سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب، عالم ۽ قومپرست سياستدان سائين جي ايم سيد جي چونڊ تقريرن ۽ بيانن جو مجموعو ”سنڌ جي ڪھاڻي سيد جي زباني“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد جي 1970ع ۾ اليڪشن جي موقعي تي ريڊيو تان نشر ڪيل تقرير، 1972ع ۾ سالگرھ جي موقعي تي ڪيل تقرير، 4 مارچ 1972ع تي ڪيل تقرير، سنڌ جي گشت تي نڪرڻ وقت 1972ع ۾ ڏنل بيان، 1972ع ۾ جشن لطيف جي موقعي تي ميرپور بٺوري ۾ ڪيل تقرير، 1973ع ۾ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ ڪيل تقرير ۽ ٻيون تقريرون ۽ بيان شامل آھن.
ھي ڪتاب 1975ع ۾ نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي