ٽنڊي باگي جي تاريخ, مصنف : انور علي عباسي

ٽنڊي باگي جي تاريخ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ٽنڊي باگي جي تاريخ
مصنف : انور علي عباسي
ڪيٽيگري : ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ
ڇپيندڙ : شھزاد علي عباسي
شايع ٿيڻ جو سال : 2016
شامل ڪيو ويو : 2021-03-05
ڏِٺو ويو : 18 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 406 ڀيرا

ٽنڊو باگو جي تاريخ ڪتاب ۾ 1786ع ۾ هن شهر جي وجود کان وٺي هن وقت تائين جي ماضي۽ حال جو تفصيلي ذڪر ڪيل آهي پر 1786ع کان اڳ جا هن خطي ۾ رونما ٿيندڙ واقعا پڻ هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهن جيڪي تاريخ جو اڻ ٽٽ حصو آهن، هن ڪتاب ۾ ٽنڊي باگي شهر جي مڪمل تاريخ، ساڱرو يا نيرو درياءُ جي تاريخ، ماڻڪاڻي ٽالپرن جي تاريخ، مير باگي جي والد مير مرزو خان جي تاريخ، مير باگو ۽ سنڌ راڻي جي عشق جي تاريخي ڪهاڻي، محمد صديق مسافر شيدي جي انهن وڏن جي تاريخ جيڪي آفريڪا جي علائقي زنجبار مان غلام ٿي هتي پهتا، خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي زندگي جو احوال ۽ ان جي پنهنجي ذاتي خرچ مان ٺهرايل لارينس نالي سان 1920 ۾ ٺهرايل تاريخي مدرسي جو احوال ۽ مير صاحب جي ڪيل سماجي ڪمن جو تفصيلي ذڪر شامل آهي. مير باگي جي ڪٽنب جو احوال، ٽنڊو باگو مان گذرندڙ تاريخي واه باگي واه جي تاريخ، ٽنڊو باگو ۾ رهندڙ مختلف ذاتين جي تاريخ ۽ انهن جو شهر ۾ لڏي اچڻ ۽ اهي ذاتيون ڪٿان ڪٿان کان لڏي اچي هن شهر ۾ آباد ٿيون انهن جو سربستو احوال، سامين جي سردار ڪانڀو خان جنهنجي مزار هن وقت ٽنڊو باگو ۾ آهي ان جو ذڪر، هن شهر جي تاريخي کوهن جو ذڪر، کاڻين جو ذڪر، کدڙا فقيرن جي مڙهي جو ذڪر پڻ هن ڪتاب جو زينت بنيل آهن. هن شهر ۾ موجود تاريخي پڙن جو احوال، تاريخي مسجدن جو احوال، سميت کوڙ تاريخي مواد موجود آهي،

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ