شاعري

ڀونر ڀري آڪاس

هن شعري مجموعي ۾ شيخ اياز جي 1947ع کان اڳ ۽ 1947ع کان پوءِ ڏهن پندرهن سالن جي شاعري شامل آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز، هڪ طرف سنڌ جي قديم شعري هيئتن يعني بيت، دوهي، واين ۽ گيتن تي مشتمل پنهنجي جديد شاعري پيش ڪئي آهي، ٻئي طرف نظم، آزاد نظم، غزل ۽ قطعي جي صنفن تي لکيل پنهنجو ڪلام پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اياز جي بيتن جي هيئت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بيت جهڙي آهي، پر ان جي موضوعن ۾ جدت آهي. سندس واين جي هيئت ۽ موضوعَ، قديم واين کان جداگانہ ۽ جديد آهن. سندس دوهن ۽ گيتن جو موضوع بہ ڪلاسيڪي دوهن ۽ گيتن کان وسيع آهي. غزل جي فارسي روايتن کان هٽي، اياز ان کي سنڌي روايتن سان رڱي پيش ڪيو آهي. 

  • 5.0/5.0
  • 32
  • 11
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book ڀونر ڀري آڪاس
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڇپيل پھريون مجموعو ”ڀونر ڀري آڪاس“ اوھان اڳيان پيش آھي.  
هن شعري مجموعي ۾ شيخ اياز جي 1947ع کان اڳ ۽ 1947ع کان پوءِ ڏهن پندرهن سالن جي شاعري شامل آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز، هڪ طرف سنڌ جي قديم شعري هيئتن يعني بيت، دوهي، واين ۽ گيتن تي مشتمل پنهنجي جديد شاعري پيش ڪئي آهي، ٻئي طرف نظم، آزاد نظم، غزل ۽ قطعي جي صنفن تي لکيل پنهنجو ڪلام پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اياز جي بيتن جي هيئت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بيت جهڙي آهي، پر ان جي موضوعن ۾ جدت آهي. سندس واين جي هيئت ۽ موضوعَ، قديم واين کان جداگانہ ۽ جديد آهن. سندس دوهن ۽ گيتن جو موضوع بہ ڪلاسيڪي دوهن ۽ گيتن کان وسيع آهي. غزل جي فارسي روايتن کان هٽي، اياز ان کي سنڌي روايتن سان رڱي پيش ڪيو آهي. ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1962ع ۾ ڇپيو ھيو جنهن تي ان وقت جي حڪومت پابندي وڌي هئي. ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌ سلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف شيخ اياز
  • ڇپيو ويو 1989
  • ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 05/Mar/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 11 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون