جديد ادب جو تجزيو
تاج بلوچ بنيادي طرح شاعر ھو پر ايڊيٽر ھجڻ ڪري سياسي ۽ انقلابي لٽريچر جو سگهارو قلمڪار ھيو ۽ ڪالم، مضمون توڙي نثر جي ٻين صنفن تي بہ عبور ھيس. ھن ڪتاب ۾ تاج بلوچ جا مختلف ڪتابن جيئن لطيفيات، ڪھاڻين، شاعري، ناول، شخصيتن، پرڏيھي ادب تي لکيل مھاڳ، مضمون، تنقيدون ۽ تجزيا شامل آھن. سندس ھن ڪتاب جي اڀياس مان روشن فڪري تي اسريل سندس تنقيدي شعور ۽ اجرو ذھن منفرد تعميري آئيڊياز سان ڪنين تار لڳندو اٿم، جن اندر دليل منطق ۽ سوال جواب جو نرالو ميٿڊ ھڪيو تڪيو موجود آھي.