڪ جو نالو، ”پُوڄ اداسين شري سماڌا آشرم“ آهي. ڀائين اسان کي مندر ڏسڻ جي موڪل نه ڏني. سبب اهوئي بابري مسجد ۽ رام مندر وارو هوندو. لڳي ٿو ته بابري مسجد ڪجهه سالن اندر وڏو تڪراري مسئلو بڻجي ويندو، خدا خير ڪري!
چون ٿا ته برطانيا جي راڻيءَ شڪارپور اچڻ جو پروگرام ٺاهيو ته هتي وڏو باغ ٺاهيو ويو. شاهي خاندان سان نسبت ڪري مٿس نالو شاهي باغ پئجي ويو. اڄڪلهه هن باغ کي شهيد الله بخش ميونسپل شاهي باغ ٿا چون. باغ جي مرڪزي اڏاوت شروع ۾ ڪاٺ جي هئي پر پوءِ ان جي مرمت دوران ان جي ڇت بدلائي لوهي چادر جي ڪئي اٿائون. شاهي باغ جي اڏاوت لاءِ پيڙهه جو پٿر 24- مئي 1871 ع تي رکيو ويو جڏهن ته عمارت سيپٽمبر 1871ع ۾ مڪمل ڪئي وئي هئي. هن ئي ماڳ تي نواب ولي محمد لغاريءَ 1828ع ۾ ٽالپرن جي پاران لشڪر ڪشيءَ مهل پنهنجو لشڪر لاٿو هو ۽ بنا مقابلي شڪارپور فتح ڪيو هو. افغان حاڪم هن علائقي تان گرفت وڃائي ويٺا هئا انڪري افغان ڪارندو قلعي جي اٺن ئي دروازن جون ڄاٻيون نواب ولي محمد جي حوالي ڪري خاموشيءَ سان هليو ويو هو.
ڪشمور کان 110 ڪلوميٽر هيٺ شڪارپور آهي جنهن جا پڙاڏا ديره جات کان ٻڌندا پيا اچون. بولان لڪ کان سنڌوءَ ڏانهن ايندڙ واٽ تي 1617ع ۾ وجود ورتو، شهر جو باني بهادر خان دائودپوٽو هو. کيس هيءُ علائقو مغل شهنشاهه جاگير طور ڏنو هو. دائودپوٽن اٽڪل 130 سال علائقي تي حڪومت ڪئي. ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي وقت ۾ شڪارپور تي سڌو حملو ڪيو هو پر سندس پٽ ميان نور محمد سياست کيڏي 1745ع ۾ نادر شاهه جي ڪارندي مرزا عسڪريءَ جي هٿان شڪارپور تي خوني حملو ڪرايو. افغانين جي حملي کان پوءِ دائودپوٽا شڪارپور ڇڏي بهاولپور هليا ويا ... چون ٿا ته شڪاپور تي اهو حملو هيانءُ ڏاريندڙ هو، ڇتي ويڙهه ٿي جنهن ۾ دائودپوٽا بي جگريءَ سان وڙهيا. مردن پنهنجن هٿن سان پنهنجون عورتون ڪُٺيون ۽ زيورن سان جهنجهيل لاش هڪ کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيا. هي کوهه لکي در جي ويجهو هو. ان پاڙي کي هاڻي ماهو چون ٿا. ’ماهو‘ معنيٰ قتل، يا جنگ. ’ماهو پوڻ‘ معنيٰ قتلام ٿيڻ.
ان کان پوءِ شڪارپور، بکر جي انتظام هيٺ آيو جتي ان وقت مغل حڪومت جا گورنر ويهندا هئا. انهن کان پوءِ ايرانين ۽ پٺاڻن 1743ع کان 1824 ع تائين حڪومت ڪئي.1843 ع تائين ٽالپرن جو دور رهيو، جنهن کان پوءِ انگريزن جي صاحبي شروع ٿي.
انگريزن جي فتح وقت شڪارپور جا گهر ۽ جايون ٻه ماڙ هيون جيڪي ڪچين سرن ۽ گاري سان ٺاهيون ٿي ويون. اهي جايون لڳ ڀڳ اهڙيون هونديون جهڙيون اڃا به سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ ڏسجن ٿيون. جڏهن انگريزن شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت ڏني تڏهن شڪار پور کي عروج مليو. ان وقت سنڌ ۾ فقط ٽي ضلعا هئا. شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي. هندن جي واپار شهر کي افغانستان، ايران، پنجاب ۽ سامونڊي شهرن سان ڳنڍي ڇڏيو. هُنڊي سرشتو هتان جي واپارين جو ڏنل آهي. سندن هنڊي افغانستان، ايران، وچ ايشيا، روس ۽ عربستان تائين هلندي هئي. اڄ به شڪاپور جا ميمڻ، شيخ ۽ هندو گهڻو ڪري واپاري آهن. شهرن ۾ عام ماڻهو نوڪري پيشو آهن باقي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هاري ۽ ڀاڳيا آهن ... ڊگها پهراڻ يا قميصون جهولدار سٿڻيون ۽ وڏا پٽڪا. هاڻي زمانو بدلجندو پيو وڃي، وڏيون سٿڻيون گهٽبيون وڃن ۽ پٽڪي جي جاءِ تي سنڌي ٽوپي ايندي پئي وڃي. شڪارپور کي 1977ع ۾ ٻيهر ضلعي جي حيثيت ملي آهي.

راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شڪارپور جي داني پُرشن ۽ سخي مردن خير جا خوب ڪم ڪيا، خاص ڪري اسپتالون ۽ اسڪول ٺهرايائون. شهر ۾ هڪ اسپتال اسٽيشن روڊ تي واقع آهي: ”راءُ بهادر اوڌو داس تاراچند اسپتال“ هيءَ شڪارپور جي پنچائت ، ميونسپالٽي ۽ شهرين کان چندو وٺي ٺاهي وئي. هونئن ته سڄي پنچائت سرگرم هئي پر ان جو روح روان هو اوڌو داس تاراچند ڇاٻڙيا جيڪو 1870ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 1942ع ۾ بمبئيءَ جي هڪ اسپتال ۾ ساهه ڏنائين. سندس آخري رسمون غالباً شڪارپور ۾ ادا ڪيون ويون.
شڪار پور ۾ هڪ سٺي مرڪزي اسپتال قائم ڪرائڻ سندس زندگيءَ جي مهم بڻجي ويو. ذاتي ڊوڙ ڊڪ سان هڪ لک رپيو چندو جمع ڪيائين. پنچائت جي ٻين فردن گڏجي ايترو چندو جمع ڪيو. خود ميونسپالٽيءَ پنجويهه هزار رپيا چندو ڏنو جنهن مان ٽيويهه هزار رپيا سرهندي پيرن کان هڪ پلاٽ جي خريداريءَ ۾ ڏنا ويا. اسپتال جوڙڻ لاءِ ڪنهن هڙان ڏنو ۽ ڪنهن ورتو! جذبي جي ڳالهه آهي.
اسپتال جا بنياد 1932 ۾ ايڇ ٽي سورلي رکيا ۽ افتتاح بمبيءَ جي گورنر لارڊ برابون (Lord Brabourne) ڪيو. سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر دل تي اثر ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اوڌو داس تاراچند پنهنجو نالو اسپتال جي پيشانيءَ تي نه لکايو پر اسپتال جي ڏاڪڻين تي جڏهن چار ڏاڪا چڙهي پنجين تي پير رکبا ته سندس نالو فرش تي لکيل ملندو ته جيئن هر امير غريب، هندو مسلمان، ساڌو سنت جو پير ان تي پوي! هيءَ نماڻائي ۽ محبت جي حد هئي. ان جي موٽ ۾ انگريزن کيس راءُ بهادر جو لقب ڏنو ۽ مقامي منچائت سندس ديهانت کان پوءِ سندس قد آدم مجسمو گهڙائي اسپتال جي باغ ۾ هڪ چبوتري تي رکايو. پر جڏهن پاڪستان ٺهيو، مسجد منزل گاهه جو واقعو ٿيو ۽ ڪن ماڻهن ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن هن مجسمي تي ڪپڙو وجهي ڍڪيو ويو ۽ پوءِ لاهي ميونسپالٽيءَ جي گودام ۾ رکيو ويو. (هاڻي، هيءَ مورتي سنڌالاجي ڄامشوري ۾ رکيل آهي).
هونئن ته شڪارپور جون تاريخ ۾ گهڻيون سڃاڻپون ملي سگهنديون پر هتان جي ماڻهن کي آچار ٺاهڻ جو ڏانءُ آهي. سڄي سنڌ ۾ ڪنهن کان به پڇبو ته آچار ڪٿان جو؟ چوندا شڪارپور جو. مٺايون به سٺيون ٺاهين. اڄڪلهه ته پلاسٽڪ ۽ شيشي جي برنين ۾ اهو آچار سڄي سنڌ ۾ وڪامجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو شڪارپوري لهجو ته شايد مِٺي ۾ مِٺو لهجو آهي، ’مَنَ‘ چوڻ کان سواءِ ڪنهن سان ڳالهائين ئي ڪو نه.
اپکنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ شهر کي وڏو ڌڪ لڳو، چڱا خاصا هندو واپاري ۽ علمي ماڻهو هندستان لڏي ويا. هندن جي وقت ۾ شهر کي وڏي رونق رهي ڇاڪاڻ ته هندن سيٺين وٽ وڏي دولت هئي ۽ اهي دل کولي جايون ٺهرائيندا هئا. شڪارپور جون جهرندڙ پراڻيون جايون ڏسي ائين لڳندو، ڄڻ نيپال جي ڪنهن قديم شهر جون جايون هجن. جيڪڏهن شڪارپور وارا ڪاٺ گهڙيندڙ اُستاد پنهنجي ڪرت جاري رکندا هجن ها ته شهر ۾ ڪاٺ جو ايترو ئي سهڻو ۽ گهڻو ڪم ڏسجي ها جيترو نيپالي شهرن کٽمنڊو ۽ ڀڳتاپور جي گهٽين ۽ بازارن ۾ ڏسجي ٿو. ڪاش! سنڌ سرڪار اهو فن ٻيهر جيئارڻ جو ڪو جتن ڪري!
شڪارپور جون قديم گهٽيون گهمندي وک وک تي ’آهه‘ ۽ ’واهه‘ چوڻو ٿو پوي. ’واهه‘ ان ڪري جو هنڌ هنڌ تي عاليشان عمارتون بيٺيون آهن جيڪي مسترين، استادن ۽ مزورن ايڏي محنت ۽ صفائيءَ سان ٺاهيون آهن جيئن ڪي ماهر بت تراش گڏجي شاهڪار گهڙي ويا هجن! اهو انهن مسترين جو ئي ڪمال آهي جو انهن انگڙ ونگڙ، آڏين ابتين گهٽين ۾ ڦِڏن پلاٽن تي ٻه ٻه ٽي ٽي ماڙ عمارتن کي ايڏي سونهن ڏني آهي جو انهن شاهڪارن تان اکيون هٽائي نٿيون سگهجن. هر هڪ جاءِ ۾ عمده تراشيل پٿر، لاجواب گهڙيل ڪاٺ ۽ رنگين شيشا ڏسي زبان مان بي اختيار ’واهه‘ نڪريو وڃي. پر جڏهن انهن جي جهريل حالت ڏسجي ٿي اندر مان سڏڪو نڪريو وڃي. ٺاهڻ وارا عمارتون ٺاهي ويا آهن پر انهن ۾ رهندڙ انهن جي سنڀال به نٿا ڪري سگهن. شايد انهن کي ٽڪي جيترو به احساس ناهي ته هو انهن جاين ۾ ويٺا آهن جن کي ٺاهيندڙن رڳو جاءِ سمجهي نه پر فن جو نمونو سمجهي، پيار جي پورهئي سان ٺاهي راس ڪيو هو. سندن بي حسي ۽ بي وسيءَ جو هڪ ٻيو سبب به آهي.
شڪارپور بنيادي طرح واپاري طبقي جو شهر هو. واپار! سو به ڏيساور سان. 1947 کان پوءِ جن ’مهاجرن‘ کي ڪليمن ۾ جايون مليون، اهي واپاري نه هئا، نه وري هنن وٽ ڪي پيداواري وسيلا هئا. وٽن پاڻ کي سهارو ڏيڻ جو اسباب هو ته جايون ڪٿان سنڀالين؟ نيٺ هنن جايون وڪڻي ڪراچي ۽ ٻين شهرن جو رخ ڪيو ۽ شڪاپور جي سونهن ”اينٽيڪ“ جي واپارين جا جاوا ڪرائي ڇڏيا.
هڪ گهٽيءَ ۾ اسان جا پير زمين جهلي ورتا، جيڏانهن نگاهه کڄي ٿي ڪاٺ تي اُڪر آڏو آهي. هڪ محراب دار دروازي جي مٿئين حصي ۾ ديومالائي ڪردار نانگ تي ليٽيل آهي. سندس ڀر ۾ هڪ عورت آهي. نانگ جا پنج منهن ۽ هڪ گڏيل ڦڻ آهي. نانگ ڦڻ ڇٽيءَ وانگر ديومالائي ڪردار تي ڇانوَ ڪري بيٺي آهي. ’نانگ بستري‘ جي سيراندي ۽ پيرانديءَ کان هڪ هڪ چوٽيدار پکي آسمان ڏانهن منهن ڪري تنواري ٿو. ديومالائي ڪردار جي مٿي تي ڇٽ آهي. محراب واري ڪنڊ ۾ ڪنول گل تي هڪ ديوتا جي ننڍڙي مورتي آهي جنهن جي خدمت ۾ هڪ اڏامندڙ ماڻهو اچي پهتو آهي. اڏامندڙ ماڻهوءَ کي سهڻا پر آهن. ٿورڙو غور سان ڏسبو ته نانگ تي ستل ڪردار جي دُن مان ان ڪنول گل جي ڏانڊي نڪرندي نظر ايندي جنهن تي هڪ ديوتا ويٺل آهي. اها تصوير ڪائنات جي تخليق بابت هڪ مرحلي جو هندو تصور آهي. جنهن موجب وشنو ڀڳوان جيڪو وڏي سمنڊ ۾ ’نانگ بستري‘ تي رهي ٿو، ڪائنات جي تخليق لاءِ پنهنجي دُن مان ڪنول گل ڄَڻي ٿو، جنهن جي ڏانڊي مٿي کڄندي وئي ۽ پوءِ ڪنول مان ’برهما‘ ڄائو. برهما هندو ڏندڪٿا ۾ تخليق جو ديوتا آهي.
هڪ ٻئي دروازي جي گول محراب ۾ ٽي ماڻهو اڪريل آهن: گرو نانڪ، مردانو ۽ ٻالو. وچون ماڻهو گرونانڪ صاحب آهي. سندس هڪ هٿ ۾ مالها آهي، ٻيو هٿ زمين تي رکيل اٿس. پاڻ غاليچي تي ويٺو آهي، جنهن تي وڏو ويهاڻو به رکيل آهي. سندس ساڄي پاسي ويٺل شخص ’مردانو‘ آهي جيڪو ساز تي ڳائي رهيو آهي جڏهن ته ٽيون ماڻهو ’ٻالو‘ (گرونانڪ جي کاٻي پاسي) گروءَ جي شيوا ۾ کيس مورڇل سان هوا پيو هڻي. پس منظر ۾ ڏنل ديوار ۽ ديوار جي پويان هڪ وڻ گهڙيل آهي.
در مان اک ڪڍجي ٿي ته سامهون هڪ وڏي عمارت ۾ اکيون وچڙن ٿيون. جنهن جي مٿئين حصي ۾ ڪاٺ جو ڳتيل ڪم ٿيل آهي. ڪاٺ جي گئلرين کي سهارو ڏيڻ لاءِ آڏيون ٽيڪون (brackets) دل موهي وجهن ٿيون. اهي ٽيڪون گهڙي، مور ٺاهيا ويا آهن. نيسارا شينهن جي وات جهڙا ٺاهيا ويا آهن. جتي جتي ممڪن ٿيو آهي، اتي ڪاٺ گهڙي ڪا نه ڪا شڪل گهڙي وئي آهي: لڌڙا، هنج، مَڪرا، مور، ٻگهه ۽ ٻيا کوڙ ديومالائي جانور ۽ پکي.
تباهه ٿيندڙ شاهڪار ڏسي اسان ٿڪل قدمن سان ڍڪيل بازار ۾ اچون ٿا جيڪا هاڻي پراڻي شهر وانگر زبون آهي. سنڌ ۾ ڍڪيل بازارن جو رواج ان ڪري رهيو آهي جو سنڌ ۾ سخت گرمي پوي ٿي اهو ئي سلسلو وچ ايشيا تائين پکڙيل آهي. اُس ۽ گرميءَ کان مسافر ۽ خريدارن کي بچائڻ لاءِ بازارون ڍڪڻ ضروري هو. بازار جي ڇت به هنڌان هنڌان ڊهي چڪي آهي. خبر ناهي ته مقامي بلديه قديم عمارتن ۽ نشانن جي بچاءَ ۾ ڪيتري سرگرمي وٺي سگهي ٿي! سچ اهو آهي ته ڊهندڙ عمارتن کي بچائڻ خاطر مقامي شهري انتظاميه لاءِ ڪو نه ڪو قدم کڻڻ ضروري ٿي پيو آهي.
ڪو وقت هو جڏهن شڪارپور قلعي بند شهر هو. نواب بهادر خان دائود پوٽي شڪارپور جي آباديءَ جي بچاءَ لاءِ شهر جي چؤگرد ڪچو قلعو تعمير ڪرايو هو ۽ ان جي چوڌاري خندق کوٽائي ڇڏي هئي. قلعي کي اَٺ دروازا ۽ هڪ دري هئي: لکي در، هاٿي در، خانپور در، سِوي در، واڳڻو در، ڪرن در، نوشهرو در، ۽ هزاري در. دريءَ جو نالو ’صديق ماڙي‘ هو. قلعي جي ديوار گهيري ۾ 3800 وال هئي يعني 11400 فٽ. هيءَ ماپ مڪليءَ جي ڪلان ڪوٽ کان به ڪجهه وڏي آهي. هاڻي ته هن ڪوٽ جي دروازن جا رڳو نالا ئي وڃي بچيا آهن. هن وقت شهر ۾ ٻه چار قديم عمارتون بيٺيون آهن، جيڪي انگريزن جوڙايون. پر جيڪڏهن شڪارپور جي هن وقت ڪا سڃاڻپ آهي ته اها شاهي باغ سان آهي، جنهن جي وچ ۾ يورپي طرز جي تفريحي عمارت بيٺي آهي، ٻي آهي ڍَڪ بازار. شڪارپور جو ڊهندڙ ميسارجندڙ ماضي ڏسي انور پيرزادي کي ڀٽائيءَ جو بيت ياد اچي ويو،

”ويا سي وينجهار هيرو لال ونڌين جي
تنين سندا پويان سيهي لهن نه سار
ڪُٽين ڪٽ لوهار، هاڻي انهيءَ ڀيڻئين.“

عجيب اطلاع

عجيب اطلاع

هيروڊٽس ۽ ٽٽيسِيئس (Ctesias) لکيو هو ته، سنڌ ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ تي ماڻهن جو هڪ اهڙو نسل رهي ٿو جن جا پير ايترا وڏا ۽ ويڪرا هئا جو اُهي ڇانوَ ڪري ٿي سگهيا. يونانين کي سنڌوءَ بابت عجيب غريب اطلاع مليا هئا، جن بابت هنن کي يقين نه ٿي آيو. هنن لاءِ ته اهو اطلاع به عجيب هو ته سنڌوءَ جو پيٽ ڪيئي ڪيئي ميل ويڪرو آهي. هنن کي اعتبار تڏهن آيو جڏهن هنن پنهنجن اکين سان ڏٺو. هيروڊٽس کي هڪ عجيب اطلاع اهو به مليو هو ته ڪاسپاتورس سرحدن ۾ هڪ قبيلو ريگستان ۾ رهندڙ ڪِولين جي مدد سان سون هٿ ڪري ٿو. ڪِولين جو قد لومڙ کان وڏو ۽ ڪتي کان ننڍو آهي. يونانين کي هڪ اهڙي جِيت يا ڪينئين بابت به اطلاع هو جيڪو درياهه جي گپ مان نڪري اٺ ۽ ڏاند کائي ٿي ويو.
سنڌوءَ جي ڪناري تي وڏن پيرن وارا ماڻهو ڪٿي هئا؟ اهو نٿو چئي سگهجي، البت ان ڏندڪٿا کي حقيقت سمجهڻ ۾ هٻڪ محسوس نٿي ٿئي. اڄ به شڪارپور ۽ سکر جي وچ ۾ چڪ ۽ رستم نالي شهرن جي ڀر ۾ هڪ سنڌي قبيلو رهي ٿو جن جا هٿ ۽ پير عجيب غريب آهن. اهو پنهوارن جو قبيلو آهي جنهن جا ٽي سؤ کن ڀاتي آهن. انهن ماڻهن جي پيرن ۾ فقط ٻه ٻه آڱريون آهن ۽ ٻانهن ۾ هٿ ناهن. ڪن ماڻهن کي ته ٺونٺيون به ناهن. بس! ڪلهي کان ٻانهون نڪرن ٿيو جيڪي نانگ وانگر آهن ۽ هٿن جي بدران گوشت جي هڪ چهنب تي کٽن ٿيون.
هيءُ ماڻهو ٻين عام ماڻهن وانگر زندگيءَ جي ڪمن ۾ رڌل آهن. مجبوريءَ کان اهي ڪم ڪري نٿا سگهن جيڪي ڪو سڄو ماڻهو ڪري سگهي پر ان جي باوجود هارپو، مال پالڻ ۽ ٻيون ڪرتون ڪن ٿا. ميڊيڪل سائنس جي ماهرن ان قبيلي ۾ چڱي دلچسپي ورتي آهي، هنن جو چوڻ آهي ته هيءَ سڄي قبيلي ۾ جينيٽڪل تبديلي آئي آهي جيڪا ڪٽنب جو ڪٽنب ۾ شادين ڪري وڌندي وئي آهي. ڇا يوناني ماڻهن کي به اهڙي ئي ڪنهن ڪٽنب بابت ٻڌايو ويو هو‏؟

درگاهه فاضل شاهه: جتي چرين جو علاج ٿئي ٿو
شڪارپور سکر روڊ تي، سکر کان فقط 15- منٽن جي ڊرائيو تي روڊ کان اولهه طرف فاضل شاهه جي درگاهه آهي، جتي چرين جو علاج ڪرامت سان ٿئي ٿو. اسان ڪامياب علاج جي تصديق نٿا ڪريون پر هر مند ۾ هتي ذهني مريض اچن ٿا. مائٽ کين فاضل شاهه جي درگاهه آڏو قبرستان ۾ اوچن وڻن هيٺ وڻ جي ٿڙن سان ٻڌيو ڇڏين. زنجير جو هڪ ڇيڙو وڻ جي ٿڙ سان ۽ ٻيو چريي جي پير ۾ ٻڌو وڃي ٿو.
ظاهري طور تي هيءُ جيترو پرسڪون ماڳ آهي، ان جي اندر ۾ ڪيئي ڏکوئيندڙ منظر ۽ آکاڻيون ڀريل آهن، جيڪي ٻڌڻ سان ماڻهو ڏکوئيندڙ ٽهڪ ڏيئي کِلي ٿو. هائو! ڪڏهن ڪڏهن انسان ڏکن سان ڀرپور ٽهڪ به ڏيندو آهي. مون کي وڻن سان ٻڌل ڪيئي ماڻهو نظر آيا جيڪي گوڏن تي کاڏي رکي خبر ناهي ته ڪهڙين سوچين ۾ گم هئا ... پوڙها مڙس، مولوي صاحب ۽ سهڻا نوجوان ... ڪن چرين سان گڏ مائٽ هئا ۽ ڪي کين ڇڏي وڃي چڪا هئا ... ڀلا مهينن جا مهينا ڪير ٿو رهي سگهي! مون هڪ نوجوان چريي کان انٽرويو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. هو ڪنهن يوناني فلسفيءَ وانگر آسمان کان وڻن تائين ۽ وڻن جي ٽارين تي ويٺل پکين جي لاتين تائين هر طرف ڏسي ٻڌي ۽ ڪجهه سوچي رهيو هو.
”دوست ڇا پيو سوچين؟“ مون پڇيو.
”ڏٺئه ڪيئن آزاد ڪري ڇڏيو مان!“
”ڪنهن کي؟“
”سج ۽ چنڊ کي ... ٻيو وري ڪنهن کي!“ چريي جواب ڏنو.
”ڪنهن جهليو هو سج ۽ چنڊ کي؟“
”تو کي وري ڄڻ خبر ئي ناهي ... روس ۽ آمريڪا ٻيو ڪنهن!“ هن چيو.
”توکي هتي ڪير ٻڌي ويو آهي؟“
”دوستن غداري ڪئي آهي ... يار دوستن!“
”ڪهڙا دوست؟“
”قوم پرست ... چغلي هنيائون نه ... هاڻي هتي ٻَڌائي ويا آهن“
”ڪو ملڪيت جو چڪر ته ڪونهي؟“
”اهو به آهي ... هوءَ رن چوي ٿي ته مان تنهنجي زال آهيان ... شاديءَ جو فوٽو به ڏيکاري ٿي ... مڙئي ڪا اٽڪل ڪئي اٿس ... پرائي مڙس جي منڍيءَ تي منهنجي منڍي چنبڙائي اٿس ... هاڻي ملڪيت تي قبضي جي نيت آهيس!“ نوجوان چريي چيو.
خبر ناهي ته اصل حقيقت ڇا هئي ... سنڌ ۾ ملڪيتن تي قبضي لاءِ چڱن ڀلن ماڻهن کي چريو مشهور ڪري چرين جي اسپتال ۾ وجهايو ويندو آهي، جتي جيل جهڙيون سختيون هونئن ئي چريو ڪريو ڇڏين.
ٻيو چريو هڪ مولوي صاحب هو. کيس قرآن حفظ هو. قرآن شريف جون آيتون پڙهندي پڙهندي اوچتو ڪچيون گاريون ڏيڻ شروع ٿي ڪيائين. ڪنهن ڪنهن مهل اٿي بيهي واعظ ڪرڻ ٿي لڳو، پر بلڪل بي ربط. فاضل شاهه جي درگاهه آڏو بيٺل ننڍڙن وڻن ۾ بي شمار ڌاڳا، تعويذ ۽ اڳڙيون ٻڌل ملن ٿيون. اهي سڀ سکائن ۽ باسن جون نشانيون آهن. هر وقت ڪو نه ڪوڪٽنب ڏاند گاڏين تي چڙهي درگاهه تي پهچي ٿو. عورتون، مرد ۽ ٻار فاضل شاهه جي سلامي ڀري سکائون باسين ٿا ۽ نشانيءَ طور وڻ ۾ ڌاڳو يا اڳڙي ٻڌي ڇڏين ٿا. سکا پوري ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اچي اها ڳنڍ کولي درگاهه تي چادر چاڙهي وڃي ٿي.
سنڌ جي هر درگاهه تي هر پير وٽ ڪي خاص دعائون گهريون وڃن ٿيون. ڪٿي خاص طور تي پٽ لاءِ دعا گهري وڃي ٿي. ڪو پير بخار لاهي ٿو، ڪو مٿي جو سور ڇڏائي ٿو، ڪو چمڙيءَ جي بيماري ڇڏائي ٿو، ڪو وڇڙيا ملائي ٿو. فاضل شاهه چرين کي ٺيڪ ڪري ٿو. اهڙي ئي هڪ درگاهه ٺٽي ۾ مڪليءَ تي عبدالله شاهه اصحابيءَ جي به آهي جتي چريا آندا وڃن ٿا.
ڊاڪٽر چون ٿا ته اهي درگاهون ذهني علاج ۾ مددگار آهن. ڪيئن؟ ملڪ ۾ ذهني بيمارين جو علاج ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر ۽ اسپتالون تمام گهٽ آهن. علاج ۽ دوائون مهانگيون آهن ... شهرن جا پنڌ پري آهن. ذهني بيمار کي اصل ۾ هڪ مضبوط سهارو ۽ ٺيڪ ٿيڻ جو پڪو آسرو گهرجي، دوائون گهٽ پر اهو يقين گهرجي ته هو ٺيڪ ٿي ويو آهي يا ٺيڪ ٿي رهيو آهي ... اهو يقين کين درگاهن تي ملي ٿو، عقيدي کي وڏي طاقت آهي.

سکر

سکر

ٻيڙي سکر بئراج جي ڍنڍ ۾ گهڙي ته طوطي خان سير کي ڳولڻ ڇڏيو ڇو ته هاڻي پاڻي چئني پاسي جهجو هو. اٿاهه پاڻيءَ ۾ ٻيڙيءَ به سک جو ساهه کنيو هوندو. هاڻي ڪنهن هنڌ گچي پوڻ ۽ ٿيلها وٺڻ جي ضرورت ئي نه هئي. ٻيڙيءَ وڪڙ کائي اوڀر رخ ۾ وهندڙ درياهه کي ٿورو تعجب سان ڏٺو. هن هنڌ درياهه ايترو عجيب وڪڙ ڇو کاڌو؟ خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن ڏکڻ طرف سڌائيءَ ۾ هيٺانهان پَٽَ موجود هئا.
ڪالاباغ کانپوءِ سنڌوءَ کي هيءُ ٻيو ماڳ مليو آهي جتي ڪنارا جادوءَ جي حد تائين سهڻو منظر پيش ڪن ٿا. کاٻي ڪپ تي روهڙيءَ جي بلند ٽڪرين تان هيٺ نهاريندڙ ماڙيون، آڏو خواجه خضر جو آستانو ۽ بکر جو ٻيٽ، پلين جون عجيب غريب اڏاوتون، لئنڊسڊائون پل، ايوب پل ۽ انهن جي پويان ساڌ ٻيلو، پلين جي اوٽ مان کاٻي ڪپ تان ليئو پائيندڙ ستين جو آستان، ساڄي پاسي سکر جو شهر ۽ ان جي هڪ اوچي ٽڪريءَ تان ڪر کڻي نهاريندڙ معصوم شاهه جو منارو. سنڌوءَ جون ڇوليون ٻنهي ڪنڌين تي ٻڌل بندن سان سرٻاٽن ۾ حال احوال ڏيئي وٺي رهيون هيون. ڇا هنن هڪ ٻئي کان تاريخ بابت سوال پئي ڪيا؟
سنڌوءَ جي مزاج جو هيءُ ڏاڍو عجيب پهلو آهي آخر ڪهڙي ڳالهه هئي جو سنڌوءَ اروڙ وارو وهڪرو ڇڏي سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ مان گهت هنئي؟ ڇا هن کي ڪئلاش کان ڪالاباغ جي وچ وارن جبلن جي ياد آئي هئي؟ ڇا هن هڪ ڀيرو ٻيهر ٽڪرن کي ڏسي جوش کاڌو هو؟ ضرور ڪا ڳالهه هئي!
سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ بکر ٻيٽ جي ٻنهي پاسي کان درياهه جا ايترا سوڙها لنگهه فقط ڪالاباغ کان مٿي آهن. ان کانپوءِ هن بيتاج بادشاهه ۽ لڇندڙ طبيعت واري درياهه جو شاهي رستو اَٺن، ڏهن ۽ پندرهن کان ويهن ميلن ۾ پکڙيل آهي. خود سکر کان مٿي درياهه جو پيٽ ٻارهن ميلن ۾ پکڙيل آهي.
سنڌ جي تاريخ اها پڪي شاهدي ڏئي ٿي ته گذريل گهٽ ۾ گهٽ ستن صدين کان وٺي سنڌو ڌارا روهڙي ۽ سکر جي وچ مان لنگهي رهي آهي، ان کان اڳ جي صورتحال بابت پڪي راءِ نٿي ڏيئي سگهجي. ارضياتي ۽ تاريخي حوالن سان سمجهيو وڃي ٿو ته هن لنگهه کان اڳ سنڌوءَ جو وهڪرو روهڙيءَ جي اوڀر ۾ اروڙ وٽان هو، جتان نَينهن ٽڪر وٽان ٿيندو ٽڪر جي ڪنڌي وٺي ڏکڻ طرف وڌندو ٿي ويو. خيرپور ضلعي ۾ ٽڪرين جي وٽ سان ڇڏيل زرخيز لٽ ۽ ٽڪرين تي قديم آثارن جا مختلف دورن وارا لڌل سلسلا سنڌوءَ جي قديم وهڪري جون پڪيون نشانيون آهن. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب Sindh: A General Introduction ۾ سنڌ جي ميدانن ۽ سنڌو نديءَ واري باب ۾ بکر وٽان درياهه جي لنگهه تي بحث ڪيو آهي. هو ڌرتي وديا جي ماهر آر. ڊي. اولڌام جي زباني چوي ٿو ته،
”آڳاٽي وقت ۾ سنڌو ندي خيرپور وارين ٽڪرين جي چؤڌاري ميدان وٽان لنگهندي هئي ۽ لٽ جي گڏ ٿيڻ سبب ان جو پيٽ ٿرجندو ويو. نيٺ هاڻوڪيون حالتون پيدا ٿيڻ کان اڳ اها هاڻوڪي وهڪري جي اوڀر ۾ وهڻ لڳي، لٽ سبب جڏهن زمين جو مٿاڇرو مٿي ٿيو ته هوءَ اولهه کان وهڻ لڳي. ان وقت تائين لٽ جو مٿاڇرو ايترو مٿي ٿي ويو هو جو روهڙي وٽ هڪ وٿيءَ سان هڪ سطح تي اچي بيٺو ڇاڪاڻ ته انهن ٽڪرين جي ڏکڻ ۾ گڏ ٿيل لٽ وارو مٿاڇرو اتر واري مٿاڇري کان گهڻو گهٽ هوندو تنهن ڪري سنڌوءَ جي پاڻي کي ان وٿي مان لنگهه مليو. هڪ ڀيرو لنگهه مليو ته پوءِ اتان ئي دائمي واٽ ٺاهي ڇڏيائين.“
سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ مان درياهه پنهنجو مستقل لنگهه سن 1250ع ۾ ٺاهيو. هاڪڙو/ سرسوتي ندي ان کان ٿورو اڳ غالباً 1250ع ۾ سُڪي وئي هئي.

عجيب ٽڪريون

عجيب ٽڪريون

سکر روهڙيءَ واريون چن- پٿر جون ٽڪريون سکر کان اٽڪل ٻه ميل اتر کان شروع ٿي، ڏکڻ ۾ ڪوٽڏجيءَ کان ڪجهه هيٺ تائين لڳ ڀڳ چاليهن ميلن ۾ پکڙيل آهن. ان وچ ۾ سنڌوءَ، هڪ ٻن هنڌان ٽڪرين کي ڇِلي ڇڏيو آهي، انهن ٽڪرين کي رڳو درياهه ئي نه ڇليو آهي پر سنڌوءَ کان اڳ سامونڊي ڇوليون به ڇِلينديون رهيون آهن. اهڙي عظيم کاڌ جو منظر ”نيهن ٽڪر“ وٽ ڏسڻ جـھڙو آهي، هوائون ته اڄ تائين وڏي بي نيازي ۽ ڪاريگريءَ سان ٽڪرن کي ڇلي ڇلي سنهو ڪرڻ ۾ رڌل آهن. هوائن جي کاڌ جو اهڙو مثال دنيا ۾ شايد فقط ميڪسيڪو واري پاسي ئي آهي. جتي جا جبل هنن ٽڪرين جي ڀيٽ گهڻا اوچا آهن.
فطرت هڪ فنڪار وانگر ٽي ٽي سؤ فٽ اوچين هنن ٽڪرين کي ايڏي ته هوشياريءَ سان ڇليو آهي جو ڪن ڪن هنڌن تي ٽڪرين جا مٿيان پاسا پنجاهه پنجاهه سؤ سؤ فٽن جي سنهين ديوارين جي صورت وٺي ويٺا آهن، نيهن وارو ٽَڪر، مٿان کان هيٺ تائين چئن ٽُڪرن ۾ ورهايو پيو آهي. شادي شهيد کان ڏکڻ ۾ هڪ ٽَڪر هوبهو پڳ جهڙو آهي. جنهن ڪري نالو ئي پئجي ويو اٿس ”پڳ وارو ٽڪر“. گهڻو ڪري سڀني ٽڪرين جون چاڙهيون ايتريون ته اڀيون آهن جو مٿي چڙهڻ لاءِ ٽڪرين جي پٺين جا ڪنڊا ڳولي اتان واٽون ڳولڻيون پون ٿيون. يا وري پاسيرا پيچرا وٺڻا پون ٿا.
صاف طور تي ڏسجي ٿو ته هوائن ٽڪرن جون ڪياڙيون ۽ ڪنڌ گهڙيا آهن، برساتن جسم ڪوري ڍورا ٺاهيا آهن ۽ سامونڊي ڇولين پاڙن کي کاٽ هڻي چُرون ٺاهيون آهن، پر اها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته اڪثر ٽڪرن جون چوٽيون ڇت وانگر گهڻو ڪري سڌيون، تراکڙيون، هڪ ڪريون ۽ هم سطح تي آهن.
جيالاجي جا ماهر هنن ٽڪرن ۾ معدنيات بابت وڌيڪ تفصيل ڄاڻائي سگهن ٿا پر في الحال هنن ٽڪرن مان چن جو پٿر ۽ ميٽ جام ڪڍيو وڃي ٿو، روهڙيءَ ۾ لڳل سيمينٽ جي ڪارخاني لاءِ وڏو خام مال هتان ئي حاصل ڪيو وڃي ٿو، چقمقي پٿرن جا وڏا ذخيرا آهن، تيل ۽ گئس جي تلاش به جاري آهي، ٽڪريون سامونڊي جانورن جي پنڊ پاهڻ ٿيل جسمن سان سٿيون پيون آهن، خاص ڪري سلطان ابراهيم اڌم واري درگاهه لڳ، ٽڪريون ته هيٺ کان مٿي تائين چپترين سپن جي پنڊ پاهڻن سان سٿيل آهن، ماڻهو انهن کي پٽاٽن جا ڳترا ۽ پئسا چوندا آهن.
ڌرتي وديا (Geology) جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اتر اولهه هندستان جا پٽ ۽ گنگا جي ترائي ٽريشري يگ کان اڳ پاڻيءَ هيٺ هيون. ٽريشري دور ۾ ڀرواريون ٽڪريون اڀريون جن تان ندين وهڻ شروع ڪيو، سمنڊ پوئتي هٽندو ويو ۽ درياهه پنهنجيون ماٿريون وڌائيندا ويا. ٽريشري زمانو، اڄ کان 635 لک سالن کان 20 لک سال اڳ جي وچ جي ڳالهه آهي. ياد رهي ته پوٺوار مان 20 لک سال اڳ اوائلي پٿري دور جي انسان جي وجود جا پڪا ثبوت (اوزار ۽ هٿيار) لڀجي چڪا آهن. ايڏو اڳ جنهن مخلوق پٿرن مان اوزار گهڙيا انهن کي ڇا چئبو؟ ڇا انسان کان سواءِ ڪا ٻي مخلوق به اهڙا اوزار ٺاهيندي آهي؟
اسان ڏٺو ته سنڌوءَ جو وهڪرو ڪالاباغ وارن جبلن کان پوءِ ويهارو کن ميلن ۾ پکڙجي ريڙهيون پائڻ لڳو پر ائين ڪٿي به نه ٻڌو ته درياهه اهڙا راڱا ڪيا هجن جهڙا سنڌ ۾ ڪندو رهندو آهي. شايد ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته پنجاب ۽ سرحد جي هاڻوڪي سرحد وٽان لنگهندي سندس وهڪرو سنڌ جي حدن مان لنگهڻ وقت موجود وهڪري کان تکو آهي. جنهن ڪري زمين ۾ هيٺ تائين پنهنجو رستو ڪوري ٺاهيو اٿس. ٻيو اهو ته سنڌ ۾ پاڻي پهچڻ وقت سنڌوءَ ۾ اتانهن جبلن مان آندل لٽ سان گڏ پنجاب جي ٿل ريگستان جي واري به وڏي مقدار ۾ شامل آهي. اسان ڏٺو ته تربيلا بند پوڻ کانپوءِ جابلو لٽُ تربيلا ۾ جمع ٿي رهيو هو تنهنڪري ڪالاباغ تائين پاڻي شيشي جهڙو صاف هو پر پوءِ هوريان هوريان ٿلَ جي واري شامل ٿيڻ لڳي. جنهن ڪري ڪشمور تائين پهچندي پهچندي پاڻي ميرو ٿي چڪو هو ۽ اسان جي اها عياشي ختم ٿي چڪي هئي جو هلندڙ ٻيڙيءَ مان پاڻيءَ جي لپ ڀري اڃ اجهائي ٿي ورتي سون، چشمه کان پوءِ اسان ڪنارن تي آبادين مان آندل پاڻيءَ جو انتظار ڪندا رهياسين. ٿل واري واريءَ جي ملاوٽ جو اندازو، ان مان هڻي سگهجي ٿو ته اليگزينڊر برنس کي اٿل وار زماني ۾ ڪالاباغ وٽ پاڻي نسبتاً صاف نظر آيو هو.
سنڌ ۾ سنڌوءَ جي اٿل پٿل جو ٻيو ڪارڻ هيڪاندو ۽ جمع ٿيندڙ لٽ به آهي جنهن ۾ ٿل جي واري به شامل آهي، سنڌ ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو ٿڪل ۽ وِرچيل شينهن جهڙو آهي جنهن کي اوڀر طرف نڪرڻ جا وڏا موقعا آهن ڇو ته لڪيءَ کان هيٺ الهندي ڪنڌيءَ تي ٽڪريون بيٺيون آهن جيڪي ٺٽي ضلعي ۾ جهرڪن تائين جهيڙينديون اچن ٿيون. ڪالاباغ کانپوءِ سکر پهريون علائقو آهي جتي سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن ته گهڙي سواءِ لاءِ ٽڪريون ڏسجن ٿيون. سکر کانپوءِ سنڌو وري آزاد آهي، ان کانپوءِ ڄامشوري وٽ ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جون ٽڪريون ٻنهي پاسن کان بيهن ٿيون پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٻن چئن ميلن جو فاصلو آهي، ان کانپوءِ سنڌو وري آزاد آهي، ڇوڙ تائين.

لب مهراڻ تي آجيان

لب مهراڻ تي آجيان

ٻيڙي لب مهراڻ تي ڪنڌيءَ سان لڳي ته اسڪائوٽ بينڊ سان ٻيڙياتن جي آجيان ٿي. شاهه لطيف يونيورسٽي ڪئمپس جي نوجوانن ۽ استادن وڏي عزت ڏني. هڪ هڪ ميمبر کي هار وڌائون ۽ پوءِ خيرپور ڪئمپس ڏانهن روانگي ٿي، جتي شانائتي تقريب جو بندوبست هو، آڊيٽوريم ۾ هر ڪنهن پنهنجا تجربا بيان ڪيا ۽ پوءِ شاگردن پنهنجا آئٽم پيش ڪيا. سنهو ٿلهو ناٽڪ، ڪي لطيفا، ڪي گيت ۽ ڪي مٺا ٻول! هيءَ شام اتساهه وڌائيندڙ هئي، جيتوڻيڪ اڃا تائين ٽيم جو ڪو به ميمبر نه ٿڪو هو ته به ائين چئبو ته جيڪڏهن ڪنهن ٿڪ جي ڪا ذري هئي ته اها به ڇنڊجي وئي. خيرپور يونيورسٽيءَ واري تقريب ۽ ڪچهري رات جو يارهين لڳي ڌاري پوري ٿي.

اسوريا جي راڻي

اسوريا جي راڻي

نائين صدي قبل مسيح (806-811 ق م) ۾ نينوس (king Ninus) جي زال اسوريا جي راڻي سيميرامس (Semiramis) جنهن نينوا ۽ بابل جا شهر ٻَڌايا هئا، بابت ٻڌجي ٿو ته هوءَ هندستان فتح ڪرڻ جي ارادي سان پهتي هئي. هوءَ سونهن ۾ سرس ۽ عقل ۾ ڀڙ ۽ بهادر هئي، روايت موجب سنڌوءَ جي ڪناري تي دشمنن کي هيسائڻ لاءِ هن هڪ اٽڪل ڪئي. هن ڇا ڪيو جو هاٿين جي کلن ۾ بُهه ڀرائي اُٺن تي مڙهائي ڇڏيائين. پر جلد ئي سندس اٽڪل پڌري ٿي پئي ۽ سندس وڏو لشڪر مارجي ويو. ڪن روايتن موجب هوءَ پاڻ به لشڪر جي اڳواڻي ڪندي مارجي وئي. افسوس جو هن جنگ بابت تاريخن مان پروڙ پئجي نه ٿي سگهي، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته جڏهن ڪا روايت موجود آهي ته پوءِ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين حقيقت کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي.
جيڪڏهن ان ڪٿا ۾ ٿوري به صداقت آهي ته پوءِ چئي سگهبو ته اولهه کان سنڌو ماٿري تي پهرين ڪاهه اها هئي جنهن جو تاريخ ۾ هلڪو پڙاڏو اڃا به ٻڌجي ٿو. اولهه کان ٻي ڪاهه سائرس جي هئي، جنهن کي ايران جا ماڻهو ڪُورُش چون ٿا. ڪي تاريخ دان دارا اول کي سائرس قرار ڏين ٿا. پر ڪن جو ڌيان ڪُورُش ڪبير ڏانهن وڃي ٿو جنهن اخميني شهنشاهيت جو بنياد وڌو هو. ڪُورُش ڪبير ۽ دارا اول جي وچ ۾ فقط هڪ بادشاهه قديم ايران تي حڪومت ڪئي. ڪنبوجيه، سو به مختصر عرصو. ٻنهي صورتن ۾ اولهه کان سنڌو ماٿريءَ تي ٻي ڪاهه اخميني شهنشاهيت پاران ٿي. اولهه کان ٽين ڪاهه سڪندر اعظم جي آهي ۽ ان کانپوءِ ته ڄڻ اولهه ۽ اتر وارن در ڏسي ڇڏيو جو هڪٻئي پويان باختري، ساڪا، سٿيا، پارٿي ۽ ساساني ڪاهي پيا.
سيميرامس کان اڳ ڪير آيو هوندو؟ تنهن بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي پر تهذيبن جي هجرت تي زور ڏيندڙ محقق قديم عراق کان سنڌ ڏانهن وڏي لڏپلاڻ بابت راءِ ڏيندا رهيا آهن جيڪا اڃا ثابت ٿي نه سگهي آهي. هوڏانهن اتر کان آرين جي وڏين کيپن جي آمد واري خيال تي ڪافي محقق زور ڏيندا پيا اچن پر اها راءِ به تڪرار جو شڪار آهي.
سيميرامس جو جنم ڏندڪٿائي انداز ۾ ٿيل آهي پر هن جو ذڪر هيروڊوٽس، ٽيسيئس ۽ ڊايوڊورس (Diodorus) به ڪيو آهي. هو سڀ هن کي زندهه حقيقت چون ٿا. هن لاءِ مشهور آهي ته هن فرات نديءَ جو ڪنڌيو پڪيون ڪرايون، ڪوهه قاف (Caucasus)، عرب، ايشاءِ ڪوچڪ، فارس، ميڊيا ۽ عراق جي سڄي دوآبي (Mesopotamia) تي راڄ ڪيو. هن کي يوناني لهجي ۾ سيمِرَمس ۽ آرمينيائي لهجي ۾ شميرم (Shamiram) چون ٿا. سندس مڙس نينوس باختريا تائين فتوحات ڪيون هيون.
ڪٿائن موجب هوءَ سريا جي مڇي ديوي ديرڪيتو (Derketo) جي فاني ڌيءَ هئي.ڊيرڪيٽو کيس جنم ڏيئي هلي وئي. ڳيرن اچي هن ٻار کي سنڀاليو ۽ ان مهل تائين سنڀاليو جيسين سيماس (Simmas) نالي شاهي ڌنار اچي ان کي سنڀاليو ۽ پاليو. هي جهڙوڪر شڪنتلا جو جنم پيو لڳي! سيميرامس شايد اِشتار ديويءَ (Ishtar) جي پوڄا ڪندي هئي، ڳيري جو تعلق اِشتار ديويءَ سان آهي.
هن راڻيءَ هندستان تي حملي وقت جنهن راجا سان مقابلو ڪيو ان جو نالو Stabrobates يا Satauro-bates هو ، ۽ هوءَ سنڌو ندي ٽپي نه سگهي هئي. هن جي جنگ ٺيڪ ڍيڪ ڪهڙي ماڳ تي لڳي؟ شايد مڪران وٽ؟ ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. راڻي سيميرامس مون کي هتي سکر وٽ ڇو ياد آئي؟ شايد انڪري ته آئون سنڌ جي هڪ تمام قديم دارالحڪومت اروڙ جي ويجهو هئس.

روهڙيءَ کان اروڙ ڏانهن ويندي واٽ تي ڪجهه پرڀرو هڪ ٽڪري تي بيٺل ٻه مقبرا اسان کي نهارين ٿا.

ڏهاڳڻ سهاڳڻ

ڏهاڳڻ سهاڳڻ
روهڙيءَ کان چار پنج ڪلوميٽر اوڀر ڏکڻ ۾ اروڙ ڏانهن ويندي اروڙ جي کنڊرن (جي اتر ۾) نارا ڪئنال جي ٻئي ڀر ننڍڙين ٽڪرين جي پوٺن تي ٻه شاهي قبا هڪٻئي کان 225 فٽ پري اڪيلا اڪيلا بيٺا آهن. مقامي ماڻهو انهن کي ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ چون ٿا. هو ايئن ڇو ٿا چون؟ ڇاڪاڻ ته تاريخ خاموش آهي. اصل ۾ هي ٻئي مقبرا زائفن جا نه آهن جيئن ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ جي لفظن مان معنيٰ نڪري ٿي. اهي نالا شايد انڪري ڏنا ويا آهن ته ڏهاڳڻ مقبرو سهاڳڻ مقبري جي ڀيٽ ۾ گهٽ نقش و نگار وارو آهي. ٻيو ڪو خاص سبب نه آهي.
هنن مقبرن جي خاص ڳالهه ڳاڙهين سرن ۾ اوساري ۽ ان اوساريءَ ۾ ڪم آندل سرن سان سهڻيون آرائشي ڊزائينون آهن. ٻئي مقبرا هنن پوٺن تي ايئن بيٺا آهن ڄڻ ٻه جهونڙا جوڌا جنگ ختم ٿيڻ کانپوءَ رڻ ڀوميءَ ۾ گوڏن ڀر ويهي پنهنجن ڪلهن تي پنهنجن مٿن (گنبذن) جو بار کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهن.
ماڻهو جنهن مقبري کي ڏهاڳڻ چون ٿا ان کي ڪن لکتن ۾ ’ختل الدين شاهه‘ چيو ويو آهي. ٻيو مقبرو سهاڳڻ ’شڪر گنج‘ نالي هڪ بزرگ جو چيو وڃي ٿو. هنن ٻنهي مقبري ڌڻين کي قلندر شهباز جو همعصر به سمجهيو وڃي ٿو. هي ٻئي حوالا درست نه ٿا لڳن ڇو ته بابا فريد شڪر گنج (وفات: 1280-1266ع) جيڪو قلندر شهباز (وفات 1274ع) جو همعصر هو، جي مزار پاڪ پتڻ ۾ آهي. البت ’ختل الدين‘ ڪو نالو نه آهي بلڪ ڪا هَجُوَ (ٽوڪ يا ٺٺولي) ٿي سگهي ٿي ڇو ته ختل الدين جي معنيٰ آهي ’دين جي دوکيبازي‘ (deceitfulness of religion). خبر نه آهي ته هي نالو هن مقبري تي ڇو پيو. ممڪن آهي ته ڪنهن مخالف اها ٺٺول ڪئي هجي. ٻيو امڪاني نالو ’قتل الدين شاهه‘ (Qat-lu-din) کنيو ويندو آهي پر اهو به منفي نالو آهي. انڪري ڪجهه صاحبن جو خيال آهي ته اصل نالو قطب الدين شاهه ٿي سگهي ٿو جيڪو ماڻهن جي ناسمجهيءَ سبب بگڙي ويو آهي. چون ٿا ته اڳي هتي ٻنهي مقبرن تي ساليانو ميلو به لڳندو هو.
ڏهاڳڻ مقبرو اتر ۾ آهي ۽ سهاڳڻ ڏکڻ ۾. ٻئي مقبرا ماپ ۾ هڪٻئي جيترا آهن. ڏهاڳڻ جي ٻاهرين ماپ 24 x24 فٽ آهي. اوچائي 30 – 31 فٽن کان گهٽ نه اٿس ۽ ديوار جي ٿولهه 2.6 فٽ اٿس. چوڪنڊي عمارت کي ڪنڊن تي ساديون squelches ڏيئي مٿي 13 کان 15 فٽ اوچا گول گنبذ کنيا ويا آهن. ٻنهي مقبرن ۾ هر طرف کان هڪ هڪ يعني هي مقبري ۾ چار چار محرابي در آهن. سرن جي اوساري چن ۾ ٿيل آهي ۽ گنبذن تي چُن جو پلستر ٿيل هو جيڪو هاڻي ذري گهٽ سڄو لهي چڪو آهي. عمارتون بي ڌياني، وقت جي سختين ۽ برساتن سبب بنهه بي حال آهن. سهاڳڻ مقبري ۾ قبر اڄ به موجود آهي البت ڏهاڳڻ ۾ قبر جا نشان به ڊهي ويا آهن. هنن مقبرن ۾ استعمال ٿيل سرون ماپ ۾ 7x 10 انچ ۽ ٿولهه ۾ ڏيڍ انچ آهن. هي مقبرا بيهڪ ۾ ڪجهه اهڙي طرح آهن جو انهن جا پاسا اتر اوڀر يا اولهه اوڀر رخ ۾ نه آهن بلڪ انهن جون ڪنڊون اتر، اوڀر ۽ اولهه اوڀر ۾ آهن انڪري انهن ۾ ٺهيل قبرون به پوريءَ طرح اتر ڏکڻ نه آهن جيئن عام طور قبرون هونديون آهن. هن رخ (اتر اولهه– اوڀر ڏکڻ) ۾ تدفين ڏسي مون کي هميشهه اهو خيال ايندو آهي ته هي قبرون بلخ بخارا يا وچ ايشا جي ريت موجب آهن.
تعميرات جي تاريخ جي ماهرن جو به تقريباً اهڙو ئي خيال آهي جو هو چون ٿا ته هي ٻئي مقبرا تيرهين ۽ چوڏهين صديءَ جا آهن ۽ اهي سلطنت دور جا آهن خاص ڪري مملوڪ، خلجي ۽ تغلق گهراڻن جا دور. سنڌ ۾ هي دور سومرن ۽ سمن جو آهي. عمارتن جي تاريخ جا ماهر به انهن کي مرڪزي ايشيا ۽ بلوچستان جي ٻين مقبرن جي سلسلي سان جڙيل ڏسن ٿا. ان ئي طرز جا ڪي مقبرا گهوٽڪي طرف شيخ لالو، پير بائد، بگو پير ۽ ٻين بزرگن جا آهن. ڪي صاحب هن تعمير کي هندو ۽ ٻڌڪي دور جي پاڇي قرار ڏين ٿا. اهڙا ئي ڪي ٻيا مقبرا اروڙ وارين ٽڪرين ۾ ٻڌجن ٿا پر مون نه ڏٺا آهن.
في الحال ته هنن مقبرن کي پنهنجي ويران ماحول ۾ ڪنهن قدر محفوظ ڏٺو آهي پر اوسي پاسي هنن ٽڪرن مان پٿرن جي کڻت جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. مون کي خوف آهي ته ڪجهه ئي سالن ۾ کڻت جو هي سلسلو جيڪو اروڙ جي ڀرپاسي ۾ شروع ٿي چڪو آهي، وڃي هنن مقبرن کي ويجهو پوندو ۽ انهن جي بنيادن کي لوڏي وجهندو.

اروڙ

اروڙ

اسان اروڙ جي ڦٽل شهر تي بيٺا آهيون. مقامي ماڻهو مِڙي اچن ٿا، ”هيءَ محمد بن قاسم جي ٺهرايل مسيت آهي.“ هتي لڳل بورڊ به ساڳي دعويٰ ڪري ٿو. مونکي ٿورو اڳ اخبارن ۾ هليل تڪراري خبرون ياد آيون. اها دعويٰ هڪ مقامي مذهبي تنظيم جنهن جو تعلق جماعت اسلامي چيو وڃي ٿو، ڪئي آهي ته اها مسجد محمد بن قاسم اروڙ جي فتح کان پوءِ ٺاهي. ان تنظيم جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ مسجد سان گڏ ڀر ۾ ڪجهه زمين به حاصل ڪئي هئي.
هوڏانهن آرڪيالاجي کاتي جو چوڻ آهي ته اها مسجد محمد بن قاسم جي دور جي ٿي نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته ان مسجد جي هيٺان مغل جي دور جا آثار دٻيل آهن. جيڪڏهن اِتي عربن هٿان سنڌ جي فتح مهل سچ پچ مسجد ٺهي هئي ته پوءِ ان جا آثار مغل دور جي ڍير کان به هيٺ هئڻ گهرجن. آرڪيالاجي کاتي وارن جو چوڻ آهي ته نظر ايندڙ مسجد اروڙ جي بنهه آخري دور جي آهي. مذهبي تنظيم وارا قديم آثارن واري کاتي جي راءِ کي رد ڪري چون ٿا ته جنهن صورت ۾ دڙي جي کوٽائي ٿي ئي ناهي ته پوءِ سندن دعويٰ کي ڪيئن قبول ڪجي!
اروڙ جي کنڊرن جي پکيڙ شهر کي ’وڏو‘ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. شهر جو ڏاکڻون حصو ٽڪريءَ تي آهي ديوارون ڊهي چڪيو آهن پر ڪٿي ڪٿي بنياد ظاهر بيٺا آهن. اڏاوت ۾ پٿر جا بي ڊولا بلاڪ ۽ سرون گڏيل طور استعمال ٿيل آهن. اندازو آهي ته پٿر پاڙن ۾ استعمال ٿيو هوندو جيئن سنڌ جي اڪثر کنڊرن ۾ ڏٺو ويو آهي. کنڊر جي لڳ ڀڳ وچ ۾ اها جاءِ آهي جتي راجا ڏاهر جو محل هو. منهنجي ذهن جي پردي تي چچ نامي جا ورق هڪ هڪ ٿي کُلڻ لڳا. راءُ گهراڻو، برهمڻ گهراڻو ۽ پوءِ بغداد کان نڪتل لشڪر، تلوارن جي جهڻڪار، گهوڙن جي هڻڪار. جنگ جي ميدان ۾ برهمڻ راجا جو موت ۽ پوءِ سنڌ جي شهزادين جون گرفتاريون ۽ بغداد ڏانهن قيد ٿي وڃڻ.
چچ نامي جو ليکڪ ۽ تاريخ کي قوميت، مذهب ۽ ڌرم جي اک سان ڏسندڙ دانشور ڀلي ڇا به چون پر ڏسڻ ۾ اهو آيو ته مسلمان قيدي عورتن جي دانهن تي لبيڪ چوندڙ حجاج بن يوسف جي دربار ۾ هندو عورتون قيدي بڻائي پيش ڪيون ويون. بي شڪ سنڌ جو ٻُڌ عوام برهمڻيت جي خلاف هو ۽ مسلمانن سان ملي براهمڻ راڄ جي انت جو سبب ٿيو. پر پوءِ ڇا ٿيو؟ ڇا سندن اسٽوپا گهڻو وقت هلي سگهيا؟ چچ نامي ۾ اهو ته برابر لکيل آهي ته بغداد جو لشڪر عورتن کي ڇڏائڻ نڪتو پر جڏهن ديبل فتح ٿي چڪو ته بغداد مان نڪتل سپه سالار کي هدايت ملي، ”اروڙ ۽ ملتان فتح ڪيا وڃن جتي سنڌ جي اصل دولت آهي.“
سنڌ تي راءُ گهراڻي جي حڪومت جيڪا ٻُڌ مت تي هلندڙ هئي، هجري سن کان اڳ به هئي يعني 416ع کان 644ع تائين. تاريخ جي حوالن موجب راءُ ڏيواجِيءَ جو پوٽو راءُ سهارس (ٻيو) 600ع ۾ نيمروز (سيستان) جي حاڪم سان جنگ دوران اڄڪلهه واري قلات ۽ مڪران جي حدن ۾ مارجي ويو. سهارس جي موت کانپوءِ نيمروز اڳتي وڌڻ جي همت نه ڪئي ڇو ته هن محسوس ڪري ورتو هو ته هو راجا جي موت کانپوءِ به سنڌ تي قبضو ڪري نه سگهندو. سهارس (ٻيو) کانپوءِ سندس پٽ راءُ سهارس حڪومت ڪئي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ قدرتي موت مري ويو. کانئس پوءِ راءُ حڪومت ختم ٿي ۽ هڪ چالاڪ برهمڻ ”چچ بن سيلائج“ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ (640ع کان 662ع تائين) راڄ ڪيو. چچ کانپوءِ چندر بن سيلائج ۽ پوءِ ڏاهر بن چچ تخت تي ويٺو ۽ 712ع تائين حڪومت ڪيائين. اهڙيءَ طرح سنڌ تي برهمڻن فقط 72 سال حڪومت ڪئي.
تاريخدانن جو خيال آهي ته راءَ گهراڻي جا سنڌي نالا سنسڪرت ۾ ڪلاسيڪي راجائن سان ڀيٽڻ جوڳا آهن. مثال طور: راءُ ڏيواجي ديوادِتيه (Devaditya) آهي جنهن جي حڪومت مڪران جي اوڀر کان ڪشمير جي اولهه ۽ ڪراچيءَ جي ڏکڻ کان قنڌار جي اترتائين هئي. راءُ سهارس شري هريش (Shriharsha) آهي، ۽ راءُ سهاسي سِينهاسينا (Sinhasena) آهي.
سنڌ ۾ راءُ گهراڻي جي حڪومت جو هڪ حوالو پنجين صدي عيسويءَ جي چوٿين ڏهاڪي مان ملي ٿو، جڏهن بهرام گور (430-438ع) سنڌ جي راجا چنگل جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. دوست ۽ دشمن راجائن جي ڌيئرن سان شادي ڪري انهن کي ٿڌو رکڻ واري سياسي حڪمتِ عملي اچاريه ڪوتليه چاڻڪيه ارٿ شاستر ۾ ان وقت ڏيئي چڪو هو جڏهن سڪندر جي گهوڙن جون ٽاپون سنڌو ماٿريءَ ۾ گونجي رهيون هيون.
ٿورو مٿي پاڻ نيمروز جي حاڪم سان راءُ سهارس جي جنگ جو ذڪر ڪيو آهي. هي تاريخون درست نه ٿيون لڳن، پر واقعا ٺيڪ آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي هڪ مضمون ۾ (تاريخي سنڌو نسبت-سنڌ صدين کان) 644ع (23-هجري) ڌاري هڪ جنگ جو ذڪر طبري جي حوالي سان ڪيو آهي. اهو راءُ سهارس جو دور هو. اها لڙائي مڪران ۾ لڳي ۽ درياهي جنگ سڏجي ٿي. درياهه ۽ سمنڊ سان سنڌو ماٿريءَ سان ماڻهن جو تمام پراڻو رشتو آهي. قديم آثارن جي کوجنا موجب سنڌو تهذيب وقت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سامونڊي بندرگاهون قائم هيون.
اروڙ به درياهي بندر هو، جيڪو سن 946ع (341 هجري) تائين قائم هو. ”نئين مصر جا پراڻا ورق“ جو ليکڪ ڪرنل اِي. بي. ايسٽوڪ 1839ع ۾ سکر کان اروڙ جا کنڊر ڏسڻ ويو هو ته واٽ تي کيس هڪ اهڙي پل تان لنگهڻو پيو جنهن کي ’اروڙ واري ٻنڌ‘ ٿي چيائون. تنهن وقت کيس ٻڌايو ويو ته اها پل ٻه صديون پراڻي آهي. اها پل درياهه جي هڪ شاخ تي ٺهيل هوندي جنهن جو وهڪرو ڪيپٽن جي اندازي موجب اروڙ وٽان لنگهندو هوندو. پل، 600 فٽ ڊگهي ۽ فقط 14 فُٽ اوچي هئي. سندس خيال موجب مير معصوم شاهه جي دور ۾ اها پل ٺهي هوندي.
اڄڪلهه ان پل جا نشان ڪونهن البت دڙي جي مٿان اهو ڳوٺ اڃا قائم آهي جيڪو ايسٽوڪ ڏٺو هو. اصل ۾ اهي ڪي ٻاهران يا پوءِ آيل ماڻهو ناهن پر جڏهن شهر ڦٽو ته اهي سُسي وڃي ڳوٺ جيترو ٿيو. امير ماڻهو لڏي وڃي روهڙي، بکر ۽ سکر ويٺا ٻه چار غريب ڪٽنب رهجي ويا. عمارتون ڊهي ويون ته وري ڪنهن هٿ نه وڌو. البت شهرن جون سرون ماڻهن کي مفت ملي ويون. ٻيو ته ٺهيو بکر جي حاڪمن به اروڙ تان سرون کڻائي بکر جو قلعو نئون ڪرايو، پويان وڃي اروڙ جون ٺلهيون پاڙون بچيون.
اروڙ جي باقاعدي کوٽائي نه ٿي آهي، قديم آثارن تي کوجنا جي نڪته نگاهه کان گهڻو تڻو ڪم دڙي جي مٿاڇري تان لڌل ٺڪرين ۽ ٻئي سامان جي بنياد تي ٿيو آهي.
آرڪيالاجي کاتي وارن کي ته سنڌ جي ڪنهن به کنڊر سان دلچسپي ناهي پر اها ڳالهه به ٻڌجي ٿي ته مٿي ذڪر ڪيل هڪ مذهبي تنظيم کوٽائيءَ جي خلاف مزاحمت ڪندي رهي آهي ڇو ته ڪن ماڻهن جي چوڻ موجب جيڪڏهن هيٺين سطح مان مغل دور نڪري آيو ته پوءِ مسجد کي محمد بن قاسم سان منسو ب ڪرڻ لاءِ باقي ڪهڙو دليل بچندو!

ڪالڪان غار

ڪالڪان غار

چچ نامي ۾ اروڙ جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪ مندر جو ذڪر آهي. جنهن ۾ چچ جي پيءُ سيلاج ۽ ڀاءُ چندر ان وقت پوڄا پاٺ ۾ ڏينهن پئي گذاريا جڏهن چچ، اروڙ ۾ پنهنجين چالاڪين ذريعي راڄ هٿ ڪرڻ جي ڪم ۾ رڌل هو. اروڙ جي ٻهراڙيءَ ۾ هن وقت ڪنهن به مندر جا نشان ناهن سواءِ ڪالڪان مندر جي، جيڪو اروڙ وارين ٽڪرين ۾ هڪ هٿرادو غار ۾ آهي. چچ نامي موجب ان غار ۾ پوڄا پاٺ جو مطلب گوشه نشينيءَ واري حالت هئي.
قديم آثارن جي ماهرن موجب اِها غار نيو ليٿڪ دور ۾ انسانن جي استعمال ۾ هئي جيڪا قدرتي ناهي پر قديم انسان پنهنجي هٿن سان کوٽي ٺاهي هئي. جيئن ته غار اروڙ جي وقت کان اڳ به موجود هئي ۽ اڄ تائين ان ۾ هڪ قديم مندر قائم آهي، تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ان ئي گڦا ۾ راءُ گهراڻي جي راڄ وقت به مندر قائم هو، جنهن ۾ برهمڻ سيلاج ۽ سندس پٽ پوڄا ڪئي.
ڪالڪان ۾ ڪالي مندر آهي. ڪالڪان جي معنيٰ به اها ئي آهي يعني ’ڪاليءَ جو‘. هن غار ۾ ٽي وڏا چئمبر ۽ ٻه ٽي ننڍا چئمبر آهن. ٽنهي چئمبرن کي مرڪزي هال واري حيثيت آهي جڏهن ته پاسيرا ننڍا چئمبر چله ڪشي يا ايڪانت ۾ تپسا ڪرڻ جهڙا آهن. غار جي ڇت ڪٿي انساني قد کان ٿوري مٿي ته ڪٿي تمام گهٽ آهي، جو ڪُٻو ٿي هلڻو پوي ٿو.
اڌ گول جهڙي هن غار کي ٻه دروازا آهن، جيڪي ٻنهي ڇيڙن تي واقع آهن. غار جي وچين چئمبر ۾ ڪاليءَ جو مورتي رکيل آهي. اڄڪلهه بجليءَ جو انتظام هئڻ ڪري هر ننڍي وڏي چئمبر ۾ روشنيءَ جو انتظام آهي پر آڳاٽي وقت ۾ ائين نه هوندو. غارن جي درن ۾ دروازا نه هنيا ويا هوندا ۽ روشني ٻنهي لنگهن مان ڇڻي اندر ايندي هوندي يا وري مشعل جي آڌار تي رسمون ۽ پوڄا ٿيندي هوندي.
ننڍي ڇت واري هن غار ۾ ڪٿي ڪٿي اهڙيءَ طرح گول کوٽائي ڪئي وئي آهي جو ماڻهو، انهن جاين تي بيهي سگهي ٿو. ماهرن موجب اهي جوڳ، يوگا يا تپسيا جي خيال کان ٺاهيل آهن.
غار واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي شو پوڄا لاءِ ٺاهيل چبوتري ۽ ڪوٺيءَ جا نشان آهن. پر هاڻي اتي ڪجهه به ڪونهي. اها ڪوٺي ۽ چبوترو ٺيڪ ان جاءِ تي ٺاهيا ويا هئا جتي پٿر واري دور جا ماڻهو گڏجي پٿر مان ڇريون (blades) ۽ ٻيا اوزار تيار ڪندا هئا.

اروڙ ۾ هڪ ٻي غار

اروڙ ۾ هڪ ٻي غار

ڪالڪان غار جي ڏکڻ ۾ هڪ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ڀاڳئي ٽڪر ۾ هڪ ٻي غار آهي، جيڪا ماپ ۾ ڪالڪان غار جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍي آهي.
هڪ ڪلو ميٽر وچون پنڌ آهي، ان لاءِ ڪالڪان واري ٽڪري چڙهي پوءِ ٻئي پاسي لهڻو پوي ٿو. ان واٽ تي قديم روم جا پٿري بليڊ پکڙيل ملن ٿا. جيڪڏهن گاڏي موجود آهي ته پوءِ ٽڪرين جي الهندي پاسي کان درياهه جي قديم وهڪري وارو وڪڙ کائي وڃجي ته بهتر آهي. اهو اروڙ کان نينهن ٽڪر وارو رستو آهي.
نينهن ٽڪر ڏانهن ويندي، جنهن هنڌان نينهن ٽڪر نظر اچي ٿو، اتي روڊ کي سڀ کان ويجهي ٽڪري، ڀاڳيو ٽڪر آهي. ان ٽڪر تي هڪ غار آڏو وڏي ڇپ اُڀي بيٺي آهي. غارَ پٿري دور جو ئي تسلسل آهي جيڪا پوءِ اڄ تائين مال واڙڻ ۽ اُس ۽ مِينهن کان بچڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. هڪ شيواڌاريءَ کان جڏهن هن غار بابت پڇيو ويو ته هن ڏاڍي سادگيءَ سان هڪ ڪهاڻي پيش ڪئي. ڪهاڻيون تيار ڪرڻ ۾ سنڌي ماڻهو ايراني لوڪن کان گهٽ ناهن. هن چيو ته،
”هتي هڪ راڪاس رهندو هو. جڏهن هو غار ۾ سمهندو هو يا ٻاهر نڪري ويندو هو، تڏهن غار آڏو رکيل وڏي ڇِپَ سان در بند ڪري ويندو هو ته جيئن کائڻ لاءِ ڦاسايل ماڻهو ڀڄي نه وڃن پوءِ هن ظالم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪالڪا ديوي هتي آئي ۽ پرئينءَ وڏي گڦا (هاڻوڪي مندر) ۾ رهي. اهڙيءَ طرح هنن ئي ٽڪرين ۾ ڪالڪا ماتا ۽ راڪاس جي وچ ۾ لڙائي لڳي ... ڪالڪا ماتا آدشڪتي آهي. پراڻن ڪتابن ۾ لکيل آهي. توهان ’ديوي ڀاڳوت‘ پڙهو ان ۾ ڪالي ديويءَ جي سڄي تاريخ آهي ... “
اها غار سچ پچ ايئن ئي آهي ڄڻ ڪنهن راڪاس دروازو بند رکڻ لاءِ ڇِپ آڻي اتي رکي هجي. هيءَ گفا يوناني ڪٿا ”اوڊيسيس“ ۾ سائڪلوپس واري غار جهڙي آهي. سائڪلوپس، جيڪو هڪ اک وارو ديو آهي ۽ هڪ غار ۾ سڄو ڌڻ واڙي غار جي منهن تي وڏو پٿر ريڙهي ڇڏيندو هو.

نَينهن ٽڪر

نَينهن ٽڪر

نينهن ٽڪر سامونڊي، درياهي ۽ هوائي وهڪرن سان گڏوگڏ زلزلي جي به ڪارستاني آهي جنهن کي هاڻي وڏي ڏندڪٿائي حيثيت ملي وئي آهي. ٽڪر جي پاڙ ۾ وڏيون ڇِپون اهڙيءَ طرح اچي پيون آهن جو اهي قديم دور ۾ ماڻهن اجهي لاءِ استعمال ڪيون. اڄ به هڪ اهڙي ڇِپ هيٺان هڪ خلاصي اجهي کي نئين دور جو در هڻي ڪمرو ٺاهيو ويو آهي. هتي ڪنهن فقير جو قبضو آهي. هتي هڪ ڊگهي قبر به آهي جيڪا ڇتن شاهه جي چئي وڃي ٿي. هڪ همراهه ٻڌايو ته نينهن ٽڪر محمد بن قاسم جي ڪرامتي ترار سان ان وقت چئن ٽڪرن ۾ ڏري پيو. جڏهن هن ڪافر راجا ڏاهر تي ترار جا وار ڪيا هئا. ٽڪر ٽي چار سؤ فُٽ اوچو آهي پر ڪٿا ٻڌائيندڙ همراهه جو تخيل ان کان به وڏو هو.

سکر ۽ بکر جي تاريخ

سکر ۽ بکر جي تاريخ

قديم شهر اروڙ وٽان سنڌوءَ جو وهڪرو سن 946ع ۾ تبديل ٿيو، تڏهن کان بکر ۽ روهڙيءَ اهميت حاصل ڪئي. آهستي آهستي ماڻهن سکر وارو پاسو به وسايو. پر سکر شهر کي ان مهل وڌيڪ حيثيت ملي جڏهن اروڙ مڪمل تباهه ٿيو ۽ مغل دور ۾ خاص ڪري شاهه بيگ ارغون (وفات 1521ع- 928 هه) بکر جي ٻيٽ تان قديم ڪٽنبن کي لڏائي ڇڏيو. هونئن به سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جي تاريخ کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي. البت اروڙ جي ڦِٽڻ کان پوءِ هيءُ علائقو وڌيڪ اهميت وٺي سگهيو. اسان ڏسون ٿا ته اروڙ جي ڦٽل آثارن مان سرون کڻائي بکر جو قلعو تعمير ڪرايو ويو. ان کانپوءِ سکر کي فوجي اهميت ملي. ڇو ته پنجاب توڙي ڪوئٽا کان ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ هيءَ اهم جاءِ بڻجي وئي، افغانستان ۽ دهليءَ سان واپاري ناتن سکر کي عروج ڏنو.
ان عروج جي باوجود بنيادي اهميت بکر کي رهي جيڪو سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ تي قديم وقتن کان اهم فوجي اڏو هو. اهو چوڻ غلط ٿيندو ته مغلن جي دور ۾ بکر واري قلعي جي پيڙهه پئي. جيڪڏهن اسان بکر واري قلعي جي تاريخ قبل مسيح ۾ ڳوليون ۽ ان کي وڌاءُ سمجهيو وڃي تڏهن به سن 62- عيسوي ڌاري هڪ يوناني ليکڪ هن هنڌ بيهڪر (Behker) جي وجود بابت ذڪر ڪري ٿو.
876ع ڌاري بغداد جي حاڪم هارون رشيد هيءُ قلعو نئين سر ٺهرايو ۽ پوءِ ان جي مرمت ان ۾ ڦيرڦار جو سلسلو آخر تائين هلندو آيو. بکر جو ٻيٽ ساڳي اروڙـ سکر ٽڪريءَ جو حصو آهي. ٻيٽ جي اوچائي 25 فُٽ آهي جنهن تي 30-35 فُٽ اوچيون ديوارون ٺاهيون ويون. هن پڪ سري قلعي کي ٻه در هئا هڪ ڏکڻ ۾ ۽ ٻيو اوڀر ۾. اهو سنڌ تي ارغونن جي قبضي ۽ انتهائي ظلم جو دور هو مرزا شاهه بيگ ارغون ۽ مير فاضل ڪوڪلتاش اتر سنڌ ۾ جنگجو قبيلن کي ڏهڪاءَ ذريعي تعبيدار ڪيو. مهرن، ڌاريجن، سميجن ۽ سهتن جا لڳ ڀڳ پنجاهه سردار پيش پيا. هنن اها آڻ ايتري سولائيءَ سان نه مڃي هئي. ان ئي دور ۾ بکر قلعي جي ڏکڻ اوڀر وارو خوني برج ڪيترن ئي سُورهين کي کائي ويو. اهو خوني برج 1520ع کان 1522ع تائين اگهاڙي ظلم جو مثال هو. هيءُ ٺيڪ اهو دور آهي جڏهن سمن جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي يعني دولهه دريا خان ۽ مخدوم بلال وارو زمانو. 1541ع ڌاري همايون بکر تي ناڪام چڙهائي ڪئي. 1544ع ڌاري شيرشاهه سوريءَ چڙهائي ڪئي ان جو نالو شير ڳڙهه رکيائين. جلد ئي قلعو سندس هٿن مان نڪري ويو ۽ قلعي تي پراڻو نالو برقرار رهيو.
مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ قلعي کي اڃا مضبوط ۽ بلند ڪيو ويو. ديوار چاليهه فُٽ بلند ٿي، ستر برج ۽ ست دروازا تعمير ٿيا. بکر ٻيٽ جي ماپ اٽڪل 1000x2500 فُٽ آهي. 91-1590ع (999هه) ڌاري اڪبر بادشاهه، بکر جو علائقو مير معصوم شاهه کي جاگيرطور ڏيئي ڇڏيو، جنهن جا پونئير اڄ تائين سکر ۾ رهن ٿا. سنڌ جي تاريخ ۾ بکر واحد قلعو آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيو آهي. هر فاتح ٺاهه ۽ ٺڳيءَ سان قلعي جو قبضو ورتو آهي، ڪو به زور ۽ طاقت سان قلعي ۾ داخل نه ٿيو آهي. قلعي جي ماڳ جي اهميت جو اندازو ان مان هڻي سگهجي ٿو ته اڄ تائين هتي فوج رهي ٿي.
قلعي سان داراشڪوه (1658ع) جي نسبت جا پڙاڏا به اچن ٿا، جنهن کي سنڌ جي صوفين جي حمايت حاصل هئي. بکر ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن جي قبضي ۾ رهيو، جيڪو نيٺ خيرپور جي ميرن کان انگريزن ڇڏايو. سن 1865ع کان 1876ع تائين قيدخاني ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن ۾ 320 قيدي رکڻ جي گنجائش هئي. اڄڪلهه قلعو هڪ اهڙو ڦٽل آثار آهي. جنهن جي مرمت فقط ان ڪري نٿي ڪري سگهجي جو هتي پاڪستان جي فوج مستقل ڪئمپ هڻي ويٺي آهي.

خواجه خضر جو آستانو

خواجه خضر جو آستانو

سکر وٽان اوڀر کان اولهه وهندڙ درياهه جي پيٽ ۾ پهريون ننڍڙو ٻيٽ هڪ ايڪڙ ايراضيءَ تي ٻڌل آهي. درياهه چڙهڻ مهل اها ايراضي گهٽجي هڪ مختصر ٽاپوءَ جي شڪل وٺي ٿي. مسلمان هن ماڳ کي خواجه خضر سان منسوب ڪن ٿا جيڪو اسلامي ڏندڪٿا ۾ پاڻيءَ سان لاڳاپيل مقدس هستي آهي. خواجه خضر مسافرن کي دڳ لائي ٿو ۽ ٻڌندڙن جي واهر ڪري ٿو. هندو ان ماڳ کي جِندا پير (زندهه پير)، جهنڊو پير، درياهه شاهه ۽ اڏيرو لال ڪري سڏين ٿا، جيڪو درياهه پنٿين جو مکيه ديوتا آهي.
ملڪ ۾ درياهه پنٿين جا ماڳ گهڻائي آهن پر هيءُ واحد ماڳ آهي جنهن جي چوڌاري پاڻي آهي. ٻيا سڀئي ماڳ يا ته درياهه جي ڪنڌيءَ تي، ڪنهن پراڻي وهڪري تي يا وري جابلو چشمن تي آهن. هتي عام روايت ٻڌڻ ۾ ايندي ته پَلو (Hilsa) هن ٻيٽ جي چوڌاري ڦيرا ڏيئي حج ڪري ٿو ۽ ان کان مٿي درياهه ۾ نٿو وڌي ڇاڪاڻ ته پلي جي زندگيءَ جو مقصد ئي هتي پهچڻ آهي. اها روايت ان ڪري به صحيح ناهي جو بئراج پوڻ کان اڳ مٺڻ ڪوٽ وٽ ۽ پنجند ۾ به پلو مرندو هو. بهرحال، جيڪڏهن خواجه خضر ٻيٽ جي چوڌاري حج جي روايت کڻي قبول ڪجي تڏهن به پلو هاڻي ان سعادت کان محروم ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوٽڙي بئراج ۽ سکر بئراج ڪافرن جا بند بڻجي سندن راهه روڪي ويٺا آهن.
سنڌ ۾ درياهه پنٿين جي ديوتا جي سواري پلو آهي. ديوتا جي اها ئي سواري مول شريف ۾ به ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪو جبلن جي وچ ۾ سڪل نئه جي ڪنڌيءَ تي آهي. اُتي ته ڪو جهرڻو به ناهي. البت جر ۾ چڱو ۽ مٺو پاڻي آهي جيڪو کوهن ذريعي حاصل ڪيو وڃي ٿو. مول شريف واري مکيه مندر ۾ وڏي گنبذ هيٺ ڪنهن ديوتا جي مورتي نه پر هڪ کوهه آهي جنهن تي ’ماتا‘ پاڻ پوڄا ڪندي آهي. اڏيرو لال اصل ۾ هندو ڏندڪٿا واري وروڻ ديوتا جي سنڌي صورت آهي.

ساڌ ٻيلو

ساڌ ٻيلو

بکر کان لهواري طرف وڻن سان گِهريل سهڻو ٻيٽ سنڌ جو شايد سڀ کان سهڻو تيرت آستان آهي. ساڌ ٻيلي جي تاريخ گهڻي پراڻي ناهي پر مسلمانن جي اها دعوا ته ساڌ ٻيلو اصل ۾ شاد ٻيلو يا سعيد ٻيلو هو، اجائي لڳي ٿي ڇاڪاڻ ته اها دعوا سؤ سيڪڙو مفروضي تي ٻڌل آهي.
شري بابا بنکنڊي 1823ع ڌاري هن آستان تي پهتو ۽ هڪ سؤ ورهين جي ڄمار ۾ 1863ع ڌاري پرلوڪ پڌاري ويو. سندس اصل نالو ٻالچند هو پر ڇاڪاڻ ته هن نون سالن جي عمر ۾ گهر ڇڏيو ۽ بَنَ جو راهي ٿيو تنهن ڪري سندس گروءَ نالو مٽائي ’بن کنڊي‘ رکي ڇڏيو. هُو ذات جو برهمڻ ۽ اداسي پنٿ سان واسطو رکندڙ هو. اداسي پنٿي معنيٰ اهڙو ساڌو جيڪو سڄي عمر شادي نه ڪري ۽ پنهنجو اندر ماري ڇڏي . اداسي پنٿي سنياسي ۽ ساڌو ويرانن ۾ رهي پوري ڌيان سان تپسيا ڪندا آهن. اسان وٽ اداسي پنٿ سک مت سان لاڳاپيل رهيو آهي پر پوءِ ڏٺو ويو ته ڪي ’اداسي‘ پاڻ کي سِک سڏائڻ بدران هندو چوائڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا.
چون ٿا ته بنکنڊي مهاراج نيپال ملڪ کان آيو، جتي سندس ڌُوڻي آهي. سندس گرو هندستان جي رياست پٽياله ۾ هو. بابا بنکنڊي جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن سندس عمر 60- سالن جي لڳ ڀڳ هئي . اهو ٽالپرن جو دور هو. چون ٿا ته مير سهراب خان اڪثر هن ساڌوءَ سان ملڻ ايندو هو. ساڌ ٻيلي ۾ بڙن جا ٽي وڻ هنيا ويا جن جا نالا برهما، مهيش ۽ وشنو رکيا ويا ان سان گڏوگڏ هوريان هوريان ڪالي، شو، گڻيش ۽ هنومان جا مندر ٺاهيا ويا. ڇاڪاڻ ته بکر ۽ روهڙيءَ جي وڏي آبادي هندن تي ٻڌل هئي ۽ ميرن جا وزير ۽ شهر جا شاهوڪار سيٺيون هندو هئا، تنهن ڪري ساڌ ٻيلي ترقي وٺڻ ۾ دير نه ڪئي. خود مير سهراب خان ۽ پوءِ انگريزن هيءُ ٻيٽ تيرٿ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو.
شروع شروع ۾ هيءُ تيرٿ هندو ياترين لاءِ آشرم ۽ اَجهي طور ڪتب آندو ويو پر پوءِ پاڻ به هوريان هوريان تيرٿ ٿي ويو. پنجاهه کن سال اڳ تائين ساڌ ٻيلو وڏي ڳالهه هئي. ان وقت تائين هتي وڏيون پڪيون عمارتون، درٻار، مندر، مڙهيون، آشرم، لئبريري، باغيچا ۽ گهاٽ ٺهي چڪا هئا. لئبريريءَ لاءِ جدا عمارت هئي جيڪا هاڻي کنڊر ٿي چڪي آهي.
ساڌ ٻيلي تيرٿ تي ڏسڻ لاءِ خاص ڳالهيون مرڪزي درٻار، ٻيٽ جي چئني پاسي فطرت جي سونهن ۽ سنگ مرمر جو ڪم آهي. مرڪزي درٻار جي هڪ ديوار تي هڪ مڙهيل مورتيءَ بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته اها ساميءَ جي آهي. سنڌي شاعريءَ جو ٽيون اهم ٿنڀو. جيتوڻيڪ مورتيءَ واري صورت جي اصل هئڻ بابت ڪو به تصديق نٿو ڪري.
ساڌ ٻيلي جي ڏاڪڻين تي پير رکڻ شرط پهرين نگاهه سامهون واري ديوار تي پوي ٿي جنهن تي سنگ مرمر تراشي ڪنهن ڪلاڪار نرڳ ۽ سرڳ جو فلسفو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪو ماڻهو جهڙا ڪرم (عمل) ڪري ٿو، ان جو ڦل اَوس ڀوڳي ٿو. عورت هجي يا مرد، ننڍو هجي يا وڏو کيس پنهنجي هر عمل جو حساب ڏيڻو آهي. سامهون ديوار تي اڪريل شاهڪار ۾ هندو تصور موجب بهشت ۽ دوزخ جا منظر آهن. بهشت ۾ سک ۽ اَنند آهي ۽ دوزخ ۾ عذاب ۽ ڀوڳنائون.
ساڌ ٻيلو سنڌ ۾ هندن جي انهن تمام ٿورن تيرٿ آستانن مان هڪ آهي جتي مسلمان نٿا وڃن. نه ته لڳ ڀڳ هر تيرٿ مسلمانن لاءِ ساڳي اهميت جو ماڳ آهي. اڄڪلهه ڪنهن به غير هندوءَ کي ساڌ ٻيلي ڏانهن وڃڻ کان اڳ مقامي انتظاميه ۽ پنچائت کان اجازت نامو وٺڻو پوي ٿو البت سِک مت وارا سولائيءَ سان وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته بابا سريچند جي نالي سان به هتي هڪ مندر آهي، هونئن به سنڌ جا سک هندو ڌرم جو حصو سمجهيا وڃن ٿا. بابا سريچند صاحب (1643- 1494ع) گرونانڪ جو وڏو پٽ ۽ اداسي پنٿي هو.
ساڌ ٻيلي جي تاريخ گهڻي پراڻي نه سهي، سهڻو ڏاڍو آهي. ٻيٽ جي وڏي حصي کي چؤطرف مضبوط ديوار ڏني وئي آهي جنهن ڪري درياهه ۾ چاڙهه وقت خير رهي ٿو البت سکر واري ڪنڌيءَ جو پتڻ، جتان ساڌ ٻيلي لاءِ ٻيڙيءَ تي چڙهجي ٿو بند ٿي ويندو آهي‏. مهاڻن جو عقيدو آهي ته ان هنڌ درياهه شاهه هر سال ٻوڏن دوران ٻن چئن ماڻهن جي ڀيٽا وٺندو آهي ۽ ٻيڙيون اٿلائي ڇڏيندو آهي. سچ پچ ته هن هنڌان اونهاري ۾ درياهه جو ويڪرو ايڏو ئي تکو ۽ خطرناڪ ٿي ويندو آهي. پاڻي چڙهندو آهي ته ذري گهٽ سڀ ڏاڪڻيون چڙهي نرڳ سرڳ جا منظر ڏسڻ بيهي رهندو آهي ۽ جڏهن واپس لهندو آهي ته تڏهن پاڻ سان آندل لٽ سان تيرٿ جون ڏاڪڻيون به لٽي ويندو آهي. پنچائت ۽ پوئلڳ پوءِ سيپٽمبر ڌاري اها لٽ کرڙي لاهيندا آهن. هتي هر سال بابا بنکنڊي جي ورسيءَ جي موقعي تي ميلو لڳي ٿو.
منظر ڏسڻو آهي ته جنهن به پاسي کان وڃي بيهجي. هر طرف کان سونهن وَسي ٿي. چؤطرف ڪيڏي به گرمي ۽ لڪ هجي، هتي وڻ ٿڌ ڇڻڪارين ٿا. اُتر ۾ ٽڪرين تان ڪَڪَر کڻي بيٺل سکر جون جايون، اوڀر ۾ بکر جي ٻيٽ تي جهڪيل پُلين جو جهگٽو، اتر اوڀر ۾ روهڙيءَ پٻ کڻي بيٺل بلند عمارتون، ڏکڻ ۾ سنڌوءَ جو وشال ۽ اٿاهه پيٽ ۽ اولهه ۾ سکر بئراج جا ڇاهٺ دروازا.

سَتين جو آستان

سَتين جو آستان

سنڌي ماڻهن کي پڪ آهي ته سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي روهڙي ـ بکر پل وٽ ٽڪريءَ تي ست مکيه قبرون سَتين جون آهن. کانئن پڇبو ته اهي سَتيون ڪير هيون؟ ته ٺڙ ٺپ چوندا، ”بيبيون هيون، پنهنجي عزت بچائيندي هتي زمين ۾ گهڙي ويون.“ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ستين جي آستان تي موجود پٿر جي ستن ئي مکيه قبرن مان ڪا به هڪ عورت جي ناهي. سڀ کان نمايان قبر بکر جي حاڪم ابو القاسم نمڪين جي آهي جيڪو اڪبر اعظم جي وقت ۾ بکر ۽ سيوهڻ جو جاگيردار هو ۽ پوءِ جهانگير جي دور ۾ قنڌار لڳ هڪ لڙائيءَ ۾ 1018 هجريءَ (1609ع) ۾ مارجي ويو هو. سندس لاش سکر آندو ويو ۽ پوءِ روهڙيءَ لڳ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. ٻيون قبرون سندس ويجهن مائٽن جون آهن. ستين جي آستان جا ٻيا نالا قاسم خاني ۽ صفن صفا آهن، جتي پهرين قبر ابو القاسم جي ٺهي ۽ پوءِ اهو ماڳ شاهي خاندان جي قبرستان ۾ تبديل ٿي آهي. قبرستان ۾ موجود قبرون 1018 هه کان 1301 هه جون آهن.
خبر ناهي ته ڇو سنڌي ماڻهن ۾ اعتبار جي ڏاڍي عادت آهي. بس ڪنهن چئي ڇڏيو ته اهو ستين جو آستان آهي ۽ ستين جي ڪهاڻي هيءَ آهي. سنڌين لاءِ اها ڳالهه ڪافي آهي. ائين ڇو آهي؟ ڇا سنڌي ماڻهو قبرن جا ڪتبا به پڙهي نه ٿي سگهيا. کين اکين کان وڌيڪ ڪنن تي اعتبار ڇو آهي؟ مان سمجهان ٿو ته شاهي خاندان جي قبرستان کان عام ماڻهن کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هوندي. هتي ابوالقاسم جي ڪٽنب جون عورتون به پوريل آهن. هيءُ هڪ قسم جو خاص ۽ ذاتي قبرستان آهي. ان ڪري ضروري نه هو ته هر ماڻهوءَ کي اوڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. قبرستان جو در ۽ اندرين سوڙهي ڏاڪڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي. هتي پڪ سان هڪ چوڪيدار مقرر ڪيو ويو هوندو. قبرستان جو در بند رهندو هو، فقط شاهي ڪٽنب جا فرد هت هر وقت اچي سگهڻ جا مجاز هوندا. صفن صفا ۾ شاهي ڪٽنب جي عورتن جي تدفين کانپوءِ غير مردن جو هتي اچڻ هونئن ئي معيوب سمجهيو ويو هوندو. اڄ به پيرن جي درگاهن تي عورتن جون قبرون جدا چ‍وديوارين ۾ نظر اينديون. اوڏانهن ڪنهن به غير مرد کي فاتحه لاءِ وڃڻ ڪو نه ڏين. چون، ”اندر پاڪن جون قبرون آهن ... ٻاهرون بيهي ڀلي دعا گهرو.“ اهو بلڪل ممڪن آهي ته صدين تائين صفن صفا قبرستان ۾ گهڙڻ تي پابنديءَ سبب عام ماڻهن مکيه قبرن کي ستين ۽ پاڪن جون قبرون سمجهي، تصديق ڪرڻ کان سواءِ ’سَتين جو آستان‘ لفظ ايترا ڀيرا ورجايو جو اهو سچ قبول ڪيو ويو آهي.
ستين جو آستان مغل دور جو سهڻو قبرستان آهي. اتر سنڌ جي جن ماڻهن ڪڏهن، مغلن جون قبرون ۽ مڪلي نه ڏٺي هجي، ستين جي آستان تي انهن جي جهلڪ ڏسي سگهن ٿا. پٿر جي هڪ ڊگهي ڏاڪڻ قبرستان جي مکيه دروازي تائين پهچائي ٿي، جتي وچولي ماپ جو هڪ دروازو آهي. دروازي مان اندر ٽپبو ته ساڄي ۽ کاٻي پاسي ورانڊن جهڙيون ڪوٺيون نظر اينديون. پٿر جي ڄاريءَ سان بند هئڻ ڪري انهن ۾ روشني ۽ هوا جو سٺو گذر آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي سنڀال لاءِ مقرر ٿيل چوڪيدار جي ڪم جون هجن يا وري شاهي ڪٽنب جا ڀاتي اتي ويهي، پنهنجي بزرگن جي ڇوٽڪاري لاءِ دعائون گهرندا هجن. بهرحال، اڄڪلهه قديم آثارن جي کاتي پاران مقرر ٿيل اڻپڙهيل چوڪيدار هر ايندڙ ويندڙ کي ٻڌائي ٿو ته انهن ئي ڪوٺڙين ۾ سَتيون غائب ٿي ويون هيون.
مٿي ويندڙ ڏاڪڻ مان ساڄي ۽ کاٻي (اوڀر ۽ اولهه پاسي) هڪٻئي جي پويان ست ڪمرا آهن: هڪ پاسي ٽي ۽ ٻئي پاسي چار. ٽڪريءَ جي اتر پاسي به ٻه ننڍڙيون ڪوٺڙيون آهن، ساڳي طرح ڏکڻ طرف مسجد جي هيٺان ٻه ڪمرا آهن. ايِئن ٿو لڳي ته اهي پاسا قدرتي کاڌ سبب لاهِيدار هئا. انهن کي سڌو ڪري ديوارون ڏيئي ٻه مقصد حاصل ڪيا ويا. ايئن هڪ نموني ٽڪريءَ کي سهارو يا ٽيڪ ملي وئي ته ٻئي پاسي اهي ڪوٺڙيون ڪنهن ڪم اچي ويون.
سوڙهي ڏاڪڻ مٿي ٽڪريءَ جي ڇت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. هتي چؤطرف قبرون آهن، پر ڏاڍي ترتيب سان. قبرن تي اُڪر وارو ريتيلو پٿر روهڙي- سکر وارين ٽڪرين جو ناهي. نه ئي هن علائقي ۾ هن نموني جون ڪي ٻيون قبرون آهن، سکر ۾ معصوم شاهه جي مناري وٽ قبرن کان سواءِ. ڪي قبرون ساديون به آهن پر گهڙيل قبرن جو تعداد سٺو آهي ڪجهه اهم قبرون مرڪزي وڏي ٿلهي تي ٺهيل آهن، جنهن جي چئني ڪنڊن تي مناري جهڙا ٺل آهن، اهي قبرن جي مالڪن جي شاهي حيثيت کي ظاهر ڪن ٿا. ستين جي آستان واري قبرستان ۾ فقط پٿر جون ئي قبرون ناهن، پر ڪاشيءَ جي آرائش چڱي خاصي آهي. شاهي ٿلهي جا ٺُل به ڪاشيءَ سان سينگاريل آهن. شاهي ٿلهي جي اولهه ۾ هڪ مسجد جا نشان اڃا باقي آهن، جنهن تي ڪاشيءَ جو سهڻو ڪم ٿيل هو. کنڊر ڏسي چئي سگهجي ٿو ته مسجد پنهنجي وقت جو شاهڪار ۽ شاهي مزاج موجب هئي.
سکر ۽ روهڙيءَ جي ڪنهن به ڪنڊ تان سنڌوءَ جي سونهن ڏسجي. اها جادوئي اثر رکي ٿي. ستين جي آستان تان ڏکڻ طرف کجين جا شاهي وڻ آهن، اتر طرف لئنسڊائون ۽ ايوب پل انڊلٺ وانگر روهڙي ۽ بکر کي ڳنڍين ٿيون. اتر ۾ بکر جي قلعي ۽ ساڌ ٻيلي جي ٻيٽن پويان درياهه جي ويڪري پيٽ جي هُن ڀر سکر جون اوچيون عمارتون ۽ دور اتر اولهه ڪنڊ ۾ معصوم شاهه جو منارو، اولهه ۾ سکر بئراج آهي. منظر ڏسي ڏسي اکيون نٿيون ڍاپجن. اهو ئي سهڻو منظر آهي جنهن سبب ابو القاسم نمڪين ڇڪجي اِتي چانڊوڪين راتين ۾ اچي شاعريءَ جون محفلون ڪندو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس قبر به (1609ع ۾) سندس پسنديده جاءِ تي ٺهي. سچ پچ ته هيءُ نظارو سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو هڪ گروپ فوٽو آهي.

روهڙي

روهڙي

روهه معنيٰ ٽڪري ۽ روهڙي معنيٰ ننڍڙي ٽڪري. هيءُ سڌو سنئون جاگرافيائي نالو آهي. روهڙي، ٽڪرين تي ٺهيل آهي. سنڌوءَ اروڙ کان منهن موڙيو ته هتان اچي نڪتي ۽ ان جي ڪڍ اروڙ جي آبادي به هتي اچي گهر اڏيا. پر ان کان به اڳي هيءُ ٽڪريون آباد هيون جنهن ڪري شڪ پوي ٿو ته ان کان به اڳ ڪڏهن سنڌوءَ جو وهڪرو سکر روهڙيءَ جي ٽڪرين وٽان هو. سکر ۽ روهڙيءَ جي ٽڪرين تان نه فقط پٿر جي دور جا اوزار لڀجن ٿا پر پوءِ وارن وقتن ۾ به هتي آباديون موجود هيون. اهو سلسلو سکر جي اتر کان لاکين جي دڙي وٽان شروع ٿي ڪوٽڏجيءَ جي آثارن تائين هلي ٿو.

وار مبارڪ

وار مبارڪ

روهڙيءَ کي تقدس وچان روهڙي شريف به سڏيو وڃي ٿو. سبب اهو ئي آهي ته هتي نبي سڳوري سان منسوب ’وار مبارڪ‘ آهي. وار مبارڪ درياهه جي ڪنڌي لڳ هڪ عمارت ۾ محفوظ آهي. 25x25 چورس فٽن جي ڪمري تي ٻڌل هن عمارت جو سائو گنبذ پري کان ڏسجي ٿو. وار مبارڪ سن 952 هه مطابق 1545ع ۾ روهڙي آيو پر اها عمارت غالباً مير محمد ڪلهوڙي (وفات: 1719ع) ٺهرائي (يا مرمت ڪرائي) هئي. ميان مير محمد ميان يار محمد ڪلهوڙي جو ڀاءُ ۽ ٻانهن ٻيلي هو. روايت آهي ته ميان عبدالباقي صديقيءَ هڪ عرب خاتون سان شادي ڪئي هئي جنهن کي سندس سهري نظام الدين استنبول (952هه / 1545ع) ۾ اهو وار مبارڪ ڏنو هو، ۽ روهڙيءَ ۾ سيد حيدر شاهه حقاني ۽ مخدوم عبدالملڪ درٻيلويءَ جي (وار مبارڪ جي اصلي هجڻ بابت خوابن ۾ آيل گواهيءَ تي) ظاهر ڪيو ويو. وار مبارڪ جي زيارت خاص خاص موقعن تي ۽ هر سال نائين ڏهين ذوالحج تي ڏاڍي عزت ۽ احترام سان ڪرائي ويندي آهي. وار مبارڪ ڏاڍي حفاظت سان رکيل آهي. ماڻهو زيارت مهل دل ۾ يا ڏاڍيان درود شريف پڙهن ٿا. وار مبارڪ جي ڀرسان ٻي تاريخي عمارت هڪ جامع مسجد جي آهي، جيڪا 992هه (1584ع) ۾ نواب فتح خان ٺهرائي. مسجد جو نالو اڪبر بادشاهه سان منسوب آهي. ٽن قبن تي مشتمل اها مسجد ڳاڙهين سرن ۽ ڪاشيءَ جي ڪم سان سينگاري وئي هئي. هاڻي درياهه جي فطرت سبب ويران حالت ۾ آهي.

پتن جي ماڙي

پتن جي ماڙي

اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو ماڻهو لئنسڊائون پل رستي سکر کان روهڙي وڃڻ وقت پتڻ جي ماڙي نه ڏسي. اها ست ماڙ عمارت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ٺهي. هيءَ ’ڪنهيا لال ڪاٽيج‘ آهي، جيڪا 1934ع ۾ ٺهي هئي. ڳاڙهين سرن سان ٺهيل عمارت جون مٿيون ٽي منزلون خوبصورت گئلرين ۽ ٽيرسن تي ٻڌل آهن. سچ پچ ته هندو سيٺين کي سهڻيون عمارتون اڏڻ جو شوق هو. پتن جي ماڙيءَ وانگر بيٺل هيءَ عمارت سڄي سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جي اڪيلي عمارت آهي. اسان پتن جي ماڙيءَ جي ڇت تان بيهي سنڌوءَ جو منظر نه ڏٺو آهي پر يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهو نظارو ستين جي آستان واري نظاري کان گهٽ نه هوندو.

معصوم شاهه جو منارو

معصوم شاهه جو منارو

منارو سکر جي سڃاڻپ آهي، جيڪو وچ شهر ۾ واقع آهي. مغل دور ۾ نواب معصوم شاهه بکري پنهنجي زندگيءَ ۾ هي يادگار ٺهرائڻ شروع ڪيو. ان جي اڏاوت سن 1593ع کان شروع ٿي، چوڏهن سالن ۾ يعني 1607ع ۾ مڪمل ٿي وئي. معصوم شاهه سنڌ جو تاريخ نويس حاڪم هو، سندس لکيل ڪتاب ’تاريخ معصومي‘ سنڌ جي تاريخ تي بنيادي ڪتاب مان هڪ آهي. مير معصوم شاهه اڪبر بادشاهه جو سکر تي مقرر اهم ۽ طاقتور نواب هو جنهن 1595ع ڌاري سبيءَ تي چڙهائي ڪري ان کي مغل راڄ ۾ شامل ڪيو هو ۽ پوءِ کيس اڪبر بادشاهه اتي گورنر مقرر ڪيو هو.
هن مخروطي مناري جو گهيرو 84 فُٽ آهي. 84 ڏاڪڻيون اٿس ۽ 84 فُٽ اوچو آهي. هر ڏاڪو هڪ فُٽ جو آهي. مناري جي مٿين گنبذي چوٽيءَ کي به اوچائيءَ ۾ شامل ڪجي ته پوءِ ڪُل اوچائي هڪ سؤ فُٽ ٿيندي. اڳي هتي ڪافي عمارتون هيون پر هاڻي فقط ٽي اهم عمارتون آهن. هڪ منارو ٻيو هڪ گنبذ وارو ڪمرو جنهن ۾ پڻ مٿي چڙهڻ لاءِ رستو آهي ۽ ٽيون هڪ ڇپرو آهي جنهن ۾ معصوم شاهه جي قبر سميت ڪجهه ٻيون به پٿر جون گهڙيل قبرون آهن.
اهي عمارتون پڪل ڳاڙهين سرن جون آهن جن ۾ سرن سان ئي مختلف ڊزائنيون ٺاهيون ويون آهن، ڪاشيءَ جي ڪم جون پَٽيون ۽ مٿي اڇي رنگ جو چُن پلستر مناري ۽ گنبذ واري ڪمري جو شان وڌائين ٿا. معصوم شاهه جي مناري تي چڙهڻ لاءِ اندران ئي اندران پٿر جون سوڙهيون ڏاڪڻيون آهن جن تان هڪ وقت ۾ هڪ ماڻهو لنگهي سگهي ٿو. چوٽيءَ تائين پهچڻ کان اڳ ٻه منزلون آهن جتي ترسي ساهي کڻي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هي منارو هڪ ٽڪريءَ تي آهي تنهن ڪري مناري جي چوٽيءَ تي بيهڻ سان سڄو سکر، بکر ۽ روهڙي اکين آڏو بيهي رهن ٿا ۽ سنڌوءَ جي سائي ماٿري اکيون جهليو ڇڏي. معصوم شاهه جي مناري تي چڙهڻ لاءِ معمولي ٽڪيٽ رکيل آهي. مٿي ڪئمرا کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي ڇو ته اوچائيءَ تان شهرين جي اڱڻن تي سڌي نظر پوي ٿي.

آدم شاهه جو مقبرو

آدم شاهه جو مقبرو

سکر جي اولهه واري حصي ۾ آدم جي شاهه جي ٽڪريءَ تي آدم شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو آهي، جيڪو سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪمن جو ڏاڏو هو. تاريخن موجب آفم شاهه ڄام چيني جي ڏهين پيڙهيءَ مان هو. هن سيد محمد جونپوري (ڄام نظام الدين جو همعصر) جي تحريڪ کي اڳتي وڌايو ۽ (غلام شاهه) هٽڙي وٽ پنهنجو مرڪز قائم ڪيو. 1591ع ڌاري هو ديري غازي خان ويو ۽ پنهنجن مريدن جو پهريون دائرو قائم ڪيائين. سندس دائري ۽ مريدن جي وسعت سبب بکر سرڪار کيس گرفتار ڪيو ۽ ملتان جي گورنر مرزا ڪوڪلتاش ڏانهن اماڻيو، جنهن کيس 1600ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب لاش ملتان مان کڻائي هِتي سکر ۾ دفن ڪيو ويو. آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي اڇي رنگ جا ٽي چار مقبرا آهن، انهن مان سڀ کان اوچو ۽ نمايان چوڪنڊو ۽ اٺڪنڊي ڳچيءَ وارو مقبرو آدم شاهه جو آهي. هي مقبرو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1774ع ۾ ٺهرايو هو.
مقبري جو در ڏکڻ کان آهي. ماپ لڳ ڀڳ 30x30 فُٽ اٿس. اندر سهڻي گچڪاري ٿيل آهي. عمارت جو بنياد پٿر جي بي ترتيب بلاڪن تي رکيل ۽ مٿي ڳاڙهي سر استعمال ٿيل آهي جنهن تي چُن جو پلستر ڪيو ويو هو. گنبذ لاءِ بيهاريل اٺڪنڊي ڳچيءَ ۾ چار دريون هوا ۽ روشنيءَ لاءِ رکيل آهن.

سکر پتڻ

سکر پتڻ

سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي سفر ڪندي محسوس ڪري سگهبو ته درياهي ثقافت ۽ واپار جو اوج گهٽجي چڪو آهي. هونئن ته سکر ڪاٺ جي ڪاروبار جي اڃا سٺي مَڏي آهي پر ماضيءَ جو اهو اندازو ان مان به هڻي سگهجي ٿو ته بئراج ۽ ريلوي اسٽيشن کان درياهه تائين جيڪا ريلوي جي پٽڙي وِڇائي وئي هئي، زمانو لنگهي ويو جو ان تي ڪا ريل هلي هجي! اها پٽڙي بندرگاهه تان سامان کڻڻ لاءِ وڇائي وئي هئي. هاڻي درياهي واپار گهٽجي ويو آهي ته اها سهولت به گهٽجي وئي آهي.
درياهه جي ڪنڌي جيڪا ڪنهن وقت آزاد هئي، هاڻي غيرقانوني قبضن هيٺ آهي. مهاڻن جي آبادي ڪجهه وڌي ته انهن پنهنجا پکا ٺاهيا پر قبضو ڪندڙن ۾ اڪثريت غير مقامي ۽ پناهگير آبادين جي آهي. جنهن ڪري درياهه جي ڪنڌي سان گڏوگڏ هلندڙ مکيه رستن تان درياهه جو منظر نٿو ڏسي سگهجي. ساڌ ٻيلي جي سامهون ڪنڌيءَ وٽ پراڻو بندر قائم هو. اهڙي سرگرمي اڄ به ساڳي جاءِ تي آهي. ان ئي سرگرميءَ سبب معصوم شاهه بکريءَ جي زماني ۾ هتي منزل گاهه وجود ورتو جيڪا هاڻي مسجد منزل گاهه سڏجي ٿي. شهر جي آباديءَ کي هاڻي سولائيءَ سان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. اڌواڌ آبادي سنڌي ڳالهائيندڙن جي آهي باقي اڌ اردو ڳالهائيندڙ ۽ پنجابي ماڻهو شامل آهن.
بندر گاهه تي ڪاٺ جا وڏا ذخيرا هر وقت نظر ايندا جن ۾ ٻارڻ توڙي عمارتي ڪاٺ شامل آهي. ڪاٺ جي وڏي مڏي هئڻ سبب شهر جي ڏکڻ واري حصي ۾ ڪاٺ جي مارڪيٽ ٺهي پئي آهي جتان ٻين شهرن جا واپاري خريداري ڪري وڃن ٿا. ٻي وڏي سرگرمي مهاڻن جي آهي جن جا ٻه مکيه ڪم وڃي رهيا آهن، مڇي مارڻ ۽ پتڻ اڪارڻ. پاتڻي ساڌ ٻيلي جي ياترين کي کڻي ٻيٽ تي لاهين ۽ واپس آڻين ٿا. ساڌ ٻيلو سکر پتڻ کان پري ناهي، ڏيڍ ٻه سؤ فُٽ مس ٿيندا پر هتان پاڻيءَ جو وهڪرو ڪافي تکو آهي، ٿوڙي غلطي ٻيڙي اٿلائي سگهي ٿي، ان ڪري پاتڻي چاڙهه واري وقت ۾ اهڙو جوکم ڪو نه کڻن، پر گهڻي احتياط جي باوجود هر سال هڪ اڌ ٻيڙي ضرور ٻڏي.
پتڻ تي بيهي ڏسبو ته هر قسم جي ٻيڙي نظر ايندي، بار ڍوئيندڙن ڊونڊيون، ڪنڊي ٻيڙيون، ننڍڙا بتيلا ... ائين پيو لڳندو ڄڻ ٻيڙين جي برادري ڪنهن خاص موقعي تي اچي ڪٺي ٿي آهي. ٻيڙين تي ٿيل چٽسالي ۽ رنگ روپ دل پيو ڇڪيندو. ٻيڙيون گهڻو ڪري سڀ پراڻي طرز جون آهن انهن ۾ اڃا موٽرون وجهڻ جو رواج نه پيو آهي جيئن سنڌ جي ڍنڍن ۾ ۽ سمنڊ ۾ پئجي چڪو آهي. هِتي موٽرن جو رواج نه هئڻ ڪري سڙهه واريون ٻيڙيون به نظر اچن ٿيون.
پاتڻي اڳي روهڙيءَ کان سکر تائين پيا ايندا ويندا هئا پر پُليون پوڻ کان روزگار گهٽجي ويو اٿن، فقط ساڌ ٻيلن تائين وڃن يا وري ڪو سياح درياهه جو سير ڪرڻ گهري يا وري خواجه خضر جي آستاني تائين وڃڻ جي خواهش ڪري ته انهن کي گهمائين. سنڌوءَ تي شايد هيءُ اڪيلو پتڻ وڃي بچيو آهي جتي مهاڻا ٻيڙين ۾ رهن ٿا. اخباري رپورٽون چون ٿيون ته ٻيلن ۾ ڌاڙيلن جي سرگرمين ۽ پوليس جي وٺ وٺان سبب سکر کان ڪوٽڙيءَ تائين مهاڻا وڏي مصيبت ۾ پئجي ويا آهن. ڳوٺاڻا پتڻ اڪرڻ کان لنوائين ٿا ۽ مهاڻا به وقت به وقت ڌاڙيلن ۽ پوليس جي ظلم کان ڪڪ اچي ڪنڌيون ۽ ڪچا ڇڏي پڪي ڏانهن لڏيندا پيا وڃن ۽ اتي وڃي ڳوٺ ٻڌا اٿن. انهن ونجهه ۽ ڄار ڦٽا ڪري هر کنيو آهي. سکر جو پتڻ شهري علائقي ۾ هئڻ ڪري امن امان ۾ آهي ۽ ظاهري طرح مهاڻا سک ۾ آهن ۽ هر ڪو پنهنجي ڪرت سان لڳو پيو آهي. مهاڻيون روزگار ۾ پنهنجن ورن سان هٿ ونڊائين ٿيون. سنڌ ۾ اهو منظر ورلي ڪنهن پتڻ تي نظر ايندو. رڌو پڪو ۽ ٻار نپائڻ ته هونئن ئي مائرن جو ڪم آهي. سکر جي پتڻ تي ڪا به مهاڻي واندي ويٺل نظر نه ايندي.

مسجد منزل گاهه

مسجد منزل گاهه

مسجد منزل گاهه ساڌ ٻيلي جي سامهون پتڻ تي ٺيڪ ان هنڌ واقع آهي جتان ياتري ٻيڙين تي چڙهن ٿا، ان ڪري اها منزل گاهه مهڙ کان ئي هندو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻجي وئي. اتي ٺهيل مسجد انگريزن جي پڇاڙڪي دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سياسي قوت جو مرڪز آهي. هتي جمعيت علماءِ اسلام سان تعلق رکندڙ علماءَ پنهنجو اثر رکن ٿا. ان سبب هندو مسلم تڪرار جنم ورتو جيڪو پوءِ انگريزن جي عدالت ۾ نبريو. اهو ڪيس ’مسجد منزل گاهه ڪيس‘ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.
مسجد ۾ هڪ قديم فارسي ڪتبو ۽ بچيل آثار ڏسي سگهجن ٿا. هڪ ڪٿا موجب ڪنهن وقت ساڌ ٻيلي ۽ مسجد منزل گاهه جي وچ ۾ درياهه جي هيٺان هڪ سرنگهه هئي پر اها ڪٿا سچي ثابت نه ٿي آهي.
ٺيڪ ان جاءِ تي، جنهن پتڻ تان ٻيڙيون ساڌ ٻيلي جا ياتري کڻن ٿيون، ڪنڌيءَ تي هڪ چؤديواريءَ ۾ ٻه ننڍڙيون گنبذ دار جايون آهن. ان ماڳ کي ’مسجد منزل گاهه‘ سڏيو وڃي ٿو. انگريزن ان کي ’ڪئمپنگ گرائونڊ‘ ٿي سڏيو. انهن مان هڪ وڏي عمارت ۾ ڪتبي موجب 1006 هجري (98-1597ع) ۾ مير معصوم بکريءَ ٺهرائي. عمارت تي اهو فارسي ڪتبو اڃا به لڳل آهي.

خوشا منزلِ باغ رضوان رقم، ڪه جان را دهد فيض باغِ اِرم
بتاريخ اين جاءِ عشرت سرشت زهي جائي عشرت رقم زد قلم

سن 1843ع ۾ جڏهن انگريزن جا ڳرا قدم پيا ته انهن گنبذ وارين جاين مان هڪ جاءِ ۾ پوسٽ آفيس ۽ ٻيءَ ۾ شراب خانو کوليو. 1928ع ڌاري سيد ڪرم علي شاهه (سائين اميد علي شاهه عرف ڏاڏا شاهه جو والد ۽ خيرپور مان پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي قومي اسيمبلي ميمبر سيد پرويز علي شاهه جو ڏاڏو) انگريزن جي اجازت سان انهيءَ عمارتن کي چؤديواري ڏياري.
اهو ئي دور هو جڏهن کان تڪرار شروع ٿيو. مسلمانن دعويٰ ڪئي ته اهي عمارتون مسجد ۽ ان سان لاڳاپيل آهن، ان ڪري اهي مسلمانن جي حوالي ڪيون وڃن. هندن جي دعويٰ هئي ته اها مسجد ناهي ۽ ڇاڪاڻ ته اها ساڌ ٻيلي واري پتڻ تي آهي، ان ڪري اها سندن حوالي ڪئي وڃي. ان تڪرار هوريان هوريان وڏي شدت اختيار ڪئي.
نيٺ فيصلو ٿيو ته ستياگره پُرامن تحريڪ هلائي جيل ڀربا. پر نومبر 1939ع ۾ مسلمان ٽپي پيا ۽ قبضو ڪيائون. س‍وَن جي تعداد ۾ ماڻهو مئا، جن مان اڪثر هندو هئا. ان ويڙهه ۾ لٺيون، بانٺا، ڪهاڙيون، خنجر ۽ بندوقون سڀ ڪجهه استعمال ٿيو. انگريزن قبضو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مسلمانن مزاحمت ڪئي. پوءِ انگريزن قبضو ته رهڻ ڏنو پر هڪ انڪوائري ڪورٽ ويهاري جنهن جو سربراهه جسٽس اِي ويسٽن (E.Weston) هو. کيس هدايت ڪئي وئي ته هو ٻن سوالن جا جواب ڏي. پهريون اهو ته ڇا اهي گنبذي عمارتون مسجد طور ٺاهيون ويون هيون ۽ ٻيو اهو ته ڇا اهي عمارتون ڪڏهن مسجد طور استعمال به ٿيون؟
ڪيس هليو ته وڏا ڦاٽ ڦاٽا. اول ته اها خبر پئي ته مسلمانن جي اڳواڻي شدت پسند مولوين نه پر مسلم ليگي اڳواڻن پئي ڪئي. ان واقعي ۾ جي. ايم. سيد، آغا غلام نبي پٺاڻ، پير علي محمد راشدي ۽ عبدالله هارون گرفتار ٿي جيل ۾ پيا. هندن جي پاران مزاحمت ساڌ ٻيلي جي گادي نشين، سندس چيلن ۽ شهري هندو مهاسڀائين ڪئي.
قصو ڪوتاهه، جج صاحب وڏي تحقيق ڪئي. معاملي جا آنڊا گجيون ڪڍي نيٺ فيصلو ڏنائين. وٽس ايترو مواد هو جو هو گهڻائي فيصلا به ڪري سگهيو ٿي پر هن پنهنجا نتيجا فقط اوترا ئي ظاهر ڪيا جيتري کيس هدايت هئي. هن فيصلو ڏنو ته اولهه واري عمارت بنيادي طور تي مسجد لاءِ ٺاهي وئي هئي ۽ 1882ع کان اڳ اهڙي شاهدي ناهي ته اها مسجد طور استعمال ٿي.
هيءُ ڪيس سنڌ جي صوفياڻي تاريخ کي رتورت ڪرڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، يقيناً هن ڪيس جا دستاويز پڙهڻ وٽان آهن.

لئنسڊائون پُل

لئنسڊائون پُل

انگريزن بهادر ملڪ ۾ ريلوي سرشتو قائم ڪرڻ ۾ گهڻي سرگرمي ڏيکاري. ريلوي سرشتي لاءِ سڀ کان ڏکيو ڪم درياهن تي پليون وجهڻ هو. لئنسڊائون پل 1888ع ۾ ٺهي پوري ٿي ۽ ٻئي سال 17 مارچ 1889ع تي اچ وڃ لاءِ کولي وئي. پل جو نالو تڏهوڪي انگريز وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون جي پويان رکيو ويو ۽ ان جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ري (Lord Reay) ڪيو. پل جي اڏاوت ڏهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿي وئي، ان سان گڏ سنڌوءَ جا ٻئي ڪنارا ڳنڍجي هڪ ٿي پيا. پل ٺهڻ کان اڳ ريلوي جا مسافر ۽ گاڏا آگبوٽن جي ذريعي درياهه ٽپندا هئا.
لئنسڊائون پل جي اڏاوت تي تنهن وقت 28 لک رپيا خرچ ٿيا. پل جي اهميت اها آهي ته اها هندستان جي پهرين پل آهي جنهن ۾ گهڻي کان گهڻو لوهه استعمال ٿيو. سڄي ڍانچي جو ڪل وزن اٽڪل 3300 ٽن آهي. پل جا اڪثر حصا لنڊن ۾ ٺاهي جهازن ذريعي هتي پهچايا ويا. پل جي اڏاوت جو ڪم وچ ۾ سال ڏيڍ کن بند رهيو ڇاڪاڻ ته لنڊن کان ٺهيل حصا پهچڻ ۾ دير پئجي وئي هئي. هن پل جي ڊزائين سر اليگزينڊر رئنڊال تيار ڪئي. اها پنهنجي وقت ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪئنچي مثل پل هئي. چون ٿا ته هن پل جي هيٺان درياهه جو ترو لڳ ڀڳ 300 فُٽ آهي.

ايوب پُل

ايوب پُل

لئنسڊائون پل جهوني ٿي ته هڪ ٻي پل جي ضرورت محسوس ٿي. نئين پل جو نالو ايوب پل (1962ع) رکيو ويو، جنهن جي ڊزائين ڊي. بي. اسٽينمئن نالي هڪ ڪمپنيءَ ٺاهي. هيءَ ڊزائين بلڪل اهڙي آهي جهڙي هڪ سؤ سال اڳ لئنسڊائون پل ٺاهڻ وقت ويچار هيٺ آئي هئي. تنهن وقت ۾ اها ڊزائين ان ڪري منظور نه ڪئي وئي ڇو جو ان ۾ ٻه طرفي ريلوي اچ وڃ جو انتظام هو جڏهن ته ضرورت هڪ پٽڙيءَ جي هئي. ايوب پل جو مٿيون حصو ڪمان جهڙو آهي، جنهن ۾ فولادي رسا آهن، جيڪي پل جو وزن کڻي بيهن ٿا. هن پل جي اڏاوت تي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ رپيا خرچ آيو. علي احمد بروهي صاحب جي هڪ مضمون موجب پل ٺاهيندڙ مزدور هن کي خوني پل سڏيندا هئا، ڇو ته پل جي تعمير دوران اٽڪل چاليهه مزدور درياهه ۾ ڪري لڙهي مري ويا. انهن کي بچائڻ جو ڪو به طريقو نه هو سواءِ ان جي ته هيٺان ڳوڻين جو تهه ڏنو ويندو هو جيڪو پڻ ڪارگر نه ٿيو. ان ڪري مزور هتي مزوريءَ لاءِ تيار نه ٿيندا هئا. مجبور ٿي انهن کي ٻيڻي اجرت ڏني وئي. ان وقت رواجي مزدور جي مزوري ٻه آنا ۽ اوستي جي مزوري اَٺ آنا هئي. ايوب پل دنيا ۾ پنهنجي قسم جي ٽيون نمبر پل آهي.

سکر بئراج

سکر بئراج

سکر بئراج جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لائيڊز بئراج هو، ايشيا جو وڏي ۾ وڏو نهري نظام آهي. سکر بئراج رٿا شروع ۾ 54 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي مقصد سان تيار ڪئي وئي پر هاڻي ان تي اٽڪل 80 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي آهي. سچ پچ ته هن بئراج سنڌ ۾ زرعي انقلاب آڻي ڇڏيو آهي.
بئراج جي ڊيگهه 4925 فوٽ آهي. بئراج ۾ 66 دروازا آهن. هر دروازي جي ڊيگهه 60 فوٽ آهي. بئراج جي کاٻي پاسي کان چار واهه اِيسٽرن نارا ڪئنال، خيرپور فيڊر اِيسٽ، روهڙي ڪئنال ۽ خيرپور ڪئنال ويسٽ نڪرن ٿا، جڏهن ته ساڄي پاسي کان نارٿ ويسٽرن ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال نڪرن ٿا. بئراج جي دروازن مٿان پنج فوٽ ويڪري هڪ پٽڙي وڇائي وئي آهي جنهن تي هڪ ٽرالي ۽ ڪِرين هلنديون آهن جن جو مقصد بئراج جي سنڀال ۽ معائنو ڪرڻ آهي.
سکر بئراج جي تعمير جي به هڪ ڪهاڻي آهي. چون ٿا ته گذريل صديءَ ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي ڪئنال کاتي جي سربراهه ڊوئلس کي خيال آيو ته سکر وٽان ڪئنال ڪڍائي آبپاشي وڌائجي. ان کان پوءِ مسٽر ڊوئلس 1903ع ۾ تجويز پيش ڪئي ته هتي هڪ پل تعمير ڪرائي وڃي. پوءِ بمبئي سرڪار سکر بئراج بابت تجويز تي فزيبلٽي گهرائي. 1909ع ڌاري لنڊن ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪاميٽيءَ رٿا جو جائزو ورتو جنهن وڏي پئماني تي رٿا جي تجويز ڏني. چون ٿا ته 1913ع ڌاري هيءَ رٿا رد به ٿي هئي پر پوءِ 1919ع ۾ بئراج اڏڻ جي فيصلي کي آخري شڪل ڏني وئي. سکر بئراج ۽ ڪئنال پروجيڪٽ کي جون 1923ع ۾ آخري شڪل ڏيئي 1_ جولاءِ 1923ع تي ڪم شروع ڪيو ويو. واهن جي تعمير جنوري 1925ع کان شروع ٿي. هيڊ ورڪس جو آغاز آڪٽوبر 1929ع کان ٿيو، ڊسمبر 1931ع تي رٿا مڪمل ٿي ۽ 13_ جنوري 1932ع تي سنڌو درياهه جي هن پهرين بئراج جو افتتاح وقت جي وائسراءِ هند لارڊ ايريل آف ولنگٽن ڪيو.
بئراج جي ڊزائين ۽ رٿا بنديءَ جو سهرو انجنيئر ارنلڊ مسٽو تي آهي. سنڌي ماڻهن تي هن جو وڏو احسان آهي جنهن سنڌ کي سچ پچ هڪ وڏي زرعي ملڪ جي حيثيت ڏياري ڇڏي.افسوس جو عام سنڌين کي سندس نالي بابت ڪا به خبر ناهي، سنڌي قوم پنهنجن محسنن کي وساريندي ته ناهي! مسٽر مسٽو جي حوصلي جي ڳالهه آهي جنهن سنڌوءَ جهڙي آزاد شينهن کي اٽڪل سان لوهه ڪري ڇڏيو خاص ڪري 1929ع واري وڏي ٻوڏ ۾ جڏهن ڪم هلندڙ هو.
ڪجهه انگن اکرن موجب سنڌ سڄي ملڪ جي چانورن جو 47 سيڪڙو، ڪپهه جو 34 سيڪڙو، کنڊ جو 21 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جو 18 سيڪڙو اپائي ٿي، جڏهن ته سکر بئراج سنڌ جي اپت ۾ 33 سيڪڙو چانور، 35 سيڪڙو ڪپهه، 55 سيڪڙو ڪمند ۽ 85 سيڪڙو ڪڻڪ حصو ڏئي ٿو.

ٽالپر

ٽالپر

هيءَ خيرپور ميرس آهي. جيڪا ٽالپرن جي دور ۾ اتر سنڌ ۾ هيڊ ڪوارٽر هئي. سنڌ جا مير پاڻ کي ٻروچ سڏائين ٿا پر پنهنجو تعلق انهن ٻروچن سان نٿا ڳنڍين جن کي ايران ۾ ڪوچ بلوچ ڪري سڏيو وڃي ٿو. هو پنهنجو بڻ بڻياد هشام بن عبدالمناف جي پٽ امير حمزي سان ڳنڍين ٿا. سندن چوڻ آهي ته حجاج بن يوسف جي وقت ۾ هو ڪيچ مڪران وارين مهمن ۾ به شامل هئا. اتي ڪاميابين کان پوءِ سندن وڏا ڪجهه فوجين سان سنڌ ڏانهن روانا ٿيا هئا. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ انهن مان ڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان واري پاسي وڃي رهيا جتي جبل جي چوٽيءَ وارو پاسو سندن رهائش گاهه ٿيو. وري، ڪلهوڙن جي وقت ۾ انهن مان هڪ ٻروچ مير شهداد خان سنڌ ۾ ڪلهوڙن وٽ ملازم ٿيو ۽ شيعو ٿيو ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙا به شيعا هئا.
’مير‘ معنيٰ جبل جي چوٽي يا ’مٿانهون‘. ان دعويٰ جي صداقت اڪثر جبلن جي نالن مان ظاهر ٿئي ٿي.
مثال طور: ڪشمير، پامير، ميرو پربت، ان طرح ’مير‘ لقب آهي جيڪو ڪن علائقن جا ماڻهو اختيار ڪن ٿا. جيئن پٺاڻ پاڻ کي ’خان‘ چون يا سِکَ پنهنجي نالي پويان سِنگهه هڻن يا جيئن بلوچ ’واجا‘ ٿين، جيڪو اصل لفظ ’خواجه‘ آهي. ’مير‘ ڪا به ذات يا نسل ناهي. خود بلوچستان جا ڪيئي سردار پاڻ کي مير سڏائن ٿا. جيستائين سنڌ جي ميرن پنهنجي اڳوڻي وطن جي نشاندهي ڪئي آهي، ته اها صحيح آهي ڇو ته هو ماڙي انڊس کان آيل آهن، جيڪا سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ڪالاباغ جي آمهون سامهون جبل جي اوچي چوٽي آهي.
خيرپور ۾ گهڙندي ئي مير رستم جي ويچارڳي اکين آڏو ڦرڻ لڳي ٿي. 80_81 سالن جو ٻڍڙو، جنهن انگريزن جي مخالفت نه ڪرڻ ۾ عمر ڳاري ڇڏي پر چارلس نيپئرهٿان بي عزتو ٿي قيد ٿيو. خبر ناهي ته مير صاحب ڀڄڻ لاءِ واٽون نهاريون به هيون يا نه! پر فيلڊ مارشل سندن گهٽ گهيڙ بند ڪري ڇڏيا.
چارلس نيپئر فوج ۽ توپن سان خيرپور تي حملو ڪيو ۽ صلح جي وقت ۾ مير رستم خان کي پنهنجي موروثي حڪومت مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. مير رستم کي پنهنجن ٻارن ۽ زالن سميت مينهن ۽ واءَ ۾ برپٽ ڏانهن ڀڄڻو پيو. ان کانپوءِ نيپئر، امام ڳڙهه قلعي ڏانهن وڌيو جيڪو مير رستم جي ڀائٽي، مير محمد خان جي رهائش گاهه هو. قلعي کي بلڪل تباهه ڪيو ويو ۽ اناج جا گدام لٽيا ويا. خيرپور رياست، ٽالپرن جي تاريخ ۽ سندن عمارتن جا تفصيل تمام گهڻا آهن، هتي انهن جو ذڪر ڪري نه سگهبو.

نوشهرو فيروز

نوشهرو فيروز

خيرپور ضلعي جي ڏکڻ ۾ نئون ضلعو نوشهرو فيروز ٺهيو آهي. هيءَ وستي ڪلهوڙن جي سالار فيروز ويراڙ سان منسوب آهي جيڪو ميان نصير جو خاص خليفو هو ۽ پوءِ ميان دين محمد لاءِ ڳيريلي واري لڙائيءَ ۾ به فتحياب ٿيو هو.
نوشهرو فيروز هڪ رومانوي داستان به آهي. پر سياسي تاريخ جي حوالي سان نوشهرو فيروز جي هڪ ٻي اهميت به آهي، اها فيبروري 1843ع جي پهرين هفتي جي ڳالهه آهي جڏهن ٽالپرن ڏٺو ته هاڻي انگريز بنهه نه مڙندا ۽ چارلس نيپئر هر دليل ۽ هر ٺاهه کي رد ڪندو ٽالپر راڄ جي خاتمي لاءِ آخري بهانا پيش ڪري رهيو آهي. جڏهن نيپئر خيرپور ميرس تي قبضو ڪري حيدرآباد ڏانهن رخ رکيو ته ميرن پنهنجا ٻه قاصد ڏانهس اماڻيا جيڪي نيپئر کي نوشهرو فيروز ۾ اچي گڏيا. نوشهرو فيروز ۾ اها قديم جاءِ اڃا تائين بيٺي آهي، جتي ميرن جي قاصدن مرزا خسرو بيگ ۽ يوسف خدمتگار چارلس نيپئر سان ڳالهيون ڪيون. (تازو نوشهرو ضلعو ٿيڻ کان پوءِ اها جاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي استعمال هيٺ رهي).
ميرن نياپو موڪليو هو ته، ”اسان پنهنجي مرضيءَ جي خلاف انهيءَ نئين عهدنامي کي به قبول ڪيو آهي ته پوءِ تون ڇو فوج ۽ توپن سان حيدرآباد ڏانهن وڌي رهيو آهين؟“ ميرن جا قاصد نئين عهدنامي جي قبوليت لاءِ ميرن جون مهرون به کڻي ويا هئا ته جيئن اهي دستاويز تي هڻن پر چارلس نيپئر مهرون هڻڻ نه ڏنيون ۽ هڪ خط ڏيئي کين واپس ڪري ڇڏيائين ته وڃي عهدنامي تي عمل ڪرايو ۽ مير رستم کي گهرائي ويهاريو ته جيئن معاملا طئي ٿين. اصل ۾ چارلس نيپئر دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري چڪو هو ته حيدرآباد فتح ڪري ميرن جو راڄ ختم ڪجي. ٿي سگهي ٿو ته کيس اهڙيون زباني هدايتون پهتيون هجن. سندس رٿا اها هئي ته حيدرآباد جي فتح دوران ئي سڀني معاملن کي ’طئي‘ ڪيو وڃي، جيئن پوءِ ڪيائين.

ڪوٽ ڏيجي

ڪوٽ ڏيجي

خيرپور ميرس يا اڳوڻي خيرپور رياست ۾ ڏسڻ جهڙيون شيون کوڙ آهن. فيض محل ته شهر ۾ آهي، جيڪو ٽالپرن جي رهائش جو جيئرو جاڳندو ميوزم آهي. ڪوٽڏيجيءَ وارو قلعو به پنهنجي سونهن سوڀيا ۽ جنگي حڪمت عمليءَ جو انوکو مثال آهي. جيتوڻيڪ قلعو ايڏي شاندار حڪمت عمليءَ سان ٺهيل آهي جو ان تي فتح حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم هو پر تڏهن به مير صاحبن ويڙهه جو جوکم نه کنيو ۽ قلعو ڪنوارو رهجي ويو.
ڪوٽڏيجيءَ قلعو اُڀي ۽ سوڙهي ٽڪريءَ تي بيٺل آهي جنهن جي چوٽيءَ يعني مرڪزي حصي تائين پهچڻ لاءِ دشمن فوج کي ٽي وڏا حفاظتي گيٽ فتح ڪرڻا پون ها. هر وڏي گيٽ جي شڪست کانپوءِ دشمن جو لشڪر بچاءَ وارين فوجن جي سڌي ٽارگيٽ ۽ نرغي ۾ اچي ڦاسي ها! پر اها دلچسپ ڳالهه آهي ته هن مڪمل فوجي ۽ مضبوط قلعي مان شڪست جي صورت ۾ ڀاڄ لاءِ ڪيئي لنگهه رکيا ويا هئا. دشمن فوج لاءِ هيءُ قلعو فتح ڪرڻ تمام ڏکيو هجي ها، جيڪڏهن سچ پچ جنگ لڳي ها!
سبب؟ پهريون اهو ته ٽي حفاظتي ۽ مضبوط گيٽ آهن جيڪي هاٿي به ڀڃي نه ٿي سگهيا. ٻيو اهو ته وڏو لشڪر اندر رهڻ جي گنجائش آهي. ٽيون اهو ته هر گيٽ جي شڪست کانپوءِ دشمن جا سپاهي چئني پاسن کان تيرن جي نشاني تي آيا ٿي ۽ چوٿون اهو ته دشمن جا سپاهي هيٺانهين کان مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ ٿڪجندا وڃن ها ۽ سڀني کان آخري ڳالهه ته قلعي جون گهٽيون جيئن پوءِ تيئن سوڙهيون ٿينديون وڃن ٿيون جنهن ڪري دشمن سپاهي هڪ وقت ۾ وڏو حملو ڪري نه ٿي سگهيا. پر چوندا آهن ته تلوار نه دل وڙهندي آهي. مير صاحب به ڪو نه وڙهيا ۽ ملڪ ڇڏي وٺي رڻ ڏانهن ڀڳا. ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي جي هيٺان ئي قديم ۽ ڦٽل شهر جا نشان آهن جيڪي ڪوٽڏيجي جي ثقافت جا اهڃاڻ آهن.
ڪوٽ ڏيجيءَ جو نالو اهو ڇو آهي؟ ماڻهو چون ٿا ته ڏيجي هڪ مائيءَ جو نالو آهي. اَجائي ڳالهه! منهنجي خيال ۾ هيءُ نالو راءُ گهراڻي جي پهرئين حاڪم راءُ ڏيواجي تان پيو آهي جنهن جو تخت اروڙ هو، هي ڪوٽ به ساڳين گهاڙ يا اروڙ وارين ٽڪرين ۾ آهي.

مٿي جو سور لاهيندڙ پير : شادي شهيد

مٿي جو سور لاهيندڙ پير : شادي شهيد

خيرپور شهر کان ڏهه پندرهن ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ جتان ٽڪريون شروع ٿين ٿيون، گاڏيءَ رستي اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي شادي شهيد جي درگاهه آهي. چون ٿا ته جنهن ماڻهوءَ کي مٿي جو سور نه ڇڏيندو هجي اهو هتي اچي حاضري ڀري، سور ڇڏي ويندس. هيءُ هڪ وڏو قبرستان آهي جتي گهڻو ڪري رند بلوچ پوريل آهن. شادي شهيد کي بلوچن جو پير چئجي ته به غلط نه ٿيندو. ويجهو ڪا به وڏي آبادي ناهي البت اڪثر ڪري بلوچ قبيلا پري پري کان ڪهي اچي پنهنجا مڙدا دفنائن ٿا. شادي شهيد رند بلوچ هو پاڻ ڪهڙي جنگ ۾ ۽ ڪڏهن شهيد ٿيو؟ اهڙي ڪا معلومات آئون حاصل ڪري نه سگهيس.
مٿي جو سور لاهڻ جو طريقو به دلچسپ آهي. گادي نشين مريض کي درگاهه اندر ويهاري هن جي آڏو هڪ روٽ ڇُريءَ سان وڍي ٻه اڌ ڪري ٿو. روٽ وڍڻ مهل قرآن شريف جون آيتون پڙهي ٿو. چون ٿا ته جيئن ئي روٽ ٻه اڌ ٿئي ٿو مريض جي مٿي جو سور لهيو وڃي.

راڪاس جو روڻو II

راڪاس جو روڻو II

شادي شهيد کان اوڀر ۾ ڇَتن شاهه جي درٻار آهي، جنهن کي گهاڙ واري علائقي ۾ وڏي ۾ وڏو پير سمجهيو وڃي ٿو. پر شادي شهيد کان اوڀر ڏکڻ ۾ پنج ڪلو ميٽر پري پڳ واري ٽڪريءَ ويجهو هڪ عاليشان غار آهي، جنهن ۾ پٿر جي دور جا پنج چئمبر (ڪل ڊيگهه 227 فٽ) آهن. غار کي آر پار ٻه لنگهه آهن. مٿي ٽڪريءَ تي پٿر جا گهڙيل اوزار ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. اهو راڪاس جو روڻو آهي. ڀر ۾ ئي هڪ ٻيو خلاصو غار آهي جيڪو پڻ انساني هٿن جو ڪرشمو آهي. راڪاس جو هڪ ٻيو روڻو ڪوٽڏيجي واري رستي کان اڳتي به ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو مون اڃا نه ڏٺو آهي. هي رُوڻا (غارون) ان وقت جا آهن جڏهن ڪالڪان ديويءَ واري غار (ڪل ڊيگهه 68 فٽ) به گَهڙي وئي هوندي. علائقي ۾ اهڙيون ٻيون غارون به آهن جن مان ڪي پوءِ وارن وقتن ۾ جين مت يا ٻڌ مت وارن به استعمال ڪيون هونديون.

خيرپور ضلعي ۾ درگاهن پويان ڏند ڪٿائون

خيرپور ضلعي ۾ درگاهن پويان ڏند ڪٿائون

اڌم سلطان سيد ابراهيم شاهه بلخي
مزار جي دروازي تي هن ريت لکيل آهي:
اڌهم سلطان
سيد ابراهيم شاهه بلخي
سلطنت بخارا
14_ رمضان 618 هجري
مزار جي خاص ڳالهه هي آهي ته اها اولهه _ اوڀر آهي ۽ ڏندڪٿائن موجب اڌم سلطان قيامت کي ٽي ڀيرا لت هڻي موٽائڻ جو واعدو ڪيو آهي، ان ڪري قبر جي پيراندي اوڀر طرف آهي. 14 رمضان 618 برابر آهي 31 آڪٽوبر 1221عيسويءَ جي.
اهو مقبرو سن 1240 هجريءَ ۾ لونگ فقير جي چوڻ تي تيار ٿيو ۽ ان تي نقش نگار ڪيا ويا. مقبري سان گڏ ئي هڪ مسجد آهي جنهن جي ماپ لڳ ڀڳ مقبري جيتري آهي. مسجد کي ٻه گنبذ آهن. اها مسجد مقبري جي اولهه ۾ آهي.
مزار کي ڪاٺيءَ مان جڙيل خوبصورت ۽ روايتي ڪٽهڙو آهي ۽ فرش تي خوبصورت ٽائلون ۽ گنبذ جي اندرين پاسي خوبصورت گلڪاري ٿيل آهي. هتي ماڻهو هر قسم جي دعا گهرن ٿا خاص ڪري بيمار، علاج پنڻ اچن ٿا. دعا پنندڙ پنهنجون دعائون وڏي آواز ۽ پوري جذبي سان گهرن ٿا.
مسجد ۾ هڪ طرف ننڍڙو پينگهو ۽ ٻي ڪنڊ ۾ ڏيئو ٻارڻ جو انتظام آهي عقيدت مند چاهين ته ڏيئو ٻاري سگهن ٿا.
هتي ڀرپاسي ۾ پاڻي جو انتظام ناهي. فقير پنهنجي ۽ عقيدت مندن جي پيئڻ لاءِ پاڻي گڏهن جي پٺين تي کڻائي مٿي جمع ڪن ٿا. جيڪو هڪ ٽانڪيءَ ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪو ٽڪر کان هيٺين پاسي ۾ موجود ڳوٺن وٽ کوهه مان حاصل ڪيو وڃي ٿو.
ٽڪرن جو هي سلسلو چُن، ميٽ، جپسم وغيره سان مالا مال آهي، جڏهن ته جيلي فش جا پنڊ پهڻ ٿيل جسم ٽڪرن جي فارميشن ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. ان کان سواءِ، چقمق پٿر جا ڊپازٽس تمام گهڻا آهن، جيڪي ٽڪرن جي اوچن مٿاڇرن تي وڌيڪ آهن. ائين ٿو لڳي ته جڏهن هتي سمنڊ موجود هو تڏهن هيٺان لاوو ڦاٽو. هنن ٽڪرن جي اوچائي 500 کن فوٽ آهي.

ابراهيم اڌم جي ڏند ڪٿا

ابراهيم اڌم جي ڏند ڪٿا
(هڪ فقير جي زباني)

سرڪار (ابراهيم اڌم) جو بابو وقت جو بادشاهه هو. کيس زماني جا سڀ سک هئا پر اولاد ڪو نه ٿيندو هئس. ان غم ۾ ڪٿي منجي اونڌي ڪري ويهي رهيو. هڪ ڏينهن اتان هڪ فقير اچي لنگهيو جنهن کي لنگوٽي ٻڌل هئي ۽ ڪلهي تي گودڙي هئس. فقير، بادشاهه کان اونڌي منجيءَ جو سبب پڇيو. بادشاهه چيس ته ”اي فقير! جي حاجت پوري ڪري سگهين ته پُڇ نه ته واٽ وٺي هليو وڃ.“ فقير نه مُڙيو ۽ سبب پڇيائين، جنهن تي بادشاهه اولاد جو سوال ڪيو. فقير گودڙي مان گل ڪڍي بادشاهه کي ڏنو ۽ چيو ته توکي پٽ ٿيندو پر توکان ان جو اڌ وٺندس. بادشاهه دل ۾ سوچيو ته جڏهن پٽ ٿيندو تڏهن فقير کي مال متاع ڏئي راضي ڪري وٺندس ان کانپوءِ بادشاهه گل کاڌو. جڏهن پٽ ڄائو تڏهن فقير اچي ظاهر ٿيو ۽ اڌ پٽ گهريائين. بادشاهه گهڻئي منٿون ڪيون پر فقير نه مڙيو. نيٺ ٻار کي ڪپڙن ۾ ويڙهي پينگهي ۾ ليٽايو ويو. فقير آڱر سان اشارو ڪيو ته ٻار ٻه اڌ ٿي پيو، پر رت نه وهيو، هڪڙو اڌ فقير گودڙيءَ ۾ وجهي روانو ٿي ويو. فقير جي وڃڻ کانپوءِ جڏهن بچيل اڌ ٻار کي پورڻ لاءِ کوليو ويو ته اهو سڄو ٿي پيو. اهو ٻار اڳتي هلي ابراهيم اڌم ٿيو جيڪو هت آهي. ٻيو اڌ جنهن کي فقير گودڙيءَ ۾ کڻي ويو سو دادوءَ واري پاسي شاهه گودڙيو (عبدالله شاهه گودڙيو) جي نالي سان مشهور ٿيو، اهو پڻ سڄو ٿي پيو هو. (ڏند ڪٿا هڪ پاسي،عبدالله شاهه گودڙيو حقيقت ۾ ڪلهوڙن جي دور جو ڪردار آهي).
جڏهن ابراهيم اڌم وڏو ٿيو ته پڳ سندس مٿي تي پئي. هڪ ڏينهن جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ ويو . شڪار جو اصول طئي ٿيو ته جنهن جي منهن ۾ شڪار ايندو فقط اهو هن جي ڪڍ ويندو. قدرت سان هڪ هرڻ اچي سلطان (ابراهيم اڌم) جي اڳيان لنگهيو. سلطان سندس ڪڍ پيو ۽ هڪ هنڌ ٿڪجي پيو ۽ سخت اڃ لڳس. ايتري ۾ کيس هڪ اڇو گنبذ نظر آيو جيڪو بلڪل گول هو ۽ منجهس ڪو به در يا دري نه هئي. سلطان گنبذ کي در ٺاهي اندر گهڙيو ته ڏٺائين ته مضبوط جسم وارو هڪ ماڻهو بيٺو آهي جيڪو پنهنجي اڳيان پويان بيٺل تازي ڪتن کي جيڪي قطار ۾ هئا، ماري رهيو هو. سلطان ان ماڻهوءَ کان جانورن تي ظلم جو سبب پڇيو ته هن چيس ته ان ڳالهه تان لهي وڃي. سلطان نه مڙيو ته ان ماڻهوءَ چيو ته، هي ڪتا اصل ۾ بادشاهه هئا جن ملڪ ۾ انصاف نه ڪيو، هاڻي مون تي ڊيوٽي رکي وئي آهي ته کين سيکت ڏيان. اها ڳالهه ٻڌي سلطان اڌم جي دل کي ڌڪ رسيو.
جڏهن گهر موٽي آيو ته ڏٺائين هڪ ٻانهي سندس پلنگ تي ستي پئي آهي. خار ۾ لڪڻ کڻي ٻانهيءَ کي ڏاڍي مار ڪڍيائين. مار کائڻ کان پوءِ ٻانهي پهرين رُني ۽ پوءِ کِلڻ لڳي. جڏهن اڌم سلطان کانئس سبب پڇيو ته هن چيو ته ”آئون رُني ان ڪري آهيان جو تڪليف ٿيم ۽ کِلي ان ڪري آهيان جو ٻه گهڙيون ستيس ته ايترا لڪڻ کاڌم سوچيان ٿي توهان جو ڇا ٿيندو جنهن سڄي عمر پلنگ تي ننڊ ڪئي آهي؟“
انهن ٻن واقعن سبب ابراهيم اڌم جي دل بادشاهت تان کڄي وئي ۽ هڪ محل ۾ وڃي عبادت ڪرڻ لڳو، هڪ ڏينهن ڪيئي اُٺ محل ۾ اچي گهڙيا ۽ باغ چَرڻ لڳا. سلطان اڌم تنهن تي جَت کي چيو ته اُٺ محل ۾ چرڻ ڇو آيا آهن؟ جت وراڻيو ته ”جيڪڏهن اٺ محل ۾ چري نٿا سگهن ته الله به محل ۾ نٿو ملي سگهي.“
تنهن کان پوءِ ابراهيم اڌم محل ڇڏيو ۽ مديني شريف وڃي رهيو. جتي هو ڪاٺيون ڪندو هو. مسافرن ۽ غريبن کي ماني کارائيندو هو پر پاڻ روزي ۾ رهندو هو. هڪ ڏينهن کين نبي سرڪار جو حڪم ٿيو ته سنڌ وڃو ۽ وڃي اڇي ٽڪر تي قيام ڪيو ۽ اتي موجود ڪفار کي مسلمان ڪيو.
نوٽ: ڏند ڪٿا موجب ابراهيم اڌم جي درگاهه لڳ غوث پاڪ سيد عبدالقادر جيلاني، قلندر ۽ شيرشاهه جلال قطب جا چلا به آهن.
هتي هر سال رمضان جي 14_ تاريخ تي ميلو لڳندو آهي جنهن ۾ ملاکڙو به ٿئي ٿو ۽ پري پري کان ماڻهو اچن ٿا.

آستانو ابراهيم اڌم بلخي

آستانو ابراهيم اڌم بلخي

ابراهيم اڌم واري ٽڪري جي ڀر ۾ واقع هڪ ٻي ٽڪري جي چوٽيءَ تي قبر وانگر پٿرن جو هڪ ڍڳ آهي جيڪو اولهه اوڀر رخ ۾ آهي. ان قبر کان سواءِ هتي ٻي ڪا به شيءِ نه آهي. هن قبر بابت مقامي ماڻهن جي روايت آهي ته اهو ابراهيم اڌم سلطان جو پهريون آستانو آهي، جتي هن ٻه ٽي سال قيام ڪيو.
ٽڪريءَ کان اوڀر طرف وارو علائقو ڪنهن وقت ۾درياهه جو وهڪرو هو. پير مشائخ جي درگاهه هتان اوڀر ۾ ڪجهه فاصلي تي آهي، جتي درياهه جي سير هئي.
ڪٿائن موجب هتي ٽن ڪافرن ڏجي، دلوراءِ ۽ اروڙ جي حڪومت هئي ۽ دلوراءِ جي بڇڙاين ڪري درياهه هتان رخ مٽائي ويو.
ڪٿائن موجب هن علائقي ۾ سلطان اڌم ڪل 12 سال قيام ڪيو. هيءُ قبر (آستانو) ڪاري ٽڪر تي واقع آهي. اڇي ٽڪر ۽ ڪاري ٽڪر جي وچ ۾ هڪ دلچسپ ٽڪريءَ بابت ٻه چار ٻيون ڏند ڪٿائون به آهن.

هرڻيءَ جو کير

هرڻيءَ جو کير

جڏهن سلطان اڌم قيامت تائين روزو رکي هتي پهتو ته هڪ هرڻي ان ٽڪر تي آئي، جنهن کير لاٿو پر سلطان روزو نه ڇوڙيو. اهو هاريل کير هتي موجود آهي. اهو کير هاڻي چن جي پٿرن وانگرٿي پيو آهي. (اصل ۾ چن جا پٿر ئي آهن جن جي اڇاڻ سبب ان کي هرڻيءَ جي کير سان تشبيهه ڏني وئي آهي.)

هنو

هڪ ڇڳل جبل تي لانگ ورائي سلطان اڌم ڪيئي سال چلو ڇڪيو. اهو هنو آهي. سلطان جي هڪل سان هڪ ڀيري جبل ڇڄي هلڻ لڳو ته اوسي پاسي جي خلق چيڀاٽجڻ لڳي پر پوءِ کيس غيبي آواز منع ڪئي ۽ چيو ته جبل کي هلڻ کان منع ڪر. ان کان پوءِ جبل کي بيهڻ جو حڪم مليو.

شيطان

ٽڪر جي چوٽيءَ تي پٿرن جو هڪ وڏو (20 فوٽ ڊگهو ۽ ويڪرو) ڍڳ موجود آهي، جنهن جي اوچائي چار فوٽ آهي. هي شيطان آهي جنهن کي هر ايندڙ ويندڙ پٿر هڻندو آهي. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري شيطان، سلطان اڌم جي آڏو سندس والد جي صورت ۾ آيو ۽ کيس ملڪ ڏانهن واپس موٽڻ تي زور ڀريو پر سلطان سندس اصليت سڃاتي ۽ کيس پٿر هڻي ڀڄائي ڇڏيو.

خيرپور ضلعي ۾ موجود اولهه _ اوڀر قبرون

خيرپور ضلعي ۾ موجود اولهه _ اوڀر قبرون

1. ابراهيم اڌم: بلخ بخارا جو بادشاهه.
2. حسين شاهه بخاري: لونگ فقير جي درگاهه وٽ.
3. عالم شير بخاري: ڇتن شاهه بخاري جي درگاهه وٽ شادي شهيد کان اڳتي.
4. ابراهيم اڌم سان لاڳاپيل جاءِ جيڪا اصل قبر آهي، لڳ ابراهيم اڌم درگاهه.

ٻيا پير ۽ قبرون

1. گهوٽ ڪنوار
2. شاهه نوندو
3. شادي شهيد
4. لونگ فقير
5. گمنام قبر: 15 قدم ڊگهي ڇتن شاهه جي مقبري لڳ.
6. علي علمدار: ڇتن شاهه کان اوڀر، شاهه نوندي کان اوڀر اتر ڪنڊ ۾ ڏيڍ ميل پري.
7. محمد قاسم: اروڙ کان اتر طرف.
8. پنج پير: شاهه نوندي جي اوڀر ۾ بي نام قبرون آهن، جتي مجاور به ويٺا آهن.
ڏند ڪٿا موجب روهڙيءَ کان ڪوٽڏيجيءَ تائين گهاڙ جي علائقي ۾ سوا لک اوليائن جا آستانا آهن، جن مان باقي اوليائن اڃا پاڻ کي ظاهر نه ڪيو آهي. ظاهر ٿيل ولين کي لونگ فقير ظاهر ڪيو آهي، نه ته انهن ظاهر ٿيڻ نه ٿي گهريو.

سيد حسين شاهه بخاري

سيد حسين شاهه بخاري

سيد حسين شاهه بخاري جي درگاهه لونگ فقير جي درگاهه وٽ قبرستان ۾ آهي. سڄي قبرستان ۾ هيءَ واحد قبر آهي جيڪا رخ ۾ اوڀر _ اولهه آهي. قبر جي سيراندي اولهه طرف آهي.
ڪٿا موجب سيد حسين شاهه بخاري پنهنجن چاليهه، پنجاهه طالبن سان گڏ هتي بلخ بخارا کان آيو. ان زماني ۾ هتي ڪفار هئا. حسين شاهه کي هتي (مستقبل مان) اسلام جي خوشبوءِ آئي آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندس طالبن جون قبرون به هتي هيون جيڪي هاڻي ڊهي ويون آهن ۽ انهن جو ڪو به نالو نشان باقي نه آهي. ڏند ڪٿا موجب حسين شاهه جلالي ولي آهي ۽ سندس قبر مهڙ ۾ عام قبرن وانگر اتر _ ڏکڻ هئي جيڪا پوءِ اولهه _ اوڀر رخ ۾ ڦِري وئي آهي.
عقيدتمندن جو چوڻ آهي ته وليءَ پنهنجيءَ پيراندي اوڀر ڏانهن ان ڪري ڪئي آهي جو هو قيامت کي ٽارڻ لاءِ ان کي هڪ ڀيرو لت هڻندو، پوءِ دنيا وارن جا کٽن ڀاڳ!

سيد ڇتن شاهه

سيد ڇتن شاهه

فوري طور تي هن جي حسب نسب ۽ ڏند ڪٿائن بابت گهڻي معلومات ملي نه سگهي. البت ڇتن شاهه جي درگاهه شادي شهيد کان ٻه ڪلو ميٽر اوڀر طرف ٽڪر تي آهي. ساڳئي ٽڪر جي هيٺان علي شير بخاري جي مزار آهي، جيڪا رخ ۾ اولهه _ اوڀر آهي. (شادي شهيد روهڙي کان 28 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي).
عام ڪٿا موجب گهاڙ واري سڄي علائقي ۾ ڇتن شاهه کي سڀني پيرن تي فوقيت حاصل آهي ۽ سندس درگاهه تي روزانو رات جو سڀني اوليائن جي محفل ٿيندي آهي.

لونگ فقير

لونگ فقير

درگاهه تي هن ريت لکيل آهي:
لونگ فقير صاحب مهيسر
ساڪن مهيسر وڏا تعلقو خيرپور
ولادت 1201 هجري. درگاهه تي آمد بحڪم شاهه لطيف ڀٽائي. فيض ياب ڪرڻ شروع ڪيو 1239 هجري. عمر 80 سال، وفات 1279 هجري. (هي سڀ تاريخون شاهه لطيف جي وفات کان پوءِ جون آهن، خود لونگ فقير جي ولادت عيسوي سال موجب 1786 ۾ ٿي. هتي شايد روحاني طرح فيض وٺڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي) .
درگاهه ۾ اندرين پاسي عقيدتمند پنهنجين ضرورتن ۽ مطالبن جو تفصيل ديوارن تي لکي وڃن ٿا. چٽسالي ٿيل ديوارن جي خالي حصن تي هنڌ هنڌ مختلف ماڻهن ڪجهه هن ريت لکيو آهي.
 بدلي ڪراءِ ۽ زيارت ڪراءِ ته حڪم موجب پيروي ڪندس!
 دعا ڪر، اميدون پڄاءِ!
 پٽ گهرجي!
 تو وٽ اچي لڪو آهيان، وڻئي ته بچاءِ وڻئي ته ٻَڌاءِ!

پير مشائخ مهيسر يا مهيسر مشائخ

پير مشائخ مهيسر يا مهيسر مشائخ

عام ڪٿائن موجب هيءُ دريش ابراهيم اڌم بلخي جو همعصر آهي (يعني تيرهين صدي عيسويءَ جو). جڏهن ابراهيم بلخي نبي سڳوري جي (روحاني طرح) حڪم سان مديني کان سنڌ ولايت آيو، تڏهن هو وٽس آيو هو.
پير مشائخ جي فقير وضاحت ڪئي ”لونگ فقير، پير مشائخ ۽ پير ڪوڪو وغيره سڀئي مهيسر آهن. انهن کي ٻنهي جهانن جي سردار جي دعا آهي تنهن ڪري انهن ۾ عاشق ۽ ولي پيدا ٿيندا رهندا آهن.“
پير مشائخ درگاهه جي سنڀال ڪندڙ فقير، مهيسر مشائخ بابت تفصيل هن ريت ڄاڻايا:
”هي ستين سن (ستين صدي هجري) جو (درويش) آهي. ڏيجيءَ جي ڪوٽ کان روهڙيءَ تائين سوا لک پير آهن. اڳ هتي ڪفر هو، تنهن ڪري هتي پير ۽ اوليا موڪليا ويا. هيءُ اوليا به ان وقت جو آهي جيڪو هتي ئي ڄائو (ٻاهران نه آيو). کيس هڪ درويش جي دعا هئي. جڏهن هو ننڍڙو هو ته سخا ڪندو هو. ايستائين جو پنهنجا لٽا لاهي ٻين ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. قدرت الله جي هڪ ڏينهن هڪ الله وارو آيو ۽ هن فقير وانگر سين هنئي ته ’جيڪو مون کي ڍءُ ڪرائيندو هن جي سڀ کان پياري شيءِ مري ويندي.‘ ٻار جو والد فوت ٿي چڪو هو، سندس والده فقير لاءِ ماني تيار ڪرائي کيس کارائي. ان ڏينهن ٻارڙو گهر نه موٽيو. وڏي پڇا ڪئي ويئي پر ٻار هٿ نه آيو، ٻئي ڏينهن فقير وري ساڳي سين هنئي، مائي صاحبه وري کيس ماني کارائي هن ڀيري سندس مينهون گم ٿي ويون. فقير ٽئين ڏينهن به صدا هنئي. مائي صاحبه وري به سندس آڏو ماني آڻي رکي. جنهن تي فقير، مائي صاحبه کي چيو: ’ڍوري جي ڪنڌيءَ تي وڃي بيهه (مٿان اروڙ وارو ڍورو وهندو هو) اتان ٻارن جي قطار لنگهندي ان مان پنهنجي پٽ کي سڏي وٺي اچجانءِ!‘ ٻئي ڏينهن مينهن جي قطار لگهندي انهن مان وڃي پنهنجين مينهن کي سڏجانءِ ته موٽي اينديون. ان کانپوءِ فقير ننڍڙي ٻار کي اوليا جو درجو ڏنو.“

سلطان اڌم ڪٿا جو ٻيو حصو

سلطان اڌم ڪٿا جو ٻيو حصو

جڏهن سلطان اڌم کي سنڌ وڃڻ جو حڪم ٿيو ته کيس چيو ويو ته هو سنڌ ۾ پهرين مهيسر مشائخ وٽ وڃي ۽ کانئس پنهنجي قيام وارو هنڌ پڇي. سلطان اڌم مديني کان ڇهن مهينن جو روزو رکي هليو. جڏهن مهيسر مشائخ وٽ پهتو ته کيس درويش جي والده ملي جنهن کير پئي ڏڌو. سلطان اڌم کيس روزو ڇوڙائڻ لاءِ چيو. مائي صاحبه سلطان اڌم کي چيو ته ”مهيسر مشائخ کي ٻارهن مهينن جو روزو آهي ۽ تون فقط ڇهن مهينن ۾ اچي پريشان ٿيو آهين!“ اهو ٻڌي سلطان اڌم چيو ته جي ائين آهي ته هاڻي قيامت ڏينهن روزو ڇوڙبو. ان کانپوءِ سلطان اڌم، ڪاٺ جي ماني پيٽ سان ٻڌي ڇڏي. کيس حڪم ٿيو ته هو اڇي ٽڪر تي وڃي قيام ڪري.”
پير مشائخ مهيسر جي درگاهه واري فقير ٻڌايو ته اوليا صاحب کي به لونگ فقير ظاهر ڪيو هو. ولين جي ڪچهري ۾ هڪ ڀيري لونگ فقير، مشائخ مهيسر کي چيو ته هو پاڻ کي ظاهر ڪري پر مشائخ پاڻ کي ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن کانپوءِ لونگ فقير هاڻوڪي مزار وٽ پنهنجا فقير موڪليا ۽ فقيرن اتي قبرستان ۾ ٻه ٽي راتيون ذڪر ڪيو، جنهن کان پوءِ اوليا پاڻ آيو (ظاهر ٿيو) ۽ ٻڌايو ته منهنجي قبر هيءَ آهي. مقبري ۾ موجود ٻين قبرن جو اڃا تائين پتو ناهي ته اهي ڪنهن جون آهن. فقيرن مقبري جو ڪم ٻن سالن ۾ پورو ڪيو.

خيرپور ۾ کجي

خيرپور ۾ کجي

خيرپور ضلعي، جنهن جي اڳوڻي حيثيت خيرپور رياست هئي، جي سڃاڻپ ئي کجي آهي. هونئن ته سڄي ملڪ ۾ کجيون آهن پر جڏهن ڪو ماڻهو قومي شاهراهه تي سفر ڪري ۽ اوچتو محسوس ڪري ته چ‍ؤطرف کجيون ئي کجيون آهن ته پڪ ڄاڻي ته هو خيرپور جي حدن ۾ داخل ٿي ويو آهي. جڏهن کجيون پوريون ٿين ته سمجهي ته خيرپور جون حدون ختم ٿي ويون آهن.
پاڪستان ۾، مختلف ميون جي پوکن ۾ رقبي جي لحاظ کان کجي چوٿين نمبر تي آهي. 84_ 1983ع جي رڪارڊ موجب ملڪ ۾ ٽيهه هزار هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي کجي موجود هئي. جنهن مان سنڌ ۾ 11200 هيڪٽر، پنجاب ۾ 9700 هيڪٽر ۽ بلوچستان ۾ 9100 هيڪٽرن تي کجي هئي. ساڳئي سال جي رڪارڊ موجب فقط خيرپور ۾ پريالوءِ، ٻٻرلوءِ، موري، ٺري ۽ پير ڳوٺ لڳ 9374 ايڪڙن تي کجي هئي. ان سبب ڪري ڪجهه نجي ڪمپنين هتي کجيءَ کي صاف ڪرڻ ۽ پيڪنگ جا ڪارخانا هنيا آهن. اها کجي ڏيهي ۽ پرڏيهي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪري رهي آهي. پر نجي ڪمپنين ۽ مارڪيٽ جي سهوليتن جي کوٽ سبب سنڌ جي کجيءَ کي اڃا گهڻو فائدو نه پهتو آهي. ملڪ ۾ سنڌ مان کجيءَ جو 37 سيڪڙو پيدا ٿئي ٿو.
عام تاثر اهو اهي ته سنڌ ۾ کجيءَ جو ٻج محمد بن قاسم جي لشڪرين پکيڙيو. ڪيئن؟ دليل ڏنو وڃي ٿو ته جڏهن عرب فوجون سنڌ تي حملو ڪرڻ آيون ته پاڻ سان کجي آندائون، جتي ڊاٻو ٿي ڪيائون، اتي کجيون کائي ککڙيون ٿي اڇليائون، ائين سنڌ ۾ کجيءَ جي جنس پکڙجي وئي. پر تاريخي حوالا ٻڌائن ٿا ته جڏهن سڪندر اعظم جي فوج قبل مسيح ۾ بلوچستان مان ڀاڄ پئي کاڌي، تڏهن سندس لشڪرين جو گذارو کجين تي هو. هوڏانهن اهو به سڇ آهي ته عرب ۽ عراق ۾ کجين جو اهو نسل ٿئي ئي ڪو نه ٿو جيڪو سنڌ ۾ موجود آهي.
24_23 جولاءِ 1986ع تي خيرپور ۾ کجين بابت هڪ خاص نمائش لڳي هئي جنهن ۾ کجين جون 80_ کان وڌيڪ جنسون رکيون ويون هيون جڏهن ته اصل تعداد اڃا گهڻو آهي. بلوچستان جي فقط مڪران ڊويزن ۾ کجيءَ جون هڪ سؤ کان وڌيڪ جنسون آهن. هن علائقي ۾ کجي ڪيتري پراڻي آهي؟ چون ٿا ته خيرپور ضلعي جي جبلن ۾ کجيءَ جا پنڊ پاهڻ به ملن ٿا. مون سنڌ ۾ ڪونه ڏٺا آهن پر کجيءَ جي نسل جا وڻ دنيا ۾ 50 ملين سال اڳ به هئا. مهرڳڙهه جي آثارن مان ست هزار سال قبل مسيح ۾ کجيءَ جي پوک جي شاهدي ملي آهي.
کجي بنيادي طرح نيم استوائي خطي subtropical جو وڻ آهي، ان ڪري گرمي يا اونهاري جي گهٽ برساتن واري علائقي ۾ عام آهي. کجي سامونڊي سطح کان وٺي 3500 فوٽن جي اوچائيءَ تائين ڪاميابيءَ سان ٿي سگهي ٿي. عام طور تي اتي گهڻي ٿئي ٿي جتي درياهه ۽ چشمن جو مٺو پاڻي آهي. اتي نخلستان قائم ڪريو ڇڏين. کجي، سماجي لحاظ کان به ڏاڍو ڪارائتو وڻ آهي. غذائي جزن جي لحاظ کان ايترو شاهوڪار آهي جو ان کي ’مڪمل خوراڪ‘ جو درجو حاصل آهي. خيرپور ضلعي جي ’اصيل‘ کجيءَ کي ته مٺاڻ ۽ غذائي جزن سبب ’ماکيءَ جي ڀيڻ‘ چون. منجهس 76.51 سيڪڙو کنڊ ٿئي ٿي ۽ جُون مهيني جي ٽئين هفتي ۾ پچي راس ٿئي ٿي.
بلوچستان ۾ کجيءَ جو فصل لهڻ مهل خوشيون ملهائين ۽ گهر گهر ۾ شادمانا ٿين. سنڌ ۾ ايترو سماجي رتبو اٿس جو شادين مرادين ۾ کارڪون ورهائين. کجيءَ جا پن ۽ ٿڙ به ڪم اچن ٿا. غريب ماڻهو جهوپڙيون اڏڻ لاءِ ڪاٺ استعمال ڪن، ڇت لاءِ ٽاريون ۽ وڇائڻ لاءِ پنن مان تڏا جوڙين، ٻيو ته ٺهيو گرم ڌرتيءَ تي پيرين اگهاڙين هلڻ کان بچڻ لاءِ کجيءَ جي پنن کي وٽي سٽي جتيون ٺاهي پائين.
بلوچستان ۾ ميوي جي اپت جي لحاظ کان کجي پهرين نمبر تي آهي پر ٽڙ پکڙ باغ ۽ نخلستان هئڻ سبب صنعت بڻجي نه سگهي آهي. بلوچستان جي سترهن ضلعن مان ڏهن ضلعن ۾ کجي پيدا ٿئي ٿي. اتي کجي هيٺ اٽڪل ڏهه هزار هيڪٽر (9100 هيڪٽر) آهن جن جي مجموعي اپت هڪ لک ٽن هر سال آهي يعني هر هيڪٽر تان 10_ هزار ڪلو گرام. بلوچستان ۾ کجي تربت، پنجگور، خاران، گوادر، خضدار، چاغي، ڪڇي، نصيرآباد، لسٻيلي ۽ ڪوهلو ۾ ٿئي ٿي.
سنڌ۾ کجي صنعت جي شڪل وٺي رهي آهي. ٻه ٽي نجي ڪمپنيون ميدان ۾ لٿيون آهن، جيڪي فقط صفائي ۽ پيڪنگ ڪن ٿيون. پر کجيءَ مان ٻيون شيون به ٺاهي دٻن ۾ بند ڪري پرڏيهه يا ڏيهي مارڪيٽ ۾ اماڻي سگهجن ٿيون. کجيءَ مان جيلي، جام، شربت ۽ اهڙيون ٻيون شيون اڃا ڪو نه ٺاهيون ويون آهن.
86_ 1985ع جي رڪارڊ موجب خيرپور ضلعي ۾ 13564 هيڪٽرن تي کجي هئي، جنهن مان 77192 ميٽرڪ ٽن پيداوار ٿي. ساڳئي سال سڄي سنڌ ۾ 15359 هيڪٽرن تي کجيءَ جي پوک ٿي جنهن مان ڪل پيداوار 90.368 ميٽرڪ ٽن ٿي. سنڌ ۾ کجيءَ جا ٻيا اهم علائقا سکر ۽ شڪارپور آهن.
خيرپور، سکر ۽ شڪارپور کانپوءِ لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ دادوءَ ۾ به کجي ٿوري گهڻي موجود آهي، باقي ضلعن ۾ کجي خال خال آهي.
سنڌ ۾ ميوا ته جام آهن پر انب کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي پوک کجيءَ جي آهي. کجيءَ جي وڻ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ نر ۽ مادي جدا جدا ٿين ۽ انهن جي جزن جو لڳ به جيستائين هٿرادو طريقن سان نٿو ڪيو وڃي، فصل گهٽ لهي ٿو. کجيءَ جي هر باغ ۾ نر ٻوٽا ضرور پوکيا وڃن ٿا، سنڌ ۾ هٿرادو لڳ لاءِ مزدور مادي کجين تي چڙهي نرکجيءَ جا جزا ڇٽين ٿا، هاڻي ڪي ٻيا سائنسي اوزار به ايجاد ٿيا آهن جن سبب وڻ تي چڙهڻ ضروري ناهي پر اڄڪلهه فقط پنجاب ۾ استعمال پيا ٿين.
اصيل کجي سنڌ جي سڀ کان بهترين کجي آهي پر ان فصل جي مارڪيٽنگ ۾ وڏيون ڪوتاهيون آهن. سٺي پيڪنگ ۽ ڪوائلٽي برقرار رکڻ وڏو مسئلو آهي. قيمت باقاعدي مقرر نه ٿي ٿئي، ان ڪري هر باغبان کي خريدار سان پنهنجيءَ پر ۾ ۽ جدا قيمت لاءِ ڳالهائڻو پوي ٿو، پوءِ ڳالهه جتي کٽي يعني باغبان کي اها پڪ ڪڏهن به نه هوندي آهي ته سندس فصل گهڻي قيمت تي وڪامبو . ان ڪري مجموعي طور تي اصيل جو 75 سيڪڙو فصل سڪائي ان مان ڇوهارا ٺاهيا وڃن ٿا. هڪ ته کجيءَ جي مند بنهه گهٽ يعني مشڪل سان ڪجهه هفتا آهي، ٻيو مارڪيٽ غيريقيني آهي. کجيءَ جو وڏو وڪرو رمضان شريف ۾ آهي. باقي مارڪيٽ ڏيساور ۾ ڳولي وڃي ٿي يا وري ڏيهي مارڪيٽ ۾ کپت آهي.

کجيءَ جو پرڏيهي واپار

کجيءَ جو پرڏيهي واپار

1979ع ۾ سڄي دنيا ۾ کجيءَ جو ڪل وڪرو 90.96 ملين آمريڪي ڊالر ٿيو. 1983ع ۾ 94.29 ملين آمريڪي ڊالر ٿيو. پاڪستان کان سواءِ عراق، ايران، مصر، سعودي عرب، الجيريا، تيونس، مراڪش، ڪويت، گڏيل عرب عمارتن، عمان، آمريڪا، اسپين، برازيل ۽ ميڪسيڪو ۾ به کجي ٿئي ٿي.
خريدارن ۾ آمريڪا، برطانيا، اٽلي، جرمني، اسپين، ڪئناڊا، آسٽريا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، سوئزرلينڊ. بيلجيم، ليڪسمبرگ، نيدرلينڊ، ڊنمارڪ، ناروي، سوئيڊن، آسٽريا، انڊونيشيا، ملائشيا ۽ فرانس آهن. وڏي ۾ وڏو خريدار فرانس آهي. 1979ع کان 1984ع تائين فرانس، سڄي مارڪيٽ جو پنجون حصو خريد ڪيو، فقط 1979ع ۾ 19.32 ملين ڊالرن جي خريداري ڪيائين، 1980ع ۾ 23.66 ملين ڊالرن جي خريداري ڪيائين 1981ع ۾ خريداري گهٽجي 20.57 ملين بيٺي.
فرانس ۾ تيونس جي کجي گهڻي وڃي ٿي. ان کانپوءِ اٽلي، الجيريا ۽ عراق به فرانس کي کجي وڪڻن ٿا. فرانس اها کجي پاڻ وٽ نٿو رکي پر ان جو وڏو ڀاڱو يورپ جي ملڪن ۾ وڪڻي ٿو. سبب؟ ايران ۽ عراق جي جهيڙي انهن ملڪن کي يورپ کان معاشي طور پري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو فائدو فرانس حاصل ڪيو آهي.
پاڪستاني کجي به پرڏيهه ۾ وڃي ٿي، جنهن جو چارٽ ڏجي ٿو خيرپور ضلعي ۾ 40 هزار ايڪڙن کان مٿي کجي پوکي وڃي ٿي، جنهن مان 90 سيڪڙو اصيل آهي. ٻئي نمبر تي وڏي پوک ٽوٽو يا فصلي جنس جي آهي، جيڪا قيمت ۾ سستي آهي. ان سستائيءَ سبب ٽوٽو جنس غريبن ملڪن جهڙوڪ بنگلاديش، سريلنڪا توڙي يورپ جي ملڪن ۾ به وڪامي سگهجي ٿي. پر اڃا تائين ان ڏس ۾ ڪا خاص وک نه وڌائي وئي آهي.

پاڪستاني کجيءَ جا خريدار ملڪ

پاڪستاني کجيءَ جا خريدار ملڪ

ملڪ 86_1985ع
جولاءِ_ اپريل 85_1984ع
جولاءِ_ اپريل 84_1983ع
جولاءِ_ اپريل 83_1982ع
جولاءِ_اپريل
آسٽريليا
ڪئناڊا
جبوتي
بنگلاديش
جرمني
هانگ ڪانگ
مالديپ
نيدرلينڊ
نيوزيلينڊ
سري لنڪا
آمريڪا
برطانيا
سنگاپور
سوئيڊن 10345
21.369
388
20
698
14
30
___
4539
5500
5657
7763
1223
278 33.027
13.128
___
___
380
331
___
1.452
366
784
26.414
4.748
___
___ 8572
9666
___
___
___
___
___
___
1.073
___
11.998
1114
___
___ ___
322
___
___
___
___
___
___
___
___
4737
39
___
___
نوٽ: قيمت هزار رپين ۾ ڏنل آهي.
(ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جي رڪارڊ موجب).

فيصلي جي گهڙي

فيصلي جي گهڙي

رات جو سمهڻ کان اڳ، ٽيم جي ميمبرن جي گڏجاڻي ۾ اهو مسئلو ويچار هيٺ آيو ته سڀاڻي سفر جو ڇا ڪجي! ضلعي انتظاميا، سکر کان هيٺ ٻيڙيون لاهڻ جي موڪل نه ٿي ڏي. پوئتي اتر ڏانهن ڪشمور کان سکر جي وچ ۾ وري به خير هو. سڀاڻي صبح جو پروگرام موجب ٻيڙيءَ کي سکر بئراج کان مُهين جي دڙي تائين سفر ڪرڻو آهي. درياهه جي ٻنهي ڪپن تي گهاٽا ٻيلا آهن. سکر جو مختيار ڪار ٻڌائي ٿو ته، فقط خيرپور ضلعي ۾ ڌاڙيلن جا گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڊزن بي رحم ٽولا پنهنجا ٿاڪ ۽ مورچا ٺاهي ويٺا آهن. پوليس کي مجال ناهي جو اُٻهرائيءَ ۾ يا بنا ڪنهن وڏي تياريءَ جي ٻيلن ۾ لهي سگهي.
سکر اهو ماڳ آهي جتي هن کان اڳ سموريون درياهي مهمون اڌ ۾ ختم ڪيون ويون هيون. ضلعي انتظاميا ڪنهن کي به اڳتي وڃڻ نه ڏنو هو. سڀني جون ٻيڙيون درياهه مان ڪڍائي ٽرڪن ۾ چاڙهي روڊ رستي ڪراچي روانيون ڪري ڇڏيون هيون. هيءَ صورتحال ڪليم لاشاريءَ لاءِ وڏو چئلينج آهي. هو چوي ٿو ته ”درياهي سفر هر قيمت تي جاري رهندو!“
امن امان جي صورتحال پنهنجي جاءِ تي، درياهه ۾ پاڻيءَ جي صورتحال سکر بئراج کان هيٺ ڪنهن واهه جهڙي لڳي ٿي. اهڙيءَ صورت ۾ درياهه جي سير وٺي ڪناري کان پري رهڻ به ممڪن نه هوندو، مٿان وري درياهه جا پنهنجا ور وڪڙ تيز رفتار سفر کي ناممڪن ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندا. مون درياهي سفر جي مخالفت ڪئي. مهم جُوئي پنهنجي جاءِ تي! پر اهڙي ڪنهن جوکم کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا نه ڪا تياري ته هئڻ کپندي هئي. اسان وٽ ڪا شيءِ نه هئي، ڪو ڀڳل روالور يا زنگيل بندوق به نه هئي جو کڻي هٿيارن جي ٺلهي دهمان تي ظلمات ٽپي وڃجي. جيڪڏهن هٿيار هجي ته به ڇا ڪري سگهبو. ڌاڙيل ايڏو بهادر به نه هوندو آهي جو سامهون ٿئي، هو ته گهات هڻن ٿا ۽ اوچتو هٿيارن جا ڪاڪڙا کولي پنهنجي مرضي هلائين ٿا.
سڀاڻي درياهه ۾ ٻيڙيون لاهڻ سراسر جوکم ٿيندو. انور ٻه دليو آهي. مُهين جي دڙي جي ڀر ۾ لڳو لڳ ٻلهڙيجي سندن ڳوٺ آهي. هو پنهنجي ڳوٺ وٽ پتڻ تي لهي مائٽن سان ملڻ گهري ٿو، پر هن کي چڱيءَ طرح احساس آهي ته اهي ٻيلا ڪيڏا خوفناڪ آهن. ضلعي انتظاميا اسان جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪري نٿي سگهي. پوليس وٽ يا ڪنهن به ٻئي سرڪاري اداري وٽ موٽر لڳل ننڍڙيون ٻيڙيون ناهن جن تي هٿياربند سپاهين جو مضبوط جٿو حفاظت لاءِ گڏوگڏ هلي.
ضلعي انتظاميا سکر جي ٻن چئن جهونن مهاڻن کي سڏائي خبرچار ڪئي، ”هيٺ خطرو ته ناهي ... توهان اچو وڃو پيا!“ ويچارا مهاڻا ڊڄي ويا. ڪيئن چون ته ڪٿي ڪهڙو ٽولو ويٺو آهي. ڌاڙيلن سان وير ڪير ٿو پالي سگهي؟
”سڀ خير آ سائين! ... سُک لڳا پيا آهن ... اصل ڪا پهر ڪونهي ... باقي سائين چئي نٿو سگهجي اهي رهزن ٻيلن ۾ پيا ڦرن.“ پوليس کي خبر آهي ته ڌاڙيلن ۽ پاتڻين جا پاڻ ۾ رات ڏينهن جا واسطا آهن. پاتڻي ڪچي جي ماڻهن کي درياهه ٽپائين ٿا گڏوگڏ ڌاڙيل به بندوق ڏيکاريو ٻيڙيءَ تي چڙهيو پون. ٻيلن ۾ سندن حڪومت آهي تنهن ڪري سنڌوءَ جو وهڪرو ۽ ان جي وچ ۾ ٻيٽاريون به سندن ملڪيت آهن. ڌاڙيل به پاتڻين ۽ مڇي جهليندڙ مهاڻن سان هروڀرو ڪو نه وڙهن. انهن جون ٻيڙيون کين ڪم اچن ٿيون.
طوطي خان کي سکر کان هيٺ پتڻن ۽ واهڻن جي خبر گهٽ آهي، تنهن ڪري هن کي هتان جهانگيره ڏانهن موٽ کائڻي پئي. سکر کان هيٺ اهڙي ناکئي جي ضرورت هئي جيڪو مقامي گهٽن گهيڙن ۽ هنڌ هنڌ پاڻيءَ جي اونهائيءَ کان واقف هجي. جهونن مهاڻن جي تسليءَ تي انتظاميا ٻيڙي لاهڻ جي موڪل ڏني ۽ هڪ جهونو ملاح ناکئو ڪري ڏنو جيڪو سيوهڻ تائين هلندو. ان کان اڳتي ٻيو، پوءِ ٽيون ... ائين ناکئا بلجندا رهندا.
اها رات لب مهراڻ جي ڀر ۾ سرڪٽ هائوس جي وڏي هال ۾ گذري. هر ڪو پنهنجي پنهنجي سليپنگ بيگ ۾ گهڙي ويو ۽ سيڪنڊن ۾ بي خبر ٿي ويو. سخت ٿڪ کان پوءِ موت جهڙي ننڊ ايندي آهي.

سکر کان لاڙڪاڻي ڏانهن

سکر کان لاڙڪاڻي ڏانهن

جمعو، 17 نومبر 1989ع
صبح جو 9_لڳي ڌاري لب مهراڻ وٽان مورڙئي کي درياهه مان ڪڍي اٺ گاڏي تي چاڙهي بئراج جي ٻئي ڀر ٽپايو ويو. ڪليم لاشاري، اشتياق انصاري ۽ هڪ ناکئو امام بخش ملاح مُهين جي دڙي تائين سفر لاءِ روانا ٿيا. اڄ وڏي جوکم جو پنڌ آهي تنهنڪري ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي درياهي سفر جي موڪل نه ڏني وئي. نوري سکر ۾ ٺهي نه سگهي.
نوريءَ جي مرمت نه ٿيڻ سبب سڀني ۾ مايوسيءَ جي هلڪي لهر ڊوڙي وئي آهي. ڇا باقي سفر هڪ ٻيڙيءَ تي جاري رهندو؟ طوطي خان هتان موڪلائي وطن روانو ٿي چڪو آهي. اڄ خشڪيءَ واري قافلي ۾ مينهون خان بلوچ به شامل آهي. مورڙئي مشين اسٽارٽ ڪري ٻيٽارين ۾ پنهنجا پيچرا ڳولي پنڌ شروع ڪيو ته خشڪيءَ واري قافلي به سُرڻ شروع ڪيو. هن ڀيري مينهون خان بلوچ به اسان سان گڏ آهي جنهن سکر، روهڙي ۽ ڀرپاسا وڏي سهولت سان ڏيکاريا. مينهون خان بلوچ سکر ۾ انفارميشن آفيسر آهي. گهمڻ جو شوقين ۽ فرضن جي پُورائي ۾ ڀڙ. ان مهل پريشان ٿي ويندو آهي جڏهن آفيس جو ڪم گهڻو هجي يا وي.آءِ.پي لٿل هجي ۽ مٿان وري سنگت اچي پهچي! بهرحال، پنهنجي واٽ ڪڍي ويندو آهي.
جيپ سکر کان لاڙڪاڻي جو رخ رکيو. لکيءَ کان ٿيندي رڪ وٽان لنگهي. رڪ ريلوي اسٽيشن، سکر کان 15_ ميل ۽ لاڙڪاڻي کان 33_ ميل آهي. اسٽيشن جي هڪ اهميت اها به آهي ته ڪوئٽا ريلوي ٽريڪ تي جنڪشن جي حيثيت اٿس. رڪ کان پوءِ ڪوئٽا ٽريڪ تي شڪارپور، جيڪب آباد ۽ سبي وغيره ايندا. رُڪ جي اڃا به ڪا سڃاڻپ آهي ته پوءِ اها سنڌ جي عظيم ڳائڻي ڀڳت ڪنور جي رت سان رڱيل آهي.

امروٽ شريف واري مسجد

امروٽ شريف واري مسجد
لڳ ڀڳ هتان ئي اهي ٽي مکيه واهه گڏوگڏ هلندا جيڪي سنڌوءَ جا الهندا پٽ ساوا ڪن ٿا ۽ سکر بئراج جي ساڄي ڪنڌيءَ تان ڪڍيا ويا آهن. کير ٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال. امروٽ شريف دادو ڪئنال تي واقع آهي. هتان جا عالم سنڌ جي سياست ۾ چڱو اثر رکن ٿا. اها اڄ جي ڳالهه ناهي. جنهن وقت ۾ انگريزن کير ٿر ڪئنال پئي کوٽيو تڏهن هتي وڏي مزاحمت ٿي. هيءُ اهو ئي دور آهي جڏهن مسجد منزل گاهه وارو واقعو ٿيو. ٿيو ڇا ته کير ٿر ڪئنال جي کوٽائي لاءِ ڪڍيل سڌي ليڪ هڪ مسجد کي ڪٽي ٿي وئي. جڏهن کوٽائي ڪندي آبپاشي عملدار مسجد ڊاهڻ لڳا ته علماءَ سڳورن مزاحمت ڪئي. چون: ”مسجد نه ڊهندي!“ ڪم بند ٿي ويو. وڏا عملدار اچي لٿا. منٿ ميڙ ڪيائون، اکيون ڏيکاريائون، دڙڪا، دهمان ۽ لالچ سڀ ڪجهه بيڪار ويو. نيٺ آڇيائون ته مسجد
کي اتان هٽائي ڪنڌيءَ تي وڏو ڪري ٺاهجي ۽ اهو خرچ سرڪار ئي ڀري. علماءَ سڳورن اها ڳالهه به نه مڃي، چئي، ”مسجد هڪ انچ به نه هٽندي.“ وڏي ڳالهه ٿي وئي. نيٺ اتي وڃي راضي ٿيا ته مسجد اتي جو اتي رهندي ۽ ڪئنال ان جي هيٺان لنگهي ويندو. اها مسجد اڄ به بيٺي آهي. واهه جي پيٽ ۾ ٿنڀا کوڙي انهن تي مسجد بيهاري وئي ۽ ڪناري کان پل ڪڍي مسجد کي ان سان ڳنڍيو ويو.

ڳڙهي خدا بخش

ڳڙهي خدا بخش
منجهند جو 12_ لڳي ڌاري جيپ نئين ديري وٽان لنگهي، ساڄي پاسي کان ڳڙهي خدابخش ويندڙ رستي ميار ڏني فقط ٽن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي سنڌ جي ان شخصيت جي قبر آهي جنهن سان سنڌ جي ماڻهن ڏاڍو عجيب پيار ڪيو. عوام هن شخص کي پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم جو مرتبو ڏنو پر پوءِ ... اهو شخص ڦاهي چڙهي ويو. هتي ذوالفقار علي ڀٽي جي قبر آهي جنهن کي ماڻهن ’شهيد بابا‘ سڏڻ شروع ڪيو آهي. باشعور نوجوان هتي واعدن جي تجديد ڪرڻ اچن ٿا، وڏيرا سياست چمڪائڻ اچن ٿا ۽ عقيدي پرست باسيون باسين ٿا.
مزار تي ڊيوٽيون ورهايل آهن. غلام نبي نالي هڪ همراهه ٻهاريدار آهي. اسان جي ملاقات هڪ مولوي صاحب سان به ٿي جنهن بابت اسان کي ٻڌايو ويو ته ڦاسيءَ کان پوءِ جڏهن ڀٽي صاحب جو لاش هيليڪاپٽر ذريعي هتي پهچايو ويو تڏهن هن مولوي صاحب ڀٽي صاحب جي جنازي نماز پڙهائي هئي. بينظير ڀٽو جو نڪاح به هن پڙهايو ۽ بينظير جي ڀاءُ شاهنواز ڀٽي جي جنازي نماز به هن پڙهائي. مولوي صاحب جو نالو حاجي محمود ڀٽو آهي. مولوي صاحب 4_ اپريل 1979ع واري ڏينهن جو اکين ڏٺو احوال ٻڌائڻ شروع ڪيو،
”صبح جو 10_ لڳي جنازو هتي پهتو ... ٻه ڪلاڪ هتي هئا. لاش هيليڪاپٽر تي آيو پوءِ ايمبولنس تي اڳتي کڻي آيا. هيليڪاپٽر هتان ٽي ميل پري مئن روڊ تي لٿو هو. ڀٽي صاحب جو لاش ڪنهن پيتيءَ ۾ نه هو ... پيتي ڪا خاص نه هئي صرف ڦٽا مليل هئا ... نه ان ۾ ڪپهه هئي، نه ان ۾ برف هئي ... ڪا شيءَ نه هئي ... غسل ۽ ڪفن ڏنل هو ... اسان به هتي ڪفن تيار ڪيو هئوسين ... پوءِ اسان هنن کي چيو ته اسان کي ظالم جو ڪفن نه کپي اسان پنهنجو ڏينداسين ... هنن چيو ته ائين ڪڏهن نه ٿيندو! اسان بدلائڻ نه ڏينداسون ... بهرحال، ڦاسيءَ واري جون اکيون کلي وينديون آهن، زبان لٽڪي پوندي آهي، گردن لمبي ٿي ويندي آهي ... اهڙي ڪا شيءِ نه هئي ... چهرو ائين هو جيئن گلاب جو گل ... ننڊ پيو هو ... پر ڀٽو صاحب صفا ضعيف ٿي ويو هو، وزن فقط هڪ مڻ وڃي رهيو هئس ... هونئن سوا ٻه مڻ وزن هئس ... ڀٽي صاحب جو منهن سڄي ڳوٺ ڏٺو ... ٻچي ٻچي ڏٺو ... لاش سيني تائين کليل ڏٺو ... جڏهن ڀٽو صاحب دفن ٿيو ته فوج بيٺي رهي ... پوءِ به ڇهه مهينا بيٺي رهي ... دفنائڻ واري ڏينهن هتي 18 هزار فوج هئي. سڄي شهر کي گهيرو ڪيو هئن ... ڪنهن به ٻاهرين بني بشر کي نه ڇڏيائون سڀ روڊ بند ٿي ويا ... ڀٽي صاحب کي اسان لحد ۾ لاٿو ... پر سڄو جسم ڏسي نه سگهياسين پر ڦاسيءَ جو ڪو به نشان نه هو ... ڀٽي صاحب جو جنازو اول حويليءَ ڏانهن کڻي ويا هئا پر فوج جي پهري ۾ ... اتي ڀٽي خاندان جا سڀئي ماڻهو موجود هئا ... سڳا سوٽ هئس ... ممتاز علي خان جو بابو نبي بخش خان هو، سردار پير بخش خان هاڻي فوت ٿي ويو آهي، اهو به هو ... هتان جا سوٽ به هئس حاجي غلام علي خان، الله بخش خان، حاجي عبدالجبار خان، مولا بخش خان ۽ آغا خان موجود هئا ... ڀٽي صاحب جي نينگر شاهنواز خان کي به مون غسل ڏنو ’المرتضيٰ‘ لاڙڪاڻي ۾ ... ان موقعي تي ڪا فوج يا دشواري نه هئي، ڏهه لک ماڻهو هئا.“
ڀٽي خاندان جو ارادو آهي ته قبرستان لڳ ٺهيل جايون هٽائي قبر تي مقبرو اڏيو ويندو ۽ ماڻهن کي ان جي بدلي ۾ ٿورو پرتي جايون ڏبيون. مزار تي هڪ گونگو ڪردار به مليو جيڪو ايندڙ ويندڙ کي اشارن سان ٻڌائي ٿو ته هو ڀٽي صاحب کي تيل مالش ڪندو هو ۽ زور ڏيندو هو. گونگي جو نالو سومر سومرو آهي. ماڻهو چون ٿا ته هو ڀٽي صاحب سان گڏ چين جي دوري تي به ويو هو.

قُبو ڀانڊو ۽ ٿهيمن جا قُبا

قُبو ڀانڊو ۽ ٿهيمن جا قُبا

هڪ قبو رتي ديري کان ٽي ميل پري جي ڀر ۾ ڊکڻ واري رستي تي، وڏي دڙي تي آهي. ڪنهن کان به پڇبو ته، مقبرو ڪنهن جو آهي؟ ته چوندو: ڪنهن گمنام درويش جو آهي، جنهن جو سر وڍيل هو. هتي فقط سندس ڌڙ پوريل آهي، ان ڪري قبي کي قبو ڀانڊو چيو وڃي ٿو. هڪ همراهه اڳي وڌي چيو، ”چون ٿا ته ماڻهن هڪ سرڪٽو ڏٺو جنهن جي ڳچي مان رت پئي وهيو. سر وڍيل ماڻهو پنڌ ڪندو هلندو ٿي ويو ... ماڻهن ڏندن ۾ آڱريون وجهي اهو منظر پئي ڏٺو ته ڪنهن رڙ ڪري چيو ته اڙي! ڏسو سرڪٽو ٿو وڃي! بس اهو ٻڌڻ شرط هلندڙ لاش اتي ڪري پيو ۽ ماڻهن مٿس قبو اڏائي ڇڏيو.“ ماڻهو اهو قصو اڪثر سورهين ۽ درويشن سان جوڙيندا آهن.
اسان مٿي چڙهي وياسين. مقبري جي ٻاهران زبون قبرون، انسان جي حقيقت سمجهائي رهيون هيون. وڏي مقبري جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙو مقبرو هاڻي ذري گهٽ صفا ڊهي چڪو آهي، پر يقيناً ان تي شاندار ڪم ٿيل هو. ڀانڊي قبي جي حالت ويران ۽ زبون آهي انڪري ان کي ’ڀانڊو‘ چون ٿا. 15x15 فٽ ماپ اٿس ۽ تقريباً 30 فٽ اوچو ٿيندو. عمارت پڪسري، چُن ۽ جپسم ۾ ٺهيل آهي. ان تي ڪاشيءَ جو ڪم به ٿيل هو. گنبذ جي ڳچي اوچي ۽ اٺڪنڊي کنيل آهي. ڳِچ جي اٺن ئي پاسن کان هڪ هڪ محرابدار هوادان آهي. ڀانڊي قبي ۾ اندر ڇهه ست قبرون آهن. وڏي قبر تي ٻه ٽي ڏيئا، اَن جا داڻا ۽ ڳاڙهو رنگ پکڙيل هو. شايد ڪي عقيدتمند تازو ئي هتان ٿي ويا هئا. ”منهنجي خيال ۾ رتي ديري جو نالو به هن درويش تان پيو آهي ... هو رت ڳاڙهيندو هتي آيو هو نه!“ هڪ مقامي استاد پنهنجي راءِ ڏني. قربان بگٽيءَ جي راءِ ۾ هن قبي هيٺ رتو جلباڻي دفن آهي، پر ان دعويٰ جي ڪا به تصديق نه آهي. هيءُ قبو جنهن دڙي تي آهي ان مان مهين جي دڙي واري تهذيب جون ٺڪريون ملن ٿيون.
رتي ديري کان اوڀر ۾ ڊکڻ واري رستي تي چار قبا آهن، جن کي بوهي قبا چون ٿا. انهن کي ٿهيمن جا قبا به چيو وڃي ٿو. اسان کي ٽنهي مان ڪنهن به قبي هيٺ قبر نظر نه آئي. مقبرا بظاهر خالي هئا. هر هڪ مقبري ۾ اولهه طرف محراب موجود آهي. روڊ کي ويجهي مقبري جو در ڏکڻ کان ۽ باقي ٻن مقبرن جا دروازا اوڀر کان آهن. قبا سکر کان اولهه ۾ اٽڪل ٽيهه ميل پري آهن.
دي اينٽيڪئٽيز آف سنڌ جو ليکڪ هنري ڪزنس، ڊکڻ وٽ چئن قبن جو ذڪر ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته: عبدالنبي ڪلهوڙي جي حڪومت جي پڄاڻيءَ مهل ڳڙهي ياسين وٽ پٺاڻن سان لڙائي لڳي هئي، جنهن ۾ ٿهيم مارجي ويا هئا. ٻن ٿهيمن جا قبا سندن زالن يادگار طور 1781ع ڌاري ٺهرايا هئا. هڪ صاحب خان ٿهيم جي ياد ۾ ۽ ٻيو دلاور خان ٿهيم جي ياد ۾. انهن کان پراڻو قبو، جلال خان جو آهي جڏهن ته چوٿون قبو هڪ درويش، جعفر شاهه جو آهي. چون ٿا ته جڏهن جلال خان جو قبو اڏجي رهيو هو تڏهن هڪ غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو هو ته پهرين جعفر شاهه جو قبو اڏيو وڃي، پوءِ ائين ئي ڪيو ويو.
هينري ڪزنس جي تحقيق موجب، ڀانڊو قبو 1740ع ڌاري ٺهيو. جيتوڻيڪ ان ڀانڊي قبي بابت، ڪنهن روايت يا شخصيت بابت ڪجهه به نه لکيو آهي پر، ڀانڊي قبي سان منسوب ڏند ڪٿا پڻ ڪنهن لڙائي يا خوني واقع ڏانهن اشارو ڪري ٿي. ٿهيم پاڻ کي عرب جي تميم قبيلي سان جوڙين ٿا جيڪي بغداد جي خليفي جي حڪم تي سنڌ آيا هئا.

لاڙڪاڻي ۾

لاڙڪاڻي ۾

تقريباً هڪ لڳي ڌاري لاڙڪاڻي پهتاسون. هتي پهچڻ شرط پراڻي چوڻي ياد اچي ٿي، ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو!“ پرهاڻي هروڀرو اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. ڀُٽي صاحب جي زماني ۾ اڃا ترقيءَ جي هڪ اڌ وک مس کنئي هئائين ته اڙدو پريس باهه ٻاري ڏني، چئي، ”لاڙڪاڻي تي ڪراچيءَ جا پئسا پيا لڳن ... لاڙڪاڻو پئرس پيو ٿئي!“ خبر ناهي ته ڪراچيءَ وارن ڪڏهن لاڙڪاڻو ڏٺو به آهي يا نه!
لاڙڪاڻي جي هڪ سڃاڻپ زيتونن جا باغ آهن. هيڏو مٺو زيتون پاڪستان جي ڪنهن ٻئي علائقي ۾ ڪو نه ٿئي. هونئن به لاڙڪاڻو ڪنهن وقت ۾ سنڌ جو باغ ليکيو ٿي ويو.

شاهه بهارو

شاهه بهارو

لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه جي اترين ڪنڌيءَ تي شاهه بهاري جو مقبرو آهي. عام ماڻهو هتي دعائون پنڻ وڃن ٿا. هُو اها ڳالهه وساري چڪا آهن ته شاهه بهارو اصل ۾ نور محمد ڪلهوڙي جو وزير ۽ سپه سالار هو، جنهن جي ذمي ڏهه هزار ماڻهو هئا. شاهه بهاري 1735ع ۾ وفات ڪئي. گهاڙ ڪئنال جي اتر ۾ هڪ چوڪور قلعو هوندو هو، جنهن کي چار مورچا هئا. اهي نشان هاڻي ڊهي چڪا آهن.
سڄي لاڙڪاڻي پرڳڻي جي سنڀال ۽ ترقي سندس ذميواري هئي. چون ٿا ته هو سڄي عمر ۾ 84 جنگيون وڙهيو ۽ سڀ کٽيائين. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪجهه قلعا ۽ واهه کوٽائڻ جو ڪم به سندس کاتي ۾ آهي. شاهه بهاري جو مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي 1774ع ۾ ٺهرايو.
شاهه بهاري جو مقبرو پڪسري عاليشان عمارت آهي. ڊيگهه توڙي ويڪر 39_39 فوٽ اٿس. مقبرو، 76 فوٽ ڊگهي ۽ 71 فوٽ ويڪري ٿلهي تي ٺهيل آهي. مقبري جي چوٽيءَ تي سهڻو شمعدان (lantern) قبي جي سڃاڻپ آهي. اهڙو سهڻو شمعدان ڪنهن به ٻئي مقبري تي ناهي. مقبري تي مٿي چئني ڪنڊن تي نيري ڪاشيءَ جون مناري نما وصفون آهن جن کي انگريزيءَ ۾ turrets چون ٿا. مقبري جي ٻي خاص ڳالهه ڪاٺ جو دروازو آهي جنهن تي شاهڪار ڪم ٿيل آهي. اولهه واري ديوار ۾ محراب آهي. مقبري جي اندر هڪ فوٽ اوچي ٿلهي تي ڇهن قبرن مان هڪ شاهه بهاري جي آهي. مقبري ۾ گلن چٽن واري چٽسالي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي پارسي خطاطي آهي. مقبري جي ٻاهران چُن جو پلستر ٿيل آهي جنهن ۾ مستطيل پئنل ڏنل آهن.

ميان الياس ۽ ميان شاهه علي (شاهل) ڪلهوڙي جا مقبرا

ميان الياس ۽ ميان شاهه علي (شاهل) ڪلهوڙي جا مقبرا
لاڙڪاڻي شهر کان اسان جو رخ باقراڻي، آريجا کان ٿيندو مهين جي دڙي طرف ٿيو. باقراڻيءَ کان فقط پنج ڪلوميٽر اوڀر ۾ اهو ماڳ آهي جنهن کي اسان تاريخ ۾ هٽڙي جي نالي سان ڪلهوڙن جو اهم مرڪز چوندا آهيون. هٽڙيءَ جو نئون نالو ڳوٺ مزاور (مجاور) لاشاري چئجي ته هروڀرو غلط به ڪونه ٿيندو. هتي ڪلهوڙا ڪڏهن ۽ ڪيئن آباد ٿيا؟ محمد هاشم حامي پنهنجي مضمون لاڙڪاڻو ڪلهوڙن جو دور ۾ لکي ٿو ته ”خان خانان سن 1000 هه (1591ع) ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ نذراني طور سنڌ جو هي حصو (هاڻوڪو لاڙڪاڻو) چانڊين کان کسي ميان آدم شاهه جي حوالي ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ ميان آدم شاهه ڏوڪريءَ جي ڀرسان هٽڙيءَ ۾ رهندو هو. هاڻوڪو لاڙڪاڻو تڏهن چانڊڪا پرڳڻي طور سڃاتو ويندو هو جا نسبت چانڊيا قوم سبب هئي. هن خطي جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ ميان آدم شاه سياسي سفر شروع ڪيو ايئن ڪلهوڙا مضبوط ٿيندا ويا.“
آدم شاهه سياسي قووت طور مضبوط ٿيو ته تر جا زميندار سندس خلاف ٿي پيا جن مغلن جا ڪن ڀريا. آدم شاهه ۽ مغلن جي وچ ۾ مخالفت پيدا ٿي. 1992 ۾ آدم شاهه کي ڦاسي ڏني وئي. ميان کانپوءِ سندس وڏو پٽ ميان دائود سندس جاءِ نشين ٿيو. حامي صاحب ميان دائود کي پرڳڻي جو جاءِ نشين لکيو آهي. ميان دائود جا ٻه پٽ هئا محمد الياس ۽ ميان شاهه علي (شاهل). هي ٻئي ڀائر به هٽڙيءَ ۾ ئي رهيا پر ميان الياس جو وڏيري جلال ابڙي جي زمينن تي قبضي سبب تڪرار ٿي پيو. ان کان اڳ جو تڪرار وڌي ميان الياس 1620ع ۾ وفات ڪري ويو.
ميان الياس کانپوءِ ميان شاهل جاءِ نشين ٿيو. هن به گهاڙ (واهه) تي زراعت وڌائڻ ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو. گهاڙ هٿرادو واهه آهي يا درياهي ڦاٽ؟ ان تي اختلاف راءِ موجود آهي. گهاڙ جي ٻنهي ڪپن تي موجود زمينون اصل ۾ ابڙن ۽ سانگين جون هيون جيڪي ڪلهوڙن کسيون هيون. زمينن تي قبضن تان تڪرار تي ميان شاهل 1068 (1657ع) ۾ قتل ڪيو ويو. ميان شال جو مقبرو گهاڙ جي ڪپ تي ۽ ميان الياس جو مقبرو هٽڙيءَ ۾ آهي. ميان دائود ڪلهوڙي جي مزار به هٽڙيءَ ۾ آهي. ميان شاهل کانپوءِ ميان نصير محمد جو دور شروع ٿئي ٿو جنهن جي مزار ڳاڙهيءَ ۾ آهي.

ميان الياس جو مقبرو
ميان صاحب جو مقبرو هٽڙي (ڳوٺ مجاور لاشاري ۽ فريد آباد جي وچ) ۾ آهي. هي پنڌ لاڙڪاڻي کان ڏکڻ ۾ 13 ڪلوميٽر ٿيندو. تاريخ جي ڪتابن ۾ شايد اهو ڪٿي به لکيل ڪونه آهي ته ميان الياس جو مقبرو ڪنهن ٺهرايو پر ميان شاهل جي مقبري جو نقشو ۽ نمونو ڏسي ڪافي اطمينان سان چئي سگهجي ٿو ته ٻنهي مقبرن جو جوڙائيندڙ ساڳيو شخص يعني ميان غلام شاهه ڪلهوڙو آهي. ٻنهي مقبرن ۾ ڪو ٿورڙو فرق آهي، نه ته هڪجهڙايون ڪافي آهن. ميان الياس جي درگاهه کان ڪجهه پرڀرو اتر اولهه ۾ سندس ئي وقت جو کوهه اڃا تائين موجود پر ڦِٽل حالت ۾ آهي.
ميان الياس جو مقبرو چؤديواريءَ جي اندر آهي جيتوڻيڪ اها چؤديواري شاهي قسم جي ڪوٽ وانگر نه آهي، جيئن ميان شاهل جي مقبري کي ڏنل آهي. ميان داد محمد (ميان دائود ڪلهوڙي) جي قبر به ميان الياس جي چؤديواريءَ کان ٻاهر ڏاڪڻين وٽ ڏکڻ اولهه ڪنڊ ۾ آهي. ميان دائود کي ايئن کليل آسمان هيٺ لاوارثن جيان ڇو ڇڏي ڏنو ويو؟ يا ان تي ڪو شايان شان مقبرو ڇو نه اڏايو ويو؟ اهو سوال منهنجي ذهن ۾ سدائين گردش ڪندو رهندو. ميان دائود کان ڪجهه قدم اوڀر اُتر ۾ فريد حالتيءَ جي قبر آهي جيڪو فريد آباد جو باني آهي. اها فريد آباد مزاور لاشاريءَ جي ڀرسان ئي آهي. فريد حالتي بٺي دار فقير يعني لنگر جو انچارج هوندو هو.
ميان الياس جي مقبري توڻي چؤديواريءَ جا دروازا اوڀر کان آهن. هي تقريباً 25x25 فٽن جو چورس ڪمرو آهي ۽ اوچائيءَ ۾ به ايترو ئي يا ڪجهه گهٽ ٿيندو. مقبري جي ڇت تي چئني ڪنڊن کان منارڙِيون (turrets) ڏنل آهن. چوڪنڊي عمارت کي اٺڪنڊي ۾ بدلائي اٺڪنڊي ڳچي (drum)ڏيئي مٿي اڌ گول شڪل جو گنبذ رکيو ويو آهي. ان تي نمايان طور تي وڏي پر سادي شمعدان (lantern) وصف رکيل آهي.ان شمعدان جي هيٺان ڪنول گل جي پنن جهڙي آرائش ابتي رکيل آهي. مجموعي طور تي هن مقبري جي ڏِک نمايان پر سادي آهي. گنبذ هيٺ ٽي قبرون آهن. انهن ۾ سڀ کان نمايان ۽ اولهه واري قبر ميان الياس جي آهي، ٻيا سندس پٽ آهن.
ميان الياس جي ويجهو ئي اولهه طرف ميان مينگهل (مينگهو فقير واڻيو) جو مقبرو آهي. هي به ميان وال تحريڪ ۾ شامل هو. هن جي مقبري ۾ سفيد چن پلستر تي خداآبادي تحريرون لکيل آهن.

جاڙو فقير ٽڳڙ جو مقبرو

جاڙو فقير ٽڳڙ جو مقبرو
ميان الياس کان 225 فٽ ڏکڻ ۾ جاڙو (جاڙل) فقير ٽڳڙ جو ننڍو مقبرو آهي. هي زبون ۽ ويران پر پنهنجي اصل حالت ۾ مڪمل آهي. ڏکڻ کان دروازو اٿس. هن مقبري جي ڪن ٽائلن تي روغني چٽسالي ٿيل هئي. ديوارن تي اندران ٻاهران چن پلستر ٿيل هو. چُن جي پلستر تي ڪن ڪن جاين تي ڪارن اکرن ۾ سهڻن اکرن ۾ خداآبادي ۽ فارسي تحريرون ۽ شاعري لکيل هئي. هي غالباً فريسڪو تحرير هئي ۽ محض آبي رنگ نه هو. جاڙو فقير ميان الياس جو همعصرهو. ميان جي هاڻوڪن فقيرن جاڙي فقير کي ڪا اهميت ڪونه ٿي ڏني، ماڳهي ٺٺول واري انداز ۾ چيائون ”ان (فقير) جو مقبرو سندس مائيءَ ٺهرايو هو!“

ميان شاهه علي (شاهل) جو مقبرو
لاڙڪاڻي شهر کان 8 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ گهاڙ واهه جي اتر واري ڪنڌيءَ تي هڪ اوچي دڙي تي هي مقبرو قائم آهي. هيءَ ديهه ايلچي، ڳوٺ ڏتل ابڙو آهي. هن وقت هي دڙو قبرستان ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جنهن کي کبڙ ورائي ويا آهن. مقبرو جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1772ع ۾ ٺهرايو هو، هڪ اوچي چؤديواريءَ ۾ آهي. هيءُ به شاهي به سادو مقبرو آهي جنهن ۾ اٿندي ئي ٻه چار وصفون ڌيان ڇڪائين ٿيون.: اوچي چؤديواري، ڪشادو صحن، وڏي عمارت، ۽ ان تي گدري جي ڦاڪن جهڙو گنبذ. چؤديواري ڪنهن ڪوٽ جيان آهي پر اها ايتري مضبوط يا شاندار نه آهي جيئن خود غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري کي ڏنل آهي. هن ديوار جي اوچائي وڌ ۾ وڌ اٺ فٽ کن هوندي. ديوار کي غالباً ڪنگريون ڏنل هيون جيڪي هڪ فٽ اوچائيءَ جون ٿينديون. چؤديواريءَ جي اولهه واري ڀاڱي ۾ ٺهيل مقبري جي بيهڪ چورس آهي، ماپ 22x 22 فٽ اٿس. ديوار ۾ پئنلن جو هڪٻئي مٿان ٻه قطارون آهن، ٻه دروازا اٿس، اوڀر ۽ ٻيو ڏکڻ ۾. ٻيو غالباً پوءِ جو اضافو آهي.
مقبري ۾ گنبذ جي هيٺان ٻه فٽ اوچو ٿلهو 9x9 فٽ ٺهيل آهي جنهن تي ٻه قبرون آهن. اولهه طرف ميان شاهل رکيل آهي، سندس ڀر ۾ اوڀر طرف سندس پٽ شاهه حسن آهي. مقبري جي عمارت جي اندرين ماپ 15.6x15.6 فٽ آهي. گذريل مرمتن ۾ ڪي قدر ڦير ڦار ٿي آهي، گنبذ جي ڳچ ۾ ڪنگرا هئا جيڪي هاڻي غائب آهن. چوڪنڊي ڪمري کي اٺڪنڊو ڳچ ڏيئي ڦاڪدار گنبذ رکيو ويو آهي. گنبذ تي ننڍو شمعدان (lantern) واري وصف رکي وئي آهي. مقبري جي ڪل اوچائي 35 فٽ آهي. اٺڪنڊو گچ ۽ ان جي هر ڪنڊ تي منارڙيون (turrets) موجود آهن.
يا مقبرا
مقبري جي حدن کان ٻاهر اتر ۾ سيد ڪمال شاهه بخاريءَ جو مقبرو آهي، جنهن جي اڏاوت گهڻي پراڻي نه آهي. هتي 18 کان 21 ذوالحج تي ميلو لڳندو آهي.
ميان شاهل جي مقبري جي اوڀر طرف چؤديواريءَ کان ٻاهر ساڳي اوچائيءَ تي هڪ ٻيو قديم مقبرو آهي. هي پنهنجي اصلي حالت ۾ آهي، شايد انڪري جو ان جي مرمت وغيره جو ڪم ڪڏهن به هٿ ۾ نه کنيو ويو. فقيرن ٻڌايو ته هي چاڪر خان کهاوڙ آهي. هتي گنبذ هيٺ ٽي قبرون آهن. هي مقبرو ڪجهه ننڍو پر شان شوڪت سان هو. حالت خسته هئي، سبب اهو ئي بي ڌياني ۽ لاوارثي! سنڀال لاءِ مقرر فقيرن به ان جو احترام نه ٿي ڪيو ۽ بي حرمتيءَ جو شڪار نظر آيون. هن مقبري جون سڀ وصفون سلامت هيون. چاڪر کهاوڙ جو مقبرو مڪمل طرح سان چُن پلستر ٿيل هو ۽ هتي به جاڙي فقير ٽڳڙ جي مقبري وانگر خداآبادي ۽ فارسي لکتون غالباً ان وقت لکيون ويون هيون جڏهن پلستر اڃا آلو هو. سفيد پلستر تي ڪاري مس ۽ ڪلڪ جي مدد سان شاعري ۽ ڪي خوبصورت ۽ يادگار گفتا لکيا ويا هئا جيڪي اڄ به پڙهي سگهجن ٿا. مون اهي شعر ۽ تحريرون پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون.

اَڍاٽ، ڪانڌڙا، جُهڪر ۽ خيرپور جُوسو

اَڍاٽ، ڪانڌڙا، جُهڪر ۽ خيرپور جُوسو

جيڪڏهن لاڙڪاڻي کان انڊس هاءِ وي وٺي دادوءَ طرف وڃجي ته جيپ رستي فقط ڏهن پندرهن منٽن جي پنڌ تي، (8_10 ڪلو ميٽر) روڊ جي ساڄي پاسي شاهي دڙا نظر ايندا. هيءُ جهوڪڙ يا جُهڪر جا دڙا آهن. انهن تي هڪ اسٽوپا موجود آهي، جيڪو هاڻي بنهه زبون ٿي ذري گهٽ ڊهي چڪو آهي. ايندڙ سالن ۾ پوندڙ ٻه ٽي برساتون اهي نشان به ڊاهي وينديون.
قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته، جڏهن سنڌو تهذيب جو عروج پورو ٿيو ۽ ماڻهن مُهين جي دڙي وارو ماڳ ڇڏيو هوندو، تڏهن جُهڪر واري ماڳ تي شهر اڏيو هوندائون. هن وقت جُهڪر سم ۽ ڪلر ۾ کاڄي رهيو آهي. فقط اهي ڪجهه کڏا اڃا تائين موجود آهن جيڪي ابتدائي کوٽائيءَ دوران کوٽيا ويا هئا. جُهڪر کان لڳ ڀڳ 8_ ڪلو ميٽر، اڃا ڏکڻ ۾، ڳوٺ خيرپور جوسو آهي، جتي پڻ ساڳئي دور جو دڙو آهي. ان ئي جُوءِ ۾ ٻيا به دڙا باڊهه لڳ آهن، هڪ اڍاٽ جو دڙو ۽ ٻيو ڪانڌڙن جو. ٻئي دڙا ساڳئي دور جا سمجهيا وڃن ٿا. اڍاٽ، باڊهه شهر ۾ اچي ويو آهي، جنهن ڪري باقي هڪ مختصردڙي جي صورت ۾ وڃي بچيو آهي. اڍاٽ جي ظاهري طور تي ڪا به معنيٰ نه ٿي ملي، سواءِ ان جي ته عام ماڻهو ’اڍاٽ’ لفظ ’ تمام قديم‘ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪن ٿا.
ڪانڌڙن جو دڙو، باڊهه کان ساڍا پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ رائيس ڪئنال جي ڪنڌيءَ تي آهي. اها ديهه ڌامراهه آهي. ڀر ۾ ڪانڌڙن، بروهين ۽ جلباڻين جا ڳوٺ آهن. جيتوڻيڪ هي دڙو وفاقي آرڪيالاجيءَ کاتي جي لسٽ تي چڙهيل آهي پر ان جي حفاظت جو ڪو به بندوبست نظر نٿو اچي. دڙي کان ست اٺ ڪلو ميٽر پري ڪجهه ٻيا دڙا به ٻڌجن ٿا. ڪانڌڙن جو دڙو، ٽن مکيه حصن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن مان هر هڪ جا ٽي ٽي چار چار ڀاڱا آهن. هتان ڪشان دور جا سڪا به لڀجن ٿا. لڀجندڙ شين ۾ اڀريل ڇاپي واريون ٺڪريون، ٽامي جا ذرا، ڪچيون سرون ۽ سون شامل آهي. سون جي لالچ ۾ ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن دڙا ذري گهٽ کيڙي ڦٽا ڪيا آهن. اسان کي عام رواجي چڪر هڻڻ سان، وڏي دڙي ۾ ويهه ۽ ٻئي دڙي ۾ پندرهن عدد مَٽن جون ڪنيون نڪتل نظر آيون. جڏهن ته ان کان ڪيئي هوڻ مٽ دڙن ۾ پوريل آهن. ائين لڳي ٿو ته اهي مٽ شهر جي ڊرينج جو حصو هجن.
سنڌ جي هر قديم آثار سان ڪا نه ڪا ڏند ڪٿا ڳنڍيل هوندي آهي. اهو ممڪن ئي نه هو ته جُهڪر ۽ ڪانڌڙن جا دڙا ڪنهن ڏند ڪٿا کان محروم هجن! هڪ جهوني ٻڌايو،
”هن شهر تي جُهڪر بادشاهه حڪومت ڪندو هو هتان ست اٺ ڪلو ميٽر پري ڏکڻ ۾ هڪ ٻئي شهر جا کنڊر آهن، جتي سندس دوست حڪومت ڪندو هو. ٻنهي بادشاهن پنهنجا محل ڏاڍا اوچا ٺهرايا هئا ۽ روز صبح جو انهن تي چڙهي ڏندڻ ڪرڻ مهل هڪٻئي کي کيڪاريندا هئا.“

ڌاڙيلن جو خوني حملو

ڌاڙيلن جو خوني حملو

اهو ئي ٿيو جنهن جو خطرو هو. خشڪي واري قافلي کي مُهين جي دڙي تائين پهچندي پهچندي سج لهي ويو. درياهي قافلو جيڪو اڄ فقط ٽن ماڻهن تي مشتمل هو. ڌاڙيلن جي خوني حملي مان مس مس جند ڇڏائي، مُهين جي دڙي لڳ پتڻ تي پهتو. اهي جوان ٽپهريءَ ڌاري منزل تي پهچي ويا هئا پر، پتڻ تي پهچڻ سان واقعي بابت ڪنهن سان ڳالهه نه ڪيائون. هڪٻئي کي ماٺ رهڻ جون هدايتون ڪندا، ڪپ تي چڙهيا، ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي نوجوانن سندن آڌر ڀاءُ ڪيو.
واقعو گهڻي دير لڪي نه سگهيو، پهرين سُرٻاٽ ٿيا پوءِ خبر پکڙجي وئي. مٿن، عاقل پتڻ وٽ درياهه جي ساڄي ڪنڌيءَ تان ستن اٺن ڌاڙيلن ڪلاشنڪوفن سان فائرنگ ڪئي هئي. حيرت جي ڳالهه هئي ته اڌ ڊزن کان وڌيڪ ڌاڙيلن جي فائرنگ کان پوءِ به ڪنهن همراهه کي لهس نه آئي، ٻيو ته ٺهيو ڦوڪڻي جهڙي رٻڙ جي ٻيڙي به بچي وئي. جيڪڏهن فقط ان کي ئي هڪ گولي لڳي ها ته جيڪر ڳالهه پوري ٿي چڪي هجي ها!
مون اشتياق انصاريءَ جو پاسو ورتو، ”ڇا ٿيو ... ڪيئن ٿيو؟“
”جنهن مهل اسان عاقل پتڻ وٽان پئي لنگهياسين، تڏهن اتي ٻيلي ۾ ڪنڌيءَ وٽ، ڪي ڌاڙيل لڪل هئا ... بس اوچتو ئي ظاهر ٿيا ... اسان ٻيڙي ڊوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻي تانگهو هو ٻيڙي وري وري وڃي ٿي گپ ۾ لڳي.“ اشتياق اطمينان سان وڏو ساهه کنيو ۽ ماٺي لهجي ۾ اڳتي ٻڌايو، ”بس پوءِ فائرنگ شروع ڪيائون ... مان سمجهان ٿو ته هر ڪنهن ٻه ٻه ٽي ٽي برسٽ ڇوڙيا هوندا ... جيئن جيئن ٻيڙي اڳتي ٿي وئي هو ڪنڌيءَ سان ڊوڙندا ۽ برسٽ هڻندا ٿي ويا ... ناکئو ته منهن ڀر وڃي ٻيڙيءَ جي تري ۾ ڪري پيو، ڪليم ۽ مان جهڪي وياسون، ايتري ۾ ٻيڙي به ڪٿي وڃي اٽڪي پر پاڻهي ڇڏائجي اڳتي نڪري وئي ... . سمجهه کڻي ته ڏهاڪو کن منٽ اها صورتحال هئي.
... مان سمجهان ٿو ته پنهنجو بچاءُ فقط ان ڪري ٿي سگهيو ته هڪ ته جڏهن ڪلاشنڪوف سان برسٽ هڻبو آهي ته ان جي مار گهٽجي ويندي آهي، ٻيو اهو ته هنن ڊوڙندي ڊوڙندي انڌا نشانا پئي ورتا ۽ ٽيون اهو ته اسان، ڪوشش ڪري ڪناري کان ممڪن حد تائين پري پئي هلياسين جنهن ڪري گپ ۾ ڦاسڻ جو خطرو هو. گوليون، اسان کان اٺ ڏهه فوٽ اورتي پاڻيءَ ۾ ٿي پيون ...“
ايتري ۾، ڪن ڳوٺاڻن ٻيلي مان خبر آندي، ”ڌاڙيلن اڄ ٻه ٽي فوجي ماريا آهن ... لانچ ۾ چڙهي جاسوسي پئي ڪيائون ته عاقلن وٽ ڌاڙيلن جي منهن ۾ اچي ويا ... ڌاڙيل چون ته هڪ پڪ ئي پڪ مئو، ٻيو زخمي ٿيو، ٽئين جو پتو ناهي ...“ ظاهر آهي ته هي اهو ساڳيو ئي واقعو هو.
واقعي بابت اسان سرٻاٽن ۾ ان ڪري ٿي ڳالهايو جو هڪ ته اڪثر ٻيڙياتن جا مِٽ مائٽ ساڻن ملڻ آيا هئا، انهن کي پريشاني ٿئي ها ۽ ٻيو ته ضلعي انتظاميا، ٻيڙيءَ جو سفر جاري رکڻ نه ڏئي ها. ٽيم جي اڪثر ميمبرن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي، اتفاق جي ڳالهه آهي ته ڪريم ميمڻ، شبير ۽ زبير کان سواءِ ٻيا سڀ لاڙڪاڻي جا آهن. ٽيم مان ٻه ميمبر گهٽجي چڪا آهن. ميجر اعظم جيڪو ديري اسماعيل خان مان موٽي ويو هو، هاڻي مهم جا آخري ٻه ڏينهن، يعني ڳاڙهي يا ڪيٽي بندر کان اچي شامل ٿيندو. ٻيو نديم قمر الدين آهي، جيڪو امتحان ڏيڻ ڪراچي ويو آهي، هو سيوهڻ يا ڄامشوري وٽان مهم ۾ ٻيهر شامل ٿيندو.

ڌاڙيلن جو خوني حملو (واقعي بابت اشتياق انصاريءَ جي تحرير)

”انڊس ايڪسپيڊيشن“ جي ٽيم ڪيترا ڏينهن سنڌوءَ جي لهرن سان وڙهندي، لڙهندي، سج لاڙائو ٿيڻ کان ٿورو اڳ سکر بئراج پهتي. ”لب مهراڻ“ تي شاهه لطيف يونيورسٽي جي شاگردن، اسحاق انصاري ۽ اعجاز پٺاڻ جي سربراهيءَ ۾ گلن جي ورکا سان آڌرڀاءُ ڪيو. اتي ڪيترن صحافين سان گڏ ڊپٽي ڪمشنر ڪامران لاشاري به پنهنجي ماتحتن سان گڏ موجود هو، درياهه ڪنڌيءَ هلڪي تل ڦُل ۾ ٽهڪڙن دوران هڪ ضلعي عملدار اسان کي خبردار ڪيو،
”سڀاڻي اوهان اڳتي ٻيڙين تي وڃي نٿا سگهو، هاڻي درياهه جي ڪپر تي ٻيلن ۾ ڌاڙيلن جي ڀرمار آهي، رڳو تعلقي ۾ ڌاڙيلن جا ڇٽيهه ٽولا آهن.“ ڪاموري جي ان گُفتي ايڪسپيڊيشن جي جوڌن ۾ ٿوري مايوسي پيدا ڪري ڇڏي، تنهن تي ڊپٽي ڪمشنر آٿت ڏنو. ”ڪليم لاشاري مُهم جو اڳواڻ جيئن چوندو تئين ڪنداسين.“
ڊپٽي ڪمشنر جي اها اُميد افزا ڳالهه ٻڌي، اسان کي پيٽ ۾ ساهه پيو، ڇو جو هن کان اڳ جڏهن هڪ آمريڪن ٽيم آئي هئي ته انتظاميه ڌاڙيلن جي خوف کان سندن ٻيڙيون گُڊو کان وٺي ڪوٽريءَ تائين ٽرڪن ۾ رکرائي روانيون ڪيون هيون، جنهن ڪري آمريڪن ٽيم، سنڌوءَ جي ان حصي ۾ ٻيڙيون هلائي نه سگهي هئي.
هن دفعي اسان جو خيال هو ته کڻي ڪهڙا به خطرناڪ حالات ۽ نتيجا ڀوڳڻا پون. اسان کي گڊوءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين درياهه جا وَرَ وراڪا، ڦاٽ ڦٽوڙ، ٻيڙي جي هنج ۾ ويهي ڏسڻا آهن. ڊپٽي ڪمشنر اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏني، پر ٻين آفيسرن کي اها ڳالهه ناگوار گذري.
اسان سنڌ پهچڻ بعد هر ضلعي مان سنڌو جا گهٽ گهيڙ ۽ وهڪرا معلوم ڪرڻ لاءِ تازه دم سونهون/ ملاح ساڻ کڻندا هياسين. سکر ۾ به سرڪاري عملدار هڪ سونهون امير بخش حوالي ڪندي افسوس سان چيو ”اوهان ته شوق ۽ ضد ۾ مرڻ وڃو ٿا پر سڀاڻي هن بيگر ڀريندڙ مسڪين مهاڻي جو مون کي واپس لاش ملندو.“
اسان رات جو دوستن سان گڏجي لطيف يونيورسٽي خيرپور وياسين، جتي اسان جي مانَ ۾ هڪ سٺي راڳ روپ جي محفل کان سواءِ ٽُڪر ٽاپ جو اهتمام هيو. رات جو دير سان واپس ورڻ بعد دستور مطابق ٻي ڏينهن جي پروگرام کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ڪليم ۽ منهنجي وچ ۾ ڪافي دير گفتگو رهي، ڪليم جو خيال هو ته سڀاڻي اسان ٽيم جي ٻين ماڻهن کي خواهه مخواهه خطري ۾ نه وجهون، اسان ٻئي (ليڊر ۽ ڊپٽي لير) ٻيڙي تي اهو موتمار ٽڪرو پار ڪيون.
آخر ٻئي ان ڳالهه تي متفق ٿياسين ته ٻه ڄڻا (ڪليم لاشاري ۽ اشتياق انصاري) ٻيڙيءَ تي درياهه جو اهو حصو پار ڪندا. باقي دوست گاڏين ذريعي سکر کان روانا ٿي، موهن جي دڙي تي اسان جي پهچڻ جو انتظار ڪندا.
ان کان سواءِ اسان جو هڪ ٻي مسئلي تي به ڪافي بحث ٿيو ته ”سڀاڻي ٻيڙيءَ ۾ ڪهڙي قسم جي پوشاڪ پائي ويهبو.“
منهنجو خيال هو ته ”ٻيڙين ۾ سوار ٿيڻ مهل شلوار قميص ۽ سنڌي ٽوپي پائجي، ڇو جو ان پوشاڪ ۾ ڌاڙيل اسان کي اڦٽ نه ماريندا. وڌ ۾ وڌ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.“
ڪيلم جو موقف هو ته ”هتان جي ڌاڙيلن پنهنجن سنڌين سان ئي ظلم ڪيا آهن، ڪڏهن به ڌارئي ماڻهو کي هٿ نه لاتو آهي (ان وقت تائين چيني ۽ جاپاني ماڻهو اغوا نه ٿيا ها). ان ڪري اسان معمول مطابق واٽر پروف پوشاڪ ۽ لائف جيڪيٽ وغيره پائي هلون.“
ان تي مون انديشو ظاهر ڪيو ته ”ان پوشاڪ ۾ اسان پوليس يا ڪنهن فورس جا ماڻهو لڳون ٿا، جيڪو اڳلي کي حملو ڪرڻ لاءِ آماده ڪندو.“
”هو اسان کي فورس جو سمجهي هروڀرو اٽڪڻ جي ڪوشش نه ڪندا، ڌاڙيل اهو سمجهندا ته اها ٻيڙي اڪيلي نه آهي، ضرور ان پويان وڏو اٽالو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڏسي لڪي وڃن ... يا جيستائين سڃاڻڻ جي ڪن اسان هنن جي جُوءِ مان نڪري وڃون.“ ڪليم وري پنهنجي راءِ ڏني.
بهرڪيف ڪافي بحث بعد ان ڳالهه تي راضي ٿياسين ته ”اسان شلوار قميص نه پر واٽر پروف پوشاڪ ۽ لائيف جيڪيٽ پائي ڌاڙيلن کي دوکو ڏينداسين.“
صبح جو لب مهراڻ تي ٽي. وي. وارن ڪجهه دير فلم ڀري. آخر دوستن ۽ سرڪاري اهلڪارن هٿ لوڏي الوداع ڪيو، ڪليم ٻيڙي هلائڻ لڳو ۽ مون وڊيو ڪئميرا سان فلم ڀرڻ شروع ڪئي، اڃا ڪجهه سفر مس ڪيوسين ته ٻيڙي جي موٽر ۾ خرابي ٿي پئي. ايترا ڏينهن ٻيڙي هاڪارڻ ڪري ٻيڙي جي موٽر جاباقاعدي مستري ٿي ويا هياسين، ٿوري دير پگهر ڳاڙڻ بعد ٻيڙي کي هلڻ لائق بڻايوسين، تنهن هوندي به اهو خوف هيو ته جي انجڻ ۾ ڪا وڏي گڙٻڙ ٿي وئي ۽ سفر جاري رکي نه سگهياسين ته رات ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي راڄ ۾ گذارڻي پوندي. هونءَ به اسان کي ڌاڙيلن جي باري ۾ ايترو ته ڊيڄاريو ويو هو جو ائين پيو محسوس ٿي ته ڄاڻ ٻيلي مان ڊاڪو ظاهر ٿيا ... يا وڻن جي اوٽ مان گولين جو وسڪارو آيو، پر ڪنهن به اهڙي خوف جو کليل اظهار نه ڪيو. البت اسان جو ناکئو ڪافي گهٻرايل هو.
اسان کي سفر دوران رستي ۾ ڪوبه ٻيڙياتو ۽ مهاڻو نه مليو. هڪ ٻن هنڌن تي ڪجهه مال چاريندڙ ڌاراڙ نظر آيا، اسان سونهين کان ان جو سبب پڇيو، هن ٻڌايو ”ڌاڙيل ايترا ته وحشي آهن، جو ميربحرن مڇيءَ جو ڪاروبار ويڙهي ... اباڻا جهڳا ڇڏي وڃي شهر وسايا آهن. جتي مزدوري ڪري پيٽ پالن ٿا.“
”ڌاڙيلن ۽ ميربحرن جي ياري ته جڳُ مشهور آهي؟“
”سائين! اُهي ڌاڙيل ڪاٿي. هاڻي ته بي غيرت ويچارن جون زالون به کڻي ٿا وڃن.“ ناکئي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
ڪليم ڪجهه دير ٻيڙي هاڪارڻ بعد سُمهي رهيو، جنهن بعد مان سُکاڻ تي ويٺس، مديجي پتڻ ڏسي ميربحر چيو ”سائين هي پتڻ ڪافي آباد هو پر ڏسو ٿا، اتي ڪوبه مهاڻو ڪونهي.“
درياهه ڪنڌيءَ جيڪي به ڳوٺ يا شهر آهن، انهن جي پتڻن جا نالا به اوائلي آهن، جيئن لاکاٽ، رڪن، ٻرڙا، عاقل، سڳيون وغيره.
’آباد‘ پتڻ وٽ پري کان ئي نئون ديرو شگرمل جو دونهون ڇَـلڙن جي صورت ۾ آسمان جون ڪنگريون ڪاريون ڪري رهيو هو، آباد پتڻ تي درياهه ۾ گـهرائي ۽ رواني هئي. وهڪرو ڪڏهن ساڄي ڀڪ سان اچي پيو ڪلهو هڻي ته ڪنهن مهل کاٻي سان. اسان پتڻ پار ڪيو ته وچ سُنسان جهنگ ۾ ڪناري تي ڪجهه بتيلا پڳهه ٻڌيون بيٺا هيا، انهن ڀرسان ڇهه ست شاگردن جهڙا مکيل چکيل، خوش پوش نوجوان هٿيارن سان سٿيل بيٺـا هيا. اسان کي ڏسي هنن پنهنجائپ سان پاڻ ڏي اچڻ لاءِ اشارو ڪيو، پر مون ڪنهن امڪاني خطري کان بچڻ لاءِ هنن ڏي وڃڻ مناسب نه سمجهيو.
”اهي ڪير ٿي سگهن ٿا؟“ سونهين کان پڇيم.
”اهو به ڌاڙيلن جو ٽولو لڳي ٿو.“
”پوءِ اسان کي ڇو نه روڪيائون؟“
”الائي شايد غير ملڪي سمجهي تنگ نه ڪيائون.“
ڪجهه دير بعد ناکئي امير بخش ٻڌايو ته ”اسان عاقل پتڻ تي پهچڻ وارا آهيون.“ واقعي ٿوري دير بعد درياهه جي آسپاس چرپر نظر آئي، اتي ڪليم به ننڊ مان اُٿي ڪئميرا کڻي فلم ڀرڻ لڳو. عاقل پتڻ ڏسي حيراني ٿي. سَوَن جي تعداد ۾ ٻيڙيون ڪلهو ڪلهي سان ملايون بيٺيون هيون. ڪجهه مڪڙيون پٽڻ پار ڪري رهيون هيون، اهڙي رونق ڏسي سونهين چيو ”عاقل دنيا جو وڏي ۾ وڏو پتڻ آهي؟“
تنهن تي مون ڪليم کي ٻڌايو ”اسان ڪيترا دفعا درياهه ڪابل ۽ سنڌوءَ ۾ ٻيڙيون هاڪاريون آهن، پر ايڏو وڏو گهاٽ نه ڏٺو آهي، هي پاڪستان جي وڏن پتڻن مان ٿي سگهي ٿو.“
”بالڪل“ ڪليم ڪئميرا جي دريءَ مان اک هٽائيندي وراڻيو.
اتي پتڻ تي موجود هر ٻيڙي تي ڪجهه پاليل پکي ويٺا هيا، مون سونهين کان پڇيو ”اهي وڏا پکي ڪهڙا آهن؟“
”سانهه!“
” مهاڻا اهي پکي ڇو پاليندا آهن؟“
”هنن کي ڏسي ٻيا پکي سندن ڀرسان اچي ويهندا آهن ته ميربحر انهن جو شڪار ڪندا آهن.“
”ڪيئن ته پاليل ڪڪڙن ۽ ڪبوترن جيان ويـٺا آهن“ اچرج وچان زبان مان نڪتو.
”سائين اهي هيرايل نه آهن، انهن جي اکين ۾ سُيون ٽنبي انڌو ڪري ڇڏيو اٿن، جنهن ڪري اُڏي نٿا وڃن.“
”اڇا“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
سونهين جي ان انڪشاف تي مون کي ياد پوڻ لڳو ته هڪ ڏينهن اڳ مان ڪشمور ۾ مڇيرن جي سينگاريل ٻيڙين ۽ رهڻي ڪهڻي جي فوٽو گرافي (فلم بندي) ڪري رهيو هيس ته اهڙا پکي هر ٻيڙي تي ويٺل ڏٺا هيا. مان هنن جي ڀرسان وڃي انهن جا فوٽو ڪڍيا هيا، پر پکين ۾ ڪوبه ٽاهه نه آيو. ان مهل مان سمجهيو ته شايد ٻيڙين ۾ مهاڻن سان رهي، ماڻهن سان هري مري ويا آهن، پر هاڻي انهن پکين جي انڌي هئڻ جو ٻڌي تعجب ٿيو.
عاقل پتڻ ڏسڻ ۾ محو هياسين ته سونهين کاٻي طرف اشارو ڪندي چيو ”ڪناري تي سپاهي سڏي ٿو.“
هڪ سپاهي بند وٽ بيٺو هٿ جي اشاري سان اسانکي سڏي رهيو هو. ٻي سپاهيءَ به بندوق سڌي ڪئي، جيئن دهمان ۾ اچي سندن حڪم مڃون، اتي سونهين کي چيم ”سپاهين کي ٻُڌاءِ ته اسان ڪئميرا سان فلم ڀري واپس اچون ٿا.“ هُو اشارن سان پوليس کي واپس ورڻ جو يقين ڏيارڻ لڳو.
هت درياهه جو پيٽ ويڪرو هئڻ ڪري اسان درياهه جي ساڄي ڪنڌيءَ تي تري رهيا هياسين. پتڻ پار ڪري، ٻيڙي موڙي کاٻي ڪپر واري وهڪري ۾ وجهڻ چاهي ته موٽر جهٽڪو ڏنو، درياهه جي وچ سير ۾ پيٽرول جي ٽانڪي کولي ڏٺم ته ان ۾ اڃا ڏهن پندرنهن منٽ ٻيڙي ڊوڙائڻ جيترو تيل هيو، تنهن هوندي به ٻيڙي وچ ۾ بيهاري احتياطً ان ۾ پئٽرول وڌم، ان کان سواءِ ٻيڙيءَ ۾ به هوا گهٽ هئڻ ڪري مون خيال ڪيو ته ڪناري لاهي ان ۾ هوا وجهي پوءِ اڳتي روانو ٿجي. ان تي ڪليم باز وانگر چوڦير نگاهه ڦيرائيندي چيو، ”خيال ڪجو هي هنڌ تمام خطرناڪ آهي.“ ڪليم جي ان انديشي ڪري ڪناري ٻيڙي لائڻ جو خيال ڇڏي اڳتي ڪاهه ڪئي سين.
هاڻي اسان جي مڪڙي درياهه جي ڀڪَ ڏئي هلي رهي هئي ته اوچتوسونهين ”اباڙي! ڌاڙيل“ جي هيانوَ ڏاريندڙ رڙ ڪري، ڇڀڪو ڪري مڪڙي جي تري ۾ وڃي ٻوٿ هنيو. اسان ڪناري طرف ڏٺوسين ته ڪجهه همراهه اسان ڏي بندوقن جا منهن کوليون بيٺا هيا. امالڪ ڪنن جا پڙدا ڦاڙيندڙ ۽ دل۾ڏار وجهندڙ ڪلاشنڪوفن جا ڌڌڪا ٻڌي، مون دوستن کي چيو ”ڀڄڻ جي ضرورت نه آهي خواهه مخواهه مرنداسين.“ ايئن چئي مان موٽر بند ڪري ٻيڙي بيهاري ڇڏي. ڪناري تي ڌاڙيلن جو ٽولو بيٺو فائرنگ ڪري رهيو هو، انهن مان ڪجهه ڊاڪو هڪلون ڪري اشارن سان پاڻ ڏي اچڻ لاءِ چئي رهيا هيا.
هنن جي فائرنگ ۾ جيئن پوءِ تيئن تيز ايندي پئي وئي. ٿوري دير بعد اسان محسوس ڪيو ته ايتري شديد گولي باري جي باوجود، هڪ به گولي اسان جي جسم ۾ ٿڌي نه ٿي آهي، سونهون ٻيڙيءَ مان گهڙيءَ گهڙيءَ ٻگهه پکي جيان ڳچي ڊگهي ڪري ڌاڙيلن کي ڏسي وري ٻيڙي جي تري ۾ ائين پيو ٽٻي هڻي جيئن هو گوليون نه پر پٿر گسائيندو هجي. ساڳي وقت هن جو اڀ ڦاڙ راڙو لڳو پيو هو، ”سائين... ڀڄو... ڀڄو...“ اتي ڪليم به هٿ جي اشاري سان هلڻ جي لاءِ چيو.
مان يڪدم موٽر چالو ڪري، ٻيڙي کي طوفان جيان ڊوهڻ لڳس. ساڳي وقت سونهين کي هڪل ڪئي ”خيال سان سِير ٻڌائيندو هل، متان ڪاٿي ڦاسي نه پئون“ پر همراهه گولي کان بچڻ لاءِ ٻيڙيءَ جي تري ۾ سُتو پيو هو. هو بنا اڳتي ڏِسڻ جي هٿ جي اشاري سان پاڻي جو وهڪرو ڏَسي رهيو هو. هوڏانهن، ڊاڪو به اسان کي کسڪندو ڏسي، ڪناري سان ڊوڙون پائڻ لڳا. ويتر هنن فائرنگ ۽ هڪلن جو مينهن وسائي ڇڏيو. اچانڪ گولين جي باهه ۽ سونهين جي غلطيءَ ڪري ٻيڙي تانگهي پاڻيءَ ۾ ڦاسي پئي. ٻيڙي کي ڌڪي گهري پاڻيءَ ۾ آڻڻ لاءِ ميربحر ونجهه کنيو ۽ ڪليم چپوءَ ۾ هٿ وڌو، اتي مون رڙ ڪئي ”ونجهه وغيره نه کڻو... ڌاڙيل ڦاٿل ڏسي پاڻيءَ اندر لهي ايندا.“
اسان ڌاڙيلن کي دوکو ڏيڻ لاءِ سونهين کي ٻيڙي جي ساڄي طرف پاڻيءَ ۾ لاهي، ٻيڙي کي ڌڪو ڏيارڻ شروع ڪيو، ڌاڙيلن کاٻي طرف هئڻ ڪري محسوس نه ڪيو ته اسان ڦاسي پيا آهيون ۽ ڪو همراهه ٻيڙيءَ کي گـهِلي رهيو آهي، سونهون جيئن ٻڪري ڪاسائيءَ جي هٿ ۾ ڪات ڏسي ڪنبندي آهي، ائين ڏڪي رهيو هو. هن جي ساهه کڻڻ جو آواز شوڪارن ۾ تبديل ٿي ويو هو. نيٺ ٻيڙي وڏي پاڻيءَ ۾ آئي ته هو به سوار ٿيو، سونهين جي بدحواسي ڏسي مون ڪليم کي چيو ”توهان هن کي ڇڏيو، پاڻ رستو ٻڌايو.“
ڪجهه ميل ڌاڙيلن جي ڊڪ ڊوڙ ۽ هُلڙ بازي بعد اسان محسوس ڪيو ته هاڻي هنن جي مار کان نڪري آيا آهيون، ان ڪري سونهين کي دلداري ڏني.
”سائين وڏا وحشي ڪتا آهن... ڪڍ ايندا!“
اسان کي پڪ هئي ته هو پيڇو نٿا ڪن، ڇو جو سندن بندوقن جا ٺڪاءَ جيئن پوءِ تيئن پري کان ٻڌڻ ۾ پيا اچن. هنن جي چنبي مان نڪري اچڻ بعد اندازو ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پندرهن منٽ هنن ڪلاشنڪوف جا منهن کوليا هئا. حملي بعد سونهين چيو ته ”سائين ڪجهه گوليون منهنجي ڪنن کان زوزاٽ ڪنديون ويون.“ حالانڪه اسان جي خيال مطابق ڪابه گولي اسان وٽان نه گذري هئي، پر ڪافي گوليون اسان جي ٻيڙي ڀرسان پاڻي ۾ ڪرڻ ڪري، اتان ڦينگون اڏندي نظر اچن پيون، شايد هنن وٽ ڪلاشنڪوف ۽ شاٽ گن هيون، جنهن ڪري انهن جو مار اسان تائين پهچي نه پيو سگهي، نه ته اسان جي رٻڙ جي ٻيڙيءَ کي فقط هڪ گولي برسٽ ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي.
مون ڪليم کان پڇيو ”اندازاً ڪيترا ڌاڙيل هيا؟“
”مون ڇهه ڄڻا ڏٺا.“
”تو گهڻا ڳڻيا؟“
”جيئن ئي فائرنگ شروع ٿي، مون پهرين نظر ۾ ٻه ڄڻا ڏٺا، انهن مان هڪ ويهي گوڏا کوڙي فائر ڪري رهيو هو، کيس هلڪو ناسي وڳو هيو ۽ ٻيو ان ويٺل جي ڀرسان بيٺو، نشانو وٺي رهيو هو. ان کي آسماني شلوار قميص هئي، ٻيهر ٻيڙي بيهاري هنن ڏي ڌيان سان ڏٺم ته ان مهل اٽڪل اَٺن ڊاڪن جو مچو ڪناري سان ڊوڙون پائي رهيو هو.“
”عاقل پتڻ ۽ پوليس چوڪيءَ کان ٿورڙي پنڌ تي ئي حملو ٿيو آهي. فائرنگ جو آواز انهن نه ٻڌو هوندو؟“ مان ڪليم کان پڇيو. ”ها بلڪل انهن ته سمجهيو هوندو ته اسان لاشن ۾ تبديل ٿي ويا آهيون.“
”ڇا پوليس ۽ مهاڻن کي خبر نه هوندي ته سڏ پنڌ تي ڌاڙيل ويٺا آهن. اتي ڪا لڪ جي جاءِ به نه هئي.“
”بالڪل هو کليل پٽ تي سوين ٻيڙين ۽ پوليس جي وچ ۾ ويٺا هيا...ڄڻ پڪا يار هيا“.
”جيڪڏهن ڌاڙيل پڪڙن ها ته مالڪن کي ڇڏائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ها؟“
”ڏيڍ مهينو ته مزي سان لڳي وڃي ها“ ڪليم جواب ڏنو.
”ڪليم! جتي اسان تي حملو ٿيو اتي اڳ ۾ اوهان ڪا چرپر ڏٺي هئي؟“
”ها ڪناري تي ڪجهه همراهه ويٺا ڪچهري ڪري رهيا هيا، جن پوءِ اٿي حملو ڪيو.“
”واقعي! موٽر ۾ جڏهن پئٽرول وڌو هيوسين ته ان مهل ٻه ماڻهو ڪناري تي بيٺا تجسس سان ڏسي رهيا هيا.“
”ڇا! اُهي ڌاڙيلن جي ٽولي جا ماڻهو يا مخبر ته نه هيا؟“
”ٿي سگهي ٿو، ڇو جو ڌاڙيلن ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ سو قدمن جو فاصلو مس هيو“ ڪليم آسمان ۾ پکين جو ولر ڏسندي چيو.
اسان جو گائيڊ امير بخش نوجوان ملاح هيو، هو صبح کان وٺي هر ڪم تيزي ۽ هوشياري سان ڪري رهيو هو، پر يار حملي کانپوءِ سارو ٿڙڪي پيو، هن جا حواس گم ۽ منهن ڪاراٽجي ويو هو. موت سان ذري گهٽ ڀاڪر ڀرڻ ڪري هن جا چپ ۽ وات خشڪ ٿي ويو هو. هو هر منٽ بعد پاڻي جا ٻڪ ڀري نڙي آلي ڪري پيو وٺي. هن جون اکيون ڪنهن ڊنل جانور جيان چوڦير ڦرن پيون، خاص ڪري گهاٽي جهنگ مان گذرڻ مهل هن جا دوڏا نڪري پيا اچن، هن جي اها حالت ڏسي مون هن کان پڇيو ”حملي مهل تو ڇا سوچيو هو؟“
”سائين مان بي غيرتن کي هٿ نه ڏيان ها... ڀڄي وڃان ها!“
ويجهو ڪو ڳوٺ ڪونهي، تون جهنگ ۾ ڌاڙيلن کان ڪيترو ڀڄين ها؟“
”سائين مان هنن ڪتن کي جيئرو هٿ نه ڏيان ها.“
ان تي فائرنگ وقت مون پنهنجي ڪيفيت بيان ڪئي ”يار مان ته خاموشي سان هنن کي هٿ ڏيان ها، خوامخواهه جو ٻلي وانگر ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙن ها.“
”ها! ڀائو رانديگر آهيون، ڏهن ٻارهن ميلن تائين هنن کي هٿ نه ڏيون ها، ظاهر آهي پوءِ ته همراهن جي حوالي هجون ها.“ ڪليم خيال ڏيکاريو.
اسان جي ٻيڙيءَ جي تري ۾ هوا گهٽ هئڻ ڪري ٻيڙي جا تختا هيٺ مٿي ٿي ...ٺڙ ... ٺـڙ... جو آواز ڪن پيا. ڪڏهن آواز ايترو ته وڌي پيو وڃي ڄڻ فائرنگ پئي ٿي، جنهن مهل اسان تي واقعي فائرنگ ٿي هئي، ان وقت به اسان ٻيڙي جي تختن جا کڙڪا سمجهيا هيا، موهن جي دڙي تائين اهي ڌڌڪا اسان کان وڌيڪ گائيڊ کي پريشان ڪندا رهيا.
موهن جي دڙي تي پهچڻ کان اڳ، اسان پاڻ ۾ اهو فيصلو ڪيو ته حملي جي خبر ڪنهن کي به ٻڌائڻي نه آهي. لاڙڪاڻو پنهنجو ڳوٺ هو، ايڪسپيڊيشن ٽيم جي ميمبرن جي گهڻائي ان شهر سان واسطو پئي رکي. ظاهر آهي ته آڌرڀاءُ لاءِ سندن مٽ مائٽ، يار دوست اچڻا هئا. خواهه مخواهه انهن جي پريشاني ۾ اضافو ٿئي ها. ان کان سواءِ ٿي سگهي پيو ته ضلعي انتظاميه اڳتي سفر ڪرڻ نه ڏي ها.ان رنڊڪ ڪري اسان جي ايڪسپيڊيشن کي گهربل نتيجا ملي نه سگهن ٿا.
موهن جو دڙو پهچڻ بعد به اسان اها ڳالهه سيني ۾ سانڍي رکي پر پوءِ سرگوشين ۽ سرٻاٽن ۾ اهو قصو ڪيترن ڪنن تائين پهچي ويو.
اڄ مان زندهه ويٺو اوهان کي ان واقعي جي روئيداد ٻڌائي رهيو آهيان. ڌرتي تي اڃا داڻو پاڻي لکيل هو. ان کان سواءِ حملي وقت خوش نصيبي ڪري شايد هيٺيون ڳالهيون فائدي ۾ ويون.
• عاقل وٽ درياهه جو پاڻي گهرو ۽ پيٽ ويڪرو هيو.
• حملي کان ڪجهه دير اڳ اسان موٽر جي ٽانڪي ۾ پيٽرول وڌو نه ته ٺيڪ فائرنگ مهل پيٽرول ختم ٿي وڃي ها. پيٽرول پوڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه منٽ لڳن ها. فائرنگ دوران اهو عمل ڪرڻ ۽ ڀڄڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ها.
• ان مهل ڪناري تي بيهي ٻيڙيءَ ۾ هوا ڀرڻ جو خيال لاهي ڇڏيوسين نه ته سڌو وڃي ڌاڙيلن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسون ها.
• جنهن ڪناري تي ڌاڙيل بيٺا هئا، اتان يڪدم وهڪري جو رخ وچ درياهه طرف ٿي ويو ان ڪري حملي کان ڪجهه دير اڳ اسان ٻيڙي وچ سير طرف لاڙي.
• وهڪري جي وچ ۾ اچڻ ڪري هنن جي گولين جي مار کان نڪري آياسين.
• شايد هنن اسانکي فورس جا ماڻهو ۽ اسان وٽ به هٿيارن جي موجودگي سمجهي، پاڻيءَ ۾ لهي، ويجهو اچڻ جي جرئت نه ڪئي.
• حملي مهل اسان بوکلائجي ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪئي پر اطمينان سان صورتحال جو جائزو وٺي پوءِ ٻيڙي ڊوڙائي.
• ٻيڙي ڦاسڻ مهل اسان چپو ۽ ونجهه استعمال نه ڪيو،پر ٻيڙي کي ڌِڪي گـهِري پاڻيءَ ۾ آندو، ان ڪري ڌاڙيلن کي اسان جي ڦاسڻ جو اندازو نه ٿيو، نه ته چيلهه جيترو پاڻي مس هيو.
• اسان جا حواس خطا نه ٿيا، خاص ڪري ڪليم سٺي اڳواڻيءَ جو ظاهرو ڪيو.
• اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڌاڙيل اسان کي مارڻ نه چاهيندا هجن، هنن جو ڊيڄاري پاڻ وٽ گهرائي يرغمال ڪرڻ جو خيال هجي.
• اهو به امڪان آهي ته ڊاڪن فائرنگ ذريعي اسان کي خوفزده ڪري پنهنجي علائقي مان ڀڄائي ڪڍيو هجي.
• شايد ڪيترا دفعا اسان جو مهم جوئي جو جنون ئي اسان کي موت کان بچائيندو ٿو اچي، ڇو جو حملي بعد مون ڪليم کان پڇيو هو، ”صبح سفر جي آغاز مهل توهان کي ڪيتري فيصد پڪي هئي ته اڄ ڌاڙيلن جو حملو ٿيندو؟“
”ويهه فيصد.“
”توهان کي خوني حملي جو ڪيترو يقين هو؟“
هن ساڳيو سوال مون کان پڇيو.
”نوي فيصد.“
”ڪمال آهي ڪنهن ماڻهو کي نوي فيصد پڪ هجي ته ڪجهه ڪلاڪن بعد منهنجو موت ٿيڻو آهي. هن جهان ۾ منهنجي هيءَ آخري گهڙي آهي، پوءِ به هو ڪُڏ ڏئي ٻيڙي ۾ ويهي، اهو چريو چئبو يا جنوني!“
(اشتياق انصاريءَ جي هيءَ تحرير سندس ڪتاب ’ووڙيم سڀ وٿاڻ‘ تان ورتي وئي آهي).

مُهين جي دڙي جي ريسٽ هائوس ۾ اڄ رات وڏي سنگت ڪٺي ٿي هئي. اسان جي ڀاڱي ۾ منظور بلوچ، شعيب ۽ مينهون خان آيا آهن.
منظور بلوچ کي قديم آثارن جو چڱو خبط آهي. تازو ئي هن موٽر سائيڪل تي چڙهي ڪجهه دوستن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي ۾ کنڊرن جو سروي ڪيو آهي. موٽر سائيڪل جي مائلو ميٽر تي هن جڏهن ڌامراهه دڙي (ڪانڌڙن وارو دڙو) جي ڊيگهه ماپي ته، اها ڏيڍ ميل نڪتي. کيس ڌامراهه دڙي مان ڪشان دور جا 8 سڪا مليا هئا. جيڪي هن پاڻ صاف ڪري سنڌالاجيءَ کي ڏيئي ڇڏيا آهن. کيس رپورٽ ملي ته، ماڻهو هن دڙي مان وڏو سون ڪڍي چڪا آهن. منظور وٽ جُهڪر جي دڙي جا سِڪا به آهن. جهڪر کان ٽي ميل پنڌ تي چوٽياريءَ جي دڙي جي ماپ طور ڪئي اٿس جيڪو ساڳيو جهڪر جهڙو آهي، ان کان اتر ۾ نندل جو دڙو آهي. منظور جو خيال آهي ته، انهن شهرن کي هُن (White Huns) قوم وارن تباهه ڪيو هوندو، جن سنڌ کي لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سؤ سال رولي ۾ رکيو هو.
منظور بلوچ ٻڌائي ٿو ته ڌامراهه دڙي بابت مواد ڳوليندي ڳوليندي، سندس ملاقات باڊهه جي هڪ فوٽو گرافر سان ٿي، جنهن کي اتفاق سان سڪا مليا هئا، پر هن کي اها به خبر نه هئي ته اهي سڪا ڪيترا پراڻا آهن. هن اهو چڱو ڪم ڪيو هو جو انهن سڪن جا فوٽو ڪڍي ڇڏيا هئا. اهي سڪا، جُهڪر جي دڙي مان لڀجندڙ سڪن جهڙا هئا. انهن سڪن تي ڪي خاص نشان آهن. هتان لڀجندڙ، ڪشان دور جي سڪن تي ڪمان آهي، يا وري ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ نيزو آهي. مٿي تي اُڀو ٽوپلو آهي.
تاريخي دور جي لڳ ڀڳ هر ماڳ تان سڪا ملندا رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته سيڪ لڳل علائقن مان لڌل سڪا ڪٽجي تباهه ٿي ويل هوندا آهن. قديم آثارن جا ماهر سڪن مان اهو مواد هٿ ڪري وٺندا آهن، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن تاريخ ۾ رڪارڊ ٿيڻ کان رهجي ويو هوندو آهي. بدقسمتي سان، دولت جي لالچ ۾ قديم آثارن کي ايترو ته نقصان پهچايو ويو آهي جو تاريخ مڪمل ٿيڻ جا ڪيئي امڪان ختم ٿي چڪا آهن.
سنڌ ۾ گهڻن قديم آثارن تان حال احوال وٺندي، مقامي ماڻهن ڪجهه اهڙن معتبرن ماڻهن جا نالا به کنيا جو اعتبار ئي نه پيو اچي. ڪير چوندو ته فلاڻو ناميارو محقق سنڌ جي قديم آثارن تان نادر شيون کڻائي، پرڏيهه ۾ وڪڻي ٿو. جڏهن محققن جا اهي حال هجن ته پوءِ جاهلن ۽ چورن کي ڪهڙي ميار ڏجي!
ڳالهه سڪن جي پئي هلي. تاريخي دور ۾ سڪا مختلف ڌاتن ۾ ٺهندا رهيا آهن، جن مان مکيه سون چاندي، ٽامو، پتل، لوهه يا ڪِنجهو آهن. آرڪيالاجسٽن کي انهن سڪن تان سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تفصيل ملندا آهن.
مثال طور: سڪي جي قيمت، جيڪا انگن ۾ يا وري ڪنهن علامت مان ظاهر ٿيندي آهي. سڪي تي ڪنهن ماڻهوءَ جي شڪل به ٿي سگهي ٿي، جنهن مان حاڪم جي حسب نسب يا لباس ۽ زيورن، هٿيارن بابت پتو پئجي سگهي ٿو. ڪنهن ڏورانهين سلطنت جو سڪو ان سلطنت جي سنڌ سان تعلق بابت اظهار ڪري سگهي ٿو. واپاري ناتن سان يا سياسي بالادستيءَ بابت ڪو راز فاش ڪري سگهي ٿو. سڪي تي لکيل ٻولي لساني بالادستي ۽ حاڪم طبقي جي ٻوليءَ بابت خبر ڏيئي سگهي ٿي ۽ اهو پتو پئجي سگهي ٿو ته ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڪنهن مخصوص وقت دوران ڪهڙا مخصوص لفظ، اکر يا آواز هئا.
ڪو به سڪو، ساڳئي وقت ۾ فن جو نمونو به هوندو آهي ته تاريخ به. پر ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ قديم آثارن سان دلچسپي وڌي آهي تنهن ڪري نادر شين جي قدر قيمت ڄاڻندڙن انهن کي پنهنجو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. رهي ڳالهه جاهلن جي، ته انهن کي فقط سون سان دلچسپي آهي جيڪو وڌ ۾ وڌ کڻي ڪو مهيني سوا جو گذر ٿي سگهي ٿو پر ان سان صدين جي تاريخ جا بي ملهه نشان هميشه لاءِ ختم ٿيو وڃن.

مُهين جو دڙو

مُهين جو دڙو

مُهين جي دڙي جو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪهڙو نالو هوندو؟ ان سوال تي محققن ايترو سوچيو آهي جو دماغ ڏُکڻ لڳي ٿو. هڪڙا محقق ته مُهين جي دڙي کي ”مُئن جو دڙو“ قرار ڏيئي بي فڪر ٿي ويهي رهيا. پر انهن جي بي فڪري مهين جي دڙي جي ان نالي جو بنياد ڳولڻ کان آجو نٿي ڪري.
محققن جو هڪ لڏو مضبوط دليلن سان چوي ٿو ته، اهو دڙو سنڌ جي قديم قوم مهاڻن سان تعلق رکندو هو. ان دڙي مان هٿ آيل تصويري تحريرون اڃا ڪجهه وقت اڳ تائين مهاڻا لوڪ پنهنجين ٻيڙين تي آرائش طور اڪيريندا هئا، يا وري ڪنڀر، ٺڪر جي ٿانوَن تي چٽيندا هئا. مهين جي دڙي جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا، اڄ به دڙي کي ”مُهون“ يا ”مُهين جو دڙو“ چون ٿا. سر جان مارشل توڙي مجمدار به ائين ئي لکيو آهي، “Mohenjo Daro”.
مُهين جي دڙي تي ريسٽ هائوس ۾ رات گذارڻ کانپوءِ، مان ٻاهر باغيچي ۾ اچي تازي هوا جو مزو وٺڻ نڪتس. سامهون مُهين جي دڙي جو اسٽوپا پنهنجين پوڙهين اکين سان نهاري رهيو هو. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن جنم ۾ مون به ان اسٽوپا جي ڏاڪڻين تي پير رکيا آهن، مهاتما گوتم ٻڌ جي مورتيءَ آڏو ڏيئو ٻاريو آهي ۽ اسٽوپا جي وڏي دروازي وٽ رکيل نقارا وڄايا آهن. اڳين جنمن واري ڪتاب جا ورق کلن ٿا. ڪنشڪا جي دور جو پنو کلي پوي ٿو.
ڪنشڪا پنهنجي دور ۾ هڪ اجلاس ڪوٺائي ٻڌمت جي هڪ نئين فرقي جو بنياد وجهي، ان جو نالو ”مهايان“ رکيو. مهايان معنيٰ ”وڏي گاڏي“ جنهن تي سوار ٿي ماڻهو نرواڻ (ڇوٽڪاري) تائين سفر ڪري سگهن ٿا. ڪنشڪا پنهنجو فلسفو پيش ڪري ٿو، ”مهاتما ٻڌ کي جسم نه هو، هو انسان کان اتم هستي هو، هن ڪڏهن به دنيا ۾ جسم نه ڌاريو، پر هن پنهنجو اوتار ۽ پاڇو دنيا تي وڌو، ٻُڌ پاڻ ڀڳوان آهي ... دائمي ۽ ازلي ڀڳوان.“
مان جُهوني اسٽوپا ڏانهن ڏسي سوچيان ٿو ڇا اهو اسٽوپا مهايان فرقي وارن ٻڌن ٺاهيو هو؟ ڇا انهن مهايان فرقي وارن ٻڌن جي سڃاڻپ مهانو يا مهاڻو ٿي؟ ڇا سنڌ تي مهايان فرقي جو اثر رهيو؟ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. اسان خبر ناهي ته ڪهڙي پيڙهيءَ ۾ مسلمان ٿيا آهيون، پر اڄ تائين هڪ ٻئي کي ”ٻُڌ“ سڏيون ٿا، بالڪل ائين جيئن مڪي ۽ مديني جا ماڻهو هڪ ٻئي کي ”يا حاجي!“ ڪري سڏين.
”ٻُڌ“ معنيٰ گوتم ٻڌ يا ٻڌمت جو پوئلڳ. آخر ڪهڙو سبب آهي جو اسان هڪ ٻئي جو ڌيان ڇڪائڻ (سڏڻ) مهل هڪٻئي کي ”ٻُڌ!“ ڪري سڏيون/چئون ٿا؟ ڇا سچ پچ اسان پنهنجي ماضيءَ ۾ ”مهاڻا ٻُڌ“ آهيون؟ ڇا مُهين جي دڙي جي سڃاڻپ ان ئي قائم اسٽوپا سبب آهي؟
ڪنشڪا (Kanishika) جو دور سن 78 کان 102ع آهي. هن ڪشان حاڪم سنڌ کي ڪشان حڪومت سان ڳنڍي ڇڏيو هو. ڪنشڪا (ٻيو) نالي هڪ حاڪم (119 کان 145ع) سن 138 کان 145ع جي وچ ۾ بي شمار اسٽوپا جوڙائڻ ۾ شهرت حاصل ڪئي. ان دور ۾ اتر سنڌ جو علائقو ڪشان حڪومت ۾ هو.
مهاڻن جي ڪرت بابت، هڪ حوالو قديم، ايران جي لکتن مان ملي ٿو. ”دي دستور آف ارد شير“ نالي هڪ مقالي ۾ جيڪو ان جي ليکڪ تنصر 20 جون 1896ع تي پڙهيو، هڪ خط جو حوالو ڏنو آهي، جيڪو تبارستان (Tabaristan) جي بادشاهه ڏانهن 211_241ع ۾ لکيو ويو هو. مضمون ۾ سماج جي چئن طبقن جا نالا ۽ ڪم ڄاڻايل آهن، پر اهي طبقا هندن جي طبقن کان ڪجهه مختلف آهن خط، طبقن جو تفصيل هن ريت ڏئي ٿو: 1_ شهابِ دين A Shahab-e-din (پروهت طبقو). 2_ مقاتل Mukatal (فوج). 3_ ڪتب Kutab (عالم، اديب، سائنسدان وغيره) ۽ 4 _ مهانا Muhana (عام پورهيت ماڻهو جهڙوڪ واپاري، آبادگار ۽ ڪمي). حوالو: صفحو 117 دي اينٽي ڪئٽي آف دي اوستا (اردشيرز پرشيا) (Arde Sher’s Persia) The Antiquty of the Ovesta.

مُهين جي دڙي وٽ سنڌو

آڳاٽي وقت ۾ سنڌوءَ هاڻوڪي سنڌ جي اترين علائقي ۾ به وڏيون ليٿڙيون پاتيون آهن. مُهين جي دڙي واري وقت ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو اڄلڪهه وارو الهندو نارو هوندو، جيڪو کير ٿر جي وٽ ڏيئي منڇر مٿان لنگهندو، لڪيءَ جي ٽڪر سان گسندو، ڏکڻ اوڀر ۾ وڃي، قديم هاڪڙيءَ سان ملي، پوءِ ڊيلٽا ٺاهيندو هوندو. انهيءَ دور ۾ سنڌوءَ جي هڪ شاخ مُهين جي دڙي وٽان به لنگهندي هوندي، جنهن تي هيءُ شهر ڪيئي صديون آباد رهيو. ساڳئي دور ۾ سرسوتي ندي، سنڌ ۾ اوڀر اتر کان داخل ٿيندي هئي، جنهن جي سڪل وهڪريءَ تي هيل تائين مُهين جي دڙي جا 250 کن ننڍا وڏا ماڳ لڀجي چڪا آهن.
ٻه اڍائي يا ٽي سؤ سال اڳ سنڌوءَ جو ڊيلٽا سِير ۽ ڪوريءَ وٽ هو پر ان امڪان کي به رد ڪري نٿو سگهجي ته سڄو ڪڇ ۽ کنڀات کاري به اتر اولهه وارين ندين جي ڊيلٽا ۾ شامل رهيا هجن. ان شڪ جو بنياد ڪڇ ۽ گجرات جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ لوٿل مان سنڌو تهذيب جا آثار لڀجڻ آهي.
لٽاشن ميدانن، سُڪل ڍورن ۽ قديم آثارن جي بنياد تي سمجهيو وڃي ٿو ته اولهندو نارو قديم دور ۾ سنڌوءَ جو ڦاٽ يا مکيه وهڪرو هو. اڃا ڪجهه صديون اڳ تائين به جڏهن سنڌوءَ ۾ پاڻي پنهنجي جاهه جلال ۽ ڇوهه مان لنگهندو هو، تڏهن به الهندو نارو گهاڙ واهه سان ڳنڍيو ويو هو جنهن ڪري اوڀارو ويندڙ ٻيڙا ناري مان ٿيندا، مٿي ويندا هئا ته جيئن مکيه وهڪري جي تک کان بچي، گهٽ قوت خرچ ڪري، جلدي مٿي مقرر ٿيل منزل تائين پهچن. اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته چڙهيل سنڌوءَ تي اوڀارو سفر ڪرڻ، ديوتا جي مرضيءَ خلاف ڪرم ڪرڻ آهي. اهڙي هوڏ تي درياهه شاهه سيکت به ڏيئي سگهي ٿو ۽ ڀيٽا به وٺي سگهي ٿو جيئن اڄ تائين هر اونهاري ۾ سنڌو بادشاهه سکر بکر ۽ ساڌ ٻيلي جي وچ ۾ ٻن چئن ماڻهن جي ڀيٽا ضرور وٺندو آهي.
سنڌوءَ جو وهڪرو بي حد عظيم سهي، پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي ته سنڌوءَ درياهه بنيادي طور تي هڪ اهڙو مندائتو درياهه آهي، جيڪو پنهنجن معاونن جي مدد سان وڏو پاڻي کڻي، اونهاري جي مند ۾ چؤماسي جي برساتي وهڪرن سان گڏجي (جولاءِ آگسٽ ۾ ) شاهي مارچ ڪري ٿو. ان کان پوءِ هوريان هوريان برساتن جي پڄاڻي ۽ هماليه تي برف ڄمڻ شروع ٿئي ٿي ته، سنڌوءَ جو وهڪرو ختم ٿيڻ لڳي ٿو. سنڌوءَ جو اڀياس ڪرڻ سان پتو پئي ٿو ته هاڻوڪو سنڌو پڃري ۾ ڦاسايل شينهن آهي، تنهن ڪري اهو آزاد شينهن جهڙو نه رهيو آهي. آزاد سنڌو، پنهنجي سڄي لشڪر سان سنڌوءَ جي ميدانن ۾ پکڙجي، لٽ مار ڪندو، ريج ڏيندو، لنگهي ويندو هو. پر هاڻي، سندس لشڪر بندن ۽ بئراجن ۾ بند آهي، جنهن کي جنگي قيدين وانگر هوريان هوريان ڇڏيو وڃي ٿو. ان ڪري چؤماسي واري شاهي فوج اڳ جيتري خوفناڪ نه رهي آهي ۽ سنڌوءَ ۾ پاڻي هر وقت وهي ٿو.
اڳي ائين نه هو. درياهه هڪ ڀيرو وهي ويو، سو وهي ويو. ان کان پوءِ پاڻي تانگهو ٿي ويندو هو، جنهن ڪري درياهه ٽپڻ ڪو مسئلو ڪو نه هو. ٻيو ته ٺهيو اڄ بئراجن مان ڇڏيل پاڻين هوندي به مقامي ماڻهو ڪيڏي سولائيءَ سان ترها کڻي درياهه ٽپي ٿي ويا، سو اسان پنهنجين اکين سان ڏٺو.

مُهين جي تباهي

مُهين جي تباهي

قديم آثارن جا ماهر، مُهين جي دڙي کي بچائڻ لاءِ رٿائون ٺاهي ڪم ڪرڻ گهرن ٿا. مهين جو دڙو بچايو اٿارٽي ڇا ٿي ڪري؟ اها خبر خدا کي! پر ماهرن جو خيال آهي ته، ايندڙ ويهن سالن اندر مهين جو دڙو ڀور ڀور ٿي ويندو. قديم تهذيبن ۾ سڀ کان وڌيڪ سرحدن تائين پکڙيل، هن قديم تهذيب جو هيڊڪوارٽر ويهن سالن کان پوءِ فقط ڪتابن ۾ ڳولي سگهبو.
سچي ڳالهه اها آهي ته آرڪيالاجي کاتي تي قابض کک عملدارن جو تعلق، اڄوڪي سنڌ سان ناهي، تنهن ڪري کين سنڌ جي ڪنهن به قديم آثار سان شوق ناهي، سواءِ ان جي ته نواد رات ڪيئن کسڪايون وڃن. اسان مهڙ کان مُهين جي دڙي جو نالو مُهين جو دڙو (Mohenjo Daro) ٻڌو آهي پر هٿ ٺوڪين ۽ تعصبي ماهرن مهين کي ڦيرائي ”موئن جو دڙو“ ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ دڙي جي ابتدائي کوٽائين ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن، سر جان مارشل، سر مارٽيمر وهيلر، اين جي مجمدار به دڙي جو نالو مُهين جو دڙو (Mohenjo Daro ( لکيو پر اڄوڪي پاڪستان آرڪيالاجي کاتي، سرڪاري ڪتابن ۾ لفظ ”موئن“ (Moen ( اختيار ڪيو آهي. دليل ساڳيو ٻاراڻو ته اهو مئل ماڻهن جو دڙو آهي.
انهن عملدارن جو تعصب اڃا به چوٽ تي آهي. مُهين جي دڙي واري تهذيب کي ٽن نالن سان سڏيو ويندو هو. ”موهين جو دڙو تهذيب“ يا ”هڙپا تهذيب“ يا سنڌو تهذيب (Indus Civilization) پر هاڻي پنجاب سان تعلق رکندڙ عملدارن هوريان هوريان ”موهين جو دڙو تهذيب“ لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. سندن نئون لٽريچر، ان تهذيب کي ”هڙپا تهذيب“ جو نالو ڏئي ٿو. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هڙپا پنجاب ۾ آهي. اسان اهو سمجهي نه سگهيا آهيون ته آرڪيالاجيءَ جهڙي موضوع کي هيءُ تعصبي عملدار ڪيڏانهن ڪندا. ڇا آرڪيالاجيءَ ۾ تعصب جي ڪا گنجائش ٿي سگهي ٿي؟


مُهين جو دڙو
مُهين جو دڙو تمام وڏو موضوع آهي. هي ايترو وڏو موضوع آهي جو اُن جا بيشمار پهلو آهن، ۽ ان جي هر هڪ پهلوءَ تي قديم آثارن جي ماهرن نه رڳو ڪم ڪيو آهي پر تمام گهِرائيءَ سان ڪم ڪيو آهي.
هنن کنڊرن ۾ اهڙو ڇا آهي جو دنيا اُٿلي پئي آهي؟ سڀڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي، ۽ اڃا گهڻو ڪجهه معلوم ٿيڻو آهي. اسان ۽ توهان لاءِ رڳو هڪ مشڪل آهي ته اسڪالر حضرات سڄو ڪم يورپي ٻولين ۾ ڪن ٿا ۽ شايع ڪرائين ٿا، اهو ڪم انگريزي ڄاڻندڙن ۽ طبقن لاءِ ته ڪارائتو ٿئي ٿو پر سنڌي قوم هن موضوع تي ٿيل ڪم ۽ علم کان محروم رهجي وڃي ٿي. ان ڪري آئون سدائين مطالبو ڪندو آهيان ته سمورا سائنسي علم سنڌي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ به ترجمو ٿيڻ گهرجن ته جيئن اسان ڄاڻ جي حق کان محروم نه رهجي وڃون.
جيئن ته هي تمام وڏو موضوع آهي، ان ڪري آئون ڪوشش ڪندس ته ان جي مختلف پهلوئن تي ٿورو ٿورو ڳالهائجي ته جيئن اسان هن تهذيب بابت ڪي بنيادي سوال ۽ ان جا جواب سمجهي سگهون.
پهريون سوال ته اهو ئي آهي ته ڇا ثقافت ۽ تهذيب culture ۽ civilization ٻه جدا شيون آهن؟ يا هڪ ئي شئ لاءِ ٻه جدا لفظ آهن؟ جواب آهي”نه! هي ٻه جدا جدا شيون آهن“. ڪلچر يا ثقافت هڪ ننڍو دائرو آهي ۽ سويلائيزشن يا تهذيب هڪ وڏو دائرو ٿئي ٿو. ڪلچر محدود سرگرمي آهي جنهن ۾ ڪنهن خاص ماحول ۾ رهڻي ڪهڻي ۽ طور طريقا شامل ٿين ٿا، تهذيب سماجي ترقيءَ جو مٿانهون سڌريل درجو ٿئي ٿو. آمري ثقافت آهي، سنڌو تهذيب آهي، جنهن ۾ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ طور طريقن سان گڏ انهن جي ٻولي، لِپي، عمارت سازي، شهري رٿابندي، لباس، زيور، ريتون رسمون، هنر، روزگار، وڻج واپار، مربوط سماجي نظام، مذهب ۽ عقيدا وغيره اچي وڃن ٿا.
مُهين جي دڙي جي تهذيب ۾ زندگيءَ جا اِهي سڀ شعبا موجود آهن. انهن مان هر هڪ شعبي تي انهن علمن جي ماهرن ڪتابن جا ڪتاب لکيا آهي. مثال طور مُهين جي دڙي جي گهرن جي اڏاوت جو نمونو مختلف دورن ۾ ڪيئن هو؟ ٽائون پلاننگ ڪيئن هئي؟ ڇا هتي طبقاتي نظام هو؟ هن سماج جي جوڙ جڪ ڪيئن هئي؟ هو ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا؟ ڇا پائيندا هئا؟ ڇا ٺاهيندا هئا؟ مذهب ڪهڙو هئن؟ وڻج واپار جو سلسلو ڪيترو پري تائين پکڙيل هو، ڇا خريد ڪندا هئا ۽ ڇا وڪڻندا هئا؟ واپار جو طريقو ڇا هو؟ آمد رفت جا ڪهڙا وسيلا هئا؟ ڪنهن کي پوڄيندا هئا؟ هي ماڻهو نسلي طور ڪير هئا؟ ڪڏهن هئا؟ شهر ڪيئن تباهه ٿيو؟ پوءِ هي ماڻهو ڪيڏانهن ويا؟
ماهر چون ٿا ته سنڌو تهذيب جنهن کي آرڪيلاجيءَ جي دنيا ۾ هڙپا تهذيب جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان جا ٽي چار دور آهن. هڪ ته سنڌو تهذيب کان آڳاٽو دور، ٻيو سنڌو تهذيب جي ابتدا جو دور يعني لڳ ڀڳ 2500 ق م جو زمانو. ٽيون سنڌو تهذيب جي عروج وارو دور يعني 1800 ق م (لڳ ڀڳ حضرت ابراهيم جو زمانو؟) ٽيون زوال جو وقت يعني 1500 ق. م. جڏهن کان سنڌ تي ٻاهرين قومن يلغارون شروع ڪيون ... ۽ آخر ۾ جُهڪر جي دڙي واري دور يعني 1200 ق م (هي لڳ ڀڳ حضرت موسيٰ جو زمانو آهي جڏهن اسرائيلي قوم مصر مان ڊگهي غلاميءَ بعد يروشلم ڏانهن وئي). ان کان پوءِ لڳ ڀڳ 1000 ق م لوهه جي دريافت جو زمانو آهي جنهن سان سنڌ ۽ هند ۾ شديد مار ڌاڙ جو زمانو شروع ٿيو.
سنڌو تهذيب ڇو تباهه ٿي؟ ڪن ماهرن جو خيال آهي ته هتي1500 ق.م. کان اڳ دراوڙ رهندا هئا، پوءِ وچ ايشيائي نسل جا ماڻهو اتر کان ڪاهيندا آيا ۽ سنڌ هند تي غالب ٿي ويا، انهن سنڌو ماٿريءَ جي قديم قومن کي ڏکڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. ڪن جو خيال آهي ته سِنڌوءَ جي اٿل پٿل هن شهر کي ٻوڙي ڊاهي ڇڏيو، بلڪل ايئن جيئن 1942 واري وڏي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ شهرن تي جارحاڻي ڪاهه ڪئي هئي. جيڪڏهن بند بئراجون نه هجن ها ته هن ڀيري به نوان مُهين جا دڙا ٺهي پون ها.
آئون آرڪيالاجسٽ ڪونه آهيان، انڪري ڪجهه تاريخ مان ۽ ڪجهه ڏندڪٿائن مان حوالا ڏيندس ۽ ڪجهه ذاتي راءِ پيش ڪندس. ضروري نه آهي ته ڪو مون سان متفق ٿئي.
منهنجو ذاتي خيال آهي ته تاريخ ۾ آريا نالي ڪا به قوم ڪونه هئي، پر اهو خيال ٺيڪ ٿو لڳي ته قديم جنگجو ترڪ ۽ ڪوهه قاف جي ٿڌن علائقن ۽ وچ اوڀر جون وحشي قومون گرم علائقن جي ستابن پَٽن ۽ چراگاهن تي قبضي لاءِ نڪري پيون. وٽن تيز رفتار سواريون (گهوڙا) ۽ قاتل هٿيار هئا. هنن سنڌو ماٿريءَ تي هوريان هوريان قبضو شروع ڪيو. هنن پاڻ کي آريا (عالي نسب noble) سڏيو ۽ مقامي ماڻهن کي اڻ-آريا (معمولي نسب، اناڙي، اڻ سڌريل) قرار ڏنو. جيئن انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ مهل ٽالپرن کي ظالم ۽ جاهل سڏيو. فاتح مفتوح کي سدائين ’نيچ‘ ۽ ’ڪميڻو‘ ئي سڏيندو آهي. تڏهن ئي ته سناتن ڌرم ۾ اصلوڪن مقامي ماڻهن ۽ آديواسين (aborigines)کي شودر، هريجن يا نيچ ذات سڏيو ويندو آهي.
ڪو ايئن به ڪونه هو ته سنڌو ماٿري ڏانهن ايندڙ ٻاهريان قبيلا سڀ جا سڀ گهوڙن تي سوار هئا ۽ سڀني جي هٿن ۾ موتمار هٿيار هئا. ڪي قبيلا مال ڪاهي لاڏائو لوڪن وانگر آيا، مال چاريندا رهيا، ڪو وِڙهيو ته وڙهيا نه ته ايئن ئي ويهي ويا، جيئن اڄ به ٿئي ٿو. اڃا چار سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي جو بلوچ قبيلا پنهنجي وڌندڙ آباديءَ لاءِ چراگاهن تي قبضي لاءِ سبيءَ کان سنڌ ۽ پنجاب تائين پکڙيا. افغان ۽ پٺاڻ اڄ به پيا اچن. ڪي خاموشي سان اچي ديرو ڄمائي ويهن ٿا، ته ڪن جي هٿن ۾ بندوقون آهن.
سنڌو ماٿريءَ ۾ انهن قبيلن پاڻ سان ٻه شيون آنديون هڪ گهوڙو ۽ ٻيو لڙاين جا نوان طور طريقا ۽ پوءِ غالباً لوهي هٿيار به . ويدن ۾ لوهي هٿيارن جو ذڪر نٿو ملي، انهن ۾ قدرتي ۽ (لوهه کان سواءِ) ٻين ڌاتوئي هٿيارن جو استعمال ڏيکاريو ويو آهي. انهن لوڪن پهرين سنڌو ماٿريءَ جي اترين علائقن تي قبضو ڪيو، يعني گنڌارا ۽ ٽيڪسيلا ورا علائقا، انهن ئي علائقن ۾ انهن جي شاعرن ويد رچيا. اهو ئي سبب آهي ته ويدن ۾ جنهن سنڌو نديءَ جو ذڪر آهي اها جبلن ۾ گجگوڙ ڪندڙ آهي ۽ تيز رفتار آهي. انهن ئي ويدن ۾ پاتال جو ذڪر آهي، پاتال، جيڪو ڏکڻ ۾ آهي، جنهن تي راڪشسن يا راڪاسن جو راڄ آهي.
ويدن ۾ جنهن ديوتا اِندر جو ذڪر آهي، اهو اصل ۾ قديم ترڪيءَ جو ديوتا آهي. اهو ئي ديوتا يونان ۾ زيوس ۽ روم ۾ جوپيٽر (ديو پتر- ديوتائن جو پيءُ) آهي. انهن سڀني جو هٿيار کنوڻ (وِجر يا وِڄ) آهي. سنڌ ۽ هند تي ترڪ، گرجر ۽ منگول (ياجوج ماجوج) قبيلن جي ڪاهه ڪا نئين ڳالهه نه آهي جيڪي خيبر لڪ ۽ بولان لڪ کان چڙهتون ڪندا آيا آهن. انهن ئي علائقن جا جنگجو لوڪ ڪڏهن سٿيا، ڪڏهن ڪشان، ڪڏهن باختري، ڪڏهن پٺاڻ، ۽ ڪڏهن ارغون ته ڪڏهن ترڪ ۽ مغل جي نالي سان فقط مذهب مٽائي ساڳي واٽ وٺي ايندا رهيا آهن.
منهنجي راءِ ۾ راکشش کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اچاربو ته ’راکو‘ ٿيندو، يعني رکشا ڪندڙ يا محافظ. جڏهن ويدن جي شاعرن ڏکڻ سنڌو ماٿريءَ کي راڪشسن جو ملڪ سڏيو ته دراصل هنن اهو چيو ته اهي پاتال جا راکا يعني آديواسي لوڪ آهن. هندو ادب ۾ ٽي دنيائون آهن: 1. ديو لوڪ يعني ديوتائن جي دنيا (حڪمران طبقي جي دنيا)، 2. ڌرتي يعني انسانن جي دنيا (مفتوح علائقو) ۽ 3. پاتال يعني راڪشسن جي دنيا (مزاحمت ڪندڙ علائقو). راکشس لوڪ جيڪڏهن دراوڙ هئا ته پوءِ يقينن انهن جا نقش به ڪاڪيشيائي(Caucasian) نسل (گوري رنگت وارا ويدڪ لوڪ) کان مختلف هئا. ويدن ۾ انهن کي مبالغي سان هيبتناڪ شيطانن جي شڪل ڏني وئي ۽ انهن کي جادوئي طاقتن وارا شيطان سڏيو ويو، جن جي طاقت رات جو بي انتها وڌي ٿي وئي (ڇاڪاڻ ته هي آديواسي لوڪ پنهنجي علائقي ۾ رات جو بهتر گهاتڪ حملو ڪري سگهندا هئا).
ويدڪ ادب جنهن مان سنڌو تهذيب جي زوال جا پڙاڏا اچن ٿا، جنهن علائقي تي راڪاسن جي راڄ جو ذڪر ڪري ٿو اهو سنڌوءَ درياهه سميت پنجاب جي ميداني علائقن خاص ڪري هاڻوڪي سرائڪي خطي کان سمنڊ تائين بلڪ ڪڇ ڪاٺياواڙ تائين پکڙيل آهي. عجيب ڳالهه آهي ته اسان کي سنڌو تهذيب جا وڌ ۾ وڌ ماڳ سنڌ، سرائيڪي خطي، بلوچستان، سرسوتي، ڪڇ ۽ سوراشٽر ۾ مليا آهن.
ويدڪ ادب ۾ اسان کي ديوتائن جا خاندان ملن ٿا، جن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون آهن. اهو ئي سلسلو يوناني ۽ رومي ديوتائن ۾ به آهي. پر سنڌو تهذيب ۾ هڪ جدا عقيدو هو. هتي ديويءَ جي پوڄا ٿيندي هئي. هيءَ ديوي ايران ۽ عرب جي اِشتار ديويءَ جهڙي آهي. سنڌ ۾ ان جا مختلف روپ آهن. مثال هڪ روپ ۾ هو ’ڄڻڻهار‘ ڌرتي ماتا آهي هڪ مهر ۾ هوءَ هڪ ٻوٽي کي جنم ڏيئي رهي آهي. بلڪل ان ئي طرح هڪ مورتيءَ ۾ ڪالي ديويءَ کي ’ڄڻڻهار‘ ڏيکاريو ويو آهي جنهن ۾ هوءَ هڪ ٻار کي جنم ڏيئي رهي آهي. اهڙي ئي هڪ مورتي اِشتار ديويءَ جي به آهي. سنڌو تهذيب مان لڌل هڪ مورتيءَ ۾ هوءَ هڪ سانَ سان وڙهندي ڏيکاري وئي آهي، جنهن کي هوءَ هڪ نيزي سان ماري ٿي. بلڪل اها ڪهاڻي هندو مت ۾ درگا ديويءَ سان منسوب آهي جنهن ۾ هوءَ مهيس اسر کي ترشول سان قتل ڪري ٿي. مهيس معنيٰ سانُ. ان روپ ۾ هوءَ ’مهيس مردني‘ يعني طاقتور سانَ جي روپ ۾ وڙهندڙ هڪ راڪشس کي ماريندڙ ديوي آهي. هوءَ طاقتور سانَ کي ماريندڙ ضرور آهي پر سانَ کي راڪشس قرار ڏيڻ پُراڻن (Puranas)جو اضافو آهي. هڪ مهر ۾ ديويءَ کي اڌ واگهه ـ اڌ انسان جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. صاف پيو ڏسجي ته اهو ئي روپ اڳتي هلي وشنوءَ جي نراـ سنگهه اوتار جي شڪل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. سنڌو ماٿريءَ ۾ ڏاند ، گينڊي ۽ واڳونءَ جي پوڄا ٿيندي هئي. هتي ڏندڪٿائي جانورن خاص ڪري يڪ ـ سڱي جي پوڄا به ٿيندي هئي. جيئن ته سنڌ ۾ گهوڙو هوندو ئي ڪونه هو انڪري سنڌو ماٿريءَ جو ’يڪ ـ سڱو‘ يورپي ’unicorn‘ کان مختلف آهي. يورپي ’unicorn‘ گهوڙي جي شبيهه جو آهي، سنڌو تهذيب جو يڪ ـ سڱو گينڊي سان مشابهه آهي. ڏاند جي پوڄا اڳتي هلي نَندِي جو روپ وٺي ٿي جيڪو شِو مها ديو جو گَڻ آهي يا جين مت ۾ رشڀ ناٿ جي علامت آهي. واڳون اڄ به منگهي پير وٽ مقدس مخلوق آهي ۽ هندو مت ۾ ’مَڪرا‘ (واڳون) سنڌو ـ گنگا ـ جمنا ديوين جي سواري آهي.
رگ ويد ۾ پاتال سان تعلق رکندڙ ڪجهه اهڙن بهادر ڪردارن جو ذڪر آهي جن اندر ديوتا سان جنگ ڪئي ۽ مارجي ويا. اهي قديم سنڌو ماٿريءَ جي آديواسي لوڪن جا سورما (heroes) هئا. اهي سورما وِرتر، اَهِي، نِموچي، سمبارا، هرڻاڪش ۽ هرڻاڪشپ هئا. رگ ويد ۾ انهن جي مائرن جا نالا ڏنل آهن ، يعني سنڌو ماٿريءُ ۾ مائتو سماج رواج ۾ هو. پاتال شايد قديم سنڌو ماٿريءَ جي ميداني ڏاکڻي علائقي ۾ مکيه شهر هو. الائي ڪٿي هو، ممڪن آهي ته تڏهوڪي ڊيلٽا واري علائقي ۾ هو، جنهن ۾ وڏي دولت هئي. دلچسپ ڳالهه آهي ته پاتال (Patala) سڪندر اعظم جي ڏينهن (323 ق م) ۾ به ان هنڌ موجو هو جتان سنڌو درياهه ٻه شاخون ڪري ٿي وهيو.
مُهين جي دڙي جو نالو سندس حياتيءَ ۾ ڪهڙو هو؟ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. پر ڪي صاحب ان کي ’دلمون‘ ۽ ’ميلوها‘ مڃين ٿا. ها! مهن جي دڙي جا ماڻهو سوٽي ڪپڙو پائيندا هئا، ڪپڙن کي رڱڻ ۽ انهن تي چِٽ ٺاهڻ جو هنر ايندو هئن. هُو احرام وانگر ٻن ڪپڙن جو يا شايد هڪ يڪو لباس پائيندا هئا، جنهن مان هڪ ڪلهو ٻاهر نڪتل هوندو هو، جيئن قبل مسيحي يونانين جو لباس ڏيکاريو ويندو آهي. اها ثابتي مهن جي دڙي مان لڌل ڪنگ پريسٽ واري مورتيءَ مان ملي آهي. ڇا واقعي مُهين جي دڙي ۾ ڪِنگ پريسٽ هوندو هو؟ خبر ناهي. هي به هڪ انومان آهي. پر هيءَ مورتي بت تراشيءَ جو شاهڪار آهي. ايتري نفاست سان ٺهيل مورتي جو تسلسل مُهين جي دڙي کان پوءِ ٽٽي ويل ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ ٻيهر شاندار مورتين جي ٺهڻ جو سلسلو سن مسيح کان ٿورو ئي اڳ شروع ٿيو، خاص ڪري جڏهن يوناني ۽ رومن آرٽ جو اثر گنڌارا تي پيو.
هيءَ مورتي ڏس ڏئي ٿي ته هن ڪردار جون اکيون جوڳ تپسيا واري حالت ۾ آهن. يوگ آسڻ ۾ ڪافي مهرون ۽ هڪ مورتي به ملي آهي. يعني مهن جي دڙي ۾ جوڳ تپ ذريعي عبادت جو تصور موجود هو، جيڪو پوءِ هندستان جي سڀني مذهبن ۾ شامل رهيو. پسو پتيءَ واري مهر به شِو مهاديو جو پروٽو ٽائپ تصور آهي. ايئن ٿو لڳي ته غير دراوڙي قبيلا هوريان هوريان دراوڙي ديوتائن کي ٿوري گهڻي ترميم سان پنهنجو ديوتا تسليم ڪندا ويا. جيئن ديويءَ جو تصور درگا ۽ ڪاليءَ ۾ تبديل ٿيو يا وري جيئن واگهه ديويءَ جي جاءِ تي نرا سنگهه وشنوءَ جي اوتار جي صورت ۾ سامهون آيو.
مُهين جي دڙي واري ناچڻي به ڪنگ پريسٽ وانگر تهذيب جي عروج واري دوري مان نڪتي آهي پر عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ساڳي ناچڻي اسان کي واهي پانڌي لڳ هڪ جبل جي ديوار تي اُڪريل ملي آهي جا گهڻو پوءِ جي (پر اسلام کان آڳاٽي)آهي، ۽ ان کي لباس پهريل آهي.
مُهين جي دڙي جا ماڻهو اُٺ جي سواري نه ڪندا هئا. ان وقت اُٺ سنڌي تهذيب ۾ شامل ڪونه هو. مُهين جي دڙي جي هڪ به مهر تي اُٺ ڇاپيل نه آهي. هي ماڻهو ڏاند تي سواري ڪندا هئا. ڏاند کي ڦيٿن واري گاڏيءَ ۾ جوٽي ڊگها سفر ڪندا هئا يا وري ٻيڙين ذريعي پري پري تائين درياهن ۾ سفر ڪندا هئا ۽ سمنڊ پار به ويندا هئا. سندن ناتا عرب اپٻيٽ سان به هئا، قديم عراق ۽ مصر تائين به ويندا هئا. هي ماڻهو کيتي ڪندا هئا، مال پاليندا هئا. مڻيا وِنڌينداهئا. ٺڪر جا ٿانوَ، رانديڪا، زيور استعمال ڪندا هئا. ٽامي ۽ سون جي دريافت ڪري چڪا هئا، البت لوهه کان واقف نه هئا. سندن هٿيارن ۾ ننڍيون هٿ ڪهاڙيون، نيزا ڀالا ۽ تير ڪمان هئا. انهن جون اَڻيون پٿر يا وري ٽامي جون هونديون هيون. مڇيءَ جو شڪار ڪندا هئا ، ان لاءِ ڪُنڍيون ، ڪُڙهيون ۽ شايد ڄار به استعمال ڪندا هئا.
جيڪڏهن مُهين جي دڙي جو اصل نالو معلوم نه آهي ته پوءِ ان تي اهو نالو ڪيئن ۽ ڪڏهن پيو؟ مختلف صاحبن جي مختلف راءِ آهي. پر آئون سمجهان ٿو ته اهو نالو ان دڙي تي قائم اسٽوپا سبب آهي، جيڪو پهرين هِنايان ۽ پوءِ ڪشان دور ۾ مهايان فرقي جي اثر هيٺ آيو. اهو ئي مهايان فرقو اڳتي هلي سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويو. مهايان سنڌي لهجي ۾ ’مهاڻا‘ سڏيا ويا ۽ مهايان فرقي جي وڏي اسٽوپا سبب ان ماڳ جي سڃاڻپ ’مهاين جو‘ يا ’مُهين جو‘ ٿي وئي. جڏهن اهو به تباهه ٿي ويو ته ان کي ساڳي نسبت سان ’ مُهين جو دڙو‘ سڏيو ويو.

ڌرتي ماتا

ڌرتي ماتا

مُهين جي دڙي جا کنڊر ڏسي، ان مان لڌل مورتين ۽ مهرن جون تصريرون ذهن جي پردي تي سلائيڊن وانگر هڪ هڪ ٿي اڀرن ٿيون. ڏاند (يا ڪو ٻيو جانور)، هڪ سڱو ڏاند، تصويري لکتون، پروهت، ناچڻي ۽ ڌرتي ماتا. ان سان گڏوگڏ ڌرتي ماتا جي اها مهر سامهون اچي ٿي، جنهن ۾ هوءَ ٻوٽو ڄڻي رهي آهي. ماهرن ان کي زرخيزيءَ جي ديوي قرار ڏنو آهي پر مون کي قديم سمير جي دلمون جي ديوي نِن هر سگ (Ninhursag) ياد اچي ٿي جنهن ٻوٽي کي جنم ڏنو ۽ ڌرتي آباد ڪئي.
قديم عراق جي ڏندڪٿائن ۾، هڪ ملڪ جو نالو دلمون آهي. قديم آثارن جا ماهر ٻه دليا آهن. هڪڙا ماهر ايراني نار جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي بحرين ويجهو دلمون ڳولين ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماهرن جو خيال مُهين جي دڙي ڏانهن آهي. مُهين جي دڙي جي خاص ڳالهه اتي کوهن جي موجودگي آهي. عراقي ڏندڪٿا ۾ دلمون کوهن جو شهر آهي. مُهين جي دڙي ۾ کوهن جو تعداد ستن سون کان گهٽ ناهي. جڏهن ته دڙي جي پکيڙ 19 هيڪٽر آهي.
مون کي عراقي ڏند ڪٿا جا ٻه ڪردار، اينڪِي ديوتا ۽ نِن مهه (نِن هرسگ) سنڌ جا لڳندا آهن جن کي، عظيم ديوتا ڌرتيءَ جا ٽڪرا ورهائڻ مهل هڪ خشڪ ڌرتي ڏيئي ڇڏي هئي. ان خشڪ ڌرتي کي اينڪي ديوتا جنهن طرح آباد ڪيو هو، سو سواءِ شو مهاديو جي ٻيو ڪنهن جو ڪم ٿي نٿو سگهي. اينڪيءَ خشڪ ڌرتيءَ کي پنهنجي مخصوص علامت لنگم جي مدد سان پاڻي ڏنو ۽ ننمهه ٻوٽا ڄڻيا. اينڪي وري مخصوص علامت سان ڇڻڪار ڪئي ۽ نباتيات وڌي. اسان ڏسون ٿا ته مُهين جي دڙي مان نه رڳو شِو جون علامتون لڌيون ويون آهن پر، هڪ اهڙي مهر به لڌي وئي آهي جنهن ۾ ڌرتي ماتا ٻوٽو ڄڻي رهي آهي. ڇا اسان نِن مهه کي نانيا، ناني يا وڏي ماءُ نٿا چئي سگهون؟ جڏهن ته نِن هرسگ ۽ نِن تِي وغيره به ان جا ئي ٻيا روپ آهن. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته دلمون جي ديويءَ جو هڪ نالو نِنسيڪِلا به آهي جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي قديم ديوي ڪاليءَ جهڙو آهي.

اينڪي(Enki) ۽ نِن مهه (Ninmah)جي ڪهاڻي

اينڪي(Enki) ۽ نِن مهه (Ninmah)جي ڪهاڻي

سمير جي کنڊرن مان، ٻن تختين تي ”بهشت جي ڪهاڻي“ لکيل ملي آهي، جيڪا ساڍن ٽن کان چار هزار سال اڳ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ جا واقعا دلمون ڌرتيءَ تي ٿيا. دلمون، هڪ اهڙي ڌرتي آهي جيڪا سمير ۽ بابل جي ادب ۾ ”پرڏيهه“ آهي، هڪ اهڙي ڌرتي جيڪا سمير کان اوڀر طرف آهي. سميري ٻوليءَ ۾ ”اين“ معنيٰ آقا يا مالڪ ۽ ”ڪِي“ معنيٰ مٽي يا زمين آهي. هو پاڻين ۽ جبلن جو ديوتا به آهي، جڏهن ته نِن هرسگ جي حيثيت ”وڏي ماءُ“ جهڙي آهي. نِن هرسگ جي معنيٰ ”وڏي جبل جي راڻي“.
جڏهن دنيا ٺهي، تڏهن ديوين ۽ ديوتائن ۾ زمين جي ورهاست ٿي. دلمون وارو علائقو اينڪي ۽ نِن هُرسگ جي پَتيءَ ۾ آيو. پوءِ اهي ٻئي دلمون آيا. ان وقت دلمون ۾ ڪجهه به ڪو نه هو. پکي پکڻ ته ٺهيو پاڻي به نه هو. ان موقعي تي نِن هرسگ جي صلاح ۽ مِٺن پاڻين جي ديوتا اينڪيءَ جي حڪم تي سج ديوتا مٺو پاڻي پهچايو ان کان پوءِ اينڪيءَ نِن هرسگ کي شاديءَ جي آڇ ڪئي. نِن هرسگ کي پيٽ ٿيو ۽ هن نِنسار کي جنم ڏنو، جيڪا ٻوٽن جي ديوي هئي. ان کانپوءِ اينڪيءَ نِنسار سان ميلاپ ڪيو جنهن نِنڪُرا کي جنم ڏنو، جيڪا ڪوهستاني زمين، ٻوٽن ۽ تندن ۽ رنڱائي جي مصالحن جي ديوي هئي. اينڪيءَ پوءِ نِنڪُرا سان به ميلاپ ڪيو، جنهن اُتو ديويءَ کي جنم ڏنو. اُتو ڪپڙن ۽ ڪپڙن جي رڱائيءَ جي ديويءَ هئي. هن ڪهاڻيءَ جي تسلسل ۾ڪپڙن جي ديوي، ٻوٽن جي تندن واري ديويءَ جي ڌيءَ آهي، جنهن مان شڪ پيدا ٿئي ٿو ته، اهو ڪپهه جي ٻوٽن ۽ سوٽي ڪپڙي جو ذڪر آهي، جيڪو سنڌ جي ماڻهن جي دريافت آهي.

بهشت دلمون ڪيئن ٺهيو؟

بهشت دلمون ڪيئن ٺهيو؟

بهشت جي ڪهاڻي هڪ ڊگهو قصو آهي. هتي انجا جا ڪي ڪي ٽڪرا پيش ڪجن ٿا، جيڪي منهنجي خيال ۾ وڌيڪ دلچسپ ٿي سگهن ٿا:
”هو (اينڪي) جنهن هنڌ پنهنجي زال سان گڏ لٿو صاف سٿري جاءِ آهي، اها سڀ کان وڌيڪ روشن آهي. جڏهن هو دلمون جي ڌرتيءَ تي اڪيلا لٿا، اها جاءِ جتي اينڪي نُن سي ڪِلا (دلمون جي ديوي) وٽ لٿو، اها جاءِ صاف سٿري ۽ اها جاءِ روشن آهي. دلمون ۾ جابلو ڪانءُ ڪان ڪان نٿو ڪري اِتي دُو پکي (موت ۽ تباهيءَ جو پکي) پنهنجي ٻولي نٿو ٻولي. شينهن ڪنهن کي نٿو چيري ڦاڙي، بگهڙ ڇيلن کي نٿا کڻن ...“ وغيره.
سميري ڏندڪٿائن واريون قديم تختيون ڀڳل ۽ ڪن ڪن هنڌن تان ڊٺل آهن. جنهن ڪري ڪٿا سمجهڻ ۾ ڪجهه تڪليف ٿئي ٿي. پر ان هوندي به ڪٿي ڪٿي سلسلا ڳنڍي سگهجن ٿا. هيٺئين پئراگراف ۾ ڇڏيل ٽٻڪا اصل ۾ ڪٿا جا ضايع ٿيل ٽڪرا آهن يا وري اڃا تائين پڙهجي نه سگهيا آهن:
”نَنا (چنڊ ديوتا) جي ... ... مان، وات مان، جتان ڌرتيءَ جو پاڻي نڪري ٿو، ڌرتيءَ مان مٺو پاڻي پهچائي! هو (سج ديوتا اَتو) تنهنجن (نِن سي ڪِلا) وڏن ذخيرن ۾ پاڻي پهچائي. هو تنهنجي شهر (دلمون) کي ان مان ججهو پاڻي پياري، هو دلمون کي ان مان ججهو پاڻي پياري، تنهنجو کاري پاڻيءَ جو کوهه مٺي پاڻيءَ جو کوهه ٿي پوي! تنهنجا کيت ۽ ميدان تولاءِ اناج پيدا ڪن، تنهنجو شهر پشتن ۽ گهاٽن جي ڪناري جو گهر ٿي پوي، هاڻي اُتو هڪ ... . آهي؟“ اهي جملا اينڪيءَ نِن سي ڪِلا کي چيا. ان کانپوءِ ڪٿا هن ريت اڳتي هلي ٿي:
آسمان تي موجود اُتوءَ، ... .. کان پنهنجي ڇاتي ... ..، نِنا جي ... ... مان ... ... ، وات مان جتان ڌرتيءَ جو پاڻي نڪري ٿو، ڌرتيءَ مان مٺو هن (نِن سي ڪِلا) لاءِ پهچايو، اهو پاڻي هن جي وڏي ... ... ۾ مٿي آڻي ٿو (سج ڌرتيءَ جي هيٺانهين ۾ موجود مٺي پاڻيءَ جي سطح مٿي ڪئي) هو هن جي شهر کي ججهو پاڻي پياري ٿو، دلمون کي ججهو پاڻي پياري ٿو، هن جو کاري پاڻيءَ وارو کوهه، سچ پچ مٺي پاڻي جو کوهه ٿي پيو، هن جي کيتن ۽ ميدانن ۾ هن لاءِ اناج پيدا ٿيو، هن جو شهر سچ پچ پشتن ۽ گهاٽن جي ڪنارن جو گهر ٿي پيو آهي، دلمون سچ پچ هيءُ ملڪ پشتن ۽ گهاٽن جي ڪنارن جو گهر ٿي پيو آهي، هاڻي اُتو ... ... آهي، بي شڪ اهو اهڙو ئي هو، هو جيڪو اڪيلو آهي! ملڪ جي ماءُ ڏاهي نِن تُو (نن هرسگ زمين جي ديوي) جي آڏو اينڪي ملڪ جي ماءُ ڏاهيءَ نِن تُو جي آڏو پنهنجي لنگم سان پشتن کي پاڻي ڏئي ٿو، پنهنجي لنگم سان سَرن جا ٻوڙا ٻوڙي ٿو، بي شڪ پنهنجي لنگم سان ... ..، ”ڌٻڻ تي ڪو به نه هلي!“ اينڪيءَ هڪدم چيو، ”ڌٻڻ تي ڪو به نه هلي.“ ”هن (اينڪيءَ) اَنوءَ جو قسم کنيو، هن جو ... ...، ڌٻڻ جو، ... ... ڌٻڻ جو اينڪيءَ ... .. سندس آبحيات دم گل ننا (اينڪيءَ جي زال)، اينڪيءَ دل جو پاڻي نِن هُرسگ تي وهائي ڇڏيو، هن (نِن هرسگ) دل جو پاڻي ورتو، اينڪيءَ جو پاڻي ... .“ وغيره اهڙي طرح نِن هرسگ هڪ ڏينهن برابر هڪ مهيني جي حساب سان نون ڏينهن کانپوءِ نِن مُو (نِن سار) کي جنم ڏنو. ساڳي طرح ڌيءَ ڄائي. اهڙي طرح ديوي (ڌرتي) ۽ ديوتا (پاڻيءَ) جي ميلاپ سان ٻيون ديويون (نباتات) وجود ۾ آيون.

مُهين جي دڙي بابت ڏند ڪٿائون

مُهين جي دڙي بابت ڏند ڪٿائون

چون ٿا ته، مُهين جي دڙي ۾ هڪ اصول هو ته جڏهن به ڪو ٻاهريون مسافر ڪنهن پرديس مان لڏي اچي هتي رهندو هو ته شهر جو هر هڪ ماڻهو کيس هڪ هڪ سر ۽ هڪ هڪ رپيو مدد طور ڏيندو هو ته جيئن هو پنهنجو گهر اڏي ڪاروبار شروع ڪري سگهي. چئي نٿو سگهجي ته ان ڏندڪٿا ۾ ڪيتري سچائي آهي پر اهو هڪ دلچسپ اصول آهي. ان طرح شهر ۾ ڪو به بکيو ڏکيو ۽ پينو فقير پيدا ڪو نه ٿيو هوندو. هر ماڻهوءَ کي پورهيو ڪرڻ جو موقعو ملندو هوندو ۽ ڪو به نئون ماڻهو سماج تي بار نه ٿيندو هوندو.
هڪ ٻي ڏندڪٿا مُهين جي دڙي جي راڻيءَ جي آهي، جيڪا مرڪزي گنبذ ۾ قيد هئي. هڪ سوداگر هڪ سرنگهه جي رستي ان راڻيءَ کي قيد مان ڇڏايو ۽ ٻيڙن جي ذريعي ڪنهن ملڪ ڏانهن نڪري ويو. مقامي ماڻهو ان ڊگهي سرنگهه جا ٻه ڇيڙا اڄ به ڏيکارين ٿا. هو اسٽوپا کي اهو گنبذ سمجهن ٿا جنهن ۾ راڻي قيد هئي ۽ وڏي تلاءَ جي محراب دار ناليءَ کي اها سرنگهه سمجهن ٿا، جيڪا سوداگر تيار ڪرائي هئي. ان سرنگهه جهڙي هڪ ٻي سرنگهه (نالي) اوڀر طرف درياهه ڏانهن وڃي رهي آهي.
سنڌ جو نوجوان ۽ پڙهيل طبقو ڏندڪٿائن کي پنهنجن ڏکن سکن جي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان هڪ علامتي ڪهاڻيءَ طور ڏسي ٿو. قديم زماني کان اڄ تائين سنڌ ۾ ڌارين جي هلندڙ لڏپلاڻ هاڻي، سيچوريشن پوائنٽ تي پهچڻ کانپوءِ اڃا به گنڀير ٿي وئي آهي. نوجوان هاڻي ڪنهن به ٻاهرين ماڻهوءَ کي سنڌ ۾ رهڻ جو حق ڏيڻ نٿا گهرن، ڇاڪاڻ ته پنجاب، سرحدي صوبي، افغانستان، ڪشمير، ڀارت، نيپال، بنگلاديش برما، ويٽنام، ڪوريا، فلپائين ۽ ايران مان وڏي پئماني تي ماڻهو سنڌ ۾ لڏي آيا آهن، ايتري حد تائين جو سنڌين کي خطرو ٿي پيو آهي ته متان هو پاڻ اقليت نه بڻجي وڃن. هونئن به سنڌ جي پيداواري ذريعن تي ٻاهرين مخلوق حاوي ٿي چڪي آهي. ڪارخانن تي پنجابين ۽ پٺاڻن جي گرفت آهي. ٽرانسپورٽ تي به سندن گرفت آهي. پي آءِ اَي ۾ هندستاني نسل جا ماڻهو آهن. بجلي ۽ واٽرسپلاءِ به انهن جي قبضي ۾ آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌين لاءِ فقط شهري انتظام جو هڪ ڪو اڌ ادارو يا بندرگاهه کليل هئا پر هاڻي انهن تي به هندستاني نسل جا ماڻهو قابض ٿيندا پيا وڃن. زرعي زمينون گهڻو تڻو رٽائرڊ فوجي عملدارن يا پنجابي نسل جي ماڻهن جي قبضن ۾ منتقل ٿينديون پيون وڃن. هڪ ته ڪوٽري بئراج جون زمينون پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ غير سنڌين کي ڏنيون ۽ ٻيو ته ملڪي سياست خوني نوعيت جو واپار ٿي ويو آهي. سنڌي وڏيرا ملڪيتون ٺاهڻ ۽ قرض کڻڻ ۾ مصروف رهيا، هندستاني نسل جا ماڻهو ۽ ڪي شدت پسند قوم پرست تنظيمون، ڪلاشنڪوف کڻي دهشتگردي ۽ ڦرلٽ کي لڳي ويا. فوجي بيورو ڪريٽ، هٿيارن ۽ نشي جي سمگلنگ ۾ گهڙي پيا، سول انتظاميه ۽ عدليه، رشوت ۾ ڪاري ٿي وئي ۽ سنڌي نوجوان مُنجهي ڇڙواڳ ٿي ويا. سندن ترقيءَ جون سڀ واٽون بند ٿي چڪيون آهن. اها صورتحال ملڪ کي ڪيڏانهن ڪندي؟ هر ڪو سمجهي سگهي ٿو.
سنڌي نوجوان، راڻيءَ واري ڏندڪٿا کي جمهوريت ۽ عوام جي آزاديءَ سان ڳنڍين ٿا. هو چون ٿا، ”جمهوريت، آزاديءَ ۽ انساني حق، هڪ وڏي گنبذ ۾ قيد آهن. جن کي ڇڏائڻ لاءِ ڪو رستو گهرجي!“ سنڌي نوجوان ڪنهن سوداگر جي انتظار ۾ ناهن پر هو منجهيل آهن ته آخر واٽ ڪيئن ٺاهجي؟ في الحال ته سنڌ فوج، پوليس، ڌاڙيلن، دهشتگردن، وڏيرن، بيورو ڪريسي ۽ سياستدانن جي گهڻ طرفي چيڀٽ ۾ هڪ اهڙي رڙ بڻجي چڪي آهي، جيڪا اُڀ کان پاتال جي وچ ۾ گونجي رهي آهي.
مُهين جي دڙي جي تهذيب تي بي شمار ڪتاب، بي شمار ٻولين ۾ لکجي ۽ ڇپجي چڪا آهن. اڃا مُهين جو دڙو 75 سيڪڙو پوريل آهي. سچ ته اهو آهي ته اڃا تائين ماهر اهو ئي طئي ڪري نه سگهيا آهن ته، مُهين جي دڙي واري ماڳ جون آخري حدون ڪهڙيون آهن؟ ائين ته ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي هيٺان به کنڊر آهن، هوائي اڏو به کنڊرن تي آهي، اوڀر ۾ درياهه جي وچ پيٽ مان ٿلهي موڪري ڀت به ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿي پوندي آهي. تازو سال ڏيڍ اڳ اسپرن جي تعمير وقت نوان کنڊر نڪري پيا هئا، جن جو سلسلو اڃا درياهه جي پيٽ ڏانهن جاري هو. انجنيئرن ٿوري گهڻي کوٽائيءَ کانپوءِ ”شاندار عقل“ جو مظاهرو ڪري اهي آثار پٿرن سان سٿي ڇڏيا ۽ اسپر تيار ڪري قصو مختصر ڪري ڇڏيو. اخبارن ۽ محققن ڏاڍيون رڙيون واڪا ڪيا پر مُهين جو دڙو بچائڻ واري اٿارٽيءَ ظاهر ٿيل آثارن کي هٿ سان تباهه ڪري ڇڏيو.
مُهين جي دڙي کي سهڻو ميوزم آهي پر پتو پيو ته ايتري اينٽيڪوئٽي اڃا گدامن ۾ سڙي رهي آهي، جو جيڪڏهن اهڙا ٻه چار ٻيا ميوزم تيار ڪرڻا هجن ته ڪري سگهجن ٿا. اها اينٽيڪوئٽي سائنسي طريقن سان محفوظ نه ٿي آهي، بس ڳوڻين ۾ ڀري کڻي سٿي اٿائون.

مُهين جي دڙي جا ڪنڀار

مُهين جي دڙي جا ڪنڀار

ڇنڇر، 18_ نومبر 1989ع
نئون ڏينهن نئون پنڌ. اڄوڪي منزل سيوهڻ آهي. اڄ سڄو قافلو خشڪيءَ تي آهي. ضلعي انتظاميه ڪالهوڪي فائرنگ واري واقعي کانپوءَ ڏاڍي محتاط ٿي وئي آهي. اڄ ڪنهن به قيمت تي ٻيڙي درياهه ۾ لاهڻ جي موڪل نه ملي، البت ايترو ضرور ڪيائون ته پوليس اسڪواڊ گڏ ڏيئي بند وارو رستو وٺڻ جي اجازت ڏنائون، سو به وڏي منٿ ميڙ کان پوءِ. مورڙي کي به نوريءَ سان گڏ ڊاٽسن پڪ اپ ۾ سوار ڪيو ويو، اها گاڏي پڪو روڊ ڏيئي سيوهڻ طرف رواني ٿي وئي. اسان ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ کان ويهڙ لاءِ نڪتاسين.
ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي ڏاکڻئين ڇيڙي تي، ڪنڀرن جي آوي وٽ هڪ جهوني ڪنڀر ٿانءَ پئي ٺپيا. “هي ماڻهو ايڏيون وڏيون چاڏيون ٺاهيندا آهن جو ٻه ٻه ماڻهو ڏڌ ولوڙين!” انور پيرزادي خالد سمي کي جيپ جهلڻ جو اشارو ڏيئي چيو. قديم آوي وڏي دڙي جي صورت وٺي بيٺي هئي. نمن جي ڇانوَ هيٺ ڪشادو مَنَهن ۽ ان مَنَهن ۾ ڪنڀارڪي ڪرت، وڻن تان پکيئڙن جون ٻوليون. بي شڪ ڏاڍو سڪون ڏيندڙ ماحول آهي.
ڪنڀر جي هڪ هٿ ۾ ڦرهو آهي، ڪنڀر جي ٻئي هٿ ۾ ٺڪر جو اوزار آهي جيڪو آلي ٿانءُ جي اندر پيٽ ۾ ديوار کي سهارو ڏيئي ٿو، ٻيو هٿ ٺيڪ ساڳي جاءِ تي ڦرهي سان هلڪڙيون ٿڦڙون هڻي ٿو ۽ ٿانءُ هوريان هوريان شڪل وٺي ٿو. هڪ جهونو ڪنڀر چڪ تي ويهي نرم مٽيءَ مان ٿانءُ جيارڻ ۾ مصروف آهي. گپ جهڙي مِٽي چَڪَ ٿي ڦري ٿي، ڪنڀر آڱرين ۽ آڱوٺي جي چرپر سان مٽيءَ سان کيڏي ٿو، مٽيءَ ۾ ساهه پئجي وڃي ٿو ۽ اها جيئري شيءِ وانگر اُٿي بيهي ٿي.
”چاچا نالو ڇا اٿوَ؟“ انور هڪ جهونڙي ڪنڀر کان پڇيو.
”بَشڪل“ (چاچي جو اصل نالو بخشل آهي) اڪثر سنڌي ڳوٺاڻا اکرن ۽ اچارن کي اڳتي پوئتي استعمال ڪندا آهن مثال بندوق کي چون دنبوڪ، قفل کي چون قلف. مطلب کي چوندا مطبل. هر ٻوليءَ جو پنهنجو مزاج آهي.
”هتي جهوني ۾ جهونو ڪاريگر ڪير آهي؟“ انور ٻيو سوال ڪيو.
”جهونا پڇاڙي ۾ اسان آهيون“ چاچي بخشل جو مطلب هو ته هن جُوءِ ۾ کانئس جهونو ڪاريگر ٻيو ڪو به ڪونهي. ڪنڀرن جو هيءُ ڪٽنب گهٽ ۾ گهٽ ستن پيڙهين کان هتي آهي.
”ٻيو ڪير ڪم ڪري؟“
”ٻيا سڀئي ڇوڪرا ڪم ڪن، مصري، عزيزالله، حسن جا پٽ سڪندر ۽ ٻيا به گهڻا آهن.“ چاچي بخشل پنهنجي خاندان جي ڇوڪرن جا نالا کنيا.
”ڀلا ٿانوَ ڪهڙا ڪهڙا ٺاهيو؟“ اسان مٽيءَ جي ٿانون جا نالا مروج نالا معلوم ڪرڻ پئي گهريا.
”سڀ، دِلا، مَٽيون، چاڏيون، ڪُنا، پارا، تَيون، دانگيون، کمريون، لوٽيون، ڏيئا، ڏياٽيون ... گهڻيون شيون ٺاهيون!“ هو کوڙ نالا ڇڏي ويو.
”وڏي ۾ وڏي چاڏي ڪيڏي وڏي ٺاهيو؟“ انور سوال ڪيو.
”پنج ڇهه گهڙا کير جا پونس ... ڪچي ۾ ڪلهوڙا وٺن ٿا، انهن وٽ مينهون جام آهن ... “
”اها چاڏي گهڻي کپايو؟“
”چاليهه پنجاهه رپين ۾.“
”چڪ جي مختلف حصن کي ڇا چئو؟“
”چڪ جي مٿئين حصي کي چئون ٽوپي. هيءَ سرائي، هيءَ ڪانجڻ ۽ هيءَ کڏ جنهن ۾ چڪ بيهي ٿو، ۽ جنهن تي هيٺ پير رکون ان کي چئون ٿاڦو.“
”مٽي ڪيئن ٺاهيو؟“
”پهرين مٽي کڻي اچون، پوءِ سُڪائي ڪُٽيون، پوءِ ڇاڻيون ... سنهي جدا ڪري، ٿلهيءَ کي ڀڄائي پوءِ ان ۾ ڪُت ملائي پوءِ ڪَليندا آهيون. ڪلي، چاڻيون ٺاهي، پوءِ چڪ تي رکي لاهيندا آهيون. پوءِ اهي سڀاڻي تائين سُڪندا، پوءِ ٺپينداسون. آوي ۾ سورنهن پهر رکون. اٺ پهر آوي ٻرندي ۽ اٺ پهر ٺرندي ... “
” نِهائينءَ کان نينهن ، سِک منهنجا سُپرين
سڙي سارو ڏينهن ، ٻـاهـر ٻـاڦ نه نـڪري “
(رِپ)
”نِهائين کي ڪڍڻ لاءِ مٿان دانگيون ٺاهيندا آهيون ... اهي ڏيئي بند ڪندا آهيونس، وري مٿان ڍڪڻ ۽ ڍڪڻيون ڏيئي وٿيون صفا بند ڪندا آهيون. هيٺان ڀاڻ ڏيندا آهيون، مٿان وري ڪک وجهي ڊڀ يا ڇَهو يا پلال جو ڪُٽو ... پوءِ وري سنهي لِڏ يا ڀاڻ وجهي، سڄيءَ تي وڇائي، پوءِ وري خاڪ ڏيئي بند ڪندا آهيونس. ڏکڻ پاسي کان دري ڏيونس، پوءِ خير سان ٻري وڃي تيار ٿيندي.” جهوني سڀني سوالن جو جواب يڪو ڏيئي ڇڏيو.
”چاچا هيڏي محنت کان پوءِ به سهڻيءَ جو دِلو ڪچو ڇو نڪتو؟“ انور جهوني ڪنڀر کان ڀوڳ ۾ پڇيو.
”ڪنڀر جي غلطي نه هئي ... اها سهڻيءَ سان مائٽن ڪئي ... سهڻيءَ پڪو ٿي کنيو ۽ مائٽن پڪو کڻي ڪچو رکي ڇڏيو ... “ جهوني کان کِل ڇٽي وئي.
”چاچا ڌرتيءَ ۾ هر ڌاتو ڳريو وڃِي ... هي توهان جي ڀر ۾ مُهين جو دڙو بيٺو آ ... چار پنج هزار سال ٿيا آهن، ٽامو به ڳري ويو آهي، لوهه به ڳريو وڃي، ٺڪريون ڇو نٿيون ڳرن؟“ مون پڇيو.
”هائو! سٺي پڪل ٺڪري ڪونه ڳرندي، باقي ڪا گهٽ پڪل ٻاڙِي سر ڳري ويندي.“
مون کي ياد آهي ته هڪ ڪنڀار ان سوال جي جواب ۾ چيو هو، ”مِٽي پنهنجي ذات سڃاڻي ٿي ... مِٽيءَ کي ڪو نه کائيندي ... شناس جي ڳالهه آهي جيڪا ماڻهن ۾ ناهي بچي! ماڻهو ماڻهوءَ کي کايو وڃن ... مِٽيءَ مٽيءَ کي ڪو نه کائيندي!“
هيءُ ڪنڀر، ٽيهن چاليهن ڀانڊن جي مٽي ٻن پهرن ۾ تيار ڪيو وٺن. ان کانپوءِ هڪ همراهه چاڻيون ٺاهي ويندو ۽ ٻيو چڪ تي ويهي ڀانڊا ٺاهي لاهيندو ويندو، ڀانڊا به ٻن پهرن ۾ ٺهيو وڃن، پوءِ ٻي ڏينهن تي ٺپڻ لاءِ رکيو ڇڏين. ٺڪر جو رنگ جبل جي کاڻ مان نڪري ٿو، ڪاري رنگ جي پٿر جا ڳوڙها ۽ ڳنڍا ٿين جيڪي باڊهه ۽ ڏوڪريءَ جي بازار مان ٻارهن کان چوڏهن رپيا سير ملي ٿو. رنگ ٺاهڻ لاءِ ان معدنيات کي ڪُٽبو ناهي پر ڪنڀار ان کي مهٽيندا آهن. پهرين ڳاڙهو رنگ ڏيئي پوءِ ڪاري رنگ مان چِٽ ڪڍن. چِٽ ڪڍڻ ۽ رنگ ڏيڻ جي اوزار کي ’تورو‘ سڏين. جبل مان رنگ جا ڳنڍا بروهي کڻي ايندا آهن، هنن ڪنڀرن کي اها خبر نه هئي ته رنگ جون کاڻيون ڪٿي آهن.
جهونو بخشل ڪنڀار 1926ع واري کوٽائي وقت مُهين جي دڙي تي مزوري ڪندو هو. هن ٻڌايو ته، ”نڍڙيون ننڍڙيون ڪُپڙيون لهندا هئاسون، انهن تي ڪاشيءَ جو ڪم ... رنگ ڏنل هوندو هو.“ جڏهن اسان هن کان اهو پڇيو ته ڇا مُهين جي دڙي مان لڀجندڙ ٺڪرين ۽ اڄوڪين ٺڪرين ۾ ڪو فرق آهي؟ ته هن چيو، ”ها سائين ها! ... اهو نمونو ئي ٻيو هو ... اسان جو ڪم وري ٻيو آ ... اهي ٿانءَ ته ٺڪر جا هئا پر الائي ڪهڙي نموني جا ٺهيل هئا ... انهن جي مٽي ته واقعي سٺي ڳوهيل هئي پر ٿانون جا نمونا ٻيا هئا ... ٿانءَ پچائڻ جو نمونو اِهو ئي هئن جيڪو اسان جو آ ... مُهين جي دڙي مان ههڙا (هاڻوڪن جهڙا) ٿانءَ ته نڪتا ئي ڪو نه ... اهي وڏا مَٽ ٺاهيندا هئا، توهان ته پڪ سان ڏٺا هوندا ... رانديڪا ٺاهيندا هئا ... اسان رانديڪا به ڪو نه ٺاهيون ... مُهين جي دڙي جا وڏا مٽ پاڻيءَ جا ٿانءَ هئا، هاڻي ته اهي به ڪونه ٺهن.“

ويهڙ ڏانهن

ويهڙ ڏانهن

ڪنڀرن جي آويءَ لڳ، بند تي رينجرز جي چوڪي ٺهيل آهي، جيڪا گذريل پنجن سالن کان مصروف آهي پر ڌاڙيلن جون سرگرميون ڏينهون ڏينهن وڌ کان وڌ آهي. ضلعي انتظاميه اسان کي جنهن پوليس اسڪواڊ جي حفاظت ۾ ڏنو آهي، سا ڏاڍي پريشان ٿي لڳي. سپاهي بندوقن ۽ گولين سان سٿيل آهن، پوليس گاڏيءَ مٿان مشين گن نصب ٿيل آهي، اسڪواڊ جو ليڊر هر ڏهن پندرهن منٽن کانپوءِ وائرليس تي هيڊڪوارٽر وارن کي پنهنجي پوزيشن ٻڌائي ٿو.
هڪ ڳوٺاڻي، پوليس اسڪواڊ گڏ ڏسي اطمينان ظاهر ڪيو پر ٻئي چيو، “خدانخواخسته ڌاڙيل منهن پئجي ويا ته سڀئي سپاهي ڀڄي جند ڇڏائيندا ... ڀلي وڃو! الله چڱي ڪندو پر انهن جي آسري ۾ نه رهجو!“
اڄڪلهه هتي پنجاب رينجرز جي ڊيوٽي آهي. سندن مورچا به لڳل آهن. انور ٻڌائي ٿو ته، ڪنهن وقت ۾ هتي تمام گهڻي فورس رهي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن صفا نه هوندي آهي. هن هنڌ چوڪي هڻڻ جو مقصد اهو آهي ته هن پتڻ تان ٻيڙين رستي درياهه پار اچ وڃ ٿيندي آهي. ڌاڙيل ويس مٽائي ايندا ويندا آهن يا وري انهن جا مخبر ۽ ڪوريئر هتان لنگهي کين خبرون ۽ سامان پهچائيندا آهن. چوڪيءَ وٽ آبپاشي کاتي وارن جي عمارت آهي، جنهن ۾ کاتي جو ٽيليفون آپريٽر رهندو آهي.
ايل. ايس. بند (لاڙڪاڻو - سيوهڻ بند) ٻڌجڻ کان پوءِ درياهه جڪڙجي ويو آهي. مقامي ماڻهو ٻڌائن ٿا ته، اوڀر ۾ ٻه بند ٻيا به هئا جن کي درياهه پائي چڪو آهي. سپاهي ڪجهه وڌيڪ پريشان ٿا نظر اچن. کين اها ڳالهه بنهه نٿي وڻي ته اسان هنڌ هنڌ بيهي هر هڪ ماڻهوءَ سان ڪچهري ڪرڻ لڳون ٿا. سندن مرضي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ريت اسان کي پنهنجي حد مان ٽپائي دادو پوليس جي حوالي ڪري موٽي وڃن. انور چوي ٿو، ”سپاهي وڏي ٽارچر ۾ آهن، هڪ ته ڊيوٽي ٻيلي ۾ لڳي اٿن ٻيو وري اسان جي حفاظت پيا ڪن. اڪثر سپاهي اسان کي سڃاڻن ٿا ته اسان ڪير آهيون. صحافي ۽ پوليس پاڻ ۾ هونئن ئي ڪو نه ٺهن! کين خبر آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان کي ٻَڌڻو اٿن!“ هن علائقي ۾ انور پيرزادو اسان جو گائيڊ آهي، سندس تَر جو آهي. انور هونئن ته قلم جي دنيا جو وڏو ڌاڙيل آهي پر جڏهن ٻُٽَ ٻڌندو آهي تڏهن سچ پچ ڌاڙيل لڳندو آهي. انور ٻڌائي ٿو ته هتي ٻه ٽي پيرزادا به ڌاڙيل ٿيا آهن. ڪريم ميمڻ چوي ٿو، ”اها قيامت جي نشاني!“

مهاڻا درياهه تان لڏي ويا

مهاڻا درياهه تان لڏي ويا

ٻلهڙيجيءَ لڳ ٽي سال اڳ سنڌوءَ تي مهاڻن جو ترندڙ ڳوٺ هو. اها 1986ع جي ڳالهه آهي، جڏهن فوجين مهاڻن جو ڳوٺ ڦٽائي ڇڏيو. هتي مهاڻن جون 75 ٻيڙيون هيون جن تي مهاڻن جا گهر گهاٽ هئا. فوجي آپريشن شروع ٿيو ته درياهه ٽپڻ تي بندش پئجي وئي. ٻيڙين جا ونجهه ۽ چَپو ضبط ڪري ٿاڻي ۾ يا فوجي ڪئمپ ۾ رکيا ويا ته جيئن ٻيڙيون نه هلي سگهن. سرڪاري ايجنسين اسپر نمبر: 2 وٽ سڀ ٻيڙيون جمع ڪري بيهاري ڇڏيون. مهاڻن وڏي واويلا ڪئي پر وريو ڪي به ڪين. گذريل سال (1988ع) ۾ وڏي ٻوڏ آئي ته مهاڻن جون 52 ٻيڙيون تباهه ٿي ويون پر کين ڪو به معاوضو نه مليو.
مهاڻن مجبور ٿي درياهه ڇڏيو. وَنجهه ڦُرجي چڪا هئا، ٻيڙيون ضبط ٿي ويون هيون، هاڻي درياهه تان تڙجڻ کان سواءِ ٻي واٽ نه هئي. مهاڻن پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي کنيا ۽ اسٽوپا کان اوڀر ڏکڻ ۾، ٻيلي جي چوڪڙي نمبر: 4 جي 29 - ايڪڙن تي ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيا. ڳوٺ جو نالو ساڳيو رکيائون ”درياهه آباد“. هن وقت ڳوٺ ۾ 135 گهر آهن. مهاڻن جا هتي ٻه پاڙا آهن، هڪڙا سيال ٻيا رند ٻروچ جن جو اصل ڳوٺ منڇر ڍنڍ آهي، چون ٿا ته ٻروچن جا ٻه نينگرملاحن پاليا هئا، هيءَ انهن جو اولاد آهن.

ميان گاجي ديرو

ميان گاجي ديرو
مهين جي دڙي کان ڪاراڻي ۽ ويهڙ واري واٽ تي مشڪل سان ڇهه ست ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ ميان گاجي يا گاجي ديرو پوي ٿو. هي تعلقو ڏوڪري ۽ ديهه ڪاراڻيءَ ۾ درياهه جي ڪپ تي آهي. هتي ميان گاجيءَ جي مزار ۽ ان مٿان کُليل چمنيءَ جهڙو گنبذي بندو بست آهي. عمارت ڪافي پراڻي ۽ شڪل ۾ هم چورس ڪمري تي مشتمل آهي. ان جي ٻاهرين ماپ 16x16 ۽ اندرين ماپ 12x12 آهي. چوڪنڊي ڪمري تي، درين کان مٿي گولائيءَ ۾ 68 بار ڏيئي گنبذ نما مخروطي شڪل ڏني وئي آهي، پر ان جو ڍڪ يا ڇت ڪونه آهي. وچ ۾ ٻه اڍائي فٽ گول کليل آهي، چون ٿا ته ڪيڏو به مينهن پوي ان مان مينهن جي ڦُڙي به اندر نه ٿي اچي.
ميان گاجي ڪلهوڙن جي دور جو فقير آهي. ان سان منسوب قصو ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ نادر شاهه جي ڪاهه (1737ع) واري وقت جو آهي. مشهور آهي ته جڏهن نادر شاهه جي فوج هتان لنگهي ميان گاجيءَ ان کي گهوڙن تان لهڻ نه ڏنو پر سڄي لشڪر کي گهوڙي تي ويٺي ئي هٿ جي تريءَ تي ماني ۽ دال جي ڏوئي وجهي اڳتي روانو ڪيائين. نادر شاهه کيس انعام ۾ ٽي ديهون لکي ڏنيون پر ميان نور احمد تي ڪاوڙيل رهيو.

وِيهڙ

وِيهڙ

پوليس اسڪواڊ سان گڏ اسان جي جيپ وِيهڙ لڳ، وِيهڙ بند تي بيٺي ته ڪي ماڻهو چپ چاپ کسڪي ويا. ڪن ماڻهن اکيون ٽيڏيون ڪري ڏٺو، ڪن وڌي اچي هٿ ملايو. ماڻهن جي چهري تي ڪيڏي به ظاهري مرڪ هجي هر ڪنهن جي دل بيزار ٿي ڏٺي.
”ابا خير آ نه ... ؟“ هڪ ڪروڙڍ همراهه صوبيدار کي هٿ ڏيئي پڇيو.
”هائو! سرڪاري مهمان آهن ڊيوٽي لڳي اٿئون ... هتي ته سڀ خير آ نه؟“
”سڀ خير آ صاحب! هتي ڪا پهر ناهي!“ پهر مان مراد هئي ”ڌاڙيل“. هيءُ ماڻهو شايد پوليس جو مخبر هو. ”پهر هوندي ته به ڪو بيهندي! توهان جي جيپ اڃا دڙي (مُهين جي دڙي) تان بند تي مس چڙهي هوندي ته، همراهه وڃي ٻئي ملڪ کان نڪتا هوندا ... ٻيو!“
وِيهڙ وڏو ڳوٺ آهي. چار پنج سؤ گهر ٿيندا. هتي جوڻيجا ۽ پيرزادا ڪافي آهن. ماڻهو ٻڌائين ٿا ته، وِيهڙ شهر کي ٻه ڀيرا درياهه پائي چڪو آهي. هيءُ ٽيون ڀيرو قائم ٿيل آبادي آهي. شهر ۾ 32-1930ع جون عمارتون به آهن. اسان کي حيرت لڳي جو هتي ’مهاجر‘ به ويٺا آهن. ٻن مهاجرن ٻڌايو ته، هتي مهاجرن جا چاليهه پنجاهه گهر آهن. اهي 1947ع ۾ دهليءَ کان آيا هئا نسلي لحاظ کان راجپوت آهن. انهن جا ڪافي نوجوان حيدرآباد ۽ ڪوٽڙيءَ جي صنعتي علائقي ۾ ڪم ڪن ٿا. ڪراچي ان ڪري نٿا وڃن جو ڪوٽڙي ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ ويجهي آهي ۽ اِتي کين نوڪريون ملي ٿيون وڃن. پوڙها مهاجر وِيهڙ ۾ ڀاڄيون وڪڻي گذارو ڪن ٿا. هو هتي ڇو اچي ويٺا؟ هڪ پوڙهي مهاجر ٻڌايو، ”ڪِليم جون زمينون هتي مليون، ان ڪري!“ شهر ۾ ٻن چئن پڪين عمارتن مان ڪجهه کين به ڪِليم ۾ مليون.
هن علائقي جي لحاظ کان ڳوٺ بهتر حالت ۾ آهي. پنج ڇهه سال اڳ هتي بجلي به آئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڌاڙيلن ۽ ذاتي دشمنين سبب چڱا خاصا ماڻهو هتان لڏي ويا آهن ۽ جنهن کي جنهن شهر ۾ موقعو مليو آهي اتي وڃي روزگار ڳوليو اٿس. مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته وِيهڙ جو نالو هڪ هندو ويڙهو مل جي پٺيان پيو آهي. هتي انهن ماڻهن جو به چڱو تعداد آهي جيڪي سُئي پتڻ تان لڏي هتي اچي ويٺا آهن.
هڪ جهوني ٻڌايو ته، هيءُ بنيادي طور تي هندن جو شهر هو. هتي وڏو بندر هو، هتان جون وڏيون ۽ پڪيون عمارتون به هندن جوڙايون. هن بندر تان ساريون ۽ ٻيو مال ٻيڙين ذريعي سکر کان حيدرآباد تائين ويندو هو. جهوني چيو، ”بس ابا ڇا ٻڌايانءِ! 1955ع ڌاري ڪراچي بندر تي ايترو مزو نه ايندو هو جيترو هن بندر تي هو ... هتي آڳبوٽ هلندا هئا ... هتي پلو ماريندا هئا ... مڇي ماريندا هئا ... بس پوءِ ملڪ ڦِٽندو ويو. هر شيءِ بدلجي وئي. هندو لڏي ويا، مهاجر اچي ويا ... “
ملڪ جي سياسي ڇڪتاڻ جو اثر هن خاموش ٻهراڙيءَ ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌين کي شڪ آهي ته مهاجر ماڻهو فوجين کي ڪوڙيون سچيون ڳالهيون چئي چغلي هڻي، سنڌين جي گهرن تي ڇاپا هڻائين ٿا. فوجي سندن چوڻ ۾ اچي ڇاپا هڻن ٿا، جنهن ڪري شريف ماڻهن جي ڏاڍي بي عزتي پئي ٿئي. ٻئي طرف مهاجر سنڌين کان گهڻو هيسيل آهن، سندن چوڻ آهي ته، هنن وٽ ڌاڙيل اچن ٿا ۽ ماڻهو کين ڌاڙيلن کان کڻائڻ ۽ مارائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. مان حيران آهيان ته چاليهن سالن جي عرصي کانپوءِ به ويڇا موجود آهن. شايد ان ڪري ته اتهاس ۾ چاليهه سال ڪو وڏو عرصو ناهي ۽ ٻيو اهو ته ايم ڪيو ايم نالي ٺهيل تنظيم ’مهاجريت‘ کي هوا ڏيئي، عام سنڌين ۽ مهاجرن جو سُک ڦِٽائي ڇڏيو آهي. تنظيم جا چڱا مڙس ته پنهنجي سياست پيا چمڪائن پر نفرت ۽ بداعتماديءَ جي باهه سڄي سنڌ کي الائي ڪٿي وڃي پهچايو آهي.
ويهڙ جو مُکي اڄڪلهه باڊهه شهر ۾ رهي ٿو، سندس جايون ٻين کي الاٽ ٿي ويون آهن. هن ڪافي ڪيس ڪيا پر جايون موٽي نه مليس. هو هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن ويهڙ ويندو آهي ۽ پنهنجيون جايون ٻين جي قبضي ۾ ڏسي ٿڌا شوڪارا ڀري موٽي ويندو آهي. هتي سندس زمينون به آهن. ويهڙ ۾ هندن جو هڪ ٽِڪاڻو هوندو هو پر هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.
ٽي سال اڳ هي شهر ٽن مهينن لاءِ بالڪل خالي ٿي ويو هو. فوجين وڏو آپريشن ڪيو هو. عام ماڻهو غريب آهن. شهر ۾ فقط ڀاڄيون وڪامجن ٿيون. گوشت جو هڪ به دڪان ناهي. ڪو مهمان اچي نڪري ته، ماڻهو ڪڪڙ حلال ڪن. ويهڙ جي هيسل ماڻهن کي ڳڻتين ۾ ڇڏي، اسان ٻيهر درياهي بند جي ٽاپ ورتي. خدا ڄاڻي ڪٿان هڪ ڪتو نڪتو، پهرين هلندڙ جيپ تي ڀونڪيو، پوءِ اُلر ڪري ڊوڙي اچي ٽائر ۾ چڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪيائين. پتو تڏهن پيو جو بولاٽيون کائي وڃي پري پيو. خبر ناهي ته مئو يا بچيو. پٺيان سڄو بند جيپ جي اٿاريل ڌوڙ ۾ ڍڪيل هو.
ويهڙ جي ڀڙڀانگيءَ سڀنيءَ کي ڏکوئي وڌو هو. انور پيرزادي کي وري ڀٽائيءَ جو هڪ بيت ياد آيو،
اڏي اڏي اوڏ، لڏي ويا ڀيڻيون
ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پَٽ تي.
اڍائي لڳي ڌاري قافلو راڌڻ شهر ٽپي، ٿرڙي محبت ڳوٺ وٽان اڳتي وڌي ويو. هتي ڪنهن به ڪلو ميٽر اسٽون کي پڙهڻ جي ڪوشش اجائي آهي. هڪ ته هاءِ وي ڊپارٽمنٽ وارا اها تڪليف گهٽ ڪن، مٿان وري سم ۽ ڪلر چڙهڻ ڪري انهن تي لکيل فاصلا ڊهي چڪا هوندا آهن. چؤطرف سم ئي سم ۽ ڪلر آهي. پاڻيءَ جي دٻن تي پاڻيءَ جا پکي آهن جيڪي دٻن مان ننڍيون ننڍيون مڇيون جهلڻ لاءِ لامارا ۽ گهتون هڻندا نظر اچن ٿا. ڪي مڇيون جهلڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته ڪي ناڪام. ناڪام ٿيل شڪاري پکي همٿ نٿو هاري ۽ دٻن جي ڀر ۾ ئي ڪنهن وڻ جي ٽاري يا بجليءَ جي تار تي تاڙ ۾ ويهي رهي ٿو.
ٽين لڳي ڌاري قافلو ميهڙ وٽان انڊس هاءِ وي تي چڙهيو. سامهون هڪ ڀت تي پوسٽر لڳل آهي، ”جو کيڙي سو کائي!“ اهو پوسٽر تازو ئي ٿيل هڪ وڏي هاري ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپايو ويو هو، جيڪا سنڌ جي ڪافي هاري تنظيمن گڏجي ڪوٺائي هئي. سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي شايد اها به وڏي ڪاميابي آهي جو گڏجي ڪم ڪرڻ جي ”ڪوشش“ ڪن ٿا، ناڪام ئي سهي! سنڌ جي سڀني سياسي ڌرين تي اها تنقيد آهي ته اهي عوام جي شديد دٻاءَ ۽ مطالبن جي باوجود سياسي حڪمت عمليون نٿيون جوڙين ۽ هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ ۾ مصروف رهن ٿيون.
ميهڙ مان لنگهندي اسان کي 1983ع ۽ 1986ع واريون ايم آر ڊي تحريڪون ياد اچن ٿيون. انهن تحريڪن جي دوران ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄڻ جوالا مکي ڦاٽي پيو هو. هتان لنگهندي احساس ٿئي ٿو ته فوج ڪيڏي نه وڏي قوت آهي، جيڪا سياسي مقصدن ۾ ڦاسائي وئي هئي. سچ پچ ته ڌرتيءَ تي فقط ٻه ئي قوتون آهن: عوام جو فيصلو ۽ هٿيار. پر اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو ايم آر ڊي واري هلچل دوران ۽ پوءِ به ميهڙ ۽ دادو پوليس کي سرڪاري حڪم ملندو رهيو آهي ته هٿيار جمع ڪرايو! ائين شايد ڪنهن به ٻئي ضلعي جي تاريخ ۾ نه ٿيو آهي.

اولهه وارا پراسرار جبل

اولهه وارا پراسرار جبل

ويهڙ کان نڪري، پوليس جي حفاظت ۾ اسان ميهڙ وٽان انڊس هاءِ وي تي چڙهياسون. کيرٿر جبل، هتان ٽيهارو کن ميل پري آهي. کيرٿر بلوچستان جي خضدار واري علائقي مان شروع ٿئي ٿو ۽ آسمان سان گسندو ڏکڻ ۾ ڪرچات وٽ ختم ٿئي ٿو. هيءَ سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ قدرتي سرحد آهي جنهن مان ڪي ٿوريون گذرگاهون ٻنهي تاريخي خطن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون. هن جبل جي ونگو لڪ، ميان گُنڊ، تشانگي، ڪتي جي قبر، ڏاڙهياري جبل، ڪچرڪ هرباب، ڏمرو، هراڙ، گاج، گورک ۽ چنگڻ وارن حصن مان عجيب غريب قصا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. مثال طور غيبي ديري کان اولهه ۾ غارن جو ڪو سلسلو آهي. هڪ هنڌ جبل ۾ مٿي ڪا ديڳ ٽنگيل آهي، جيڪا هيٺان نظر اچي ٿي پر مٿي پهچڻ سان نظر نٿي اچي. هڪ هنڌ وفادار ڪتي جي قبر آهي، ڪنهن هنڌ جبل جي چوٽيءَ تي (6000 فٽ مٿي) بندي جي قبر به آهي. افسوس جو اهي علائقا اڄوڪي دور ۾ ڌاڙيلن جي آزار سبب ڏسي نٿا سگهجن. اهي جبل، انهن ۾ غار، ڏرون، واديون ۽ ڪنڀ ڌاڙيلن جو پناهه گاهون آهن. پوليس وارا به خوف کان ڪنبن ٿا. انهن قصن، ڪهاڻين، ڌاڙيلن ۽ جابلو ماڻهن جبل کي ڏاڍو پراسرار ڪري ڇڏيو آهي. ميهڙ جي ڊاڪٽر مگسيءَ جيڪو کيرٿر ۾ گورک چوٽيءَ تي تفريحي ماڳ لاءِ ڊوڙ ڊڪ ڪندي نٿو ٿڪجي، کي هڪ پيرسن اهو به ٻڌايو آهي ته اتي هڪ هنڌ وڏو خزانو لڪل آهي. هو ان خزاني جا پار پتا ۽ ڪجهه تفصيل ڏئي ٿو. پر سندس چوڻ آهي ته هو فقط سرڪار جي مدد ڪندو ته جيئن قديم خزانو سرڪار جي خزاني ۾ شامل ٿئي!

لڪل خزاني جي واٽ

لڪل خزاني جي واٽ

خزاني بابت ڪا سڌ رکڻ جي دعويٰ 82 سالن جو ٻڍڙو دلدار شاهاڻي ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته، ”هڪ غار مان ٺڪر جو هڪ ماٽو مليو آهي، جنهن ۾ محمد بن قاسم جي صحيح هئي ... صحيح هڪ اهڙي دستاويز تي هئي جنهن ۾ هڪ خزاني جو ذڪر آهي ۽ ان ماڳ جو ڏس پتو ڏنل آهي، جتي اهو خزانو لڪل آهي.“ دلدار شاهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته، ان دولت جي ڪٿ تڏهوڪن اَٺن رپين جي حساب سان ڪيل آهي، جنهن جو اڄوڪي زماني ۾ ملهه ڪيئي ڪروڙ آهي. شاهاڻيءَ جي دعويٰ آهي ته هن، ان قديم سند (دستاويز) جا نشان سمجهيا آهن ۽ اهي پار پتا ڪـرُو جبل جا آهن، جڏهن ته خزاني واري غار گري جبل ۾ آهي. هوڏانهن گري جبل جي نالي سان لڳاتار ٽي جبل آهن. شاهاڻيءَ خوب چڪر ڏنا آهن ڪَـرُو جبل ڪتي جي قبر کان اولهه ۾ بلوچستان ۾ آهي. گُرو جبل ڦوسي لڪ وٽ آهي، گَرو لڪ ٽنڊي رحيم کي ويجهو آهي، گُرِي جبل ڀِتِ جبل کان اولهه ۾ آهي. سڄو کيرٿر ته گهمائي ڇڏيائين، پوءِ به چوي ٿو ته ڏس پتا پڪا آهن.
گَري (ڪَرو، گُرو يا گُرِي) جبل ۾ ڪروڙن جو خزانو آهي يا ناهي؟ اهو هڪ دلچسپ سوال آهي. جيتوڻيڪ دعويٰ وسهڻ کان مٿي آهي، تڏهن به رڪارڊ تي اچڻ ضروري آهي، ڀلي ان بهاني ڪي مهم جُو کيرٿر گهمي اچن. خزانو ڳولڻ ۾ هروڀرو ڪا اربع خطا ناهي. دلدار شاهاڻيءَ قديم دستاويز موجب خزاني واري غار ويجهو جيڪي نشانيون ڳولي لڌيون آهن انهن جو تفصيل اجهو هن ريت آهي:
1- غار جو منهن اڇن پٿرن سان ڍڪيل آهي. 2- غار جي مٿان زمين جو ٽڪرو ڳاڙهو آهي. 3- اُتي ميوي دار وڻ آهن. 4- هڪ اهڙو اڇو پٿر آهي جيڪو عورت جي پستان جهڙو آهي. اهو پٿر هڪ ڇپ تي نمايا نظر اچي ٿو. 5- جبل ۾ هڪ هنڌ مصلي جهڙو نشان آهي، جيڪو اڌ ميل تان ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر ويجهو اچڻ سان گم ٿيو وڃي. 6-اتي يارهن فوٽ ڊگهي هڪ قبر آهي. جڏهن قبر جي کوٽائي ڪئي وئي ته هڪ کوهه نڪتو. 7- واٽ تي بادامي رنگ جو هڪ اهڙو پٿر ملي ٿو جيڪو ٻيڙيءَ جهڙو آهي. 8- ان ٻيڙيءَ جي مٿان اولهه طرف جبل ۾ ٽيهه پنجٽيهه فوٽ هڪ غار آهي. غار ۾ لوهي ڪِليون لڳل آهن ته جيئن ماڻهو ان ۾ آسانيءَ سان اندر وڃي سگهي، پر اڄ تائين ڪو به ماڻهو ان ۾ اندر نه ويو آهي. 9- جبل ۾ صاف ٿيل هڪ جاءِ تي ڇيڻيءَ سان پٿر ٽُڪي ڪي اکر لکيا ويا آهن، پر ٻولي سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ 10- هتي مارنگ آهن هر هڪ بادامي رنگ جو ۽ ڏهن ڏهن فوٽن جو آهي. شڪل ۾ هڪ جهڙا، هڪ جيترا ۽ مستطيل آهن، وزن به هڪ جيترو اٿن. اهي زمين ۾ اُڀا کتل آهن.
شاهاڻيءَ جو چوڻ آهي ته، خزانو ڪِلين واري غار ۾ ناهي. پر اتي ئي ڪٿي هڪ غار ۾ آهي جنهن جو منهن اڇن پٿرن سان بند ٿيل آهي. هي سڀ وصفون ڪن آرڪيالاجيڪل ماڳن جون آهن ۽ ڪافي دلچسپ آهن.

دانا ٽاورز

دانا ٽاورز

The Land of the Five Rivers and Sindh جو ليکڪ ڊيوڊ روز David Ross 1883ع ۾ ڏاڙهياري جبل جا ڪجهه تفصيل ڏيڻ کان پوءِ ”دانا ٽاورز“ ((Dana Towers جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي 4500 فوٽن جي بلنديءَ تي آهن. هتي پاڻي ۽ وڻڪار جي کوٽ سبب صحت بخش ماڳ ٺهي نه سگهيو. ليکڪ موجب دانا ٽاورز ۽ هڪ ٻئي وڏي کنڊر بابت سمجهيو وڃي ٿو ته اهو ديون جهڙي نسل جي ماڻهن جو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته انهن اڏاوتن ۾ وڏا پٿر استعمال ٿيا آهن، جيڪي انسان جي قوت کان مٿي آهن. ليکڪ جو خيال آهي ته اهي آثار، تمام قديم وقتن جا آهن جن جا اڏيندڙ گهڻو اڳ پنهنجو ڏس پتو ڇڏڻ کان سواءِ خبر ناهي ڪيڏانهن هليا ويا.

The Danna Towers are situated upon the same range of mountains at an elevation of 4,500 feet. From Danna towers an absence of a sufficient supply of water, and the want of vegetation, these hills can never become sanitaria like those in the Himalayas.

The Danna Towers and other titanic ruins are popularly believed to be the work of some giant race; herculean power was certainly required to put the huge boulders into position. They are the unknown and imperishable memorials of an age and race long passed away, leaving no record. (David Ross)

چَئي نٿو سگهجي ته اِهي ”دانا ٽاورز“ ڪهڙا آهن؟ البت خيرپور ناٿن شاهه کان اولهه طرف چاليهه پنجيتاليهه ميل پنڌ تي، نئه مکي ذريعي ڪچرڪ ڏانهن ويندي هراڙ ماٿري ۽ ڏمري لڪ وٽ ميرن سان منسوب ڪجهه ٺُلهه يا گول مورچا ۽ هڪ ڦٽل قلعي جا نشان آهن. ڏمرو لڪ 4300 فوٽ بلند آهي. چون ٿا ته اهي فوجي چوڪين طور ٺهيل ٺلهه ڪافي ڪشادا آهن. سنڌ ايڪسپلوريشن ايڪسپيڊيشن سوسائٽي انهن قديم مورچن جو معائنو ڪرڻ گهري ٿي، مناسب وقت جو انتظار آهي. (ٽيم 1990 ڌاري اها مهم به سر ڪئي ۽ ان اندازي تي پهتي تي ڏمري لڪ ۽ هراڙ وارا آثار گهڻا قديم ناهن. اهي مورچا لڳ ڀڳ رني ڪوٽ واري اڏاوت جهڙا آهن جن جي آخري مرمت ٽالپرن ڪرائي هئي. ممڪن آهي ته اهي ڪلهوڙن جي وقت ۾ خاص ڪري ميان نصير جي وقت ۾ ٺهيا هجن. جنهن واهي پانڌي ويجهو نئه نري ۾ به هڪ قلعو ’ميان جو ڪوٽ‘ اڏايو هو).

کيرٿر جو ن چوٽيون

کيرٿر جو ن چوٽيون

رامائڻ ۾ چيل آهي ته، سنڌو ديش هڪ سؤ چوٽين وارو ملڪ آهي. جنهن مهل وانرن (ڀولڙن) جي راجا سگريو، وزيرن هنومان ۽ ٻڌيمان (ذهين) رڇ جامنت وانرن جا جٿا سيتا کي ڳولڻ لاءِ سڄي اپکنڊ پئي اماڻيا، تڏهن هنن خاص خاص علائقن جا ڏس پتا به کين سمجهايا پئي. هڪ جٿو سنڌ ڏانهن به موڪليو ويو. کين ٻڌايو ويو ته هتان اتر اولهه طرف پري هڪ ملڪ آهي، جنهن جو نالو سنڌو ديش آهي، جتي جبلن جون هڪ سؤ چوٽيون آهن. قديم حوالن ۾ اهو شايد واحد حوالو آهي، جنهن ۾ سنڌ کي جبلن وارو علائقو سڏيو ويو آهي. هاڻوڪي سنڌ ۾ جبل جون اهڙيون هڪ سؤ چوٽيون نظرنه ٿيون اچن، جن جي شهرت ڏکڻ هندستان تائين هجي، تنهن ڪري خيال اچي ٿو ته تڏهوڪي سنڌ جي حدن ۾ هاڻوڪو بلوچستان ۽ ان جو سليمان جبل به شامل هوندا.
بهرحال، اڄوڪي سنڌ جي حدن ۾ به جبل جون ڪي اوچيون چوٽيون موجود آهن، جن جي اوچائي ڪوهه مري توڙي ڪوئٽا کان مٿي آهي. ڪوهه مري 7,517 فوٽ مٿي آهي ۽ ڪوئٽا جي اوچائي 5510 فوٽ آهي. جڏهن ته سنڌ جي لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ کيرٿر جبل جون ڪي چوٽيون هن ريت آهن:

چوٽيءَ جو نالو
ڪتي جي قبر
کهر جي جوڙي
بارغ
پر پکي
ڀنڊو ۽ سالارني
ڪچرڪ
گورک فوٽ
6,808 6500
7065
6600
6000
5383
5,653 جاگرافيائي هنڌ
وارهه کان اولهه ۾
ميهڙ کان اتر اولهه ۾
ميهڙ کان اولهه طرف
خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ کان اولهه طرف
خيرپور ناٿن شاهه جي سامهون
خانپور جي سامهون
ڪَڪَڙ ۽ جوهيءَ جي سامهون

مخدوم بلاول

مخدوم بلاول

دادوءَ کان اتر طرف، جيپ رستي وڌ ۾ وڌ 10-15 منٽن جي پنڌ تي، مخدوم بلاول جي آخري آرام گاهه آهي. درگاهه تائين پهچڻ لاءِ، انڊس هاءِ وي کان اولهه طرف هڪ فرلانگ ٻيو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ جي تاريخ جي وڏن صوفي سورمن مان هڪ مخدوم بلاول بن ڄام حسن سمو بن مخدوم ادريس اڄوڪي دور جي سنڌي شاعريءَ جو ڪردار بڻجي ويو آهي. چون ٿا ته مخدوم صاحب جا ست مکيه ساٿي يا خليفا هئا، جيڪي پاڻ کي بلاولي سڏائيندا هئا. مخدوم بلاول جي ڏينهن ۾ ماڻڪتارو زندهه شهر هو. مخدوم صاحب جو اوڏانهن ۽ پاٽ ڏانهن مخدوم حاجي اسماعيل وٽ وڃڻ ٿيندو هو. مخدوم دانيال جنهن جو مقبرو مخدوم بلاول جي درگاهه جي ويجهو ئي آهي سندن دوست هو، مخدوم دانيال جي ئي چوڻ تي مخدوم بلاول ٽَلٽيءَ مان لڏي باغابان اچي ويٺو.
مخدوم بلاول جي شهادت 26 نومبر 1522ع (پهرين محرم 929 هجري) تي ٿي. جڏهن ته سندن پيدائش جي تاريخ 1451ع (856 هجري) چئي وڃي ٿي. قاضي مشتاق متعلوي جي شجري موجب مخدوم بلاول سمون شاهي خاندان مان هو. سندس ڏاڏو مخدوم ادريس سمون سمي سلطان ڄام نظام الدين (وفات : 1508ع) جو ڀاءُ هو. مخدوم ادريس پنهنجي فقيري طبيعت سبب ٺٽو ڇڏي ٽَلٽيءَ ۾ آباد ٿيو هو.
ان وقت سنڌ قنڌار جي امير الزنون ۽ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون جي اکين ۾ هئي، ڇاڪاڻ ته بابر قنڌار تي اکيون ڄمائي بيٺو هو. جيستائين ڄام نظام الدين زندهه هو قنڌار جو حاڪم شاهه بيگ، سنڌ تي قبضو ڪري نه سگهيو. ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز، سنڌ جو حاڪم ٿيو ته دولهه درياهه خان جي سياسي مخالفن ڄام فيروز جا ڪن ڀريا. دولهه درياهه خان ڄام نظام الدين جو سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو ماڻهو هو. درياهه خان خلاف سياسي مخالفن ايتري باهه ٻاري جو ڄام فيروز، درياهه خان کان هر قيمت تي جان ڇڏائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ اندروني سياسي مخالفتن سبب انتشار جو شڪار ٿي وئي. ائين لڳي ٿو ته درياهه خان جا مخالف، شاهه بيگ ارغون سان ٺهيل هئا. شاهه بيگ مهدوي تحريڪ جو پوئلڳ ڏسجي ٿو، جڏهن ته سنڌ ۾ ان دور ۾ مهدوي ۽ بلاولي تحريڪ جي اڳواڻن ۾ زبردست ڇڪتاڻ پيدا ٿي.
درياهه خان سان سياسي مخالفت اتي وڃي دنگ ڪيو جو ڄام فيروز جي ماءُ مدينا ماڇياڻي 922هه (1516ع) ۾ وڃي قنڌار کان نڪتي ۽ شاهه بيگ کي سنڌ تي حملي جي دعوت ڏنائين ( تاريخ طاهري).
شاهه بيگ جيڪو قنڌار ڦرجڻ جي يقيني خطري کانپوءِ نئون علائقو هٿ ڪرڻ جي ڳڻتين ۾ هو، هڪدم تيار ٿي ويو، هن پهرين سبيءَ تي قبضو مستحڪم ڪري، سنڌ تي حملي جون تياريون ڪيون ۽ 1520ع جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي. هيءُ اهو ئي دور آهي جڏهن رند ۽ لاشار بلوچن جي گهرو لڙائي 30 سال (لڳ ڀڳ 1488ع کان 1518ع ) جاري هئي. بلوچن جي هن ويڙهه ۾ رندن پٺاڻن (ارغونن) جو ساٿ ڏيئي سنڌ جي سمن ۽ بلوچ لاشارين جي خلاف اتحاد ڪيو هو.
ارغون لشڪر پهرين ڦرلٽ ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا ۾ ڪئي، پوءِ اهو لشڪر باغبان وٽان لنگهيو. اِتي درياهه خان جي پٽن شاهه بيگ کي للڪاريو پر هو رستو بدلائي ٺٽي طرف نڪري ويو. باغبان ۾ مختصر قيام وقت هتان جي زميندارن شاهه بيگ سان کيڪار ڪئي.
تاريخ 11 محرم 927 هه (22 ڊسمبر 1520ع) تي هِلايا وٽ (خان واهه لڳ) جنگ لڳي. ڄام فيروز پير پٺي ڏانهن وڃي لڪو. درياهه خان شهيد ٿيو ۽ ارغون ڏهن ڏينهن (يارهين محرم کان ويهين محرم 927 هجري) تائين ٺٽو ڦريندا لٽيندا، باهيون ڏيندا ۽ ٺٽي واسين کي بي عزت ڪندا رهيا. ان ڦرلٽ ۽ بي عزتيءَ کان قاضي قاضن جو ڪٽنب به نه بچيو. نيٺ قاضي قاضن جي دانهن تي شاهه بيگ خونريزي بند ڪئي. ڄام فيروز معافي ورتي، قاضي قاضن عهدو ماڻيو ۽ ڄام فيروز کي ٺٽو واپس ڏيئي، مٿس ڍل رکي وئي. اتر سنڌ جو انتظام شاهه بيگ پاڻ لاءِ رکيو.
قصو ڪوتاهه، شاهه بيگ سيوهڻ هٿ ڪرڻ کانپوءِ، ٽَلٽيءَ وٽ مخدوم بلاول (ان وقت عمر 71 سال)، دولهه درياهه خان جي پٽن، رڻمل سوڍي ۽ ٻين سان جنگ ڪئي. درياهه خان جا پٽ شهيد ٿيا ۽ نيٺ 1522ع ۾ ارغونن مخدوم بلاول تي قرآن شريف جي بي حرمتيءَ جو بهتان رکي، کيس شهيد ڪري ڇڏيو. سزا کان اڳ باقاعدي فتوا جاري ڪرائي وئي. جيتوڻيڪ مخدوم بلاول جي شهادت بابت تاريخ جا ڪتاب گونگا آهن پر مخدوم صاحب کي گهاڻي پيڙائڻ واري روايت ايتري عام آهي جو ان کي سولائيءَ سان رد ڪري نٿو سگهجي. مخدوم صاحب کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ويو يا نه؟ اهو هڪ جدا سوال ٿي سگهي ٿو پر ارغون اهڙو حڪم جاري ڪن، اهو بالڪل ممڪن هو. ان وقت جا قاضي به ابن الوقت ثابت ٿيا آهن. قاضي قاضن جنهن جو پنهنجو ڪٽنب ٺٽي ۾ ارغونن هٿان بي عزت ٿيو، شاهه بيگ ارغون جو نه رڳو پگهاردار ٿيو پر هن کي اها به صلاح ڏنائين ته، ”هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي.“ ان صلاح کانپوءِ شاهه بيگ انهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جن مزاحمت پئي ڪئي ۽ گرفتار ڪيا ويا هئا.
سمن جي پڄاڻي ۽ ارغون جي فتح وارو هيءُ دور ڏاڍو وار ڪنڊاريندڙ آهي. ماڻهن وٽ فقط ٻه واٽون هيون، شهادت يا ذلت؟ ڪير ڪٿي بيٺو؟ سڀ ڪجهه ڏسجي ٿو. پر جنگ جو هڪ ٻيو پهلو به ڪافي دلچسپ آهي، اهو آهي اقتدار جي هٻڇ. هڪڙا هئا ڄام فيروز جا خوشامدي جن کي درياهه خان وارو منصب ولارڻ جو شوق هو. ٻيو هو شاهه بيگ جنهن نيٺ سنڌ فتح ڪئي، ۽ ٽيون هو بابر جنهن کي قنڌار جون چاٻيون ڏيئي، شاهه بيگ سنڌ ۾ ويٺو پر بابر سندس پٺ نه ڇڏي. شاهه بيگ هڪ هنڌ پنهنجن درٻارين کي چوي ٿو، ”بادشاهه (بابر) سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ هيءُ ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد کان کسي وٺندو تنهن ڪري اسان تي لازم آهي. ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون“ پوءِ هن گجرات تي ڪاهه ڪئي، پر رستي ۾ اگهاماڻي وٽ 16 جُون 1524ع تي مري ويو. سڀ کان عجيب ڪردار ته خود ڄام فيروز جو آهي، جنهن هميشه کڙين تي زور رکيو پر حڪومت جو شوق به گهڻو هئس. جڏهن شاهه بيگ ڪاهيو ته پاڻ درياهه ٽپي پير پٺي کان وڃي نڪتو. وري معافي وٺي ڏن ڀرو ٿيو. ٺٽي جون خبرون گجرات پهتيون ۽ اتان ڄام صلاح الدين ڪاهي آيو ته ڄام فيروز سيوهڻ هليو ويو. وري شاهه بيگ جي مرڻ کان پوءِ شاهه حسن جڏهن ٺٽي ڏانهن ڪاهيو ته ڄام فيروز ڪڇ ڏانهن منهن ڪري نڪري ويو. 1525ع ڌاري ارغونن سان ناڪام مقابلو ڪري، وري گجرات ڀڄي ويو. جتي 1535ع ۾ همايون جي حملي وقت گرفتار ٿيو ۽ همايون جي حڪم تي قتل ڪيو ويو.

درگاهه مخدوم بلاول

درگاهه مخدوم بلاول

بلاولي طريقي موجب قبر تي مقبرو اڏڻ جي منع آهي، تنهن ڪري صدين تائين مخدوم بلاول جي آخري آرام گاهه تي شاندار مقبرو نه ٺهيو. پر هن ڀيري اسان ڏٺو ته مخدوم بلاول تي ملتاني نموني جو تمام وڏو مقبرو اڏجي رهيو آهي. ڪم اڃا هلندڙ آهي. درگاهه جي سنڀال ڪندڙ خادم حسين پيرزادي ٻڌايو ته هن مهل تائين پنج لک رپيا لڳي چڪا آهن، مقبرو ٺاهيندڙ جو ارادو آهي ته پنج لک رپيا ٻيا به خرچ ڪندو. جڏهن هيءُ مقبرو تيار ٿي مڪمل ٿيندو ته ڏسڻ وٽان هوندو.
مخدوم بلاول جي درگاهه وٽ چؤطرف هزارها قبرون آهن، جن جو اتو پتو ناهي ته ڪهڙي قبر ڪنهن جي آهي؟ ٻي اهم عمارت شاندار مسجد جي آهي، جنهن کي خادم حسين مخدوم بلاول سان منسوب درگاهه ڄاڻايو. مسجد جي مرمت ۽ آرائش جو ڪم مستري خدا بخش ملتانيءَ 1928ع ۾ پورو ڪيو هو ۽ تعلقي وارهه جي زميندار محبوب خان وڳڻ هڪ لک رپيا خرچ ڪري مسجد جوڙائي. بي شڪ مسجد ڏاڍي پيار سان ٺاهي وئي آهي.
درگاهه جي ورانڊي ۾ فقط هڪ سوالي ويٺو هو. چپ چاپ هڪ ننڍڙو پينگهو ويٺي لوڏيائين. خدا ڄاڻي ته دل ۾ ڇا هئس. ويجهو وڃي احوال ورتوسين، چيائين،
”جڏڙو بيمار آهيان ... هتي پينگهو ٿو لوڏيان ته منهنجي شفا ٿئي.“ هي همراهه اصل شهدادڪوٽ شهر جو ويٺل آهي. چيائين، ”اڌ رنگ جو عارضو ٿي پيو آهي ... هتي الله جي درٻار ۾ پينگهو ٿا لوڏيون ته معافي ملي ... يتيم ڇورو ٻار آهيان ... ٻه ننڍڙا ٻچا اٿم ... اهي به سهرو جهلي ويٺو اٿم ... پئسا پائي کاڌيون ويٺو آ ... تنهن کي هيءُ ٻيو سال آ ... “
”اهي جٺيون سهري ڪيون آهن؟“
”ها! هاڻي پنهنجو ڌڻي سائين ڪونهي ... پوءِ واٽ خدا جي ڪنهن حالت ڏٺي ... ڪنهن روپيو ڏنو، ڪنهن پنج ... گذر اهو آهي ... باقي سائينءَ جي درگاهه تي ويٺا ٻاڏايون ... اڌ رنگ کي ٻه سال ٿيا آهن، دوا دارون ڪرائي ڪرائي نيٺ سائينءَ (مخدوم بلاول) جو ڏس پيو، هاڻي هتي آيا آهيون.“
همراهه کي وڌيڪ کوٽيوسين ته اندر جا ڏک ظاهر ٿي پيا. سندس گهر واري به خير سان جيئري آهي، ٻه پٽ اٿس پر پاڻ ۾ ايتري قوت ناهيس جو سندس خرچ کڻي سگهي. زال جا مائٽ پنهنجي ڌيءَ ۽ ڌيءَ جي اولاد جو ته کڻي خرچ کڻن پر هڪ بيڪار ۽ بيمار جون دوائون خرچ ڪيترو کڻن! ٿي سگهي ٿو ته همراهه بيماريءَ کان اڳ پاڻ ٽوٽي به ثابت ڪيو هجي! همراهه جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته سهري، ناٺيءَ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ٻارن جي ذميواري پاڻ تي کنئي آهي. درگاهه تان هن سواليءَ کي لنگر پاڻي ملي ٿو، اڄ هتي اٺون ڏينهن اٿس.
سنڌي مهيني (چنڊ) جي هر پهرين خميس تي شام جو هتي وڏو اهتمام ٿيندو آهي. ڪو به بدعتي ڪم ڪو نه ٿئي. درگاهه، اوقاف کاتي جي سنڀال هيٺ ناهي. هتي چوڏهن سال اوقاف کاتي جو انتظام هو پر پوءِ جڏهن کاتي اهو محسوس ڪيو ته هتي آمدني گهٽ ۽ ملازمن جون پگهارون به نٿيون نڪرن، تڏهن 1982ع ۾ ڇڏي ويا. هاڻي درگاهه جي سنڀال مخدوم بلاول جا متولي پيرزادا ڪن ٿا. ڀرپاسي ۾ پنجابي، پنهور، ملڪاڻي ۽ پيرزادا ويٺا آهن.
”هيءَ قبر ڏسو ٿا ... اها ڪنهن پهتل هستيءَ جي آهي.“ خادم حسين پيرزادي درگاهه جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي هڪ قبر ڏانهن اشارو ڪري چيو.
”ڪير آهي؟“
”اهو پتو ناهي ... جڏهن مخدوم صاحب جي قُبي جون چَريون کنيون پئي ويون ته اوڏيءَ مهل (ڪفن جو) ڪپڙو ظاهر ٿيو، گهڻي وقت جو لاش رکيل هو پر نه ڪپڙو ڳريو هو نه جسم کي ڪجهه ٿيو هو ... هتان جي پيش امام پاڻ هٿ لاهي ڏٺو ... ڪفن ائين هو ڄڻ نئون!“ خادم حسين جو مطلب هو ته اتي ڪو درويش پوريل آهي جنهن جو لاش الله جي حڪم سان محفوظ هو.
مخدوم صاحب جي ڀر ۾ مخدوم دانيال جي جدا درگاهه آهي. اسان کي مخدوم دانيال جي مزار تي هڪ ٽائپ ٿيل درخواست ڏسي حيرت ٿي. ڪو سوالي هڪ درخواست انگريزيءَ ۾ ٽائپ ڪرائي، مزار تي رکي ويو هو. اسان درخواست پڙهي. درخواست ۾ عرض ٿيل هو ته سوالي، ڪنهن ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس مان ڇٽي وڃي.
متوليءَ چيو ، ”هن درگاهه تي اڪثر ڪري ماڻهو خط لکي ڇڏي ويندا آهن ته، مولا! هن ولي الله جي صدقي ۾ اسان جو فلاڻو ڪِي فلاڻو مسئلو حل ڪر!“
متولي اهي درخواستون اِتي ئي رهڻ ڏيندا آهن ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڦاڙي ڦٽيون ڪندا آهن.

خدا آباد

خدا آباد

دادو ٽپي، شام جو پنجين لڳي ڌاري خدا آباد واري مسجد وٽ پهتا آهيون. وڏي ڪشادي ٿلهي تي وڏي ۽ موڪري شاندار مسجد، جيڪا ڪلهوڙن پنهنجي حاڪميت دوران اڏائي هئي. خدا آباد، ميان يار محمد ڪلهوڙي ٻڌائي هئي. جنهن کي مغلن خدا يار خان جو لقب ڏنو هو. ميان يار محمد مهڙ ۾، قلات مان بروهين جي مدد سان پنهورن تي ڪاهيو ۽ شڪارپور (پنهوارڪي) ورتائين، ان کانپوءِ خدا آباد ٻڌائين. جڏهن شهزادو معزالدين بکر ۾ آيو تڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙو وٽس سلامي ڀرڻ ويو. ان سلاميءَ کيس خدا يار خان جو خطاب ۽ سبيءَ جي حڪومت ڏني. ان ئي دور ۾ هن ٺٽي جي مغل نواب اعظم خان جي مدد ۾ جهوڪ تي چڙهائي ڪئي ۽ شاهه عنايت صوفيءَ کي سن 1718ع ۾ شهيد ڪيو ويو. ميان يار محمد به 1718ع ۾ وفات ڪئي. خدا آباد شهر، غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ڦٽي ويو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي گاديءَ جو هنڌ 1768ع ۾ ڦيرائي حيدرآباد ڪيو هو.
خدا آباد جا کنڊر، هن وقت به مسجد کان وٺي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري تائين، پکڙيا پيا آهن. ڪٿي ڪٿي ڪوٽ جي ڪچي ديوار اڃا قائم آهي. ڪچي ديوار جو هڪ نمونو مسجد وٽ به سلامت آهي. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪومت 1701ع کان 1718ع تائين قائم رهي.
خدا آباد مسجد هڪ اوچي ٿلهي تي ٺهيل آهي، جنهن جي ٻاهرين ڊيگهه 185 فوٽ ۽ ويڪر 122 فوٽ آهي. مسجد جي آرائش ۽ اڏاوت ٻئي هڪ ٻئي کان زور آهن، پر سنڀال جي اها حالت آهي ته، سواءِ صفائيءَ جي ٻيو ڪو ڪم ناهي. مسجد زبون حالت ۾ آهي، هنڌان هنڌان ڪاشيءَ جون سرون لهي چڪيون آهن. گلڪاريءَ ۽ چٽساليءَ جي لحاظ کان مسجد اندران ٻاهران هڪ جيتري سهڻي آهي. مسجد کي اندر وڏو هال، ٻاهر وڏو ورانڊو، هڪ وڏو اڱڻ ۽ اندر اچڻ جو هڪ وڏو دروازو آهي. اندر هال ڏانهن وڃڻ لاءِ، اڱڻ کان پوءِ ٽي محرابي دروازا آهن. هال کان اڳ هاڻوڪي اڱڻ مٿان ڪنهن وقت ۾ ڇت هئي، جيڪا هاڻي ڊهي چڪي آهي. ٻنهي اڱڻ جي وچ ۾ ويڪرن محرابي دروازن مان، اترئين دروازي وٽان اندران ئي اندران هڪ ڏاڪڻ مٿي وڃي ٿي. اها ڏاڪڻ مسجد جي مکيه گنبذن وٽ ديوارن اندر خفيه گهٽين ۽ ڪوٺين ڏانهن وٺي ٿي وئي. انهن خفيه گهٽين جو رستو ڇت تان، مٿان گنبذن وٽان وڃي ٿو پر اندرئين اڱڻ (ورانڊي) واري ڇت ڊهي پوڻ سبب هاڻي اوستائين نٿو وڃي سگهجي.
اندرين هال جي مٿان ٽي عدد گنبذ آهن. مسجد ۾ فريسڪو ۽ ڪاشيءَ جي سرن جو استعمال ڏاڍو شانائتو ۽ دلچسپ آهي. سچ پچ ته اکين کي فرحت محسوس ٿئي ٿي. ڪاشيءَ ۾ سائڙو نيرو ۽ نيرو رنگ ڏاڍي مهارت سان استعمال ڪيو ويو آهي. مسجد جون ٿلهيون ديوارون عجب جهڙيون آهن. اها اڏاوت جي اضافي خوبي چئبي ته اندريون هال اونهاري ۾ ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم رهي ٿو.
خدا آباد مسجد جو مرڪزي هال ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. ٽنهي حصن مٿان هڪ هڪ گول گنبذ آهي جن مان وچون وڌيڪ نمايان آهي. هال جي اتر ۽ ڏکڻ وارا حصا موڪرن ۽ اوچن محرابي دروازن ذريعي وچين حصي سان ڳنڍيل آهن. انهن ٻنهي محرابي دروازن جي مٿان خفيه پر هوادار ڪمرا آهن. ڪمرن کي پٿر جي ڄارين سان لڪايو ويو آهي. اهي ڄاريون پاسي کان محض آرائشي لڳن ٿيون پر انهن جو اصل مقصد ديوارن ۾ موجود خفيه ڪوٺين کي هوادار رکڻ آهي. انهن خفيه ڪوٺين تائين پهچڻ جو رستو ديوار اندر ٺهيل گهٽين وارو آهي، جن جو دروازو مرڪزي گنبذ ۽ اتر واري گنبذ جي وچ ۾ ڇت مان آهي.
خفيه ۽ هوادار ڪوٺين جو لڳ ڀڳ ان جهڙو نمونو اسان کي روهڙيءَ ۾، ستين جي آستان وٽ به نظر آيو هو. هتي مسجد ۾ اهڙن ڪمرن جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ڇا اها عمارت سازيءَ ۾ محض نواڻ هئي يا ان جو ڪو ڪارج به هو؟ ڪلهوڙن جي پيري مريدي واري سرشتي ۽ چله ڪشيءَ جي لاڙن کي ذهن ۾ رکي اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته شاهي خاندان مسجد ۾ چله ڪشيءَ لاءِ خاص اهتمام ڪيو هو. انهن خفيه ڪمرن جي بيهڪ اهڙي دلچسپ آهي جو اتي ايڪانت ۾ ويٺل شخص جيڪڏهن چاهي ته اتي ئي بيٺي بيٺي پنج ئي وقت، باجماعت نمازن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. اهي ڪوٺيون حاڪمن لاءِ مخصوص ٿي سگهن ٿيون.
اهي خفيه ڪوٺيون ۽ گهٽيون ڇو ٺهيون؟ ان سوال هڪ ڏندڪٿائي ڪهاڻيءَ کي به جنم ڏنو آهي. هڪ نمازيءَ مسجد اڏيندڙ مستريءَ جي فن جي تعريف ڪندي چيو، ”جڏهن هيءَ مسجد ٺهي رهي هئي تڏهن حاڪم جي دل ۾ اچي کٽڪو ٿيو ته متان اهو مستري هن کان پوءِ ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ههڙي عاليشان مسجد تيار ڪري، تنهن ڪري هن سوچيو ته جيئن ئي مستري پنهنجو ڪم پورو ڪندو تيئن سندس هٿ وڍائي ڇڏيندو. حاڪم جي نيت بابت ڪنهن نه ڪنهن ريت مستريءَ کي کڙڪ پئجي وئي. سو هن ڇا ڪيو جو ماٺ ميٺ ۾ ۽ وڏي هوشياريءَ سان ٿلهين ديوارن جي وچ ۾ گهٽيون ۽ هوادار ڪوٺيون ٺاهيندو ويو. ايڏي هوشياريءَ سان جو ڪم ڪندڙ ٻين رازن کي به شڪ نه پيو. نيٺ مسجد ٺهي تيار ٿيڻ تي آئي. ان موقعي تي استاد ڀروسي جوڳي هڪ شاگرد کان مدد ورتي. استاد ڇا ڪيو جو پاڻ خفيه گهٽين ۾ لڪي ويو ۽ شاگرد کي چيائين ته هو ان گهٽيءَ جو در چڱي طرح اوساري ڪري بند ڪري ڇڏي ۽ ڪنهن کي به استاد بابت ڪجهه نه ٻڌائي. استاد خفيه ڪمرن ۾ اڳواٽ ئي ڇهن مهينن جو راشن پاڻي ڪٺو ڪري ڇڏيو هو. ڇهن مهينن کان پوءِ داڻو پاڻي کٽو ته پوءِ ٻاهر نڪتو. ان مهل تائين حاڪم جي دل تان هٿ وڍڻ وارو خيال لهي ويو هو.“
ساڳئي نمازيءَ اسان کي مٿي ويندڙ ڏاڪڻين ۾ ڀت تي ڇپجي ويل هٿ جو نشان به ڏيکاريو، ”جڏهن مسجد شريف کي رنگ پئي هنيائون تڏهن مستريءَ جو هٿ هتي لڳي ويو. ان جو نشان ٺهي پيو.“ هٿ جو اهو نشان وڏي مستري جو هو جا ننڍن مسترين مان ڪنهن هڪ جو، يا ماڳهين ڪنهن عام مزور جو؟ ان جي تصديق بهرحال، ڪو به نٿو ڪري سگهي.
مسجد کان پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ويو ته جيپ ڊرائيور خالد سمون چِڙي پيو. ”توهان تي ته کنڊرن ۾ رهندڙ روحن جو حساب ٿيو آهي ... آئون چوان ٿو ته پهرين مون کي اهو ٻڌايو ته ماني ڪٿي کائيندا؟ بک کان منهنجي مٿي ۾ سور ٿي ويو آ.“ خالد سمي جي احتجاج تي سڀني کي احساس ٿيو ته اڄ سڄو ڏينهن بک تي ويو آهي، پر هاڻي ڇا پئي ٿي سگهيو! ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري کان پوءِ اڄوڪو سفر سيوهڻ ۾ پورو ٿيڻو آهي. ”سيوهڻ وڏو شهر آهي ... اتي جام هوٽلون ... !“ خالد سمي سان گڏ سڄي ٽيم کي تسلي ڏني وئي.

ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو

ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو

سترهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ ۾، عمارت سازيءَ جو فن هڪ نَئين دور ۾ داخل ٿيو. اهو ڪلهوڙن جو دور آهي، جڏهن اهي اتر سنڌ تي خاص ڪري لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن تي قابض ٿي ويا. پر هن دور جي عمارت سازي فقط مسجدن، مقبرن ۽ قلعن تائين محدود نظر اچي ٿي. ڪلهوڙن جو اڏيل قلعو به فقط حيدرآباد ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو ارڙهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ٺهيو.
ڪلهوڙا دور جي پهرين اڌ ۾ ٺهيل عمارتون، اتر سنڌ ۾ آهن. سکر ۾ آدم شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو، رتي ديري لڳ ٿهيمن جا قبا، دادوءَ ۾ ميان نصير ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جا مقبرا، موري لڳ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مقبرو يا وري خدا آباد واري مسجد وغيره.
عمارت سازيءَ جي لحاظ کان ڪلهوڙا دور ۾ پٿر جو استعمال گهٽجي ويل نظر اچي ٿو. سمن ۽ ارغونن جي دور ۾ ٺهيل مقبرا ۽ قبرون پٿر مان تيار ڪيل آهن، جن تي چٽسالي ۽ گلڪاري ٿيل آهي پر ڪلهوڙن جا شاهي مقبرا پڪي سر سان ٺهيل آهن، جن تي ڪاشيءَ جون ٽائلون هنيون ويون آهن يا وري اڇي چُن پلستر تي برش سان سهڻي گلڪاري ڪئي وئي آهي.
ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو انڊس هاءِ وي کان ٿورو اولهه ۾ آهي، جيڪو ميان يار محمد پنهنجي حياتيءَ ۾ ٺهرائڻ شروع ڪرايو. مقبرو هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي جنهن جي ڊيگهه 214 فوٽ ۽ ويڪر 105 فوٽ آهي. ان ٿلهي کي پنج فوٽ اوچي ديوار آهي. شاهي مقبري ۾ اندر وڃڻ لاءِ هڪ اهڙي پڌر تان لنگهڻو پوي ٿو جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڪلهوڙا خاندان جي ٻين ڀاتين جا ننڍا وڏا مقبرا آهن.
ميان يار محمد جو مقبرو هڪ وڏي ۽ شاهي عمارت آهي، جنهن جو مکيه دروازي وارو ڏيک قلندر واري درگاهه سان، معمولي نظري هڪ جهڙائي رکي ٿو پر اها رونق ناهيس. قلندر جي درگاهه تي انسانن جا هجوم آهن پر ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري تي ويراني پَرَ پکيڙي لهي ٿي.
شاهي گنبذ جي هيٺان هڪ ٿلهو آهي جنهن تي ميان يار محمد ۽ سندس پٽ ميان محمد خان جون قبرون آهن. ٿلهي کي چؤطرف، ڪاٺ جو ڪٽهڙو ۽ مٿان ڇٽي آهي، جنهن ۾ عقيدتمندن جون آسون ۽ اميدون باسن جي صورت ۾ ٽنگيون پيون آهن. ننڍڙيون ڏانداريون، پينگها ۽ ڏنڊا. ڪي جابلو عورتون ڀرت ڀريل ٽڪرا ۽ جهالرون ٽنگيو وڃن پر افسوس! ميان يار محمد وٽ حاضري ڀريندڙ نه هئڻ برابر هئا، اهو ئي سبب آهي جو اوقاف کاتو درگاهه جي سنڀال نه ٿو ڪري. مقبري (عمارت) جي مالڪي آرڪيالاجي کاتي وٽ آهي. هاڻي ديري غازي خان پنجاب مان ڪو وارث ساماڻو آهي، جيڪو پاڻ کي نذراني جي پيتيءَ جو حقدار سڏائي ٿو. جڏهن دل چويس، تڏهن پنجاب مان خدا آباد پهچي سنڌي ماڻهن جا پيش ڪيل نذرانا کڻي، ٻي ريل گاڏيءَ ۾ واپس هليو وڃي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته سنڌي ماڻهن، ميان صاحب کانپوءِ کيس وساري ڇڏيو آهي، ان حد تائين جو جڏهن ميان صاحب جي وارث جي ضرورت پئي ته اهو به پنجاب مان مليو. سنڌ جا ڪلهوڙا حاڪم سهروردي ميانوالي طريقت تي هلندڙ هئا.
ميان صاحب جي مقبري جي چئني ڪنڊن تي مٿي ننڍيون ڇٽيون(kisoks) آهن ۽ وچ تي شاهي گنبذ. ان گنبذ جي چوڌاري ديوارن ۾ مٿي خفيه گهٽيون آهن، بالڪل ائين، جيئن خدا آباد واري مسجد ۾ آهن. انهن گهٽين کي روشن ۽ هوادار رکڻ لاءِ محراب نما ڄارين جو بندوبست ڪيو ويو آهي جيڪي چئني پاسن کان آهن. مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ، درگاهه جي پوئين (ڏکڻ اولهه) طرف کان آهي.
ميان يار محمد ڪلهوڙي جي شخصيت تاريخ ۾ شايد ايتري تڪراري نه هجي ها، جيڪڏهن هو شاهه عنايت شهيد خلاف مغلن سان گڏجي جنگ نه جوٽي ها! ٺٽي جو مغل نواب اعظم خان، شاهه عنايت واري تحريڪ کي چيڀاٽي نه پئي سگهيو، جيڪڏهن قرآن شريف وچ ۾ وجهي ڪلهوڙا صلح نه آڇين ها! ميان يار محمد ڪلهوڙي جون انتظامي صلاحيتون ۽ دور انديشي، تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ والارين ٿيون. سندس انتظامي صلاحيت جو اندازو ان مان به لڳي ٿو جو اڄ به ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري تي اهو ڏنڊو رکيل آهي جيڪو ميان صاحب هر وقت پاڻ سان رکندو هو. ڪِرڙ جي پاڙ جو اهو ٿلهو ڏنڊو ڪرامتي سمجهيو وڃي ٿو، مقبري جي مجاور ان ڏنڊي جو تعارف ڪرائيندي چيو، ”سائين جن هن ڏنڊي جي ڪرامت سان سنڌ تي حڪومت ڪئي!“
اولاد، خاص ڪري پُٽ جي اولاد کان محروم جوڙا هتي دعا پنڻ يا باس باسڻ مهل ميان يار محمد ڪلهوڙي جي قبر جي چوڌاري ٺهيل ڪٽهڙي ۾ ڏنڊا ٽنگي ويندا آهن. جنهن کي هڪ پٽ گهرجي اهو هڪ ڏنڊو ٽنگيندو آهي ۽ جنهن کي ٻه يا جاڙا پٽ گهرجن، اهي هڪ رسيءَ سان ڏنڊن جي جوڙي ٻڌي ٽنگيو وڃن. ساڳي ئي مقصد لاءِ سنڌ ۾ ڪن درگاهن تي ننڍڙيون پاڃاريون به ٽنگيون وڃن ٿيون. پاڃاري ٻن ڏاندن جي علامت آهي. ظاهر آهي ته زرعي سماج ۾ هر، هاري ۽ پيداواري اوزارن جو پاڻ ۾ اهو ئي رشتو ٺهي ٿو. پاڃاري ٽنگڻ جي معنيٰ آهي، ٻن پٽن جي خواهش. پٽ هاريءَ جا ٻانهه ٻيلي ٿين ٿا ۽ آمدني وڌائين ٿا. پٽن جي خواهش ۾ پاڃاري ٽنگڻ جي روايت ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر ڏنڊن جي جوڙي ٽنگڻ واري روايت اسان کي ٻيو ڪٿي به نظر نه آئي. اها روايت سڌي طرح ميان يار محمد ڪلهوڙي جي انتظامي صلاحيت يا ”ڏنڊي جي ڪرامتي طاقت“ ڳنڍيل لڳي ٿي. ميان صاحب جي ڪرامتي ڏنڊي کي هاڻي وڏو تقدس حاصل ٿي ويو آهي. اسان کي ٻڌايو ويو ته عورتون ڏاڍي عقيدت سان ڏنڊي کي هٿ لاهي چمن ٿيون ۽ ان جي ڪا ڇيت ذري لاهي چٻاڙي کايو وڃن. جيڪڏهن ميان صاحب جا عقيدت مند تمام گهڻا هجن ها ته، پڪ سان هن مهل تائين سنڌ جو عورتون اهو ڪرامتي ڏنڊو کائي پورو ڪري چڪيون هجن ها!

آبپاشيءَ لاءِ هٿرادو واهه

آبپاشيءَ لاءِ هٿرادو واهه

سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي هڪ جدا تاريخ آهي. ڪلهوڙن نوان واهه کوٽائڻ ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪئي. پر ڪلهوڙن تائين پهچڻ کان اڳ اسان کي تاريخ کان اڳ واري ماضيءَ ۾ جهاتيون پائڻيون پون ٿيون. ايم. ايڇ. پنهور جي راءِ موجب ڪوٽڏيجي تهذيب واري زماني (2800 ق. م.) ۾ سنڌ ۾ آبپاشيءَ وارو نظام شروع ٿي چڪو هو ۽ مُهين جي دڙي جي شروعاتي دور (2300 ق. م) ۾ آبپاشي نظام سنڌوءَ جي ميدانن ۾ ڪنهن حد تائين شروع ٿي چڪو هو. خريف جا فصل جهڙوڪ ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهري صرف مينهن جي پاڻيءَ تي آباد ٿي نه پيا سگهن ۽ انهن فصلن جي ايڏي گهڻائي نه هئي جيڪا غير هاري طبقي جو به پورائو ڪري سگهي.
اهو صحيح آهي ته سنڌوءَ سنڌ ۾ زرخيز ميدان گهڻو اڳ ٺاهڻ شروع ڪيا پر سنڌوءَ جي هڪ خاص طبيعت آهي ته، هن جڏهن به دڳ مٽايو آهي ته يا پائيندڙ ڪئي آهي، تڏهن هن ڇڏيل پاسن تي مٽيءَ جا وڏا تهه جمع ڪيا آهن، جنهن ڪري اٿل واري وقت ۾ ته پاڻي ميدان ۾ وري ٿي ويو ۽ وڏو ڪچو پيدا ٿي ڪيائين پر رواجي حالت ۾ پاڻيءَ جي سطح هيٺ ڪري آبپاشيءَ جو ڪو وڏو سرشتو ٺهي نه ٿي سگهيو . اهو ئي سبب آهي جو جڏهن کان واهه ٺهڻ شروع ٿيا، تڏهن اهي سنڌوءَ جي ڇڏيل انهن پراڻن وهڪرن ۽ ڦاٽن تي ٺهيا، جيڪي باقي زمين کان هيٺ هئا. اها صورتحال، بئراج ۽ بند پوڻ کان پوءِ پيدا ٿي آهي جو، ڦاٿل درياهه پنهنجي پيٽ ۾ لٽ جمع ڪرڻ ۽ بندن مان پاڻ ڇڏائي نه سگهڻ سبب، عام ميداني سطح کان ڪجهه مٿي کڄي ويو آهي. پراڻن وهڪرن تي واهه کوٽائڻ جو ڪم سمن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن ڪيو آهي. بعد ۾ انهن وڏن واهن مان ننڍا واهه ۽ شاخون ڪڍيون ويون.
پنهور صاحب جي اڀياس موجب جنهن هنڌان درياهه پنهنجو وهڪرو ڪيئي سال لڳاتار بحال رکيو ٿي، انهن سالن دوران ڪيئي واهه تعمير ڪيا ويا، جنهن ڪري زرعي ايراضي ۾ واڌ آئي ۽ ان سان گڏ آدمشماريءَ ۾ به اضافو ٿيو. هو صاحب چوي ٿو ته، سنڌ ۾ اڪثر ڪري هڪ يا ٻن صدين دوران ڪا نه ڪا آفت ايندي هئي، ان ڪري درياهه، پنهنجو وهڪرو بدلائي ڇڏيندو هو. وهڪري جي تبديليءَ سبب زمين هيٺ مٿي ٿي ويندي هئي جنهن ڪري واهه سُڪي ويندا هئا ۽ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري مال جي چاري لاءِ پنهنجو مال ڪاهي ٿر ۽ ڪوهستان ڏانهن ويندا هئا. ان لڏپلاڻ سبب هو رولاڪ قوم ۾ بدلجي ويندا هئا. وري جڏهن درياهه جي ٻوڏ کانپوءِ درياهه لهندو هو ته اتي ٻوڏ هيٺ آيل زمين تي، گهڻي ريج سبب سياري ۽ بهار ۾ گاهه پيدا ٿيندو هو ۽ اهي ماڻهو انهن ميدانن ڏانهن واپس ورندا هئا.
جڏهن سنڌوءَ ۽ پنجاب جي درياهه تي بند ۽ بئراج نه هئا، تڏهن درياهه جي اٿل اَجهل هئي، پاڻي پري پري تائين پکڙجي ٿي ويو. اها اٿل چوماسي دوران ۽ اونهاري ۾ ٿي آئي. سنڌ ۾ ٻيا مينهن ٿوري مقدار ۾ سياري ۾ ٿي پيا. پنجاب جي درياهن جي اٿل (جن جو پاڻي سنڌوءَ ۾ اچي ٿو)، برفاني چوٽين تان پگهريل پاڻيءَ جي اٿل ۽ سنڌ ۾ چوماسي وارين برساتن جي اٿل جا پنهنجا پنهنجا وقت آهن. جن ٿوري ٿوري وقفي سان يا ڪڏهن ڪڏهن گڏجي سنڌ جي ميدانن کي ريج ٿي ڏنو. ٻئي طرف، جولاءِ -آگسٽ وارين برساتن، ٿر ۽ ڪوهستان کي مهيني ٻن لاءِ عظيم چراگاهن ۾ تبديل ڪري ٿي ڇڏيو. مختلف پٽن، ماٿري ۽ ڪچي ۾ مختلف وقتن تي پيدا ٿيندڙ چراگاهن سان گڏوگڏ ٻوڏن ۽ ڏڪر، سنڌ جي ماڻهن کي رولاڪ، فطرت تي ڀروسو رکندڙ ۽ سهپ جو مادو رکندڙ قوم جي صورت ۾ قائم رکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي. اها صورتحال بئراج پوڻ تائين باقي هئي. بند پوڻ کانپوءِ اها صورتحال بدلجي وئي، بئراج ايراضيءَ ۾ آبپاشي سرشتو مضبوط ٿي ويو ۽ لڏپلاڻ واريون حالتون گهٽجي ويون. ٿيندي ٿيندي هاڻي گهڻي لڏپلاڻ فقط ٿر ۽ ڪوهستان ۾ وڃي بچي آهي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪهڙا واهه کوٽيا ويا؟ ان سوال تي ايم_ ايڇ پنهور صاحب ويهارو کن نالا ڄاڻايا آهن، پر پنهور صاحب جي چوڻ موجب اهو سوال اڃا به تحقيق طلب آهي.
شاهه جي ڪور واهه شاهه بهاري، ميان نور محمد ڪلهوڙن جي وقت ۾ کوٽايو. نصرت واهه نصرت خان چانڊئي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ کوٽايو. مراد واهه مراد خان ڪلهوڙي کوٽايو. فيروز واهه، ميان نصير ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙي جي هڪ وزير فيروز ويراڙ کوٽايو. سرفراز واهه ميان سرفراز ڪلهوڙي کوٽايو. باغ واهه ڪلهوڙن جي خاص ماڻهوءَ باغ خان سيال کوٽايو. نور واهه ميان نور محمد ڪلهوڙي کوٽايو، جيڪو بيگاري واهن مان هڪ آهي. نور واهه نالي هڪ ٻيو واهه نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ اولهه نارا مان کوٽيو ويو. ٽيون نور واهه به نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ گهاڙ واهه مان ڪڍيو ويو. گهاڙ واهه بابت ڪلهوڙا دعويٰ ڪن ٿا ته انهن کوٽايو، جڏهن ته ڪنهن وقت ۾ اهو قدرتي واهه هو. اولهه نارو سنڌوءَ جو قدرتي ڦاٽ آهي پر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ استعمال ٿيو. ڏِتي جي ڪور، ڏتي کهاوڙ کوٽايو. شاهه جي ڪور ميان نور محمد ڪلهوڙي کوٽايو. نو لکي، داد ۽ ڌامراهه واهه سنڌوءَ جا پراڻا وهڪرا هئا، تن کي ڪلهوڙن واهن طور استعمال ڪيو. گهانگهرو (Gangro)واهه هالا کان هيٺ قدرتي وهڪرو هو جنهن کي ڪلهوڙن 1758ع ۾ ٻيهر واهه طور استعمال ڪيو. بگهاڙ واهه 1699ع ۾ سنڌوءَ جو قدرتي ڦاٽ هو پر 1758ع ۾ غير دائمي ٿي ويو. غلام شاهه ڪلهوڙي ان کي واهه طور استعمال ڪيو. سن 1740ع تائين آبپاشيءَ ذريعي 22 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي پر پوءِ درياهه جي ڦيرڦار سبب اها حد بدلجي وئي. اهو ان وقت ٿيو جڏهن سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو هالا وٽان بدلايو.

گاجي شاهه : قديم واهيون

گاجي شاهه : قديم واهيون

سنڌ ۾ واهه ۽ واهيون کوٽڻ جي تاريخ اڃا به پوئتي وڃي ٿي. منڇر ڍنڍ جي اولهه ۾ گاجي شاهه واهيءَ کان بهتر ڪو ٻيو ثبوت شايد ٿي ئي نٿو سگهي. اهڙي ئي هڪ نالِي مهير جبل جي ماٿريءَ ۾ لاهوت اِتڙيءَ وٽ آهي جيڪا جابلو ماٿريءَ جي سخت پٿريلي پيٽ کي ٽُڪي ٺاهي وئي آهي. لاهوت اِتڙيءَ جي ڏکڻ ۾ جبل جي مٿاڇري تي ٻاٻرو نالي قديم ماڳ آهي، جتان آمري ثقافت جو ٺڪراٽو ملي ٿو. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته لاهوت اِتڙيءَ وٽ کوٽيل اها ٻه فوٽ ويڪري ٻه فوٽ اونهي ۽ ڪيئي وال ڊگهي نالي ساڳي ثقافت سان ڳنڍيل آهي. اها نالي هڪ اهڙي چشمي جو پاڻي وهائي ٿي، جنهن جو وهڪرو تمام ٿورو آهي. اها هٿرادو نالي لاهوت اِتڙيءَ ۾ جمع ٿيل پاڻيءَ کي هڪ ٻئي وڏي قدرتي حوض ۾ پهچائڻ لاءِ کوٽي وئي هئي.
گاجي شاهه وٽ قديم هٿرادو واهيءَ جا نشان ڪافي پري تائين وڃن ٿا. گاجي شاهه کيرٿر جي اڀرندي طرف وارن اوچن ٽڪرين تي تعلقي جوهيءَ ۾ آهي. گاجي شاهه ماڳ منڇر جي اولهه ۾ ۽ نئگ جي اتر ۾ آهي. قديم آثارن جي ماهر لوئي فليم (Louis Flam) هتي کوٽايون ڪري ڪجهه دلچسپ نتيجا ڪيا آهن. هن ماڳ کي اصل ۾ ٽن چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. درگاهه گاجي (غازي) شاهه، گاجي شاهه چشمو، گبر بند گاجي شاهه ۽ ماڙي کڙ يا ماڙي کڏ (دڙو). لوئي فليم، جائزو ته سڀني حصن جو ورتو آهي پر کوٽائي ماڙي کڏ جي ڪئي اٿس. سندس اندازي موجب اهو ماڳ 3300 قبل مسيح کان، مُهين جي دڙي واري دور تائين، انساني سرگرمي جو سٺو مرڪز هو. پر سندس چوڻ آهي ته، هتان ملندڙ ٺڪراٽو پنج هزار سال قبل مسيح جو به ٿي سگهي ٿو.
گاجي شاهه واري درگاهه ته ڄڻ هاڻوڪي ڳالهه آهي پر درگاهه واري ٽڪريءَ جي پيرن کان هيٺ لنگهندڙ چشمي وٽ موجود گبربند تاريخ کان اڳ واري زماني جو آهي ان گبر بند جو ذڪر تاج صحرائيءَ به پنهنجي ڪتاب ”سنڌو تهذيب“ ۾ ڪيو آهي. ان گبربند کان اڃا به ٽي چار ڪلو ميٽر اولهه طرف، اٽڪل ٽي چار سؤ فوٽ اوچي هڪ ٽڪريءَ تان ساڳيو چشمو ڦٽي اُڀي لاهيءَ لهي ميدان ۾ ڊوڙي ٿو ان ماڳ کي ’بنجو‘ چون ٿا. مقامي جابلو قبيلا عقيدو رکن ٿا ته، اهو چشمو پير گاجي شاهه جي ڪرامت سبب ڦٽي ٿو. چشمي جو پاڻي گرم آهي. چمڙيءَ جي بيماريءَ جا مريض هتي به اچي وهنجن ٿا، باسون باسين ٿا، ڇيلو ڪهن ٿا ۽ ٻيا ساٺ سوڻ ڪن ٿا. گاجي شاهه ماٿريءَ ۾ هن چشمي کي تمام بنيادي حيثيت آهي. ٽڪر جي ڇاتيءَ مان ٻڙڪا ڏيئي ڦٽندڙ هيءُ گرم پاڻيءَ ٽي سؤ فوٽن جي لاهيءَ تان گهري نالي ٺاهي ٿو ۽ هيٺ لهڻ کانپوءِ ٺري، پيئڻ ۽ آباديءَ لائق ٿي ٿو.
ٽڪريءَ تان لهندڙ چشمي جو مزاج ڪافي جارحيت پسند ۽ پُورالو محسوس ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان وهڪري، ٽڪريءَ تان لهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٻيا لنگهه به ٺاهيا هئا، جيڪي هاڻي ڇڏي چڪو آهي. اهو به ممڪن آهي ته اڳي چشمي جو وهڪرو تمام گهڻو هجي ۽ هڪ ئي وقت ۾ ٽن ٽن يا چئن چئن هنڌن تان جهرڻا ٺاهي لهندو هجي! جيڪڏهن ائين هو ته پوءِ يقيناً اها ٽڪري ماضيءَ ۾ وڏي آبشار وانگر سهڻي لڳندي هوندي.
ٽڪريءَ تي، چشمي جي ڀرسان ئي هڪ ٻي قديم آباديءَ جا کنڊر آهن. آباديءَ ۾ ٺڪراٽو ۽ پٿر جا چاقو جام آهن. ڦٽل گهرن جا بنياد پڌرا آهن، جڏهن ته سڀ کان نمايان اها ديوار آهي، جيڪا ٽڪريءَ جي ڪنڌيءَ تي پٿر جي بي ڊولن بلاڪن کي هڪٻئي مٿان سٿي ٺاهي وئي آهي. ان آباديءَ جي وچ مان هڪ قديم وهڪري جا نشان شروع ٿين ٿا. وهڪرو، وستيءَ جي ديوار مان رستو ٺاهي پهرين ننڍا پير کڻي ٽڪريءَ تان لهي ٿو، پر پوءِ وکون وڏيون ۽ طاقتور ٿينديون هيٺ لهن ٿيون. پاڻيءَ جو اهو پيچرو نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندو هيٺ لهي ٿو. ان پيچري جي ويڪر ۽ لاهِي ايتري ماپ جي آهي جو، جيڪڏهن ان پيچري جي ٿوري مرمت ۽ صفائي ڪجي ته ان مان جيپ لنگهي سگهي ٿي. اهو پيچرو قدرتي آهي پر صاف ڏسجي ٿو ته، قديم زماني جي ماڻهن ان پيچري تان لهندڙ پاڻيءَ کي ڇُلڪڻ کان روڪڻ ۽ ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ان کي باقاعدي رٿابنديءَ سان جهليو آهي. هر ان موڙ ۽ وڪڙ تي پٿر رکيا ويا آهن جتان پاڻي ٻئي رخ ۾ وهي سگهيو ٿي. ساڳيو وهڪرو ٽڪر تان هيٺ لهڻ کان پوءِ به آزاد نه ڇڏيو ويو هو. پر ان کي هڪ سڌي چئنل جي صورت ۾ اڳتي وڌايو ويو هو. اهڙا ئي نشان ڏيڍ ٻن ڪلو ميٽرن تائين اڄ به ظاهر بيٺا آهن. شايد هن چئنل کي سنڌ جي آبپاشيءَ جي تاريخ جو سڀ کان پراڻو هٿرادو واهه چئي سگهجي!
اها ته ٿي آثارن جي ڳالهه! خود گاجي شاهه هڪ اهم ڪردار آهي جيڪو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو هڪ اهم سالار هو. هن کي ٽنڊي رحيم کان اولهه وارن لڪن خاص ڪري نئه انگئي ۽ نئگ واري پاسي لوهي بلوچستان جي واٽن تي نگهبان مقرر ڪيو ويو هو. پاڻ قبائلي طرح کوسو هو. چون ٿا ته هو مختصر وقت ۾ پنج هزار ماڻهن جو لشڪر جمع ڪري ٿي سگهيو. گاجي شاهه جي مزار هڪ ڇٽيءَ هيٺ آهي جيڪا ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي سندس ئي ٺهرايل مسجد جي اڱڻ ۾ آهي.
گاجي شاهه کي اڄڪلهه جِنّن جو پير چون ٿا. سنڌ جي جبلن ۾ سندس ميلو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ان ميلي جي خاص ڳالهين ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته هي سنڌ جو انوکو ميلو آهي جنهن ۾ لکها سنڌي ۽ بلوچ ٻارن ٻچن سان ايندا آهن، ڏهاڪو ڏينهن وڏي رونق لڳي پئي هوندي آهي، سُرندي وارا ميانوال فقير مريض عورتن جي آڏو سروندو وڄائيندا آهن ۽ زائفون ان ساز جي آڏو بيخوديءَ ۾ اڌ اڌ ڪلاڪ ڪنڌ ڌوڻنديون آهن. ميانوال فقيرن، زالن توڙي سندن مردن کي يقين هوندو آهي ته انهن زائفن تي جنّ سوار ٿئي ٿو، ۽ فقير سرندو وڄائي ان جن تي قابض ٿي ويندا آهن ۽ عورت کي جنّ جي قبضي مان ڇڏائي وٺندا آهن! مردن تي وري جنڙيون سوار ٿينديون آهن پر تمام گهٽ.

ڪافر ڪوٽ

ڪافر ڪوٽ

سيوهڻ ڏانهن ويندي واٽ ۾ سج لٿو ته جيپ اڙل واهه جي پل ٽپي، کاٻي پاسي مڙي وئي ۽ بند تان ٿيندي سيوهڻ جي قديم ۽ عظيم قلعي جي اوڀر کان ڦيرو کائي، مکيه دروازي مان داخل ٿي، مٿي چڙهي آئي. قلعي جو کنڊر هاڻي مٽيءَ جي اهڙي اتانهين دڙي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي عمارتن جي پيڙهه اڃا ڏسجي ٿي. قلعي جون پڪيون سرون عرصو اڳ ڊهي چڪيون آهن. ڊٺل سرون، شايد سيوهڻ جي نين اڏاوتن ۾ لڳي ويون آهن. فقط مکيه دروازي وٽ پڪين سرن جو هڪ حصو اها شاهدي ڏيئي رهيو آهي ته، سڄو قلعو سرن سان جوڙيو ويو هو. هائو! قلعي جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ جو هڪ مورچو اڃا تائين ڪنهن جهور پوڙهي سپاهيءَ وانگر جهڪيل حالت ۾ بيٺو آهي، شايد ان کي اڃا به اميد آهي ته ڪو وارث ايندو ۽ قلعو سنڀاليندو. هي سنڌ جو ان لحاظ کان سڀ کان اهم ۽ قديم قلعو آهي جنهن اتر ۽ ڏکڻ کان ايندڙ هر لشڪر کي جهليو، ان جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جي ڪهاڻي نامڪمل رهندي. هن جو پڙاڏو سڪندر جي وقت کان ٻڌجي ٿو. قلعو ان وقت به آباد هو جڏهن مغلن ۽ ميان دين محمد وچ ۾ کوڙ واري جنگ (1700ع) لڳي هئي. خدا آباد وجود ورتو ته سيوهڻ وارو قلعو غير آباد ٿي ويو.

سڪندر جو پڙاڏو

سڪندر جو پڙاڏو

ڪافر ڪوٽ بابت چيو وڃي ٿو ته، اهو سڪندر اعظم ٺهرايو هو. جيڪڏهن اها راءِ درست سمجهجي ته پوءِ سوال اٿندو ته راجا سامبس جو قلعو ڪٿي هو؟ نيٺ به ڪيترن سوالن جا جواب ڳولي سگهجن ٿا؟ تاريخدانن جو ان سوال تي به وڏو بحث جاري آهي ته سڪندراعظم هندستان تي ڪهڙا اثر ڇڏي ويو يا ماڳهين ڪجهه به نه ڇڏيائين؟ اول ته سڪندر وارو هندستان اهو هندستان ناهي، جيڪو هاڻي پاڪستان جي اوڀر ۽ اوڀر ڏکڻ وارو ملڪ آهي. سڪندر اڄوڪي هندستان ۾ پير پاتو ئي ڪو نه هو. قديم تاريخن ۾ جتي جتي به هندستان جو ذڪر آيو آهي، خاص ڪري يوناني ۽ ايراني تاريخدانن جي حوالي سان، ته ان کي اڄوڪو پاڪستان يا اڄوڪي سنڌ ماٿري سمجهڻ گهرجي ڇو ته ايرانين توڙي يونانين جون فتحون، گنڌارا، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان تائين محدود رهيون آهن. اها سچ پچ دلچسپ ڳالهه آهي ته جيڪو ملڪ هند (سنڌ) ناهي اهو هندستان سڏجي ٿو پر جنهن خطي کي تاريخن هندستان لکيو آهي، ان کي هندستان نٿو چئجي.
جيستائين سڪندر جي اثرن جو تعلق آهي ته، حقيقت اها آهي ته سڪندر جهڙي طوفاني رفتار سان آيو، تهڙيءَ طرح واءُ مينهن ٿي موٽي ويو، بالڪل ائين جيئن ناگا پربت جي گليشئر ڇڄڻ کان پوءِ هڪ وڏي ٻوڙان ٻوڙ ڪئي ۽ وڏو وهڪرو لڪن مان لنگهي ميدان لتاڙي، وڃي سمنڊ ۾ پيو ۽ وري نه موٽيو. سڪندر هاڻي هڪ پڙاڏي جي حيثيت ۾ باقي رهيو آهي. ڪٿي ڪٿي ڪن قديم آثارن ڏانهن اشارو ڪري مقامي ماڻهو چون ٿا، ”هيءُ قلعو سڪندر فتح ڪيو.“ ڪٿي ڪٿي کوٽاين مان سڪندري دور جا سڪا، سڪندر جي يادگيري ڏيارين ٿا. حقيقت اها آهي ته، سڪندر جيتري شان ۽ قوت ۽ همٿ سان سنڌوءَ جي ڪناري تي پهتو، سندس روانگي اوتري ٿڪاوٽ، مايوسي، ڦڙڦوٽ ۽ بددليءَ سان ٿي. جهلم جي ڪنڌيءَ تي راجا پوروءَ سان جنگ کانپوءِ کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي. سندس لشڪر ته هيڪاري ٿڪل هو. سڪندر زيوس (Zeus) ۽ اپالو ديوتائن جو سهارو وٺي لشڪر کي گهڻو وقت سنڀالي نه ٿي سگهيو.
سڪندري لشڪر جي موٽ عجيب هئي. ڀاڄ کائيندڙ لشڪر ڀاڄ وقت به سڪندر جي سٺي گرفت ۾ هو، تنهن ڪري ئي هو سلامتي سان ايران طرف وڌندو ويو ۽ نوان نوان ماڳ فتح ڪندو ويو. تاريخ پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته، سنڌ ۽ بلوچستان جي مقامي لوڪن وٽ جيتوڻيڪ سڪندري لشڪر جيتري سگهه ڪو نه هئي پر تڏهن به دشمن کي پگهر وٺائي ڇڏيا هئن. مقامي لشڪر جيڪي دوبدو وڙهي نه ٿي سگهيا، سڪندري ٽولن جا گهٽ گهيڙ جهلي مٿن اوچتا حملا ٿي ڪيا ۽ کين وڏا نقصان ٿي پهچايائون. دنيا ۾ نه تڏهن به اپکنڊ جي تاريخي دور ۾ گهاتڪ ويڙهه جو هيءُ شايد پهريون مثال هوندو، جيڪو مقامي ماڻهن ڪاميابيءَ سان جاري رکيو. پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته، سنڌ ۾ گهاتڪ ويڙهه جو اهو دستور اڳتي هلي رهزنيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. اڄوڪا ڌاڙيل ساڳئي قسم جي حڪمت عملي ذريعي ئي پنهنجيون ڪارروايون جاري رکيو ويٺا آهن.

سنڌ ۾ يوناني ديوتا ۽ ديويون

سنڌ ۾ يوناني ديوتا ۽ ديويون
بهرحال، سڪندر پنهنجي شانائتي موٽ وقت پنهنجن ساٿين کي فتح ٿيل شهرن تي حاڪم ٿاڦيندو هٽندو ويو هو. اهڙيءَ طرح هن سنڌ ۾ يوناني سماج جا ٻج ڇٽيا، جيڪي اڳتي هلي سنڌ جي مٽيءَ ۾ پنهنجو اثر وڃائي ويهي رهيا. ان ۾ يونانين جو ڏوهه ڪونهي، اهو سنڌ جي مٽيءَ جو تاثير آهي. يوناني پنهنجين ديوين ۽ ديوتائن جو تصور سنڌ ۾ ڇڏي ويا پر انهن جو حشر به سٺو نه ٿيو. يوناني پاڻ سان ”ڊائنا“ ديويءَ جو تصور کڻي آيا جيڪا شڪار جي ديوي آهي پر سنڌين ان ديوي کي ”ڏائڻ“ بڻائي ڇڏيو، جيڪا جهنگ ۾ انسانن جو شڪار ڪندي آهي. اها ئي ڏائڻ هندي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ ”ڊائن“ سڏي وئي.
يونانين جي سڀ کان وڏي ديوتا ”زيوس“ جي نالي سان سنڌين جيڪا جٺ ڪئي آهي سا جيڪڏهن زيوس کي خبر پوي ته جيڪر چڙي پوي. زيوس جون صفتون آهن، زبردست طاقت وارو، ديوتائن جو ديوتا، اجيت، عاشق مزاج ۽ زاني. سنڌين زيوس کي سڏيو “دئوس“ جنهن جي معنيٰ به اهائي آهي زبردست طاقت وارو، اجيت ۽ تمام وڏو. سنڌي ڪنهن کي وحشي صفت ڏيندا ته چون، ”اصل دئوس لڳو پيو آهي“ يا .هل ڙي دئوس!“ يا ”کائي کائي دئوس ٿي پيو آهي.“ وغيره.

سيوهڻ

سيوهڻ

سيوهڻ، لڪيءَ اسٽيشن کان 11 ميل (18ڪلوميٽر) اتر ۾ ۽ سکر کان138 ميلن (220 ڪلوميٽر) جي پنڌ تي ڏکڻ ڏکڻ ـ اولهه ۾ آهي. هڪ صدي اڳي شهر جي آبادي فقط ساڍن چئن هزارن ماڻهن تي مشتمل هئي. جنهن مان اڌ مسلمان ۽ اڌ هندو هئا.محققن سيوهڻ، جي معنيٰ شو+ واهڻ= شومهاديو جو آستانو ڪڍي آهي. سمجهيو وڃي ٿو ته سيوهڻ، پنهنجي ابتدائي درو ۾ شو پنٿ جو وڏو مرڪز هو. اڃا ڪجهه سال اڳ تائين به هتي شو لنگم موجود هو، جيڪو هاڻي هٽايو ويو آهي. قلندر لال شهباز سيوهڻ جي نئين سڃاڻپ آهي، جنهن کي هندو لوڪ راجا ڀرتري جو اوتار سمجهن ٿا، جيڪو کورکناٿ جو گرو ڀائي ۽ شري مڇندر ناٿ جو چيلو هو. ڪرنل ٽاڊ جي ٻن محقق عيوضين کي، سيوهڻ جي قديم آثارن مان ڪي ڪتبا مليا هئا، جن تي راجا ڀرتري هريءَ جو نالو لکيل هو، جيڪو اجين جي راجا وڪرما جيت پاران سن 320 عيسوي ۾ سيوهڻ تي حڪومت ڪندو هو.
سيوهڻ جو قلعو، جنهن کي مقامي ماڻهو ڪافر ڪوٽ سڏين ٿا 60 فُٽ اوچو 1400 فوٽ ڊگهو ۽ 800 فوٽ ويڪرو آهي. هن قلعي کي راءِ سهاسي (ٻئي) جي ڇهن قلعن مان هڪ شمار ڪيو وڃي ٿو راءِ سهاسي (ٻيو) 630ع ۾ فوت ٿيو هو. ان کان پوءِ هيءُ قلعو 713 عيسويءَ ۾ محمد بن قاسم هٿان ان وقت فتح ٿيو، جڏهن راجا ڏاهر جو سوٽ بجيراءِ بن چندر پوئين دروازي مان چپ چاپ کسڪي، ٻڌيا واري علائقي ڏانهن نڪري ويو.
جيڪڏهن تاريخ مان سيوهڻ بابت ترتيب وارا حوالا ڪڍبا ته هن ريت سامهون ايندا: سن 326 قبل مسيح ۾ سيوهڻ تي راجا سامبس حاڪم هو، جنهن سڪندر آڏو پهرين آڻ مڃي پر پوءِ بغاوت ڪئي، جنهن کان پوءِ گرفتار ٿي مارجي ويو. سامبس جو تعلق ٻڌ ڌرم سان هو. ان وقت سيوهڻ جو نالو سنديمن هو. سن 627 عيسوي ڌاري سيوهڻ جو نالو سيوستان هو. هتي راءِ سهارس بن سهاسي جي گادي هئي. 711 عيسويءَ ڌاري بجيراءِ بن چندر حاڪم هو جيڪو محمد بن قاسم جي ڪاهه ۽ ٻڌن جو سهڪار نه ملڻ سبب لاچار ڀڄي ويو. سن 734هه (1333/34ع) ڌاري ڄام انڙ سلطان محمد بن تغلق پاران مقرر ٿيل حاڪم ملڪ رتن کي قتل ڪري سيوهڻ ڇڏايو پر سلطاني لشڪر کان خوف کائي ٺٽي موٽي آيو. سن 21_1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون، سمن کان سيوهڻ ڇڏايو. انهن سمورن حملن کان پوءِ ۽ اڳ قلعي جي وري وري مرمت ٿيندي آئي آهي. پر جڏهن کان ڪلهوڙن حڪومت سنڀالي خدا آباد ڏانهن گادي منتقل ڪئي، قلعو پوئتي پئجي نيٺ کنڊر بڻجي ويو.

مي رقصم : قلندر شهباز

مي رقصم : قلندر شهباز
(جنم 573هه / 78 ـ 1177ع ، وفات:21 شعبان 673هه / 19 فيروري 1275)

ڪلهوڙن کانپوءِ سيوهڻ جو عروج ۽ اهميت بلڪل ختم ٿي وڃي ها، جيڪڏهن قلندر لال شهباز جو سيوهڻ ۾ آستانو نه هجي ها! هڪ روايت موجب شيخ عثمان مرندوي لال شهباز قلندر 662 هجريءَ (64ـ 1263ع) ۾، پنهنجي ملڪ مرند کان ملتان وٽان ٿيندو هتي آيو. هي لڳ ڀڳ اهي ئي ڏينهن هئا جڏهن هلاڪو خان بغداد جي فتح (1258ع) لاءِ مرند وٽان لنگهيو هو. هو مخدوم جلال جهانيا اچ وارو، شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني ۽ شيخ فريد الدين شڪر گنج جو يار ۽ همعصر هو.
قلندر جو ميلو ٽي ڏينهن هلي ٿو. سڄي پاڪستان کان ماڻهن جو سمنڊ اٿي سيوهڻ ۾ ڪٺو ٿئي ٿو. قلندر جي درگاهه ۾ ڪٽهڙيءَ وٽ، مزار جي سيرانديءَ کان رکيل وڏي اڇي پٿر بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته، اهو قلندر جو تعويذ آهي جيڪو هو ڳچيءَ ۾ پائيندو هو. فقيرن جي زباني هڪ روايت اها به آهي ته اهو پٿر امام زين العابدين کي قيد دوران ٻڌل هوندو هو. پيرانديءَ کان ڏيئا ٻرن ٿا، جن جي تيل مان آڱر مکي زيارتي بت کي مکين ٿا. اهو وڏو تبرڪ سمجهيو وڃي ٿو. هر شام مغرب جي اذآن کان پوءِ هڪ گهڙيءَ (24 منٽ) لاءِ ڌمال لڳي ٿي. شاهي نقارا هڪ خاص تال سان وڄايا وڃن ٿا. تال تي پهرين هوريان هوريان بت ٿڙڪن ٿا ۽ پوءِ تال ۽ آواز ۾ تيزي اچي وڃي ٿي، ان تيزيءَ سان ملنگن، فقيرن ۽ عقيدت مندن جي جسمن مان بي خودي اُڀامي ٿي. تال ڪجهه لمحن لاءِ جهڪي ٿي، وري تيز ٿئي ٿي ... چؤطرف بي خودي پکڙجي ٿي، ماحول جي هر شيءِ ڌمال جي خاص رقص ۽ رنگ ۾ ٻڏي وڃي ٿي. قلندر جو شعر حقيقت جو روپ وٺي ٿو:

زِ عشقِ دوست هر ساعت درونِ نار مي رقصم
گهي بر خاڪ مي غلطم، گهي برخار مي رقصم

جڏهن سڄو ماحول رقص ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ بت نچي نچي نڍال ٿيڻ کانپوءِ به نچندا رهن ٿا، تڏهن هڪ ڀيرو وري ڌمال ۾ تيزي اچي وڃي ٿي، فقير نعرا هڻن ٿا، بي خودي اُڀامي عروج تي پهچي ٿي، تڏهن اوچتو نقارن تي وڏي چوٽ لڳي ٿي ۽ رقص هڪ جهٽڪي سان پورو ٿئي ٿو. اها جذب ۽ مستيءَ واري ڪيفيت قلندري طريقن جو مکيه اصول آهي جيڪا ان جي ملامتي وصف ۾ شمار ٿئي ٿي.
قلندر جي مزار شهر جي وچ ۾ آهي. چؤطرف ڪافيون ۽ بازارون آهن. مزار تي پهريون قبو (ڇٽي)، فيروز شاهه تغلق جي دور ۾ سيوهڻ جي حاڪم اختيارالدين757 هجريءَ (1356ع) ۾ يعني قلندر جي وفات کان 81 سال پوءِ ٺهرايو. هيءَ قبِي هڪ ڇٽي هئي جيڪا پوءِ جڏهن درگاهه جي ٻيهر اڏاوت ٿي، اتان هٽان ٻاهر پڌر تي، جتي هاڻي ڌمال لڳندي آهي، نصب ڪئي وئي. ماڻهون ان کي ’قلندر جي ڪشتي‘ چوندا آهن. درگاهه وٽ ٻيو مقبرو، سيد علي سرمست جو آهي جيڪو 758 هجريءَ ۾ تيار ٿيو. هي صاحب، قلندر لال شهباز جو وڏو خليفو هو. پڌر ۾ ڪي ٻيون مزارون به آهن پر ميان شيخ مڱڻ بن نوح جي مزار اهم آهي جيڪو توشي خاني ۽ خانقاه جو انتظام سنڀاليندڙ ۽ خزانچي هو. اختيارالدين کان پوءِ شهنشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾ توسيع جو ڪم ترخان گهراڻي جي مرزا جاني بيگ ۽ سندس پٽ غازي بيگ جي ڏينهن ۾ ٿيو. هنن کان پوءِ شاهجهان جي ڏينهن ۾ سيوهڻ جي حاڪم نواب ديندار خان مزار وٽ ٻه مسجدون ۽ فرشبنديءَ جو ڪم ٿيو. ڪاشيءَ جو ڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٿيو جنهن مزار جو پهريون وڏو دروازو تعمير ڪرايو ۽ مزار جي مهاڙيءَ تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو.
چون ٿا ته، اڳي قلندر جا عقيدت مند هتي شينهن آڻيندا هئا. جيڪي هتي ٻڌي ڇڏي ويندا هئا. ان هنڌ تي سيد ڀوري بادل بادشاهه جي ڪافي آهي، ان ڪري سندس ڪافيءَ کي ’شينهن واري ڪافي‘ به چون ٿا. ڀورا بادل شير جي مزار لڳ فقيرن مون کي اها ڪوٺي به ڏيکاري جنهن ۾ سندن چوڻ موجب شينهن رکيا ويندا هئا، بند ڪوٺيءَ ۾ هوا لاءِ مضبوط ڄاريدار بندوبست هو. هڪ ٻي روايت موجب، هتي شينهن کان سواءِ باز به پاليا ويندا هئا. هاڻي اهي ٻئي سلسلا ختم ٿي ويا آهن.
قلندر جي ميلي جي ٻي خاص ڳالهه هندن جون رسمون آهن. انهن رسمن ۾ ميندي ۽ ڪنوار به شامل آهن. تاج صحرائي جنهن جي ذري گهٽ سڄي عمر قلندر جي ميلن جي مشاهدي ۾ گذري آهي، چوي ٿو، ”انهن ٽنهي ڳالهين (ڌمال، ميندي ۽ ڪنوار) کانسواءِ هيءُ ميلو ڪا به حقيقت، حيثيت ۽ وقعت نٿو رکي. اهي ٽيئي رسمون ڪنهن به ٻئي ميلي ۾ ادا نه ڪيو وينديون آهن.“ اصل ۾ ميندي ۽ ڪنوار جون رسمون قلندر کي ڪنوار ڏيڻ جون رسمون آهن، سنڌ ۾ ”لال ڪنوار“ جو لفظ سنڌين لاءِ نئون ناهي. صحرائي صاحب پنهنجي مقامي ”حضرت عثمان سيوهاڻي هڪ روحاني معالج جي حيثيت ۾“ لکي ٿو ته، ”اڄ کان ڪجهه عرصو اڳي تائين به هڪ نوخيز ڇوڪريءَ کي لال ڪنوار جي لقب سان نوازيو ويندو هو.“

لال ڪنوار

لال ڪنوار
لال ڪنوار سيوهڻ جو هڪ ڪردار آهي. چون ٿا ته سيوهڻ ۾ رهندڙ هڪ هندو ڪٽنب ’قانون گو‘ جي مُکيءَ جي هڪ خوبصورت ڇوڪري قلندر لال شهباز کي ڏسي کيس دل ڏيئي ويٺي. هوءَ روزانو پنهنجي ماڙيءَ جي دريءَ مان بيهي قلندر جو درشن ڪندي هئي. قلندر ان ڳالهه کان بي خبر شهر جي گهٽين مان ٿيندو ان چوڪ تي مکيءَ جي گهر جي سامهون هڪ خاص وقت تي اچي ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو.
سندس ڪچهريءَ دوران، اها ڇوڪري ماڙيءَ جي جهروڪي مان کيس ڏسندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن اوچتو هن پنهنجي دل کان مجبور ٿي پاڻ کي دريءَ مان قلندر جي آڏو اڇلايو. قلندر شهباز جو اکيون سندس چهري تي پيون، جنهن کانپوءِ هن ڇوڪريءَ جو روح اڏامي ويو.
ڇوڪريءَ جي وارثن ان جو لاش پنهنجين رسمن موجب ساڙڻ چاهيو پر لاش کڄي ئي ڪونه پيو. تڏهن قلندر چيو هن ڇوڪريءَ جو آخري رسمون تڏهن ٿي سگهنديون جڏهن ان جي تدفين اسلامي طريقي سان ٿيندي. پوءِ ايئن ئي ڪيو ويو ۽ ڇوڪريءَ کي سندس گهر ويجهو دفن ڪيو ويو. ان کي لال ڪنوار جي مزار چيو وڃي ٿو.
ان واقعي کانپوءِ قانون گو ڪٽنب تي اها رسم رکي وئي ته اهي هر سال قلندر جي ميلي تي پهرين ميندي ۽ چادر موڪليندا. اها چادر قلندر جي مزار تي سڄو سال وڌل هوندي هئي ۽ هر سال ميلي جي موقعي تي مينديءَ جي رسم مهل مٽائي ويندي هئي. ايئن به مشهور آهي ته لال ڪنوار جو تعلق لال داس جي ڪٽنب سان هو، جيڪو پاڻ به قلندر جو مريد هو. سندس آخري آرام گاهه درگاهه جي ويجهو گجگاه علَم کان اوڀر طرف آهي. مينديءَ جي رسم برابر جاري آهي پر عام روايت آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ان موقعي تي ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي ’لال ڪنوار‘ جو درجو ڏنو ويندو هو. هاڻي اها رسم ختم ٿي وئي آهي.

ڇُٽو اَمراڻي

ڇُٽو اَمراڻي

سنڌو ماٿريءَ جي راجا دلوراءُ جو ڀاءُ ڇُٽو اَمراڻي پنهنجي ڀاءَ جي شخصيت بالڪل ابتڙ هو. دلوراءِ، الور (اروڙ) جو راجا هو. ڇٽو اَمراڻي سندس پاڇي کان پري ٿي اچي سيوهڻ ويٺو. هو مسلمان ٿيو ۽ عرب ڏانهن ويو. چون ٿا ته ڇُٽو اَمراڻيءَ بغداد جي سامره مان سيد علي موسويءَ کي هڪ سؤ عربن سان گڏ سنڌ وٺي آيو هو. اهي لڪيءَ وٽ اچي ترسيا. ڇٽو امراڻيءَ جي درگاهه سيوهڻ شهر جي ڏکڻ اولهه طرف، عيدگاهه جي پاسي ۾ آهي. سندس مزار، مرزا نواب ديندار خان مغل بادشاهه شاهجهان جي دور ۾ ٺهرائي. ڇٽي امراڻيءَ واري مزار جي احاطي کان ٻاهر قبرستان ۾ مغلن جي قبرن جا پٿر جي تابوتن جهڙا چار پنج تعويذ (cenotaphs) هِتي هُتي پيا آهن، شايد ڪن چورن چورائڻ جي ڪوشش به ڪئي، ڪي اڌ مان ڀڳل به آهن.
چون ٿا ته، جڏهن شهباز قلندر سيوهڻ آيو تڏهن ڇٽي امراڻيءَ ڏانهس کير جي وٽي ڪنيُن تائين ڀري موڪلي. ان سوکڙيءَ ۾ اها معنيٰ لڪل هئي ته سيوهڻ اڳ ئي بزرگن ۽ اوليائن سان کير جي هن وٽيءَ وانگر ڀريل آهي، تون هتي ڪيئن رهي سگهندين؟ ان جي موٽ ۾ شهباز قلندر کير جي وٽيءَ ۾ کير جي مٿان گلاب جو گل رکي موٽائي موڪلي جنهن ۾ اها وراڻي لڪل هئي ته آئون سيوهڻ ۾ ايئن رهندس جيئن هن وٽيءَ ۾ گلاب آهي. ان کان پوءِ قلندر پنهنجن مريدن کي هدايت ڪئي ته روزانو شام جو پهرين ڇُٽي امراڻي جي آستاني تي ڏيئو ٻرندو، ان کانپوءِ سندس آستاني تي ڏيئو ٻرندو. اهوئي سبب آهي جو سدائين ڇٽي امراڻيءَ جي درگاهه تي پهرين ڏيئو ٻاريو ويندو هو. درگاهه قلندر جي خادمن هاڻي ان روايت کي غير اهم سمجهي وساري ڇڏيو آهي.
ڇٽي امراڻيءَ سان ٻيون به ڏند ڪٿائون مشهور آهن پر ايترو واضح آهي ته هي درويش هتي قلندر جي وقت ۾ (64ـ 1263ع) موجود هو، ۽ قلندر کان اڳ ئي هتي موجود هو. ڇُٽي امراڻيءَ جي مقبري واري عمارت مغلن واري وقت جي ٺهيل آهي، ان جي وقت بي وقت ٿوري گهڻي سنڀال ٿيندي آئي آهي. سڀني بزرگن وانگر ڇٽي پير به اسلامي تعليمات، چڱائيءَ ۽ اخلاق جي تعليم ڏني. شايد هن چوري نه ڪرڻ ۽ ڪوڙ نه ڳالهائڻ تي گهڻو زور ڏنو هو. تڏهن ته مجاورن هتي هڪ اهڙي روايت مشهور ڪئي آهي جيڪا اسان ٻيو ڪٿي به نه ٻڌي! شايد ان جو تعلق سيوهڻ جي شاهاڻي ماضي ۽ منڇر ۽ سنڌوءَ سبب گهڻي مڇي پيدا ٿيڻ سان هجي.
فقيرن ڪاشيءَ جو هڪ سهڻو شاهاڻو مٽ سنڀالي رکيو آهي جيڪو خرچي ڏيڻ سان ڪڍي ڏيکارين ٿا. مَٽ تي چاڪليٽي رنگ جو فرش آهي جنهن تي هيڊا، ساوا ۽ ڳاڙها گل پتيون ٺهيل آهن. مَٽ جي هيٺئين حصي ۾ پاسي کان هڪ ٽنگڙو آهي، جنهن کي ٻوچ سان بند ڪندا هوندا. هي مغل دور جو مَٽ آهي، ممڪن آهي ته ديندار خان جي ڏينهن ۾ هتي رکيو ويو هجي! فقير چيو، ”ڇُٽي پير (جي درگاهه) تان نه چوري ٿيندي، نه چور ويندو!“
”ڪيئن ڀلا؟“
”جيڪو ماڻهو چوري نه باسيندو اسان هُن کي هِن مَٽ جو پاڻي ڀري پياريندا آهيون. مٿان مَٽ ۾ پاڻي وجهون، ته هيٺان هِن ٽنگڙي مان پاڻي وهي ايندو، پوءِ اهو چور کي پيارينداسون. جي هوندو بي گناهه ته خير ٿي ويندو پر جي چور هوندو ته اصل نه پيئندو جو خبر اٿس ته ڇا ٿيندو!“
”ڇا ٿيندو آهي؟“
”پوءِ ان چور جي پيٽ مان مڇيون نڪرندس!“
مڇيون ڪيئن نڪرنديون؟ ظاهر آهي ته چور لاءِ اهو تصور ئي ڊيچاريندڙ آهي ته هن جي پيٽ مان مڇيون نڪرڻ لڳن! يقيناً اڄ تائين ڪنهن به چور جي پيٽ مان مڇي ڪونه نڪتي هوندي ... پر اها آهي پير جي ڪرامت جو چور سندس مٽَ مان پاڻي نه پيئندو!

بودلو بهار ۽ هُنود ڪاسائي

بودلو بهار ۽ هُنود ڪاسائي

چون ٿا ته، سيوهڻ ۾ هنود نالي هڪ بي رحم ڪاسائي هو، جيڪو انسان جو گوشت هلائيندو هو. سندس نالي پويان هڪ وڏي کڏ مشهور آهي، جنهن ۾ روايت موجب ماڻهن جا هڏا اڇلائيندو ويندو هو. هن ڪاسائيءَ قلندر جي پياري بودلي بهار يا سڪندر بودلي کي به ڪهي ڇڏيو، ۽ سندس گوشت ٽڪر ٽڪر ڪري شهر ۾ هلائي ڇڏيو. پوءِ به سڪندر بودلو قلندر جي سڏ تي ڊوڙندو موٽي آيو. بودلو بهار اصل ملتان جو هو. هنود يا حنود ڪاسائيءَ اهڙو ڪڌو ڪم ڇو ڪيو؟ يا ته هي تاريخ جو ڪو گم ٿيل ورق آهي يا وري تصوف جي ڳالهه جنهن ۾ فقير وحدت ۾ وڍجي وڃي ٿو پر پوءِ به زنده رهي ٿو. بودلي جي شخصيت کان متاثر فقيرن جو لڏو ڳاڙها ڪپڙا پائيندو آهي، ڌمال مهل گهنگهرو ٻڌندو آهي ۽ زبان سان ڪجهه به نه گهرندا آهن. بودلي بهار جي مزار، قلعي لڳ قلندر کان اتر طرف آهي.
ڪجهه سال اڳي تائين هتي ’قلندر جي ڏاچي‘ جو اصطلاح ٻڌڻ ۾ ايندو هو. روايتن موجب روزانو ڪو فقير گودڙي ڪلهي تي کڻي صبح جو خاص وقت تي بودلي جي ڪافيءَ (monastery)کان نڪرندو هو ۽ شهر جي گهٽين مان مقرر واٽ وٺي لنگهندو هو. شهر جا ماڻهو هن کي راشن جي صورت ۾ خيرات ڏيندا هئا جيڪا وٺي هو ڪافيءَ تي موٽي ايندو هو. اها خيرات ڪافيءَ جي فقيرن لاءِ ان ڏينهن جو لنگر بڻبو هو. اهو فقير ’قلندر جي ڏاچي‘ سڏبو هو جيڪو ڀکشا سان لڏيل موٽندو هو. هيءَ اصل ۾ ٻڌ ڀکشوئن جي روايت آهي جيڪا سيوهڻ ۾ تازي ماضيءَ تائين برقرار هئي.

پيرپوٽا/ معصومن جو قبرستان/ سبزوارين جو قبرستان

پيرپوٽا/ معصومن جو قبرستان/ سبزوارين جو قبرستان
سيوهڻ شهر جي اتر اولهه ڪنڊ ۾ سيوهڻ کان دادو ويندڙ رستي تي هڪ وڏو قبرستان آهي. هن ۾ چار پنج وڏا مقبرا ۽ بي شمار قبرون نظر اچن ٿيون. هنن مقبرن جي خاص ڳالهه انهن تي ڪاشيءَ ۽ سرن جي گهڙاوت جو خوبصورت ڪم آهي. قبرستان ۾ سڀ کان قديم ۽ اهم قبر مير ڪلان شاهه جي آهي. مير ڪلان ۽ بکر جي نواب مير معصوم شاهه جو پاڻ ۾ ڪو تعلق آهي. تاريخدان چون ٿا ته مير معصوم جا وڏا ترمذ جي سيدن مان هئا، هو ٻن ٽن پيڙهين کان قنڌار ۾ رهڻ لڳا هئا ۽ اتي ڪن ٻين سيدن سان گڏجي پنهجي وقت جي قلندر بابا شير قلندر جي مقبري جا سنڀال ڪندا هئا. مير معصوم جو والد سيد صفائي بکر تي سلطان محمود خان جي حڪومت وارن ڏينهن (898- 982 هه) ۾ بکر آيو ۽ سلطان محمود خان جي عنايتن جي پاڇي ۾ رهڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ هن سيوهڻ جي ڀرسان ڳوٺ کاٻڙوٽ جي سيدن مان شادي ڪئي، جنهن مان مير معصوم ۽ سندس ٻه ڀائر بکر جي شهر ۾ ڄاوا.
مير معصوم شاهه جي لکت موجب سيد مير ڪلان جا وڏا ڪربلا جي ساداتن مان هئا جيڪي خراسان لڏي ويا هئا. پوءِ هو پنهنجي آڪهه سميت قنڌار آيو جتي بابا شير قلندر جي مزار سان سندس قلبي تعلق ٿيو. (شاهه بيگ ارغون هٿان) سنڌ جي فتح (927 هه/1521ع) وقت قنڌار کان لڏي سيوهڻ جي ويجهو اچي رهيو. سندس اڪثر وقت قلندر شهباز جي مزار تي گذزرندو هو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جو خيال آهي ته مير ڪلان ۽ مير صفائي جي پهرين ملاقات خانقاه حضرت شير قلندر ۾ ٿي هوندي جيڪا سنڌ ۾ مائٽيءَ ۾ بدلجي وئي. ان ريت هي ٻئي ڪٽنب هم وطن هئا.
مرزا شاهه حسن ارغون 962 هه /1555ع ۾ وفات ڪئي ته سندس اميرن مرزا عيسيٰ خان (اول) ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾ اختلاف ٿيا. پاڻ ۾ نجي ٺاهه ڪيائون ته بکر (يعني اتر سنڌ) تي سلطان محمود ۽ ٺٽي (ڏکڻ سنڌ) تي مرزا عيسيٰ حڪومت ڪندا، پر ٺاهه ڪرڻ جي باوجود هڪٻئي تي ڀروسو ڪونه هئن. هوڏانهن سيوهڻ جا قلعيدار مرزا شاهه مسعود، شاهه حسن نڪودري، مير ابوالخير، مير حميد ساربان ۽ خواجه باقي قلعو بند ڪري قبضي جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. مرزا عيسيٰ خان وري پورچوگيزن کي مدد لاءِ گوا مان گهرايو جن ٺٽي ۾ ڦرلٽ ڪئي. اهڙي وڳوڙ واري صورتحال ۾ مير ڪلان اڳتي وڌيو ۽ صلح صفائيءَ جي ڪوشش ڪئي. وڏي ڪوشش کانپوءِ مير ڪلان ٻنهي ڌرين کي ٻيهر صلح تي راضي ڪيو ۽ فوجون پوئتي موٽايون. جيسين مير ڪلان جيئرو هو سيوهڻ تي نهايت باثر رهيو. هن 962هه ۽ 973 هه جي وچ ۾ ڪنهن وقت وفات ڪئي هوندي. مير ڪلان کي وقت جي سرڪار طرفان وظيفا ۽ زمينون حاصل هيون جيڪي مغلن جي دور تائين سندن اولاد ۾ هلنديون آيون.
اتر سنڌ جي حڪمران گهراڻي سان ان ويجهڙائپ ۽ عنايتن سبب اهو خيال پختو ٿئي ٿو ته سيد ڪلان کاٻڙوٽي سيد آهي ۽ مير معصوم شاهه جو نانو هو (مير محمد معصوم بکري: تاليف حسام الدين راشدي) . پير حسام الدين هن قبرستان کي جيئن ڏٺو اسان به ان حالت ۾ ڏٺو. مير ڪلان جي قبر هڪ دڙي تي هئي جيڪو ماضيءَ ۾ مٽي ۽ سرن جو ٿلهو رهيو هوندو. قبر جي چوڌاري ڪوٽ جا ڊٺل ڊٺل آثار هئا. هن وقت سڀ قبا ۽ قبرون ڄڻڪ لاوارث حالت ۾ هيون جيڪي ٽالپرن جي دور ۾ خود سبزوارين پاڻ تعمير ڪرايا هئا.
مير ڪلان کي چار پٽ هئا: سيد برڪو، سيد محمد، سيد محمود ۽ سيد طالب. پهرين ٽن پٽن مان ڪنهن جو به نسل نه وڌيو. سيد طالب مان مير خسرو ٿيو، ان مان مير مظفر، ان مان مير فتحي. اڳتي مير فتحي جو اولاد هليو.
هن وقت هن قبرستان جي سڀ کان وڏي ۽ اتر واري مقبري ۾ وريل شهيد، انور شاهه، مظفر شاهه ۽ ٻيا کوڙ سيد دفن آهن. مقبري اندر ايتريون قبرون آهن جو پير رکڻ جي جاءِ نه آهي، هر قبر جي مٿان نالن جو تختيون رکيون ويون آهن. جيڪڏهن اهي هڪ تان کڻي ٻيءَ تي رکي ڇڏجن ته پتو ئي نه پوندو ته ڪهڙي قبر ڪنهنجي آهي، فقط ويجها مائٽ ئي ڪن قبرن جي ٺيڪ نشاندهي ڪري سگهندا. ٻئي مقبري ۾ وريل شاهه، حاجن شاهه ۽ صادق شاهه سميت ٻيون به کوڙ قبرون آهن. ٽئين مقبري ۾ ڪير صاحب دفن آهن؟ چرسي مجاور بيزاري ۽ لاتعلقيءَ سبب ڪجهه به نه ٻڌايو. البت مير ڪلان کان اولهه پاسي مقبرو شير شاهه جو آهي. ٻيا نالا مصري شاهه، سلطان شاهه ٻڌاسون پر ڪنهن جي به تاريخ معلوم ٿي نه سگهي، شايد وارثن وٽان ڪجهه ملي سگهي! مقبرن جي سنڀال جي سخت ضرورت آهي ... في الحال ته هي موالي فقيرن جو محفوظ آستانو آهي.

آچر، 19 نومبر 1989ع
صبح جو ستين لڳي منڇر جي اولهه واري پاسي، جهانگارن، نُڪي بُٺي، ڪائي ۽ نئنگ لاءِ روانگي رٿي وئي هئي پر، ڪالهوڪي ٿڪ سبب ستين لڳي ڌاري مس مس اکيون پٽجي سگهيون. رات وري ڪافر ڪوٽ جي ريسٽ هائوس ۾ گذارڻي آهي. قافلو سڀاڻي ڏکڻ طرف وڌندو. اڄوڪو پنڌ سيوهڻ کان اولهه ـ ڏکڻ طرف اهو ئي آهي، جيڪو لاهوتي فقير سيوهڻ کان لاهوت ويندي اختيار ڪندا آهن. اها واٽ قديم زماني کان انساني پيرن جي لتڙ ۾ آهي ۽ لاهوت کان اڳتي خضدار بلوچستان ۽ ايران تائين وٺي وڃي ٿي.

يڪ ٿنڀي

يڪ ٿنڀي

ريلوي اسٽيشن جي اولهه ۾ هڪ ٽڪريءَ تي ننڍڙيون درگاهون آهن. مجاورن کان پڇبو ته هر هڪ قبر پويان هڪ ڊگهو شجرو ۽ ڪٿا ٻڌائڻ کان پوءِ نذرانو گهرندا. انهن جي قبرن لڳ هڪ دلچسپ غار آهي. مختصر ڏاڪڻيون چڙهي ڏاڪڻ جي در ۾ ٻڌل گهنڊ وڄائي، جتيون لاهي پوءِ غار جي درتي پهچبو جنهن کي ڪاٺ جو در هڻي بند ڪيو ويو آهي.
گهنڊ وڄائڻ کان اڳ ئي غار سنڀاليندڙ فقير پهچي ويندو. ٽڪريءَ تي هئڻ ڪري فقير اڳواٽ ئي تاڙيو وٺن ته، ڪيترا ۽ ڪهڙي حيثيت جا ياتري اچي رهيا آهن. اسان غار جي در مان اندر پير ئي مس پاتو ته، فقير غار جي ڪٿا شروع ڪئي، ”هتي قلندڙ شهباز چله ڪشي ڪندو هو، هن ڳڙکيءَ مان قلندر شهباز مڪي مديني ويندو هو ... “ ان کان پوءِ فقير غار جي ٻهاري ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن جو مطلب هو ته اهو فقير هن مقدس آستاني جو ٻهاريدار ۽ سنڀاليندڙ هئڻ ڪري نذراني جو حقدار آهي. مقدس هستين ۽ آستانن جي خدمت ۽ سنڀال ڪرڻ وڏي سعادت آهي ان ڪري ان فقير کي نذرانو ڏيئي ياتري پاڻ به سعادت حاصل ڪري سگهي ٿو. محمد عليءَ فقير جي تريءَ تي چار آنا رکيا ته فقير کي ڳالهه نه وڻي، منهن ڦيري زهر جو ڍڪ پي ويو. مقدس غار سنڀاليندڙ کي فقط چار آنا! فقير کي شايد گهٽ ۾ گهٽ پنجين ڏهين رپين جي نوٽ جو آسرو هو.
غار سچ پچ مقدس آهي. اصل ۾ اها غار پٿر جي زماني ۾ انساني هٿن سان گهڙي رهائش لائق ڪئي وئي هئي. غار جي مرڪز ۾ هڪ سنهڙو ٿنڀو به ڇڏيو ويو آهي، شايد ان ڪري ته غار جي ڇت ڊهي نه پوي. ڇا ڪو ماڳ فقط ان ڪري مقدس ٿي سگهي ٿو ته، ڪنهن درويش ان ۾ چله ڪشي ڪئي هجي! اهي ماڳ به ته مقدس سڏي سگهجن ٿا، جتي قديم انسان جياپي لاءِ جتن ڪيا هئا! غار ۾ داخل ٿيڻ جي واٽ سوڙهي آهي پر اڳتي هلي اها ڪجهه ڪشادي پر بي ترتيب ڪمري ۾ بدلجي وڃي ٿي. مرڪز ۾ موجود هڪ ٿنڀيءَ سبب هڪ غار جو نالو ئي ”يڪ ٿنڀي“ پئجي ويو آهي. غار جي پوئين پاسي به هڪ اڌ گهڙيل غار آهي، جنهن ۾ فقط هڪ ماڻهو سولائيءَ سان سمهي يا رهي سگهي ٿو. ان غار تي به هڪ فقير جو قبضو نظر آيو. ان پوئين غار کي مقدس نٿو سمجهيو وڃي. جنهن ڏينهن ڪنهن فقير جي ذهن ۾ خيال آيو اهو هڪدم اعلان ڪندو ته فلاڻي درويش کيس خواب ۾ اچي ان ننڍڙي غار جي فضيلت ٻڌائي آهي. ان کان پوءِ ان غار جي در تي ڪو جهنڊو لڳندو ۽ نيٺ نذراني جي هڪ ننڍڙي پيتي به رکجي ويندي.

لال باغ

لال باغ

ڇنڊڻ ٽپي جهانگارن باجارن واري واٽ ورتي وئي ته ساڄي هٿ تي لال باغ نظر آيو جيڪو هاڻي اجڙي چڪو آهي. لاهوت جا پانڌي پنهنجو سفر اتان شروع ڪندا آهن. ڪنهن وقت ۾ لال باغ جي حيثيت سيوهڻ لاءِ ايندڙ ويندڙ قافلن لاءِ منزل گاهه جي هئي، پر هاڻي زمانو بدلجي ويو آهي، فقط عقيدتمند يا لاهوتي فقير هتي اچن وڃن ٿا. اتي ئي سيوهڻ جي قديم بندرگاهه هئي، جتي آئين اڪبري مطابق چار هزار غوراب لنگر انداز ٿي سگهيا پئي. اهو به ممڪن آهي ته اڙل رستي منڇر ايندڙ مسافر هتان ٻيڙين تي چڙهندا هجن.

سيوهڻ / منڇر بئراج

سيوهڻ / منڇر بئراج

سنڌو سڄو سال وهندڙ درياهه آهي، پر ان جو زور مندائتو آهي. اڄڪلهه سنڌوءَ ۾ وڏي ۾ وڏو چاڙهه جولاءِ جي پڇاڙي ۽ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ رهي ٿو. ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين وڏو پاڻي جولاءِ ۾ لهي ويندو هو. پر ان جو دارو مدار مانسون تي آهي. اهو چاڙهه ۽ وهڪرو ايترو وڏو ٿئي ٿو جو، سمورا بند ۽ بئراجون گڏجي به سنڌوءَ جو پاڻي کٽائي نٿيون سگهن. بند ۽ بئراجون ٻڌڻ جو بنيادي مقصد به اهوئي آهي ته اونهاري ۾ سمنڊ ۾ لهي ويندڙ وڏي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪري آبپاشي جي مقصدن لاءِ استعمال ڪجي. اهوئي سبب آهي جو هاڻي ڪوٽڙيءَ کان مٿي سنڌوءَ ۾ سڄو سال رهي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ ۽ سپلاءِ اتر وارن آبادگارن جي مفادن سبب متاثر ٿي آهي.
1966ع ڌاري ڪيل هڪ وڏي سروي کانپوءِ خبر پئي ته، اتر سنڌوءَ ماٿريءَ ۾ بندن ۽ بئراجن لاءِ مؤزون ماڳن وانگر سنڌ ۾ ڪي اهڙيون جايون آهن جن کي سڌاري بئراجون بڻائي سگهجن ٿيون. پر انهن ماڳن تي فقط ٻه _ ٽي ڪوتاهيون ٿي سگهن ٿيون. هڪ اهو ته انهن ماڳن تي وڏي ٻوڏ دوران هونئن ئي وڏو خطرو رهي ٿو، پاڻي ۽ ان جي لٽ جمع ڪرڻ جي صورت ۾ سيلابي حالت اڃا به ڏکي ٿي سگهي ٿي، ٻيو اهو ته سم وڌي سگهي ٿي ۽ ٽيون اهو ته گهرائي بدران پکيڙ گهڻي هئڻ ڪري پاڻي بخار بڻجي اڏامي ويندو. انهن ٽنهي خطرن کي منهن ڏيڻ جا ڪي رستا به آهن ڇو ته، زمين جي اها ساڳي صورتحال جناح بئراج، تونسه، چشمه، گڊو، سکر ۽ ڄامشوري وٽ به آهي. اُٿل ڪرڻ سنڌوءَ جي عادت آهي جنهن جو مشاهدو اسان ڪالاباغ کان ڪندا آيا آهيون.
پاڻيءَ جو ذخيرو عام طور تي ٻن طريقن سان ڪيو ويندو آهي. پهريون اهو ته درياهه جو مکيه وهڪرو وڏي ڍنڍ بڻجي وڃي، جيئن ڄامشوري، سکر ۽ گڊو وغيره ۾ آهي، ٻيو طريقو اهو هوندو آهي ته، مکيه وهڪري کان ڪجهه پاسيرو هڪ ذخيرو ٺاهجي. سنڌ ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي اهڙا ٻه ماڳ آهن جتي، اڳ کان موجود ذخيرا ڪم آڻي سگهجن ٿا. هڪ منڇر ۽ ٻيو ڪينجهر. ڪينجهر تي آبپاشي عملدار مصروف آهن پر انهن جو مکيه مقصد زراعت گهٽ، ٻيو وڌيڪ آهي. البت منڇر اڃا تائين پنهنجي قدرتي نظام هيٺ سرڪار ۽ عوام کي فيض پهچائي پهچائي هاڻي پوڙهي ٿي وئي آهي. لٽ ۽ گاهه سبب ان پاڻيءَ جي ذخيري جي گنجائش گهٽجي وئي آهي. هاڻي ته منڇر کي بچائڻ ۽ بحال ڪرڻ جو مسئلو آڏو آيو آهي. ان جو هڪ ئي حل آهي، منڇر جي تري جي کوٽائي ڪري قديم دور واري قدرتي گهرائي تائين صفائي ۽ تري مان نڪتل مٽيءَ سان بندن کي وڌيڪ اوچو ۽ مضبوط ڪرڻ. بئراج جي تعمير لاءِ ته ائين ڪرڻ ضروري هو پر هاڻي ته منڇر جي زندگي وڌائڻ لاءِ به اهو ضروري ٿي پيو آهي. جيڪڏهن وڏي پئماني تي کوٽائي نه ڪرائي وئي ته، ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ منڇر جو نالو يا ان نالي سان ڪو ڳوٺڙو ته وڃي باقي بچندو ڍنڍ هوندي ئي ڪانه.

نه ملاح نه مڪڙي ...

نه ملاح نه مڪڙي ...

ويسٽ پاڪستان واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ پاران 1966ع ۾ ڇپيل رپورٽ موجب آبي ذخيرا حمل ڍنڍ، منڇر، ڪينجهر ۽ سانگهڙ طرف چوٽياري ڍنڍ ۾ جمع ڪرڻ جا وڏا امڪان آهن. حمل ڍنڍ جو ذخيرو اضافي پاڻي کڻي، منڇر ڀري سگهي ٿو. منڇر لاءِ پاڻي نارا ويلي ڊرين يا وارهه ڪئنال سان ممڪن ٿي سگهي ٿو.
منڇر، اصل ۾ ڪنهن وقت سنڌوءَ جو پيٽ هو. الهندو نارو سکر جي اتر کان نڪري اولهه طرف جبل جي وٽ سان ٿيندو منڇر ۾ پوي ٿو ۽ اتان اڙل وهڪرو ٺاهي لڪيءَ جي اتر کان ٿيندو، وري ڏکڻ اوڀر ۾ رخ ڪري وهيو هوندو. اهو لڳ ڀڳ ٻه اڍائي سال قبل مسيح جو زمانو ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته منڇر هڪ قدرتي هيٺانهين هئي، تنهن ڪري هتي هڪ وڏي ڍنڍ ٺهي پئي. درياهه پنهنجو مکيه وهڪرو مٽائي ويو، پر منڇر کي اڙل مان توڙي جابلو ندين مان پاڻي ملندو رهيو. جڏهن سنڌو منڇر جي مٿان وهندو هوندو تڏهن اتي درياهه جو پيٽ ويهن ميلن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هوندو.
بئراج پوڻ کانپوءِ، اونهاري ۾ سکر وٽان سنڌوءَ جو وڏو وهڪرو سراسري طور تي 6_5 لک ڪيوسڪ رهيو آهي. اهو سڄو پاڻي شاهه حسڻ جي اوڀر کان لنگهندو هوندو هو، جڏهن ته نئه گاج جو پاڻي جنهن جو ڊسچارج ڏيڍ لک ڪيوسڪ ڪٿيو ويو آهي، سو به ان ۾ شامل ٿيندو هو. ان مند ۾ هن علائقي ۾ وروڻ ديوتا ڪيڏا شهر کنڊر ڪندو رهيو؟ ان جو حساب ڪرڻ مشڪل آهي. نئه گاج ۽ ٻين جابلو ندين جا قهر ئي هئا جنهن ڪري ماڻهن مجبور ٿي ڪاڇي ۾ بچاءُ بند ٻڌو آهي.
منڇر جي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ ٽڪريون آهن جن جي ڪنڌيءَ تي شاهه حسڻ ۽ جهانگارا، باجارا مستقل ڳوٺ آهن. انهن ئي ٽڪرين مان اٽڪل هڪ ڊزن ننڍين وڏين برساتي ندين جو پاڻي منڇر ۾ پوي ٿو. انهن نئين جا نالا ترتيب وار هن ريت آهن:
اولهه کان: نئه نئنگ، نئه انگائي، نئه هليلي، نئه ڪڪراڻي، نئه نالي، نئه سوري ۽ نئه گاج.
ڏکڻ کان: نئه جهانگارا، نئه ڪائي، نئه گرڪ ۽ نئه مليرڙي.
ان ڪري جڏهن جڏهن به منڇر ڀرجي ٿي، تڏهن ان جي پکيڙ گهڻو تڻو اوڀر ۽ اتر طرف وڌي ٿي. اها واڌ ايتري گهڻي ٿئي ٿي جو ڍنڍ جي پکيڙ ٽيڻي چؤڻي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنجوڻي ٿيو پوي. هاڻي هڪ بچاءُ بند منڇر جي اتر اوڀر سرحد تي آهي، جيڪو بوبڪن کان وٺي مٿي اتر ۾ انهن سڀني ڳوٺن ۽ آبادين کي بچائي ٿو، اهي زمينون سکر بئراج کان نڪتل واهن تي آباد ٿين ٿيون. منڇر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي، اڙل واهه آهي جيڪو منڇر جو اضافي پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇوڙي ٿو. سکر بئراج پوڻ کان پوءِ اڙل وٽ هڪ ٻيو هٿرادو واهه کوٽي ان تي ريگيوليٽر هنيو ويو آهي ته جيئن منڇر جي پاڻيءَ کي ضابطي ۾ رکجي.
1966ع واري رپورٽ ۾ اڙل ڪئنال جي اوڀر ۾ درياهه جي پيٽ تي بئراج ٻڌڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. جنهن موجب درياهه جي هاڻوڪي وهڪري جي اوڀر ۾ بئراج ٺاهي ان طرف پاڻيءَ جو رخ موڙيو وڃي ها. اهڙيءَ طرح نه فقط منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي ها پر سنڌوءَ جي ۾ به هڪ وڏي ڍنڍ ٺهي ها.
بهرحال، سيوهڻ بئراج رٿا تي آبپاشيءَ جا ماهر متفق ٿيندا نظر نٿا اچن. اها اسڪيم گونرجنرل غلام محمد، سڪندر مرزا، ايوب خان، ذوالفقار علي ڀٽي، محمد خان جوڻيجي ۽ بينظير جي دورن ۾ وري وري پيش ٿي آهي ۽ رد ٿي آهي.
جهانگارن واري واٽ پڪي آهي پر مانسون دوران برساتي نالن جي اٿل روڊ جو اتريون ڪنارو کائي ڇڏيو آهي. روڊ جي ٻنهي ڪپن تي ساوڪ منڇر جو پاڻي اٿلڻ سبب پيدا ٿئي ٿي. جهانگارن کان ڪجهه ڪلوميٽر اڳ ڳوٺ ”ڪڇي“ نظر آيو، جيڪو هڪ وڏي دڙي تي ٺهيل آهي. ڀرپاسي ۾ هڪ ٻيو وڏو ڳوٺ ”ٺيڙهي“ آهي جيڪو پڻ هڪ اوچي دڙي تي ٺهيل آهي. باجارن جي صورتحال به ساڳي آهي. مون منڇر جي ڀرپاسي جا ٻيا ڳوٺ به ياد اچن ٿا، بختيارپور، بوبڪ ۽ ڪي ٻيا. اهي به اوچن دڙن تي ٺهيل آهن.
سچ پچ ته جابلو نئين سبب منڇر جي اٿل کان بچڻ لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا به واٽ ناهي، منڇر جا ماڻهو اوچن دڙن تي ڳوٺ ٻڌن. انهن مان ڪي ڳوٺن مڏن تي ٻڌل آهن. باجارا ڳوٺ، روڊ جي اتر ۾ آهي، ان جي آدمشماري ٻه هزار کن ٿيندي. هتي پير ببر شير جي مزار آهي. هن کي ببر شير ڇو ٿو چيو وڃي؟ هڪ همراهه چيو، ”ان ڪري جو هن کي چؤطرف پاڻي وڪوڙي بيٺو آهي ۽ هو وچ ۾ شينهن وانگر موجود آهي.“ ڳوٺ باجارن کانپوءِ نئن جا ٻه ننڍڙا پيٽ ٽپي نوڪن تائين پهتاسين. سامهون ٽڪريءَ تي ننڍڙيون ننڍڙيون پٿر جون ڍڳيون نظر آيون.
”هيءَ بُلي جي بُٺي آهي ... وڏو بهادر شخص هو ... هتي بُلي جي نالي سان هڪ چوڻي آهي ... ’بُلو چُري ته بُٺي چُري!‘ هتي هڪ جنگ لڳي هئي ... پر هيءُ مڙس ميدان جهلي بيٺو رهيو ... اصل نه چُريو بُٺيءَ تي بيٺو ئي بيٺو رهيو ... تان جو اتي ئي مري ويو“ اسان جي هڪ مقامي سونهين بلي جي بٺيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايو.
بُلي جي بٺي، جهانگارن کان اٽڪل پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. ڀرسان ئي هڪ برساتي ڍورو آهي. ان ٽڪريءَ تان قديم زماني ۾ ٺهيل پٿر جا چاقو به ملن ٿا جڏهن ته ٺڪراٽو آمري دور سان تعلق رکي ٿو. بٺيءَ جي ڀر ۾ مٺي ۽ صاف پاڻيءَ جو ننڍو چشمو وهي ٿو. تاج صحرائي بُلي جي ڪهاڻي ٻڌائيندي لکي ٿو ته، ”بُلو ذات جو کوسو (بڊاڻي) هو. پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس، بهادر ۽ سخي مرد هو. ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا وٽس فيصلن لاءِ ايندا هئا. هڪ ڀيري ڪنهن ڌارئي قبيلي جي مائيءَ بُلي جي سام ورتي. مائيءَ جا وارث بُلي وٽ آيا. بُلي سندن ڏاڍي عزت ڪئي پر ٻانهن نه ڏني، ڇو ته مائي رضا خوشيءَ سان وڃڻ لاءِ تيار نه هئي. مائيءَ جا وارث فيصلو ترار تي ڇڏي تاريخ ڏيئي هليا ويا. تاريخ واري ڏينهن بُلي جا ڀائر ۽ هڪ دوست، هڪ ٽڪريءَ تي ٿي بيٺا پر ٻيءَ ڌر وڃي ڳوٺ تي حملو ڪيو. عورتون ۽ ٻار ڊپ ۾ وٺي ڀڳا پر سام ۾ آيل عورت ويڙهه ڪئي ۽ مارجي وئي. حملو ڪندڙن پوءِ ڳوٺ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. دانهن تي بلي جي ڀائر حملو ڪندڙن کي للڪاريو. بلو به ٽڪريءَ تان ٽپا ڏيندو اچي جنگ ۾ شريڪ ٿيو. کوسن ۽ نوحاڻين جي مقابلي ۾ بروهي، شاهاڻي، لُنڊ ۽ جمالي هئا، سندن لشڪر وڏو هو، کوسا مارجي ويا. چئني ڀائرن ۽ نوحاڻي سردار جون قبرون اڃا موجود آهن. سام پيل عورت جي قبر هاڻي ڊهي وئي آهي. تر وارن قبيلن انهن بهادرن جي ياد ۾ ان بٺيءَ تي پنج ماهيون ٺاهي ڇڏيون. ماڻهن ان بٺيءَ جي اُتر طرف انهن جاين تي به ننڍيون ننڍيون پٿرجون ڍڳيون ٺاهي ڇڏيون آهن، جتي جتي پير رکي بلو ويڙهه لاءِ وڌيو هو.“

کيرٿر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گبر بند

کيرٿر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گبر بند

ڏاٺ جبل جي ڍوري ۾ قديم بند، تاج صحرائيءَ مون کي ٽي چار سال اڳ ڏيکاريو هو. هن صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌو تهذيب جا خالق“ ۾ بند جا تفصيل ڏنا آهن، بهتر آهي ته اهو ڏسجي ته صحرائي صاحب جي راءِ ڇا آهي ۽ بند جي ڊيگهه ويڪر ڪيتري آهي؟ صحرائي صاحب، ڊاڪٽر لوئي فليم سان گڏ اهو ماڳ ڊسمبر 1976ع ۾ لڌو، جهانگارن کان ست اٺ ميل پري اولهه ۾ نئنگ ۽ لاهوت واري واٽ تي.
اهو گبربند سپسير ڍوري تي ٻڌل ۽ اڄوڪن انجنيئرن لاءِ حيرت جو سبب آهي. صحرائي صاحب جي ورتل ماپن موجب بند پنجاهه سٺ فوٽ اوچو، چاليهه فوٽ ويڪرو ۽ اٽڪل پندرهن سؤ فوٽ ڊگهو آهي. بند ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، ٻنهي حصن جي وچ ۾ سپسير ڍوري جو پيٽ آهي. اهو ڍور نئه ڳمراچ ۾ پوي ٿو ... بند جي آسپاس ٽڪريون آهن. برساتن ۾ انهن جو پاڻي وهي، بند سان ٽڪرائجي پوءِ ڍوري ۾ ڪري ٿو. جنهن هنڌ پاڻيءَ جو تيز وهڪرو بند سان ٽڪرائجي ٿو، ان هنڌ بند کي پشتن سان مضبوط ڪيو ويو آهي. پشتن جو تعداد ست آهي. هر هڪ پشتو اٽڪل ٽي فوٽ اوچو ۽ پنج فوٽ ٿلهو آهي.
”نُڪي بٺي (ڏاٺ جبل) جي اولهه ڏکڻ ڇيڙي وٽ سپسير ڍوري جي ٿوري اونهي شاخ مٿان، هڪ تمام وڏي ۽ ويڪري ٽڪريءَ مٿان هڪ پراڻي ڦٽل شهر جا کنڊر بيٺا آهن ... ڦٽل شهر اتر کان ڏکڻ اٽڪل 500 فوٽ ۽ اولهه کان اوڀر 300 فوٽ ويڪرو آهي. ان جي وچ شهر ۾ هڪ مکيه گهٽي آهي جيڪا بازار وانگر ڏسجي ٿي ... اها بٺي، مُهين جي دڙي واري تهذيب جي پوئين دور، يعني ٻه هزار سال قبل مسيح سان تعلق رکي ٿي.“ (صفحو 81_85_ سنڌو تهذيب، تاج صحرائي) ڊاڪٽر لوئي فليم (Louis Flam) گبر بند جو، نُڪي بٺي واري ماڳ سان سڌو تعلق ٻڌائي ٿو. نڪي بٺي وارو ماڳ سيوهڻ کان ايراني بلوچستان جي هڪ واٽ تي آهي، جيڪا نئنگ کان ڪائي ۽ لاهوت کان ٿيندي اڳتي وڌي ٿي.
ٻنڌڻي يا ٻنڌ کانپوءِ صحرائي صاحب ساڳئي باب ۾، پير گاجي وٽ هڪ گبر بند جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو پڻ سندس کوجنا جو حصو آهي ... گاجي شاهه جي مقبري لڳ اهو بند 610 فوٽ ڊگهو آهي، جنهن مان 210 فوٽ نئه گاجي شاهه جي وهڪري ۾ لڙهي ويا آهن. گبر بند تري ۾ 140_ فوٽ ويڪرو ۽ 5فوٽ اوچو آهي.
ڪجهه ٻين گبر بندن جو ذڪر ايڇ ٽي لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ : جنرل انٽروڊڪشن“ ۾ تاريخ کان اڳ واري اوائلي تهذيبن جي باب ۾ ڪيو آهي. سنڌ جي جبلن ۾ سالياني برسات، جيڪا سراسري طور فقط ست انچ پوي ٿي، تي بحث ڪرڻ کانپوءِ هن صاحب مختلف گبر بندن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جو ڪجهه احوال هن ريت آهي. 1_ احمد بند جيڪو سرونا ماٿري ۽ اڌ ميل ڊگهو شاندار بند آهي. ان جو ذڪر هوز بلر R.Hughes Buller ”بلوچستان ۾ گبر بند“ ۾ڪيو آهي. 2_ پير موناگاڙ جنهن 30 فوٽ لٽ جهلي آهي. ان بند جو ماڳ سندس ڪتاب ۾ واضح ناهي. 3_ ٽوجي جيڪو بلوچستان ۾ آهي ۽ ان تي سر آريل اٽائين Excavations in Baluchistan ۾ بحث ڪيو آهي. 4_ ڪوهتراش، جتي ٽن چئن گبر بندن جو ميڙاڪو آهي. اهي بند وقفن ۾ ٺهيا پر هڪ ئي ماٿري کي مختلف پاسن کان آباد ڪندا رهيا آهن. انهن مان هڪ خاص ۽ وڏو بند آهي. تازو مسٽر لوئي فليم به ان تي سٺي تحقيق ڪئي آهي. 5_ گوزباني گوهر (گبر) بند _ جيڪو کيرٿر ۽ نئگ جي مٿانهين ماٿريءَ جي وچ ۾ گوزبانيءَ گوشائتي ماٿريءَ ۾ آهي. 6_ نگهد بند _ (Nighad) وچين ڇپر جي چوٽين مان هڪ جو نالو آهي ۽ سؤ کن ميل اتر ۾ (شايد گوزباني کان) سيٽا ۽ ٽرپڻ (Trapan) نئينِ جي وچ ۾ آهي. نگهد جي اوڀر ۾ اهڙن ٻنن جا نشان موجود آهن جيڪي پوک لاءِ اُڀي لاهيءَ کي وڏي ڪاريگريءَ سان ڏنا ويا هئا. 7 _ بلهور يا بهلور جي ڪشادي ماٿريءَ کيرٿر جي اولهه ۾ نئگ کان لاهوت واري واٽ ۾آهي. ان ماٿريءَ جي منهن وٽ، کيرٿر ڇپر ۽ سنڌ جي هاڻوڪي سرحد جي هيٺان، ڪجهه گبر بند آهن. 8_ ڪوٽڙيو/حب: بهلور کان اولهه طرف ڪوٽڙيو ۽ حب نديءَ جي ڪنڌيءَ تي گبر بند جا ڪي آثار آهن.
گبر بندن جو ذڪر نڪتو آهي ته مان به ڪجهه اهڙن گبر بندن کي رڪارڊ تي آڻڻ گهرندس، جيڪي اڄ تائين ڪنهن نه ڏٺا آهن. مان انهن مان فقط ٻن جون ماپون وٺي سگهيو آهيان. پهريون گبربند رني ڪوٽ جي موهن دروازي کان پنج ميل اولهه ۾ موجود ڏاڦري جبل کان اتر ۾ هڪ جابلو لنگهه تي ٻڌل آهي، جنهن کي ”گوري بندي“ چيو وڃي ٿو، ان ئي گوربنديءَ جي نسبت سان ان جبل کي ”گوربندي“ سڏيو وڃي ٿو، بند جي اوچائي اٽڪل 50_ فوٽ ۽ ڊيگهه 130_ فوٽ آهي. پاڙ وٽ ويڪر 70_فوٽ ۽ مٿين سطح تي 13_ فوٽ آهي. هن گوربنديءَ جو ڪجهه حصو ڀڳل آهي پر ان ڀڃ ڊاهه جي ذميواري برساتي پاڻيءَ تي ناهي. مقامي ماڻهن صدين کان اتان لنگهه ٺاهيو آهي. ڌنار ۽ ٻڪرار اتان پنهنجا ڌڻ ڪاهي رني ڪوٽ واري چشمي تان ٻڪرين کي پاڻي پيارڻ اچن ٿا. بند اڏڻ جو مقصد پاڻيءَ کي روڪڻ نه هو پر ان جو رخ بدلائي اتر طرف ڪرڻو هو. بند اڄ ڏينهن تائين اهو ڪم خوبيءَ سان انجام ڏيئي رهيو آهي، جيتوڻيڪ هاڻي ان جو هڪ حصو ڀڳل آهي. برسات جي تيز پاڻيءَ هن رڪاوٽ سبب پنهنجو لنگهه بدلائي اتر طرف هڪ ٻئي لنگهه مان ٺاهيو آهي جتان لنگهڻ کان پوءِ وهڪرو موهن پٽن ۾ داخل ٿي نئه موهن سان ملي رني ڪوٽ مان لنگهي اوڀر طرف سنڌوءَ ۾ پوي ٿو. هن ماڳ تان اسان کي پٿر جون گهڙيل ڇُريون مليون آهن
ٻيو ننڍو بند ڪراچيءَ جي اتر ۾ مهير جبل تي ”ٻاٻرو“ نالي هڪ اهڙي ماڳ تي آهي، جنهن کي بنا ڪنهن شڪ جي تاريخ کان اڳ واري زماني جو چئي سگهجي ٿو. اهو بند ٽاڪرو ڇت جي هڪ ننڍي ڍوري پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. برساتن جو پاڻي جنهن ڍوري ۾ جمع ٿئي ٿو، اهو ذري گهٽ هر پاسي کان بند آهي. ٿوري رهيل وٿيءَ تي بند ٻڌي پاڻي روڪڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. ان ئي بند لڳ ٽڪريءَ تي تاريخ کان اڳ جو ماڳ موجود آهي جنهن جي مٿاڇري تان لڀجندڙ ٺڪراٽو آمري دور سان هڪجهڙائي رکي ٿو.
بند جي ڊيگهه 65 فوٽ، پاڙ وٽ ويڪر 45 فوٽ، مٿين ويڪر 20 فوٽ ۽ اوچائي 12_ فوٽ آهي. جڏهن ته ان ٽاڪرو ڍوري يا تلاءَ جي ڊيگهه 500 فوٽ ۽ ويڪر 75 فوٽ آهي.
ساڳي ماڳ جي ڏکڻ ۾ هيٺ هڪ ٻيو گبر بند بنهه تباهه حال ۾ موجود آهي. هن بند جون ماپون وقت جي کوٽ سبب وٺي نه سگهيس. هڪ قديم بند پٻ جبل ۾ لاهوت ويجهو محبت فقير کان چار پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ جيپ جي پيچري سان آهي. ساڳي ماڳ تي هڪ قديم وستيءَ جا کنڊر به آهن.
قديم آثارن واري کاتي جي رڪارڊ ۾ ڇنيءَ کان ست اٺ ڪلو ميٽر اتر اولهه ۾ ال مراد وٽ پڻ هڪ بند آهي.

نُڪو بٺي آثار

نُڪو بٺي آثار

سپيسر ڍوري تي ٺهيل گبر بند کانپوءِ، ان جي ڀر ۾ قديم وستيءَ جا آثار آيا. ڦٽل شهر جي ماپ اتر ڏکڻ 500 فوٽ ۽ اولهه کان اوڀر ٽي سؤ فٽ آهي. آثار ڏسڻ شرط پهريون ڌيان شهري رٿابنديءَ ڏانهن وڃي ٿو، ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو مُهين جي دڙي واري زماني سان تعلق رکندڙ هن شهر جون گهٽيون بالڪل سڌيون ۽ پور_ وڇوٽيون آهن.
آباديءَ جي وچ مان وڏو رستو لنگهي ٿو، جڏهن ته ننڍيون گهٽيون گوني ڪنڊ ٺاهي وڏي رستي سان اچي ملن ٿيون. اڏاوتن ۾ نه پڪي سرن جو استعمال آهي، نه ڪچيءَ جو، نه وري روڙا ۽ گچ استعمال ٿي آهي سڄو شهر پٿر جي وچولي بلاڪن مان ٺهيل آهي. هڪ هڪ بلاڪ هڪ فوٽ x ڏيڍ جي لڳ ڀڳ آهي. هونئن ته ننڍا وڏا بلاڪ به آهن پر سڀني جي سراسري ماپ اها ئي بيهي ٿي. بلاڪ چڱيءَ طرح گهڙيل ناهن پر اڍنگا ڇليل آهن.
هتي ٺهيل ڪمري جي ديوارن جي ٻاهرين ماپ 16x15 فوٽ آهي. اندروني ماپ کي پٿر جي بلاڪن جي ماپ موجب گهٽائي سگهبو. انهن ڪمرن کان سواءِ 6x5 فوٽ ماپ جون ڪي اڏاوتون ڪمري ۾ اندر آهن، جن جي تشريح ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. شهر ۾ ٺڪراٽو جام آهي، سو به سم ۽ ڪلر جي بيماريءَ کان ڇٽل.
وستيءَ سان گڏ ٺهيل گبر بند، يقيني طور تي ساڳي تهذيب سان ڳنڍيل آهي. جنهن ڪري پڪ ٿئي ٿي ته هن پڪي آباديءَ جا ماڻهو منظم پوکي ڪندا هئا. قديم بند هڪ وڏي ڍوري جي ڪنڌيءَ تي آهي، جڏهن ته اهو ئي قديم بند هڪ ٻئي ڍوري جو پاڻي ان وڏي ڍوري ۾ پوڻ کان روڪي ٿو. پاڻي روڪي ان کي ٻئي رخ ۾ موڙيو ويو هو. ڏٺو وڃي ته گبر بند قديم سنڌي ماڻهن جي اڏاوتي ۽ آبپاشي انجنيئرنگ جو ڪمال آهي. يقيناً اهو بند چار ساڍا چار هزار سال اڳي ٺاهيو ويو هو.

ڪائي ماٿري

ڪائي ماٿري

قافلو، سپيسر ڍوري کان اڳتي وڌيو. ان ماڳ کي لاهوتي فقير ڏاٺ جبل چون ٿا. ڇو ته سامهون وارين ٽڪرين ڏاٺن يا نوڪن وانگر نڪتل آهن. ايندڙ منزل ”ڪائي“ آهي، جتي ”پنجن تنن جو کوهه“ آهي. جيپ ڪائي ماٿريءَ ۾ سردار محمد خان نوحاڻيءَ جي اوطاق تي بيٺي. اسان کي هتان ڪو سونهون کپندو هو. سردار جو پٽ دائود خان نوحاڻي قافلي ۾ شامل ٿي هليو.سڌو اچي ان چشمي تي پهتاسون، جنهن کي لاهوتي فقير ”پنجن تنن جو کوهه“ سڏين ٿا. چشمو ڦٽڻ واري جاءِ تي گندرف جي بوءِ هئي. پاڻي چشمي جي تري مان ٻڙڪا ڏيئي ٻاهر ٿي نڪتو ۽ تيزيءَ سان هڪ موچارو وهڪرو ٺاهي هيٺانهينءَ ڏانهن وڌندو ٿي ويو.
اسان کي دائود خان ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”هيءءُ پنجن تنن جو کوهه آهي ... هتي اڳي ڪافرن جو قبضو هو ... اهي ٻه ديو هئا ڪائو (Kaoo) ۽ دائو (Daoo) ... هيٺ چشمي تي وڏو باغ آهي ان کي به پنجن تنن جو باغ چوندا آهن.“
دائود خان کي ڪائي ماٿريءَ جي تاريخ بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي. بس هو ايترو ٻڌائي سگهيو ته، نوحاڻين کان اڳ هتي ڪي بروهي ويٺل هئا. ڪائيءَ جو چشمو گرم پاڻيءَ جو آهي جنهن ۾ مڇيون رهي نٿيون سگهن. البت اڳتي وهي پاڻي ٺري پيئن ۽ پوکي لائق ٿيو وڃي. چشمو طاقتور آهي، جنهن ڪري نوحاڻين ان تي اٽو پيهڻ جي چڪي به هنئي هئي.
”پنجن تنن جي کوهه“ کي ڪرامتي سمجهيو وڃي ٿو. چشمي تي ٻڪريءَ جي قربانيءَ جي قديم رسم آهي. اسان کي چشمي لڳ ڪٺل جانور جو سڪل رت نظرآيو. دائود خان ٻڌايو ته، ”جڏهن ٻڪريءَ جو رت پاڻيءَ ۾ نٿو ملايو وڃي ته وهڪرو گهٽجي وڃي ٿو پر جڏهن ٻڪري ڪهي ان جو رت ملايون ٿا ته وهڪرو وڌي وڃي ٿو. ضروري ناهي ته هر ٻڪريءَ جو رت پاڻيءَ ۾ ملي وڃي ... چورايل ٻڪريءَ جو رت پاڻيءَ ۾ نٿو ملي.“ عام طور تي قرباني ۾ نر جانور جي چونڊ ڪئي ويندي آهي پر هتي دائود خان موجب ”ٻڪري هجي ... نر نه. سا به اهڙي جيڪا لڳڻ جي وهي ۾ ته هجي پر لڳل نه هجي ... ۽ چوري ڪيل به نه هجي. ٻڪريءَ جو رت ٻارهين ٻارهين مهيني پاڻيءَ ۾ ملايو ويندو آهي.“
پاڻيءَ ۾ رت ملائڻ جو هڪ خاص طريقو آهي. سڀ کان پهرين ڪو هڪ ماڻهو ٻڪري ڪهي ان جو رت هڪ وٽيءَ ۾ ڀري چشمي ۾ لهندو آهي، پوءِ ٻيا ٻه ٽي ماڻهو ان چشمي ۾ ٽپو ڏيئي پاڻي ڇا ڇولي ميرو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ائين هوريان هوريان ٻڪريءَ جو رپ پاڻيءَ ۾ ملي ويندو آهي پر جيڪڏهن ٻڪري عيب هاڻي يا چورايل هوندي ته ان جو رت نه ملندو ۽ ڄمي بيهي رهندو. جيڪڏهن رت ملائڻ جي رسم نه ٿي ڪئي وڃي ته پوءِ ڇهين مهيني ساڳئي هنڌ هڪ گهيٽو خيرات ڪيو وڃي ٿو. گهيٽي جو رت پاڻيءَ ۾ نٿو ملايو وڃي پر ان کي ڪنڌيءَ تي ڪهي ان جو گوشت ان وقت بيٺل ماڻهن ۾ برابر ورهائي ڇڏبو آهي يا گڏجي پچايو کايو ڇڏين.
پاڻي، زمين مان ڪافي طاقت سان ٻڙڪي نڪري ٿو، ايتري طاقت سان جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان ۾ لهي ته پاڻي ان کي ڌڪي پري اڇلايو ڇڏي. چون ٿا ته جڏهن لاهوتي هن چشمي جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن ته زور زور سان ”يا علي!“ جا نعرا هڻندا آهن. ”يا علي“ جي واڪن تي چشمي جي تري مان اٿندڙ ٻڙڪا اڃا تيز ۽ طاقتور ٿي ويندا آهن. دائود خان چيو، ”پاڻيءَ ۾ ايترو جوش اچي ويندو آهي جو ميرو ٿي ويندو آهي.“

جِنن جا گهر يا ست گهرِيون

جِنن جا گهر يا ست گهرِيون

پنجن تنن جي باغ کان اتر طرف بڊي جبل سلسلي جي هيٺانهين ٽڪرين جي پاڙ ۾ ست غارون آهن. غارن جو منهن اوڀر طرف آهي. مقامي ماڻهو جيئن ته مافوق الفطرت مخلوقن ۽ هستين تي وڏو ويساهه رکن ٿا، تنهن ڪري سندن خيال آهي ته اهي غارون جنن جا گهر هئا. غارن جو تعداد ست هئڻ سبب انهن کي ست گهريون به چون ٿا. صحرائي صاحب سندس ڪتاب ۾ خيال ڏيکاريو آهي ته، اهي غارون پهرين پراڻي پٿر واري زماني جون ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن هزار سال قبل مسيح واري زماني جون آهن. اهو زمانو اڃا به قديم ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته پراڻي پٿر وارو زمانو ڇهن لکن کان ٻارنهن هزار سال ق. م. جي وچ وارو عرصو سمجهيو وڃي ٿو. هن مهل تائين انهن غارن مان ڪو به هٿيار يا اوزار هٿ نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪائي ماٿريءَ جا ڳوٺاڻا اهي غارون برساتن ۾ عام جام استعمال ڪري ۽ ان جي صفائي کوٽائي ڪري نقصان پهچائي چڪا آهن. البت ڀرپاسي واريون اوچيون ٽڪريون ڦلهورڻ سان ڪي اوزار يا آڳاٽا هٿيار لڀجڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي.
ستن ئي غارن جي ماپ هڪٻئي کان مختلف آهي. غارن جي اوچائي به مختلف آهي. ڪي غارون مستطيل ۽ ڪي بي ترتيب آهن. ٻن غارن ۾ موڪرا ٿنڀا آهن، جيڪي ڪمزور ڇت کي سهارو ڏيئي بيٺا آهن. هڪ ٿنڀو ڇهه فوٽ اوچو ۽ ٻه فوٽ ويڪرو آهي ٻيو ٿنڀو هر طرف کان ٽي ٽي فوٽ ويڪرو (ڪُل گهيرو 12_ فوٽ) آهي. ڪجهه غارن اندر ننڍيون غاريون يا ڪمرا آهن، جن جي ڇت ٻاهرين وڏي غار جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. ڇتن جي وڌ ۾ اوچائي 8_ فوٽ ۽ گهٽ ۾ 4_ فوٽ آهي. ڀتيون ٻه ٻه ٽي ٽي فوٽ ويڪريون آهن دروازن جي اوچائي پڻ مختلف آهي 8_ فوٽ کان وٺي ٻن فوٽن تائين آهي. وڏي ۾ وڏي غار 23x9 فوٽ ۽ ننڍي ۾ ننڍي غار 3x5 فوٽ آهي. ائين ٿو لڳي ته ننڍي ۾ ننڍي غار اصل ۾ هڪ وڏي غار جو اندريون ڪمرو آهي جڏهن ته اها وڏي غار هاڻي مڪمل طرح ڊهي چڪي آهي ۽ اها هاڻي اڱڻ جي ڏِک ڏئي ٿي.

نئگ ڏانهن

نئگ ڏانهن

منجهند جو ٻين لڳي، ماپن کان واندو ٿي قافلو نئگ طرف وڌيو. ڪائيءَ جي اتر ۾ ڪارو جبل ۽ ڏکڻ ۾ بڊو آهي. ڪائيءَ کان نئگ جي وچ ۾ هڪ عجيب قبر نظر اچي ٿي. جنهن بابت اسان کي ٻڌايو ويو ته، 1940ع ڌاري هن هنڌ هڪ شخص کي بگهڙن کاڌو هو. اها قبر ماهيءَ وانگر گول آهي، جيڪا هڪٻئي مٿان پٿر رکي گولائيءَ ۾ ڇهه ست فوٽ اوچي ٺاهي وئي آهي، جنهن جو قطر ٽي فوٽ کن ٿيندو. واٽ تي پٿرن جي ڊٺل چؤديواريءَ ڪنهن کنڊر جو ڏس پتو ٿي ڏنو. وقت گهٽ هئڻ ڪري قافلو نه ترسيو ۽ اڳتي نڪري ويو. زندگي رهي ته ڪنهن ٻئي ڀيري اچي ڏسبو. ان ماڳ کي ”مائي ڇٽڙيءَ جو ڪوٽ“ سڏين ٿا.
اسان جو رخ سامهون ڀت جبل ڏانهن آهي. منجهند جا اڍائي ٿيا آهن. سج ڀت جبل جي اولهه ۾ آهي، جنهن ڪري اوڀر وارو پاسو سچ پچ به هڪ اوچي ۽ اونداهي ڀت وانگر نظر اچي ٿو. ڀت جبل جي اوچائي هنڌ هنڌ ڏيڍ کان اڍائي هزار فوٽن جي وچ ۾ آهي. بڊي جبل جي اوچائي ڀت جبل کان گهٽ آهي.
نئه نئنگ جا ٻه ٽي وهڪرا آهن، جن مان هڪ ۾ چشمي جو پاڻي آهي. اهو ئي چشمو نئنگ جي ساوڪ جو سبب آهي. ماٿريءَ ۾ کجيءَ جو وڻ هر قسم جي نباتات کي مات ڏيو بيٺو آهي. جيپ نئنگ واري جبل تي ماڪوڙي وانگر چڙهندي وئي ۽ هڪ هنڌ وڃي بيهي رهي. اڳتي فقط ماڻهو ئي وڃي سگهيو ٿي. سچي ڳالهه آهي ته ماڻهو جبل چڙهڻ مهل هر مشين ۽ جانور جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. کيس فقط کرن واري جابلو مخلوق پوئتي ڇڏي سگهي ٿي، باقي اٺن ۽ گهوڙن جي به جاءِ ناهي.
نئنگ ماٿريءَ جون مکيه شيون گرم پاڻيءَ جو چشمو، لکيمر ماڙيءَ جا کنڊر، مائي روهي جو نشان ۽ هتي جون قديم رسمون آهن. نئنگ جو چشمو ڪائيءَ واري چشمي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گرم آهي ۽ وڌيڪ اوچائي تان ڦٽي ٿو. چشمي وٽ گندرف جي بوءِ به ڪائيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻي آهي. ٻنهي چشمن جو پاڻي دائمي آهي. البت ٻن چئن سالن جي ڏڪر دوران پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجي ويندو آهي. مقامي ماڻهو ۽ لاهوتي فقير هن چشمي کي ”يا علي جو کوهه“ چون ٿا.
گرم چشمي جي مٿان بيٺل کبڙ ۽ ٽانگيل تعويذ ۽ ڌاڳا ڏسي اسان مقامي ماڻهن ڏانهن سوالي نگاهن سان ڏٺو.
”ماڻهن جون باسون باسيل آهن ... جيڪي ماڻهو چريا ٿي پوندا آهن، انهن کي به هتي وٺي ايندا آهن ۽ ٻڌندا آهن پوءِ الله جي حڪم سان ۽ درويش جي دعا سان ٺيڪ ٿيو پون.“ مقامي ماڻهو ٻڌايو: درويش مان سندن مراد پير قمبر علي شاهه آهي جيڪو هاڻوڪي گادي نشينن جو وڏو هو. صالح شاهه، مير الله بخش شاهه ۽ غلام شاهه سندس پوٽا آهن. انهن جون درگاهون به هتي ئي آهن.
درگاهه جو مجاور اسان کي مقبرن ڏانهن وٺي ويو. ”هيءَ آهي ’شاهه روهي‘ جنهن کي مائي روهي به چون ٿا. علي سائين ان عورت کي پٿر ڪري ڇڏيو. ’روهي‘ معنيٰ پٿر. سائين ’شاهه روهي - بُڻ پيران‘ آهي. لاهوتي فقير لاهوت ويندي هتي روٽ ڏيندا آهن. جيڪو هتي روٽ نه ڏيندو ان جو لاهوت نه ٿيندو!“

شاهه روهي

شاهه روهي

شاهه روهيءَ جي ڪٿا دلچسپ لڳي ٿي. اسان ان ڪٿا جا ٽڙيل پکڙيل تفصيل ميڙڻ شروع ڪيا ته هڪ ڪهاڻي جڙي پئي:
”هن واديءَ ۾ لکمير ڪافر جو قبضو هو. لکمير کي هڪ ڌيءَ هئي. ان زماني ۾ هتي علي سائين آيو هو. ڪنهن غريب، علي سائينءَ آڏو صدا هنئي ته کيس ڏوڪڙ گهرجن. علي سائينءَ چيو ته، مون وٽ پئسا ناهن تنهن ڪري مونکي ڪافر وٽ هلي بيهاريو ان وٽ ڪمائيندس. جڏهن تنهنجي ضرورت جيترا پئسا پورا ٿين ته پوءِ مان هليو ويندس!“
”اهڙي طرح علي سائين ڪافر وٽ بيٺو. ڪافر حضرت علي سائينءَ کي ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ موڪليو. علي سائين گڏهه ڪاهي ويو ته ان کي شينهن کڻي ويا. پوءِ علي سائين شينهن تي ڪاٺيون کڻي آيو ... اِتي اچي ڳالهه ظاهر ٿي ته هي ماڻهو ڪو ٻيو نه پر پاڻ ’ ... مشڪل ڪشا‘ آهي.“
ان کان پوءِ ڪافر لکمير، علي سائين سان مقابلو ڪيو ۽ مٿس وڏا وڏا پٿر اڇلايا پر وڙهي نه سگهيو ۽ وٺي ڀڳو ۽ سامهون ڀت جبل تي چڙهيو. علي سائين اتي وڃي پهتس ... ۽ جهلي تِريءَ سان وٺي جو زور ڏنائين ته ڪافر ڇپَ ۾ هليو ويو (مقامي ماڻهو ڀت جبل ۾ نظر ايندڙ هڪ وڏي نشان کي حضرت عليءَ جي تِريءَ جو نشان ٻڌائين ٿا). علي سائين پوءِ اتان ڪاٺيون ڪري آيو. (ان جاءِ کي هاڻي شاهه (حضرت علي) جا ڪنڊا ڪري سڏين ٿا. ان ڪاٺيءَ جي ڇوڏي کي ڪرامتي حيثيت ملي وئي آهي. جنهن کي بخار ٿئي ان کي ڇوڏو ٻڌيو ڇڏين. اهو ماڳ هاڻي لاهوتين جي هڪ منزل آهي)
لکمير ڪافر جي ڌيءَ هڪ ڏينهن حضرت عليءَ کي چيو ته، ”مان قرآن شريف پڙهان ٿي، مسلمان آهيان، منهنجو توتي ايمان آهي ۽ توتي عاشق آهيان.“
ان تي علي سائين کيس چيو ته، ” جيڪڏهن تون مسلمان آهين ته پوءِ توکي اهڙو لقب ڏيئي ٿو وڃان جو تو وٽ هزارين ماڻهو ايندا ۽ تنهنجي زيارت ڪندا. لاهوتين جي لاهوت ان زيارت کان سواءِ نه ٿيندو. ان کان پوءِ علي سائينءَ ان عورت کي پنڊپهڻ ڪري هتي بيهاري ڇڏيو!“
جنهن هنڌ ”شاهه روهي“ وارو پٿر کتل آهي. مقامي ڏند ڪٿا موجب، حضرت علي اتي نماز پڙهندو هو. ان هنڌ پٿر جي آڏو هڪ هٿرادو قبر ٺاهي وئي آهي ته جيئن عقيدتمند جيڪڏهن پڙ وجهڻ گهرن ته ان تي وجهن.
ماڻهو، جنهن کتل پٿر کي شاهه روهي چون ٿا سو مجسمو ناهي. اهو هڪ مستطيل گهڙيل پٿر آهي، جنهن کي اُڀو کوڙيو ويو آهي. اهو پٿر اڍائي فوٽ ويڪرو، ڇهه فوٽ چار انچ ڊگهو ۽ ڏهه انچ ويڪرو آهي. پٿر کي چيرولي پلستر ڪيو ويو هو جيڪو پڻ ڪافي اکڙي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو پٿر اُڀو کتل آهي تنهن ڪري مجاور ٻڌائي ٿو ته مائي روهي بيٺل آهي. پٿر ڪنهن پرانهين علائقي جو نٿو لڳي اهو هن ئي علائقي مان ڳولي ۽ ڇلي ٺاهيل لڳي ٿو. تاج صحرائيءَ جو خيال آهي ته، اهو پٿر حمورابي (1792_1750 يا 2100 ق. م.) جي قانون وارين تختين مان هڪ ٿي سگهي جن جي ماپ به لڳ ڀڳ ساڳي هئي. هن صاحب دادو ضلعي ۾ اهڙيون ٻيون تختيون به ڏٺيون آهن.

لنگم تي رت ڀيٽا

لنگم تي رت ڀيٽا

گادي نشينن جي مقبرن آڏو ٻاهر ميدان ۾ هڪ گول پٿر اُڀي حالت ۾ کتل آهي. پٿر تي رت هاريل آهي. ماڻهو ان پٿر کي ”روهي“ چون ٿا. اهڙيون روهيون ڪوهستان ۾ ٻين هنڌن تي به کتل آهن، جن تي بلوچ قبيلا قديم وقتن کان ٻڪر قربان ڪري ان جو رت هاريندا آهن. اهڙي ئي هڪ روهي، جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڇني لڳ ٻروچن جي قبرستان ۾ سردار شهڪ خان جي ڀر ۾ آهي، ان تي پڻ هر وقت رت جا لينگها ڏسي سگهجن ٿا، اها روهي ساڍا ٽي چار فوٽ اوچي آهي ۽ لنگم جهڙي آهي.
نئنگ ۾ قربانيءَ واريءَ روهي ننڍي پر ساڳي شو لنگم جهڙي آهي. هن روهيءَ تي لاهوتي يا ٻيا زيارتي جانور ڦنڊر ڪهي رت هاري خيرات ڪري ويندا آهن ۽ ڪا باس باسي ويندا آهن، يا باس پوري ٿيڻ تي هتي اچي قرباني ۽ خيرات ڪن. پر اهو هر ڪنهن لاءِ لازمي آهي ته قربانيءَ جو رت ان لنگم تي هاريو وڃي. هيءَ روهي زمين ۾ اندر پاڙ کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏيڍ فوٽ آهي.
مائي روهيءَ جي چؤديواريءَ کان ٻاهر، هڪ قبر ماڪوڙي شاهه جي آهي. جنهن کي ”معصوم“ چون ٿا. روايت آهي ته هن ڄمڻ شرط دائيءَ سان ڳالهايو هو. هن قبرستان ۾ ڪنهن به مقبري کي ڇت ناهي. چون ٿا ته ڇت ٻڌڻ جو حڪم ناهي. سڀئي چؤديواريون چيروليءَ سان پلستر ڪيل آهن.
نئگ ۾ ميلو به لڳي ۽ ملاکڙو به ٿئي. زبردست محفل لڳندي آهي. نئگ لاهوتين جي اهم منزل آهي. ان کانپوءِ لاهوتي ڀت جبل جي واٽ وٺي شاهه جي ڪنڊن وٽان ٿيندا، ڀت جبل ٽپي اڳتي وڌندا ته چنگڻ جبل ايندو. چنگڻ ڏسي لاهوتين جو هيان ڇڄيو پوي، ڇو ته اهو لاهوت جي پنڌ ۾ اتانهين کان اتانهون جبل آهي. چنگڻ تي ڪمزور ۽ بيمار لاهوتي مريو به پون ڇو ته اتي پاڻي جي به سخت کوٽ آهي. چنگڻ ڏسڻ لاهوتين لاءِ اطمينان جو سبب آهي ڇو ته اڳتي پنڌ ايترو ڏکيو ناهي. ان ڪري لاهوتي چوندا آهن، ”چنگڻ ڏٺو ته لاهوت ڏٺو!“

لکمير جي ماڙي

لکمير جي ماڙي

نئنگ ماٿريءَ ۾ هڪ شاهي مخروطي هڪ ٽڪريءَ تي قديم آثارن جو ماڳ آهي. ماهرن موجب هيءُ ماڳ سنڌو تهذيب سان تعلق رکي ٿو. هتان سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل ڳاڙهو ٺڪراٽو جنهن تي ڪاري چٽسالي آهي، ملي ٿو. ان کان سواءِ پٿر جا اوزار به ملن ٿا. پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها لکمير ڪافر جي ماڙي آهي، جنهن علي سائين سان مقابلو ڪيو. جڏهن عليءَ سائين لکميرکي ماريو تڏهن لکمير جو محل اونڌو ٿي پيو. مينهن کان انهن کنڊرن مان عقيق، مڻيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن سون به لڀجي ٿو. ماڻهن کي لکمير کان ڪيڏي به نفرت هجي سندس ڇڏيل سون سان ڏاڍو پيار آهي. جنهن کي ملي! ڀاڳ جي ڳالهه آهي!

هتي نالو لکڻ سان بخار لهي ٿو!

هتي نالو لکڻ سان بخار لهي ٿو!

سج لهڻ کان ڪجهه اڳ، جهانگارن جي ٽاڪرو ڳوٺ ۾ چانهه لاءِ ڊاٻو ڪيو ويو. اولهه طرف قبرستان ۾ بيٺل اڇي مقبري اسان کي سڏيو. هيءَ سخي دليل جو مقبرو آهي. سخي دليل پاڻ رند ٻروچ هو ۽ بلوچستان کان هتي آيو هو. ٻروچن کي ايترو پيارو هو جو جڏهن هن وفات ڪئي ته روايت موجب، سندس مقبري جي اڏاوت ۽ پلستر ٿيڻ مهل پاڻيءَ بدران ڏاچين جو کير استعمال ڪيائون، ان ڪري مقبري جو رنگ اڇو آهي.
سخي دليل جي هٿ ۾ وڏو انصاف هو. هو اَن جي بٽئيءَ مهل آڱر جي اشاري سان حصا پتيون ڪري ڇڏيندو هو ته تور ۾ فرق نه پوندو هو. اها کيس قدرت جي ڏات هئي. مقبري ۾ اندر گهڙڻ سان چؤطرف اڇي ديوار هاڻي ڪاري ٿي چڪي آهي. هر طرف ماڻهن جا نالا لکيل آهن. ڇا هندو ڇا مسلمان! ڇا ٻروچ ڇا سماٽ! هر ذات ۽ قبيلي جا نالا لکيل آهن. ماڻهن جو عقيدو آهي جنهن به ماڻهوءَ کي بخار نه ڇڏيندو هجي پوءِ کڻي اهو مدي جو هجي يا دائمي، هتي مريض جو نالو لکڻ سان هن جو بخار لهي وڃي ٿو. مقبري ۾ لکيل سڀ نالا مريضن جا هئا.

سنڌو کيرٿر ماٿري تهذيب

سنڌو کيرٿر ماٿري تهذيب

سومهڻيءَ مهل سيوهڻ کان دادوءَ پنڌ وياسين، جتي سنڌ جو جهونو محقق تاج صحرائي رهي ٿو. اسان جي مرضي آهي ته ساڻس ڪچهري ڪجي. ڏسون ته هو پنهنجي زندگيءَ جو نچوڙ ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. اونڌائي رات ۾ ڌاڙيل راڪاسي قوتن وانگر سرگرم ۽ طاقتور ٿي ويندا آهن. انڊس هاءِ وي سندن من پسند شڪار گاهه آهي، رات کين راتاها هڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جيپ اونڌائي رات جو پيٽ چيري اتر اولهه طرف دادو ڏانهن ڊوڙندي رهي ... ساهه مٺ ۾ رهيو پر خير ٿي ويو. اڄڪلهه ته ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙيلن هتان شهرن مان کڄيو وڃن.
جڳت آباد جي هڪ پراڻي جاءِ آڏو جيپ بيٺي، درکڙڪايو ويو، صحرائي صاحب ٻاهر نڪتو. بت ڀريل ۽ اڇا وار، سندس ڀرون به اڇا ٿي ويا آهن. صحرائي صاحب وڏي پاٻوهه سان مليو ۽ مٿي ڪمري ۾ وٺي ويو. مُهين جي دڙي واري گهرن جي نقشي تي بيٺل هيءَ جاءِ اوڙي پاڙي جي جاين کان مختلف ناهي. ڏاڪڻ، اڱڻ مان مٿي ٿي وئي. مٿي ٻه ڪمرا هئا. ٻنهي ڪمرن ۾ ڪتاب، پراڻيون ٺڪريون ۽ پنڊ پهڻن سان ڀريل ٽوڪريون ۽ ٿيلهيون. صحرائي صاحب پنهنجي جمع پونجي ڏيکارڻ مهل ڏاڍو خوش ۽ مطمئن ٿي لڳو.
ڪچهري شروع ڪرڻ کان اڳ، ڪريم ميمڻ ۽ محمد علي قادريءَ پنهنجون ڪئمرائون تيار ڪيون. مون ۽ انور پيرزادي سوال تيار ڪيا ۽ ڪچهري شروع ٿي:
بدر ابڙو: صحرائي صاحب توهان جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان، لاڙ ۽ ميداني علائقن ۾ قديم ماڳ ڏٺا آهن، توهان کي ان ڏس ۾ ڪهڙو مشاهدو ۽ ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن؟
تاج صحرائي: ان سلسلي ۾ عرض آهي، جيڪو توهان جي ايڪسپيڊيشن سان به تعلق رکي ٿو: مون ان موضوع تي ڊاڪٽر لوئس فليم ۽ ڊاڪٽر مائيڪل جانسين سان به بحث ڪيو هو. آئون کين چوندو آهيان ته توهان جيڪو نيل نديءَ جي ماٿريءَ جي حوالي سان يا فرات ۽ دجله جي ماٿريءَ واري تهذيب وانگر سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ٿا سڏيو ان ۾ ٿوري ترميم جي ضرورت آهي. سا اها ته سنڌو ماٿريءَ سان گڏ جيڪو کيرٿر جو علائقو آهي، سو ڏاڍو اهم آهي. کيرٿر جي اڀرندي پاسي توڙي الهندي پاسي، بلوچستان ۾ به اهڙائي قديم دڙا آهن، جهڙا اسان وٽ آمري، ڪوٽڏيجي يا موهن جو دڙو آهن، توهان انهيءَ کي کيرٿر_ سنڌو ماٿري تهذيب سڏيو ته وڌيڪ سٺو آهي. آئون چوندو آهيان ته، جيڪي به دڙا کيرٿر جبل جي اوڀر ۾ آهن، جيئن گاجي شاهه جو آهي، ٽنڊي رحيم جو آهي، علي مراد شاهاڻيءَ جو آهي، نئنگ، ڪائي، نڪو، ڊنب، ٻنڌڙي وغيره آهن يا جيڪي کيرٿر جي اولهه ۾ ديوانه، دريجي، نال، ڪلي آهن، نال جي تهذيب وارو ٺڪراٽو ته آمريءَ واري تهذيب جي ٺڪراٽي سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، اها هڪجهڙائي نوانوي سيڪڙو آهي. مان ان کي پهاڙي يا جابلو تهذيب سڏيندو آهيان. اها تهذيب جبلن سان تعلق رکي ٿي. آمريءَ جو دڙو به جبل جي وٽ سان ٿو لڳي. ساڳي طرح ڪوٽڏيجي نيم جابلو ۽ نيم ميداني تهذيب آهي. موهن جي دڙي واري تهذيب يا هڙاپه تهذيب يا لهم چانهو، الهڏنو جوکيو وغيره جا دڙا ميداني تهذيبون هيون. ٻي ڳالهه اها به چوان ٿو ته، سنڌو ماٿريءَ کي ٺاهڻ وارو ئي هڪ ته کيرٿر جبل آهي يا ٻيو راجپوتانا يا ڪڇ وارو يا ٿر وارو ريگستان آهي، جنهن ۾ چولستان به شامل آهي. اهي جبل ۽ ٿر نه هجن ها ته ماٿري ئي نه ٺهي ٿا. ان تهذيب، کيرٿر ۽ ريگستان سبب ترتيب ورتي آهي. ان جو هڪ ٻيو مکيه جز منڇر ڍنڍ آهي. پهاڙن تان جيڪي ماڻهو لٿا، اهي منڇر تي آباد ٿيا، جڏهن وڌيڪ قوي ٿيا ۽ ارتقا جون منزلون طئه ڪيون تڏهن زراعت انهن جو مکيه پيشو ٿيو، ان کان پوءِ اهي منڇر ڇڏي درياهن تي آيا. درياهن تي اچڻ کان پوءِ درياهن جي ٻنهي ڪنارن تي پنهنجيون وسنديون ٺاهيائون.
توهان جيڪڏهن سنڌ جي سماجي اڀياسن جي تاريخ جو مطالعو ڪندا ته، توهان ڏسندا ته سنڌ جي ڪنهن به خطي ۾ ڪنهن فرد واحد جي نالي سان ڪا ديهه يا ڪڙيو (واهه) نظر نه ايندو. چوندا ته ”بابا هيءَ راهوجن جي ديهه آهن“ ... ”هيءُ سميجن جو ڪڙيو آهي“ اهو ان ڪري جو اسان وٽ گڏيل سماج هو. ان ۾ ڳوٺ توڙي شهر به اچي ٿي پيا. ڳوٺاڻي سماج، شهرن کي اسرڻ ۾ مدد ڏني، تنهن ڪري اهو ئي گڏيل سماج پئي هليو. سو جڏهن ماڻهو درياهه ڏانهن آيا ته انهن مان ڪن مڇي ۽ جانورن جي شڪار واري سماج کان پاڻ کي ڪٽي ڇڏيو. پوءِ انهن پوکيءَ تي گذارو ڪيو. پوءِ انهن جون ذاتيون تبديل ٿيون. انهن نين ذاتين جي سڃاڻپ ”و“ سان ٿئي ٿي. مثلاً راهو، سمون، ڳاهو، واگهو، گهلو، اوٺو، اوڍو غيره.
ساڳي طرح ٻيو وري ”جو“ سان سڃاپجن ٿيون مثلاً ناريجو، ڪوريجو، سميجو، جوڻيجو، پليجو، راهوجو وغيره، ڪي ذاتيون ”ل“ سان اچن ٿيون جيئن جهتيال، سيال، ڪلال، بلال وغيره ڪن جي پويان ”ر“ آئي جيئن سوڍر، سيهڙ، ڏچر، ٻٻر، ڪٽپر، ڇڇڙ، ساڳي طرح ”يو“ آيو جيئن جوکيو، تنيو، جيوڻيو، وغيره وري ڪن جي پويان ”ڻ“ اچي ٿو جهڙوڪ ٻانڀڻ، ميمڻ، بهڻ، لهڻ وغيره، هاڻي انهن جو ڌنڌو ٻيڙيون ڪاهڻ ۽ مڇي مارڻ نه رهيو. انهن صرف زراعت ڪئي.
مان پنهنجي ڳالهه کي وري توهان جي ”سنڌو واري سفر“ سان جوڙيان ٿو، جيڪڏهن توهان سنڌوءَ جي حوالي سان قديم ترين نقشا ڏسندا ته، انهن ۾ توهان کي اروڙ کان مٿي ٻه درياهه نظر ايندا. هڪ اهوئي سنڌو درياهه جيڪو اولهه ٻيٽ کان اچي ڪشمير کان ٿيندو سنڌ ۾ داخل ٿو ٿئي، ٻيو درياهه ”سرسوتي“، جنهن کي اولهه هاڪڙو به چئو، ريڻي به چئو، واهندو به چئو. اهو درياهه اچي اروڙ جي مٿان سنڌوءَ ۾ پوندو هو. هاڻي انهن کي ”گم ٿيل ندي“ (The Lost River)چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ درياهه جا ڪي وڏا قدرتي ڦاٽ هئا. هڪ ڦاٽ اتان اروڙ هيٺان ئي ٿي وهيو جنهن جو نالو ”ڪنڀ درياهه“ هو. انهيءَ جا نشان اوهان کي خيرپور ضلعي ۾ ڪوٽڏيجيءَ کان هيٺ ڳوٺ ”ڪنب“وٽ نظر ايندا. اتي ان ڦاٽ جو پاڻي به بيٺو آهي ۽ وهڪري جا نشان به آهن. اهو وهڪرو ٻن ڀاڱن ۾ ٿي هڪڙو موهن جي دڙي جي مٿان (اولهه ۾) وهي وري هيٺ اچي کيرٿر جي وٽ وٺي منڇر ۾ ٿي پيو. ٻيو ڦاٽ موري کان، دولتپور کان ويندي سڪرنڊ کان هيٺ تائين نيشنل هاءِ وي واري رستي وٽان وهندو هو. توهان کي انهيءَ پاسي واريءَ جون ڀٽون به نظر اينديون، سر ۽ ڪانهه به نظر ايندا، اهو درياهه جو پيٽ آهي.
ٻئي درياهه کي سنڌ درياهه ڪري سڏيو اٿن. اهو ڪنڌڪوٽ کان وهندو هو. جنهن کي تاريخ ۾ سنڌ ڍورو ڪري لکيو ويو آهي. اهو شڪارپور جي مٿان بيگاريءَ طرف وهي، وارهه کان ٿيندو کيرٿر جي واٽ وٺي منڇر ۾ پوندو هو. ان کان سواءِ منڇر ۽ سنڌو درياهه جو ڳنڍيندڙ ”اڙل درياهه“ هو، جيڪو اڃا تائين آهي، پر هاڻي جيئن ته سنڌو درياهه اولهه ڏانهن سرندو ٿو اچي، ان ڪري اڙل جو پيٽ هاڻي ميساربو ٿو وڃي. آمريءَ جي کوٽائيءَ مان انهيءَ اڙل واهه جي وهڪري جا نشان ملن ٿا، جيڪو ڪنهن سمي سن شهر جي مٿان درياهه ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
سڪندر اعظم جڏهن سنڌ ۾ آيو هو تڏهن سنڌو درياهه سيوهڻ کان 50 ميل اوڀر ۾ وهندو هو. سڪندر اعظم 25_340 ق_م ڌاري سنڌ ۾ آيو هو. محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ سنڌو درياهه، سيوهڻ کان 14_ ميل اوڀر ۾ وهندو هو. سيوهڻ واري قلعي جي ڀر ۾ جيڪا کاهي آهي اها اڙل درياهه جي هڪ اهڙي واهه جي پاڻي سان ڀرندا هئا جنهن کي داديجي واهه چوندا هئا. سيوهڻ جي قلعي کي جڏهن محمد بن قاسم فتح ڪيو هو، تڏهن ان جي چوڌاري پاڻي هو. صرف ڏاکڻيون پاسو خشڪيءَ وارو هو جتان هن کي قلعي تائين رسائي ملي هئي. اهڙي طرح هتي ڪن عربن جون پراڻيون قبرون به هيون جيڪي پهاڙن نئين جي زد ۾ اچي تباهه ٿي ويون آهن.
ٻيو درياهه رني ڪوٽ واري نئه موهن جي سامهون وهندو هو. ان درياهه جو نالو ”مانجهل“ هو جنهن تان مانجهند شهر تي نالو پيو. انهيءَ مانجهل درياهه تي ”بهمڻ آباد“ شهر ٻڌل هو. اهو درياهه ٻن فاڪن ۾ وهي وڃي بهمڻ ٻيٽ ٺاهي سنڌوءَ ۾ پوندو آهي.
موهن جو دڙو به سنڌو درياهه جي ڦاٽ تي هو، جيڪو موهن جي دڙي کان اوڀرـ اتر ۽ اولهه ڏانهن وهندو هو. هونئن به سنڌو جهڙو طاقتور درياهه جي ڪپ تي ايڏو وڏو شهر اڏڻ ممڪن نه هو. اصل ۾ اهو ڦاٽ هو. ڪو به شهر سنڌو درياهه جي ڪپ تي سلامت نه رهيو آهي.
بدر ابڙو: سنڌوءَ جي حوالي سان ٻه سوال ڳنڍي توهان کان پڇندس ته جڏهن اسان اٽڪ ويجهو ڪابل نديءَ تي پهتاسين ته اسان کي ٻڌايو ويو ته ان نديءَ جو نالو ”سين“ آهي. ان جي ڀر ۾ سنڌوءَ جي وهڪري کي ”اباسين“ ٿي چيائون. يعني ”سين“ معنيٰ ”وهڪرو“ ۽ ”اباسين“ معنيٰ ”وڏو وهڪرو“. ان ئي لفظ ”سين“ بابت چيو وڃي ٿو ته اڳتي هلي ”سنڌو” بڻيو. سو هتي لفظ ”سين“ بنيادي لفظ ٿئي ٿو. ٻيو لفظ آهي ”اڙل“ سو ويت يونين ۾ پڻ ”اڙل“ نالي هڪ ڍنڍ آهي، ان کان سواءِ ”منڇر“ (ڍنڍ) جو نالو آهي جيڪو ”مانسر“ يا ”مانسرور“ ڍنڍ سان ملندڙ آهي. ائين ٿو لڳي اهي سڀ لفظ اُتر کان آريا پاڻ سان کڻي آيا. ڪن محققن جو خيال آهي ته سنڌ تي اُرين کان به اڳ اهو نالو هو ته وري ڪن ميسوپوٽيما جي اثر جي ڳالهه ڪئي. ڪن وري اڃا به مختلف رايا ڏنا. توهان جي خيال ۾ سنڌ جو نالو ڪيئن پيو ۽ سنڌ جا اصل ماڻهو ڪير هئا؟
تاج صحرائي: چين جو مفڪر لنگ ينگ تانگ چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن انسان جي آواره گردي جنهن کي توهان لڏپلاڻ چئو، نه هجي ها ته هڪ ته انسان مري وڃي ها ٻيو ته تهذيبون هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين نه پکڙجن ها“. لڏپلاڻ جو سلسلو ڪڏهن کان ٿيو (۽ ختم ته ٿيو ناهي) ان بابت جيڪڏهن آئون تخمينو لڳايان ته، اهو گهٽ ۾ گهٽ پراڻي پٿر وارو زمانو يعني پيليو لٿڪ زمانو آهي. جيڪو 15 يا 20 هزار سال اڳ جو هو. انهن کان پوءِ نيو ليٿڪ دور آيو. سو، اها لڏپلاڻ تنهن وقت کان به اڳ کان پئي ٿي آهي. وري جڏهن سنڌ جي جاگرافيءَ جو اڀياس ٿو ڪجي ته، تڏهن جا سنڌ ۾ جيڪي غارون ملن ٿيون انهن مان ڪن بابت يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهي انسانن جي رهڻ لاءِ هيون، جنهن دور کي توهان (Cavemen) دور چئي سگهو ٿا. اهڙا غار اسان کي ڪائي ۽ لڪيءَ ۾، گنجي ٽڪر، مڪلي وغيره ۾ به مليون آهن يا اروڙ وٽ به ٿي سگهن ٿيون. لڪيءَ ۽ ڪائي بابت ته مون کي پڪ آهي ته اهي غار انسان جي قبضي ۽ رهائش هيٺ رهيا آهن. غارن وارو دور پيليولٿڪ کان اڳ وارو دور آهي، يعني 12_ هزار سال قبل مسيح. توهان کي سنڌ جي سرزمين تي ايتري عرصي کان آثار ملن ٿا. تنهن ڪري اسان ٿلهي ليکي ائين چونداسين ته اهي ماڻهو جن سنڌو تهذيب کي ڄڻيو، پاليو وڏو ڪيو اهي سنڌي هئا. اوهان انهن کي جاگرافي يا تاريخ جي لحاظ کان جيڪي نالا ڏيئي سگهو ٿا ڀلي ڏيو، ڪولهي، ڀيل، سنٿال، ميگ، مهاڻا مان ته ايتري قدر به چوندس ته ماڇي چئون. وري جيڪڏهن سماجي نڪته نگاهه کان وٺو ته توهان انهن کي هاري ناري چئو، ڪاريگر چئو، مهاڻا مڇي مارڻ وارا چئو، ملاح چئو، پر مان يقين سان چوندس ته اهي سنڌ جا قديم باشندا هئا. اهي جيئن جيئن قوي ٿيندا ويا تيئن پاڻ سنڌو درياهه مٿان چڙهندا ويا، اهي ماڻهو توهان کي ڪشمير تائين ملندا، جنهن جو مان اهو ثبوت ڏيندس ته سنڌي زبان جو هڪڙو لهجو يا هڪڙي شاخ هندڪو ڪشمير ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اُتي ”کڙڪي“ لفظ استعمال نه ڪندا آهن پر سنڌيءَ وانگر ”دري“ چوندا آهن. آئون مريءَ ۾ هئس بس ڪنڊيڪٽر آواز پيو ڏئي، ”هلو هلو ... ترسو ترسو“ مان حيران ٿيس ته هنن ٻڌايو ته اها هندڪو آهي.
آرين سپت سنڌو ڪري لکيو آهي ته اهو سين اباسين، سنڌ، سنڌ وارا لفظ آئون سمجهان ٿو ته اهي اصلي سنڌي زبان جا لفظ ٿي سگهن ٿا، پوءِ اهي لفظ سنسڪرت وارن به ورتا هجن ڇاڪاڻ ته ويد سنڌوءَ جي ڪناري لکيا وڃن ٿا. 1500 ۽ 1200 قبل مسيح واري دور ۾ آرين لازمي طور تي ان زبان جا لفظ ورتا هوندا، جيڪي مقامي زبان ۾ مروج هئا، جيئن ريتون رسمون، مذهبي عقيدا به ورتا اٿن. جيئن ”شو ديوتا“ پهاڙن جو ديوتا ۽ پاڪستان جو ديوتا آهي جنهن کي آرين ٽمورتي ۾ شامل ڪيو.
توهان ”اڙل“ جي ڳالهه ڪئي، ان بابت مون به پڙهيو آهي. اها ڍنڍ ڪاڪيز (جبل) جي اتر ۾ آهي، جيڪو آرين جو اصل وطن چيو وڃي ٿو، هاڻي ان ڳالهه تي ”تڪرار“ شروع ٿيو آهي ته اها نقل مڪاني ڪاڪيز جي مٿان کان ٿي آهي. پر جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ ۾ ٿا ڏسون ته، چين جو ريشم به سنڌ وٽان ڏيساورن ڏانهن ويو آهي يعني اهو واپاري سلسلو / رستو ۽ لاڳاپو چين کان ڀنڀور (باريريڪم) تائين ڪن ايامن کان وٺي رهيو آهي ۽ سامونڊي آڳبوٽن جي ايجاد کانپوءِ آهستي آهستي ٿي ختم ٿي ويو آهي. ٻڌ ڌرم جا چيني سياح به ان قديم رستي يعني ”ريشم واٽ“ کان سنڌ ۾ آيا ۽ پوءِ ڀارت ورش گهمي ساڳئي رستي کان چين واپس ويا.
انور پيرزادو: توهان جي ان ڳالهه جي تائيد ڪندي عرض ڪيان ٿو ته انڊس ايڪسپيڊيشن دوران مون ۽ بدر کوجنا وارو پهلو هٿ ۾ کنيو آهي، توهان جي ڳالهه جي حق ۾ اسان کي ڪيئي شاهديون مليون آهن. هونئن عام طور تي چيو ويندو آهي ته تهذيب، اتر کان ڏکڻ ڏانهن وڌي آهي، پر اسان کي اٽڪ کان وٺي هيستائين بالڪل هڪڙي زبان نظر آئي آهي، بي شمار هندڪو جا لفظ آهن جيڪي بالڪل سنڌڪو جا لڳن ٿا، جيڪي اسان رڪارڊ به ڪيا آهن.
تاج صحرائي: مون عرض ٿي ڪيو ته جيئن ئي اهي ماڻهو قوي ٿيندا ۽ درياهه تي چڙهندا ويا تيئن پکڙبا ويا آهن. مون ابن حشام جي ”سيرت النبي“ جيڪو هڪ مستند ڪتاب آهي ۾ پڙهيو هو ته، ان وقت هڪڙي يمني سردار کان روم جو قيصر پڇي ٿو ته، ”توهان جي ملڪ تي حملو ڪندڙ حبشي آهن يا سنڌي؟“ ته کيس جواب ڏنو ٿو وڃي ته ”سنڌي ته واپاري ماڻهو آهن حبشين اچي اسان جي ملڪ تي قبضو ڪيو آهي.“ اها ڳالهه اسلام کان اڳ جي آهي. ٻي دلچسپ ڳالهه ٻڌايان ته، سنڌي عورتن ۽ مردن جي وارن جو اسٽائيل ”سمير“ وارن قبول ڪيو هو جنهن جو هڪ انگريز مصنف به حوالو ڏنو آهي. هو چوي ٿو ته وڏي ۾ وڏي ثابتي آهي ته سمير وارن سنڌ جي ماڻهن، خاص ڪري عورتن جي وارن جي سينگار جو فن قبول ڪيو.
جيستائين منڇر لفظ جو تعلق آهي ته ائين کڻي چئجي ته من ۽ ڇر ٻن سنڌي لفظن جو مرڪب آهي. هونئن مانسرور جي کارڙ هئڻ بابت هندستان ۾ ڇپيل ڪتاب ”سنڌ سومير“ جي ليکڪ چيو آهي. ڪن ”منوچهر“ جو کارڙ سڏيو آهي. جڏهن مون ان منوچهر جو مطالعو ڪيو ته هڪ ٻيو نالو ”منشهر“ به ملي ويو. هاڻي منڇر ۽ منشهر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ منشهر ايراني بادشاهه جو نالو آهي، اهو منوچهر جو شايد پيءُ يا نانو آهي. توهان کي ٻيو مزيدار حوالو ڏيان، جيڪو ايران جي حوالي سان آهي. توهان اڄ ”ڪائي“ (پٿر جي زماني واري انساني آبادي جيڪا غارن تي مشتمل آهن) گهمي آيا آهيو. اهو به ڪيانيءَ جو کاريل لفظ آهي، ”ڪائي“. اهو ڪائي لفظ ڪياني خاندان جو بادشاهي مقدس لقب هو. انگريزيءَ ۾ لکن ٿا، (KAI)، ڪائي فلاڻو يا ڪائي فلاڻو. توهان جيڪو گهيٽي جو ذڪر ڪيو هو (ديري اسماعيل خان کان اترـ اولهه ۾ واقع قديم آثارن جي ماڳ رحمان ٺيڙهي مان اسان کي گهيٽي جي ننڍي مورتي ملي هئي) اهو به ايرانين جي علامت هو. يعني ”شاهي جلال“ جي نشاني هئي. ان تي فردوسيءَ جي شاهنامي جي هڪ فارسي شارخ بحث ڪيوآهي. مون پنهنجي ڪتاب سنڌو تهذيب ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. منڇر تي به جدا بحث ڪيو اٿم. اهو ڪتاب وري ڪلچر کاتي وارن چيو آهي ته اهي ڇپائيندا، سو ته خدا ڄاڻي، پر لکي خود ڇپائڻ کان ته منهنجو ارواح ئي کڄي ويو آهي.
انور پيرزادو: انڊس ايڪسپيڊيشن جي حوالي سان جڏهن اسان اٽڪ کان سفر شروع ڪيو ته سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ديري اسماعيل خان کان ڪجهه ڪلوميٽر اتر _اولهه ۾ اسانکي ”رحمان ٺيڙهيءَ“ مان جيڪي ٺڪريون هٿ آيون آهن، انهن ۾ مُهين جي دڙي سان مشابهت پئي نظر آئي، ان ۾ انهيءَ گهيٽي جي منڍي به آهي جنهن جو توهان اڳهاڙو ذڪر به ڪيو ته اهي ايراني اثر آهن، اهڙيءَ طرح گومل ٺيڙهي ۽ هيٺ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي به آثار آهن. ڇا سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري تي به سنڌ ۾ اهڙا ماڳ آهن؟ توهان دادوءَ جو خاص طور تي ذڪر ڪيو آهي، مهرباني ڪري تفصيل سان اسان کي ڪجهه ٻڌايو!
تاج صحرائي: جيڪڏهن توهان سنڌو تهذيب جي اثر جي دائري جو ذڪر يا احوال پڙهندو ته اهو اتر ۾ ڪشمير، ڏکڻ ۽ ڪيٽي بندر، اوڀر ۾ گجرات ۽ اولهه ۾ لسٻيلو ۽ مڪران تائين پکڙيل هو. سنڌوءَ جي ساڄي پاسي ڪپ تي رحمان ٺيڙهي ۽ گومل ٺيڙهيءَ کان پوءِ هيٺ ڪچيءَ جي علائقي ۾ سبي ڍاڍر جي ڀرسان به تمام مکيه ماڳ اچن ٿا، هڪ ”مهر ڳڙهه نوشيرا“ آهي جنهن جي کوٽائي اڃا هلي ٿي. ان مطابق، ميهر ڳڙهه ست هزار سال قبل مسيح تائين ۽ شايد اڃا به مٿي ٿيندو ٿو وڃي. جيڪڏهن اهو پنج ڇهه هزار سال قبل مسيح ئي ٿيو وڃي ته پوءِ اهو دنيا جو ٻئي نمبر تي قديم ترين شهر ٿي ويندو. هن وقت پهريون نمبر قديم ترين شهر ”جيريڪو“ جو آهي، جيڪو اردن ندي جي ڪپ تي آهي. ميهر ڳڙهه کانپوءِ ٻيو ماڳ بيل پٽ وٽ ”ڇڏيرڻ“ جا دڙا آهن، اهي به مُهين جي دڙي جا همعصر آهن، انهن بابت ڊاڪٽر فيئر سروس لکي ٿو ته، جيڪڏهن اتي کوٽائي ڪجي ته ڪافي ڪجهه ملندو. انهيءَ کانپوءِ شڪارپور ڳڙهي ياسين وٽ، مدئجي وٽ توهان کي ڪافي دڙا ملندا. مثال طور ڳڙهي ياسين ۽ ان جي ڀرسان ڊکڻ جي ڳوٺ وٽ هڪ دڙو لڌو آهي، اتي مون باقاعدي ٺڪر ۽ ٺڪر جا مڻيا وغيره لڌا آهن، جيڪي مُهين جي دڙي سان مشابهت رکن ٿا. انهن تي مون مضمون به لکيو آهي، جيڪو ڇپيو به آهي. ان کي ”ٿرڙي ابن اڍو“ چون ٿا. مدئجي جي ڀر ۾ ٻه ٽي دڙا آهن. ان کان پوءِ ”جهرڪ جو دڙو” آهي. انهيءَ کان هيٺ خيرپور جوسي جو دڙو آهي، باڊهه وٽ دڙا آهن، نصيرآباد وٽ دڙو آهي، وري هيٺ اچو ته اتي ”لوهم جو دڙو آهي“ هو جتي هاڻي بلوڊوزر گهمائي ڳوٺ آباد ڪري ڇڏيو اٿس ۽ کاتو به چپ رهيو ۽ ٻيا به چپ رهيا. اڃا هيٺ ايندا ته مُهين جي دڙي سان بلڪل لاڳاپيل توهان کي صرف ٻه دڙا ملندا. دادو ضلعي ۾ انهن مان هڪڙو ”نئه انگئيءَ“ مٿان علي مراد شاهاڻيءَ وارو ماڳ آهي، ان کي شهر پناهه به ڏنل آهي ٻيو ماڳ ”نڪو بٺيءَ“ وارو آهي جيڪو توهان اڄ گهمي آيا آهيو (جهانگارن ۽ ڪائيءَ جي وچ ۾) نڪي بٺيءَ واري ماڳ جو آرڪيالاجيءَ ۾ رڪارڊ ڪونهي. دراصل 1976ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر لوئس ڪم پئي ڪيو تڏهن اهو دڙو ۽ ان کان سواءِ ڪي ٻيا دڙا مون ڳولي لڌا آهن جيڪي غير ملڪي ماهرن ۽ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي استاد پروفيسر شر ۽ ٻين کي گهمايا اٿم.

سيوهڻ کان اڳتي ...

سيوهڻ کان اڳتي ...

اَڙل (مؤج؟)
سومر، 20_ نومبر 1989ع
قديم تاريخ ۾ مؤج جو ذڪر آهي، جتي محمد بن قاسم جي لشڪر جو سنڌي فوجن سان ٽڪراءُ ٿيو هو. امڪان آهي ته محمد بن قاسم جي وقت ۾ اڙل جو ڇوڙ اڃا ڪي ميل ڏکڻ اوڀر وهڻ بعد سنڌوءَ ۾ ٿيو ٿي.
ان ريت اڙل، منڇر مان نڪرڻ بعد سيوهڻ واري قلعي جي اتر ۽ اوڀر کان ڦري، ڏکڻ طرف لڪيءَ وٽان، جتي هاڻي درياهه آهي، هاڻوڪي ريلوي ڦاٽڪ وٽ، ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي جنهن کي اڄڪلهه واهڙ چون ٿا، ڪجهه اڳتي هلڻ کانپوءِ، وري اوڀر طرف وڌي، سنڌوءَ ۾ پوندي هئي. اهائي ”مؤج“ هئي. مؤج معنيٰ وهڪرو. ٿي سگهي ٿو ته لڪيءَ وٽ ڀرپاسي ۾ ڪنهن ننڍڙي قلعي جا ڇڊا آثار هاڻي به ملي پون. محمد بن قاسم جڏهن نيرون ڪوٽ (منهنجي خيال ۾ رني ڪوٽ) فتح ڪيو هو تڏهن، مانسون جا وڏا مينهن پئجي چڪا هئا جنهن سبب منڇر به ڀرجي چڪي هوندي.۽ اڙل واهه (مؤج) ڀرپور نموني وهي رهيو هوندو.

لڪي

لڪي

لڪي جبل سلسلو، دادو ضلعي ۾، سنڌ جي جابلو پٽي جي اوڀر ۾، آخري پاسراٽي آهي، جيڪو جيالاجيءَ جي ماهرن موجب، بيهڪ جي لحاظ کان پنهنجي نوعيت جو جدا جبل آهي. جڏهن ڀونءِ ارتقا جي ٽئين دور ۾ داخل ٿي، تڏهن ڌرتيءَ تي جيڪي پهريان جبل ظاهر ٿيا، انهن مان هڪ اهو به آهي. عمر جي لحاظ کان هماليه جبل ۽ کيرٿر جي ڀيٽ ۾ گهڻو ننڍو آهي. لڪيءَ جي اوچي ۾ اوچي چوٽي 2300 فوٽ آهي.
اسان کي خبر آهي ته، سنڌ جو مکيه جابلو سلسلو کيرٿر ڏيڍ سؤ ميل ڊگهو آهي، جنهن جا ٽي مکيه حصا آهن، کيرٿر پاڻ ڀت جبل ۽ بڊو. پر انهن سان گڏ ٻيا به ڪيئي ننڍا وڏا جبل آهن، جن جي مختلف ڊيگهه ويڪر ۽ اوچائي آهي. هاڻوڪي سنڌ جي حدن ۾ لڪي، ڏاڦرو، ڪانڀو (ڊيگهه 20 ميل اوچائي 2300 فوٽ) اِري، سورجاڻو، ڪارو، مهير، وغيره مکيه نالا آهن. انهن جبلن جون مختلف چوٽيون ۽ ڀاڱان آهن، جيڪي وري جدا جدا نالن سان سڏجن ٿا. ڏاڦرو جبل، مانجهند جي سڌ ۾ رني ڪوٽ کان اولهه ۾ 7_8 ڪلوميٽر پري آهي. ڪانڀو، اِري ۽ سورجاڻو، ٿاڻي بولا خان جي ڀر ۾ آهن، ڪارو جبل، سپر هاءِ وي تي نوري آباد وٽ اوچي ۾ اوچو جبل جو نالو آهي، جيڪو اتان ڏکڻ ۾ ٿوري پنڌ تي مال ماڙيءَ وٽ اچي پورو ٿئي ٿو. مهير جبل ڪراچيءَ جي اتر ۾ آهي (جتي اسان تازو سنڌ کوجنا مهم دوران ٻه گبر بند، هڪ قديم نالي ۽ سنڌو تهذيب کان آڳاٽي ثقافت جا آثار لڌا آهن).
سنڌوءَ جي جابلو علائقي جو تعارفي تفصيل ايڇ_ٽي لئمبرڪ جي ڪتاب ’سنڌ : جنرل انٽروڊڪشن‘ ۾ ڏنل آهي. مان هتي ان مان ابتدائي ۽ لڪي جبل بابت هڪ ٽڪرو پيش ڪرڻ جي جرئت ڪيان ٿو جيڪو جبل جي ارضياتي تاريخ بابت آهي:
”سنڌ جو الهندو ٽاڪرو علائقو، انهن ننڍين ڇڙوڇر ٽڪرين سميت، جي سنڌ جي ميداني تر ۾ آهن، ذري گهٽ سڄي جو سڄو ڪئنوزائڪ جڳ جي ٽرشري جي زماني جي ٽڪر جو ٺهيل آهي. انهن جي وڏي اڪثريت تهي (Sedimentary)، يعني سامونڊي، مُول جي آهي. اهي ٽڪر چن پٿر جا آهن، فورامنيفيرا (Foraminifera) جي سٿيل کوپن (Shells) مان جڙيل آهي. انهن جيتامڙن جيون جي زرخيزي بي حساب هئي ۽ آڳاٽا سمنڊ انهن سان ڀريل هئا. اُپٻيٽي هندستان ڏورانهين زماني کان خشڪي آهي، پر سنڌ ۽ ان جي ترت اولهه وارو ملڪ ٽري شري زماني جو ايوسين ايام جي پڇاڙيءَ تائين گهڻي ڀاڱي سمنڊ هيٺان رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڪي بَري حالتن جا دور به آيا آهن. ڌرتي علم جي ڄاڻن، خاص جنسن (Species) جي هوند يا اڻهوند کي تهبنديءَ جي حوالي سان جانچي، هڪ خاڪو تيار ڪيو آهي، جنهن سان پتو پوي ٿو ته، دنيا جو هيءُ ڀاڱو ميسوزائڪ جڳ جي ڪريٽيشس زماني جي پڇاڙيءَ کان وٺي ان زماني تائين جنهن کي تازو سمجهيو وڃي ٿو، ڪهڙين گردشن مان لنگهيو آهي.
سمنڊ جي تري ۾ کوپن جا هزارين فووٽن تائين سٿيل تهه ڌرتيءَ جي چرپر جي ڪري جبل ۽ مٿانهين پٽن ۾ مٽجي ويا. اها چرپر خاص قسم جي هئي، جنهن جي ڪري جبلن جا تهه اوڀر ۽ اولهه طرف لڙيل ۽ اُڀريل هئا. ان ڪري ئي سنڌ جي ٽڪرن جا ڇَپر (Ranges) اُتر ۽ ڏکڻ مُنهان آهن. اهي گهنجيل تهن جا اُپيٽ (Anticlinals) يعني مَٽ _ مُنهان لهرا (Folds) آهن، جن جي وچ وارن لاڪن (Synclinals) جي شِڪل مٿان آيل وڌيڪ تازن ٽاڪرو سٿن جي ڪري سُڌريل آهي. اهي پويان سامونڊي ۽ ڪجهه نسبتاً ننڍا درياهي سَٿ، اپيٽن جي مٿاڙ جي کاڌ جي ڪري، غائب ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي سخت ۽ ڳتيل چن_ پٿر نروار ٿي پيو آهي، جيڪو نمولائيٽ (Nummulites) جي پنڊپهڻ ٿي ويل باقيات جو جڙيل آهي.“
”ڌرتي ڄاڻ جي لحاظ کان سنڌ ۾ لڪي ٽڪريون سڀ کان دلچسپ آهن. هتي ڌرتيءَ جي چرپر جي پاسائتي اڇل نه رڳو اپيٽ جي ڪپ کي ڀڃي وڌو آهي، پر اڀرندي پاسي کي عمودي ۽ ڪٿي ڪٿي ابتي ٽوٻ ڏيئي ڇڏي اٿس ۽ ان جي مٿي کڄيل الهندي پاسي جي وچ ۾ ڇپن جو هڪ ڍڳ ڌڪي آندو اٿس جيڪو کيرٿر سلسلي جي تري واري پهڻ سان لاڳاپو رکي ٿو. انهن مان سڀ کان جهونو ڪريٽيشس زماني سان لاڳاپو رکي ٿو ۽ سڀني ۾ عجيب Deccan Trap جي پهڻ جهڙوڪ هڪ سنهو تهه آهي، جنهن جو مول منڍ آتشي يعني ٻرندڙ جبل وارو آهي. ٻرندڙ ڳاري جي ان وهڪري ’بري‘ حالتن وارو زمانو شروع ٿيندي ڏٺو. جڏهن رني ڪوٽ سلسلي جا هيٺيان تهه جي درياهي مُول جا آهن، سٿيا هئا. ڪوٽڙيءَ جي اتر اولهه ۾ ليئلان (Leilan) وٽ انهيءَ سلسلي جون وڏيون کاڻيون آهن. ڪڪي رنگ جي ڪوئلي جو تهه سؤ کن ورهيه اڳ پهرين Leilan وٽ ۽ پوءِ پرڀرو ڏکڻ ۾ لڌو ويو.“ (ترجمو سليم احمد_ ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ)
آئوٽ لائين آف هسٽري جي ليکڪ ايڇ، جي، ويلز (H.G.Wells) جو خيال آهي ته، (هيل تائين ڌرتيءَ بابت ٿيل کوجنا موجب 1951ع) لڳ ڀڳ پنجاهه هزار سال اڳ چوٿين برفاني دور جي عروج وقت لڳ ڀڳ سڄي سنڌ، سڄو پنجاب، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجستان، گنگا ماٿري ۽ بنگال سمنڊ هيٺ هئا. يعني هماليه، هندستان جو وچون جابلو علائقو، سريلنڪا ۽ بلوچستان سمنڊ کان آزاد هئا. ان طرح سڄي سنڌو ماٿري تي سمنڊ جو پاڻي وريل هو (ڏسو نقشو يورپ ۽ اولهه ايشيا 50_ هزار سال اڳ امڪاني صورتحال صفحو: 75) آئوٽ لائين آف هسٽري جي ساڳئي باب ۾ صفحي 83 تي وري ڏيکاريل آهي ته 25_ کان 35 هزار سال اڳ سنڌوءَ جو ڇوڙ لڳ ڀڳ ڪالا باغ وٽ آهي، جڏهن ته ٿل ۽ ٿل کان هيٺ سڄي سنڌو ماٿري سمنڊ هيٺ آهي، هو ڏانهن اوڀر ۾ بنگال اڃا پاڻيءَ هيٺ آهي.
ايڇ. جي. ويلز، جن حوالن هيٺ اها صورتحال ڄاڻائي آهي سا، ويهين صديءَ جي پهرين ٻن ڏهاڪن تائين جمع ٿيل مواد موجب آهي. ان سوال تي نئين سر ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته سنڌ جي جابلو علائقن ۾ توڙي ننڍين ٽڪرين تي جيڪي هاڻوڪي سامونڊي سطح کان فقط 50 کان 300 فوٽ بلند آهن، پٿري دور جون بي شمار آباديون ملن ٿيون جيڪي ٻه لک سالن کان 6 هزار سالن جي عمر جون آهن. کيرٿر ندي جي پاڙ ۾ ڪائي ماٿريءَ جون غارون ته بنهه ان دور جون چيون وڃن ٿيون جيڪي، ڊاڪٽر ويلز موجب سنڌ تي سامونڊي راڄ جون ٿي سگهن ٿيون.

بهشت جي دري

بهشت جي دري

لال باغ ٽپي، انڊس هاءِ وي لڪي جبل جي ڪنڌي ورتي ۽ ڏکڻ منهن ڪري هليو. مٿي هڪ ريل گاڏي جابلو لڪ مان اجگر وانگر نڪري سيٽي هنئي ۽ ڇُڪ ڇُڪ ڪندي ڀڳي ٺوڙهي واري ريلوي اسٽيشن ڏانهن وڌڻ لڳي. هيءُ هڪ وڻندڙ منظر هو. ساڄي هٿ تي ڏيڍ ٻه هزار اوچو جبل، جبل جي لڪ مان نڪري ڊوڙندو اجگر، جبل جي ڪور تي ور وڪڙ روڊ ۽ کاٻي ڪنڌيءَ تي سنڌوءَ جو پيٽ.
اِن وڪڙ ۾ اها ايئرڪنڊيشنڊ غار آهي جنهن کي مقامي ماڻهو بهشت جي دري چون ٿا. ڪي ماڻهو روايت ڪن ٿا ته، هتي قلندر شهباز چله ڪشي ڪئي تنهن ڪري ڪرامت سبب غار ۾ بهشت جي دري کلي پئي آهي. اها غار مون پهريون ڀيرو تڏهن ڏٺي هئي جڏهن هتي ڪجهه به ڪو نه هو. هاڻي ڪن ماڻهن ان تي قبضو ڪري اتي مسجد ٺاهي ڇڏي آهي. مسجد کي اهڙي نموني ٺاهيو ويو آهي جو، غار مان اندران ايندڙ ٿڌي هوا جو ڳچ مقدار مسجد ۾ داخل ٿي مسجد کي ٿڌو ڪريو ڇڏي. غار جو وات 12_ فوٽ ويڪرو ۽ چار فوٽ اوچو آهي.
غار سچ پچ به بهشت جي دري آهي. اونهاري ۾ جبل جا ٿڪل ماڻهو يا ٽرڪ ڊرائيور اڪثر ڪري هن هنڌ پنهنجي ٽرڪ بيهاري گهڙي سوا هن غار ۾ اچي سمهي پون ٿا ۽ پرسڪون ننڊ ڪري ڏينهن ٺاريا اڳتي هليا وڃن ٿا. بهشت جي دري ڪا عجيب شيءِ ناهي. اهو سنڌو سنئون ڌرتي وِديا جو سوال آهي. يقيناً ان غار کي ڪو ٻيو سوراخ به آهي جتان هوا اندر داخل ٿئي ٿي. مون غار ۾ ڪافي وال اندر تائين گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي غار سوڙهن چئمبرن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي جن ۾ ريڙهيون پائي اندر وڃي سگهجي ٿو، پر اڳتي اڃا به سوڙهه آهي، هوا انهن سوڙهن چئمبرن مان اچي ٿي. غار جو ٻيو ڇيڙو ڪٿي آهي؟ ڪنهن کي به پتو ناهي پر ايترو ضرور آهي ته ٻيو ڇيڙو ڪافي پري هوندو. هوا جڏهن ٻئي ڇيڙي مان داخل ٿي چڱو پري کان سوڙهن لنگهن مان لنگهي ٿي تڏهن اها ٿڌي ٿيو پوي. اونهاري ۾ اها ٿڌڪار سياري ۾ ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهي ٿي. ڀلي ته ٻاهر گرمي پد 120_ 125 ڊگريون فارن هائيٽ هجي، غار جي ٿڌڪار ٽن چئن ٽنن جي ايئرڪنڊيشنر جي برابر هوندي آهي.
لڪيءَ ۾، ان غار جي ڀرپاسي ۾ اهڙيون پنج ڇهه غارون آهن، جن ۾ مسافر ترسڻ کان هٻڪن ٿا. ٻڌجي ٿو ته انهن غارن تي اڄڪلهه ڌاڙيلن جو قبضو آهي. لڪي جبل جي هن حصي کي ڀڳو ٺوڙهو سڏيو وڃي ٿو. انگريزن هتي هِل_اسٽيشن ٺاهي هئي، جيڪا هاڻي ڦٽي وئي آهي. هتي جبل کي ٺوڙهو سڏڻ جو به هڪ سبب آهي. اصل ۾ سنڌ جي جبلن تي وڻڪار نه هئڻ سبب انهن کي ”ٺوڙهو“ ۽ ”گنجو“ وغيره سڏيو وڃي ٿو. لڪيءَ جي ويجهو هن هنڌ تي هيءُ قديم جبل جهُري پيو آهي يا ڀڳل آهي. اها جهور سولائي سان ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿي.
”بهشت جي دريءَ“ واري غار جيتوڻيڪ قدرتي عمل جو حصو آهي پر ان جي بيهڪ تي ٿورڙو غور ڪرڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته، انساني هٿن ان کي کوٽي خلاصو ڪري رهڻ جي لائق ٺاهيو آهي. ڇا اهي هٿ پٿر جي دور جي انسانن جا هئا؟ جيڪڏهن اهو امڪان سچو ثابت ٿيو ته پوءِ چئي سگهبو ته اهي سنڌ جا پهريان ماڻهو هئا جن اوائلي ايئرڪنڊيشنر تيار ڪري پنهنجو گهر اونهاري ۾ ٿڌو ڪيو.

تيرٿ ڌارا

تيرٿ ڌارا

لڪيءَ ۾ سيدن جي مقبرن کان ٿورڙو اڳتي، اڍائي ڪلو ميٽرن جو هڪ ٽاڪرو پيچرو اولهه ۾ جبل ڏانهن وڌي ٿو. ريل جي پٽڙي ٽپي، پيچرو هڪ لڪ نما ڍوري ڏانهن وڌي ٿو، جتي قديم زماني کان ٻه گرم چشما ڦٽي وهن ٿا. هيءُ ماڳ تيرٿ ڌارا آهي. جتي ٻه ننڍا شوالا زبون حالت ۾ بيٺا آهن. اپکنڊ جي ورهاڱي کان اڳ هتي شو راتڙيءَ جو وڏو ميلو لڳندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. هاڻي هتي فقط اهي ماڻهو اچن ٿا جن کي ڪوڙهه يا چمڙيءَ جي بيماري آهي. مريض هتي گرم پاڻيءَ جي چشمي تي اچي وهنجن ٿا ۽ بيماريءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا. ماڻهن جو خيال آهي ته لڪيءَ وارا گرم چشما صدر جي ڪرامت آهن.
”شري هنگلاج جي ياترا“ جي ليکڪ رامچند کتريءَ لکيو آهي ته، تيرٿ ڌارا اهو ماڳ آهي جتي شو مهاديو ۽ دکشا پرجاپتيءَ جي وچ ۾ وڏي جنگ لڳي هئي. ان ٽڪراءَ دوران شو جي زال اُما مري پئي هئي. زال جي مري پوڻ جي صدمي ۽ ڪاوڙ شو مهاديو، اُما ديويءَ جو لاش پٺن تي کڻي ڌرتيءَ تي هليو هو، جنهن ڪري وڏي تباهيءَ جو خطرو پيدا ٿيو. بعد ۾ اُما ديوي جو لاش ٻاونجاهه حصن ۾ تقسيم ٿي ڌرتيءَ تي مختلف هنڌن تي ڪريو. جتي جتي به سندس جسم جو ڪو عضوو ڪريو، اُتي ”شڪتي“ پوڄا شروع ٿي. ڪٿا موجب اُما ديويءَ جو مٿو هنگلاج ۾ ڪريو، اتي هنگلاج ديويءَ جي صورت ۾ شڪتي پوڄا ٿئي ٿي. ديويءَ جي هڪ ٽنگ کٽمنڊو ۾ ڪري، جتي ڪاليءَ جي صورت ۾ شڪتي پوڄا ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح سڄي هندستان ۾ شڪتي پوڄا جا ٻاونجهاهه مرڪز قائم ٿيا.
پاڻيءَ ۾ گندرف جي گهڻائي سبب اونهن ڪنڀن ۾ بيٺل پاڻيءَ جو رنگ گهرو نيرو ڏسجي ٿو. تيرٿ چڱي طرح سنڀاليو ويو آهي. هڪ ڊگهي ڏاڪڻ ۽ چشمي مٿان ٺهيل پل ان هنڌ تائين وٺي وڃي ٿي جتان چشمو ڦُٽي ٿو. گندرف جي گهڻائيءَ سبب هن چشمي جو پاڻي ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ به پيئڻ لائق نه آهي، جنهن ڪري پاڻي پري کان آندو وڃي ٿو. جنهن هنڌان چشمو ڦٽي ٿو، ان هنڌ پاڻيءَ جو گرمي پد 102 کان 12 ڊگريون فارن هائيٽ جي وچ ۾ رهي ٿو.
هتي به حضرت عليءَ سان منسوب ٿيل ڪهاڻيون موجود آهن. پر سڀ کان دلچسپ اها غار آهي، جتي روايتن موجب، درويش شاهه صدر چله ڪشي ڪئي هئي. سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جي هيءُ جدا غار آهي. صاف طور ڏسجي پيو ته انساني هٿن جو ڪمال آهي. غار جو وات ڏهه فوٽ ويڪرو ۽ ڇهه فوٽ اوچو آهي. هن کان اڳ سنڌ ۾ انساني هٿن جون گهڙيل جيڪي به غارون لڌيون ويون آهن، اُهي جبلن ۾ ڪمرن وانگر اندر کوٽيل آهن، پر هن غار جي انفراديت اها آهي ته، اها زمين ۾ هيٺ کوٽيل آهي. ڏهه فوٽ ويڪري ڏاڪڻ زمين ۾ ست فوٽ هيٺ هڪ ڪشادي غار ۾ وٺي وڃي ٿي،جيڪا اڳتي هلي 15_ فوٽ ويڪري ٿي وڃي ٿي. غار جي ڊيگهه 25 فوٽ آهي. غار جي آخري ڇيڙي تي هڪ ننڍڙي دري آهي جيڪا اندرين غار ڏانهن وٺي وڃي ٿي. اندرين غار جي ڊيگهه ويڪر 25x10 فوٽ (بي ترتيب) آهي. وڌيڪ اونهائي ۾ هئڻ ڪري ان ۾ پاڻي ڀريل آهي. ٻئي غارون هن وقت گندرف جي تيز بوءِ سان واسيل آهن.
لڪيءَ وٽ اسان کي چوکنڊيءَ جهڙيون قبرون به نظر اچن ٿيون جن جا گهڙيل پٿر وڏي تعداد ۾ چوري ٿي چڪا آهن.

بِزن جهڏو

بِزن جهڏو

جي ايم سيد وٽ ڪجهه سال اڳ ٻڪرار اچي اطلاع ڏنو هو ته، هُن جبل ۾ هڪ اهڙي جاءِ ڏٺي آهي جنهن ۾ ڪمري ۾ ڪمرو واري حساب سان ڪيئي ڪمرا آهن. هڪ ڪمري جي ڇت ۾ گنبذ آهي. ان جاءِ ۾ هو گهڻو اندر ان ڪري وڃي نه سگهيو جو کيس ڊپ ٿي لڳو. اها ڳالهه پوءِ ماڻهن جي زبان تي آئي ته ان ۾ مرچ مصالحا شامل ٿي ويا. هڪ ڏينهن اسان به ٻڌو ته ”ٻڪرار هڪ محل لڌو آهي جنهن جي در جون چاٻيون دروازي وٽ رکيون آهن. پهرين ڪمري ۾ هڪ ترار هئي، ٻئي ۾ گنبذ آهي. ان کان اڳتي خبر ناهي ته ڇاهي؟“
اها خبرچار تاج صحرائيءَ جي ڪن ۾ به پئي ۽ نيٺ وڃي اهو ”محل“ ڏسي آيو. ٻڌايائين ته اها هڪ غار آهي، ماڻهن جي هٿن سان کوٽيل. ان ۾ گهڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اندر اوندهه، چمڙا ۽ پوسل آهي. روشنيءَ جي انتظام کان سواءِ ان ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو به لاڀ ناهي.
اسان جي ٽيم وٽ جنريٽر به هو، تاج صحرائي به، جوشيلا جاکوڙي به ۽ موقعو به. فيصلو ڪيو ويو ته ان غار ۾ هر صورت ۾ داخل ٿبو ۽ انت لهبو ته نيٺ ڇا ڇا آهي؟
ٽيم جو جوش جذبو ڏسي، سيوهڻ جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد صديق ميمڻ به ساٿ ڏنو. سندس هلڻ اسان لاءِ ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيو. لڪيءَ وارو ريلوي ڦاٽڪ ٽپي جيپ انڊس هاءِ وي تي ٻيا ٽي چار ڪلو ميٽر ڪري اولهه طرف ٽاڪرو پيچري تي لهي پئي. هتي هڪ ڳوٺ ”آباد“ آهي. بزن جهڏو غار ڳوٺ، آباد کان ٽي چار ميل اندر لڪيءَ جي هڪ ڍوري ۾ آهي.
غار تائين پهچڻ ۾ اسان کي شايد ڪجهه تڪليف ٿئي ها پر اسسٽنٽ ڪمشنر کي ساڻ ڏسي آباد ڳوٺ ڪو هڪ همراهه اسانجو سونهون ٿي پيو، ان ڳوٺ ۾ رند رهن ٿا. اسان جو سونهون به ان غار مان ٿي آيو هو پر اوندهه کان سواءِ ڪا شيءِ نظر نه آئي هئس. جيپ هڪ اڌ وڪڙ کائي بزن ڍوري ۾ بيهي رهي.
”هن هنڌ گبر بند هو“ تاج صحرائيءَ هڪ هنڌ ڍوري جي پاڙ ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”مان اڳئين ڀيري آيو هوس ته ٺيڪيدار ان گبر بند جا پٿر ٽرڪ ۾ پئي ڍويا.“ هاڻي گبر بند جو ڪو نالو نشان ڪو نه هو.
ڍوري ۾ ساڄي هٿ طرف، جبل جي پاڙ ۾ هڪ غار جو منهن هو، جيڪا هاڻي گهڻي ڀاڱي ڍڪجي ويئي آهي. ان کي بزن ڪوٽ ٿي چيائون. بزن جهڏي واري غار کاٻي هٿ تي جبل ۾ ڏيڍ سؤ کن فوٽ مٿي هئي. پري کان غار جو سوراخ ڪوئي جي ٻر وانگر ٿي لڳو. ان جو لنگهه سچ پچ هئو به ڪوئي جي ٻِر وانگر. غار جي منهن تي پٿر جمع ٿي ويا هئا ۽ ڪي ڪَنڊاوان ٻُوڙا رستو بند ڪري چڪا هئا.
صديق ميمڻ صاحب رند ٻروچ ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن کي ٻوڙا وڍڻ ۽ پٿر هٽائڻ جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. ڪريم ميمڻ ۽ محمد علي قادري جنريٽر هلائڻ ۽ تارون ڳنڍڻ جي ڪم ۾ جنبي ويا. موقعي جو فائدو وٺي مون غار جي ٻاهرين بيهڪ جاچي ۽ غار جي منهن وٽ ۽ ڀرپاسي ۾ قديم ٺڪريون ۽ پٿر جا اوزار ڳولڻ شروع ڪيا. ان معاملي ۾ قدرت مون تي شروع کان مهربان رهي آهي. ڏهن پندرهن منٽن جي تلاش ۾ مون کي پٿر جا ٽي بليڊ مليا، هڪ اڌ صحرائي صاحب به لڌو.
غار جبل جي اُڀي لاهي تي پاڙ ۽ چوٽيءَ جي وچ ۾ آهي. منهن وٽ کوٽائي ڪري ڪجهه خلاصي جاءِ ٺاهي وئي آهي. جڏهن ته غار جي منهن تي ئي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وهڻ لاءِ مختصر ٿلها ٺاهيا ويا هئا، جن جي شڪل هاڻي ڦٽي چڪي آهي. غار جو منهن ڪافي سوڙهو ۽ اونهو آهي. بزن جهڏي ۾ لهڻ جو فقط هڪ ئي طريقو آهي ته پهرين پير اندر ڪري پُٺي ڀر ليٽي پئجي ۽ پوءِ ٺونٺين ڀر اندر رهڙيون پائجن. در لڳ ڀڳ ٻارهن کان پندرهن فوٽ اونهو آهي ويڪر شروع ۾ پنج ڇهه فوٽ ۽ پوءِ وڌيڪ اٿس. مون ”غار ۾ لهڻ” ان ڪري لکيو آهي جو غار سڌي ناهي پر اندر مستقل لاهي اٿس.
غار جي سرنگهه جهڙي وات مان اندر ٿي چڪاسون ته غار ڪشادي ٿي وئي. محمد علي ۽ ڪريم ميمڻ مون کان اڳ لهي چڪا هئا. جنريٽر برابر ڪم ڪري رهيو هو پر بلب ڪمزور هو. هونئن به اندر ماحول ۾ پوسل هئڻ ڪري روشنيءَ موٽ نٿي کاڌي ۽ ديوران ۾ جذب ٿي پئي وئي. بلب سڄي غار کي روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هو. ان جي روشني ڇت کي به نٿي ڇهيو. ٽارچ جي مدد سان ڇت جي اوچائيءَ جو اندازو هنيوسين، اها ڪنهن به صورت ۾ پندرهن فوٽن کان هيٺ نه هئي.
ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ديوارن ۽ ڇت جو جائزو وٺڻ تي محسوس ٿيو ته هيءُ هڪ بي ترتيب گول ڇت ۽ ديوارون هيون، هڪ اهڙي ابتي پيالي وانگر جنهن جي ڇت ۽ ديوار کي جدا ڪرڻ لاءِ حد مقرر ڪري نه سگهجي. هيءَ هڪ وڏو هال هو.
هال جي اندرين پاسي ونگ جهڙو وڏو لنگهه هڪ ٻئي چئمبر ڏانهن وٺي ويو. هي چئمبر وچولي ماپ جي ڪمري جيترو، پر پهرين غار وانگر بي ڊولو ابتو پيالو ثابت ٿيو. هتي زمين آلي هئي. ٻئي نمبر چئمبر کان اندرين پاسي ونگ جهڙو هڪ ٻيو ننڍو لنگهه ٽئين نمبر چئمبر ۾ کلي ٿو. ٽيون نمبر چئمبر ننڍڙي ڪمري جيترو آهي، جنهن جي ڇت ساڳئي پهرين ۽ ٻئي نمبر چئمبرن وانگر اُبتي آهي. پر ان چئمبر مان ڇت جو ڏيک لڳ ڀڳ اهڙو ئي آهي جيئن ڪنهن گنبذ جي هيٺان بيهي ڇت ڏانهن نهارجي. ٽئين نمبر چئمبر کان اڳتي کاٻي پاسي سوڙهو ڏر چوٿين نمبر چئمبر ڏانهن موڙ ٿي کاڌو.
اسان وٽ جنريٽر سان اضافي تار 180 فوٽ هئي جيڪا ٽئين نمبر چئمبر جي آخري ڇيڙي تي پهچي کٽي وئي. ٽارچن جي مدد سان اڳتي لهڻ وڏو جوکم ٿي سگهيو ٿي. مان وڌيڪ بيهي نه سگهيم ڇو ته اي اين ٽي تڪليف ۽ غار ۾ آڪسيجن جي گهٽ مقدار سبب ساهه منجهڻ لڳو هئم. تڙتڪڙ ۾ ماپون وٺي ٻه چار فوٽو ٺاهي جيئن تيئن غار جي سرنگهه نما وات تي پهتس. بانبڙا پائي ٻاهر نڪرڻ به سولو نه هو. انور پيرزادو هٿ ڊگهيري ٻاهر ڇڪي نه ڪڍي ها ته ايندڙ منٽ ڏيڍ اندر مان بي هوش ٿي چڪو هجان ها. محمد علي، ڪريم ۽ ڪجهه ٻيا نوجوان اڃا به ڏهه پندرهن منٽ اندر رهيا ۽ پوءِ هڪ هڪ ٿي ٻاهر نڪتا. هر هڪ کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻو ٿي پيو. منهنجي ذهن ۾ اهو ئي سوال گردش ڪندو رهيو ته چوٿين چئمبر ۾ ڇا ٿي سگهيو ٿي؟
”توهان اندر ڇا ڏٺو؟“ انور پيرزادو جيڪو غار جي وات تي بيهي رهيو هو، غار مان نڪرندڙ هر شخص کان مهڙ کان پڇاڙيءَ تائين قدم قدم جو احوال پڇندو ٿي ويو.
”غار جو منهن پهريون ننڍو هو ... پوءِ وڏو ٿيندو ويو“ زبير پنهنجو مشاهدو بيان ڪرڻ شروع ڪيو، ”پوءِ غار وڏي ٿي وئي ... پوءِ اهڙي ئي هڪ ٻي غار آهي ... وري هڪ سوراخ آهي ... پوءِ پنجن فوٽن جي گهيري جو گول ڪمرو آهي پڇاڙيءَ ۾ سرنگهه جهڙو سوراخ آهي پوءِ الائي ڇاهي ... بس رڳو چمڙا ئي چمڙا آهن جيڪي اڏامندا ٿا وتن.“
”اندر گرمي ڪيئن هئي؟“ انور پڇيو.
”ايڏي گهُٽ ٻوساٽ ۽ گرمي آهي جو سمجهو اسان جيئري دوزخ گهمي ڏٺو آهي“ ڪريم ميمڻ ٽهڪ ڏنو. ”پر اندر جيڪي ڏٺو سو ڏاڍو سٺو هو. تار نه کُٽي ها ته اڃا اندر گهڙي وڃون ها ... سؤ کن فوٽ اڃا به هجي ها ته صفا اندرين غار ۾ گهڙي وڃون ها!“
”ڇا هيو اندر؟“ انور، محمد عليءَ کان پڇا ڪئي.
”پهرين غار ۾ اسان پٺيءَ ڀر رڙهندا اندر وياسين. اها غار تمام وڏي هئي. اوچائي ٻارنهن فوٽ کن ٿيندي. ڊيگهه ويهه ٻاويهه فوٽ هوندس. ان کان اڳتي گولائيءَ تي دروازو هو. ان جي ڀرسان کاٻي هٿ تي ننڍڙو سوراخ هو. ان جي ڀر ۾ زمين ڏاڍي نرم هئي پير پيا رکون ته آهستي آهستي ڌٻڻ وانگر اندر لهي پيو وڃي. ڊپ ۾ اسان اتان هٽي وياسين. ان ڪمري جي ماپ 8_10 فوٽ هئي. پوءِ ٽين غار نظر آئي. ان جي اوچائي پنج فوٽ کن هئي ۽ ويڪر ٽي چار فوٽ هئي. ان جي ڇت بالڪل گول هئي گنبذ وانگر ان غار جو پٿر زنگيل لوهه جهڙو هو ڳاڙهو ڪارو. ان غار ۾ کٻي هٿ تي ٽي سوراخ هئا جيئن ڏيئا رکڻ جي جاءِ هجي! ان کان اڳتي ڪو ماڻهو 10_12 فوٽ بانبڙا پائي وڃي ها ته هڪ وڏي غار ۾ پوي ها ... ها چوٿين غار اسان ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ڏٺي ... مان ٽي چار فوٽ بانبڙا پائي موٽي آيس ... اندر وڏي غار هئي ... پهرين نمبر واري غار جي ماپ جيتري هوندي!“ محمد عليءَ جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي ڇو ته ٺيڪ ان مهل غارن جي منهن مان هڪ نانگ نڪتو ۽ تيزيءَ سان هڪ پاسي هليو ويو. شايد نانگ کي انسانن جي مداخلت پسند نه آئي هئي، جيڪي سندس محل ۾ گهڙي کيس پريشان ڪري رهيا هئا پر ڇا ٿي ڪري سگهيو سواءِ جي واڪ آئوٽ ڪرڻ جي!
ڪجهه به هجي. هيءَ غار قدرتي هرگز نه هئي. بالڪل انساني هٿن سان گهڙيل هئي. گهڙاوت جي لحاظ کان ان جا سڀئي چئمبر اروڙ ۽ شادي شهيد وارين غارن جهڙا هئا. وڏي ڳالهه ته غار جي منهن تان لڌل پٿر جا چاقو هتي قديم انساني سرگرميءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿا. گهڻو ممڪن آهي ته هيءَ غار به پٿر جي دور وارن سنڌي ماڻهن جي کوٽيل هجي.

آمري

آمري

بزن جهڏي کان واپسيءَ جو اعلان ٿيو ته، جيپون هڪ ڀيري وري جبل لتاڙي انڊس هاءِ تي چڙهيون ۽ ڏکڻ رخ ۾ سفر ڪنديون، آمريءَ جي دڙي تي بيٺيون. آمريءَ جا دڙا انڊس هاءِ وي جي ٻنهي ڪنڌين تي آهن. الهندي پاسي هاءِ وي تي هوٽلون مسافرن کي گهڙي سوا لاءِ آرام جي آڇ ڪن ٿيون. چانهه، پاڻي، ماني ۽ گهڙي سوا اهلي پوڻ لاءِ کٽ. آمري ريلوي اسٽيشن به آهي جيڪا. الهنديءَ سج جي مسافرن لاءِ نعمت کان گهٽ ناهي. دڙن جي ڪل پکيڙ لڳ ڀڳ ويهه ايڪڙ آهي.
هوٽلن جي پويان کنڊرن مان چار پنج سال اڳ ڪاري رنگ جي هڪ سُهڻي ڪُني لڌي وئي آهي، صحيح سالم حالت ۾. اها ڪُني رني ڪوٽ جي چوڪيدار صادق گبول کي هنن هوٽل وارن وٽان ملي. الهندن کنڊرن جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي البت روڊ جي اوڀر وارن کنڊرن جي کوٽائي ۽ تحقيق جي ڪهاڻي موجود آهي.
مير علي شير قانع 1182 هجريءَ ۾ لکي ٿو ته، راجا دلوراءِ جي پيءُ جو نالو ”آمر“ هو ۽ هيءُ شهر ان جي نالي پويان آهي. مڙئي ڪنهن نه ڪنهن نموني شهر جي تباهيءَ جو فرياد دلوراءِ خلاف داخل ڪرايو ويو.
”آمري“ نالي سنڌ ۾ ٻه ٻيا کنڊر به آهن. هڪ کنڊر ٽنڊي جان محمد لڳ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اتي ڪنهن وقت ۾ آمري (گدامڙيءَ) جو وڻ هو جنهن تي جنن ڀوتن جو واسو هو. هڪ روايت موجب هڪ ڀيري شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ خواب ۾ انهن جنن سان گفتگو ڪئي ۽ ڪنهن ڳالهه تان جنن سان جهيڙو ٿي پيس. ان کان پوءِ شيخ صاحب پاڻ راتو رات اتي پهچي اهو وڻ پاڙئون پٽائي ڇڏيو. ٻيو کنڊر ڊملوٽيءَ وارن کوهن کان 5_6 ميل اتر طرف ”نٿالي جو ڪوٽ“ آهي جنهن کي مقامي ماڻهو ”آمري“ چون ٿا. اتي پڻ گدامڙيءَ جو هڪ وڻ بيٺو آهي. قديم آثارن جي ماهرن موجب نٿالي جو ڪوٽ سنڌو تهذيب جي کنڊرن مٿان ٺهيل آهي پر قلعي جو سنڌو تهذيب سان ڪو به تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته اهو بجار کان جوکئي جي وقت ۾ ڪرمتين هٿان تباهه ٿيو هو. مشهور محقق سراج ميمڻ ٽنڊي الهه يار لڳ هڪ ديهه آمريءَ طرف به اشارو ڪري ٿو جتي اها روايت مشهور آهي ته، ديهه جي اوسي پاسي ۾ آمري ذات جي ڪافرن جو هڪ وڏو بت هو جنهن کي نصرپور جي هڪ بزرگ برباد ڪيو. سنڌ ۾ ”آمري“ ڪنهن ذات جو نالو به هو. سراج ميمڻ جو خيال آهي ته، آمري تهذيب جو تعلق ساڳي قديم قوم سان به ٿي سگهي ٿو.
آمري، دادو ضلعي ۾ درياهه جي ساڄي ڪپ مُهين جي دڙي کان اٽڪل هڪ سؤ ميل ڏکڻ ۾ آهي. هڪ امڪان اهو به آهي ته اهو شهر سنڌوءَ جي ڪنهن ننڍي شاخ يا اڙل واهه جي ڪپ تي هو جنهن جا نشان اڄ به لڪيءَ کان هيٺ ريلوي ڦاٽڪ لڳ موجود آهن. سنڌوءَ جي پرئين ڪپ تي اولهه طرف ويهه ميل پري، چانهونءَ جو دڙو آهي.
آمريءَ واري دڙي جي پهرين کوٽائي ڊسمبر 1929ع ۾ مجمدار ڪئي، هن ڪي ابتدائي نتيجا ڪڍيا پر مليريا جي حملي سبب ڪم مڪمل ڪري نه سگهيو. هن کانپوءِ سر جان مارشل دڙي جي کوٽائي ڪرائي. ابتدائي کوٽائين مان پتو پيو ته هتان اهڙو ٺڪراٽو به لڀجي ٿو جنهن جو تعلق مُهين جي دڙي واري تهذيب سان نه آهي. آرڪيالاجيءَ جي دنيا ۾ هيءَ هڪ وڏي دريافت هئي جنهن سان سنڌوءَ تهذيب جون پاڙون سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي. هن قسم جو ٺڪريون سنڌ مان پهريون ڀيرو لڌيون ويون هيون.
1959ع ۾ هڪ فرانسيسي ٽيم، هتي کوٽايون ڪرايون. فريچ ماهر موسيو زان ماغي ڪاسل پنهنجي رپورٽ 1964ع ۾ پيش ڪئي. جنهن ۾ رپورٽ سان گڏ نقشا، خاڪا ۽ تصويرون شامل هيون. سندس رپورٽ موجب، هن دڙي ۾ کوٽائي جي قابل پنج دور هئا. جن مان پهريان چار دور تاريخ کان اڳ واري تهذيب سان تعلق رکندڙ هئا، جڏهن ته آخري مٿيون دور اسلامي دور جو هو. هُن اِهي دور ٺڪر جي ٿانون ۾ تفاوت جي بنياد تي مقرر ڪيا. اهو تفاوت ٺڪريءَ جي فن جو ارتڪا ظاهر پيو ڪري. سڀ کان آڳاٽا ٿانءَ ڪنين کان سواءِ هئا. چڪر ۽ آويءَ جو استعمال به هو پر 82 سيڪڙو ٿانو هٿ سان ٺپي ٺاهيل هئا. انهن تي ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو ميلاپ آهي. ڊزائين جي اعتبار کان جاميٽريءَ وارا چٽ ملن ٿا، خاص ڪري اهي جيڪي سنڌي رلين تي موجود هوندا آهن. دڙي مان ڪٿان ڪٿان ٽامي جا ٽڪرا، ٺڪر ۽ سپن جون چوٿيون به لڀجن ٿيون جن سان ٺڪر سان گڏ سپن جي نفيس صنعت جو پتو پوي ٿو. سپن مان گول مڻيان به ٺاهيا ٿي ويا جن جي نفاست ڏسڻ وٽان آهي.
رپورٽ ۾ هيٺين پهرين دور کي اڃا به چئن عرصن ۾ ورهايو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل اڪثر شيون، ان ئي عرصي مان لڀجن ٿيون. ٻئي عرصي ۾ مٽيءَ جون سرون ملن ٿيون. انهن سرن سان ٺهيل هڪ اهڙي ڪوٺي به لڌي وئي آهي. جنهن جي بنياد ۾ ڦِڪي ريتي آهي. سرن جي بيهڪ ۽ ماپ مختلف آهي. ٿانون جي نمونن ۾ فرق نظر اچي ٿو. ڪَنيءَ جي هيٺان ڳچيءَ تي ٻه پٽا نڪتل آهن جن جي هيٺان ٽڪنڊيون ڊزائينون آهن. ٽڪنڊن ۾ ڳاڙهسرو رنگ ڀريل آهي. هڏي ۽ پٿر مان گهڙيل ڪجهه ڇريون به ملن ٿيون. ٽيون عرصو ڪافي پکڙيل آهي. ان ۾ گهرن جون اڏاوتون مستطيل آهن ۽ انهن جي ماپ به جدا جدا آهي. پٽ ڪچو گاري جو ٺهيل آهي. ڀتن ۾ ڪاٺ جي استعمال جون شاهديون به ملن ٿيون. گهرو اڏاوت جو هڪ ٻيو قسم ڊگهي قطار ۾ ننڍين ننڍين ڪوٺين جي صورت ۾ ملي ٿو، جيڪي پڻ مستطيل آهن. اهي ڪوٺيون چئني پاسن کان بند آهن ۽ انهن ۾ رهائش جو ثبوت نٿو ملي. ماپ ۾ تمام ننڍيون هئڻ ڪري فرينچ ٽيم جو خيال آهي ته اهي گهرن جا تهه خانا يا وري گدام ٿي سگهن ٿا. چوٿين دور ۾ گهرن جو نمونو بهتر آهي. ٿانون جو ڪم به بهتر آهي. هن عرصي جو هڪ اهڙو به گهر ملي ٿو جنهن ۾ ڇهه ڪمرا هئا. انهن مان ٻه ڪمرا ساڳيا تهه خانن جهڙا آهن پر انهن ۾ دروازي جو ثبوت ملي ٿو. ان عرصي ۾ مُهين جي دڙي سان لاڳاپيل ڪجهه آثار ملن ٿا پر اهو عرصو بلوچستان جي ڪجهه آثارن سان به هڪجهڙائي رکي ٿو.
محترم سراج ميمڻ، جنهن مُهين جي دڙي واري ٻولي پڙهڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، خيال ڏيکاري ٿو ته، آمريءَ مان لڌل ڪيترن ٿانون تي اهڙا نشان نظر اچن ٿا جيڪي ابتدائي ٻوليءَ جا ٿي سگهن ٿا. اهي نشان سادا، تقريباً مخروطي نموني جا ۽ چيني ٻوليءَ جي تصوري خاڪن جي صورت ۾ آهن.
آمري ڪلچر کي نل ثقافت به سڏيو وڃي ٿو، جتان پڻ ساڳئي قسم جو ٺڪراٽو ملي ٿو. نل بلوچستان ۾ قلات ڊويزن جي شهر خضدار کان ساڍا چار ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. آمري ۽ خضدار جي وچ ۾ مفاصلو اٽڪل اڍائي س‍‍ؤ ميل آهي. ٻنهي دڙن مان لڌل ٺڪراٽي ۾ هڪجهڙائيءَ سبب ماهرن هڪ اصطلاح شروع ڪيو آهي. ”آمري _ نل ثقافت“. جيتوڻيڪ مسٽر وهيلر ٻنهي ٺڪراٽن ۾ ڪجهه فرق ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، تنهن هوندي به ٻنهي ثقافتن جو پاڻ ۾ رشتو نظر اچي ٿو. اختلاف ڏيکاريندي، وهيلر نل ثقافت کي جابلو ثقافت سان ڳنڍيل قرار ڏيئي ٿو جڏهن ته ٻيا ماهر آمريءَ کي سنڌو تهذيب سان ملائين ٿا. اصل ۾ موسيو ڪاسل جي تحقيق جو بنيادي سوال ئي اهو هو ته، ڇا آمري ثقافت جي سنڌو تهذيب سان سڌي مائٽي آهي يا نه؟ سندس تحقيق موجب ائين ئي آهي، يعني آمري ثقافت جو نه رڳو سنڌو تهذيب سان ماءُ وارو رشتو آهي پر ڪوٽڏيجي ثقافت سان به سندس مائٽي آهي.
پکيڙ جي لحاظ کان آمري تهذيب جو دائرو ڪافي وڏو آهي. اها ثقافت وچ بلوچستان ۽ سنڌوءَ جي الهندي ڪپ کان بلوچستان جي سامونڊي ڪناري تائين پکڙيل آهي، يعني بولان لڪ، نئه ڪولاچي، منڇر، ٺٽو ضلعو، ڪوهستان ۽ ضلعو لسٻيلو به ان دائري ۾ شامل آهن. آمريءَ جو سڀ کان قديم تهه 3540 قبل مسيح کان 320 قبل مسيح جو آهي، جڏهن ته آخري (اسلامي) زمانو سورهين صديءَ جو آهي. اندازو آهي ته چوٿين ۽ پنجين دور جي وچ ۾ اٽڪل تيرهن سؤ سالن جي عرصي ۾ هتي ڪا به آبادي نه هئي. چوٿين دور جي پڄاڻي 300 عيسويءَ ۾ ٿي هوندي.
جيئن ته سڀ کان پراڻي زماني ۾ گهرن جو ثبوت نٿو ملي تنهن ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته تڏهوڪا ماڻهو آمريءَ ۾ جهوپڙيون ٺاهي رهندا هئا. آمريءَ جو ٻيو زمانو سنڌو تهذيب کي وڌيڪ ويجهو آهي. ٽيون زمانو چئن عرصن ۾ ورهايل آهي. پهريان ٽي عرصا سنڌو ماٿريءَ سان ميل کائين ٿا، جڏهن ته چوٿون حصو جهڪڙ واري ثقافت سان تعلق رکي ٿو. چوٿون زمانو جهنگر (Jhangar) ثقافت جهڙو آهي، جنهن جهڙو ٺڪراٽو وري چانهونءَ جي دڙي مان به ملي ٿو.

سن

سن

سن پتڻ جي اهميت سندس نالي مان ئي ظاهر آهي. سن معنيٰ پراڻو. سن شهر جي اڄوڪي سڃاڻپ سائين جي ايم سيد آهي، جنهن جي قوم پرست سياست سنڌ جي نوجوان طبقي لاءِ وڏي ڇڪ رکي ٿي. سيد جي عمر هن وقت 88 سال آهي پر سندس سياست نوجوانن ۾ ڪافي مقبول آهي. ملڪ جي سياسي ڇڪتاڻ ۽ رياستي جبر، نوجوانن کي سخت رويي واري سياست ڏانهن لاڙو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد اهنسا جي ڳالهه ڪئي پر جڏهن به قوم پرست سياست جو لفظ پڙهجي ٿو رت ۽ بارود جي بوءِ اچي ٿي. اها فقط سنڌ جي ڳالهه ناهي. فلسطين کان ڪيوبا، ڪشمير کان بنگال ۽ جرمنيءَ کان آئرلينڊ تائين هر هنڌ ساڳي صورتحال آڏو ايندي رهي آهي.
بهرحال، سن اهو ماڳ ٿي سگهي ٿو جتان قبل مسيح ۾ يوناني فوجون سڪندر جي اڳواڻيءَ ۾ پٽاله کان درياهه ٽپي، اولهه طرف آيون. منهنجو خيال آهي ته سڪندر جون فوجون مانجهند وٽان درياهه نه اڪريون هونديون ڇو ته اهو پٽاله جي امڪاني ماڳ کان گهڻو هيٺ آهي. فوجون سنڌ وٽان درياهه ٽپي 18_ ميل پري ڏکڻ اولهه واري محفوظ ماٿري (رني ڪوٽ) ۾ منزل هڻڻ لاءِ اڳتي وڌيون هونديون. منهنجو خيال آهي، ته رني ڪوٽ ئي اهو قديم نيرون ڪوٽ آهي، جنهن جو ذڪر چچ نامي ۾ آهي. نيرون ڪوٽ مان حجاج بن يوسف ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ محمد بن قاسم ”سدِ سڪندريءَ“ جو حوالو ڏنو آهي. محمد بن قاسم، نيرون ڪوٽ لاءِ اهو تعريفي حوالو لکيو هو. هن سڪندر کي رومي لکيو آهي جڏهن ته رني ڪوٽ اڀرندي دروازي کان فقط هڪ ميل اوڀر ۾ نئه جي ڪنڌيءَ تي ”رومين جون قبرون“ آهن جيڪي مسلمانن جون ناهن. انهن قبرن ۾ مڙدا اولهه _ اوڀر رخ ۾ پوريل آهن. جيتوڻيڪ ڪوهستان ۾ مسلمانن جي ڪن قديم قبرستانن جا نالا ”روميون“ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پر اهو به ٿي سگهي ٿو ته رومين جون قبرون جيڪي پٿر جون هيون، سان هڪجهڙائيءَ سبب پٿر جي ٻين قبرن کي به ڪٿي ڪٿي روميون سڏيو ويو. مختصر اهو ته، سڪندر اعظم جي واٽ ۾ رني ڪوٽ وٽ ”رومين جون قبرون“ اچن ٿيون. سڪندر اعظم، رني ڪوٽ کان پوءِ ڏکڻ طرف ٿاڻي بولا خان ٿيندو اڳتي وڌيو هو.
رني ڪوٽ مون اڳ به ڪافي ڀيرا پيرين پنڌ گهمي ڏٺو آهي پر دل نٿي ڀرجي. اسان جي جيپ به رني ڪوٽ جو رخ ڪيو. ننڍا ننڍا ڍورا ٽپي اچي رومين جي قبرن تي بيٺي. محمد عليءَ ۽ ڪريم ميمڻ، قبرون ڪئمرائن ۾ محفوظ ڪيون. جيپ هڪ ڏيڍ ڪلو ميٽر اڳتي هلي رني ڪوٽ جي اڀرندي دروازي تي بيهي رهي.

رني ڪوٽ

رني ڪوٽ

تاج صحرائيءَ جون اکيون هيٺ زمين ۾ ڪجهه ڳولينديون رهيون، باقي سڀني جون اکيون رني ڪوٽ جي ديوارن جا ٻيا ڇيڙا ڳولڻ لاءِ انهن جو پيڇو ڪنديون رهيون. مون ڏٺو ته تاج صحرائي ڌرتيءَ تان پٿر جو هڪ بليڊ کنيو، جيڪو تاريخ کان اڳ واري زماني ۾، قديم ماڻهو هن لاءِ ڇڏي ويا هئا. صحرائي صاحب بليڊ اٿلائي پٿلائي ڏٺو، سندس اکيون چمڪيون، هن پنهنجي خاص انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ ماٺ ميٺ ۾ بليڊ قميص جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪئي.
هن پائنٽ تان وڊيو گرافي ۽ فوٽو گرافي مڪمل ٿي، جيپن جو قافلو مرڪزي قلعي ”ميري“ چُرڻ شروع ڪيو. اڳئين جيپ جو ڊرائيور نئه جي پيٽ ۾ جيپ لاءِ وڏي هوشياريءَ سان ٻئي ڀر نڪري ويو، پر پوئين جيپ جا ڦيٿا نئه جي پيٽ ۾، واريءَ ۾ ڦاسي پيا. لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ جي جدوجهد کان پوءِ ڦيٿا آزاد ٿيا. جيپن ٽي ڀيرا نئه جو پيٽ پار ڪيو، هڪ ڀيرو واريءَ مان ۽ ٻه ڀيرا پاڻي مان. اهو پاڻي هڪ قدرتي چشمي جو آهي جيڪو قلعي جي حدن مان ڦٽي، اٽڪل پنج ڇهه ميل پنڌ ڪري، قلعي جي حدن ۾ ئي زمين ۾ گهڙي وڃي ٿو.
مِيريءَ کان اولهه ۾ مٿي جبل تي، شير ڳڙهه قلعو آسمان سان مٿو گسائيندو نظر اچي ٿو. شير ڳڙهه ڪنهن جادو گهر جي طلسمي قلعي جي ڏِک ڏئي ٿو. ميري 500 فوٽ بلند ٽڪري تي ٺهيل آهي، جڏهن ته شير ڳڙهه جي اوچائي ڏيڍ هزار فوٽن کان گهٽ ناهي. ڪو به ماڻهو سڌي پٽي تي هڪ هڪ فوٽ جا ڏيڍ هزار قدم منٽن ۾ هڻي پورا ڪندو پر شير ڳڙهه تائين پهچڻ ۾ کيس مُنو ڪلاڪ لڳي ويندو.
ڪئمرائن پنهنجو ڪم پورو ڪيو ته ٽيم واپس موٽي. سيوهڻ جي اسسٽنٽ ڪمشنر صديق ميمڻ سن پهچڻ مهل، انڊس هاءِ وي تي پنهنجي جيپ جهلي، موڪلايو ۽ واپس سيوهڻ طرف روانو ٿي ويو. اسان جي جيپ ڏکڻ طرف ڊوڙ ڀري. اسان کي هاڻي ڄامشوري پهچڻ جي ڳڻتي هئي. هر قيمت تي سج لهڻ کان اڳ انڊس هاءِ وي جو سفر مڪمل ڪرڻو هو.
ٽيم، پنهنجو اڄوڪو ڪم مڪمل ڪري چڪي هئي پر مون وٽ رني ڪوٽ جا ڪجهه ٻيا تفصيل به آهن جيڪي هيتري مختصر وقت ۾ هٿ اچي نٿي سگهيا. قلعي جي تفصيلي معائني ۽ تاريخي حوالن کي آڏو رکي مون ڪي ذاتي رايا قائم ڪيا آهن. انهن مان ڪي تفصيل ”رني ڪوٽ_ تاريخ ۽ جاگرافيائي پس منظر ۾“ جي عنوان هيٺ ڪتاب ۾ ڏيئي چڪو آهيان. مختصر طور تي ايترو ورجائي سگهجي ٿو ته، رني ڪوٽ هن مهل دنيا ۾ بيٺل قلعن ۾ وڏي ۾ وڏو آهي. ان جي ماپ ويهه ميل ٻه فرلانگ ۽ ڪجهه فوٽ آهي. قلعي ۾ انساني هٿ جي ديوار پنج ميل آهي، باقي حصو جبلن جون اڀڪپريون آهن، جن کي ڏاڍي مهارت سان فوجي حڪمت عملي ۾ ڪتب آندو ويو آهي. انساني هٿ جي ديوار يڪي ناهي پر انهن جاين تي ٽڪرن ٽڪرن جي صورت ۾ ٻڌي وئي آهي جتان ماڻهو لنگهي سگهندا هجن.
رني ڪوٽ ۾ ٻه ننڍڙا قلعا ۽ شير ڳڙهه آهن، ٻه ننڍا ڪوٽ آهن جن مان هڪ جو نالو موهن ڪوٽ آهي ۽ اوڀر واري ديوار جي ڏاکڻئين حصي تي آهي، جنهن کي ٽالپرن جي دور ۾ مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو. رني ڪوٽ ۾ ڪل سٺ برج ۽ چار پُليون هيون، جڏهن ته نئه جي ڪنڌيءَ تي يا ڀرپاسي ۾ چئن پنجن هنڌن تي انساني آبادين جا نشان آهن. سڀ کان قديم آبادي، پٿر جي دور جي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته پڇاڙ ڪا آثار ٽالپرن جا آهن. اڄڪلهه گبولن جو هڪ ننڍو ڳوٺ رني ڪوٽ ۾ آباد آهي ۽ چشمي جي پاڻيءَ تي سنهي ٿلهي پوک ڪري ٿو. رني ڪوٽ ۾ اندر چار قبرستان آهن جن مان هڪ ٽيهارو کن فوٽن جي ڊگهي قبر ڪنهن گمنام اصحابيءَ جي ٻڌائي وڃي ٿي. جيئن ته قلعي جي لڌل آثارن مان ڪو به رانديڪو، چُوٿي ۽ عورتن جا زيور يا اهڙو ئي ڪو ٻيو ٺڪراٽو نٿو ملي تنهن ڪري ان شڪ کي هٿي ملي ٿي ته قلعي ۾ يا ته شهري آبادي نه هئي يا وري اتي ڪا وڏي آبادي نه هئي. منهنجي راءِ آهي ته رني ڪوٽ بنيادي طرح هڪ اهڙي فوجي ڇانوڻي ٿي سگهي ٿي جيڪا ايراني شهنشاهه دارا اول، لڳ ڀڳ پنج سؤ قبل مسيح ۾ ٺهرائي هوندي. پر پوءِ وارن وقتن يعني عربن، مغلن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ قلعي ۾ وري وري مرمت، اضافو ۽ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.
رني ڪوٽ جي ديوار، ديوار چين جهڙي پر ان کان ان معاملي ۾ مختلف آهي ته رني ڪوٽ ديوار کي فقط هڪ پاسي کان حفاظتي ديوار آهي. جڏهن ته ديوار چين کي ٻنهي پاسن کان حفاظتي ديوار آهي. رني ڪوٽ وارين ديوارن جي وڌ ۾ وڌ اوچائي 30 فوٽ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 15_12 فوٽ آهي. اڪثر ديوارون 20_18 فوٽ اوچيون آهن. سڄي رني ڪوٽ ۾ ڪٿي به ڳاڙهي يا ڪچي سر استعمال نه ٿي آهي، نه قلعن جي ديوارن ۾ ئي نه وري آبادين جي کنڊرن ۾. هر اڏاوت گهڙيل يا اڻگهڙيل پٿرن جي بلاڪن سان ڪئي وئي آهي.
قديم آثارن ۾، مُهين جي دڙي جون ٺڪريون، انساني هٿن سان گهڙيل پٿر واري دور جون غارون، پٿر جا چاقو ۽ مسلم دور جو ٺڪراٽو ملي ٿو.

رني ڪوٽ بابت ڪجهه تجويزون

رني ڪوٽ بابت ڪجهه تجويزون

ٻئي ڀيري (جنوري 1990ع) ۾ رني ڪوٽ جي تفصيلي پڙتال کانپوءِ ساڳي ٽيم ڪي نتيجا ڪڍيا ۽ ڪي صلاحون سرڪار تائين پهچايون.
1. رني ڪوٽ تائين پهچڻ لاءِ ٻه روڊ ٺاهڻ گهرجن، هڪ هاڻوڪي ٽاڪرو پيچري تي ۽ ٻيو رني ڪوٽ جي اولهه طرف کان. ساڳيو روڊ کيرٿر نيشنل پارڪ رٿا ۾ به تجويز ڪيو ويو آهي.
2. قديم آثارن واري کاتي کي وڌيڪ دلچسپي وٺي قلعي اندر توڙي ڀرپاسي ۾ رستا ٺهرائڻ گهرجن ته جيئن اتي وڌ ۾ وڌ ماڻهو پهچن. قلعي ۾ اندر توڙي ٻاهر ٻيا به قديم آثار آهن جيڪي ماڻهن جي دلچسپيءَ جو سبب ٿي سگهن ٿا.
3. هن وقت مرڪزي قلعي ”ميريءَ“ ۾ ٺهيل ريسٽ هائوس معياري ناهي، ان ۾ سياحن جي سهوليت لاءِ ڪجهه به موجود ناهي. پاڻي، بجلي، جنريٽر توڙي ٽيليفون جي سهوليت سياحن کي ڇڪي سگهي ٿي. ساڳئي وقت ريسٽ هائوس کي ميريءَ مان ٻاهر ڪڍي، ان جي ويجهو ئي ٽڪريءَ تي ٺاهيون وڃي ته جيئن ميري وڌيڪ نقصان کان محفوظ رهي.
4. قلعي جي ديوار جو لڳ ڀڳ ٽيهه سيڪڙو ڊهي چڪو آهي. قديم آثارن واري کاتي کي تڪڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن ۽ ساڳين بنيادن تي ديوار کي ٻيهر بحال ڪرڻ گهرجي نه ته ديوار وڌيڪ ڊهندي ويندي.
5. سن کان رني ڪوٽ ويندڙ رستو، برساتي ندي ۽ ڍورن مان ٿيندو وڃي ٿو، جنهن ڪري عام حالتن ۾ جيپ کان سواءِ وڃڻ جو ڪو به ٻيو چارو ناهي، جڏهن ته مينهوڳيءَ ۾ جيپ تي به نٿو وڃي سگهجي، تنهن ڪري سرڪار کي ٻيو متبادل رستو ٺاهڻ گهرجي، جيڪو هر موسم ۾ ڪتب اچي.
6. جيئن ته سياحت کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي تنهن ڪري رني ڪوٽ بابت انگريزي، سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ معلوماتي مواد ڇاپڻ گهرجي.
7. عالمي سيمنيار منظم ڪري عالمي برادريءَ کي رني ڪوٽ بچائڻ لاءِ جدا فنڊ قائم ڪرائڻ لاءِ اپيل ڪجي.
8. سياحت کاتي کي، رني ڪوٽ تي دستاويزي پروگرام تيار ڪري ماڻهن تائين پهچائڻ گهرجن. سياري ۾ منظم طريقي سان سياحن کي گهمائڻ لاءِ بندوبست ڪجن.

سنڌ: پنڊ پهڻن جي دنيا

سنڌ: پنڊ پهڻن جي دنيا

ڳوٺن ۾ اڃا به رواج آهي ته، ناني پوڙهي ٻارڙن کي جنن ڀوتن ۽ طلسم جي دنيا جون آکاڻيون ٻڌائيندي آهي. شهر ۾ هاڻي ناني پوڙهيءَ جي جاءِ ٽيليوزن والاري آهي ۽ جنن ڀوتن جي جاءِ تي ٿنڊر ڪيٽس، ننجا ٽرٽلس ۽ ان قسم جاٻيا سائنس فڪشن تي ٻڌل ڪارٽون پهچي ويا آهن. ناني پوڙهي ڪا نه ڪا اهڙي ڪهاڻي ضرور ٻڌائيندي آهي جنهن ۾ جادوگر پنهنجي جادوئي طاقت سان انسانن کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو آهي.
ناني پوڙهيءَ جي جادوئي ڪهاڻيءَ ۾ انسان ۽ جانور پنڊ پهڻ ٿيندا نظر اچن ٿا پر حيرت لڳي ٿي ته ناني پوڙهيءَ وٽ ”پنڊ پهڻ“ جو سائنسي تصور ڪيئن پهتو؟ ڇا سنڌي ماڻهو سنڌ جي جبلن مان لڀجندڙ پنڊ پهڻن جي حقيقت کي سمجهن ٿا؟ مون کي سنڌ جي هر جبل ۽ ٽڪر تان پنڊ پهڻ مليا آهن: سکر، روهڙي، اروڙ، شادي شهيد، ڪوٽڏيجي، درگاهه سلطان ابراهيم اڌهم، کيرٿر، بڊو، جهانگارا، لڪي، ڪرچات، رني ڪوٽ، ڄامشورو، سورجاڻو، ڪانڀو، اِري، ڪارو، مهير، ڀنڀور، پٻ، ڪُڊ، ڪراچيءَ ۽ گنجو ٽڪر. ڪنهن به هنڌ تي بيهي ٻه چار منٽ هيڏانهن هو ڏانهن نهاربو ته ڪو نه ڪو پنڊ پاهڻ نظر اچي ويندو.
مون کي ڪڻڪ ۽ انب جا پنڊ پاهڻ به مليا آهن، انهن کان سواءِ اسٽار فش، جيلي فش، ڪَلين واري مڇي ۽ ڪڇون به مليا آهن. جڏهن ته هر نموني جي سپ ۽ ڪوڏ جا پنڊ پاهڻ سنڌ ۾ جام آهن. مرجان جي پاڙ به عام جام آهي. وڻن ۾ ڪنڊي، ديوي ۽ بانس جا ٿڙ مليا اٿم جڏهن ته کجيءَ جا پنڊ پاهڻ به سنڌ ۾ موجود آهن. ڪجهه اهڙا پنڊ پاهڻ به آهن جن کي هڏي چئي سگهجي ٿو، ڪجهه پنڊ پاهڻ مان سڃاڻي نه سگهيو آهيان، پر مڃڻ جي ڳالهه آهي ته، پنڊ پاهڻن جي دنيا صحيح معنيٰ ۾ رني ڪوٽ کان ڪرچات ۽ ٿاڻي بولا خان جي وچ ۾ آهي.
انب جو پنڊ پاهڻ رني ڪوٽ مان مليو. ڪڇون کيرٿر مان، ڪلين واريون مڇيون گوربندي ڏاڦري وٽان، مرجان پٻ ۽ لسٻيلي جي اتر اولهه ۾ ، ڪڊ نديءَ وٽان، ديوي ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري تان، بانس لڪيءَ وٽان، ڪنڊي ته جتي ڪٿي آهي. سپيون ۽ ڪوڏ هر ماڳ تان لڀجن ٿا. پر سپين جو جيترو ذخيرو گوربنديءَ جي اولهه ۾ آهي اوترو ڪٿي به ڪونهي. جيڪڏهن ڇاڻي کڻي ڇاڻبو ته مٽي وڃي هيٺ ڪرندي، ڇاڻيءَ ۾ باقي جيڪو ڪجهه بچندو اهي سپن جا پنڊپهڻ هوندا. هتي اٽڪل ٻه ٽي ميل اها ئي صورتحال آهي. هتي ئي ڪلين وارين مڇين جي ڪالوني هئي جيڪي هاڻي پنڊ پهڻ حالت ۾ ڦاٿيون پيون آهن. اسٽار فش ڪوٽڏيجيءَ وارين ٽڪرين کان کيرٿر تائين هر جبل تان لڀجي ٿي.
تاج صحرائي صاحب وٽ ذاتي چونڊي ۾ ٻه پنڊ پاهڻ ڏاڍي دلچسپ آهن. هڪ پپر جو پن ۽ ٻيو ڪنهن ننڍي جانور جي کوپڙي، صحرائي صاحب کي پپر جو پن گاجي شاهه جي چشمي وٽان مليو، کوپڙي به دادو ضلعي جي جبلن مان ملي آهي. سنڌ مان لڀجندڙ پنڊ پهڻ سامونڊي توڙي خشڪيءَ واري زندگيءَ جي ڀرپور شاهدي ڏين ٿا. ڪجهه سال اڳ آمريڪي محققن مسٽر البرٽ ۽ جوزف کي جيڪي ارٿ سائنسز جي شعبي ۾ پروفيسر آهن ڀڳي ٺوڙهي لڪيءَ وٽان ڪجهه تمام قيمتي پنڊ پهڻ لڌا آهن. انهن مان هڪ منڊي، هڪ ڪروڙ سال اڳ جي هاٿيءَ جي آهي. ساڳئي هنڌان هڪ ڪوئي جا هڏا ۽ واڳونءَ جا ڏند به هٿ آيا آهن. اتان هٿ آيل ڪاٺ جي پنڊ پهڻن کي به هڪ ڪروڙ سال قديم سمجهيو وڃي ٿو.
ٻيڙين واري ٽيم، ٽپهري ڌاري ڄامشوري پهتي هئي پر درياهه جي صورتحال ڏاڍي مايوس ڪندڙ هئي.
(نوٽ: هيءُ احوال ٽيم جو ليڊر ڪليم لاشاري ڏيندو)
شام جو ستين لڳي ڌاري، سنڌالاجيءَ جي دروازي تي پهتاسون. هتي مهراڻ يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن انڊس ايڪسپيڊيشن ٽيم لاءِ آجياڻي لاءِ شاندار بندوبست ڪيو آهي. اسان جي پهچڻ کان اڳ آجياڻو شروع ٿي چڪو هو. ان مهل وائس چانسلر ڊاڪٽر احد ابڙو اسٽيج تان ڳالهائي رهيو هو، جڏهن خشڪي وارو قافلو آجياڻي هال ۾ پهتو. ٽيم جا اڳواڻ اڳ ئي اسٽيج تي ويٺل هئا. خشڪيءَ وارو قافلو پهتو ته ان جي پهچڻ جو اعلان ڪيو ويو. يونيورسٽيءَ جي شاگردن موٽ ۾ منٽ ڏيڍ تائين تاڙيون وڄائي آجيان ڪئي. سڄو هال نوجوانن ۽ استادن سان ٽٻُ هو. مون پنهنجي اندر ۾ وڏو اتساهه ته محسوس ڪيو پر تڏهن به شرم کان پاڻي پاڻي ٿي ويس. ”ڇا اسان سچ پچ ڪو اهڙو ڪم ڪيو هو جنهن جي موٽ ههڙي آجيان ڪئي وڃي!“ اسان ته فقط هانءَ جي زور تي ۽ انڌي عشق ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جا جبل ميدان ۽ وهڪرا ڏسڻ نڪتا آهيون. اسان اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي. جيڪو سنڌ واسين کي قبول پيو آهي!؟ سنڌ جا ماڻهو به عجيب آهن، وڻين ته اڻ توريو اگهايو ڇڏين. وڻين ته سڄي ڄمار جو پورهيو هڪ گهڙيءَ ۾ رد ڪريو ڇڏين!
تقريرون ختم ٿيون ته، راڳ رهاڻ جي محفل هلي. ڪي لطيفا ٻڌايا ويا، ڪي مزاحيه اسم. مزاحيه خنرن جو اسم سڀني کي ملهه مارويو. ٻنهي يونيورسٽين ۾ ٽئلنٽ جي کوٽ ناهي. هن آجياڻي ٿڪ لاهي ڇڏيا. رات جو دير سان پروگرام پورو ٿيو ته، قافلو ڪوٽڙيءَ جي ختيار جو مهمان ٿيو. ميزبان واهه جي خدمت ڪئي. ان کان ته بهتر هو ته اسان کي آزاد ڇڏيو وڃي ها ۽ اسان سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي تنبو کوڙي سک جي ننڊ ڪيون ها!
اڄوڪي جاکوڙ مان اسان گهڻو ڪجهه پرايو آهي ۽ شام واري تقريب ٿڪ به لاهي ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ اڄوڪو ڏينهن اجايو نه ويو پر تڏهن به لڳي ٿو ته ڪا ڳالهه کُٽي پئي آهي. خبر ناهي ته ڇو يونيورسٽي واري تقريب ۾ ڪنهن نوجوان جو ڳايل گيت ذهن ۾ وري وري گونجندو رهي ٿو.
”زندگي رڃ سهي مان اڃايل پکي!“

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جا ٻيلا

سنڌ جي ٻيلن کي ٽن يا چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريان اهي جيڪي ڪچي واري علائقي جا، يا درياهي ٻيلا آهن. ٻيا اهي جيڪي پڪي واري علائقي ۾ پر قدرتي آهن، ٽيان ٻيلا نهري پاڻيءَ تي هٿرادو طور پيدا ڪيا ويا آهن، جن ۾ ضرورت موجب وڻ پوکيا وڃن ٿا. چوٿان ڊيلٽا علائقي وارا آهن، اڃا به هڪ پنجون قسم باراني آهي. جيڪو جابلو ماٿرين ۾ برساتن کان پوءِ پيدا ٿئي ٿو پر انهن ۾ وڻ ڪو نه ٿئي. اهي چراگاهه ۽ شڪارگاهه چئي سگهجن ٿا. باراني چراگاهن جو مثال غيبي ديرو، جاگير، کيرٿر نيشنل پارڪ، ڪوٽڏيجيءَ جي اوڀر ۾ ٽڪر سوراهه ۽ ٿر جا ڪجهه علائقا آهن.
هن وقت سرڪاري رڪارڊ ۾ (81_1980 وارو رڪارڊ جيڪو اڃا تائين بنيادي رڪارڊن طور ڪتب آندو وڃي ٿو) درياهي ٻيلن جي پکيڙ 5.58.000 ايڪڙ آهي. هونئن ڪل پکيڙ 5.95.808 ايڪڙ ليکي وڃي ٿي پر انهن مان ڪن تي قبضا آهن ۽ هوريان هوريان آبادي هيٺ ايندا پيا وڃن. سنڌ ۾ ٻيلن جي شرح سنڌ جي ڪل پکيڙ جي ٻه يا ٽي سيڪڙو مس آهي، جن ۾ ٻيلا، ڪيٽيون ۽ هڙيون سڀ شامل آهن.
وڻن جي تعداد جي لحاظ کان ٻيلن ۾ ٻٻر سڀ کان گهڻو 33 سيڪڙو آهي. ٻٻر قيمت، ڪم توڙي سنڀال جي لحاظ کان سڀ کان بهتر ۽ سولو آهي. پر ٻٻر اڳي کان گهڻو گهٽجي ويو آهي، ٻئي نمبر تي مکيه وڻ ڪنڊي آهي جيڪو پڻ ڏهه کان پندرنهن سيڪڙو ٿيندو. ڪچي ۾ ٽين اهم جنس لئو يا لئي آهي. بَهڻَ جي صورتحال سڀ کان خراب آهي. بهڻ هاڻي وڃي ڪو هڪ سيڪڙو مس بچيو آهي. بئراج پوڻ کان اڳ ان جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو هو. پر هاڻي لٽ گهٽجڻ سبب اهو وڻ ايترو ته گهٽ ٿي ويو آهي جو جنڊيءَ واري صعنت کي ماٺ لڳي وئي آهي.
سنڌ ۾ نهري زمين تي هر قسم جو ٻوٽو نسري سگهي ٿو، مثال طور شيشم، توت، املتاس، نم، ڄمون، ڪچنار، گدامڙي، ڪيڪر وغيره. سم ۽ ڪلر ورتل زمين ۾ ڪيڪر، يوڪلپٽس، ڪونو ڪارپس، سريس مٺي گدامڙي، صوف، ڄمون، ارجن لڳي سگهن ٿا. خشڪ ۽ وارياسي زمين ۾ ڪنڊي، ٻٻر، کجي ۽ لوهيڙو ڪامياب آهن. سامونڊي ڪنڌيءَ لڳ ناريل يوڪلپٽس ۽ تمر ڪامياب جنسون آهن.
يوڪلپٽس ڊگهو ۽ سهڻو وڻ آهي، اصل وطن آسٽريليا اٿس، گذريل ڪجهه صدين کان دنيا ۾ پکڙيو آهي. اهو وڻ اپکنڊ ۾ انگريزن آندو. ان وڻ جا مقامي نالا لاچي، سفيده، گوند به آهن. يوڪلپٽس جو ڪاٺ فرنيچر، ٻارڻ، ڪاغذ ٺاهڻ، چپ بورڊ ۽ پلاءِ بورڊ ٺاهڻ جي ڪم به اچي ٿو. ان جي پنن مان خاص قسم جو تيل نڪري ٿو جيڪو دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ٿڙ گول ۽ ڊگهو هئڻ ڪري ٿنڀن جي طور به استعمال ٿئي ٿو. ڏهن ٻارهن سالن ۾ استعمال لائق ٿيو وڃي. مضبوطيءَ جي لحاظ کان ڪيڪر ۽ شيشم سان ڪُلهو ملائي بيهي ٿو. وزن جي لحاظ کان هڪ مڪعب فوٽ ڪاٺ جو وزن اڌ مڻ ٿئي ٿو. هن وڻ جو مستقبل سنڌ ۾ چڱو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جو پن جانورن کي نٿو وڻي ۽ اهو ويران ۽ خشڪ علائقن لاءِ مؤزون آهي پاڻيءَ جي کوٽ ۾ گرمي برداشت ڪري سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته وڻ کي ڪا بيماري به نٿي لڳي في الحال سنڌ ۾ يوڪلپٽس ٻيلن جي شڪل اختيار نه ڪئي آهي، پر زميندارن ڪٿي ڪٿي ٻنين جي ڪنڌين تي هٿرادو طور پوکڻ شروع ڪيو آهي.

هُڙيون

هُڙيون

ٻٻر سنڌ ۾ سڀ کان گهڻو آهي، پر درياهي ٻيلن جي صورت ۾. ٻٻر جا هٿرادو ننڍا ننڍا ٻيلا پوکڻ جو رواج سنڌ ۾ 1858ع کان پيو آهي، جڏهن سنڌ جي ڪمشنر بارٽلي فيئر هڪ سرڪيولر ذريعي پنهنجن ڊپٽي ڪمشنر کي حڪم ڪيو ته اهي هاري ڪٽنبن کي ڏهن ڏهن ايڪڙن جي ايراضي مفت فراهم ڪن، ته جيئن اهي ان زمين تي وڻ پوکين. سنڌ ۾ ”هڙي“ معنيٰ خانگي زرعي زمين تي ٻٻرن جو جهڳٽو. وڻن جي ٻين قسمن جي اهڙن جهڳٽن کي هڙي نٿو چيو وڃي. هن وقت حيدرآباد ضلعي ۾ هڙيون پوکڻ جو رواج آهي پر اتر ۽ لاڙ ۾ اهو رواج گهٽ آهي. هن وقت وڌ ۾ وڌ هڙيون حيدرآباد ۽ سڪرنڊ جي وچ ۾ ڏسي سگهبيون.
هڙيءَ جي پوک لاءِ لٽاسي زمين بهتر آهي. اڄڪلهه آبادگار اهڙين زمينن تي هڙيون پوکين ٿا جيڪي ڪنهن حد تائين سم ۽ ڪلر هيٺ هجن ٿيون ۽ ڪنهن ٻئي فصل لاءِ ڪارائتيون نه هجن يا وري ٻئي فصل لاءِ گهڻو خرچ گهرنديون هجن. هڙيءَ جي پوک جا ٻه طريقا آهن، ڇٽ ۽ ناري. ڇٽ ۾ جتي اٺ ڏهه ڪلو ٻج استعمال ٿئي ٿو اتي ناڙيءَ ۾ فقط چار پنج ڪلو استعمال ٿئي ٿو. هڙين جي پوک اڪثر ڪري ڦٽين وقت اپريل مئي، جون ۾ ٿئي ٿي.
هڙيءَ کي پهرين سال، اٺ ڏهه پاڻي کپن، ايندڙ ٻه سال ٻه ٻه ٽي ٽي ڀيري پاڻي گهرجي. هڙيون پنجن ڇهن سالن ۾ وڍجڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. هڪ هڪ وڻ جنهن جو قطر ٽن کان چئن انچن جيترو ٿئي ٿو سراسري طور 02. معڪب ميٽر ڪاٺ ڏئي ٿو. اڄڪلهه پنجن ڇهن سالن جي هڙي پندرهن ويهه هزار رپيا في ايڪڙ ڪمائي ٿي.
هڙين مان سڌا ۽ اڻ سڌا ڪيئي فائدا آهن. مزدور لاءِ مزوري، ٻارڻ لاءِ ڪاٺ، پکين پکيئڙن لاءِ اجهو، کونئر، ڏندڻ، رڱڻ لاءِ چوڏو‏، ماکي، مال لاءِ چارو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڊگهيون پاڙون هئڻ ڪري ٻٻر جر مان پاڻي ڪڍي زمين هيٺ پاڻيءَ جي سطح گهٽائي هوا ۾ خارج ڪري ٿو، جنهن ڪري سم کان بچاءُ ۽ موسمي اعتدال برقرار رهي ٿو.
وڻ پوکڻ، خاص ڪري ٻٻر جي پوک جو سم کان بچاءُ ۾ وڏو هٿ آهي. اهي ڪلر به ختم ڪريو ڇڏين. سم اڄڪلهه هر سال اٽڪل هڪ لک ايڪڙ تباهه ڪري رهي آهي، ٻئي طرف هڪ ڪروڙ ستر لک ايڪڙ زمين ۾ پاڻيءَ جي سطح فقط 8_10 فوٽن تي آهي.

ڪچي جا ٻيلا

ڪچي جا ٻيلا

مون سنڌ جي ٻيلي کاتي مان سنڌ جي سڀني ٻيلن جي ايراضي معلوم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر کاتي جو تعاون نه رهيو. ٺڙٺپ جواب مليو، ”اسانکي اجازت ناهي ته تفصيلي معلومات يا نقشا ڏجن سو به صحافين کي. چيف ڪنزرويٽر صاحب اهو چئي جواب ڏيئي ڇڏيو ته مون کي ملڻ جو وقت ناهي. سچي ڳالهه ته اها هئي ته ٻيلي کاتي وارن جي ڪارڪردگي ڏاڍي مايوس ڪندڙ هئي، وٽن پورو رڪارڊ نه هو، جيڪو موجود هو سو به بي ترتيب هو.
بهرحال، وري به ڊويزنل فاريسٽ آفيسر نياز احمد سومري جي مهرباني، جنهن سنڌ جي ننڍن وڏن ٻيلن جا ترتيبوار نالا ڏيڻ ۾ تعاون ڪيو، جيڪي پڻ مان سمجهان ٿو ته پورا ناهن. خبر ناهي ته سنڌ جي ٻيلي کاتي کي ٻيلن جا انگ اکر ڏيڻ ۾ خار ڇو هو! مليل ترتيب موجب سنڌ جي ٻيلن جا ماڳ هن ريت آهن:
ڪشمور گڊو کان هيٺ ساڄي ڪنڌيءَ تي گيهل پور، گونڊڪ، ڳنڍير، مکڻ، نئون گُبلو، ڊهوو ۽ جنگڻ. کاٻي ڪنڌيءَ تي گونڊڪ، وستي، رونتي، پراڻو گُبلو ۽ جهانپور. اهي ٻيلا جيڪب آباد ضلعي ۾ آهن.
سکر ضلعي ۾ يعني درياهه جي کاٻي ڪنڌيءَ تي واحدپور، سدوجا، وهاب، خان ٻيلو، شاهه پور، ڪيٽي پئي، ڪيٽي آباد، کيها پنڊي، عزيز پور، پنهوڙي، ڪَٽا، چانجڻي، ڪيٽي شاهه (درياهه جي ٻئي ڀر ۾)، شاهه ٻيلو، قادرا پور، ٻنڊي ڌاريجا ۽ ڊنگ ڪنڌي.
سکر بئراج کان هيٺ، سکر ضلعي ۾ ساڄي ڪنڌيءَ تي باگڙجي ۽ کاٻي ڪنڌيءَ تي ڪيٽي باگڙجي. شڪارپور ضلعي ۾ جيڪو ساڄي ڪنڌيءَ تي آهي، آندل دل ٻيلو.
ان کانپوءِ درياهه، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعن وچ ۾ سرحد ٺاهي ٿو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ درياهه جي ساڄي ڪنڌيءَ تي، مديجي ٻيلو، دوسو، شريف پور، آگاڻي، نئون ديرو، امروٽ، شاهه بيگ، حسن واهڻ ۽ گاجي ديرو ٻيلا آهن، جتي عاقل پتڻ وٽ ڌاڙيلن اسان جي ٻيڙي تي فائرنگ ڪئي هئي. گاجي ديري کان هيٺ ديرو آهي، جتان اڳتي دادو ضلعي جي سرحد آهي.
لاڙڪاڻي جي آمهون سامهون خيرپور ضلعي ۾ ٻيلن جي ترتيب ڪجهه هن ريت آهي: مديجيءَ جي سامهون فريد آباد، ان کانپوءِ رحمت مڱريا، مهلاڻي، سيال، مالي شهاڻي، گندي، تيرن واري، راضي ديرو، مورائي، نورپور، ڀاڳت، مهمان، نِواڙو ۽ ڇُٽو چنا.
اڳوڻي نواب شاهه ضلعي ۾ جنهن مان هاڻي ضلعي نوشهري کي به ڪجهه حصا ڏنا ويا آهن، ٻيلا هن ريت آهن: محبت ديرو، ڀونئر ڪمال ديرو، ڀورٽي، مٺياڻي ۽ دليپوٽا.
ٻئي طرف دادو ضلعي ۾ مگسي ٻيلو، ڪمال ديرو، سونا ٻندي، ڀنڊ ماڙي آهن. موري کان هيٺ ڪيٽي للياهه ۽ خيروديرو آهن. ڪنداهه ۽ ڪرم پور ٻيلا سنڌو ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ آهن. ان کان پوءِ آمري، لاکاٽ ۽ مڏ ناصري آهن. مڏ ناصري درياهه جي ٻنهي ڪپن تي آهي. ٻيو پاسو قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جي وچ وارو آهي. سڪرنڊ کان هيٺ کاٻي ڪنڌيءَ تي محراب پور ماڙي، ڀُٽو ماڙي، سالارو، مريد رئيس مٽياري، گُندي، جهڪ پوٽا، مياڻي، کٿڙ ۽ ڪاٺڙي ٻيلا آهن. جيڪي پڪي واري علائقي ۾ آهن. مريد رئيس ٻيلو مٽياريءَ لڳ آهي. مٽياريءَ کان ٻئي ڀر انڙ پور، گَگُھه، پيٽارو، رائلو ۽ بڊا ٻيلا آهن.
ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ساڄي ڪنڌيءَ تي ڪارو کهو، حاجي پور ۽ کوکر ٻيلا آهن. کوکر ٻيلو درياهه جي ٻئي ڪپ تائين پکڙيل آهي. ساڄي ڪنڌيءَ تي کوکر کان ويران، ملايه، للنڊ، حيات چنو، کليل، ڪاٺوڙ، مَرو ڪوٽڙي، خاناڻي، مليرڙي، کاسو، بن، جماڻي ۽ گهوڙا ٻاري ٻيلا آهن.
کوکر کان هيٺ ويران ٻيلي جي آمهون سامهون کاٻي ڪنڌيءَ تي ترتيبوار ٻُڌڪا، جرار، کڏي، سورجاڻي، گنج، هزاري، بهادي پور، ٻڍاڻي آهن. ان کانپوءِ ڊيلٽائي تمر جا ٻيلا آهن.
ٻيلن ۾ ٻٻر ۽ ڪنڊي جام آهي پر بئراجن کان پوءِ عجيب ڳالهه سامهون آئي آهي. اڄڪلهه ٻٻر جو مقدار سکر بئراج کان مٿي گهڻو آهي. سکر کان هيٺ ٻٻر گهٽ آهي، وري آمريءَ کان هيٺ، مٽياريءَ جي ويجهو کان ٻٻر گهڻو نظر اچي ٿو. سبب فقط اهو آهي ته ٻٻر کي لٽاشو پاڻي گهرجي. سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جي قائم ٿيڻ سبب انهن بئراجن کان مٿئين پاسي بئراجي پاڻيءَ جا ذخيره قائم ٿيڻ سبب جر ۾ جام پاڻي رهي ٿو، جنهن ڪري ٻٻر تڳي ٿو. جتي پاڻي ناهي اتي ٻٻر به خال خال ٿيو وڃي. البت ڪنڊيءَ جو وڻ درياهه کان پرين علائقن ۾ جهجهو آهي.

پڪي جا ٻيلا

پڪي جا ٻيلا

سکر ضلعي ۾ پڪي واري علائقي ۾ بئراج جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ ٻيلن ۾ مکيه ميرپور ٻيلو، سرحد ٻيلو، عادل پور ۽ سلطان پور آهن، شڪارپور ضلعي ۾ مورواڻي ۽ ڳڙهي ياسين، خيرپور ضلعي ۾ پير قاسم، لال ڪوٽ ۽ ميرڻو آهن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بهڻ، گانگرڪو، گاجي ديرو، حسن واهڻ، امروٽ (اڌ حصو) ۽ ٻڌو ديرو اچي وڃن ٿا.
اڳوڻي نوابشاهه ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ پئي (Paee)، مياڻي، ڪاٺڙي، کٿڙ، کاٽڙو، ملاڪاتيار، مولچند، دڙو ۽ هزاري آهن. دادو ضلعي ۾ سوئي، قاسم شاهه، ناري، ڪنڊي باغبان، ڀان (منڇر لڳ) ڪالو گهوري، آباد ۽ گدڙجي ٻيلا آهن. کپري لڳ ٽنڊو مٺا خان ۽ ڀوپي آهن.

وڏن ماڻهن سان سنڌوءَ جي جُٺ

وڏن ماڻهن سان سنڌوءَ جي جُٺ

ڪشمور کان هيٺ ڪيئي ڪيٽيون آهن. ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن؟ جڏهن سنڌوءَ تي بند ۽ بئراج نه هئا تڏهن سنڌوءَ جو پاڻي اٿلي ڪچو ٻوڙي ڇڏيندو هو. طاقتور قبيلن، ڪچي واري علائقي تي قبضا ڪري، ڪمزور قبيلن ۽ برادرين کي ڪچي مان ڪڍي ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح زرخيز ڪچي تي قبضو ڪري ويٺل قبيلا مزاري، ڊومڪي، بليدي، جتوئي، سندراڻي، تيغاڻي، جاگيراڻي، رند، خشڪ، گاڏهي ۽ ٻيا معاشي طور تي شاهوڪار ٿيندا ويا. اهي طاقتور قبيلا گهڻو ڪري سرائيڪي ڳالهائيندڙ ٻروچ هئا.
گهٽ طاقتور قبيلا درياهه کان هٽي پري ٿي پيا ۽ غربت سبب سرائيڪي ڳالهائيندڙ ٻروچ قبيلن جي سياسي ۽ معاشي اثر هيٺ اچي ويا. پر تاريخ ڦيرو کاڌو.
سکر بئراج ۽ گڊو بئراج پيا. بند ٻڌجي ويا. ڪچو سوڙهو ٿي ويو. هاڻي آبادي درياهه جي اُٿل بدران واهن تي شروع ٿي، واهه ڪچي کان پري هئا تنهن ڪري معاشي ۽ سياسي طور تي پوئتي پيل طبقو طاقتور ٿيڻ لڳو. ڪچي ۾ پوک گهٽجي وئي، باقي علائقي ۾ وڃي شڪارگاهه بچيا. پر گهڻو فائدو انهن کي پهتو جن کي سرڪار بهادر، نون واهن ذريعي آباد ٿيندڙ نيون زمينون ڏنيون. اهي ماڻهو سنڌ کان ٻاهر جا هئا جن کي ’سيٽلر‘ چون ٿا. انهن ۾ وڏو تعداد لشڪرين جو آهي. ٻين اکرن ۾ سنڌ جو اصلي طاقتور طبقو، معاشي طور ڪمزور ٿي ويو. اڳوڻو ڪمزور طبقو، ڪجهه سگهارو ٿيو ۽ پنجاب مان لڏي آيل لشڪري طبقو مضبوط ٿي ويو. ان تبديليءَ هڪ سياسي ۽ معاشي بحران کڙو ڪري وڌو آهي.
اڳوڻي طاقتور طبقي طاقت لاءِ نيون ڪرتون ڳوليون ۽ پاٿاريداريءَ جنم ورتو. ساڳئي طبقي، ڪچي جي علائقي ۾ ٽيوب ويل هنيا ۽ آبادي وڌائي پاڻ کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ کين ڪاميابي ٿي. اهو ان ڪري ته ڪچي ۾ جر جو پاڻي گهڻو هيٺ ناهي ۽ ٽيوب ويل تي سولائيءَ سان پوک ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ ۾ پاڻيءَ ۽ پوکن جي چونڊ هڪ ٻيو بحران به آندو آهي. هڪڙا اهي علائقا آهن جتي سال ۾ ٻه فصل لهن ٿا ۽ ٻيا اهي علائقا آهن جتي ساريال آهي ۽ سال ۾ فقط هڪ فصل لهي ٿو. اهي علائقا، جتي به فصل لهن ٿا، پورهيت طبقو سڄو سال پورهئي ۾ مصروف آهي پر ساريال واري علائقي جا ماڻهو اڌ سال واندا آهن. ان واندڪائي ۾ اهي يا ته وڃي ڪٿي رواجي مزوري ڪن ٿا يا وري وڃي ڦرلٽ کي لڳن. شايد اهو ئي سبب آهي جو اتر اولهه واري سنڌ ۾ ڌاڙن جا واقعا ٻين کان اڳ ۽ گهڻا ٿيا.
ڪچي واري علائقي ۾ هڪ ٻيو مسئلو به ڏاڍو عام نظر اچي ٿو. يعني، جيتوڻيڪ اتي ڳوٺ ۽ وسنديون جام آهن، پر انهن ۾ رهندڙ ماڻهن کي لڳ ڀڳ هر سال ٻوڏ واري وقت يعني، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ لڏپلاڻ ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري اتي به مستقل طور تي اسڪول کلي سگهن ٿا ۽ نه اسپتالون ۽ نه ئي وري ڪا ٻي مستقل سهولت پيدا ڪري سگهجي ٿي. واضح هجي ته سنڌو ندي، پاڪستان جي واحد ندي آهي جيڪا برف ڳرڻ سبب وهي هلي ٿي. ٻين ندين جو پاڻي برفاڻو نه، برساتي آهي، جيڪي به برساتن ۽ مانسون جي وقت ۾ ڀرجي وهن ٿيون. سنڌوءَ جي اوڀر واريون نديون، اونهاري جي مهڙ ۾ پاڻي ڏين ٿيون ۽ اولهه واريون نديون اونهاري جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. سنڌوءَ جي مزاج ۽ ان جي معاشي اثرن تي محترم شيخ رشيد صاحب چڱي تفصيل سان اڀياس ڪري رهيو آهي. هو صاحب سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري آهي. مون کي اميد آهي ته جڏهن هن صاحب جو اڀياس ڇپجي پڌرو ٿيندو، تڏهن حيرت جهڙا نتيجا سامهون ايندا.

حيدرآباد

حيدرآباد

سنڌوءَ جي هُن پار حيدرآباد جو شهر آهي. حيدرآباد، سنڌ جي دل ۽ صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر اڄڪلهه سنڌي مهاجر وڳوڙن ۾ رتوڇاڻ تي نڍال ٿي پيو آهي. جڏهن 1768ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي هن شهر جو بنياد وڌو تڏهن هڪ دعا قلعي جي دروازي تي هڻائي ڇڏي هئائين، ”يا رب اجعل هذا بلد امنا“
”اي رب هن شهر کي امن وارو ڪر!“
پر هن شهر جي تاريخ ۾ امن ٿوري ٿوري وقفي سان ڦِٽندو رهيو. ان دعا مان قلعو ۽ شهر ٺهڻ جي تاريخ سن 1768ع ڪڍي وئي آهي.
اهو 59_1758ع جو جاگرافيائي واقعو هو، جڏهن سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو. ان کان اڳ درياهه، هالا کان نصر پور طرف وهندو هو. ڪلهوڙن کي مغل، پٺاڻن ۽ ايرانين به ايترو تنگ نه ڪيو هوندو، جيترو سنڌوءَ ڪيو. هُو پنهنجي دور ۾ لڳ ڀڳ هر وقت پنهنجيون گاديون بدلائيندا پئي رهيا. نيٺ هڪ ڏينهن (1758ع ڌاري) درياهه پاڻ فيصلو ڪيو ۽ هالا وٽان سکر ڏکڻ ڏانهن سفر شروع ڪيائين. ان ئي وقت سنڌوءَ جو وهڪرو گدو بندر وٽان جاري ٿيو ۽ ان جو هڪ ڦاٽ ڦليليءَ جي صورت ۾ حيدرآباد جي اتر کان ڦٽي هليو.
ان جا گرافيائي واقعي کان پوءِ حيدرآباد جي ٽڪريءَ جي اهميت وڌي وئي. هاڻي ٽڪري کان اولهه طرف درياهه جو وهڪرو فقط چار ميل هو ۽ اوڀر ۾ ڦليلي ڦاٽ جو وهڪرو هڪ هزار کن قدم پري هو. ڦليلي ڦاٽ مان هڪ واهه ڦٽي حيدرآباد واري ٽڪريءَ جي ڏکڻ وٽ، جتي هاڻي پڪو قلعو آهي، پهتو ٿي. هيءَ ڪنهن شهر لاءِ ڏاڍي محفوظ جاءِ هئي. غلام شاهه کي ان کان بهتر ڪا به جاءِ ملي نه ٿي سگهي. ان کان اڳ هن ڊسمبر 1758ع ۾ اورنگا بندر ويجهو، گُجي جي بستيءَ تي شاهه ڳڙهه نالو رکيو ۽ پوءِ اتي ۽ سامهون بند ٻڌائي، ان جو نالو شاهه بندر رکيائين اهل عيال آڻي رهايو هئائين. پر درياهه وري پنهنجو ٻيو رستو ورتو. اهڙي 59_1958ع ۾ نصر پور وارو پراڻو وهڪرو جيڪو هالا کان شروع ٿي ڏکڻ اوڀر پئي وهيو، سڪي ويو. اهو ستر ميل وهڪرو هو. سنڌوءَ آخري وهڪري وٺڻ کان اڳ لڳاتار ڪيئي سال مسلسل وهڪرا بدلايا هئا.
جڏهن 1768ع (1182 هجري) ڌاري غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد تي قلعو ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن هڪ واهه ڦليلي کان قلعي تائين پئي آيو. قلعو فقط ٻن مهينن ۾ ٺهي راس ٿيو. ان واهه کي اڳي فقط ’واهه‘ سڏيندا هئا پر انگريزن جي وقت ۾ ان کي ’ڊومڻ واهه‘ سڏيو ويو. ان واهه ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون، جيڪي قلعي جي ويجهو مال لاهينديون چاڙهينديون هيون. اڄڪلهه ان واهه جي حيثيت حيدرآباد جي گندي نالي واري آهي. جنهن مان شهر جو ڪِنو پاڻي خارج ٿئي ٿو.
1843ع ۾ حيدرآباد جي آبادي ويهه هزار ماڻهن تي ٻڌل هئي جڏهن ته 1808ع ڌاري به 15000 کن هئي. غلام شاهه ڪلهوڙي کان سواءِ ٻين ڪلهوڙن حيدرآباد کي گهٽ اهميت ڏني پر جڏهن مير فتح خان 1789ع ڪلهوڙن کان سنڌ ڇڏائي، ان کان پوءِ حيدرآباد اوج طرف وڌيو. اهو ئي وقت هو جڏهن گدو بندر به ٺهيو.

حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي دلچسپي

حيدرآباد ۾ ٽالپرن جي دلچسپي

ٽالپر سگهارا حاڪم هئا. ٿورڙن ڏينهن ۾ هڪ لک ماڻهن تي ٻڌل فوج جمع ڪري ٿي سگهيا. ٽالپرن جڏهن حيدرآباد جي شهر ڏانهن ڌيان ڏنو، ته اڳوڻن تخت گاهن مان هنرمندن کي گهرائي حيدرآباد ۾ پاڙا ٺاهي ڏنائون، ’واڍن جو پڙ‘ اڄ به مشهور آهي. مير فتح علي خان، خداآباد مان واڍا گهرائي هتي آباد ڪيا ۽ ڪاٺ جي هنر کي هٿي ڏياري. اڄ به ٽالپرن وٽ ڪاٺ تي اُڪر واري فرنيچر جو وڏو ۽ شاهڪار ذخيرو آهي. جيڪو سنڌي واڍن جي هنر جو شاندار مثال آهي. انهن واڍن جو ڪم ڏسي دل واه! ڪرڻ کان سواءِ نٿي رهي.
ٽالپرن، شهر ۾ نقاش به جمع ڪيا ۽ نقاشن جو پاڙو به وجود ۾ آيو. اهو پاڙو، فقير جي پڙ، لڳ گنج بخش شاهه جي پڙ ۾ آهي. انهن نقاشن جاين، مقبرن، مسجدن ۽ محلن ۾ گلڪاري ڪئي، جيڪا اڄ به ڏسي سگهجي ٿي.

شهر جون چاڙهيون

شهر جون چاڙهيون

قلعي جي اوڀر کان اتر طرف، ڏتل شاهه جي چاڙهي، هيموجي چاڙهي، ٺوڙهي چاڙهي، چٽيل چاڙهي، سخي پير چاڙهي، ڪاري موريءَ واري چاڙهي آهي.
قلعي جي اولهه کان اتر طرف، قدم گاهه واري چاڙهي، هوم اسٽيڊهال چاڙهي، ڀائي خان چاڙهي، پکي پير جي چاڙهي، بلال جي چاڙهي، زناني اسپتال واري چاڙهي، ڀوچالو شاهه چاڙهي، ڇوٽڪي گهٽي چاڙهي، سيد گاهه چاڙهي، تلڪ چاڙهي، سرفراز چاڙهي ۽ سينٽرل جيل واري چاڙهي آهي. ٻيون به ننڍيون وڏيون چاڙهيون شمار ڪري سگهجن ٿيون.

قديم آثار

قديم آثار

هاڻي ته سڀ کان وڏو قديم آثار، خود پڪو قلعو آهي، جنهن ۾ ٽالپرن جا محل هئا. قلعي جي ڏاکڻين ديوارين ۾، ڪنهن به مورچي جا نشان ناهن البت اتر واري ديوار ۾ ڇهه ست مورچا هئا. هڪ وڏو مورچو، جنهن تي ڇٽي به هئي، ٺيڪ ان جاءِ تي قائم هو جتي هاڻي پڪي قلعي وارو چوراهو آهي. ان مورچي جي وڏي اهميت هئي، ڇاڪاڻ ته اولهه اتر ۽ اوڀر طرف اُتان چڱي نظر رکي ٿي وئي.
قلعي جي آڏو کاهي هئي، جنهن تي ڪلدار پل (Draw Bridge) هئي. وڏو مورچو شاهي در آڏو وڪڙ يا اوٽ ڪري ٿي بيٺو ته جيئن دشمن جي لشڪر جو در تي سڌو زور نه پوي. قلعي جو هڪ حصو اوڀر طرف آهي. جنهن ۾ قبرون آهن. اتر اوڀر طرف هڪ ننڍڙو دروازو هو جنهن کي ’چور دروازو‘ چئجي ٿو. اهو در به اڃا قائم آهي. البت 1947ع کان پوءِ هندستان کان لڏي آيل ماڻهن، قلعي تي قبضا ڪري شهر جي شڪل صورت ڦٽائي تباهه ڪري ڇڏي آهي. ڪن ڪن هنڌان ته ديوارون به جهوري وڌيون اٿن. اها صورتحال برقرار رهي ته قلعو باقي نه رهندو.
قلعي جي مرڪز ۾ هڪ ٻيو اوچو برج هو. جنهن تان چئني پاسي نگراني ممڪن هئي. ٽالپرن جي حويليءَ ۾ اڄڪلهه آرڪيالاجيءَ کاتي جي آفيس آهي. کاتي، حويليءَ کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪن وڳوڙين تازو لساني، سياسي ۽ مذهبي جنون پکيڙي سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي. قديم ورثو يا ته ساڙي ڇڏيائون يا پاڻ سان گڏ کڻي ويا. قلعي جي هڪ ڪمري ۾ پڇاڙيءَ تائين ديوارن تي چترڪاري ٿيل هئي جن ۾ مير صاحب کي وڏي شان سان ڏيکاريو ويو هو. انهن تصويرن ۾ ديو، جن ۽ پريون مير صاحب جي خدمت ڪندي ڏيکاريا ويا هئا، ڄڻ اهي به سندن رعيت ۾ شامل هجن!
حيدرآباد ۾ ٻه ڪچا قلعا به آهن. اُنهن جي تعمير به ڪلهوڙن جي سر تي آهي. هڪ ڪچو قلعو پڪي قلعي جي اوڀر طرف آهي، جنهن ۾ شاهه محمد مڪيءَ جو مقبرو آهي. چون ٿا ته اهو درويش ٻارهين صدي عيسوي جي پوئين اڌ ۾ هتي آيو هو. شاهجهان جي وقت ۾ ٺٽي جي نوابن، سندس قبر تي مقبرو اڏايو، جڏهن ته غلام شاهه ڪلهوڙي 1158هه ۾ ان کي ڪچو ڪوٽ ڏياري ان کي الهندي پاسي واري حفاظتي چوڪيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. غلام شاهه ٻيو ڪچو هاڻوڪي سينٽرل جيل وٽ ٽڪريءَ جي اتر ۾ ٺهرايو ۽ خواهش ڏيکاريائين ته مرڻ کانپوءِ کيس اتي ئي دفن ڪيو وڃي. هن 1772ع ۾ وفات ڪئي ۽ ساڳي جاءِ تي سندس پٽ ميان سرفراز، سندس مقبرو ٺهرايو. ٽالپر اميرن جا ڪجهه قبا هاڻوڪي سول اسپتال جي اتر ۾ ٽڪري جي الهندي ڪنڌيءَ تي آهن، جيڪي پڻ ڏسڻ وٽان آهن. گنجي ٽڪر تي راڄو ليکي ۽ تاجو ليکيءَ جا مقبرا آهن جيڪي ڪلهوڙن جا ڪن ڀريندا هئا ته، ٽالپر سندن سڄڻ ناهن.
پڪي قلعي آڏو هڪ ڊگهي قبر اصحابيءَ جي قبر ڏسجي ٿي. اتي ئي ويجهو، مولا عليءَ جي قدمن جا نشان ٻڌايا وڃن ٿا. مولا عليءَ جي قدمن ويجهو حضرت عبدالوهاب جيلانيءَ جو مقبرو آهي، جيڪو حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان آهي.

گنجو ڏونگر گام

گنجو ڏونگر گام

شاهه لطيف، گنجو ڏونگر گام کي ڳاتو آهي. گنجو ڏونگر اصل ۾ اڄوڪو هِل پارڪ آهي. جتي ڪالي ۽ شو جا قديم مندر آهن. قديم وقتن ۾ هنگلاج توڙي دوارڪا وارا قافلا هن تيرٿ کان ويندا هئا.
ڪالي مندر ويجهو هڪ قديم غار پٿر جي دور جي آهي، جنهن کي پوءِ تپسيا لاءِ جوڳين ۽ سنياسين استعمال ڪيو. هتي اهڙيون چار غارون هيون جن مان هن وقت باقي ٻه بچيون آهن. هڪ غار صنعتي ترقيءَ جي نذر ٿي ويئي، ٻئي هل پارڪ جي تعمير وقت هٿرادو بند ڪئي ويئي ۽ ٽين هاڻوڪي ڪسٽم روڊ تي قائم صنعتي علائقي ۾ ڪارخانن جي پٺيان الهندي ڪنڌيءَ تي آهي. ان غار کي ٻه دروازا آهن ۽ هڪ قديم ڏاڪڻ ان جي ڀر ۾ آهي جنهن تان لهي غار تائين پهچي سگهجي ٿو. هتان لڌل قديم شيون هاڻي پرنس آف ويلز ميوزم بمبئيءَ ۾ رکيل آهن.
گنجي ٽڪر تي سنياسين ۽ درويشن جو وڏو ميڙ ٿيندو رهيو هو. شايد ان ڪري چوندا آهن، ”گنجو پيرن جو منجو.“ هڪ روايت موجب، ڪالي مندر غار ۾ ڀٽائيءَ به چله ڪشي ڪئي آهي.
خبر ناهي ته ڪهڙي آڌار تي محققن حيدرآباد جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ قرار ڏنو آهي. نيرون ڪوٽ ارغونن ۽ ترخانن جي دور (سمن جي زوال کان پوءِ 1738ع 1151 هجري تائين) ۾ سندن تاريخ موجب، مرزا باقي نيرون وارو علائقو مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي ساروان جي حوالي ڪيو هو. ان دور جو ٺڪراٽو ۽ ٻيا آثار رني ڪوٽ ۾ برابر موجود آهن.

سياسي ماضي

سياسي ماضي

ڪلهوڙا، سنڌ ۾ داخلي طور تي خودمختيار حاڪم سهي پر خارجي طور تي دهليءَ جي ماتحت هئا. ڪلهوڙن جا آخري حاڪم، ٽالپرن سان دشمنيءَ سبب ٽالپرن هٿان ئي ماريا ويا. جيڪي اصل ۾ سندن فوجي هئا. ٽالپرن سڄي سنڌ تي 1198 هجريءَ ۾ قبضو ڪيو. سنڌ ٽن حصن ۾ ورهائي کنئي وئي ۽ ٽي حڪومتون ٺاهيون ويون.
سنڌ کي ڪل ستن حصن ۾ مير فتح عليءَ ورهايو، جنهن مان چار حصا پاڻ رکيائين، باقي ٽن مان ٻه حصا مير سهراب خان کي ڏنائين جنهن خيرپور ۾ گادي ٺاهي ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان کي ڏنائين، جنهن مير پور ۾ پنهنجي گادي ٺاهي. فتح خان، پاڻ سان ٽن ڀائرن کي شامل ڪيو. مير غلام علي، مير ڪرم علي، مير مراد خان ۽ چوٿون پاڻ. ان کان پوءِ چئني ’چار يار‘ ۽ سنڌ جي اميرن جي نالي سان حڪومت جو فيصلو ڪيو. مير کلي ڪچهري ڪري فيصلا ڪندا هئا، جيتوڻيڪ حڪومت هلائڻ جو سندن باقاعدي سرشتو موجود هو.
حيدرآباد ۾ ميرن جي پهرين چوياري 1782ع ۾ قائم ٿي. اهو امن امان جو زمانو هو. ٻي چوياريءَ جي آخر ۾، ملڪ جون حالتون خراب ٿيون. انگريز، هندستان تي قبضو ڪندا ٿي ويا. هندستان ۾ فقط سنڌ، پنجاب ۽ اؤڌ سندن حڪومت کان ٻاهر هئا. ڪپڙي جي صنعت پنهنجو عروج ۽ زوال ڏسي چڪي هئي. ماڻهن کي ميرن جي بي وسيءَ جو احساس ٿي چڪو هو ۽ انگريزن جي قوت کان ڊنل هئا. فاتح سنڌ، پنهنجي وقت ۾ ڪابل کي ڍل ڏيڻ منظور ڪئي هئي ۽ ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو هو. 1775ع ۾ انگريزن جي بند ٿيل واپاري ڪوٺي 1790ع ۾ ٻيهر کلي پر ڪابل جي دٻاءَ سبب ٽالپرن سن 1800ع ۾ ٻيهر کڻائي ڇڏي. سن 9_1808ع ۾ نگريزن ميرن سان دوستاڻا ۽ واپاري ٺاهه ڪيا. 1811ع ۾ مير مراد علي گاديءَ تي ويٺو. اتر کان رنجيت سنگهه جو دٻاءُ هئڻ ڪري، مراد علي خان انگريزن جو اجهو ورتو. 1818ع ۾ مرهٽن شڪست کاڌي ۽ انگريز ڪڇ، جوڌپور، بيڪانير ۽ جيسلمير کي به آڻ مڃائي چڪا هئا، هاڻي فقط سنڌ ۽ پنجاب وڃي رهيا هئا.
1816ع ۾ انگريزن، ٽالپرن سان ٽيون ٺاهه ڪيو. 1831ع ۾ رنجيت سنگهه کي سوکڙيون پهچائڻ جي بهاني انگريزن سنڌوءَ ۾ ٻيڙا وڌا، اها بهرحال اڳرائي هئي. 1840ع ۾ انگريزن ٽالپرن سان چوٿون ٺاهه ڪيو. هر نئون ٺاهه ٽالپرن لاءِ سوڙهه پيدا ٿي ڪندو ويو.
1840ع ۾ افغانستان ۾ انگريزن کي شڪست ملي ۽ ڪابل خالي ڪيائون. انگريزن جو نه رڳو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو پر ساخ به متاثرپئي ٿين. ان دوران بروهين قلات تي قبضو ڪيو. ان جا خار انگريزن سنڌ مان ڪڍيا ۽ مير نصير خان تي نوان شرط وڌا جيڪي غيرواجب ۽ سخت هئا. نيٺ 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي واريون جنگيون لڳيون جن ۾ سنڌين شڪست کاڌي.
سهراباڻين (خيرپور) مان مير علي مراد انگريزن جو طرفدار هو، تنهن ڪري انگريزن سندن رياست برقرار رکي. باقي مير پهرين قيد ٿيا، پوءِ ڪلڪتي ۾ نظربند ٿيا، پوءِ بچيل ميرن کي سنڌ ۾ جاگيرون ڏنيون ويون. 1846ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ سان لاڳو ڪري ڪمشنري صوبو بڻايو ويو. جُون 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي.

مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

ڄامشوري وٽ سنڌوءَ جي اڀرندي ڪنڌيءَ ويجهو اهو مياڻيءَ جو ماڳ هو، جتي سنڌ جي سورهيه هوشو شيديءَ بي جگريءَ سان ويڙهه ڪئي ۽ سنڌ کي هڪ لازوال نعرو ڏيئي ويو. سنڌ جي ماڻهن ڪيتري بي جگريءَ سان ويڙهه ڪئي؟ ڪيپٽن ايسٽوڪ لکي ٿو ته، ”ڀائنجي ٿو ته ٻروچن انهيءَ ڏينهن جيڪا بهادري ڏيکاري، سا هُنن ورلي ڪنهن موقعي تي ڏيکاري هجي! ... اسان جي فوج کي ٻه ٽي ڀيرا روڪي پٺتي هٽايو ويو ۽ جيڪڏهن اهڙا آفيسر نه هجن ها ته پوءِ سپاهين لاءِ ميدان جهلڻ محال هو ... مير ته اڳ ئي جنگ جو ميدان ڇڏي حيدرآباد ڀڄي ويا هئا پر تنهن هوندي به اتي ڪيترا ئي بهادر ماڻهو ڏٺا ويا جن نهايت دليريءَ سان مقابلو ڪيو.“
انگريزن سان بارودي ويڙهه اصل ۾ 15_ فيبروري 1843ع کان شروع ٿي. 16 فيبروري ٿي چارلس نيپئر مٽياريءَ لڳ حيدرآباد کان 17_ميلن جي پنڌ تي ٽي هزار لشڪر سان گڏ اچي پهتو هو. 15_فيبروريءَ تي مير شهداد خان انگريزن جي ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو هو، اها ريزيڊنسي حيدرآباد کان ٽي ميل اتر اولهه ۾ هئي. بارود گهٽ هئڻ سبب حملو ناڪام ٿي ويو هو.
ان کانپوءِ سنڌ جا ٻروچ سپاهي، مياڻيءَ واري شڪار ڳڙهه ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. اها خبر ميجر آئوٽرام کي پهتي ته ٻن آگبوٽن تي ٻه سؤ سپاهي اوڏانهن موڪليائين ته جيئن اهي مياڻي ٻيلي کي باهه ڏين. جيتوڻيڪ جهنگ جو ڪجهه حصو سڙي ويو پر سنڌي لشڪر جنگ لاءِ جنهن ميدان جي چونڊ ڪئي هئي، سو ڪجهه پري هو، تنهن ڪري انهن رات وچ ۾ شڪار ڳڙهه خالي ڪري ڇڏيو، ۽ ٻين لفظن ۾ سنڌ جي بچا لاءِ سنڌ جي ٻيلن سڀ کان پهرين قرباني ڏني.
17_ فيبروريءَ تي انگريز فوج جا هڪ سؤ سپاهي توبن واسطي رستو ٺاهڻ لاءِ اڳتي روانه ٿيا پر واٽ ۾ جيئن ته گهڻا واهه هئا تنهن ڪري توبخاني جي وڌڻ ۾ پريشاني ٿين. انگريزن واهن جي ڪنڌين تان مٽي ڪوري واهه ۾ ڀري رستا ٺاهيا. کين ڦليليءَ تائين پهچڻ لاءِ ست ميل پنڌ ڪرڻو پيو‏ پر ان وقت ڦليليءَ جو پيٽ سڪل هو.
سنڌ جي لشڪر وٽ به توبون هيون. اها جنگ، هڪ واهه، ڦليلي ۽ ڳوٺن جي ڀرپاسي ۾ ٻيلي ۾ لڳي. ٻنهي ڌرين وڏي حڪمت عمليءَ سان ويڙهه ڪئي. پر انگريز لشڪر ۾ سنڌي غدار به هئا، جن جاسوسي ۽ رهنمائي پئي ڪئي. انگريز فوج ۾ پنج سؤ سنڌي گهوڙيسوار به شامل هئا.
انگريز فوجون اڳتي وڌيون ته مقامي لشڪرين جون توبون سندن قبضي ۾ اچي ويون. ان کانپوءِ ٻروچ بندوقون اڇلائي ترارون کڻي ٽپي پيا ۽ ايڏي بهادريءَ سان وڙهيا جو انگريز فوج ڪيئي ڀيرا پوئتي هٽي وئي. ايسٽوڪ لکي ٿو ته، ”اهو اهڙو وقت هو جڏهن يورپ جي بهادر فوج به ٻروچن جي خطرناڪ حملي سبب اڳتي نه وڌي سگهي ۽ هڪ جاءِ تي سنگينن جي مدد سان دشمن کي ماريندي رهي اهڙي طرح اهي پاڻ کي دشمن جي تلوار جو کاڄ ٿيڻ کان بچائيندا رهيا. اهو ان ڪري جو ٻروچ جنگ لاءِ ڇتا ٿي پيا هئا ۽ انهن مان ڪيترن ڀنگ يا آفيم استعمال ڪيو هو ... اسان جا بهادر سپاهي ماريا پئي ويا ... اهڙي حالت ۾ سرچارلس نيپئر گهوڙي کي اڙِي هڻي اڳتي وڌايو ...“
انگريزن کي فتح ملڻ ۾ وڏو حصو توبخاني ۾ گهوڙيسوارن جو وڏو هٿ هو. انگريز لشڪر جا فقط 62 ماڻهو مئا ۽ 194 زخمي ٿيا. ڇهه آفيسر مئا ۽ تيرهن زخمي ٿيا. ٻروچن جو وڏو نقصان ٿيو. اٽڪل 800 سپاهين جان ڏني. اهي توبخاني جو شڪار ٿيا هئا. مقامي لشڪر ڏاڍي مهارت سان وڙهيو هو. ڪئيپٽن ايسٽوڪ چوي ٿو ته، ”انهن جي فوج به تمام گهڻي منظم هئي، اها ثابتي اسان کي سندن فائرنگ مان ملي جيڪا تڪڙي ۽ برجستي هئي.“

مياڻيءَ واري جنگ کانپوءِ

مياڻيءَ واري جنگ کانپوءِ

سنڌ کي شڪست برابر ملي پر ان شڪست لاءِ ذميوار ڪير هو؟ چارلس نيپئر، ٽالپر حڪمران يا سنڌي قوم؟ انگريزن ليکڪ پاڻ مڃين ٿا ته، ٽالپرن انگريزن سان سرچاءَ جون وڏيون ڪوششون ڪيون، ٽالپر پنهنجيون سفارتي ڪوششون اڳ ئي ڪري بيٺا هئا پر وريو ڪي به ڪين. هوڏانهن ميجر آئوٽرام به چارلس نيپئر کي جهلي نه سگهيو. ٽالپر حوصلي ۽ سياسي حڪمت عملين ۾ هارائي چڪا هئا. جيڪڏهن هو حوصلو هارڻ بدران قوم تي ڀروسو ڪري تياري ڪن ها ته شايد ائين نه ٿئي ها جيئن پوءِ ٿيو.
پوءِ ڇا ٿيو؟ ’نئين مصر جا پراڻا ورق‘ جو ليکڪ ڪيپٽن ايسٽوڪ لکي ٿو، ”... ٻن ڏينهن کانپوءِ ... چارلس نيپئر ٻن توبن، پيادل توڙي سوار فوجين جي ٻن ريجمنٽن سميت قلعي ۾ داخل ٿيو ...
... انهيءَ کان پوءِ صاحب ٻين آفيسرن ۽ صاحبن سان گڏ مرحوم ڪرم علي خان جي زنانخاني ۾ هليو ويو ۽ مرزا خسرو بيگ کي ڳٿڙ کان جهلي بيعزتو ڪيائين ... پئسن ۽ زيورن سميت هن پندرهن لکن جو مال هٿ ڪيو ... مير ڪرم عليءَ جي گهر ڀاتين کي ٽن ڪپڙن ۾ نڪرڻ جي اجازت به نه ڏنائين ... هو زنانخاني ۾ گهڙي ويو ... عورتن جي ٻانهن ۽ پيرن مان زيور لاٿا ويا ... اهي بدنصيب عورتون ڊپ ۽ شرم وچان شهر مان ڀڄي نڪتيون ۽ ڏهه ميل پري کٿڙ کان وڃي نڪتيون ... عورتن کي ٻن ڏينهن تائين پاڻيءَ کان سواءِ اڃ تي رکيو ويو ... آخر وڏي جفا ڪشيءَ کانپوءِ پنج سؤ ماڻهن لاءِ جن ۾ عورتون ۽ ٻار به هئا، پاڻيءَ جي هڪ کَلي هٿ ڪئي وئي ... هڪ عورت جنهن کي ريشم جو جوڙو پهريل هو، تنهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس قلعي جي دروازي تي جهلي ڪپڙا لهرايا ويا ...“
هوشو شيديءَ جي قبر بابت اڪثر تڪرار ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته هوشوءَ جي قبر حيدرآباد وري پڪي قلعي ۾ آهي جتي انگريزن کيس وڏي اعزاز سان دفن ڪيو هو. حقيقت اها آهي ته، ائين ممڪن ئي ڪو نه هو. انگريز، هڪ مڪار ۽ دوکي باز شڪاريءَ واري صفت رکندڙ قوم طور سامهون آيو آهي. ان جو اندازو اسان کي ان صورت ۾ وڌيڪ ٿئي ها جڏهن سنڌي حڪمران يا ماڻهو پنهنجي تاريخ پاڻ لکن ها. پر خود ڪن انگريزن جون لکڻيون ۽ ڪتاب انگريزن جي ٺڳين، منافقين، ڪوڙن ۽ بي رحمين جي داستان طور پڙهي سگهجن ٿا. ان ڏس ۾ چارلس نيپئر جي پوليٽيڪل ڪمشنر، ميجر آئوٽرام جي ڪتاب Conquest of Sindh_ a commentary ۽ ڪيپٽن اِيسٽوڪ جو ڪتاب Dry leaves from younge Egypt جيڪو سن 1894ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ثبوت لاءِ ڪافي آهن.
ٽالپر، شروع ۾ پنهنجي بي همتي ۽ مصلحتن سبب انگريزن سان تعاون ڪندا ٿي ويا. شايد ان خيال کان ته انگريزن سان دوستيءَ ۾ انگريز راضي رهندا. پر اها ڳالهه کين گهڻو پوءِ سمجهه ۾ آئي ته هو ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويا آهن هو چاهين ها ته جنگ جي تياري به ڪري سگهيا ٿي، ڇاڪاڻ ته وٽن گهڻو وقت هو ۽ سنڌ جا ماڻهو پر ڏيهين جي خلاف به هئا. پر ميرن همت نه ساري ۽ هوريان هوريان انهن سڀني ٺاهن تي صحيحون ڪندا ويا جيڪي کين به پسند نه هئا. ميجر آئوٽرام کي به ميرن سان بي انصافيءَ جو احساس هو پر هو پاڻ به انگريز هو.
سچي ڳالهه ته اها آهي ته مير، جنگ کان اڳ جنگ هارائي هٿيار ڦٽا ڪري چڪا هئا. مياڻيءَ وارو واقعو ميرن جي مرضي خلاف ٿيو هو. مير نصير اڃان ٻه ڏينهن اڳ ميجر آئوٽرام آڏو وڃي شڪست جو اعتراف طور پنهنجي تلوار پيش ڪئي هئي. پر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪري پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪرڻ جو موقعو هٿان وڃائڻ نه ٿي گهريو. پاڻ کي دنيا جي سڀ کان سڌريل قوم سمجهندڙن جو فوجي اڳواڻ شاؤنزم جو شڪار ٿي هڪ آزاد قوم کان خودمختياريءَ جو حق کسي، معاشي ۽ سياسي غلام ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو هو. کيس قلعي مان وڏي دولت ملڻ جو آسرو هو. کيس اطلاع هو ته قلعي ۾ ويهن لکن جو خزانو آهي. هنن سڄو خزانو ڦريو پر چئن پنجن لکن کان وڌيڪ ملڪيت ظاهر نه ڪيائون. باقي ڪيڏانهن وئي؟
چارلس نيپئر جي ارادن کي ڏسي ۽ هوشوءَ جي شهادت ۽ قلعي جي شڪست جي تاريخن ۾ وٿي ۽ قلعي ۾ ڦرلٽ ۽ ڪربلا جهڙيون حالتون ڏسي اها توقع ڪري ئي نٿي سگهجي ته انگريز، ڪنهن دشمن جي قبر کي قلعي ۾ برداشت ڪري سگهيا ٿي.
هوشو 17 فيبروريءَ تي شهيد ٿيو ۽ قلعو 21_ فيبروريءَ تي انگريزن جي قبضي ۾ ويو. هوشوءَ جي آخري آرام گاهه مياڻيءَ ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. هاڻي حيدرآباد جو حال ناهي. اپکنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان وڏي لڏپلاڻ، آباديءَ ۽ شهري سهولتن جو توازن ڦٽائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري معاشي ۽ لساني مسئلا ڳنڀير ٿي چڪا آهن. حيدرآباد ۾ اڄڪلهه اسان کي مهاجر قومي موومينٽ (M.Q.M) جا پوسٽر نظر اچن ٿا جن تي ’حقوق يا موت‘ لکيل آهي. پوسٽر تي هڪ گوريلو ڇپيل آهي، جنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي.
ڇا هيءَ گهرو لڙائيءَ جي انتها آهي؟ يا محض شروعات آهي؟ في الحال ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. شهر واضح طور تي ورهائجي ويو آهي. اڙدو ٻولي ڳالهائيندڙ، جن جا وڏا هندستان کان لڏي آيا هئا پاڻ کي مهاجر سڏين ٿا. سندن غلبو لطيف آباد ۽ ٽڪريءَ واري شهري علائقي تي آهي. پڪو قلعو ته سندن ڳڙهه ٿي ويو آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو، ڄامشوري ۽ ٽڪريءَ جي وچ واري علائقي ۾ آباد ٿيڻ شروع ٿيا آهن. هتي ڪيئي نيون ڪالونيون پيون ٺهن، قاسم آباد، ڀٽائي نگر، نسيم نگر وغيره. ڇا تاريخ اهي ويڇا ختم ڪري سگهندي؟ ڇا وقت زخمن تي مرحم رکي سگهندو؟ ٻنهي ڌرين ۾ وڏي خونريزي ٿي چڪي آهي.

ڪوٽڙي

ڪوٽڙي

شايد هتي ڪڏهن ڪو ننڍڙو ڪوٽ يا ڪا واپاري ڪوٺڙي هئي. هن وقت ڪوٽڙي، دادو ضلعي جو وڏو صنعتي شهر آهي. قديم درگاهون نٿو شاهه ۽ بابا صلاح الدين جون آهن. جيڪي ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آهن. نٿو شاهه جي مزار ته بنهه پٽڙين جي وچ ۾ آهي. ريلوي اسٽيشن ۽ ان جو پليٽ فارم ويجهو هئڻ ڪري ريل گاڏيون هتان آهستي هلنديون آهن، پر مجاورن جو چوڻ آهي ته ريل گاڏين کي هتي تيز هلڻ جي اجازت ناهي. تيز هلنديون ته درويش ڪاوڙجي پوندو ۽ ريل گاڏيون پٽڙيءَ تان لهي وينديون. مجاور ماضيءَ ۾ اهڙن ٻن چئن حادثن کي ثبوت طور پيش ڪن ٿا، جيڪي اسٽيشن ويجهو ٿيا هئا. هڪ قديم ڪوٽ، نئه بارڻ جي الهندي ڪنڌيءَ تي ٻولهاڙيءَ کان اتر طرف جنت بُٺيءَ وٽ آهي. تاريخ ۾ ان ڪچي ڪوٽ جو ڪو خاص حوالو نٿو ملي. البت مقامي ماڻهو ان کي لوڻي ڪوٽ چون ٿا. سپر هاءِ وي کان ڪوٽ جي کنڊرن تائين پهچڻ ڏکيو نه آهي. ڪوٽ جا هن وقت فقط ڪي بنياد وڃي بچيا آهن. نئه بارڻ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي جابلو نئه آهي، جيڪا پٽ بارڻ کان شروع ٿي ٻولهاڙيءَ وٽ سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
اڱارو، 21 نومبر 1989ع
گڊو بئراج وٽ ڦاٽي پيل ٻيڙي ’نوري‘ جنهن جي مرمت ٽوري بنگلي تي ڪئي وئي هئي، رات ان جي ٻيهر ناڪام مرمت ڪئي. ’مورڙو‘ ٻيڙيءَ اڪيلي سفر جي تياري ڪئي. پر ڄامشوري جي پُل کان ڏکڻ طرف پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نيڪال نٿو ٿئي. درياهه سڪي ٻيلاٽيون ٿي چڪو آهي. درياهه جي پيٽ ۾ ٻيڙين بدران جيپ لاهي سگهجي ٿي. درياهه ۾ بيٺل پاڻي سائو ٿي چڪو آهي ۽ پاڻيءَ بدران واري اڏامي رهي آهي.
جيڪڏهن لڙڪ سنڌوءَ کي ڀري سگهن ته جيڪر سڀئي سنڌ واسي ڄامشوري جي پُل تي ويهي هنجون هارين، پر درياهه جي پيٽ ۾ اڏامندڙ واري لڙڪن کان وڌيڪ آهي. ”اِها وارِي نه آهي، سنڌ جي ماڻهن جون حسرتون آهن، جيڪي سنڌوءَ جي سڪل پيٽ ۾ سياسي ۽ معاشي محرومين سبب اڏامي رهيو آهن!“
دل دانهن ڪئي ۽ سُڏڪو اُڏامندڙ واريءَ سان ملي هِڪ ٿي ويو.
ڪوٽڙيءَ جي مهاڻن ٻڌايو ته، سم جو پاڻي به گهٽ آهي. جنهن ڪري ٻيڙيون هلي نه سگهنديون. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ٻه جايون اهڙيون به آهن جتي ڪجهه فرلانگن تائين ٻيڙيون ڪلهن تي سوار ڪري هلڻو پوندو. هاڻي اسان لاءِ به واٽون هيون. يا ته ٻيڙي درياهه ۾ لاهي سفر ڪجي پوءِ جتي اسان ٻيڙين تي هجون ۽ جتي ٻيڙيون اسان تي سوار هجن. پر مهاڻا اهو ٻڌائي نه سگهيا ته بهتر پاڻي ڪيتري پنڌ کانپوءِ ملندو. فيصلو ڪيو ويو ته نيشنل هاءِ وي وٺي، درياهه جي ڪنڌي ڪنڌي سفر ڪجي ۽ جهرڪن وٽان درياهه ۾ ٻيڙي لاهڻ جي ڪوشش ڪجي.
سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال ڏاڍي خراب ٿي وئي آهي، پر اسان کي حيرت ان مهل لڳي جڏهن، اڄ صبح جو ڪوٽڙيءَ ۾ روزاني عبرت جي نمائندي پنهنجي اخبار لاءِ جيڪا خبر ٺاهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. هن پاڻيءَ جي صورتحال پڇڻ بدران، وري وري اهو سوال ٿي ڪيو ته، ٻنهي ڪپن تي موجود ٻيلن ۾ لڪل ڌاڙيلن ڪا ڪاروائي ته نه ڪئي!؟ برابر اهو سوال اهم هو پرڇا پاڻيءَ جي صورتحال اهم نه هئي؟
نوريءَ جي زخمي حالت اسان کي ڏاڍو مايوس ڪيو آهي. پاڻ ڌاڙيلن جي حدن مان نڪري چڪا آهيون. نئه بارڻ ٽپڻ کانپوءِ ٺٽو ضلعو شروع ٿئي ٿو، جتي ڌاڙيل نالي ڪنهن وحشيءَ جو وجود ناهي. اڄڪلهه فقط ٿرپارڪر ۽ ٺٽو ضلعو امن امان ۾ آهن. باقي سڄي سنڌ ٻَري ٿي. جيڪڏهن نوري ٺيڪ هجي ها ته آڏو ايندڙ ڊيلٽا ۽ ان جا حصا ڀاڱا سمجهڻ ۾ مدد ملي ها. پر هاڻي اسان جي سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ تائين محدود ٿي پيا آهيون. اسان ٽيم جي ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر کي صلاح ڏني ته ڪو بتيلو ڀاڙي تي ڪجي پر بجٽ کٽي چڪي آهي.
هڪڙا دهشتگرد اهي آهن جيڪي ڪلاشنڪوف کڻي خدا جي خلق کي ڦرين ۽ لٽين ٿا ٻيا دهشتگرد اِجهو ههڙا آهن: جسم تي پوليس جي وردي، ڪُوئي جهڙو جسم، فٽ بال جهڙو پيٽ، لومڙ جهڙي پڇ جهڙا شهپر، مُنهن کان ٻيڻان، نراڙ تي خدا ڪارڻ جو گُهنڊ! ۽ هٿ ۾ لڪڻ. سندس ڊيوٽي اها آهي ته نيشنل هاءِ وي کان جهمپير ڏانهن ويندڙ روڊ تي نظر رکي. پر هن سپاهيءَ جو خيال آهي ته مٿس اها ڊيوٽي رکي وئي آهي ته ايندڙ ويندڙ کي ڊيڄاري ۽ دهمان ڪري.
رستي جي ساڄي پاسي، ٿري چونئرا بيٺا آهن. پٿريلي ڌرتيءَ تي، نرم واريءَ جي علائقي جا جهوپڙا اوپرا ٿا لڳن. پڪ سان ڪو ٿري ڪٽنب ڏڪر کان ڪڪ ٿي هيڏانهن لڏي آيو آهي ۽ مستقل پکا اڏي ويٺو آهي. ٿري چونئرا ڏسي، مون کي هميشه آرڪيالاجيءَ جي ڪتابن جا اهي صفحا ياد ايندا آهن جن ۾، آفريڪا ۾ پٿر جي دور جي انسانن جون جهوپڙيون ڏيکاريون وينديون آهن. هُوبهو ساڳيون! ڇا پٿري دور جي آفريڪي ماڻهن ۽ ٿري ماڻهن جي جهوپڙين ۾ هڪجهڙائي هڪ اتفاق آهي؟

جِهرڪَ

جهرڪ پهتاسون ته ننڍپڻ ۾ پڙهيل درسي ڪتاب جو هڪ سبق ياد اچي ويو، جنهن ۾ لکيل هوندو هو ته، پاڪستان جو باني قائداعظم محمد علي جناح جهرڪ ۾ ڄائو هو. هاڻي پڙهايو وڃي ٿو ته محمد علي جناح وزير مينشن ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو. ڪيئن به هجي! پاڻ کي اها خبر آهي ته ’جناح‘ نالي ڪو به ٻيو ڪٽنب دنيا ۾ ناهي البت آغاخاني فرقي ۾ هڪ برادريءَ جو نالو جيڻا (Jinnah) آهي.
جڏهن اسان جهرڪن جي ماڻهن کان جناح بابت پڇيو ته هڪ جهوني ماڻهوءَ جيڪو ڪنهن وقت ۾ هتي تپيدار هو، ٻڌايو ته، ”جتي قائداعظم ڄائو هو، اها جاءِ هاڻي ڊهي پئي آهي.“ چيائين، ”سؤ سال کان به اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن جناح صاحب هتي ڄائو هو. اسماعيلي جماعت خاني جي پاسي ۾ گهر هو ... هاڻي دڙو ٿي پيو آهي ... هاڻي به هتي ٻه ٽي خوجا آهن ... وڌيڪ معلومات انهن وٽ آهي.“

ميل ـ101

ميل ـ101

جهرڪن کان ڪجهه پنڌ تي اُونگر نالي وڏي ڳوٺ وٽ، ’ٺٽو 63 ڪلوميٽر‘ جو پٿر لڳل آهي. هتان ڪراچي 164 ڪلوميٽر آهي. بس اهو ئي اهو ماڳ اهي، جنهن کي ’ميل_101‘ نالو ڏنو ويو آهي. مفاصلو ڄاڻائيندڙ ان پٿر سان لڳولڳ ٽڪريءَ تي، جيڪڏهن چڙهي وڃجي ته عام اک کي هتي فقط اهڙي ٽڪري ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا اڌ گول جي شڪل ۾ ڦري ڪلوميٽر کن جي پنڌ تي وري هاءِ وي سان اچي ملي ٿي.
پر هيءَ ڪا عام ٽڪري ناهي. هتي اهو ثبوت موجود آهي ته ٻه لک سال اڳ سنڌي ماڻهو هن ٽڪريءَ تي ويهي پٿر جا اوزار گهڙيندا هئا. مون هتي پٿر مان گهڙيل ڇيڻيون، چٿڻ، وڍڻ ۽ ڇلڻ جا اوزار، هٿ ڪهاڙيون، اڌ گهڙيل ۽ ڀڳل اوزار ڏٺا. هن ٽڪريءَ تي چقمق پٿر (ڳارِي) جو وڏو ذخيرو آهي، جيڪو جهمپير تائين وڃي ٿو. بدقسمتيءَ سان اڄڪلهه کاڻين واري کاتي، هڪ ٺيڪيدار کي هتان پٿر کڻڻ جو ٺيڪو ڏيئي ڇڏيو آهي. جيڪو ٻارنهن ئي مهينا هتان پٿر ميڙڻ ۾ رڌل آهي. هتان پڪو پٿر کڻي، روڊ ۽ عمارتون ٺاهڻ لاءِ اسٽون ڪرشر ۾ ٽوڙيو وڃي ٿو. خبر ناهي ته هن مهل تائين هن ٺيڪي ۾ قديم سنڌي ماڻهوءَ جي وجود جو ڪيترو ثبوت تباهه ٿي ويو آهي!؟
پروفيسر آلچن ۽ سندس گهرواريءَ جيڪي گهڻي وقت کان پاڪستان ۾ پٿر جي قديم دور تي ڪم ڪري رهيا آهن، تنهن هيءُ ماڳ سن 1975ع ۾ ڳولي لڌو هو ۽ ان ماڳ کي به ٻه لک سال پراڻو قرار ڏنو، جيڪو ڏکڻ سنڌ ۾ هيل تائين لڌل سڀ کان قديم ماڳ سمجهيو وڃي ٿو. هتي ايڏي وڏي تعداد ۾ ۽ ايترو گهڻو وقت پٿرن مان اوزار گهڙيا ويا آهن جو، ماهر اهو چوڻ تي مجبور ٿي پيا ته هيءُ ماڳ به ٻه لک سال اڳ پٿري اوزار گهڙڻ جو ڪارخانو هو.
پيليوليٿڪ دور جو سنڌ ۾ ٻيو ماڳ، ڪوٽڏجيءَ وارين ٽڪرين طرف آهي. جنهن تي پروفيسر آلچن کان پوءِ آرڪيالاجي جي ڊاڪٽر شريف به ڪم ڪيو آهي، پر سندس ڪم اڃا منظر عام تي نه آيو آهي.
جهرڪن جي ڀرپاسي ۾ ٻه ٽي ننڍڙا پتڻ آهن. جيڪي ڦِرندا گهرندا رهن ٿا. پاڻيءَ جي صورتحال ٺيڪ ناهي، ٻيڙيون لهي نٿيون سگهن. جهرڪن کان هيٺ درياهه جو ويجهي ۾ ويجهو ڦاٽ ’اوچتو‘ (Ochto) آهي. پر هن وقت جيئن ته درياهه ۾ پاڻي آهي ئي ڪو نه، تنهن ڪري سنڌوءَ جو پاڻيءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ نٿو ڪري. ان ڪري سمنڊ جو پاڻي ويرن جي حساب ڪتاب سان درياهه جي پيٽ ۾ چوويهن ڪلاڪن ۾ ٻه ڀيرا لهي ۽ چڙهي ٿو. بهرحال، ويرن جو پاڻي جهرڪن تائين نٿو پهچي.
گهٽ پاڻيءَ جو اطلاع ملڻ جي باوجود، ٻيڙين کي درياهه ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پهرين مورڙي کي ڊاٽسن پڪ اپ مان لاهي ڪلهن تي سوار ڪري پتڻ تائين پهچايو ويو. واٽ ۾ پهريون ڀيرو اسان ڪيلن جو باغ ڏٺو. ڪنڌيءَ تائين پڪ اپ جو رستو نه هئڻ ڪري ٻيڙيءَ چڱو پنڌ، ڪلهن تي سوار ڪئي. مورڙئي گوڏي جيتري پاڻيءَ ۾ ترڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هتي ڪا اهڙي ننڍڙي ٻيڙي هلي سگهي ٿي جنهن جو ترو بنهه تراکڙو هجي.
اسان درياهه جو پاڻي چکي ڏٺو، ذائقو ٻاڙو هئس. مقامي ماڻهن کي اهو ذائقو به ’مِٺو‘ ٿي لڳو. جهرڪن وٽ درياهه جي پيٽ ۾ وارِي نٿي اُڏاڻي، سم جو پاڻي درياهه جي پيٽ کي ڀري ٿو ۽ اهو وهي هلي ٿو. ڌرتيءَ ۾ سم جو پاڻي جام آهي. جت به ٻه چار فوٽ زمين کوٽي وڃي ٿوري وقت اندر کڏ ڀرجي ويندي. مقامي ماڻهو اهو پاڻي پيئن ٿا، ”جر جو مِٺو پاڻي!“
پتڻ تي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه اڳتي جي سُڌ ڏني. چيائين، ”اڳتي هڪ ڳوٺ هو واڻين جو ... ڀُڳڙان ڪوٺي ... اهو کاري ڇاڻ جو علائقو آهي ... تعلقو گهوڙا ٻاري. اتي وڃي درياهه سمنڊ ۾ پوي ٿو.“ اسان کانئس کارين ۽ درياهه جي وهڪرن بابت پڇا ڪئي. ڊيلٽا جو علائقو جبل جي ورن وڪڙن وانگر نهايت پيچيدو هوندو آهي.
”واٽون ويهه ٿيون، ڪوهه ڄاڻان ڪيڏانهن پِرين!“
جواب مليو، ”درياهه ور وڪڙ ڪندو وڃي ٿو، هڪ نالِي، دانڌاري ۽ ٻاٻيهي کان ٽٽي ٿي ... چارسي نالِي ... ان جي هڪ ڇاڙ سڌي سمنڊ ۾ وڃي ٿي ... ٻيو ’اوچتو‘ (Ochto) آهي ... اتي پنج ناليون آهن. پالڪي، وڏي نالي چارسي آ ... اِنڊو نالي آ ... مليرڙي آ ... اهي ناليون ڳاڙهي شهر کان اڳتي انڊو ناليءَ مان ٿيون ڦٽن.“
هن وقت درياهه ۾ موجود سڄو پاڻي سم جو آهي. اونهاري ۾ درياهه جي معمولي چاڙهه ۽ بئراج واري پاڻيءَ سبب زمين ۾ ڪافي پاڻي جذب ٿيل آهي، جيڪو هوريان هوريان سمي درياهه ۾ لهي ٿو. ۽ درياهه نالي ماتر وهندو رهي ٿو اهو سيمو ڪن ڪن هنڌن تي نه هئڻ برابر آهي ۽ ڪٿي ڪٿي وڌيڪ آهي، ان ڪري درياهه ۾ مختلف هنڌن تي پاڻيءَ جو مقدار مختلف آهي. سيوهڻ کان اسان جو ناکئو کبڙ پاتڻي آهي. هيءُ همراهه جهرڪ جي پاتڻين جي خبر کان مطمئن ناهي. چوي ٿو، ”ٻيڙي لاهيو ڀلي مالڪ آهيو پر هلندي ڪو نه!“ جيتوڻيڪ مورڙي، درياهه ۾ لهندي ئي ترڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي به مقامي پاتڻين جي آٿت تي کيس ڌڪي اڳتي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو. ٻيڙي رواني ٿي ته خشڪيءَ جو قافلو به اڳتي چُريو. اڄوڪي منزل ٺٽو آهي. ٻيڙيءَ جو سفر ٺٽو سجاول پل تي ختم ٿيڻو آهي، پر اسان کي پڪ ناهي ته ٻيڙي اوستائين سفر جاري رکي سگهندي. پاتڻين رڳو ٻنهي ڪنڌين جي وچ ۾ پاڻيءَ جي خبر ڏيندا آهن. اصل خبر اهي مهاڻا ڏيندا آهن، جيڪي پري پري تائين سفر ڪري مڇي مارين. اسان کي هتي اهڙو ڪو به ماڻهو نه مليو.
جِهرڪا هڪ قبيلي جو نالو آهي، جنهن جي نالي پويان جهرڪن جو شهر ٻڌو ويو آهي. ٻيا جهرڪا درياهه جي هن ڀر رهن ٿا. ٻنهي ڪنڌين تي جهرڪن جا وڌ ۾ وڌ ٻه اڍائي سؤ گهر ٿيندا. جهرڪا نسلي لحاظ کان سماٽ آهن. هتي ٻيون برادريون جمالي ٻروچن، ميربحرن، شيخن ۽ ميمڻن جون آهن. پر سڀني جي حالت هيڻي آهي. هتي نظر ايندڙ ڪيلن جو باغ مقامي ماڻهن جو ناهي. هڪ همراهه چار سال اڳ ملتان کان هتي آيو هو ۽ ڪچي جي هن علائقي ۾ ڪيلن جو شاندار باغ هڻي ويٺو آهي.
درياهه، پاڇاڙ جي هن علائقي ۾ جيتوڻيڪ بنهه ماٺو ٿي وهي ٿو پر تڏهن به هن جي پورالي ۽ پائيندڙ طبيعت برقرار رهي ٿي. مقامي ماڻهو ٻڌائن ٿا ته، ٽي سال اڳ سنڌوءَ جو وهڪرو اڃان اوڀر طرف هو ايترو پري جو، جهرڪن جا ماڻهو جنهن ڪنڌيءَ تان پاڻي ڀرندا هئا، اها جاءِ هاڻوڪي وهڪري جي اوڀر ۾ لڳ ڀڳ هڪ ميل پري هئي. هڪ ميل جي اها کاڌ، فقط هڪ ئي سال ۾ ٿي هئي. مهاڻا ٻڌائن ٿا ته، جڏهن سمنڊ جي جواني هوندي آهي تڏهن سم ناليون اٿلي پونديون آهن. وير جو پاڻي ٺٽي تائين درياهه ۾ چڙهي ٿو ۽ کوهه کارا ٿيو پون. ڪا زمين اهڙي بچي ٿي جتي مٺو پاڻي نڪرندو آهي.

ماجيران ۽ کپر کاٽوڙي

ماجيران ۽ کپر کاٽوڙي

جهرڪ کان ٽي ميل اتر طرف هڪ ٽڪريءَ جو نالو ’کپرو‘ آهي. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پراڻيون قبرون آهن. هيءَ عجيب قبر ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا اصل ۾ هڪ آهي پر ان کي ٻه ٺاهيو ويو آهي. اوڏانهن وڃڻ لاءِ جهرڪ کان راڄ ڳوٺ وارو رستو کڻي سگهجي ٿو.
چون ٿا ته کپر کاٽوڙي ڪنهن وقت ۾ هڪ چور هو. چوريون ڪندو هو، پوءِ هڪ ڏينهن مارجي ويو. مجيرا بادشاهه جي ڌيءَ به کاٽڙئي سان گڏ ساڳئي قبر ۾ رکيل آهي. مقامي ماڻهن ۾ ان تي اختلاف آهي ته ماجيران يا مجيرا اصل ۾ بادشاهه هو يا بادشاهه جي ڌيءَ. گهڻن جي راءِ هئي ته مجيرا شهزادي هئي. مجيرا جي پيءُ جي پاڻي ڪجهه پنڌ تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي، جنهن کي ماجيران جي ماڙي چون ٿا. کپرو، جهرڪن وٽ بُٺيءَ تي رهندو هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ پيار ٿي پيو. ڇاڪاڻ ته شهزاديءَ تي سخت پهرو هو ان ڪري کپرو زمين مان اندران ئي اندران کاٽ هڻي شهزاديءَ وٽ ويندو هو. پوءِ هن سان ملاقات ڪري واپس پنهنجي ٽڪريءَ تي ايندو هو. ساڳئي ٽڪريءَ، جتي هاڻي ٻنهي جون قبرون آهن.
”ٻنهي جون قبرون گڏيل ڇو آهن؟“ اسان هڪ همراهه کان پڇيو.
”ان ڪري جو ... اسان جا وڏا ٻڌائن ٿا ته ٻنهي جي پاڻ ۾ ايڏي محبت هئي جو مرڻ کان پوءِ جڏهن ٻنهي کي جدا جدا ڍڪيائون ٿي ته گڏجيو ٿي ويا. پوءِ ٻنهي کي ائين ئي ڍڪي مٿان ٻن قبرن جا نشان ٺاهي ڇڏيائون!“
ٻنهي جو موت شاهي انتظام سبب ٿيو. کپر کاٽوڙيءَ جي ڌنڌي تي اختلاف راءِ هو. اسان ڏٺو ته، جڏهن مقامي ماڻهن اسان کي هن عشقيه داستان جا تفصيل پئي ٻڌايا، تڏهن اهي پاڻ ۾ اٽڪي ٿي پيا. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته کپر کاٽوڙي نالو صحيح ناهي اصل نالو کپرو کاروڙي آهي، هڪ ماڻهوءَ ’کپر گاروڙي‘ چيو، ٻئي ’کاهوڙي‘ چيو، ٽئين ’کانٽيڙو‘ چيو. مختلف ماڻهن، ماجيران جو نالو به مختلف اچاريو. ڪنهن چيو ’مُجيرا‘ ڪنهن چيو ’ماجي رام‘ ڪنهن چيو ’ماجيران‘ ڪنهن چيو ته بادشاهه جو نالو ’ماجيرام‘ هو، جنهن جي ڌيءَ ’ماجيران‘ هئي.
هڪ ڏندڪٿا چوي ٿي ته کپر کاروڙي هڪ فقير هو جنهن جو ماجيران شهزاديءَ سان پيار هو. وٽس هڪ ڪرامتي کينهو هو. بادشاهه کي هڪ ڏينهن ٻنهي جي پيار جي خبر پئجي وئي. ان کان پوءِ بادشاهه ڪنهن ريت اهو ڪرامتي کينهو هٿ ڪيو ته فقير کپر کاروڙيءَ جي طاقت ختم ٿي وئي. پوءِ بادشاهه ٻنهي کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان کانپوءِ هيءُ شهر تباهه ٿي ويو.
جهرڪن جا ڪافي نوجوان ماجيران جي ماڙي، جهرڪن يا سنڌوءَ جي هن پار اوڀر ۾ پنج ست ميل پري ٻُڌ جي ٽڪر تي تحقيق لاءِ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هڪ همراهه بشير احمد ٻڌايو ته ماجيران جي ٽڪر تان ڪجهه وقت اڳ هاءِ اسڪول جهرڪ جي استاد غلام مصطفيٰ سمي کي ٽامي جون ڪجهه مورتيون مليون هيون. اهي مورتيون انساني شبيهه جون هيون، جن تي ڪٽ لڳل هو يا گٺل هيون. مورتي عورت جي هئي، ويٺل صورت ۾. ٿي سگهي ٿو ته اها مورتي عورت جي نه پر خود گوتم ٻڌ جي هجي. ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ٻي مورت بيٺل عورت جي هئي.
ٻيڙي رواني ڪري اسان ماجيران ماڙي ڏسڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا جهرڪ کان ڇهه ڪلو ميٽر ڏکڻ_ اولهه ۾ نيشنل هاءِ وي جي کاٻي پاسي تي ننڍي ٽڪريءَ تي آهي. ماجيران کان پوءِ سونڊا پتڻ تي ٻيڙياتن سان ملاقات ٿيندي.

ماجيران جي ماڙي

ماجيران جي ماڙي

جهرڪن کان ڇهه ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ قومي شاهراهه تي اوڀر پاسي، شيخاڻي بند ڏانهن ويندڙ روڊ تي، ڪنڌيءَ تي هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي مانجيران جي ماڙي آهي. ڪي ماڻهو هن ماڳ کي ڪافر ڪوٽ به چون ٿا.
ٽڪريءَ تي ڪوٽ جي ديوار، ڪمرن جون اڏاوتون ۽ هڪ ڦٽل اسٽوپا جو کنڊر آهي. اسٽوپا جي ڀرپاسي مان ملندڙ ٺڪراٽي ۾ آرائشي سرون به آهن. اهڙيون ئي سرون، ڪاهوءَ جي دڙي ۽ ٺل ۾ مير رڪڻ وارن اسٽوپائن تان به ملن ٿيون. کنڊر تي سرن جا ڍِڳ پکڙيل آهن پر شايد ئي ڪا اهڙي سر هجي جيڪا سلامت بچي هجي. ائين ٿو لڳي ته ڪنهن هٿ وٺي سِر سان سِر ڀَڳي آهي. جيئن ته هيءُ کنڊر ٽڪريءَ تي آهي تنهن ڪري ٺڪراٽو درياهي دهشتگردي يا زميني لوڻن کان بلڪل محفوظ آهي.
اهو ته طئي آهي ته، هيءُ هڪ قديم اسٽوپا آهي جنهن کي وقت ۽ شايد ڪنهن فاتح گڏجي ڦِٽايو آهي، پر اها ڳالهه حيرت جهڙي آهي ته ڪٿان ڪٿان مُهين جي دڙي واري ٺڪري ۽ پٿر جا چاقو به ملن ٿا. شايد هن ماڳ تي اسٽوپا کان اڳ مُهين جي دڙي واري دور جي ڪا آبادي به رهي هئي.
اسان کي هتان هڪ اهڙي آرائشي سر به ملي جنهن تي راڪاسي شبيهه آهي. گوتم ٻڌ جي تپسيا دوران راڪاسي قوتن مختلف روپ وٺي کيس تپسيا کان جهلڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پهرين کيس لالچون ڏنيون ويون. پوءِ اندروني ڪامنائون اڀارڻ لاءِ سهڻيون پريون موڪليون ويون ۽ نيٺ راڪاسن پنهنجي اصل روپ ۾ اچي ڏندپيٺا پر گوتم ٻڌ پنهنجي تپسيا پوري ڪري، راڪاسن کي شڪست ڏني. اسان کي جيڪا راڪاسي شبيهه ملي، اها ساڳي ڪٿا جو حصو آهي. اهڙيون مورتيون برهمڻ آباد مان به مليون آهن.
ظاهري طور تي، ’ماجيران‘ نالي ڪو به حاڪم سنڌ نٿو ٻجهي ۽ سُجهي سواءِ ’بجيراءِ‘ جي، نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ وارن قلعن سان نسبت رکي ٿو. ’بجيراءِ‘ راجا ڏاهر جو ويجهو عزيز پر عقيدي جي لحاظ کان ٻُڌ هو.

ڪينجهر

ڪينجهر

ماجيران جي کنڊرن کي ڇڏي جيپ ڏکڻ ڏانهن وڌي ته اڳتي ڪينجهر ڍنڍ جا نيرا ۽ گهرا نيڻ نظر آيا. هن هنڌ تي فطرت، تهذيب، رومانس، تاريخ ۽ آرڪيالاجي سڀ گڏجي قطار ۾ ٿي بيهي رهيا آهن. خاموشي ڳالهائڻ لڳي ٿي.
”لوڪو! ڪينجهر هڪ مهاڻو هو، سندس زال جو نالو سونهري هو. (شروع ۾ ڪينجهر ۽ سونهري ٻه جدا جدا ڍنڍون هيون ... پوءِ ملي هڪ ٿي ويون) کين اولاد ڪو نه هو. انهن ڏينهن ۾ ملڪ تي جسودن بادشاهه راڄ ڪندو هو. هڪ ڏينهن جيئن ئي هو محل تي مڇي پهچائڻ ويا. راڻيءَ شاهي ڪپڙن ۾ ويڙهيل هڪ ٻارڙي کين ڏني. راڻيءَ ڪينجهر ۽ سونهري راز ۾ چيو، “ هن ڀيري به مونکي ڌيءَ ڄائي آهي، جسودن بادشاهه کي اڳ به ڌيئرون ڄڻي ڏنيون اٿم، سو هن ڀيري ڌمڪائي ويو آهي ته جيڪڏهن ڌيءَ ڄائي ته هو کيس ماري ڇڏيندو.“
ڪينجهر ۽ سونهريءَ ان ڇوڪريءَ جو نالو نوري رکيو. کين ڪهڙي خبر ته اڳتي هلي اها نينگري نه رڳو سنڌ جي بادشاهه ڄام تماچيءَ سان پرڻبي پر سنڌي شاعريءَ ۾ هيروئن بڻجي جيئندي!
نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي ڪهاڻيءَ مهاڀارت جي هڪ حصي سان ملي ٿي، جنهن راجا شانتو هڪ مهاڻي ’گنگا‘ سان پيار ۽ شادي ڪئي. مهاڀارت جو مکيه ڪردار ڀيشم، گنگا جو پٽ هو. جنهن آدرشي ڪردار جو مظاهرو ڪيو. جيتوڻيڪ نوريءَ ڪنهن اهڙي پٽ کي جنم نه ڏنو جنهن جو نالو اتهاس ۾ آدرشي هجي پر خود نوريءَ اتهاس ۾ پنهنجو نالو لکائي وئي. هُن ڪينجهر جي مهاڻن تان ڍل معاف ڪرائي ڇڏي ۽ تماچيءَ کي احساس ڏياريائين ته سادگيءَ کان وڌيڪ سونهن ڪا به ناهي.
’جسودن جي ماڙي‘ نالي کنڊر ڪينجهر جي اولهه طرف جهمپير کان ڏکڻ ۾ آهي. پر هڪ ٻي ڪٿا موجب نوري جسودن جي نه پر ڪينجهر جي ئي ڌيءَ هئي. ڍنڍ جي وچ تي هڪ ننڍي ٻيٽاريءَ تي ٻه قبرون آهن جن مان هڪ نوريءَ جي سڏي وڃي ٿي. ٻي قبر سندس مرشد جي آهي، جنهن جو نالو ’شاهه هوندڙو‘ آهي. چون ٿا ته ، نُوري ننڍي هوندي ڪوڙهه جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي، پر درويش جي دعا سان نه رڳو سندس ڪوڙهه ختم ٿيو پر هوءَ سونهن ۾ سچ پچ ’نوري‘ ٿي پئي. نوري ڪنهن جي ڌيءَ هئي ۽ ڪنهن جي نه هئي؟نوريءَ کي سچ پچ ته ڪينجهر ۽ سونهريءَ پاليو. هوءَ سندن ئي ڌيءَ هئي. ڪينجهر ۽ سونهري انسان هئا يا نه هئا پر اها حقيقت آهي انهن پنهنجن ڪنارن تي آباد راڄن کي اولاد وانگر پاليو آهي.
ڪينجهر ۽ سونهري شروع ۾ ٻه ڍنڍون هيون. جيئن هماليه تي مانسر ۽ راڪاس ڍنڍون آهن. مانسون جي مند ۾ جڏهن درياهه ڀريو هو يا جابلو نديون ڀرجي ٻنهي ڍنڍن ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون ته، ٻئي ڍنڍون ملي هڪ ٿي وينديون هيون. تڏهن چوندا هئا ته ڪينجهر ۽ سونهريءَ لائون لڌيون هيون. ٻئي ڍنڍون قدرتي آهن، جن کي هاڻي بئراج واري پاڻي سان ڀري هڪ ڪيو ويو آهي. ڪينجهر کي ڪلري بگاڙ واهه ذريعي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. ڍنڍ جي ڊيگهه 38 ميل آهي سندس گهيرو اٽڪل 160 ڪلو ميٽر آهي. گهرائيءَ جي لحاظ کان لڳ ڀڳ پنجاهه فوٽ آهي.
ڪينجهر جي ڪنڌين تي ڪيئي قديم آثار پکڙيل آهن. جڏهن کان ڍنڍ جي سطح هٿرادو طور وڌائي وئي آهي، ڪيئي آثار پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن.
تماچيءَ جي ماڙيءَ لڳ، بند جي اندرئين پاسي چوکنڊين جهڙيون ڪي قبرون سانگين جون ٻڌايون وڃن ٿيون، جن تي شينهن ڇپيل هئا. هاڻي به جڏهن ڪينجهر ۾ پاڻي بنهه گهٽجي ويندو آهي ته اهي قبرون ظاهر ٿينديون آهن. روايت آهي ته هتي سانگين جي ڄڃ زلزلي ۾ غرق ٿي وئي هئي.
مقامي ماڻهو، بند جي ڪنڌيءَ تي ڪجهه قبرن لڳ، هڪ ٿلهي ڏانهن اشارو ڪري ٻڌائين ٿا ته، اها تماچيءَ جي ماڙي هئي. پر نه، اها تماچيءَ جي ماڙي ناهي. ان ٿلهي تي ڦٽل قبرن جا نشان باقي آهن. نيشنل هاءِ وي تي، اتي ئي، کاٻي پاسي پٿر جي هڪ قديم عمارت بيٺل آهي جنهن اندر چار ٿنڀا آهن. دروازي تي گلڪاري آهي، ماڙيءَ لڳ پٿر جا وڏا بلاڪ چؤڦيرپکڙيل آهن، جن تي پڻ گلڪاري آهي. ڪجهه ماڻهو ان عمارت کي تماچيءَ جي ماڙي چون ٿا پر مقامي ماڻهو ان کي ’انڌن جي ماڙي‘ سڏين ٿا. انڌن جي ڇو؟ ان جي ڪا وضاحت نٿي ملي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهن کي شڪ هو ته ان ماڙيءَ ۾ خزانو لڪل آهي پر جڏهن هنن ماڙيءَ ۾ اندر کوٽائي ڪئي ته اندران هڏيون نڪتيون. سندن بيان تي شڪ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته اها عمارت ڪنهن سمي سردار جو مقبرو هجي! اهو به ممڪن آهي ته اها عمارت سچ پچ تماچيءَ جي ماڙي هجي، پر پوءِ ان کي مقبري ۾ بدلايو ويو هجي. بهرحال، عمارت ۾ چار ٿنڀا شڪ ڏيارين ٿا ان عمارت تي ڪنهن وقت ۾ گنبذ هو.

ڪينجهر لڳ ٻيا قديم آثار

ڪينجهر لڳ ٻيا قديم آثار

ڪينجهر جي اوڀر ۾ اتر کان ڏکڻ تائين، قديم آثارن جي هڪ لسٽ ٺاهي سگهجي ٿي. سائٽ ميل پٿر_ 101 (ڪراچيءَ کان 164 ڪلوميٽر واري ٽڪري)، جهرڪ (هڪ بٺيءَ تي قديم آثار)، ماجيران جي ماڙي، لاکو پير، ڪافر ڪوٽ، سونڊا، ڄام تماچيءَ جي ماڙي، هِلايا، پليجاڻي قبرستان يا مير گُلي جو ڪوٽ ۽ چليا.
ڪيجهر جو الهندو ڪپ کڻبو ته جهول ماڙي، آستانو امير پير (قديم غار)، جهمپير، هيم ڪوٽ، جسودن جو ڪوٽ ۽ هيڪل راتيو (ٻي جهول ماڙي) جا قديم آثار ملندا. هيڪل راتيو چليا کي ويجهو اتر اولهه ۾ آهي.
لاکو پير، سونڊا ۽ پليجاڻي پراڻا قبرستان آهن، جن تي اڃا تائين مناسب کوجنا نه ٿي آهي. اتي ئي ڪجهه ٻيا به ننڍا ننڍا قديم قبرستان آهن. ائين ٿو لڳي ته انهن ۾قبرستانن جو پاڻ ۾ ڪو نه ڪو تعلق ضرور آهي. امير پير جو آستانو اسماعيلين لاءِ مقدس ماڳ آهي. پر جنهن غار کي هو امير پير سان منسوب ڪن ٿا، اها ئي ان جي ڀر ۾ هڪ ٻي غار پٿر جي پوئين دور جون آهن. سون ماڙي، هن وقت ڪينجهر ۾ هڪ ٻيٽ آهي، جنهن تي ٻيڙين ذريعي وڃي سگهجي ٿو. هن هنڌ سما دور جو ٺڪراٽو ۽ پٿر واري دور جون ڪجهه غارون هيون جن مان هن وقت فقط هڪ باقي آهي. هتي پٿر جي چاقن جا ڪٿي ڪٿي ٽڪرا به ملن ٿا.

هيم ڪوٽ

هيم ڪوٽ

جهمپير ريلوي اسٽيشن به آهي ۽ قديم شهر به. روايت موجب سڪندر اعظم توڙي محمد بن قاسم هن هنڌ ترسيا هئا. جهمپير اصل ۾ ٻه لفظ آهن. جهم = هيٺانهين زمين + پِير = درويش. جهِم پير معنيٰ ڍنڍ ڪناري ويٺل درويش. ڇاڪاڻ ته جهِم (هيٺانهين زمين) تي پاڻي گڏ ٿي ڍنڍ ٺهي پئي هئي تنهن ڪري ان جي ڪنڌين سان انساني آباديون به قائم ٿيون.
جهم پير جي ڪهاڻيءَ هيٺ، هيم ڪوٽ دفن آهي. چچنامي ۾ جهم جو ذڪر آهي تحفة الڪرام مير علي شير قانع (صفحو: 454) تي لکي ٿو ته، ”هيءُ هڪ مشهور ڳوٺ آهي، سندس ويجهو هيم ڪوٽ نالي پراڻو قلعو هوندو هو، هاڻي اتي هندن جو تيرٿ آهي ... اتي هڪ پٿر پوڄا لاءِ کوڙيل آهي.“
جهمپير ۾ رهندڙ محترم رسول بخش درس جي اطلاعن موجب (هلال پاڪستان_ 16_ ڊسمبر 1989ع) تازو ان قديم ڪوٽ جا نشان ان مهل ظاهر ٿي پيا جڏهن اتي قبرستان ۾ نئين قبر کوٽي پئي وئي. هڪ راءِ موجب ڪينجهر ڍنڍ، ڪنهن وقت ۾ سنڌوءَ جو پيٽ هئي. اڄ به ان قديم قبرستان جي کوٽائيءَ مهل هيٺان درياهه جي واري نڪري ايندي آهي.
تازو لڌل آثارن ۾ هيم ڪوٽ جي ڊٺل ديوار ۽ شاهي دروازي جا نشان مليا آهن. زمين اندران اوساري ٿيل پٿر ۽ سرون ملن ٿيون، سرن ۽ پٿر تي چن يا جپسم جو پلستر ٿيل آهي. پراڻيون تلوارون ۽ خنجر به لڀجن ٿا، هن وقت شو مندر ۽ هڪ درگاهه حسين شاهه جي آهي. جتي جتي به ڪو قديم آثار هوندو آهي، سنڌي ماڻهو ان پٺيان ڪا نه ڪا ڪٿا جوڙي وٺندا آهن. هتي به هڪ ڪٿا ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
”جهم هندو بادشاهه هو. سندس ڌيءَ ڏاڍي سهڻي هئي. حسين شاهه نالي هڪ مسلمان درويش مٿس عاشق ٿي پيو. بادشاهه سڱ ڏيڻ لاءِ شرط رکيو ته هتي پاڻي پيدا ڪري ڏي ته پوءِ سڱ ڏيانءِ. پوءِ درويش زمين ۾ بڙڇيون هڻڻ شروع ڪيون. جتي جتي بڙڇي هنيائين، اتان پاڻي نڪري آيو. پوءِ بادشاهه سڱ ڏنس. ان کانپوءِ شهر جو نالو جهمپير پئجي ويو.“
اصل ۾، حسين شاهه عرب فوج جي ڪنهن فوجي دستي جو اڳواڻ هو، جيڪو هتي شهيد ٿيو. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته، جڏهن عرب سيوهڻ فتح ڪرڻ کان پوءِ پوئتي وريا تڏهن، ڏاهر جو پٽ جئسينه پنهنجن ساٿين سميت هيم ڪوٽ ۾ لڪل هو. عرب فوج جي اُتي ساڻس جهڙپ ٿي. حسين شاهه ان ويڙهه ۾ مارجي ويو ۽ جئسينه درياهه ٽپي راوڻ جي قلعي طرف هليو ويو. حسين شاهه ۽ سندس ساٿين کي پوءِ هتي ئي دفن ڪيو ويو، جڏهن پوءِ هوريان هوريان ماڻهن کيس ’پير‘ جي حيثيت ڏيئي ڇڏي.

سونڊا

سونڊا

ٽپهريءَ جو چئين لڳي ڌاري سونڊا قبرستان وٽان پتڻ ڏانهن لڙي پياسين. سورهين ۽ سترهين صديءَ جون هيءُ قديم قبرون ڪنهن وڏي جنگ جو پتو ڏين ٿيون. سونڊا ۽ ماجيران جي ماڙيءَ جي وچ ۾ هڪ ٻيو وڏو قبرستان لاکي پير سان منسوب آهي.
سونڊا ماڳ تي قبرستان لڳ ڀڳ اڍائي سؤ ايڪڙن تي پکڙيل آهي جڏهن ته قبرن جو تعداد لکن ۾ هوندو. هن هنڌ ڪنهن به قبائلي ويڙهه جي خبر چار نٿي پوي، البت تاريخ جو هڪ باب هتي به موجود آهي. هن جاءِ تي سلطان محمود تغلق مري ويو هو. سندس ارادو ٺٽي تي چڙهائيءَ جو هو. هڪ روايت موجب هن هتي پلا کاڌا هئا ۽ گلي ۾ ڪنڊو ڦاٿو هئس، جنهن ڪري مري ويو. قبرستان ۾ ڪوفي رسم الخط واريون قبرون آهن جڏهن ته ٽڪريءَ جي ويجهو قبرن کي مقامي ماڻهون ڪافرن جون قبرون قرار ڏين ٿا.

سونڊا پتڻ

سونڊا پتڻ

مورڙي جا سوا پتڻ تي نه پهتا هئا. پتڻ تي هڪ ٻيڙي بيٺي هئي. آبپاشي کاتي جي ريسرچ شعبي جو ننڍو داروغو درياهه جا نقشا کولي هڻي رهيو هو. سندس ڪم درياهه جي تازي وهڪري جا نشان ٺاهڻ، حدون جاچڻ ۽ پراڻي نقشي ۾ آيل ڦيرڦار سان ڀيٽي تازي صورتحال تيار ڪري مٿين عملدار کي پهچائڻ آهي. ڪنڊياري سان تعلق رکندڙ هن ملاح عملدار سکر کان سن تائين پندرهن سال ساڳيو ڪم ڪيو آهي، گذريل چئن سالن کان ڄامشوري کان هيٺ ڪم پيو ڪري. اڄڪلهه سندس پارٽي سونڊا کان ڪيٽي بندر تائين سروي ۾ رڌل آهي.
اسان جڏهن کانئس هتان جي صورتحال پڇي ته چيائين، ”ڄامشوري کان هيستائين درياهه تبديل آهي! درياهه جو وهڪرو اڳئي سال کاٻي ڪنڌيءَ سان هو، هن سال ساڄي ڪنڌيءَ سان پيو وڃي ... اها خبر اڳئين سال وارا نقشا ڏسي پوي ٿي ... درياهه ٻنهي ڪنڌين تي ور وڪڙ پيو ڏي پر هاڻي ٻَني کان کاٻي ڪنڌي، حافظ شاهه ٽنڊي وٽان ساڄي ڪنڌي، وري ملاڪاتيار کان يڪو کاٻي ڪنڌيءَ سان ٿو اچي، ملاڪاتيار جهرڪن کان مٿي آهي. جهرڪن کان هيٺ راڄي ڳوٺ آهي مٿي کاٻي ڪنڌيءَ تي ملاڪاتيار، حافظ شاهه ٽنڊو ۽ فوجي ڇانوڻي حيدرآباد (هوائي اڏو) آهن. درياهه ملاڪاتيار کان کاٻي پاسي گهڻو ويو آهي، هِن سال چار سؤ فوٽ کڻي ويو آهي کاٻي ڪنڌيءَ ڏانهن ... (اتي اِريگيشن وارن جو بنگلو به آهي).”
ڪوٽڙيءَ بئراج کان هيٺ پاڻيءَ جي صورتحال بابت ٻڌائيندي داروغي چيو ته، ”اڳئين سال پاڻي ڪافي هو.هاڻي به جڏهن مان هتي آيس ته چار ساڍا چار فوٽ پاڻي هو ... حافظ شاهه ٽنڊي کان گهڻو خطرو آهي، اتي پاڻي صفا گهٽجي ٿو وڃي. ويڪر گهڻي اٿس ان ڪري اونهائي ٻه اڍائي فوٽ وڃي بچي آهي ... باقي سونڊا کان هيٺ وڃبو ته سورجاڻ کان ٿورو آهي ... اُتي چِڪڻ اٿس ... درياهه سورجاڻ کان ٿورو کاٻي ڪنڌيءَ ڏانهن وڃي ٿو ان ڪري چِڪڻ کي ڪجهه ڇڏي ويو آ ... اتي هاڻي به چار ساڍا چار فوٽ پاڻي هوندو. سونڊا کان هيٺ ٻارنهن ميل جي پنڌ تي کاٻي ڪنڌيءَ تي کُڏي آهي، کُڏيءَ کان سورهن ميل هيٺ کاٻي ڪنڌيءَ تي سورجاڻ ۽ ان کان چار ميل پري ٺٽو ... کُڏي کانپوءِ ساڄي ڪنڌيءَ تي هيلايا ايندو ان کان پوءِ درياهه ۽ بند تائين گاڏيءَ جو رستو آهي.“
داروغي ٻڌايو ته سورجاڻ وٽ موجود چِڪڻ سبب ٻيڙيءَ کي خطرو ناهي. اتان اڄ صبح جو ئي هڪ ٻيڙي لنگهي سونڊن تائين آئي آهي. ملاحن جي اصطلاح ۾ چِڪڻ اها جاءِ آهي جتي چيڪي مٽي جمع ٿيل هوندي آهي ان ڪري پاڻي پکڙجي يا وڇائجي ويندو آهي ۽ اونهائي گهٽجي ويندي آهي.
درياهه جون خبرون ڏيندي همراهه سامونڊي ويرن جي ڳالهه ڪئي. چيائين، ”وِير جو سَر سجاول تائين اچي ٿو ... گونگڻي بنگلي تائين.” درياهه ۾ سمنڊ سان سٺو واسطو رکندڙ پتڻ جنگيسر آهي، جيڪو ڳاڙهي شهر سان ڳنڍيل آهي. جنگي سر کان ڇهه ميل هيٺ درياهه جي هڪ ڇاڙ جو نالو ’روڙو‘ آهي.
روڙي کان پوءِ ايندو کاروڇاڻ. جتان هڪ شاخ سمنڊ سان ڳنڍيل آهي. ملاح پنهنجي نقشي تي لِيڪن مٿان آڱر ڦيريندو ٿي ويو، ان شاخ جو نالو ’چاچيلو يا خچر‘ آهي. اروڙ شاخ جي ويڪر هزار ٻارنهن سؤ فوٽ ٿيندي ... ان ۾ جڏهن وير لهندي چڙهندي آهي ته وڏي طاقت هوندي اٿس ... پاڻي ڏاڍو تکو هوندو آهي ... ائين سمجهه ته ٻيڙي به ميل پري هوندي ته پاڻي ان کي اتان پيو ڇڪيندو ... توهان ائين سمجهو ته جنگيسر کانپوءِ ايندو ٻاٻيهو، ٻاٻيهي کانپوءِ ايندو روڙو. روڙي کانپوءِ کارو ڇاڻ، کاري ڇاڻ کان هيٺ وري به هڪ ڇاڙ کاٻي پاسي ويندي، ٿورو اڳتي وڃبو ته هڪ ڇاڙ ساڄي پاسي ويندي. اهو ڦاٽ تمام موڪرو آهي، ملاح وچ ڏيو سڌو ڪيٽي بندر پهچن ٿا ... ڪيٽي بندر تائين پنج ڇهه ڇاڙون آهن، ساڄي پاسي فقط هڪ آهي جنهن کي سوکيءَ واري ڪري چئبو آهي. ان ڇاڙ ۾ جڏهن وير هوندي آ ته جام پاڻي هوندو آهي پر جڏهن وير لهندي آ ته گهٽ پاڻي سبب تڪليف ٿيندي آهي.
سج لهي ويو، مورڙو سونڊا ۾ رات ترسي پيو. ٻيڙيءَ کي اتي ئي داروغي جي سنڀال ۾ ڏيئي قافلو خشڪيءَ رستي ٺٽي روانو ٿيو. رات مڪلي ريسٽ هائوس ۾ گذرندي.

کبڙ پاتڻيءَ جون خبرون

کبڙ پاتڻيءَ جون خبرون

”اسان جو خبرون اهي اَٿو جو اوهان پڇندا ته پاڻي ڪيترو آهي؟ اسان چونداسون ته، گهڻو! پاڻ درياهه ۾ آمهون سامهون جي خبر ڏينداسون. پاتڻي رڳو پتڻ تان ماڻهو اُڪارين! سمجهيو نه سائين ...“
”هاڻي اچي درياهه جو پاڻي کُٽو آهي. اڳي ائين ڪو نه هو ... سياري ۾ به پاڻي هوندو هو ... چار سؤ اٺ سؤ مڻ کڻندڙ ٻيڙي به هيترو هيترو (پنج فوٽ) پاڻي جهليندي هئي ...“
”مير بحرن جون ذاتيون کوڙ! هِڪڙا لاڙڪ، ٻيا مُنڇرا، ٻيا ماڇي، شيخ ... اهي شيخ سکر ويٺل اٿئي ... انهن کي وڏيون ٻيڙيون هيون ... هاڻي ٻيڙيون ڪو نه اٿن، ٻيا جهٻير ... اهي به ميربحرن جو ڪم ڪندا هئا ... وڏيون ٻيڙيون هئن، پنجابي به ميربحر آهن پر انهن جون ذاتيون پاڙا ... جکرا ۽ جکريجا به ميربحر اٿئي اهي به پنجابي آهن ... سڀ جکريا ميربحر ناهن.“
کبڙ خان هر ذات برادري ۽ قوم کي ميربحرن ۾ شامل ڪندو ويو جيڪي پاتڻي ٿيا يا وڃي مڇي جهلڻ جي ڪرت ڪيائون. سندس اها وصف ان قديم وصف جهڙي آهي جنهن ۾ سنڌ جي عام پورهيت ماڻهو کي ’مهاڻا‘ سڏيو ٿي ويو، فرق فقط اهو آهي ته کبڙ خان ميربحر انهن کي ٿي چيو جيڪي پاڻيءَ تي گذرسفر ڪن ٿا. يعني جيڪا به قوم ۽ قبيلو هٿ ۾ ونجهه جهلي يا ڄار ڪلهي تي کڻي، اها مهاڻن ۽ ميربحر جي برادريءَ ۾ شامل ٿيو وڃي.

ميربحر ڪير آهن؟

ميربحر ڪير آهن؟

اهو ئي سوال مون کبڙ پاتڻيءَ کان پڇيو. مون سمجهڻ پئي چاهيو ته خود ميربحرن وٽ ان سوال جي ڪهڙي تشريح آهي.
”سائين اڳي ميربحر ڪو نه هئا. ميربحر معنيٰ جيڪي مڇيون مارين ... ٻيڙيون ڪاهين. اڳئين زماني ۾ ٻيڙيون جِنَ هلائيندا هئا ... اُن وقت ۾ اسان جو هڪ بزرگ هو جهنڊو پاتڻي ... اها گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ان ڪري اسان کي اها ته خبر ناهي ته هو ڪٿي رهندو هو پر اُهو درويش هڪ ڏينهن درياهه جو ڪپ وٺيو پئي آيو ته ڪجهه جِنن هڪ ٻيڙي ڪپر سان لائي ماني پئي کاڌي ... ان زماني ۾ ٻيڙيءَ کي پڳهه ڪو نه هوندا هئا.
ٻيڙي ڪپر سان ڪو نه ٻڌندا هئا. ڇولين تي ٻيڙي هٽڻ لڳي ته پوءِ جهنڊي پاتڻيءَ ڇا ڪيو جو ٽپو ڏيئي کڻي ٻيڙيءَ جي پڳهه مان ورتائين ...
جيئن ئي جِنَ ماني کائي واندا ٿيا ته ڏسن کڻي ته وڃ! اهڙي ڪا ڇِپَ آهي جنهن ٻيڙي جهلي ورتي آهي ... پوءِ جِنَ ڊپ ۾ ٻيڙي ڇڏي ڀڄي ويا ... ان کانپوءِ ميربحر ٿيا ...“ کبڙ پاتڻيءَ ته ڳالهه پوري ڪئي پر مان سوچ ۾ پئجي ويس. جِنَ ماڻهوءَ کي ڏسي ٻيڙيون ڇڏي ڀڄي ويا پر ماڻهن جي ذهنن تي اڃان تائين جِنَ ڇو سوار آهن؟ ويچارا ماڻهو! انهن کي اڃا تائين پاڻ تي ويساهه نٿو اچي ته انهن ماضيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما نه ڪيا آهن. ٻيو ته ٺهيو ٻيڙيءَ جي ايجاد جو ڪارنامو به جِنن کي لکي پڙهي ڏنو اٿائون! ڪٿي ائين ته ناهي اتر ايشيا جي ويڙهاڪ نسلن تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ دراوڙ لوڪن کان ٻيڙيون ڦريون هجن! ... ۽ کبڙ پاتڻيءَ جي بيان ڪيل هيءَ ڏندڪٿا ان واقعي جو بگڙيل پڙاڏو هجي!

جهنڊو پاتڻي

جهنڊو پاتڻي

جهنڊي پاتڻيءَ جو حوالو تحفة الڪرام ۾ موجود آهي، جنهن موجب شيخ جهنڊي پاتڻيءَ سيد ميران محمد جونپوريءَ کان فيض حاصل ڪيو هو. اهو ڄام نظام الدين جو زمانو هو جنهن سيد سان اعتقاد وارو سلوڪ نه ڪيو هو پر ڪنهن ٻئي ارادي سان کيس ٻيڙيءَ تي چاڙهي روانو ڪيو هو. ميربحرن اها ٻيڙي گپ ۾ ڦاسائي ڇڏي ۽ پاڻ ڀڄي ويا. تڏهن جهنڊي پاتڻيءَ کيس ان هلاڪت واري جاءِ مان ٻاهر ڪڍيو. تحفة الڪرام موجب درويش کي ستن معصوم نياڻين جي به دعا هئي جيڪي ساموئيءَ ويجهو مڪليءَ جي اتر ۾ پنهنجي عزت بچائيندي خدا جي حڪم سان زمين ۾ گهڙي ويون هيون. اهو واقعو سومرن جي دور جو آهي. انهن ستن سهڻين ڇوڪرين ساموئيءَ ۾ سيد يعقوب مشهديءَ وٽ پناهه ورتي هئي. هڪ ڏينهن باک ڦٽڻ کان اڳ هو دستور موجب درياهه تي وهنجڻ ويون ته ڪي رئيس سندن ڪڍ پيا. تڏهن جهنڊي پاتڻي ڇوڪرين جي مدد ڪري کين درياهه ٽپائي ڇڏيو هو. بدمعاشن پيڇو نه ڇڏيو ته ڇوڪرين دعا گهري ۽ زمين ۾ هليون ويون. جهنڊي پاتڻي ۽ ستين جون قبرون اڄ به اتي قائم آهن.

ٺٽو

ٺٽو

خشڪيءَ وارو قافلو ٺٽي ۾ داخل ٿيو ته تاريخ جي ٻن ڪارن بابن جا صفحا کلي پيا.
(1) سن 927 هه 11_ محرم کان 20 محرم تائين (1520 عيسوي) جڏهن شاهه بيگ ارغون ٺٽو فتح ڪيو. مبارڪ خان دولهه درياهه خان ۽ سندس ساٿين جا ڪنڌ ڪريا ۽ ٺٽي ۾ لٽ مار، رت باهه ۽ بي عزتين جو اڻکٽ سلسلو هلي پيو. مسجدن، مندرن، درسگاهن ۽ محلاتن جو شهر دونهن، ڌڌڙ، روڄ ۽ راڙي ۾ ٻڏي ويو هو، ماڻهن جي جسمن مان رت ۽ اکين مان لڙڪ کپي ويا هئا. سنڌ سنگدلي ۽ سختيءَ جو ههڙو باب شاهه خوارزم کان پوءِ پهريون ڀيرو ڏٺو. ديبل بندر سميت سنڌ جا ڪيئي شهر بلڪل ائين ئي سڙيا هوندا. شاهه بيگ ارغون جي حملي کانپوءِ اڪثريت کي غلام بڻايو ويو جن ۾ ٻار به شامل هئا.
(2) سن 1555ع جڏهن شاهه بيگ جي موت کان پوءِ سلطان محمود ۽ عيسيٰ خان ترخان جي پاڻ ۾ دشمني ٿي. عيسيٰ خان پورچوگيزن کي طلب ڪيو ۽ پورچوگيزن سپاهين کي موڪل ڏني ته وڃي شهر کي لٽين ۽ باهه ڏين. شهر کي باهه لڳي ۽ تاريخ جا ورق ڪوس کانپوءِ رت ۾ ريٽجي ويا. سپاهين تنهن وقت ۾ ايشيا جو سڀ کان وڏو سون جو ذخيرو ڦريو ۽ ٺٽي کان سمنڊ تائين سڄي ايراضي ساڙي ٻاري ويران ڪري اٺ هزار ماڻهو قتل ڪيا.
ٻنهي واقعن جا تفصيل تاريخ طاهري ۽ بيگلار نامي ۾ پڙهي سگهجن ٿا. ٺٽي جا شهري شهر جي ڏکڻ ۾ اڄ به ان سڙيل ٺٽي جا کنڊر ڏيکارين ٿا. انهن کنڊرن وٽ ڪجهه ڦٽل کوهن بابت مشهور آهي ته اڄ تائين ڪڏهن ڪڏهن انهن مظلومن جي رڙين ۽ دانهن جا پڙاڏا ايندا آهن جن کي قتلام کانپوءِ پورچيگيزن انهن کوهن ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. کوهن مان آواز ايندا آهن، ”ڇڏايو ڙي ڇڏايو ... وٺو ڙي وٺو!“ رڙين جي پڙاڏن بابت ماڻهن جي روايت ڪوڙي ناهي. ڇا تاريخ مان انهن سُڏڪن جا پڙاڏا نٿا ٻڌجن؟
سر رچرڊ برٽن اوڻهين صديءَ ۾ لکيو آهي ته ٽيهن ميلن جي گهيري ۾ پکڙيل ٺٽو شهر هاڻي فقط ڏهن ميلن ۾ وڃي بچيو آهي.

دبگير مسجد

دبگير مسجد

ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيڻ مهل هڪ وڏو رستو ڏکڻ ۾ سجاول لاءِ ڦٽي ٿو. ان روڊ تي ٿورڙو ئي اڳتي وڃبو ته ساڄي هٿ تي سنڌ جي سڀ کان سهڻي ۽ شاهي مسجد پنهنجي سونهن، تاريخ ۽ تقدس سان بيٺل نظر ايندي. اڃان ٿورو اڳتي وڃبو ته کاٻي هٿ تي هڪ قديم مسجد ويران حالت ۾ نظر ايندي. اها دبگير مسجد آهي. جتي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هر هفتي جمي جو خطبو ڏيندو هو ۽ فتوائون جاري ڪندو هو. مسجد ويران ضرور آهي، زبون به آهي پر بچيل آثار ٿوري توجه ۽ مرمت سان اڳوڻي سونهن حاصل ڪري سگهن ٿا. اها مسجد نائين صديءَ هجريءَ جي وچ ڌاري ٺهي.

مسجد خضري

مسجد خضري

ٺٽي شهر ۾ هڪ مسجد جو نالو ’مسجد خضري‘ آهي، جيڪا دبگير مسجد کان پنجاهه سال پوءِ ٺهي. اها پلنگ پاڙي ۾ آهي. شاهجهان واري شاهي مسجد، مسجد خضريءَ کان به پنجاهه سال پوءِ ٺهي. مسجد خضريءَ جي ڏکڻ ۽ اتر ۾ مندر آهي، اصل لڳو لڳ. مسجد جي اتر اوڀر واري دروازي مان داخل ٿيڻ لاءِ چار پنج ڏاڪا لهڻا پون ٿا. ٻيو در ڏکڻ طرف اٿس. مسجد جو نالو ٻڌي ان نالي بابت سوال ڪيوسين ته هڪ روايت سامهون آئي،
”حضرت خضر عليه السلام جيڪو عقيدي موجب سداحيات آهي، هتي ڪڏهن ڪڏهن نماز پڙهڻ ايندو آهي. سندس اچڻ جي نشاني اها آهي ته ڪڏهن ڪڏهن مسجد مان ٻه ٻانگون اينديون آهن.” اسان کي ٻڌايو ويو ته اڃا ٻه ٽي مهينا اڳ به اهڙو ئي هڪ واقعو ٿيو. چون ٿا ته جيڪڏهن ڪو شخص ٻئي ٻانگي کي جهلي وٺي ته سندس مرادون پوريون ٿي وينديون آهن.
اها روايت مولانا الياس خضريءَ جي لکيل فارسي تفسير ڪلام پاڪ ۾ آهي. مولانا عبدالله گندري جو چوڻ آهي ته ٺٽو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي لئبريريءَ ۾ اهڙو حوالو موجود آهي. تفسير ۽ مسجد جو سن ڏهه سؤ هجري چيو وڃي ٿو. مسجد تمام سهڻي آهي. ان ۾ پٿر جي اڪر، ڪاشي ۽ سائو رنگ مرمر آهي. فرش تي آرائشي ٽائلون لڳل آهن.

شاهجهاني مسجد

شاهجهاني مسجد

مسجد جي سونهن اکرن سان نه، اک سان محسوس ڪري سگهبي. مسجد تي شاهجهان جو نالو ان ڪري پيو جو اها شاهجهان جي زماني ۾ سن 1644ع کان 1647ع ۾ ٺهي. 58_1657ع ڌاري وزير مير جلال رضويءَ مسجد ۾ فرش هڻايو.
اهو شاهجهان جي حڪومت جو آخري سال هو. اورنگزيب 1707ع ۾ هن مسجد ۾ ڪجهه ڦيرڦار ڪئي. مسجد جي تعمير ۾ تڏهوڪا 9_ لک روپيا خرچ ٿيا. مسجد جا بنياد ۽ ڪرسي پٿر جا جون آهن باقي سڄو ڪم ڳاڙهين سرن ۽ ڪاشيءَ جو آهي. سچ پچ ته سنڌ جي ڪاريگرن پاڻ ملهايو آهي. چوندا آهن ته مسجد ۾ هڪ سؤ قبا آهن پر ڪو به ماڻهو پورا نٿو ڳڻي سگهي. ڪو 99 ڳڻندو ته ڪو سؤ هڪ. پر اصل ۾ ڪل 93 ننڍا وڏا گنبذ آهن، جن مان ٽي وڌيڪ اهم آهن. وچين عمارت جي ڊيگهه ويڪر 305 ۽ 170 فوٽ آهي.
مسجد جي اضافي خوبي اها آهي ته سمورا گنبذ اهڙي حساب سان ٺاهيا ويا آهن جو محراب مان امام صاحب جو آواز سڄي مسجد ۾ گونجي وڃي ٿو. مسجد ۾ استعمال ٿيل نيري ۽ اڇي ڪاشيءِ جو ڳاڙهين سرن سان ميلاپ، باغ ۽ ڦوهارا مغلن وارين اڏاوتن ۽ سنڌي فن جو ٺاهوڪو فن آهي.

ٺٽي جا پراڻا پاڙا

ٺٽي جا پراڻا پاڙا

هاڻوڪي ٺٽي ۾ قديم ٺٽي جا پڙاڏا موجود آهن. اڄ به ٺٽي ۾ قديم پاڙن جو وجود آهي، جيڪي اڳوڻن يا نون نالن سان سڏجن ٿا.
مثال طور:
ننڍو ڪوٽ: 963 هجريءَ ۾ ختم ٿي ويو. مڪلي ٽڪري تي عيدگاهه وٽ واقع هو. اتي قائم مندر لاءِ منگلي، مڪلي يا منشا مندر جو نالو به ٻڌجي ٿو.
ساموئي ڪوٽ: ٺٽي جي اتر ۾، ديهه ساموئي ۽ ستين جي آستاني واري پاسي ۾ هو.
نائين ۽ ڏهين هجريءَ جا پاڙا
شورائي محلو: هاڻوڪي واهڙڪي يا شڪر الاهي سيد محلو
مير احمد بيگ محلو
غله بازار محلو: اڃا موجود آهي
ڀائي خان محلو: اڃا موجود آهي
ملان محمد علي محلو: هاڻي ڪُمري مسجد محلو
نور سيا: هاڻي ڪوٽائي ميمڻ محلو
خواجه شڪر گنج
مرزائي محلو: هاڻي کماڻ محلو ۽ مسڻ محلو
سرهيا محلو: اڄ به اسلام پور محلي جي ڀر ۾ آهي.
ڪشمشيا محلو: شاهه گورگنج محلي جي ڀرسان، هتي ڪشمڪش جا واپاري هئا. اڄ به ڪشمشيا مسجد آهي.
سواڪي محلو: اڃا موجود آهي.
سنگ تراش محلو: بادشاهي مسجد جي اوڀر ۾، اڄ به هڪ اڌ سنگتراش آهي.
نقارچا محلو: نغارا وڃائڻ وارا_ هاڻي قاضي محلو.
مغل واڙو: امير خاني مسجد لڳ مغلن جي بيٺڪ هئي.
گدا بازار: هاڻي سونارا بازار جنهن ۾ کدڙا رهندا هئا.
مس گر محلو
سهتيه محلو
تندسر: آگره محلو_ هتي اڄ به کڏ آهي.
محلو مولوٺٺ: ڄام نظام واري وقت جو پاڙو، هاڻوڪي پوسٽ آفيس وارو پاسو.
قاضي محلو: اڄ ڪلهه قاضي ۽ عقيلي رهن ٿا.
رضوي محلو: شڪر الاهي سيدن جو پاڙو اڃا موجود آهي.
ميرڪي سيد: امير خاني محلو، هاڻي بادشاهي مسجد وارو باغ.
شڪر الاهي محلو: اڃا موجود آهي.
اِنجوي سيد محلو: شاهه مراد شيرازي بزرگ جا پونئير رهن ٿا، هيءُ هاڻي پلنگ پاڙو سڏجي ٿو. هاڻي پلنگ ختم ٿي ويا آهن. انهن پلنگن تي هڪ وقت ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي سؤ ماڻهو پلنگ تي وهندا هئا.

سريچند درٻار _ فقير جو ڳوٺ

سريچند درٻار _ فقير جو ڳوٺ

بابا سريچند صاحب گرونانڪ جو پٽ هو، جنهن بابت روايت آهي ته هن اڃا تائين چولو نه مٽايو آهي. سريچند صاحب هتي تپيسا ڪئي هئي ۽ 130 ورهين جي ڄمار ۾ هتان هليو ويو هو. هُو اداسي پنٿي هو.
ٺٽي کان ٽي چار ميل ڏکڻ طرف، ديهه ٻائو پورن داس ’فقير جو ڳوٺ‘ آهي، جتي بابا سريچند جي درٻار آهي. ٺٽي کان هر وقت اوڏانهن سوزوڪيون ۽ ٽانگا وڃڻ لاءِ تيار رهن ٿا.
درٻار ۾ بابا سريچند جو سنگ مرمر سان ٺهيل مجسمو آهي، جيڪو ويٺل حالت ۾ اٽڪل چئن فوٽ جو آهي. سندس هٿ ۾ مالها آهي. هڪ هٿ گوڏي تي اٿس ۽ ٻئي هٿ سان آشيرواد پيو ڏئي. اهو يوگ آسڻ آهي. اهو گوتم ٻڌ جو نمونو آهي پر ٻُڌ ۽ شِو جون جٽائون مٿي تي ٻڌل هونديون آهن، بابا سريچند جا چيلهه جيترا ڊگها وار پٺيءَ تي وريل آهن. مجسمي جي چهري جي خاص ڳالهه سندس مرڪ آهي.
هتي هر مهيني پهرين چنڊ تي ميلو لڳي ٿو. وڏا ميلا به لڳن ٿا، هڪ چيٽي چنڊ جو ۽ ٻيو بڊي مهيني جي 23 يا 24 تاريخ تي لڳندو آهي. درٻار ۾ روزانو 25_30 ماڻهو اچن ٿا. جڏهن ته ميلي ۾ هزارين ياتري پهچن ٿا. درٻار جو انتظام پنچائت جي هٿ ۾ آهي. پر خرچ جو انداز ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اوترو خرچ ڀرڻ پنچائت جي وس ۾ نه هوندو.
پوڄارين جو چوڻ آهي ته، ”بابا سريچند صاحب پنهنجو انتظام پاڻ هلائي رهيو آهي.“
هونئن هتي روزانو شام جو آرتي، ڀڄن ۽ پرساد جو سلسلو هلي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن ڀڄن وغيره جو ناغو به ٿيو وڃي ڇو ته ڀڄن پڙهندڙ يا گروگرنٿ جو پاٺ ڪندڙ، ذميوار ماڻهو هميشه موجود نه هوندا آهن. ياترين لاءِ هنڌ بستري ۽ لنگهه پاڻيءَ جو هميشه بندوبست آهي، هندو مسلمان بنا فرق جي سهولت وٺي سگهي ٿو.
هتان جي ٻي خاص ڳالهه سريچند درٻار جي ڌڄا ۽ جهنڊو آهي. ڌڄا، ۽ وڻ جو 100 فوٽ ڊگهو ٿڙ آهي. جيڪو روايت موجب پاڻ ظاهر ٿيو هو. اهو ڪيئي سال اڳ درياهه جي وهڪري مان هٿ ڪيو ويو هو. ان ٿڙ کي چئني پاسن کان ڪپڙو ويڙهي ٿنڀي وانگر اُڀو بيهاري ان ۾ مخصوص جهنڊو ٻڌو ويو آهي، جيڪو وڏي فاصلي کان نظر اچي ٿو.
اها ڌڄا، سنسڪرت ۾ ’دواج‘ آهي جنهن جي معنيٰ آهي لَڪڻ يا لَٺ. ان ڊگهي لڪڻ جي هڪ شڪل امام بارگاهن آڏو کتل ڊگهي عَلم جي آهي.
درٻار جي اولهه ۾، هڪ گنبذ نما هال ۾ گروئن ۽ گادي نشينن جون سماڌيون آهن، جڏهن ته درٻار جي اوڀر ۾ اها ڌُوڻي آهي جتي، روايت موجب سريچند صاحب پاڻ تپيسا ڪئي ۽ اڄ به ايندو آهي. پوڄارين موجب تپيسا واري هنڌ تي موجب خاڪ مٿان روزانو پرهه ڦٽيءَ مهل ۽ شام جو سج لٿي مهل پنهنجي ليکي دونهين دکي پوندي آهي.
دونهين جي رک کي پوتر سمجهيو وڃي ٿو ۽ ياتري اها رک چپٽيءَ ۾ ڀري ڦڪين ٿا، بت کي ملين ٿا جنهن سان روايت موجب دک دور ٿئي ٿو. اداس پنٿ، برهمچاريت تي ٻڌل آهي، يعني اداس پنٿي نانگو يا غير شادي شده ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن به ماڻهوءَ شادي ڪئي اهو نانگو، ڪن پٽ ڪاپڙي، ڀڀوتي وغيره ٿي نٿو سگهي. ان ريت خود بابا گرونانڪ اداس پنٿي ناهي نه وري ڀٽائي يا سامي اداسي آهن.

مڪلي

مڪلي

ٺٽو شهر ٽپي، سنڌوءَ جي سڪل پيٽ مان ٿي، جنهن ٽڪريءَ تي چڙهبو، سا مڪلي آهي. مسلمان هن ٽڪريءَ جي نسبت مائي مڪليءَ سان ڏين ٿا، جنهن جي قبر ڄام نظام الدين جي مقبري لڳ ڄام تماچيءَ جي ٺهرايل جي ٻاهري پاسي الهندي طرف آهي. مائي پهتل بزرگ سمجهي وڃي ٿي. هڪ روايت موجب هڪ درويش مڪي شريف ويندي هتي ترسيو هو. هتي وجد ۾ اچي سماع شروع ڪري ڏنائين. ان ئي حالت ۾ هن ڪافي ڀيرا چيو، ”هذا مڪه لي“ (هيءَ جاءِ منهنجي لاءِ مڪو آهي). ائين هن ٽڪريءَ تي اهو نالو پئجي ويو. هندو لوڪ مڪليءَ جي ٽڪريءَ کي ڪالي ديويءَ سان منسوب ڪن ٿا، جنهن جو وڏو مندر ۽ تيرٿ آستان، مئن روڊ واري وڪڙ ۾ ڏکڻ طرف آهي. ڪاليءَ جو ٻيو مکيه مندر ڏکڻ ۾ ٽي ميل پري ڪلان ڪوٽ وارو آهي. بهرحال، هن وقت سڄي دنيا ۾ مڪليءَ جي سڃاڻپ سمن، ارغونن ۽ ترخانن بادشاهن جي شاندار مقبرن سبب آهي. مڪليءَ کي عالمي ورثو تسليم ڪيو ويو آهي. مڪليءَ وارو شاهي قبرستان فقط اهو ناهي، جيڪو قومي شاهراهه جي اتر طرف نظر اچي اٿو پر اهو سلسلو ڏکڻ ۾ڪافي اڳتي تائين وڃي ٿو. فرق فقط اهو آهي ته ان پاسي شاهي مقبرا ناهن. مڪلي قبرستان کي سولائيءَ سان ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ حصي ۾ سمن سلطانن جون قبرون ۽ مقبرا آهن ۽ ٻئي (اورئين) حصي ۾ ارغونن ۽ ترخانن جون قبرون آهن.
مڪلي گهمندڙ سياح جڏهن ٽڪيٽ وٺي اندر وڃن ٿا ته سڀ کان پهرين کاٻي پاسي هڪ چور کوهه اچي ٿو. ٻن حصن ۾ سوڙهيون ڏاڪڻيون هيٺ کوهه جي ڪنڌيءَ تائين وڃن ٿيون. کوهه ڪنهن ٺهرايو؟ ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ به ڪونهي، البت کوهه پنهنجي نوعيت ۾ مختلف آهي. هيٺ کوهه جي ڪنڌيءَ تي پهچبو ته چ‍ؤطرف ورانڊو نظر ايندو، وچ ۾ کوهه آهي.
کوهه کان اڳتي اتر ۾ ترتيب وار اهم مقبرا ۽ ڇٽيون هن ريت آهن:
هڪ گمنام ڇٽي، جاني بيگ ترخان جو مقبرو، تغرل بيگ جو مقبرو باقي بيگ ازبيڪ جو مقبرو، عيسيٰ خان ترخان (ننڍي) جو مقبرو. باقي بيگ ۽ عيسيٰ خان جي مقبرن پويان اوڀر طرف جان بابا جو مقبرو، عيسيٰ خان کان ڪجهه اڳڀرو ديوان شرفا خان جو مقبرو، ان کانپوءِ ڪافي پنڌ تي سلطان ابراهيم جو مقبرو، ان کان پوءِ اهنسا ٻائي، باقي بيگ ترخان ۽ عيسيٰ خان ترخان (وڏي) جا مقبرا. عيسيٰ خان جي مقبري وٽ ترخان حاڪمن جا مقبرا پورا ٿين ٿا. ٻيا مقبرا جيڪي ساموئي کي ويجها ۽ مڪلي ٽڪريءَ کي اتر ۾ آهن، اهي سمن جي دور جا آهن، انهن جي ترتيب هن ريت آهي:
مبارڪ خان يا دولهه درياهه خان واري رانئڪ، ان جي سامهون اوڀر ۾ ڇٽي، ڇٽي جي اتر ۾ ڄام نظام الدين (ڄام نندي) جو مقبرو، ان جي اتر ۾ لڳولڳ ڇٽي، جنهن هيٺ ڄام تماچيءَ، سندس زال ۽ هڪ ٻار جون قبرون چون ٿا. ڇٽيءَ جي ڀر ۾ ڄام تماچيءَ جي مسجد.
اڃا اتر ۾وڃبو ته ملان لُٽر جي درگاهه آهي. ملان لُٽر پنهنجي ’نبض‘ سبب سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. بي اولاد عورتون پري پري کان ڪهي اولاد لاءِ دعا پنڻ اچن ٿيون. ائين ٿو لڳي ته هتي شِو لنگم پوڄا نئين صورت وٺي بيٺي آهي. چون ٿا ته جيڪو ماڻهو ملان لُٽر جي قبر تي اچي پنهنجي کِل روڪي ويو، هن جي دعا اگهجي وڃي ٿي. پر جنهن ماڻهوءَ کي ملان لُٽر بابت ڏندڪٿائن جي خبر آهي، اهي پنهنجي کِل روڪي نٿا سگهن.
اڃا اتر ۾ وڃبو ته ستين جون قبرون ۽ جهنڊي پاتڻي جو مقبرو آهي. ڪنهن وقت ۾ سنڌو، هن هنڌان (مڪلي ٽڪريءَ جي اتر کان) اولهه طرف وهندو هو. ساموئيءَ جو شهر، جهنڊي پاتڻيءَ واري مقبري کان ميل ڏيڍ اوڀر طرف هو.
سچ پچ ته مڪلي واري ٽڪري تي هر سوچ جي ماڻهوءَ لاءِ دلچسپي آهي. قوم پرست سنڌي نوجوان، دولهه دريا ۽ ڄام نندي جي قبرن تي سلامي ڏين ٿا. رومانوي داستانن جا شوقين ڄام تماچيءَ جي قبر تي فرحت محسوس ڪن ٿا، آرڪيالاجيءَ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ ته سڄي مڪلي هڪ ڪتاب آهي. جنهن کي اولاد کپي سي ملان لُٽر ڏانهن وڃن، جن کي چرائپ جا دورا پون ٿا سي، عبدالله شاهه اصحابيءَ وٽ حاضري ڀرين. اصحابيءَ جي درگاهه تي هرهفتي ننڍڙو ميلو لڳي ۽ هر سال هڪ وڏو ميلو ٿئي ٿو. سندس عقيدتمندن ۾ ڪراچيءَ جي ماڻهن جي گهڻائي آهي.
قومي شاهراهه کان ڏکڻ واري قبرستان ۾، پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي قبر آهي، جنهن مڪليءَ جي تاريخ تي اڻٿڪ ڪم ڪيو آهي. شيخ عبدالمجيد سنڌي جي قبر به هتي آهي. جنهن سنڌ جي سياست ۽ صحافت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. تازو ئي هڪ نئين قبر سومار فقير جِنن واري جي ٺهي آهي. هيءُ شخص جِنن جو قابض هو. جِنَ سندس حڪم تي اک ڇنڀ ۾ عمل ڪندا هئا. سومار فقير هوا ۾ هٿ پکيڙي مُٺ ڀڪوڙي ڪنهن به شيءِ جي فرمائش ڪندو هو ته اها سندس مٺ ۾ اچي ويندي هئي. سندس ويجهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي ڳالهيون سوچيون آهن پر جن ماڻهن کي جِنن تي اعتبار ناهي انهن اکين سان تماشا ڏسڻ بعد به ويساهه نه ڪيو ۽ ان کي اٽڪل بازي سڏيو.
مڪليءَ تي ڪالي مندر ۾ رکيل مورتيءَ کي ’هنگلاج ديوي‘ سڏيو وڃي ٿو. ڀر ۾ هڪ کوهه ۾ سِمي ايندڙ پاڻيءَ کي هنگول نديءَ جو پاڻي سڏيو وڃي ٿو. ڪالي مندر ۾ ٻيا به ننڍا ننڍا مندر آهن جن ۾ گڻيش، هنومان ۽ شِوَ جون مورتيون آهن. هڪ ڌرم شالا به آهي.
مندر لڳ هڪ برساتي ڍوري ۾ ايڪانت ۾ تپيسا لاءِ پٿر جو ٿلهو ٺهيل آهي. هڪ قديم غار به آهي جيڪا، تپيسا لاءِ استعمال ڪئي ٿي وئي. ڪجهه محقق ان غار کي پٿر جي دور سان لاڳاپين ٿا. اڄڪلهه هڪ فقير جو ان غار تي قبضو آهي.
ڪالي مندر کان ڏکڻ اولهه ۾ هڪ پراڻو شِوالو ڦٽل حالت ۾ آهي. ان مندر ۾ حوض، ڏاڪڻيون ۽ ٻيا تفصيل اڃا به ڏسي سگهجن ٿا. ساڳئي مندر وٽ هڪ ڦٽل قلعي جا نشان آهن، هاڻي هتي قبرستان ٺهي ويو آهي. مڪليءَ جو هيءُ پاسو ’عيدگاهه وارو‘ سڏجي ٿو. مڪلي ۽ ٺٽي جا ماڻهو اڪثر ان عيدگاهه ۾ عيد جي نماز پڙهڻ اچن ٿا.

ٻيڙيءَ جي مرمت ٿي وئي

ٻيڙيءَ جي مرمت ٿي وئي

مڪليءَ جو ريسٽ هائوس ٺاهوڪو آهي پر سُک سان سمهڻ جا ڏينهن اڃا ڪو نه آيا آهن. ٽيم جا ڪجهه ميمبر جيڪي ضروري ڪمن سانگي قافلي کي پنڌ ۾ ڇڏي هليا ويا هئا، وري مِڙي چُڪا آهن. سڀ کان پهرين ميجراعظم جعفر، ديري اسماعيل خان کان جدا ٿيو هو، سو اڄ ٺٽي ۾ وري شامل ٿيو آهي. نديم قمر الدين جيڪو امتحان ڏيڻ لاءِ سکر يا شايد ڪشمور کان ڪراچي هليو ويو هو، هُو سيوهڻ وٽ اچي مليو. انتخاب شاهه، سيوهڻ کان ڇِڄي هڪ ڏينهن کان سواءِ ڄامشوري کان ٻيهر شامل ٿيو هو.
نوريءَ کي پيش آيل حادثي، سنڌو مهم مان مزو ڪڍي ڇڏيو آهي. ميجر اعظم اچڻ شرط فوجي فيصلو ڏنو، ”نوري هرقيمت تي مورڙي جو ساٿ ڏيندي ... هڪدم مرمت جو بندوبست ڪيو وڃي.“ ميجر پاڻ ئي نوريءَ کي کڻائي شاهجهان مسجد وٽ قائم ٽريفڪ پوليس چوڪيءَ جي ڀر ۾ پنچر ٺاهڻ جي دڪان تي پهتو.
برسٽ جي ڊيگهه ڏسي دڪاندار جواب ڏيئي ڇڏيو، ”نه صاحب! هيءُ نه ٺهندو ... هيءُ ٽيوب ناهي ... ڪا ٻي جنس آهي.“
ٻيڙيون سچ پچ ته عام ٽيوب جون ناهن. اصل ۾ اها رٻڙ ۽ پلاسٽڪ فائيبرجي تاڃي پيتي جي سنهي چادر آهي. عام ٽيوبن کي پنچر هڻڻ جو طريقو تمام سادو آهي، ربر سوليشن ۽ پنچر ڳنڍڻ واري مٽيريل کي پنچر مٿان پکيڙي استريءَ سان گرم ڪن ته پنچر تيار. هتي ته معاملو ئي ٻيو هو. استري استعمال ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. پنچر ڳنڍڻ واري همراهه زندگيءَ ۾ ههڙو برسٽ نه ڳنڍيو هو.
نيٺ همت ڪيائين. پهرين برسٽ ڳنڍڻ لاءِ ٽوپا ڏنائين پوءِ ... سوليشن لڳل ٽڪرو برسٽ تي پلستر وانگر چاڙهي ڇڏيائين. نوري تيار ٿي وئي، فقط ايترو انتظار ڪرڻو هو ته سوليشن چڱيءَ طرح سڪي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته صبح ساڻ اهو فيصلو ڪيو وڃي ته، نوري اڄ درياهه ۾ نه لاٿي ويندي، اهو خيال ان ڪري ٿو اچيم ته، هن کان پوءِ جيڪڏهن نوريءَ جا زخم اکڙي پيا ته وري ڪو نه ڀربا، رات جو اڍائي لڳي تائين نوري اسپتال ۾ هئي. ضروري ناهي ته صبح جو ستين اٺين لڳي تائين سندس ڦٽ ڇٽي وڃن! ٻيڙيءَ ۾ هوا جا ٽي چار خانا آهن. هڪ هڪ خاني ۾ لڳ ڀڳ ستر پائونڊ هوا ڀري وڃي ٿي. اهو وڏو دٻاءُ آهي. اهو دٻاءُ ان مهل وڌي وڃي ٿو جڏهن ٻيڙيءَ تي ماڻهو به سوار ٿين ٿا. اسان ڪو به جوکم نٿا کڻڻ گهرون. باقي ڊيلٽا جو علائقو وڃي بچو آهي، جيڪو اسان هر صورت ۾ درياهه ۽ کارين مان ڏسڻ گهرون ٿا.

اربع، 22_ نومبر 1989ع
انور پيرزادي صبح جو سوا ستين لڳي ننڊ مان اُٿيو. رات جو خاص هدايت جاري ڪئي وئي هئي ته، ريسٽ هائوس صبح جو ڇهين لڳي ڇڏڻو آهي. ڪالهه مورڙو پنهنجو پنڌ کُٽائي نه سگهيو هو. اڄ کيس ڏيڍوڻو پنڌ ڪرڻو هو. اڄوڪي پنڌ جي حالت به ڪالهه کان مختلف ناهي. شايد سڀاڻي پاڻيءَ جي صورتحال بهتر هجي! اطلاعن موجب درياهه جو مکيه پيٽ ۽ ڍورا اڄڪلهه سامونڊي ويرن جي ور چڙهيل آهن.
پُوري ڪوشش جي باوجود مڪليءَ ساڍي ڏهين وڳين کان اڳ نه ڇڏيو. نوريءَ جا زخم اڃا نه ڇُٽا آهن ان ڪري اڄوڪو ڏينهن پاڻيءَ ۾ نه لهندي. روانگيءَ کان اڳ هميشه وانگر نقشا جاچيا ويا. اڄوڪي واٽ طئي ڪئي وئي. خشڪيءَ واري قافلي نقشي تي نشان هنيا: ڪلان ڪوٽ، پير پٺو، اُڏيرو ۽ پوءِ ٻُهارا.

ڪلان ڪوٽ

ڪلان ڪوٽ

مڪليءَ کان فقط 5_6 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب کنڊر ٿيو پيو آهي. مڪليءَ کان ٽي ميل پڪو رستو طئي ڪرڻ کان پوءِ، کاٻي پاسي ٻه ڪلوميٽر کن ڊگهو ٽاڪرو پيچرو، ڪلان ڪوٽ وٺي وڃي ٿو. پڪي روڊ تان پيچري طرف مڙڻ مهل هڪ ڏتڙيل بورڊ آرڪيالاجي کاتي پاران ايندڙ ويندڙ جو استقبال ڪري ٿو. لوهي چادر جو هيءُ بورڊ انڌين اکين جهڙو آهي. اکيون بنهه بي نور به ناهن، ڪجهه نه ڪجهه سوجهرو آهي. بورڊ تي لکيل آهي ’ڪلان ڪوٽ : سورهين صدي عيسويءَ‘ ٻيا تفصيل ٻڌائڻ ضروري نه سمجهيا ويا آهن.
ڪلان ڪوٽ جي ڀت چئني پاسن کان ڊهي چڪي آهي. البت ان جو نقشو تيار ڪري سگهجي ٿو. سڄي ديوار ۾ فقط اتر واري پاسي يا ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ وٽ بيهي ديوار جي بيهڪ ۽ ٿولهه جو ٺيڪ ٺيڪ اندازو هڻي سگهجي ٿو. سراسري جائزي مان لڳي ٿو ته ڪلان ڪوٽ کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي در هئا. ڏکڻ ۾ هڪ خندق هئس اوڀر ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو ۽ اتر کان اولهه ۾ هڪ سهڻي ڍنڍ اٿس. اُتر واري پاسي هڪ اضافي ديوار آهي، جنهن جا بنياد اولهه ۾ ڍنڍ واري پاسي کان وري اچن ٿا.
ڪلان ڪوٽ ۾ هڪ مرڪزي ٽاور به ڏسجي ٿو، جيڪو اوڀر واري دروازي وٽ هو. گهٽ ۾ گهٽ ڇهن تلائن يا حوضن جا اهڃاڻ موجود آهن، جن مان ٽي عدد، مُهين جي دڙي واري عظيم، تلاءَ جيڏا آهن. اهي تلاءَ ٺاهڻ لاءِ ٽاڪرو ڌرتيءَ کي کوٽي پوءِ تري کان وٺي زمين جي سطح تائين سرون هڻي تلائن کي سهڻو ڪيو ويو هو. مرڪزي تلاءَ ۾ لهڻ لاءِ ڏاڪڻيون اڃان تائين قائم آهن.
مرڪزي تلاءَ جي الهندي ڪنڌيءَ تي، قلعي جي الهندي ديوار وٽ شاندار مسجد آهي جنهن جي ڇت هاڻي ڊهي چڪي آهي. البت بيٺل ديوارن ۽ انهن تي ٿيل ڪاشيءَ جو ڪم شاهاڻي شان جي جهلڪ ڏئي ٿو. اڏاوت جي لحاظ کان گنبذ جا بچيل حصا ماهرن لاءِ دلچسپ ٿي سگهن ٿا، ڇو ته گنبذ لاءِ رکيل بنياد روايتي بنيادن کان مختلف محسوس ٿين ٿا. مسجد کي هڪ وڏو محرابي در اوڀر کان آهي، ڏکڻ ۽ اتر طرف کان شاهي دريون اٿس. شڪ ٿئي ٿو ته اهي دريون ڪنهن وقت ۾ دروازا هئا. مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٻاهرين پاسي کان هئي. مسجد جو منبر سهڻي اڪريل پٿر تي ٻڌل آهي.
قلعي ۾ هنڌ هنڌ گهرن جا بنياد آهن. قلعو ننڍن ننڍن چئن پنجن حصن ۾ ورهايل آهي، جن جي وچ مان وڏو رستو لنگهي ٿو، مختلف هنڌن تي پٿر جا گهڙيل ٿنڀا، ڏاڪڻيون ۽ آرائش جون ٻيون گهڙاوتون ٽڙيل پکڙيل هيون. انهن پٿرن جي چوريءَ جو سلسلو جاري آهي. اسان هتي به هڪ نامياري محقق جو نالو ٻڌو جنهن هتان پٿر کڻايا آهن. قلعي جي اوڀر ۾ ٻاهرين پاسي ٽڪريءَ کان هيٺ هڪ پٿر اسان پنهنجين اکين سان ڏٺو جيڪو چوريءَ جي خيال سان اوستائين پهچايو ويو هو. اهڙو ئي هڪ گهڙيل پٿر قلعي جي اتر واري حد ۾ اڃا به موجود آهي. قلعي ۾ ٽامي جا سڪا به جام آهن. پندرهن منٽن جي مختصر جاکوڙ دوران انور پيرزادي هتان چار پنج سڪا لڌا، جيڪي وچولي ماپ جا ۽ گول آهن. ٺڪراٽي ۾ ڪاشيءَ سان گڏوگڏ اوائلي شيشو به ملي ٿو.
قلعي جي بنهه اندر آثارن تي گهڻي وقت کان هڪ ڳوٺ ٻڌو ويو آهي. قديم آثارن جا عملدار نه ته تڏهن به سوين ڀيرا اهو ناجائز قبضو ڏسي چڪا آهن پر ڇا مجال آهي جو ڪو ڪُڇي وڃي! ان ڳوٺ جا مرد کنڊرن مان گهڙيل پٿر ۽ سڪا چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهن. انهن جا گراهڪ ٻڌل آهن. نادر شين جو ڪاروبار ڪندڙ واپاري معمولي رقم عيوض ڳوٺاڻن کان شيون خريد ڪري، نادر شين جي مارڪيٽ مان دولت ميڙين ٿا.
قلعي جي اولهه ۾ موجود ڍنڍ جو نالو ڪلان ڪوٽ ڍنڍ آهي. ڪلان ڪوٽ ڍنڍ جي ڏاکئين ڇيڙي تي ڪالي مندر آهي، جيڪو هندن لاءِ تيرٿ آستان جي حيثيت رکي ٿو‏. شايد اهو ڪالي مندر ئي آهي جنهن سان قلعي جو ڪلان ڪوٽ نالو پيو آهي. مندر جا ٻه حصا آهن. هڪ پٿر جو چبوترو آهي جنهن تي يوني لنگم رکيل آهن. ڀر ۾ ئي ٻيو يوناني لنگم ڀڳل حالت ۾ آهي. چبوتري جي ڀر ۾ مندر جي هڪ عمارت آهي، جنهن تي سال کن اڳ ڇت پيل هئي پر هاڻي ڊهي چڪي آهي. مندر کي پنج دريون ۽ پنج دروازا محراب نما آهن، آڏو بت رکڻ جي جاءِ آهي. مندر کي اڇو پلسترڪيو ويو هو جنهن تي سهڻي گلڪاري هئي. اکڙيل پلستر جي باوجود ڦِٽل گلڪاريءَ جا اهڃاڻ موجود آهن. مندر تي تازي ڳاڙهي رنگ جا تازا لينگها ٻڌائن ٿا ته اڃا به ڪو ڪو هندو هتي تيرٿ ياترا لاءِ اچي ٿو.
مندر جي پٺ ۾ ٽاڪرو گهارا آهن. انهن گهارن قدرتي طور تي خندقن ۽ غارن جي شڪل ورتي آهي. چون ٿا ته شاهه عنايت جي شهادت کانپوءِ جهوڪ جي فقيرن ڪجهه هتي اچي پاڻ لڪايو هو.

سنڌ ۾ تيل ۽ گئس

سنڌ ۾ تيل ۽ گئس

ڪلان ڪوٽ جي ڀرسان هن وقت پاڪستان ۾ فرانس جون گڏيل ٽيمون تيل جي تلاش ۾ مصروف آهن. ٻڌجي ٿو ته ٺٽي ضلعي مان هن وقت هڪ ٻن هنڌان تيل لڌو ويو آهي پر ماڻهن کي شڪايت آهي ته ضلعي ۾ خوشحالي نه آئي آهي. سنڌ جي غريبن کي ڪهڙي خبر ته ترقيءَ ۽ پيداوار جي سمورن ذريعن تي ڪهڙا ڪهڙا نانگ ويٺا آهن. هنن کي ته فقط اها خبر آهي ته جنهن جنهن ملڪ ۾ تيل نڪتو آهي تنهن تنهن ملڪ ۾ سک وڌيو آهي ۽ ماڻهو خوشحال ٿي ويا آهن. کين اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته جيڪڏهن سعودي عرب، دبئي، ابوظهبي، ڪويت، عراق ۽ ايران جهڙا ملڪ تيل نڪرڻ سبب شاهوڪار ٿي سگهن ٿا ته نيٺ سنڌ جي ماڻهن جي قسمت ڇو نٿي بدلجي؟
جنرل ايوب خان پنهنجي حڪومت دوران آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ذريعي تيل جي ڳولا لاءِ پهريان قدم کنيا. تڏهن پرڏيهي ماهرن سٺيون اميديون ڏيکاريون ته، سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ اهي سڀ اهڃاڻ موجود آهن جيڪي تيل ۽ گئس جي موجودگيءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿا، کين اميد هئي ته اهي ذخيرا ٿورڙا ناهن. پوءِ کوٽاين جو سلسلو هلي پيو. پر ملڪ ۾ اهي افواهه گهڻي وقت تائين گردش ڪندا رهيا ته پاڙيسري ملڪن، خاص ڪري ايران کي اعتراض هئڻ ڪري بلوچستان جي الهندي سرحد تي تلاش روڪي وئي. انهن افواهن ۾ ڪيترو سچ هو؟ چئي نٿو سگهجي.
بدين ضلعي جي تعلقي گولاڙچيءَ ۾ يونين ٽيڪساس آئل ڪمپنيءَ ٺيڪو کنيو، اهو ڪم 1977ع کان 1981ع تائين هليو ۽ نيٺ 16_ مئي 1981ع تي تيل ظاهر ٿيو. هيءُ ماڳ ’خاصخيلي ڳوٺ‘ آهي، جنهن مان روزانو 3800 بيرل تيل نڪري ٿو. کوهه جي اونهائي لڳ ڀڳ ساڍا پنج هزار آهي. 1983ع ڌاري بدين جي ئي هڪ ڳوٺ ’لغاري‘ مان تيل نڪتو، جنهن مان روزانو 8800 بيرل تيل نڪري ٿو.
1984ع ۾ ٽنڊي عالم وٽان لڌل کوهه مان روزانو 1340 بيرل تيل نڪري ٿو. يونين ٽيڪساس ڪمپنيءَ 1984ع ۾ ئي تجيڏي لڳ هڪ ذخيرو لڌو جيڪي خاصخيليءَ کان ويهه ميل اوڀر ۾ آهي. ان کوهه مان روزانو 3800 بيرل نڪرن ٿا. ساڳي ڪمپنيءَ ساڳئي سال داٻيجيءَ وٽان ٻه ذخيرا هٿ ڪيا، جن مان ترتيبوار 2900 ۽ 3100 بيرل روزانو نڪرن ٿا. 1985ع ۾ ڏکڻ مزاريءَ وٽ نئون ذخيرو لڌو ويو جنهن مان 2500 بيرل نڪرن ٿا. ساڳئي وقت حيدرآباد کان 24 ميل پري ترڪ ۽ سونو وٽان تيل لڌو ويو، اتان 1600 بيرل نڪرن ٿا. 87_1986ع ۾ سانگهڙ ۽ ڪراچيءَ جي ڀرپاسي مان تيل لڌو ويو. لڌل ٻين کوهن مان به چڱو خاصو مقدار نڪري ٿو، لاشاري کوهه مان 3024 بيرل، ڪوٽار کوهه مان 2450 بيرل، لاشاري کوهه کان 27 ڪلوميٽر پنڌ تي لڌل هڪ کوهه مان 5220 بيرل تيل نڪري ٿو.
دادو ضلعي جي شهر پيٽاري جي هڪ کوهه مان جيڪو 2250 فوٽ اونهو آهي، 1545 بيرل تيل نڪري ٿو، گهانگهرو وٽان 3000 بيرل، سانگهڙ جي هڪ کوهه ٻوٻي مان 10900 بيرل تيل نڪري ٿو. ٻولهاڙيءَ وٽ ترڪيءَ جي مدد سان لڌل هڪ کوهه مان لڳ ڀڳ 32،67،000 ليٽر روزانو نڪري ٿو.
تيل وانگر سنڌ، قدرتي گئس سان به مالامال آهي. سڀ کان پهرين 1981ع ۾ خاصخيليءَ وٽا، ان کان پوءِ لغاري، گولاڙچيءِ داٻيجي، ناري، بخاري، جانو، ماتلي، مخدوم پور، لاشاري، ڪوٽار، ٿاڻو بولا خان، سري ۽ هنڊي وٽان ذخيرا لڌا ويا. پر ڇاڪاڻ ته ڏکڻ پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين بلوچستان جي علائقي ’سُئي‘ مان گئس جو ذخيرو لڌو ويو ۽ اهو ماڻهن کي ٻارڻ لاءِ مهيا ڪيو ويو، تنهن ڪري اڄ تائين سنڌ ۾ عام ماڻهن جي زبان تي قدرتي گئس جو نالو ’سئي گئس‘ آهي.
گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ سنڌ مان تيل ۽ گئس جا جيترا ذخيرا لڌا ويا آهن، انهن مان اڪثر سرڪاري طور تي اڃا ظاهر نه ڪيا ويا آهن. سچ پچ ته قدرتي وسيلن واري کاتي اڃا تائين درست انگ اکر ظاهر ئي نه ڪيا آهن، شايد ڪا مصلحت هجي! يا وري ظاهر ڪرڻ ضروري نه سمجهيو ويو هجي. انهن کوٽاين مان سنڌ جي ماڻهن کي خوشحالي جي توقع رکڻ جائز آهي، پر هيل تائين واسطيدار ڳوٺن، تعلقن ۽ ضلعن ۾ به زندگيءَ ڦيرو نه کاڌو آهي سڄي صوبي جي ڳالهه ئي نه ڪجي!
سرڪار جي ان رويي سبب مقامي ماڻهن ۾ پکڙيل چِڙَ ۽ مايوسي صاف ڏسجي ٿي. ان ڪري اهي وڌيڪ تعاون ڪرڻ لاءِ هروڀرو تيار به نٿا ٿين. اڪثر هنڌن تان اهڙيون خبرون به پهچن ٿيون پاڻيءَ لاءِ کوٽيل کوهن مان پئٽرول يا گاسليٽ جي بوءِ اچي ٿي پر ماڻهو اهي کوهه ان ڊپ کان بند ڪريو ٿا ڇڏين ته متان سرڪار کي خبر نه پوي ۽ هو بي دخل ٿي پون. پرڏيهه ۾ جنهن ماڻهن جي زمين مان تيل لڀجي ٿو، اهو مالامال ٿيو وڃي پر سنڌ ۾ ائين ناهي، هتي اهو ماڻهو بي دخل ۽ ڪنگال ٿيو وڃي. اها منهنجي ذاتي راءِ ناهي پر اهي دانهون، سڏڪا ۽ سرگوشيون عام ماڻهن جون آهن، جيڪي منهنجي ڪنن ٻڌيون آهن.
بهرحال، ڪجهه سرڪاري پڌراين موجب هن وقت ملڪ ۾ تيل جي روزاني کپت اڍائي لک بيرل آهي، جنهن مان ٽيهه سيڪڙو ملڪي وسيلن مان حاصل پيو ٿئي.

قديم غارون

قديم غارون

ڪلان ڪوٽ کان لڳ ڀڳ ڇهه ميل ڏکڻ مڪلي واري ٽڪريءَ تي سيمنٽ فيڪٽريءَ جي پويان ٻه آثار آهن. هڪ ننڍڙي ڏيوري آهي، جيڪا ٽڪريءَ تي اڪيلي بيٺي آهي. آثار ٻڌائين ٿا ته ڪنهن وقت ۾ هتي ڪا مورتي رکيل هئي، ڪهڙي ڌرم يا پنٿ جي؟ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي؟ البت هتان مون کي اٽڪل پوڻا ٻه سؤ سال اڳ جو هڪ ننڍڙو سڪو مليو جيڪو پڪ سان مورتيءَ آڏو ڀيٽ تور رکيو ويو هوندو. اها ڏيوري مون کي ٺٽو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي سرگرم دوست امين شيخ ڏيکاري جيڪو ٺٽو سيمنٽ فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. اها ڏيوري ته اسان هلندي هلندي ڏٺي. محمد امين شيخ اسان جي رهنمائي ان ماڳ ڏانهن ڪري رهيو هو جنهن بابت مشهور هو ته اهو ڪلان ڪوٽ مان کوٽيل هڪ خفيه سرنگهه جو ٻيو ڇيڙو آهي.
ماڳ ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هيءُ ڪنهن سرنگهه جو ٻيو ڇيڙو نه هو. هتي غارن جو هڪ سلسلو هو، انساني هٿن جون کوٽيل غارون. سڌي زمين تي هيٺ کوٽائي ڪري ڏاڪڻيون ٺاهيون ويون هيون. ڏاڪڻ تان هڪ وقت ۾ هڪ ماڻهو لهي سگهيو ٿي. غارن ۾ اندر ڪهڙو نقشو آهي؟ ان جو پتو تفصيلي ۽ سائنسي کوٽائيءَ کان سواءِ ممڪن ناهي. ڏاڪڻيون زمين ۾ اندر چئن کان اٺن فوٽن تائين وڃن، جڏهن ته صدين جي لٽ سبب غارون مٽيءَ سان ڀرجي چڪيون آهن. ڏاڪڻين جي ويڪر سان ساڍن ٽن کان چار فوٽ آهي. اهڙيون ٻه غارون ته اڄ به چٽيون ۽ پڌريون آهن پر ٿوري ڳولا کان پوءِ اسان ڪل پنج غارون ڳولي سگهياسون جيڪي بلڪل لٽجي چڪيون آهن. البت مقامي ماڻهن ٻڌايو ته غارن جو ڪل تعداد ڏاهاڪو کن هو جيڪي سيمنٽ فيڪٽري جي ليز واري علائقي ۾ نه هئڻ جي باوجود فيڪٽريءَ جي سرگرمين سبب پورجي ويون آهن. اهي پڻ جاکوڙ سان ٻيهر کوٽي سگهجن ٿيون.
مون انهن غارن سبب هڪ ابتدائي نقشو تيار ڪري بعد ۾ سنڌ ثقافت کاتي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ آرڪيالاجي کاتي جي نوٽس تي آنديون، وڌيڪ مالڪ آهن. محمد امين شيخ موجب اهو ماڳ ’ديهه مڪلي، ڏوماڻو الهندو، ڪنڊي وارو ڪن‘ آهي. هتان هڪ ڍورو نڪري آبداڻو ڍنڍ ۾ پوي ٿو، جيڪا ڪنهن وقت ۾ پڪ سان سنڌوءَ جي وهڪري سان ڪلان ڪوٽ ڍنڍ وانگر ڳنڍيل هئي.
هن هنڌان اسان کي مختلف ٺڪريون مليون، جن ۾ سنڌو تهذيب کان اڳ جون ٺڪريون به هيون ته اوائلي اسلامي ۽ پوئين اسلامي دور جون ٺڪريون به شامل آهن.

سنياسيءَ جي غار

سنياسيءَ جي غار

مڪليءَ واري ٽڪري سچ پچ ته قديم ۽ هٿرادو غارن جي دنيا آهن. پير پٺي واري ماڳ تي شاهه ڏاتار جي درگاهه هيٺ اوڀر پاسي هڪ ٻي قديم غار آهي جنهن کي سنياسيءَ جي غار چون ٿا. اهو سنياسي ڪير هو؟ ان بابت ڪجهه نه ڪجهه ڏندڪٿا ضرور ملي ٿي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته ان سنياسيءَ اها غار تپيسا لاءِ استعمال ڪئي هجي پر غار ان کان گهڻي قديم آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪهاڻي پٿر جي دور تائين وڃي پهچي.

پير پٺو ماڳ

پير پٺو ماڳ

مڪليءَ کان ڏکڻ ۾ هلندڙ رستو ٻن جاڙن شهرن غلام الله ۽ ور کان ٿيندو پير پٺي واري ٽڪريءَ تي چڙهي ٿو. غلام الله ۽ ور سنڌوءَ جي قديم ڦاٽ بگهياڙ تي قائم آهن. جيڪو پير پٺي کان اتر ۾ مڪلي واري ٽڪريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي اولهه رخ ۾ نڪري ساڪري کان ٿيندو سمنڊ ۾ٿي پيو. جڏهن به ان ڦاٽ يا ساڪري جو نالو ٻڌجي ٿو تڏهن چچ نامي ۾ ذڪر ڪيل ’ناله ساڪره‘ جو تصور ذهن ۾ اڀري اچي ٿو، اهو درياهي ڦاٽ جتان محمد بن قاسم جا ٻيڙا منجنيقون کڻي ديبل کان نيرون ڏانهن روانا ٿيا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ڪي محقق پير پٺي لڳ قديم مسلم آثارن ڏانهن اشارو ڪري چون ٿا ته اهو ئي ديبل بندر آهي. اڄڪلهه ان ڦاٽ کي هڪ واهه جي شڪل ڏني وئي آهي.

پير پٺي جي ٽڪريءَ تي اتر ڪنڊ ۾ پير پٺي جي درگاهه وٽ بيهبو ته اوڀر ۾ سائي ماڙي نظر ايندي جيڪا درياهه جو قديم زماني کان وهڪرو رهي آهي. اتر ڪنڊ کان بيهي کاٻي پاسي نهاربو ته قديم ڦاٽ جو لنگهه محسوس ڪري سگهبو.
هتي ٻي وڏي درگاهه جميل شاهه ڏاتار جي آهي جنهن جو اصل وڏو آستان گرنار جبل ۾ هو. اڄ تائين گرنار جي ڀر ۾ هڪ ٻئي جبل جو نالو ’ڏاتار‘ آهي. ڏندڪٿا چوي ٿي ته شاهه ڏاتار پير پٺي جي چوڻ تي هيڏانهن لڏي آيو ۽ هتي ويٺل جادوگر سنياسيءَ کي ڀڄائي ڇڏيائين.
جميل ڏاتار ۽ پير پٺي جي قبرن جي وچ ۾ ڦٽل مقبرا ڪيهرن جا آهن. هڪ رائنڪ به موجود آهي. رائنڪ جي ڀر ۾ هڪ قبرنشين ماڻهو شايد سڀ کان معتبر آهي. جنهن لوڪ تان ڪوڙهه جو مرض ٽارڻ لاءِ پاڻ کي جيئرو دفن ڪرايو. هيءُ چيچل شاهه هو.
چون ٿا ته ڪنهن بزرگ ڳوٺ وارن کي چيو هو ته جيستائين ڪو ماڻهو پاڻ کي جيئرو دفن نه ڪرائيندو ان مهل تائين ڪوڙهه جو عذاب جاري رهندو. ان کانپوءِ چيچل شاهه خير خيرات ڪري پاڻ کي جيئرو دفن ڪرايو. چيچل شاهه اها قرباني ڪهڙي سن ۾ ڏني؟ اهو پتو ڪنهن کي ناهي. بس ايترو ئي جواب ملي ٿو، ”ڪي صديون اڳ!“
پير پٺي واري ٽڪريءَ جي اولهه واري لاهي به قبرستان هيٺ آهي. چؤطرف قبرون آهن. هڪ وڏو قبرستان ڏکڻ ۾ قديم مسجد ۽ مناري وٽ آهي، جنهن بابت مقامي ماڻهو چون ٿا ته اها محمد بن قاسم هتي (ديبل) فتح ڪرڻ کانپوءِ يادگار طور ٺهرائي. اهڙو ئي منارو اسان اٽڪ کان ڏکڻ ۾ ’نوري پير‘ واري درگاهه تي ڏسي آيا آهيون. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته بلڪل اهڙا ئي منارا آفريڪا ۾ به آهن. قديم مسجد جي ڀر ۾ تازو ئي هڪ نوجوان جي قبر ٺهي آهي. اها قبر سنڌ جي هڪ اهم سياسي واقعي جي نتيجي ۾ ٺهي آهي. هتي لڳل هڪ پٿر پڙهڻ سان اهو تاريخي واقعو پڙاڏو بڻجي اڀري ٿو:
”جيئي سنڌ“
شهيد مالڪ خشڪ
شاگرد مهراڻ يونيورسٽي
تاريخ پيدائش 20 جون 1964ع
شهادت جي تاريخ 17 آڪٽوبر 1984ع
جڳهه شهادت ٽوڙهي ڦاٽڪ، دادو.
ان تاريخ تي قانون نافذ ڪندڙ اداري جي عملدارن ٽوڙهي ڦاٽڪ بند ڪري شاگردن جي هڪ بس کي روڪي، ان تي انڌي فائرنگ ڪري، ڪيئي ڪونڌر ڪٺا هئا. اهي نوجوان مُهين جي دڙي تي سڏايل هڪ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڄامشوري کان روانا ٿيا هئا. قانون نافذ ڪندڙن جو چوڻ هو ته کين اطلاع مليو هو ته شاگردن ان بس ۾ پاڻ سان هٿيار کنيو ٿي ويا. شاگردن ته هڪ به گولي نه هلائي هئي پر اها بس گولين سان پروڻ ٿي وئي هئي، جنهن ۾ شاگرد سوار هئا.
ان قديم ٽاور جي اوڀر ۾ ٽڪريءَ کان هيٺ درياهه جي ڪنڌيءَ تي هڪ قديم شهر جا آثار آهن. انهن آثارن کي ’آر‘ چون ٿا. ٺڪراٽو اسلامي دور جو آهي جڏهن ته تاريخ خاموش آهي. اهو کنڊر به هاڻي قبرستان هيٺ آهي. اهڙو ئي ٺڪراٽو ڄام ڏاتار جي درگاهه کان ڪجهه ڏکڻ ۾ امام بارگاهه وٽ اڀرندي لاهيءَ تي به پکڙيل آهي، قديم سرون، ٺڪريون، ڪاشيءَ جا ٿانءَ، جنڊ ۽ قديم شيشو بلڪل اهڙو جهڙو ڀنڀور، ڪلان ڪوٽ ۽ جاکي بندر تي ملي ٿو.
امام بارگاهه ۽ ان جي ڀر ۾ ٺهيل مسافر خاني ۾ لڳل پٿر قديم قبرستان جي قبرن ۽ ڇٽين جا آهن. امام بارگاهه ۾ هن وقت به چار ٿنڀا استعمال ۾ آهن.

قديم مسجد

قديم مسجد

ظاهري طور تي هڪ نظر ايندڙ مسجد اصل ۾ ٻه مسجدون آهن جيڪي لڳ ڀڳ هڪ ئي ماپ ۽ ڊزائين تي ٺهيل آهن. ٻنهي کي جدا جدا محراب آهي. ٻنهي مسجدن جي مرڪزي حصن ۾ هڪ هڪ وڏو گنبذ ۽ پاسن کان ٻه ٻه ننڍا گنبذ آهن. ٽڪريءَ جي اوڀر واري ڇيڙي تي قديم منارو آهي، جيڪو مسجد جي چؤديواريءَ سان شامل آهي. تعمير ۾ ڪنهن به صورت ۾ ايتري پراڻي ناهي جيتري ٻڌائي وڃي ٿي. خود هن ماڳ لاءِ ديبل هجڻ جي حق ۾ ڏنل ثبوت ڪچا آهن.
مناري جي صورت مخروطي گول آهي. درياهه جي ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري ڪجهه دوستن کي درياهي جهازن لاءِ روشنيءَ جو منارو (Light House) ٿي ڪوٺيو پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مناري جو تعلق مسجد سان آهي. مناري تي چڙهڻ لاءِ اولهه رخ ۾ هڪ دروازو آهي، جنهن مان هڪ گول ڏاڪڻ اندران ئي اندران ڦري ٿي. اولهه رخ ۾ ئي کلندڙ هڪ ڪٽهڙي تائين پهچي ٿي. ڪٽهڙو ڊهي چڪو آهي پر ان جو بچيل حصو ڪاٺ تي اُڪر جو شاندار نمونو پيش ڪري ٿو. منارو هاڻي بلڪل زبون ٿي چڪو آهي. گهٽ ۾ گهٽ ڏاڪڻ ته ڊهي چڪي آهي.

پير پٺي ۽ شاهه ڏاتار جي ڪٿا

پير پٺي ۽ شاهه ڏاتار جي ڪٿا

منجهند جو ٻين لڳي ڌاري اسان جي ملاقات درگاهه سنڀاليندڙ سان ٿي. هن صاحب پنهنجو نالو محبوب شيخ ٻڌايو، جهونو مڙس هو. اڄڪلهه درگاهه جو گادي نشين غلام قادر شيخ سندس ننڍو آهي. سائين ڪٿا شروع ڪئي،
”سائين پير پٺو بادشاهه بخارا جو بادشاهه هو. پوءِ اتان تخت تاج ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. اتان مديني شريف هليو ويو ۽ نبي سڳوري جون مَٽيون ڀريندو هو ... پوءِ سائين کي اشارو مليو ته سنڌ ملڪ وڃ ۽ اتي وڃي اسلام ڦهلاءِ ... پوءِ سائين جن اتان نڪتا ۽ هِن ٽڪر تي پهتا.“ (ڪٿا جو اهو حصو هوبهو سلطان ابراهيم اڌم واري ڪٿا جهڙو آهي، جنهن جي درگاهه خيرپور ضلعي جي هڪ ٽڪريءَ تي آهي. گادي نشين جي دعويٰ موجب پير پٺو ابراهيم اڌم جو پوٽو هو.) جهوني ڳالهه اڳتي کنئي،
”... جڏهن سائين هتي پهتو ته هنن ٽڪرين ۾ هڪ هندو سنياسي جادوگر ڏيا ناٿ رهندو هو ... هو ڏاڍو ظالم هو. سنياسيءَ وٽ جادوءَ جي هڪ رسي هئي جيڪا کيس ماڻهو پڪڙي ڏيندي هئي ... سنياسي پنهنجي رسي اُڇلائي ان کي چوندو هو، ’ٻڌ سري مار مَٿيرو‘ (منڍيءَ کان جهلي هن کي مٿي تي ڌڪ هڻ!) ائين ماڻهن کي پنهنجو تعبيدار ڪندو هو ...“
”... جڏهن سائين هتي آيو تڏهن سنياسيءَ جي رسيءَ سنياسيءَ جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪشڪول به پنڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيس ... ان کانپوءِ جادوگر هتان ڀڳو ... درياهه جي هن پار چوهڙ ۽ سجاول جي پاسي هتان ڇهه ميل پري بتيهو ڳوٺ آهي، اتي وڃي لڪيو.
... جڏهن ڪافر هتان ڀڳو ته جبل کي ڀاڪر ۾ ڀري ڀڳو ... بتيهي وٽ ان جبل جا ڪجهه ٽڪر ڪري پيس ... اتي هاڻي اوليائن جون درگاهون آهن (عبدالله شاهه ۽ ٻين جا مقبرا) ... “
”... سائين جڏهن نماز پڙهي پوري ڪئي ته خبر پيس ته سنياسي اڃا ويجهو ئي لڪيو ويٺو آهي ... پوءِ وڃي هن کي جهليائين ... سنياسيءَ پوءِ منٿ ڪئي ته مون کي ڇڏيو ته ڪڇ ڀڄي وڃان باقي مون کي ماريو نه ... پوءِ سائين هن کي ڇڏي ڏنو ...“
”... ان کان پوءِ سامي ڪڇ طرف ڌيڻو ڌر ڏانهن هليو ويو. اتي وڃي ڇا ڪيائين جو پَٽَ تي هڪ سوپاري رکي، ان تي مٿو رکي، مٿي پير ڪري ۽ باهه ڪڍيائين ته جيئن هيڏانهن سيڪ اچي ته سائين آبادي ڪري نه سگهي ... پوءِ قدرت سان سائين کي خبر پئجي وئي ۽ اهڙو ڦيڻو هنيائينس جو باهه وڃي ڪڇ ڪوري کي لڳي ۽ سامي سڙي رک ٿي ويو.“
جهوني، ڪٿا جو هڪ حصو ٻڌائي ٻيو حصو شروع ڪيو، ”هڪ ڀيري سائين پير پٺو بادشاهه پنهنجي خليفي سان نهر تي ويو. اتي مهاڻن پلا پئي پچايا. مهاڻن درويش کي ڏٺو ته ٻه پلا پچائي درويش کي ڏنائون ... پوءِ درويش پنهنجي خليفي کي چيو ته هاڻي تون اکيون بند ڪر ۽ جڏهن مان چوان تڏهن اکيون کولجانءِ ... خليفي اکيون بند ڪري ۽ پنهنجو هٿ درويش جي هٿ ۾ ڏنو. درويش جڏهن اکيون کولڻ لاءِ چيو ته ڏٺائين ته جهونا ڳڙهه جبل جي هيٺان بيٺا آهن ... پوءِ درويش پير پٺي خليفي کي حڪم ڏنو ته جبل تي چڙهي وڃي ۽ مٿي ٻرندڙ مچ مان اڱار کڻي اچي ته جيئن هيٺ باهه ٻارجي ...“
”... مٿي جبل تي جميل شاهه ڏاتار جا خليفا ويٺا هئا. شاهه ڏاتار وڏو سخي هو ... پير پٺي جي خليفي سلام ورائي اڱار گهريو ۽ چيائين “هيٺ درويش آيو آهي مچ ٻارڻ لاءِ اڱار ٿو گهري، آئون هتان اڱار کڻڻ آيو آهيان ...“
”... شاهه ڏاتار جي خليفن چين، ’ڪيئي درويشن هتان اڱار گهريا پر جنهن به هتان اڱار کنيو، اڌ رستي ۾ ئي سڙي ويو ... تون به اجايو سڙي ويندي تنهن ڪري موٽي وڃ!‘ پر خليفو نه مڙيو ۽ اڱار کڻي صحيح سلامت هيٺ پهچي مچ ٻاريائين ... “
”... ان کان پوءِ شاهه ڏاتار پير پٺي ڏانهن دعوت موڪلي ... ان تي پير پٺي جواب موڪليس ته جيڪڏهن پاڻ کي ڏاتار سڏائين ٿو ته پوءِ پهرين منهنجي خواهش پوري ڪر ته اچان!
... جڏهن ٻنهي درويشن جي ملاقات ٿي ته پير پٺي شاهه ڏاتار کي چيو ته منهنجي تمنا اها آهي ته تون مون سان گڏ سنڌ هل ۽ هُتي (پير پٺي واري ماڳ تي) هلي رهه! ... پوءِ پير پٺي سنڌ جي سوکڙي پلا شاهه ڏاتار جي سامهون رکي چيو ته، تون به کاءُ ته آئون به کاوان!“
” ... ان کان پوءِ هنن جبل جي هڪ غار مان ٽٻي هنئي ته هتان غار مان اچي نڪتا ... ٻيو مڙئي خير!“
پير پٺي جو ميلو شب برات جي ڏينهن ۾ 25 ـ 26 ۽ 27 تاريخ تي لڳي ٿو. ميلي ۾ پنجويهه ٽيهه هزار ماڻهو اچن ٿا. اڳي هندو گهڻا ايندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ هندو لڏي ويا ته انهن جو تعداد به گهٽجي ويو. درگاهه آڏو هر جمعي ڏينهن مچ ٻاريو ويندو آهي، ان سان گڏ ’ڌماما نقارا‘ به وڄندا آهن. ٽڪريءَ کان هيٺ پڌر تي سماع ۽ ذڪر ٿئي ٿو.
تحفه الڪرام ۾ پير پٺي کي شيخ پٺو ديولي لکيو ويو آهي. سندس اصل نالو آهي حسين بن راڄپار بن لاکو بن سخيره آهي، سندس قوم اپلان آهي. تاريخ موجب هيءُ درويش اتي هڪ غار ۾ رهندو هو ۽ شيخ بهاؤالدين ذڪريا کيس گمناميءَ جي گوشي مان ڪڍي پنهنجو مريد ڪري ظاهر ڪيو. پير پٺي جي وفات جي تاريخ 646 هجري ۾ ٿي. تحفه الڪرام شيخ جميل ڏاتار جو شجرو امام موسيٰ ڪاظم سان ٻڌائي ٿو. شاهه ڏاتار جي درگاهه تي جهولندڙ جهنڊو سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾ شايد سڀ کان وڏو آهي. جڏهن تيز هوا لڳي ٿي ته سڄي درگاهه مٿان ڦڙڪي ٿو. اهو عَلم 1987ع ۾ ڏهه لک رپين جي خرچ سان تيار ٿيو آهي.
پير پٺي جي درگاهه بابت گهٽ ۾ گهٽ اها نشاني پڪي آهي ته هن هنڌ اڳي هندو سنياسين جو مرڪز هو، جيڪو پوءِ مسلمان درويشن جي اثر هيٺ اچي ويو. پر هتي ٻه چار اهڙيون رسمون اڃا به باقي آهن، جيڪي آڳاٽين روايتن جو تسلسل لڳن ٿيون. هڪ وڏو گهِنڊ، جيڪو ڏاڪڻين تي ٺيڪ ان جاءِ تي لڳل آهي، جتان عقيدت مند لنگهن ٿا. عقيدتمندن لاءِ ضروري آهي ته درويش وٽ سلاميءَ لاءِ اچڻ کان اڳ گهنڊ وڄائي پوءِ اندر داخل ٿين. ٻي روايت ڏيئا ٻاري، ڏيئاٽين جو تيل جسم کي مکڻ جي آهي.
پير پٺي جو گهنڊ به هڪ پرولي آهي. جهونڙي موجب اهو گِهنڊ علاءُ الدين خلجيءَ جي نشاني آهي. هن روايت بيان ڪئي ته، ”هڪ ڀيري هتي علاءُ الدين خلجيءَ جو جهاز سمنڊ ۾ ڦاسي پيو ... پوءِ هن درويش کي منٿ ڪئي ته جهاز هڪلجي پوي ته سلاميءَ لاءِ هت گهِنڊ ڇڏيندس.“ هڪ ٻي روايت موجب سنڌ جا سومرا حاڪم پير پٺي جا مريد هئا. درگاهه تي رکيل نقارا انهن جي ڪٽنب جا ڏنل ٿي سگهن ٿا. نقارا سنڀاليندڙ هڪ همراهه ٻڌايو ته هڪ نقاري تي ’قصر ليليٰ‘ لکيل هو. جنهن مان هن جو اندازو هو ته اهي نقارا اصل ۾ ليلان جي محل جي آڏو رکيل هوندا. سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ ليلان، چنيسر سان نسبت رکي ٿي، جيڪا شاهه لطيف جي شاعريءَ جو موضوع به آهي.
درگاهه وٽ پير پٺي سان منسوب ٻه ٽي نشانيون به آهن. درگاهه وٽ هڪ پٿر رکيل آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته درويش مديني کان آندو هو ۽ ڇاڪاڻ ته هميشه روزو رکندو هو تنهن ڪري اهو پٿر پيٽ سان ٻڌندو هو. روايت موجب پير پٺو پپر جو هڪ پن کائي روزو رکندو هو ۽ شام جو پپر جي پن تي روزو ڇوڙيندو هو. پير پٺي جي درگاهه ٻه سؤ کن فوٽ اُڀي ٽڪريءَ تي آهي، جنهن کي هن وقت 84 ڏاڪا آهن. آثار ٻڌائين ٿا ته هن کان اڳ ٻن ٽن هنڌن تان ڏاڪڻيون درگاهه تائين پهچائينديون هيون جيڪي هاڻي ڊهي ويون آهن. واضح هجي ته گهِنڊ، ڏيئا ۽ پپر هندو ۽ ٻڌڌرم جون پاڇيون آهن.
شاهه ڏاتار توڙي پير پٺي واري درگاهه اوقاف کاتي جي انتظام هيٺ ناهن، شايد ان ڪري ته هتي ماڻهو ايڏي وڏي تعداد ۾ نٿا پهچن جو ’ڪمائي‘ هجي. ڏٺو ويو آهي ته اوقاف کاتي جا عملدار فقط ان هنڌ پنهنجي آفيس کولڻ ۾ دلچسپي وٺن ٿا، جتي نذرانو گهڻو پوي ٿو.

جَت ۽ وَڳ

جَت ۽ وَڳ

جيپ منجهند جو ٽين لڳي ڌاري پير پٺي کان اڳتي رواني ٿي. شام جو چئين لڳي تائين منزل تي پهچڻو آهي. پر ان کان اڳ اسان کي اهو ئي انتظار آهي ته ٻيڙين وارو قافلو ڪٿي پهتو هوندو؟ ڇا سامونڊي ويرن وڌي ٻيڙين کي ڪلهي تي کڻي تاريو هوندو يا ڪليم لاشاري، اشتياق انصاري ۽ ٻيا دوست ٻيڙين کي پاڻي تي کريل گاڏين وانگر ڌڪيندا ويا هوندا؟
اڄوڪي واٽ صحيح معنيٰ ۾ ڊيلٽائي ڪنڌيءَ واري آهي. اڳتي ٻهارا، ڳاڙهو، ميرپور ساڪرو، جنگي سر، گهوڙا ٻاري، کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر آهن. اسان پنهنجي اندر ۾ وڏو اتساهه محسوس ڪيون ٿا پر ڄاڻون ٿا ته ڊيلٽا ۽ ان جي کارين جو ڄار ڪوريئڙي جي ڄار وانگر آهي سو به اهڙو جيڪو هر وقت ڦيرڦار هيٺ رهي ٿو.
پير پٺي کان گهوڙا ٻاري ويندي واٽ تي اُٺن جو وڏو وڳ ڏسڻ ۾ آيو، اهي چار پنج سؤ‍ اٺ هوندا. ڪنهن زماني ۾ هتي گهوڙا به پالياويندا هئا جن جي عرب دنيا ۾ وڏي کپت هئي، چون ٿا ته اهي گهوڙا پوءِ عربي نسل جا سڏيا ٿي ويا. اٺن جي پالنا ۽ پيدائش جا مرڪز سڄي سنڌو ڊيلٽا ۾ ٻيٽن ۽ کارين جي ڪنڌين تي آهن. پر سڀ کان وڌيڪ وڳ شاهبندر واري علائقي ۾ ملندا. اسان کي حيرت ٿي ته حڪومت اڄ تائين اٺن جو نسل وڌائڻ خاطر ڪا به سرگرمي ۽ دلچسپي ڇو نه ڏيکاري آهي. ڊيلٽا ۾ جيڪي ڪجهه ٿيئي ٿو، سو بلڪل ائين ئي آهي جيئن اوائلي وقتن جي سياحن ڏٺو هوندو، فقط ماڳ مڪانن ۽ ڍورن وهڪرن ۾ فرق آيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن اُٺن جي سنڀال بابت ڪو خاص ادارو قائم ڪري ۽ انهن جي نسل جي بهتريءَ لاءِ ڪي کوجنائون ۽ تربيتون شروع ڪرائي ته پوءِ سنڌو ڊيلٽا جي شايد وڏي ۾ وڏي سڃاڻپ ئي اها ٿي وڃي ته سنڌو ڊيلٽا اهو علائقو آهي. جتي اُٺ قدرتي ماحول ۾ پلجن ٿا.
اُٺن جي وڏي مارڪيٽ آهي. ٿر، سنڌوءَ جي بئراج واري علائقي، ڪوهستان، بلوچستان ۽ هيڏي ساري عرب دنيا ۾ اُٺ نه رڳو ڪمائو جانور آهي، پر عرب دنيا ۾ ٿيندڙ اُٺ_ڊوڙ سڄي دنيا ۾ نرالي ۽ ڏاڍي مشهور آهي. ان اُٺ_ ڊوڙ سنڌ ۽ بلوچستان مان ننڍڙن ٻارن جي اغوا کي هٿي ڏني آهي ڇو ته اُٺ_ڊوڙ مهل ان تي ننڍڙا ٻار سوار ٿين ٿا. ڏک جي اها ڪهاڻي ڪيتري ڊگهي آهي. اهو ته اغوا ٿيل ٻارڙا ۽ انهن جا وڇڙيل مائٽ ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
جڏهن کان وڏن ننڍن ٻيڙن ۾ انجڻيون لڳڻ شروع ٿيون آهن، تڏهن کان جَتن ويران ٻيٽن تي اُٺن جا وڳ ڇڏڻ شروع ڪيا آهن جتي اُٺ تمر جا پَنَ چري جوان ٿين ٿا. تمر ۾ خوراڪ جا جزا طاقتور آهن. سامونڊي ٻيٽن تي مِٺي پاڻيءَ جو نه هئڻ هڪ وڏو مسئلو آهي پر جتن ان جو ٽوڙ به ڳولهي ورتو آهي. هنن ڪي اهڙيون لانچون به تيار ڪيون آهن، جيڪي فقط ان ڪم تي لڳل آهن ته ڪراچي يا ٻين شهرن مان مٺو پاڻي ڀري اچن ۽ جنهن جنهن ٻيٽ تي وڳ ڇڏيل آهن، اتي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو پاڻي پهچائين.
اُٺ سڄو وقت ٻيٽن تي گور ڦرندا ۽ چرندا وتن پر کين خبر آهي ته ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي هنڌ لانچ ايندي ۽ کين مٺو پاڻي پياريو ويندو. جيڪڏهن سامونڊي کارين جي سفر تي نڪتل مسافرن کي ڪنهن ٻيٽ هڪ هنڌ وڏو وڳ نظر اچي ته هنن کي سمجهڻ گهرجي ته ٿوري وقت ۾ ڪا لانچ اچي ڪنڌيءَ سان لڳندي جنهن ۾ اُٺن لاءِ مٺو پاڻي هوندو.
مان سمجهان ٿو ته هتي جتن جي تاريخ ورجائڻ مان ڪجهه نه ورندو جيڪي صدين کان وٺي سنڌ ڪڇ ۽ مڪران جي ڪنڌين جا اصل واسي آهن. اڄڪلهه هو اُٺن پالڻ سان گڏوگڏ سمنڊ مان مڇيون جهلڻ جو ڪاروبار به ڪن ٿا. تاريخدان جتن بابت گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڳالهين تي متفق آهن: هڪ ته ان قبيلي سڪندر اعظم جي لشڪر کي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پير کوڙڻ نه ڏنا ۽ ٻيو ته اها ئي قوم عربستان ۾ ’زظ‘، سنڌ ۾ ’جت‘ ۽ ڀرپاسي ۾ ’جٽ‘ ۽ ’جاٽ‘ سڏجي ٿي.
پير پٺي کان ڏکڻ ۾ جيپ رستي ڳوٺ سانوڻ پور تائين پنڌ لڳ ڀڳ ويهن منٽن جو آهي. ڳوٺ سانوڻ پور گهوڙا ٻاريءَ کان فقط ٽي ميل اتر اوڀر ۾ آهي. چؤطرف ڪلر کان سواءِ ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. البت ائين لڳي ٿو ته ڪنڌيءَ تي ويٺل ماڻهن جو گذرسفر مڇيءَ تي گهڻو آهي. جڏهن ته جتي جتي بئراج جو پاڻي پهچي ٿو، اتي ڪمند ۽ ڪيلو جام ٿئي ٿو. اسان کي واٽ تي ٻه ٽرڪون مليون جيڪي ڪمند سان سٿيل هيون. انهن جو رخ گهوڙا ٻاريءَ طرف آهي جتان ڦري اهي ڳاڙهي وٽان لنگهي شگرمل پهچنديون.
سانوڻ پور لڳ بند تي ويٺل ماڻهن ٻڌايو ته ڪافي دير اڳ هتان هڪ ڊاٽسن پڪ اپ لنگهي وئي آهي جنهن تي ڪاري رنگ جي رٻڙ واري ٻيڙي رکيل هئي. اسان کي خبر ناهي ته اها ’نوري‘ هئي يا ’مورڙو‘. ٿي سگهي ٿو ته مورڙو ٺٽي واري پل وٽان پنهنجو سفر شروع ڪيو هجي ۽ نوري اڄ به ناڪام ٿي هجي، جنهن کانپوءِ ان کي ڊاٽسن ۾ سوار ڪري اڳتي روانو ڪيو ويو هجي. بهرحال اسان فيصلو ڪيو ته اڏيرو پتڻ وٽ پهچي پتڻ تي ويٺل ماڻهن کان پڇا ڪبي ته ڇا انهن درياهه جي پيٽ تي رٻڙ جي ٻيڙي (مورڙو) ته ڪو نه ڏٺي! اهو به ممڪن آهي ته نوريءَ جا ڦٽ سڪڻ ۾ دير لڳي وئي هجي ۽ ٽيم جي ليڊر فيصلو ڪيو هجي ته نوريءَ کي ڪجهه دير سان پر اڏيرو پتڻ يا جنگي سر پتڻ تان لاٿو وڃي.

اُڏيرو مندر

اُڏيرو مندر

اُڏيرو لال جو هڪ آستانو، ٽنڊو آدم لڳ آهي جنهن کي هندو ۽ مسلمان ٻئي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. پر اڏيرو مندرن جو نمونو ئي پنهنجو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ماڳ به اڏيرو لال (درياهه پنٿين) سان منسوب آهي. اُڏيري پتڻ لڳ هيءَ مندر ڏسي سچ پچ ته اسان دنگ رهجي وياسين ۽ پتڻ تان حال احوال وٺڻ بندران مندرن ۾ گهڙي پياسين.
مندرن جي ٻاهرين بيهڪ اسلامي عمارتن جهڙي آهي. هاڻي انهن جي حالت ڪينسر جي مريض جهڙي آهي. ڪَلر هوريان هوريان انهن کي کائي رهيو آهي، سونهن سوڀيا ختم ٿي چڪي آهي. پاڙون کاڄي چڪيون آهن. ٿورو ئي ڪو ٻيو سيڪ آيو ته عمارتون ڊهي پونديون. هي ٻه مندر آهن. هن وقت درياهه پنٿ جو هتي ڪو به شڪلي ثبوت نٿو ملي، سواءِ نالي جي. وڏو مندر ته سرن جي ڀڙڀانگ مقبري جي ڏک ٿو ڏئي. ٻنهي مندرن کي گنبذ آهن، چئني ڪنڊن تي ننڍڙا منارا به اٿن. مندرن کي ڪنهن وقت ۾ اندران ٻاهران اڇو پلستر ٿيل هو، جن تي سهڻي چٽسالي ڪئي وئي هئي. ٻاهرين پاسي، هن وقت چٽسالي ته نظر نٿي اچي البت ڪٿي ڪٿي پلستر باقي آهي.
وڏي مندر ۾ اندرين پاسي ڇت تي ٿيل چٽسالي باقي آهي، پر اها ڊٺل ڊٺل آهي. ننڍي مندر جو اندريون پاسو خاص ڪري گنبذ جي ڇت ڏسي مکڊ شريف وارو مندر گوڙي مندر ۽ ويرا واهه مندر ياد اچي ويا. اڏيرو مندر ۾ ٿيل چٽسالي رامائڻ واري ڪٿا تي ٻڌل آهي. لنڪا واري جنگ کي مهارت سان چٽيو ويو آهي. تصوري ڪهاڻيءَ ۾ جنگ جا توتارا وڄن ٿا، ويڙهه جا منظر آهن، شري هنومان ڪنپ ڪرڻ سان جنگ ۾ رڌل آهي. چٽساليءَ ۾ گهوڙا، نانگ، پالڪيون، ڳئون، اُٺ ۽ پوڄا پاٺ جا منظر به آهن. ان گنبذ جا ٻه پاسا ڪلر ۾ کاڄي چڪا آهن. تڪڙي سنڀال نه ٿي ته مهمان سمجهو.
اسان مندرن جي ماضيءَ بابت پڇا ڳاڇا جي مرحلي تي پهتاسون ته هڪ جهونڙو لٺ جي سهاري ايندو نظر آيو،
”اسلام عليڪم ... هنن قبن جون ڪي خبرون ڏيندؤ؟“
”وعيلڪم السلام، هائو ڇو نه! واڻين جو ڪوٽ هو، مون اهو زمانو ڏٺو هو ...“ پوڙهو، کنڊر جي هڪ دڪيءَ تي ويهي رهيو. سندس نالو محمد عارف شر هو. ههڙو ڀوڳائي مڙس اسان کي سنڌوءَ جي سڄي مهم دوران نه مليو. پرئي مڙس پهرين لطيفا ٻڌايا پوءِ اُڏيري مندر جون ساروڻيون ميڙي هوريان هوريان ٻڌائڻ شروع ڪيائين. محمد عارف هن شهر جو چوڪيدار هو، پورا ويهه سال!
”هيءُ واڻين جو ڪوٽ هو ... هتي گهڻا قُبا هئا ... هڪ ٻه ته ڊهي ويو آهي ... هڪڙو قُبو اڃا پريان هو، هڪڙو هتي ڊٺو آهي ... هُن پاسي قبي ۾ سنگ مرمر جو پهڻ هو ... واڻين جي گيتا رکيل هئي ... قُبن تي وڏو ڪم ٿيل هو ... هِن پاسي هڪ کوهه آهي، هاڻي ڏسو لٽجي ويو آهي ... اهڙا ڇهه کوهه هتي شهر ۾ هئا ... شهر کي چوکنڊيءَ (چئني طرف) ڪوٽ هو ... هُو در آهي ... هتي ٻيو در او هُتي هو ... هڪڙو هِتان در هو ... ڪل چار در هئا ... هتي ڇهه واهيون هيون ... هڪ سؤ ڇهه ويهون گهرن جون هيون ... واڻيا ويا هليا باقي هاڻي مسلمان سيد آهن ... هتي سرڪاري جايون پيون اسڪول پيا (هن ٻن ٽن ڪلر کاڌل جاين ڏانهن اشارو ڪيو) ... هندو جيئن ڀڳا تئين وري نه موٽيا ... ٻيو هتي هڪ هيڏو وڏو ٿالهه (هن ٻانهون پکيڙي ماپ ٻڌائي) تيل سان ڀريل رکيو هوندو هو ... ان ۾ پنجاهه سٺ وٽين جي رات ڏينهن پئي ٻرندي هئي ... مندرن ۾ کوڙ بت رکيل هئا، ڪجهه واڻيا پاڻ سان کڻي ويا باقي ڪم ٻين ماڻهن پورو ڪيو ... شهر ۾ واڻيا به هئا مسلمان به هئا ...“
چاچي محمد عارف کان جڏهن اسان سندس عمر پڇي ته چيائين، ”آئون سمجهان ٿو ته سٺ ستر يا اسي سالن جو هوندس ... جڏهن واڻيا ڀڳا تڏهن جوان مڙس هوس ... ڏاڙهيءَ کي ڪيس ڏيندو هوس!“
جڏهن اسان کانئس اهو پڇيو ته اهي مندر ڪنهن جوڙايا هئا ته چيائين، ”اسان جا پڙڏاڏا ڏاڏا انهن جو ڏاڏو ... سو چوندو هو ته منگن واڻئي سندس وقت ۾ ٺاهرائي راس ڪيا ... مون پنهنجي وقت ۾ جيڪي ڏٺو سو ڇا ٻڌايان ... گهڻي ڳالهه هئي ... ڇڏ ان ڳالهه کي، پاڻيءَ جون ڇهه واهيون هيون ... ان تي انبن جا ۽ کجين جا اهڙا وڻ هئا جو ڇا ڏسيانءِ! ويا واڻيا ڀڄي ... ويو ملڪ ڦٽي ... بس جند ڇُٽي ...“
”چاچا ٻيون خبرون؟“
”ٻيو هتي مندر وٽ ’نبض‘ رکيل هئي (سندس اشارو شو لنگم ڏانهن هو) ان کي پوڄيندا هئا ... ان کان پٽ پنندا هئا ... هتي ٽي ميڙا ٿيندا هئا، چيٽ مهيني جي تيرهين تاريخ ... ۽ ٻيا وري پوءِ ٿيندا هئا ... ٽي ٽي ڏينهن هلندا هئا ... واڻئي واڻئي جي ذات ايندي هئي ... سِک سِک جي ذات ايندي هئي ... مسلمان به هتي ملهون وڙهندا هئا ... گهڻا ڪم ٿيندا هئا ... گهوڙن جي ڊوڙ ٿيندي هئي ... اُٺ ڀڄائيندا هئا ...“
هن وقت ڀرپاسي ۾ کوهارا، ڌڱاڻي، مهاڻا، پنهور، کٽي، پار هيڙي، شورا ۽ ٻيون ذاتيون ويٺيون آهن. جهوني مڙس ٻڌايو ته هاڻي تمام وڏي عمر جو هڪ هندو ڪڏهن ڪڏهن ٺٽي کان ايندو آهي ۽ ڏيئو ٻاري لڙڪ هاري موٽي ويندو آهي. پرئي مڙس کي واڻين سان همدردي هئي. ڪريم ميمڻ جڏهن کانئس پڇيو ته، واڻيا هتان ڪڏهن ڀڳا؟ ته چيائين،
”اوهين ٿا چئو چاليهه ڪي ٻائيتاليهه سال، آئون ٿو چوان اِجهو ڪلهه جي ڳالهه آهي!“

جنگي سر ڏانهن

جنگي سر ڏانهن

اڏيري مندر تي شام جا چار ٿي ويا. پتڻ تان پتو پيو ته اها ٻيڙي ٺٽي واري پل وٽان ڀاڙي تي کنيل هڪ ڊاٽسن پڪ اپ تي چاڙهي وئي هئي، جو درياهه ۾ پاڻي گهٽ هو. اسان جي هتي پهچڻ کان اڳ ٻيڙي اڏيري پتڻ تان جنگي سر لاءِ رواني ٿي وئي آهي، ٻيڙيءَ تي فقط ٽي مسافر آهن. ائين ٿو محسوس ٿئي ته، اڄ قافلو ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. مورڙئي ۽ نوريءَ جا مسافر به هڪ ٻئي کان جدا آهن.
واٽ ۾ الآصف شگر مل نظر اچي ٿي. جنهن وڏي علائقي ۾ ماحولياتي آلودگي پکيڙي آهي. مل جي ڪچري ۽ گندي تلاءَ جي ڪري چوڌاري ميلن ۾ بدبوءِ ڦهلجي وئي آهي. ملڪ هونئن ئي ڪلر لڳو پيو آهي، شگر مل ويتر گند پکيڙيو آهي. ان گندگيءَ کان ڪجهه پهرين يعني ڳاڙهي شهر کان اورتي، ڪن ڪن هنڌن تي ناريل جا باغ ۽ ڪٿي ڪٿي کجيءَ جو وڻ ڏسي ڪجهه نه ڪجهه اطمينان ٿيو هو، جنهن تي بدبوءِ غالب اچي وئي. درياهه جي پاڇاڙ واري هن علائقي ۾ ڳاڙهي ڳئون جام ڏسجي ٿي. ڳئونءَ جو اهو قسم ٿر ۾ نٿو ڏسجي، البت ڀارت کان ٿائيلينڊ ۽ آسٽريليا تائين ڳاڙهي ڳئون جو نسل پکڙيو پيو آهي. ڳاڙهي ڳئون، ٻئي نسل جي ڀيٽ ۾ گهڻو کير ڏئي ٿي.
ڳاڙهي شهر ۾ ماني کائڻي هئي، پر انور پيرزادي خبر ناهي ته پروگرام ۾ ڪهڙي سبب ڪري دخل اندازي ڪئي ۽ اسان کي بک ماري ڇڏيو، تان جو قافلو جنگي سر پتـڻ تي اچي پهتو. ڳاڙهي کانپوءِ، واٽ تي ٻگهاڻ شهر آهي. هن علائقي ۾ نوٽ ڪرڻ جي خاص ڳالهه اها آهي ته، ڪنهن وقت ۾ هتي ڳاڙهو چانور جام ٿيندو هو پر هاڻي هتي ڪا ٻي خاص پوکي راهي ناهي، البت ناريل، ڪيلي ۽ کجين جا باغ جام آهن. ٻين اکرن ۾، اڄڪلهه هتي جنهن کي زمين آباد ڪرڻ جو خيال اچي ٿو، هو باغ هڻڻ لاءِ سوچي ٿو.
علائقي ۾ باغن کان سواءِ ڀاڄيون به چڱيون ٿين ٿيون. خاص ڪري گدرو، ٽماٽو، ڪدو، ڪِلڪيون ۽ ٻيون. هن علائقي ۾ غربت، سڄي ماحول تي حاوي آهي، پر تعجب تڏهن لڳو جڏهن ڳاڙهي لڳ هڪ روڊ تي هڪ تختي پڙهي سون تختيءَ تي لکيل آهي، ”دبئي ايگريڪلچرل فارم، هز هاءِ نيس شيخ رشيد بن سعيد المقدوم، وائيس پريزيڊنٽ اينڊ پرائم منسٽر يونائيٽيڊ عرب امارات رُولرآف دبئي.“ علائقي ۾ دبئي وارن جو هڪ وڏو محل به آهي. اسان کي اهو سمجهه ۾ نه آيو ته دبئيءَ جي حاڪم کي هن غريب علائقي ۾ ڇا نظر آيو آهي؟ شايد شڪار جو شوقين هوندو ۽ سياري جي مند ۾ شاهي ڪٽنب جا ڇوڪرا ٻاڪرا ۽ سنگتي ساٿي پکي مارڻ ايندا هوندا. باقي ڪيلن جو باغ ۽ گدرن جي پوک کيس ڇا ڪمائي ڏيندي هوندي!
پڪي سر مان گهر ٺاهڻ جو رواج چوهڙ جماليءَ کان هيٺ خير ڪو آهي. نه سيمنٽ جا بلاڪ، نه پڪي سر، نه ڪچي سر ۽ نه وري اوڏڪي ڀت. هيءُ سنڌو ڊيلٽا جو سيڪ هيٺ آيل علائقو آهي. جتي ڪلر هر شيءَ کايو وڃي، بس ڪي وڏا ماڻهو ۽ سرڪار ئي سر ۽ سيمنٽ جو شوق ڪن. باقي ماڻهو ويچارا جهڳتون جهوپا ٺاهيو گهر اڏي ويٺا آهن.
هتان جون جهوپڙيون ۽ گهر، سڄي سنڌ جي جهوپڙين کان مختلف آهن. زمين ۾ اُڀيون ڪاٽيون کوڙي انهن تي پاسيريون ڪاٺيون ڪانن سان ٺوڪيو ڇڏين ۽ مٿان جهڙي تهڙي ڇت_ ڪاٺ ۽ ڪوڪا مهانگا هئڻ ڪري ننڍي جهوپڙي ٽي هزار کايو وڃي، وڏي ٺاهجي ته ڇهه ست هزار. ساڪري کان هيٺ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ وٽ هڪ ڳوٺاڻي کان جڏهن اسان اهو پڇيو ته توهان پڪي سر يا سيمنٽ بلاڪ ڇو نه ٿا استعمال ڪيو ته چيائين،
”هڪ ته مهانگو آهي، ٻيو هتي ڪو سرون ٺاهڻ ڄاڻي ئي ڪو نه! ڪو پڄت وارو ماڻهو ئي پڪو گهر ٺهرائي سگهي ٿو ... سائين اسان مولائي ماڻهو ايترا پئسا ڪٿا آڻيون؟ ڪاٺ مهانگو، ڪِل مهانگي، ڏونگڙا ملندا آهن ... ۽ وري واڍو، سؤ ڏيڍ رپيا ڏهاڙي وٺيو وڃي ... اهو پيو وڍِيندو ڪٽيندو، ڳنڍ ڪندو ۽ ان ۾ ڪِل لڳائيندو واڍو هفتي ۾ ٺاهي ڪو ٻن ۾ ... اهو قصو ائين آهي!“
علائقي ۾ صوباڻي ٻروچ، مهاڻا، شيخ، لاکا، جوکيا ۽ ڪي ٻيا قبيلا ويٺا آهن. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته، هفتو کن اڳ هتي درياهه جو پاڻي مٺو هو پر هاڻي، سامونڊي جوار زورن تي آهي جنهن ڪري پاڻي کارو ٿي ويو آهي ۽ زمين ۾ لوڻياٺ وڌي وئي آهي. جڏهن درياهه جو زور آهي تڏهن پاڻي مٺو آهي پر جڏهن سمنڊ زورن تي آهي تڏهن پاڻي کارو، ٿيو وڃي. اها صورتحال سانوڻ سياري ۾ ڦرندي رهندي آهي. جر ۾ پاڻي هر هنڌ مٺو ناهي، ڪٿي کارو ڪٿي ٻاڙو ڪٿي مِٺو پاڻي ملي ٿو. ماڻهن شڪايت ڪئي ته، بئراج پوڻ کان پوءِ زمين ڦٽي وئي آهي، ڇو ته لڙاٽو اڇو پاڻي هاڻي تمام ٿورو اچي ٿو. بئراج کان اڳ ۾ هن علائقي جون زمينون به ڪچي واري لٽاسيل زمين وانگر آباد ٿينديون هيون. زمين مِٺي وارياسي هئي.

درياهه ۽ کاريون

درياهه ۽ کاريون

ڳاڙهو شهر ”اوچتو“ ڦاٽ جي ڪنڌيءَ تي آهي. ان کان اتر ۾ سنڌوءَ جو پراڻو ڦاٽ هاڻي بگهياڙ واهه جي صورت وٺي بيٺو آهي. ڳاڙهي جي اتر ۾ ٻهارا ۽ ان جي اتر ۾ ميرپور ساڪرو آهي. اهو پڪو روڊ اتر ۾ گهاري شهر وٽ، قومي شاهراهه سان ملي، اوڀر ۾ ٺٽي ڏانهن ۽ اتر اولهه ۾ ڪراچيءَ ڏانهن وڃي ٿو.
جنگي سر پتڻ هونئن ته درياهي بندر آهي پرهاڻي درياهه ۾ مٺو پاڻي نه هئڻ ڪري سامونڊي کاريءَ جو پتڻ لڳي رهيو آهي. جنگي سر کان ڪجهه هيٺ وڏي ڇاڙهه کي ”روڙو“ ٿا چون. انهن ڍورن تي اهي نالا برابر عجيب آهن پر انهن نالن پويان ڪو نه ڪو واقعو ضرور آهي. ”اوچتو“ ڦاٽ درياهه جي اوچتي ڪور سان رات وچ ۾ ٺهيو، ”روڙو“ معنيٰ اها جاءِ جتان درياهه روڙ ڪئي. ساڳي طرح مُٽڻي معنيٰ جتان پاڻي سمنڊ ڪجهه ڇوڙ ٿي ڪيو. تازن سالن ۾ درياهه جو ڪجهه پاڻي مَل، واڙي ۽ ترڇاڻ ڍورن مان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو رهيو آهي پر ايندڙ سال ڪٿان رخ ڪندو؟ ان بابت ڪا به اڳڪٿي ڪري نه ٿي سگهجي.
ڊيلٽا واري علائقي کان مٿي، پاڻيءَ جي وهڪري کي درياهه سڏجي ٿو. سنڌيءَ ۾ درياهه معنيٰ مٺي پاڻي جو وهڪرو، پر هتي ڊيلٽا ۾ سمنڊ جي کارين کي به درياهه چون ٿا_ پوءِ کڻي ان مان مٺي پاڻيءَ جو لنگهه هجي يا نه ڊيلٽا ۾ هر کاريءَ کي درياهه چون ٿا. ان جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ناهي ته اهي کاريون تاريخ ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن مٺي پاڻيءَ جا وهڪرا هئا، جن مان پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. وقت سان درياهه رخ مٽائيندو رهيو پر سامونڊي کارين ۾ تبديل ٿيل درياهي وهڪرا ”درياهه“ ئي سڏبا رهيا.
اسان کارين ۽ ڍورن جا نالا جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: روڙو، اوچتو مُٽڻي، گهوڙو، حجامڙو، ترڇاڻ، دبو، ڦِٽي، ڪديرو، ڪورنگي، گسري، منهوڙو، کاهي، کڏي، وڏي کڏي، راهو، دونهين واري، مل، سنهڙي، ڪانهر، ڪاجهر، واڙي، سِر ... اسان ڳڻي ڳڻي ٿڪجي پياسين. کارين ۽ ڍورن جي ڄار ۽ انهن جي هڪ ٻئي مان ڳانڍاپن اسان کي ائين منجهائي وڌو جيئن ڪو ڳوٺاڻو ڪراچيءَ جي روڊن رستن ۾ منجهي پوي. سڀ کاريون هڪ جهڙيون! بس ڪي وڏيون ته ڪي ننڍيون_ ڪي وڃي سمنڊ کان نڪرن ته ڪي وري ور وڪڙ کائي ڪٿي بند ٿيو وڃن_ ڪن ڪن کارين مان وري ننڍڙي نالي نڪري، ڪنهن ٻئي کاريءَ ۾ وڃيو پوي.
اسان ٿلهي ليکي انهن کارين جي ڳڻپ ڪئي جيڪي هندستان جي سرحد کان شروع پئي ٿيون. گهٽ ۾ گهٽ ويهارو کن نالا هڪ ترتيب ۾ آڻي سگهياسين. اوڀر ڏکڻ ۾ سڀ کان پهرين سير کاري آهي جنهن جو پريون ڀر هندستان ۾ آهي ۽ اوريون پاڪستان ۾، ان کان پوءِ کارڪ، ڪوچي واڙي، ڪاجهر، مل، ڪانهر، آڌياڙي، سنهڙي، گهوڙو، کوبر، قلندري، مٽڻي ترڇاڻ، حجامڙو، ڇاڻ، دبو، پئٽاڻي، کاهي، وڏي کڏي، ننڍي کڏي، ڦٽي، ڪورنگي گسري ۽ منهوڙو آهن. ڦٽي کاري اڃا ٽن کارين ۾ ورهايل آهي گهارو، چارو ۽ ڪويرو. ڪورنگي کاري به انهن جو ئي حصو آهي. انهن سڀني گسري ڪريڪ جو تعلق سنڌو ڊيلٽا سان نالي ماتر آهي ڇو ته اها کاري اصل ۾ ملير نديءَ جو ڇوڙ آهي، جنهن ۾ ڪراچي ڊويزن جون برساتي نديون ڇوڙ ڪن ٿيون. اهي برساتي نديون گديجي، مول، جرندو، نئه بازار ۽ ڪجهه ٻيون آهن جيڪي گڏجي ملير نديءَ ۾ پون ٿيون.

جنگي سر پتڻ جي اهميت

جنگي سر پتڻ جي اهميت

خبر ناهي ته جنگي سر پتڻ تي اهو نالو ڇو ۽ ڪڏهن پيو، پر انور پيرزادي جو خيال آهي ته، هن هنڌ ڪا جنگ لڳي هوندي جنهن ڪري هن جو نالو ئي جنگ جي نسبت سان پئجي ويو. ٿي سگهي ٿو ته، اهو سچ به هجي پر ان جو ثبوت ڪٿان آڻجي؟
هن وقت جنگي سر جون ٻه اهميتون آهن. پهرين اها ته هتان کان هلندڙ هُڙها لڳ ڀڳ چئن ڪلاڪن جي پنڌ کانپوءِ واڙي ڪريڪ پهچن ٿا، جتي ابراهيم شاهه واڙيءَ واري جو ميلو هر سال فيبروريءَ ڌاري لڳي ٿو. اهو ميلو ڏاڍو شاندار هوندو آهي. سنڌ جي سامونڊي کارين وارن سڀني بندرن تان ان موقعي تي هڙها ۽ لانچون تيار ٿيو نڪرن. ٽن ڏينهن جو اهو ميلو اصل ۾ ڏهه ٻارنهن ڏينهن هوندو آهي پر اوج ٽي ڏينهن اٿس. هر گهاتوءَ لاءِ اهو ڄڻڪ ضروري آهي ته هو ميڙي ۾ شريڪ ٿئي. مهاڻن ملاحن جي هر برادريءَ جو ابراهيم شاهه تي وڏو ويساهه آهي. ان ڪري هو حاضريءَ کان نٿا گسائين ڪيئن به ڪري پهچن ٿا.
ڪنهن وقت ۾ واڙي به درياهي ڍورو هو. مهاڻا ٻڌائين ٿا ته هلندڙ صديءَ جي مهڙ ڌاري هن ٻيٽ تي چانورن جي پوک ٿيندي هئي ۽ هتان جو چانور پري پري مارڪيٽ ۾ وڪامجندو هو. واڙيءَ وارو ٻيٽ، اڳي ٻيٽ نه هو پر درياهه جي ڪنڌي هئي. ابراهيم شاهه کي هن وقت سامونڊين جي وڏي پير جي حيثيت حاصل آهي، تنهن ڪري مڪران کان ڪڇ تائين پاڪستاني توڙي هندستاني مهاڻا حاضري ڀري موٽي وڃن ٿا. شايد اهو ئي سبب آهي جو هن وقت ابراهيم شاهه جي خاص خدمتگار جي ويس ۾ ڪو نه ڪو سرڪاري ماڻهو موجود هوندو آهي ۽ ايندڙ ويندڙ تي اک رکندو آهي. ابراهيم شاهه جي ميڙي تي هزارهان لانچن ذريعي، لک ڏيڍ ماڻهو پهچن ٿا، هتي اُٺن جي پڙي لڳي ٿي، ملاکڙو ٿئي ٿو. ماڻهو پري پري کان چادرون چاڙهڻ ۽ مرادون پنڻ اچن ٿا، ڌمال جو رواج به پيو آهي. ڌمال جو ماضي ڏسجي ٿو ته حيرت لڳي ٿي، اها ٿاڦ لڳ ڀڳ سڄي هندستان ۾ سري لنڪا تائين هر هنڌ ساڳي آهي، فقط رقص جو ڪجهه فرق آهي. ائين ٿو لڳي ته ڌمال اپکنڊ جي مخصوص ڌن آهي، جيئن ”مگرمان“ کي آفريڪا سان ڳنڍجي ٿو.
جنگي سرکان ابراهيم شاهه جو پنڌ وڏي لانچ ذريعي ٽن ساڍن ٽن ڪلاڪن جو آهي. ميلي کان سواءِ عام ڏينهن دوران ابراهيم شاهه وڃبو ته درگاهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو. چؤطرف ڪاريءَ وارا ڪک ئي هوندا!
جنگي سر کان کارين رستي، اندران ئي اندران هندستان جي حدن ۾ داخل ٿيڻ ڏکيو ڪم ناهي، ان ڪري جنگي سر پتڻ جي ٻي اهميت معاشي آهي. هتي چڱي مڇي مري ٿي، ڇلرن واري به ۽ گانگٽ واري به. معاملو شڪار جو آهي، ڪڏهن هٿ نه لڳو ته وڌ ۾ وڌ ڏهه ٻارنهن ڪلو مس ملندو پر جيڪڏهن لڳو ته هزارها ڪلو گرام ڦاسندو. ڪي ننڍيون لانچون ته ايتري مڇي جهلين جو بار کڻي ڪو نه سگهن، ان ڪري اڌ ۾ بار لاهيو ٻين لانچن تي چاڙهين يا وري مڇيون آزاد ڪريو ڇڏين.
هتان جهليل مڇي، روڊ رستي ڪراچي ويندي آهي. پتڻ تي وڏيون لانچون به اچي لڳن ٿيون. اهي لانچن وارا اڪثر ڪري اهي شڪاري هوندا آهن جيڪي ڪراچيءَ مان وڏي شڪار جي اميد ۾ برف ڀري نڪتا هوندا آهن پر ججهو شڪار نه ملڻ سبب. يا برف رجهڻ سبب سمجهندا آهن ته، ان صورتحال ۾ ڪراچي پهچي مڇي لاهڻ ۾ دير ٿي ويندي ۽ اها خراب ٿي ويندي. هتي مڇي لاهڻ مان اهو فائدو آهي ته مڇي ڪجهه ڪلاڪن جي اندر ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ پهچي وڃي ٿي. اهي لانچ وارا، هتان ٻي برف کڻي ٻئي شڪار لاءِ سمنڊ ۾ نڪري پوندا آهن. جنگي سر کان ڪراچي روڊ رستي فقط چئن ڪلاڪن جو پنڌ آهي پر لانچ ذريعي ٻارهن ڪلاڪ کپن.
سج لهڻ ۾ ٻه چار گهڙيون باقي هيون جو اسان جو درياهي قافلو به جنگي سر پهتو. مورڙئي تي ڪليم ۽ اشتياق سوار هئا، ساڻن گڏ ناکئو بدليل هو. هيءُ همراهه ٺٽي واري پل تان شريڪ ٿيو آهي، نالو سومر منڇرو اٿس. هو ڪيٽي بندر تائين کارين جو واقف آهي، اتان موٽي ويندو.
رات، ڳاڙهي شهر لڳ آبپاشي کاتي جي سيڪنڊ ڪلاس ريسٽ هائوس ۾ گذارڻي آهي، جتي بجليءَ جو نالو ڪو نه هئو. ”سيڪنڊ ڪلاس“ جو ٿيو. هتي جو هر انتظام بگڙيل آهي، سبب فقط اهو آهي ته وڏا آفيسر ته ٺهيو ننڍا آفيسر به ڇڊاپاڊا ٿا اچن. ريسٽ هائوس ڳاڙهو ناليءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي، جيڪا اڏيرو برانچ مان نڪري ٿي. اڏيرو برانچ ڪينجهر مان نڪري ٿي.
هاڻي صورتحال اها آهي ته، رات جا پوڻا ڏهه ٿيا آهن. مختيار ڪار مانيءَ جو آسرو ڏيئي جيئن ويو آهي ته وري نه موٽيو آهي. رات جو 11_ لڳي کان اڳ داڻي پاڻيءَ جو آسرو ناهي. اسان صبح جو هڪ عدد ڦلڪي تي نڪتل آهيون، واٽ تي هڪ اڌ چانهه، جي پيالي نصيب ٿي آهي. ٿڪ کان اکيون ٻوٽبيون وڃن ٿيون، پر بک کان مٿي ۾ سور ٿي پيو آهي. ٽيم جو هر ميمبر ٻئي کان پئراسٽمال يا ڊسپرين بابت پڇا پيو ڪري. سيد انتخاب شاهه وقت گذارڻ لاءِ راڳ جي محفل مچائي. گلو سُٺو اٿس، ڪلاڪ کن محفل هلي نيٺ اها به زوال کي پهتي. ماني نه پهتي ۽ اڌو اڌ همراهه بکيا سمهي پيا.
جيستائين ڪئمپ لائف هئي، هر ڪم تڪڙو پئي ٿيو، پر جڏهن کان ترسڻ ڪاڻ ريسٽ هائوس ملڻ شروع ٿيا آهن، اسان ٿورا سست ٿي ويا آهيون، چُرپر ڏاڍي متاثر ٿي آهي. هر ڪم اجائي گهل جو شڪار ٿي وڃي ٿو. بهتر اهو ئي آهي ته ڪنهن به مهم دوران ڪئمپ لائف کي ترجيح ڏجي ۽ خشڪ راشن پاڻ سان کڻجي. جت رات پوي دونهين دکائي ڪچي ڦڪي رڌي کائجي ۽ کائي جُڃ ڪجي! ڪريم ميمڻ ته بک کان بي حال ٿي چئي ڏنو، ”هن ريسٽ هائوس کان ته جهنگ ۾ چڱا هئاسون، دال ته ملندي هئي، پڇاڙيءَ ۾ ڪڇون ڪُميون ته هيون!!” سيد انتخاب شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر گيتن جي محفل سجائي:
”مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان ...“
گيتن جي محفل مان ٿڪاسون ته ڀرپاسي جون خبرون چارون وٺڻ شروع ڪيوسون. خبر پئي ته، درياهه جي ڇاڙن مان هڪ ڦاٽ تي هڪ پتڻ جو نالو ”جمنا سر“ آهي. سرسوتي نديءَ جو ذڪر ته سکر جي ڀرپاسي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٿي چڪو آهي. جمنا سر بابت تفصيل هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻو ئي پتوڙيو ويو پر ڪجهه به پتو نه پيو. ضروري ناهي ته هڪ ئي پنڌ ۾ هر اها ڳالهه تفصيل سان معلوم ٿئي، جنهن بابت اسان معلومات چاهيون ٿا. ٿي سگهي ٿو ته جمنا سر تي ڪا خاص شيءِ نه هجي! پر اهو خيال اسان کي ستائيندو ئي رهيو ته جمنا سر جي پٺيان ڪا ڏندڪٿا ته ڪونهي!
درياهي سفر ڪري آيل دوستن ٻڌايو ته، نوري تيار ٿي چڪي آهي. اها سڀاڻي کان سفر شروع ڪندي. اڄوڪي سفر ۾ ڏاڍي تڪليف ڏٺي اٿن. سفر دوران هوائون ڇوليون پيدا ٿي ڪيون. ڇولين سبب ٻيڙين جو اڳيون حصو اُڇل کائي مڙي ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پوئين حصي جهٽڪو کائي عجيب ڌڪو ٿي ڏنو، ائين سڄي ٻيڙي لڏي ٿي وئي. اها صورتحال سڄي سفر ۾ رهي. ائين ڇو پئي ٿيو؟ سندن خيال هو ته، سامونڊي پاڻيءَ جي رويي سبب ائين پئي ٿيو. درياهي پاڻي وهندڙ هوندو آهي، اسان جو سڄو سفر لهوارو رهيو آهي، پر هاڻي سامونڊي کارين جهڙي صورتحال آهي. جيتوڻيڪ کارين جو پاڻي به درياهي وهڪرن وانگر وهندو آهي پر ان جو رخ سمنڊ جي ويرن جي حساب سان اوڀارو لهوارو بدلجندو رهندو آهي. وير جي لهڻ چڙهڻ کي مقامي ماڻهو پنهنجا نالا ڏين ٿا. وير لهڻ، چڙهڻ ۽ لهرن جا مختلف نالا آهن، جن جي خبر فقط تجربيڪار سامونڊين کي ئي پوي ٿي.
اسان وارن ٻيڙياتن کي سفر دوران وير جو چڙهيل پاڻي مليو. ان دوران وير جو چاڙهه، ٺهراءُ ۽ لاٿ ملي. پاڻيءَ جي گهڻائيءَ، پاڻيءَ جي ابتي سبتي وهڪري ۽ هوا سبب پاڻيءَ جي سطح ڏاڍي بي چين رهي هئي. درياهي ڇولي ۽ سامونڊي ڇوليءَ ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. سامونڊي ڇوليون اتي ئي پيون ٿل ٿل ڪنديون آهن، ڊهنديو ن ۽ ٽٽنديون آهن، سمنڊ ۾ اها صورتحال گهڻو ڪري منجهند کان پوءِ پيدا ٿئي ٿي، ان ڪري ننڍين ٻيڙين تي وڏي تڪليف ٿئي ٿي. اسان کي صلاح ڏني وئي ته، ڪوشش ڪري سڀاڻي جو سفر سوير شروع ڪجي ته جيئن ٻارهين لڳي کان اڳ ماٺار واري وقت ۾ چڱو سفر ٿي وڃي ۽ سڀاڻڪي منزل جي ويجهو پئجي.
دنيا ۾ مهم جوئيءَ کي شوق سان ڏٺو وڃي ٿو. ماڻهو ايورسٽ ۽ ڪي_ٽو واريون چوٽيون سر ڪيو اچن ٿا_ سچ پچ اها ڏاڍي وڏي ڳالهه آهي، پر خبر ناهي ڇو مون کي اهي مهمون فضول لڳن ٿيون. شايد ان ڪري ته انهن مهمن ۾ کوجنا ۽ تلاش جا پهلو گم رهن ٿا. جڏهن جان جوکم ۾ وجهجي ته پوءِ ڇو نه ڪا نئين شيءِ ڳولي دنيا آڏو رکجي! هيڏو وقت هيڏي ساري رقم، جيءَ جو جوکم ۽ هيڏي ساري قوت جو استعمال فقط ان لاءِ ڇو هئڻ کپي ته فلاڻي چوٽي سر ڪئي وئي! ڇا ان مهم جوئيءَ جو رخ کوجنا طرف ڦيرائڻ مناسب نه آهي؟
هيءُ ته هڪ اتفاق آهي جو اسان ماڻهو، هن سنڌو مهم ۾ شريڪ ٿي ويا آهيون کوجنا شوق ڪيڏو مهانگو آهي ان جي خبر انهن کي ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪي کوجنا ڪن ٿا. پاڻ وٽ ته نه پئسو آهي ۽ نه وقت! گهر جون ضرورتون پوريون ڪجن يا کوجنا جي شوق ۾ هڙان هڻجي! في الحال ته هڻون پيا، هن مهيني جو پگهار موڪل جي کاتي ۾ هليو ويو. ڪاش ڪڏهن ائين به ٿئي ته ڪو ادارو کوجنا جي ڪم ۾ سرپرستي ڪري!
خميس، 23_ نومبر 1989ع
اڄ جي، منزل ڪيٽي بندر آهي. اڄ نه رڳو نوري به لٿي آهي وچولي ماپ جو هڪ هڙهو به ڀاڙي تي ڪيو اٿئون. هڙهي جو نالو ”السلطان“ آهي. ملاح هڙهي تي ڪو نه ڪو نالو رکن ٿا، پوءِ ٺهي نه ٺهي، جيئن هن هڙهي جو آهي. هڙهي جو مالڪ ابوبڪر باندل آهي. ڪراچيءَ کان مڇي مارڻ نڪتو هو پر هتي جنگي سر تي مڇي وڪڻي ڇڏيائين.
هيءُ هڙهو هفتو کن اڳ ڪراچيءَ مان برف کڻي شڪار تي نڪتو هو. سڄي هفتي ۾ ٽيهه پنجٽيهه مڻ جهليائين، جيڪا هتان هڪ ڊاٽسن پڪ اپ ۾ ڀرجي ڪراچي رواني ٿي. جيڪڏهن مارڪيٽ گرم هوندي ته اها مڇي پندرهن ويهه هزار رپين ۾ وڪامجي ويندي پر جيڪڏهن بازار ٿڌي هوندي ته به اٺن ڏهن هزارن ۾ وڪامبي. اهو شڪار سڄي هفتي ۾ لڳو هو. هڙهي جي مالڪ جي قسمت چڱي هجي ها ته هڪ ڏينهن به ايترو شڪار ٿي پئي سگهيو.
ڏهه پندرهن سال پراڻو السلطان هڙهو 28 فوٽ ڊگهو ۽ 10 فوٽ ويڪرو هو، اهو ٻه چار سؤ مڻ وزن کڻي سگهي ٿو. وڏي ماپ جا هڙها اڃا وڏيڪ وزن کڻن. السلطان هڙهو وڏي سمنڊ ۾ به وڃي سگهي ٿو پر جون جولاءِ جهڙن سخت مهينن ۾ نه، هونئن به انهن ڏينهن ۾ سامونڊي ماڻهو سمنڊ ۾ گهڙڻ بدران ڪنڌيءَ تي ويهي پنهنجن ٻيڙن ۽ لانچن جي مرمت ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. وچولي سائيز جي هڙهي جي قيمت هڪ لک رپيا کن آهي. جيڪڏهن ان ۾ انجڻ هنئي وڃي ته پوءِ ڏيڍ لک کن تائين پهچيو وڃي. هڙهن جا ڪيئي قسم ٿين. هڪڙا گاليا سڏجن، ٻيا هڙها، هڪڙيون ٿين لانچون، ٻيا ٽرالر، گاليا ننڍي پاڻيءَ ۾ مڇي مارين. باقي قسم وڏين کارين ۽ کلئي سمنڊ ۾ شڪار ڪن. بتيلي جو ڪم پلا مارڻ آهي، پر اهو کلئي سمنڊ ۾ ڪو نه نڪري.
جنگي سر پتڻ جو حوالو ٽيهارو کن سال اڳ ٺهيل نقشي ۾ نظر نه آيو. شايد ان عرصي ۾ درياهه پنهنجي نئين واٽ جوڙي ورتي آهي. ڪنارا کائڻ سنڌوءَ جي پراڻي عادت آهي. جنگي سر پتڻ تي ٺهيل هوٽلون به خانه بدوشن وانگر هيون. سبب اهو ئي ته درياهه پورالو آهي ۽ هوٽل وارن کي به هر وقت خطرو آهي ته درياهه اوچتي ڪاهه ڪري، سڀ ڪجهه نه پٽي وڃي. اهي هوٽلون ڪنڌيءَ جي حساب سان اڳتي پوئتي ٿينديون رهن ٿيون.
مهاڻن ۽ هوٽلن وارن کان سواءِ پتڻ تي ڪسٽم وارا ۽ خفيه ادارن جا ماڻهو به ڦري رهيا هئا، سندن زبان پنجابي هئي. هڪ شخص سرٻاٽن ۾ چيو، ”سائين هيءُ فقط توکي مونکي سڏي نالا پڇن ٿا، اسمگلرن کي کلي ڇُوٽ آهي ... توهان سمجهي ڳالهه!؟“ هنن کان سواءِ انسانن جو چوٿون گروهه پنندڙ ٻارڙن تي مشتمل هو. انهن کي شڪاري ٿي چيائون، هو باگڙي هئا. سندن مرد ڪلهن ۾ گودڙيون وجهي شهرن ۾ پنن ٿا، زالون ڳوٺن ۾ پنن ۽ ٻارڙا پتڻ تي. پر پتڻ جو ڌنڌو مندائتو آهي. هوٽلون به ان وقت بند ٿي وينديون آهن، جڏهن مڇي مرڻ جي مند ختم ٿئي. انهن ڏينهن ۾ جنگي سر پتڻ ويران ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
جنگي سر پتڻ نظاري جي لحاظ کان شاهوڪار آهي، وڻڪار، مٺيون زمينون، وڻ تي پکين جون مٺيون لاتيون، ننڍا ننڍا هڙها ۽ بتيلا، رَڇ ۽ ڄار. هڪ شخص کان اسان جڏهن جنگي سر پتڻ جي نالي بابت پڇا ڪئي ته چيائين، ”هتي هڪ ماڻهو رهندو هو، ان جو نالو جنگيسرهو“ اسان سندس جواب مان مطمئن نه ٿياسون.
”السلطان“ تي رَڇَ پيا هئا. رَڇَن جا ٻه قسم ٿين: ننڍيون يا وڏيون مڇيون ڦاسائڻ لاءِ رَڇَن جي سوراخن ۾ فرق رکيو وڃي ٿو. رڇن ۾ هيٺئن طرف ٺڪر جا گول مانيءَ جهڙا پُڙ ٻڌل هئا ۽ مٿئين پاسي پيڪنگ مٽيريل جا اڇا هلڪا گولا. جڏهن رڇ پاڻيءَ ۾ اڇلايو وڃي ٿو ته ٺِڪرن (جن کي ’ڀاري‘ ٿي چيائون) وارو پاسو هيٺ لهي ٿي ويو. ٻيو پيڪنگ مٽيريل وارو پاسو (جن کي مالٽو ٿي چيائون) رَڇَ کي تاري بيهي ٿو. ائين پاڻيءَ جي سطح کان هيٺ تري تائين ڄاريدار ديوار ٺهي ٿي. جڏهن ان ديوار کي چؤڦير سوڙهو ڪيو وڃي ٿو ته ننڍيون مڇيون سوراخن مان نڪريون وڃن، باقي وڏيون ڦاسيو پون.
اڄوڪي پنڌ جي واٽ اجهو هن ريت آهي: جنگيسر کان ٻاٻيهو، ٻاٻيهي کان آٿرڪي، آٿرڪيءَ کان پوءِ روڙو، روڙي کانپوءِ ڦاٽ ۽ پوءِ مختلف ڇاڙن ذريعي ڪيٽي بندر.

مانگر مڇ يا ويسر

مانگر مڇ يا ويسر

سنڌو ڊيلٽا جي هڪ اهميت اها به آهي ته، ان جون مختلف کاريون مختلف وقتن ۾ سامونڊي جهازن جون گذرگاهون رهيون آهن. پر انهن سامونڊي ٻيڙين کي درياهي بندرن تائين پهچائڻ ممڪن نه هو. تنهن ڪري سامونڊي کارين تي بندرگاهون ٺهنديون رهيون، جن جا پڙاڏا تاريخ ۾ مختلف هنڌن تي ٻڌجن ٿا. کاڙڪ بندر، لاهري بندر، لاڙي بندر، باربريڪات، ديبل، ڪيٽي بندر، شاهه بندر، علي بندر، اورنگا بندر ۽ ٻيا ڪيئي. سنڌو ڊيلٽا ۾ هن وقت به هڪ ڊزن کان وڌيڪ قديم بندرگاهن جا کنڊر موجود آهن، جاکي بندر، رتو ڪوٽ، ڀنڀور، درياهه پير، دونهين واري، ٿنڀن واري مسجد، ملاڪي ۽ ٻيا_ پر مسئلو اهو آهي ته قديم آثارن جا ماهر اڃا اهو طئه نه ڪري سگهيا آهن ته ڪهڙي کنڊر جو اصلوڪو نالو ڇا هو؟
سامونڊين ۽ گهاتوئڙن سان واسطو پيو ته، مورڙي مانگر مڇ جو ذڪر نڪتو. ”السلطان” هڙهي جي مالڪ ابوبڪر باندل ٺڙٺپ چيو، ”مورڙي جو مقابلو ڪڇون سان ٿيو هو.“ جڏهن اسان کانئس مانگر مڇ جي وجود بابت پڇيو ته، هن وڏي اعتماد سان چيو، ”هائو! مون هزارين ڀيرا مانگر مڇ ڏٺو آهي. اسان ان کي ويسر چوندا آهيون.“ ويسر کي عام طور تي وهيل مڇي چيو ويندو آهي.
چيائين، ”سمنڊ ۾ ويهه پنجويهه ميل اندر وڃبو ته ڪڏهن ڪڏهن پري کان دونهين جي لاءِ نظر ايندي آهي، هڪڙا چوندا ته ٻُوٽ (Raft-Boat) پئي هلي يا ڪو جهاز پيو هلي ... پر نه، جيڪي ڄاڻو ميربحر هوندا اهي چوندا، اهو ويسر آهي. ويسر جڏهن پاڻيءَ مان مٿي ساهه کڻندو آهي ته ائين لاٽ وانگر نظر ايندو آهي. اها لاٽ ڪڏهن ڪڏهن چاليهه پنجاهه ميلن کان نظر ايندي آهي.“
”ويسر ايڏو وڏو هوندو آهي جو هن درياهه (کاريءَ) ۾ هلي نه سگهندو ... هتي ته اچي به نٿو سگهي ... اهو هزارين مڻ ڳرو هوندو آهي ... ايڏو وڏو هوندو آهي جو جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به جهاز کي ڦِري پاسو هڻي ته ٻوڙي ڇڏيندو ... . وڏن جهازن کي به ڪيرائي سگهي ٿو ... وڏي ظالم شيءِ آهي.“
”توهان ڪڏهن مئل ويسر ڏٺو آهي؟“ اسان پڇيو.
”هائو! هڪڙي ڀيري ان جو ننڍو ٻچو ’ڪانهر‘ کاريءَ ۾ اچي نڪتو، پر جڏهن واپس ٿيڻ لڳو ته مڙي نه سگهيو ۽ ڦاسي پيو ۽ پوءِ مري ويو. ان جي وچ جو ڪنڊو اتي پيو هوندو هو، اهو به نه نه تڏهن به پنجن ڏهن مڻ جو هوندو ... هڪ هڏي، چار پنج ماڻهو گڏجي به نه پيا کڻي سگهن، اها پاسراٽي به ايڏي وڏي هئي جو ماڻهو هڪ وڏي ڍوري جي آرپار رکي ڇڏي ... ان تان پيا ايندا ويندا هئا.“

ڊيلٽا ۾ ڦيرڦار

ڊيلٽا ۾ ڦيرڦار

قديم نقشا ڏسڻ ۽ تاريخون پڙهڻ کانپوءِ ائين ٿو لڳي ته، اٽڪل 500 قبل مسيح ڌاري، ٺٽي ضلعي جو لڳ ڀڳ سڄو ڏاکڻيون حصو سواءِ انهن ٽڪرين جي، جيڪي پير پٺي تائين آهن، سرگرم ڊيلٽا وارو علائقو هو. اُڀن شاهه واري ٽڪري ان وقت ۾ ٽاڪرو ٻيٽ هو. ٽاڪرو ٻيٽارين جو سلسلو مڪليءَ کان اولهه طرف لڳ ڀڳ گهاري تائين هوندو. اها صورتحال جيئن پوءِ تيئن بهتر ٿيندي وئي ۽ هوريان هوريان درياهي لٽ ڀراءُ ڪندي وئي ۽ ٽڪرين جي وچ وارو پاڻي پوئتي ڌڪبو ويو. تان جو درياهه ۽ سمنڊ جي سرگرم جنگ وڌيڪ ڏکڻ اوڀر طرف ٿيڻ لڳي. پر ائين ٿو لڳي ته، جڏهن مسلمانن سنڌ فتح ڪئي تڏهن صورتحال يونانين جي آمد جي ڀيٽ ۾ بهتر هئي. يوناني اثر هيٺ علائقن جا ثبوت ڊيلٽا واري علائقي ۾ گهٽ ملن ٿا. البت ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان يوناني اثر ظاهر ٿيو آهي. تاريخدانن سڪندر جي سامونڊي لشڪر واري واٽ بابت جيڪو امڪاني نقشو تيار ڪيو آهي، ان موجب نيرڪس، پير پٺي جي ڏکڻ ۽ اڀن شاهه واري ٽڪريءَ جي اتر کان، ٻيڙا ڪڍي مڪليءَ جي الهندي وَٽَ سان اتر رخ ۾ سفر ڪري، کَجُو ٽڪريءَ جي اتر کان ٿيندو، ڦِٽي ڪريڪ واري واٽ وٺي، گسري ڪريڪ مان ٿيندو، حب ۽ بلوچستان ڏانهن ويو آهي.
انگريزن جي دور ۾ سنڌو ڊيلٽا جو اڀياس پهريون ڀيرو سائنسي بنيادن تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. دنيا جون سموريون لٽاشيون نديون ڊيلٽا ٺاهينديون آهن. سنڌ ۾ لَٽَ جو مقدار ججهو رهيو آهي، ان ڪري ان عظيم ڊيلٽا جنم ورتو آهي. ڊيلٽا اتي ئي شڪل وٺندو آهي، جتي درياهي پاڻيءَ کي سمنڊ جهل ڪندو آهي. ان ويڙهه ۾ فتح درياهه جي ئي ٿيندي آهي ڇو ته اهو هوريان هوريان پنهنجي لٽ جمع ڪندو، سمنڊ کي پوئتي ڌڪيندو ويندو آهي. پر ڊيلٽا هميشه ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪ پراڻو ۽ ٻيو نئون: پراڻي ڊيلٽا ۾ درياهي شاخن جي وچ واري زمين مضبوط ٿي چڪي هوندي آهي، پر نئين ۽ سرگرم ڊيلٽا جي زمين گپ جي دڙن جي صورت ۾ هوندي آهي. جڏهن سمنڊ جي وير چڙهندي آهي ته انهن نون دڙن تي پاڻي وري ويندو آهي ۽ جڏهن وير لهندي آهي ته گپ جو ميدان اڀري ويندو آهي، جيڪڏهن لٽ جي آمد جو سلسلو جاري رهي ته سمنڊ اڃا پوئتي هٽي ويندو آهي ڇو ته، درياهي لٽ، گپ جي ميدانن کي اوچو ڪندي رهندي آهي.
سنڌو ڊيلٽا ۾ گڏ ٿيل لٽ ۾ فقط ٻه جزا نظر اچن ٿا، هڪ چيڪي مٽي، جيڪا پاڻيءَ ۾ شامل ٿي هڪ ٿي وڃي ٿي ۽ ٻيو واريءَ جا تمام ننڍڙا ذرا. اصل ۾ درياهه جڏهن جبل تان لهي ٿو ته، پاڻ سان وڏا وڏا پهڻ گهلي، ڀڃي ڀور ڪري ٿو. جبلن تي درياهه کي طاقت به آهي تنهن ڪري پهڻن کي ڌڪي کڻي اچي ٿو پر جڏهن درياهه سڌن پٽن ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان جي طاقت به ختم ٿيو وڃي. ان ڪري پاڻيءَ ۾ فقط ننڍڙا ۽ ملي ويل جُزا ئي سمنڊ تائين پهچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌو ڊيلٽا جا سمورا ٻيٽ پٿرن کان آجا ۽ سنهڙي واري ۽ چيڪي مٽيءَ جا دڙا آهن.
ايڇ ٽي لئمبرڪ، ڊيلٽائي سرگرميءَ جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ ٺيڪ لکيو آهي ته، ”ڊيلٽائي شاخون نهايت ئي ناپائيدار آهن ان ڪري ڊيلٽا جو ڪو به نقشو ٺاهيو ته اهو ٻن سالن اندر بيڪار ٿي ويندو“ اهو تجربو اسان کي اڄ به ٿيو آهي. جڏهن اسان سروي ڊپارٽمنٽ آف پاڪستان جا 1967ع ۾ تيار ڪيل نقشا جاچيا ته، انهن ۾ جنگي سر پتڻ جو نالو نشان ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جيتوڻيڪ هن وقت ان پتڻ تي هيڏي ساري سرگرمي هئي.
سنڌو درياهه ڪيتري رفتار سان سمنڊ ۾ نئين زمين ٺاهي ٿو؟ ان جي جواب ۾ لئمبرڪ لکي ٿو ته، سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي 327 پتين پويان هڪ پتي لٽ آهي، جڏهن ته نيل نديءَ ۾ اها نسبت اڌ جيتري آهي. سنڌو درياهه، ٻوڏ جي هڪ س‍ؤ ڏينهن ۾ لٽ جا 11_ڪروڙ 90 لک مڪعب وال سمنڊ ڏانهن کڻي هلي ٿو، جڏهن ته نيل ندي سڄي سال ۾ چار ڪروڙ مڪعب وال آڻي ٿي. ان حساب سان سنڌوندي 38 چورس ميلن ۾ هڪ وال ٿلهي لٽ آڻي ٿي. جڏهن ته، نيل ندي فقط 13_ چورس ميل جي لٽ آڻي ٿي. اهي تفصيل ڄاڻائيندي لئمبرڪ جو چوڻ آهي ته، سنڌو ڊيلٽا جي وڌڻ جي رفتار نيل جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ کان به مٿي آهي. انگريزن جي اڀياس موجب، ڏهن سالن ۾ درياهه جي مکيه ڦاٽن جون ڪنڌيون ساڍا ٽي ميل وڌي ويون جڏهن ته پاسرن ڍورن ۾ اها واڌ گهٽ هئي. ساڳئي دور ۾ ورتل ماپن موجب، سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ 1873ع ۽ 1904ع جي وچ ۾ اٽڪل 97 چورس ميل نئين زمين وجود ۾ آئي هئي. پر ياد رکڻ گهرجي ته اها صورتحال سنڌوءَ ۽ ان جي ساٿاري ندين تي بند ۽ بئراجون پوڻ کان اڳ جي آهي.

ڪيٽي بندر

ڪيٽي بندر

ٻيڙيون کارين مان کاريون بدلائينديون هڪ اهڙي جاءِ تي پهتيون جتي ڪجهه ئي مهينن کان هڪ نئين کاري تيار ٿي رهي آهي. اها في الحال ننڍڙي آهي. وچولي ماپ جي هڙهي کي ڏاڍي خبرداريءَ سان ان ناليءَ مان لنگهڻو پيو. مقامي ماڻهن ان ناليءَ کي اڃا ڪو به نالو نه ڏنو آهي. اها نالي ڪيٽي بندر لاءِ ننڍو رستو (Short Cut) ثابت ٿي. هڙهو ۽ ٻيڙيون ناليءَ مان نڪري وڏي ڍوري وٽ پهتا. سامهون ڪيٽي بندر جو شهر جيڪو هاڻي ننڍڙو ٿي وڏي ڳوٺ جيترو بچيو آهي، شام جي پاڇن ۾ نظر آيو. مان اهو طئي ڪري نه سگهيس ته اها شام اڄوڪي ڏينهن جي هئي يا ڪيٽي بندر جي چوٿين جنم جي؟
ڪيٽي بندر، هن کان اڳ ٽي ڀيرا تباهه ٿي چڪو آهي. پهريان ٽي ڀيرا سنڌوءَ ٻوڙيو هو پر هاڻي ان ڪري تباهه ٿي رهيو آهي ته، سنڌوءَ ڪيٽي بندر کان منهن موڙي ويو آهي، هتي پهچڻ کان پوءِ اسان جي اها غلط فهمي دور ٿي وئي ته ڪيٽي بندر درياهه جي ڇوڙ تي آهي. اڄڪلهه ڪيٽي بندر اپٻٽ وانگر چئن پاسن کان پاڻيءَ ۾ وڪوڙيل آهي، سو به اهڙيءَ طرح جو جڏهن سمنڊ چڙهندو آهي تڏهن ڪيٽي بندر جي بازار ۾ گوڏي جيترو پاڻي بيهي ويندو آهي. جڏهن پاڻي لهندو آهي ته گپ رهجي ويندي آهي.
ڪجهه وقت اڳ، جنرل جهانداد خان جي دور ۾ شهر کي ٻن طرفن کان بچاءُ بند ٻڌو ويو هو، جنهن ڪري شهر جو ڪجهه حصو سامونڊي دهشتگرديءِ کان بچي وڃي ٿو. اڄوڪو ڪيٽي بندر، سٺ ستر سال پراڻو آهي، ان کان اڳئين شهر جا نشان ٿورو پرڀرو ڪٿي ڪٿي موجود آهن، ان کان پراڻا ڪيٽي بندر جا ٻه شهر ڌٻڻين ۾ ۽ کارين ۾ غرق ٿي چڪا آهن. انهن شهرن جي هڪ سر به نٿي لڀجي. اڄوڪي ڪيٽي بندر تي بيهي تصور ڪري سگهجي ٿو ته ايندڙ پنجاهه سالن کانپوءِ هتي ڇا هوندو ۽ ڇا نه هوندو_ مان سنڌ جي هڪ شهر کي سڪرات ۾ ڏسي رهيو آهيان.
1947ع ڌاري ڪيٽي بندر جي آدمشماري پنجويهه ٽيهه هزار هئي، ۽ هاڻي مشڪل سان ٻه اڍائي هزار ماڻهو هوندا. جڏهن کان مٺو پاڻي ختم ٿيو آهي، ماڻهن لڏڻ شروع ڪيو آهي. اڳي سڄو سال مٺو پاڻي هوندو هو، پوءِ گهٽجي سال ۾ ٽي چار مهينا ٿيو ۽ هاڻي ... هاڻي ته هڪ ڦڙو به ناهي.
پيئڻ جو پاڻي ست اٺ ميل پري امام پٺو واٽر سپلاءِ مان اچي ٿو. اهو پاڻي اڏيرو برانچ مان اچي ٿو. پاڻيءَ جي اها پائيپ لائين 35 هزار فوٽ ڊگهي آهي ۽ زمين ۾ چار فوٽ هيٺ پوريل آهي، اها پائيپ لائين ڪنهن اهڙي مٽيريل جي آهي جنهن کي ڪلر نه کائي، پر ڪلر اها ظالم شيءِ آهي جيڪا سڀ ڪجهه کائي ويندي آهي. جيتوڻيڪ هتي واٽرسپلاءِ انتظام بابت اسان کي ٻڌايو ويو پر اسان کي اهو به ٻڌايو ويو ته هتان جا ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جا ٽينڪر گهرائيندا آهن، جيڪي ٻگهاڻ، ساڪري، يا ٻهارا کان پاڻي آڻين ٿا.
”ڪيٽي بندر کي سامونڊي کارو پاڻي ڇو وڪوڙي ويو آهي؟“ اسان جڏهن اهو سوال مقامي ماڻهن کان ڪيو ته هنن اجهو هيئن چيو، ”سائين جڏهن سکر بئراج پيو تڏهن چار آنا فرق پيو، پوءِ غلام محمد بئراج گڊو بئراج پيا ته، سمنڊ جو دٻاءُ وڌي ويو ۽ ملڪ ڦٽڻ شروع ٿي ويو.“ مون کي خبر ناهي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن وٽ ڪهڙو دليل آهي؟ پر اهو سچ آهي ته هر هنڌان اها دانهن ٻڌجي ٿي ته بئراج پوڻ سبب ڊيلٽا ۾ وڏي ماحولياتي تبديلي آئي آهي.
بئراج پوڻ کان اڳ، ڪيٽي بندر لڳ هزار ٽن ڳاڙهو چانور پيدا ٿيندو هو، جيڪو جهازن ۾ ڀرجي ڏيهان ڏيهه ويندو هو. هاڻي تعلقي ۾ انهن هنڌن تي جتي بئراج جو پاڻي پهچي ٿو، آبادي ٿئي ٿي، باقي ڪيٽي بندر جي چوڌاري ميلن ۾ سڄو ملڪ کارو ٿي ويو آهي. تعلقي ۾ بئراج ايراضيءَ ۾ ڪيلا، ٽماٽا، مرچ، اڇا ۽ ڳاڙها چانور، ڪڻڪ، اڙد، مٽر، ڪمند ۽ جَوَ ٿين ٿا، باقي شهر جو حال هيڻو آهي. شهر، واپاري ڪار ڪرت جي لحاظ کان سڄي تر ۾ فقط 9_ هزار ماڻهن لاءِ اهميت رکي ٿو. هتي هڪ ٿاڻو آهي، اسسٽنٽ مختيار ڪار به ويهي ٿو، چار اسڪول آهن ٻه پرائمري ۽ ٻه مڊل_ ڇوڪرن جا جدا ڇوڪرين جا جدا_ هاءِ اسڪول هاڻي منظور ٿيو آهي. شاگرد، في الحال ٻگهاڻ پڙهڻ وڃن ٿا.
شهر جي بازار ننڍڙي آهي ايتري ننڍڙي جو ڪنهن ”بندر“ کي نٿو سونهين.سچ پچ ته ڪيٽي بندر هاڻي وڃي ڪيٽي پتڻ رهيو آهي، سو به الائي گهڻا ڏينهن! شهر ۾ هڪ وڏو دڪان ريزڪي واپار جو آهي. هن دڪان تان سڀ ڪجهه ملي ٿو. اٽي دال کان وٺي ضرورت جي هر شيءِ تائين. هتان، شهري ماڻهو ايتري خريداري ڪو نه ڪن جيتري بند تي آيل هڙهي وارا ڪن ٿا. جڏهن هڙهي وارن جو راشن ختم ٿئي ٿو يا هو پنهنجي مڇي، ڪيٽي بندر واري ڪانٽي تي تورائي ڪراچي اُماڻي، ٻيهر سمنڊ ۾ وڃڻ جو سانباهو ڪن ٿا، تڏهن هن ريزڪي دڪان تان سينڌو سامان خريد ڪن ٿا. سچي ڳالهه ته اها آهي ته، انهن ٻن چئن هڙهن جي آمد هن شهر کي ”آڪسجن چيمبر“ فراهم ڪيو آهي.
شهر ۾ هڪ اڌ ننڍڙي هوٽل تي چانهه ملي سگهي ٿي، پڪوڙا به ملن ٿا. پان ٻيڙيءَ جو دڪان به آهي پر سڀ کان مشهور دڪان حلوي جو آهي. واهه تازو حلوو ... سچ پچ ههڙو حلوو مون ڪٿي نه کاڌو. ڇا ڪو سوچي سگهي ٿو ته ٻن اڍائن هزارن جي آبادي واري ڳوٺ ۾ هڪ دڪان تان روزانو ٽيهه چاليهه ڪلو حلوو وڪامجندو هجي! ڪيٽي بندر جي سوکڙي اهو حلوو ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن جي قيمت اڄوڪي تاريخ ۾ 34 رپيا ڪلو آهي. انهن ٻن دڪانن کانپوءِ ٽيون نمبر ڪمائي پان ٻيڙيءَ واري جي هوندي، لاڙ ۾ پان کائڻ جو رواج چڱو خاصو آهي پر مان ڀانيان ٿو ته ڪيٽي بندر جا ماڻهو فقط پان تي گذارو ڪن ٿا. هڪ همراهه ٻڌايو ته، هو سڄي ڏينهن ۾ پنجويهه ٽيهه پان کائي ٿو. ڪي ماڻهو چاليهه پنجاهه به کايو وڃن. اسان اڍائين ٽن سالن جي هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي پان کائيندي ڏٺو. هڪ اندازي موجب تعلقي ساڪري ۽ ڪيٽي بندر ۾ چار مڻ پان وڪامجي ٿو.
ڪيٽي بندر ۾ نه چوري آهي، نه نشو، نه نانگ، نه بلا پر گندگي بي حد آهي سبب فقط اهو آهي ته، شهر بنهه نظرانداز ٿيل آهي. ڊرينچ نه هئڻ ڪري بي شمار مکيون آهن. شهر ۾ سڀ کان سهڻي عمارت مسجد جي آهي، جنهن ۾ جنريٽر به آهي، باقي شهر ٿوري دير کان پوءِ اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويندو. دنيا ۾ ائين ئي آهي، هر هنڌ عبادت گاهه وڌيڪ سهڻي هوندي آهي_ ڀلي ته سڄو ڳوٺ ڪکن سان ٺهيل هجي، عبادتگاهه تي رنگ روغن ضرور ٿيل هوندي آهي.
شهر تي پيپلز پارٽيءَ جو اثر آهي، هنڌ هنڌ نعرا لکيل آهن. ”سنڌين جي تقديرـ بينظير بينظير.“ ”جيئي ڀٽو ... بينظير ڀيڻ“ ماڻهو پيپلز پارٽيءَ لاءِ ديوانا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته، شهر جي هر گهٽيءَ ۾ هر گهر ٻڌائي ٿو ته، ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ۽ ڪنهن به حڪومت هتي ڪجهه به نه ڪيو آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن ڪجهه ٿيو آهي ته، اهو ان ماڻهوءَ جي دور ۾ ٿيو آهي جيڪو ڪنهن کي به پسند ناهي. منهنجو اشارو بچاءُ بندن ڏانهن آهي. واٽرسپلاءِ اسڪيم به سرڪاري سطح تي ناڪام ٿي وئي آهي. هاڻي يونيسف وارا ڪم پيا هلائين.
سج اولهه طرف کارين ۾ ٻڏڻ لڳو ته اسان هڪ ڀيرو وري ”بندرگاهه“ جو جائزو وٺڻ لاءِ نڪتاسين. اِتي ڪجهه به ڪو نه هو، اهو هڪ ڀڙڀانگ بندر هو، جتي ڪا لالٽين به نٿي ٻري. ڪنهن زماني ۾ هتي پرڏيهي غوراب به اچي بيهندا هئا، مال لهندو ۽ چڙهندو هو پر هاڻي ... چار پنج ٻيڙين تانگهي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل آهن، پنج يا ڇهه ٻيڙيون وڏي پاڻيءَ ۾ بيٺيون آهن، ستين ٻيڙيءَ ڪنڌيءَ تي لڳڻ لاءِ مناسب جاءِ پئي ڳولهي. سج لهڻ جو منظر کڻي ڪيڏو به سهڻو هجي پر جڏهن ان ڳاڙهسري آڪاش هيٺ، ڪيٽي بندر ڏسجي ٿو ته اها ڳاڙهاڻ ڦٽيل دل جي محسوس ٿئي ٿي.
ڪيٽي بندر ۾ ڪاٺين جا گهر ٺاهي رهڻ جو رواج آهي. محمد نعيم ميمڻ ٻڌايو ته، ڪاٺيءَ جا گهر پڪي گهر کان انڪري بهتر آهن جو اهي سياري ۾ نه ايترا سرد آهن ۽ نه اونهاري ۾ ايترا گرم. نعيم ميمڻ جي اها راءِ انڪري دل سان نه لڳي جو ڪيٽي بندر سمنڊ کي ويجهو آهي. سامونڊي ڪنڌي اونهاري ۾ گهٽ گرم ۽ سياري ۾ گهٽ ٿڌي هوندي آهي. البت هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪاٺ جي گهر جي حفاظت ڪجي ته، پنجويهه ٽيهه سال هلي ٿو. آرسي سي جي عمر ان کان ڪجهه وڌيڪ آهي ۽ پڪسريءَ جي ان کان وڌيڪ. اوڏڪي ڀت يا ڪچ سري هتي جٽاءُ نٿي ڪري، سيڪ سبب جهٽ اچيو ڦهڪو ڪري. اسان شهر ۾ آر سي سي جي هڪ عمارت ڏٺي، جيڪا 1961ع ۾ ٺهي. ان عمارت کي ڪلر ڪينسر وانگر وڪوڙي چڪو آهي.
هڪ همراهه ٻڌايو ته، تازو نيويءَ جو هڪڙو جهاز حجامڙو کاريءَ ۾ اچي بيٺو هو. انهن سان گڏ هڪ هيليڪاپٽر به هو. جهاز وارن فوجين، ماڻهن کي ٻڌايو هو ته، هنن کي ڪيٽي بندر تي ننڍڙي جيٽي ٺاهڻ لاءِ سروي پئي ڪيو ته جيئن مڇيءَ جو ڪاروبار وڌي. ان لاءِ جيڪڏهن ضرور سمجهيائون ته کاريءَ جي کوٽائي ڪري ان کي اونهو به ڪندا. ڪيٽي بندر جا ماڻهو آسرو رکيو ويٺا آهن ته ان سروي کان پوءِ ڪيٽي بندر جي وڃايل رونق موٽي ايندي پر اسان جي هڪ نوجوان دوست جو خيال آهي ته، نيويءَ وارا مختلف کارين جي اونهائي ماپڻ آيا هوندا ته ڪٿي کاريءَ جي اونهائي ايتري ته ناهي جو هندستان جي ڪا آبدوز اندران ئي اندران ڪنهن کاريءَ ۾ لڪي بيهي سگهي! بچاءَ جي نقطي کان نيويءَ وارا ائين ڪندا هوندا. پڪ سان هيليڪاپٽر ۽ جهاز ۾ اهڙا سسٽم لڳل هوندا، جن کتري وارين جاين جي رپورٽ تيار ڪري ڇڏي هوندي، پر ويچارا ماڻهو بندر جي رونق موٽڻ جي آسري ۾ ويهي رهيا آهن.
هڪ ٻئي اطلاع موجب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ سمال پورٽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي نالي هڪ ادارو ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي رٿا آهي ته، ننڍن بندن کي ترقي ڏياري فلوٽنگ فريزرز جي سهوليت ڏجي ته جيئن ننڍيون ٻيڙيون کارين مان گانگٽ جهلي وٽن جهازن تي پهچائين، اها رٿا، جپان جي ذهني پيداوار آهي. ان سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه ٿئي سنڌ ۾ گانگٽن جون قيمتون اڃا وڌي وينديون، ڇو ته جهليل گانگٽ سنڌ جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪو نه ٿيندا.
ايڇ_ٽي سورلي ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ ۾ هندستان جي هن مکيه واپاري شهرن جو ذڪر ڪيو آهي انهن ۾ ٺٽو به شامل آهي. سنڌو ڊيلٽا يا سنڌوءَ جي سمنڊ سان لاڳاپي سبب ٺٽو، پنجاب ۽ افغانستان جي واٽ ۾ اهم شهر هو. اها ٺٽي جي خوش نصيبي به هئي ته بدنصيبي به. ٺٽي کي ان جي جاگرافيائي بيهڪ سبب جڏهن تڏهن ڏک سک ڏسڻا پيا آهن.
پر ڇاڪاڻ ته، ٺٽي تائين وڏا سامونڊي جهاز پهچي نٿي سگهيا، ان ڪري مکيه سامونڊي کارين تي وڏا بندر ٺهيا، جتان سامان تراکڙين ٻيڙين ذريعي ٺٽي، ملتان ۽ افغانستان نيو ٿي ويو. ساڳيءَ طرح روانگي واپار به ائين ئي ٿيو. ان سبب ڪري سنڌو ڊيلٽا ۾ مختلف بندر ٺهيا. جڏهن درياهي لٽ سبب هڪڙا بندر وڏن ٻيڙن جي قابل نه ٿي رهيا ته ڀرپاسي ۾ ئي ڪنهن نئين کاريءَ تي ڪو نئون بندر ٺاهيو ٿي ويو.
جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ پورچوگيز، واپاري ٻيڙين رستي هندستان پهتا ته هندستان جي گهريلو صنعت کي يورپ جي مارڪيٽ ملي وئي. هندستان مان سوٽي ڪپڙو لڳ ڀڳ هڪ سؤ سالن تائين يورپ ويندو رهيو، پر پوءِ اولهه وارا ملڪ صنعتي ترقي ۾ ايڏا اڳڀرا ٿي ويا جو اتي صنعتي انقلاب اچي ويو ۽ هندستان پاڻ يورپ جي مارڪيٽ ۾ بدلجي ويو. سورلي لکي ٿو ته، 1600ع کان 1750ع تائين هندستان جي صورتحال بهتر رهي. ڏٺو وڃي ٿو ته اهو ئي دور آهي جڏهن سنڌو ڊيلٽا ۾ هڪ ٻئي پويان نيون نيون بندر گاهون ٺهيون. سٽ واري صنعت ان وقت ڪيتري سگهاري هئي ۽ ان کان پوءِ ڪيڏو زوال ڏٺائين، ان جو اندازو ان مان به هڻي سگهجي ٿو ته، شاهه لطيف ”سر ڪاپائتي“ ۾ سُٽ واري صنعت کي علامتي انداز ۾ بيان ڪيو. هتي اهو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته، بئراج کان اڳ ڪپهه جي پيداوار سنڌوءَ جي ڪنڌين وارن علائقن ۾ هئي يا جتي جتي تڏهوڪو پنجاب ۽ سنڌ وارو نهري سرشتو مؤثر هو. ان زماني ۾ لاڙي بندر مشغول بندر هو، ان بندر تي هڪ س‍ؤ کن ٽي سؤ ٽن وزني جهاز لنگر هڻي ٿي سگهيا. اتان جا واپاري انتظام ايترا سٺا هئا جو 1636ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ان جي تعريف ڪئي هئي.
شاهدين موجب سترهينءَ صديءَ جي وچ ڌاري لَٽَ وڌڻ سبب لاري بندر جي اهميت گهٽجي وئي. ان وقت اورنگزيب لاري بندر ويجهو ئي اورنگا بندر ٺهرايو. اهو زمانو 52_ 1648ع وارو آهي، جڏهن اورنگزيب ملتان جو گورنر هو. ان کان پوءِ هڪ ٻيو بندر ”شاهه بندر“ جي نالي سان ٺهيو. انهن بندرن جو ٺٽي کان عام طور تي پنڌ لڳ ڀڳ چاليهه ميل هو. تڏهوڪي ڊيلٽا ۾ ٻه خطرا هوندا هئا، هڪ ڌاڙيل ۽ ٻيو درياهي لَٽ. واپار هندو سيٺين ۽ دلالن جي هٿ ۾ هو. ڊيلٽا رستي سنڌ مان ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙي سميت گيهه، نير، چانور، ريشمي ڪپڙو، لوڻ، اُن ۽ خشڪ ميوو ايندو ويندو هو.
75_1758ع تائين ٺٽي کي مرڪزي حيثيت هئي، پر ان جي زوال جا سبب پيدا ٿيڻ لڳا هئا ڇو ته، ڪراچي ۽ حيدرآباد اڀري رهيا هئا. هوڏانهن شاهه بندر به لٽ سبب ڦٽندو ٿي ويو. 1842ع تائين ٺٽو پنهنجو عروج بنهه وڃائي ويٺو هو. ان وقت ڪراچي اهم بندر ٿي چڪو هو ۽ حيدرآباد جي آبادي پنجٽيهه هزار ٿي چڪي هئي. واپاري لحاظ کان سنڌ مان سوٽي ڪپڙي جو روانگي واپار ختم ٿي چڪو هو، قلمي شوري جو واپار به ارڙهين صديءَ سان گڏ ختم ٿي ويو.
ڊاڪٽر سورلي، شاهه بندر جي نظرانداز ٿيڻ جو هڪ ٻيو سبب به ٻڌايو آهي: سندس مطالعي موجب ڪلهوڙن، افغانن ۽ انگريز واپارين جي وچ ۾ واپاري مفادن جو ٽڪراءُ اڀريو هو. اصل ۾ ڪلهوڙا افغانن جا ڏن_ڀرو هئا، کين افغان سرڪار وٽ ڏن ڀرڻو ٿي پيو. انگريز پنهنجو اوني ڪپڙو سنڌوءَ رستي افغانستان موڪليندا هئا. ڪلهوڙا ان اوني سامان تي ڪسٽم ۽ محصول مڙهيندا هئا. ان ريت ان محصول مان هو افغانستان کي ڀريل ڏن جمع ڪري وٺندا هئا. ڪلهوڙا، انگريزن کان اوني ڪپڙو سستي اگهه تي خريد ڪري، مهانگي اگهه تي افغانين کي وڪڻندا هئا ۽ ويندي ويندي چنگي به وصول ڪندا هئا. ان ڪري افغانين جي مرضي ٿي ته اهي انگريزن سان سڌو واپار ڪن ۽ ان واپار لاءِ ڪراچي يا مڪران جو ڪو بندر استعمال ڪن، پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ ڪراچي بندر کي اهميت ملي ۽ شاهه بندر جي اهميت گهٽجي وئي.

ڳاڙهن چانورن جي پوک

ڳاڙهن چانورن جي پوک

اهو ممڪن ئي ناهي ته لاڙ مان لنگهجي ۽ ڳاڙهن چانورن جي ڳالهه نه ٿئي. اڄڪلهه هتي ڳاڙهو چانور به ٿئي ته اڇو به. ماڻهن چانورن جي ڪيئي جنسن جا نالا کنيا، جيرائي جيڪو سنهڙو چانور ٿئي ٿو، ڪنگڻِ، سڳداسي، باسپتي، سداگلاب، رتڙيا، ٽهڻيا ۽ ٻيا.
جڏهن سال ۾ ٻارنهن مهينا پاڻي هو تڏهن ملڪ خوشحال هو ، پر جڏهن بئراج پيا ته پاڻي فقط ٽي مهينا ٿي مليو. بس! ان تي جيڪا پوک ٿي، سا ٿي. هاڻي ته فقط اڏيرو برانچ جو رحم ڪرم وڃي بچيو آهي. چون ٿا ته، اڳي هتي سوپارين ۽ ننڍن ڦوٽن جا باغ به هئا.
اتر ۽ لاڙ ۾ ساريون پوکڻ جي طريقي ۾ به فرق هو. اثر ۾ رونبو ٿئي، لاڙ ۾ ساريون ڇٽين ٿا. اڳي جڏهن پاڻي ليٽ ڪندو هو ته، آبادگار ڪچي ۾ کڏ کڻي پاڻي ڀريندا هئا. مال پيو گاهه چرندو هو ۽ کرن سان زمين کيڙيندو هو، هر ڏيڻ جي ضرورت نه ٿي پئي. ان وچ ۾ هاري ٻورين ۾ ساريون بند ڪري پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندا هئا. ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻوريءَ مان ڪڍي زمين تي تڏو وڇائي، ان تي ساريون پکيڙي مٿان ٻيو تڏو رکي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏيندا هئا ته جيئن هوا اندر نه وڃي. ٽن ڏينهن کانپوءِ سلو ڦٽندو هو، جيڪو پوءِ مُٺين ۾ ڀري زمين تي ڇٽي ڇڏيندا هئا، ٻج ڇٽجي پوءِ ان کي پاڻي ڏيندا هئا.
پوکيءَ جو اهو طريقو عام طور تي مروج هو. اڄ به ڪٿي ڪٿي اهو طريقو رائج آهي. ڊيلٽا جا قديم آثار جنڊين سان ڀريا پيا آهن. جيڪي پڻ شاهدي ڏين ٿا ته اتي سارين جي پوک سڀ کان وڌيڪ هئي. اهي جنڊيون ٺڪر جون آهن جن سان ساريون ڇڙڻ جو ڪم ورتو ٿي ويو.

ٻيا فصل

ٻيا فصل

هاڻوڪيون سامونڊي کاريون به ڪڏهن مٺي پاڻي جا وهڪرا هئا، خاص ڪري ڪيٽي بندر، حجامڙو ۽ دٻو، تنهن ڪري انهن جي ڪنڌين تي به ساريون جام ٿينديون هيون. هاڻي اها زمين ايتري خراب ٿي چڪي آهي جو جيڪڏهن ڊگهو عرصو اتي درياهه جو لٽاشو پاڻي ڇڏجي ته شايد اهي ٻيهر مِٺيون ٿي سگهن. ڪلر سبب خراب ٿيل زمين ۾ اوڀر طرف، جاتيءَ کان بدين تائين دنگ آهي، ڏکڻ ۾ ساڪري کان هيٺ ۽ اولهه ۾ سڄو الهندو پاسو.
ٻگهاڻ جي لڳ ڀڳ چِڪو ۽ ناريل سان گڏ کجي به ٿئي ٿي. هن کان اڳ اسان کي اها غلط فهمي هئي ته، کجيءَ ٻچو ئي سُٺو ۽ مِٺو ميوو جهلي سگهندو آهي پر مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته، شاهه بندر واري علائقي ۾ ککڙيءَ سان کجي پوکي وڃي ٿي، جنهن جو ميوو ڏاڍو مٺو آهي.

شڪارين جون تياريون

شڪارين جون تياريون

ڊيلٽا جون ڍنڍون ۽ ڍورا پرديسي پکين سان ڀرجڻ لڳا آهن. جتي ڪٿي پکين جون مختصر ٽوليون ۽ ولر ڦرندا نظر ٿا اچن. هاڻي هنجرون، ڊگوش، ٿروندو، چيکلو، ٻوڙ، ڪينا، ٻگهو، چِٽورو، نيبدوڙو، درياهڙي، ڪُوڪي، لاکو، پيڻ ۽ ڪانئرو پيا پسجن. اهي سڀ پرديسي ناهن، گهڻن وٽ مقامي ڊوميسائل آهي.
پر ... پکين جا ولر ايندا ڏسي شڪارين جا وات پاڻي ٿيڻ لڳا آهن، بندوقن کي تيل هڻي صاف ڪرڻ شروع ڪيو اٿائون. ٿورن ئي ڏينهن ۾ پکين جو قتلام شروع ٿي ويندو پوءِ کڻي سرڪار لک بندشون وجهي. اسان ته ڏٺو آهي سرڪاري ڪامورا پنهنجن سنگتين ساٿين ۽ آفيسرن کي خوش ڪرڻ لاءِ شڪار جا خاص بندوبست ڪندا آهن. بندوقون ڇٽنديون ۽ سڀ پکي مرندا اڪثر اهي مرندا جيڪي داڻي پاڻيءَ جي تلاش ۾ پري کان ڪهي آيا آهن. ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۾ عرب ملڪ جا عياش شهزادا به لشڪر ۽ بندوقون کڻي پهچندا. سنڌ جا روڊ سندن قافلن سان ڀرجي ويندا ۽ ڍنڍون، ڍورا، کاريون ۽ جبل جهنگلي جيون جي رت سان!

گهاتو ڪيئن گهارين؟

گهاتو ڪيئن گهارين؟

ڪيٽي بندر تي مهاڻن ٻڌايو ته، جڏهن گهاتو مڇي کڻي بندر تي پهچن ٿا ته، ان مڇيءَ جي جي وڪري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪو ٻڌو اگهه تجويز ڪن ٿا. مثال طور هڪ ڊاٽسن پڪ اَپ جيتري مڇيءَ لاءِ ڏهه هزار رپيا گهريائون، ان مهل ڪانٽي تي ويٺل دلال، مڇيءَ جي واپارين کي ڪٺو ڪري چوندو،
”منهنجن گهاتوئن هيءَ مڇي آندي آهي ... مون انهن کان پڇيو آهي ... ڏهن هزارن ۾ ڏيندا ... توهان جي ڇا مرضي آهي؟“ پوءِ واپاري پاڻ ۾ صلاح ڪندا ۽ واڪ هلندو. ڪو چوندو ته، ساڍا ڏهه ڪو يارهن ... پوءِ واڪ وڌندو ويندو ۽ جتي کٽو. واپارين کي مارڪيٽ جي وڌيڪ خبر هوندي آهي. جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ مڇي گهٽ هوندي ته، واڪ چاليهه پنجاهه کان اسي نوي هزار رپين تائين به پهچي سگهي ٿو. مارڪيٽ ۾ مڇي گهڻي هوندي ته واڪ گهٽ ملندو.
سودو جتي بيٺو، پئسا دلال کي ملندا. پنهنجي ڪميشن ۽ گهاتوئن کي ڏنل اڳواٽ اوڌر ڪٽي، باقي پئسا گهاتوئن کي ڏيندو، جيڪي پنهنجي مقرر ڪيل حساب سان پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. مڇي مهانگي ٿي ته اٺ ڏهه واپاري گڏجي خريداري ڪندا آهن، پوءِ مڇي کڻائي وڃي برف خانن ۾ وجهندا پوءِ جنهن وٽ جهڙو آرڊر هوندو، ان حساب سان سپلاءِ ڪري ڇڏيندا.
جيڪڏهن حساب ڪبو ته، گهاتو، واپارين کي مڇي ويهه رپيا ڪلو جي حساب سان ڏين ٿا، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ اڄڪلهه ان جو اگهه 40_45 رپيا ڪلو آهي. گهاتو ۽ دلال جو پاڻ ۾ رشتو ائين آهي جيئن هاري ۽ زميندار جو هجي. گهاتو شڪار تي وڃڻ کان اڳ دلال کان اوڌر کڻي راشن پاڻي، تيل، برف ۽ رَڇَ کڻي سمنڊ کيڙيندا آهن ۽ واپس اچي ساڳئي دلال وٽ مڇي وڪڻيو ڇڏين. اوڌر وٺڻ سبب گهاتو مجبور آهن ته ٻئي دلال وٽ مڇي نه وڪڻن. اها ٻي ڳالهه آهي ته، دلال به پنهنجي کيسي مان پئسا نٿو ڪڍي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته، دلال مڇي خريد ڪندڙ ڪنهن وڏي ڪمپنيءَ کان اوڌر وٺي ڪنهن گهاتوئن کي ڏيندو آهي ۽ شڪار جي وڪري کان پوءِ رقم موٽائي ڏيندو آهي.
گهاتوئن لاءِ ضروري آهي ته، کلئي سمنڊ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ اڳواٽ اجازت نامو وٺن. اجازت ڪسٽم کاتي وارا ڏين ٿا. مختلف کارين تي قائم پتڻ لڳ ويجهن شهرن ۾ ڪسٽم چوڪيون آهن. اجازت نامي لاءِ في (Fee) مقرر آهي. ڪيٽي بندر، ٻگهاڻ، جنگي سر، ڪراچي جت ڪٿ چوڪيون آهن. اهي چوڪيون مهيني ٻن لاءِ هر چڪر تي جدا اجازت نامو جاري ڪن ٿيون. اجازت لاءِ 66_1965ع ڌاري ڏهه رپيا في هئي، 82_1980ع ڌاري پنجويهه رپيا ٿي ۽ هاڻي 30_40 رپيا آهن. ان اجازت نامي کي P.C چون ٿا.
گهاتو سمنڊ کيڙڻ لاءِ قرض کڻن. شڪار لڳو ته قرض موٽايو ڇڏين، نه لڳو ته ٻيهر کڻن، ٻيهر شڪار نه لڳو ته ٽيهر کڻن، ٽيهر به شڪار نه لڳو ته سمجهو پيڙهين تائين قرض ۾ ڪارا ٿي ويا. شڪار ۾ جوکم نه دلال جو آهي ۽ نه واپاريءَ جو، فقط گهاتوئن جو آهي. پر لڳل شڪار ۾ جڏهن حساب پتيون ٿين ته گهاتوءَ کي اڌ قيمت به مس ملي ٿي. دلال جا پئسا ته ڪڏهن ٻڏڻا ئي ناهن، گهاتو، پنهنجا رَڇ ڄار، پڇاڙيءَ هڙهو وڪڻي به قرض موٽائي ڏيندو ۽ پوءِ وڃِ ڪنهن ٻئي هڙهي يا لانچ تي نوڪري ڪندو.
سنڌ جي گهاتوئن جا چار دشمن آهن، اڃا به پنج. سامونڊي هوائون، هندستان جي سامونڊي فوج، بلوچستان جو فشري کاتو، پاڪستان جي سرحدن جي محافظ فوج ۽ ڀاڳ نڀاڳ جي ٽنگيل ترار. سنڌ جي گهاتوئن کي بلوچستان واري ڪنڌيءَ تي به شڪار ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. اُتي شڪار جو حق فقط مقامي ماڻهن کي آهي. هندستاني فوج ته هونئن ئي ڊيوٽيءَ تي آهي پر پاڪستان فوج به مهاڻن تي گهٽ ڀروسو ڪيو آهي. اسمگلنگ ڪندڙ وڏيون مڇيون جهلجن ڪو نه، عذاب ۾ گهاتو. سندن سڀ کان وڏا دشمن ته ڪوريا، تائيوان ۽ جپان جا ٽرالر آهن جيڪي پاڪستان جي سامونڊي حدن مان به مڇيون ٻهاري هليا وڃن ٿا_ ٽرالرن جا ڄار سڀ ڪجهه ميڙيو وٺن ۽ پوءِ نه گهربل شڪار مئل حالت ۾ ڪڍي سمنڊ ۾ اڇلايو ڇڏين، ان ڪري سنڌي سمنڊ ۾ مڇيءَ جو نسل گهٽجي ويو آهي.

پورٽ قاسم ڏانهن

پورٽ قاسم ڏانهن

جمعو، 24_ نومبر 1989ع
سمنڊ جي پنهنجي طبيعت هوندي آهي. پر ان طبيعت جو دارومدار هوائن تي هوندو آهي. هوا نه هوندي ته سمنڊ ماٺو هوندو، نه ڇوليون هونديون نه تيزي. ڪالهوڪي تجربي کي آڏو رکي، فيصلو ڪيو ويو ته، ٻيڙيون ساجهر ئي نڪري وڃن ته جيئن سامونڊي هوائون سفر کي اوکو نه ڪن. ڪيٽيءَ کان ڪراچيءَ جو پنڌ هونئن ئي ڊگهو آهي. هر قيمت تي ٻارهين لڳي کان اڳ، ڦِٽي کاريءَ ۾ پورٽ قاسم پهچڻ جي نئين سر هدايت ڪئي وئي. ٻيڙين جو قافلو صبح ستين لڳي روانو ٿي ويو. ڪالهه کان ٿڌيون هوائون محسوس پيون ٿين. خبر ناهي ته اڄوڪي پنڌ ۾ ڇا ٿئي؟ اسان کي نوريءَ جو فڪر گهڻو آهي. ڇا اها اڄوڪي سٽ سهي سگهندي؟
ڪيٽي بندر کان ڪراچيءَ ڏانهن روانگيءَ وقت ٻيڙياتن کي هدايت ڪئي وئي ته، رٻڙ جي ٻيڙي ۾ لڳل ڪاٺ جي تختن تي سڄو بار وجهو ۽ ڪوشش رکو ته سامونڊي ڇولين سان جهيڙي مهل ٻيڙيءَ جا تختا نه نڪري وڃن!
اڄ کارين ۾ سفر ڪا نئين ڳالهه نه هئي. جنگي سر کان ڪيٽيءَ تائين ساڳيو ئي منظر آهي. تمر جا ٻيلا، گپ جا دڙا، مڇي جو شڪار، سامونڊي پکين جي آڌار، پاڻيءَ ۾ مڇين جا ولر، ڊيلٽائي ٻيٽن تي پکڙيل تمر جي ٻيلن ۾ گدڙن جون ڊوڙون، سڀ ڪجهه ساڳيو هو. سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ هيءُ گدڙ عجيب آهن، تمر جي وڻ تي رهي ٿو، مڇيءَ جو شڪار ڪري ٿو، کاري پاڻيءَ تي گذر ڪري ٿو ۽ شايد تارو به آهي.
ٻيڙيون، کارين مان ور وڪڙ کائينديون نيٺ اتي پهتيون جتي وشال سمنڊ اکين جي آڏو هو. ائين ٿي لڳو ته سمنڊ اُڀاميل آهي ... ڇا سچ پچ سمنڊ اُڀامي آيو هو يا اهو اسان جي اکين جو دوکو هو؟ هيءُ هڪ انوکو نظارو هو ... انوکو شاعراڻو چٽ. اسان جون پتڪڙيون ٻيڙيون، وشال سمنڊ ۾ داخل نه ٿيون پرسمنڊ اکين جي آڏو آڪاش وانگر پکڙيل هو! ڪنهن خواب ۾ به نه سوچيو هو ته سمنڊ ائين به نظر اچي سگهي ٿو!؟ اهو منظر سڄي سامونڊي سفر ۾ سڀ کان ڇرڪائيندڙ هو. ٻيڙيون مسلسل هڪ اهڙي کاريءَ مان ڊوڙي رهيون هيون، جيڪا کلئي سمنڊ سان لڳو لڳ پُور _ وڇوٽ هلندڙ کاري، بار بار کلئي سمنڊ سان ملي وڇڙي ٿي وئي.
هڪ ننڍڙي واهه جيتري کاريءَ جي سيني تي رٻڙ جي پتڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ترندي جڏهن اٿاهه سمنڊ جي مٿاڇري تي جبل جيڏن بحري جهازن تي نظر ٿئي پئي ته ان وقت هن ڪائنات ۾ جيتامڙي ماڻهوءَ جي حيثيت جو اندازو لڳائي، پاڻ ئي کِل پئي آئي. ائين پئي لڳو ڄڻ اسان جي کاري ۽ ان تي ترندڙ ٻيڙيون ڪنهن گهڻ_ منزل عمارت جي پهرين ماڙ تي هجن ۽ وشال سمنڊ جي ڇاتيءَ تي هلندڙ جهاز ان عمارت جي چوٿين منزل تي هجي.
اهو منظر ڏسڻ جو موقعو شايد ان ڪري مليو هو جو سمنڊ جي وير مٿي چڙهي آئي هئي. نوريءَ ۽ مورڙي هيل تائين فقط درياهي دهشت ۽ ماٺار ڏٺي هئي؛ هاڻي وشال سمنڊ جي پاسي کان، هڪ کاريءَ مان لڪنديون ٿي ويون. هوائن تي ڀروسو نه هو. اهي ڪنهن به مهل ڇڙي ٿي سگهيون. هر ڪنهن جي چهري تي اهو سوال پڙهي پيو سگهجي ته جيڪڏهن هوائون ڇُڙي پيون ۽ سامونڊي کارين ۾ ڇولين هنن پتڪڙين ٻيڙين کي لاٽونءَ وانگر ڦيرائڻ شروع ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
اهو ئي ٿيو، جنهن جو خطرو هو هوائون ڇُڙي پيون. سمنڊ ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو. ٻيڙيون سمنڊ جي سطح تي ننڍڙي جيت جيان ڦٿڪڻ لڳيون. انجڻيون جواب ڏيئي وٺي بيٺيون ... خبر تڏهن پئي جڏهن مورڙئي جي تري ۾ لڳل تختا تڙڪو ڪري اکڙي پيا، ٻيڙيءَ ٿاٻو کاڌو ۽ ٻيڻي ٿي وئي. قسمت چڱيءَ هئي جو ڪنڌي ويجهي هئي همراهن مڙسي ڪري گپ جي ٻيٽ تي ٻيڙيءَ چاڙهي ۽ تختا جوڙيا. اِها ڪلاڪ کن جي محنت هئي. ٻيڙياتا گپ ۾ ليٿڙجي لڌڙا ٿي پيا.
ٻيڙيون ٻيهر هليون، هاڻي سفر ڏکيو ٿي چڪو هو. هلڻ جي رفتار گهٽ جي وئي. تيز هوائن سبب، پاڻي ٻيڙين مٿان وري ٿي ويو. ٻيڙياتا مٿي کان پيرن تائين پاڻيءَ ۾ پسي ٿي ويا. آلي جسم تي لڳندڙ ٿڌي هوا کان پوءِ ائين ٿي محسوس ٿيو ، ڄڻ جسم تي ڪپڙو پاتل نه هجي. جيتوڻيڪ هر هڪ ڄڻو پنهنجي پر ۾ واٽرپروف جئڪيٽ پهري نڪتو هو. اسان جي ڪجهه ساٿين ڪناري تي لهي سگريٽ دکائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا. سگريٽ ۽ ماچيس سڀ پسي چڪا هئا، ڪا تيلي بچي نه هوندي تڏهن به تيز هوائن ٻرڻ نه ڏني هوندي.
سفر وري شروع ٿيو ته، هڪ وڏي ڇوليءَ سان گڏ ڏهه ٻارنهن مڇيون اچي ٻيڙيءَ ۾ پيون. پاڻي ته نڪري ويو، مڇيون رهجي ويون. منجهند جو ٻي لڳي ڌاري، ڦِٽي ڪريڪ جي ان موڙ تي قافلو پهتو، جتان پورٽ قاسم جي جيٽين ڏانهن دڳ ٿي ويو. منزل ٿوري دور هئي ... باقي چند وکون. ڪيٽي بندر کان ڪراچي ايندي اسان تي ٻه جذبا حاوي هئا. هڪ ته ٻاويهن ڏينهن واري مهم کي ڪاميابيءَ سان سرڪرڻ واري خوشي ۽ هڪ اداسيءَ وارو احساس، جنهن ان وقت اسان جي وجود ۾ جنم ٿي ورتو، جڏهن اسان ڊيلٽا ۾ سموري واٽ تي مڇي مارڻ وارا ماڻهو، بهاري يا بنگالي ڏٺا. جيتوڻيڪ انهن مان ڪجهه ماڻهن ڏکئي وقت اسان جي واهر ڪئي ۽ چانهه پياري سيءَ واري ڏڪڻي ختم ڪئي ... پر جڏهن اسان اهو پيا سوچيون ته اسان پنهنجي سمنڊ ۾ مڇي مارڻ وارو ڪم به بهارين ۽ بنگالين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي تڏهن اسان جو اندر اداس ٿي پئي ويو.
ڪيٽي بندر کان ڪراچيءَ جي وچ ۾ ڪهڙا ڦٽل تاريخي بندر ڪيڏي مهل لنگهي ويا، سچ پڇ ته پتو ئي نه پيو. اڄ وڏي هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان هئي پر اسان کي اها خبر آهي ته، وڏي کڏيءَ ۾ قبي يا جاکي بندر جي ۽ ان جي سامهون کاريءَ جي ٻئي ڀر ملاڪي ڪوٽ آهن. ڪديرو کاريءَ رتو ڪوٽ آهي. جيڪو ڦِٽي ڪريڪ جي واٽ کان ٿورڙو اڳتي، لٽ بستيءَ جي آمهون سامهون آهي.
اڄوڪي پنڌ ۾ نوري ۽ مورڙئي ڪيٽي بندر کان حجامڙو، دبو، پئٽياڻي، کاهي کڏي ۽ ڦٽي کاريون جهاڳيون آهن.

تِمر جا ٻيلا

تِمر جا ٻيلا

وڻ، زندگيءَ لاءِ ڪيڏي اهم جنس آهي، اهو انهن کان پڇجي جن وٽ وڻ ناهن. سنڌ جا اوڀر ۽ اولهه وارا پاسا ۽ جابلو پٽ وڻڪار کان وانجهيل هئڻ ڪري جياپي لاءِ ڏاڍا ڏکيا آهن. ان ڪري ماحوليات جي ماهرن جو بنيادي نعرو آهي، ”وڻ ناهن ته مستقبل ناهي.“ پر اها به حقيقت آهي ته، شعور جي کوٽ سبب اهي علائقا به خطري ۾ پئجي پيا آهن جتي، وڏا ٻيلا آهن. سڄي دنيا ۾ جتي جتي به آلودگي وڌي رهي آهي ماحولياتي تبديلي اچي رهي آهي يا وڏي تعداد ۾ وڻ وڍجي رهيا آهن، اتي زندگيءَ جو توازن تيزي سان ڦِٽندو پيو وڃي.
سنڌ ۾ ٻيلن جا ٻه قسم آهن. هڪڙا اهي جي ڪشمور کان ڄامشوري جي وچ ۾ سنڌوءَ جي ٻنهي ڪپن تي آهن ۽ ٻيا سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ آهن. ٻنهي قسم جي ٻيلن ۾ دلدلي ٻيلا جن کي تِمر جا ٻيلا چون ٿا، وڏي خطري ۾ آهن. سبب؟ ان ڪري ته ماحولياتي تبديلي ٿي رهي آهي. ماحول ۾ تبديلي آڻڻ فطرت جو ڪم سهي پر وڏو هٿ خود ماڻهن جو آهي. خاص ڪري بئراج پوڻ کان پوءِ جيئن ته مٺي پاڻيءَ جو ڇوڙ ۽ ان سان گڏ ايندڙ لٽ، مٽي ۽ واري گهٽجي وئي آهي، تنهن ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي درياهي واتن ۾ ڪاهي پوي ٿو.
جيئن ته درياهه جي ڇوڙ وٽ اها سموري معدنيات اچي ڪٺي ٿئي ٿي، جيڪا تمر جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي، تنهن ڪري اتِي تِمر تيزي سان وڌي ۽ ويجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اها گهڻي معدنيات ۽ حياتيءَ لاءِ ڪارائتا جُزا تمر جي وڻ خاص ڪري ان جي پاڙن جو حصو ٿين ٿا، تنهن ڪري سامونڊي زندگي، تمر واري علائقي ۾ رهڻ پسند ڪري ٿي. سامونڊي مخلوق کي تمر جي پاڙن مان طاقتور خوراڪ ملي ٿي، جنهن ڪري نه رڳو ننڍيون مڇيون ۽ جهينگا دلدلي ٻيلن ۾ پلجن ٿا پر تمام ننڍڙي (Micro Scopic Plant life) سامونڊي نباتات ۽ جيوڙا به پيدا ٿين ٿا، جيڪي مڇين ۽ انهن جي ٻچن لاءِ خوراڪ بڻجن ٿا. دلدلي مٺي کاري پاڻي (Brackish Water) ۾ حياتيءَ کي هٿي ڏيندڙ سگهه جو اندازو ان مان سولائي سان هڻي سگهجي ٿو ته، ان تي تمام ننڍڙي سامونڊي نباتات وڏي تعداد ۾ اڀري ٿي.
حياتيءَ جي بقا جو هڪ پنهنجو سرشتو آهي. جيڪڏهن ان سرشتي ۾ ڪٿي به رنڊڪ يا ڦيٽارو پوي ٿو ته، سڄي حياتي متاثر ٿئي ٿي. جيڪڏهن تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويندا ته، سامونڊي مخلوق ڪناري کان پري هلي ويندي، ڇو ته ان جو مکيه سهارو باقي نه رهندو. سنڌوءَ ۽ ان جي ساٿي ندين تي جڏهن کان بئراج پيا آهن، تڏهن کان مٺي پاڻيءَ جو ڇوڙ ۽ لٽ پلٽجڻ جو عمل گهٽجي ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ جو ڊيلٽا ڏاڍو متاثر ٿيو آهي. سامونڊي مخلوق هوريان هوريان ڪنارو ڇڏڻ لڳي آهي. ان ڪري هاڻي سامونڊي مخلوق اِتي آنا به گهٽ لاهي ٿي.
لَٽَ ته شايد هر ندي آڻي ٿي پر لٽ کي ويهارڻ ۽ گڏ ڪرڻ ۾ تمر جو وڏو ڪردار آهي. تِمر، لَٽ کي پنهنجين پاڙن جي مدد سان جهلي ٿو. جنهن ڪري هر سال زمين وڌي ٿي ان ئي زمين تي تِمر اڃا پکڙجي ٿو. پر جڏهن درياهي پاڻي سمنڊ ۾ داخل نٿو ٿئي تڏهن، سمنڊ درياهي ڍورن ۾ ڪاهي پوي ٿو ۽ پوءِ اهي ڍورا سامونڊي وِيرن جي لاهه چاڙهه سبب سامونڊي دهشت گرديءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا، مِٺي زمين کاري ٿي پوي ٿي. زمين ۾ لوڻياٺ وڌي ٿي، کوهه کارا ٿين ٿا. تمر جا ٻوٽا مرڻ لڳن ٿا. دلدلي مخلوق لڏڻ ۽ مرڻ لڳي ٿي، انساني آباديون ڊهڻ لڳن ٿيون ۽ جياپي جي بقا جو سڄو سرشتو ڊانواڊول ٿي وڃي ٿو. تازو ٿائيلنڊ ۾ ٿيل مهاڻن جي هڪ ايشيائي ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته، پاڪستان ۾ دلدلي علائقي ۾ ماحولياتي آلودگيءَ سبب، سامونڊي مخلوق وڏي تعداد ۾ ڪنارو ڇڏي چڪي آهي، جڏهن ته کلئي سمنڊ ۾ ڪوريا ۽ تائيوان جي ٽرالرن جنهن جديد طريقي سان مڇي مارڻ شروع ڪئي آهي، ان سبب، مقامي مهاڻا هاڻي اڳي جي ڀيٽ ۾ فقط 10 سيڪڙو شڪار ڪري سگهن ٿا، پوءِ کڻي انهن وٽ وڏيون لانچون ۽ هُڙا ئي ڇو نه هجن. سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ، سامونڊي مخلوق کي وڌائڻ لاءِ، اٽل آهي ته ڊيلٽا جو ماحولياتي سرشتو بحال ڪيو وڃي. ان ڏس ۾ پاڪستان جي ٻيلي کاتي ۽ سامونڊي اڀياس واري کاتي هاڻي اکيون پٽيون آهن. 1970ع واري ڏهاڪي جي مهڙ ڌاري، اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته، تمر ۽ ڊيلٽا جو علائقو ملڪ جي اقتصاديات ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن تي هن کان اڳ ڪڏهن سوچيو به نه ويو هو.
هڪ اندازي موجب، گذريل صدين ۾، سنڌو پنهنجي لٽ جي ذريعي هر سال اٽڪل ويهه هزار ايڪڙ نئين زمين پيدا ڪندو رهيو آهي پر جڏهن کان بئراج پيا ۽ گهربل مقدار ۾ مٺو پاڻي لٽ سميت سمنڊ ۾ نٿو لهي، تڏهن کان سنڌ جون ڏاکڻيون حدون سمنڊ جي موٽ سبب گهٽ ٿينديون پيون وڃن. اهڙو مشاهدو خاص طور تي تعلقي ساڪري، کاري ڇاڻ، ڪيٽي بندر، جاتي، شاهه بندر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ جي ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪيترو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کپي؟ ان بابت ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل هڪ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي (اڳوڻي) صدر غلام اسحاق خان ٻڌايو هو ته، ”گهٽ ۾ گهٽ پنجهتر هزار ڪيوسڪ.“ پر جڏهن اسان اوشينوگرافيءَ واري کاتي جي واسطيدار عملدار کان اهو سوال ڪيو ته، هن بنا هٻڪ جي چيو ته، ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي روزانو سمنڊ ۾ پوڻ گهرجي. پاڪستان جو صدر ماحولياتي ۽ آبپاشيءَ مان ڪنهن به شعبي جو ماهر نه آهي، ممڪن آهي ته هن کي غلط معلومات ڏني وئي هجي.
هڪ اڀياس موجب، دنيا ۾ تمر جون ڪل ٽيونجاهه جنسون آهن، جيڪي ٿلهي ليکي اٺن قسمن جي ٻارهن نمونن ۾ ورهايل آهن. تمر جا اهي ٻيلا ٻه ڪروڙ ٽيهه لک ايڪڙن تي پکڙيل آهن. سنڌو ڊيلٽا ۾ تمر جون اٺ جنسون آهن، جڏهن ته مڪران جي سامونڊي ڪناري لڳ پنج جنسون آهن، پر اهي قد بت ۾ ننڍيون آهن ۽ هوريان هوريان ختم ٿي رهيون آهن، ان جو سبب شايد اهو ئي آهي ته اتي درياهي لٽ گهٽجي رهي آهي ۽ بلوچستان جون ننڍيون جابلو نديون تمر جي واڌاري لاءِ مناسب ماحول برقرار رکي نه سگهيون آهن.
سنڌو ندي، دنيا ۾ ڇهون نمبر وڏي ندي آهي. جڏهن ته اپکنڊ ۾ ٻئي نمبر تي وڏو ڊيلٽا سنڌوءَ جو آهي. پهرين نمبر تي وڏو ڊيلٽا گنگا ۽ برهمترا وارو گڏيل ڇوڙ جو علائقو آهي، جنهن تي سندر بن ٻيلا آهن. سندر بن ڪو هڪ ٻيلو ناهي ان جا مختلف حصا بنگلاديش ۽ اولهه بنگال ۾ آهن. اهي ٻه نديون پاڻ سان گڏ نه رڳو هندستان پر ڪشمير ۽ نيپال ندين جو پاڻي به آڻين ٿيون، جنهن ڪري سندر بن ٻيلن ۾ تمر جا تمام وڏا ٻيلا به پيدا ٿيا آهن. اهي ٻيلا مختلف ٻيٽن تي پکڙيل هئڻ ڪري Sundar Bans سڏجن ٿا.
تمر کي يورپي ٻولين ۾ مينگرو (Mangrove) سڏيو وڃي ٿو، اهو نالو آفريڪا مان ان وقت کنيو ويو، جڏهن پورچوگيزن اولهه آفريڪا جي انهن علائقن ۾ قدم رکيا، جتي تمر جا ٻيلا هئا. سندر بن ۾ 607.000 هيڪٽرن تي تمر جا ٻيلا آهن. ڀارت ۾ اڙيسا، اولهه بنگال ۾ (150 چورس ڪلو ميٽر) تامل ناڊو، ڪرناٽڪا، گوار، مهاراشٽر (330 چورس ڪلو ميٽر) گجرات (260 چورس ڪلوميٽر) ۽ احمد آباد ۾ تمر جا وڻ آهن. انهن ٻيلن کي سڀ کان گهڻو هاڃو سن 1777 ۾ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ رسايو. تمر (Mangrove) کي آفريڪا ۾ مين گائو (Mangue) چيو ٿي ويو. هن وقت سندر بن ۾ تمر جا ٻيلا دنيا ۾ سڀ کان وڏا سمجهيا وڃن ٿا. هندستان ۾ تمر جي وڻن جي مختلف قسمن جا نالا سُندري (Sundri)، گورن (Garan) گيون (Geon) ڪيوڙا (Keora) ۽ گول پته وغيره آهن. (ڀارت ۾ تمر بابت اها معلومات مون کي ڪلڪلتي جي ڊاڪٽر جوتيندر راءِ چوڌريءَ، ٿائيلينڊ جي سونکلا يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڪانفرنس دوران ڏني. ڊاڪٽر جوتيندر جو تعلق هندستان جي هڪ غيرسرڪاري تنظيم (N.G.O) ڪوسٽل پُوئر ڊيولپمينٽ ايڪشن نيٽ ورڪ سان هو ۽ هن تمر جي وڻ تي ست سال اڀياس ڪيو هو.)
چوندا آهن ته، هر شيءِ جو سڀ کان وڏو دشمن ان جي پنهنجي اندر ۾ هوندو آهي. تمر جون خوبيون تمر جون دشمن ٿيون آهن. تمر تمام سخت ڪاٺ آهي ان ڪري مختلف ملڪن ۾ اهو ڪاٺ فرنيچر ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿو. هندستان ۾ ٻيڙيءَ جي مٿانهين حصي تي ڪٽهڙا ان مان ٺاهيا وڃن ٿا. مهاڻا ته جيڪر ان کي ونجهه ۾ چپوءَ طور به استعمال ڪن ها پر ڇاڪاڻ ته بانس (Banboo) ۽ ٻيو ڪاٺ هلڪو ٿئي ٿو تنهن ڪري ڪجهه بچاءُ ٿيو آهي. البت ماڻهو تِمر سان دشمنيءَ کان نه مڙيا، جهوپڙين ۾ ٿنڀي طور تي ان جو ٿڙ استعمال ڪن ٿا. تمر جو گهيرو ڏيڍ ٻه فوٽ به ٿئي ٿو. هندستان ۾ ڀولڙا ”ڪيوڙي” ۽ ”گيون“ جو ڦل کائين ٿا، پاڪستان ۾ اٺ، ٻڪريون ۽ ٻيو مال ته ڄڻ تمر جي پنن جو عاشق آهي. سنڌ جي ڊيلٽا ۾ پلجندڙ اٺن جا وڳ گهڻو ڪري تمر تي پلجن ٿا، جيڪي پوءِ عربستان، ٿر، ڪوهستان ۽ بلوچستان ۾ وڪامجن ٿا. جتن جو وڏو ڪاروبار اٺن جي پالنا تي آهي. جيڪڏهن تمر جي چاري طور استعمال تي بندش نه وڌي وڃي تڏهن به تمر کي گهڻو نقصان نه ٿيندو. تمر جو اصل دشمن ماڻهو آهي. جيڪو وڻ وڍي ڪاٺيون ٻاري ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ اُٺ تمر کي کپائي نٿا سگهن پر انسان ئي ختم ڪري سگهي ٿو. بک ته لهي سگهي ٿي، هٻڇ نه.
تمر جي ٻين فائدن ۾ ماکي به شامل آهي، سندر بن جا اڪثر ماڻهو ماکيءَ جي لالچ ۾ شينهن جو شڪار ٿيندا آهن.
تمر جو ٻوٽو رڱڻ جي ڪم به اچي ٿو، ان جي ڇوڏي ۾ رڱڻ جي صلاحيت گهڻي آهي. تمر جا ٻيا اهم ٻيلا نِگر (Nigar) نديءَ جي ڊيلٽا ۾ آهن. نگر ندي آفريڪا جي ٽيون نمبر وڏي ندي آهي، جنهن جي ڊيگهه 4185 ڪلوميٽر آهي. اها ندي اولهه آفريڪا ۾ مالي، نگر ۽ نائيجيريا ملڪن مان لنگهي ٿي. ڏکڻ آمريڪا ۾ اورينوڪو (Orinoco) به هڪ اهم ندي آهي، جنهن جو شمار ڏکڻ آمريڪا جي ٽن وڏين ندين ۾ ٿئي ٿو، اتي به تمر جا ٻيلا آهن جيڪي 7800 چورس ميل (20.2000 چورس ڪلوميٽرن) واري ڊيلٽا ۾ آهن. 2575 ڪلوميٽر ڊگهي هيءَ ندي وينزويلا ۽ ڪولمبيا مان ٿيندي ايٽلانٽڪ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
پاڪستان ۾ تمر جي ٻيلن جي پکيڙ 1966ع ۾ 249.486 هيڪٽر ڪٿي وئي هئي. جيڪا گهڻي ڀاڱي سنڌو ڊيلٽا ۾ آهي. ان طرح سنڌو ڊيلٽا ۾ تمر جو تعداد دنيا ۾ پنجين ڇهين نمبر تي آهي. مڪران واري ڪنڌيءَ تي تمر، ويهن هيڪٽرن تي هوندو. 1947ع کان اڳ واري برطانوي رڪارڊ کي سامهون رکي ڏسي سگهجي ٿو ته، ڪجهه ئي سؤ سالن جي مُدي اندر سنڌو ڊيلٽا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. ان وقت سنڌوءَ جا مکيه وهڪرا، ڪراچيءَ لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. تمر جا وڻ هاڻي جي ڀيٽ ۾ وڏا ۽ گهڻا هئا. اندازو آهي ته ڪڇ واري رڻ ڏانهن، آخري ڀيرو ڇوڙ وقت، اولهه پاسي تمر جا ٻيلا گهٽيا ۽ ڏکڻ طرف وڌيا. درياهي ڇوڙ ۾ تمر جي ٻيلن ۾ اها ڦيرگهير هاڻي به جاري آهي.

ڊيلٽا ۾ فطرت جي دهشتگردي

ڊيلٽا ۾ فطرت جي دهشتگردي

ڊيلٽا مان لنگهندي، شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته، قديم آثارن جي تباهيءَ جو عمل جيتري تيزي سان سنڌ جي ڊيلٽا ۾ ٿي رهيو آهي، اوترو دنيا ۾ شايد ڪٿي به نه هوندو. قديم وستين سان جيتري دشمني صنعتي ترقيءَ ڪئي آهي ان کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي اٿل پٿل ڪئي آهي.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ارضياتي تبديلين جو رڪارڊ گهڻو دير سان رکڻ شروع ڪيو ويو، تڏهن به هاڻي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته، سنڌ هڪ خوفناڪ خطي ۾ واقع آهي، جتي ڪنهن به مهل وڏو ارضياتي واقعو ٿي سگهي ٿو. موجود ارضياتي رڪارڊ موجب 1819ع ۾ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڌرتي ڌٻي هئي، جنهن ڪري سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ وڏي تبديلي اچي وئي. ان کانپوءِ 15 آڪٽوبر 1898ع تي ٻيو وڏو زلزلو آيو، جنهن شاهه بندر کان ٿرپارڪر ۽ خيرپور جي علائقي کي لوڏي ڇڏيو. 14 جنوري 1903ع تي وري ڌرتي ڌٻي، جنهن حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ۾ زندگيءَ کي جهنجهوڙيو. بدين تعلقي ۾ زمين ڦاٽي جنهن مان گرم پاڻي ۽ گپ ٻُڙڪي نڪتي ۽ اڀامي پکڙجي وئي. اها ايڏي وڏي مقدار ۾ هئي جو لڳ ڀڳ هڪ چورس ميل ۾ پکڙجي وئي. اهو ڦاٽ گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن ڪلاڪ برقرار رهيو. جڏهن اهو هاڃو گهٽيو ته گرم پاڻي ۽ گپ اوڳاڇيندڙ وڏا وڏا سوراخ ظاهر ٿيا. انهن سوراخن جو قطر ڪجهه انچن کان وٺي 15_20 فوٽن تائين هو. انهن جي اونهائي 8_10 فوٽ هئي جن جي ترن ۾ نرم مٽي هئي.
1819ع ۾ رڻ ۾ سنڌڙيءَ وٽ، جتي سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙ ڇوڙ ٿي ڪيو، هڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ سڄو ڳوٺ غرق ٿي ويو. ان واقعي ۾ ڌرتيءَ مان ڇهن کان اٺن فوٽن جا مخروطي مادا ڦٽي آيا، انهن مان ڪيئي ڏينهن تائين هوا ۽ مٽيءَ جا ڦوٽا ڦُٽندا ۽ ڦاٽندا رهيا.
1849ع ۾ پُور بندر کان اندر ڪا وبائي گئس ڦٽي نڪتي. اندازو آهي ته، اهو سمنڊ اندر ڪنهن جوالا مکيءَ جو ڦاٽ هو. مئي 1905ع ۾ ڪلفٽن جي ڪناري تي مئل مڇين جو وڏو تعداد نظر آيو، جنهن سان پنجن کان 10 يا 15 فوٽن جي ويڪر ۾ ٿلهو تهه ڪيئي ميلن تائين ٺهي ويو. ان جو سبب به ساڳيو سمجهيو وڃي ٿو. هوڏانهن سونمياڻيءَ کاري جي اولهه ۾ مٽيءَ ۾ گپ جا جوالا مکي اڄ تائين جيئرا آهن. هڪ واقعو 1883ع ۾ پيش آيو، جنهن ۾ تعلقي شاهه بندر جو ڏاکڻيون حصو هڪ وڏي ۽ اوچتي سامونڊي وير هيٺ اچي ويو. اها وير ايتري اوچتي هئي جو 91 انسان مري ويا. جن ۾ گهڻائي عورتن ۽ ٻارن جي هئي. ان وير جو سبب سامونڊي طوفان آهي.
سنڌ جو سامونڊي ڪنارو جيتوڻيڪ ويجهي ماضيءَ ۾ قدرتي آفتن کان محفوظ رهيو آهي، پر اهو سامونڊي طوفانن، زلزلن ۽ جوالا مُکين جي وڪڙ ۾ آهي. فقط 1985ع کان هيل تائين ڪراچي ٻن وڏن سامونڊي طوفانن کان ذري گهٽ بچي آهي. جڏهن ته زلزلي جا وڏي ڊگريءَ وارا لوڏا به هڪ ڀيرو رڪارڊ ٿيا آهن.

بئراجن جي تعمير کان اڳ

بئراجن جي تعمير کان اڳ

ڊيلٽا ۾ سنڌوءَ جا ڪنارا اگها لڳن ٿا. چؤطرف سم ۽ ڪلر، لوڻاٺا تلاءَ، کڏون، ڍنڍون ۽ آلي زمين. مٺي پاڻيءَ جي کوٽ سبب کاري پاڻي ڌرتيءَ ۾ پيهي ويو آهي ۽ اندر جا لوڻاٺا مادا مٿي کڻي ڌرتيءَ جي سطح تي پکيڙي ڇڏيا اٿس. هڪ اندازي موجب سنڌو ندي به هر سال هڪ ڪروڙ اٺ لک ٽن لوڻاٺا مادا پاڻ سان کڻي اچي ٿي. غلام محمد بئراج پوڻ کانپوءِ، صورتحال وڌيڪ خراب نظر اچي ٿي. بئراج جو لٽاشو پاڻي، جن زمينن کي ريج ڏئي ٿو اهي ته صحتمند آهن پر زمين ۾ سيمون ڪندڙ واهن، شاخن ۽ زمين جي سطح سمنڊ کان فقط ڪجهه فوٽ مٿي هئڻ سبب ٺٽي ضلعي جي ڌرتي پاڻيءَ سان چڪار آهي. صورتحال اها آهي ته، کوٽيل سم ناليون اوڀاريون ۽ لهواريون جي سُڌ وڃائي ويٺيون آهن، ويتر جو بئراجن سنڌوءَ جو پاڻي جهلي ڇڏيو آهي ته سمنڊ مڇرجي پيو آهي. سنڌوءَ جا ڍورا مٺي دوران کاري پاڻيءَ جا وهڪرا ٿي پيا آهن، جيڪي سامونڊي ويرن سان گڏ عام کارين جي نيمن موجب ابتاسبتا پيا وڃن.
اسان درياهه کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي نه ڏٺو. سنڌوءَ جون سموريون شاخون هن وقت سامونڊي کاريون آهن، مٺي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به سمنڊ ۾ نه ٿو پوي. اونهاري جي مند ايندي ته بئراج ٽٽڻ جي ڀوَ کان ملڪ جا انجنيئر بئراجن جا در کولي ڇڏيندا. پوءِ سنڌو ملڪ ٻوڙيندو سمنڊ کي ڌڪيندو لهي ويندو. چون ٿا ته بئراج پوڻ کان اڳ درياهه جو لڙاٽيل پاڻي عربي سمنڊ جو نيرو رنگ، سٺ ميلن تائين بدلائي ڇڏيندو هو. سمنڊ ۾ درياهه جي ان خوفناڪ ويڙهه دوران سنڌو پنهنجي فوج کي ڪيترن ئي شاخن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. اهڙيءَ طرح سنڌوءَ جي انهن شاخن دنيا جو هڪ عظيم ڊيلٽا ٺاهيو. اهو علائقو ٽي هزار چورس ڪلوميٽر کان مٿي آهي.
درياهه روزانو پاڻ سان 10_ لک ٽن مٽي کڻي ايندو هو ۽ هن علائقي ۾ پري پري تائين پکيڙي ڇڏيندو هو. ان حد تائين جو ڪورنگيءَ ۽ ابراهيم حيدريءَ لڳ ڏکڻ وارا ٻيٺ ٺهيا. اڄ به انهن سامونڊي ٻيٽن تي چيڪي مٽيءَ جو مقدار، هر ٻي شيءِ کان وڌيڪ ملندو. ان لٽ هن صديءَ جي مهڙ تائين سنڌ جون ڏاکڻيون حدون وڌائڻ ۾ وڏو ڪم پئي ڪيو، نه رڳو سرحدون پئي وڌايون پر اهي زرخيز علائقا ٺهندا پئي ويا، جن ۾ ٻيلا ۽ جهنگلي گاهه انساني ۽ حيواني حياتيءَ لاءِ سهارو ٿي ٿيا.
سنڌو ڊيلٽا کي سولائيءَ سان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ اهو جيڪو مٺي درياهه جي ڪنڌيءَ ۽ بئراج واري پاڻيءَ جي پهچ ۾ آهي. ان حصي ۾ ٺٽي ضلعي جو اتريون ۽ مرڪزي حصو شامل ڪري سگهجي ٿو، حيدرآباد ضلعي جو ڏاکڻيون حصو به ساڳئي حصي ۾ آڻي سگهبو. ٻيو حصو اونهاري ۽ سياري ۾ مٺي کاري درياهه ۾ بدلبو رهي ٿو. انهن حصن ۾ ڪنڌين تي لئيون ۽ لاڻا نظر ايندا. ٽيون حصو بنهه ڇوڙ وارو آهي، جنهن ۾ دٻڻيون ۽ تِمر جا جهنگ آهن. تمر اصل ۾ کاري پاڻيءَ جي پيداوار ناهي پر اهي ٻوٽا درياهه جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ ٿين ٿا، جتي مٺو کارو پاڻي (Brackish Water) ٿئي ٿو. بئراجن سبب سياري ۾ مٺي پاڻي جي جهل سبب تمر، کاري پاڻيءَ ۾ گهيرجي وڃي ٿو، ان ڪري ان جي واڌ ويجهه متاثر ٿي آهي. تمر جي واڌ ويجهه تي اثر پوڻ سبب سامونڊي مخلوق متاثر ٿئي ٿي، خاص ڪري جهينگو، جنهن جي مادي تمر جي پاڙن ۾ آنا لاهيندي آهي. ٻچا آني مان ڦٽڻ کانپوءِ تمر جون پاڙو کائي جوان ٿين ٿا. تمر جون پاڙون خوراڪ جي لحاظ کان سامونڊي مخلوق لاءِ بهترين آهن، ڇاڪاڻ ته درياهه جي آندل شاهوڪار لٽ ۾ هر قسم جي معدنيات ٿئي ٿي ۽ تمر اها معدنيات پاڙن ۾ کڻي ٿو.
تمر ۽ لئو اٺ جي پسنديده خوراڪ آهي. اڄ به تمر جي ٻيلن ۾ فقط اٺ ۽ انهن جا مالڪ جت ڦرندا نظر اچن ٿا. جت ڊيلٽا جي جهنگن کي روزگار ۾ شامل ڪن ٿا. اٺن کي تمر چارين ۽ وڻن جون ڪاٺيون وڍي عام استعمال ۾ آڻن ٿا. درياهه جي قيد ٿيڻ کانپوءِ تمر جا ٻيلا سچ پچ خطري ۾ پئجي ويا آهن. هڪ طرف آبپاشيءَ جي محڪمي پاڻي جهلي، تمر لاءِ ڪربلا پيدا ڪئي آهي ته ٻئي پاسي اٺ تمر جي نسل ڪشيءَ ۾ مصروف آهي. هن صديءَ ۾ زمين جي تباهيءَ کان اڳ هتي وڏي خوشحالي هئي. ٻاڦ تي هلندڙ ريلوي انجڻين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوئلي جو هڪ حصو هن ڊيلٽا جي وڻن مان حاصل ڪيو ٿي ويو. سهند ۽ پل گاهه واپرائڻ سبب ڳئون مينهون ججهو کير ڏينديون هيون، جنهن ڪري کير، مکڻ ۽ گيهه جام هو. ڳاڙهي چانور جي پوک وڏي پيماني تي هئي. مختلف درياهي ڦاٽن تي هنرمندن توڙي واپارين جا شهر هئا، جن جو عرب دنيا کان وٺي ڏکڻ هندستان ۽ چين سان رابطو هو. ڊيلٽا جا قديم آثار انهن سڀني دعوائن جي تصديق ڪن ٿا.
1932ع ۾ سکر بئراج پوڻ کانپوءِ، سنڌوءَ جي فقط ٻن ڇاڙن، اوچتو ڦاٽ ۽ حيدريءَ مان سال ۾ فقط چار مهينا پاڻي ٿي وهيو، پر 1955ع کانپوءِ جڏهن غلام محمد بئراج ٺهيو، تڏهن کان وٺي ٻوڏن جا ٻه چار هفتا پاڻي جاري رهي سگهي ٿو. نتيجو اهو نڪتو ته انساني آبادي سامونڊي دهشتگرديءَ جي ور چڙهڻ لڳي. مٺا پٽ کارا ٿيڻ لڳا. آبادين تي سامونڊي پاڻي ورڻ لڳو ۽ ماڻهو پنهنجا پراڻا پکا ڇڏي نئين جوءِ ڏي نڪري ويا. ڊيلٽا جي نون پتڻن ۽ بندرن تي اهڙا ڪيئي ٻڍڙا ماڻهو ملن ٿا، جيڪي پنهنجي جوانيءَ ۾ ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهندا هئا. اهي شهر هاڻي سمنڊ ۾ غرق ٿي چڪا آهن. اهڙو ئي هڪ شهر مِلڪو به هو، جيڪو چاليهارو سال کن اڳ غرق ٿيو. اتان لڏي آيل آبادي هاڻي مختلف ڪنڌين تي ملي ٿي، جيڪي پاڻ کي پنهنجو غرق ٿيل شهر جي نالي پويان مِلڪو يا مِلڪا سڏائي ٿي.

جاکي بندر

جاکي بندر

اسان جي ٽيم جا ڪي ميمبر، جاکي بندر کي جونا شاهه بندر ۽ لاهري بندر سڏڻ ڏانهن مائل آهن. ان راءِ جو بنياد انگريزن ۽ پاڪستان سروي ڊپارٽمينٽ جا ٺاهيل نقشا آهن، جيڪي ذڪر ڪيل ٻنهي بندرن کي جاکي بندر واري ماڳ تي ڏيکارين ٿا. مان سندن راءِ سان تڪڙ ۾ سهمت ٿيڻ نٿو گهران، ڇاڪاڻ ته جاکي بندر جي ڀرپاسي ۾ ئي ٻه چار ٻيا ڦٽل آثار آهن: سڀ کان ويجهو ته ملاڪي ڪوٽ آهي، جيڪو وڏي کڏيءَ جي ٻئي ڀر جاکي بندر کان فقط پنجن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي. ڀرپاسي ۾ درياهه پير ماڳ به موجود آهي، جيڪو هاڻي پوريءَ طرح گپ ۾ گپجي چڪو آهي. خدا ڄاڻي ته اڃا به ڪيترا ماڳ سامونڊي کارين ۾ غرق ٿي ويا آهن!
سامونڊي کارين جا وقت بوقت نڪتل نقشا ڏاڍي مايوس ڪندڙ صورتحال سامهون آڻين ٿا. خود جاکي بندر وارو ماڳ، هڪ صديءَ اندر سامونڊي کارين ۾ ايترو ته وٺجي ويو آهي جو لڳي ٿو ته ايندڙ پنجاهه کن سالن اندر جاکي بندر جا باقي آثار به دٻجي ويندا، فقط مرڪزي قلعو رهجي ويندو. پاڻي، ڏينهو ڏينهن ڪنارا کائيندو ۽ غرق ڪندو پيو وڃي. سمنڊ جي هيڪاندي حد دخليءَ سبب اهو شڪ اڃا به پختو ٿئي ٿو ته لاهري بندر به متان غرق ٿي وڃي.
اڪثر محقق، لاهري بندر ۽ لاڙي بندر کي ساڳيو ماڳ سمجهن ٿا پر حقيقت ائين ناهي. خوش قسمتيءَ سان اهڙا قديم نقشا لئبريرين ۾ موجود آهن جن ۾ اهي ٻئي بندر هڪٻئي کان پنجويهه ميل پري ڏيکاريل آهن. جاکي بندر تان لڀجندڙ ٺڪراٽو، ڀنڀور واري ٺڪراٽي سان هڪجهڙائي رکي ٿو، پر ان ماڳ جي قدامت بابت ڪا راءِ نٿي ڏيئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته جاکي بندر ماڳ جي مناسب کوٽائي نٿي آهي. اسان کي مرڪزي قلعي اندر مختصر کوٽائيءَ جو ڪم نظر آيو، پر اهو ايترو مختصر ڪم هو جو ان جي بنياد تي آخري راءِ ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه ٿيندي.
جاکي بندر تي پکڙيل ٺڪراٽو هڪ شاهوڪار شهر جو آهي، جنهن ۾ بيشمار هنر مند ماڻهو رهيا ٿي. هن شهر جو چين سان سڌو تعلق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. چينيءَ ٿانون جي ڀڳل ٽٽل حصن تي چيني ٻولي لکيل آهي. ڪليم لاشاريءَ جو خيال آهي ته، اهي منگ خاندان جي دور جا ٿانءَ آهن. چيني ٿانءَ اڇي فرش تي گلن چٽن وارا آهن. باقي ٺڪراٽي ۾ ڪاشي جام آهي، شيشو به ڪافي آهي، ٺڪر جا جنڊ، رانديڪا، ٺڪريون، چوڙيون، سونا زيور ۽ ننڍڙا سڪا ملن ٿا. ٺڪراٽي ۽ هنر جي لحاظ کان جاکي بندر، مون کي ڀنڀور کان وڌيڪ شاهوڪار لڳي ٿو. هتان ٺڪر جي مورتي به لڌي وئي آهي.
جاکي بندر تي ٻاهرين وڏي مضبوط ڪوٽ جا اهڃاڻ به آهن. مرڪزي ڪوٽ بهتر حال ۾ ۽ مڪمل آهي. مرڪزي ڪوٽ جي اندر توڙي ٻاهر گهرن جي اڏاوت موجود آهي قبرستان ۽ کوهه به ملن ٿا. اڏاوتون پڪين سرن جون آهن البت انهن جا بنياد ريتي ۽ چن واري پٿر تي رکيل آهن.
جاکي بندر جي اتر ۾ کُڏي کاري آهي ڏکڻ ۾ پئٽياڻي. کڏي کاريءَ جي هاڻوڪي اونهائي 60 کان سؤ فٽ آهي. جڏهن ته پئٽياڻي، ان کان به اونهي آهي. پئٽياڻي جي ڏکڻ ۾ ديوکاري آهي. جاکي بندر کي جاکي بندر ڇو ٿو چيو وڃي؟ ان بابت ڪا به وضاحت نه ٿي ملي، البت ان ماڳ کي ”قُٻي“ به چون ٿا. اهو انڪري ته جاکي بندر آڏو کڏي ڪريڪ ۾ هڪ قديم مسجد يا قبي جا نشان آهن ... جيڪي وير لهڻ مهل ظاهر ٿين ٿا ۽ وير چڙهڻ مهل ٻڏي وڃن ٿا. قٻيءَ جا کنڊر ظاهر ٿيڻ مهل تقريباً 60 فٽ ۽ 20 فٽ ويڪرا آهن. لٿل وير مهل پاڻيءَ جي سطح تي انهن جي اوچائي چار پنج فٽ ظاهر ٿئي ٿي.
مرڪزي قلعي جو دروازو 15 فٽ ويڪرو آهي. قلعي کي ٻارهن برج آهن. ٻاهرين پاسي کان ديوار جي هاڻوڪي اوچائي 10_12 فٽ آهي. برجن جي بيهڪ ڪنڊائتي بيضوي آهي. سڀني برجن جي ماپ ۾ فرق آهي، پر سراسري طور انهن جي ماپ 15x20 فٽ چئي سگهجي ٿي. ديوارن جي ڪُل ڊيگهه ويڪر هم چورس 105 وال آهي. جڏهن ته ديوار جي ٿولهه پنج فٽ آهي.
سرڪاري نقشا جاکي بندر کي ”جونا شاهه بندر“ لکن ٿا، تاريخ جا ڪتاب لکن ٿا، ته هن علائقي ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جيڪو شاهه بندر ٺهرايو هو، سوگجي جي ڀرسان هو.

رتوڪوٽ

رتوڪوٽ

ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي مياڻ جي وچ ۾ ڳوٺ لٽ بستي آهي. لٽ بستي کان رتوڪوٽ ور وڪڙ 25 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. لانچ جو پنڌ هڪ ڪلاڪ آهي. جيڪڏهن لٽ بستيءَ کان لانچ ذريعي اوڀر طرف ڀنڀور وڃجي ته ٻه ڪلاڪ لڳندا، جڏهن ته جاکي بندر ڏکڻ اوڀر ۾ چئن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي.
رتي ڪوٽ کي ڪديرو فورٽ به چون ٿا، پر اهو ”ڪديرو“ ڪهڙي لفظ جو کار آهي؟ سو نٿو چئي سگهجي. اصل ۾ رتوڪوٽ، ڪديرو کاريءَ تي آهي، جيڪا ڦٽي ۽ ڪورنگي کارين سان سڌيءَ طرح ڳنڍيل آهي. لانچ، رتي ڪوٽ واري ٻيٽ تي ڏَکڻ طرف، پري ڪنڌيءَ تي لاهي ٿي. جتان اڌ ڪلاڪ کن پنڌ ڪرڻ کانپوءِ رتي ڪوٽ جي آثارن تي پهچجي ٿو. واٽ تي ڪن هنڌن تي گپجي ويل عمارتن جا بنياد ۽ ٺڪريون لڀجن ٿيون. شهر جو ڦهلاءُ ڪوٽ کان ڏکڻ طرف محسوس ٿئي ٿو. رتو ڪوٽ، سمنڊ آڏو هٿيار ڦٽا ڪري چڪو آهي. ان جو ڪو برج سلامت ناهي، البت قلعي جو نقشو تيار ڪري سگهجي ٿو ۽ ماپون وٺڻ ممڪن آهي.
ڪوٽ کي وڌ ۾ وڌ 24 برج هئا ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دروازو هو. قلعي جي چئني ڪنڊن تي هڪ هڪ وڏو برج آهي. بظاهر ڏکڻ طرف وچان ڇهه عدد برج آهن، باقي سڀني پاسن کان ديوارن جي وچ وچ ۾ پنج پنج برج هئا. هتي هڪ فرينچ ٽيم ڪجهه کوٽائي ڪئي آهي، اڃا ڪجهه ٿيڻي آهي. في الحال هتان لڀجندڙ ٺڪراٽو جاکي بندر جهڙو آهي، فقط هڪ شيءِ اضافي آهي ٺڪر جا گولا، جيڪي منجنيقن ۾ استعمال لاءِ ٺاهيا ويا هئا. اهي گولا هڪ هنڌ ايڏي وڏي تعداد ۾ آهن جو اتي اسلح خانو هجڻ جو گمان ٿئي ٿو.

ملاڪي ڪوٽ

ملاڪي ڪوٽ

ملاڪي ڪوٽ، جاکي بندر کان پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هتي پڻ هڪ قلعي جا نشان آهن. جيڪو چورس يا مستطيل ناهي. تباهي ۽ ٺڪراٽي جي لحاظ کان جاکي بندر کان مختلف نٿو لڳي. هن مهل به بي ترتيب نقشي واري هن ڪوٽ جون ديوارون انساني قد جيتريون آهن. ماڳ وڏي کڏيءَ تي آهي. ڪي ماڻهو هن حصي کي راهو ڪريڪ به سڏين ٿا. ملاڪي بابت آرڪيالاجي کاتي کي ڄاڻ اتفاقي طور تي تازو ئي ٿي آهي. سو به ان ڪري جو هڪ فرينچ خاتون هن علائقي جي تحقيق لاءِ نڪتي. ان مختصر ٽيم ماڳ جو نقشو ٺاهيو ۽ وڌيڪ تحقيق جو ارادو ڪري موٽي وئي. ان ٽيم، هيل تائين ان جي ابتدائي رپورٽ پڌري نه ڪئي آهي.

درياهه پير ماڳ

درياهه پير ماڳ

درياهه پير ماڳ به هڪ اتفاقي دريافت ئي چئجي. (انڊس ايڪسپيڊيشن کانپوءِ هڪ ٻي مهم دوران اسان هن ماڳ تي اتفاق سان لٿا هئاسين) اسان کي ٻڌايو ويو ته، هتي هڪ قديم قبرستان آهي ... جڏهن اسان لانچ تان لهي گپ جي ٻيٽ تي پير رکيا ته اڌ فٽ هيٺ کَچي ويا ۽ پير ڪنهن اهڙيءَ شيءِ تي پياجنهن وڍ ٿي وڌا. اسان ٻي وک رکي ته ساڳيا وڍ محسوس ٿيا. ائين اٺ ڏهه وکون کڻڻ بعد اسان فيصلو ڪيو ته، پيرن کي وڍيندڙ شيون ڪڍي ڏسجن. اسان حيران ٿي وياسين، اهو قديم زماني جو ٺڪراٽو هو.
ٺڪريون ملڻ کانپوءِ چڱي پڙتال ڪئي وئي. ٺڪراٽو پري پري تائين گهٽ ۾ گهٽ ٽن چئن فرلانگ تائين پکڙيل هو، چوکنڊيءَ جهڙيون قبرون زبون هيون، ٺڪراٽو جاکي بندر کان مختلف نه هو. هتان سون ۽ چانديءَ جا سڪا به مليا، ٻين هنڌن تي عمارتن جا بنياد به آهن، جيڪي ٿلهن تي ٺهيل هيون، ڪن هنڌن تي ڊرينچ لاءِ ناليون ظاهر هيون. سڄا سارا مَٽَ گپ ۾ ڀرجي زمين ۾ لهي ويا هئا_ ان ٻيٽاريءَ کي اڄڪلهه نئون وجود وٺندڙ هڪ کاري ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش پئي ڪري.
هيءَ ٻيٽ درياهه پير نالي مشهور آهي، جتي مهاڻن جو هڪ ميلو به لڳندو آهي. درياهه پير جي قبر، هڪ وڏي دڙي وانگر آهي. ان قبر جي چوڌاري ننڍڙا پينگها ۽ چاڙهيل چادرون پکڙيون پيون آهن. درياهه پير ماڳ، لوڻ کاريءَ جي اوڀر واري ڪنڌيءَ تي آهي. اسان محسوس ڪيو ته، هن قديم شهر جو ڳچ حصو هاڻي لوڻ کاريءَ جي تري ۾ آهي. درياهه پير ماڳ مضبوط لانچ ذريعي ابراهيم حيدريءَ کان ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي.
واپسيءَ مهل لانچ درياهه پير کان جاکي بندر تائين اڌ ڪلاڪ ۽ ”دونهين واري“ ماڳ تائين ڏيڍ ڪلاڪ ورتو. ”دونهين واري“ ماڳ، هاڻي فقط پنجاهه کن قدمن جو خشڪ پٽ آهي. ملاحن ٻڌايو ته سندن سانڀر ۾ دونهين واري ماڳ تي چار پنج فٽ اوچا کنڊر هئا، جيڪي هاڻي فقط ٻه فٽ وڃي بچيا آهن.
کارين ۾ ٻن ٽن ننڍين مهمن کانپوءِ مان سمجهان ٿو ته، ڊيلٽا ۾ جتي جتي به ڪنهن قبرستان جو وجود آهي اِتي ڪو نه ڪو قديم شهر دفن آهي. اهڙن آثارن جي هڪ تڪڙي لسٽ پيش ڪري سگهجي ٿي، جيڪي هيل تائين دريافت ٿي چڪا آهن يا ٿي سگهن ٿا:
ڦٽي ڪريڪ تي رتوڪوٽ ۽ ڀنڀور، گهارو ڪريڪ ۽ لوڻ واري کاريءَ جي وچ ۾ مورغا، ٿنڀن واري مسجد ۽ ڳاڙهو دڙو، لوڻ کاريءَ تي درياهه پير، وڏي کڏيءَ ۾ جاکي بندر، راهو ڪريڪ تي ملاڪي ڪوٽ، وڏي کڏي ۽ کاهي ڪريڪ جي وچ ۾ شادي شاهه، پئٽياڻي ۽ کاهي جي وچ ۾ پير کنبا، راهو ۽ پئٽياڻيءَ جي وچ ۾ سيد محمد شيرازي ماڳ، مَل ۽ پئٽياڻي جي وچ ۾ ڌلاري ۽ پير رڪن ماڳ، کليل مسجد وٽ پئٽياڻي ۽ دبو جي وچ ۾ شيخ نوڙيا ماڳ، دبو ۽ مل پئٽياڻي جي وچ ۾ مِلڪو ۽ ميدان والي، دبو ۽ اوچتو کي ڳنڍيندڙ شاخ تي ماڻي پير ۽ بگهاڙ ڦاٽ تي ٻهارا ويجهو راڻو ڪوٽ.

ٿنڀن واري مسجد

ٿنڀن واري مسجد

درياهه پير کان ڪجهه ئي ميل اتر ۾، ٿنڀن واري مسجد آهي. جنهن ۾ ظاهري طور تي ذڪر لائق اهي ٻه ٿنڀا آهن جيڪي مسجد ۾ لڳل هئا. انهن جي شاهوڪار تراش مڪليءَ جي قبرستان ۾ سمن جي قبرن مٿان ٺهيل ڇٽين جي ٿنڀن سان هڪ جهڙائي رکي ٿي. هتي به جام ٺڪراٽو آهي، جيڪي پري پري تائين پکڙيل آهي. جيڪڏهن وچ ۾ سامونڊي کاري نه هجي ها ته، پڪ سان اهو ٺڪراٽو کاريءَ جي ٻئي ڀر ڳاڙهي دڙي تائين پهچي ها، جيڪو راج ملڪ قبرستان کان سر اولهه ۾ آهي.
ٿنڀن واري مسجد، تعلقي ساڪري جي تپي گهاري ۽ ديهه کيراڻيءَ ۾ آهي. ڀرپاسي ۾ درياهه پير، ڳاڙهي دڙي ۽ راڄ ملڪ قبرستان سان گڏ ماڙي موراڙو نالي کنڊر ۾ آهي، جنهن ۾ هن وقت فقط ٺڪراٽو پکڙيل آهي. ڀرپاسي جا ماڻهو، ماڙي موراڙو نالي کنڊرن کي ڀڙجن سان نسبت ڏين ٿا. جڏهن ته ماڙي موراڙي ۽ ٿنڀن واري مسجد جي وچ ۾ ٺلهو ميل ڏيڍ جو پنڌ آهي. راڄ ملڪ قبرستان، هن مسجد کان فقط 7_8 ميل اوڀر ۾ آهي. ماڻهن وٽ روايت آهي ته، اها مسجد پڻ ڀڙجَن ٺهرائي هئي.اڄڪلهه ميرپور ساڪري لڳ،ڀڙجن جا ڪي ٿورا گهر آهن.
ٿنڀن واري مسجد جي ٻاهرين ڊيگهه ويڪر 35 فٽ ۽ ساڍا ٽيهه فٽ آهي_ اولهه ۾ چوڪور محراب اٿس، ديوار ست اٺ فٽ هئي. ٿنڀو ٽن حصن ۾ آهي. بنياد لڳ ڀڳ ڏيڍ فٽ جو، ٿنڀو ساڍا پنج فٽ ۽ باقي مٿي ڇت جهليندڙ حصو. ڀڙج، سماٽ قوم مان آهن، روايتن موجب ڀڙجن ۽ ڪلمتين جي پاڻ ۾ دشمني هئي. اها 967_ 970 هجريءَ جي ڳالهه آهي،جڏهن ڪلمتين ڀڙجن تي اوچتو حملو ڪري، کين نابود ڪري ڇڏيو (تازو اطلاعن موجب ٿنڀن واري مسجد وارو ماڳ هاڻي 1992ع ۾ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي.)

وڏا هڏا

وڏا هڏا

في الحال ته اها ٻڌ سڌ جي، پر ڏاڍي حيرت جهڙي ڳالهه آهي. ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جي کوپڙي هنداڻي جيڏي هجي!ڪلهي کان ٺونٺ واري هڏي ٻن کان اڍائي فٽ ۽ گوڏي کان ڍاڪ واري هڏي چئن فٽن کان به وڏي هجي! اها عجيب ڳالهه سنڌ جي ڊيلٽا ۾ عام آهي ته، ڪن ڊيلٽائي ٻيٽن تي قبرستان اهڙا موجود آهن. جن ۾ ايترا وڏا هڏا موجود آهن. اڃا به دلچسپ خبر اها آهي ته اهي انفرادي نه پر اجتمائي قبرون آهن.
وڏن هڏن جي ڳالهه، مون سان پهريون ڀيرو ڄام ڳوٺ ملير جي سيد امير حسين شاهه ڪئي ٻيو اطلاع ٽيليويزن جي عبدالڪريم بلوچ جي معرفت مليو. امير حسين شاهه کاري ۾ ڀڏيسر درياهه تي هڏن بابت خبر ڏني هئي، جڏهن ته بلوچ صاحب ڪراچيءَ کان ٺٽي جي وچ ۾ هڪ سامونڊي ڪنڌي بابت خبر ڏني. سير ڪريڪ جو پتڌ ڪراچيءَ کان ڪافي پري آهي. جيڪڏهن سٺي رفتار وارو هوڙو کڻجي ته ابراهيم حيدريءَ کان سِير تائين 15_16 ڪلاڪ هڪ طرف لڳي ويندا.شاههبندر کان وڃجي ته ڇهه ڪلاڪ لڳي ويندا.
ابراهيم حيدريءَ جي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته، وڏن هڏن واريون ڪجهه قبرون سنهڙي کڏي ڪريڪ ۾ هڪ ٻيٽ تان به ملن ٿيون پر ڇاڪاڻ ته اتي ڌٻڻ ۽ تمر جا وڻ وري ويا آهن تنهن ڪري انهن هڏن يا قبرن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي. بس اتفاق ئي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ڪن ملاحن کي اهي نظر اچي وڃن ٿا، مل واڙيءَ جي الهندي پاسي گپ ۾ به اهڙيون قبرون ٻڌجن ٿيون وڏن هڏن بابت هڪ خبر، اتر سنڌ ۾ سيتا روڊ واري قبرستان بابت به آهي، پر تصديق جي اڃا ڪا به صورت نه ٿي آهي.
ملاحن جو چوڻ آهي ته، اهي جتن ۽ چانگن جون قبرون آهن. پر اسان کي خبر آهي ته جت ۽ چانگ نسلي اعتبار کان ڪڏهن به ايڏا زبردست قداور نه رهيا آهن. هونئن به اها ويساهه ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه نه آهي ته ڪو انساني نسل ايترو ڊگهو هجي، ته پوءِ ائين ڇو آهي؟ اها پڪ سان نظر جي دوکي جي ڳالهه نه آهي ڇو ته ڪن ملاحن جي چوڻ موجب هنن هڏن جي پنهنجن هٿن سان ماپ ڪئي آهي.
اسان ڪيئي ڀيرا سِير ڪريڪ ڏانهن مهم جي تياري ڪئي پر بدقسمتي سان پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ سرحدي ۽ سياسي ڇڪتاڻ سبب اوڏانهن نه وڃي سگهيا آهيون، هوڏانهن اهي به خبرون پهچن ٿيون ته ڊيلٽا ۾ ٻيٽن تي پلجندڙ اٺ اهي هڏا ڏاڍي شوق سان ڪُرٽي کائيندا آهن شل نه ڪو هڏو گپ تي ظاهر ٿئي، اٺن جي عيد ٿي ويندي آهي.

گُجو

گُجو

ٺٽي کان ڏهاڪو کن ميل ڪراچيءَ طرف، گجو شهر آهي. شهر جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪجهه ٽڪريون آهن. هڪ ٽڪريءَ جو نالو ”ٿرون“ آهي.اتي ئي ”ٿرون“ کان اولهه طرف، هڪ مقبرو شيخ تراب جو آهي، جنهن کي اڄڪلهه وڏي درويش جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
ڌرتي وديا ۽ سنڌوءَ جي تاريخ جي حوالي سان سمجهيو وڃي ٿو ته، اهي ٽڪريون سڪندر اعظم جي وقت ۾ ٽاڪرو ٻيٽ هونديون ۽ اتان سنڌوءَ جي ڪا ڇاڙ لنگهندي هوندي. ان راءِ جو هڪ سبب اهو به آهي ته، ٿرون ٽڪريءَ تي تاريخ کان اڳ واري زماني جو ٺڪراٽو موجود آهي. جيڪڏهن اهو سامونڊي ٻيٽ هجي ها ته انساني زندگيءَ جو گذارو مشڪل هو.
بهرحال، شيخ تراب بابت ”گزيٽئر آف پروونس آف سنڌ“ جو ليکڪ ائٽڪن (صفحو:91) لکي ٿو ته، ”هڪ وڏي شيخ جنهن جو نالو ابو تراب هو، بکر جو اهم قلعو فتح ڪيو، ۽ بهادريءَ جا ڪيئي ڪم ڪيا. هيءُ صاحب اسان لاءِ دلچسپيءَ جو سبب آهي ڇاڪاڻ ته هن جي قبر گجي کان اٽڪل ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي. ان قبر تي 171 هجري (788) جو ڪتبو لڳل آهي. ان ڪري ان کي سنڌ ۾ سڀ کان پراڻي تاريخي تحرير مڃڻو پوندو.“
اهو خليفي هارون رشيد جو زمانو آهي. پر هاڻي اهو ڪتبو پنهنجي جاءِ تان گم آهي. ائٽڪن اهو ڪتبو 1907ع ڌاري يا ان کان ڪجهه اڳ ڏٺو هو. ڪن روايتن موجب شيخ تراب، ترخانن جي ڏينهن ۾ هو (تحفه الڪرام صفحو: 532) ائٽڪن صاف لفظن ۾ شيخ ابو تراب کي بکر قلعي جو فاتح قرار ڏنو آهي. جنهن ڪري سندس شخصيت عالم دين کان وڌيڪ فوجي سپه سالار طور سامهون اچي ٿي. ان حيثيت کي هتي ڏيڻ لاءِ هڪ ڪٿا به موجود آهي. ڪٿا چوي ٿي ته،
”ٿرون ٽڪريءَ تي شيخ تراب پنهنجن شاگردن ۽ خليفن سان گڏ رهندو هو. سندس ڄمار وڏي هئي، سندس اکين جون پنبڙيون به وڏيون هيون جو اکيون کولي نه سگهندو هو. ٽڪريءَ جي ڀر مان درياهه وهندو هو. هڪ ڀيرو ڪافر، هڪ وڏي جهاز تي چڙهي حملو ڪرڻ جي خيال سان گجي ڏانهن ڪاهي آيا. شاگردن، جهاز ڏسي شيخ تراب کي اطلاع ڏنو. جنهن تي درويش چيو ته ’مان ڏسان!‘ شاگردن، درويش جي مدد ڪري سندس وڏيون پنبڙيون کنيون. شيخ تراب جهاز ڏانهن ڏسي چيو ته ’اهو ڪجهه به ناهي‘ ائين چوڻ سان جهاز پنڊ پاهڻ ٿي ويو ۽ ڪافر جهاز تان لهي ڀڄي ويا.“
شيخ تراب جا مريد ٿرڙ ٽڪريءَ ڏانهن اشارو ڪري چون ٿا ته، اها ٽڪري اهو جهاز آهي جنهن کي شيخ تراب پنڊ پاهڻ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪافرن کي ڀڄائي ڇڏيو اٿس. ٿرڙ ٽڪري اصل ۾ سڌي مٿاڇري ۽ اڀن ڪپرن واري هڪ اهڙي ٽڪري آهي جيڪا گهڻو وقت سامونڊي موجن سان ٽڪر کائيندي رهي آهي. پري کان اها ٽڪري سچ پچ وڏو بهري جهاز لڳي ٿي.

ٿرون ٽڪري

ٿرون ٽڪري

هن ماڳ تي سچ پچ ته ڪافر اڳي به موجود هئا پر اها شيخ تراب کان ڪيئي صديون اڳ جي ڳالهه آهي. انهن ڪافرن جا گهر ٿرون ٽڪريءَ تي هئا، جنهن جا کنڊر باقي آهن. مقامي ماڻهو ٿرون ٽڪريءَ کي ٿرڙو به چون ٿا. جيڪڏهن کانئن ٿورڙي به وضاحت گهربي ته هڪدم چوندا، ”هتي ٿرون ۽ ڪلو نالي ٻن ڪافرن جي حڪومت هئي. ٿرون ٽڪريءَ جي هيٺان درياهه وهندو هو، جنهن ۾ ٻيڙا هلندا هئا. اهي ٻيڙا ڏيسارو مان وڏو مال آڻي هتي لاهيندا هئا.“
جيڪڏهن ٿرون ٽڪريءَ جي کنڊرن تي نگاهه وجهبي ته سڄي ڪٿا هٿرادو محسوس ٿيندي. هن آرڪيالاجي ماڳ کي ماهرن “A wonderful neolithic city” لکيو آهي. (هسٽاريڪل جاگرافي آف سنڌ: پٿاوالا صفحو 32) هيءُ ماڳ لڳ ڀڳ ٻه هزار ۽ هڪ هزار فٽ ڊيگهه ويڪر ۾ آهي، جنهن ۾ آمري دور جو ٺڪراٽو پکڙيل آهي. ٺڪرين کان سواءِ پٿر جي قلعي جون ٻه اڌ گول ديوارون، ڪمري جا بنياد، سپن ۽ ڪوڏن جي صنعت، پٿر جا بليڊ ۽ اهڙيون ئي ٻيون شيون موجود آهن جيڪي هن ماڳ کي سنڌو تهذيب کان به قديم سڏڻ لاءِ ڪافي آهن.

سنڌ ۾ قديم ترين لکت

سنڌ ۾ قديم ترين لکت

ٿرون سائٽ جي اوڀر ۾، ٺيڪ ان پيچري تي جيڪو ٽڪري جي ڏکڻ واري ڳوٺ ڏانهن وڃي ٿو، زمين ۾ اهو پٿر کتل آهي، جنهن تي مُهين جي دڙي مان لڌل لکت جهڙي لکت موجود آهي. اهو بي ڊولي شڪل جو پر 5x8 فٽ ماپ جو پٿر آهي.
ڇاڪاڻ ته هيءُ ماڳ سنڌو تهذيب کان به اڳ جو آهي ۽ هتان سنڌو دور جو ڪو به ٺڪراٽو نٿو ملي، تنهن ڪري بنا هٻڪ جي اهو چئي سگهجي ٿو ته، گجو اهو ماڳ آهي جتي سنڌو ماٿري جي سڀ کان قديم لکت موجود آهي. اکرن ۾ هڪ گول آهي، ٻيو اکر چوڪنڊي کي چئن خانن ۾ ورهائي ٺاهيو ويو آهي، هڪ اکر مڇي جهڙو آهي، هڪ اکر هڪ چورس کي ٻن بي ترتيب ٽڪنڊن ۾ بدلائي ٺاهيو ويو آهي. هڪ اکر مستطيل آهي جنهن کي ٻن ٽڪنڊن ۾ ورهائي، مستطيل جي چئني ڪنڊن جي ڪنڍين جهڙا وڪڙ ڏنا ويا آهن، هڪ اکر ٻه مهين بيراڳڻ جهڙو آهي، هڪ اکر جي شڪل سمجهائڻ مشڪل آهي، ڪي ٻيا به سنها ٿلها نشان آهن.
هيءُ پٿر هڪ پيچري تي آهي. ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ويندڙ ماڻهو هن پٿر تي پير رکي اڳتي هليا ويندا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، هيل تائين ڪنهن به آرڪيالاجسٽ جي اک هن لکت تي نه پئي آهي.
هيل تائين ماهرن سنڌو لکت پڙهڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي ۽ مختلف زاوين کان اڀياس هلندڙ آهي. مان پنهنجي مشاهدي کي ان قابل ته نه ٿو سمجهان جو ان جي آڌار تي ڪا صلاح ڏيان، البت مُهين جي دڙي واري ٻولي ۽ علامتن بابت هڪ ڪچي راءِ مون قائم ڪئي آهي، جيڪا تجويز ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. منهنجي خيال ۾ سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جا بنياد ڳولڻ لاءِ ٿر ۾ هيڊڪوارٽر قائم ڪرڻو پوندو جتي قديم سنڌو تهذيب ڄمي (Freez) ٿي وئي آهي.
ٿر هڪ اهڙو علائقو آهي، جتي جابلو ۽ ميداني علائقن جي ڀيٽ ۾ تهذيبي ملاوٽ گهٽ ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي تهذيب جون ڪيئي پاڇيون ٿر ۾ اڃا تائين موجود آهن. ساڳيو چارڻڪو، ڌنارڪو ۽ باراني زرعي نظام، سماج، زيور ۽ علامتون! اسان مختلف وقتن ۾ ٿر ۾ رلندي اهو شدت سان محسوس ڪيو آهي ته، اوٺي توڙي ٻيا مالوند، پنهنجن جانورن تي سڃاڻپ جا جيڪي نشان هڻن ٿا سي نه رڳو هزارن جي تعداد ۾ آهن پر انهن جي مُهين جي دڙي وارين علامتن سان هڪجهڙائي آهي. وڏي ڳالهه ته اهي نشان مخصوص قبيلن وٽ پيڙهين کان هلندا پيا اچن. انهن نشانن جو ڪو نه ڪو عجيب نالو يا اُچار آهي جن مان اڪثر اُچارن کي ڪا معنيٰ به ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته اڌو اڌ نشانن جي معنيٰ جو پتو خود قبيلي وارن کي به ناهي.
سچي ڳالهه ته اها آهي ته، ذهن اهو تسليم ئي نٿو ڪري ته، اها زبان جيڪا هيڏي عاليشان تهذيبن وٽ خيالن جي ڏي وٺ جو ذريعو هئي ۽ جيڪي لکي به ويندي هئي سا ختم ٿي چڪي هوندي. اهو صحيح آهي ته اڳوڻي لکت جو رواج ختم ٿي ويو آهي، اهو به سچ آهي ته ساڍن چئن هزار سالن جي تاريخ ۾ بي شمار نوان لفظ وجود ۾ آيا ۽ پراڻا مروج نه رهيا هوندا، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڌرتي، آسمان ۽ درياهه جا نالا ۽ اُچار به باقي نه رهيا هجن! گهٽ ۾ گهٽ ويد ته سنڌو درياهه جي نالي جي تصديق ڪئي آهي. اهو چوڻ ته ”سنڌو“ سنسڪرت جو لفظ آهي، وڏي ڏاڍائي آهي.
منهنجي خيال ۾ جڏهن ڌاريون قومون سنڌو ماٿريءَ ۾ آيون تڏهن انهن مقامي دراوڙي تهذيب کي شڪست نه ڏني ۽ نه وري دراوڙي تهذيب جي شڪل وڏي حد تائين ڦٽائي سگهيون. گهڻو ممڪن آهي ته، خود سنسڪرت زبان جيڪا لپي اختيار ڪئي اها قديم سنڌو تهذيب کان ورتي هجي ۽ سنسڪرت ۾ بي شمار لفظ دراوڙي زبان جا هجن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته، ڇا ڌارين لوڪن پهرين ڏينهن، جيئن هنن سنڌوءَ جا ڪنارا وسايا هوندا، رگ ويد رچڻ شروع ڪيو هوندو؟ ظاهر آهي ته نه. ٻيو نه تڏهن به ڏيڍ ٻه صديون ته لڳي ئي ويون هونديون. ان عرصي دوران هنن مقامي ديويون ۽ ديوتائن شِو ۽ ڪالي وغيره کي پنهنجايو، يعني پاڻ کي مقامي تهذيب موجب تبديل ڪيو. ڇا هنن فقط ديوي ۽ ديوتا کي پنهنجيو ڪيو هوندو؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ديوتا کي قبول ڪري سندس حڪمن کي رد ڪيو وڃي! ديوتائين جا حڪم ٻيو ڪجهه به نه پر سماجي قانون هوندا آهن. يقيناً ڌارين لوڪن مقامي سماجي قانونن کي تسليم ڪيو هوندو ۽ ائين دراوڙي تهذيب ۾ ٻاهريون اثر ۽ ٻاهرين اثر ۾ دراوڙي اثر ملي هڪ ٿي ويا هوندا. ان ميل ميلاپ سنڌو ماٿريءَ جي ٻوليءَ ۽ لکت تي به اثر ڇڏيو هوندو. جيڪڏهن رگ ويد کان اڳ سنڪرت جي ڪا لکت موجود آهي ته اها پيش ٿيڻ گهرجي نه ته ائين به سوچي سگهجي ٿو ته سنسڪرت واري لپي اصل ۾ سنڌو ماٿريءَ جي قديم لپي جو نئون روپ آهي.

هاليجي

هاليجي

مڪليءَ کان فقط ستن ميلن جي پنڌ تي اولهه طرف، هاليجي اهو ماڳ آهي جتي انسان خدا جي مخلوق کي جيئڻ جو حق ڏنو آهي. هڪ اندازي مطابق هن ڍنڍ تي پکين جا اٽڪل سوا ٻه سئو قسم اچن ٿا. جهنگلي جيوت حفاظت واري کاتي انهن جيوت جي مختلف خانن ۾ درجي بندي ڪئي آهي. انهن پکين ۾ ديسي ۽ پرديسي سڀ پکي شامل آهن، ڪي وڏي تعداد ۾ آهن ته ڪي گهٽ. ڪي ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا ته ڪي مندن ۾، ڪي ننڍا آهن ته ڪي وڏا، ڪي عام آهن ته ڪي خاص. ڪي سياري ۾ ڏسجن ته ڪي اونهاري ۾ ،ڪي گهڙي سوا هتي ترسي اڃا اڳتي اڏاميون وڃن.
اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيو آهي جڏهن، سرڪار لٺ کنئي ۽ هتي مڇيءَ تي توڙي پکيءَ جي شڪار تي پابندي وڌي. بندوق جي ٺڪاءَ تي پکي ٽهن ٿا تنهن ڪري هتي بندوق کڻي اچڻ جي اجازت ناهي.سنڌ جون ٻيون ڍنڍون هن مهل به پکين کان خالي لڳن ٿيون ؛ سبب اهو آهي جو اڃا سر ۾ هڪ پکي لهي ٿو ته پنجاهه پارهيڙي اچيو پهچن.پکي ويچارا جان بچائي اڳتي ڪنهن ٻي محفوظ ڍنڍ ڏانهن وٺيو اڏمن. هاڻي پرديسي پکي به سمجهي ويا آهن ته، هاليجي ڍنڍ محفوظ آهي تنهن ڪري گهڻو ڪري سڌو اتي اچيو لهن. پر پاڙهيري به جند ڪٿي ٿا ڇڏين. سياري جو پکي لهي ئي مس ٿو ته،شڪاري بنا بندوق جي شڪار ڪري، پکين جون ٽنگون ڀڃي بازار ۾ اچيو وڪڻن. پوليس ۽ واسطيدارکاتن جي منٿلي يا داڻي جو حساب ٻڌو پيو آهي. هاڻي ته ٻڌجي پيو ته، هاليجي ڍنڍ مان واپاري بنيادن تي مڇي مارڻ جي اجازت لاءِ اثر رسوخ پيو هلي!
هاليجي ڏسجي ٿي ته ماڻهوءَ جي دل شاعري ڪرڻ تي چوي ٿي. ڌرتي رڳو انسانن جي ملڪيت ته ناهي، پکي پکڻ ۽ جيت جڻي کي به جيئڻ جو حق آهي. حڪومت هاليجيءَ تي پکين کي جيئڻ جو حق ڏنو ته فطرت پنهنجي سڄي سونهن جماليت ۽ توازن سان پلٽجي پئي آهي. ڇا هيءَ ڍنڍ تڏهن به ايڏي سهڻي لڳي ها جيڪڏهن هتي ايڏا پکي نه هجن ها؟ هرگز هرگز نه.
هن مهل هاليجيءَ کي سڄي يورپ ۽ ايشا جي انهن ڪجهه ڍنڍن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جتي سياري ۾ وڌ ۾ وڌ پرديسي پکي لهن ٿا. هاليجيءَ کان ڪراچي فقط 88_ ڪلوميٽر آهي، جنهن ڪري ڪراچيءَ جي ماڻهن کي تفريح لاءِ هڪ شاهوڪار ماڳ ملي پيو آهي.
ٻي جنگ عظيم جو هاليجيءَ تي به اثر پيو. هن صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي پڇاڙي ۽ چوٿين ڏهاڪي جي منڍ ۾، جنگ هلي ته ڪراچيءَ ۾ فوجين جو تعداد وڌيو. هاليجي ويجهي هئي، هاليجيءَ کي سڌاري ان ۾ تازو پاڻي واهه رستي ان ۾ ڇوڙايو ويو. ان کان پوءِ هاليجي، ڪراچيءَ لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي جو وڏو ذريعو ٿي پئي. پر اسان کي خبر آهي ته پاڻي خشڪيءَ جي ڀيٽ ۾ اٺوڻي پيداوار ڏئي ٿو. هاڻي هاليجي مڇين ۽ پکين سان ٽٻ آهي. جيتوڻيڪ انهن جي شڪار تي پابندي آهي، تڏهن به انسان ڪمائي رهيو آهي سياحت جي ذريعي.
هاليجي ڍنڍ جي چوڌاري بند ٻڌل آهي، جنهن تي پڪو روڊ ٺهيل آهي. ڍنڍ جو گهيرو اٽڪل 12_ ميل آهي، پر ڍنڍ جي پکيڙ 6.58 چورس ميل آهي. ڍنڍ جي اونهائي 17 فٽ آهي. ڍنڍ جي چ‍ؤڦير بند جي ڪنڌيءَ سان وڻ لڳل آهن جيڪي سياحن لاءِ پاڇو ۽ قدرتي سونهن مهيا ڪن ٿا. ڪُنڍيءَ سان مڇي جهلڻ جي موڪل آهي، ڄار نٿو وجهي سگهجي. ماڻهو ڪنڍيءَ سان مڇي جهليو، ڪنهن نه ڪنهن وڻ هيٺ سڄو سڄو ڏينهن مزو وٺن ٿا. ڪٿي ڪٿي ڍنڍ ۾ ڪنول گل به ٽڙن ٿا، ڍنڍ ۾ ٻيو گاهه ٻوٽو به گهڻو ئي آهي جنهن تي پاڻيءَ جي ننڍي مخلوق پلجي ٿي. ننڍي مخلوق مڇين جي خوراڪ آهي ۽ مڇيون پکين جي.
هاليجيءَ ۾ واڳون به آهن، خاص ڪري اتر واري پاسي هڪ ٻيٽ سندن آرام گاهه آهي، جتي سڄو ڏينهن پسار ڪندا نظر اچن ٿا.

پکين جا رستا

پکين جا رستا

سڄي دنيا ۾ خانه بدوش پکيئڙن جون ڪل 11_ واٽون آهن، جن تان لنگهي هو سياري ۾ اتر قطب کان ڏکڻ ڏانهن، گرم پاڻين تائين پهچن ٿا. انهن واٽن کي پکين جون بين الاقوامي واٽون سڏجي ٿو. انهن واٽن مان چار اتر آمريڪا ۾ آهن باقي ايشيا ۽ يورپ ۾ آهن. انهن واٽن کي نمبر ڏنا ويا آهن.
واٽ نمبر_4 سنڌو ماٿري مٿان گذري ٿي. اتر قطب جا پکي خنجراب لڪ، کوجڪ لڪ ۽ بولان واري پاسي کان ٿيندا سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ درياهه جي پيٽ مٿان اڏامندا ڏکڻ طرف ڍنڍن ڍورن تي لهن ٿا. انهن جا مکيه ٺڪاڻا منڇر، ڪينجهر ۽ هاليجي آهن. پر هو هر ڍنڍ ۽ ڍوري تي لهن ٿا. هاليجي جي اهميت اها آهي ته، پرديسي پکين لاءِ واٽ نمبر 4_ تي سياري جي مند ۾ ، هاليجي آخري محفوظ اسٽاپ آهي. جيڪڏهن شڪاري هت دهشتگردي بند رکن ته پکين کي ٻيو ڪيڏانهن ڀٽڪڻ جي ضرورت ئي ناهي. هونئن به اڳتي سمنڊ آهي، جتي فقط کاري پاڻيءَ جا پکي رهي سگهن ٿا.

ڀنڀور

ڀنڀور

ڊيلٽا ۾ اسان جيڪو ڪجهه ڏٺو، اهو شڪ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته متان ڀنڀور ديبل نه هجي! ممڪن آهي ته ڀنڀور اصل ۾ ديبل جو ڪو همعصر شهر هجي. شڪ پيدا ٿيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه دليل آهن:
 ڊيلٽا ۾ قلعي بند شهرن جا آثار ڀنڀور کان سواءِ ٻيا به آهن.
 ڊيلٽا ۾ هيل تائين ڪيترا آثار غرق ٿي چڪا آهن؟ ان جو ڪو به اندازو ناهي.
 ڊيلٽا ۾ موجود کنڊرن جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي، تنهن ڪري انهن جي حقيقت اڃا راز ۾ آهي.
 ڀنڀور جي به مڪمل کوٽائي نه ٿي آهي جنهن جي بنياد تي آخري راءِ قائم ڪري سگهجي.
 محمد بن قاسم جنهن ”نالِ ساڪره“ مان ٻيڙا روانا ڪيا هئا، جيڪڏهن اهو اڄوڪي ساڪري وٽان لنگهندڙ بگهياڙ ڦاٽ آهي ته پوءِ اهو نظر اچي ٿو ته بگهياڙ ڦاٽ تي ٻيا ڦٽل آثار به آهن.
 جاکي بندر تان هڪ مورتي به ملي آهي، جنهن ڪري ان کي فقط اسلامي دور جو ماڳ قرار ڏيئي نٿو سگهجي.
 ديبل 93 هجري (712عيسويءَ) ۾ فتح ٿيو. ديبل پنجين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ به موجود هو. ان وقت راءِ سهارس سنڌ جو حاڪم هو. ديبل جي عمر گهٽ ۾ گهٽ پنجين صدي عيسويءَ کان 1212 عيسويءَ تائين ثابت ٿئي ٿي، جڏهن ته ڀنڀور جي عمر گهٽ ۾ گهٽ ٻي صدي قبل مسيح کان اسلامي دور تائين ثابت ٿئي ٿي.
 ڀنڀور مان لڌل هڪ ڪتبي مان خبر پوي ٿي ته، 189_185 هجريءَ جي وچ ۾ هارون رشيد جو فوجي جنرل علي بن عيسيٰ سنڌ ۾ آيو ۽ (شايد) ان دور ۾ ڀنڀور واري مسجد قائم ٿي. جڏهن ته ديبل واري مسجد بابت تاريخ چوي ٿي، ديبل جي سڀ کان اوچي عمارت بت خانو هئي، جيڪا ٽين صدي هجريءَ تائين استعمال ۾ رهي. اٺين عباسي خليفي معتصم (812_833 عيسوي جي وچ ۾) ديبل جي بت خاني جو هڪ حصو قيد خاني طور استعمال ڪيو، يعني ديبل وارو مندر ٽين صدي هجريءَ تائين قائم هو، جڏهن ته ڀنڀور واري مسجد ٻي صدي هجريءَ ۾ موجود هئي، ٻين لفظن ۾ ڀنڀور واري مسجد ان مهل به قائم هئي جڏهن ديبل وارو مندر اڃا قيدخاني ۾ تبديل نه ٿيو هو. ان ڪري ڀنڀور واري مسجد ڀنڀور ۾ ديبل ثابت نٿي ڪري. جيڪڏهن سچ پچ ڀنڀور ئي ديبل آهي ته پوءِ ڀنڀور ۾ هڪ ٻي مسجد ڳولڻي پوندي. جيڪا ٽين صدي هجريءَ ۾ مندر مان بدلجي مسجد ٿي هجي. يعني اهڙي عمارت جنهن جا بنياد مندر جا ۽ عمارت مسجد جي هجي.
مان سمجهان ٿو ته قديم آثارن جي ماهرن ڀنڀور کي ديبل قرار ڏيڻ ۾ ڪجهه تڪڙ ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته، سندن راءِ صحيح به هجي پر اڃا تحقيق جي ضرورت آهي.
سڄي ڊيلٽا ۾ ڀنڀور جو قلعو اڪيلو قلعو آهي جيڪو پڪين سرن بدران پٿرن سان ٺاهيو ويو. جيڪڏهن تاريخ ۾ ڪنهن به هنڌ ديبل واري قلعي کي پٿر مان ٺهيل سڏيو ويو آهي ته پوءِ ڀنڀور کي ديبل سڏڻ ۾ گهٽ هٻڪ ٿيندي.
سسئي پنهونءَ جي داستان جو ڀنڀور سان تعلق هو پر ڪيڏي نه عجب جهڙي ڳالهه آهي ته، تاريخ جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڀنڀور جو ڪنهن ٻئي حوالي سان ذڪر ناهي! آخر ائين ڇو آهي؟ ڀنڀور ڪو معمولي شهر ته ڪونهي. گهارو کاريءَ تي واقع ڀنڀور هڪ قلعي بند شهر آهي. مارچ/اپريل 1958 ۾ قديم آثارن جي کاتي پاران، ڊاڪٽر ايف_اي خان هتي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرايو. ان کانپوءِ آڪٽوبر ۾ کوٽائي ٿي، جيڪا 1959ع تائين جاري رهي. سن 1930ع ڌاري اين جي مجمدار ۽ 1951ع ۾ هڪ يورپي ماهر پڻ مختصر کوٽايون ڪرايون هيون. بهرحال، هن مهل تائين ڪيل کوٽائين مان اهو طئي ٿي چڪو آهي ته هيءُ شهر گهٽ ۾ گهٽ پهرين صدي قبل مسيح کان پهرين صدي عيسويءَ ۾ سٿين ۽ ساسانين جي اثر هيٺ هو هتان يوناني نموني جا ٿانءَ به مليا آهن. اهي آثار سطح کان 25 فوٽ هيٺ آهن. جڏهن ته مٿين سطح جي کوٽائي مان ظاهر ٿيو آهي ته، شهر ڪنهن اوچتي حملي، لٽ مار ۽ باهه ۾ سڙي تباهه ٿيو آهي. شهر تي ٻاهرين يا تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ڪنهن وڏي لشڪر حملو ڪيو هو. شهر مان وڏي تعداد ۾ انساني ڍانچا بي ترتيب صورتن ۾ گهرن ۽ رستن تان مليا آهن، جن مان ڪن کي تير لڳل هئا.
ڀنڀور جي تباهي يقينن شاهه خوارزم هٿان ٿي آهي؟ جنهن بابت تاريخ مان به حوالو ملي ٿو ته، هن سنڌ تي حملي وقت ديبل ۾ ڦرلٽ ڪري باهه ڏني ۽ ان سان گڏ ٻيا شهر به ساڳي طرح ڦري ۽ ساڙي تباهه ڪيا. بهرحال، ديبل اڃا به سوال جي هڪ نشاني آهي. ديبل جي ڳولا جو ڪم ايڏو سولو ناهي، ان لاءِ بلڪل اهڙي قسم جي مهم جي ضرورت آهي جيئن يورپ وارا ”ٽراءِ“ واري شهر جي کوج ۾ رڌل آهن.
ڀنڀور، گهارو کاريءَ تي آهي. گهارو کاري اصل ۾ ڦِٽي ڪريڪ جو اوڀر وارو ڇيڙو آهي. شهر جا کنڊر کاريءَ جي اتر ۾ آهن، تنهن ڪري بندرگاهه وارو حصو ڏکڻ ۾ اٿس. بندرگاهه وٽان هڪ ڏاڪڻ شهر ۾ وٺي وڃي ٿي. شهر جي اتر اوڀر ۾ وڏي ڍنڍ جا نشان باقي آهن. قلعي کان ٻاهر اتر ۽ اوڀر طرف شهر جي پکيڙ نظر اچي ٿي.
ڀنڀور جي اتر واري ديوار ۾ 12_ برج آهن، اوڀر طرف چار يا پنج، اولهه ۾ مورچن جو اندازو ڏهن کان مٿي ناهي، جڏهن ته ڏکڻ واري وروڪڙ ديوار ۾ 15 کان 20 مورچا آهن. شهر واضح طور تي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ مضبوط ديوار اتر کان ڏکڻ تعمير ٿيل آهي، جنهن ۾ 10_11 مورچا آهن. اهڙي طرف قلعو اوڀر ۽ اولهه ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. اوڀر واري حصي جي اهم دريافت ڪوفي طرز جي مسجد آهي. جڏهن ته الهندي حصي مان شو مندر لڌو ويو آهي.فقط انهن ٻن عبادت گهرن جي بنياد تي ماهرن خيال ڏيکاريو آهي ته ڀنڀور ۾ آباديءَ کي هندو مسلم بنياد تي جدا جدا رکيو ويو هو. پر اها راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ اهو ضروري هو ته گهٽ ۾ گهٽ قلعي جي اندروني کنڊرن جي مڪمل کوٽائي ڪئي وڃي ها! کوٽائيءَ جي معاملي ۾ ماهرن تي وڏي تنقيد جي گنجائش آهي. کنڊر جي کوٽائي ڏهه سيڪڙو به نه ٿي آهي. قائم ٿيل ريسٽ هائوس ۽ عجائب گهر ان هنڌ قائم ٿيل آهي جيڪو ماهرن جي خيال ۾ صنعتي علائقو آهي.
سياح، اڻ کوٽيل صنعتي علائقي مان ٺاهيل پيچري تان ٿي قلعو ڏسڻ وڃن ٿا. ٺيڪ ان پيچري تي ٻه ٽي وڏا ٿانءَ دفن آهن، جن جو ڪنيون ظاهر آهن. هتان لڌل هڏين جا ڍانچا ڪنهن وقت ۾ محفوظ ڪيا ويا هئا پر هاڻ انهن جو ڪو به اتو پتو ناهي. کوٽائيءَ جي معاملي ۾ ايڏي ڍر ۽ ڀنڀور کي ديبل قرار ڏيڻ ۾ ايڏي تڪڙ، ٻئي ڳالهيون. سمجهه کان ٻاهر آهن.

موکي متارا

موکي متارا

ڀنڀور جي دڙي تان بيهي اتر اولهه ڏانهن ڏسبو ته، ننڍڙين ٽڪرين کان سواءِ ڪجهه به نظر نه ايندو، اها واٽ سسئي جي هئي. شايد اها ئي واٽ سڪندر اعظم جي پياري فوج به ورتي هجي. ان ڏس ۾ اڳتي درساڻو ڇنو ۽ پوءِ گڏاپ آهي. گڏاپ کان رستو پٻ جبل ڏانهن وڃي ٿو، جتي تاريخي پٻوڻي ناڪو ۽ ڳهه ٻوٽي وارو لنگهه آهي، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ دروازي جي حيثيت رکي ٿو.
گڏاپ سپر هاءِ وي تي ٽول پلازهه کان ارڙهن ميل اتر ۾ آهي. اُتي نار اتر جبل تي متارن جون قبرون آهن. متارا، جن کي ڀٽائيءَ موکيءَ سان ڳاتو آهي. گڏاپ لاءِ ڪراچيءَ کان روزانو بسون هلن ٿيون.
روايت چوي ٿي ته، موکي اصل ۾ مومل جي خاص ٻانهي ناتر جي ڌيءَ هئي. جڏهن مومل چکيا چڙهي تڏهن ناتر لڏي هتي اچي ويٺي. کيس اٺ ڌيئرون ڄايون، جن جا نالا رکيائين سونگل، دوزان، ٻائل، سورجاڻي، الله ڦائي، مٺان، سفوران ۽ موکي. اهي سڀئي نالا ڪراچيءَ جي قديم ديهن تي پيا جن مان اڪثر اڃا قائم آهن.
موکيءَ نارا ٿر وٽ ڪلالڪو هٽ قائم ڪيو. جتي پري پري جا پياڪ اچي پهچندا هئا. موکي، سونهن ۾ به سرس هئي ته سندس چڪايل شراب ۾ نشو به جام هو. پياڪ جوڌا جوان به هئا جيڪي ٿاڻي بولا خان واري پاسي کان ڪنهن ڏورانهن منزل کان ڪهي، هتي منزل هڻي، موکيءَ جي مئه خاني ۾ مڌ جون چڪيون وٺي اڳتي هليا ويندا هئا. انهن جوڌن جا تفصيل ڪنهن کي به معلوم ناهن. ڪي چون ٿا ته، سوداگر هئا ڪن جو چوڻ آهي ته شهزادا هئا. بهرحال ماڻهو انهن کي هاڻي متارن جي نالي سان سڃاڻين. هو هر ڇهين مهيني ايندا هئا.
هڪ ڀيري موکيءَ متارن کي پراڻي مَٽ جو شراب پياريو. شراب پي متارا روانا ٿي ويا ته وري نه موٽيا. موکيءَ مَٽ جاچيو ته ان ۾ زهريلو نانگ مئل هو. موکيءَ ڀانيو متارا مري ويا. ٻن ٽن مندن کانپوءِ متارا اوچتو ظاهر ٿيا‏ ۽ چيائون، ”ساڳيو شراب پيار! اهڙو نشو ڪراءِ جو اڳي وانگر ڳچ عرصي خمار ۾ هجون!“ موکيءَ اصل ڳالهه ڪري ٻڌائي ته اڳئين ڀيري شراب جي مٽ ۾ نانگ مئل هو. موکيءَ جي ويڻ جي دير هئي ست ئي متارا صدمي کان ڊهي پيا ۽ دم ڏنائون. اتي ئي سندن قبرون ٺهيون.
نارا ٿر تي هڪ ننڍڙي چ‍ؤديواري ۾ ڇهه قبرون اندر ۽ هڪ ٻاهر آهي. انهن مان ڪجهه قبرن تي متارن جا نالا به لکيل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، اهي حاجي آهن. هڪ قبر تي حاجي حالار لکيل آهي، هڪ قبر تي محمد اسماعيل حاجي، ٽين قبر تي اسحاق خان چوٿين تي رستم آدم پنجين تي يادگار اسماعيل حاجي لکيل آهي. ٻين قبرن تي نالا ناهن. پر سڀ هڪ جهڙيون آهن، چؤديواري ۾ هڪ پٿر کي اهڙيءَ طرح تراشي رکيو ويو آهي جو اهو پيالي جهڙو لڳي ٿو. اهو پٿر اڄڪلهه ٻه ٽڪر ٿيل آهي.
ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته، مقامي نوجوانن هتي ماکي متارا سوسائٽي قائم ڪري، موکي متارن جو ميلو هڻڻ جو پروگرام رٿيو، پر ڀرپاسي جي ڪنهن بااثر زميندار کي ڳالهه نه وڻي. اهو ماڻهو فوج مان رٽائر ٿيل آهي. هونئن به نارا ٿر تي فوجي مشقون ٿينديون آهن. اسان قبرن جي چ‍ؤ ديواريءَ ۾ کتل گوليون پنهنجين اکين سان ڏٺيون جيڪي نشاني بازيءَ جي مشقن دوران وڃي لڳيون هيون. سو، قانون نافذ ڪندڙ ميلو ڦٽائڻ لاءِ اڳ پهچي ويا ۽ متارن جون قبرون کوٽي ڇڏيائون. قبرون کوٽي ٻيهر بند ڪيائون. ويچارن متارن جون هڏيون رلي ويون. سرڪار کي ٻڌايو ويو هو ته متارن جي قبرن ۾ هيروئن يا چرس لڪل آهي.
موکيءَ جي قبر نارا ٿر کان چئن پنجن ميلن جي پنڌ تي ڳوٺ موکيءَ ۾ آهي. ڪراچيءَ جون هائوسنگ اسڪيم رٿائون هاڻي وڃي موکيءَ جي قبر تائين پهتيون آهن. متارن بابت چون ٿا ته انهن ۾ ٻه سما، ٻه سومرا، ٻه چنا ۽ ٻه چوهاڻ آهن. ان ڪري متارن جو تعداد اَٺ بيهي ٿو جڏهن ته قبرون ست عدد آهن.
ناراٿر لڳ هڪ قديم قبرستان آهي. ڊاڪٽر بلوچ (جنگنا ما ص: 121) موجب هتي ڄام بجار جي وقت ۾ برفتن ۽ جاکرن وچ ۾ جنگ لڳي هئي ڄام بجار جي لشڪر ۾ جت، ڪلمتي، جوکيا نومڙيا شامل هئا.
خشڪي واري قافلي کي واٽ ۾ خفتي مليا. هڪڙا خفتي پنجاب جي پتڻ مٺڻ ڪوٽ تي مليا هئا، ٻيا ٻگهاڻ جي حدن ۾، زميندار، سوئر جي شڪار جا شوقين آهن. هن تر ۾ درزائين شڪار ۾ نالو ڪڍيو آهي درزائي ڀائرن جون وڏيون اوطاقون آهن، جتي اٺ اٺ ڏهه ڏهه شڪاري ڪتا ٻڌا پيا آهن. هو ڪجهه پيشيور شڪاري به رکندا آهن.
سوئر جو شڪار هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. اول ته غريب غريبي کي پنهنجي روزاني پورهئي کان فرصت ناهي، ڪير پنهنجو وقت سيڙائي؟ ٻيو ته سڄو ڏينهن دربدر ... هڙ حاصل ڪجهه ڪو نه! ڪٿان اچن بندوقون ۽ ڪارتوس! مٿان وري جانور به اهڙو جو ڪنهن وقت بگڙي پوي ته ڪتن کان ڇڏائي ماڻهو ماري وجهي! اهي شوق وڏن ماڻهن کي نبيهه هجن!

اوچتو ڦاٽ

اوچتو ڦاٽ

ٻگهاڻ ۽ ڳاڙهي جي وچ مان ”اوچتو ڦاٽ“ لنگهي ٿو. شايد درياهه اتان اوچتو ڦاٽ ٺاهيو هجي! ڦاٽ ڦرندو گهرندو وڃي ڪيٽي بندر کان ٿو نڪري. اوچتو ڦاٽ هاڻي نٿو وهي پر ان ۾ برساتن ۽ سم جو پاڻي هوندو ئي هوندو آهي. مٿان وري جو روڊ ٺهي ويا آهن ته ماڳهين ٻڌجي ويو آهي.
چون ٿا ته اڳي جڏهن وهندو هو ته شاهي وهڪرو هئس، هاڻي ننڍڙو ٿي ويو آهي. ماڻهو مشينن ذريعي اهو پاڻي ڇڪي ان تي ڪيلو ۽ ٻي آبادي ڪن ٿا. هونئن اوچتو ڦاٽ اصل ۾ ڪوٽڙيءَ الله رکئي شاهه وٽان ڦٽي ڳاڙهي، گهوڙا ٻاري ۽ ڪيٽي بندر کان ٿيندو، ترڇاڻ سان ملي ٿو.

سمنڊ ۽ ويرون

سمنڊ ۽ ويرون

ويرن جا وقت مقرر آهن. اهو ڏاڍو عجيب حساب آهي. هر کاريءَ جو پنهنجو حساب آهي ۽ پتڻ جو پنهنجو حساب آهي.پر ٿلهي ليکي پاڻيءَ ۾ ٻن ٽن قسمن جو چاڙهه اچي ٿو.
هڪ مهاڻي ٻڌايو ته، ”وير، چنڊ جي پهرين تاريخ شروع ٿيندي آهي، نائين تاريخ تائين پاڻي گهٽ هوندو آهي، ان کانپوءِ پاڻي چڙهڻ شروع ٿيندو آهي. اهو پاڻي 22_24 تاريخ تائين گهٽجي ويندو آهي، وري25 کان شروع ٿي، پهرينءَ تائين ختم ٿي ويندو آهي. مهيني ۾ ٻه دفعا چڙهندو ۽ ٻه دفعا لهندو آهي.“
پاڻيءَ جي لاهه چاڙهه جو ٻيو نمونو رات ڏينهن جي حساب سان آهي. اهي ويرون ڪڏهن ڏينهن جو وڏيون هونديون آهن ته ڪڏهن رات جو. سامونڊيءَ ٻڌايو ته، ”اهو وقت چنڊ جي حساب سان بدلجندو رهندو آهي. جڏهن چنڊ لهندو آهي تڏنهن وير چڙهندي آهي، پوءِ کڻي رات هجي يا ڏينهن. اسان هڪ ٻئي کان پڇندا آهيون ابا چنڊ ڪٿي بيٺو آهي؟ مثال جواب مليو، ٻن پهرن تائين، ائين اسان کي خبر پوندي آهي ته وير هلي پئي ... گهٽجي پئي.“
جڏهن وير چڙهندي آهي ته، ان کي ”وير“ چئبو آهي جڏهن لهندي آهي ته ان کي ”الڙ“ چئبو آهي. ان عمل جو اهڙو ڪو مقرر ٽائيم ناهي جو هر روز ساڳيو هجي. ان ڪري پورٽ قاسم يا ڪراچي بندر تي واسطيدار يا عملدار، مختلف ڏينهن ۽ کارين ۾ ويرن ۽ اَلڙ بابت هڪ چارٽ ٺاهي وٺندا آهن، کين چنڊ جي تاريخن بابت ۽ مختلف کارين ۽ اونهائين ۽ فاصلن جي ڄاڻ آهي، تنهن ڪري کين خبر آهي ته ڪهڙي تاريخ، ڪهڙي وقت، ڪهڙي پتڻ تي ڪيترو پاڻي هوندو.
فرض ڪجي ته، هن وقت اڄوڪي تاريخ ۾ پورٽ قاسم تي منجهند جو ٻي لڳي ننڍي وير آهي، هر منٽ ۾ پاڻي چڙهندو ويندوتان جو شام جو ساڍي ستين لڳي وير مٿانهين سطح تي هوندي. ان کان پوءِ رات جو ٻي لڳي تائين پاڻي لهڻ لڳندو. پر سڀاڻي وير جو وقت ساڍا ست نه هوندو، لڳ ڀڳ اڌ مُني ڪلاڪ جو فرق ٿي ويندو يعني سڀاڻي اٺين سوا اٺين ڌاري وير مٿانهين سطح تي هوندي.

مهم جي پڄاڻي

مهم جي پڄاڻي

رٻڙ جون ٻيڙيون هوائن ۽ منجهند جو ٻي لڳي اسٽيل مل جي جيٽيءَ جي سامهون اٽڪل ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پائلٽ لانچ جي ڀر ۾ بيٺيون. پائلٽ تي بيٺل همراهن، ٻيڙياتن کي ڇڪي مٿي چاڙهيو. پائلٽ جو نالو ”لاهوت“ آهي. مٿس سن 1987ع لکيل آهي.ٻيڙياتن کي ٻڌايو ويو ته،مهم جي پڄاڻيءَ تي سنڌ جو گورنر يا ڪو ٻيو ”معتبر“ ماڻهو، ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ميڊم مهتاب اڪبر راشدي،پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل جا چڱا مڙس،صحافين سميت جيٽيءَ تي آجيان ڪندا، انڪري پائلٽ ۾ هٿ منهن ڌوئي ماڻهو ٿي وٺو!”
جيستائين آجيان ڪندڙ وڏا ماڻهو جيٽيءَ تي ڪٺا ٿين، اسان کي پائلٽ تي رهڻو هو. هيءُ مناسب وقت هو ته اسان هڪ ٻئي کان پڇون ته ”سنڌو مهم“ ڪيتري ڪامياب رهي؟
”مون هن مهم مان تمام گهڻو پرايو آهي، مهڙ ۾ ڪجهه ڪنفيوزن هئي ... اسان سڀ هڪ ٻئي لاءِ نوان هئاسون ... سڀني جون طبيعتون جدا آهن ... مون ڏٺو ته، ماڻهن جي نفسيات ڪڏهن ۽ ڪيئن بدلجي ٿي.پهرين اسان محتاط هئاسون ... پوءِ هر ڳالهه ٺيڪ ٿيندي وئي ... منهنجي خيال ۾ هيڏي وڏي سفر ۾ ٽيم ميمبرن جي رويي ۽ جذبي ۾ ڪو خاص فرق نه پيو آهي. مون کي ڪا به کوٽ محسوس نه ٿي ... ڏاڍي اتساهيندڙ مهم هئي ...“ انتخاب حسين شاهه پنهنجي راءِ ڏني.
”مهم سٺي رهي ... پر ان ۾ ٿوريون گهڻيون خاميون به هيون. پلاننگ ۾ سڌاري جي گنجائش هئي ... ڏسو نه اسان کي جتي به پهچڻو هو ... ان بابت پروگرام جي اسان کي خبر نه پئي پوي، ڪٿي لهون پيا ته هر ڪو پنهنجي منهن سان ... ائين نه پيو لڳي ته ڪا هڪ ٽيم آهي.“ اشفاق علي لنڊ پنهنجي راءِ ڏني.
”جڏهن مون ديرا اسماعيل خان وٽ ٽيم کي ڇڏيو ته اها ٺيڪ ٺاڪ اسپرٽ ۾ هئي ...“ ميجر اعظم جعفر راءِ ڏيڻ شروع ڪئي، ”... پر هاڻي مان جڏهن واپس آيو آهيان تڏهن به سٺي اسپرٽ ۾ پيو ڏسان ... ڪجهه نه ڪجهه ٿڪاوٽ ۽ چڙ برابر ڏسان ٿو پر اها منهنجي توقع کان تمام گهٽ آهي. مون کي ٻن ماڻهن جو وڌيڪ خطرو هو خالد (جيپ ڊرائيور) ۽ ارشد (پڪ اپ ڊرائيور) پر فقط خالد بيڪ فائر ڪري ويو آهي. باقي منهنجي خيال ۾ ٽيم ۾ ميمبرن جو تعداد گهڻو هو ... ايترا ميمبر نه هئڻ کپندا هئا ... فقط اهي ماڻهو ٽيم ۾ شامل هئڻ کپندا هئا جن کي ذميواريون ورهائي ڏنيون ويون هيون ... وڏي ٽيم سان مسئلا وڌي ويندا آهن ... توهان پاڻ ڏسو اسان ۾ ڪيترا ميمبر آهن، جن کان سواءِ به مهم جاري رهي سگهي ها!“
ٺيڪ چئين لڳي وائرليس ذريعي هدايت ڪئي وئي ته ”سنڌو مهم“ وارا پنهنجي سفر جا آخري ٻه چار ڪلو ميٽر ڪري پورٽ قاسم جي جيٽيءَ تي پهچن.
نوري ۽ مورڙئي هڪ ڀيرو ٻيهر سفر شروع ڪيو. ٻئي ٻيڙيون هاڻي ٿڪجي چُور ٿي چڪيون هيون. پر هي سندن آخري وکون هيون. ٻيڙيون جيئن ئي جيٽي سان لڳل ديو جيڏن جهازن جي ڀر مان لنگهيون، جهازن پنهنجا سائرن ۽ بگل وڄائي مورڙئي ۽ نوريءَ جي آجيان ڪئي. انهن جهازن آڏو هنن پتڪڙين ٻيڙين جي حيثيت ائين هئي جيئن ڪو درياهي جيت ترندو هجي! جهازن اصل ۾ شابس ته انهن جيتن کي پئي ڏني، جن تي اسان سوار هئاسون البت جهازن جي عرشي ۽ ڪٽهڙن تان حيرت ۽ شوق مان جهڪي ڏسندڙ سامونڊين هٿ لوڏي اسان کي پئي کيڪاريو.
جيٽيءَ تي سٺو آڌرڀاءُ ٿيو. ڄاتل سڃاتل دوستن پهرين نظر ۾ نه سڃاتو‏. هڙني جا رنگ بدلجي ڪارا ۽ ٽامي جهڙا ٿي پيا هئا. آجياڻي تقريب کي ميڊم راشدي، ڪليم لاشاري ۽ پورٽ قاسم جي چيئرمين خطاب ڪيو ۽ ”سنڌو مهم“ سرڪاري طرح پوري ٿي.
سمنڊ مان ٻيڙيون ڪڍي، مشينون ۽ سامان لاٿو ويو، ٻيڙيون ويڙهي پڪ اپ ۾ چاڙهيون ويون. نوري ۽ مورڙئي جو پنڌ پورو ٿيو پر اسان جو پنڌ اڃا اڳتي آهي، پورٽ قاسم کان ڪراچيءَ تائين ٽيهه پنجٽيهه ڪلو ميٽر اولهه ۾.
واٽ تي چوکنڊي قبرستان آهي، ملير جي وادي آهي، لياري ۽ کڏو آهن، نئين زماني جا نوان بحران ۽ وڳوڙ آهن. لساني ۽ طبقاتي گروهه بنديون آهن، ڦڏا فساد، روشنيون، اونداهيون آهن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اها مصروفيت آهي جنهن مان فقط موت جند ڇڏائي سگهي ٿو.

چوکنڊي

چوکنڊي

قافلو پورٽ قاسم ڇڏي ڪراچي شهرڏانهن روانو ٿيو ته لانڍي اسٽيشن کان فقط ٽي ميل اورتي ۽ ڪراچيءَ کان 28ڪلوميٽر پهرين، قومي شاهراه تي ساڄي پاسي قديم قبرون نظر آيون، هيءَ چوکنڊي قبرستان آهي جنهن ۾ پٿرن جون مستطيل چئمبرن واريون قبرون آهن. انهن تي سهڻي چٽسالي ٿيل آهي. اهو پٿر جنگشاهيءَ جو پيلي رنگ وارو پٿر آهي،جيڪو سنگ تراشيءَ لاءِ بهتر آهي.
لفظ چوکنڊي شروع کان بحث هيٺ آهي.ڪي محقق چئن ڪنڊن جي بنياد تي چوڪنڊي چون ٿا. ڪن جي راءِ آهي ته چونڊي يا چوکنڊي ڪو علائقو هو، جتان جوکيا لڏي آيا هئا.هڪ تشريح اها آهي ته، چوکنڊي اصل ۾ ترڪي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڪنهن ماڙيءَ تي مٿي ٺهيل اهڙو ڪمرو جيڪو چئن پاسن کان کليل هجي يا دريون ۽ دروازا هجنس.
سنڌ ۾ پٿر جي گڏيل قبرن لاءِ مختلف نالا ڪتب آندا وڃن ٿا، مثال طور چوکنڊي، گهڙاوتون يا گهاڙيون، رانئڪون، بخاريون يا روميون. انهن مان هر هڪ لفظ جي معنيٰ جدا آهي. چوکنڊي، بابت مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان گهاڙيون يا گهڙاوتن، معنيٰ اهي قبرون جن تي اڪر جو ڪم ٿيل هجي يا گهڙيل هجن، بخاريون مان مراد آهي، بخاري سيدن جون قبرون. جيتوڻيڪ ان بابت ڪو تاريخي يا صوتي دليل نه آهي البت ڪوهستان ۾ هلندي جڏهن مون گمنام گهاڙين بابت پڇا ڪئي ته مقامي ماڻهن چيو،”سائين بخاريون آهن، ڪنهن وقت ۾ هتان بخارا جا سيد مٽيا هئا، انهن مان ڪي مري پيا ته انهن تي قبرون ٺاهيون اٿن.“ رانئڪون عام طور تي اهڙين چؤديوارين کي چيو وڃي ٿو جتي ان ئي ماڻهوءَ کي پوريو ويو هجي جتي ساڳيو ماڻهو زندگيءَ ۾ رهيو هجي.
چوکنڊي قبرستان تي گهڻو بحث ٿي چڪو آهي پر اها ڳالهه طئي آهي ته هتي ڪرمتين ۽ جوکين جون قبرون آهن.
وڏيون ۽ اوريون قبرون جوکين جون آهن، جن ۾ جوکين جا سردار دفن ٿيل آهن. انهن سردارن ۾ ڄام بجار بن ڄام ميرن، ڄام مريد بن حاجي، بجار بن راڌو، جنيدن راڌو،راڌو ميرن،ڄام بجار جا پٽ، ڪٽنب ۽ ٻيا پنجاهه کن نالا پڙهي سگهجن ٿا. لکتون عربي، فارسي ۽ سنڌي خط ۾ آهن، مثال طور ميران بن وديرو جام. هتي وديرو معنيٰ ”وڏيرو“ آهي. ساڳي طرح مون هتي ڪجهه سال اڳ هڪ قبر تي ”وديري باگي“ لکيل پڙهيو هو يعني ”وڏيري ٻاگهي“. پر هن ڀيري پوري تلاش جي باوجود مان اها قبر تلاش ڪري نه سگهيس. شايد اها هاڻي ڊهي وئي آهي.
اهي قبرون گهڻو تڻو ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺهيون آهن. ان دور ۾ ڪلمتي ۽ جوکين جا راڄ پاڻ ۾ اصل ڪو نه ٺهندا هئا. نيٺ جڏهن ڪلهوڙن، جوکين تي هٿ رکيو ته پوءِ ڪي ڪلمتي ساڪري ۽ ٻين پاسن ڏانهن لڏي ويا. محترم علي احمد بروهي سندس ڪتاب (History on torm stones) ۾ لکي ٿو ته قبرستان جي الهندي حصي ۾ ڪرمتي دفن ٿيل آهن، ان کان پوءِ هتي جوکين قبرستان قبرون اڏڻ شروع ڪيو. سورهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين هن علائقي ۾ فقط ڪلمتي ۽ برفت رهندا هئا، جوکيا بعد ۾ ڪوهستان کان لڏي آيا.
بروهي صاحب اهو به لکي ٿو ته، قبائلي مقابلي جي هڪ صورت اها به هئي ته قبيلي وارا پنهنجن سورمن جون قبرون اوچيون ۽ شاندار ٺهرائيندا هئا، اهو سندن شان جو مسئلو هو. اهڙي ئي سبب جي ڪري هڪ ڏينهن ڪرمتين ان مهل جوکين جي قبرن تي اوچتو حملو ڪيو جڏهن مرد ڪم تي ويا هئا. جڏهن جوکين جي عورتن مردن کي خبر ڪئي ته اهي مقابلي لاءِ اچي پهتا، صبح کان شام تائين جنگ هلي ان وچ ۾ اوڙي پاڙي کان ٻيا جوکيا به اچي پهتا صبح کان شام تائين جنگ هلي، نيٺ ڪجهه سيد قرآن ۽ نياڻين جو ميڙ وٺي وچ ۾ پيا. اها جنگ قبرستان لڳ هيٺانهينءَ ۾ لڳي جنهن ۾ جوکين جو گهڻو نقصان ٿيو. هڪ ڏينهن جي جنگ ۾ ڪل ڏيڍ سؤ مڙس مري ويا. انهن مڙسن کي چوکنڊيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. هن جنگ ۾ ڄام مراد جوکئي وڏي مڙسي ڏيکاري، سندس ڄنگهه وڍجي وئي پر مرندي مرندي نه رڳو ان کي به ماريائين جنهن سندس ڄنگهه وڍي هئي پر ٻيا به ڇهه ڪلمتي ماريائين.کيس اتي ئي دفنايو ويو، جتي دم ڏنائين. هن جنگ ۾ ڀنبو خان ڪلمتي، ڪلمتين پاران اڳواڻي ڪئي هئي.
چوکنڊي قبرون ٽن قسمن جون آهن. هڪڙيون ته عام ساديون قبرون آهن، ٻيون هيٺان کليل چئمبرن واريون آهن. جن مان زمين کان ٻاهر تدفين جي رواج جو شڪ ٿئي ٿو. قبرن جا مٿيان چئمبر ايترا سوڙها آهن جو، انهن ۾ انساني جسم نٿو ماپي سگهجي. البت کليل چئمبرن مان ڪن ۾ انساني هڏيون ملن ٿيون. ٽئين قسم جون قبرون عاليشان گهڙاوتن واريون آهن، جن ۾ زمين هيٺ تدفين جو رواج ڏسجي ٿو.
قبرستان ۾ پندرهين کان اوڻهين صديءَ جون قبرون آهن. قبرن جي ماپ لڳ ڀڳ 2.5 فوٽ ۽ اوچائي اٺ فوٽ آهي. سنڌ ۾ هن قسم جون قبرون سيوهڻ، لڪي، ميرپور ساڪري، سونڊا، گجي، ٿريبا، رني ڪوٽ، منگهو پير، تونگ، بلوچ ٽومبس، لانڍي، مالماڙي، روهڙي، سکر ۽ ٻين پاسن ڏانهن آهن. چون ٿا ته، تونگ وٽ قبرن جي اوچائي ويهن فوٽن تائين وڃي ٿي.
قديم آثارن جي هڪ ماهر، عبدالعزيز فاروق تازو هڪ سيمينار دوران ليڪچر ۾ دعويٰ ڪئي ته ڪن قبرن ۾ مختلف سطحن تي مردن جون هڏيون مليون آهن يا ائين به آهي ته زميني سطح تي ڍانچي مٿان قبر کنئي وئي آهي.
گهڙاوت وارين اڪثر قبرن تي بلوچ ٽومبس يا لسٻيلي وغيره ۾ (ڄامن جي قبرن کان سواءِ) قرآني آيتون يا ڪلميا وغيره گهڙيل آهن، جيئن مڪليءَ ۾ ارغونن جي قبرن تي آهن. راڄ ملڪ قبرستان ۾ به آيتون لکيل نظر اچن ٿيون.
ڪن صاحبن جو خيال آهي ته، چوکنڊي آرٽ سنڌ ۾ اوچتو ظاهر ٿيو آهي پر اها ڳالهه صحيح ان ڪري نٿي لڳي ته، جاميٽريءَ وارا گل چٽ اسان کي مُهين جي دڙي مان به ملن ٿا. عبدالعزيز فاروق جي راءِ هئي ته، چوکنڊيءَ ۾ ايراني اثر غالب آهي ڇو ته اهي ايراني دخمد وانگر ٻه ٻه ٽي ٽي منزله قبرون آهن.
ذاتي طور تي مان ان راءِ سان سهمت نه آهيان. منهنجو خيال آهي ته، پٿر تي اڪر جو فن سنڌ ۾ جين مت وارن ڪاريگرن ۽ هنرمندن جو تسلسل آهي، جن جو ٺٽي ۾ وڏو ڪم هلندڙ هو. چوکنڊي ٽائپ جا ڪاريگر ٺٽي ۾ گهڻا هئا. البت قبرون مصري پئرامڊ جو منيئچر لڳن ٿيون. ايران ۾ ڪورش ڪبير جي قبر به ساڳي طرح ڏاڪي به ڏاڪي پر پئرامڊ وانگر آهي.

سانڊي تان جنگ

سانڊي تان جنگ

ڪرمتين ۽ جوکين وچ ۾ اصل ويڙهه علائقي تي بالادستي جي دعويٰ هئي پر جڏهن ٻه طاقتور قبيلا هڪ هنڌ جمع ٿيندا آهن ته ننڍين ننڍين ڳالهين تان به وڙهي پوندا آهن.
ٿڌو نئه جي ڪنڌيءَ تي جوکين ۽ ڪلمتين جي وچ ۾ ٻه جنگيون لڳيون آهن پهرين جنگ سردارن وچ ۾ نه هئي راڄ پاڻ ۾ وڙهي پيا هئا، سو به ٻارن جي ڳالهه تان. ڇا ٿيو جو نئه ٿڌو جي هڪ ڪنڌيءَ تي ڪلمتين جو ڳوٺ هو ۽ ٻيءَ ڪنڌيءَ تي جوکين جو. جوکين جي ڇوڪرن کي هڪ سانڊو نظر آيو سو ان جي پٺيان پيا. سانڊو ڊوڙ پائي وٺي ڀڳو ۽ ڪلمتين جي گهر ۾ گهڙي ويو. جوکيا چون، ”سانڊو ڪڍو“ ڪلمتي چون ته، ”سانڊي اسان وٽ پناهه ورتي آهي، نه ڏينداسون“ انهيءَ تان ڇوڪرا وڙهي پيا. ٻارن جي ويڙهه ۾ پوءِ وڏا به شامل ٿي ويا ۽ ٻنهي ڌرين ۾ وڏي جنگ لڳي.
ان کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ ٿڌو نئه تي هڪ ٻي جنگ لڳي. ڪلمتين جو سردار ملڪ طُوطا خان هو، جوکين پاران همٿ ڀريو ماڻهو بجار خان هو. اها جنگ ڪهڙي ڳالهه تان لڳي سو پتو ناهي البت اها جنگ جوکين هارائي.
بهرحال، چوکنڊي ٽائپ هڪ قبرستان، لانڍي اسٽيشن جي ويجهو آهي، جنهن ۾ سؤ کن قبرون آهن. چون ٿا ته اهي قبرون سانڊي واري ويڙهه ۾ مئل جوانن جون آهن. هڪ قبر تي سن 966 هجري لکيل آهي.

بلوچ ٽومبس

بلوچ ٽومبس

چوکنڊيءَ کان اتر ۾، هڪ ٻيو قبرستان بلوچن جي قبرن سان منسوب آهي. جيڪو سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جو آهي ۽ ان ۾ اٽڪل ٽي سؤ کن قبرون آهن.
قديم قبرن جو ذڪر هلي رهيو آهي ته راڄ ملڪ قبرستان جو ذڪر به ٿي وڃي. قبرستان جو اصل نالو قدمن وارو قبرستان آهي. جتي ڪن ماڻهن جي چوڻ موجب پيران پير جي قدمن جا نشان آهن ته ڪي وري اهي قدم حضرت علي سان منسوب ڪن ٿا. قدمن مٿان درگاهه سٺي حالت ۾ آهي. اندازو آهي ته درگاهه ڏهين صديءَ هجريءَ ۾ ٺاهي وئي يا ٿي سگهي ٿو ته ان کان به اڳ.
پنجاهه ايڪڙن تي مشتمل قدمن وارو قبرستان گهڻي ڀاڱي ڪلمتين جو آهي، اتي سٺ سيڪڙو ڪلمتي رکيل آهن باقي جوکيا ۽ جت آهن. قبرون گهڙاوت جي لحاظ کان سنڌي جي سڀني گهاڙين ۾ بهترين چئي سگهجن ٿيون. قبرن تي قرآني آيتن کان سواءِ اٺ ۽ گهوڙا به ٺهيل آهن. راج ملڪ قبرستان تي هڪ جنگ به لڳي. چون ٿا ته، اها جنگ ان وقت لڳي جڏهن ڪلمتين پنهنجو ڪو مردو دفن ڪرڻ کانپوءِ آرام ڪري رهيا هئا ته اوچتو جوکيا اچي مٿانئن ڪڙڪيا. اصل ۾ جوکين ۽ ڪلمتين وچ ۾ ڪجهه اڳ گهگهي واري جنگ لڳي هئي. قبرستان واري جنگ کي ”قدمن واري جنگ“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
راج ملڪ قبرستان ۾ ٽن دوستن مگر، مٺو ۽ هاڙهو جون قبرون به آهن، جن جون ماهيون ڀنڀور لڳ تلاءَ کان اتر ۾ آهن. انهن ڀنڀور وٽ مقابلو ڪيو هو. سندن ماهين کي مڙسن جون ماهيون سڏين ٿا. (تفصيل جنگ ناما_ڊاڪٽر بلوچ).
بلوچ ٽومبس ڏانهن وڃڻ جو بهتر رستو، هڪ ميمڻ ڳوٺ وٽان آهي ۽ ٻيو قبرستان جو پنڌ سپر هاءِ وي کان پنج ڇهه ڪلو ميٽر مس ٿيندو. قبرستان دنبا ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ ٿڌو نديءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي. هتي ڪن ڪن قبرن جي اوچائي 11_ فوٽن تائين آهي. قبرستان ۾ ڪرمتين جي سردار طُوطا جي قبر به آهي.

ملير ماٿري

ملير ماٿري

ملير هڪ برساتي نئه آهي، جنهن ۾ تڏهن پاڻي ڀرجي ٿو جڏهن مانسون جي برسات پوي. ملير نئه جون ڏن ڀرو ڪيئي برساتي نديون آهن، جن مان مول سڀ کان اهم آهي، تڏهن ته هتي هڪ پهاڪي جنم ورتو آهي.
”ملير تڏهن مَرڪي جڏهن ماڻس مول ڀرجي.“
ملير جي هڪ ڏن ڀرو، نئه سُڪڻ آهي جيڪا اوڀر واري ٽڪرين تان لهي، درساڻي ڇني وٽان ٿيندي، لانڍيءَ جي اتر ۾ ملير ۾ پوي ٿي. اولهه واري پاسي کان، گڏاپ جي اتر کان، ۽ ڪونڪر کان ايندڙ نديون دمبا ڳوٺ جي اتر ۾ ملي ڊملوٽيءَ کان ٿينديون ٿڌو نئه بڻجي لڳ ڀڳ سُڪڻ جي ميلاپ واري هنڌ اچي ملير ۾ گڏجن ٿيون. ٿڌي ۽ سڪڻ جي وچ ۾ برساتي ندين جو هڪ ٽيون سلسلو آهي. کديجي نئه، سپر هاءِ وي وٽ مول ۾ پوي ٿي. اهڙيءَ طرح لانڍي وٽان ملير نئه وڏو پيٽ ٺاهي گذري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪا هاڻوڪي ڊفينس هائوسنگ سوسائٽيءَ جي اوڀر ۾ آهي. گذري کاريءَ جو پراڻو نالو گسري آهي جتي ڪنهن وقت ۾ ٽي سامونڊي ٻيٽ هئا. هڪ ٻيٽ خود گسري هو ۽ ٻيو اڄوڪو باٿ آئيلينڊ، جتي هڪ ڪٿا موجب مورڙي واري وقت ۾ راجا دلوراءِ هڪ ڳوٺ ٻڌايو هو. (لئمبرڪ_ عام جائزو صفحو 346) اهو مهاڻن جو ڳوٺڙو هو ۽ چِنا کاري سڏبو هو.

ڪراچيءَ جا ڪجهه ٻيا آثار

ڪراچيءَ جا ڪجهه ٻيا آثار

ڊملوٽي: ملير شهر کان ڏهه ڪلو ميٽر ٿڌو نديءَ جي ٻيٽ ۾ ۽ ڪنڌيءَ تي ڪجهه آثار آهن. هن وقت نئه جي ڪنڌيءَ تي چار قديم قبرون آهن جن مان فقط هڪ تي لفظ ”شاهو“ پڙهي سگهجي ٿو. اهي قبرون نارا ٿر تي قائم متارن جي قبرن جهڙيون آهن. ڊملوٽي لڳ پٿر جي دور جون قبرون به مليون آهن.
ڊملوٽي تي پهرين هڪ کوهه هو، جنهن تي پپر جو وڻ هو ۽ هندن جو تيرٿ آستان هو. پر پوءِ انگريزن هٿان 1882ع ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ جو پهريون منصوبو ٺاهيو ۽ ڏهه کوهه کڻايا. انهن کوهن مان روزانو 50 لک گئلن پاڻي، ويهه ميل ڊگهي زمين دوز رستي ذريعي ڪراچي پهچايو ويندو هو. ان رٿا ۾ 1923ع ڌاري توسيع ٿي پر 1942ع ڌاري ٻي وڏي جنگ دوران ڪراچيءَ جي آبادي وڌي، تڏهن هڪ ڪروڙ پنجاهه لک گئلن پاڻيءَ جي فراهمي ٿي. ايڏي فراهمي ڊملوٽي کوهن جي وس کان ٻاهر هئي، نتيجي ۾ کوهن جو پاڻي هيٺ لهي ويو. 1951ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ جي آبادي 23 لک ٿي وئي تڏهن سرڪار بهادر اک پٽي ۽ پاڻيءَ جا ٻيا ذريعا ڳوليا.
ڊملوٽيءَ مان پاڻيءَ جي فراهمي اڃا به جاري آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ٿيو ته ننڍين ٽڪرين ۾ مٺي پاڻي بدران سامونڊي پاڻيءَ جو ذخيرو داخل ٿيڻ لڳندو. اها ڳالهه رٿا وارن کي به معلوم آهي.
پپر جي وڻ وٽ هڪ غار هوندي هئي، جنهن کي پٿرن سان بند ڪيو ويو آهي. غار ۾ لڪشمي ديويءَ جي پوڄا ٿيندي هئي (وادي ملير_ حميد ناصر، صفحو 116).
تاريخ کان اڳ جا آثار: نل بازار تي، ڳوٺ الهڏنو وٽ، مُهين جي دڙي جا همعصر آثار ظاهر ٿيا آهن. جتان مڻيا، سوراخ دار ٺڪري ۽ هڪ سڱي ڍڳي جي مهر ملي آهي. اهو دڙو هن وقت زمين کان ٽي چار ميٽر مٿي آهي. هتي 1973 ۽ 1974ع ۾ ٻه ڀيرا 10 کان 18 فوٽ هيٺ کوٽايون ٿيون آهن. شهر ۾ گهرن جي اڏاوت پٿر جي بلاڪن سان ٿيل آهي.

ريڙهي مياڻ

ريڙهي مياڻ

ريڙهي مياڻ، سامونڊي دهشتگردي جو شڪار ٿيل شهرن ۽ بندرگاهن لاءِ پناهه گاهه بڻجي سامهون آيو آهي. اسان کي هتي ٻه چار اهڙا ماڻهو به مليا جيڪي دبو ڪريڪ کان لڏي آيا هئا، ڪي ڪيٽي بندر کان آيا هئا. ٻه جهونا اهڙا به مليا جيڪي چاليهه پنجاهه سال اڳ ڳوٺ مِلڪو کان لڏي اچي هتي ويٺا.
ريڙهي مياڻ کي ابراهيم حيدريءَ کانپوءِ ٽيون نمبر مڇي بندر جي حيثيت حاصل آهي. هتي پاڻيءَ جي سدائين ڏاڍي تڪليف رهي آهي. ڪراچي واٽر بورڊ وارن کي ته رحم نه پيو پر هاڻي هڪ عجيب واقعو ٿيو آهي. سمنڊ جي ڪنڌيءَ سان بيٺل ٽڪرين مان اوچتو ئي اوچتو ٻن جاين تان مٺو پاڻي ڦٽي پيو آهي. ماڻهن حوض ۽ ناليون ٻڌي ان پاڻيءَ کي قابو ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن هتي پاڻي نه هو تڏهن، ڳوٺاڻن اهو ئي ڪيو جيڪو سڄي ڪوهستان ۽ ڪارونجهر ۾ ٿيندو آهي. هنن ڀر وارين ٽڪرين ۾ هڪ برساتي ڍوري تي به بند ٻڌا. هڪ بند مٿانهينءَ تي هو جنهن برساتي وهڪرو جو زور ٿي ٽوڙيو، ان بند جي ڊيگهه هڪ سؤ فوٽ هئي. ان حڪمت عمليءَ سان برساتي پاڻي زمين ۾ جذب ٿي پئي ويو. جڏهن ته ٻيو بند هيٺانهينءَ تي ٺاهيو ويو هو. ٻنهي بندن جي وچ ۾ کوهه کوٽيا ويا هئا، جن مان پاڻي ڏولن ذريعي ڪڍي استعمال ڪيو ٿي ويو.
اسان جي ملاقات انهن ٻڍڙن سان به ٿي، جن انگريزن جي دور ۾ انهن بند جي مرمت ڪئي هئي.
واڳون ڏر: سامونڊي ڪنڌيءَ تي ٽڪريءَ جي پاڙ مان هڪ چشمو ڦٽي ٿو، جتي ڪٿا موجب هڪ واڳون رهندو هو. چشمي جي پاڻيءَ سبب، سامونڊي ڪنڌيءَ تي قائم ٿيل هن ڳوٺ تي واڳون ڏر نالو پئجي ويو. سرڪار هتي هاڻي هڪ وڏي جيٽي ٺاهڻ جو پروگرام رٿيو آهي. جنهن کانپوءِ واڳون ڏر ۽ چشمه ڳوٺ جو ذڪر فقط ڪتابن ۾ ملندو.
قديم آثارن جي ماهرن موجب، ڪونڪر جي ڍورن، لانڍيءَ جي ٽڪرين ۽ واڳون ڏر جي ڀرپاسي مان پٿر جي آخري دور يعني پنجاهه هزار سال اڳ جا اوزار لڌا ويا آهن. ملير واديءَ ۾ برفاني دور جي پڇاڙيءَ جا اوزار به لڌا ويا آهن. ڊرگ روڊ جي هڪ ڍوري مان پٿر جي وچين دور جا اهڙا اوزار به لڌا ويا آهن جيڪي مڇي جهلڻ جي ڪم ايندا هئا.
واڳون ڏر بابت مقامي ماڻهن جو خيال آهي ته، ان ۾ رهندڙ واڳون اصل ۾ هڪ درويش هو، جيڪو منگهي پير واري تلاءَ مان اندران ئي اندران هلندو هتان ظاهر ٿيو هو ۽ ان ڏر ۾ ويهي عبادت ڪندو هو. جڏهن اهو واڳون مري ويو تڏهن ماڻهن ساڳي ٽڪريءَ تي مٿي هڪ قبر ٺاهي ان کي پوري ڇڏيو.

کديجي

کديجي

کديجي آبشار، سپر هاءِ وي جي ڪلو ميٽر نمبر 55 کان ٻه ٽي ميل اتر، جابلو ماٿريءَ ۾ آهي. جتي پٿر جي دور جون غارون ملن ٿيون. ڀر ۾ ئي هڪ بُٺي ”ڪوٽاري بُٺي“ آهي، جيڪا نيوليٽڪ دور سان تعلق رکي ٿي. پر ڀر پاسي ۾ هاءِ وي ڪلو ميٽر نمبر 48 تي اوائلي سنڌو تهذيب جا نشان آهن. مقامي ماڻهو ان کي ڪوٽيرو چون ٿا. ڪوٽيري جي اتر ۾ ڪاٺوڙ لڳ گوهربان ٽڪريءَ تي قديم آثار آهن، جن مان سڀ کان نمايان هڪ غيرمعمولي ڊگهي قبر آهي.

منگهو پير

منگهو پير

”نيل کانپوءِ سنڌو ٻيو درياهه آهي جنهن ۾ واڳون رهن ٿا.“ خبر ناهي ته تاريخدانن کي اها غلط فهمي ڇو ٿي؟ ڪنهن وقت ۾ راويءَ ۾ به واڳون هئا، جيڪڏهن راويءَ کي سنڌوءَ ڏن ڀرو ندي چئي نظر انداز ڪجي، تڏهن به حب ندي باقي آهي، جنهن ۾ واڳن جي موجودگيءَ بابت پڙهجي ٿو.
سڪندر اعظم، جڏهن سنڌوءَ جي ڪناري پنهنجين اکين سان واڳون ڏٺو ته کيس پڪ ٿي هئي ته هجي نه هجي سنڌوءَ جو نيل سان ڪو نه ڪو ڳانڍاپو آهي. هونئن، جڏهن هيروڊٽس ۽ ٻين تاريخدانن کي اهو اطلاع مليو ته، سنڌوءَ جي تري واري گپ مان هڪ وڏو ڪينئون نڪري اٺ ۽ ڍڳا ڳڙڪائي وڃي ٿو، تڏهن کين سچ پڇ ڏاڍي حيرت لڳي هوندي!
سنڌ ۾ واڳوئن جو وجود ته پڪ سان تڏهن کان هوندو جڏهن ماڻهوءَ جو وجود به نه هوندو. خشڪيءَ ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ مخلوق جو هيءُ قسم، ڌرتيءَ تي ميسوزوئڪ دور ۾ اڄ کان 135 ملين سان اڳ پيدا ٿيو. هن جانور، کاري بدران مٺي پاڻيءَ ۾ رهڻ ڇو پسند ڪيو؟ ان بابت علم حيوانيت جا ماهر بهتر ٻڌائي سگهن ٿا پر اسان ڏسون ٿا ته اوائلي دور جي هيءَ مخلوق سنڌ، سنڌوءَ جي ڏن ڀرو ندين ۽ حب ندي ۾ موجود آهي. ندين کان سواءِ سنڌ جي ٽاڪرو علائقن ۾ موجود چشمن ۽ ڪنڀن ۾ به هيءُ جانور ملي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ته، جڏهن سنڌوءَ جو پاڻي ڪراچيءَ ويجهو ڪورنگي ۽ ڦٽي ڪريڪ لڳ ڇوڙ ڪندو هو، تڏهن اها مخلوق ڪنهن نديءَ کان ٻيءَ طرف به منتقل ٿي. يا وري اها راءِ به ڏيئي سگهجي ٿي ته، جڏهن پاڻين ۾ چاڙهه هو تڏهن اهي ڪنڀ، چشما ۽ برساتي نديون پاڻ ۾ گڏيل هيون پر پوءِ جيئن جيئن چاڙهه ختم ٿيو تيئن تيئن ان مخلوق مٺي پاڻيءَ جي درياهن، چشمن ۽ ڪنڀن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ڪجهه محققن جي راءِ آهي ته، چشمن ۽ ڪنڀن ۾ واڳونءَ جو نسل هٿرادو طور پاليو ويو آهي.
اهو سچ آهي ته، هندو ڏندڪٿائن ۾ واڳونءَ کي مقدس سمجهيو وڃي ٿو. ڀڳوان کي زبان نه هوندي آهي ۽ نه ئي وري کيس زبان جي ضرورت آهي، واڳونءَ کي به زبان نه هوندي آهي، ان ڪري جهليل شڪار کي سڄي جو سڄو ڳهي ويندو آهي. زبان جي غيرموجودگيءَ کي ڀڳوان جي صفت سان هڪجهڙائي ڀانيو وڃي ٿو، ۽ واڳونءَ کي ڀڳوان جو هڪ روپ ڀانئي پوڄيو وڃي ٿو. گهڻو ممڪن آهي ته، آڳاٽن وقتن ۾ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به منگهي پير وانگر، واڳون پالڻ ۽ پوڄڻ لاءِ واڳن جا ٻچا وڌا ويا هجن.
ڪراچي ويجهو حب ۽ منگهي پير کان سواءِ ٽي ٻيا ماڳ به سجهن ٿا. جتي اڄ به واڳون آهن يا ڪنهن وقت ۾ هئا پر هاڻي ناهن. ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي مياڻ جي وچ ۾ ”واڳون ڏر” يا ”واگهو ڌر“ اڃا موجود آهي. ٻيو ماڳ هاليجي ڍنڍ آهي، جنهن جي اتر واري ڪنڌيءَ وٽ، هڪ ٻيٽ تي واڳون پسار ڪندا ڏسي سگهجن ٿا. ٽيون ماڳ ڪراچيءَ جي اتر ۾، واقع مهير جبل جي ڏاکڻين حصي ۾ آهي. اتي به هڪ چشمو آهي جيڪو کڏون، ڪنڀ ۽ غارون ٺاهي ٿو. هڪ وڏي غار ”لاهوت اِتڙي“ سڏجي ٿي، ان غار ۾ واڳونءَ يا واڳوئن جو گهر آهي. اسان هتي واڳوئن جي پيرن ۽ ريڙهن جا نشان نوٽ ڪيا. مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته، ڪڏهن ڪڏهن ڪي هندو هتي اچي، واڳونءَ کي ڀيٽا ڏين ٿا.
سنڌ ۾ واڳونءَ جي پوڄا جا ٻيا قديم مرڪز ٺٽي ۾، لاکو پير قبرستان، دادوءَ ۾ رني ڪوٽ ۽ شڪارپور ته پڪ سان رهيا آهن، ڪرنل ايسٽوڪ 40_1839 ۾ منگهي پير تي ويو هو. ان ماڳ کي ”مگر تلاءُ“ سڏي ٿو. هو لکي ٿو ته، واڳوئن جي سنڀال ڪندڙ پوڙهي مجاور فقير ڏنڊي اُڀي ڪري واڳوئن کي سڏ ڪيو ته واڳون سجاڳ ٿي ڪناري تائين وڌي آيا. فقير جڏهن انهن کي ترسڻ لاءِ چيو ته، اهي ويهي رهيا. ساڳي طرح علي احمد بروهي، لاکي پير تي واڳونءَ بابت ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ان جو نالو موتي فقير هو، جڏهن واڳونءَ کي موتي فقير جي نالي سان سڏ ڪيو ويو ته اهو پنهنجي ڏر مان وات ڦاڙي نِڪري آيو. اهو واڳون به منگهي پير جي واڳن وانگر گوشت جي ... ..تي ٻاهر نڪري آيو هو. پاليل واڳوئن کي اها خبر آهي ته جڏهن ماڻهو ڪن مخصوص آوازن سان سڏين ته ان جو مطلب اهو آهي ته کين کائڻ لاءِ گوشت ڏنو ويندو. بس اها بک ئي ته آهي، جيڪا جانور ۽ پکين کي ماڻهن جي اشاري تي نچائي ٿي.
تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ واڳون پالڻ جو رواج اڄڪلهه ٿائيلنڊ ۾ آهي. اتي سياحن کي ريجهائڻ لاءِ هنن خطرناڪ جانورن کي جديد تلائن ۾ پاليو وڃي ٿو. ڪي مخصوص ٿيل ماڻهو انهن کي گوشت کارائين ٿا. واڳون، انهن ماڻهن جي هڪلن، سڏن ۽ ڪاٺين ۽ اهڙن ٻين اشارن تي سندن آڏو وات ڦاڙي بيهن ٿا. واڳوئن کي کاڌو ڏيندڙ ماڻهو، واڳوئن جي وات ۾ هٿ وجهن ٿا، ڪاٺيون هڻن ٿا. پر واڳون مڇرجي مٿن حملو نه ٿا ڪن. بالڪل ائين جيئن منگهي پير تي واڳوئن جو مجاور ۽ واڳون آهن. فرق اهو آهي ته، منگهي پير تي تلاءُ قديم آهي ۽ واڳوئن کي عقيدي هيٺ احترام جوڳو جانور سمجهي پاليو وڃي ٿو. چوندا آهن ته، ماڻهو سڀني جانورن ۽ پکين کي هيرائي سگهي ٿو پر چار جنسون ڪڏهن به هري نه ٿيون سگهن، پکين ۾ ڪانءُ جانورن ۾ بگهڙ، نانگ ۾ کپر ۽ پاڻيءَ ۾ واڳون. کپر بابت جوڳين جي راءِ ڪهڙي آهي، سا ته مون کي خبر ناهي، البت واڳونءَ جهڙو جانور ماڻهن جي هڪل تي هلندو منگهي پير تي ڏسي سگهجي ٿو.
فقير چون ٿا ته، منگهي پير وٽ رهندڙ واڳون اصل ۾ منگهي پير جي مٿي مان ڪريل جُون (Lice) آهن. ظاهر آهي ته، مسلمان فقير واڳوئن کي ڀڳوان ته نٿا چئي سگهن. هنن واڳن کي ڪنهن نه ڪنهن جواز هيٺ منگهي پير سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، آخر منگهو پير ڪير آهي. هو ڪٿان ۽ ڪڏهن هتي آيو؟ ان کان سواءِ ائين ڇو آهي ته، منگهي پير جي ميلي تي سڀ کان وڌيڪ شيدي برادري پهچي ٿي؟ هو هتي ”مگر مان“ تي سڄيون سڄيون راتيون بي خود ٿي ڇو ٿا نچن؟
زولاجيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، سنڌوءَ نديءَ ۾ واڳونءَ جو اهو نسل عام هو، جنهن کي عام طور تي سيسر چيو وڃي ٿو. ان جو وات واڳونءَ جي ڀيٽ ۾ سوڙهو ٿئي ٿو، تنهن ڪري گهٽ خطرناڪ آهي پر منگهي پير وارا واڳون وڌيڪ خطرناڪ نسل جا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته، اهي حب نديءَ سان تعلق رکن ٿا، جيڪا ڪنهن وقت ۾ منگهي پير وٽان لنگهندي هئي. هاڻي به حب ۽ منگهي پير وچ ۾ ڪو گهڻو پنڌ ناهي.
ڪجهه ماهرن واڳون پوڄا کي مصري تمدن جو حصو سڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته قديم مصر ۾ نيل نديءَ جا واڳون به پوڄيا ويندا هئا. ڇا شيدي نسل جا ماڻهو، جن جو اصل وطن آفريڪا آهي، ان نسبت سان منگهي پير تي مگرمان جي ٽاپ تي نچن ٿا؟ اهو هڪ سوال آهي جنهن تي اڃا تحقيق نه ٿي آهي. هڪ ڏندڪٿا چوي ٿي ته، منگهو پير ست اٺ صديون اڳ (تيرهين صدي عيسويءَ ۾) عربستان مان اڏامي آيو هو. جڏهن هو هتي لٿو ته، سندس مٿي مان جُون (واڳون) ڪري پيون. ان مهل قدرت هتي زمين مان ٻه چشما جاري ڪيا ۽ واڳون انهن مان هڪ ۾ گهڙي ويا.
منگهو پير جي لفظي معنيٰ تي ڪافي بحث هلي ٿو. هڪ راءِ اها آهي ته، اهو لفظ اصل ۾ مانگر پير آهي. واڳون کي مگرمڇ به چون، هڪ نالو مڪر به اٿس. واڳونءَ جا ڳوڙها مشهور آهن، تنهن ڪري ڪو ماڻهو دوکو ڪندو يا ڪوڙ ڳالهائيندو ته چوندا، ”مڪر ٿو ڪري؟“ اهڙي طرح مڪر جي معنيٰ ئي بدلجي دوکو ڏيڻ ٿي پئي آهي.
جيڪڏهن منگهو پير اصل ۾ مگر پير (واڳوئن جو پير) آهي ته مگرمان لفظ تي سوچڻو پوي ٿو. ڇا مگر مان وارو قديم ساز، مگر يا مانگر سان تعلق رکي ٿو. اهو بالڪل ٿي سگهي ٿو ته، نيل نديءَ واري تهذيب ۾ جنهن واڳون ديوتا سوبيڪ (Sobek) جي پوڄا ٿئي ٿي ان سان هڪجهڙائي سبب قديم آفريڪي ماڻهن سنڌ ۾ به واڳونءَ جي پوڄا ۾ بهرو ورتو. پر اهو ضروري ناهي ته، واڳون پوڄا مصر کان ڪهي سنڌ ۽ اوڀر ايشيا ۾ پکڙي هجي.
منگهي پير تي واڳون پوڄا تي بحث ڪندي، قديم آثارن جي ماهرن، معاملو ڇڪي وڃي نيل ندي تي بيهاريو آهي. اهو معاملو بلڪل ائين آهي جيئن سنڌ ۾ آرين جي آمد کي جبل ڪري پيش ڪيو ويو يا جيئن اهو رواج هلي پيو ته هر رسم ۽ هر قوم جا بنياد ميسوپوٽيميا ۽ عربستان ۾ ڳوليا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته، سنڌو ماٿريءَ ۾ انسان جو وجود ويهه لک سال اڳ به موجود هو. خبر ناهي ته، اسان جا ماهر هر ٽٽل ڪڙيءَ کي سنڌو ماٿريءَ کان ٻاهر ڳولهڻ ۾ ايتري جلدبازي ڇو ٿا ڪن. ڪٿي رهيو قديم مصر جي ٽمورتيءَ وارو تصور ۽ ڪٿي سنڌ واڳونءَ جي پوڄا! ڪجهه محققن ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي جو، سنڌ ۾ واڳون پوڄا تي مصر جو اثر ثابت ڪرڻ خاطر مصري واڳونءَ جي ٽمورتيءَ کي هندستان جي شو وشنو ۽ برهما واري ٽمورتي سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي.
معاملو سڌوسنئون آهي ته، قديم سنڌ ۽ هند ۾ جانورن جي پوڄا ايتري عام هئي جو اڃا تائين اهو سلسلو هلندو پيو اچي. هندي ڏندڪٿائن ۾ نانگ، هاٿي، شينهن، عقاب، ڳئون، ڏاند، مڇي، ڪڇون، ڳجهه، مور، ڪوئو، ڀولڙي ۽ ٻيا بي شمار جانور اڄ تائين پوڄجن ٿا. ان صورت ۾ واڳون پوڄا جون پاڙون قديم مصر ۾ ڳولڻ عجيب ٿو لڳي.
واڳون پوڄا جو زرخيزيءَ سان تعلق ڪيئن ٿو ثابت ڪري سگهجي؟ اهو صحيح آهي ته، واڳون، پاڻيءَ جو طاقتور جانور آهي. اهو زندگيون هڙپ ڪري سگهي ٿو ان ڪري هن کي پاڻيءَ جي ديوتا طور ته پوڄي سگهجي ٿو پر زرعي پيداوار وڌائڻ ۾ هن جو ڪو به حصو ڪونهي. ٻي ڳالهه ته، انسان هر ان جانور کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن مان جان جو خطرو هجي، ان ڪري هن واڳونءَ کي به پوڄيو. منگهي پير وٽ واڳون جي پوڄا کي ان ڪري وڌيڪ اهميت ملي، جو اتي هڪ اهڙو چشمو آهي جيڪو بيمارن کي شفا ڏئي ٿو. شفا ڏيندڙ پاڻيءَ کي ڪرامتي پاڻي سمجهيو ويندو آهي. منگهي پير تي جڏهن اڃا منگهو پير ڪو نه آيو هو، تڏهن به هتي واڳون ۽ گرم پاڻيءَ جو شفا ڏيندڙ چشمو موجود هو. اِها تاريخ کان اڳ واري دور جي ڳالهه آهي. ڪراچيءَ جي ڀر پاسي ۾ انسان جو وجود تاريخ کان اڳي واري زماني ۾ موجود هو، هاڻي ته اهڙا ڪيئي ماڳ ظاهر ٿي پيا آهن جيڪي مُهين جي دڙي يا ان کان به اڳ پٿر جي زماني جا آهن. اسان کي سنڌو تهذيب وارين مهرن مان به ڪافي مهرن تي واڳونءَ جي شڪل نظر اچي ٿي. ان جي ابتڙ ماهرن جي راءِ ڪيڏي نه عجيب لڳي ٿي ته تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ هتي واڳون آڻي ڇڏيا ويا هوندا!
منگهي پير تي گرم چشمي جي پاڻي جو گرمي پڌ 133 ڊگريون فارن هائيٽ آهي، يعني پاڻي ٽهڪڻ واري درجي کان 79 ڊگريون فارن هائيٽ گهٽ، پر ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گهڻائي سبب، پاڻي ٽهڪندڙ پاڻيءَ وانگر ٻڙڪندو نظر اچي ٿو. انهن جادوئي مظهرن کي ڏسي مت موڙهيل ماڻهو ان کي ڪرامتي پاڻي سمجهن ٿا. پر سوال اهو آهي ته، ڪنهن جي ڪرامت؟ ظاهر آهي ته پاڻيءَ جي حوالي سان ڪا طاقت ئي ڳولي ويندي. منگهي پير کان اڳ هتي واڳون هئا ان ڪري اها ڪرامت واڳوئن جي کاتي ۾ وڌي وئي. پوءِ واڳون مقدس ٿي ويا. جيستائين منگهو پير هتي نه آيو تيسين واڳون ديوتائي حيثيت ۾ گوشت ڀيٽا حاصل ڪندا رهيا پر منگهي پير اچڻ کانپوءِ، سموريون ڪرامتون سندس کاتي ۾ داخل ٿيون ۽ واڳوئن کي ٻئي درجي جي ڪرامت ملي. هاڻي هو پاڻ ديوتا ڪو نه هئا پر مانگر پير يا مگر پير جي مٿي مان ڪريل جُون بڻجي ويا. ان طرح منگهو پير جنهن جو اصل نالو ڪمال الدين آهي، چمڙيءَ جون بيماريون ڇڏائيندڙ درويش ٿي ويو. هو هتي تيرهين صديءَ ۾ آيو هو. هندو کيس لالا جسراج ڪري پوڄين ٿا. شايد هتي منگهي پير کان اڳ هتي لالا جسراج نالي هندو سنياسيءَ جو آستانو رهيو هجي.

مورڙيو مانگر مڇ

مورڙيو مانگر مڇ

ڪراچيءَ ۾ واڳوئن جي ڳالهه ڇڙي آهي ته، مون کي مورڙي مانگر مڇ جي ڳالهه ياد آئي آهي. ڇا مورڙئي جو مقابلو مانگر مڇ يا واڳونءَ سان ٿيو هو؟ هيءُ ڏاڍو عجيب سوال آهي، مگر مڇ معنيٰ واڳون! پر نه، جنهن مانگر مڇ سان مورڙو وڙهيو هو، ان مورڙي جا ست ڀائر پيٽ ۾ لاٿا هئا. ڇا ڪنهن واڳونءَ جو پيٽ ايترو وڏو ٿي سگهي ٿو؟ محققن جو خيال آهي ته، اهو ڪم وهيل مڇيءَ جو آهي جيڪا هڪ ئي وقت اڃا به وڌيڪ ماڻهو ڳهي سگهي ٿي. ڪراچيءَ جي سمنڊ ۾ وهيل مڇيءَ جو هڪ قسم ٿيندو آهي، مگرو. ڇا اها مگرو مڇي هئي جنهن اوڀائي جا پٽ ڳڙڪايا هئا؟ ڪراچيءَ جا قديم مهاڻا جيڪي هاڻي پاڻ کي مورڙي پوٽا سڏائين ٿا ان کان انڪار ڪن ٿا.
مورڙو پوٽا اڄ به ابراهيم حيدري، ڪراچيءَ جي سامونڊي ٻيٽن ۽ ڪَڪَي پير ڳوٺ ۾ رهن ٿا. ڪَڪَو پير اڄڪلهه وارو سينڊس پِٽ ۽ هاڪس بي وارو علائقو آهي. مورڙي پوٽا چون ٿا، ”اهو هڪ هيبت ناڪ ڪڇون هو. هڪ سامونڊي ڪڇون، جنهن جو نسل اڄ تائين سينڊس پِٽ جي سامونڊي ڪناري لڳ چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ ان وقت ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن اهي واريءَ تي آنا لاهڻ ۽ پورڻ ايندا آهن.“ اهي ڪڇون سڄي دنيا ۾ Green Turtels جي نالي سان مشهور آهن.
ساوا ڪڇون به واڳونءَ وانگر وڏي جسامت وارا جل ٿليا يا ايمفيبين Amphibion آهن، جن مان اڪثر ڪڇون ته ايترا وڏا ٿين ٿا جو، جيڪڏهن ٻه ٻه ٽي ٽي ماڻهو انهن تي چڙهي ويهن تڏهن به ڪڇون پنهنجي رفتار سان خشڪيءَ تي هلندو رهندو آهي.
مورڙي پوٽا چون ٿا ته، جنهن ڪڇونءَ ڪراچيءَ جي ڪن ۾ واسو ڪري ٻيڙياتا کاڌا هئا، سو غير معمولي طور وڏو هو. هنن جو چوڻ آهي ته، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته، ڪو جانور يا مڇي پنهنجي نسل جي عام ميمبرن کان وڏي جسامت وٺي ويندو آهي. مورڙي پوٽا هر دليل کي رد ڪري چون ٿا ته، ڇا توهان مورڙي جي قبر وٽ ڪڇون جي کل يا کوپو نه ڏٺو آهي جنهن کي مورڙئي ماريو هو؟ جنهن نه ڏٺو آهي سو پهرين ڏسي اچي ۽ پوءِ بحث ڪري. اهو کوپو وچولي ماپ جي هڪ ڪمري جيترو آهي. جڏهن مينهن پوندو آهي تڏهن ان ۾ هوندو آهي. ڇا اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪڇون هو، جيڪو سنڌي شاعري ۽ لوڪ ڪٿا جو موضوع بڻجي ويو!

پڄاڻي

مان پنهنجي گهر پهچي چڪو آهيان. اسان جو گهر ان قديم لاهيءَ تي آهي. جنهن کي گسري (گذري) بندر سڏيو ويندو هو. هاڻي اهو بندر باقي ڪونهي، ان هنڌ هڪ وڏو سامونڊي پاڻي ڇوليون هڻندو هو. جتان سڪندر جو سامونڊي لشڪر اولهه طرف وڌي ويو هو. مان 23_ صديون اڳ، هن هنڌان سڪندر جي سامونڊي لشڪر جون هاڪارون ٻڌي رهيو آهيان.
هاڻي سمنڊ ڏکڻ ۾ آهي. اٿاهه سمنڊ، جنهن جو انت اتي آهي جتي سنڌوءَ جهڙيون ٻيون نديون ان اٿاهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. درياهه ۽ سمنڊ مونکي گهڻو ڪجهه سيکاريو آهي. مان سوچيان ٿو ته، ڇا سمنڊ فقط اٿاهه پاڻيءَ جو نالو آهي؟ نه، جهڙيءَ طرح اٿاهه سمنڊ جي تري ۾ بي شمار مڇين ۽ جانورن جون هڏيون کڙيون پيون آهن ۽ ان تي اڄوڪي سامونڊي زندگي تڳي رهي آهي، تهڙي طرح ماڻهو، ماڻهوءَ جو فلسفو ۽ اڄوڪي تهذيب به سامونڊي مخلوق وانگر آهي، جيڪي ماضيءَ جي ورثي تي تڳي رهي آهي. سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ پوندو رهي ٿو، ماڻهوءَ جون سوچيون ۽ عمل تجربي جي سمنڊ ۽ اٿاهه ڪنديون رهن ٿيون. تهذيب جي سمنڊ جي تري ۾ ڪيئي مُهين جا دڙا ڏسجن ٿا، ڌرم به هڪ سمنڊ آهي، جنهن جي تريءَ ۾ ڪيئي فلسفن جون هڏيون پيون آهن. ماڻهو چون ٿا ته، دنيا بدلجي چڪي آهي! ڇا سچ پچ؟ ڇا ورثو به پراڻو ٿيندو آهي؟ ڇا سمنڊ به پراڻو ٿيندو آهي؟

حوالا

حوالا

* ميين شاهه عنايت جو ڪلام- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
* رسالو- شاهه عبداللطيف ڀٽائي
* دنيا ڪا قديم ترين ادب- ابن حنيف
* تواريخ ضلع ڏيره غازي خان- منشي حڪم چند
* لوڪ پنجاب- مظهرالسلام
* گندهارا- محمد ولي الله
* يحيٰ امجد- تاريخ پاڪستان قديم دور
* لوڪ رام ڏوڏيجا- گرو نانڪ جيوني ۽ گيان
* سنڌ جا پراڻا شهر- مولائي شيدائي
* سنڌ جا دڙا ۽ کنڊر- آمري سراج ميمڻ، ماهنامو نئين زندگي جنوري- فيبروري ۽ اپريل 1966ع
* مير علي شير قانع- تحفت الڪرام
* وادي، ميري، حميد نافر
* جنگ ناما- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

* Antiquities of Kuch and Kathiawar- James Burhess
* Lower Indus Report- Part one- Present Situation- Sir M. Macdonald & Partrds
* A Classical Dictionary of Hindu Mytholigy and * Religion, Geography, History and literature- John Dowson
* Shrimad Bhagwat- Sundri Siva Mandli- Kotri شريمند ڀاڳوت (Sindhi ectition)
* Ramain رامائڻ
* Mahabharta مهاڀارت
* A Crocodilopolis near Karachi by S. Mahdihassan Pakistan Archaeoligy. Number 9-1973 Department of Archaeology, Pakistan
Chach Nama چچ نامه
Dry leaves from young Egypt. Caplin Eastion The Geographtical Dictionery of India- Nundo Lal Dey
* Corpus of Indus Seals and Inscriptions 2 Collection in Pakistan by: Sayad Cahman Mustofa Shah and Asko Parfda Forgottan Cities on the Indus- Michael Jansen, Maire Mulloy and Gunder urban
* Atles of Pakistan Surrey of Pakistan
* Anthropoloy in Pakistan- Pastner and Flam Sindh- R.H. Thomas
* Sind Gazetter of west Pakistan- Dr H.T. Sorley
* Historical Geography of Sind- Maneck. B. Pithawala
* Province of Sind- Gazetter By Aitken
* The lion River- Jaen Fairley
* Sind- Generel Introduction H.T Lambrik
* Sind- Before Muslim Conquest- H.T. Lambrik
* Travels in Sind and Baluchistan- Pottinger
* Sindh- Burton
* Sindh, and the races that inhabit the valley of the Indus- Richerd of Burtton
* The Mehran of Sind- H.K. Raverty
* Indus and its Provences- Andrew
* The Indus Delta Country- Maj- Gen. Haig
* On Alexander’s Track to the Indus- Aurel Stein
* The Pathans, Sir olaf Caroe
* Ancient Races to Bauchistan Pujab and Sindh- Sonker
* A voyage on the Indus- Alaxndes Burnes
* The Land of the five Rivers and Sindh- David Ross
* Chronological Dictionary of Sind- M.H Pangwer
* Indus Journey- A Personal Observations- Imran Khan
* The Antiquities of Sins- Henry Cuosens
* Shah abdul Latif of Bhit
* History on tomb Stones-Sind and Baluchistan- Ali Ahmed Brohi- H. T Sorly