ڪھاڻيون

پنھل کان پوءِ ۽ جڳ مڙيوئي سپنو

ھن ڪتاب ۾ سفيد وحشي، نوران، چار ايڪڙ ٻني ۽ کِلڻي سميت ڪل 15 ڪھاڻيون شامل آھن. ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون اڳ ”سفيد وحشي“ جي نالي سان ڇپيل ڪتاب ۾ پڻ ورھاڱي کان اڳ ڇپيون ھيون. شيخ اياز جي ڪھاڻين جا ڪردار، سنڌ جي سماج جي عڪاسي ڪندڙ، سٻاجها، ڪي انقلابي، ڪي ڏتڙيل، ڪي سلجهيل، کلڻا، ڪي باغي ۽ محبت جا علم بردار آهن ۽ سڀ ڪردار اسان جي سماج مان اسريل آهن. اياز جي ڪھاڻين ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو ڦھليل آهي. سندس ڪردار ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 108
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Punhal Kha Poi

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار شيخ اياز جي ڪھاڻين ۽ نثر تي مشتمل ٻن ڪتابن جو مجموعو ”پنھل کان پوءِ ۽ جڳ مڙيوئي سپنو“ اوھان اڳيان پيش آھي.  ھن ڪتاب ۾ سفيد وحشي، نوران، چار ايڪڙ ٻني ۽ کِلڻي سميت ڪل 15 ڪھاڻيون شامل آھن. ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون اڳ ”سفيد وحشي“ جي نالي سان ڇپيل ڪتاب ۾ پڻ ورھاڱي کان اڳ ڇپيون ھيون.
شيخ اياز جي ڪھاڻين جا ڪردار، سنڌ جي سماج جي عڪاسي ڪندڙ، سٻاجها، ڪي انقلابي، ڪي ڏتڙيل، ڪي سلجهيل، کلڻا، ڪي باغي ۽ محبت جا علم بردار آهن ۽ سڀ ڪردار اسان جي سماج مان اسريل آهن. اياز جي ڪھاڻين ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو ڦھليل آهي. سندس ڪردار ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ آهن. ”جڳ مڙيوئي سپنو“ 1985ع ۾ سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپايو ويو  .
ھي ڪتاب 1990ع  ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي