لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 51
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“  اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪا ۽ محقق ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو لکيل آھي.  ھي ڪتاب مضمون، مقالن، سفرنامن، ناول، افساني ۽ ڊرامي جو اڀياس آھي. ھي ڪتاب سي.ايس.ايس، پي.سي.ايس ۽ ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. 
پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمہ جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم. اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامھون رکي لکيو اٿس، پر منھنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانھون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ تہ شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گهرجون پوريون ڪري ٿو.
ھن  ڪتاب جو پھريون ڇاپو پهريون، HEC اسلام آباد پاران  2008ع ۾، ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبہ جا جنھن ڪتاب جي نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو:    سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس

موضوع :           تحقيق ۽ تنقيد

ليکڪا:             ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ

ڇاپو:                پهريون، HEC اسلام آباد، 2008ع

ڇاپو:                ٻيو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2015ع

ڇاپو:                ٽيون، ڊيجيٽل ايڊيشن 2021ع، سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر.

ڪمپوزنگ:        علي رضا سهتو. (0333-1382339)

پاران:               محمد موسى ادبي اڪيڊمي حيدرآباد

A-03، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد

Mob: 03332766564

 

ڊجيٽل ايڊيشن:   سنڌ سلامت 2020ع

www.sindhsalamat.com

انتساب

مون کي  ڪنهن ٿي  کير  پياريو؟

پيار  منجھان  ٿي  گود   ويهاريو!

خوش ٿي، هر هر مون ڏي نهاريو!

منهنجي امڙ، منهنجي امڙ

..........

پنڌ  ڪندي  ٿي  ڌڪو کاڌم،

ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم؟

پيار منجھان ٿي ڀاڪر پاتم!

منهنجي امڙ، منهنجي امڙ

..........

 

آئون پنهنجي هيءَ ڪاوش،

پنهنجي مٺيءَ امڙ مرحومه ”غلام فاطمه“ کي ارپيان ٿي،

جنهن هميشه زندگيءَ کي مثبت رويي، همت، حوصلي، توڪل ۽ خودداري سان نڀايو ۽ اولاد کي به اهائي هدايت ڪنديون رهيون ڌڻي سڳورو سندن درجات بلند ڪري ۽ کين جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا ڪري (آمين).

دعائيه ڪلمات

سنڌي نثر جي شروعات ته گھڻو اڳ ٿي پر ۱۹ صديءَ جي آخر کان وٺي ۲۰ صديءَ جي پهرئين اڌ تائين درسي ڪتابن، علمي ادبي تصنيفن ۽ اخبارن ذريعي سنڌي نثر جي ذخيري ۾ وڏو واڌارو ٿيو. اهو ڊرامه نويسي، ناول نويسي ۽ اخبار نويسيءَ وارو اهم ابتدائي دؤر هو ۽ مجموعي طور سان سنڌي نثر پنهنجي ٻالجتيءَ واري مرحلي مان لنگھي بلوغت واري دؤر ۾ قدم رکيو.


۱۹۴۷ع کان پوءِ واري نئين دؤر ۾ سنڌي نثر ترقي ڪري پنهنجي اوج ۽ ڪمال واري درجي تائين پهتو آهي. ۲۰ صدي جي نصف آخر ۾، سنڌي نثر ۾ اظهار لاءِ نت نوان موضوع نروار ٿيا. خاص طور لوڪ ادب جي جدا جدا صنفن تي ڪتاب شايع ٿيا. جن جي مقدمن ذريعي نثر جي مختلف اسلوبن ۽ اندازن ۾ اضافو ٿيو. چئي سگھجي ٿو ته سنڌي نثر ۾ ٻاتائيءَ وارو دؤر ختم ٿيو. سنڌي نثر کي فصاحت ۽ بلاغت واري ڇوٽ زبان ملي جنهن سان هر موضوع جي ٻولي ڳالهائڻ واري سگھ ۽ صلاحيت پيدا ٿي. هن دؤر ۾ خاص طرح سنڌي صحافت جي ترقيءَ سان صحافتي نثرنگاري ۾ به وڏي ترقي ٿي.


وقت اچي ويو آهي جو تحقيق ۽ تدبير سان، سنڌي نثر جي موجوده جواني ۽ جمال واري جلوي کي پارکن آڏو پيش ڪجي، اهڙي ڪوشش لاءِ هي ڪتاب گھڻو ڪارآمد ثابت ٿيندو.


هن ڪتاب جي سڄاڻ سهيڙيندڙ محترمه پروين موسى ميمڻ سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي، جيڪو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي. پاڻ ڏيپلي شهر جي علمي ادبي قافلي جي حدي خوان آهي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم جي قومي خدمت ۽ قلمي روايت جي پاسبان آهي. اهڙي علمي ادبي نسبت جي رکڻ سان هي ڪتاب معيار توڙي مقدار جي لحاظ سان هڪ ڪامياب ڪشالو آهي، جنهن لاءِ آئون کيس دلي مبارڪ ڏيان ٿو ۽ سندس لاءِ دُعاڳو آهيان ته هن نياڻيءَ جي لکڻ جي سفر ۾ رب پاڪ کيس ڪاميابيون و ڪامرانيون عطا ڪري (آمين).


 


خادم علم


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


علامه آءِ.آءِ قاضي چيئر


سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد


۲۹ جولاءِ ۲۰۰۵ع

مهاڳ

سنڌ جو ٿر وارو خطو تهذيب ۽ تمدن، علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي لحاظ کان هميشه شاد ۽ آباد خطو رهيو آهي. اهو خطو تاريخي خطو آهي. هن خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جا وڏا وڏا قداور عالم ۽ فاضل، اديب ۽ شاعر، فنڪار، ڪلاڪار، تاريخ نويس، سياستدان، لوڪ ادب ۽ لوڪ ادب جي صنفن جا خالق ۽ ڄاڻو وڏا وڏا سگھڙ ۽ سياڻا پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ آئيندا پڻ ٿيندا رهندا.

ٿر واري علائقي ۾ ڏيپلو هڪ اها سرزمين آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب کي هڪ قداور عالم، اديب ۽ صحافيءَ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جھڙي شخصيت سان نوازيو، جنهن اسان جي ڏسندي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيڍ سؤ کان به وڌيڪ ناول، ڊراما ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب لکيا.

هن ڪتاب جي مصنفه، اسان جي نياڻي، پروفيسر پروين موسى ميمڻ به انهيءَ خطي ۽ انهيءَ شهر جي آهي، پر هوءَ پنهنجي نالي پٺيان ڏيپلائي نٿي لکي، محترمه پروين موسى ميمڻ به تحقيق، تخليق ۽ تنقيد وارين صلاحيتن سان نوازيل آهي، جنهن جو ثبوت سندس هيءُ ٻيو ڪتاب آهي.

پروفيسر پروين محمد موسى ميمڻ، هڪ خاموش ۽ گوشه نشين محقق وانگر سالن جا سال، بلڪل نا آشنا طريقي سان ادبي اسڪرين تي تڏهن نظر آئي، جڏهن سندس پهريون ڪتاب ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو“ مارڪيٽ ۾ آيو. مون کي جڏهن پاڻ اهو ڪتاب مهرباني ڪري موڪلي ڏنائين تڏهن مونکي ڏاڍو تعجب ٿيو. ڇاڪاڻ ته مون اڳ ۾ انهيءَ نالي واري ڪنهن به استاد ۽ نقاد جو نالو نه پڙهيو هو.

هي ڪتاب ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ محترمه پروين محمد موسى ميمڻ جو لکيل ٻيو ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي نظر مان ڪڍندي مون کي ياد آيو ته مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جي پهرئين ڇاپي جي پيش لفظ ۾ لکيو هو ته؛

”مون کي خوشي ٿيندي جڏهن ڪو صاحب، سنڌي نثر جي صنفن جو مڪمل مطالعو، ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪندو“.

مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي جو پروفيسر پروين، منهنجي انهيءَ خواب ۽ منهنجي انهيءَ خواهش کي، پنهنجي هن ڪتاب جي صورت ۾ لکي سچو ثابت ڪيو آهي. مون کي انهيءَ ڪري به خوشي ٿي آهي جو محترمه پروين خود، پنهنجي ڪتاب جي مُهاڳ ۾ اها دعوا ڪئي آهي ته؛ ”مون ڊاڪٽر الانا صاحب جن جي انهيءَ خواهش جي پورائي ڪرڻ جي ڪجھ حد تائين ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندن راءِ ۽ رهنمائيءَ جي منتظر آهيان“.

محترمه جي هيءَ راءِ گويا منهنجي ڪاوش ۽ منهنجن خيالن جو تسلسل آهي. ادبي تاريخون ۽ ادبي تخليقون ۽ تنقيدون بلڪل اهڙي طريقي سان پنهنجو تسلسل جاري رکنديون آهن.

پروفيسر پروين جو هڪ سال اندر هيءُ ٻيو ڪتاب آهي، جنهن لاءِ گذريل سال هن مون کي ٽيليفون تي ٻڌايو هو پر مون کي يقين نه پئي آيو. پروفيسر صاحبه جو پهريون ڪتاب سنڌي ادب جي اُستادن، شاگردن ۽ عام پڙهندڙن کان سواءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي طرفان ٿيندڙ چٽاڀيٽيءَ وارن امتحانن لاءِ هڪ بهترين ڪتاب طور پسند ڪيو ويو. سندس هيءُ ڪتاب به انهن سڀني حلقن ۾ گھڻو پسند ڪيو ويندو. منهنجي راءِ ۾ هي ڪتاب وڌيڪ سوچ، وڌيڪ محنت ۽ وڌيڪ مطالعي کان پوءِ لکيو ويو آهي، جنهن لاءِ آءٌ پروفيسر پروين موسى کي دل جي گهراين سان تمام گھڻيون، گھڻيون ۽ گھڻيون مبارڪون پيش ڪريان ٿو. مون کي محترمه جي ذاتي زندگيءَ جي خبر ڪانهي البت ايترو معلوم ڪيو اٿم ته هوءَ گھر گرهستيءَ واري، اولادي ۽ گھريلو خاتون آهي، جيڪا پنهنجي وَرَ، گھَرَ ۽ ٻارن سان گڏ گھر جي سار سنڀال، رڌي پڪي کان سواءِ پنهنجي ڪاليج ۾ باقاعدگيءَ سان ويندڙ آهي، ڪاليج ۾ پڙهائيءَ کان سواءِ هوءَ تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعي۾ به مصروف رهندي آهي. انهيءَ ڪري دل چاهي ٿي ته کيس تمام گھڻيون مبارڪون ڏجن، پر وڌيڪ مبارڪن جو حق سندس وَرَ کي آهي جيڪو ساڻس هر وقت ساٿ ڏيندو رهيو آهي.

هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي مون کي ٻن ڳالهين وڌيڪ خوش ڪيو آهي. پهرين ڳالھ هيءَ ته سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هاڻ،سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي استادن جو تعداد وڌيو ته آهي، اُنهن استادن مان ڪي ڳاڻ ڳڻيا، پڙهائڻ واري ذمي سان گڏ لکڻ ۽ تحقيق جي ڪم ۾ به رڌل رهندا آهن. اهڙن محقق استادن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اُستادن جو تعداد نوي في سيڪڙو ٿيندو، البت ڪاليجن جي استادن ۾ به ڪي اُستاد لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق جي ڪم ۾ ڪافي مشغول ڏسبا آهن. اهڙن ڪاليجي اُستادن ۾ پروفيسر پروين موسى ميمڻ جو نالو فخر سان پيش ڪري سگھجي ٿو.

ڪو وقت هو جڏهن سنڌ جي ڪاليجن ۾ مرحوم ڊاڪٽر عطا محمد حامي، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، آپا شمس عباسي، ڊاڪٽر رشيده راڄپر، پروفيسر آپا مريم نوحاڻي ۽ پروفيسر خورشيد ميمڻ جهڙا استاد موجود هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر محبوب علي رضا، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پروفيسر محرم خان، پروفيسر حبيب الله مرزا، پروفيسر سعيد حسن ۽ ڊاڪٽر اياز قادريءَ جهڙن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي استادن جو نالو فخر سان ورتو ويندو هو، جن سنڌي ادب کي پنهنجي تحقيق ۽ تحريرن سان مالا مال ڪيو هو.

خوشيءَ جي ڳالھ هيءَ به آهي جو اڄ به جتي سنڌ، ڪراچي ۽ شاھ لطيف يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا نامور استاد محقق ۽ نقاد موجود آهن، اُتي سنڌ جي ڪاليجن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا نامور ااستاد ۽ نقاد پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.اهڙن نامور استادن ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر قمرجهان مرزا کان سواءِ پروفيسر سليم ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر خورشيد عباسي، محترمه ناهيد کان سواءِ ڊاڪٽر ادل سومري، پروفيسر اياز گل جهڙا قابل فخر استاد موجود آهن، ڪاليجن ۾ به تاج جويي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، امين الله علوي، ڊاڪٽر رضيه کوکر، سلطانه وقاصي، محترمه اشرف چاڳاڻي، ارشاد منگي، شبنم گل ۽ پروفيسر پروين جهڙا اُستاد موجود آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي علم ادب جي شمع کي روشن رکندا اچن.

سنڌ جون نياڻيون ادب جي ميدان ۾ هن وقت ڪافي اڳيان آهن. آءٌ جڏهن عبرت اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالم پڙهندو آهيان تڏهن مونکي محترمه شهربانو ۽ محترمه وينگس جا ڪالم پڙهي گھڻي خوشي محسوس ٿيندي آهي، اهي ڪالم ادبي ڪالمن جي جان هوندا آهن. ٻنهي نياڻين جو ادبي مطالعو ڪافي وسيع لڳندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته اسين ته خواھ مخواھ نالي جا پروفيسر هئاسين، صحيح معنى ۾ جديد ادب جي ميدان ۾ اهي ٻئي ڪالم نويس نياڻيون ته ڪيترن ئي مون جهڙن پروفيسرن کان اعلى منزل واريون آهن.

اڄ ڪلھ سنڌ ۾ ڪٿي به ڪا ادبي محفل نٿي ٿئي سواءِ منهنجي پياري حميد سنڌيءَ وٽ، سندس گھر ۾، هر هفتي ۽ هر آچر تي، روح رهاڻ ادبي ڪچهري ٿيندي آهي، جتي به منهنجي هاڻ ڪافي عرصي کان غيرحاضري لڳندي آهي. ادبي ڪچهرين ۾ ئي مرد توڙي خواتين اديب ۽ اديبائون اچي گڏ ٿينديون آهن، پر اُن سلسلي ۾ شايد ادبي سنگت به هاڻ متحرڪ ڪانهي، يا مون کي خبر ڪانه پوندي آهي.

سنڌي ٻولي هر دؤر ۾ نوان نوان اديب ۽ شاعر پيدا ڪندي رهي آهي. پراڻا سينيئر اديب ته خير پر ويجھڙائي ۾ جتي چوٽيءَ وارا اديب، عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن، اُتي سنڌ جي نياڻين پڻ پاڻ ملهايو آهي. انهن ۾ جيڪي نئيون ليکڪائون آهن انهن ته پراڻين ليکڪائن مرحومه ثميره زرين، زيڊ.اي شيخ، رشيده حجاب، خيرالنساءَ جعفري، بادام ناتوان جون سڪون لاهي ڇڏيون آهن. موجوده وقت محترمه ماهتاب محبوب، بيبي نورالهدى شاھ، تنوير جوڻيجو، ثريا سوز ڏيپلائي، فهميده حسين، ج.ع منگھاڻي، سحر امداد، نور افروز خواجه، تهمينه مفتي، قمرالجهان مرزا، نذير ناز، امر سنڌو، گلبدن جاويد مرزا، شبنم گل، رخسانه پريت، سنڌو پنهور، بختاور ڄام ساقي، زيب نظاماڻي، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر رضيه کوکر، شگفته شاھ، عريبه نور، ڊاڪٽر ناهيد مغل، فرزانه ڪنول بلوچ، تانيه ٿيٻو، فهميده عزيز لاکير، نائله سمون، فهميده اشرف بلوچ، سلمى پهنور، بدرالنساءَ سيد، سعيده بشير، سنڌيا شاھ، صنوبر گل انڙ، ماهين هيسباڻي، شبانه سنڌي، ساجده جبين، عصمت فاطمه ويسر، ثمينه ميمڻ، پشپا ولڀ، امر سنڌو عطيه دائود، انيتا شاھ، عذرا سرور، پروين موسى ميمڻ جا نالا سنڌي ادب ۾ نمائنده نالا آهن، جيڪي فخر سان پيش ڪري سگھجن ٿا. مونکي يقين آهي ته جڏهن سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن تي تحقيق ڪندڙ قلم کڻندا، تڏهن انهن کي هر صنف ۾ ميدان ڀرپور نظر ايندو.

آءٌ ايترو ضرور عرض ڪندس ته سنڌي ادب ۾ عورت ڪهاڻيڪارن جي ته گھڻائي نظر ايندي، ٻئي نمبر تي سنڌي شاعرائن جا نالا ملندا، پر ناول نويسيءَ، ناٽڪ نويسيءَ، مضمون نويسيءَ ۽ تحقيقي ۽ تنقيدي ادب ۾ ليکڪائن جو تعداد تمام گھٽ ملندو. سنڌي ٻوليءَ جي تنقيدي ادب ۾ خواتين ليکڪائن جا ڪي هڪ ٻه نالا ملن ٿا، انهن ۾ وڏي فخر سان پروفيسر پروين جو نالو پيش ڪري سگھجي ٿو. اُن سلسلي ۾ سندس هيءُ ڪتاب ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ قابلِ فخر ڪتاب آهي.

پروفيسر پروين موسى جو هيءُ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بهترين اضافو آهي. محترمه جي لکڻ موجب، پاڻ هيءَ محنت C.S.S, P.C.S جهڙن چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن کان سواءِ گرئجويٽ ۽ ايم.اي جي امتحانن جي نصابي ضرورتن کي سامهون رکي لکيو اٿس، پر منهنجي خيال ۾، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل مواد جو معيار، گھڻو مٿانهون آهي، هي ڪتاب سچ، پچ ته شاگردن کان سواءِ سنڌي علم ادب جي عام مطالعي۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جون گھرجون پوريون ڪري ٿو.

محترمه پروين جو هيءُ ڪتاب جيئن فهرست مان معلوم ٿيندو، ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ نثر جي عام وصف کان سواءِ، سنڌي نثر جو تعارف ڪرايل آهي. ان کان پوءِ نثر جي صنفن مضمون ۽ مقالي جي باري ۾ راءِ ڏني اٿس، مثلاً سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات ۽ اُن جي ارتقا ۽ اوسر سان گڏ اُن سان صحافت جو ساٿ، اهڙيءَ طرح مقالو ڇا آهي، مضمون ۽ مقالي ۾ ڪهڙو فرق آهي، مقاله نويسيءَ جي ترقيءَ کان سواءِ اُنهن ڪتابن مان ڪن ٿورن ڪتابن جو تنقيدي جائزو ورتو اٿس.

پروفيسر پروين موسى جن جن ڪتابن ۾ ڇپيل مضمونن جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، اهي ڪتاب هي آهن؛ ”ادب ۽ روايتون“، ”سنڌ جي تاريخ جا ورق“، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، ”لطيفي سير“، ”شاهاڻو شاھ“ ان کان پوءِ پروفيسر صاحبه جن چونڊ مضمون نگارن ۽ مقاله نويسن جو مختصر طور تعارف ڪرايو آهي، اُن ۾ سنڌي ادب جي يگاني مضمون نگار مرزا قليچ بيگ کان سواءِ جن ٻين شخصيتن جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو اٿس، اُنهن ۾ عالي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ديوان پرمانند ميوارام، ليکراج ڪشنچند عزيز، علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ماهتاب محبوب، پروفيسر اياز قادري، پروفيسر تنوير جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر علي نواز شوق جا نالا شامل آهن، محترمه انهن سڀني مضمون نگارن ۽ مقاله نگارن جي ڪتابن ۾ شامل مضمونن ۽ مقالن تي تبصرو به ڪيو آهي.

هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو سفر نامي واريءَ صنف متعلق آهي. هن صنف جي باري ۾ هڪ لحاظ کان هن کان اڳ اهڙو تبصرو ڪنهن به ڪونه ڪيو آهي. هن ڀاڱي ۾ به سڀ کان پهرين سفرنامي جي وصف بيان ڪئي وئي آهي. وصف کان پوءِ سنڌي ادب جي سفرنامن جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪنهن ڪئي جي باري ۾ وضاحتي نوٽ لکيل آهي. اُن کان پوءِ سفرنامي واريءَ صنف جي مختصر ارتقائي تاريخ بيان ٿيل آهي، انهيءَ مختصر تاريخ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اهميت جي باري ۾ محترمه پنهنجي راءِ ڏني آهي. هن ڀاڱي ۾ ڪن مشهور سفرنامن جو تنقيدي جائزو پڻ پيش ڪيو ويو آهي. اُن جائزي ۾ هر ڪتاب ۾ شامل مواد کان سواءِ ان ڪتاب جي ليکڪ جي باري ۾ پڻ پروفيسر پروين صاحبه پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. پروفيسر صاحبه جن جن چونڊ سفرنامن جي باري ۾ پنهنجي ناقدانه راءِ ڏني آهي، اُهي سفرناما هي آهن؛ ”سير ۽ سفر“، ”سفر يورپ جي ڊائري“، ”اندر جنين اڃ“، ”ڏوري ڏوري ڏيھ“، ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“، ”نيويارڪ جو سير“، ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ديس بديس“ ۽ ”ڪنواريون ۽ ڪنول“ کان سواءِ انهن سفرنامن جي ليکڪن جا تعارف پڻ شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن پڙهندڙن کي معلوم ٿي سگھي ته هر سفرنامي جو ليکڪ ڪير آهي.

ان کان سواءِ پروفيسر پروين صاحبه سنڌ جي ابنِ بطوطه ۽ سنڌي زبان ۾ هن صنف جي وڏي ۽ قداور ليکڪ محترم الطاف شيخ جي چونڊ سفرنامن، جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي اهميت بيان ڪئي آهي. الطاف شيخ جي طرز تحرير کان سواءِ سندس جن چونڊ سفرنامن باري ۾ هن پنهنجي تنقيدي راءِ ڏني آهي، اُهي سفرناما هي آهن؛ ”بندر بازاريون“، ”سمنڊ جي سيوين“، ”وايون وڻجارن جون“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”دنگي منجھ درياءُ“، ”ڪراچي کان ڪوپنهيگن“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو“. آءٌ البت ايترو ضرور عرض ڪندس ته هن ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر عبدلجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ جي سفرنامن جا صرف عنوان ئي ڏيئي ڇڏجن ها، تڏهن به بهتر ٿئي ها.

هن ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو ناول نويسيءَ متعلق آهي، هن ڀاڱي ۾ لائق مصنفه جن عنوانن تي بحث ڪيو آهي، اهي هي آهن؛ ناول ڇا آهي؟، ناول جا قسم، ورهاڱي کان اڳ سنڌي ناول ۽ ناول نگار، ورهاڱي کان پوءِ جو سنڌي ناول ۽ ناول نگار، سنڌي ناول سماج جو عڪس هئڻ سان گڏ، سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو. پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي پي.ايڇ.ڊي واري مقالي ۾، اُنهن موضوعن تي تمام گھڻي وضاحت سان روشني وڌل آهي، پر اهو ضرور آهي ته شاگرد طبقو ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جا ٻئي ڪتاب، ناول اُن جي ارتقا ۽ اُن لاءِ گھربل مواد جي مطالعي لاءِ پڙهن ها ته کين هڪ هزار صفحن جو مطالعو ڪرڻو پوي ها، انهيءَ ڪري پروفيسر پروين جي ڪتاب جو هيءُ ڀاڱو مختصر به آهي ته جامع به.

پروفيسر پروين صاحبه ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ڇپيل جن چونڊ ناولن جو پنهنجي ڪتاب جي هن ڀاڱي ۾ تنقيدي جائزو ورتو آهي، اهي ناول هي آهن؛ دلارام، زينت، سون ورنيون دليون، غريبن جو ورثو، نورجهان، جهان آرا، سانگھڙ، همه اوست، روشنيءَ جي تلاش، اڻ پورو انسان ۽ پڙاڏو سو ئي سڏ. منهنجو خيال آهي ته پروفيسر پروين کي خاص جلد مزاحمتي سنڌي ادب جي باري ۾ به لکڻ گھرجي ۽ هڪ جلد سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل عالمي ادب، جي عنوان تي به لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. بهرحال هي ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ جي سلسلي ۾ هڪ بهترين ڪتاب چئي سگھجي ٿو. ”پروين موسى موجب هن ڪتاب جي ايندڙ جلدن ۾ ناٽڪ نويسي، سوانح عمري، انهيءَ کان سواءِ ادبي تاريخون ۽ تحقيقي ڪتابن جو جائزو شامل آهي“.

مونکي اميد آهي ته جڏهن سنڌي نثر جي سڀني صنفن تي پروين پنهنجي تحقيق ۽ تنقيد مڪمل ڪري، سنڌ جي اديبن، شاعرن، سنڌي ادب جي استادن، شاگردن ۽ عام ماڻهن جي اڳيان پيش ڪندي، تڏهن ڪتابن جا شائقين ۽ خاص ڪري سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙ مردن توڙي خواتين جي لائبريرين جا شيلف، پروين جي ڪتابن جي انهن مڙني جلدن سان سينگاريل هوندا، تڏهن هرڪو ماڻهو، پنهنجي گھر ۾ ڪتابن جي اهڙي انمول خزاني تي فخر به ڪندو ۽ ناز به.

هن قسم جو تحقيقي ڪم فقط اهو ماڻهو ڪري سگھندو آهي، جنهن ۾ هڪ قسم جو جنون لڪل هوندو آهي، پڙهندڙ مون سان ضرور اتفاق ڪندا ته هن قسم جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم اهو ماڻهو ڪري سگھي ٿو، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان عشق هوندو ۽ اهو عشق جنون تي منزل تائين پهتل هوندو.

ھهڙي بهترين تنقيدي ڪتاب جي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ پروفيسر پروين صاحبه کي چڱي جاکوڙ ڪرڻي پيئي هوندي، پاڻ خود اعتراف ڪيو اٿس ته کيس ڪيترن ئي هنڌن تان ڪتابن جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو، مختلف بُڪ اسٽالن کان سواءِ ادبي ادارن ۽ انهن جي لائبريرين ۾ موجود مواد کي اٿلائڻو پيو ۽ ڌڪا ٿاٻا کائڻا پيا. اهو سڀ ڪجھ هن اڪيلي سر ڪيو آهي، پر سڀ کا اهم ۽ جيڪو تحسين جوڳو ڪم، هن نياڻيءَ ڪيو آهي، اهو هيءُ آهي ته هن پنهنجي انهيءَ پروجيڪٽ لاءِ باقاعدگيءَ سان ويهي سوچيو آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا باب هجن، انهن جي ترتيب ڪيئن هجي، اُن لاءِ هن ٻئي ڪنهن صاحب يا صاحبه کان مدد به ورتي آهي يا نه، پر آءٌ فخر سان اهو چوان ٿو ته هيءُ ڪتاب بلڪه هيءُ پروجيڪٽ تحسين جي لائق آهي. آءٌ دل جي گهراين سان منهنجي نياڻي پروفيسر پروين موسى کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. سندس هيءَ ڪاوش ثابت ٿي ڪري ته هن نياڻيءَ کي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان عشق آهي.

منهنجي دعا آهي ته سنڌ جي هيءَ نياڻي پنهنجي مقصد ۾ اڃا به وڌيڪ ڪامياب ٿئي ۽ مولى ڪريم سندس مَنَ جون مرادون پوريون ڪري. آمين


ڊاڪٽر غلام علي الانا


ٿورا

هن ڪتاب جي تياريءَ دران شروع ۾ مون کي خاص طور ڪنهن کان مدد وٺڻ جو خيال ذهن ۾ نه آيو. پر جڏهن ڪتاب مڪمل ٿي ويو تڏهن مسودو سڀ کان پهرين سنڌ جي نامور ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي فرزند جناب محمد علي ڏيپلائيءَ کي ڏيکاريم ته سانگھڙ جي باري ۾ جيڪو مواد لکيل آهي انهيءَ تي پنهنجي راءِ ڏين. جڏهن ادا محمد عليءَ اهو چيو ته ”توهان سانگھڙ تي لکڻ جو حق ادا ڪيو آهي“ ۽ ڪتاب کي تمام گھڻو پسند ڪيو ته نه صرف مون کي خوشي ٿي پر منهنجو حوصلو وڌيو. سندس صلاح سان مسودو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا کي جائزي وٺڻ لاءِ ڏنم ۽ جن پنهنجي قيمتي راءِ سان نوازيو. انهيءَ طرح آئون انتهائي مشڪور آهيان ادا محمد علي ڏيپلائيءَ جي، جو منهنجي مدد ۽ رهنمائي ڪيائين. تمام گھڻي ٿورائتي آهيان آئون ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي جو پاڻ پنهنجي قيمتي وقت مان هن ڪتاب جي تفصيلي جائزي جي لاءِ وقت ڪڍيائون ۽ ڪتاب جون خوبيون و خاميون پرکي نه صرف منهنجي مدد ڪئي اٿن، پر سندن بي انتها عزت افزائيءَ مون کي اعتماد عطا ڪيو جو ڊاڪٽر الانا صاحب هن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ “تنقيدي ادب جي تاريخ” سڏيو آهي.

وڏا وڙ آهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا جو پنهنجي وڏي مصروفيت جي باوجود هنن هن مسودي کي پرکيو ۽ دعائيه ڪلمات سان نوازيائون ۽ منهنجي هن ڪوشش کي “ڪامياب ڪشالو” قرار ڏنو اٿن. هن ڪتاب ۾ جنهن شخصيت، منهنجو شروع کان آخر تائين ساٿ ڏنو، جنهن جو نالو آئون فخر سان ذڪر ڪنديس، اهي منهنجا جيوَن ساٿي، انوَر ميمڻ، جن آهن. جيڪڏهن سندن تعاون ۽ پٺڀرائي نه هجي ها ته هيءُ پراجيڪٽ پايهءِ تڪميل تي نه پهچي سگھي ها، انهيءَ سهڪاري ساٿ کي لفظن ۾ تورڻ ناممڪن آهي.

منهنجون دلي دعائون آهن پنهنجي ننڍي ڀاءُ راشد موسى جي لاءِ جنهن مون کي هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي اداري ۾ مسودي کي موڪلڻ لاءِ زور ڀريو، جو اڄ هيءُ ڪتاب هن منزل تي پهتو آهي. انهي کان سواءِ مختلف لائبريرين جا انچارج خاص طور زينت صاحبه نذرٿ ڪاليج، محبوب ابڙو ايم.بي اينڊ جي.ايف ڪاليج، الرزاق ڪمپوزرس ۽ ربنواز لاشاري جي مدد مون کي هميشه ياد رهندي. هن ڪتاب جي لکڻ ۾ مون کي ڪافي عرصو لڳو ۽ گھربل ڪتابن جي لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پيئي، ڪيترن ئي هنڌن تي ڪتاب هٿ ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو، مختلف بڪ اسٽالن کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ، قليچ ڪتاب گھر، دائود پوٽا لائبريري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي لائبريري ۽ مختلف ڪاليجن جون لائبريريون ڏٺم، انهيءَ کان به وڌيڪ ڪتاب هٿ ٿين ها ته سهنجائي ٿيئي ها. ڪجھ ڪتابن جا ڇاپا مارڪيٽ ۾ ختم ٿي ويل آهن، ته ڪن ڪتابن جي پراڻن ڇاپن کي پڙهڻ کان پوءِ نون ڇاپن کي به پڙهيم، بهرحال انهيءَ سڄي جدوجهد ۾ جن سڄڻن ۽ همدردن ساٿ ڏنو انهن جا دل سان ٿورا مڃيان ٿي.


پنهنجي پاران

محبت پائي مَنَ ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھايو.

(سُر ڪاپائتي، 1-17)

منهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ کي شاگردن ۽ پڙهندڙن وٽان سٺي موٽ ملڻ سبب، مونکي وڌيڪ تحقيقي ۽ تخليقي ادب جي ڪم جو اتساھ جاڳيو. مضمون نويسيءَ جي ڄاڻ سان گڏ پنجهتر طبعزاد مضمونن تي مشتمل مون ٻيو ڪتاب ”وکر سو وهاءِ“ جي عنوان سان لکيو آهي. جيڪو ڪمپوزنگ جر مرحلن مان نڪري ڇپائيءَ لاءِ تيار آهي. اهي مضمون ڊگري ڪلاسن جي نصاب مطابق آهن. (وکر سو وهاءِ هيڪ مان ڊگري ڪلاسن لاءِ منظور ٿي 2011ع ۾ اسلام آباد HEC سان شايع ٿيو ۽ موجوده وقت آن لائين سنڌ سلامت تي موجود آهي). ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ ۾ سنڌي نثر جي صنفن جي باري۾ ڄاڻ سان گڏ، مواد سان لاڳاپيل ڪجھ خاص ادبي فن پارن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ڏنو ويو آهي. انهيءَ سان گڏ ليکڪن جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جو تعارف پڻ آندو ويو آهي. باقي نثر جي ارتقا يا ابتدا ۽ قسمن جي ڇنڊڇاڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪونهي. مختصراً نثر جو تعارف ۽ خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته، ”مون کي خوشي ٿيندي، جڏهن ڪو صاحب سنڌي نثر جي صنفن جو مڪمل مطالعو ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪندو“. مون ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ خواهش جي پورائي ڪرڻ جي ۽ ڪتاب کي ڪارائتي بنائڻ جي ڪافي حد تائين ڪوشش ڪئي آهي. اميد ته هيءُ پورهيو قبول پوندو.
جيئن ته علم ۽ ادب قومن جي تاريخ مرتب ڪري ٿو ۽ انهيءَ تي لکيل مواد جو ڪو به انت ڪونهي. هر ليکڪ ۽ محقق پنهنجي وس آهر وڏي ڪوشش ڪندو آهي. پر هر هڪ جو نمونو جدا جدا ۽ تحقيق جو پئمانو الڳ هوندو آهي. انهيءَ ڪري پڙهندڙ ئي سٺو نقاد آهي.
منهنجي پنهنجي شاگردن ۽ پڙهندڙن کي گذارش آهي ته، جيڪي به خوبيون ۽ خاميون کين محسوس ٿين سي مون کي مهرباني ڪري فون ذريعي آگاھ ڪن، آئون سندن مشڪور رهنديس ۽ انهيءَ سان مون کي اڳيان جي لاءِ رهنمائي ٿيندي.

ڪتاب جي باري ۾ تعارف

هن ڪتاب ۾ نثر جي اهم صنفن ۽ مواد جي باري ۾، خاص طور P.C.S, C.S.S, M.A ۽ ڊگري ڪلاسن جي نصاب سان لاڳاپيل مواد کي ترجيح ڏني ويئي آهي. پنجن ڀاڱن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سنڌي مضمون نويسي، مقالا نگاري، ناول، سفرناما، افسانا نويسي ۽ ڊراما شامل آهن، جن جي ڄاڻ امتحاني پيپرن مطابق آهي، جيئن مثال طور مضمون ڇا آهي؟ مقالي يا مضمون ۾ فرق، مضمون جي اوسر يا سنڌي ناول ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي آهي يا سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو، سنڌي افسانا نويسيءَ جي سنڌي ادب ۾ اهميت يا سفرنامو صحتمند ادب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، وغيره. سنڌي سفرنامي جي تفصيلي ڄاڻ هن کان اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾ نه آئي آهي. جيڪا نصابي ضرورت مطابق تمام ضروري هئي. هيءُ اڀياس سنڌ نثر جي گھڻن مشهور مضمونن ۽ مقالن جي مجموعن، ناولن، افسانوي مجموعن ۽ سفرنامي جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن ۾ 1879ع ”مقالات الحڪمت“ کان ”عورت سماج ۽ ڏاڍ“ 2004ع، تائين جي مضمونن ۽ مقالن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هڙيءَ ريت ٻين صنفن جي مواد ۾ به شروع دؤر کان جديد دؤر تائين جي ڪتابن کي جائزي ۾ آندو ويو آهي ته جيئن ادب ۾ وقت ۽ ماحول سان گڏ ايندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکيو وڃي. سنڌي ادب ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن، جنهن ۾ خاص طور ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جا اثر ظاهر آهن ۽ وقت سان گڏ بين الاقوامي ادب ۾ آيل تبديلين سبب به ادب ۾ نوان ۽ جديد لاڙا آيا آهن ۽ اها تبديلي نظم توڙي نثر ۾ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، عروضي شاعريءَ کان وٺي جديد شاعريءَ تائين جي ارتقائي تبديليءَ سان گڏ جيڪڏهن نثر جي صنفن کي ڏسبو ته اهي به ترقي پسند عمل مان گذريون آهن، نه صرف موضوع ۾ نئين سوچ ۽ فڪر جي تبديلي محسوس ٿيندي بلڪه ٻوليءَ جي استعمال ۾ به فرق محسوس ٿيندو، خاص طور شروع واري دؤر جا ناول، ناٽڪ ۽ افسانا جديد دؤر جي ادب سان ڀيٽينداسين ته معلوم ٿيندو ته، سنڌي ادب جامد ۽ ساڪت نه رهيو آهي، بلڪه ترقي پسند عمل مان گذرندڙ ترقي يافته ادب آهي. هن ڪتاب ۾ ادب ۾ آيل جديد لاڙن کي آخر ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.
مشهور مضمونن جي مجموعن ۽ تحقيقي ڪتابن، ناولن، سفرنامن ۽ افسانوي مجموعن جو جائزو ڏنو ويو آهي، انهن مان ڪجھ جا نالا هن ريت آهن، ”گل ڦل“، ”ادبي آئينو“، ”هٻڪار“، ”شاھ لطيف جي شاعري“، ”ڪٺمال“، ”مضمون ۽ مقالا“، ”سفر يورپ جي ڊائري“، ”ڏوري ڏوري ڏيھ“، ”ديس بديس“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”سانگھڙ“، ”نورجهان“، ”جي تند برابر توريان“، ”عبرت ڪده“، ”اٺون ماڻهو“، ”دل جي دنيا“، ”اداس واديون“، ”ڌرتي روشن آهن“، ”جلاوطن“، ”مٺي مراد“ ۽ ٻيا آهن.

08-12-2005

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ

ڊجيٽل ايڊيشن بابت

”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ جي ڊجيٽل ايڊيشن بابت لکندي خوشي محسوس پئي ڪيان. هيءُ ڪتاب منهنجو ترتيب جي حساب سان ٻيو نمبر ڪتاب آهي جو 2005ع ۾ لکيو هئم ۽ هائر ايجوڪيشن ڪمميشن اسلا آباد جي ڊان اخبار ۾ آيل 2005ع جي اشتهار تحت HEC کي هن ڪتاب جو مسودو موڪليم جو مونوگراف اينڊ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم معرفت سنڌيءَ ۾ يونيورسٽين جي ليول تي منظور ٿيو ۽ 2008ع ۾ شايع ٿيو پر اداري جي پاليسيءَ مطابق هڪ سئو ڪاپيون مون کي مليون ۽ 400 ڪتاب اداري طرفان پاڪستان جي مختلف يونيورسٽيز يا ادارن ۾ ڏنا ويا ڪل 500 ڪتاب شايع ٿيا. جيئن ته هن ڪتاب جي ضرورت سڀني انهن يونيورسٽين ۾ گھڻي آهي جتي سنڌي شعبن ۾ سنڌيءَ جو مضمون ايم.اي، ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي لاءِ پڙهيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري هيڪ کان تحريري اجازت نامو حاصل ڪيم ۽ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن جي اصرار تي کين ڇپائڻ لاءِ ڏنم، هن ڪتاب جي هيڪ واري ڇاپي ۾ ڪتاب جو عنوان ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ هو ۽ 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن جي ڇاپي ۾ ادا نواز گھانگھرو مون سان مشوري بعد ”ڪن“ لفظ هٽائي ڇڏيو. اهو ڇاپو موجوده وقت ڀانيان ٿي ختم ٿيڻ وارو ئي هوندو. ڪتاب جي ڪمپوزنگ 16 سال گذرڻ سبب محفوظ نه رهي سگھي جيڪو ٿورو مواد آهي ان جو به فونٽ تبديل ٿيل آهي انهيءَ ڪري هن ڪتاب کي ٻيهر ڪمپوز ڪرايو اٿم. پر ڪتاب کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو آهي ٻن ٽن ليکن جيئن تاريخ جي ڪتابن بابت کي نئين سر لکيو اٿم. جڏهن ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“ ڪتاب ڪمپوز ٿي منهنجي سامهون آيو آهي تڏهن اهو خيال دل ۾ هڪدم آيو ته ڇو نه شاگردن جي ضرورت واري هن اهم ڪتاب کي ڊجيٽل ايڊيشن طور آن لائين آڻيان اهو ارادو عمل ۾ آيو آهي ۽ اڄ هيءُ ڪتاب توهان آن لائين پڙهي يا ڊائون لوڊ ڪري مستفيض ٿي رهيا آهيو. آئون ٿورائتي آهيان ڀاءُ علي رضا سهتو جي جنهن هن ڪتاب کي تمام سهڻو ڪمپوز ڪيو آهي، وڏا وڙ آهن ادا محمد سليمان وساڻ جا جو هن ڪتاب کي سنڌ سلامت جي سٿ جي ساٿ سان ڊجيٽل بُڪ طور آن لائين رکيو اٿن. سندن وڏي مهرباني جو سنڌي قوم جي علم و ادب چاهيندڙن کي گوگل سرچرز جي ذريعي دنيا جي برابريءَ ۾ آڻي رهيا آهن، هيءُ دؤر ڪمپيوٽر جو دؤر آهي انهيءَ ۾ سندن هيءَ محنت نه ڄاڻ ڪيترو سنڌي علمي ۽ ادبي خزانو دنيا کي متعارف ڪرائي رهي آهي. ڌڻي سڳورو شال کين وڌيڪ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري جيڪي ڪتاب ۽ ٻيو مواد فقط سنڌ تائين محدود هو اڄ اهو پوريءَ دنيا ۾ سنڌي ڄاڻندڙن وٽ پهچي ٿو. هن ڪتاب جي آن لائين ڪتاب گھر ۾ شامل ٿيڻ تي سنڌ سلامت وارن جي مهرباني. (هن کان اڳ منهنجا سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي ڪافي ڪتاب رکيل آهن).

خيرانديش

ڊاڪٽرپروين موسى

Mob - 03332766564


ڀاڱو پهريون: مضمون ۽ مقالا

---

نثر جو تعارف

نثر ۽ نظم علم ادب جون ٻه خاص شاخون آهن، دنيا جي سڀني ٻولين جي ادب ۾ نثر انساني اظهار جو هڪ اهم ذريعو رهي آهي. اسين جيڪڏهن غور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته قرآن پاڪ به نثر ۾ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو جو خود خدا پاڪ نثر سان سمجھائڻ کي هڪ مؤثر ذريعو سمجھيو، حالانڪه عربي زبان جي شاعريءَ جي فصاحت ۽ بلاغت پوري عالم ۾ آشڪار هئي.
نثر اظهار جو تفصيلي بيان آهي، جنهن ۾ چٽائي، رواني، بياني قوت، ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ انيڪ خوبيون گھربل هونديون آهن. نثري صنفن جي بيان ۾ موضوع جي موافقت، مٺن گفتن، سهڻن ۽ شيرين لفظن جو استعمال، تحريرن کي زنده جاويد ڪري ڇڏيندو آهي. شاعر پنهنجي خيالن ۽ جذبن کي منظوم شڪل ڏيندو آهي ته نثر نگار پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي جاندار لفظن، سهڻن اصطلاحن ۽ استعارن جي صفت سان امر ڪندو آهي. اهي تحقيقي و تخليقي ڪاوشون ۽ ادبي فن پارا لفظن جي جدت سان تازگي ۽ مهڪ پيدا ڪندا آهن. ڪامياب نثر نگار نه رڳو ٻوليءَ ۾ لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ کي اهم ڄاڻندا آهن. پر موضوع سان به پورو پورو انصاف ڪندا آهن. هڪ انگريزي نقاد نثر جي خوبين کي هن ريت بيان ڪيو آهي.
Good prose will reveals its quality both in style and in its arrangement. The primary virtue of prose style is clear ness. But clearness in not everything must have distinction it must be natural, rising and falling with the subject.

سنڌي نثر
علم ادب ۾ نثر ۽ نثري صنفن جي اهميت هڪ الڳ عنوان آهي. هن ڪتاب جي موضوع ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، جي مطابق سنڌي نثر جي هيٺ ٿوري وضاحت ڏجي ٿي.
سنڌي نثر جي ابتدا بابت جيڪي روايتون مليون آهن. انهيءَ بابت گرهوڙي صاحب ۽ خليفي محمود نظاماڻيءَ جا ڪجھ ملفوظات يا مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي طلاق جي مسئلي تي لکيل ڪتاب جا ڪجھ جملا، سنڌي نثر جي شروعات شمار ڪيا وڃن ٿا، پر تحقيق صحيح معنى ۾ نثر جو نمونو، آخوند عزيزالله (1746-1824) جو قرآن پاڪ جو تحت الفظ سنڌي ترجمو شمار ڪري سگھجي ٿو، جنهن ۾ گڏ شانِ نزول به ڏنل آهي. جنهن جو ذڪر سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هن ريت آهي.
”واسطي الله جي اڀرندو ۽ الهندو آهي، پوءِ جيڏانهن مهاڙ ڪندا. اوڏانهن آهي خدا. تحقيق خدا جو فضل ڪشادو آهي ۽ ڄاڻندو آهي”. (سورة البقراة آيت 115)
انگريزن جي دؤر ۾، سنڌي الف-ب ٺهڻ کان پوءِ نه فقط نثر ۽ نثر جي صنفن جي ترقي ٿي پر نثر ۽ ان جي قسمن جي ڇنڊڇاڻ جي باري ۾ به ڪافي ڪتابن ۾ معلومات آئي. ان کان سواءِ ڪيئين گرامر ۽ لغتن جا ڪتاب تيار ٿيا. جيڪي نثر جي معلومات وڌائڻ ۾ مددگار ٿيا، سنڌي نثر جي باري ۾ بنيادي معلومات جن ڪتابن ۾ مهيا ڪئي ويئي آهي، انهن مان ڪجھ هن ريت آهن. شروع دؤر ۾ ”هدايت الانشاءَ“ ڪتاب کي اهميت رهي. جيڪو 1312هجريءَ ۾ لکيو ويو. جنهن ۾ نثر نويسي ۽ انشا پردازي جون سمجھاڻيون آهن. اهو ڪتاب خاص طور خطوط نويسيءَ جي اصولن سان سينگاريل آهي. ”ميزان الشعر“ سيد محمد فاضل شاھ جو 1875ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو علم عروض جي قائدن قانونن مطابق آهي. ٻيو سندن اهم ڪتاب ”علم بديع ۽ علم عروض“ پڻ هن ڏس ۾ معلوماتي ڪتاب آهي، ان کان سواءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو ”آفتاب ادب“، محمد صديق مسافر جو ”قربِ قليچ“، ڪاڪي ڀيرومل جو، ”گلزار نثر“، ”بهار نثر“ سان گڏ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، لطف الله بدويءَ جو ”تذڪره لطفي“، خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، مرزا صاحب جو ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ غلام محمد شاهواڻي جا ”ادبي اصول“، ”انتخاب نثر“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ”سنڌي نثر جي تاريخ“ منگھارام ملڪاڻيءَ جو ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جو ”ادب ۽ تنقيد“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جو ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، ڊاڪٽر نبي بخش جو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۽ ٻيا به ڪجھ ڪتاب نثر ۽ ان جي صنفن جي ڄاڻ ڏين ٿا.
نثر نويسيءَ جي موضوع تي ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا ويا آهن ۽ ڪجھ پي.ايڇ.ڊي جون ٿيسز آهن جن ۾ پڻ نثر ۽ نثر جي صنفن تي روشني وڌل آهي. جيئن مثال طور مضمونن ۽ مقالن ۾ ديوان ڏيارام وسڻمل جو مقالو ”سنڌي نثر تي نظر“ م.ج شهاڻيءَ جو ”سنڌي نثر“ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو جو، ”سنڌي ساهت جي اڄوڪي حالت“ ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون ۽ مقالا موجوده دؤر جا به هن موضوع تي موجود آهن. جن ٿيسز ۾ نثر جي باري ۾ ڪجھ احوال آيو آهي. انهيءَ ۾ خاص طور ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس“، مرزا حبيب الله، ”اوڻهوين صديءَ جا نثر نويس“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ ڊاڪٽر نور افروز خواجه، (هن ٿيسز ۾ پهريون باب ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کان پوءِ جي نثر جي جائزي تي مشتمل آهي) ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو“ (1985ع تائين) ڊاڪٽر پروين موسى (راقم الحروف) ۽ ٻين به ڪجھ ٿيسز ۾ ڪجھ احوال نثر جي باري ۾ آهي. شروع دؤر جي سنڌي نثر جي نموني کان وٺي هيستائين جي سنڌي نثر ۾ ڪافي ارتقائي تبديليون آيون آهن. (جنهن جي معلومات هن ڪتاب مان قارئين کي ڪافي حد تائين ملي سگھندي).

نثر ۽ نظم ۾ فرق:

ظاھري طور ته نثر نگار ۽ شاعر ٻئي تخليقڪار هوندا آهن، ته به سندن حدون الڳ، مقرر ٿيل آهن. نثر ۽ نظم ۾ بياني اسلوب جي لحاظ کان گهڻو فرق آهي. شاعر جا تجربا منظوم شڪل ۽ بحروزن سان نروار ٿيندا آهن ته نثر نگار پنهنجن خيالن، تجربن ۽ مشاهدن کي، پوري غور ۽ فڪر ۽ Calculation سان پنهنجي اظهار جو وسيلو بنائيندو آهي، معنيٰ ته نثر ذهني وسعتن جو امين آهي، جڏهن ته شعر جو دارومدار جذبي ۽ تخيل تي آهي. شعر منظوم ڪلام آهي ته نثر موزون مقرر ڪيو ويو آهي. هن وقت جديد شاعريءَ ۾ نثراڻو نظم پڻ گهڻي قدر رائج آهي، شروع دؤر ۾ لالچند امر ڏني مل جو ”سدا گلاب“ نثراڻو نظم طور شمار ٿئي ٿو. هيءُ ڪتاب نثر ۽ نظم جو سهڻو ميلاپ آهي. هن ڏس ۾ شيخ اياز، نورالهديٰ شاھ، تنوير عباسي ۽ ٻين شاعرن لکيو آهي،(شيخ اياز جو، دعائيه نثراڻي نظم تي مشتمل ڪتاب ”اُٿي اور الله سين“، اهم ڪتاب آهي.) وري به باقاعده نثر هڪ الڳ حيثيت رکي ٿي، نثر ۾ شعريت اچي سگهي ٿي. پر، ان ۾ شعر نٿو سمائي سگهجي، نثر ۾جيڪڏهن شاعراڻو اثر زياده ظاهر ٿي وڃي ته ان کي شاعراڻو نثر چئي سگهجي ٿو، نثر جو لکندڙ پهرين کان موجود مواد. کي تخليق ڪري تعمير ڪري ٿو. جڏهن ته شاعر پنهنجي شعر جي مواد کي سڌو سنئون تخليق ڪري ٿو.
نثر جا نظم وانگر ڪجھ قسم آهن، هن ڪتاب جو موضوع ادبي نثر آهي. ۽ هر نثرادبي تحرير نٿي ٿي سگهي. جيستائين منجهس ادبي هئڻ جون خاصيتون شامل نه هجن، (هن ڪتاب جو موضوع ادبي نثر هئڻ سبب هتي اسان صرف نثر جي انهن ادبي صنفن کي موضوع هيٺ آندو آهي جيڪي ادب جو حصو هئڻ سان گڏ شاگردن جي نصاب مطابق ضروري آهن، جن به ڪتابن جو جائزو ڏنل آهي، انهن جي ادبي ۽ علمي اهميت ڪتاب جي ٻوليءَ ۽ تحرير کي به نظر مان ڪڍيو ويو آهي).

سنڌي نثر جي صنفن جي شروعات:

انگريزن جي دؤر ۾ درسي ڪتابن قصن ۽ ڪهاڻين، گرامر ۽ لغت جي ڪتابن ٺهڻ کان پوءِ، مختلف نثر جي صنفن جو دؤر به هڪدم شروع ٿيو. هن دؤر جا نثر جا ڪتاب 1947ع تائين ڪافي تعداد ۾ هئا. لڏپلاڻ جي ڪري ڪجھ ضايع به ٿي ويا پر ته به ڪافي قديم ۽ ناياب و نادر نسخن جي حفاظت به ڪئي ويئي.
سنڌي نثر ۾ ڪافي موضوعن تي لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ادبي، ديني، درسي، قومي، سماجي، سائنسي، طبي، ثقافتي، تاريخي، مزاحيه نثر جي ڪتابن کان سواءِ تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ سان لکيل مواد يا شاعريءَ جي صنفن جي باري ۾ نثر ۾ لکيل مضمون ۽ مقالا بي حساب آهن. جيڪڏهن صرف لطيفيات جي ڀاڱي کي ئي ڏسنداسين ته شاھ جي ڪلام ۽ سوانح تي ڪيترائي ڪتاب نثر جو حصو بنيا آهن. مذهبي ڪتابن ۾ قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما ۽ فضائل قرآن پاڪ جي باري ۾ ڪتاب، حديثن جا ڪتاب، سيرت نبي ۽ سيرت صحابه ۽ سيرت صحابيات، اسلام ۽ اسلام جي نظرين ۽ اسلام جي تاريخ جي باري ۾ ڪتاب، سنڌي نثر ۾ موجود آهن. مضمون ۽ ناول جون صنفون 19 صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿي هڪدم اهميت حاصل ڪري ويون. ناول به ڪجھ اخبارن ۽ رسالن ۾ قسطوار اچڻ لڳا ۽ اهڙيءَ طرح ويهين صديءَ جي اڌ تائين ته ناول جي صنف ڪافي ترقي ڪئي ۽ گڏوگڏ افسانو ۽ ناٽڪ به سنڌي ادب ۾ ڪاميابيءَ جا جوهر ماڻڻ لڳا. شروعات ترجمي سان هئڻ جي باوجود به هڪدم بهترين افسانا، ناٽڪ ۽ ناول طبعزاد پڻ لکجڻ لڳا، سنڌي افسانو ۽ ناٽڪ ورهاڱي کان پوءِ مقبول ٿيا باقي ناول ورهاڱي کان پوءِ گھٽ لکيو ويو. جنهن جو معيار سٺو هوندي به تعداد گھٽ آهي. هندستان ۾ وري به سنڌي ناول وڌيڪ لکيو ويو آهي. نثر جي صنفن ۾ افسانوي ادب کان سواءِ تاريخ، صحافت، ٻاراڻو ادب، سوانح عمري، آتم ڪهاڻي، ڊائري، خاڪا، تذڪرا، لوڪ ادب، سفرناما، تنقيدي ۽ تحقيقي ڪم اهميت جا حامل آهن.

نثر جي صنفن جا ليکڪ ۽ سندن لکتن جا موضوع:

سنڌي ادب جي نثر نويسن ۾ ڪيترا هندو ۽ مسلمان عالم و اديب آهن جن عوام کي نوَن نوَن علمن ۽ ادبي صنفن جي اڀياس سان منور ڪيو آهي. شروع دؤر جي ليکڪن ۾ ديوان ننديرام، منشي اڌارام، ديوان ڪوڙومل، ڪيولرام سلامت راءِ، ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ميران محمد شاھ، مرزا قليچ بيگ، شمس الدين بلبل، دين محمد وفائي، عثمان علي انصاري، عمر بن محمد دائود پوٽو، محمد صديق ميمڻ، محمد صديق مسافر، محمد عثمان ڏيپلائي، مرزا نادر بيگ، علي خان ابڙو، منگھارام ملڪاڻي ۽ ٻيا گھڻائي نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. ورهاڱي کان پوءِ به ڪافي عالم ۽ اديب نثر جي ميدان ۾ سرگرم عمل آهن. جيئن هندستان ۾ پوپٽي هيراننداڻي، جڳديش لڇاڻي، رام پنجواڻي، اُتم ۽ سندري اتم چنداڻي، گوبند مالهي، ڪلاپرڪاش، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪرشن کٽواڻي، موهن ڪلپنا، موتي لعل جوتواڻي، موتي پرڪاش، وشنو ڀاٽيا، جڳت آڏواڻي، هري موٽواڻي، گوبند پنجابي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ٻيا. سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ جن ليکڪن سنڌي نثر جي خدمت ڪئي انهن ۾ پير حسام الدين راشدي، جي.ايم سيد، محمد عثمان ڏيپلائي، علامه غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، نسيم کرل، غلام رباني آگرو، امر جليل، رشيد ڀٽي، آغا سليم، علي بابا، جمال رند، نجم عباسي، جمال ابڙو، علي محمد بروهي، شيخ حفيظ، غلام نبي مغل، طارق اشرف، ماڻڪ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نور افروز خواجه ۽ ٻين جا نالا شمار ڪري سگھجن ٿا.
جيڪڏهن موضوعن تي غور ڪبو ته سنڌي نثر ۾ سٺي تبديلي آئي آهي. شروعاتي دؤر ۾ بيشڪ وندر ۽ سکيا جا ڪتاب هئا پر پوءِ مختلف سياسي، قومي ۽ بين اقوامي حالتن جو ادب تي گھڻو اثر ٿيو. جيئن سر سيد احمد خان جي تحريڪ، مهاڀاري لڙائيون، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس تحريڪون، علم و ادب تي اثرانداز ٿيون. سماجي معاشي، اخلاقي ۽ مذهبي مسئلن سان گڏ آزاديءَ جو شعور اهميت رکندڙ هو. ورهاڱي کان پوءِ جون حالتون، ون يونٽ جو قائم ٿيڻ، ايوب خان جو ماشلائي دؤر، سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هلايل تحريڪون، 1988ع جا لساني فساد ۽ جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا ۽ ٻيون ملڪ جون حالتون سڌيون ادب تي اثرانداز ٿيون. ڪتابن ۽ اشاعتي ادارن تي پابنديون پيون. پنهنجي قوم ۽ صوبي جي حقن جي آواز بلند ڪرڻ تي اديبن، شاعرن ۽ سڄاڻن سان جيل ڀريا ويا. انهيءَ لحاظ کان مزاحمتي ادب ۽ قوميت جي تحريڪ زور پڪڙيو. اهي سڀ اهم موڙ هئا جيڪي ادب تي اثرانداز ٿي نثر ۽ نظم ۾ نروار ٿيا. جنهن جي ڪري موضوعن ۾ به گھڻي تبديلي آئي. سماجي ۽ معاشي مسئلن سان گڏ، سياسي قومي ۽ شعوري ادب تخليق ٿيو. جنهن ۾ اڳيان هلي جديديت، وجوديت، ترقي پسندي، رومانويت ۽ انسان پرستي ته هئي، پر حقيقت پسنديءَ (Realism) جو عروج پڻ شامل هو.

مضمون نويسيءَ جو تعارف

مضمون ڇا آھي؟
مضمون نويسيءَ جي اھميت بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ اھو ڄاڻڻ ضروري آھي ته مضمون ڇا آھي؟ ھڪ ليکڪ جي چوڻ مطابق:
“The Word Essay means an effort” لفظ Essay فرانسيسي زبان جو آھي. جنهن جي معنيٰ آھي ”ڪوشش ڪرڻ“ مضمون جي صنف کي عالمن ھن ريت واضح ڪيو آھي.
It is an effort, to express, the essayists intellectual, and emotional reaction to an idea.
عام طور مضمون ھڪ مناسب، ڊيگھ واري نثر جي تحرير آھي، جنهن ۾ ليکڪ ڪنهن به موضوع کي پنهنجي پسند ۽ مطالعي و مشاھدي سان بيان ڪندو آھي. جنهن ۾ موضوع بيشڪ تاريخي، سوانحي، سماجي، ادبي يا فلسفياڻو ھجي. پر مضمون نگار جي خيالن ۽ سوچن جو عڪس سندس تحرير ۾ چٽو ڏسبو آھي. سندس علمي ۽ ادبي قابليت سندس تحريرن مان بکندي آھي. حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ ”آفتاب ادب“ ۾ مضمون نويسيءَ لاءِ لکيو آهي ته، ”مضمون کي اردو ۾ انشا پردازي چوندا آھن. انشا پردازي مضمون نويسيءَ جي اھڙي قابليت ۽ لياقت کي چئبو آھي، جو صرف، نحو، فصاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل ھجي. مضمون جنهن به مطلب لاءِ لکيل ھجي، ان جو ھر پھلو نظر ۾ رکجي، لفظ اھڙا ته ڪم آندل ھجن، جي ڪنن کي سريلا ۽ رسيلا لڳن ۽ زبان تي تڪڙا ۽ ھلڪا ھجن. بد آواز ۽ ڳرا لفظ ڪم نه آڻجن مضمون ھڪ گلدستي گاھ پيو ڄاڻجي، ته لفظ ان جا رنگين گل مضمون ڄڻ جوھريءَ جو دوڪان ھجي، ته لفظ ان جا جواھر ۽ ھيرا، مضمون آسمان ھجي، ته لفظ ان جا چمڪندڙ تارا، مضمون جيتريقدر رنگين ھجي، اوتريقدر شيرين، ٻولي بازاري نه ھجي بلڪ ادبي“ (آفتاب ادب صفحه 117 ۽ 119).
ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀني ٻولين جي علم ادب جي خزاني ۾ مضمون جي صنف جي تمام گھڻي اھميت رھي آھي ۽ خاص طور ٻوليءَ ۽ لغت جي استعمال ۽ موضوع جي چٽائيءَ کي مضمون نويسي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. ھڪ پرڏيھي ليکڪ مضمون کي ھن ريت سمجھايو آھي.
The Essay fills. so large place in modern literature and is so attractive a form of composition that attention must necessarily be given to it in any course of literary study.
مضمون جي صنف سکي ھوندي به ڏکي آھي، مضمون فقط ذاتيءَ راءِ جو اظھار نه آھي، ليکڪ جو فڪر ڪلام، مشاھدو، بياني قوت جو ڍنگ مضمون کي ھڪ ادبي حيثيت عطا ڪندا آھن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مطابق ”مضمون ھڪ اھڙي ليک کي چئجي ٿو. جنهن ۾ ليکڪ نثر ۾ پنهنجي خيالن جو اظھار ڪري ۽ خيال ھڪ ئي موضوع سان لاڳاپيل ھجن“، معنيٰ ته مضمون نويسيءَ جو تعلق سڌو سنئون نثر سان آھي ۽ مضمون نگار لاءِ نثر نويسيءَ جي اصولن جي ڄاڻ ضروري آھي ۽ گڏوگڏ سندس مطالعو ۽ مشاھدو به وسيع ھئڻ گھرجي ته جيئن سندس موضوع جي گرفت مضبوط ھجي سنڌي نثر جي باري ۾ اوائلي ڪتاب جن جو پڙهڻ سنڌي نثر جي بنيادي ڄاڻ ڏئي ٿو. انهن ۾ ”ھدايت الانشاءَ“ ھڪ مشھور ڪتاب آھي.
”ھدايت الانشاءَ“ ڪتاب ۾ حاجي ھدايت لله مشتاق (مٽياريءَ وارو) سنڌي نثر کي واضح ڪندي لکي ٿو ته: ”سڀ ڪنهن فن جي عبارت جو شان جدا آھي. جيستائين ان جا اصطلاح ۽ متعلق نه ڄاڻبا، تيسين تائين موچاري ڳالھ چئي نه سگھبي، اگرچ نثر جمال جي منهن کان سون وانگر آھي ۽ نظم حسن ۾ گوھر. سون ۽ گوھر ڌار به زينت ڪن ٿا. جڏھن پاڻ ۾ گڏبا ته ڪھڙو نه جنسار ڪندا“؟ (صه، 6). ھدايت الانشا ڪتاب نثر نويسيءَ ۽ خاص خطوط نويسيءَ جي موضوع تي لکيل آھي. جيڪو 1312ھجريءَ ۾ لکيو ويو. ھيءَ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ جلد ئي ناياب ٿي ويو. پنجن بابن ۽ چار سئو ٽيتاليھ صفحن جو ھي انشا پردازيءَ جي جواھرن جو چونڊيل ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ جي شعرن سان سجايل آھي. 1956ع ۾ غلام محمد شاھواڻي ۽ سيد باز محمد شاھ جي مدد سان سنڌي ادبي بورڊ ھن ڪتاب کي ٻيھر ڇپايو.

مضمون نويسيءَ جي ارتقا ۽ دنيا جي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات:

مضمون نويسيءَ جي صنف فرانس کان شروع ٿي، دنياوي ادب جو پھريون مضمون فرانسيسي اديب مانيٽن لکيو. لارڊ فرانسز بيڪن (1561-1626ع) بهترين فلسفيانه مضمون 1577ع کان 1621ع تائين لکيا، جيڪي ”بيڪنز ايسيز“ جي نالي سان مشھور ٿيا. اھو ڪتاب لارڊ بيڪن جي حياتيءَ ۾ به بار بار ڇپيو ۽ جنهن جي ڪري کيس ”انگريزي افلاطون“ ڪري سڏيو ويو اصل ڪتاب انگريزيءَ ۾ آھي ۽ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آھي. ھي ڪتاب مضمون نويسيءَ جي دنيا ۾ ھڪ انقلاب ثابت ٿيو. سنڌيءَ ۾ انھيءَ جو ترجمو مرزا قليچ بيگ ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ڪيو. جيڪو سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ به پھريون مضمونن جو مجموعو آھي. انگريزي ادب ۾ ڊرائيڊن، ايڊيسن، جانسن، گولڊ سمٿ ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور مضمون نگار ٿي گذريا آھن ۽ ڪافي جڳ مشھور مضمون ۽ مضمونن جا مجموعا دنيا جي ادب ۾ عام ٿيا. جيئن ڪارلائل جو ‘Past & Present’ رسڪن جو ‘Wild, Olive’ ليمب جو ‘Essay of Elia’ ۽ ميٿيو آرنلڊ جو ‘Culture and Anarchy’ ۽ ٻين ڪيترن مشھور مضمونن کي سنڌي عالمن ۽ اديبن مطالعو ڪيو ته کين سنڌي ادب ۾ ترجمي سان گڏ طبعزاد مضمون لکڻ جو خيال ٿيو. جنهن ۾ اردو ادب جي مضمون نويسي جو به اثر آھي. اردو ادب ۾ به مضمون جي شروعات تقريبا 19 صديءَ جي اڌ ۾ ٿي سر سيد احمد خان (1817-1889ع) جا مضمون اردوءَ ۾ اوائلي مضمون شمار ڪيا وڃن ٿا. سندن ”تهذيب اخلاق“ اردو انشا پردازيءَ ۾ پيڙھ جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. محمد حسين آزاد جو ”نيرنگ خيال“ ۾ مختلف ۽ منفرد طرز تحرير جا مضمون ملن ٿا. انهيءَ کان علاوه شروع دؤر ۾ عبدالحليم شر ۽ ڊاڪٽر وزير آغا جا مضمون انگريزي ادب جي گولڊ سمٿ ۽ ايڊيسن وانگر لکيل آھن.
اردوءَ جي جن مضمون نگارن جو سنڌي ادب تي اثر ٿيو تن جا نالا ھي آھن: علامه سيد سليمان ندوي، خواجه حسن نظامي، ڊپٽي نذير احمد، منشي پريم چند، مولوي عبدالحق، (باباءِ اردو) مرزا فرحت لله بيگ ۽ ڪجھ ٻيا اچي وڃن ٿا. انگريزي ۽ اردو کان سواءِ دنيا جي ٻين ٻولين جي مضمون نويسيءَ جو فن پڻ سنڌي ادب تي اثر انداز ٿيو. جيئن عربي فارسي، بنگالي، ھندي وغيره ننڍي کنڊ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مذھبي ڇڪتاڻ جي حالتن موضوع جي لحاظ کان سنڌي مضمون نويسيءَ تي پنهنجا اثر ڇڏيا، شروع دؤر جي اخلاقي ۽ نصيحتي مضمونن کان پوءِ ڪيترن ئي موضوعن جا مضمون لکيا ويا.

سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر ۽ سنڌي صحافت جو ساٿ:

انگريزن جي دؤر ۾ جيئن ئي سنڌي ادب ڇپيل صورت ۾ آيو ته مضمون جي صنف کي صحافت جي ساٿ سان گھڻي ترقي ملي. انگريز عملدارن، سنڌي ۽ ھندو اديبن۽ عالمن جي گڏيل ڪوششن سان ڪيترائي علمي ۽ ادبي فن پارا نه فقط ترجمو ٿيا بلڪ تخليق پڻ ٿيا. اھم ڪتابن جي ترجمن تي انعام پڻ آڇيا ويا. حڪومتي سرپرستيءَ جي ڪري ليکڪن کي لکڻ جو اُتساھ مليو. شروعاتي دؤر جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ”معين السلام“ 1880ع، ”سنڌ سڌار“ 1866ع، ”پرڀات“ 1896ع، ”جوت“ 1896ع ۽ ”سرسوتي“ 1890ع ”اخبار تعليم“ 1902ع، ”ڀارت واسي“ 1905ع، ”روح رھاڻ“ 1921ع، ”ھيت الامين“ 1918ع، ”الوحيد“ 1920ع ۽ ”توحيد“ 1923ع، ”الجامع“ 1923ع، ”بهار اخلاق“ ۽ ”مسلمان“ رسالن ۽ اخبارن سنڌي مضمون نويسيءَ کي اثرائتي نموني سان مٿي آندو. انهن اخبارن جا ايڊيٽر ۽ منتظم به ليکڪ ھئا تن ڪيترن ئي مضمونن کي مجموعن جي شڪل ۾ پڻ آندو جيئن سرسوتيءَ جا مضمون ”ھيري جون ڪڻيون“ ۽ جوت اخبار جا مضمون ”گل ڦل“ (ٻه حصا) ۾ شايع ٿيا. انهي کان سواءِ تحفئه احباب، مسافر، معاون، آفتاب، نورالسلام، توحيد، الڪاشف، مسلمان اخبارن کانسواءِ بولچند راجپال جي ”سنڌو“ مخزن به مضمونن ۽ مقالن کي گھڻي ترقي ڏياري. ڊي جي ڪاليج جي ”مسلني“ مخزن جا ليکڪ چيتن ماڙيوالا، ڀمڀاڻي ۽ رام پنجواڻي ھئا ته ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندڙ اھم ليکڪ ساڌو ھيرانند، پرمانند ميوارام، نارائڻ داس ملڪاڻي، ڪشچند عزيز، لالچند امر ڏنو مل، منوتولارام، ڄيٺمل پرسرام، منگھا رام ملڪاڻي، ديوان ڏيارام، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مرزا قليچ بيگ، عثمان علي انصاري، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، محمد ھاشم مخلص، عثمان ڏيپلائي، مولوي دين محمد وفائي، شمس الدين بلبل، حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، علي خان ابڙو، شيخ عبدلله ”عبد“ ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو، پير علي محمد راشدي، محمد صديق ”مسافر“، مير محمد نظاماڻي، مرزا صادق علي بيگ، الھبچايو يار محمد سمون، عطا حسين شاھ موسوي ۽ ڪيترن جا نالا اچي وڃن ٿا. شروع دؤر ۾ جيڪي مضمونن جا مجموعا ڇپيا انهن ۾ ”گل ڦل“، ”ادبي ائينو“، ”ادبي غنچو“، ”ڳوٺاڻي چھر“، ”سدا گلاب“، ”ادبي گلشن“ (ٽي ڀاڱا)، ”ورق“، ”درس عمل“، ”ادبي انتخاب“، چڻنگون“، ”ڦلن مٺ“، ”ويچار“، اناردانه“، ”چونڊ سنڌي نثر، نظم“ ۽ ”ڪچ ڪوڏيون“، شامل آھن.

ورھاڱي کان پوءِ مضمون نويسيءَ جي ترقي:

ورھاڱي کان پوءِ ھن نثري صنف ترقيءَ جون منزلون ماڻيون. ڪافي موضوعن تي لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنيا، پر ڇپيل مجموعن جو تعداد البت گھٽ رھيو، اھي جيڪڏھن ڪتابي صورت ۾ آندا وڃن ته نه فقط ھن ادبي صنف جو بهترين مواد ڪٺو ٿي وڃي پر شاگردن ۽ محققن کي تحقيقي ڪم ۾ به سٺي مدد ملي. ورھاڱي کان پوءِ مضمونن جي موضوعن ۾ گھڻي وسعت آئي تعليمي سوانحي، تاريخي، مذھبي ۽ معلوماتي مضمونن کان سواءِ، سياست، سير ۽ سياحت ۽ سائنس جھڙن موضوعن تي به سنڌيءَ ۾ مضمون لکيا ويا ۽ ٻيا به ڪيترائي متفرقه عنوان موضوع هيٺ رھيا آھن. ورھاڱي کان پوءِ جن اخبارن ۽ رسالن سنڌي مضمونن ۽ مقالن کي ترقي ڏياري انهن ۾ عبرت. ھلال پاڪستان ڪراچي، سنڌ نيوز، آفتاب، مھراڻ، ڪاوش، صداقت، پيغام، عبرت مئگزين، پارس، ڪينجھر، آرسي، نئون نياپو، سنڌ سجاڳ، سھڻي، سوجھرو، اديون، سگھڙين سٿ، سنڌي ادب ۽ خاص طور نئين زندگي، ٽه ماھي مھراڻ ۽ ٻيا ڪجھ تحقيقي مخزن اچي وڃن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ڪافي مضمونن ۽ مقالن جي ڪتابن جو جائزو ڏنو ويو آھي، پر ڪجھ ڪتابن جو جائزو ڊيگھ سبب نه اچي سگھيو آھي، جيڪي به مضمون جي صنف ۾ اھم ڪتاب آھن، جيئن ”ڪچ ڪوڏيون“، عطا حسين شاھ موسوي، ”ڪک ھيٺان لک، ڪريم ڏنو راڄپر، ”رند ۽ پنڌ“، پير علي محمد شاھ راشدي، ”نقش عمل“ محمد اسماعيل عرساڻي، ”مضامين خليل“ ابراھيم خليل، ”مقالات قاسمي“ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڪجھ ٻيا ڪتاب آھن. سنڌي ادب جي مقالاتي ادب ۾ اعليٰ علمي معيار جون تحقيقي ٿيسز ۽ ايم اي فائنل جا لکيل مونوگراف آھن. جن سنڌي نثر جي تحقيقي ميدان کي سيراب ڪيو ۽ گڏوگڏ مضمون نويسيءَ کي ھٿي ڏياري انهن ۾ لطف لله بدوي، مولائي شيدائي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، داڪٽر دائود پوٽو، احسان بدوي، غلام محمد گرامي، محمد اسماعيل عرساڻي، غلام محمد شاھواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد ابراھيم جويو، ڊاڪٽر اياز قادري، عطا حسين شاھ موسوي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر حبيب لله مرزا، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل، ڪريم ڏنو راڄپر، محمد بخش مجنون، سائين جي. ايم. سيد، حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر ھدايت پريم، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، بدر ابڙو۽ ٻيا ليکڪ ڳڻائي سگھجن ٿا.
عورت ليکڪائن ۾ جن شخصيتن سنڌي مضمون ۽ مقالا نويسيءَ جو مان مٿانهون ڪيو. انهن ۾ خانم خديجه دائود پوٽو، ڊاڪٽر شمس عباسي، پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر درشھوار سيد، ڊاڪٽر ثريا سوز، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر فھميده حسين، حسن بانو سومرو، فيروزه سمون، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر ام ڪلثوم، ڊاڪٽر پروين موسى ۽ ٻيا نالا اچي وڃن ٿا. سنڌي صحافت، مضمون ۽ مقالن کي اخبارن ۽ رسالن وسيلي وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي مقالا ۽ مضمون صحافتي ساٿ سان سنڌي ادب جو حصو بنيا آھن.

مقالو ڇا آھي؟:

تحقيقي انداز ۽ فني ڇنڊڇاڻ سان، نثر ۾ لکيل ليک، کي مقالو چئبو آھي. جيئن عام طور تي مضمون ليکڪ جو، ڪنهن به خارجي موضوع تي، راءِ جو اظهار آھي، ته مقالو پنهنجي موضوع جو اصولي ۽ عملي تجزيو آھي. جنهن ۾ فني ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک سان گڏوگڏ تحقيق ۽ تنقيد جو حق ادا ٿيندو آھي. اھا تنقيد بي رياءُ، علمي، مستند ۽ اعليٰ ھئڻ سان تحقيقي معيار اوچو ٿيندو آھي. مقالي جي ٻولي گھڻي پُرتڪلف ھئڻ سان مقالو خشڪ ۽ دقيق ٿي ويندو. مقالي جو اھم مقصد تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ ھوندو آھي. جنهن ۾ مضبوط دليلن سان موقف جي چٽائي اھميت رکي ٿي.

مضمون ۽ مقالي ۾ فرق:

مضمون ۽ مقالي ۾ بنيادي طور ڪافي فرق آھي مقالي ۾ منطقي طور دليلن ۽ سائينٽيفڪ طريقي سان موضوع کي ثابت ڪري پيش ڪبو آھي، جن ڪتابن جا حوالا ورتا ويندا آھن، انهنجي حاشيه آرائي ڪئي ويندي آھي، يا ڪتاب جي آخر ۾ يا فٽ نوٽ ۾ اھي حوالا يا ريفرنسز ڄاڻايا ويندا آھن. مقالو ڌيان ۽ چڪاس سان ڪيل اھا تحقيق آھي، جنهن مان معيار جي بلنديءَ سان گڏ محقق جي علمي قابليت پڻ ظاهر ٿيندي آھي. انهيءَ جي برعڪس مضمون ۾ ليکڪ جو شخصي عڪس واضح ڏسڻ ۾ ايندو آھي ۽ مضمون، مضمون نگار جي ذاتي خيال ھئڻ سبب سندس ڄاڻ ۽ مشاھدي جي قوت تي منحصر ھجي ٿو. انگريزي ليکڪ مانٽين پنهنجين مضمونن جي تحريرن کي سندس پنهنجي چترڪاري سڏيو آھي ”اھڙيءَ ريت منگھارام ملڪاڻي صاحب جن به ساڳين ئي لفظن ۾ مضمون جي صنف کي بيان ڪيو آھي. لکن ٿا ته”ناٽڪ ۽ ناول زندگيءَ جو آئينو آھن، شعر ۽ مضمون شخصيت جو آئينو آھن، جيئن ناول يا ناٽڪ ادب جون غير شخصي ۽ خار جي (Objective) شاخون آھن تيئن نظم ۽ مضمون شخصي يا داخلي (Subjective) شاخون آھن. (صه، 183).
مضمون جي موضوعن جي لحاظ کان ڏسبو ته منجھس تمام گھڻي وسعت آھي. باقي طوالت کان جيڪڏھن جانچبو ته وڌ ۾ وڌ ويھ ياٽيھ صفحا ڊيگھ ھئڻ گھرجي، شروع دؤر جو ديوان ڪوڙيمل جو ”پڪو پھ“ (جيڪو زناني تعليم جي فائدي جي باري ۾ ھو) ھڪ ڊگھو مضمون شمار ٿئي ٿو. مضمون ۾ سنجيدگيءَ ھئڻ ضروري نه آھي، ليکڪ جو پنهنجي سرسري راءِ آسان نموني سان ڏيئي، مقصد سمجھائڻ اثرائتو طريقو آھي، مضمون ۾ طنز ۽ مزاح پڻ اچي سگھي ٿو. مضمون جو بياني طريقو فڪر ۽ موضوع سان مطابقت ئي اھم نقطا آھن، جڏھن ته مقالي ۾ علمي ۽ ادبي بحث، ٺوس ۽ دقيق ڳوڙھا نقطا ۽ جامع معلومات اھميت رکن ٿا. مضمون نويسيءَ ۾ ٻوليءَ جي شيريني، رواني، رنگيني، پختگي ۽ عام فھم ھئڻ ضروري آھي. مضمون نگار جي سمجھ مضمون جي موضوع جي وضاحت ۽ Presentation ئي مضمون جي علمي ۽ ادبي اھميت کي ڄاڻائين ٿا. مقالو يعني (Research Article) وزنائتن دليلن سان تحقيق جو ڀنڊار آھي ته مضمون شخصي راءِ جو سرسري اظھار آھي.
مقالي ۽ مضمون جي فرق کي بيان ڪندي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته، ”ادب ۾ تخصيص ٿيڻ کان پوءِ مضمون، تحقيقي مقالي کان ھن ريت ڌار ليکيو ويو، جو ھن ۾ تحقيقي ۽ علمي انداز اختيار ڪرڻ بدران فقط عام دلچسپيءَ جا، موضوع آندا ويا، مثال طور علم حيوانات جو ماھر ”ڪونج“ بابت ڪو ليک لکي ٿو ۽ ان ۾ پکيءَ جي خاندان بابت مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيئي، ان بابت معلومات گڏ ڪري، ته اھو ليک تحقيقي مقالو ليکيوويندو، ان جي برعڪس، ڪونج تي ادبي انداز مان لکي ته اھو مضمون شمار ٿيندو“ .
ڪڏهن ڪڏهن مقالي ۾ آيل معلومات دليلن مطابق ته ھوندي آھي، پر مددي ڪتابن جو باقاعدي تفصيل نه ھوندو آھي، تنهن ھوندي به اھو ليک پنهنجي ڪارائتي معلومات ۽ علمي انداز سبب مقالاتي ادب جو حصو شمار ٿيندو آھي.

مضمون ۽ مقالي جي علمي ۽ ادبي اھميت:

دنيا جي ادب ۾ به مضمون ۽ مقالي جي صنف کي ھميشه اھميت رھي آھي، سنڌي علم ۽ ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ شروعاتي وقت کان مضمون نويسيءَ کي خاص مقام حاصل رھيو آھي. ورھاڱي کان اڳ به مضمونن جا مجموعا ڇپيا ته ڪيترائي مضمون، اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنيا ۽ ڪجھ مقالا پڻ لکيا ويا.
مضمون يا مقالي لاءِ جديد تحقيق مطابق ضروري آھي ته ترتيب مطابق ان کي ٽن حصن ۾ ورھائي لکيو وڃي، جنهن ۾ پھرين موضوع جو تعارف ٻئي حصي ۾ موضوع کي مثالن سان سمجھائڻ، ته ٽئي حصي ۾ سڄيءَ ڄاڻ جو نچوڙ پيش ڪيو وڃي. جيڪي به ليک سوچيل سمجھيل رٿا مطابق لکجن ٿا. اھي ڪارائتا ليکيا ويندا آھن. جڏھن سنڌي ادب کي تحقيقي انداز سان پرکڻ شروع ڪيو ويو تڏھن تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ادب جو حصو بنيا. 1875ع ۾ ”ميزان الشعر“ سيد فاضل شاھ لکيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تجزياتي انداز سان شاھ جي ڪلام تي تنقيدي نظر وجھي، ”مقدمهءِ لطيفي“ جھڙو اھم مقدمو لکيو، جنهن جي جواب ۾ محمد بخش واصف تنقيدي انداز سان ”شرح لطيفي“ لکيو. انهيءَ کان سواءِ ڪاڪي ڀيرومل جو ”لطيفي سير“ لالچند جو ”سونهارو سچل“، ”شاھاڻو شاھ“ مرزا قليچ بيگ جو ”علم و ادب“، ”احوال شاھ عبداللطيف“، ”انشاءَ سنڌي“، سانگيءَ جو ”لطائف لطيفي“ لطف لله بدويءَ جو ”تذڪره لطيفي“ (ھن ۾ شاعري جي فن ۽ شاعراڻي قوتن جي بيان سان گڏ مختلف شاعرن جي سوانح ۽ شاعريءَ جو احوال آھي) دين محمد وفائي، جو ”لطف الطيف“ علامه آءِ آءِ قاضي جو ”شاھ لطيف ۽ ان جو فن“ انهيءَ کان سواءِ ”تنقيد نگاري“ احسان بدوي، ”شاھ سچل سامي“ محمد ابراھيم جويو ” ڪنزالطيف“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”ادبي تنقيد جا اصول“، مراد علي مرزا ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، ”علم السان ۽ سنڌي زبان“، پروفيسر علي نواز جتوئي، ”لساني جاگرافي“، ”سنڌي ٻولي جو بڻ بنياد“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”اترادي ٻولي“، ڊاڪٽر ھدايت پريم، ”ادب ۽ تنقيد“ شيخ محمد ابراھيم خليل ”بيت، سٽا ۽ اوسر“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ”ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ“، ڊاڪٽر فھميده حسين ”سنڌي ڊراما جي ارتقائي تاريخ“، مير محمد نظاماڻي ۽ ٻيا انيڪ تحقيقي ڪتاب سنڌي نثر ۾ لکيا ويا آھن. ڪيتريون ئي ٿيسز ۽ مونو گراف يونيورسٽين جي سنڌي شعبن جي طرفان منظور ٿي ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ ”سنڌي ناٽڪ جي تاريخ“ ڊاڪٽر محمد يوسف، ”سنڌي غزل جي اوسر“ ڊاڪٽر اياز قادري ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“، ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگھيو ”خيرپور جي ميرن جو علم و ادب ۾ حصو“ ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”سنڌي مرثيه نويسي“ غلام رسول بلوچ، ”سنڌي گيت“، ”تاج جويو“، افسانه نويسيءَ جي اوسر“ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ ٻيا تحقيقي ڪتاب شامل آھي. انهيءَ کان سواءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخن ۾ ڪاڪي ڀيرومل، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، منگھارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، داڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، اڪبر لغاري، سيد مظهر جميل، ڊاڪٽر پروين موسى، مختيار ملاح جا ڪتاب آھن. ھيءَ سڀ ادب ۽ ٻوليءَ جون تاريخون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي موضوعن سان گڏ شاعرن ۽ نثر نويسن جي سوانح ۽ خدمتن تي روشني وجھندڙ آهن جي پڻ مقالاتي ادب جو حصو آھن.

مضمون ۽ مقالي جي ترقي:

مضمون نويسي ۽ مقالي جي صنف درجي بدرجي ترقيءَ ڏي وڌندڙ آھي، سنڌيءَ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مضمون مختلف موضوعن تي لکيا ويا آھن. جن ۾ تعليمي، سوانحي، تاريخي مذھبي، معلوماتي مضمونن سميت قوميت، سياست، سير ۽ سياحت، ادب ۽ ٻيا گھڻا متفرقه عنوان آھن. اھڙي ريت ثقافتي مضمون ثقافت جو، سياسي مضمون سياست جو، تاريخي مضمون تاريخ جو، ادبي مضمون ادب جو، ھڪ اڻ ٽٽ حصو بنيا آھن، وقت جي وڇوٽيءَ سان اھي سڀ ليک خوبخود تاريخ جو ھڪ باب ٿي ويندا آھن. جيئن مثال طور غلام محمد گراميءَ جو مشھور مقالو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ ان جا رجحانات“ شمشير الحيدريءَ جو ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ ۽ ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“، تنوير عباسيءَ جو مقالو ”جديد سنڌي شاعري“، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ”سنڌي ۽ ھندي شاعريءَ جو لاڳاپو“، ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ”سنڌي شاعر ۽ سندس شعر“. عبدالجبار جوڻيجو جن جا ”سنڌ ۾ ھندي شاعري“، ”شاھ جي رسالي ۾ آيل ڌارئين ڪلام جي تحقيق“، ”ڪبت نثر آھي يا نظم“ غلام علي الانا جو ”سومرن جي دؤر ۾ سنڌي شاعري“ پيرزادي انور جو ”ڀٽائيءَ جي ترقي پسندي“، علي نواز جتوئي جو ”ڀٽ ڌڻي جو ڀيد ڀاري“ ۽ ٻيا انيڪ مقالا شاعري جي تاريخ ۾ اھم جڳھ والارين ٿا ۽ شاعريءَ جي تاريخ جو ھڪ ناياب حصو آھن. مقالي جي صنف کي ترقي ڏيارڻ ۽ تحقيق جي معيار کي اهميت جوڳو ڪرڻ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن جو تعاون پڻ خاص حيثيت رکي ٿو. جن ۾ M. A فائنل ۾ مونوگراف جي اختيار کان سواءِ پي.ايڇ.ڊي جون تحقيقي ٿيسز آهن. تحقيقي جرنل جيئن، ”نئين زندگي“، ”ٽه ماھي مھراڻ“ ۽ ”ڪينجھر“، ”سنڌي ادب“، ”ڪلاچي“ ۽ ٻين ۾ تحقيقي ليک ڇپبا رھندا آھن.
مضمون ۽ مقالي جي ترقيءَ ۾ مختلف ڪانفرنسون ۽ ادبي سئمينار اھميت رکن ٿا. 1975ع ۽ 1988ع جون ۽ ان کان پوءِ جون قومي ۽ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنسون ۽ مختلف گڏجاڻين ۽ علمي ۽ ادبي محفلن ۾ پڙھيل مضمون ۽ مقالا اهم آهن. ھندوستان ۾ پڻ تحقيق تي ڪم ٿيو آھي. جنهن ۾ خاص طور لطيفيات، لسانيات ۽ لوڪ ادب جو ڪم ذڪر جوڳو آھي. انهن محققن ۾ ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ھري موٽواڻي، وشنو ڀاٽيا، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر سنتنداس جھانگياڻي، ڊاڪٽر پرس جيسارام گدواڻي، ڊاڪٽر موھن لال شرما، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، سنڌيا رڪنچنداڻي ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.
موجوده دؤر ۾ سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي تحقيقي مقالا لکيا وڃن ٿا. جن مان ڪجھ مجموعن جو ھن ڪتاب ۾ جائزو ڏنو ويو آھي. مضمون جي صنف بظاھر سکي آھي، پر مشڪل پڻ آھي، مضمون ھڪ صفحي جو ھجي يا ويھن يا ٽيھن صفحن جو پر منجھس لکيل مواد ئي فنڪار جي فنڪاراڻي حيثيت ظاھر ڪري ٿو، مضمون نويسيءَ جي اصولن تي دنيا جي ادب ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا آھن، جن ۾ مضمون جي لکڻ جي طريقي، قسمن، اهميت ۽ ٻين ڪيترن رخن کي بيان ڪيو ويو آھي، مضمونن جي قسمن ۾ شخصي، بياني، تنقيدي، ادارتي، اخلاقي، اصلاحي، سائنسي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي مضمون ھوندا آھن.
سنڌي ادب ۾ مٿين سڀني موضوعن تي مضمون لکيا ويا آھن، شخصي يعني سوانح نگاريءَ تي گھڻا مضمونن جا مجموعا آھن. ورھاڱي کان اڳ ئي سوانحي مضمونن Biographical Essays جو رواج شروع ٿي ويو ھو. خاڪا نگاريءَ تي به ڪجھ ڪتاب لکيا ويا آھن. مضمونن ۽ مقالن جي ترقيءَ ۾ سھڻا ۽ موزون موضوع به اھم آھن، جيئن ته ادب ھلندڙ وقت جي ڌارا سان گڏ ھلندو آھي انهيءَ لحاظ کان سنڌي ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ جيڪڏھن مضمون جي صنف کي شروع کان آخر تائين ڏسبو ته موضوعن ۾ سٺي تبديلي نظر ايندي، شروع دؤر جي مضمونن ۾ ڏند ڪٿائون، آکاڻيون، ٽوٽڪا ۽ عام ننڍيون ننڍيون حڪايتون به شامل ھيون پر وقت جي وڇوٽيءَ سان ۽ پرڏيهي ادب جي اڀياس سان سنڌي مضمون نويسي به ترقيءَ ڏي مائل ٿي. مضمون جي ٽيڪنڪ ۾ سڌارا آيا آھن ته موضوعن ۾ به وڏي تبديلي آئي آھي. انهيءَ تي ڊاڪٽر نواز علي شوق ”ھٻڪار“ ۾ لکيو آهي ته، ”مضمون ٽيڪنڪ ۽ مواد جي لحاظ کان تمام وسيع ۽ ھمه گير آھي، جنهن ۾ مختلف احساسات ۽ نطريات کنڊريا پيا ھوندا آھن. ان ۾ ڪيترائي معنيٰ ۽ مقصد جا ماڻڪ لڪل ھوندا آھن. (صه، 14). جيئن ته ليکڪ جا احساس ۽ نظريا مضمون تي حاوي هجن ٿا ته گڏوگڏ زمان ۽ ماحول جي تبديلي به ليکڪن جي نظرين تي اثر ڪري ٿي اهڙيءَ ريت موضوعن ۾ به وسعت ايندي آھي. مضمون ادبي طور ھڪ خاص حيثيت رکندڙ صنف آھي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اھا اھميت ڄاڻائيندي چوي ٿو ته: ”مضمون نويسي نثري ادب ۾ ھڪ اھم صنف آھي، اھميت جي لحاظ کان مضمون (Essay) افساني (Short Story)، مقالي (Research Article) يا ڪنهن به نثري صنف کان گھٽ ناھي پر اڪثر ٻولين ۾ مضمونن جو ذخيرو گھٽ آھي. سنڌي زبان ۾ تحقيقي مقالا گھڻا لکيا ويا آھن ۽ مضمون گھٽ، تڏھن به جيڪي صاحبِ طرز مضمون نگار آھن، سي نشانبر آھن“. سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ بيشڪ ڪجھ تبديلي آئي آھي ۽ ورھاڱي کان پوءِ مقالو وڌيڪ لکجڻ ۾ آيو آھي، پر ھروڀرو ايئن به ڪونهي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪڏھن لکيل مضمونن کي گڏ ڪري ڇپايو وڃي ته ھوند گھڻائي ڪتاب تيار ٿي وڃن، پر ھن وقت مضمونن جي ڇپيل مجموعن جو ڳاڻيٽو مقالي جي صنف جي نسبتا البت گھٽ آھي. اسانوٽ مضمونن ۾ ٻوليءَ تي به ھميشه کان توجه رھي آھي. شروع دؤر جي ھندو ۽ مسلمان اديبن به سنڌيءَ ۾ عربي فارسي، ھندي ۽ سنسڪرت جا غير ضروري لفظ استعمال نه ڪيا آھن فقط اھي لفظ استعمال ٿيل آھن، جيڪي انهيءَ وقت هلندڙ ھئا. (سواءِ چند ليکڪن جي) ھلندڙ دؤر ۾ مضمونن ۾ اردو ۽ انگريزيءَ جو استعمال ڪجھ حد تائين آھي پر جيڪڏھن انهن جا متبادل سنڌي لفظ گڏوگڏ ڏنا وڃن ته اھو ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به ضروري آھي ۽ گڏوگڏ ھر طبقي جي پڙهندڙ لاءِ پڻ مفيد آھي. اوائلي مضمون نگارن ۾ شمس الدين بلبل اھو نثر نويس ھو، جنهن فارسي لفظن کان سنڌي نثر کي ازاد ڪرائڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو ۽ سليس سنڌي نثر سان مضمونن جي صنف کي ڪامياب ڪيو، سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جي مسئلن جي عڪاسي ھئي ”آفتاب“ سکر ”الحق“ سکر ۽ ”معاون“ ڪراچي سندس مشھور اخبارون ھيون. بلبل جا فلسفياڻا مضمون سنڌ ۾ گھڻا مقبول ٿيا. دين محمد وفائيءَ جي اخبار ”الوحيد“ محمد ھاشم مخلص جي ”مسلمان“ حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جو رسالو (الجامع) ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جي ”عبرت“ ڪيترائي مضمون سنڌي نثر جي جھوليءَ ۾ وڌا. ھي مضمون، مضمون نويسيءَ جي ميدان ۾ پيڙھ جي پٿر جي حيثيت رکن ٿا. جن جا موضوع گھڻي قدر سياسي، مذھبي، قومي ۽ اخلاقي آھن. محمد عثمان ڏيپلائي 500 کان وڌيڪ مضمون لکيا جن ۾ خاص طور انهيءَ وقت جي ڇپيل ڪتابن جي تنقيدي ۽ تعريفي جائزي تي مشتمل مضمون پڻ آھن. جيئن ”جھان آرا“، ”آفتاب ادب“، ”بلو کوکر“، ”گل ڦل“، ”راسيلاس“، ”سنڌ جو سفر“، ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“، ”سون ورنيون دليون“، ”شرم ٻوٽي“، ”ھدايت الانشاء“، ”خورشيد“، ”عشق نه آھي راند“ آھن. ھتي مختصرا ڪجھ مشھور مضمونن، مقالن ۽ انهن جي مجموعن جو ذڪر ڪجي ٿي. شروع دؤر جي مضمونن ۾ ”پڪو پھ“، ”سانوڻي“، ”سنڌ ۽ ھند جا ھنر“، ”ٿر جو سئر“، ”سارنگ سانوڻ لايا“، ”سامي ۽ دلپت“، ”ڪامل رھنما“، ”سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ بابت ويچار“، ”سنڌي ٻوليءَ جي عربي آئيوٽا“، ”سفر يا سير ڪرڻ“، ”مياڻي جي جنگ“، ”سنڌي نثر جي اوسر“، ”سنڌي ساھت جي اڄوڪي حالت“، ”حڪومت جي ڪماليت ۽ زواليت“، ”گنجي ٽڪر جو سير“، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ”علم ادب ۽ زبان“، ”شاعر جي ضرورت“ ۽ ٻيا انيڪ مضمون ۽ لکيا ويا. اوائلي مضمونن جي ڪتابن ۾ مشھور مضمونن کي ترتيب ڪري ھڪ ئي ڪتاب ۾ ڇپائڻ جو رواج عام ٿيو، پوءِ ڪجھ مضمونن جا مجموعا ھڪ ئي ليکڪ جا لکيل به شايع ٿيا. مضمونن جا ڪي ڪتاب هن ريت آهن.
مقالات الحڪمت (ترجمو ٿيل مضمونن جو مجموعو) 1877ع ۾ شايع ٿيو. پھريون سنڌي طبعزاد مضمونن جو مجموعو (جنهن ۾ جوت، سرسوتي، اخبار تعليم ۽ پرڀات جا مضمون شامل ھئا). ”چونڊ سنڌي نظم و نثر“ جي عنوان سان 1907ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ گلدستو 1922ع، گلزار نثر 1929ع. (ھي مجموعوڪاڪي ڀيرومل ترتيب ڏنو ھو. جنھن ۾ چاليھ مضمون، مقالا مذھبي، اخلاقي، تعليمي ۽ سوانحي آھن ۽ آخر ۾ مضمون نويسيءَ جي باري ۾ ھدايتون پڻ ڏنل آھن). ”جوھر نثر“ 1931ع منگھارام واسواڻي، ادبي تحفه 1932ع (ترتيب) محمد صديق ميمڻ، سنڌي نظم ۽ نثر 1940ع (ترتيب): علامه دائود پوٽو. ”ويچار“ 1944ع لال سنگھ آجواڻي، ادبي گلشن (ٽي ڀاڱا) 1945ع، نارائڻ داس ملڪاڻي، ”انتخاب نثر“، ”چونڊ نظم ۽ نثر“، غلام محمد شاھواڻي ”چونڊ سنڌي نثر نظم“ آغا تاج محمد خان، ”گلزار نثر نظم“ (ٻه ڀاڱا)، محمد صديق مسافر ”ثمر حيات“ 1948ع، پروفيسر عطا محمد حامي ”گل ڦل“ ٻه ڀاڱا 1935ع ۽ 1936ع پرمانند ميوارام، ”ڳوٺاڻي چھر“ 1929ع ”انار دانه“ 1940ع، نارائڻ داس ملڪاڻي، ”پنگتي انقلاب“ 1939ع ديوان واڌو مل گنگارام، ”چڻنگون“ 1940ع، تيرٿ وسنت، ”ورق“ 1940ع گوبند ڀاٽيه، ”ادبي آئينو“ (انعام يافته مجموعو) 1941ع ڪشنچند عزيز، ”سير ڪوھستان“ 1942ع الھبچايو يار محمد سمون، ”ڪلاڪار جي دنيا“ 1947ع، پروفيسر خوشي رام، ”ڪچ ڪوڏيون“ 1950ع عطا حسين شاھ موسوي، ”سنڌي سٻاجھڙا“ 1956ع اسماعيل عرساڻي، ڪک ھيٺيان لک“ 1962ع ڪريم ڏنو راڄپر ۽ ٻيا به ڪافي ڪتاب ڇپيا آھن. (جن مان ڪجھ جو جائزو ھن ڪتاب ۾ شامل آھي)

نثر جي چند مشهور تحقيقي ڪتابن جو مختصر جائزو

---

نثر جي چند مشهور تحقيقي ڪتابن جو مختصر جائزو

سنڌ جي تاريخ، تمدن، ثقافت،، علم، ادب ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ لاءِ اسان وٽ بنيادي ماخذ عربي، فارسي ۽ پوءِ انگريزي ڪتاب رهيا آهن. مشهور يورپي ليکڪن جيئن مئڪ ڪرنڊل، هئملٽن، ائبٽ صاحب، رچرڊ برٽن، سر چارلس نيپئر، سر وليم جونس، ميجر جنرل هيگ، سر هينري پارٽنچر ۽ بين جي ڪتابن کان علاوه سر جان مارشل جو “Mohan Jo Daro and Indus Civilization” ۽ سر گرئيرسن جو ڪتاب: “Linguistic Survey of India” جي خاص حيثيت آهي. هتي ڪجھ اهم ڪتابن جو مختصراً ذڪر ڪجي ٿو، جن مان قديم سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب جي پروڙ پوي ٿي.


فتح نامو سنڌ عرف چچ نامو: فتح نامه / چچ نامو ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو پهريون بنيادي ڪتاب شمار ٿيئي ٿو. جنهن ۾ گھڻي ڀاڱي سنڌ جي انهيءَ دؤر جو احوال آهي جيڪو محمد بن قاسم جي سنڌ اچڻ ۽ فتح ڪرڻ جو وقت آهي انهيءَ ڪري هن ڪتاب جو نالو ”فتح نامهءِ سنڌ“ رکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب محمد بن قاسم الثقفيءَ جي خاندان جي هڪ شخص قاضي اسماعيل بن علي بن محمد موسى بن طائيءَ عربي ٻوليءَ ۾ لکيو جنهن کي علي بن حامد ابي بڪر ڪوفي 613ھ يعني 1216ع ڌاري فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مرزا قليچ بيگ انگريزيءَ ۾ 1900ع ۾ ترجمو ڪيو جو ڪمشنر پريس ڪراچيءَ مان 1900ع ۾ ئي شايع ٿيو. جنهن جي لاءِ مرزا صاحب لکيو ته، ”هن ڪتاب جا ڪيترائي قلمي نسخا چُڪن ۽ خالن وارا هئا، مون 7 يا 8 نسخا ڀيٽي ڪتاب جو حتي الامڪان لفظ به لفظ ترجمو ڪيو آهي“. در حقيقت هيءُ ڪتاب صديون قديم آهي جنهن جو فارسي ترجمو پڻ 613ھ ۾ ٿيو. پراڻي دؤر ۾ ڇاپخانا موجود نه هئا ۽ ڪتاب هٿ معرفت قلمي نسخن جي صورت ۾ لکيا ويندا هئا. ڪيترائي خوش نويس ڪاتب اهو ڪم سرانجام ڏيندا هئا انهيءَ ڪري هر جھوني ڪتاب جا ڪيترائي قلمي نسخا ملن ٿا جن ۾ ٿورو گھڻو تحريري تفاوت پڻ موجود هجي ٿو. فتح نامو جنهن ۾ راجا ڏاهر چچ سيلائج جو احوال گھڻي قدر آهي ۽ ان ڪتاب کي هاڻي ”چچ نامو“ سڏيو وڃي ٿو. جي قدامت بابت ڊاڪٽر نبي بخش لکيو آهي ته،

”فتحنامي جو جهوني ۾ جهونو قلمي نسخو هن وقت تائين جيڪو دريافت ٿي چڪو آهي سوسنه 1061ع جو لکيل آهي ۽ پنجاب يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي باقي جملي نسخا انهيءَ کان پوءِ جا لکيل آهن“ (1).

موجوده وقت اسان وٽ چچ نامي جو سنڌيءَ ۾ موجود جيڪو ترجمو آهي، سو سنڌي ادبي بورڊ اشاعتي رٿا تحت شايع ڪرايو. بورڊ جيڪي سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل ٽي اهم ڪتاب ترجمو ڪرايا انهن ۾ ”چچ نامو“، ”تاريخ معصومي“ ۽ ”تحفته الڪرام“ آهن. اهو ترجمي جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ ۾ مخدوم امير احمد پرنسپال سنڌ اورينٽل ڪاليج ڪيو. مخدوم امير احمد ولد مخدوم احمدي 1901ع ۾ خيرپور ميرس جي شهر کهڙا ۾ پيدا ٿيو. قرآن پاڪ جو حافظ سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو ماهر هو ته اُردؤَ تي به وڏي دسترس هيس ۽ انگريزي به ڄاڻيندو هو سندس حافظو تمام تيز هو.لغت جو ماهر هيءُ عالم شروع ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو اڳيان هلي ڪاليج ۾ پرنسپال ٿيو. تعليمي خدمتن سان گڏ مترجم جو ڪم ڪيائين خاص طور فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪيائين. ڪي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيائين سندس ترجمو ڪيل تاريخ جي ڪتابن ۾ ”چچ نامو“، ”تحفته الڪرام“ ۽ ”تاريخ معصومي“ آهن. صحيح بخاري ۽ ٻيا ڪتاب ايڊٽ ڪيائين سندس وفات 26 فيبروري 1971ع تي ٿي. مخدوم امير احمد انهن ڪتابن کي سهڻائيءَ سان سنڌيءَ ۾ آڻڻ جي ڪاوش لاءِ جس لهڻي.

چچ نامو: ڪتاب مخدوم صاحب 1953ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڇاپو 1954ع ۾ شايع ڪيو. 608 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 69 صفحن تي ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل ديباچو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب چچ نامي جي مختلف قلمي نسخن، ترجمن ۽ ڇپجڻ جو تفصيل ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي حاشين ۾ يا فٽ نوٽ ۾ مضمون جي بابت وضاحت پڻ ڏنل آهي آخر ۾ ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهي. 1966ع ۾ ٻيو ڇاپو بورڊ شايع ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ هيءُ ڇپجندڙ ڪتاب رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ ۽ فتح واري شروع دؤر جو احوال آيل آهي. ڪتاب جي شروعات ساهسي راءِ جي دنيا مان وفات ڪرڻ ۽ چچ بن سيلائج جو تخت تي ويهڻ ۽ ساهسيءَ جي ڀاءُ جو اروڙ جو تخت هٿ ڪرڻ لاءِ چچ سان منهن مقابلي ٿيڻ ۽ چچ جو جنگ کٽي راڻي سُونهن سان شادي ڪرڻ جو بيان آهي. چچ راجا کي ٻه پٽ چندر ۽ ڏاهر ۽ هڪ ڌيءَ مايين پيدا ٿي. چچ جي وفات بعد چندر 7 سال حڪومت ڪئي ۽ راجا ڏاهر پوءِ اروڙ جو تخت ڌڻي ٿيو. اهو تفصيل ڏنل آهي ته محمد بن قاسم حجاج بن يوسف جي حڪم تي ڪيئن سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ديبل کان پوءِ نيرون ڪوٽ تائين اچڻ کان پوءِ کيس ڪهڙيون رُڪاوٽون پيش آيون ۽ هن سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون جوڙيون، ڏاهر کي آڻ مڃڻ لاءِ خط لکيا ححاج سان خط و ڪتابت جاري رکي، لکيل آهي ته، ”محمد بن قاسم پورو مهينو اروڙ جي قلعي جي سامهون هڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي هڻي ويٺو ۽ هڪ مسجد جو بنياد رکيائين ۽ جمعي جي ڏينهن اُتي خطبو پڙهيائين“. (2) ۽ ايئن مستقل ارادي سان هُن 712ع تي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي. هُو حجاج بن يوسف جو عزيز ۽ خاص ماڻهو هئڻ سان گڏ وٽس ”فاتح سنڌ“ جي حوالي سان اهميت وارو ٿي ويو ۽ هندوستان کي فتح ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو ته کيس واپسيءَ جو حڪم مليو. ليکڪ موجب ته، سندس لاءِ امير اُمرائڻ ۾ جيڪو ساڙ ۽ حسد پيدا ٿيو هو انهن حجاج جا ڪن ڀريا ۽ کيس محمد بن قاسم کان بدظن ڪيائون. جڏهن خود محمد بن قاسم سٺي اميد رکي فرمانبرداريءَ سان واپس ويو، سندس مخالفين هن لاءِ واپسيءَ جو ميدان ناهموار ڪري ڇڏيو هيڏي وڏي سپه سالار کي پهچندي ئي قيد ڪيو ويو مٿس انتقامي ڪاروايون ڪيون ويون. حجاج جي مرڻ ۽ نون حڪمرانن جي شديد تعصب جو شڪار ٿي قيد خاني ۾ عذاب ڀوڳي وفات ڪري ويو. محمد قاسم جي موت کي چچ نامي جي ليکڪ المناڪ موت ۽ دردناڪ پڇاڙي ڄاڻائيندي ڪتاب جي پڄاڻي آندي آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ بابت موجود آڳاٽي ڪتابن ۾ اهم شمار ٿيئي ٿو جيڪو نه فقط سنڌ بابت پر ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمانن جي اچڻ بابت معلومات جي لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو.

محمد حبيب سنائي، ”سنڌي ٻولي“ 2018ع جي جرنل ۾ ”چچ نامو: فتح نامه سنڌ جي اصليت ۽ ان جو نظرياتي استعمال“ مقالي معرفت پنجاب جي ليکڪ منان احمد آصف (جو يونيورسٽي آف ڪولمبيا ۾ تاريخ جو پروفيسر آهي) جي حوالي سان سندس ڪتاب “A Book of Conquest” (چچ نامو) جو جائزو ڏنو آهي سندس موجب ته پروفيسر منان احمد چچ نامي جو عالماڻي انداز سان جائزو ورتو آهي. پروفيسر صاحب جي حوالي سان حبيب سنائيءَ لکيو آهي ته، ”هي ڪتاب ڪنهن قديم عربي ڪتاب جو ترجمو نه آهي پر تيرهين صديءَ ۾ لکيل هڪ اصلي ڪتاب آهي. هي ڪتاب ان دؤر يعني تيرهين صديءَ جي سياسي صورتحال جي تناظر ۾ سياسي نظريو پيش ڪري ٿو. انگريز سامراجي قوتن کان وٺي قوم پرست توڙي سيڪيولر مختلف قوتن انهي متن کي پنهنجي نڪتي نظر جي سچائيءَ جي ثابتي طور استعمال ڪيو آهي“. (3) مطلب ته چچ نامي بابت مختلف حقيقتن ۽ مفروضن تان پردو کڄي رهيو آهي. (اصل عربي ڪتاب اڄ تائين موجود نه آهي. وڌيڪ تحقيق جاري آهي).


تاريخ معصومي: هن ڪتاب جو ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو جو سنڌي ادبي بورڊ 1953ع ۾ شايع ڪيو. ”تاريخ معصومي“ اصل ڪتاب سيد نظام الدين محمد معصوم بن سيد صفائيءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل آهي. جو سندس نالي پويان ”تاريخ معصومي“ نالي سان مشهور ٿيو. ڀيرومل مهرچند مصنف لاءِ لکيو آهي ته، ”هو پاڻ شاعر هو سندس تخلص ”نامي“ هو. مرزا جاني بيگ ترخان ۽ مرزا غازي بيگ ترخان جي دؤر جي هن سيد 1605ع ۾ وفات ڪئي. اڪبر بادشاھ جي امير خان خانان سان گڏ سنڌ جي جنگ ۾ پڻ شامل ٿيو هو“. (4) مير معصوم بکري، هڪ اهل ادب، شيرين ڪلام شاعر، مؤرخ، ماهر طبيب، بهادر سپاهي هو. زهد، تقوى، دانيداريءَ ۽ پرهيزگاريءَ سبب ممتاز هو. ذاتي صلاحيتن ۽ شخصي خوبين سبب بکر جو امير مقرر ٿيو. سندس وڏا ترمذ جي سيدن مان هئا. سندس جنم سکر ۾ رمضان جي ستين روزي تي 944هجريءَ ۾ ٿيو. کيس سکر سان وڏي محبت هئي. هن تعمير سازيءَ جي شوق سبب سکر ۾ سهڻي مسجد ٺهرائي ٻيون به مسجدون ۽ مقبرا جوڙايائين خاص طور سندس نالي تي سکر ۾ ٺهيل ”مير معصوم شاھ جو منارو“ مشهور يادگار آهي. هن مناري ۾ پيڙھ وٽ ان جو گھيرو 84 فٽ، ان جي اوچائي به 84 فٽ ته گهمندڙ ڏاڪڻ کي به 84 ڏاڪا آهن، هيءُ منارو سندس حياتيءَ ۾ مڪمل ڪونه ٿيو بعد ۾ سندس پٽ مير بزرگ 1026ھ ۾ مڪمل ڪرايو. مير معصوم جي لکيل ڪتابن ۾ ”طبقاتِ اڪبري“، ”مفراداتِ معصومي“، ”تاريخِ معصومي“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سندس جي باري ۾  تفصيلي احوال پير حُسام الدين جي ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ ۾ ملي ٿو.

”تاريخ معصومي“، فارسيءَ ۾ لکيل، قدامت ۾ ”چچ نامي“ کان پوءَ سنڌ جي تاريخ بابت معلومات ڏيندڙ ٻيو نمبر ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي ترجمي لاءِ انگريز حڪومت انعام آڇيو جنهن ۾ جن مترجمن هن تاريخ جو ترجمو ڪيو انهن ۾ ننديرام سيوهاڻيءَ جو ڪيل ترجمو، ترجمي جي خوبين، خوشخط ۽ معياري خط ۽ نج سنڌي سبب منظور ٿيو کيس سرڪار طرفان روڪ انعام ۽ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ترجمان جي نوڪري ملي. اهو ترجمو ”سنڌ جي تواريخ“ جي عنوان سان ليٿو ۾ ڪراچيءَ مان 1854ع ۾ شايع ٿيو. تاريخ جي حوالي سان هيءُ مفصل تاريخ عربن جي فتح کان اڪبري دؤر تائين جي سنڌ جي تاريخ آهي، انهيءَ تاريخ جا ڪي ڇاپا ڇپيا پر وري به هي تحت الفظ ۽ بامعنى ترجمو سوا سئو سال اڳ ٿيو هو جو وري به آسان ۽ بامحاوره نٿو شمار ٿيئي انهيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو تاريخ معصوميءَ جا قلمي نسخا سامهان رکي هڪ مستند متن تيار ڪيو جو اورينٽل انسٽيٽيوٽ 1938ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپيو، مخدوم امير احمد جيڪي سنڌيءَ ۾ تاريخ جا ڪتاب ترجما ڪيا انهن ۾ تاريخ معصوميءَ جو ترجمو چچ نامي کان اڳ شايع ٿيو. هن صاحب پنهنجي ترجمي جو بنياد ڊاڪٽر دائود پوٽي جي فارسي متن تي رکيو، ڊاڪٽر بلوچ امير احمد جي ترجمي بابت لکيو آهي ته، ”فاضل مترجم مجموعي طور هن ترجمي کي سهڻي نموني نڀايو آهي ۽ اصل فارسي عبارت کي ڪافي سادي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ ورجايو آهي. تاريخ معصوميءَ جو هيءُ سنڌي ترجمو جملي ڇپيل خواھ اڻ ڇپيل نسخن ۾ وڌيڪ اهميت رکي ٿو“. (5)

تاريخ معصومي: ڪتاب چئن ڀاڱن تي مشتمل آهي. امير احمد جي هن سنڌي ترجمي ۾ ”پهريون ڀاڱو“ سنڌ جي فتح، بني اميه ۽ عباسي خليفن طرفان ٿيندڙ حڪومت جي احوال تي، ”ٻيو ڀاڱو“ هندوستان جي حاڪمن جي ذڪر تي جنهن وقت جن جي هٿ هيٺ سنڌ هئي ۽ سومرن ۽ سمن جي حڪومت بابت، ”ٽيون ڀاڱو“ ارغون دؤر، ”چوٿون ڀاڱو“ سنڌ ملڪ جو اڪبر بادشاھ جي هٿ هيٺ رهڻ ۽ ان وقت جي حاڪمن ۽ حالتن بابت ذڪر آهي، خليفو وليد بن عبدالملڪ، حجاج بن يوسف، محمد بن قاسم، چچ سيلائج، راجا ڏهر، سندس راڻي لاڏي ۽ سنڌ تي عربن جي قبضي سان گڏ بنو اميه، عباسي خليفي، هارون رشيد، شهاب الدين غوري، قطب الدين ايبڪ، التمش، ناصرالدين، غياث الدين بلبل، جلال الدين خلجي، سلطان علاؤ الدين، محمد شاھ تغلق، فيروز شاھ، ڄام انڙ بابينو، ڄام ڪرن، ڄام فيروز، شاھ بيگ ارغون، مرزا شاھ حسن، سلطان محمود خان، مرزا عيسى ترخان، مرزا محمد باقي، ميان سيد علي شيرازي، مرزا جاني بيگ ۽ ٻين حڪمرانن، شاعرن، عالمن ۽ بزرگن جا بيان آهن. همايون بادشاھ جي سنڌ اچڻ ۽ مرزا شاھ حسن جي مخالفت بيان ڪيل آهي. مطلب ته هن ڪتاب مان سنڌ پرڳڻي جنهن جون سرحدون وسيع هيون تي ٿيندڙ مختلف دؤرن جي حڪمرانن ۽ حالتن جي ڄاڻ ملي ٿي. باقي هن تاريخ ۾ سومرن ۽ سمن جي دؤر جو احوال فقط چند صفحا آهن. ليکڪ سلطان محمود جو احوال تفصيل سان ڏنو آهي جو پاڻ انهيءَ درٻار ۾ نامهءِ نگار هو. انهيءَ دؤر جي چند عالمن ۽ فاضلن جو سندس ڏنل احوال پڻ قيمتي شمار ٿيئي ٿو جو ٻئي ڪنهن مؤرخ اهو کانئس اڳ نه ڏنو هو. 22 شعبان 1042ھ تي مير معصوم هيءَ ”تاريخ معصومي“ لکي پوري ڪئي جيڪا سوين سال گذرڻ بعد فارسيءَ ۾ توڻي سنڌي ترجمي جي صورت ۾ اڄ اسان وٽ محفوظ آهي. هيٺ ڪتاب مان ڪي حوالا ڏجن ٿا ته جيئن ترجمي ۽ تاريخي احوال بابت پڙهندڙن کي پروڙ پئي.

غوث الدين بلبل لاءِ لکي ٿو ته، ”هيءُ شمس الدين التمش جي چاليهن زرخريد ٻانهن مان هڪ هو. سلطان ناصرالدين محمود جي قبضي کان پوءِ سن 662ھ ۾ تخت تي ويٺو ۽ بادشاھن جي قانون مطابق حڪومت جو بنياد مظبوط ڪري هندوستان جا جيڪي به ملڪ شمس الدين جي تصرف هيٺ هئا سي تابع ڪري عدل ۽ انصاف پکيڙيائين“. (6)

بزرگ مسعود ابدال جي لاءِ لکي ٿو ته، ”هن بزرگ جي مزار پرانوار جي دامن ۾ جيڪو جبل آهي تنهن ۾ انگور، صوف، بيهي داڻا، ڏاڙهون ۽ ٻيا ڪيترا ميوا خودبخود ٿيندا آهن. هيءُ رڳو انهيءَ ملڪ ۽ انهيءَ جبل سان مخصوص آهي پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ انگور جي ول هاري هئائين جا اڃان تائين باقي آهي“. (7) سيد صفائيءَ جي لکيل هن تاريخ جو ترجمو مخدوم امير احمد آسان ۽ عام فهم ڪيو آهي.


تحفته الڪرام: مخدوم امير احمد جي فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ تاريخن جي ترجمن ۾ ٽيون ڪتاب ”تحفته الڪرام“ آهي. جو اصل مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو لکيل آهي. مير علي شير بن سيد عزت الله جا وڏا شڪرالاهي ساداتن مان هئا جي ايران جي شهر شيراز جا رهاڪو هئا جتان لڏي سنڌ ۾ ٺٽي ۾ اچي رهيا. جتي مير علي شير 1140ھ ۾ جنم ورتو انهيءَ وقت سنڌ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت هئي. ٺٽو ان وقت علم ۽ ادب جو مرڪز هو. مير قانع ٺٽي جي وڏن عالمن کان تعليم ورتي سندس سڄي حياتي علم جي حاصلات ۾ گذري. هو هڪ اعليٰ پايي جو شاعر هو تخلص ”قانع“ هئس. تحفته الڪرام ۾ سندس لکيل ڪتابن جو وچور 42 آيل آهي جن ۾ ”تحفته الڪرام“، ”معيارِ سالڪان طريقت“، ”مقالات الشعرا“ ۽ ٻيا آهن. سندس وفات 1203ھ ۾ 64 سالن جي عمر ۾ ٿي.

تحفته الڪرام جو ترجمو سنڌي ادبي بورڊ 1975ع ۾ شايع ڪيو هيءُ ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي جنهن ۾ سنڌ جي شروع دؤر کان غلام شاھ ڪلهوڙي جي حڪومت تائين جو احوال ملي ٿو هڪ لحاظ کان هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ انسائيڪلوپيڊيا آهي جنهن جي بنيادي احوال لاءِ مير قانع، چچ نامي، تاريخ معصومي، تاريخي طاهري، بيگلارنامي ۽ ترخان نامي کي ماخذ بنايو آهي مصنف جو تعارف تحفته الڪرام جي ٽيئن جلد جي آخر ۾ ڏنل آهي. هن ڪتاب جي اهميت انهيءَ ڪري آهي جو هن ۾ آيل بزرگن، شاعرن ۽ عالمن ۾ سنڌ جون شخصيتون شامل آهن. شاھ عبدالطيف بابت پهريون احوال هن ڪتاب معرفت ظاهر ٿيو جو ڪتاب ۾ 387 ۽ 388 صفحي تي ڏنل آهي ان کانسواءِ پڻ 339 کان 578 تائين جي ڪجھ صفحن تي شاھ لطيف بابت ذڪر ڪيل آهي سندس احوال کي مير عبدالحسين سانگيءَ پنهنجي ڪتاب، لطائف لطيفي ۾ بنياد بنايو. موجوده دؤر ۾ شاھ عبدالطيف بابت وڌيڪ تحقيقي ڪم سامهون آيو آهي پر مير قانع شاھ لطيف جو دؤر جو بزرگ ۽ کانئس گهڻو متاثر ۽ معتقد هو هن بنيادي احوال ڄاڻايو آهي جنهن ۾ عقيدت منديءَ سبب ڪجھ واڌاءُ پڻ شامل آهي.

لکي ٿو ته، ”هن زماني ۾ شاھ عبدالطيف سان وِلايت ۾ مٽ ڪو به ڪو نه آهي. سندس ڪرامتن جون نشانيون ۽ مناقبن جو خبرون سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن هن مختصر ۾ ڪيتريون ماپنديون اُمي هئڻ جي باوجود به خدا تعاليٰ سندس سيني جي ڦرهيءَ تي سڀ علم لکي ڇڏيا هئا. جنهن ڏينهن لاڏاڻو فرمايائين انهيءَ ڏينهن سندس ماتم ۾ ڪيترن مريدن دم ڏنو. سندس مزار متبرڪ انهيءَ ڀٽ تي عجيب روح پرور ۽ باالصفا جڳھ آهي سندس قبر تي هڪ عاليشان قبو ٺهيل آهي. جيسلمير جي راجا نغارا نظر ڏنا آهن جي صبح و شام وڄايا ويندا آهن. سندس درگاھ تي عجيب ڪيفيت ۽ سرور نهايت صفائي ۽ حضور ملي ٿو“ (8).

مير قانع جي تحرير عقيدت منديءَ جي مظهر آهي جنهن ۾ شاھ لطيف کي اُمي چوڻ ۽ سندس ڄاڻ ۽ علم کي ڪرامت سمجهڻ ۽ سندس وفات تي ڪيترن مريدن جو دم ڏيڻ واڌاءُ پڻ لڳي ٿو. انهيءَ جي باوجود هُن ڪارائتو احوال ڏنو آهي. سڄي ڪتاب جي سنڌ جي تاريخ بابت ڄاڻ اهم شمار ٿيئي ٿي ڊاڪٽر جبار لکي ٿو ته، سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي تذڪرا آهن انهن ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو ”مقالات الشعراء“ ۽ ”تحفته الڪرام“ اهم آهن قانع تحفته الڪرام ۾ به شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪيترا انهن ۾ سنڌي شاعر به آهن ڪلام ڪنهن جو به ڪو نه ڏنائين“. (9)

مطلب ته سنڌ جي شاعرن ۽ بزرگن جي حوالي سان تحفته الڪرام جي هڪ خاص اهميت آهي. انهيءَ کان سواءِ پڻ سنڌ بابت لکيل ڪتاب ادراڪي بيگلاريءَ جو ”بيگلارنامه“، مير طاهر نسيانيءَ جو، ”تاريخ طاهري“ مير يوسف جو، ”مظهر شاهجهاني“، سيد جمال الدين جو ”ترخان نامه“، ”منشي خدادا جو ”لبِ تاريخ سنڌ“ ۽ ٻيا آهن. مٿين ٽنهي ڪتابن جي حوالي سان مخدوم امير احمد مترجم طور جس لهڻي. هن آسان ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ هنن تاريخي ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي جو اهميت جوڳو آهي.

 

حديقته الاولياءَ: تذڪره نويسيءَ ۾ حديقه الاولياءَ جي تصنيف جو نالو خاص ڳڻائي سگهجي ٿو. جنهن کي سيد عبدالقادر ٺٽوي لکيو آهي. سيد حسام الدين راشدي قلمي نسخا ڀيٽي ايڊٽ ڪري 1967ع ۾ هن ڪتاب کي سنڌي ترجمي سان، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايو. 1016 ھ / 1607ع جو لکيل هي ڪتاب تذڪره نويسي جي باري ۾ اهم ۽ پهريون شمار ٿئي ٿو. (هن ڪتاب جي مؤلف سيد عبدالقادر بن سيد هاشم بن سيد محمد ٺٽويءَ کي ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي مقالي ۾ ٺٽوي نه پر نصرپوري ڄاڻايو آهي. (صه 93 ڪتاب ”مقالا“)


قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو: مرزا قليچ بيگ جي لکيل هن ڪتاب کي 1925ع ۾ نئين سنڌ لائبريريءَ شايع ڪيو. ٻيو ڇاپو 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. جنهن ۾ ڪتاب جا ٻه ڀاڱا آهن، ٻئي ڀاڱي ۾ ”قديم سنڌ جا ستارا“ ڪتاب به شامل آهي. پهرئين حصي ۾ 15 باب ۽ ٻئي حصي ۾ ڇھ باب آهن شروع جي چار بابن ۾ قديم مشهور شهرن جو احوال ڏنل آهي، پنج باب خاص ٺٽي ضلعي جي شهر جي احوال تي مشتمل آهن،، جن ۾ ٺٽي جي سالڪن، اوليائن ۽ مشهور ماڻهن بابت معلومات ڏنل آهي، انهيءَ کان علاوه سنڌ جي قديم قومن، امير امرائن، عالمن، فاضلن جي احوال سان گڏ ڪجھ مذهبي فرقن جي ڄاڻ ڏنل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ اهم شخصيتن جو ذڪر آهي. مرزا صاحب ديباچي ۾ ڄاڻايو آهي ته هن ڪتاب جي تياري ۾ چچ نامو، تاريخ معصومي، بيگلار نامه، تاريخ طاهري، تحفته الڪرام، محمد عظيم جو ڪتاب ”فتح سنڌ“ يار محمد خان جو ”فريئر نامه“ ۽ ”سنڌ گزيٽيئر“ مان احوال ورتو ويو آهي. هيءَ ڪتاب 1925ع ۾ لکيل هڪ سٺي ڪاوش شمار ٿئي ٿو. جڏهن اهم تحقيقي ۽ تاريخي ماخذن جا ترجما موجود نه هئا.


قديم سنڌ: ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيء جو لکيل هيءَ ڪتاب سنڌ پرڳڻي جي اوائلي دؤر جي ڄاڻ لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. جا کوڙ سان پيش ڪيل هن ڪتاب جو مواد پرڏيهي يورپي عالمن جي ڪتابن جي معلومات تي آڌاريل آهي. 477 صفحن ۽ 16 بابن تي مشتمل، قديم سنڌ، سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۽ آئيويٽا ۽ ساهت جي پرچار ڪري ٿو. سنڌي ادبي بورڊ پراڻن ڪتابن جي اشاعتي رٿا هيٺ هن ڪتاب کي 1957ع ۾ شايع ڪيو ۽ وري به شايع ٿيو آهي.


آفتاب ادب (عرف ساهت جو سج): حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو لکيل هيءُ ڪتاب 1940 ۾ پهرين شايع ٿيو، سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب کي 1956ع ۾ ڇپايو هيسيتائين هن جا ڪافي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، 215 صفحن ۽ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي، پهريون ڀاڱو ٻوليءَ جي باري ۾ آهي. جنهن ۾ عام ٻولي ۽ ادبي ٻولي جا فرق ڄاڻايل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل ٻين ٻولين جي لفظن جا چارٽ ڏنل آهن، انشا پردازيءَ جون خاصيتون بيان ڪيل آهن. ٻيو ڀاڱو علم بديع، علم بيان ۽ علم معانيءَ جي ڄاڻ تي محيط آهي.


سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جو هيءُ ڪتاب 1996ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن شايع ڪيو آهي. هن ۾ مختلف موضوعن تي ليک آهن، جيئن علم ادب، تنقيدنگاري، جديد ادبي تحريڪون، سنڌي بيت، ڪافي، وائي، غزل، جديد شاعريءَ جون صنفون، داستان گوئي، ناول، قديم ۽ جديد ڊرامو، آکاڻيءَ جو فن، افساني جي ارتقا، آتم ڪهاڻيون، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، انهيءَ کان سواءِ شاعرن جي سوانح ۽ سندن شاعري جو تنقيدي جائزو شامل آهي، هن ڪتاب، جي مقالن جا موضوع طوالت طلب آهن ليڪن ڊاڪٽر صاحب کين مختصراً نڀايو آهي.



ايڏو شان شعور: علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو شمار هن صديءَ جي وڏن عالمن ۾ ٿيئي ٿو، سندن تعليمي ۽ تدريسي خدمتون نه وسرڻ جوڳيون آهن. پاڻ فارسي ۽ سنڌي زبانن جو ماهر، اسلامي ثقافت ۽ سنڌي ثقافت جي باري ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ سنڌ يونيورسٽي جو اعزازي پروفيسر هو، علامه صاحب جا چند ڪتاب هن ريت آهن ”سطحات“، مٺو مرسل“، ”مقالات قاسمي“ پاڻ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيائون، قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ۽ تفسير لکيائون. سندن نگرانيءَ ۾ ڪافي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز مڪمل ٿيون. ”ايڏو شان شعور“ علامه صاحب جي ايڊيٽوريلز جو مجموعو آهي، شاھ ولي الله اڪيڊميءَ طرفان 1965ع ۾ ”الرحيم“ سنڌي جاري ٿيو. جنهن ۾ اهي اداريا علامه صاحب لکيا. ڊاڪٽر مظهر الدين ”مظهر“ سومرو انهن ادارين کي مرتب ڪيو، ”علامه غلام مصطفى قاسمي چيئر“ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو وارن جي اشاعتي سلسلي هيٺ هي پهريون ڪتاب 2005ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي. علامه صاحب جي خدمتن جي مڃتا طور قاسمي چيئر قائم ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي جو هڪ تعريف جوڳو قدم آهي. هن ڪتاب ۾ آيل ايڊيٽوريلز، علم ۽ صحافتي ميدان ۾ هڪ خاص حيثيت رکن ٿا، جن ۾ ان وقت جي وڇڙي ويل شخصيتن جي باري ۾ تعزيتي ۽ تعريفي ڪلمات آهن، جنهن ۾ غلام محمد گرامي، پروفيسر محبوب علي چنا، سيد پناھ علي شاھ، ضياءُالدين بلبل، پروفيسر احسان بدوي، الطاف عباسي ۽ ٻين جي باري ۾ ليک آهن، انهن ادارين ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن جي پرچار آهي ته مشهور ڪتابن ۽ ليکڪن جي ڄاڻ آهي، گڏوگڏ اهم مقصد ”الرحيم“ رسالي جي معرفت شاھ ولي اللهرح ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي خيالن کي سندن تقريرن ۽ تحريرن جي حوالي سان عوام تائين پهچائڻ هو.


مقالات قاسمي: سائين غلام مصطفى قاسمي جن جا ديني مقالا هن ڪتاب ۾ جمع ڪري شايع ڪرايا ويا آهن. ديني ادب جي ڄاڻ لاءِ هي هڪ لاڀائتو ڪتاب آهي.


ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ: هيءُ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ وارن جو 1997ع ۾ ڇپايل ڪتاب 270 صفحن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جي هن ادبي تنقيد جي تاريخ جا ڪل ٽي ڀاڱا عنوان ادبي تنقيد، سنڌي ادب ۾ تنقيد ۽ ادب جي ساڃاه آهن. تنقيدي نظرين سان لکيل هن مواد ۾ ادب جي ڇنڊ ڇاڻ، ادب جي تشريح، تخليق ۽ تنقيد ۾ فرق آهن. هن ۾ پرڏيهي تنقيد نگارن جي نظرياتي نڪتن تحت ادبي تنقيد جي تاريخ بيان ڪرڻ سان گڏ ادبي تنقيد جا اصول پڻ بيان ڪيا ويا آهن. هنن مقالن ۾ ”شاعريءَ جي ساڃاھ“ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو ويو آهي. باقي سڀ مقالا طبعزاد آهن. تنقيد جي حوالي سان ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي ڪتابن جو تنقيدي جائزو ڏنو ويو آهي. انهن ڪتابن ۾ ”انشاءِ سنڌي“، ”لطائف لطيفي“، ”شاهاڻو شاھ“، ”سونهارو سچل“، ”مقدمهءِ لطيفي“، لنواري جا لال، ابيات سنڌي، قرب قليچ، تذڪره لطفي، شاھ جون سورميون، ادبي اصول، ادب ۽ تنقيد، لطف الطيف، شاھ جي رسالي جو مطالعو، شاھ لطيف ۽ ان جو فن، انڌا اونڌا ويڄ، شاھ لطيف جي شاعري ۽ ادبي تاريخن جو جائزو شامل آهي. انهيءَ کان سواءِ شيخ عبدالرزاق راز جو ”تنقيد جو تجزيو“ احسان بدويءَ جو ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري“، ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”ماڻڪ موتي لال“، شمس الدين عرساڻيءَ جو ”ادبي اوسر“، ذڪر ڪيا ويا آهن.

مضمونن ۾ سوانحي مضمونن کي هميشه اهميت رهي آهي. سنڌ جي ڪيترين شخصيتن جي باري ۾ سوانحي مضمون علم ۽ ادب جو حصو بنيا آهن شروع دؤر ۾ شاھ ڀٽائيءَ جي احوال کان علاوه ٻين به ڪافي شخصيتن جي باري ۾ جيوَن چرتر نموني جا مضمون لکيا ويا. جي اهم علمي ۽ ادبي شخصيتن جي باري ۾ هئا. جيئن، ”صوفي سونهارا“ محمد صديق مسافر، ”شيخ منصور حلاج“، محمد صالح هالاڻي، ”هندوستان جون راڻيون“، دين محمد وفائي، ”قرب قليچ“، ”محمد صديق مسافر“، ”ساڌو هيرانند“ واڌومل مولچند، ”سائين قطب شاھ“ جهامنداس ڀاٽيا ۽ ٻيا آهن. اهڙيءَ ريت سنڌي ادب ۾ شروع کان سوانحي، اخلاقي، علمي، ادبي تنقيدي، تحقيقي، تاريخي ۽ شاعريءَ جي موضوع تي مضمونن کي اهميت رهي آهي. لطيف شناسيءَ تي انيڪ مضمون لکيا ويا آهن جن جا ڪافي ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن.


سنڌي ادب جون تاريخون هڪ نظر (تحقيقي جائزو): تاريخ لکڻ هڪ ڪٺن، صبر آزما ۽ صداقت طلب ڪم آهي ۽ ادب جي تاريخ ته تهائين وڌيڪ ذمه داريءَ ۽ محنت جو ڪم آهي بعض اوقات مورخ ۽ محقق پنهنجي پسند جي اديب يا شاعر کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ويندا آهن ته ڪڏهن کانئن اها به غلطي ٿيندي آهي جو هڪ بهترين لکيڪ جي ادبي پورهئي کي نظر انداز ڪري ويندا آهن جيڪا هڪ، علمي ۽ ادبي ڪوتاهي پڻ شمار ٿيئي ٿي. سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم جي باري ۾ ڪيترن ئي ڪتابن ۾ معلوماتي احوال ملي ٿو. ڪيترائي رسالا ۽ ديوان آهن ته مختلف شاعرن جي تذڪرن ۽ شاعريءَ جي مجموعن مان پڻ شاعرن جو احوال ملي ٿو. ساڳيءَ ريت نثر جي ليکڪن جو احوال به ڪتابن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ موجود آهي، پر ادبي تاريخ جي ڪتاب جي نوعيت مختلف آهي ۽ خاص طور اهڙيون ادبي تاريخون جيڪي گهڻيون مقبول ٿيون هجن يا انهن جو مواد شاگردن جي ضرورت مطابق سندن نصاب ۾ مقرر هجي اهڙين ادبي تاريخن ۾ اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي ڪم جي ڪٿ ڪيل هوندي آهي يا ٻين لفظن ۾ تنقيدي اڀياس پيش ڪيل هوندو آهي انهيءَ ۾ ڪيترن ئي تاريخ نويسن جو ڪم سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو. هتي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل چند اهم ادبي تاريخن جو ذڪر ڪجي ٿو ته جيئن شاگردن ۽ ريسرچ ڪندڙن کي ڄاڻ پوي ته ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪهڙو مواد ملي سگهي ٿو.


1. سنڌ جي ادبي تاريخ: خانبهادر صديق ميمڻ لکي آهي، جا پهرين ٻن جلدن تي مبني هئي جنهن جو پهريون جلد انگريز حڪومت کان اڳ واري ذڪر تي مشتمل آهي اهو جلد 1937ع، ۾ شايع، ٿيو ۽ ٻيو جلد انگريز دور جو احاطو ڪري ٿو جو 1951ع، ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ ٻيئي ڀاڱا گڏي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن 2003ع، ۾ شايع، ڪيو ٻيا ڪيتراڇاپا ڇپيا آهن هن ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن ۾ ڪل 65 شاعرن ۽ نثر نويسن جو ذڪر ڪيل آهي جن ۾ قاضي قاضن، مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُالدين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، آخوند عزيز الله، سيد ثابت علي شاهه، سامي، ننديرام سيوهاڻي، قاضي غلام علي، خليفو گل محمد گل، بيدل بيڪس، سانگي، قليچ، ڪوڙومل ۽ ٻيا آهن. جن جي سوانح ۽ ڪلام جو جائزو ڏنل آهي ميمڻ صاحب کان اڳ ڪي تذڪرا ۽ احوال موجود ته هئا پر هن قسم جو تفصيلي ادبي احوال ڪنهن هڪ جاءِ تي موجود نه هو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هن ڏس ۾ لکي ٿو ته؛ “ميمڻ صاحب ڪن پراڻن قلمي نسخن تان شاعرن جو ڪلام به اتاريو هو سنڌي ادب جي تاريخ بنيادي سرمايو آهي جنهن جي اهميت کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي اڄ ڪيترائي ديوان ۽ ڪلام جا ٻيا مجموعا ڇپجي ويا آهن پر ميمڻ صاحب کي اهي وسيلا ميسر نه هئا هن ڪيترن ڪتب خانن مان پنهنجي مقصد جا موتي چونڊي سنڌي ادبي تاريخ مرتب ڪئي”. (1)

30 مارچ 1890ع، تي حيدرآباد ۾ محمد يوسف ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد صديق ميمڻ نه فقط معروف اديب، تعليمي ماهر ۽ سماجي خدمتگار هو پر سنڌي ادب ۾ سندس سنڌي ادبي تاريخ جو ڪارنامو قائم رهندو. انگريز سرڪار سندس تعليمي خدمتن کي مڃيندي کين 1939ع، ۾ “خانبهادر” جو لقب ڏنو. هن استاد جي حيثيت ۾ يا تعليمي آفيسر (پرنسپال) جي حيثيت ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي. اڪثر نصاب جا ڪتاب لکيا “شاهه جو رسالو” ترتيب ڏنائين سندس ڇپيل ڪتابن جو انگ 32 آهي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي قائم ڪري ان معرفت ڪيترائي ڪتاب شايع، ڪرايائين سندن وفات 20 نومبر 1958ع، تي ٿي. خانبهادر صديق جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن ۾ هيءَ ادبي تاريخ خاص اهميت رکي ٿي ۽ يونيورسٽين ۾ هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر رهندڙ ڪتاب رهيو آهي. مهراڻ اڪيڊميءَ وارو ڇاپو موجوده وقت گهڻو هلندڙ آهي جو 636 ڊيمي سائيز جي صفحن تي مشتمل پڪي جلد ۾ آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار “عابد” لغاري جي طرفان واڌارا به شامل آهن اصل ميمڻ صاحب جي تاريخ جو احوال 548 صفحن تي آهي.

ميمڻ صاحب جي هن ادبي تاريخ ۾ نظم ۽ نثر جي بابت سٺي ڄاڻ ڏنل آهي جنهن ۾ نثر ۽ نظم جي قسمن جا تفصيل پڻ ڏنا ويا جيڪا بنيادي معلومات آهي ڪيترن شاعرن سان ڪي نيون ايجاد پڻ منسوب ڪيون اٿن. ڪتاب جي شروع، ۾ علم ادب جي وصف بيان ڪيل آهي، ان کان پوءِ سنڌ جو ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت ڄاڻائي اٿن ته عربي سنڌي صورتخطيءَ جي معلومات ڏيندي اوائلي سنڌي شعر تي بحث به ڪيو اٿن. قاضي قاضن جي ڪلام کي “سنڌ جو بنيادي تحريري شعر” سڏائيندي اهو به ارمان ظاهرڪيو اٿن ته “ارمان جي ڳالهه آهي ته قاضي صاحب جا رڳا 7 بيت بيان العارفين واري درج ڪيا آهن نه ته اهڙي بلند پايي جي شاعر گهڻو ئي شعر چيو هوندو قاضي صاحب سنڌيءَ جي محاورن جو ماهر ٿو ڏسجي” (2) قاضي قادن جي شاعريءَ جو ڳوڙهو اثر ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ تي ظاهر ڪيو اٿن ٻين به ڪيترن شاعرن ۽ نثر نويسن جون خاصيتون ڄاڻايون اٿن. خاص طور شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح (شاعرن جو سرتاج شاعر) ۽ مرزا قليچ بيگ (سنڌي نثر جو ابو) سندن تاريخ ۾ اهم حيثيت والارين ٿا سندن فن کي ميمڻ صاحب سهڻائيءَ سان اجاگر ڪيو آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين، محمد صديق ميمڻ جي خدمتن کي مڃتا ڏيندي ڄاڻايو آهي، ته ”ميمڻ صاحب باقائدي سان شاعريءَ جي فني ۽ ٽيڪنيڪي پهلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مختلف شاعرن سان ڀيٽ ڪري، شاهه صاحب جي فن ۽ ٽيڪنيڪ جو احوال ڏنو آهي جيڪا ڳالهه ان دور تائين ڪنهن به ڪانه ڪئي هئي اصولي تنقيد جي حوالي سان عملي تنقيد جو اڃان رواج ڪونه پيو هو ان ڪري ميمڻ صاحب جي ڪوشش کي داد ڏيڻ گهرجي“.(3) حاصل مطلب ته، ميمڻ خانبهادر صديق تنقيدي شعور، تاريخي معلومات ۽ محنت سان هيءَ ادبي تاريخ پڙهندڙن جي اڳيان آندي. هيءُ ادبي تاريخ انگريز دور تائين جي معلومات ڏئي ٿي جنهن جو آخري ليکڪ ڪيولرام سلامت راءِ ڏنل آهي.


2. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ڀيرو مل آڏواڻي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ اهم خدمتگار ٿي گذريو آهي کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان عشق هو، هن ايڪسائيز کاتي جي نوڪري ڇڏي استاد ٿيڻ پسند ڪيو ۽ تمام اهم ڪم سنڌي قوم کي سونپي ويو. ڀيرومل مهر چند 24 ڊسمبر 1876ع، تي جنم ورتو، سندن وفات 7 جولاءِ 1950ع، ۾ ٿي. سڄي حياتي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪيائين کين سنڌي ، سنسڪرت، هندي، فارسي، عربي ۽ انگريزي زبانن تي مهارت حاصل هئي، ڪل 50 کان مٿي ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيائين هن سنڌي ٻوليءَ جي استعمال تي گهڻي توجه ڏني بنيادي طور نثر نويس هو پر ڪجهه شاعري ڪيائين “غريب” تخلص هيس. ٻارن لاءِ لکيل سندن شعر اهميت جوڳا آهن خاص طور درسي ڪتابن ۾ شامل آهن “مون کي ڪنهن تي کير پياريو” ، “وقت چوي آئون بادشاهه” ۽ ٻيا گهڻو مشهور ٿيا هي اديب، محقق، تاريخ نويس، لسانيات جو ڄاڻو، لطيف شناسيءَ جو عاشق هو، سندس ڪتابن ۾ ”قديم سنڌ“، ”لطيفي سير“، ”سنڌ جو سيلاني“، ”غريب الغات“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ته؛ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ڪتاب ڀيرومل جو هڪ وڏو تحقيقي ڪارنامو آهي جنهن کي هن گريئرسن ۽ ٻين يورپي عالمن جي ڪم جي روشنيءَ ۾ لکيو آهي جديد لسانيات جي بنياد تي سندس ڪيترن بابن تي نظرثانيءَ جي گنجائش پيدا ٿي پيئي آهي“. (4)

ڀيرومل، جي ٻوليءَ جي تاريخ جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن موجوده وقت پڻ مختلف پبليڪيشن وٽان شايع، ٿيو آهي ۽ هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر آهي هن تاريخ ۾ ٻوليءَ جي بابت ڀيرومل جيڪي نظريا ڏنا آهن انهن تي پوءِ ڪيترن ئي عالمن بحث ڪيو آهي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾ قديم آثارن جي بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد موهن جي دڙي کان شمار ڪيو آهي ۽ هن علائقي جي ٻين ڪيترين ٻولين سان سنڌيءَ جو لاڳاپو ظاهر ڪيو آهي ۽ ڀيرومل جي سنڌيءَ جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظريي کي دليلن سان رد ڪيو آهي ملڪاڻي منگهارام لکي ٿو ته “1941ع، ۾ ڀيرو مل جي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ پڌري ٿي جو هن ڏس ۾ پهريون ئي اتاهه آزمودي اڀياس ۽ کوجنا وارو رسالو هو جنهن ۾ چٽيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جو اثر ۽ ٻوليءَ جو اثر سنڌي ساهت تي ڪهڙو ٿيو آهي“. (5) ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هن صاحب ٽن ڀاڱن ۾ ٻولين جون کوجنائون، “سنڌي ٻوليءَ جا لهجا”، “ٻوليءَ جي اکرن تي ويچار” اصطلاح پهاڪا، “سنڌيءَ جون خوبيون ۽ خاميون ۽ سنڌي صرف جا اصول” بيان ڪيا آهن.


3.سنڌي ادب (اردو) سيد حسام الدين راشدي اردو ٻوليءَ ۾ لکيو ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو جو پهرين 1981ع، ۽ پوءِ 1996ع، ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ هر تاريخي دور جو ادب بيان ڪيل آهي آخر ۾ موجوده دور ۽ شاعريءَ جون صنفون بيان ڪيل آهن هن ڪتاب ۾ 1951ع، تائين جي ئي معلومات ڏنل آهي. جا پڻ مختصر آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ پوين ستر سالن ۾ سنڌي ادب ۾ وڏو ڪم ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ جي حوالي سان هن وقت اهميت جوڳو نه آهي.


4. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل تاريخ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد خان لغاري بلوچ جي گهر 16 ڊسمبر1917ع، تي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ويهين صديءَ جي هن شخصيت جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتون هميشه قائم رهنديون. خاص طور لوڪ ادب، لطيف شناسي، لغت، تاريخ، ثقافت موسيقي، آثار قديمه ۽ ٻين حوالن سان سندن ڪم گهڻو آهي سندن ڪيترائي ڪتاب نصاب ۾ شامل آهن، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ انهن مان هڪ آهي. هيءُ ڪتاب پهرين ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصرتاريخ“ جي عنوان سان 1962ع، ۾ 150 صفحن تي مشتمل سنڌ يونيورسٽيءَ شايع، ڪيو. انهيءَ کان پوءِ ٻيو ڇاپو 1980ع، ۾ 352 صفحن تي، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ” جي عنوان سان زيب ادبي مرڪز شايع، ڪيو ۽ 1990ع، ۾ پاڪستان اسٽيڊي سينٽر شايع، ڪيو ۽ 1999ع، ۾ چوٿون ڇاپو “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، جي عنوان سان 478 صفحن تي ڇپيو هر ڇاپي ۾ واڌارا به ٿيا آهن ته نالي ۾ پڻ تبديلي آئي ۽ صفحا پڻ وڌيا آهن. آخري ڇاپي ۾ 500 ق-م کان 1860ع، ٽالپر دور جي ڀائي چئنراءِ شڪارپوريءَ جي احوال تي هيءَ تاريخ ختم آهي، اٺن بابن تي مشتمل هن اهم ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ جو وڏو حصو سنڌي ٻوليءَ بابت آهي جنهن کي سياسي ۽ سماجي حوالن سان سمجهايو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب موجب ته؛ ”ملڪ جي سياسي ۽ سماجي پس منظر ۽ ٻولي جي ادبي سرمايي کي سمجهڻ کان سواءِ ٻوليءَ جي اوسر ۽ ارتقا جي تاريخ لکڻ مشڪل آهي“. (6)

ڊاڪٽر نبي بخش هن تاريخ معرفت سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا بابت نون نظرين ڏيڻ جو رواج عمل ۾ آندو، قديم دور سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون جي عنوان سان 600 ورهيه قبل مسيح کان 500 ورهيه بعد مسيح ڏنل آهي سنڌي ٻولي جي سٽاءُ واري بنيادي دور کي 500 –950ع، تائين ذڪر ڪندي راءِ برهمڻ گهراڻن جي دؤر ۾ ٻوليءَ جي سٽاءُ ۽ صورت کي آندو اٿس. باب ٽئين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعمير ۽ توسيع، ۽ زباني ادبي روايت جو دور سومرن جي دور کان بيان ڪيل آهي جنهن ۾ ڳاهن جو ذڪر آهي باقي گنانن جو احوال سمن جي دور ۾ ڏنل آهي هن دور کي ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي توسيع، ۽اعليٰ معياري شاعري جي ابتدا وارو دور سڏيو آهي جنهن ۾ شيخ حماد جو بيت ۽ ماموين جا بيت، سورهين جي سورهيائيءَ جون ڳاهون، پير صدرالدين ۽ پير حسن ڪبير الدين ڏانهن منسوب گنان ذڪر هيٺ آيل آهن. آخر ۾ قاضي قادن جي بيت ۽ ٻوليءَ تي هن باب جي پڄاڻي آهي باب ڇهون سنڌي ۽ فارسيءَ جي وڌندڙ تعلق سنڌي اصطلاحن ۽ نثري جملن جي وضاحت، سنڌ جي ادبي ثقافتي دائري جي وسعت، روايتي ادب ۾ اضافي ۽ سنڌي شعر جي تحريري ذخيري ۾ واڌاري وارو دور، ارغون ترخان ۽ مغل دور ڄاڻايو اٿن. ڊاڪٽر بلوچ موجب ته هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي راويتن جي ذخيري ۾ اضافو ٿيو جنهن ۾ موکي متارا،بوبنا، جراڙ ۽ ٻيا قصا روايت تحت هليا ته شعر جي مستند تحريري ذخيري ۾ واڌارو ٿيو. شاهه ڪريم جو ڪلام ۽ مخدوم نوح، سيد علي ثاني ۽ ٻين جي شاعري هن دور جو اهم خزانو آهي. ڊاڪٽر صاحب ستون باب مڪمل مغليه دور تي رکيو آهي جنهن ۾ مادري زبان ذريعي بنيادي تعليم جي نظريي ۽ سنڌيءَ ۾ درسي ۽ علمي مواد جي ذڪر کي آندو اٿن. باب اٺون سنڌيءَ ذريعي تعليمي تحريڪ جي ڪاميابي، سنڌي نثر جي شروعات، اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي عروج وارو دور 1680ع، کان 1860ع، تائين بيان ڪيل آهي، هن ۾ آخري مغليه دؤر، عباسي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو دؤر حڪومت اچي وڃي ٿو. ڪتاب جي آخر ۾ شاهه لطف الله قادري ، شاهه عنايت رضوي، شاهه ڀٽائي ۽ ٻيا شاعر ذڪر ڪيل آهن ٽالپر دور جي اهم شاعر ڀائي چئنراءِ شڪارپوريءَ تي هن ادبي تاريخ جو احوال ختم ٿئي ٿو.

حاصل مطلب ته هيءَ ادبي تاريخ شروع، کان وٺي، ٽالپر دور تائين جو احاطو ڪري ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي هر تاريخي دور جي سياسي۽ سماجي ماحول جو جائزو پڻ ڏنل آهي ۽ ان مطابق ٻوليءَ ۽ ادب جي اوسر تي روشني وڌل آهي. ڊاڪٽر بلوچ قلمي نسخن کي پرکي هيءُ ادبي ۽ علمي ذخيرو پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ اڳيان آندو آهي ۽ هر باب جي آخر ۾ نتيجا پڻ پيش ڪيا ويا آهن.


5.سنڌي نثر جي تاريخ: ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي آهي ڊاڪٽر غلام علي الانا، الله ڏنو خواجه جي گهر 15 مارچ 1930ع، ۾ ڳوٺ تڙ خواجه تعلقي جاتي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. جڳ مشهور اديب، عالم، محقق، دانشور ۽ ٻوليءَ جي ماهر طور سندن سڃاڻپ آهي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پهريان پي ايڇ ڊي هولڊر هيا. سندن مقالي جو موضوع، “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” آهي. الانا صاحب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جا ڊائريڪٽر، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جا وائيس چانسلر رهيا ته ٻين به ڪيترن انتظامي ۽ تعليمي عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائون، سندن ڪتاب ۽ مضمون پرائمريءَ کان هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل آهن، “چور” (ڪهاڻين جو مجموعو) ، “لاش (ناول)”، “سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد”، “ لساني جاگرافي”، “سنڌي نثر جي تاريخ” ۽ ٻيا ڪتاب لکيا اٿن.

”سنڌي نثر جي تاريخ” ڪتاب 1966ع، ۾ شايع، ٿيو 222 صفحن جي هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1977ع، ۾ زيب ادبي مرڪز شايع ڪيو ۽ ان کان پوءِ ڇپجندڙ ڪتاب رهيو آهي، ڪتاب جي اهميت ڄاڻائيندي پاڻ لکي ٿو ته؛ ”سنڌي ادب جي تاريخ اڃان نامڪمل آهي بلڪه ائين کڻي چئجي ته”سنڌي ادب جي تاريخ” تي اڃا تائين تحقيقي ڪم گهڻو ڪونه ٿيو آهي، خانبهادر صديق ۽ لطف الله بدوي ابتدائي قدم کنيو آهي ادب جي تاريخ جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو تڏهن مايوسي وٺيو وڃي ڇاڪاڻ ته ادب جي تاريخ مان مراد فقط سنڌي شاعريءَ جي ورتي وڃي ٿي، ان ۾ نثر واري حصي کي شامل نه ڪيو ويو آهي. هيءُ پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ پهريون ڀيرو هيترن سارن يعني 28 مشهور نثر نويسن جي حالاتِ زندگي، ادبي خدمتن ۽ سندن مشهور ڪتابن جو تعارف ڪرايو ويو آهي ۽ انهن تي روشني وڌي وئي آهي اهوئي سبب آهي جو هن ڪتاب جو نالو “سنڌي نثر جي تاريخ” رکيو ويو آهي“. (7)

هن تاريخ ۾ “سنڌي نثر جي اوسر” “ننديرام دور”، “قليچ دور” ۽ “پاڪستان دور” ڏنل آهي. سنڌي نثر جي عنوان ۾ نثر جي اهميت بيان ڪيل آهي ته نثر جا سرچشما، سنڌي نثر جون خاصيتون نثر جا موضوع، عبارت ۽ خوبيون ڄاڻايل آهن باقي هن تاريخ ۾ نثر جي صنفن جي باري ۾ ڪوبه احوال ڪونهي، اهم نثر نويس جيڪي الانا صاحب چواڻيءَ ته، پنهنجو وارو وڃائي ويا آهن يعني فوت ٿي ويا آهن انهن مان 28 نثر نويسن جو احوال هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي سندن سوانح، علمي ۽ ادبي خوبيون ڏيڻ سان گڏ ڇپيل مواد مان حوالا ڏيئي سندن لکيل نثر جي خاصيتن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي اهڙن نثر نويسن ۾ ننديرام سيوهاڻي، ميران شاهه (اول)، ڪوڙو مل، شمس الدين بلبل، ڏيارام گدو مل، مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوارام، دين محمد وفائي، دائود پوٽو، محمد صديق ميمڻ، عثمان علي انصاري ۽ ٻيا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب جو ”سنڌي نثرجي تاريخ“ ڪتاب نثر پڙهندڙن جي لاءِ ۽ خاص طور شاگردن لاءِ اهميت جوڳو آهي، ڇو جو هيءُ باقائدي مڪمل نثر جي تاريخ پهريون دفعو نروار ٿي (ان کان پوءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ هند ۾ ۽ سنڌ ۾ ڇپي آهي انهيءَ ۾ ڪجهه نثري صنفن جو احوال موجود آهي پر اهو احوال به 1947ع، تائين آهي مطلب ته نثر جي صنفن تي ڳچ وقت تائين تفصيلي معلومات ڪابه موجود ڪانه هئي. ڊاڪٽر جبار صاحب جي، “مختصر تاريخ” ڇپي جنهن ۾ نثر جو ڀاڱو مختصر آهي ان کان پوءِ منهنجو ڪتاب “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” آيو جو نثري صنفن جي تفصيلي مطالعي تي محيط آهي ۽ ڊاڪٽر جبار جي ادبي تاريخ جا 3 جلد آيا آهن جنهن جو ٽيون ڀاڱو نثر تي آڌاريل آهن).


6.سنڌي نثر جي تاريخ: جي ساڳئي عنوان سان تاريخ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکي آهي. منگها رام ملڪاڻيءَ جون سنڌي نثر ۾ خدمتون اهم شمار ٿين ٿيون، منگهارام ملڪاڻي، اڌارام شيوارام ملڪاڻيءَ جي گهر ۾ 24 ڊسمبر 1896ع، تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. هو مشهور عالم، نقاد، مؤرخ ۽ ناٽڪ نويس ٿي گذريو آهي، ڊي جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ بمبئي جي، “جئه هند”، ڪاليج مان پروفيسر جي عهدي تي ريٽائرڊ ڪيائين کيس ناٽڪن لکڻ ۽ اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. خاص اداڪاري به ڪيائين پنجاهه کان وڌيڪ ناٽڪ لکيائين، هن ادبي مؤرخ ۽ نقاد جي حيثيت ۾ ”ادبي اصول“، ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت“ ۽ ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڪل 20 کن ڪتاب لکيا جن ۾ نظماڻو نثر ۽ آمريڪا جو سفرنامو پڻ آهي پر خاص “سنڌي نثر جي تاريخ” ڪتاب کين مؤرخن، نقادن استادن ۽ شاگردن ۾ وڏي اهميت ڏياري.

”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڪتاب ملڪاڻي صاحب 1961ع، ۾ 28 مئي تي لکي پورو ڪيو جو 8 نومبر 1968ع، تي ڪلڪتي مان شايع ٿيو. پوءِ هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا هند ۽ سنڌ ۾ شايع، ٿي چڪا آهن ملڪاڻي صاحب کان اڳ ڊاڪٽر الانا جي لکيل نثر جي تاريخ موجود هئي پر جيئن ته هن ڪتاب جو نوع، مختلف هئڻ سبب هيءُ تاريخ پڻ مقبول ٿي. هن ڪتاب جو انتساب، لعلچند امرڏنومل جي نالي آهي جو ملڪاڻي صاحب جو استاد هو. روشني پبليڪيشن جي 1993ع، واري ڇاپي ۾ 346 صفحا ۽ 7 جلد آهن فصل پهريون اوائلي دور سنڌي ٻوليءَ ۽ آئيويٽا متعلق آهي، فصل ٻيو ڪهاڻي نويسيءَ جي اوسر، فصل ٽيون ناول نويسيءَ جي اوسر، فصل چوٿون ناٽڪ نويسيءَ جي اوسر، فصل پنجون، ننڍي ناٽڪ نويسي جي اوسر، فصل ڇهون مضمون نويسيءَ جي اوسر ۽ فصل ستون تنقيد جي اوسر تي آڌاريل آهن. جيئن ته ملڪاڻي صاحب جو ناٽڪ نويسيءَ ڏي رجحان وڌيڪ هو هن گهڻا ناٽڪ لکيا ۽ کيس هندوستان ۾ ٿيندڙ گهڻن ناٽڪن جي ڄاڻ هئي ان ڪري سندس لکيل هن تاريخ ۾ جيترو ورهاڱي تائين جي سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جو احوال آهي، اهڙو ڪنهن تاريخ ۾ نه آيو آهي ان کانسواءِ ٻين نثر جي صنفن ۾ ناول، ڪهاڻي، سوانح ۽ مضمون جو مواد ڏنل آهي جو نثري صنفن جي حوالي سان اڳ ۾ ڪنهن به ادبي تاريخ جو حصو نه بڻيو آهي ليکڪ لکي ٿو ته، ”سنڌي نظم جي شروعات 14 عيسوي صديءَ ڌاري ٿي هئي يعني اهو ساڍيون ڇهه صديون جهونو آهي پر سنڌي نثر 18 صديءَ جي وچ ڌاري شروع، ٿيو يعني اڃان ٻه صديون کن پوريون ڪيون اٿس تحقيق هر ٻوليءَ جو ساهت شعر سان ئي شروع، ٿيندو آهي پر ٻين ٻولين ۾ نظم ۽ نثر جي ڄمار ۾ ايڏي وٿي ڪانه هوندي آهي جيڏي سنڌي ٻوليءَ ۾، نثر جي دير سان پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي هاڻوڪي مقرر آئيويٽا ۽ لپي ملئي صرف هڪ صدي ٿي آهي“.(8)

ملڪاڻي صاحب جي تاريخ ۾ اهم ليکڪن ۽ انهن جي تحريرن تي تنقيدي رايا ڏنل آهن سندن موجب ته، “پڙهندڙن جي دلچسپيءَ کي وڌائڻ لاءِ ڪيترين لکڻين مان مثالي فقرا هو بهو ڏنا اٿم ته پتو پوي ته سنڌي نثر زماني جي رفتار سان ڪيئن ترقي ڪندو آيو آهي”!! ڪٿي ڪٿي هن مختلف ڪتابن تي بحث به ڪيو آهي ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهون ٿا ته نثر جي هيءَ تاريخ تنقيدي رجحان سان سلهاڙيل آهي، ملڪاڻي صاحب مواد گهاٽو ۽ جهجهو ڏنو آهي انهيءَ ڪري ڪنهن ڪنهن جڳهه تي موضوع، جي سمجهڻ ۾ دقت پڻ درپيش اچي ٿي سندس لکڻ جو نمونو، ائين آهي جيئن هوڪا ڳالهه بيان ڪندو هجي ۽ان ۾ ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي پئي اچي، ان ڪري ڪٿي ڪٿي شاگردن جي حوالي سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪجهه قدر مشڪل به آهي. هيءَ تاريخ پڻ فقط انگريز دور تائين آهي.


7.سنڌي ادب جو تاريخي جائزو: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪتاب جو جلد پهريون 1972ع، ۾ شايع، ٿيو انهيءَ کان پوءِ مختلف ڇاپا ڇپجندا رهيا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 11 سيپٽمبر 1931ع، تي حاجي غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي هو کيس سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان گهڻي محبت هئي هن وڏو ڪم ڪيو آهي سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 50 تائين پهچي ٿو جنهن ۾ پنج ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ به آهن. کين ادبي تاريخ، تنقيد، لطيف شناسي ۽ اسلامي موضوعن تي دسترس حاصل هئي، “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” 1972ع، “سنڌي ادب جي تاريخ”، 1993ع۽ “سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس” سندن ڪتاب ادبي تاريخ جي حوالي سان اهم آهن. ڊاڪٽر صاحب 1996ع، ۾ وفات ڪئي انهيءَ کان پوءِ سندن ڪي ڪتاب شايع، ٿيا آهن.

سنڌي ادب جو تاريخي جائزو: ميمڻ عبدالمجيد جو ڪتاب روشني پبليڪيشن 2002ع، ۾ شايع، ڪيو انهيءَ کان اڳ ڪرائون سائيز ۾ سکر مان 1972ع، ۾ ڇپيو ۽ باربار ڇپجندڙ ڪتاب رهيو آهي، هن ڪتاب تي ڊاڪٽر صاحب کي 1975ع، ۾ سنڌالاجيءَ طرفان ايوارڊ ڏنو ويو. روشني پبليڪيشن جي 2002ع، واري ڇاپي ۾ ڪل ست باب آهن جيڪي مختلف فصلن ۾ ورهايل 278صفحن تي محيط آهن. باب پهريون اوائلي دؤر جنهن جي فصل پهرين ۾ سياسي پس منظر، عربن جو اچڻ بيان ڪيل آهي ۽ ٻيو فصل سومرا دور تي مبني آهي باب ٻيو سما دور، ان دور جي پس منظر ۽ قاضي قادن تائين آهي آخر ۾ هن دور جو ادبي جائزو ڏنل آهي، باب ٽيون ارغونن، ترخانن ۽ مغل دور جي سياسي پس منظر ۽ علمي حالت سان گڏ سنڌي ادب جي اوسر بيان ڪري ٿو، شاهه عنايت رضوي جي احوال بعد هن دور جو ادبي جائزو ڏنل آهي، باب چوٿون ڪلهوڙا دور تي مشتمل آهي جنهن جي فصل پهرين ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ کان مخدوم عبدالله تائين 13 عالم ذڪر ڪيل آهن ۽ فصل ٻئي ۾ شاهه عنايت رضويءَ کان صابر موچيءَ تائين جا شاعر ۽ ڪجهه لسٻيلي جا شاعر بيان ڪيل آهن، هن باب جو ٽيون فصل وائي ۽ ڪافي بابت آهي ته فصل چوٿون نعتيه ۽ مدحيه شاعريءَ متعلق آهي چوٿين فصل ۾ مولود، مدح ۽ مناجات جي اهم شاعرن مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، جمن چارڻ ۽ سرفراز ڪلهوڙي جو ذڪر ڪيل آهي، هن باب جو پنجون فصل، غزل جي حوالي سان اهم آهي خاص مشهور غزل گو شاعر نورمحمد خسته، مرزاتقي ۽ ٻيا ذڪر ڪيل آهن آخر ۾ ادبي جائزو ڏنل آهي، باب پنجون ٽالپر دور تي آهي جنهن جا ست فصل آهن پهريون فصل ڪافي گوشاعر سچل ۽ ٻيا ڏنل آهن ٻيو فصل بيت ۽ حمل خان لغاري، خليفو نبي بخش ۽ ٻيا بيان ڪيل آهن ٽيون فصل سلوڪ ۽ ساميءَ جي باري ۾ آهي چوٿون فصل نعتيه ۽ مدحيه شاعريءَ تي مبني فصل پنجون مرثيو ۽ سيد ثابت علي شاهه، سيد خير شاهه ۽ ٻيا ڄاڻايل آهن، فصل ڇهين ۾ قصا گوئي ۽ عروضي شاعري بيان ڪيل آهي، فصل ستون نثر نويسيءَ بابت آهي ۽ آخر ۾ ادبي جائزو ڏنل آهي هن ڪتاب جو باب ڇهون انگريز دور جو احاطو ڪري ٿو پهرين فصل ۾ سياسي پس منظر ڏيڻ کان پوءِ، ميمڻ صاحب نثر جا دور بيان ڪيا آهن ان کان پوءِ نثري صنفن ۾ افسانو، ناول، ڊرامو، مضمون، تنقيد ۽ تحقيق ڏنل آهن ته مکيه نثر نويسن ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻيءَ ۽ منشي اڌارام ٿانور داس کان الهه بچايو سمون تائين 36 نثر نويس آندا آهن، هن باب جي پهرئين فصل ۾ انگريز دور جا شاعر ۽ ڪجهه عروضي شاعريءَ جون صنفون، ڄاڻايل آهن قادربخش “بيدل” کان مصري شاهه تائين شاعرن جو احوال آهي. باب ستون موجوده دور جي تعارف ۽ ادبي رجحان سان گڏ پهريون فصل نثر نويسي آهي جنهن ۾ اهم صنفون ڏنل آهن خاص طور هن دور جون آتم ڪهاڻيون سفرناما، تاريخ ۽ تحقيق پيش ڪيل آهن جن محققن، نقادن ۽ نثرنويسن جو احوال ڏنل آهي انهن ۾ پيرحسام الدين راشديءَ کان مهتاب محبوب تائين 64 شخصيتون آيل آهن، هن باب جي ٻئي فصل ۾ شاعريءَ جون صنفون بيت، وائي، ڪافي، غزل، گيت ۽ ٻيون آهن ۽ شاعرن ۾ پرسرام ضيا کان اختر درگاهيءَ تائين 76 شاعر ذڪر ڪيل آهن.

هن ڪتاب جي خاصيت اها آهي ته هن ادبي تاريخ ۾ گهڻي ۾ گهڻا شاعر ۽ نثر نويس آيل آهن پر خامي اها آهي جو انهن جو تفصيلي احوال ڪانهي جو شاگردن کي يا تحقيق ڪندڙن کي ڪنهن به شخصيت لاءِ تفصيلي ۽ مڪمل مواد هڪ جڳهه ملي سگهي تمام مختصر ذڪر آهي. شاعرن ۽ نثر نويسن جي ڪتابن مان حوالا به گهٽ ڏنل آهن. نه ئي انهن تي ڪا تنقيد ڪيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي باقي، سوهن تاريخ ۾ ادبي دورن جي سياسي، سماجي پس منظر ۽ ادبي جائزي کي فوقيت آهي جو هن کان اڳ انهيءَ نموني ادبي دورن جي تفصيل موجود نه هئي. حاصل مطلب ته هيءُ ڪتاب پنهنجي طور افاديت وارو آهي. ادبي تاريخون ان ئي طرح هڪٻئي جي تسلسل سان سلهاڙيل هونديون آهن جن ۾ ايندڙ محقق ۽ مؤرخ اضافا ڪندا رهن ٿا، ميمڻ صاحب موجب ته؛ “هن ڪتاب کي گهڻو وڌايو ۽ سنواريو ويو آهي هر باب ۾ ڪيترائي اضافا ڪيا ويا آهن ان هوندي به اختصار کي قائم رکيو ويو آهي جو اختصار ۽ جامعيت ئي هن ڪتاب جي مکيه خاصيت آهي.(9) ڊاڪٽر فهميده حسين هن ڏس ۾ لکي ٿي ته، “ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جي ادبي تاريخ سنڌي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي ڇاڪاڻ ته هن ڪيترا اهڙا شاعر ۽ اديب شامل ڪيا آهن جن کي هن کان اڳ ۾ ڇپيل سڀني تاريخن ۾ غير اهم سمجهي شامل نه ڪيو ويو هو. تاريخ جي سلسلي کي صحيح ۽ مڪمل رکڻ لاءِ ننڍا سهي پر انهن شاعرن ۽ اديبن جو حق هو ته انهن کي مڃتا ڏجي. ان خيال کان ميمڻ صاحب جو ڪم اهميت رکي ٿو.(10) ڊاڪٽر مجيد ميمڻ جو ٻيو ڪتاب “سنڌي ادب جي تاريخ” 1990ع، آهي جنهن ۾ پڻ ڪم و بيش ساڳيو احوال آهي.


8.سنڌي ادب جي مختصر تاريخ: ڊاڪٽر جبار جوڻيجو جو ڪتاب آهي ڊاڪٽر عبدالجبار ولد سلطان احمد جوڻيجو 26 نومبر 1935ع، تي ڳوٺ پير فتح محمد ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو، سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيائين يونيورسٽي آف سنڌ ۾ 1962ع، ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمين ٿي رٽائرڊ ڪيائين. پاڻ سنڌي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ چيني ٻولين جي ڄاڻ رکندڙ هو، فارسيءَ سان گهڻي رغبت هيس، سندس تحقيقي مقالي جو موضوع “سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو اثر” آهي. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، سندن ڇپيل ڪتابن ۾ “سنڌي ادب جي تاريخ”، “مائوءَ جي ملڪ ۾” ونڊ سر محل جو مسافر” ڪٺمال” ڪتاب نصاب ۾ شامل آهن. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر جبار صاحب هائر ڪلاسن ۽ چٽاڀيٽيءَ جي امتحان لاءِ لکي جنهن جو پهريون ڇاپو 1973ع، ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو 1983ع، ۾ ۽ ٽيون 1993ع، ۾ روشني پبليڪيشن 253 صفحن تي  شايع، ڪيو ۽ ان کان پوءِ هي ڪتاب ڇپجندڙ رهيو آهي.

هن تاريخ ۾ ٽي ڀاڱا آهن، پهرين ڀاڱي ۾ ٽي باب، ٻئي ڀاڱي ۾ ٽئي باب ٽئي ڀاڱي ۾ چار باب ڏنل آهن، پهرين ڀاڱي جو باب پهريون تهذيب، تاريخ، ٻوليءَ جي بنياد ۽ قدامت بابت آهي ته ٻيو باب، ادب، قديم شاعريءَ جي باري ۾ آهي ۽ ٽيون باب قاضي قادن کان عيسوهالائي تائين آهي، ٻئي ڀاڱي جو پهريون باب شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻيو باب طويل نظم سنڌيون ۽ باب ٽيون سچل کان خليفو نبي بخش ۽ شاهه شريف ڀاڏائي تائين آهي. ڀاڱو ٽيون نثر جي باري ۾ آهي جو فقط 141 کان 178 صفحن تي مشتمل آهي مطلب ته هن ادبي تاريخ ۾ نثر جو احوال فقط 37 صفحن تي آهي جنهن ۾ مختصراً چند اهم نثر نگار ذڪر ڪيل آهن ۽ باب ٽيون ۾ جديد شاعريءَ جا ڪشنچند بيوس کان سحر امداد تائين شاعر آهن، باب چوٿون، محقق ۽ مقالا نگار جي باري ۾ آهي جنهن ۾ اهم محقق ڏنل آهن ڊاڪٽر جبار جي هن تاريخ جو مواد گهاٽو هوندي به تشنگي موجود آهي انهيءَ جو سبب ته ادبي تاريخ هڪ ننڍي ڪتاب ۾ سمائڻ مشڪل ڪم آهي جنهن جي ڪري ڊاڪٽر جبار صاحب نئين سر ٽن جلدن ۾ ادبي تاريخ ڇپرائي ميدان ۾ آندي. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر جبار ڪن اهم ليکڪن کي آندو آهي ۽ انهن جي ڪم تي تنقيدي رويي سان ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي خاص طور شاهه عبداللطيف جي باري ۾ تفصيلي بيان ڏنو اٿن ۽ تنقيدي نموني سان شاهه جي شاعريءَ جي ڪردارن ۽ شاعريءَ جي موسيقيت، علامت نگاري ۽ ٻين حوالن سان جائز و پيش ڪيو آهي. حاصل مطلب ته ڊاڪٽر جبار جي هيءَ ادبي تاريخ نظم جي ذڪر تي وڌيڪ ۽ نثر جي بيان تي مختصر هوندي به مدّلل آهي جنهن جي ڪري هي ڪتاب ڳچ عرصو نصاب جو حصو به رهيو آهي.


9.سنڌي ادب جي تاريخ: (3-جلد) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي ڪتاب جا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پهريون جلد 2004ع، ٻيو جلد 2005ع، ۽ ٽيون جلد 2006ع، ۾ شايع، ڪيا آهن جن جا ٽائيٽل نيلي ، گلابي ۽ سائي رنگ ۾ آهن صفحا پهريون جلد 352 ٻيو جلد 595 ۽ ٽيون جلد 249 آهن هن تاريخ جو ٻيو ڇاپو به شايع، ٿيو آهي. پهريون جلد ٽن دورن تي مشتمل آهي جنهن جو پهريون دور مقدمي ۽ ڇهن بابن تي مشتمل آهي باب پهريون سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سومرن جو دور، باب ٻيو سمن جو دور اسحاق آهنگر ۽ هان فقير تائين، باب ٽيون قاضي قادن، مخدوم نوح باب چوٿون ٻين شاعرن ۽ شاهه عبدالڪريم عنايت تائين، باب پنجون عثمان احساني، لطف الله قادري، باب ڇهون ميون عيسيٰ هالائي، عنايت رضوي ۽ احسان فقير تي مشتمل آهي ٻيو دور چار بابن تي آهي پهريون باب شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ بابت 133 کان 176 صفحن تائين آهي باب ٻيو صوفي شاهه عنايت شهيد کان خواجه زمان ۽ باب ٽيون سيد محمد بقا شاهه راشدي کان تمر فقير تائين آهي باب چوٿون عروضي شاعريءَ جي ابتدا لوڪ ادب ۽ ٻيا شاعر ذڪر ڪيل آهن. هن تاريخ جي پهرين جلد جو ٽيون دور ٻن بابن تي مشتمل آهي باب پهريون ميرن جي صاحبيءَ جي ڄاڻ ڏئي ٿو ان کان پوءِ سچل سرمست، نانڪ يوسف، نماڻو فقير ۽ ٻيا اهم شاعر بيان ڪيل آهن باب ٻيو سنڌي موسيقي ۽ خاص ڪافيءَ جي صنف بابت آهي.

سنڌي ادب جي تاريخ جلد (2) ۾ ٻه دور ڏنل آهن 595 صفحن جو هي ٻيو جلد به خاص شاعريءَ تي آڌاريل آهي، پهرين دور جي پهرين باب ۾ بيت، ڪافي، مدح ۽ مناجات جي اهم شاعرن جيئن سرفراز عباسي، روحل فقير، صادق فقير، بيدل، بيڪس، حمل ۽ ٻين کي ته ٻئي باب ۾ حسن بخش شاهه کان احمد ملاح ۽ سانوڻ فقير کي آندو ويو آهي، ٻيو دور چار بابن تي مشتمل آهي باب پهريون ويدانتي ڪلام، سامي آسورام ۽ صوفي دلپتراءِ آهن، باب ٻيو عروضي شاعريءَ بابت آهي جنهن ۾ سيد ثابت علي شاهه کان اسدالله شاهه، سانگي ۽ قليچ بيگ تائين بيان ڪيل آهي باب ٽيون عبدالقادر بيدل کان مخدوم امين فهيم ۽ علي محمد مجروح تائين ڏنل آهي ابراهيم منشي، محمد حسن، سرويچ سجاولي ۽ صائب سرسري ذڪر ڪيل آهي. باب چوٿون جديد شاعريءَ تي آڌاريل آهي جنهن ۾ ڪشن چند بيوس کان تاج بلوچ تائين 34 شاعر ڏنل آهن، جن ۾ 16 شاعر هندوستان جا به شامل آهن جيئن سڳنڌ آهوجا، هري دلگير، ارجن شاد ۽ ٻيا آهن حاصل مطلب ته ادبي تاريخ جي هن ٻن جلدن جي پهريئن جلد ۾ شروعاتي دور ۽ ٻئي جلد ۾ 18 صديءَ جي باقي شاعرن ۽ 19 ۽ ويهينءَ صديءَ جي شاعرن جي جديد شاعريءَ جو جائزو ڏنل آهي هيءَ تاريخ 2000ع، صديءَ تائين جي شعر جي اهم تاريخ آهي. ڊاڪٽر جبار صاحب ادبي تاريخ ۾ آيل مواد جي اهميت جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”ادبي تاريخ ۾ اهم لاڙن ۽ اهم ليکڪن جو بيان ڪرڻ کپي ۽ انهن جو به جيڪي پنهنجي دؤر ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن مون تاريخ ۾ آيل انهن ليکڪن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي جيڪي معياري آهن“. (11)

مٿئين مؤقف کي ڊاڪٽر جبار صاحب هن تاريخ جي ٽنهي جلدن ۾ مختلف نمونن سان ورجايو آهي سندن موجب ته پاڻ هن ۾ معياري ليکڪ ڏنا اٿن ۽ هرڪو لکندڙ ادبي تاريخ جو حصو نه ٿيڻ گهرجي اهو معيار سندن ذاتي مقرر ڪيل آهي، اسان ڏسنداسين ته پاڻ جلد ٻئي ۾ ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ ٻين چڱن اهم شاعرن کي سرسري ذڪر ڪيو اٿن جيڪي حالانڪه معياري شاعر آهن ۽ انهن جي باري ۾ پي سي ايس ۽ ايم اي جي امتحانن ۾ سوال پڻ اچن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي هن تاريخ کي نصاب جو حصو پڻ بڻايو ويو آهي ته پوءِ نصاب ۾ اڻ پوري معلومات ڇو ؟ نثر جي حوالي سان پڻ جيڪڏهن ڏسون ته ٽئين جلد ۾ نثر جي ڏيڍ صديءَ جي احوال ۾ تشنگي ملي ٿي.

ادبي تاريخ، جلد ٽيون، نثر بابت نون بابن تي مشتمل آهي جنهن ۾ پهريون باب، سنڌي نثر جي ابتدا، قصو، داستان، ٻيو باب، ناول، ٽيون باب، ناٽڪ، چوٿون، باب افسانو، ڪهاڻي، باب پنجون، سوانح عمري، باب ڇهون، آتم ڪهاڻي، يادگيريون، باب ستون، سفرنامو، خط، ڊائري، خاڪو، باب اٺون، تنقيد، مضمون مترجم ۽ ادبي رسالن، ادبي ادارن ۽ ڪي پڙهڻ جهڙا ڪتاب تي آهي ۽ باب نائون محقق ۽ ٻارن جي ادب تي آهي.

پهريون باب 4 کان 17 صفحن تائين آهي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميران محمد شاهه، وفا عباسي، ڪوڙو مل ذڪر ڪيل آهن ته اهم قصا حاتم طائي، طوطي نامو، داستان امير حمزه، ممتاز دمساز، چار درويش، الف ليليٰ، سيف الملوڪ، بهرام گور، گلشن بهار ۽ گل خندان ڏنل آهن. ٻئي باب ۾، جبار صاحب هند ۽ سنڌ جي اهم ناول نگارن جو ذڪر ڪيو آهي. ناٽڪ جي ٽئين باب ۾ اهم ڪهاڻيڪارن ۽ سندن ڪهاڻين جي مجموعن کي بحث هيٺ آندو آهي، باب پنجون سوانح نگاري ۾ ورهاڱي کان اڳ جو ڪوبه سوانح نگار نه ڏنو ويو آهي، 1952ع، کان فاروق اعظم ، مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ جي لکيل سوانح کان شروعات ڪيل آهي جڏهن ته ورهاڱي کان اڳ مرزا قليچ کان ئي سوانح لکڻ جو رواج شروع، ٿي چڪو هو. باب ڇهون آتم ڪهاڻي ۾ هند ۽ سنڌ جون ڪي اهم آتم ڪهاڻيون ذڪر ڪيل آهن باب ستون سفرنامي ۾ قاضي عبدالمجيد عابد جي سفرنامي کان شروعات ڪيل آهي، چند اهم سفرناما نگار ڄاڻايل آهن، سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو سفرنامو سير ۽ سفر، خطن جي ڀاڱي ۾ ڏنل آهي خطن جي ڀاڱي ۾ شيخ اياز، جي ايم سيد، محمد امين کوسو، پير علي محمد راشدي، آءِ آءِ قاضي، سيد ميران محمد شاهه جي خطن ۽ مجموعن جو جائزو آهي ته چند ڊائريون پڻ ذڪر ڪيل آهن، خاڪن جا ڪتاب ماهتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجو، طارق اشرف ۽ شيخ عبدالرزاق جا بيان ڪيل آهن. باب اٺون تنقيد جو باب آهي جنهن ۾ جبار صاحب اهم ڪتابن ۽ نقادن کي آندو آهي اهو ڄاڻايو آهي ته نقاد لاءِ ضروري آهي ته هو موضوع، تي بحث ڪري ذاتيات تي نه اچي پوي پر لڳي ٿو پاڻ ڊاڪٽر صاحب کان هن ڏس ۾ ڪجهه ڪوتاهي ٿي وئي، سندن هن تاريخ ۾ ڪيترن فردن تي پاڻ ڇُوهه ڇنڊيا اٿن، جيئن مرزا حبيب الله جي قليچ تي لکيل پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کي غير معياري ۽ سائو پن يا ڪارو پنو جي بي ترتيب نقل سڏيو اٿن. (صفحو 23) قليچ جي ناولن جي مقصديت ڄاڻائڻ لاءِ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي ناول جي باري ۾ اڻ ڄاڻائي ڄاڻائي اٿن ۽ سندن مقالن کي غير معياري لکيو اٿن (ص-نمبر 25) ان کان سواءِ ناول واري ڀاڱي ۾ سڀني ناول نگارن کي لوئيندي چون ٿا ته، ”سراج ۽ آغا سليم کان سواءِ ٻين ناول نگارن ٺلهو اڀ ۾ ترارون هنيون آهن“. (ص-43) ثميره زرين جي مهراڻ جون ڇوليون جي مقدمي تي به لکيو اٿن ته، ”هن اهو پاڻ ڪونه لکيو هو“ (ص-97). مطلب ته جبار صاحب کي ڪيترائي ليکڪ غير معياري لڳيا، ان ڪري هن ادبي تاريخ کي ڊيگھ ڏيڻ جي بجاءِ محدود رکڻ مناسب سمجهيو نثر جي تاريخ واري جلد (3) جا پروف صحيح چڪاسيل نه آهن، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي ڇپائڻ کان اڳ نظرثاني ڪرڻ گهرجي هيٺ چند مثال ڏجن ٿا جزبي / جذبي، ماطعت/ماهه طلعت، پيش منظر/پس منظر، ڪنوارون/ ڪنواريون، فيروزه سيما/ فيروزه سمون (ص-نمبر 14-17-29-193-249) آهن.

ڊاڪٽر عبدالجبار جي سنڌي ادب جي تاريخ معمولي غلطين جي باوجود هڪ اهم تاريخ شمار ٿئي ٿي، هن کان اڳ ڪابه اهڙي مڪمل تاريخ ڪانهي جنهن ۾ نثر ۽ نظم جو گڏيل هيترو مواد مثالن ۽ حوالن سميت هجي ڊاڪٽر شريف شاد هن ڏس ۾ لکيو آهي ته؛ ”هيءَ سنڌي ادب جي تاريخ سنڌي سماج، شاگردن، توڙي استادن لاءِ هڪ رستو ۽ هڪ واٽ لاءِ نئون در کولي ٿي هونئن به تحقيق جا در کليل هوندا آهن، هر دور ۾ نيون تاريخون لکڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته زماني ۾ تبديليون اڻٽر هونديون آهن جنهن ڪري حالات پٽاندر وقت به وقت ادبي تاريخن کي نئين سر لکڻ گهرجي“. (12) ڊاڪٽر جبار جي تاريخ ۾ 2020ع تائين جو احوال آهي.


10.سنڌي ادب جو مختصر جائزو: ڪتاب اڪبر لغاري 1992ع، ۾ لکيو جو نيو فيلڊس جي مالڪ فيروز ميمڻ شايع، ڪيو، درحقيقت هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ جي زمري ۾ نٿو اچي پرهتي هن ڪتاب جو ذڪر ڪرڻ انهيءَ لاءِ مناسب سمجهيم جو اول ته شاگردن کي هن ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه معلومات ڏجي ٻيو ته ڪيترا پڙهندڙ ۽ وٺندڙ هن ڪتاب کي ادب جي تاريخ سمجهي به پڙهن ۽ وٺن ٿا ۽ انهيءَ کان پوءِ سندن انهيءَ مقصد جو پورائو به نٿو ٿيئي جنهن لاءِ انهن هيءُ ڪتاب ورتو، اهو ڪيترن شاگردن ڄاڻايو به آهي. اصل ۾ اڪبر لغاريءَ پنهنجي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي تياريءَ دوران سنڌيءَ، جي پيپر لاءِ موضوع، مطابق ڪتاب جي کوٽ ڏسي هن ڪتاب کي تيار ڪيو (انهيءَ وقت جي سي ايس ايس جي نصاب ۾ سنڌيءَ جي مضمون لاءِ 28 ڪتابن کي پڙهڻو ٿي پيو جڏهن ته موجوده نئين نصاب مطابق ڪم از ڪم 70 ڪتابن کي پڙهڻو آهي لغاري صاحب 28 ڪتابن جي ڳولا شروع، ڪئي پر هو مڪمل ڪتاب حاصل ڪونه ڪري سگهيو جيڪو به مواد هٿ ڪيائين هي نوٽس ٺاهيائين جيڪو سندس امتحان ڏيڻ کانپوءِ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ ٿي ڇپيو خاص طور اميدوارن جي ضرورت مطابق امتحاني پيپرن جي حساب سان تيار ڪيائين جنهن جي ڪري ڪافي وقت هيءُ ڪتاب مقصدي طور هلندڙ رهيو سي ايس ايس نصاب پڻ هاڻي تبديل ٿي چڪو آهي ته هن ڪتاب جي افاديت اها نه رهي آهي جا پهرين هئي موضوع، جي حوالي سان هن جائزي ۾ ادبي دور، نثر جون صنفون، افسانو، ڊرامو، ناول ڏنل آهن. ٻوليءَ جو بنياد ۽ ادب ۾ جديد لاڙا ڄاڻايل آهن ته گڏ چند اهم شاعر ۽ پنج محقق ۽ نثر نويس ڏنل آهن شاعريءَ جي صنفن ۾ خاص طور غزل تفصيلي آهي، افسانا نگارن ۾ فقط امرجليل ۽ نسيم کرل آهن ته ناول نگارن ۾ آغا سليم، نجم عباسي ۽ سراج ميمڻ ڏنا ويا آهن، ڪنهن به ناٽڪ نويس يا مضمون نگار يا ٻين نثر جي موضوعن جو تفصيل ڏنل نه آهي. لوڪ شاعريءَ جون ڪي صنفون آهن. شاعريءَ ۾ ڪافي يا وائيءَ کي ليکڪ مختصراً پيش ڪيو آهي 192 صفحن جو هيءُ ڪتاب جنهن مقصديت لاءِ لکيو ويو اهو حق هن ڪتاب انهيءَ وقت ادا ڪيو ڊاڪٽر اسحاق سميجو مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، جيتوڻيڪ اڪبر مختلف بابن ۾ ڪتاب جي مواد کي وس آهر اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ موجوده زماني تائين اڀري آيل اهم شاعرن ۽ افسانه نگارن کي شامل ڪيو اٿس پر پنهنجيءَ نوڪريءَ جي مصروفيتن سبب هو ان کي گهڻو ڌيان ۽ وقت نه ڏئي سگهيو آهي، جيڪڏهن هو هر دور ۽ صنف جي تاريخي پس منظر ڏيڻ سميت نثر ۽ نظم جي ڪجهه وڌيڪ صنفن کي هن ڪتاب ۾ به شامل ڪري ها ته هن ڪتاب جي اهميت اڃان به وڌيڪ ٿي وڃي ها. (13) حاصل مطلب ته هيءُ هڪ مختصر ادبي جائزو آهي جو امتحاني ضرورت تحت ڪم آيو.


11.سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات: پروين موسيٰ ميمڻ (راقم الحروف) جو ڪتاب روشني پبليڪيشن 2004ع، ۾ شايع، ڪيو، ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو، سنڌي ادب جي شروعات، اوائلي دور، عربن جي آمد کان پوءِ، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دورن کي ذڪر ڪيو ڪندي هر دور جو احوال ۽ ان جون ادبي خوبيون الڳ سان ڄاڻايل آهن. موجوده دور کي 1947ع، کان 2003ع، تائين ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نثر جي ترقي، شاعري، نثري صنفون، شاعريءَ جون صنفون، اشاعتي ادارا، ادبي جماعتون، ادبي ڪانفرنسون، لوڪ ادب، ٻولي ۽ ٻيا موضوع، شامل آهن، قاضي قادن کان بيوس تائين شاعرن کي ذڪر ڪيو ويو آهي ته عالم، اديب، محقق ۽ نثر نگار به بيان ڪيا ويا آهن. ”ناول جهان آرا“، ”غريبن جو ورثو“، تي خاص نظر وڌي ويئي آهي، ادب ۽ صحافت جا موضوع، پڻ آندل آهن. 272 صفحن جي هن ڪتاب جي آخر ۾ لطيف شناسيءَ تي مواد ڏنل آهي. ليکڪا ڪتاب جي باري ۾ لکي ٿي ته؛

”سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ هڪ وسيع، موضوع، آهي جيڪو هڪ مختصر ڪتاب ۾ سمائي نٿو سگهجي پر مقابلي جي امتحانن جي ضرورت کي مد نظر رکندي هيءُ ادبي جائزو پش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، اميد ته پي سي ايس، سي ايس ايس ۽ ايم اي جي شاگردن کان سواءِ ادب جي قارئين لاءِ پڻ هيءُ ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿيندو، هن ڪتاب ۾ پي سي ايس جي پيپرن (History of sindhi literature & general sindhi) کي ڪور ڪيو ويو آهي“.(14)

هن ڪتاب جو ڇاپو موجوده وقت ختم ٿيل آهي.


12. ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس (تنقيدي ادب جي تاريخ)“: ڊاڪٽر پروين موسيٰ يعني راقم الحروف جو ڪتاب آهي. “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” هائر ايجوڪيشن اسلام آباد 2008ع، ۾ ڪرائون سائيز ۾ شايع، ڪيو ۽ ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن 2015ع، ۾ شايع، ڪيو آهي، علمي، ادبي ۽ تدريسي حوالي سان اهميت رکندڙ، هن هڪ ڪتاب ۾ شاگردن کي تمام گهڻي ڄاڻ، نثري ادب جي حوالي سان هڪ ئي جاءِ تي ملي ويندي آهي. هيءُ ڪتاب پوسٽ گريجوئيٽ ليول کي به ڪور ڪري ٿو، ڪتاب جو 0-104-417-969 ISBN نمبر آهي، HEC جي Website تي موجود آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي ٽه ماهي نڪرندڙ مئگزين News & Views ۾ سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس جي باري ۾ هن ريت لکيو آهي.

This Book is concerned with the history of sindhi literature a critical and deep analysis the genres of sindhi prose such as literary creative essays, research articles, novels, travelogues, short stories and Dramas in the simple and literary language. All the above topics are thoroughly explained with examples, clearly, objectively and specially with simplicity. The details of different forms of prose presented by the author are quiet new with an ideal way, resulting in effective clear and powerful concepts. No Doubt it can be counted as a good addition in the history of literary criticism in Sindhi prose. On the whole this book can be ranked among a few well researched academic books produced in sindhi language. The book not only compasses syllabus for graduates and post graduates and competitive exams but also gives a clear picture of the subject matter at a conceptual level. It is also very beneficial for researchers on sindhi prose.

”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، ”روشني پبليڪيشن ڊيمي سائيز ۾ 370 صفحن تي شايع، ڪيو آهي، جنهن ۾ هيڪ جي طرفان ٻئي ڇاپي جو اجازت نامو موجود آهي، اداري پاران اصرار تي ليکڪا اهو اجازت نامو هيڪ کان ورتو، جنهن کانپوءِ ئي اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي سگهيو آهي، دعائيه ڪلمات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي، ڊاڪٽر بلوچ 29 جولاءِ 2005ع، تي لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب جي سڄاڻ سهڙيندڙ محترمه پروين موسيٰ ميمڻ سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع، ڪيو آهي، جيڪو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي، پاڻ شهر ڏيپلي جي علمي ۽ ادبي قافلي جي حدي خوان آهي، سندس هيءُ ڪتاب معيار توڙي مقدار جي لحاظ سان هڪ ڪامياب ڪشالو آهي، جنهن لاءِ آئون کيس دلي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندس لاءِ دعاڳو آهيان ته هن نياڻيءَ جي لکڻ جي سفر ۾ رب پاڪ کيس ڪاميابيون و ڪامرانيون عطا ڪري. (آمين)“. (15)

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن ڪتاب جو تفصيلي جائزو وٺي طويل مهاڳ لکيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ کي “قابل فخر ڪتاب” ۽ “سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ” ۽ “تحسين لائق پروجيڪٽ”، سڏيو آهي. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڀاڱو پهريون، نثر جي تعارف سان گڏ مضمون نويسي ۽ مقالا نگاري جي باري ۾ آهي، جو سنڌي نثر جي لکت ۾ اچڻ کانپوءِ پهرين جيڪا صنف مشهور ٿي اها مضمون نويسي هئي جا اخبارن وسيلي عام ٿي، مضمون نويسي جي ڀاڱي ۾ لطيف شناسيءَ جي ڪتابن جو جائزو پڻ ڏنل آهي، ته “مقالات الحڪمت”، “گل ڦل”، “ادبي آئينو”، “سير ڪوهستان”، “هٻڪار” “مقالا”، “ڪٺمال” ۽ ٻين اهم ڪتابن جو تنقيدي اڀياس ڏنل آهي، ناول جي ڀاڱي ۾ “راسيلاس”، “زينت”، “غريبن جو ورثو”، “نورجهان”، “سانگهڙ”، “همه اوست”، “پڙاڏو سوئي سڏ” ۽ ٻيا ناول مطالعي هيٺ آيل آهن ته گڏوگڏ ناول جي شروعات ۽ بتدريج ٿيل ترقيءَ جو جائزو ڏنل آهي، سفر نامن جي باري ۾ احوال موجوده ادبي تاريخن ۾ تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هن ڪتاب ۾ سفر نامي جي صنف جي سنڌي ادب ۾ شروعات ۽ تاريخ بيان ڪرڻ سان گڏ، “سير ۽ سفر”، “سفر يورپ جي ڊائري”، “اندر جنين اڃ”، “ڏوري ڏوري ڏيهه”، “هو جي وڻ ولات جا”، “ديس بديس”، “بندر بازاريون”، “سمونڊ جي سيوين”، “دنگيءَ منجهه درياهه” ۽ ٻين سفرنامن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيل آهي، افسانا نويسيءَ جي مد ۾ افساني جو فن، سنڌي افساني ۾ عورتن جو حصو ۽ جديد لاڙا ڏنل آهن ته گڏ هيٺ ڏنل ڪهاڻين جي مجموعن جو تحقيقي اڀياس ڏنل آهي، “سفيد وحشي”، “گلشن عبرت”، “اٺون ماڻهو”، “دل جي دنيا”، “تاريخ جو ڪفن”، “ٽيون وجود”، “ڌرتي روشن آهي”، “اداس واديون”، “ايڏو سور سهي”، “ڌرتيءَ ڌڪاڻا”، “ڪربلا”، “جلاوطن”، “مٺي مراد”، “لهر لهر زندگي” ۽ ٻيا ڪتاب آهن، ساڳيءَ ريت ڊرامي جي صنف جي باري ۾ ڪارائتي معلومات ڏنل آهي ته آخر ۾ سنڌي ادب ۾ آيل جديد لاڙن کي پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب لکڻ لاءِ انيڪ ڪتابن مان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي، هلندڙ وقت ۾ ڪيترن سالن کان سنڌي نثر جي صنفن جي باري ۾ تفصيلي مواد موجود نه هو، انهي لحاظ کان سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، جي افاديت اتم آهي، ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته، “ههڙي بهترين تنقيدي ڪتاب جي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ پروفيسر پروين صاحبه کي چڱي جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي، آئون دل جي گهراين سان منهنجي نياڻي پروفيسر موسيٰ ميمڻ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، سندس هيءَ ڪاوش ثابت ٿي ڪري ته هن نياڻي کي سنڌي ٻولي ۽ ادب سان عشق آهي، منهنجي دعا آهي ته سنڌ جي هيءَ نياڻيءَ پنهنجي مقصد ۾ اڃا به وڌيڪ ڪامياب ٿئي ۽ موليٰ ڪريم سندس من جون مرادون پوريون ڪري. (آمين)“. (16)

سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، پنجن اهم نثري صنفن مضمون، ناول، ڪهاڻي، سفرنامي ۽ ڊرامي جي باري ۾ ۽ انهن صنفن جي اهم ڪتابن جي باري ۾ تنقيدي ڄاڻ ڏئي ٿو، ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي والده غلام فاطمه جي نالي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ رائج تحقيقي طريقي مطابق ضميميو ۽ ببليو گرافي ڏنل آهي.


13. سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو:  مختيار احمد ملاح جي شخصيت سنڌي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل آهي، تعلقي گمبٽ جي هڪ ننڍي شهر اڳڙا ۾ سندس جنم 1973ع، ۾ ٿيو، هن بنيادي تعليم اڳڙا ۽ انٽرميڊيٽ گمبٽ مان ڪئي، سنڌ يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين ۽ ڪجهه وقت ليڪچررشپ ۾ رهيو، موجوده وقت سنڌ حڪومت ۾ سيڪشن آفيسر طور سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب نصابي حوالي سان شايع، ٿي چڪا آهن، جن ۾ سنڌيءَ کانسواءِ پاڪستان افيئرز، اسلامڪ اسٽيڊيز ۾ به آهن، سنڌي ادب ۾ پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جي حوالي سان هن تحريري ۽ زباني امتحانن لاءِ ڪتاب لکيا آهن، “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو” ڪتاب هڪ ضخيم ڪتاب آهي جو ڪاٺياواڙ اسٽورز 2006ع، ۾ شايع، ڪيو ۽ 2014ع، ۾ ٻيو ڇاپو ڇپيو. سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو، ادب جي مختلف تاريخي دورن سان گڏ اهم اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي معلومات تي مشتمل آهي ته آخر ۾ چند ڪتابن جو مختصر جائزو پڻ شامل آهي، هي ڪتاب ادب، ادب جي تاريخ ۽ ان جو سماجي ڪارج، سنڌي ادب جي تاريخ ان جو تاريخي پس منظر، برهمڻ دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادبي پس منظر، عرب دور کان موجوده دور تائين جو جائزو ڏنل آهي، هر دور جو تاريخي، سماجي ۽ ادبي پس منظر ڏنل آهي، ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کانپوءِ جي مختلف ادبي صنفن جيئن مضمون نويسي، ڊراما نگاري، ناول، ڪهاڻي، تحقيق، تنقيد، تاريخ ۽ لسانيات جي موضوعن جو جائزو ڏنل آهي، ان کانسواءِ لوڪ ادب، لوڪ شاعري، جديد شاعري جو ذڪر آهي، مشهور محققن، اديبن ۽ شاعرن جي سوانح ۽ سندن ادبي خدمتون ڏنل آهن، تحقيق ڪندڙن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن موجب ته بظاهر هن ڪتاب ۾ مواد جهجهو آهي پر ڪجهه جهڳين تي عيسوي سن ۽ ڪجهه مواد جي باري ۾ احوال ۾ غلطيون آهن، جن کي ٻئي ڇاپي ۾ سڌارڻ جي گهڻي ضرورت آهي، ان کان سواءِ هن تاريخ ۾ سنڌي ادب جي ڪتابن جي باري ۾ ذڪر ضرور آهي پر پيرائتي معلومات ۽ انهن جو تجريو ڏنل آهي. مجموعي طور تي هن ڪتاب ۾ گهاٽو ۽ ڪارآمد مواد آهي.


14. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ): ڪتاب ڊاڪٽر پروين موسى (راقم الحروف) سي.ايس.ايس جي نئين نصاب مطابق لکيو آهي جنهن جي موضوعن ۾ ٻوليءَ جي قدامت، ادبي دور (موجوده دور تائين)، ڪلاسيڪل شاعر، ڪلاسيڪل شاعريءَ جون صنفون، جديد شاعر، جديد شاعريءَ جون صنفون، نثر نگار، اهم ناول جيئن، ”زينت“، ”سانگهڙ“، ”همه اوست“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”موهن جو دڙو“، ”رهجي ويل منظر“، ”اوڙاهه“ ۽ ٻين جو تنقيدي جائزو آهي. افسانوي مجموعن ۾، ”پشو پاشا“، ”آبِ حيات“، ”بلو دادا“، ”دل جي دنيا“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”چوٽيهون دَر“، ”تخليق جو انت“ ۽ ٻين ڪتابن جو تنقيدي اڀياس آهي، ڊرامن ۾ ”شهزادو بهرام“، ”انڪوائري آفيسر“، ”ڪاڪ محل“، ”بدنصيب ٿري“، ”ڪي جي ٻيجل ٻوليو“ ۽ ٻيا آهن، ته سفرنامن ۾، ”سفر يورپ جي ڊائري“، ”سير ۽ سفر“، ”مائوءَ جي مُلڪ ۾“، ”ڏوري ڏوري ڏيهه“، ”چار گهڙيون چين ۾“ ۽ ٻيا سفرناما جائزي هيٺ آندا آهن، ان کان سواءِ ڪيترن مددي ڪتابن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو آهي. هن ڪتاب جو مواد ادبي تاريخ جيئن ڏنل ۽ شاگردن ۽ محققن جي ضرورت مطابق آهي.


15.جديد سنڌي ادب: مظهر جميل جو لکيل ڪتاب آهي سيد مظهر جميل 9 مارچ 1936ع، تي ناگپور حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿيو 1939ع، ۾ پاڪستان آيو ۽ سکر سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪيائين سکر ۾ ئي مڪمل طور ڪم ڪرڻ بعد 1973ع، کان ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. سنڌ جي سماجي، سياسي، ۽ تهذيبي ڄاڻ سان گڏ سنڌي ادب سان دلچسپي اٿس ڪيترن دانشورن جا انٽرويو ڪيائين جي ”گفتگو“ ڪتاب ۾ ڇپيا سنڌي ادب جي حوالي سان سندس ٻه ڪتاب مشهور آهن ”آشوب سندهه اور اردو فکشن“ ۽ ”جديد سندهي ادب“، جديد سندهي ادب اڪيڊمي بازيافت آڪٽوبر 2004ع، ۽ مارچ 2007ع، ۾ ٻيو ڇاپو شايع، ڪيو آهي 1584ع، صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 1000 روپيه آهي هن ڪتاب جو مهاڳ محمد ابراهيم جويو لکيو آهي، جويو صاحب لکي ٿو ته؛

یہ بات تحسین لائق ہے کہ مصنف نے استد لال اور حوالہ جات پر غیرمعمولی توجھ دی ہے جس کے بغیر قابل اعتبار تاریخ نویسی ممکن نہیں۔ آخر میں مظہر جمیل کی توجھ اس امرکے طرف دلانا چاہوں گا کہ کہیں کہیں ناموں کی کتابت اور تاریخ درست نہیں ادب کی تاریخ اور تنقید کے کتاب میں ناموں اور کاموں کی صحت پر توجھ دینا ضروری ہوتاہے۔(16)

هيءُ ڪتاب طويل آهي جنهن جي هر هڪ باب جو احوال هن مختصر مقالي ۾ نٿو ڏيئي سگهجي ڪتاب جي باري ۾ اهم ليکڪن جا رايا اندرين ليف ۾ ڏنل آهن جن ۾ سراج ميمڻ، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر فهميده حسين، الياس عشقي، ممتاز مهر، آغا سليم ۽ ٻيا آهن، شروع، ۾ ڪيترن ئي ليکڪن جا فوٽوز پڻ ڏنل آهن جا هن ڪتاب ۾ نئين روايت آهي هن ڪتاب جي اهم خوبي سنڌي شاعريءَ جا اردو ترجما آهن ته سنڌي نثر جي ڪتابن جو بيان آسان اردو ٻوليءَ ۾ ڏنل آهي خامي اها آهي ته ڪجهه افسانن، ناٽڪن، ناولن جا نالا اردو ٻوليءَ ۾ ڏنل آهن جن ۾ غلطيون آهن ۽ مطلب ۽ معنيٰ ۾ فرق اچي پيو. صفحي 348 تي ڄاڻايل آهي ته، ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ 29 سُر آهن جيڪا علمي غلطي آهي ڪي احوال ورجايل پڻ آهن ڪجهه هنڌن تي ڪمپوزنگ جون غلطيون پڻ آهن، باقي احوال تفصيلي آهي، ليکڪ ڪتاب جو انتساب پنهنجي والد مولوي سيد عبدالقادر جي نالي ڪيو آهي ڪتاب جي شروع، ۾ رگ ويد ۾ سنڌ جي آيل تعريف کي اردوءَ ۾ ڏنو اٿس ته شاهه لطيف جي وائيءَ سان شروعات ڪيل آهي اهو ترجمو صبا اڪبر آبادي ڪيو ۽ دُعا سر سارنگ جي اردوءَ ۾ آغا سليم جي ڪيل ترجمي مان ڏنل آهي، ڪتاب جي فهرست 13 صفحن کان 106 صفحن تائين آهي، وڏن ليکڪن ۽ شاعرن سان گڏ ڪيترن ٻين ليکڪن ۽ شاعرن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، ٻين تاريخن وانگر ادبي دورن کان شروع، ڪيل آهي جنهن ۾ هر دور جي سياسي سماجي ۽ علمي حالتن کي بيان ڪيو ويو آهي هن ادب جي تاريخ ۾ مظهر جميل ناول، افسانو، ڪهاڻي، سوانح، آتم ڪهاڻي ۽ ٻيون صنفون ڏنيون آهن پر ٻاراڻو ادب ۽ عورتن جو ادب ۾ حصو، جا صفحا ضخامت سبب ڪڍي ڇڏيا آهن، مظهر جميل جو هيءُ ڪم ادب جي تفصيلي مطالعي لاءِ اهميت جوڳو آهي.


مٿئين ادبي تاريخن جي جائزي کان پوءِ هڪ اهم نڪتو سامهون آيو آهي ته، ڪجهه ليکڪن ادبي تاريخن ۾ هٿ ته ونڊايو آهي پر جيئن ته نه اهي سنڌي ادب جا شاگرد آهن ۽ نه ڪي استاد. انهيءَ ڪري هو انهيءَ مضمون سان سلهاڙيل نه هئڻ جي صورت ۾ انهيءَ ڪم کي اهڙي تحقيقي ۽ تنقيدي نموني پيش ڪري نه سگهيا آهن، جيڪا ادبي تاريخن جي گهرج آهي. خانببهادر صديق ميمڻ، ڪاڪو ڀيرومل، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ٻولي ۽ ادب سان لاڳاپيل رهيا، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌيءَ جو مضمون پڙهي، پڙهائي، لکي ۽ مستقل ۽ مسلسل ساڳئي مضمون سان واسطي ۾ هئڻ ڪري سندن تحقيق جو پئمانو بلند ۽ معياري رهيو.

مون پاڻ ٽيهه سال سنڌيءَ جو مضمون پڙهيو ۽ پڙهايو ۽ لکيو آهي ته گڏ پي ايڇ ڊي به سنڌي نثر جي موضوع، تي ڪئي آهي سنڌي ادب سان سٻنڌ رهيو اٿم مٿين محققن جي نقشِ قدم تي هلندي هن ڏس ۾ محنت ڪئي اٿم، جا صاب پڻ پيئي آهي ۽ اڃا به هڪ مفصل ادبي تاريخ جو ڪم رٿيو اٿم انشاءَ الله پڙهندڙن اڳيان پيش ڪبي. يقيناً مون کان به غلطيون ٿيون هونديون جن جي لاءِ اڳواٽ معذرت خواهه ۽ اصلاح جي حامي آهيان. جيئن ته ادبي تاريخون وقت سان گڏ وڌندڙ هجن ٿيون ۽ انهن ۾ تبديليون اينديون رهن ٿيون هر محقق جو نڪتهء نظر پڻ مختلف هجي ٿو ته به مجموعي طور هن تحقيقي جائزي مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته؛

1.   خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي لکيل، سنڌ جي ادبي تاريخ فقط 65 شاعرن ۽ نثر نويسن جي ذڪر تي محيط آهي پر هن ڪتاب ۾ بنيادي احوال تحقيق سان ڏنل آهن، جنهن کان پوءِ ادبي تاريخ لکڻ ۽ تحقيقي ۽ تنقيدي انداز سان لکڻ جو رواج پيو. احوال ورهاڱي تائين آهن.

2.   ڪاڪي ڀيرو مل جي ٻوليءَ لاءِ لکيل تاريخ مان سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، نظرين ۽ اوسر جي ڄاڻ پوي ٿي ته گڏ سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا، گرامر جيڪي اڳ ۾ ڪنهن تاريخ جو حصو نه هئا سي هن تاريخ ۾ آيا خاص ٻوليءَ بابت احوال 1947ع تائين آهي.

3.   پير حسام الدين راشدي جو لکيل سنڌي ادب اردوءَ ۾ آهي پر ان جو سنڌي ترجمو نصاب ۾ مقرر به ڪيو ويو آهي هن تاريخ ۾ ادبي دورن کي پاڪستان دور تائين آندو ويو، هيءَ تاريخ مختصر ۽ اڻ پوري آهي.

4.   ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تاريخ جو وڏو حصو ٻوليءَ جي ترقي ۽ توسيع، جي حوالي سان آهي ۽ ادبي دورن جي حوالي سان ٻوليءَ جي تعمير ۽ وسعت کي ذڪر هيٺ آندو ويو آهي، 500 ق- ۾ دور کان ٽالپر دور مشهور شاعر ساميءَ تائين هيءَ تاريخ ختم ٿيئي ٿي. هن تاريخ ۾ ٽالپر دور تائين جو احوال آهي.

5.   ملڪاڻي منگهارام جي لکيل سنڌي نثر جي تاريخ ۾ سنڌي نثر ۽ صنفن جو ذڪر آهي نثر جي صنفن جي ڇنڊڇاڻ تي پهرين اهم تاريخ آهي. هن تاريخ ۾ جدت به آهي ته گهڻي ۽ گهاٽي مواد سبب پڙهڻ ۾ ڪي قدر ڏکي به آهي. آسان نه هئڻ سبب شاگردن لاءِ ڪي قدر مشڪل آهي ۽ سڄو نثر جو احوال 1947ع تائين آهي.

6.   ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي نثر جي تاريخ ۾ هن پنهنجي پسند جي 28 نثر نويسن کي ذڪر ڪيو آهي. سندن چواڻي ته ڪيترن ئي نثر نويسن جو ذڪر هن تاريخ ۾ اچڻ کان رهجي ويو آهي هن تاريخ ۾ سنڌي نثر جي اوسر ۽ سر چشمي جو احوال ڏنل آهي ۽ هن تاريخ ۾ پڻ 1955ع تائين جو احوال آهي.

7.   ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جي، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ هر تاريخي دور جي ادب سان گڏ انهيءَ دور جون سياسي ۽ سماجي حالتون ڄاڻايل آهن ته آخر ۾ ادبي جائزو ڏنل آهي جا هن تاريخ جي خاص ڳالهه آهي ته گڏ اختصار جي باوجود ڪيترن نون ليکڪن ۽ شاعرن کي آندو ويو آهي.

8.   ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو شروع، ۾ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ لکيو، جنهن ۾ نثر جو ڀاڱو محدود آهي باقي شاعريءَ جو احوال وڌيڪ آهي، پوءِ سنڌي ادب جي تاريخ ٽن جلدن ۾ شايع، ٿي جنهن جا ٻه جلد شاعريءَ جي باري ۾ آهن ۽ هڪ جلد نثر جي باري ۾ آهي انهيءَ جي مطالعي بعد اها ڪمي محسوس ٿئي ٿي ته ان هڪ جلد ۾ سنڌي نثر جي احوال جو پورائو ان ريت نه ٿيو آهي، جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر جبار جهڙي محقق ۽ نقاد کي ڪرڻ کپندو هو هن تاريخ جي نثر واري جلد ۾ اڃان ڪجهه تشنگي محسوس ٿيئي ٿي باقي سڄي تاريخ 3 جلد ڪارائتي احوال تي مبني آهي خاص طور شاعريءَ جا ٻيئي جلد تمام اهم آهن اهڙو احوال اڳ ۾ موجود ڪونه هو. ڊاڪٽر جبار جي هيءَ تاريخ 2002ع ۾ مڪمل ٿي انهيءَ کان پوءِ جو احوال هن تاريخ ۾ شامل ڪونهي.

9.   اڪبر لغاريءَ جو لکيل سنڌي ادب جو مختصر جائزو سندس لکيل پي سي ايس جي امتحان لاءِ نوٽسن تي مشتمل آهي جنهن جو ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو به آهي ۽ جيئن ته هي ڪتاب مختصر نوٽسن تي مشتمل آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ وڏي واڌ ويجهه ٿي آهي انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي معلومات موجوده وقت اڻپوري شمار ٿيئي ٿي.

10.                    ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، 2004ع، ۾ روشني پبليڪيشن شايع، ڪيو جو 13 سالن تائين سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ ليڪچرز شپ جي امتحانن جي حوالي سان ڪامياب رهيو ۽ هن ڪتاب ۾ مون ادبي تاريخ جيان ٻوليءَ، ادب ۽ ادبي دور نثر، جون صنفون شاعريءَ جون صنفون چند اهم شاعر، نثر نويس ۽ محقق ذڪر ڪيا آهن ته گڏ اهم ڪتابن جو جائزو پڻ ڏنو آهي آخر ۾ لطيف شناسيءَ تي 12 مضمون پڻ ڏنل آهي هيءُ ڪتاب خاص امتحاني ضرورت تحت تيار ڪيو ويو هو جو شاگردن ۾ مقبول ٿيو، موجوده وقت هن ڪتاب جو ڇاپو موجود ڪونهي.

11.                    سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، جنهن کي ڊاڪٽر الانا صاحب، “تنقيدي نثر جي تاريخ” سڏيو آهي سنڌي نثر جي اهم صنفن مان مضمون، مقالا، ناول، سفرناما ۽ افسانا اڀياس هيٺ آيل آهن ۽ لاڳاپيل صنفن سان واسطو رکندڙ بنيادي ڪتابن جو تفصيلي ۽ تنقيدي جائزو ڏنل آهي. جيئن ناول راسيلاس، زينت، مقالات الحڪمت ۽ ٻيا، سفرنامن جي اهم ڪتابن کي تنقيدي جائزي ۾ اهميت ڏني ويئي آهي هر صنف جي باري ۾ تفصيلي ڄاڻ ڏنل آهي هن ڪتاب جي مقبوليت اڄ به شروع، ڏينهن وانگر قائم آهي.

12.                    سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، (ادبي تاريخ) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ (راقم الحروف) جو ڪتاب 2015ع، جي نومبر ۾ شايع، ٿيو آهي 400 صفحن جي هن ڪتاب کي ظاهري طور ته سي ايس ايس جي نئين نصاب مطابق جوڙيو ويو آهي پر ان جو انداز ادبي تاريخ جو رکيل آهي ٻولي، ادب، ڪلاسيڪل شاعري ۽ شاعر، جديد شاعريءَ جون صنفون جديد شاعر، نثر جون صنفون، مشهور نثر نويس، ناول، سفرناما، ناٽڪن جا مجموعا، افسانن جا مجموعا، تنقيدي جائزي هيٺ آيل آهن. ادبي دور ۾ موجوده دور 2015ع، تائين جو احاطو ڪيل آهي چند ڪتابن ۽ خاص لطيف شناسيءَ جي ڪتابن جو هن ڪتاب ۾ جائزو ڏنو ويو آهي ۽ ٻئي ڇاپي 2018ع، ۾ هن ڪتاب ۾ وڌيڪ سئو صفحن جو اضافو ڪري ڪيترائي ٻيا نثر نگار ۽ شاعر شامل ڪيا ويا آهن، هيءُ ڪتاب نه فقط چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان پر سنڌيءَ جي ٻين به امتحانن واسطي ڪارائتو آهي، ٿوري ئي وقت ۾ هن ڪتاب جون 3 هزار ڪاپيون ختم ٿي ويون. شاگردن جي ضرورت جي مد نظر سي ايس ايس اڪيڊمين ۾ به هن ڪتاب کي پڙهائڻ جي ترجيح ڏني پئي وڃي.

13.                    مختيار ملاح جو ڪتاب “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو ڪجهه جڳهين تي سنَدن جي حوالي سان غلطيون به آهن ته جيئن جو تيئن احوال آندو ويو آهي تحقيق ۽ تنقيد وارو پهلو تشنه آهي . انهيءَ جي باوجود به هن ڪتاب ۾ تفصيلي مواد موجود آهي. ڪتاب جا صفحا گھڻا ۽ قيمت وڌيڪ هئڻ سبب شاگردن جي پهچ کان مٿي آهي.

14.                    جديد سنڌي ادب، مظهر جميل جي لکيل تاريخ بظاهر ته ضخيم آهي پر گهڻيءَ ضخامت سبب گهربل احوال ڳولهڻ ۾ دقت آميز ۽ گهڻن حوالن جي تفصيل سبب عام پڙهڻ ۾ ڏکيو آهي هن ڪتاب کي ٻن جلدن ۾ هجڻ گهربو هو.

اهي فرد جن جو واسطو سنڌي ٻولي ۽ ادب سان سڌو سنئون ڪونهي پر هن ڏس ۾ شوق جو پورائو ڪن ٿا. انهن کي محتاط ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي ڪنهن به ادبي تاريخ جو ضخيم هئڻ کان وڌيڪ مستند هئڻ ضروري آهي.

ان کان سواءِ پڻ ڪي تذڪرا ۽ ادبي تاريخون آهن جن سڀن جو ذڪر هن مقالي معرفت مڪمل نٿو ڏيئي سگهجي جن ۾ ”سنڌي شاعريءَ جي تاريخ“، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ”سنڌي ٻولي“ سراج الحق ميمڻ، ”سنڌي زبان و ادب“ ڊاڪٽر حيدر سنڌي، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو “سنڌي ادب جي ارتقا” “سنڌي ادب جي ڪهاڻي”، ڊاڪٽر شمل جي زباني، “هسٽري آف سنڌي لٽريچر” پوپٽي هيراننداڻي “ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو جائزو“، ملڪاڻي ۽ هندوستان ۾ ڇپيل ٻيا ڪتاب آهن. ان کانسواءِ سوانحي ادب ۾ ڪي چڱا ڪتاب موجود آهن جن مان اديبن ۽ شاعرن جو تذڪرو ملي ٿو جيئن “مارو جي ملير جا” خادم حسين چانڊيو، “سنڌي ادب” يوسف سنڌي ۽ ٻيا ڪي ڪتاب آهن جي ادبي تاريخون ته نه آهن پر سوانح جي مد ۾ اهم آهن، ادبي تاريخ لکڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي ۽ هيءُ هڪ وڏو محنت طلب، ڪٺن ۽ صبر آزما ڪم آهي جيئن ته مون مٿي ڄاڻايو آهي ته، ادبي تاريخون هڪٻئي جو تسلسل هجن ٿيون جنهن جي ڪري هر دور ۾ نوان نوان محنتي، ڄاڻو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا عاشق ايندا رهندا ۽ هن سلسلي کي جيئاريندا رهندا ۽ ايندڙ کان ايندڙ دورن ۾ رهيل ڪم کي وڌائيندا رهندا.


حوالا:

1.         جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص-14.

2.         ميمڻ، محمد صديق خانبهادر، “سنڌ جي ادبي تاريخ”، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2003ع، ص-46.

3.         فهميده حسين ڊاڪٽر”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ” سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي 1997ع، ص-132.

4.         جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص-154.

5.         ملڪاڻي، منگهارام، “سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص-345.

6.         بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1999ع، ص-8.

7.         الانا، غلام علي ڊاڪٽر، “سنڌي نثر جي تاريخ”، زيب ادبي مرڪز، 1977ع، ص-8

8.         ملڪاڻي، منگهارام، “سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو، 1993ع، ص-19

9.         ميمڻ، عبدالمجيد ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2002ع، ص-19

10.       فهميده حسين، ڊاڪٽر، “ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ”، سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، 1997ع، ص-158.

11.       جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي تاريخ” سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2004ع، ص-11

12.       سومرو، محمد شريف شاد، ڊاڪٽر، “ادبي تاريخ نويسيءَ جو فن ۽ سنڌي ادب جي تاريخن جو جائزو”، ٽه ماهي تخيل، چيف ايڊيٽر سڪندر ملاح، اپريل-جون 2017ع، ص-67.

13.       سميجو، اسحاق ڊاڪٽر/لغاري اڪبر، “سنڌي ادب جو مختصر جائزو”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2010ع، ص-12.

14.       ميمڻ، پروين موسيٰ، “سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات”، روشني پبليڪيشن، 2004ع، ص-15

15.       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر/ ميمڻ پروين موسيٰ “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس”، (دعائيه ڪلمات) هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2003ع، ص-2.

16.       الانا، غلام علي، ڊاڪٽر/ميمڻ/ پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015ع، (مهاڳ)

17.       جويو، ابراهيم، سيد، مظهر، جميل “جديد سندهي ادب” اڪادمي بازيافت ڪراچي 2007ع، ص-111.

لطيفيات

لطيفيات جي ڀاڱي ۾ ڪافي مضمون ۽ مقالا آهن، جن کي جمع ڪري ڀت شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽائي چيئر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ سنڌ ثقافت. کاتي طرفان شايع ڪرايو ويو آهي. شاھ ڀٽائي رحه تي لکيل مضمونن ۽ مقالن ۽ انهن جي ڪتابي مجموعن جو تفصيل طويل آهي، ڀٽ ڌڻيءَ جي سوانح ۽ رسالي جي باري ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ به لکيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ لکيل ليک اخبارن کان علاوه مختلف رسالن ۽ تحقيقي مخزنن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن جيئن نئين زندگي، اديون، ياد لطيف، لطيف سالگره مخزن، يادگار لطيف، گلستان لطيف، سنڌو، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادب، ڪلاچي، ڦليلي، پورب، ڪينجهر، سهڻي ۽ ٻيا آهن. شاھ سائينءَ جي باري ۾ تحقيقي ڪتابن ۾ ”لطائف لطيفي“ فارسيءَ ۾ مير عبدالحسين خان سانگيءَ تصنيف ڪيو. جنهن کان پوءِ مرزا قليچ بيگ ”احوال شاھ عبدالطيف“ پهرين انگريزيءَ ۾ پوءِ سنڌيءَ ۾ لکيو. ايڇ ٽي سورلي جو شاھ لطيف بابت پي.ايڇ.ڊي جو مقالو انگريزيءَ ۾ Shah Abdul Latif of Bhit شايع ٿيو. جنهن جو سنڌي ترجمو ”ڀٽ جو شاھ“ جي عنوان سان اچي چڪو آهي، مٿيان ٽيئي ڪتاب سنڌيءَ ۾ موجود آهن. هيٺ شاھ سائين جن تي لکيل ڪتابن مان ڪجھ جو ذڪر ڪجي ٿو.

لطيفي سير: ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي هن ڪتاب ۾ شاھ جي سير جو احوال، شعرن جي اوٽ ۾ بيان ڪيل آهي. ڪجھ مضمونن ۾ مختلف هنڌن ۽ شهرن جو خاص احوال ڏنل آهي. جيئن ڪراچي، ٿر، ڪڇ، ويڙهي جهپ وغيره. ان کانسواءِ ڪجھ اهم موضوع نئين انداز سان بيان ٿيل آهن. جيئن ٿر جو وسڪارو، ٿر جي ڏوٿين جو ڏٿ، ٿر جون ڀٽون، ٿر جا هاڪارا وڻ، ٿري ماڻهن جا گهر، ٿر جي پوشاڪ، ٿرين جي مشغولي، ٿر ۾ نانگ بلائون، ٿر جي ٻولي، ٿر جو تاريخي احوال وغيره. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1928ع ۾ آيو 1947ع کان پوءِ ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز نئين سر ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۽ سهڻي ٽائيٽل ڪور سان ٻيهر شايع ڪرايو پوءِ به شايع ٿيندڙ رهيو آهي.

شاهاڻو شاھ: لالچند امر ڏنو مل جو شاھ جي باري ۾ هيءُ ڪتاب 1914ع ۾ ڇپيو. ڀٽ شاھ ٽقافتي مرڪز ٻيهر شايع ڪرايو آهي، هن ڪتاب ۾ شاھ جي ڪلام جي جائزي کان علاوه ٻه اهم ليک، شعر جي خوبين تي ڪٺو ويچار ۽ خوبين ۽ خامين جي جاچ آهن.

لطف الطيف: دين محمد وفائي جو شاھ جي باري ۾ اهم ڪتاب آهي جنهن ۾ شاھ جي حسب نسب، سلسله طريقت، رهڻي ڪهڻي عادتون ۽ ڪلام جي باري ۾ تفصيل تيرهن بابن ۾ ڏنل آهي.

شاھ جي رسالي جو مطالعو: هيءُ به دين محمد وفائيءَ جو مشهور ڪتاب آهي جنهن ۾ شاھ جي شاعريءَ جي حوالي سان مختلف عنوانن، سنڌ جا جانور، پکي، سنڌ جو انقلابي حالتون، سنڌ وارن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻيا موضوع شامل ڪيا ويا آهن.

شاھ لطيف ۽ ان جو فن: علامه آءِ. آءِ. قاضي جي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب جو ترجمو آهي جنهن ۾ ڪارلائيل وارا شاعريءَ جي پرک جا اهم ٽي معيار بيان ڪري شاھ جي ڪلام کي ڀيٽيو ويو آهي، ۽ کين دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ليکيو ويو آهي.

مقدمهءِ لطيفي: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو اهم ڪتاب آهي هن عالماڻي تصنيف تي ادبي نڪته چيني به ٿي هئي. هيءُ مقدمو سندس ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي جي ڪمشنر ڇاپي 1923ع جي پهرين جلد ۾ شامل آهي، هن ۾ شعر جي خوبين ۽ معيارن سان گڏ شاھ جي سوانح ۽ سندن شاعري جي باري ۾ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو آهي، هي مقدمه لطيفي جي عنوان سان، پوءِ الڳ شايع ٿيو آهي ۽ شاھ سائين تي لکيل ڪم ۾ اهم ڪاوش شمار ٿيئي ٿو.

پيغامِ لطيف: سائين جي.ايم. سيد جو هيءُ ڪتاب شاھ جي شاعريءَ جي باري ۾ مختلف نظريي کي بيان ڪري ٿو. هن ۾ ليکڪ سنڌ جي عوام کي شاھ جي ڪلام جي معرفت قوميت جو نئون پيغام متعارف ڪرايو آهي. سر مارئيءَ جي بيتن کي خاص انهيءَ مقصد لاءِ مثال، بنائي پيش ڪيو اٿن. ”پيغام لطيف“ جي 12 فصلن ۾ شاھ صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال، سندن زماني جو ماحول، سنڌ جون سياسي ۽ مذهبي حالتون، شاھ جون پنهنجي دؤر جي بزرگن سان ملاقاتون ذڪر ڪيل آهن، شاھ صاحب کي سنڌ جو قومي شاعر بيان ڪندي، جناب جي.ايم سيد صاحب سندن ڪلام ۾ قوميت جو تخيل ۽ شاھ ۽ ڊاڪٽر اقبال جي قومي نظرين تي هڪ نظر وڌي آهي. سندن موجب شاھ جو پيغام، حب الوطني، پاڻ سڃاڻڻ، بي خوفي، همت، قرباني ۽ ستايلن جي حمايت آهي.

ڪنزالطيف: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ڪتاب آهي. هن مختصر ڪتاب ۾ شاھ جي ڇاپي رسالن تي بحث ۽ خاص طور گربخشاڻيءَ جي رسالي کي بچاءُ ڏنل آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 1977ع ۾ ”لطيفيات“ جي عنوان سان ڪتاب ترتيب ڏنو جنهن ۾ 1977ع تائين جي شاھ جي باري ۾ لکيل مواد ۽ قلمي نسخن ۽ رسالن جي پيرائتي ڄاڻ ڏبل آهي. انهيءَ کان پوءِ شاھ لطيف تي لکيل ڪتابن جي ببليو گرافي، شاھ جي رسالي جو مطالعو، ڪشف الابيات (شاھ جي جدا جدارسالن جي بيتن جي ڏسڻي) ۽ ٻيو مواد لطيفيات جي ڏس ۾ لکيو اٿن.

شاھ عبدالطيف (تحقيقي مضمون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڀٽ ڌڻي جي سوانح، شاعري، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي ڪتاب آهي انهيءَ کانسواءِ پاڻ لطيفيات تي تمام اهم ڪم ڪيو اٿن جن ۾ ٻيا ڪتاب پڻ شامل آهن، سندن ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي ۾ شاھ جي سوانح ۽ شاعريءَ جي باري ۾ اهم مقدمو شامل آهي.

ڀٽ جو گهوٽ: ڊاڪٽر بشير احمد جو ترتيب ڏنل ڪتاب آهي. اپريل 1998ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن شايع ڪرايو. هن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي باري ۾ مشهور محققن جا ليک شامل آهن. جيڪي هن ريت آهن ”شاھ جو پيغام هر دؤر لاءِ“، علامه غلام مصطفى قاسمي، ”شاھ جو بنياد“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”هالن جا مخدوم صاحب ۽ ڀٽائي“ مخدوم محمد زمان طالب المولى، ”شاھ لطيف عزم ۽ استقلال جو داعي“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”انسان جي انفراديت شاھ جي نظر ۾“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي تعليم جا اهڃاڻ“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”مفتي منجھ ويهار“ ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ”شاھ جي ڪونج“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن جا مقالا شامل آهن ۽ گڏو گڏ محققن جي سوانح پڻ هن ۾ ڏنل آهي، انهيءَ لحاظ کان هن ڪتاب جا مقالا خاص آهن.

شاھ ۽ سنڌ: ”شاھ ۽ سنڌ“ شاھ عبدالطيف چيئر ڪراچي، 1998ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب کي سهيڙيندڙ ڊاڪٽر فهميده حسين آهي. هن ۾ آيل مضمون ۽ مقالا اهي آهن. جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به ڪتاب ۾ ڇپيل نه آهن ۽ هي ليک شاھ عبدالطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۾ پڙهڻا هئا، پر ڪجھ سببن سبب اها رٿيل ڪانفرنس نه ٿي سگهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان ڊاڪٽر فهميده حسين جي ڪوششن سان هنن مقالن ۽ مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. هن ۾ شاھ سائين جي ڪلام جي ڄاڻ وٺندڙن شائقين ۽ شاگردن لاءِ سٺي رهنمائي آهي ڪل يارهن مقالا آهن. جيڪي ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، پروفيسر تنوير جوڻيجو ۽ ٻين جا آهن.

اردو مقالن ۾ ”سندھی زباں کے فطری لہجے“ ڊاڪٽرحيدر سنڌي، ”شاھ لطيف ڪا فلسفئه غم“، ڊاڪٽر فهميده حسين جا لکيل آهن. انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مقالو هيٺين عنوان سان آهي. Reference of Historical Events in Shah Jo Risalo ڊاڪٽر قمر الدين جو مقالو هن ريت آهي: Hyderabad a Historical City of Sindh هيءُ هڪ معلوماتي ڪتاب آهي. انهيءَ کان علاوه ”عرفان لطيف“، ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“، ”لطيفي لات“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ ”ڍوليو ڍٽ ڌڻي“، معمور يوسفاڻي، ”شاھ لطيف هڪ تحرڪ هڪ تحريڪ“، ”حُسينيءَ جي هاڪ“، (ترتيب) تاج جويو کان سواءِ ٻيا به انيڪ ڪتاب آهن، جن جو تحقيقي مواد خاص حيثيت رکي ٿو. شاھ جي ڪلام جي سرن جي تشريح ۽ تفصيل جي باري ۾ الڳ الڳ ڪتاب به آيا آهن. جن ۾ ممتاز مرزا، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، آغا سليم، تاج جويو جو ڪم قابلِ ذڪر آهي. شاھ سائين جي ڪلام جي ترتيب ڏنل مختلف رسالن ۾ محققن جا عالماڻه مقدما اهم آهن. جن ۾ سندن شاعريءَ ۽ سوانح جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. لطيفيات جي ڀاڱي ۾ پي.ايڇ.ڊي جون ٿيسز خاص حيثيت رکن ٿيون، انهن ٿيسز ۾ چار انگريزيءَ ۾ آهن، جيڪي ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، موتي لال جوتواڻي، سنتنداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر دُر شهوار سيد جون آهن. سنڌيءَ ۾ لکيل ٿيسز ۾ شاهنواز سوڍر ”سنڌي ثقافت ۽ شاھ عبدالطيف“ غلام نبي سڌايو جي ”حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ علامت نگاري،“ ڊاڪٽر فهميده حسين جي ”شاھ جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ ۾ جي عنوان سان شايع ٿي چڪيون آهن. ان کانسواءِ سليم ڀٽو لطيفي، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر اُمِّ ڪلثوم شاھ، ڊاڪٽر غلام مصطفى کهڙو، استاد لغاري، راهب لاڙڪ، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن جو ڪم موجود آهي. ڪجھ ٿيسز اڻ ڇپيل صورت ۾ به موجود آهن، ڪيترو ئي مواد تحقيق جي مرحلن مان گذري رهيو آهي.

چند مشهور مضمونن ۽ مقالن جي ڪتابن جو تفصيلي جائزو

---

گل ڦل

تعارف: پرمانند ميوارم جو نالو سنڌي علم و ادب جي هڪ اهم شخصيت طور شمار ٿيئي ٿو، سندن تحريرون سنڌي نثر جي اوائلي دؤر جو هڪ اڻملھ خزانو آهن، ”جوت“ اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت سان، هن سڄاڻ اديب مضمون نويسيءَ جي صنف جي گهڻي خدمت ڪئي آهي. ”گل ڦل“، ”جوت“ اخبار ۾ ڇپيل مضمونن جو ڪتابي صورت ۾ مجموعو آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو جيڪو 60 مضمونن تي مشتمل هو. 1925 ۾ ڇپيو ۽ ٻيو 73 مضمونن جو ڀاڱو 1935ع ۾ ڇپيو. (گل ڦل ڪتاب ۾ ڪتاب جي اشاعت 1935ع ڄاڻايل آهي جڏهن ته ادبي تاريخن ۾ 1936ع ڏنل آهي). هن ڪتاب جو نئون ڇاپو سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ محمد ابراهيم جويو جي مدد سان 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپايو. جنهن ۾ مٿيان ٻئي ڀاڱا ملائي هڪ جلد ۾ ڪتاب کي ترتيب ڏنو ويو آهي. هن 397 صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ 133 مضمون آهن، جيڪي مختلف ليکڪن جا لکيل آهن. پرمانند صاحب جوت ۾ 50 سال لاڳيتو ڪم ڪيو ۽ کين سٺين لکڻين جي ڀلي ڀت خبر هئي، هن مجموعي ۾ جوت اخبار جي ٽيهن سالن جي مضمونن کي گڏ ڪيو ويو آهي، ڪتاب جي فهرست ۾ مضمونن جي اڳيان، مضمون نگارن جا نالا ڏنل ڪانهن، ته به ليکڪ ٻئي ڀاڱي جي ديباچي ۾ ڪجھ لکيڪن جا نالا ڏنا آهن، جيڪي هن ريت آهن، پروفيسر اين آر ملڪاڻي، راءِ صاحب اڌارام چانڊومل، اي ٽي گدواڻي، ريوا چند ڊي، آڏواڻي ۽ ٻيا ڪجھ مضمون نگار شامل آهن. 

گل ڦل جو جائزو: هيءَ ننڍو ۽ مختصر مضمونن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ تقريباْ سڀ مضِمون ٻن کان چار صفحن جا آهن، هن مجموعي جا مضمون تاريخي، اخلاقي، تعليمي، سياسي، معلوماتي ۽ سائنسي آهن. گهڻا مضمون طبعزاد ۽ ڪجھ مضمون ترجمو پڻ آهن، پر ترجمو اصل جهڙو ڏيک ڏئي ٿو. هن مجموعي ۾ سوانحي مضمون (Biographical Essays) جيئن ”منشي اوتراءِ صاحبراءِ“ ”ڪاڪو لڇيرام“ ”سرٿامس مور“، ”نورو ڌت“ يا ”اڪبر جي صورت ۽ سيرت“ آهن. ڪجھ مضمون پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل آهن. جيڪي سنڌي قوم جي سماجي قدرن کي واضح ڪن ٿا. جيئن مثلاً ”صبر جن جو سير، تير نه گسي تن جو“، “هڪ سج ٻه پاسا“، “هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن“، ”آهي ننڍڙي پروه جي ڳنڍڙي“. ”ويل ويل هٿ نه ايندي“ ۽ ٻيا. ڪجھ علائقن جي سير جي باري ۾ مضمون جن کي  “Travel Essays”به چئي سگهجي ٿو. اهم آهن، جيئن ”برهمڻ آباد جو قديم شهر“، ”ڪاهوءَ جو دڙو“، ”موهن جو دڙو“، ”سيلون (لنڪا) جو سير“، ”ڪوهستان جو سير“، ”ٿر جو سير“، ”مصر ڏيھ جا يادگار“، ”حيدرآباد جو شهر 1836ع“، ”سکر بئراج“، ”يورپ جو سير“، ”دهلي بادشاھن جو محلات“ وغيره، هن مجموعي ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن تي به معلوماتي مضمون آهن. جيئن، ”هاٿي“، ”گڏھ“، ”ماڪوڙيون“، ”منگر“، ”جيت“، ”سپ“، ”ڪوئلو“، ”شڪار ڪندڙ پکي“، ”پلو“، ”ٻگھ پکي“ وغيره ڪوڙه ۽ پليگ جهڙين بيمارين کي به ذڪر ڪيو ويو آهي، انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن اخلاقي ۽ نفسياتي موضوعن کي نظر انداز نه ڪيو ويو آهي. گهڻن انساني گڻن ۽ اوگڻن کي، بيان ڪيو ويو آهي. جيئن ”طمع“، ”همت“، ”خوشامد“، ”شڪر“، ”نيڪ پسندي“، ”سادگي“، ”صلح پسندي“، ”ضمير يا وويڪ“ وغيره. سياڻي سليمان جا سخن، هنڊائڻ وٽان آهن ۽ سياڻن جا سخن مضمون ۾ وڏن عالمن پيغمبرن ۽ ڏاهن جا قول آهن، جيڪي انساني زندگيءَ لاءِ اڻملھ وچن آهن، هيٺ ڪجھ مثال ڏجن ٿا. ”ماڻهوءَ ۾ هٺ جاڳيو ته اول اول پنهنجي اپائڻ هار کان، منهن موڙيندو، هٺ سڀ گناھ جو بنياد آهي ۽ آخر ماڻهوءَ جي ستياناس ڪندو“. ”دشمن جي ٺڳيندڙ چپن کان دوست جا ڦٽ ڀلا آهن“. ”پٿر ڀاري ٿو ٿئي ۽ واري ڳري، پر جاهل جي ڪاوڙ ٻنهي کان ڳري آهي“. (ص، 397).

”بدڪار کان ايئن پاسو ڪر جيئن نانگ بلا کان“، ”خيرات جا ڏکي بکي جي جهولي ۾ وجهبي، سا اوکيءَ ويل واهر ڪندي“، ”ٻڌڻ کان اڳ جواب ڏي سو جاهل سڏبو آهي“. ”مرلي خواه سرندو مٺو آلاپ ڪن، پر شيرين زبان ٻنهي کان سرس“. (ص، 189)

ڪتاب جي علمي ۽ ادبي حيثيت: هن ڪتاب جي ٻولي ادبي، آسان ۽ عام فهم آهي هي ان وقت جو ڪتاب آهي جڏهن سنڌي ٻولي ۾ سنسڪرت هندي، عربي ۽ فارسي جي لفظن جو ميلاپ هو، انهيءَ لحاظ کان گل ڦل جي مضمونن ۾ نج سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، ڪجھ هندي لفظ آهن پر ته به عام فهم آهن هن مجموعي ۾ ڪجھ مضمون ڪهاڻي نما آهن، جن کي هن دؤر جي مضمون نويسيءَ ۾ شمار نٿو ڪري سگهجي، اهي آکاڻي جي صورت ۾ بيان ڪيل مضمون مثلاً ”آب حيات“، ”سج ٻه پاڇا“ وغيره آهن. ڪجھ مضمون معلوماتي هوندي به مختصر آهن. جن جي معلومات اڌوري ۽ اڻ پوري محسوس ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ تي ڪو خاص اثر نٿي ڇڏي، جيڪڏهن وڌيڪ ۽ موضوع سان بلڪل ٺهڪندڙ بيان هجي ها ته شايد ڪمي محسوس نه ٿئي ها هن مجموعي ۾ ڪجھ آکاڻيون، سوانح عمريون ۽ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون پڻ شامل آهن. مجموعي طور مناسب ۽ موزون لفظن جي جڙائت ۽ سهڻي بياني اسلوب سان هي ڪتاب سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروع دؤر جي ناياب ڪتابن مان شمار ٿئي ٿو.

گل ڦل تي محققن ۽ عالمن جا رايا: ”سرسوتي مخزن جا ڪجھ مضمون ”هيري جو ڪڻيون“ ۽ ”جوت“ اخبار جا ڪجھ مضمون گل ڦل ڪتابن ۾ محفوظ آهن، اهي ڪتاب بنيادي مضمون نگاريءَ جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا“. (محمد اسماعيل عرساڻي. صه، 91 ”چار مقالا“). ”داخلي يا شخصي مضمون (Subjective Essays) جي لحاظ کان پهريون مجموعو ميوارام جو، ”گل ڦل“ هو. ”گل ڦل“ نالي ڪتاب جوت اخبار جي طرح طرح جي مضمونن مان چونڊي ڇپائي، مسٽر پرمانند ميوارام جوعبارت جي لحاظ وٽان، سنڌي ساهت جو هڪ ناپيد ڪتاب ٿيندو“. (ص، 253 ۽ 314 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ منگهارام ملڪاڻي)
گل ڦل جي مضمونن جي ٻولي نثر نويسيءَ جي مڙني خوبين سان ڀرپور آهي، آسان سليس ۽ عام فهم زبان سان گڏ، حسن بياني، رنگين زباني ۽ با محاوره ٻوليءَ ڪري، گل ڦل جا مضمون ڏاڍا پر لطف لڳن ٿا. (ص، 109 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا). ”سهڻن سرهن گلن ڦلن جي هن ادبي باغ ۾ پير پائڻ سان، اوهان کي پنهنجي سونهاريءَ سنڌي ۽ سندس عظيم ادب جي حسن ۽ سينگار جي بي حد شناس ۽ سڪ پيدا ٿيندي“. (روزانه الوحيد). ”جوت“ جي ذريعي سنڌي ادب ۽ اديبن کي هڪ اسلوب مليو طرز تحرير ملي ۽ معياري ادب مليو، اهو ئي سبب آهي جو گل ڦل کي اڄ به سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت حاصل آهي. (ص، 96 عبدالقيوم صائب، ڪينجهر جرنل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي)

ادبي آئينو

ليکراج ڪشنچند عزيز جي هڪ اهم ادبي ڪاوش آهي، هي مضمونن جو مجموعو درسي ڪتاب طور سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ بي اي ۽ ايم اي جي نصاب لاءِ منظور ٿيل آهي ته هندوستان ۾ پڻ هائرايجوڪيشن ۾ نصابي طور مقرر رهيو آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1914ع ۾ منظر عام تي آيو ۽ چوٿون ڇاپو 1986ع ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سنڌي اديبن جي مجلس جي صدر جي حيثيت سان سٽي ڪاليج روڊ حيدرآباد تان ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ چوي ٿو ته، ”سنڌي ٻوليءَ جو قديم ادبي ذخيرو، اوترو ئي اهميت وارو آهي، جيترو جديد ادبي سرمايو، قومن جي بقا ۽ بهبود، ترقي ۽ ترويج جو، گهڻي ۾ گهڻو دارو مدار ادبي سرمايي جي حفاظت ۽ سنڀال تي هوندو آهي. (مهاڳ-ادبي آئينو)
’ادبي آئينو‘ جي باري ۾ ڪشنچند عزيز ڪتاب جي شروع ۾ لکيو آهي ته، ”اگرچه هن کان اڳ ڪي مضمونن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ اڳيئي موجود آهن. جي پنهنجيءَ معنيٰ ۾ ڪافي آهن، تنهن هوندي سنڌي ساهتيه ۾ اعليٰ مضمونن جي گهڻي گنجائش آهي، هي ادبي آئينو، منهنجي ٿورن پريشان خيالن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ خيالي بياني، مذاقي ۽ فيلسوفيانه مضمون درج ٿيل آهن“.
اوڻٽيهن مضمونن تي مشتمل هيءَ مختصر پر جامع مضمونن جوڳٽڪو آهي، جنهن ۾ اهم علمي، ادبي ۽ اخلاقي مضمون آهن، جن جي پڙهڻ سان بلند خيال ۽ اعليٰ ذوق حاصل ٿئي ٿو، مضمونن جا موضوع مختلف آهن، ڪجھ موضوع عام هلندڙ پڻ آهن جن کي پڻ ليکڪ خوبيءَ سان نڀايو آهي.

ادبي آئينو جو جائزو: هن ڪتاب جو پهريون مضمون انسان جي عنوان سان آهي هن ۾ انساني خوبين ۽ خامين جو تفصيلي بيان آهي. انساني خواهشن، نفساني سوچن، خود پسندي، لالچ ۽ هوس سان گڏ سندس ڏاهپ، سمجھ ۽ ادراڪ جي هر پهلوءَ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. کيس پاڻ سڃاڻڻ جي هدايت ڪندي ليکڪ چوي ٿو ته جي شاھ ڀٽائيءَ چواڻي ته، “مفتي منجھ ويهار ته قاضي ڪانيارو نه ٿيئين“ تي جيڪڏهن اسين عمل ڪنداسين ته انسانيت جي معراج حاصل ڪنداسين. ”محبت“ جي مضمون ۾ ليکڪ محبت جي لطيف جذبي کي سهڻن مثالن ۽ موتين جهڙن لفظن سان سجايو آهي، سندس نظر ۾ سسئيءَ جي پنهون لاءِ محبت، سالڪ جي سلوڪ جي سفر لاءِ محبت، ماءُ جي اولاد لاءِ محبت اهم آهن، محبت جا اهم قسم وجداني ۽ وارداتي آهن، جيڪي دنيا جي نظام لاءِ ڪارائتا ۽ انساني روح جي بقا لاءِ معرفت آهن، محبت جي تعريف ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”زال مڙس جو پيار گهرو حياتي ٺاهي ٿو، قومن جو پيار عزت ۽ حڪومت تمدن ۽ ترقيءَ جو اصل الاصول آهي، محنت جي محبت فتح جي نشاني آهي، قربانيءَ جو قرب يتيمن ودوائن ۽ محتاجن جي پالنا ۽ پر گهور ڪرڻ جو، مادو پيدا ڪري ٿو، مال جي محبت ڪمائي جا قائدا سيکاري ٿي، وڏن جي محبت اخلاق ۽ ادب جو درس ڏئي ٿي، قوميت ۽ وطن پرستي ايثار ۽ قرباني جذبو جاڳائي ٿي. علم جو چاھ، فيلسوف ۽ قابل قانوندان بنائي ٿو مطلب ته محبت انساني زندگيءَ جو لازمي عنصر آهي، محبت کانسواءِ انسانيت جي تڪميل نٿي ٿئي، ”سهائي رات، جي موضوع تي هميشه مضمون لکيا ويا آهن، پر ليکڪ هن موضوع کي دقيق لفظ سان، مشڪل بنائي پيش ڪيو آهي، انهي لحاظ کان هي مضمون عام فهم نه آهي، ليکڪ لکي ٿو، ”پياري سهائي رات! تنهنجي چنڊ جي ڪشش دريا کي اهڙو بود ۾ آڻي ٿي، جو دم سان دمجي، وه مٿا وه اڇليندو اچيو ڪپر سان ڪنڌ هڻي ۽ هر هڪ اوسام دانهن ڪندي تنهنجي وصال لاءِ بي آب ماهيءَ جيان ڦٿڪندي، نانگ وانگر هيٺ مٿي ور وڪڙ ڪندي لهرا کائيندي هلندي آهي، نه فقط ايترو پر ڦوٽا به ڦٿڪي پيا ڦسندس“. ”سچ“ جي عنوان تي لکيل مضمون سچ کي مخاطب ٿي لکيو ويو آهي. هيءَ مختصر مضمون جاندار لفظن سان سجايل آهي. سچ دنيا جي وڏي ۾ وڏي نعمت ۽ انساني عظمت آهي، سچ تي سر ڏيئي سقراط زهر جو پيالو پيتو، ته منصور ڦاهيءَ چڙهيو، امام حسين سچ لاءِ سر ڪٽايو، پر ادبي آئينو ۾ سچ جو مضمون مختصر ۽ متاثر ڪندڙ نه آهي. هن ۾ مضمون نگار مثالن سان شعرن سان سينگاريل طويل مضمون ڏئي ها، ته بهتر هو، هن مضمون ۾ هن اهم انساني وصف کي گهٽ کولي سمجهايو ويو آهي، سچ جو جذبو ته فنا کان اعليٰ ۽ دائمي بقا وارو حاصل آهي، هن مضمون جي ٻولي جاندار هوندي به موضوع تي مثال ۽ شعر ناپيد آهن، ”قوم جي بزرگ هستي“ مضمون دراصل قومي هيرو جي تعريف جو هڪ آدرشي مضمون آهي، هڪ مختلف ۽ نئون موضوع آهي، ليکڪ چواڻي ته ”اهڙا بزرگ قومن جي لاءِ الاهي عنايت ۽ تحفو آهن“. هن مضمون ۾ ڪجھ هندي ۽ سنسڪرت لفظ آهن، جيڪي اڄڪلھ هلندڙ ڪونهي، مثال طور ”جيڪڏهن ڪا قوم بگڙي پوندي آهي، تڏهن ڌرم نيڪي، مريادا (حسن معاشرت) ماڻهن مان موڪلائي وينديون آهن، جو ادب ۽ حيا جهڙن املھ چيزن کي وساري ڇڏيندا آهن، ٻڌي ڀرشٽ ٿي ويندي آهي ۽ من ملين ٻين جي تمدن جا قائل ٿي پنهجي پراچين سڀيتا کي وساري ويهندا آهن، ڊنڀ ۽ پاکنڊ جي بازار گرم ٿيندي آهي ۽ سنئين راھ ڇڏي ڪُراه اختيار ڪندا آهن، تاريخ ۾ زنده جاويد بزرگ هستين ۽ قومي اڳواڻن جا مثال هن مضمون ۾ ڏيڻ سان، مضمون وڌيڪ اهميت وارو ٿئي ها.
”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ شاھ ڀٽائي جي بيت جي سٽ تي آڌاريل مضمون آهي، اهڙا مضمون عموماً درسي ضرورت پڻ رهيا آهن، شاھ ڀٽائي مٿئين سٽ ۾ ڏوري ڏوري ۽ پوءِ نه ملڻ جي تمنا ڪيئن ڪئي؟ هن بيت جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ سڪ جي ڪيفيت کي سمجهڻ ضروري آهي. درحقيقت سدائين جي سڪ، جي تمنا ئي سالڪ جي منزل آهي، کيس ميلاپ جي بجاءِ فراق جي لذت مقصود آهي، هيءَ مضمون عام فهم، سهڻن ۽ سليس لفظن سان سينگاريل آهي، هن مضمون ۾ شاھ صاحب جي هن بيت سان منسوب مشهور روايت نه ڏيندي به مقصد کي چٽو بيان ڪيو ويو آهي، ليکڪ لکي ٿو ته، ”ڏورڻ ۽ نه لهڻ پسڻ جي پياس کي وڌائين ٿا ۽ روح ۾ هڪ اهڙي قسم جي طاقت پيدا ڪن ٿا، جا هر قسم جي ترڪ ماسوا ۽ قربانيءَ لاءِ تيار هجي“. هيءُ شاھ جو بيت سالڪ جي سڪ ۽ سندس همت ۽ ارادي جي بلنديءَ جو مظهر آهي.
”اميد“ مضمون انساني امنگن ۽ جذبن جي عڪاسي آهي اميد کي انساني زندگيءَ جي بقا ۽ سهارو ڄاڻائيندي، اميد جي جذبي کي مخاطب ڪري، کيس بهترين انساني قوت سڏيو ويو آهي، سهڻن سنڌي شعرن ۽ مثالن سان سجايل هي هڪ اثرائتو مضمون آهي، جنهن ۾ حرف تجنيس جا ڪمال آهن، مثال طور، ”سنسار ساگر ۾، تنهنجي توه ٻڏندڙ کي بچائي ٿي ۽ تنهنجو ٿورو تصور به اگهي کي سگهو، مئل کي جيئرو، فقير کي امير بنائي ٿو“. ”شعر ۽ شاعري“ هڪ خالص علمي ۽ ادبي مضمون آهي، هن مضمون ۾ مضمون نويس شاعر جي باري ۾ پنهنجا خيال بيان ڪيا آهن، ته ڪيئن شاعر جي سڀاءَ تي فطرت جو رنگ غالب ٿئي ٿو؟ ۽ سندس شاعراڻيون خوبيون ۽ ڏات شعر ۾ ظاهر ٿين ٿا. مضمون جو موضوع جيڪڏهن ”شاعر جي شاعراڻي ڏات“ هجي ها ته وڌيڪ بهتر هو، شعر ۽ شاعري، جي عنوان جي حيثيت سان هن مضمون ۾ هيٺين اهم نڪتن کي کولي بيان ڪيو وڃي ها ته بهتر هو، مثال طور؛ شعر ڇا آهي؟ شعر ۽ نثر ۾ فرق، شاعريءَ جون منزلون، فصاحت، بلاغت، جوش، جدت وغيره کي جيڪڏهن مثالن سان سمجهائجي ها ته، مضمون موضوع مطابق هجي ها، هڪ شاعر جي حيثيت سان ڪشنچند عزيز شاعر جي شاعراڻي ڏات کي سٺو بيان ڪيو آهي، لکي ٿو ته، ”شاعر ڪڏهن عاشق آهي ته ڪڏهن معشوق آهي، هو هڪ آباد محفل آهي، شعر پڙهي نه پڙهي پر ته به خاموشيءَ جي عالم ۾ به هو هڪ شاعر آهي“. ”گذريل زمانو“ جو عنوان انگريزيءَ جي مشهور ليکڪ ڪارلائل جي مضمون “Past and Present”وانگر هڪ مختلف عنوان آهي، ماضيءَ جي ياد ڪڏهن ڪڏهن انسان لاءِ اڪسير جو ڪم ڏيندي آهي. ته ڪڏهن ڪڏهن قاتل زهر هڪ شاعر صحيح چيو آهي،
یادِ ماضی عذاب ہے یا رب! چھین لے تو مجھ سے حافظہ میرا
ماضيءَ جا ڏک ساريندي انسان ذهني ڇڪتاڻ ۾ اچي ويندو آهي، پر ان ۾ ننڍپڻ جون بي فڪريءَ جون يادون گذريل زماني جو خوشگوار تاثر به کڻي اينديون آهن. انساني فطرت کي رب پاڪ جيڪا اهم خوبي ڏني آهي، سا ويسر آهي، مضمون نگار ويسر جي خيال کي ڄاڻائيندي لکي ٿو ته، ”ويسر به خدا جي رحمتن مان هڪ وڏي رحمت آهي، جنهن جي برڪت سان اسين دکدائڪ حادثن کي وساري، فقط فرحت بخش ڳالهين کي ياد ڪري خوش پيا ٿيون“. ”ڌک سکن جي سونهن گهوريا سک ڏکن ريءَ“ مضمون ۾ شاھ ڀٽائي جي هڪ مشهور بيت جي سمجھاڻي ڏيندي، ڏکن جي روحاني پهلوءَ کي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته جيئن سکن جي اهميت جو احساس وڌيڪ ٿيئي، مضمون نويس لکي ٿو، ”آزاديءَ جون نعمتون، تڏهن حاصل ٿينديون، جڏهن قومون ڏکن جي گهاڻن ۾ پيڙهبيون آهن. عبادتن جي رياضتن کانپوءِ محبوب حقيقيءَ جو مشاهدو ئي ڏکن کي سکن ۾ تبديل ڪندو آهي“.
”سج جو اُلهڻ“ ۽ ”سج جو اڀرڻ“ ٻيئي مضمون ڪائناتي ڪارخاني جي اسرارن کي سمجهائين ٿا، اُلهڻ، لفظ اڄڪلھ عام طور هلندڙ ناهي پر شاھ جي ڪلام جي وسعت سبب قائم ۽ دائم آهي، ٻنهي مهلن ۾ پوڄارين جي پوڄا ۽ نمازين جي نماز پڙهڻ جي عقيدت ذڪر ڪيل آهي ته گڏ، صبح رات ۽ ڏينهن جي تفاوت سان ڏينهن کي رزق جي ڳولها ته رات کي آرام لاءِ ڄاڻايو ويو آهي. ”بهار جي مند“ هڪ عام موضوع آهي، پر ليکڪ سهڻن شعرن ۽ دلفريب لفظن سان موسمن ۽ بهار جي اچڻ کي خوبصورت بنائي بيان ڪيو آهي. ”گل جي زباني“ مضمون گل جي آتم ڪهاڻي يعني “Auto biography”آهي جنهن ۾ گل جا خاص طور گلاب جي گل جا فائدا ۽ ايثار سندس زباني بيان ڪيا ويا آهن. ”مقاطعن جو نيلام“ هڪ دلچسپ بياني مضمون آهي جنهن ۾ مقاطعن جي نيلامين جو اکين ڏٺو احوال آهي. هن مضمون جي ٻولي عام فهم آهي پهاڪا ۽ اصطلاح، برجستا ۽ منڊيءَ تي ٽڪ وانگر ڪتب آندل آهي، جيئن ”وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ٿيڻ“، ”تاري تڳڻ“ وغيره. هن مجموعي ۾ ”لطيفي لات“ مضمون شاھ سائينءَ تي لکيل مضمونن ۾ هڪ بهترين مضمون شمار ٿيئي ٿو، عزيز صاحب هن مضمون ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته شاھ ڀٽائيءَ جي ڪلام کي صرف تصوف جي نگاھ سان نه ڏٺو وڃي. سندس پيغام ته بشريت، وطنيت، حريت ۽ قوميت جي جذبن سان گڏ، آفاقيت جي اصولن جي آگاهي پڻ ڏئي ٿو. سندس ڪلام تمدن ۽ ملڪي ترقيءَ جي اسبابن سان گڏ سنڌ جي سنڌيت جي، رنگ سان رنگيل آهي، هي هڪ بهترين علمي ۽ ادبي مضمون آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي موقف کي چٽي ڪرڻ لاءِ هنڌ هنڌ تي چونڊ لطيفي بيت ڏنا آهن. ”پوترتا“ پنهنجي موضوع مطابق انساني شخصيت جي نفساني پهلوئن کي ذڪر ڪري ٿو. هن مضمون کي ڏکين هندي لفظن سان سجايو ويو آهي ۽ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته جسماني ۽ نفساني پوترتا ئي پاڪيزگي آهي جنهن جي هدايت هر مذهب ۾ ڪئي ويئي آهي. ”جيئن سو هرڻ هماءَ، سرگردان سنسار ۾“ ۽ “سسئي سڄي سڪ ته پڻ سڪي سسئي“ اهي ٻئي مضمون شاھ جي بيتن تي مشتمل آهن، ٻنهي جي موضوعن مطابق محنت، جدوجهد، بلند همتي ئي زندگيءَ جو حاصل آهي، حرف تجنيس جي جملن سان سينگاريل هي مضمون اثر انگيز آهي، ٻوليءَ جي حسن جو مثال هن ريت آهي، “عشق جي غلبي ۽ محبت جي جوش جو، اهو سهڻو مثال آهي ته ڪنهن جي طلب جي تار ۾ طالب کي وهڻ وھ ٿي اچي ۽ ڪشالن کان ڪڪ نه ٿي پوي، ڇو جو جيسين پانڌيئڙو، جيءَ کي جفا ڏيئي ساھ جو سانگو پلي، جهڙيون نه جهاڳيندو، تيسين سنسار ساگر ۾ مطلب جا موتي هٿ نه ايندس. “علم ادب ۽ زبان“ هڪ دلچسپ ۽ اثر انگيز مضمون آهي، هڪ اهم موضوع کي واضح ڪرڻ لاءِ خاص نڪتا بيان ڪيا ويا آهن، ته علم، ادب ۽ زبان جي ترقيءَ جو دارو مدار قومن جي ترقيءَ تي آهي ۽ هر قوم جي ترقيءَ جي شآهدي ان جي علم ۽ ادب مان ئي ملي سگهي ٿي. علم ادب جي ترقيءَ ۾ زبان جي وسعت به هڪ خاص حصو آهي، انهيءَ لاءِ ڪشنچند عزيز لکي ٿو ته، ”علم و ادب ۽ زبان قومن جو روح آهي، زبانن جي وسعت علم و ادب جي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ هڪ اهم حصو آهي ۽ منجهس شيريني ۽ سلاست هئڻ تمام ضروري آهي“. ”ساڻيھ جي سڪ“ هڪ عام مشهور موضوع آهي (جيڪو هميشه نصابي ضرورت طور پرائمري جي ڪلاسن کان وٺي مقابلي جي امتحان تائين هلندو آيو آهي) 1941ع ۾ جڏهن ليکڪ هي مضمون لکيو، تڏهن هي بهترين مضمونن ۾ شمار ٿيو ۽ اڄ به جيڪڏهن ڌيان سان پڙهجي ۽ پروڙجي ته لڳندو ته هيءَ مضمون سهڻن، سيبائتن جملن سان دل ۽ دماغ کي متاثر ڪندڙ آهي. پر جيئن ته ساڻيھ جي سڪ هڪ اهم جذبو آهي جنهن جي اهميت جو احساس ۽ قدر ملڪ کان ٻاهر ٿيندو آهي، يا مشڪل حالتن ۾ ٿيندو آهي ۽ هن فطري جذبي کي بلنديءَ تي پهچائڻ لاءِ ضرورت آهي ته سنڌي ادب ۾ هن موضوع تي اثرائتا مضمون لکيا وڃن. مارئي، هوش محمد شيدي ۽ ايران جي بادشاھ جي مثالن کان وڌيڪ مثالن ۽ نئين قومي شاعريءَ جي، اسان جي نئين نسل کي گھڻي ضرورت آهي. هن موضوع تي اثرائتا مضمون سنڌي مضمون نويسيءَ جو حصو بنجڻ کپن. ”عشق جي زباني“، ڪي قدر طويل “Auto biography”نموني جو مضمون آهي، جنهن ۾ مارئيءَ جي وطن سان محبت، سسئيءَ جو پنهونءَ سان پيار ۽ سهڻيءَ جو سچو عشق مثال طور پيش ڪيا ويا آهن.
”ايڪي جي افاديت“ اتفاق، مضمون ۾ ليکڪ هن ريت سمجهائي آهي، ”اتفاق“ کي مخاطب ڪندي چوي ٿو، ”تون اهو آبِ حيات آهين جو مئل قومن کي نئين سر جياري، انهن کي ابدي زندگي ڏين ٿو“ هن مضمون جي ٻولي ادبي آهي، مضبوط مثال ڏيئي، اتفاق ۽ نا اتفاقيءَ جو فرق ۽ انهن جا فائدا ۽ نقصان ڄاڻايا ويا آهن. ”ساميءَ جا سلوڪ“ مضمون ۾ ڪشچند عزيز ساميءَ جي سلوڪن کي پرکيندي هڪ شاعر جي حيثيت سان مٿن تبصرو ڏنو آهي، شاعريءَ جي خوبين ۽ خامين کي به بيان ڪيو آهي، پر جيڪڏهن ڪجھ سلوڪن جي تشريح ۽ مثال پيش ڪري ها ته سندن نقطه نظر وڌيڪ چٽو سمجھ ۾ اچي ها. هڪ به سلوڪ مثال طور ڏنل نه آهي. ڀائي چئن راءِ ساميءَ جي سلوڪن تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته، ”ساميءَ جي سلوڪن ۾ نازڪ خيالي ۽ معنيٰ آفريني گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. مطلب ته جن صنعتن تي شاعريءَ جي فن جا ڄاڻڻ وارا بي اختيار ٿي وڃن ۽ محنت جو داد ڏين سي منجهن اڻ لڀ آهن، نه فقط اهو ڪن جاين تي سنڌي به پختي نظر ڪانه ايندي“. اڳيان هلي سندس ڪلام جي خوبين تي نظر وجهندي لکن ٿا ”سندس ڪلام هڪ نصيحت نامو آهي، سندس نصيحت رس ڀري ۽ ٺار ٺري آهي، مطلب ته سامي صاحب معرفت جي مئخاني جو، ساقي ٿيو ويٺو آهي ۽ سلوڪن جا پيالن تي پيالا ڀري پيو پياري، هن جو پريم پرماتما سان آهي“. هي مضمون شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهم آهي.
”مان جيڪر ڪارو هجان! ”رنگ ۾ ڀنگ“، ”منهنجي نئين ٽوپي“ ۽ ”جيوڻ جت“، اثرائتا بياني ۽ مذاقي مضمون آهن، ڪاري رنگ کي، سماج ۾ فوقيت ڏيارڻ لاء ان جون خوبيون ٻڌايون ويون آهن ۽ ڪاري کي رام جو پيارو ڪوٺيو ويو آهي. ”رنگ ۾ ڀنگ“، مضمون ۾ شڪار تي وڃڻ ۽ اوچتي مينهن پوڻ جي صورتحال کي حرف تجنيس سان سينگاريل جملن ۽ منظر نگاريءَ سان خوبصورت بنائي پيش ڪيو ويو آهي. ”منهنجي نئين ٽوپي“، ظاهري طور ظرافت وارو پر حقيقت ۾ سنجيده مضمون آهي، جنهن ۾ هندو مسلم ڀائرن جي ڇڪتاڻ کي ننديو ويو آهي، ليکڪ چواڻيءَ ته، ”اسين انگريزن جي لباس ۽ معاشرت اختيار ڪرڻ کي، فخر ٿا سمجهون پر جيڪڏهن ڪو هندو صرف ٽوپي ئي مسلمانن جهڙي پائي ته مذهب خطري ۾ اچيو وڃن، اهي صرف بدگمانيون آهن، جن جو انت اچڻ کپي“. (هندو مسلم ايڪي کي انگريزن جي دؤر ۾ اهميت ڏيرائڻ ۽ انگريزن جي محڪومي مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو ادب تخليق ٿيو، هي مضمون انهيءَ جو حصو آهي). ”جيوڻ جت“ هڪ مڪالماتي مزاحيه مضمون آهي، جنهن ۾ ڪاڪي جيوڻ جت جي ڪافين، مذاقن ۽ سنڌي اوطاق جي ماحول جو نقشو چٽيل آهي، سياري جي سيءَ ۾ باھ جي مچ وٽ ڳوٺاڻي ڪچهري، جنهن ۾ زمينداري ظلمن ۽ هارين جي ڳڻتين جو ذڪر آهي.
علمي ۽ ادبي اهميت: ”ادبي آئينو“ ڪشنچند عزيز جي نثر ۾ هڪ اعليٰ علمي ۽ ادبي ڪاوش آهي. جيڪا نه رڳو نصابي ضرورتن جي پورائي لاءِ مفيد آهي، پر عام پڙهندڙ به هن مان سٺو لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا، هن ۾ ڪجھ مضمون فلسفياڻي رنگ ۾ رنگيل آهن. ته ڪجھ علمي ۽ ادبي ذوق جي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا، سجيل جڙيل نثر آهي ته عام فهم ٻولي پڻ آهي، هندي ۽ فارسي لفظن جو ميلاپ آهي، ته فارسي ۽ سنڌي شعرن جي سجاوٽ پڻ ڏسڻ وٽان آهي. حرف تجنيس سان سينگاريل جملن، سهڻن پهاڪن، اصطلاحن ۽ برجستين چوڻين وارا هي مضمون هن مجموعي جو شان آهن هيٺ ڪجھ مثال ڏجن ٿا. ”لڳو واءَ ويو ساه“، ”جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ“، ”کائي سنجهي نه ڍائي ڪڙهي ٿي اسرکي“، ”جن کاڌا پلن جا پيٽارا تن جا هيئنڙا ٿيا ويچارا“، ”جيئري نه سٽيا مئي دٻ دٻ ڪري پٽيا“، ”هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي“، ”تاريءَ تڳڻ“، ”وڻ وڻ ڪاٺي گڏ ٿيڻ“، ”ککر ۾ کڙو هڻڻ“، ”ٻه ته ٻارهن“، ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“، ”اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني“ ۽ ٻيا. حرف تجنيس جو مثال: ”محبت کانسواءِ معرفت ماڻڻ محال آهي، جيئن وه ڏسين تيئن وڌيڪ وهسين“ وغيره. مضمونن ۾ ڪتب آندل سنڌي، فارسي ۽ اردو شعرن جي چونڊ وڻندڙ ۽ موقعي مطابق آهي، هن مجموعي جا سڀ مضمون موزون اصطلاحي ٻوليءَ سان پيش ڪيل آهن، جيڪي مضمونن جي ميدان ۾ حيثيت رکن ٿا.
عالمن ۽ محققن جا رايا: ”ادبي آئينو“ تي منگهارام ملڪاڻيءَ هن ريت رايو ڏنو آهي، ”هڪ ٻيو مضمونن جو مجموعو جنهن لاءِ ساڳئي سال سرڪاري ادبي بورڊ جو انعام ڏنو ويو، سو ليکراج عزيز جو ادبي آئينو 1941ع هو، ليکڪ هر موضوع جي اپٽار احساسن ۽ جذبن ذريعي اهڙي اثرائتي ڪئي هئي، جو هيءُ ڪتاب تحقيق لکندڙ جي حيثيت جو آئينو بنجي پيو“ (ص، 265 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ منگهارام ملڪاڻي)

سير ڪوهستان

”سير ڪوهستان“ انهيءَ علائقي جي رهڻي ڪهڻي محل وقوع ۽ زندگيءَ جي حالتن تي لکيل، ويهن مضمونن جو ڪتاب آهي، هي ڪتاب الھ بچايو يار محمد سمون ورهاڱي کان اڳ لکيو، هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1942ع ۾ ڇپيو سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب جا ست ڇاپا شايع ڪيا آهن. 134 صفحن جو هي ڪتاب خاص ڪوهستانين جي زندگيءَ جي عڪاسي آهي. جنهن ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جيڪي هاڻي ڪونهن، ٿر ۽ ڪوهستان ٻنهي علائقن ۾ اهڙن لفظن جو استعمال عام رهيو آهي، ڇو جو سندن زندگين ۾ ڪجھ قدر هڪجهڙائي آهي. جنهن تي ليکڪ لکي ٿو، “ٿر ۽ ڪوهستان گهڻين ڳالهين هڪجهڙا آهن ٻنهي ماڳن ۾ گهڻي ڀاڱي گذارو ڏٿ تي آهي، مينهن وسڻ سان ئي جهر جهنگ سائو سرسبز ٿيو پوي“ اها حقيقت آهي ته شهري زندگيءَ کان پري، جابلو يا ريگستاني علائقا پنهنجي ضرورتن جا موجد پاڻ هوندا آهن. اتي جا ماڻهو جفا ڪش، محنتي ۽ صابرين هجن ٿا. سندن زندگي سخت ۽ محنت واري آهي، هي ڪتاب ڪيترن سالن کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي، درسي ضرورت جي ڪري بار بار ڇپيو ۽ عام ٿيو آهي، هر ڇاپي جو تعداد ٻه هزار رهيو آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل هن ڪتاب ۾ شڪريي جي لکيل لفظن ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”هن ڪتاب کي مشهور بنائڻ ۾ نصابي و درسي ضرورت جو، علم و ادب جي شائقين جو ۽ ادبي بورڊ جو وڏو هٿ آهي“. ڪتاب جي تمهيد ۾ ليکڪ لکي ٿو، ”اسان جي پاڙيسري ڀائرن ڪوهستانين جي ٻولي، سنڌي ٻولي جو اهم حصو آهي، اها سنڌي جنهن سان شاھ صاحب پنهنجي رسالي کي جَڙي ڇڏيو آهي، سا هن ڪتاب ۾ عام جي اڳيان پيش ڪئي ويئي آهي“.
سير ڪوهستان جو جائزو: هن مجموعي جا ويھ مضمون هڪ ئي علائقي ڪوهستان جي رهڻي ڪهڻي، حڪومت جي نظام ۽ عوام جي زندگيءَ جي باري ۾ آهن، تقريباً مني صدي اڳ جيڪي ڪوهستان جون حالتون هيون، سي هاڻي ڪونهن. هن علائقي ۾ زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون اڳ ۾ نه هيون، هاڻي پاڪستان حڪومت بجلي، پاڻي، تعليم ۽ صحت جي بنيادي ضرورتن کي هتي پهچايو آهي. پر جنهن وقت هي ڪتاب لکيو ويو هو، ڪوهستان انگريز حڪومت جي هٿ هيٺ هو، جنهن ۾ قلات، خاران، لسٻيلي کان سواءِ ٻيون رياستون پڻ هيون، هن ڪتاب ۾ لسٻيلي جي رياست جو ذڪر آهي، جنهن جا حڪمران ڄام فيروز جي پيڙهيءَ مان هئا ۽ سندن گادي جو هنڌ ٻيلو شهر هو.
سير ڪوهستان جي مضمونن جا موضوع ڪوهستانين جي پوشاڪ، رهائش، تعليم، گذران، صحت، غيرت، ايمانداري، مهمان نوازي، انصاف پسندي، پيري مريدي، تعليم قومن ۽ رواجن وغيره تي مشتمل آهن. سمون صاحب سندن گذران جي باري ۾ لکي ٿو، ”هتي جابلو علائقي ۾ پوک گهڻي نٿي ٿي، ڪوهستانين جي لاءِ آمد و رفت جون مشڪلاتون آهن، پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ آهي ۽ عوام جو گذران مال تي آهي ۽ عوام ۾ تعليم جو پڻ فقدان آهي. (ص، 12)
هي ڪتاب در اصل ڪوهستانين جي تاريخ آهي. جيڪا الھ بچائي مضمونن جي نموني ۾ پيش ڪئي آهي، خود ئي لکيو اٿس ته، “هيءُ ننڍڙو سير جو ڪتاب چئجي ته ڪوهستان جي تاريخ آهي، جيڪا دنيا جي وڏن تاريخن سان ڪلهي جوسي ٿيندي“. هيءُ مضمونن جو مجموعو هڪ علائقي جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ رهائش کي علمي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. ڪوهستانين جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي چٽائي سان بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ موجب، ڪوهستانين جي حياتيءَ جو وسيلو بارش ۽ مال آهي، جنهن ڪري هو مال جي تمام گهڻي حفاظت ڪن، جابلو علائقي جي خوفناڪ جانورن کان، سندن بچاءَ ڪن. برسات پئي خيراتون ڪن، سندن لباس ۽ رهائش تمام سادي آهي، وٽن نه ٿانءُ نه ٿپو ته به مهمان نواز آهن. عام طور ڪارو رنگ استعمال ڪن، ته جيئن ڌوپڻ کان بچي وڃي. مرد ڪارو پٽڪو غم جي علامت سمجهندا آهن، انهيءَ ڪري ڪونه پائيندا آهن، تازي ۽ صاف هوا ۽ نج کاڌي جي ڪري مرد ۽ عورتون همت ڀريا ۽ صحتمند آهن پٿريلي ۽ جابلو علائقي جي سبب سندن زندگي جفاڪشيءَ واري آهي، ”گذران به مشڪل سان ٿيندو اٿن، پر ڪچهرين ۾ ڏکن جي بجاءِ سک ونڊيندا آهن، ڏکيا بکيا پر غريباڻي حال ۾ خوش گذاريندا آهن.
پوشاڪ جي باري ۾ مضمون نويس لکي ٿو، ”زالون سادگيءَ سان هلن، لڳڙ لٽو، کاڌو پيتو سڀ سادو، ٺٺ گهڻو زالن ۾ نه مردن ۾، هو چون ”مرد ويرياڻي ننڊڻي، زال ويري سينگار“. ڏٺو وڃي ته، ڪيتري نه اونهائي آهي هن پهاڪي ۾، مردن کي سجاڳ رهڻ جي تلقين ۽ عورتن کي گھڻي غير ضروري خرچ ۽ نمائش کان بچاءَ جو سبق، ڪوهستان جون عورتون بهادر، باهمت، غيرت مند ۽ سخت جان آهن، هو محنتي، چست ۽ پنهنجي قدرن کي عزيز رکڻ واريون آهن، ڪوهستاني بهادرن ۽ سورهيه جوانن کي ڳائيندا ۽ سندن قصا فخر سان بيان ڪندا آهن، ته جيئن نئون نسل بهادر ٿيئي، بزدليءَ جو طعنو نه صرف بزدل کي ڏين پر سندس سڄي خاندان (ڪُر) کي لوئين، ڀٽ ڌڻي سسئي جي واتان چورائي ٿو.
”ڪچو لايان ڪُر جي ڪيچان اوري وران“
(ڪيچ مڪران کان اورتي پنهون جي بنا موٽي اچڻ بهادر ۽ باهمت سسئي لاءِ نه صرف پنهنجي لاءِ طعنو آهي بلڪه سندس سڄي خاندان (ڪُر) جي لاءِ بي عزتي جو سبب آهي، انهيءَ ڪري چوي ٿي ته پنهنجي سڄي خاندان کي ٽڪو لائيندس، جيڪڏهن ڪيچ مڪران کان اوري واپس اينديس). اهڙي ريت هتي جون عورتون بهادريءَ جي وصف سان مالا مال آهن، ڪوهستاني غيرت مند ۽ مهمان نواز قوم آهي. مهمان نوزايءَ جي گُڻن جي کين ڀلي ڀت خبر آهي نه رڳو مهمان کي کارائين پيارين، جيءَ ۾ جايون ڏين، پر اوجاڳا ڪري آيل مهمانن کي ڪچهرين سان وندرائين، اهڙي ئي هڪ ڪچهريءَ جي رات مضمون نويس لاءِ سڄي زندگيءَ جي يادگار رات هئي. ايڪويهن صفحن تي مشتمل ڪوهستاني ڪچهري ڪتاب جو هڪ اهم باب آهي، سانوڻ فقير، شيخ ابراهيم ۽ عبدالله ڀنڀري جي لوڙائي بيتن جي لطف واريءَ ڪچهري کيس گهڻي راحت ڏني، سانوڻ جي نڙ جي بيتن ۽ پوءِ هنر ۽ ڳجهارتن جي فن کيس حيران ڪري ڇڏيو. هيءُ ڪچهري جو تفصيلي باب لوڪ ادب ۾ هڪ اڻملھ تحفو آهي. (ڪوهستاني ڪچهريءَ جو هي باب سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي انٽر ميڊئيٽ جي سنڌي نصاب ۾ پڻ شامل آهي).
ڪوهستانين جي زندگيءَ جو وڌيڪ تفصيل هن ريت آهي. ڪوهستانين جي ايمانداري متاثر ڪندڙ آهي، هو اگهيءَ سگهيءَ مهل ڀرڻ وارا، پاڙيسريءَ سان سٺو ورتاءُ ڪندڙ بهترين منصف آهن، (سندن فيصلا عام طور پنهنجن جرڳن ۾ ٿين). بيمارين جا علاج ديسي ۽ سستا ڪن، چوپائي مال جي بيماريءَ جو علاج پڻ پاڻ ڪن، سندن عورتون هنر مند ۽ ڪاريگر آهن جيڪي ڀرت ڀرينديون آهن، اهي خو بصورت هوندا آهن، جن جي کپت شهرن ۾ گهڻي ٿيندي آهي، اهڙين ڪماين مان سٽاءُ واريون زالون سڄا گهر گذران ڪنديون آهي، ٻيو گذران مال ۽ باراني پوک تي اٿن، تعليم جي ڪميءَ جي سبب، ڪوهستانين ۾ قبرپرستي، پيري مريدي ۽ شرڪ واريون رسمون به عام جام آهن، ڪارو ڪاري جي رسم به وٽن رائج آهي، هٿيار ۽ بارود جو استعمال به گهڻو اٿن، سمي صاحب ڪوهستانين جي رهائش، عادت ۽ کاڌي جي لاءِ هن ريت اظهار ڪيو آهي، ”سندن گهر گهاٽ به رواجي جهوپڙي يا وڻ هيٺان هوندن، يا ته اڏن جي اوڙڪ ۾ رهن. گفتگوءَ ۾ نرمي، اٿ ويھ ۾ ادب اٿن“، ”غني خواھ غريب جي گهر جي ٻاهران ڍنگرن جو لوڙهو ڏنو پيو هوندو. چوري چپائي ملڪ ۾ ڪانهي تنهن ڪري گهرن جا در رات ڏينهن کليا پيا آهن، گهرن جا اڱڻ ڪشادا ۽ صاف ٻاهران پسگردائي کليل، ڪيترائي کڻي وٽن مهمان اچن، سڀئي خدائي فرش تي پورا جاءَ جي تنگي ڪنهن کي ڪانهي، شهري ويچارا جاين ۾ ايئن ٽنگيا پيا آهن، جيئن پڃري ۾ طوطو“. (صه، 17)
”اَنَ سواءِ ايمان ڪونهي، ان آهي ته ايمان آهي، پر جن ويچارن کي انَ جي اوج گهٽ آهي، سو دل پلي ان جو ايترو آسرو ڪونه ڪن، رات جو کير ڏهي منجهس سنڀاڻ ذري وجهي ڇڏين. صبح جو کير ڄميو، ڌونئرو ٿيو پوي، ڪُني ۾ مانڌاڻي وجهي ويهي ولوڙين، چنبي جيترو مکڻ نڪريو اچي. وٽو لسي جو تڪي، مٿان وٽ مکڻ جي چاڙهيو ڇڏين، نج کير جي لسي ۽ مکڻ ايترو ته ڳم آهي، جو سانجهيءَ تائين ڍؤ“. (ص، 25)
سندن رويي جي باري ۾ ليکڪ لکي ٿو، ”ويچارا پيڄ پياڪ، پنهنجيءَ ۾ پورا ايتري فرصت ئي ڪانهين، جو ڪنهن سان ڄاڻي ٻجهي وير پائين، هوند تي هوڏ ٿي ڪجي اڻهوندي لاءِ جهڙو اڀريو تهڙو نه اڀريو“ (ص، 35).
صحت جي باري ۾ ڪوهستانين جي سوچ هن ريت بيان ڪئي اٿس. ”هڪ تندرستي هزار نعمت، جڏائيءَ کان جاڏائيءَ ۾ مزو، سرير سگهو ته سنسار سگهو، جيءُ جڏو ته جهان جڏو“. (ص، 100)
اويل سويل، مهل ۽ موت جو موقف هن ريت آهي، ”جڏا جياري مرڪندا ماري، ساھ تي پل جو ڀروسو ڪونهي، انسان مرڻي وَٿَ آهي، ڪي موت جو به خيال ڪجي، جي ڪنهن سان وهبو، ته اڳلو به چار پير پائي اڱڻ ايندو. پر جي مٽ ڦوڪ ڪبي ته ڪو هٿ سَڃَ به ڪانه ڪندو. اهي اوڳا جيڪي اَوَڳُڻايون ڪري پنهنجي اوڙڪ اونڌي ڪن. عاقبت انديش ماڻهوءَ جو ڪم آهي ڪهي وڃي ڪلهو ڏيڻ“. (ص، 54).
ڪتاب جي ٻولي ۽ ادبي حيثيت: مٿين ٽڪرن مان اندازو ٿيڻ کپي ته هي ڪتاب سنڌي لغت جو خزانو آهي. جنهن جي علمي ۽ ادبي ٻولي وڻندڙ، سهڻي ۽ دل کي سيبائيندڙ آهي. حرف تجنيس وارا جملا، وقتائتا پهاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ شعرن سير ڪوهستان جي ڪتاب جي حسن کي سهڻو مقام عطا ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڪتب آندل مشڪل لفظن کي آخر ۾ سمجهاڻي ۽ معنيٰ سميت ڏنو ويو آهي.
چند پهاڪا ۽ چوڻيون هيٺ پيش ڪجن ٿا، ”تڙ تي ويهي واڳونءَ سان وير وجهڻ“، ”لاچار کي آچار ڪونهي“، ”حيلي سواءِ وسيلو ڪونهي“، ”جهڙو حال حبيان تهڙو پيش پريان“، ”تڏي آئي تنگ نه پئجي توڙي هجن وير هزار“، ”وڙهن سانَ لتاڙجن ٻوڙا“، ”جي ڄڻين سي نپائين“، ”سک ٻيليائي سڀ ڪا، ڏک نه اوڏي ڪا“، ”لکيون پرڻجن مڱيون نه پرڻجن“، ”منڊيءَ تي ٽڪ“، ”ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءَ“، ”مک ترڪڻ“، ”اُڀ ۾ ٿڪون هڻڻ“، ”ڪوسي ٿڌي ڏسڻ“، ”سون رتيءَ کان رت رتي چڱي“، ”مرڻ ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار“، وغيره. هي ڪتاب مصنف جي ڪوهستان جي سير جي مشاهدن جو مضمونن جي شڪل ۾ هڪ تاريخي عڪس آهي، جنهن ۾ ڪوهستانين جي رسمن رواجن سوڻن ساٺن، شادين مرادين ۽ ريتن رسمن کي ذڪر ڪيو ويو آهي،
ڪتاب جي ادبي حيثيت تي مختلف عالمن جا رايا: الھ بچايو يار محمد سمون، هڪ اعليٰ پايي جو مضمون نويس هو، سنڌ جي ڪوهستان جي علائقي جي رهڻي ڪهڻي بابت شاهڪار مضمون لکيائين، جيڪي ”سير ڪوهستان“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. (صه-173، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) الھ بچايو سمون به چڱو مضمون نگار ليکيو وڃي ٿو. ”سير ڪوهستان“ سندس بي نظير تصنيف آهي، جا انداز بيان ۽ جدت ۽ ندرت جي نقطئه نظر کان بلڪل منفرد آهي، (ص، 105 ”چار مقالا“ محمد اسماعيل عرساڻي)
الهبچائي سمي وري سير ڪوهستان لکڻ سان سنڌ جي انهن خطن جو سير ڪرايو آهي، جيڪي عام شهري ماڻهن جي نظرن کان دور آهن، ٻنهي پنهنجين تصنيفن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ مقامي اصطلاح، پهاڪا ۽ محاورا ڪم آڻي، سنڌي ادب ۽ لغت ۾ اضافو ڪيو“ ( ص، 26 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا) 1942ع ۾ الھ بچايو سمون سير ڪوهستان ڪڍيو، هن ڪتاب ۾ سنڌ سان لاڳيتي پرڳڻي ڪوهستان جي پهاڙي نظارن ان جي خانه بدوش باشندن، سندن مصبت زده زندگيءَ ۽ ايمان جي سلامتيءَ جا مفصل بيان نهايت شاعراڻي ۽ همدرداني نوع ۾ بيان ڪيل آهن. (ص، 275 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ منگهاران ملڪاڻي)

ڏاڙهياري جبل جو سير

”ڏاڙهياري جبل جو سير“، رائل سائيز جي اٺاويهن صفحن تي مشتمل هي ڪتابچو سنه 1900ع ۾ منشي پوڪرداس ٿانورداس، تاجر ڪمپني شڪارپور سنڌ جي ليٿو ۾ اسلاميه پريس لاهور مان ڇپايو.
هي ڪتابچو هڪ ڊگهو تحقيقي مضمون به شمار ڪري سگهجي ٿو، مرزا قليچ بيگ 1885ع ۾ پنهنجي ”ڏاڙهياڙي جبل جي سير“ جو احوال ڊائريءَ جي صورت ۾ لکيو، جيڪو سن 1900ع ۾ پهريون دفعو پوڪرداس شايع ڪيو ۽ پوءِ سن 1970ع ۾ مرزا صاحب جي لکيل تحريرن ۽ تقريرن کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ سندن لکيل مختلف موضوعن تي پنجاھ کن تحريرون تقريرون ۽ صدارتي خطبن مان تيرهن لکڻيون ”تحريرون ۽ تقريرون“ جي عنوان سان ڪتاب ۾ آنديون، محمد ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر اسدالله شاھ اهو ڪتاب ترتيب ڏنو، هن ڪتاب جو آخري مضمون ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ احوال متفرقه جي باب ۾ ڏنل آهي، مرزا صاحب جڏهن 1885ع ۾ شڪارپور ضلعي ۾ نصيرآباد تعلقي جو مختيار ڪار هو، تڏهن سندن ٻه ٽي ڀيرا هن جبل تي وڃڻ ٿيو، جنهن جو احوال ڏنو اٿن، هن سير جي احوال ۾ مختلف جبلن جيئن ”پينئرو“، ”کيرٿر“ سان گڏ آخر ۾ ڪوهستان جي علائقي جو ذڪر پڻ آهي.
مرزا صاحب ڪوهستان جي علائقي کي جيئن پرکيو ۽ پروڙيو اهو پنهنجي نموني سان پيش ڪيو اٿن، کانئن پوءِ تقريباً 50 سالن کان پوءِ الهبچايو يار محمد سمون ڪوهستانين جي زندگي پنهنجي قلم جي زور تي الڳ الڳ رنگن سان چٽي آهي، پر ته به اصل ساڳيو آهي. بيشڪ بيان الڳ الڳ طريقي سان آهن.
ڪوهستانين جي حياتيءَ جا رخ ساڳيا ئي آهن، سندن تاريخ، جاگرافي، رهائش ۽ زندگيءَ جو ذڪر مرزا صاحب مختصر بيان ڪيو آهي. جهنگلي پکين جانورن، وڻ ۽ ٻوٽن جي ڄاڻ سٺي ڏني اٿن. سندن رهائش آبهوا ۽ پوشاڪ جو ذڪر پڻ ڪيو اٿن، ڪوهستانين جي تعليم جي باري ۾ لکيو اٿن ته، ”پڙهيل منجهن ڪونهي، نماز به اتي ڪو ڪونه پڙهي رڳو سنڌي لوڙائو بيت ۽ ڳجهارتون اچنن ٿيون جن جو گهڻو مشغلو اٿن“ (ص، 280 تقريرو ۽ تحريرون)
سندن ٻوليءَ کي مرزا صاحب کريل سنڌي ڪوٺيو آهي، گذران متعلق لکيو اٿن ته، ”گذران متعلق مارئيءَ جي بيتن ۾ جيڪو حال مارن ۽ پنهوارن جو چيل آهي، سو ساڳيو هنن ماڻهن جو آهي، تفاوت هي آهي ته هو يعني (مارو ماڻهو) ٿر جي ڀٽن ۾ رهندا آهن ۽ هي جبل ۾ رهن ٿا“. (ص، 278)
ماني پچائڻ جي طريقي بابت مرزا صاحب لکي ٿو ته، ”ماني پچائڻ جو گهڻو ڪري هي دستور آهي ته هڪڙو پهڻ باھ ۾ تپائي پوءِ ڳوهيل اٽي کي ان جي چوڌاري ٿڦي وري به کنيو ان کي باھ ۾ وجهن انهي طرح اندران توڙي ٻاهران اٽو پچي ٿو، جنهن کي ڪوڪي سڏين. اها ڪوڪي ماني کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي آهي“. (ص، 277)
سمي صاحب وري هن ريت بيان ڪيو آهي، ”مائي اٽو ڳوهي ان مان ٻه ڪچيون مانيون ٺاهي رکيون، مڙد ڇا ڪيو جو تتل پٿر ڪاٺيءَ سان کڻي ڌار ڌار مانين جي وچ تي رکيا ۽ باقي پاسا مانين جا پٿرن جي مٿان ورائي ڇڏيا. نس پس فٽ بال کڻي بڻايائين. هي گولا پوءِ هڪٻئي کان پري ٽانڊن جي ڪر تي کڻي رکيائين ٻاهران باھ جو ۽ اندران پٿر جو سيڪ اٽو پچي ڪوڪلا ٿي ويو“ (ص، 29 سيرِڪوهستان).
(هن ڪتابچي ۾ ڪوهستان جو ذڪر گهٽ آهي، بلڪه تمام مختصر آهي ان جي برعڪس الھ بچائي سمي هن موضوع تي هڪ مڪمل ڪتاب لکيو آهي ۽ سندن زندگيءَ جي روشن پهلوئن جو احاطو ڪيو آهي ته ڪجھ تاريڪ پهلو به ذڪر ڪيا آهن. جيئن پيري، فقيري، جهالت وغيره).
ڏاڙهياري جبل جو سير، موضوع جي حوالي سان معلوماتي ڪتاب/طويل مضمون آهي. جنهن ۾ ڏاڙهياري جبل جي باري ۾ تفصيلي ۽ ڪوهستان جي باري ۾ مختصر معلومات آهي.

  لاڙ جو سير

”لاڙ جو سير“، الھ بچايو يار محمد سمون جو ”سير ڪوهستان“ کان پوءِ جولکيل سنڌي ادبي بورڊ سال 1971ع ۾ ڇپايو، پوءِ به ڇپجندڙ رهيو آهي. هي 119 صفحن جو ننڍڙو ڪتاب ”لاڙ“ جي علائقي جي تاريخ آهي جنهن ۾ لاڙين جي ٻولي، رهائش، پوشاڪ ۽ صحت کان سواءِ لاڙ جي علائقي جي تاريخ ۽ ادبي حيثيت کي بيان ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جو جائزو: يارنهن مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جا مضمون لاڙ جي علائقي جي باري ۾ آهن، فقط ٻه طويل مضمون الڳ موضوع تي آهن، جيڪي پيش ڪرڻ سان ليکڪ نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۽ شعر جي ابتدائي ڄاڻ ڏني آهي. بلڪه ”لاڙ جي ٻوليءَ جي تاريخ“ کي به سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي.
ليکڪ ”پيش لفظ“ ۾ لاڙي ٻوليءَ کي نج ۽ اصل سنڌي ٻولي سڏيو آهي جيڪا رسيلي ۽ سوادي آهي، لاڙ کي سنڌي ٻوليءَ ٺهڻ جو ڪارخانو سڏيو آهي. سندس نظر ۾ لاڙين جي سڀاءَ جي نهٺائيءَ ۽ نماڻائيءَ جي ڪري هيءَ نماڻي ٻولي آهي. شاھ سائينءَ جي ڪلام ۾ لاڙي محاورن ۽ لاڙي لفظن جي موجودگي هن ٻولي جي اهميت کي وڌائي ٿي. ”لاڙ جي هڪ رات“، ”لاڙ جي ٻي رات“ ۽ ”جهنگ جو سير“ مضمون خاص لغت جي اڻ کٽ کاڻ ۽ لوڪ ادب جو خزانو آهن. هنن مضمونن ۾ لاڙين سان، ڪچهرين جو بيان، وڻندڙ آهي. سنڌي لوڪ ادب جي صنفن خاص طور هنر، ڏور ۽ ڳجهارت جو ذڪر آهي. ليکڪ ڳجهارت جي ڳجھ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”ڳجھ کي پڌرو ڪرڻ هو نه فقط عيب سمجهن ٿا پر پاڻ لاءِ نقصانڪار پڻ ڄاڻن ٿا. سندن محفلن جي مام کي هن بيت ۾ سمجهايو اٿن،
مـٺ ڀـيـڙِيـائـي ڀـلـي، جـي اپٽي ته واءُ،
پڌر پيئي ڳالهڙي، ته ڇڏي ويندي ساءُ.
هنن مضمونن جي ٻولي وڻندڙ ۽ دل ڇڪيندڙ آهي، ”لاڙ جي هڪ رات“ مضمون ۾ هڪ پير مرد جي ڪپوٽ پٽ جي داستان، سندس واتان بيان ڪيل آهي. لفظن جي سادگي ۽ اثر انگيزي عجب آهن. هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو. ”سائين پٽ ته سپوٽ، ڪَپوٽ مان ڪُڄڙو جُڙي؟ سڪيلڌو آهيم هيڪڙو، پر آنڊا به ڄَري ڇڏيئين. جيڏانهن ڪيڏانهن گلا، ڏوراپا ۽ پڇا، آئون ڪڄا چوان، پنهنجي جي هلڪائي ڪرڻ آهي. ”پير مان لاهي منهن ۾ هڻڻ“. (ص، 70) ”اسين ڪکين ڍڪيا ماڻهو، مٿئون سهي واري کل، هٿ کنئي ڦڦڙ پڌرا. هن اوسر ۾ ڪو نڪو ڏي نڪو وٺي، ڀاءُ ڀاءُ ڪنان بيزار، اڄ هر ڪو سياري جي سوڙ پاڻ ڏي پيو سيري“ (ص، 75).
پهاڪن، اصطلاحن ۽ حرف تجنيس جي لفظن جو برجستو استعمال. هنن مضمونن جي سونهن ۽ سوڀيا کي وڌائي ٿو. لاڙين کي ڪوهستانين سان ڀيٽ ڪندي مضمون نگار کين سڌريل ۽ مهذب ڄاڻايو آهي ته سمي صاحب موجب ته، منجهن تعليم مناسب آهي، هو شهر ۽ ڳوٺ ٻڌي صفائيءَ سان ۽ منظم رهائش سان زندگي گذرين ٿا. باقي صحت شهري ماڻهن وانگر اٿن. ڪوڏر جي ڪمائي گهٽ ڪن منجهن ٽي طبقا ماڻهن جا آهن. زميندار، مالدار، هاري ۽ مزدؤر. هن ڪتاب ۾ لاڙين جون خوبيون ۽ خاميون کولي بيان ڪيون ويون آهن. کين مهمان نواز، سادگي پسند ۽ لحاظ وارو ڄاڻايو ويو آهي، ته کين سست ۽ هيڻو به ڏسيو ويو آهي. خاص طور نئين نسل، پنهنجي وڏن وينجهارن جي نالي ۽ ننگ کي مانائتو نه ڪيو آهي.
الھبچائي سمي جو هي ڪتاب هڪ ئي علائقي لاڙ ۽ سندس رهواسين جي تاريخ آهي. سندن سماجي زندگيءَ جي رخن جو عڪس آهي. جنهن کي ادبي ۽ علمي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. سهڻن شعرن، پهاڪن ۽ چوڻين سان سينگاريل هن ڪتاب جي ٻولي اصطلاحي ۽ با محاوره آهي.
مثال طور: ”هيرئي سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي“، ”ادي مئي ادو ڄائو اسين اوتري جا اوترا“، ”ڏکئي کي ڏي ڪونه، سکئي کي سهي ڪونه“، “جيڪي چلھ تي سو دل تي“، ”نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ“، ”هڙ هلڪي ٿيڻ“ وغيره.
لاڙ جو سير: ڪتاب نه رڳو سنڌي مضمون نويسيءَ جي ميدان ۾ اهميت رکي ٿو. پر سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي لحاظ کان لسانيات جي ڀاڱي ۾ به ڪارآمد آهي. منگهار رام ملڪاڻي موجب، سمي صاحب جو ڪتاب ”لاڙ جو سير“ پڙهندڙن ۾ مقبول پيو ڇو جو ان جي لکڻيءَ جو نوع به دلڪش هو ۽ عبارت پختي هئي، (ص، 276 ”سنڌي نثر جي تاريخ“)

  چار مقالا

”چار مقالا“ محمد اسماعيل عرساڻي جو ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب ايم.اي سنڌي لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي طرفان پهرين ريفرنس بُڪ طور منظور ٿيل هو. پوءِ هن کي ايم.اي جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. 108 صفحن تي مشتمل ”چار مقالا“ ناول، ڊرامو، افسانو ۽ سنڌي مضمون جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي ٿو. پيش لفظ ۾ لکيل آهي ته، ”سنڌي زبان ۾ ناول نويسي“ مقالو مون ادبي ڪانفرنس هالا ۾ 1952ع ۾ پڙهيو هو، ٻيو مقالو ”سنڌي زبان ۾ ڊراما نويسي“ اپريل 1954ع م پڙحيو هوم، (يعني ته نصاب ۾ شامل ڪتابن ۾ 70 سال اڳ جو احوال ڏنل آهي. هاڻ 1952ع کان پوءِ ڪافي ترقي ٿي آهي ۽ ڪجھ تحقيقي ٿيسز مٿين موضوعن تي اچي چڪيون آهن، ضروري آهي انهن مان منتخب حصن کي نصاب جي ضرورت بنايو وڃي). هن ڪتاب جو نالو پهرين ”سنڌي ڊرامو ۽ ناول“ هو. پوءِ انهيءَ ۾ ليکڪ ٻه ٻيا مقالا ”سنڌي زبان ۾ افسانه نويسي“ ۽ ”سنڌي زبان ۾ مضمون نويسي“ شامل ڪري اُن جو نالو ”چار مقالا“ رکي شايع ڪرايو. ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي سپرد ٿيو. جتان غلام رباني آگرو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي نظرداريءَ ۾ شايع ٿيو. نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن 1974ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ وارن شايع ڪيو انهيءَ کان پوءِ ڇپجندڙ آهي.
چار مقالا، هڪ نظر: هن ۾ چار مشهور نثر جي صنفن جو پهريون مقالو سنڌي ناول جي باري ۾ آهي. ناول نويسيءَ جي تفصيل کان اڳ ۾ عُرساڻي صاحب انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي، الف، ب ٺهڻ ۽ شروع جي ترجمو ٿيل ڪتابن جا احوال ڏنا آهن، ناول نويسيءَ جي فن جو تعارف ۽ ناول جي صنف کي واضح ڪرڻ لاءِ ناول جا قسم ۽ ناول نويسيءَ جون خاصيتون ۽ سٺي ناول لکڻ لاءِ ڄاڻ آهي. باقي سنڌي ناول جي باري ۾ مختصر لکيل آهي. ناول نويسيءَ جي دؤرن کي مصنف ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. ليکڪ مطابق پهريون دؤر ”بلو کوکر“ ۽ ”راسيلاس“ کان شروع ٿئي ٿو. ” بلو کوکر“ کي 1861ع کان پوءِ جو ناول بيان ڪيو ويو آهي ۽ ”راسيلاس“ کي 1861ع. (جڏهن ته بلو کوکر 1929ع ۽ راسيلاس 1870ع جو سال ڪتابن تي درج ٿيل آهن).
”زينت“ ناول کي ترجمو ڄاڻايو ويو آهي. عرساڻي صاحب لکي ٿو، ”مرزا صاحب موحوم جو ٻيو ناول ”زينت“ جو 1890ع ۾ لکيو ويو، ان کي اگرچ عام طرح طبعزاد سمجھيو ويندو آهي مگر حقيقت ۾ اهو هڪ اُردو ڪتاب ”صحت النساءَ“ تان ورتل آهي“. (صه، 16)
جڏهن ته زينت لاءِ مختلف ادبي تاريخن ۾ جيڪي رايا آهن انهن مان خبر پوي ٿي ته زينت طبعزاد ناول آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ لکيل زينت جي جائزي کي ڏسو). ليکڪ ناول نويسيءَ جو ٻيو دؤر 1923ع کان آزاديءَ جي تحريڪ تائين شمار ڪيو آهي ۽ آخري دؤر 1947ع کان پوءِ جو ”موجوده دؤر“ جي عنوان سان ڄاڻايو آهي. هن مختصر مقالي ۾ شروعاتي دؤر جي معلومات ڏنل آهي. جنهن ۾ ڪجھ افسانن جو ذڪر پڻ اچي وڃي ٿو. ڪتاب ۾ ناولن جي ترتيب (”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ) کان هٽيل آهي. ”چار مقالا“، جو ٻيو مقالو ”سنڌي ڊرامو“ آهي جنهن ۾ ڊرامي جي صنف جي اهميت ۽ ان جا قسم بيان ڪيا ويا آهن. ڊرامي جي تمهيد کان پوءِ ليکڪ سنڌي ڊراما نويسيءَ جي شروعات ڄاڻائي آهي. جنهن ۾ لکيو اٿن ته، ”جيئن ئي انگريزن جي طرفان سنڌي ۽ انگريزي اسڪول کليا، تڏهن کان ئي ننڍن ننڍن مڪالمن لکڻ ۽ اسٽيج تي آڻڻ جو رواج پيو ۽ اڳيان هلي ناٽڪ ڪمپنيون وجود ۾ آيون“ (صه، 40).
عرساڻي صاحب مطابق ته سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي شروعات 1885ع کان ٿي. 1894ع ۾ ڊي.جي ڪاليج اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي اسٽيج تي ڊراما پيش ڪيا. جنهن کان پوءِ حيدرآباد ۽ چانڊڪا اميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽيون قائم ٿيون. ان کان پوءِ 1923ع ۾ حيدرآباد ڊراميٽڪ ڪلب جو وجود عمل ۾ آيو. شروع جو سنڌي ڊرامو گھڻي قدر ترجمي ۽ شاعراڻي نثر تي مشتمل هو. ان کان پوءِ مشهور لوڪ ڪهاڻين جا ڊراما بار بار اسٽيجن تي ورجايا ويا. اڳيان هلي ريڊيائي ۽ ٽي.وي ڊرامن جو دؤر آيو. هيءُ مقالو گھڻو اڳ جو آهي، سنڌي ڊرامي هن دؤر ۾ ٽي.وي جي ذريعي گھڻي ترقي ڪئي آهي. باقي اسٽيج تي سنڌي ڊراما نه هئڻ برابر آهن. پاڪستان ۾ گجراتي، ميمڻي ۽ اردو ڊراما اسٽيج ڪيا ويا پر انهن جو معيار به تمام گھٽ آهي ۽ اڄڪلھ ريڊيو ۽ پي.ٽي.وي ڊرامن جي مقبوليت سان گڏ ڪيبل جي عام ٿيڻ سان سنڌي ڊرامو پوريءَ دنيا ۾ ڏٺو وڃي ٿو. جنهن ۾ نوَن ليکڪن چڱا ڊراما سنڌي ادب جو حصو بنايا آهن.
”سنڌي افسانه نويسي“ مقالي ۾ افسانه نويسي جي فني خوبين سان گڏ، سنڌي افساني جي تاريخ بيان ڪئي ويئي آهي. ليکڪ مطابق ”برصيغر هندو پاڪ جي گهڻو ڪري سڀني زبانن ۾ افساني جي سچي پچي شروعات ويهين صديءَ جي شروع ۾ ٿي“.
هن مقالي ۾ افسانه نويسيءَ جو پهريون دؤر ويهين صدي جي شروعات آهي جنهن مطابق 1911ع ۾ ڪوڙيمل بهترين بنگالي افسانن جو ترجمو ڪيو. هن دؤر جي افسانه نگارن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، عبدالله عبد، لال چند امر ڏنو مل ۽ جيٺمل پرسرام جن کي ذڪر ڪيو آهي. ٻيو دؤر 1925ع کان 1940ع تائين شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ عالمگير جنگ پڻ لڳي ۽ ورهاڱي جي تحريڪ پڻ زورن تي هئي. هن دؤر ۾ طبعزاد افسانا پڻ لکيا ويا ۽ ڪجھ افسانا ترجمو پڻ ٿيا. ٽيون دؤر 1940ع کان 1947ع تائين کي ڄاڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ڪافي افسانن جا مجموعا پڻ ڇپجي ظاهر ٿيا آهن. افساني جو موجوده دؤر به بيان ڪيو ويو آهي. افساني جو مقالو موضوع سان ڪجھ لاڳاپيل آهي ۽ 1950ع تائين جي افسانه نويسيءَ جو احاطو ڪري ٿو.
”سنڌي مضمون نويسي“ هڪ اهم موضوع آهي، جنهن تي گھٽ لکيو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي. ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن. جيڪي ادب جو حصو بنجي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن. پر مضمونن جي موضوعن جي اڻاٺ رهي آهي. انهيءَ لحاظ کان ڪتابي صورت ۾ جيترا مجموعا هئڻ کپن ايترا اڃان تائين نه اچي سگھيا آھن. ليکڪ پهريائين مضمونن جي صنف تي روشني وڌي آهي ته مضمون ڇا آهي؟ جيئن ته ”مضمون عام طور هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي. جنهن ۾ مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلوءَ تي آسان ۽ سرسري انداز سان نظر وجهي ٿو ۽ موضوع تي صرف انهيءَ حد تائين بحث ڪري ٿو. جيستائين سندس شخصيت ان موضوع کان متاثر ٿيل هوندي آهي“. مضمون نويسيءَ جو پهريون دؤر 1854ع کان صحافت جي شروعات سان ڄاڻائيندي. شروع دؤر جي مضمونن جي مجموعن، مقالات الحڪمت، گل ڦل، هيري جون ڪڻيون، ادبي گلشن، ادبي غنچو وغيره، کي ذڪر ڪيو ويو آهي. ۽ ٻين مضمونن جي مجموعن جي مختصر معلومات ڏنل آهي.
تجزيو: ”چار مقالا “ مختصراً نثر جي ادبي صنفن جي باري ۾ شروع دؤر جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ڪتاب جي ٻولي عام فهم آهي. ڪجھ هنڌن تي اردو شعرن جا مثال ڏنل آهن جيڪي ٺهڪندڙ ڪونهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ فٽ نوٽ ۾ مددي ڪتابن جو ڪو به حوالو ڏنل ڪونهي ۽ ڪجھ معلومات ادبي تاريخن کان هٽيل آهي، مثلاً ڪريم ڏنو راڄپر جو ”آمريڪا جو سير“ سفرنامي کي مضمون جو ڪتاب ڄاڻايو ويو آهي. ”چار مقالا“ جي ناول، افساني، ڊرامي ۽ مضمون جي باري ۾ ڏنل معلومات 1954ع تائين جي دؤر تائين آهي. ان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ مٿين صنفن تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. ڪيترائي نثر بابت مقالا ۽ تاريخون وجود ۾ آيون آهن. اسماعيل عرساڻي صاحب جو هيءُ ڪتاب بنيادي معلومات لاءِ شروع دؤر ۾ اهم ضرور رهيو پر موجوده وقت خاص اهميت جوڳو شمار نٿو ٿيئي. خبر ناهي ڇو هن ڪتاب کي ايم.اي سنڌي ۽ سي.ايس.ايس جي نصاب جو حصو بنايو ويو آهي؟ يونيورسٽين جي نصاب ڪميٽيءَ جي ڄاڻ تي عجب ٿيئي ٿو!! ڇا منهنجو هيءُ ڪتاب سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس يونيورسٽين جي نصاب جو حصو ٿيڻ گھرجي؟ هن ڪتاب کي هائر ايجوڪيشن وارن نصاب ۾ رکڻ چاهيو پر سنڌ مان اسلام آباد ڪريڪيولم جي ميٽنگ لاءِ ويل استادن هٽرايو، ”ههڙا هاڃا ٿين هن ڀنڀور ۾“!!

  هٻڪار

ورسٽي پبليڪيشن، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي جي طرفان، پاپولر پرنٽرس حيدرآباد، مان شايع ڪرايل ”هٻڪار، جي نالي سان سنڌي چونڊ مضمونن جو مجموعو ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ترتيب ڏنل آهي. 148 صفحن جو هيءُ گوناگون مضمونن جو مجموعو 1975ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جو انتساب محقق ۽ مؤرخ جناب پير حسام الدين شاھ راشديءَ جي نالي آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي استادن طرفان ورسٽي پبليڪيشن جو اشاعتي ادارو قائم ڪيو ويو هو. سندن اشاعتي سلسلي جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي.
هٻڪار جو جائزو: هي مضمونن جو مجموعو، سنڌ جي يونيورسٽين جي طرفان ايم.اي. سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي. هن مجموعي ۾ صاحبِ طرز سنڌي مضمون نگارن جا ٽيويھ مضمون شامل آهن. ڊاڪٽر نواز علي شوق مهاڳ ۾ لکيو آهي ته: ”مون هن ۾ ڪوڙيمل کان الطاف شيخ تائين مختلف مضمون نگارن جا مختلف قسن جا مضمون چونڊيا آهن. ڪي اخلاقي ۽ نصيحت وارا مضمون ڏنا ويا آهن ته ڪي بياني ۽ معلوماتي، ته ڪي وري طنزومزاح سان ڀريل آهن“.
نواز صاحب مقدمي ۾ مضمون جي فن سان گڏ، سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر تي روشني وڌي آهي. (مضمون نويسيءَ تي ڪارائتو ۽ معلوماتي ليک، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي ”سنڌي نثر جي تاريخ، جي مدد سان لکيل آهي.) ورهاڱي کان اڳ جي ڇپيل مضمونن جي مجموعن ۾ مختلف ليکڪن جا چونڊ سنڌي نظم ۽ نثر جا ليک، گڏ ڪري ڇپايا ويندا هئا. انهيءَ ريت ڪيترائي ڪتاب تيار ٿيا ۽ ڪجھ خالص مضمونن تي مشتمل مجموعا به هئا. جيئن ”گل ڦل“، ”ڳوٺاڻي چهر“، ”اناردانه“، ”ڦلن مٺ“، ”چڻنگون“، ”ادبي آئينو“ وغيره. ورهاڱي کان پوءِ جي مضمونن جي مجموعن ۾ ”ڪچ ڪوڏيون“، ”سنڌي سٻاجهڙا“، ”ڪک هيٺان لک“، ”سنڌي چونڊ مضمون“، ”مقالا“ ۽ ”هٻڪار“ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. مٿين ڪتابن ۾ ڪجھ ڪتاب هڪ ئي ليکڪ جي، قلم تي مشتمل آهن. ”هٻڪار“ ۾ مختلف ڪتابن يا رسالن ۾ آيل، مضمونن کي گڏ ڪري ترتيب ڏيئي، هڪ منتخب مضمونن جو مجموعو، پڙهندڙن کي پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي هڪ اهم اضافي خوبي هيءَ آهي ته هن ۾ گڏ مضمون نگارن جي سوانح بيان ڪئي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب مشهور مضمونن مان لطف اندوز ٿيڻ سان گڏ سندن ليکڪن جي باري ۾ ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. (مضمونن جي مجموعن ۾ سوانحي ڄاڻ جي شروعات پروفيسر نارائڻ داس ميورام ڀمڀاڻيءَ 1944ع ۾ ادبي گلشن (ٽي ڀاڱا) ۾ ڪئي هئي). ”هٻڪار“ جو پهريون مضمون سنڌي مضمون نويسيءَ جو پهريون مضمون شمار ٿئي ٿو. ڪوڙيمل ”پڪو پھ“ جو زناني تعليم جي فائدي ۾ هڪ ڊگهو مضمون 1862ع ۾ لکيو ويو. هن مجموعي ۾ مان هڪ صفحي جو ٽڪر ”علم سکڻ جي ضرورت“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي. ديوان ڪوڙيمل سنڌي زبان جو هڪ ماهر عالم ۽ اديب هو. سندس مضمون ۾ عورتن جي تعليم حاصل ڪرڻ جي فائدي تي زور ڀريل آهي ۽ جيڪي ماڻهو زناني تعليم کي اهميت نٿا ڏين انهن لاءِ لکي ٿو ته: ”اهي ماڻهو انهيءَ ماڻهو وانگر آهن، جو جاءِ جوڙائڻ مهل ان جي بنياد جي پڪائيءَ جي سڌ نه رکي، سڀ ڪنهن ڏيھ جو سڌارو ۽ بگاڙو، واڌارو ۽ گهاٽاپو زالن جي سياڻپ ۽ نادانيءَ تي آهي. ”سچ“ مضمون مرزا قليچ بيگ جي ترجمو ٿيل ڪتاب ”مقالات الحڪمت“ مان ورتل آهي. جنهن ۾مرزا صاحب سچ جي خوبين تي اهم ترين جملا لکيا آهن. ”جڏهن چئجي ٿو فلاڻو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي ٿو. تڏهن حقيقت ڪري ان جي معنى اها آهي ته، فلاڻو ماڻهو انسان کان ڊڄي ٿو ۽ خدا تعالى کي سامهون ٿو ٿئي“. (صه، 27)
ڪيتري نه اهم حقيقت کولي بيان ڪئي وئي آهي؟ سچ واقعي مؤمن جي شان ۽ جهاد آهي سچ فنائيت کان اعلى دائمي بقا حاصل ڪيل آهي، حقيقت ۾ سچ جو موضوع وڻندڙ ۽ اثرائتو آهي. ”هٺ“ پرمانند ميوارام جو لکيل سندن مشهور مضمونن جي مجموعي، ”گل ڦل“ مان ورتل آهي، هن ۾ مضمون نگار، هٺ ۽ فخر جي اَوَگڻ کي انسانيت لاءِ هاڃيڪار ثابت ڪيو آهي ته جنهن انسان ۾ هٺ هوندو اهو جيڪڏهن عروج تي ايندو ته ٻين کي حقارت سان ڏسندو ۽ کيس ٻين جا چڱا گڻ به ڏسڻ ۾ ڪين ايندا آهن. ليکڪ چواڻي ته، ”وڏن ماڻهن جي فخر ۽ غرور کي وڌائڻ ۾ خوشامدڙين جو به وڏو هٿ آهي، جيڪي حقيقت ۾ کين نقصان پهچائيندڙ آهن“. ”قلندري ميلو“ شمس الدين بلبل جو عربي ۽ فارسي لفظن جي ميلاپ ۽ تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل لفظن ۽ جملن وارو مضمون آهي. قلندر لال شهباز جي ميلي جو احوال قافيه دار سجيل جڙيل نثر ۾ ڏنل آهي. مثال طور ”ملڪ ملڪ جا فقير فڪريلا، گروه گروه جا گرو ۽ چيلا، ڪي صفا بانفعا مست، ملنگ ۽ ڪي ارڏونگ اڙٻنگ، ڪي روڏا توڏا، يڪ سردوگوش، ڪي لنگوٽ بند، دلق پوش“. (صه، 35) ”ڪنهن جي ڳنڍ ڪپي ته ڪنهن جو گھوڙو گم، ڪنهن جو پٽڪو لونگي چٽ ته ڪنهن جو اٺ عدم“. (صه، 37_35)
”وهيو“ صاحب سنگھ چندا سنگھ شاهاڻيءَ جي مشهور مضمونن جو ڪتاب ”گلزار نثر“ مان ورتل آهي. هن ۾ وهيي پکيءَ جي بناوٽ، مزاج ۽ خوراڪ جي ذڪر سان گڏ هن پکيءَ جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪيون ويون آهن. ”پريم“، مضمون ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي چونڊ ”سنڌي نثر ۽ نظم“ مان آهي. پريم يا محبت جي اهميت ۽ قسمن کي ڄاڻائيندي، ليکڪ دنياوي پريم جا مثال ڏيندي الاهي پريم کي اُتم قرار ڏنو آهي ته، ”ڌڻي شال اسان سڀني جو چِت پاڻ ڏانهن مائل ڪري، جيئن اسان جون رڳون سدائين پريم ۾ رتيون رهن ۽ مالڪ جي محبت ۾ مَتيون رهن“. (صه، 46) ”آزادي ۽ غلاميءَ جو فرق“ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي ڪتاب ”ڪمال ۽ زوال“ تان ورتل آهي. حڪيم سيوهاڻي علم ۽ ادب جي گھڻي خدمت ڪئي. سندن ڪجھ ڪتاب طبع زاد ته ڪجھ ترجمو آهن. قومن جي ڪمال ۽ زوال جا سبب ”مقدمهءِ ابن خلدون“ تان ترجمو ڪيل اٿن. هيءُ ليک به انهيءَ ڪتاب مان ”آزاديءَ ۽ غلاميءَ ۾ فرق“ جي عنوان سان ترتيب ڏيئي پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ انهيءَ فرق کي بيان ڪرڻ لاءِ بلبل پکيءَ جي قيد ۽ آزاديءَ جو مثال ڏيندي بند بلبل کي ڪمزور ۽ ڳريل ۽ آزاد بلبل کي محفوظ ۽ بيماريءَ کان بچيل ڄاڻايو ويو آهي، ليکڪ موجب بندياڻي بلبل بيمار ۽ ڪتن ٻلن جو شڪار جلد ٿيندي آهي. اهو ساڳيو ئي فرق آزاد ۽ غلام قومن ۾ آهي. ”جيوت چٽاڀيٽين جو سلسلو“ لال چند امر ڏنو مل جو ”ڦلن مٺ“ مان چونڊيل آهي، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته، زندگي آهي ئي چٽا ڀيٽيءَ جو سلسلو پر انهيءَ ۾ ڪامياب انسان اعلى طبع، اتساھ ۽ محڪم ارادي وارو ٿي سگهي ٿو. بازي اهو کٽيندو جيڪو هار تي دل نه هاريندو ۽ اهو اسان جي تربيت تي دارومدار رکي ٿو. جيڪا ننڍپڻ کان ئي ايندڙ نسل لاءِ مقرر ڪرڻ گهرجي کين اورچ ۽ محنتي بنائجي. ”ڳوٺاڻي چهر“ پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جي ”گلستان“ مان چونڊيل ۾ ڳوٺاڻن جي حياتيءَ جي سهڻي عڪاسي ڪئي ويئي آهي، هن مڪالماتي مضمون جو مقصد آهي ته، ”ويچاري غريب ڳوٺاڻي جي لاءِ ڪکن جي ڇت وارو گهر ۽ ٻه ٽي ٺڪر جا ٿانوَ ۽ پيٽ قوت لاءِ رکو اَن به نعمت آهي. اهو ئي سندس متاع حيات آهي“.
”نالا“ عنوان سان نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻيءَ جي مضمون ۾ ليکڪ اهو سمجھايو آهي ته انسان کي سندس نالي سان محبت آهي جنهن جي مشهوريءَ لاءِ هو لکون لٽائي ٿو. پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي هت علم ۽ ادب جو ڀاڱو اهڙو آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ جو نالو سدا قائم ۽ دائم آهي. شاھ سائينءَ جو نالو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ويو آهي. اڳيان لکي ٿو ته، ”ٽئگور“ بنگالي ليکڪ ان ڪري مشهور ٿيو جو سندس تحريرون انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيون ۽ شاھ جي رسالي تي ٿيل ڪم به انگريزي ترجمي جي ڪري مشهور ٿيو. معنى ته هن بين الاقوامي مشهور ٻوليءَ ۾ سنڌي علم ادب جي ترجمو ٿيڻ سان ڪيئين گوهر دنيا جي علم ادب ۾ ظاهر ٿي سڃاتا ويندا. هيءُ هڪ اهم ۽ غور طلب نقطو آهي، جنهن تي عمل جي ضرورت آهي. ڀمڀاڻي صاحب ترجمي جي اهميت تي زور ڀريو آهي. ”گنجي ٽڪر جو سير“ سيد ميران محمد شاھ جو جڳ مشهور مضمون نصابي طور سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان مقرر پڻ آهي. هيءُ ڏکين لفظن وارو پر گنجي ٽڪر جي سونهن کي، سهڻن لفظن سان بيان ڪندڙ، اثرائتو مضمون آهي.
”جي نوٽن جو مينهن وسي“ عطا حسين شاھ موسويءَ جي مشهور مجموعي، ”ڪچ ڪوڏيون“ مان ورتل آهي. هي مضمونن جو مجموعو سنڌي ادب ۾ اهميت جو حامل آهي. موسوي صاحب جو هيءُ مزاحيه و طنزيه مضمون انهيءَ خيال ۽ سوچ کي ٿو واضح ڪري ته پئسي جي لالچ اانسان کي ڪيئن نه هڪٻئي لاءِ هاڃيڪار بنائي ٿي. پنهنجي غريب ڪردار جي واتان نوٽن جي مينهن وسڻ کان پوءِ جي خونريز نظاري کي ڏسندي دعا گھرائي ٿو ته، ”اي الله شل مهر جو مينهن وسائين“ ليکڪ اهو چوڻ چاهي ٿو ته مايا اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. پئسي جو انڌ انسان کي، تباه ڪندڙ آهي. هن مزاحيه مضمون جو اوٽ ۾ هڪ خاص سنجيده نڪتي کي پيش ڪيو ويو آهي. ”انسان“ ڪشنچند عزيز جي مشهور مجموعي ”ادبي آئينو“ مان ورتل آهي. ڪشنچند جي مضمونن ۾ فلسفي جو اثر وڌيڪ آهي. هن ۾ ليکڪ انساني سڀاءُ جون خوبيون ۽ خاميون کولي بيان ڪيون آهن. آخر ۾ کيس پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪئي آهي. ”شڪارپور“ پير علي محمد شاھ راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ مان ورتل آهي. هن ليک مان شڪارپور شهر جي تاريخي حيثيت ظاهر ٿي آهي شڪارپور جي اصل رهاڪن سنڌ رڪي ڀائيبندن جي ذڪر سان گڏ هتي جون خاص کاڌي جو شيون جيئن شڪارپوري حلوو ۽ شڪارپوري آچار بيان ڪيل آهن. شڪارپور شهر کي هڪ قديم ۽ مشهور تجارت جو مرڪز شهر ڄاڻايو ويو آهي.
”سنڌي سٻاجهڙا“ محمد اسماعيل عر ساڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌي سٻاجھڙا“ مان ورتل آهي. جنهن ۾ منضمون نگار سنڌي ماڻهن جي ماڻهپي ۽ اخلاق جي واکاڻ ڪئي آهي. هندستانين ۽ انگريزن جي کيڪار ۽ سنڌين جي کيڪار جو فرق ٻڌايو آهي. سنڌين جي محبت ۽ مان ڏيڻ واري طبعيت ۽ اوپري کي پنهنجو ڪرڻ ۽ خبر چار ڏيڻ جي نموني کي بيان ڪري سنڌي قوم جون خوبيون ٻڌايون ويون آهن.
”مهمان نوازي“ الله بچايو يار محمد سمون جي ”سير ڪوهستان مان مهمان نوازي وارو باب آهي، جنهن ۾ سمون صاحب ڪوهستانين جي مهمان نوازيءَ جي خوبيءَ کي خاص اهميت ڏيندي سندن ڳڻن کي سهڻو بيان ڪيو آهي. هن مضمون ۾ موقعي مطابق پهاڪا ۽ چوڻيون استعمال ٿيل آهن. ”وقت“ پروفيسر هرومل سدا رنگاڻيءَ جو ”ويچار“ جي مجموعي ۾ آيل مضمون آهي. ليکڪ چواڻيءَ ته، ”ويل وقت کي وات مان نڪتل لفظ ۽ ڪمان مان نڪتل تير سان ڀيٽڻ کپي، ايئن چوڻ ته ”وقت گذر آهي“ هڪ عظيم غلطي آهي. دنيا گذر آهي پر نه وقت“ (صه، 107). ”گداگري“ جي اهم موضوع تي ڪريم ڏنو راڄپر صاحب قلم کڻي، اهو ڄاڻايو آهي ته بيشڪ گداگري لعنت آهي، جنهن کي روڪڻ مذهبي ۽ قومي فرض آهي هن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي مثالن سان گداگريءَ جي لعنت کي ننديو آهي. سندس چوڻ مطابق، نه صرف پاڪستاني گداگري جي مدد لاءِ جذباتيت جو شڪار آهن، پر پوريءَ دنيا ۾ هن ڏس ۾ ماڻهو نرم جذبو رکن ٿا. انهيءَ جو سبب گداگري جا لعنتي شخص حرفتي ۽ اٽڪل باز آهن.
”بي زبان دوست“ پروفيسر عطا محمد حاميءَ جي ڪتاب ”ثمر حيات“ مان ورتل آهي. مضمون نگار ڄاڻايو آهي ته دنياوي دوستيءَ ياريءَ کي اسين اهميت ڏيئي ۽ ٻين تي ڀروسو ۽ منجھن اميد رکي پنهنجي زندگي ضايع ڪندا آهيون. زندگيءَ ۾ ڪير به ڪم نه ايندو آهي، سچو دوست خدا جو ڪتاب آهي. ڪلام پاڪ ئي بهترين دوست آهي، ”مون تي هڪ سخت وقت اچي ويو، جنهن ۾ مان پنهنجي سنگتين کي سڏ ڪيو پر، آزمائش ۾ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا. اٽي مان وار نڪري ويو ۽ سڀ بيٺي جا يار ثابت ٿيا. جي سک ۾ سچار سڏبا هئا سي مهل جا مڪار ٿي پيا. جي بهار ۾ گل هئا سي خزان ۾ خار ٿيا“. ”گھرجون“ گوبند ڀاٽيه جي انعام يافته ڪتاب ”ورق“ مان ورتو ويو آهي. جنهن ۾ انساني گھرجن جي انبار کي برو ڄاڻايو ويو آهي. مضمون نگار موجب ته اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي اسان خواهشن جي گهوڙي کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي. ”مانيءَ جهڙو مٿو“ مضمون، ”نئين زندگي“ جون 1968ع ۾ شايع ٿيو. هن ۾ محمد بخش مجنون هڪ معلوماتي ۽ سماجي موضوع يعني سنڌي سماج جي ريتن روايتن کي دلچسپ پيرايي سان لکيو آهي. هن ۾ سنڌي ٻار جي پرورش کان وهنجارڻ، کير پيارڻ ۽ آڍ مک ڪرڻ ۽ مٿو ويهارڻ جي خاص رواج ۽ ننڍي ٻار جي بستري جي احوال سميت تمام سچي ۽ ساکائتي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ منجهس خاص لفظ جيڪي موضوع مطابق موقائتا ۽ صحيح بيان ڪيل آهن. هيءُ هڪ شاهڪار مضمون آهي جيڪو سنڌ جي سماجي قدرن کي بيان ڪري ٿو. ”شڪار“ عطا محمد ڀنڀرو جو دوستن سان شڪار ڪرڻ جي واقعي جو بيان آهي.
”سينگارپور ۾ سنڌي“ ليک مشهور سفرناما نگار الطاف شيخ جي سفر نامي ”بندر بازاريون“ مان ورتل باب آهي. بنيادي طور ”بندر بازاريون“ هڪ سفرنامو آهي ۽ مضمون نٿو شمار ٿئي، هن ۾ ليکڪ هندو سنڌين سان ڪچهري ڪري سينگارپور ۾ رهندڙ سنڌين جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي.
هٻڪار جي علمي ۽ ادبي اهميت: ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ترتيب ڏنل هن مجموعي ۾ مشهور مضمون نگارن جا مضمون آهن. هٻڪار جي هڪ خاص خوبي اها آهي جو هر مضمون کان اڳ مضمون نويس جو مختصر تعارف پڻ پيش ڪيو ويو آهي. اهو احوال سوانحي ادب جو حصو هئڻ سان گڏ ڪتاب جي علمي ۽ ادبي افاديت کي اهميت ڏيارائي ٿو. انهيءَ کان سواءِ مضمونن جا موضوع پڻ اهم آهن. تقريباً هي سڀ ليک اڳ ۾ مختلف مضمونن جي مجموعن ۾ يا ٻين ڪتابن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن مجموعي ۾ ڏھ هندو سنڌي ۽ تيرهن مسلمان سنڌي ليکڪ شامل آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪجھ هندي، گجراتي ۽ سنسڪرت جا لفظ شامل آهن. پر انهن مان سواءِ چند لفظن جي ٻيا سمجھ ۾ اچڻ جي قابل ۽ عام فهم آهن. هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن محمد عثمان ڏيپلائي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش جا مضمون شامل هجن ها ته بهتر هو، خاص طور شاھ ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ شاعراڻي خاصيتن تي لکيل مضمون، سنڌي ادب ۾ بي حساب آهن. جن مان هڪ به شامل ڪونهي، پر جيئن ته شروع ۾ ئي نواز صاحب ڄاڻايو آهي ته هيءُ چونڊيل مضمون شخصي پسند تحت ڏنل آهن.
ڪجھ ڪتاب جيئن ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ يا ”بندر بازاريون“ سوانحي ادب ۽ سفرنامي ۾ شمار ٿين ٿا، انهيءَ مان ڏنل لکڻين کي به مضمون جي حيثيت ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جا قلم ڪار مضمونن جا بنيادي مضمون نگار آهن. انهيءَ ڪري سندن تحريرن جي علمي ۽ ادبي معيار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. موضوعن سان مڪمل انصاف ٿيل آهي، شمس الدين بلبل جي، قلندري ميلو کان سواءِ ٻين مضمونن جي ٻولي سليس آهي، جيڪا ڪيترن ئي سهڻن پهاڪن ۽ چوڻين سان سينگاريل آهن. ”جيئن ان جو منهن جنڊ ڏانهن“، ”پل پل جا پور پوڻ“، ”ڪا نه مهل ڪنهن جهڙي“، “جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان“، پاڻ ڍاوا ته جڳ ڍائو، پاڻ ساوا ته جڳ ئي سائو، ”ڏھ دنيا ستر آخرت“، ”ڏٺو ٻَنو آهي“، ”جاڏي پير تاڏي خير“، ”سخين جا ٻيڙائي پار“، ”ٿوري کٽئي گهڻي برڪت“، ”جتي پڄڻ نه آهي وَس، اُتي ڀڄڻ ڪم وريامن“ جو ۽ ٻيا آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي موقعي مطابق اردو، فارسي ۽ سنڌي شاعري سهڻائيءَ سان استعمال ٿيل آهي. مجموعي طور اثرائتن ۽ وزنائتن مضمونن جو مجموعو آهي.

  چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا

”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ڇپايل آهي. هن انسٽيٽيوٽ سنڌي ادب جي واڌ ويجھ لاءِ ڪتاب ڇپرائي سنڌي ادب جوحصو بنايا آهن، هيءُ ڪتاب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. سنڌالاجي جي اشاعتي سلسلي جو هيءُ ٻاهٺ نمبر ڪتاب بي.اي فائنل لاءِ سنڌ يونيورسٽي طرفان نصاب ۾ منظور ٿيل آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا تعارف ۾ لکيو آهي ته، هي ڪتاب ”بورڊ آف اسٽڊيز، سنڌي ڊپارٽمينٽ“، جي ميمبرن ان لحاظ کان ترتيب ڏنو آهي ته جيئن شاگرد ان ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ سنڌي مضمون جي مختلف قسمن ۽ پهلوئن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي سگھن. ”هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1980ع ۾ منظرِ عام تي آيو. هن مجموعي ۾ مختلف ليکڪن جا مقالا ۽ مضمون آهن، جيئن ڊاڪٽر عمر بن دائود محمد پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علامه آءِ.آءِ قاضي، ميران محمد شاھ، ليکراج عزيز ۽ ٻين اديبن جا مضمون هن مجموعي کي اونچو مقام عطا ڪن ٿا.
ڪتاب جو جائزو: ”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“ جو پهريون مضمون ”ادب ۽ زندگي“ علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي ماهنامه نئين زندگي جون 1953ع جي مئگزين مان ورتل آهي. جيڪڏهن غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته تهذيب يافته سڏائڻ جي لائق ئي اهي قومون آهن جيڪي زندگيءَ ۾ علم ۽ ادب جي اهميت کي سمجھن ٿيون. تعليم جي اهميت کان انڪار ناممڪن آهي. پر گڏ ترتيب کانسواءِ تعليم پڻ بيڪار آهي. هن مضمون ۾ قاضي صاحب قومن جي ترقيءَ لاءِ کين سجاڳيءَ جي راه، علم ادب، ترتيب ۽ تاديب جي ذريعي ڏسي آهي لکن ٿا ته، ”فڪر ۽ ذڪر، ڪلچر، تاديب، تاريخ علم ۽ ادب، سوانح نگاري ۽ صداقت ادب جي ترويج لاءِ انتهائي ضروري آهي“، سندن چوڻ مطابق ته ”ٻني صاف ڪرڻ ۽ ٻج ڇٽڻ کان سواءِ فصل جي اميد اجائي آهي“ يعني نئين نسل جي رهنمائيءَ لاءِ کين علم ادب سان گڏ تربيت ۽ سچائيءَ ڏانهن موڙڻو پوندو، قومن جي ترقيءَ لاءِ سوانح نگاريون، قومن جو تاريخي ورثو آهن. جيڪي سچائيءَ جي بلند معياريءَ سان سينگاريل هئڻ کپن“.
بارانِ رحمت: علامه آءِ.آءِ قاضي جو هيءُ مضمون برسات جي اچڻ کان اڳ زميني مخلوق، انسان، چرند پرند جو مينهن لاءِ سِڪ جو احوال آهي. برسات کي سٺيءَ ۽ سڌريل زمين لاءِ ڪارائتو بيان ڪيو ويو آهي، مضمون جي آخر جا جملا اهم آهن. حاصل مطلب اهو آهي ته، ”جيئن بارش رب جي رحمت آهي، ايئن صاف دل انسان تي رب جي رحمت جون نوازشون قائم ٿينديون آهن“. هن مضمون جو مرڪزي خيال ڪارائتو آهي. باقي ٻوليءَ جي لحاظ کان مشڪل عربي ۽ فارسي لفظن جو ميلاپ ۽ ڪجھ فارسي شعر پڻ آيل آهن. ٻولي مشڪل هوندي به ميٺاج واري ۽ دلڪش آهي، بارش جي منظر نگاري خوبصورتيءَ سان بيان ڪيل آهي. گنجي ٽڪر جو سير: ميران محمد شاھ جي خاص مضمونن مان آهي (جو شاگردن لاءِ انٽر جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل آهي.) هن مضمون ۾ شاھ صاحب گنجي ٽڪر تي بارش کان پوءِ جي حسين منظر ۽ پنهنجي سير و تفريح جو احوال ڏنو آهي. جبل جو اڙانگو پنڌ پار ڪرڻ کان پوءِ گلن جي رونق ۽ ساوڪ سندن سڄو ٿڪ لاهيو ٿي ڇڏي. لکن ٿا ته، ”مندائتن مينهن رڻن ۾ ريج ڪري، اوڀر اڀاري جبل کي جنسار ۾ آڻي ڇڏيو هو، ڇا هيٺانهين ڇا مٿانهين، ڇا کوھ ڇا کڏ، ڇالڪ ڇا لانگھو، ڇا راھ ڇا رند سڀ اهڙا ته سرسبز ۽ ساوا ٿي نظر آيا جو ڄڻ قدرت جي ڪنوار، پنهنجي سينگار لاءِ سائي ساڙهي بنائڻ جو جو ارادو ڪيو هو“، هيءُ مضمون ڪجھ قدر ڏکين لفظن، پر تجنيس حرفيءَ جي جملن سان سينگاريل آهي. ڪوئل: هي مضمون پرمانند ميوارام جو آهي، جنهن ۾ ڪوئل پکيءَ جي بناوٽ ۽ عادتن کي ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪوئل پنهنجي ڪاري رنگ، هوشياري ۽ مٺي آواز جي ڪري مشهور آهي، شاعرن کيس شاعريءَ ۾ ڳايو آهي.
شڪار ڪندڙ پکي: پرمانند جي هن معلوماتي مضمون ۾ شڪار جي شوقينن لاءِ مفيد معلومات آهي، هن ۾ ديسي ۽ ولايتي پکين جا قسم بيان ڪيل آهن، برفاني علائقن مان، گرم ملڪن ڏانهن ويندڙ پکين ۽ ٻين پکين جون خاصيتون پڻ پيش ڪيون ويون آهن. پلو: پلو مضمون پڻ معلوماتي ڊؤل جو ۽ موضوع جي لحاظ کان اهم آهي، پلو صرف سنڌ ۾ پيدا ٿيئي ٿو، انتهائي سوادي ۽ مڇيءَ کان نازڪ هوندو آهي، ملھ مهانگو ۽ محدود وقت لاءِ هجي ٿو. جڏهن ليکڪ هيءُ مضمون لکيو هو، ان وقت سنڌ ۾ درياھ شاھ جي روانيءَ سبب پلو تمام عام هو، هاڻي پلي جو نسل ناياب ٿيندو وڃي. هن ۾ ليکڪ پلي جي قسمن ۽ خوبين سان گڏ سنڌ ۾ پلي جي اهميت جي باري ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ چوڻي آهي ته، ”پلي هوندي ڪي کٽل کڳا کائين“ ڪوٽڙيءَ جو پلو وڌيڪ مشهور آهي پرمانند صاحب موضوع سان مڪمل انصاف ڪيو آهي. سارنگ سانوَڻ لايا: هن ۾ پرمانند صاحب مينهن جي مانڊاڻ جو نقشو، تمام خوبصورت چٽيو آهي، سندن مضمونن جي ٻولي ميٺاج واري ۽ سليس سنڌي آهي، کنوڻين جي تجلين، مندائتن مينهن جو تڙ ترايون ڀرڻ ۽ سانگين جي سرهاڻ کي ميوارام وڻندڙ بيان ڪيو آهي. خوشامد: خوشامد نصيحتي جملن وارو هڪ اصلاحي مضمون آهي، جنهن ۾ اجائي ساراه ۽ ڪوڙيءَ واکاڻ کي ننديو ويو آهي. خوشامد سان ملڪن جا انتظام ڊانواڊول ٿي ويندا ۽ حڪومتون تباه ٿي وينديون آهن. مٿين مضمونن جي جائزي کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته پرمانند ميوارام سنڌي ادب جي اوائلي دﺆر جي مضمون نويسيءَ کي، اصطلاحن، پهاڪن ۽ لغت جي سٺي استعمال سان سونهن عطا ڪئي آهي. لاڙ جي هڪ رات: مضمون الله بچايو سمون جو لاڙي ٻوليءَ جي اصطلاحن ۽ لفظن جي ميلاپ سان لاڙ جي عڪاسي ڪري ٿو. لاڙ جي اصلي ۽ نج ٻوليءَ سان سينگاريل هيءَ تحرير سندن مهمان نوازي حُب، خلوص ۽ سادگيءَ جو بيان آهي. هيٺ چند پهاڪا ۽ چوڻيون مثال طور پيش ڪجن ٿا، ”هٿ کنئين ڦڦڙ پڌرا“، ”ڏنو پٽ ڇُٽي جو“، ”اڻاسي اولاد کان ڀينگ ڀلي“، ”پڪين گھڙين ڪهڙا ڪنا پوندا؟“، ”ڪيو ڪمايو ڪاري ڪلر ۾ وڃائڻ“، ”الله ڏي ته کمي کائجي“ ۽ ٻيا آهن. ڪوهستاني ڪچهري: استاد محمد عرس سمون جي ڪوهستانين سان هڪ رات جي ڪچهريءَ جي داستان آهي، ڪوهستانين جي وانڍ ۾ سندن سٺي آڌر ڀاءُ ٿيئي ٿي. هي ڊگھو مضمون لوڪ ادب ۽ لغت جو خزانو آهي. جنهن ۾ نج سنڌي لفظن سان ديسي ماحول جي معلومات ڏنل آهي. لوڪ ادب جي هر صنف، بيت، ڪافي، مولود، ڳجھارت، ڏٺ، ڏور، سينگار ٻين تي ڪوهستانين جو عبور بيان ڪيو ويو آهي. ماءُ جي دل: محمد صالح ڀٽيءَ جو جذباتي ڪيفيت کي اُڀاريندڙ ۽ ماءُ جي محبت جي تصور تي مشمتل هيءُ مختصر ڪهاڻي وانگر مضمون، هن حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته واقعي خالق کي پنهنجي تخليق پياري آهي ۽ ماءُ جي لاءِ سندس اولاد صرف جگر جو ٽڪر ڪونهي پر ڪل ڪائنات آهي ۽ هن محبت جي اڳيان فرشتا به لاجواب آهن.
ڪوڙ: هيءُ عطا محمد شاھ موسويءَ جو هڪ مشهور مضمون آهي جنهن ۾ ”ڪوڙ“ جي قبيح فعل کي پنهنجي لفظن جي گھاڙيٽي سان ليکڪ جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر آخر ۾ ڪوڙ جي فائدن بيان ڪرڻ کان پوءِ ڪوڙ کان پناھ گھري آهي ۽ چيو اٿس ته، بيشڪ مصلحتاً ڪجھ ڪوڙ زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن آسانيون پيدا ڪندا آهن ۽ وڏا جھيڙا ٽاريندا آهن، پر ته به بهرحال ڪوڙ کان رب پاڪ پناھ ۾ رکي. گل جي زباني: هي ليکراج عزيز جو مضمون ڪتاب ”ادبي آئينو“ ۾ پڻ شامل آهي. هن ۾ گل جي واتان ان جي اهميت بيان ڪري گل جي افاديت انساني زندگيءَ جي لاءِ ٻڌائي وئي آهي. نوٽڻ ۽ ملا کڙو: هي ٻه مقالا منوتولارام گدواڻيءَ جا آهن. نوٽڻ، شطرنج وانگر هڪ ذهني، قديم ۽ گهريلو راند آهي. هن راند جو نقشو ۽ مڪمل معلومات راند جون چالون، ٻٽڻ ۽ ٽيٽڻ ٺهڻ جي طريقي کي ذڪر ڪيو ويو آهي. هيءُ مقالو سنڌ جي قديم روايتن ۽ راندين جي مطالعي ۾ هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. هن ۾ شاھ سائينءَ جا سهڻا بيت بهادريءَ جي واکاڻ ۾ ڏنل آهن. ملاکڙو سنڌ جي قديم ۽ مقبول عوامي راند آهي پر هن راند کي حڪومتي سرپرستي حاصل ڪونهي. هن مقالي ۾ راند جا اصول، اصطلاح ۽ ٻي ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي.
سنڌ جا سورهيه: مقالي کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تحرير ڪيو آهي. تاريخي واقعن، شجاعت ۽ ادبي ٻوليءَ جي سونهن سان سينگاريل هي طويل مقالو سنڌ واسين جي قومي اخلاق ۽ شجاعت جو بيان آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌين کي قومي ازادي ۽ شخصي غيرت جو امين سڏيو آهي. سندن سورهيائي ۽ سرويچيءَ کي تاريخي ۽ تحقيقي انداز سان بيان ڪندي سنڌي عوام کي حوصلي جي بلنديءَ جو سبق ڏنو اٿن. هن مقالي ۾ سومرن جي دؤر جي دودي سومري کي مڃتا پيش ڪيل آهي ته ابڙي سمي کي واکاڻيو ويو آهي. جنهن حرمن جي حفاّظت لاءِ مقابلو ڪري مري موت جو مان مٿانهون ڪيو. سمن سلطانن کي ساراهيو ويو آهي، جن دهليءَ جي بادشاهن سان جنگيون جوٽيون پر ارغونن ۽ ترخانن به مٽيءَ جو مان سڃاتو ۽ سنڌ جي حڪومت بچائڻ لاءِ مرزا جاني بيگ، اڪبر جي موڪليل خان خانان جي لشڪر سان مڙس ٿي مقابلو ڪيو. مغل سلطنت جي زوال کان پوءِ ڏيهي حڪمرانن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن به سنڌ جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪري مثالون قائم ڪيون. خاص طور ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان ۽ سپھ سالار هوش محمد شيديءَ جي قرباني تاريخ ۾ هميشه زنده رهندي. حر تحريڪ جي ٻارهن اڳواڻن، انگريزن جي مارشل لا جو مقابلو ڪندي، مانجهي مڙسن وانگر، سنڌ ڌرتيءَ کي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، پير صاحب پاڳارو جي شهادت تاريخ جو نه وسرندڙ واقعو آهي. مطلب ته هيءُ مقالو سنڌ بابت سورهيه شخصن جي تاريخي معلومات ڏئي ٿو.
فن ۽ ثقافت: جو موضوع وسيع ذڪر جو محتاج آهي. پر ڊاڪٽر غلام علي الانا هن مختصر مقالي ۾ موضوع سان انصاف ڪيو آهي. عام فهم ۽ سادي بيان سان هن علمي ليک کي پر اثر بنائي پيش ڪيو اٿن. ڊاڪٽر صاحب ڄاڻايو آهي ته، ”ڪنهن به قوم جي ريتن، رسمن، طرز، لباس، راندين روندين ۽ ٻين لطيف فنن جي مجموعي کي ثقافت چئبو آهي، ۽ ان لحاظ کان ڪنهن قوم جا نظريا، اخلاقي رجحان ۽ جمالياتي ذوق ان قوم جي تاريخ هوندا آهن“. خاص سنڌ صوبي جي ثقافت ۾ لباس جي طور سنڌ جا، ڇريل ڪپڙا، اجرڪون، لونگيون، کيس ۽ قديم زيور مشهور آهن، مسجدن، مقبرن ۽ تاريخي هنڌن تي ڪاشيءَ ۽ سنگتراشيءَ جو ڪم، موسيقيءَ ۾ خاص سنڌي ميوزيڪل انسٽرومينٽ جيئن دهل، يڪتارو، سرندو، شرناءِ ۽ ٻيا. سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ ناچ ۽ لوڪ گيت سنڌ جو سرمايو ۽ سڃاڻپ آهن. هيءُ مقالو مناسب طوالت جو هوندي به فن ۽ ثقافت جي ڪارائتي معلومات ۽ ثقافت جي مادي ۽ روحاني خزانن جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
شاعر جي عظمت: چوڏهن صفحن تي محيط هي مضمون، سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي شاعريءَ سان سينگاريل آهي، جنهن ۾ حيدر علي لغاريءَ شاعراڻين عظمتن کي ذڪر ڪيو آهي. ليکڪ جي چوڻ مطابق ”شخصيت ۾ شعريت نڀائڻ لاءِ ان جا آداب ۽ شرائط آهن. ان جو احترام نه ڪبو ته شعر ۾ پختائي نه ايندي. ”فطرت جي نظارن ۽ انساني زندگيءَ جو اڀياس، مطالعو ۽ مشاهدو شاعريءَ لاءِ اهم آهن. دماغ سوزي نه دلسوزي اهم آهي”. ليکڪ شاھ سائينءَ جا بيت مثال طور ڪتب آندا آهن. سندن راءِ مطابق شاعر کي شاعراڻي ڏات پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ شاعراڻي عظمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ شاھ جي شاعريءَ کي رهبر بنائڻ کپي ۽ پنهنجي به الڳ انفراديت قائم رکڻ کپي ۽ هن معاشي ڊوڙ جي دؤر ۾ شاعر کي يا تخليق ڪار کي پنهنجو وقت ڪڍي ٽائيم ٽيبل سان تخليق لاءِ ماحول ترتيب ڏيڻ کپي. ڇو جو هو عام ماڻهوءَ کان مٿي آهي. انهيءَ نڪتي کي واضح ڪندي لکيو اٿن ته ”زندگيءَ ۾ هڪ عام، سطحي آدمي، ۽ هڪ فنڪار اديب عالم ۽ شاعر ۾ جيڪو فاصلو آهي، اهو ايڏو عميق ۽ دقيق آهي، جو ان تي خيال آرائيءَ لاءِ ئي ڪيئين دفتر گهرجن“. شاعر ۽ تخليقڪار کي پنهنجي فن سان صحيح انصاف ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ڪارائتيون صلاحون هن مضمون ۾ ڏنل آهن. پتلين جو تماشو: ۾ غلام حسين شيخ هڪ نئين موضوع سان روشناس ڪرايو آهي، پتليءَ جي بناوٽ ۽ انهيءَ جي فن جي تعارف کان پوءِ مختلف هنڌن ۽ شهرن جي ڄاڻ ڏنل آهي. جتي اهو تماشو اڄ ٿئي ٿو. ”پتلين جي تماشي“ کي سنڌ جو قديم فن ڏسيو ويو آهي. جيڪو بين الاقوامي طور تي ميڊيا تي مشهور ٿيڻ کان اڳ به سنڌ جي ٿر، گجرات ۽ ڪڇ ۾ هلندڙ هو، ڀيل ۽ ڪولهي ذات جي ماڻهن جي رزق ڪمائڻ جو وسيلو هو.
”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“، جي علمي ۽ ادبي اهميت: هن ڪتاب جي مضمونن ۽ مقالن جي الڳ الڳ تفصيلي جائزي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب نثر نويسيءَ جي خوبين سان ڀرپور آهي. هيءُ مجموعو، نامور عالمن ۽ اديبن جي تحريرن جو مجموعو آهي. جن اهم موضوعن کي پنهنجي قلم وسيلي سان سدا حيات ڪري ڇڏيو آهي. هيءُ سنڌي نثر جا چونڊيل مضمون ۽ مقالا آهن، جن جي ٻولي اصطلاحي ۽ بامحاوره آهي. پُر لطف ۽ حسين بيان سان آسان زبان جو استعمال آهي. ڪجھ مضمونن ۾ مشڪل لفظ آيل آهن. جيئن ”بارانِ رحمت“، ”گنجي ٽڪر جو سير“، پر ڏٺو وڃي ته مضمون ۽ مقالا هڪ خشڪ نثري صنف آهي، جنهن ۾ سنجيدگيءَ جو اثر وڌيڪ غالب هجي ٿو (سواءِ مزاحيه مضمونن جي). انهيءَ لحاظ کان هي مضمون عام فهم ۽ دلچسپ پيرايي ۾ ڏنل آهن. مقالن جو نمونو مدلل آهي. هن ڪتاب جي علمي ۽ ادبي افاديت خاص شمار ٿئي ٿي.

  ڪٺمال

”ڪٺمال“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جو ادبي ۽ علمي مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي. ڇھ سئو ايڪيهن صفحن جو هيءُ ڪتاب ڳاڙهي رنگ تي، هيرن جي سينگاريل ٽائيٽل ڪور سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2002ع ۾ ”اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد“ جي سهڪار سان ڇپرائي پڌرو ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي اشاعتي سلسلي جي هن 174 نمبر ڪتاب جو مهاڳ، ڊائريڪٽر شوڪت حسين شورو جو لکيل آهي. شورو صاحب لکي ٿو ته، ”ڪٺمال لفظ جي لغوي معنى آهي، ”ڳچيءَ جو هار“، هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي لکيل مضمون ۽ مقالا مالائن وانگر هڪ ڌاڳي ۾ ايئن پويل آهن، جيئن ڪٺمال ۾ مڻيا پويل هوندا آهن“.
ڪٺمال جو جائزو: ڪٺمال ۾ ٽيهٺ مضمون ۽ مقالا آهن. جن ۾ مقالن جو تعداد سرس آهي. جنهن جي لاءِ ليکڪ پيش لفظ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”هيءُ تحقيقي مقالا اندازاً 1982ع ۽ ان کان پوءِ 2002ع تائين جا آهن ڪجھ مضمون پڻ شامل ڪيا اٿن“، معنى ته ڪٺمال مقالن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪجھ مضمون پڻ آهن. هيءُ ڪتاب پنجن بابن ۾ ورهايل آهي. پهريون باب ”مطالعو“ جي عنوان سان ۾ ڪل اٺ ليک آهن. پهريون مضمون ”سنڌي ٻولي ۽ شعر“ ۾ سنڌي شعر جو اڀياس آهي ان کان پوءِ ”پيار جي ٻولي“ کي جوابي مضمون، چئي سگھجي ٿو. (هيءُ ڊاڪٽر جبار، عبدالحليم بروهيءَ جي مضمون ”سنڌي-ائن امپوزڊ لئنگويج جي جواب ۾ لکيو آهي. بروهيءَ جو ليک 1987ع ۾ ”اسٽار“ انگريزي اخبار ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ٿاڦيل يا مڙهيل ٻولي ظاهر ڪري منجھائنس نقص ڪڍيل آهن.)
جبار صاحب تقريباً اٺ جوابي Points ڏنا آهن. لکي ٿو ته، ”سڄو ليک ٻن ڳالهين جي ساک ڀري ٿو! ليکڪ جي اندر ۾ ڀريل سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڌڪار ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ان جي محاورن کان مڪمل اڻ ڄاڻائي“ (صه، 8). ڊاڪٽر جبار اڳيان هلي ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي ٿاڦيل يا مڙهيل ٻولي نه آهي، پر پيار جي ٻولي آهي. جيڪا ٻين ٻولين لاءِ ڪشادگي ۽ وسعت سنڌ واسين وانگر ئي رکي ٿي. انهيءَ ڪري ئي وڌي ويجھي آهي.
لاڙي محاورو: هي مقالو لسانيات جي حوالي سان ۽ ڊائيليڪٽالاجي جي ميدان ۾ اهميت رکندڙ ۽ ٻوليءَ جي تحقيقي ڪم ۾ هڪ مفيد ڄاڻ ڏئي ٿو. ”لاڙ جي لغات“ جبار سائين جو 1975ع ۾ ٻوليءَ جي تحقيق ۾ ڪتاب آهي.
سنڌ ۾ سما دؤر حڪومت: هن ۾ سمن جي دؤر جي حڪمرانن ۽ انهن جي دؤر ۾ تعليم، واپار ۽ سنڌي علم ۽ ادب ڏنل آهي، انهيءَ کان سواءِ چار مقالا سنڌي شعر جي تاريخ جي باري ۾ آهن. جنهن ۾ قديم سنڌي شاعرن کان ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ تائين جو ذڪر ڪيل آهي. ”سنڌ ۾ هندي شاعري“ جي مقالي ۾ 1079ع کان 1910ع تائين سنڌي شاعرن جي هندي ڪلام جو اڀياس ڏنل آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ڀاڱي ۾ پهريون مقالو ”شاھ جي شعر جو وزن“ آهي مٿي جبار صاحب سنڌي شعر جي مختلف وزنن جو تنقيدي جائزو هڪ الڳ موضوع ڏنو آهي. جنهن ۾ ڇند وديا، سورٺا ڇند، ڪافيءَ جو وزن ۽ علم عروض جي شاعريءَ سان لاڳاپيل ڄاڻ ڏني ويئي آهي پر، ”شاھ جي شعر جو وزن“ هڪ مختصر مقالو آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ ٿيل تحقيق جو مختصر جائزو: هي هڪ معلوماتي ليک آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر جبار شاھ سائينءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ تي جيڪي ڪتاب ڇپيل آهن. تن جي ترتيب وار معلومات ڏني آهي. رسالي جي ترتيب ۽ تدوين جي باري ۾، جيڪو ڪم ٿيو آهي، انهيءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. مختلف مستند نسخن جي ڄاڻ سان گڏ ٻين ٻولين ۾ شاھ ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ تي ٿيل ڪم جو به بيان آهي. آخر ۾ سندن 1977ع جي مرتب ڪيل ڪتاب ”لطيفيات“ جو وچور آهي. شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَرحه تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز: هي مقالو ڇهن مشهور ٿيسز جو احوال ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ليک 1989ع جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”ڪينجھر“ جرنل ۾ پهرين ڇپجي چڪو آهي ۽ لطيفيات جي مَدَ ۾ تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ انڊيڪس جو ڪم ڏئي ٿو.
شاھ جي بيتن جي تلاش: هڪ اهم موضوع آهي، (جيڪو دائود پوٽا صاحب ”گم ٿيل بيت“ جي عنوان سان ”مضمون ۽ مقالا“ ڪتاب پڻ ذڪر ڪيو آهي ۽ ماهنامي نئين زندگي، آڪٽوبر 1956ع ۾ ڇپيو هو) ڊاڪٽر جبار هن موضوع کي وڌيڪ تفصيلي بيان ڪيو آهي. محمد سومار شيخ جو ”شاھ جا گم ٿيل بيت“ ۽ فقير امداد علي سرائيءَ جو ”املھ اڻتوريا“ کي ڀيٽي پنهنجو موقف سمجھايو اٿن. ”هيري هٿ وڌائين“ مضمون شاھ سائين جي سورمي نوريءَ جي نهٺائي، نياز ۽ نئڙت کي ظاهر ڪري ٿو. ليکڪ چواڻيءَ مطابق، ”نوري شاھ جي سورمين ۾ سچ پچ هڪ هيرو آهي“.
ڪاموڏ ڪامڻي: هن مضمون ۾ نوريءَ ۽ ڪاموڏ جو تعلق موسيقي جي تاثر سان هم آهنگ ٿيئي ٿو بيان ڪيل آهي، ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته، ”جيڪڏهن راڳڻيءَ جي نالي ۽ تاثر ۾ سورميءَ جي شخصيت ۽ هم آهنگي ملي ته، ان ۾ ئي شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو صحيح لطف ملندو“ (صه، 220). ”رام ڪليءَ جي موسيقي“ ۽ ”سر سارنگ جي موسيقي“، جا مقالا شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جي ربط کي تحقيقي انداز سان ڄاڻائين ٿا. سرسسئيءَ جو بيان، سرگھاتوءَ جو بيان، سرڏهر جي ڪونج جو بيان، سرکاهوڙيءَ جا ڪردار، ٿر جو لباس (سرمارئي) سربروو سنڌي (راڳڻي ۽ ڪهاڻي) شاھ جي ڪلام ۾ انسان جي بنيادي تعليم يا سندن ڪلام ۾ هامي، هادي، هاشمي، (محمد مصطفى ﷺ جن جي محبت) جا موضوع سٺي نموني شاھ لطيف جي شاعريءَ جي ڄاڻ ڏين ٿا.
هن ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو سچل سرمسترحه جي سوانح ۽ شاعريءَ جي باري ۾ آهي جنهن ۾ ڪل تيرهن مضمون ۽ مقالا آهن، جيئن، ”سچلرحه شاعر ۽ شخص“، ”سچل جو سرائيڪي شاعرن ۾ مقام“، ”سُک درسي سچل“ (يعني سچل Optimist هو). ”سچل جي نظر ۾ ڀائيچارو“، ”سچل جا گھاڙيٽا“، (سندن شاعريءَ ۾ خاص ڪافيءَ جي گھاڙيٽي تي نظر وڌل آهي)، ”سچل جو تصوف“، ”فارسي داني“، ”شاعريءَ جي وسعت“، ”جماليات“ ۽ سچل جي ايجاد ڪيل شاعريءَ جي صنف جھولڻو کي بيان ڪندي ڪافي موضوعن کي نظر هيٺ آندو ويو آهي. هن مواد مان سچل سائينءَ جي سوانح ۽ ڪلام جي باري ۾ سٺي ڄاڻ ملي ٿي. ڪتاب جو چوٿون حصو سنڌي ادب جي سڄاڻ عالمن، ڏاهن ۽ اديبن جي سونح ۽ ادبي ڪارنامن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن حصي ۾ هيٺيان شاعر ۽ نثر نويس بيان ڪيل آهن. جيئن، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، پير اشرف، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد ميران محمد شاھ، نور عباسي، محمد سومار شيخ، پروفيسر غلام حسين جلباڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو نالو انڊيڪس ۾ ڇپجڻ کان رهجي ويو آهي. سندن سوانح جو ذڪر 470 صفحي تي آهي).
”مڻيادار“ جي عنوان سان ڊاڪٽر عبدالجبار پنهنجي والد سلطان احمد جوڻيجو ۽ ڏاڏي حيدر خان جوڻيجو جي سوانح جي ڄاڻ ڏني آهي، اهو ذڪر سندن آتم ڪهاڻي ”ديپڪ ۽ ملهار“ جو حصو پڻ آهي. هن ۾ جبار صاحب پنهنجي ڏاڏي جي ڪتاب ”دانشمندي“ جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو 1918ع ۾ لکيو ويو ۽ حيدرآباد مان 1958ع ۾ شايع ڪرايو ويو. ڪٺمال جو آخري حصو ”لاڙا“ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ سنڌي ادب ۾ آيل جديد لاڙن جي باري ۾ وضاحت ڪيل آهي هن حصي ۾ ڪل ٻارنهن مضمون ۽ مقالا آهن. جن ۾ ست شاعريءَ جي باري ۾ آهن. جيئن، ”بيتن جي رهاڻ“، ”وائيءَ ۾ نوان تجربا“، ”نئون سنڌي گيت ان جي موسيقي مختصر جائزو“، ”ساميءَ جي اوڌت“، ”سنڌي نعتيه شاعريءَ جو جائزو“، ”غزل جي روايت ۽ حامي“، ”پوپٽ جو پيرو“، (شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ لاڙ ۽ ٿر جي ٻوليءَ ۽ محاوري بابت آهي). هيءُ سڀ مقالا ۽ مضمون شاعريءَ بابت آهن. باقي نثر جا موضوع ”جديد عالمي ادب جا لاڙا“، ”سنڌي ناٽڪ جو جائزو“، ”سنڌيءَ ۾ سوانح نويسي“، ”سنڌي افسانوي ادب ۾ ڪردار جي اهميت“ ۽ ”برٽش لائبريري ۾ چند ڏينهن“ شامل آهن.
جديد عالمي ادب جي لاڙن ۾، ليکڪ چواڻيءَ مطابق، علامت نگاري، وجوديت، رومانيت، حقيقت نگاري ۽ سيريلزم جو گھڻو حصو آهي ۽ اهي نوان لاڙا سنڌي ادب ۾ هاڻي رائج ٿي چڪا آهن. جيڪي ويهين صديءَ جي آخر ۾ ظاهر ٿيا آهن ۽ جن ليکڪن هن رجحان کي همٿايو ۽ نئين سوچ سان بين الاقوامي نظرين کي اهميت ڏني. انهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني، هري دلگير، نجم عباسي، ماڻڪ، نسيم کرل، امرجليل اچي وڃن ٿا. ڪتاب جي هن حصي ۾ ناٽڪ ۽ سوانح جي باري ۾ به ڄاڻ آهي، آخر ۾ چار موضوع ڏنل آهن. جيڪي فهرست ۾ ڄاڻايل ڪونهي جيئن، ”لاڙ ۾ ثقافتي سرمايو“، ”رني ڪوٽ ۽ عظيم ديوار چين“، ”چيني شاعريءَ جو جائزو“، ”مخدوم طالب المولى جي سرپرستيءَ ۾ نڪتل ادبي رسالا“.
ڪٺمال جي علمي ۽ ادبي اهميت: هن ڪتاب جي هڪ هڪ مقالي يا مضمون جو جائزو، ڊيگھ جي ڪري ڏيڻ مشڪل آهي. سڀ مضمون ۽ مقالا سولي سنڌيءَ ۾ آهن. منجهس ڏکين لفظن ۽ محاورن کان پاسو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب تحقيق ڪندڙن ۽ علم ۽ ادب جي پانڌيئڙن لاءِ علم جو خزانو آهي. مضمونن جا موضوع علمي، ادبي، سوانحي ۽ مقالا موضوع کي چٽائيءَ سان بيان ڪن ٿا. شاعريءَ جي باري ۾ مڪمل ٻه حصا شاھ لطيف ۽ سچل سائينءَ جي سوانح ۽ ڪلام سان لاڳاپيل آهن. انهيءَ کان سواءِ به ڪافي مقالا ۽ مضمون شاعريءَ متعلق آهن. ڪٺمال جي ٽيهٺ مضمونن ۽ مقالن ۾ شاعريءَ تي لکيل ليک ايڪيتاليھ آهن. شاعري ۽ موسيقيءَ جي پارکو جي حيثيت سان جبار صاحب شاعريءَ جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ ڏني آهي. نثر جي ميدان ۾ جيڪڏهن مضمون نويسي، آتم ڪهاڻي، سنڌي ناول ۽ ٻين نثر جي موضوعن جو ڪجھ مواد هجي ها ته پڙهندڙن لاءِ فائيديمند ٿئي ها. مجموعي طور هيءُ ڪتاب مضمون نويسي ۽ مقالي جي ميدان ۾ اهم اضافو آهي.

  ”مُٺ مُٺ موتين جي

“ محمد ابراهيم جويو جو مضمونن، خطن ۽ ايڊيٽوريلز جو ترتيب مجموعو آهي. 1992ع ۾ هيءُ ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن شايع ڪيو. 408 صفحن جي اخبار ”هدايت“ مان چونڊ مواد تي آڌاريل آهي جنهن جي ليکڪن ۾ محمد ابراهيم جويو، شمشيرالحيدري، موسى شهيد پانڌياڻي، اڪبر سومرو، پروفيسر محمد عمر ميمڻ، هي غاتوشي، چيزل خان، مدثر حيات عارباڻي، عبدالواحد آريسر، نجم عباسي، فضل احمد بچاڻي ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.
ڪتاب جو جائزو: ”مُٺ مُٺ موتين جي“ جي پيش لفظ ۾ جويو صاحب لکيو آهي ته، ”هيءُ اسان جي لائق پڙهندڙن جي خدمت ۾ هفتيوار ”هدايت“ جي پنجن مهينن جي لاڳيتيءَ اشاعت ۾ آيل مواد جي چونڊ لکتن جو نذرانو آهي. جيڪو پيش ٿي رهيو آهي (صه، 5). (هيءَ اخبار 21 جون 1984ع تي جاري ٿي ۽ ڪجھ اڻ ٽر مجبورين سبب 29 نومبر 1984ع تائين هلي سگھي). هن ڪتاب کي جويو صاحب قومي نجات جي چند ڳالهين جو مجموعو سڏيو آهي. جنهن مان ڪابه ڳالھ ڪنهن پڙهندڙ تي جيڪڏهن اثر ڪري ٿي وڃي ته، ممڪن آهي، هو عام ماڻهوءَ کان مٿي، ”فوق البشر“ ثابت ٿي، قوم جي آزاديءَ جو مهندار ٿي وڃي. جنهن جي هن دﺆر ۾ اشد ضرورت آهي. هن ۾ ڪل سترهن ايڊيٽوريل ۽ ٻارهن خط آهن. جيڪي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ ڏين ٿا. شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ ترجمي کان سواءِ، ڪجھ طبعزاد شاعري پڻ شامل آهي. جنهن ۾ عبدالڪريم ”گدائي“ امداد حسيني، استاد بخاري، ادل سومرو سان گڏ سچل سائينءَ جو دعائيه شعر شامل آهي.
مضمونن جو ڀاڱو 283 صفحن تي ۽ چار حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ ملڪي ۽ عالمي صورتحال کانسواءِ ڪجھ مضمون ادبي پڻ آهن ته، ڪجھ متفرقه موضوعن تي آهن. ڪجھ کي ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي. جن اخبارن ۽ رسالن ۾ اهي پهرين شايع ٿيا سي ”ٽائيمس“، ”هيرالڊ“، ”روزانه اسٽار“، ”ويو پوائنٽ لاهور“، ”ماهوار الصادق“، ”روزانه مسلم“ آهن. هنن ۾ ملڪي صورتحال تي ڪافي مضمون آهن، جيئن ڊان جي ليکڪ صلاح الدين جو ”سوچ جي نااهلي“، ”ڪراچيءَ ۾ نشي آور شين جو استعمال“، ”پنجاب نئين سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ (هن مضمون ۾ مسعود کدرپوش پنجاب جي سي.ايس.پي آفيسر جو هيرالڊ کي ڏنل انٽرويو آهي، جنهن ۾ مسعود صاحب مادري ٻوليءَ جي سڃاڻپ کي قائم رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي). ”فرقيواريءَ جون پاڙون“ مضمون اصل ۾، ”ٽائيمس آف انڊيا“ ۾ ڇپيو، جتان، ”روزانه مسلم“ ۾ آيو ۽ پوءِ هدايت اخبار لاءِ چونڊيو ويو، هن ۾ بهترين انداز سان فرقيواريت جا نقصان ٻڌايا ويا آهن ۽ مذهب جي نالي تي رت وهائڻ ۽ گھمسان ڪرائڻ کي، انسانيت جي لاءِ ڇيهو رسائيندڙ ۽ جهالت سڏيو ويو آهي.
”نسل پرستيءَ جي تاريخ“ اڪبر سومري جي طويل مضمون ۾ نسلي برتريءَ جي تاريخ ۽ نسلي تعصب کي بيان ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جون ڏتڙيل قومون پنهنجي استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ سڄاڳ ٿي ويون آهن. انهيءَ ڪري هاڻي گورن ۽ ڪارن جو فرق ختم ٿيندو ۽ نسل پرستيءَ جو انت ايندو. سلطان احمد ”پاڻ ڀرائپ ۽ پرڏيهي خبرون“ ۾ هڪ اهم نڪتي کي بيان ڪيو ويو آهي ته اسان جي ملڪ جي پريس ۽ ميڊيا جا ادارا مارشلائي حڪومت جي تسلط جي ڪري آزاد ناهن ۽ عوام جو مٿن ويساھ کڄندو پيو وڃي ۽ سوال پڇيو اٿس ته: ”ڪروڙين پاڪستاني پنهنجي ئي ملڪ جي خبرن لاءِ ساڍين اٺين بجي بي بي سي ٻڌڻ ڇو ضروري ٿا سمجهن؟“.
”طبقاتيت“ خلاف نور محمد سنڌي قومي ۽ بين الاقوامي جائزي هيٺ پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. آمريڪا ۽ ان جي دوست ملڪن کي طبقاتيت جو خاص محافظ سڏيندي. عالمي جنگين جي پس منظر کي بيان ڪري موضوع سمجهايو ويو آهي. تاريخ جي حوالي سان شاھ سائينءَ جي ڪلام ۽ آئيڊيالاجيءَ مطابق موضوع جي اپٽار ڪئي وئي آهي.
عالمي صورتحال تي مضمونن ۾ ”جنگ جو راڪاس“، ”هٿيارن جي ڊوڙ“ ۽ ”امن تحريڪون“، ”بکايل دنيا ۽ اڻ اسريل ملڪ“، ”آفريڪا کنڊ بحران ۾“، ”چليءَ ۾ احتجاج جا انوکا رنگ“، ”سامراجيت جا روپ“، شامل آهن. ”بکايل دنيا ۽ اڻ سريل ملڪ“ ۾ پوري دنيا جي جياپي يعنيٰ کاڌي جي باري ۾ تفصيل ڏنل آهي. دنيا جي بک جي صورتحال کي پرڏيهي انگن اکرن سان بيان ڪري، ڏيهي شاعريءَ جي اوٽ ۾، سنڌ سان گڏ سڄي عالم جي سکي هئڻ جي دعا گهري ويئي آهي.. ”آفريڪا کنڊ بحران ۾“، به دنيا ۾ اناج جي بين الاقوامي کوٽ کي بيان ڪري ٿو ۽ آفريڪا کنڊ جي اقتصادي ۽ سياسي حالتن کي واضح ڪري ٿو. متفرقه مضمونن ۾ ”سياسي معاهدو ۽ سياسي حقن جا اصول“ اهم مضمون آهي جيڪو Jean-Jecques Rousseau جان جئڪيس روسيو فرانسيسي ليکڪ جي. چوٿين تصنيف مان ڪجھ ٽڪرن جو ترجمو آهي. هن فرانسيسي ڪتاب جي انگريزي ترجمي جو نالو ”The Social Contracts“ آهي. هن ڪتاب جي چار ڀاڱن جي اهم ٽڪرن جو ترجمو محمد ابراهيم جويو ۽ غلام حيدر چني ڪيو آهي. هيءُ ترجمو ملڪي معاملن، انساني آزاديءَ جي حقن ۽ سماجي مسئلن کان سواءِ غلاميءَ ۽ ڏاڍائپ جي تصورن تي روشني وجهي ٿو.
(روسيو جا خيال ۽ سوچون فرينچ ادب ۾ ته اهميت جوڳا آهن. پر دنيا جي ادب ۾ به خاص حيثيت رکن ٿا. روسيو جو ڪتاب "The Living Thoughts" سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايم.اي انگريزي جي نصاب ۾ شامل آهي). ”پُرستش مردن جي ۽ زندن جي“ محمد ابراهيم جويو جو رهنمائي مضمون آهي. جنهن ۾ سنڌي سماج جي مرده پرستي ۽ زنده پرستي جي رويي کي سمجھائڻ کان پوءِ، مٿن زور ڀريو ويو آهي ته غلاميءَ جي ذهنيت کي نندي، آزادي، جھموريت ۽ سماجي انصاف جي لاءِ ڪوشش ڪن، جيڪا صرف دعائن ۽ بيک گھرڻ سان نه ملندي، پر عملي ڪوشش جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي خاص ڪوشش وٺڻ گھرجي. ”انسان مشين جي دنيا ۾“ جويو صاحب جو سماجي ۽ اصلاحي مضمون آهي، هن ۾ اُپت ۽ کپت جي اصولن کي سمجھائيندي، انساني زندگيءَ جي کاڌي پيتي، عادتن ۽ اوڍڻ پهرڻ سان گڏ رهائش کي ذڪر ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ مطابق، ”سهڻن گھرن کي ٺهرائڻ، سجائڻ ۽ ذاتي اسراف وارا خرچ ڪرڻ سان ماڻهو غير مهذب ۽ خود نمائيءَ وارو ٿئي ٿو. جيڪو اجتمائي طور هاڃيڪار رويو آهي. حرص، ٽرڙائپ ۽ خريداريءَ جو شوق انيڪ خرابين کي جنم ڏئي ٿو. انهيءَ ڪري خرچ جا معياري ماپا مقرر هئڻ گھرجن، ڇو جو بي انصاف سماج کي، بقا ۽ دائميت جو پروانو انساني تاريخ جي ڪنهن به دؤر ۾ ميسر نه رهيو آهي“.
”آنندون“ اردون چيڪو جو ورلڊ پيپر ۾ آيل سوانحي مضمون مرلي ڌر ديوداس آمتي جي ڪوڙه جي خدمتن ۽ عالمي انعام جي ملڻ جي معلومات ڏيئي ٿو. ”سقراط“ جي باري ۾ امان الله بلوچ جو ترجمو ڪيل طويل مضمون سقراط جي زندگيءَ جي شروعات کان سندس فلسفي سوچن کي ۽ آخر ۾ سندس موت جي سزا کي بيان ڪري ٿو. ”جتي قلم سچ پچ سگھارو آهي“، هيءُ سوانحي مضمون ماريو ورگاس لوسا آمريڪي اديب جي افسانوي ادب جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هن جڳ مشهور اديب وزيراعظم جو عهدو ٺڪرائي، لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ سڪون ۽ خوشي حاصل ڪئي ۽ پنج بين الاقوامي شهرت يافته ناول لکيا ڪيترائي ٻيا مضمون، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا پروگرام لکيائين. رضيه احمد اسڪوئي (ايراني شاعره) تي لکيل ليک ۾ هن شاعره جي فارسي شاعريءَ مان ڪجھ حوالا سنڌي ترجمي سان ڏنل آهن. هيءَ ترقي پسند سوچ رکندڙ شاعره انقلابي تحريڪ جي ڪارڪن هئي ۽ 1973ع ۾ ايران جي پوليس سان مقابلو ڪندي مارجي ويئي. ”اوهان جو لبنان ٻيو آ، منهنجو لبنان ٻيو آ“ خليل جبران جو پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جو لبنان جي آزاديءَ لاءِ لکيل آهي. جنهن کي منصور قادر جوڻيجو ترجمو ڪيو آهي.
”سسئي پنهون حقيقي نه پر علامتي ڪهاڻي آهي“ ۾ مراد علي مرزا، امرتا پريتم پنجابي شاعره جي وڻجارا بيدي (لوڪ ادب جو ماهر) جي طرفان ورتل انٽرويو جي حساب سان ڄاڻايو آهي ته، ”سسئي پنهون حقيقي نه پر علامتي ڪهاڻي آهي“. هن مضمون ۾ امرتا جي ادب ۽ فن تي تبصرو به شامل آهي. ”سکر سي ئي ڏينهن“ ۾ عبدالواحد آريسر هن بيت ”سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾“ جي بيڪ گرائونڊ کي سنڌ جي حالتن جي حوالي سان سمجھائيندي لکيو آهي ته، ڀٽ ڌڻيءَ هيءُ بيت پنهنجي سورمي مارئيءَ جي واتان چورائي اهو ثابت ڪيو آهي ته، ”غلاميءَ ۽ ٻانهپ جي دؤر ۾ قومن ۾ بي پناه جوهر اڀرندا آهن، جيڪي سندن زندگيءَ کي اعتماد ۽ خوبصورتي عطا ڪندا آهن، جن سان قيدن جا ڪوٽ ۽ ڪڙا ڀورا ڀورا ٿي ويندا آهن“.
”يهودي يزيد“ به آريسر لکيو آهي، جنهن ۾ مراد فقير ڪنڊڙيءَ واري صوفي بزرگ جي هن شعر؛ ”ماري مدد ڪون دور ڪرو، ڇوڙ وڃي يهودي يزيد ميان!“ کي بيان ڪندي لکن ٿا ته، ”مدد خان پٺاڻ جي ظلمن کان تنگ ٿي سنڌي عوام کيس ڌرتيءَ تان ڌڪڻ لاءِ ڪوشان هئي، جنهن سبب کان مٿيون شعر وجود ۾ آيو“، هن ڪتاب ۾ ادبي مضمونن جو تعداد گھٽ آهي. جنهن ۾ فيض احمد فيض جو ”اي ليکڪو! توهين ڪنهن سان آهيو؟“ ادبي دنيا ۾ اهميت رکندڙ ليک آهي. هن مضمون جو ترجمو بشير احمد سميجو ڪيو آهي. هن ۾ ليکڪن تي فرض عائد ڪيو ويو آهي ته هو عوام کي جهالت مان ڪڍي کين علم ۽ دانش جي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃن ۽ ادب کي منافقت کان پري ڪري، يقين ۽ اعتماد جي فضا ڏانهن وٺي وڃن. ”لطيف جو پورٽريٽ“ عبدالرحيم ناگوري جي تقرير آهي. جيڪا محمد علي جي ٺاهيل لطيف جي پورٽريٽ جي نقاب ڪشائيءَ ۾ ڪئي وئي هئي. هيءَ تقريب 29 اپريل 1984ع تي ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ“ ۾ ٿي هئي. هن تقرير ۾ محمد عليءَ جي ٺاهيل پورٽريٽ ۽ سندس فن تي تبصرو گھٽ بلڪه پرڏيهي فن ۽ فنڪارن کي وڌيڪ ذڪر ڪيو ويو آهي. هن ۾ جيڪڏهن علامه دائود پوٽو جو مضمون ”شاھ جي تصوير“، (ڪتاب مضمون ۽ مقالا) نظر مان ڪڍي پوءِ رايو ڏنو وڃي ها ته بهتر هو. آخر ۾ فن ۽ فنڪار کي مڃتا آهي. ”ڪلچر ۽ عقيدو“ فضل احمد بچاڻيءَ جو مذهب ۽ مذهبي عقيدن ۽ انساني نسلي گروهن جي باري ۾ معلوماتي مضمون آهي. ”سنڌ جو سماجي فڪر“ لعل جسڪاڻيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جا فڪر ۽ سوچون، سندن روشن خيال يا ڪُڌن رسمن کي، مضبوط بنائڻ جون ڪوششون ۽ عوامي غيرت جا مثال ۽ انگريزن جي دؤر جا ڪجھ مثال ڏنل آهن. ”سنڌ جي مدنيت جو جائزو“، ”خوشي ۽ خريد“ سماجي مسئلن جي عڪاسي ڪن ٿا. ”جهموريت جا امڪان“مدثر حيات عارباڻيءَ جو ۽ ”هيڏي هوڏي، جاڏي تاڏي“ ملڪي سياست تي طنزيه و مزاحيه مضمون آهن.
ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت: هن ڪتاب جي ٻولي عام فهم هوندي به پنهنجي موضوعن جي ڪري ڪجھ قدر ڏکين ۽ ڳوڙهن ويچارن سان آراسته لڳي ٿي. هيءُ مڪمل مضمونن جو مجموعو نه آهي هن ۾ شاعري ايڊيٽوريل، خط ۽ ڪالم به شامل آهن. مضمونن جي ڀاڱي ۾ به سڀ مضمون ادبي نه آهن. منجهن گهڻا سياسي، سماجي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي آهن. جن مان نه فقط سياست سان لاڳاپيل شخص فائدو وٺي سگهن ٿا. پر اسان جي نوجوان نسل جي به رهنمائي ٿئي ٿي. ترجمو ٿيل مضمون سولي سنڌيءَ ۾ ۽ متاثر ڪندڙ آهن جن سان مترجمن جي صلاحيت کي مڃڻو پوي ٿو . ادبي مضمونن جا موضوع ۽ مواد اثرائتو آهي. پر سڄي ڪتاب ۾ سياست ۽ ادب کي الڳ ڪري نٿو سگهجي. ڪيترن ئي هنڌن سهڻن شعرن پهاڪن ۽ اصطلاحن جو برجستو استعمال آهي. انهيءَ لحاظ کان هن ڪتاب جي هڪ علمي ۽ ادبي حيثيت پڻ آهي. مجموعي طور مارشلائي دؤر ۾، ڏيهي ۽ پر ڏيهي ڄاڻ تي مشتمل، طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل هي تحريرون پنهنجي وقت جون آئينهء دار آهن، جويو صاحب چواڻيءَ ته، ”هن اخبار ۾ اٽو ۽ تھ الڳ ڪرڻ هئا“. اها هڪ وڏي همت هئي. ڪتاب جي آخر ۾ ٻوليءَ ۽ فڪر جا انمول وچن آهن. جيڪي ”هدايت“ ۾ شايع ٿيا هئا. هي وچن زندگيءَ جي رخن ۽ رستن جي آگاهي ڏيئي نوجوانن کي باشعور، انقلابي ۽ آدرشي بنائڻ لاءِ ڪارگر آهن. نه رڳو استادن ۽ شاگردن لاءِ هدايتون آهن پر عام لاءِ به مفيد آهن، سچ، ادب، پيار، اخلاق ۽ ڪم جي اهميت کي آدرشي زندگيءَ جا اصول قرار ڏنو ويو آهي. ڪجھ وچن هيٺ ڏجن ٿا.
”استاد“، ”ڪاريگر“، ”ماهر“ عزت ۽ قدر جي علامت آهي. ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ شعور جو ادراڪ آهي. ماضيءَ کي ياد نه ڪندڙ نه صرف ذهن کان محروم آهي پر احساسات کان پڻ عاري آهي. ”سچ“ زندگيءَ جي اهم حقيقت ۽ وڏي طاقت آهي. پيار انساني روح ۽ جادوئي اُتساھ آهي اعليٰ آدرش ۽ اعليٰ مقصد ثابت قدميءَ سان ملندا آهن. نراسائيون ۽ بي همتيون اخلاقيات جي ڪميءَ جي ڪري پيدا ٿينديون آهن. اوچو سڪون، سڄاڻ کاهوڙين ۽ باعمل جدوجهد ڪندڙن جي سرت ۽ سگھ مان حاصل ٿئي ٿو. اسان جا اُمنگ ۽ اُڌما ۽ اسان جي سڄي جاکوڙ اسان کي اسان جي وڏن کان ورثي ۾ مليا آهن”. واقعي هي بهترين انمول وچن آهن سڄي جائزي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جي پختي ۽ بامحاوره ٻولي ۽ لکڻين جو مواد مضمون نويسيءَ سان گڏ صحافتي ادب جو پڻ سرمايو آهي.

”ورهاڱي جو ورجاءُ“

ڪتاب برک ليکڪا ماهتاب محبوب جو لکيل آهي. هي مضمونن، مقالن ۽ ڪالمن جو 133 صفحن جوڳٽڪو، نيوفيلڊس پبليڪيشن وارن جو 1992ع ۾ ڇپايل آهي. جيڪو سندن اشاعتي سلسلي جو 158 نمبر ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو انتساب علي احمد بروهي جي نالي آهي.
ڪتاب جو جائزو: هن مجموعي ۾ شامل مضمون، مقالا ۽ ڪالم 1974ع کان 1992ع تائين جي عرصي جا لکيل آهن جي پهرين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن، جيئن ”سهڻي“، ”سوجهرو“، ”روح رهاڻ“، ”پارس“، ”آرسي“، ”سگهڙين سٿ“، ”سپون بمبئي“، ”مهراڻ راشدي نمبر“، ”هلال پاڪستان“ وغيره، سرتيون ويلفيئر ايسوسيئشن ۽ عوامي تحريڪ پاران ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ پڙهيل مقالا پڻ شامل آهن. ڪالمن جا موضوع مزاحيه ۽ طنزيه آهن. ڪل 12 ڪالم ۽ اٺ مضمون آهن جيڪي سنڌ جي، سياسي ۽ سماجي مسئلن کي ادبي ۽ علمي انداز سان پيش ڪن ٿا. جن جا موضوع هيٺيان آهن، ”جمهوريت جي جهوليءَ ۾“، ”ايندڙ وقت ۽ حقيقت“، ”سنڌ جا مسئلا ۽ انهن جو حل“، ”بهاري نه آڻيو، ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو“ ۽ ٻيا آهن. ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ ارڙهن صفحن جو مضمون آهي. ڪتاب جو نالو به هن عنوان سان لاڳاپيل آهي. جو 1988ع جي سياسي وڳوڙن ۽ ٻوليءَ جي فسادن ۾ ذهني ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ جي داستان آهي. ليکڪا هنن حالتن تي لکي ٿي ته، ”سنڌ جون هي تباهيءَ واريون حالتون ڏسي مونکي ايئن ٿي لڳو. هڪ وار وري ورهاڱي واري عمل پاڻ ورجايو هجي، مون سوچيو ڇو ٿيو ورهاڱي جو ورجاءُ“ (صه، 33)
هي يادون ڪاغذ جي ڪينواس تي انهيءَ لاءِ لٿل آهن ته جيئن اسين سبق سکون ۽ بي نيازيءَ کي ڇڏيون ”ايندڙ وقت ۽ حقيقت“ مضمون ۾ انهيءَ بي نيازيءَ تي ادي مهتاب لکي ٿي. ”مان سمجهان ٿي ته اهو سڀ ان ڪري آهي جو اسين فطرتاْ بي نياز آهيون. اسان کي ايڪو نه هئڻ واري حقيقت کان به وڌيڪ ان اک نه ٻڏڻ واري بي نيازيءَ ئي ٻوڙيو آهي. تاريخ اسان کي ڪهڙي موڙ ڏي وٺي ويندي اهو فيصلو وقت ڪندو. پر سچ اهو آهي ته اسان حقيقت ۾ ايندڙ وقت کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. (صه، 23)
سک جا ڇانورا، مضمون ليکڪا جي هندوستان وڃڻ جي سڪ ۽ سنڌي اديبن وٽان مليل مان جي باري ۾ آهي. سندس سفرنامو ”اندر جنين اڃ“ انهيءَ سڪ جو ثمر آهي، پنجن سالن کان پوءَ ٻيهر هندوستان وڃڻ تي لکيو اٿن ته، ”ٻيو ڀيرو سڄڻن جي سڏ تي هندوستان ويس، ته ڏٺم سندن سڪ پهرين کان به سرس هئي، هر طرف مون تي سڪ جا ڇانورا ئي ڇانورا هئا. مون موٽي اچي ساڻن گڏ گهاريل گهڙين جي ياد ۾ ”سرهي سرهي سار“ نالي سفرنامو لکيو. واقعي هر طرف سندن يادن جي سرهاڻ هئي“. (صه، 52)
هن مضمون ۾ سندن فيملي فرينڊ قيمت راءِ جي پٽ جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ سنڌ جي اديبن ۽ ليکڪن سان گڏ، دادا رام پنجواڻي جي سماڌي تي حاضري ڏيڻ جو احوال قلمبند ٿيل آهي. کين هندستان ۾ رام پنجواڻي ميڊل پڻ ڏنو ويو ۽ بي انتها عزت ۽ مان پرائي سنڌ واپس آچي انهي عزت ۽ مان تي خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو اٿن، ”سنڌي سڄڻن پنهنجي تقريرن ۾ منهنجي لاءِ جيڪي سڪ ڀريا گفتا ٿي چيا، سي مان سڀ پنهنجي مٺڙيءَ سنڌ جي کاتي ۾ وجهنديس، جتي جنم پائڻ جي صلي ۾ مونکي ايڏي عزت ۽ محبت ملي“. سندن چواڻي موجب سنڌ جي لاءِ هندوستان جي سنڌي اديبن جي دل ۾ بي انتها پيار، محبت ۽ عقيدت آهي. ”ڇا سنڌي صحافت پنهنجو ڪردار نڀائي رهي آهي؟“ هن مضمون ۾ ليکڪا لکي ٿي ته، ”صحافت سچ جي ڊاڪيومينٽيشن آهي، ڪو وقت هو جڏهن صحافت جو نالو کڻڻ سان ذهن ۾ سچ ۽ صداقت ۽ ڪمٽمينٽ جو تصور ٿي اڀريو، پر اڄوڪين ڪمرشلزم جي حالتن ۾ جڏهن صحافت صنعت جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، تڏهن سچ ۽ صداقت ڪمرشلزم ٿي پيا آهن. ڪهڙو سچ وڪامبو ۽ ڪهڙو نه؟“ (صه، 58)
هي هڪ اهم موضوع آهي، جنهن تي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي بقا جو دارو مدار آهي، مهتاب صاحبه هن موضوع تي قلم کڻي اهم قدم کنيو آهي. بي شڪ اڄ جو دؤر ميڊيا جو دؤر آهي ۽ ڪمرشلزم جي به هڪ الڳ حيثيت آهي. پر حقيقت ۾ اخبارن ۽ رسالن کي لالچ ۾ اچي ڪمرشلزم ڏانهن ايترو نه ڌڪجي جو اسين صحيح ۽ سچي صحافت کان هميشه لاءِ محروم ٿي وڃون ۽ صحافت آزاد هوندي به يرغمال رهي، ليکڪا ڄاڻائي ٿي ته ”صحافت جي تباهيءَ جا ذميدار ڪامريڊ، اخباري مالڪ ۽ عوام آهن ۽ گڏو گڏ صحافين تي تشدد ۽ اخباري آفيسن تي حملا پڻ صحافت کي تباهيءَ ڏي ڌڪيندڙ آهن“. ليکڪا ماهوار ”سهڻي“، ”سوجهرو“، ”روح رهاڻ“ جي معيار کي ياد ڪندي لکي ٿي، ته ”سترهن سالن اڳ جي ”سهڻي“ رسالي جي ايڊيٽوريل کي پڙهي مان لفظن جي سچائيءَ تي، حيران رهجي ويس. جنهن ۾ دل جي گهراين سان سنڌي قوم کي ڌونڌاڙي سجاڳيءَ جا چتاءَ ڏنل آهن“. (صه، 21)
هن ڪتاب جو آخري حصو ”مقالا“ جي عنوان سان آهي، منهنجي نظر ۾ هنن مقالن مان ڪجھ کي جيڪڏهن سوانحي مضمون چئجي ته بهتر ٿيندو. ڇو ته انهن ۾ شخصيتن جا سوانحي ۽ ادبي تاثر ڏنل آهن، پر سندن ادبي خدمتن يا ڪتابن جا ريفرنسز گهٽ ڏنل آهن ۽ نه ئي مٿي لکيل ادبي ڪمن جو تفصيل ڏنل آهي. انهيءَ حوالي سان اهي مقالا نه پر مضمون شمارٿيندا. ”شاھ ڀٽائي بحيثيت ماهر نفسيات“، مضمون ۾ نفسيات جي سمجھاڻيءَ سان گڏ جيڪڏهن شاھ جي رسالي مان هن موضوع تي ڪجھ بيت هجن ها ته وڌيڪ ڪارائتو ليک ٿئي ها. پر ته به اهو هڪ مختلف موضوع ضرور آهي. ”ننڊ ننگر جو راهي“ ۽ ”ويا جي هنگلور“ مضمون رشيد ڀٽيءَ جي بيماري ۽ سندس وفات جي ذڪر کان سواءِ هن نامياري ليکڪ جي ادبي خدمتن ۽ شخصي خوبين جي سهڻي پيرايي سان بيان تي مشتمل آهن. ”نم جي ڇانو“ پير حسام الدين راشدي جي باري ۾ آهي، جنهن ۾سندن پرخلوص طبيعت ۽ منفرد شخصيت جا رخ بيان ڪيا ويا آهن. ”افسانوي ادب ۾ نسيم کرل جو مقام“، تحرير علمي ۽ ادبي طور افسانوي ادب ۾ اهميت جي حامل آهي. جنهن ۾ نسيم احمد کرل کي مڃتا ڏنل آهي، ماهتاب لکي ٿي ته، ”سندس (نسيم) ڪهاڻين ۾ توريل تڪيل جملا، چيده چيده لفظ ۽ محاورا هوندا آهن ۽ سندس لکڻيءَ ۾ درياه شاھ جي سير جهڙي رواني هوندي آهي. هو بيشڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جو امام ۽ ٻولي جو بي تاج بادشاھ آهي، جنهن وٽ سنڌي لفظن ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو هو“. (صه، 120)
نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ تي بحث ڪندي نسيم جي ڪهاڻين کي مثالن سان بيان ڪري انهن کي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون سڏيو ويو آهي.
”ماڻهو سڀئي نه سهڻا“ دادا رام پنجواڻيءَ جي شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪيل آهي. هي ليک پهرين ”سپون بمبئي“ ۾ به شايع ٿي چڪو آهي، ”اسين مهمان دم پل جا“، ماسٽر چندر جي وفات تي لکيل آهي. جنهن ۾ سندس شاعريءَ ۽ شاعريءَ جي مجموعن کي ذڪر ڪيو ويو آهي. ”داد گرداس واڌواڻيءَ جي ڪتاب ”ساروڻيون“ جي مواد جو جائزو ورتل آهي، ليکڪا لکي ٿي ته، ”ساروڻيون ساھ سان سانڍڻ جهڙي سوکڙي آهي، جنهن ۾ پيرائتيون ڳالهيون، زندگيءَ جا بي شمار مشاهدا ۽ تجربا نهايت اثرائتي انداز سان بيان ڪيل آهن. (صه، 132)
ورهاڱي جي ورجاءَ جي علمي ۽ ادبي حيثيت: نون موضوعن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جي مقالن ۽ مضمونن جا موضوع مختلف ۽ مواد عنوان سان ٺهڪندڙ آهن هن ڪتاب جا موضوع سياست ۽ جمهوريت کان وٺي سنڌي علم ۽ ادب جو احاطو ڪن ٿا، هن مختصر ڪتاب جي ٻولي عام فهم آهي، منجهس موقعي مهل تي سهڻا پهاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون ۽ شعر ڪتب آندل آهن، جيئن مثلاَ، ”چڱائيءَ کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا“، “الله ڏي ٻانهو سهي“، ”چڱائي اهڙن سان جن ڦيرائي هنيو پٽ سان“، ”لالڻ تنهنجي لاڙ لڳي آهيان“، ”تانگهي ۾ تاڻي ٻڌ پنهنجو ترهو“، ”مور ويندا مري هنج نه رهندو هيڪڙو“. “سڱن لاءِ ڪن ڪپائڻ“، ”اٺين پيڙهي اٺ ماڪوڙو ماسات“، ”ڪاتي مار ڪاتي جيار“، “تول وچ آيا هينئن، مفت دا ڪونهي جو ڇوڙ ڏيوئين“، وغيره. هن ڪتاب ۾ ڏکين ۽ مشڪل لفظن کان پاسو ڪيل آهي، ڪجھ انگريزي لفظن کي سنڌي پرونائونسيشن سان استعمال ڪيو ويو آهي. اهي لفظ اڄڪلھ سنڌي ٻوليءَ جو حصو ٿيندا پيا وڃن. جن کي اچارڻ ۾ ڪابه هٽڪ محسوس نه ٿي ٿئي. جيئن ڪنسيشن، ڊاڪيومينٽيشن، ڪمٽمينٽ، ڪمرشلائيز، جرنلزم، ٿرلنگ هيڊنگ، ڪريئٽو رائٽر، مس يوز، يوزفل ۽ ٻيا آهن. مجموعي طور ”ورهاڱي جو ورجاءَ“ مضمون نويسيءَ ۾ هڪ چڱو اضافو آهي، جنهن جا ڪجھ مضمون 1988ع جي لساني وڳوڙن جي دؤر جا دستاويز آهن. آمريت جي عڪس کي وائکو ڪندڙ هي مضمون متاثر ڪندڙ آهن، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو بيان ۽ علمي ۽ ادبي لحاظ کان اهم آهن.

مقالا:

ٻه سئو ٽيتاليهن صفحن جو ”مقالا“ جي عنوان سان ”بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس“، جي مقالن جو ٻيو مجموعو پڻ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ 1988ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
مقالا جو جائزو: مقالا جي ڪل چار ڀاڱن ۾ جملي ارڙهن مقالا آهن. پهرين حصي جا ”لسانيات“ جي موضوع سان لاڳاپيل آهن.
”انگريزن کان اڳ، آزاديءَ واري دﺆر ۾، سنڌي ٻولي ۽ لغات کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جون عالمانه ڪوششون“ هي مقالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو آهي. سندن ذات ڪنهن تعارف جي محتاج ڪونهي سندن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌي ٻولي، نثر ۽ نظم جي لاءِ لکيل آهن. هيءُ ليک لسانيات جي موضوع تي روشني وجھي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق، انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌي ٻوليءَ ۽ لغت جي سمجھائڻ لاءِ عالمن، اهم ڪوششون سرانجام ڏنيون، جن ۾ سرِفهرست مخدوم ابوالحسن ٺٽوي آهن. ٻين عالمن پڻ، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا ته جيئن مادري زبان سمجھڻ ۾ مدد ملي ۽ علم عام ٿئي، انهيءَ ڪري شروع کان نماز جي نيت ۽ نڪاح جي وقت دُعا يا مناجات مهل، سنڌي ٻوليءَ جي فقرن کي مقدم رکيو ويندو هو. ”عالمن جون اُهي دُعائون مادري زبان سان قرابت ۽ ان جي فطري اهميت واري اصول جي مَدِنظر هيون“. سنڌيءَ ۾ ابتدائي تعليم ۽ درسي ڪتابن جي احوال سان گڏ لغات جي ڪتابن جي تفصيل پڻ، هن مقالي ۾ ڏنل آهي. ڪاٺياواڙي/ميمڻي محاوري جو لساني جائزو: هيءُ مقالو عبدالمجيد ميمڻ جو آهي، ڊاڪٽر صاحب جي ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هن مقالي ۾ ميمڻي ٻوليءَ جي تاريخي پس منظر کي بيان ڪري ان جو تعلق سنڌيءَ سان ڏيکاريو ويو آهي. سندن تحقيق مطابق ميمڻي ٻوليءَ ۾ لاڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ راجسٿاني لفظن جو ميلاپ آهي. هن مقالي ۾ معياري سنڌي ۽ ٻين ٻولين جو تقابلي چارٽ پڻ ڏنل آهي. ٻهڳڻي ٻولي: مٿئين عنوان سان ولي محمد پيرزادي جو هيءُ مقالو، لسانيات جي هڪ اهم نڪتي ڏانهن نشاندهي ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي، عربي ۽ انگريزي لفظن جي رلمل ٿيڻ کان پوءِ انهن لفظن جو تلفظ ڪهڙيءَ ريت بيٺو آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻوليءَ جي واڌ ويجھ يا ورجيسيون کولي بيان ڪيون ويون آهن. انسان، زبان ۽ ثقافت: ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل مقالو آهي. الانا صاحب لسانيات جي ميدان ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، ”سنڌي صوتيات“، ”لساني جاگرافي“ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا آهن. سندن پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز جو عنوان ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ پاڻ جن به پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز جا نگران رهيا آهن، انهن جا موضوع پڻ ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل آهن. کين ادب ۽ ثقافت جي موضوع تي دسترس حاصل آهي. هن ليک ۾ انسان جي تهذيب ۽ تمدن جي اڀياس سان گڏ ٻوليءَ ۽ سماج جي تعلق کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. زبان ۽ ثقافت جي سٻنڌ کي بيان ڪندي لکيو اٿن ته، ”سنڌي ٻولي، سنڌ جي ماڻهن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿي. هن (سنڌي ٻوليءَ) ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي، اها جهلڪ يا اهو عڪس سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب وسيلي پسي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو علم و ادب معياري توڙي لوڪ ادب ۾ سنڌي جي ثقافتي تاريخ جو هڪ ناياب ۽ بي مثال سرمايو آهي“.
مقالا، ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو نظم جي باري ۾ آهي. سنڌي نظم: هي ليک ابو بڪر شيخ جو آهي. جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ جي ارتقا تي نظر وڌل آهي. سنڌي ادب جي تاريخي دؤرن جي حوالي سان سنڌي نظم کي مختصراً مثالن سان بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ مطابق موجوده دؤر جي شاعري انگريزي ۽ ٻين مغربي ٻولين جي اڀياس جي ڪري، جدت ۽ ندرت جي حامل رهي آهي. هن مقالي ۾ سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن ۽ انگريزن جي ادبي دؤرن جي حوالي سان سنڌي نظم کي بيان ڪيو ويو آهي. موجوده دؤر جو هڪ اهم شاعر: ڊاڪٽر سحر امداد جو هي مقالو مشهور شاعر نارائڻ شيام جي مڌر لفظن واري شاعريءَ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. لکيو اٿس ته، ”شيام وٽ لوڪ شاعريءَ جي فطري سادگي، ڪلاسيڪل شاعريءَ جو وجدان ۽ جديد دؤر جو تخليقي احساس رلمل ٿيندا محسوس ٿين ٿا“ (صه، 165). شيام جي ”ماڪ ڦڙا“، ”مهڪي ويل سج“، ”روشن ڇانورا“، ”نه سو رنگ نه سرهاڻ“، ”آڇيندي لڄ مران“ مان چونڊ شاعريءَ تي آڌاريل، هيءُ هڪ وزنائتو معلوماتي ليک آهي. جنهن سان نارائڻ شيام جي شاعريءَ جا مختلف پهلو روشن ٿين ٿا سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هن مقالي جي هڪ خاص حيثيت آهي. شيخ اياز جو ادبي نظريو: هن ليک ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم، شيخ اياز جي شاعريءَ تي ڊاڪٽر عبدالمجيد، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجو، محمد ابراهيم جويو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ فيض احمد فيض جا ادبي رايا ڏنا آهن. ”شيخ اياز جو ادبي نظريو“، سندن ڪتاب ”خط، انٽرويو، تحريرون“ جي حوالن مان ڄاڻايو آهي. نديم صاحب لکيو آهي ته، ”اياز جو ادبي نظريو، حق ۽ باطل جو شعور آهي، ساڻيھ جي سڪ آهي. آزادي، سنگيت ۽ ادب سان محبت آهي سڀ کان اهم ڳالھ ته هو زندگيءَ جو ترجمان آهي“. جيئن اياز شيخ جي لفظن مطابق: ”سڀ نظريا ناسي رنگ جا هوندا آهن، رڳو زندگي جو سنهري وڻ ئي سدائين سائو هوندو آهي“. ڪتاب جو ٽيون حصو، سنڌي ادب ۽ نثر جي باري ۾ آهي.
سنڌي ادب جو تهذيبي تاريخي عمل جي روشنيءَ ۾ جائزو: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ”آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ جي موضوع تي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز 1980ع ۾ مڪمل ڪئي. سندن هيءُ ليک ديو مالائي ادب ۽ لوڪ ادب کان جديد ادب تائين جي سفر کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. لکن ٿا ته، ”دنيا جي هر خطي جو ادب، تهذيبي عمل جي پيداوار آهي ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ نت نوان روپ اختيار ڪندو رهيو آهي“ (صه، 82). هن مقالي مان واضح ٿئي ٿو ته اڄ جي سائنسي دؤر جو ادب زماني جي ترقيءَ جي رفتار سان نوَن خيالن ۽ نوَن سوچن جو ترجمان آهي. انهيءَ ئي سبب جي ڪري اسين به هاڻي، شاھ جي ڪلام تي جديد سوچ سان تحقيق ڪري رهيا آهيون. اڄ جو ادب سائنسي سوچ ۽ زماني جي ترقيءَ سان ترقي پسند ادب آهي. سنڌي تنقيدي ادب جو جائزو: پروفيسر غلام احمد بدويءَ جي هن مقالي ۾ سنڌي ادب جي نقادن جيئن مرزا قليچ بيگ، لالچند امر ڏنو مل، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر محمد ابراهيم جليل، پروفيسر لطف الله بدوي، ڪشنچند عزيز، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، غلام محمد گرامي ۽ ٻين ڪيترن جي لکڻين ۽ تنقيد نگاريءَ جي فن جو اڀياس ڏنو ويو آهي.
ڏيپلائي هڪ مصلح: هي ليک ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائيءَ جو لکيل آهي، ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي والد محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادبي ڪاوشن تي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪئي جنهن جو موضوع ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي شخصيت ۽ تحريرن جو سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ادبي زندگيءَ تي اثر“ آهي. هن مقالي جو موضوع عثمان ڏيپلائي صاحب جي شخصيت جي هڪ پهلو يعني اصلاح ڪندڙ جي حيثيت سان آهي. پر هي موضوع سندن سڄي شخصيت جو احاطو ڪري ٿو. ليکڪا مطابق ڏيپلائي صاحب هڪ سچي مسلمان جي حيثيت سان معاشري جي اصلاح ڪندڙ هو. شرڪ ۾ شراڪت کان بچاءُ لاءِ سندن تحريرون لاجواب آهن. انهن اثر انگيز لکڻين ۾ سنڌي اٻوجھ عوام کي پيري مرشديءَ جي پکڙيل ڄار ۾ ڦاسڻ کان جهليو اٿن. هتي ڏيپلائي جي لکيل پيريءَ مرشديءَ جي خلاف تقريباً ٽيهن ڪتابن جو وچور پڻ ڏنل آهي. سنڌي افسانو آزاديءَ کان اڄ تائين: هن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد سنڌي افسانه نويس ليکڪن ۽ ليکڪائن جي تفصيل سان گڏ تقريباً ٽن سوَن کان به وڌيڪ ڇپيل افسانن جي مجموعن جو وچور ڏنو آهي. سندن تحقيق مطابق سنڌي افسانو ترقيءَ ڏي وڌندڙ آهي. تاريخ ۽ ثقافت جي عنوان سان ڪتاب جو چوٿون ڀاڱو آهي جنهن ۾ ڪل ڇھ مقالا آهن. جن مان ڪجھ هن ريت آهي.
”سنڌي تهذيب جا خالق“ The Author of Indus Civilization: تاج صحرائي ٽيهن صفحن جي هن طويل تحقيقي ليک ۾ سنڌو تهذيب جي قدامت ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي حوالن سان بحث ڪري ڄاڻائي آهي. سندن موجب ته، ”سنڌ جي قديم تهذيب کي جانچڻ لاءِ ماهرن کي سنڌو تهذيب جي مختلف پهلوئن، ٻولي، ثقافتي ورثي، سماج ۽ ماحول جو اونهو مطالعو ڪرڻ کپي. سنڌو تهذيب ۾ روح آهي، جان آهي ۽ زنده رهڻ جو صلاحيتون ۽ قوتون آهن“. هن ۾ ليکڪ، هڪ اهم نڪتي ڏي نشاندهي ڪئي آهي ته، قديم آثارن وارن ماڳن جا نالا درست لکيا وڃن ۽ کين ڦيرائڻ تاريخ جو ڪوس آهي. اها ساڳي ڳالھ علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجين لکڻين ۾ ڪئي آهي. جيڪا آئون پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هيٺ بيان ڪيان ٿي. علامه صاحب لکيو آهي ته، ”فريئر هال“ کي ”لياقت هال“ ۽ ”رام باغ“ کي ”آرام باغ“ چوَڻ غلط آهي. تاريخ جا نشان خدا جا نشان آهن. انهيءَ ڪري آثارِ صناديد کي مٽائڻ ڪفر آهي (صه 11، چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا). ڊاڪٽر تنوير عباسي به فرانس ۾ لاطيني ڪواٽر ڏسي حيران ٿي ويا جتي فرانسيسي کان سواءِ ڪابه ٻولي رائج ڪونهي. پر 16 صديءَ کان به اڳ اُتي لاطيني ٻولي رائج هئي ۽ اهي لاطيني يادگار ڏسي پاڻ لاطيني قوم جي عظمت کي سلام ڪن ٿا. لکيو اٿن ته، ”جي اسان ”نيپئير روڊ“ جو نالو مٽايو ته ڇا اها حقيقت ڊهي ويندي ته ”سرچارلس نيپئير“ سنڌ فتح ڪئي هئي، جي ”فريئر روڊ“ جو نالو مٽايوسين ته، ”سربارٽل فريئر“ جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن تي هميشه لاءِ پردو وجھي سگهنداسين“ (سفر نامو، ”ڏوري ڏوري ڏيھ“). مٿئين تمهيد ڏيڻ جو مطلب ته سڄاڻن ۽ ڏاهن جي اڪثريت انهيءَ راءِ جي آهي ته، قديم آثار مٽائڻ سان اسين پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي ختم ڪري، ان جي تاريخي ڄاڻ کان هميشه لاءِ محروم ٿي وينداسين.
ڀنڀور ئي ديبل هو: الهڏني سومري ڊاڪٽر نبي بخش جي موقف جي تائيد ڪندي مختلف تاريخي حوالن ۽ دليلن سان ثابت ڪيو آهي ته، ”8 صديءَ ۾ ديبل سنڌ جو پهريون شهر هو جيڪو محمد بن قاسم الثقفيءَ جي هٿان فتح ٿيو“ سوئي ڀنڀور هو (صه، 172، 173). اسماعيلي ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت جو مختصر جائزو: هن مقالي ۾ ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ اهل تشيع جي گروهن کان وٺي سنڌ جي مذهبي تحريڪن جي اثر هيٺ ٿيل فرقن جي تفصيل سان گڏ، اسماعيلي فرقي جون شاخون ۽ سندن حڪومت جي دؤر جو مختصر جائزو ڏنو آهي. سيد عبدالقادر سيد هاشم بن سيد محمد نصرپوري (مؤلف حديقة الاوليا): جي باري ۾ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ تحقيق ڪري بيان ڪيو آهي ته، سيد حسام الدين راشدي 1967ع ۾ سيد عبدالقادر جو تعلق ٺٽي سان ڄاڻايو آهي، پر تحقيق سندن تعلق نصرپور سان هو. هن اهم تاريخي ۽ سوانحي حقيقت جي چٽائيءَ لاءِ قريشي صاحب ”حديقة الاوليا“ جا قلمي نسخا ڀيٽيا آهن ۽ وضاحت سان موضوع کي سمجهائي آخر ۾ شجرو پڻ ڏنو اٿن.
مقالا، ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت: هن ڪتاب جي تحقيقي ماپي تي ڪجھ چوڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي. ”نرتي تند نياز سين“ ۽ ”مقالا “ ڪتاب بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس 1988ع جي لکڻين سان سينگاريل آهن. جن ۾ اهلِ قلم محقق شخصيتن سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي ميدان کي سيراب ڪيو آهي. هيءَ ڪانفرنس سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ميدان ۾ ٻولي، ادب، ثقافت ۽ تهذيب جي نشانبر ٿي. هن کان اڳ 1975ع ۾ به بين الاقوامي سنڌ سئمينار ٿيو پر هن 1988ع جي ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي وڏي ميڙ شرڪت ڪئي. انهن يادگار لکڻين مان ڪجھ مٿين ٻن ڪتابن ۾ شايع ٿيون. وقت جي ڪميءَ سبب ڪيترا مقالا جيڪي پڙهجي نه سگهيا، سي ماهوار ”نئين زندگي“ ۽ سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيا. جيڪو انتخاب هنن ٻن ڪتابن ۾ شايع ٿيو آهي، سو پڻ پنهنجي جڳھ تي سنڌي ڇپيل مقالا تي ادب ۾ هڪ خاص تاريخي حيثيت رکي ٿو. موضوعن ۽ ڄاڻ جي خوبيءَ کان سواءِ هنن لکڻين جي ٻولي علمي ۽ ادبي هئڻ سان گڏوگڏ آسان ۽ عام فهم آهي. فهرست ۾ مقالن جي عنوانن جي ترتيب سهڻي طريقي سان ڏنل آهي.

عورت، سماج ۽ ڏاڍ:

پروفيسر تنوير جوڻيجو جو ڪتاب مضمونن ۽ تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي. 282 صفحن جو هيءُ ڪتاب 2004ع ۾ ”عورتا زاد ويمن ريسرچ پبليڪيشن“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ”عورت، سماج ۽ ڏاڍ“ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي هر حصي کي ليکڪا اڀياس جو عنوان ڏنو آهي. پهريون حصو ”شخصي اڀياس“، ٻيو ”ادبي اڀياس“ ۽ ٽيون ”سماجي اڀياس“، انتساب ڊاڪٽر درشهوار سيد، خيرالنسا جعفري ۽ آپا خديجه خانم دائود پوٽا جي نالي آهي.
ڪتاب جو جائزو: ”عورت، سماج ۽ ڏاڍ“ جو موضوع عورت ذات آهي. سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ خاص طور سنڌي سماج ۾ سنڌي عورت جي حيثيت، مان، مرتبو، سندس علمي ۽ ادبي خدمتون بيان ڪيون ويون آهن. سماج ۾ عورت تي ٿيندڙ ڏاڍ کي جرنلزم جي مدد سان ذڪر ڪيو ويو آهي. شخصي اڀياس هن ڪتاب جو پهريون حصو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ليکڪائن ۽ نمايان حيثيت رکندڙ عورتن تي سوانحي مضمون آهن.
”منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زَباني“ پروفيسر خيرالنسا جعفري جي شخصي اڀياس کان سندن بيماريءَ ۽ وفات جي ذڪر تي مشتمل مضمون آهي. ڊاڪٽر درشهوار سيد جي باري ۾ مضمون ”تنهنجي ياد جي وري آ وير“، ساڻن مارئي هاسٽل ۾ پهرين ملاقات کان شروع ٿي. 25 ڊسمبر 1997ع تي سندن وفات جي حوالي تي ختم ٿئي ٿو. ليکڪا ڊاڪٽر دُرشهوار سيد کي هڪ حليم، سٻاجھي، سُڄاڻ ۽ سمجهدار آئيڊيل شخصيت سڏيو آهي، پر گڏوگڏ جيڪڏهن سندن ادبي ۽ علمي خدمتن جو ذڪر هجي ها ته وڌيڪ بهتر هو، ڇو جو ڊاڪٽر دُرشهوار اها پهرين سنڌي پڙهيل عورت هئي جنهن ٻاهران انگريزيءَ ۾ شاھ ڀٽائيءَ جي ڪلام تي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز لکي،ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر جبار موجب:
”هيءَ ٿيسز 1984ع ۾ آڊنبيرا يونيورسٽي (برطانيه) ۾ پي.ايڇ.ڊي ڊگريءَ لاءِ منظور ٿي ۽ 1988ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي. جنهن ۾ ڪل پنج باب آهن. ٿيسز جو مڪمل عنوان هن ريت آهي: “The Poetry of Shah Abdul Latif” هن ٿيسز جو طاقتور پهلو شاھ جي سورمين جي حوالي سان سنڌ جي عورت جي سماجي ڪردار جي اُپٽار آهي. جيڪو محترمه منفرد ۽ علمي انداز سان ڪيو آهي“.
هيءَ ٿيسز سنڌيءَ ۾ لطيفيات جي ڀاڱي ۾ خاص اهميت رکي ٿي. پروفيسر تنوير جيڪڏهن هن مقالي ۾ ڊاڪٽر دُرشهوار جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ ڏي ها ته پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ها.
بيگم خديجه خانم دائود پوٽو تي لکيل ليک ۾ سندس تعارف هڪ ”سماج سڌارڪ خاتون“ جي حيثيت سان ڪرايو ويو آهي. هن سوانحي ۽ تعارفي مضمون ۾، سندن شخصيت جا مختلف رُخ بيان ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر دائود پوٽي جي زندگيءَ جي ساٿي هئڻ جي حيثيت سان ۽ هڪ علمي ۽ ادبي گھراڻي جي فرد هئڻ سان، سندن علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر پڻ آيل آهي. مسرت مرزا مصوره جو شخصي اڀياس تفصيلي هئڻ سان گڏ سندس فن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. عطيه دائود شاعره، جي مضمون ۾ عطيه کي هڪ بهادر ۽ بيباڪ ليکڪ سڏيندي. سندس ٻن مضمونن ”اي جن تجھي سلام“ ۽ ”آسيب کا سايه“ جي باري ۾ ذڪر ڏنل آهي. عطيه جي شاعري ليکڪا موجب انهن سماجي روين ۽ قدرن خلاف آواز آهي، جيڪي عورت کي ٻئي درجي جو شهري بنائي عورت ۾ احساس ڪمتري پيدا ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ عطيه سماج ۾ عورت ۽ مرد جي برابريءَ جي حقن جي تمنائي آهي. (صه 45_46) ”ادبي اڀياس“ جو پهريون مقالو ”سنڌي ادب جا پنجاھ سال“ آهي، پاڪستاني ادب جي پنجاھ سالن جي ادب جي جائزي هيٺ سنڌي ادب کي ٽن دﺆرن ۾ ورهائي تجزيو ڪيو ويو آهي ته، هنن دﺆرن ۾ سنڌي عورت ليکڪائن ۽ شاعرائن جو ادب ۾ ڪهڙو حصو رهيو آهي؟ هن مقالي ۾ پهريون دﺆر 14 آگسٽ 1947ع کان شمار ڪيل آهي، جنهن ۾ اهم رسالن جون منتظمين بيگم زينت عبدالله 1957ع رسالو ”مارئي“، خانم خديجه دائود پوٽو 1965ع رسالو ”اديون“ آهن ۽ ڪيتريون ليکڪائون ۽ شاعرائون پڻ هن دﺆر ۾ ادب جي ميدان ۾ آيون، جيئن بادام ناتوان، روشن مغل، ثميره زرين، جميله نرگس، فيروز مغل، ذڪيه دريشاڻي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي، نور شاهين، رشيده حجاب، عصمت انصاري، ارشاد قمر ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. ٻيو دﺆر، سنڌي عورتن جي ادبي خدمتن جو اهو دﺆر آهي،جڏهن ملڪ جي سياسي حالتن جو ادب تي گھڻو اثر پيو، ون يونٽ جو خاتمو يا بدلجندڙ حڪومتون ۽ مارشلائي ۽ سياسي حالتون ادب تي اثرانداز ٿيون، جنهن سان ادب جا رُخ يا ڌارائون به بدلجنديون رهيون. ليکڪا مطابق 1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو قيام، 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جو جدا ٿيڻ، 1973ع ۾ آئين ٺهڻ ۽ سنڌيءَ کي صوبائي ٻوليءَ جو درجو ملڻ، سنڌي مهاجر فساد ٿيڻ، اهي سياسي حالتون هيون جيڪي ادب تي اثر انداز ٿيون. جهموري حڪومت جي ڪري ميڊيا تي پابنديون نرم ٿيون، هلال پاڪستان ڪراچي اخبار ۾ عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ ڪيتريون ئي سنڌي قلمڪار عورتون متعارف ڪرايون، ادبي محفلون ۽ مانڊاڻ مچيا، 1972ع ۾ ڪراچيءَ جو رسالو ”سوجھرو“ گلبانو سلطان جي نگرانيءَ ۾ اهم رسالو هو. هن دﺆر ۾ جن ليکڪائن ۽ شاعرائن جو ذڪر اچي ٿو. اهي نورالهديٰ شاھ، فهميده ميمڻ، انيس ميمڻ، خيرالنساء جعفري، تبسم ماهتاب قريشي، ڊاڪٽر خالده سومرو، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، عزيزه چنا، زبيده ميتلو، غزاله شاهين ڀٽو، شمس نورالدين سرڪي، ارشاد قمر، شيرين فاروقي ۽ ٻيون آهن.
ٽيون دؤر، ادب جو، اخباري دؤر سڏيو ويو آهي جنهن ۾ ڪافي سنڌي اخبارون ۽ رسالا وجود ۾ آيا. مختصر افساني، مضمون نويسي ۽ ڪالم نگاري کي هٿي ملي، جديد شاعري عروج تي پهتي انيڪ نوان موضوع ادب ۾ متعارف ٿيا. هن دؤر ۾ فهميده حسين جو صفحو ”سگهڙين سٿ“، شهلا اسد جو ”بختاور“، سنڌي ادبي بورڊ جو ”سرتيون“ اهم رسالا هئا. هن دؤر جي ڪيترين ئي ليکڪائن ۽ شاعرائن ڀرپور انداز ۾ حقيقي زندگيءَ جي ترجماني ڪئي. جن ۾ ثمينه گل، شگفته شاھ، نذير ناز، بانو محبوب جوکيو، تانيه ٿيٻو، ارم حسن، سلميٰ پنهور، نجمه پنهور، بختاور پليجو، غلام سڪينه شيخ، گلبدن جاويد، زيب نظاماڻي، گوري ولڀ، پشپا ولڀ، عطيه دائود، رضيه طارق، امر سنڌو، ناهيد مغل، رخسانه چنڙ جا نالا اچي وڃن ٿا. هيءُ. طويل مقالو ويهن صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هر دؤر جي ڪجھ ليکڪائن جي مختصر سوانح سان گڏ سندن علمي ۽ ادبي خدمتون ڏنل آهن. هن ۾ سنڌي ادب ۾ ايم فل يا ڊاڪٽريٽ ڪندڙ سنڌي عورتن جو ذڪر يا سندن ٿيسز جو احوال هجي ها ته بهتر هو، ڇو جو مقالي جو موضوع ”سنڌي ادب جا پنجاھ سال“ آهي. تخليقي ادب سان گڏوگڏ، تحقيقي ادب به سنڌي ادب جو سرمايو آهي.
سنڌي خواتين جي سڄاڳيءَ ۾ نئين زندگيءَ جو ڪردار: هي مقالو 1950ع کان 1970ع تائين جي ”نئين زندگي“ مئگزين جي عورتاڻي ادب جي مواد تي آڌاريل آهي، ۽ هن ۾ 1990ع جا ٻه ليک به تبصري ۾ شامل آهن. ليکڪا مطابق ”نئين زندگي“ رسالي نه رڳو سنڌي عورت ليکڪائن کي ادبي شعور عطا ڪيو. بلڪه ڪيتريون ئي اعليٰ تعليم يافته ليکڪائون هن رسالي معرفت سنڌي ادب کي مليون ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو ٿيون“. (صه، 73) هن مضمون ۾ 1947ع کان اڳ جي عورتن جي ادبي ڪم تي نظر وڌل آهي ته گڏ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ترتيب وار سنڌي مضمونن مقالن ۽ افسانوي ادب جي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ انهن جي موضوعن کي به نظر هيٺ رکيو ويو آهي. ڇپجي ويل ادبي ليکن مان حوالا پڻ ڏنا ويا آهن ۽ مٿن تبصرو پڻ ڪيو ويو آهي ۽ مجموعي طور هيءُ نڪتو واضح ڪيو ويو آهي ته ”نئين زندگيءَ“ جي عورتاڻي ادب جي ذريعي عورتن جي تعليم ۽ تربيت ٿي آهي ۽ انهن جي معاشي ۽ علمي زندگيءَ جا رُخ چٽا ٿيا آهن ۽ گڏوگڏ عورت تي ٿيندڙ ڏاڍ خلاف به هن رسالي ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي.
سنڌي عورتاڻي ادب تي سياسي ۽ ثقافتي تبديلين جو اثر: جي موضوع تي سمجهاڻيءَ لاءِ تنوير جوڻيجو مضمون جي شروع ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”هونئن ته ادب ۾ جنس جي تفريق رکڻ جائز نه آهي، پر جيئن ته ادب هڪڙو مشاهداتي تخليقي عمل آهي ان ڪري هر فرد ۽ هر گروه جو مشاهدو، ٻئي فرد ۽ ٻئي گروه کان مختلف هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هر فرد ۽ گروه جو سماجي پس منظر ۽ سوچ جو انداز ٻئي کان جدا هوندو آهي“. انهيءَ ڪري هن مقالي ۾ خاص عورتن جي لکيل ادب بابت چٽائي ڪئي ويئي آهي. هن مقالي ۾ ثقافت جي وضاحت کان پوءِ ورهاڱي کان پوءِ جي عورتاڻي ادب جي معلومات ڏنل آهي. انهيءَ کان اڳ جو ادبي پس منظر، مختصراً بيان ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته: ”سنڌي ادب سنڌي سماج ۽ ثقافت جي مڪمل تاريخ آهي. جنهن ۾ سياسي ۽ ثقافتي تبديلين جو مڪمل ۽ تفصيلي احوال موجود آهي”. (صه 85) جن ليکڪائن سنڌ جي سياسي صورتحال کي سمجهيو، پروڙيو ۽ متاثر ٿيون ۽ پنهنجين تحريرن جي ذريعي، سنڌي عوام کي مزاحمتي ادب ڏٺو ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جي فلسفي تي عمل ڪيو. انهن ۾ نورالهديٰ شاھ، سلطانه وقاصي، نسرين شاھ، مريم چانگ، خيرالنساء، زبيده متيلو، رعنا صديقي، زهره انصاري، نرگس هودڀائي، سلمه صديق قاضي، انيس انجم جوڻيجو، شمشاد مرزا، فهميده بلوچ، شبنم گل ۽ ٻيا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. هن جديد دؤر ۾ ميڊيا جي ترقيءَ سبب سنڌي عورت جي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي نه فقط سنڌي عورت جو علم ۽ ادب ۾ چاھ وڌيو آهي. بلڪه دنيا جي گلوبل وليج ٿيڻ سبب سندس Vision پڻ وسيع ٿيو آهي ۽ هاڻي هوءَ (Self-dependent) آهي جنهن جي ڪري هوءَ سماج ۾ ٿيندڙ عورت تي ڏاڍ خلاف آواز اٿاري ٿي. سندس تحريرون حق ۽ سچ جون علمبردار ٿي ڪيترن ئي سماجي مسئلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ادب جي ميدان ۾ آيون آهن. هن دؤر جي مسئلن ۾ ڪارو ڪاريءَ سبب ٿيندڙ ڪوس، بي روزگاري، جنسي تشدد، عدم تحفظ جي فضا، ۽ ٻيا موضوع اچي وڃن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جي شاعرائن جي سماجي حالتن جو جائزو: هي مقالو سنڌي ادب جي شاعرائن جي ڏات ۽ فن جي اڀياس سان گڏ، سندن ذهني اوسر، معاشي ۽ سماجي حالتن، خاندان، تعليم ۽ پيشه ور خدمتن جي ڄاڻ ڏئي ٿو. هي 69 صفحن جو هڪ طويل مقالو آهي. جنهن مان سنڌي عورت شاعرائن جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ ملي ٿي. ليکڪا مطابق سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان نڪتل ”سرتيون“ رسالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جون 175 شاعرائون ريڪارڊ ٿيل آهن. جن مان هتي ٽيونجاھ شاعرائن جي سوانح، تعليم، گهرو پس منظر ۽ شاعريءَ جو جائزو ڏنو ويو آهي. جنهن مان اها خبر پوي ٿي ته سنڌي عورت مضبوط ۽ اعليٰ تعليم يافته آهي. سندس لاڙو پروفيشنلزم ڏانهن آهي. جن شاعرائن کي ذڪر ڪيو ويو آهي انهن مان ڪجھ نالا هيٺ ڏجن ٿا: نور شاهين (نورجهان)، نسرين جوڻيجو، نذيرناز، تسنيم يعقوب (فهميده حسين) نورالهديٰ شاھ، شبنم گل، تانيه ٿيٻو، پارس عباسي، ارم محبوب، فرزانه شاهين، بانو محبوب جوکيو، تسليم زنئور، فهميده سحرش ميمڻ، روشن ناز ڌاريجو، آشا، ناهيد مغل ۽ ٻيا نالا شامل آهن. سنڌي ناول جو اڀياس ۾ هيٺيون نڪتو بيان ڪيو ويو آهي: ”سياسي صورتحال سببان پاڪستان. جي بلجندڙ ثقافتي طرزن جو سنڌي ناول ۾ عڪس، سنڌي ناول جو اڀياس ۾ صرف هڪ ئي ناول جي هڪ ئي رُخ يعنيٰ سياسي صورتحال سبب، ثقافتي تبديليءَ تي بحث ڪندي مشهور ليکڪا، ماهتاب محبوب جي ناول ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“ کي چونڊيو ويو آهي. ثقافتي تبديلين جا سبب ڄاڻائيندي ليکڪا ملڪ جي سياسي حالتن جي تبديلين جي اُپٽار ڪئي آهي. گڏوگڏ مصنوعي وچولي ڪلاس، Artificial Middle Class جي زندگيءَ جون ترجيحات بيان ڪندي انهن حالتن جي ٿيندڙ اثرن جي هيٺ هن ناول جو جائزو ڏنو آهي. جنهن لاءِ ناول مان ڪجھ حوالا ڏنا ويا آهن ۽ ڪهاڻي ڏيئي مقصد کي بيان ڪيو ويو آهي. اهو ڄاڻايو ويو آهي ته وچولي طبقي جو نئون نسل آسائشن واري زندگيءَ ڏي مڙي غلط رستي ڏانهن وڃي رهيو آهي. اهي آسائشون کين گمراه ڪن ٿيون، فون، ڊش، ڪيبل، انٽرنيٽ جتي سک ڪيا آهن اُتي اخلاقي براين جون باعث به بنيون آهن. هن ناول جي دکدائڪ پڄاڻي يعني Tragic End هيروئن جي Aids جي بيماريءَ ۾ وڪوڙجي وڃڻ تي ٿئي ٿي. هيءُ اڀياس موجوده دؤر جي وچولي طبقي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ناول جي لاءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي ته ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“ ۾ ماهتاب محبوب ”وچئين ڪلاس جي عورت جي سماجي مسئلن ۽ ذهني انتشار کي بحث هيٺ آندو آهي”. عورت، سماج ۽ ڏاڍ، جو ٽيون حصو ڪتاب جي عنوان سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ مختلف اخبارن جي ديٽا ڪٺي ڪري عورتن جي، سماجي حيثيت کي پيش ڪيو ويو آهي. هن حصي جي مقالن ۾ ”زال مار کان مرڊر تائين“،( 1996ع نئين زندگي). ”لڄا لُٽ هڪ سنگين ڏوھ“، ”پاڪستاني عورت ڪاروباري شعبي ڏانهن هڪ وک (اپريل 1990ع نئين زندگي ۾ آيل آهن) عورت، سماج ۽ ڏاڍ ۽ ٻيا ڪجھ عنوان اچي وڃن ٿا. هن حصي ۾ قومي ۽ بين الاقوامي طور عورت تي ٿيندڙ ظلمن جي لاءِ مختلف اخبارن ۽ رسالن مان حوالا ڏيئي انهيءَ تشدد خلاف هلايل تحريڪن ۽ قانونن جي به ڄاڻ ڏنل آهي.
ڪتاب جي علمي ۽ ادبي حيثيت: پروفيسر تنوير سوشيالاجي جي مضمون تي نصابي ڪتاب لکي چڪي آهي. انهي لحاظ کان سماجيات جي باري ۾ کين ڄاڻ آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي پڙهيل عورت ۽ خاص طور سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جي ڪم کي اهميت ڏني وئي آهي (مون هن ڪتاب جو جائزو انهيءَ سبب کان ڏنو آهي جو اهو سوال C.S.S ۽ P.C.S جي امتحان ۾ آيو آهي ته سنڌي عورتن ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ ڏيو؟) انهيءَ لحاظ کان هن ڪتاب ۾ سنڌي عورتن جي قلم جي ڏات، ڏانوَ ۽ سجاڳيءَ کي فوڪس ڪيو ويو آهي. (جڏهن ته انهيءَ کان پوءِ يعني هن ڪتاب 2008ع کان پوءِ مون مڪمل ٿيسز ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو“ تي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي جنهن ۾ عورتن جو ڪم وسيع طور فوڪس ٿيو آهي). عورت سماج ۽ ڏاڍ جو آخري حصو جرنلزم سان لاڳاپيل آهي، ڪتاب جو عنوان اهم هئڻ سان گڏوگڏ اندرين مواد سان ٺهڪندڙ آهي.
هيءُ سماجي، ادبي ۽ علمي مضمونن ۽ مقالن جو ڪتاب سليس ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ آهي. منجهس غير ضروري طور ٻين ٻولين جا لفظ ٽنبيل ڪونهي، جيڪي انگريزي لفظ به آيل آهن سي عام استعمال ٿيندڙ آهن ۽ ڪافي لفظن جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ پڻ ڏنل آهي. ڪتاب جي پروف ريڊنگ سٺي ٿيل آهي، غلطيون نه هئڻ برابر آهن لفظن ۽ جملن جي ترتيب ۽ بيهڪ مناسب آهي. ڪجھ هنڌن تي سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ”جيئن ساهرا آهن ٻاٻرا ڪنڊا، جو پاسو ورائي سو ڄڀ ڄڀ ڪندا، ”نياڻي ست قرآن“، ”مَرَ ماريندا ڀائڙا ڳچيءَ ڏيئي لت“ وغيره، تعليم يافته عورت جي ادبي خدمتن سان گڏ سنڌي شاعرائن جي سوانح پيش ڪرڻ سان عورت شاعرائن جي تاريخ مرتب ٿي آهي، هن ڪتاب جا پهريون ۽ ٻيو حصو ادبي طور اهميت وار آهن.

ڀاڱو ٻيو: سنڌي سفر ناما

---

سفر نامي جي صنف جو تعارف

سفرنامو ڇا آهي؟
سفرنامو ادب ۾ اها نثري صنف آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سير ۽ سفر ۽ مشاهدي جو احوال ادبي انداز ۾ بيان ڪندو آهي، يعني هيءُ هڪ بياني مشاهدو آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي سوچن، خيالن ۽ ڄاڻ سان گڏ شهرن، هنڌن ۽ ملڪن جي معلومات پڙهندڙن کي حاصل ٿيندي آهي، اهڙيءَ ريت گڏ ادب کي هٿي ملندي آهي. سفرنامو صحتمند ادب جي واڌاري ۾ به ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو. سفرنامي مان ٻاهرين ملڪن جي رهڻي ڪهڻيءَ ريتن رسمن سان گڏ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي به چڱيءَ ريت خبر پوي ٿي ۽ اڳيان هلي تاريخ لکڻ ۾ مدد ملي ٿي. ملڪ جي حال احوال جي باري ۾، هر ملڪ جي ادب ۾ ڪتاب هجن ٿا، پر پڙهندڙن کي خاص طور سفرناما وڌيڪ متوجه ڪندا آهن ۽ تحقيق اهي دلچسپ پڻ لڳندا آهن، ڇو جو اهو احوال اڳ ۾ معلوم نه هوندو آهي. حقيقت ۾ سفرنامو ڪنهن به ملڪ جو هجي، قاريءَ لاءِ رهبر پڻ آهي ته رهنما پڻ، جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ جي باري ۾ لکيل تفصيلي ۽ وزنائتو احوال پڙهي پوءِ اُتي وڃبو ته ڄڻ اهو ملڪ اوپرو نه لڳندو. سفرنامن ۾ آيل احوال ڪڏهن ڪڏهن تاريخي طور ڏاڍو ڪم ايندڙ هوندو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي ته، ”مشهور سياح المقدسي 9 ۽ 10 صديءَ ۾ سنڌ جو سفر ڪيو ۽ پنهنجي سفرنامي ۾ هن سنڌي زبان جو احوال ڏنو، سنڌي رهواسين ۽ حالتن جو بيان ڏنو“. معنى ته سفرناما ملڪن ۽ شهرن جي سماج ۽ رهواسين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي معلومات ڏين ٿا. انهن هنڌن جي ٻوليءَ ۽ تهذيب و تمدن جي خبر پڻ پوي ٿي، انهن قومن جا سوچون، ويچار، عقيدا ۽ ڀرم سامهان اچن ٿا. سفرناما هر ٻوليءَ جي ادب ۾ لکيا ويا آهن. البيروني، ابن بطوطه، مارڪو پولو کان رابنسن ڪروزو تائين ڪيترن ئي پرڏيهي سفرنامانگارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. انگريزي ادب ۾ جوناٿن Jonathan Swift جو ”گليورز ٽريولز“ هڪ خيالي ڪهاڻي آهي، جنهن کي ليکڪ سفرنامي جي انداز ۾ لکيو آهي. طنز و مزاح جي نموني ۾ لکيل هن ڪتاب بي حساب مقبوليت ماڻي، هيءُ ڪتاب بظاهر ٻاراڻي ادب لاءِ هوندي به 1726ع جي دؤر جي برطانيه جي سياسي معاملن کي وائکو ڪري ٿو. ناول نويسيءَ جي فن تي جڳ مشهور ڪتاب The aspects of Novel جو خالق اي.ايم فاسٽر جڏهن 1911ع ۾ هندوستان ويو ته، هن Alexandra لکيو جنهن ۾ تاريخي احوال سان گڏ پنهنجي پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ ٻيهر 1921ع ۾ هندوستان وڃڻ سان A passage to India ناول لکيائين، جنهن ۾ مشرق ۽ مغرب جي احوال سان گڏ، ڪجھ هندوستان جي احوال جو عڪس آهي. مٿيان ڪتاب سفرناما نٿا شمار ڪري سگھجن، پر منجھن بيان جو ڪجھ انداز سفرنامي جي نموني سان آهي. انگريزي ادب ۾ رابنسن ڪروزو جا ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ اهميت جا حامل آهن. سفرنامي کي انگريزيءَ ۾ “Travelogue” سڏيو وڃي ٿو. جنهن جي معنى Concise Oxford Dictionary of current English ۾ هن ريت لکيل آهي. “A film or illustrated lecture about travels”. اُردو ادب، ۾ سفرنامي جي شروعات ”عجائب فرهنگ“ سان ٿئي ٿي. جو يوسف خان ڪمبل پوش لکيو، سادگيءَ ۽ صداقت سان لکيل، هيءُ سفرنامو ”تاريخ يوسفيءَ“ جي نالي سان فارسيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي ۽ هي 1847ع ۾ لکيو ويو هو. اُردو ۾ باقاعده سفر نامو سر سيد احمد خان جو ”مسافران لنڊن“ شمار ٿئي ٿو ۽ ٻيو سفرنامو جيڪو مشهور ٿيو. سو علامه شبلي نعمانيءَ جو روم، مصر ۽ شام جي باري ۾ آهي، سيد سليمان ندويءَ جي چواڻيءَ ته بيشڪ هيءُ چٽپٽو سفرنامو ڪونهي پر بيروت ۽ بيت المقدس جي ڪتب خانن جي سير ڪرائي ٿو، ڇو جو شبلي نعمانيءَ جو وڃڻ علم جي حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيو هو. انهيءَ کان سواءِ اُردو ادب ۾ محمد حسين آزاد، منشي برڪت علي، عطاءُ الحق قاسمي، عبدالماجد دريا آبادي، ابن انشاءَ، خواجه حسن نظامي، اشفاق احمد، مستنصر تارڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي سفرناما لکيا آهن. سفرناما دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ تقريباً لکيا ويا آهن، پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڏيهي ٻولين ۾ سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف گھڻي ترقي ڪئي آهي.

سنڌي ادب جي سفرنامن جي ارتقائي تاريخ

سفرنامو فڪشن جي ٻين صنفن جي نسبتاً حقيقتن ۽ سچائين کي کولي بيان ڪندڙ صنف آهي. سنڌي ادب ۾، سفرنامي جي شروعات ۾ ڪجھ ڏيهي سفرن جي احوال تي مشتمل ڪتاب ۽ ڊگھا مضمون ملن ٿا. جن ليکڪن هن قسم جي احوال لکڻ کي اُتساھيو انهن ۾ مرزا قليچ بيگ، لالچند امرڏنو مل، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، الھبچايو يار محمد سمون، تيرٿ سانولاڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، مرزا قليچ بيگ جو ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ هڪ خاص علائقي جو بيان آهي، جيڪو 1885ع ۾ لکيو ويو، لالچند امرڏنو مل جو ”مسافريءَ جو مزو ۽ سير جو رنگ“، 1915ع ۾ ماهوار رسالي سنڌي ساهت سوسائٽيءَ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هندوستان جي اهم شهرن ۽ جبلن جي ڄاڻ ڏنل آهي، 1923ع ۾ ڀيرو مل جو ”سنڌ جو سيلاني“ ڇپيو، جنهن ۾ سنڌ جي اهم هنڌن، شهرن، درگاهن ۽ ميلن وغيره جو احوال ڏنل آهي. ڀيرومل 1926ع ۾ ”لطيفي سير“ لکيو جنهن ۾ شاھ جي رسالي تي تحقيق ڪري، شاھ سائينءَ جي سفر جا احوال ترتيب وار بيان ڪيائين، هيءُ پنهنجي نوع جو هڪ منفرد ڪتاب آهي. جنهن جا مکيه ڀاڱا ”هنگلاج ڏي ويندي“، ”گرنار ڏي ويندي“، ”سنڌ ڏانهن موٽندي“، ”مارئيءَ جي ملڪ ۾“، ”جيسلمير ڏي ويندي“ ۽ ”ٿر جو احوال“ بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ شاھ جي بيتن جو سرجڻ ۽ ماڳ بيان ڪيل آهن. جيئن ته شاھ سائين پنهنجي ڪلام ۾ بيتن جي اوٽ ۾ سفري مشاهدا پڻ بيان ڪيا آهن ۽ ڪيترن هنڌن ماڳن جي ڄاڻ ڏني آهي، جيڪا نثري بيان سان بهترين سفرنامي جو روپ ڌاري سگهي ٿي. ڇوجو سفرنامي ۾ مشاهدي جي قوت، ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جو استعمال اثرائتا آهن، اها خوبي ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ وڌيڪ موجود آهي. ڀيرومل جو ”لطيفي سير“ هن ڏس ۾ سٺو قدم شمار ٿئي ٿو.

پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ ”ڪشمير جو سير“ 1926ع ۾ لکيو. منوهرداس ڪوڙومل اهو ليکڪ هو، جنهن ڪشمير ۽ ڏکڻ آفريڪا جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ سفرنامو لکيو ۽ سنڌي زبان ۾1929ع ۾ ”هند جو سير“، لکيائين جو پهريون با تصوير سفرنامو آهي، جنهن ۾ هندوستان جي ئي سير ۽ سفر جا احوال آهن. تيرٿ سانولاڻيءَ جو ”دؤر مشرق“ 1943ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ هندوستان سان گڏ چين ۽ جپان جي سير ۽ سفر جا احوال آهن، ابن بطوطه جي هند ۽ سنڌ جي سفرنامي کي سنڌيءَ ۾ حبيب شاھ بخاريءَ ترجمي جو ويس پارايو. سنڌ جي باري ۾ لطف الله سورتيءَ جو ”سنڌ جو سفر“ 1956ع ۾ قادر بخش نظاماڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. 1950ع ۾ آغا بدر عالم دُرانيءَ مقدس جڳهين جي باري ۾ ”مسافرِ حجاز“ لکيو. قاضي عبدالمجيد عابد جي ڪتاب ”سفر يورپ جي ڊائريءَ“ کي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پهريون باقاعده سفرنامو سڏيو آهي، جيڪو 1960ع ۾ لکيو ويو، هن سفرنامي ۾ يورپ جي سير جي ذڪر سان گڏ سٺي معلومات مهيا ڪيل آهي. هيءُ خطن تي مشتمل سفرنامو آهي، اهي خط يورپ جي سفر دؤران قاضي صاحب ”عبرت“ جي ايڊيٽر شيخ علي محمد کي لکيا، هيءُ سنڌي ادب جو سفرنامو چار سئو اٺ صفحن تي محيط آهي ۽ جو يونيورسٽين جي ڊگري ڪلاسن لاءِ مقرر رهيو آهي. ٻيو خطن تي مشتمل سفرنامو 1962ع ۾ پروفيسر غلام مصطفى جو آهي، جنهن ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي سترهن ملڪن جي سير ۽ سفر سان گڏ تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي ڄاڻ ڏنل آهي، هن سفرنامي جا خط ”الوحيد“ اخبار جي 14 فيبروري کان 29 آگسٽ 1953ع تائين جي اشاعت ۾ شايع ٿيندا هئا. هيءُ سفرنامو ”سير ۽ سفر“ جي عنوان سان آهي. ٽيون خطن تي مبني سفرنامو الطاف شيخ جو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ آهي.

ڪريم ڏنو راڄپر جو ”آمريڪا جو سير“ 1961ع ۾ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ 1973ع ۾ ڇپيو، ڊاڪٽر صاحب 1965ع ۾ چين ويا هئا، جتي چيني زبان سکيائون سندن هن سفرنامي ۾ چين جي شهر پيڪنگ ۽ ٻين شهرن جو احوال ڏنل آهي ۽ چين جي سماجي ۽ ثقافتي ڄاڻ به ڏنل آهي، 1976ع ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو ”سون ورني ڌرتي“ لبيا جي سفر جي باري ۾ شايع ٿيو. ”ٽي مسافر ٽي شهر“ ٽن شخصيتن جا ٽي سفرناما، گڏيل هڪ ڪتاب ۾ آهن. جنهن ۾ اختر بلوچ، اياز لطيف پليجو ۽ مريم جو انگلينڊ، روس ۽ ڀارت جو احوال آهي، اختر بلوچ ماسڪو ۾ عورتن جي علمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو احوال ڏنو آهي ۽ ٻئي حصي ۾ اياز لطيف انگلينڊ جي سير ۽ سفر کي بيان ڪيو آهي، ٽئين حصي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ جي ڪارڪنن جو ڀارت ۾ ”لطيف سئمينار“ ۾ شرڪت جو احوال آهي. هن ۾ ڀارت جي سنڌين جي مسئلن ۽ سنڌ لاءِ سڪ جي جذبن کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ ڀارت جي سنڌي هندو اديبن ۽ ادبي ڪاوشن تي، پڻ روشني وڌي وئي آهي، اياز لطيف جو انهيءَ کان سواءِ، ”دنيا پنهنجي ديس پرايا“ سفرنامو به شامل آهي.

ڀارت جي احوال تي مشتمل ليکڪا ماهتاب محبوب جا ٻه سفرناما ”اندر جنين اڃ“ ۽ ”سرهي سرهي سار“ آهن. هنن سفرنامن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هندو اديبن ۽ ليکڪن جو هندوستان ۾، سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون بيان ڪيون ويون آهن ته هندستان جي گھمڻ ڦرڻ ۽ شهرن جي باري ۾ خاص طور بمبئيءَ جو احوال وڻندڙ آهي، انهيءَ کان علاوه ليکڪا جو ٻيو سفرنامو ”راهون، چنڊ، ستارا“ آهي. هندوستان جي باري ۾ سليم قريشيءَ جو ”ديس پرديس“ ۽ عبدالحئي پليجو جو ”ديس بديس“ ۽ سائين جي.ايم سيد جو ”بهادر گڏيا بهادرين“ آهن. ڊاڪٽر فهميده حسين جو، ”هوائن جي آڌار“، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ڪراچيءَ مان ڇپيل روس جي سفر تي مبني ”جيڪي ڏٺو هو مون“ پڻ سٺا سفرناما آهن.

سنڌي ادب ۾ ڪافي معياري سفرناما ادب جو حصو بنيا آهن، ڪجھ مشهور ليکڪ هن صنف ۾ لکي رهيا آهن ته، آهستي آهستي ڪجھ نوَن ليکڪن به چڱا سفرناما لکيا آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا ٻه سفرناما ”ڏوري ڏوري ڏيھ“ ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“، سنڌي ادب ۾ معياري سفرناما شمار ٿين  ٿا. عبدالحئي پليجو جا سفرناما به گھڻي تعداد ۾ آهن. هن ڪيترائي ملڪ گھميا ۽ انهن جا وڻندڙ احوال مختلف سفرنامن ۾ ڏنا آهن. سندس سفرنامن ۾ ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”ڏوريم ڏيساور“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“، ”جيئن ڏٺم جپان کي“ ۽ ”پليجو رائونڊ دي ورلڊ“ ۽ ٻيا آهن. انهيءَ کان سواءِ ڊاڪٽر احمد علي قريشيءَ جو ”نائجيريا ۾ سورهن سال“، قاضي عمر جو ”ديسين وٽ پرديس“، عنايت بلوچ جو ”پرين جي پرديس“، احمد علي رند جو ”چار گهڙيون چين ۾، ”قربان علي منگيءَ جو ”مسافر“، طارق عالم ابڙو جو ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“، نصير مرزا جو ”سفر من اندر“، فقير امداد علي سرائيءَ جو ”قدم ڪاپڙين جا“ لعل جوڻيجو جو، ”اڍائي سال انگلينڊ ۾“، ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”سامي سفر هليا“ ۽ صحافي شيخ عزيز جي قلم مان روس جي احوال تي مبني ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“، اهم سفرناما آهن. روس جي سفر تي ”مهيڙ کان ماسڪو تائين“ ڊاڪٽر محبوب علي شيخ جو ڪتاب آهي شوڪت حسين شاهه بخاري سنڌي سفرنامن کي هٿي ڏيڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي. 1992ع ۾ ”لنڊن جو سير“ لکيائين هن ڪتاب جو اردو ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جا ٻه ايڊيشن اچي چڪا آهن، 1993ع ۾ بئنڪاڪ ۽ سينگاپور جي سير تي سفرنامو لکيائين ۽ پوءِ 2000ع ۾ ”نيويارڪ جو سير“ جي عنوان سان آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي حال احوال تي لکيو اٿن. (”نيويارڪ جو سير“ جو جائزو هن ڪتاب ۾ شامل آهي).

هند جي ليکڪن ۾ هري موٽواڻيءَ جو سنڌ جي سفر تي آڌاريل سفرنامو، ”جڙيل جن سان جند“ سنڌ جي علائقن جي خبرچار سان گڏ سنڌ جي سڪ جي هڪ لازوال داستان آهي. لوڪرام ڏوڏيجا سنڌ ۾ انڊس گلاس فيڪٽريءَ جو مالڪ هو. هن يورپ جي دلچسپ سفر ۽ سهڻن واقعن کي ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ ۾ سهڻو قلمبند ڪيو آهي. جواهر لعل نهروءَ جو ”روس جو سير“ تي مشتمل سفرنامو سنڌيءَ ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن 1990ع ۾ ڇپايو ۽ آزاد قاضيءَ ترجمو ڪيو آهي. موتي پرڪاش جو سنڌ تي سفر نامو ”سي سڀ سانڊيم ساهه سان“، ورهاڱي جي وقت جي وڇڙيل هندوئن جي، سنڌ لاءِ سڪ جي داستان آهي. هي سفرنامو 1984ع  ۾ لکيو ويو. موتيءَ ڇٽيهه سال اڳ ڇڏيل سنڌ ٻيهر ڏسڻ تي پنهنجا تاثرات لکيا آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن سفرنامي تي هن ريت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. ”هونئن ته سڄو سفرنامو اهم آهي، پر ان سفرنامي جو اهو حصو جنهن ۾ هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ دڙي وڃڻ جو بيان ڪيو آهي، اهو نه فقط سنڌي ادب جو شاهڪار آهي، پر عالمي ادب ۾ به هڪ انوکي شيءِ آهي“.

”هڪ حساس معصوم شاعر جنهن کي زوريءَ جلاوطن ڪيو ٿو وڃي، ۽ ذري گهٽ چاليهن سال بعد اهي ماڳ ۽ مڪان ڏسي ٿو، اُتي هن جي دل جا اُڌما ۽ سندس احساس ائين ٿو لڳي ته سفرنامي جي هر صفحي تي، موتيءَ جي ڇيهون ڇيهون ٿيل دل جون ڇيتيون آهن، ڄڻ ان ۾ لکيل هر لفظ سندس دل جي رت سان رنڱيل  آهي“.

انهيءَ کان سواءِ شيخ اياز جو ”راڄ گهاٽ تي چنڊ“ بدر ابڙو جو، ”ڀڳوان جي ڀونءَ“ ۽  ٻيا انيڪ سفرناما لکيا ويا آهن. سنڌي سفرنامانگارن ۾ جنهن ليکڪ کي اسين سنڌي سفرنامن جو سرتاج  ليکڪ چئي سگهون ٿا، سو بلاشبه الطاف شيخ  آهي، سندس لکيل سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي ڄاڻ تي مشتمل هئڻ سان گڏ گهڻي تعداد ۾ آهن. جن جي علمي ۽ ادبي افاديت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. الطاف شيخ جي سفرنامن جي باري ۾ راءِ ڏيندي، سهڻي پبليڪيشن جو منتظم ۽ مشهور ليکڪ طارق اشرف لکي ٿو ته ”الطاف شيخ سفرنامن ۾ سنڌي ادب کي خود ڪفيل بنائي ڇڏيو. پڙهندڙن جيڪا سفرنامي ۾ دلچسپي ڏيکاري، انهيءَ کيس سنڌي مشهور ليکڪن جي لسٽ ۾ آڻي بيهاريو. الطاف شيخ نه صرف دنيا جي شهرن، ملڪن، ٻيٽن ۽ سامونڊي ساحلن جو سير ڪرايو آهي پر مفيد معلومات به ڏني آهي“. الطاف جي سفرنامن ۾ پهريون ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ آهي، ان کان پوءِ سندس انيڪ سفرناما ڇپجي چڪا آهن. جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن، ”وايون وڻجارن جون“، ”بندر بازاريون“، ”سي ئي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“، ”ڳالهيون تنهن جپان جون“، ”جاني ته جهاز ۾“، ”ڪويت ڪنارا“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”سانڀاهو سمونڊ جو“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”جِتِ جر وهي ٿو جال“، ”اي جرني ٽو ٿائيلينڊ“، ”اي روڊ ٽو مدينه“، ”آل ابائوٽ سينگاپور“، ”اوهريا جي عميق ڏي“، ”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”دنيا آهي ڪاڪ محل“، ”خبرون کيڙائن جون“، ”سوزيءَ سان پيار“، ”يادن جي انڊلٺ“، ”جپان جن جي جيءَ سان“، ”بهترين سفرناما“، ”پيار جي گھٽ“، ”بندر ديسان ديس“، ”ڇا جو ديس ڇا جو وديس“، ”خدا ڏي خط“، ”جپان رس“، ”ارائونڊ دي ورلڊ“ ۽ ٻيا آهن. عمري ۽ حج تي سفرنامو ”ڀلي پار تان ڀيرو“، روشني پبليڪيشن وارن شايع ڪرايو آهي. الطاف جي سفرنامن جو وڏي تعداد ۾ هئڻ جي باوجود به سندس تحرير جو معيار اوچو رهيو آهي. سندن جيترا سفرناما دنيا جي ادب ۾ به ڪنهن هڪ سفرنامانگار نه لکيا آهن. الطاف جا سفرناما موزون آسان زبان ۾ بيان ڪيل آهن. منجھن سلسليوار داستانون آهن ته گڏ سوانحي خاڪا پڻ آهن، آتم ڪهاڻيون آهن ته مزيدار ٽوٽڪا پڻ آهن ته گنڀير سوچون ۽ ويچار پڻ آهن. مجموعي طور حقيقتن ۽ سچاين جي بيان سان ملڪن جي تهذيب ۽ تمدن جي اُپٽار آهي.

سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اهميت

سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اهميت گھڻي رهي آهي. ورهاڱي کان پوءِ ۽ خاص طور 1960ع کان پوءِ ته ڪيترائي سفرناما سنڌي ادب ۾ شايع ٿيا آهن، جيڪي پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ ڏسڻ ۾ نٿا اچن. علمي طور سفرنامن جي ڪري معلومات ته مهيا ٿئي ٿي، پر ادبي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته لغت جي استعمال سان گڏ شعرن، اصطلاحن ۽ پهاڪن سان سينگاريل جملا نثر جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪن ٿا. ادبي خوبين سان سجايل سفرناما نثر جي ميدان ۾ خاص جڳھ والارين ٿا. جملن جي رواني، شگفتگي، تازگي، لفظن جي سهڻي چونڊ، ڪنهن نثري فن پاري جون اعلى وصفون آهن، ٻولي سڌريل شانائتي ۽ مذهبي هئڻ گھرجي، سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جا غير ضروري لفظ شامل نه هئڻ گھرجن. سفرنامي جي صنف خوبصورت منظرنگاري، بهترين بياني اسلوب سان گڏ سٺي معلوماتي احوال جي پڻ محتاج آهي. مشاهدي جي قوت سفرنامي جو اهم حصو آهي. ليکڪ جڏهن پنهنجي احساسن ۽ مشاهدي کي ڪاغذ جي ڪينواس تي سهڻي بياني اسلوب سان وکيري ۽ منجھس ادبي موتي پکيڙيندو آهي ته اهي تحريرون مانائتيون ٿي امر بنجي وينديون آهن.
مرزا قليچ بيگ هڪ مضمون ڪتاب ”مقالات الحڪمت“ ۾ ڏنو آهي جنهن ۾ سفر جي اصولن کي بيان ڪيو اٿن، انهيءَ ۾ سير ۽ سفر ڪرڻ لاءِ عمديون صلاحون آهن ته، سفرنامن جي صنف لکندڙ لاءِ به هڪ بهترين رهنمائي مضمون آهي، سفر لاءِ لکن ٿا ته، ”جوانن لاءِ سفر هڪڙي تعليم آهي ۽ پوڙهن لاءِ هڪ آزمودو آهي“، سندن چوڻ مطابق سفر ۾ ڊائري يا نوٽ بڪ هئڻ گھرجي جنهن ۾ ضروري ڳالهيون يادگيريءَ لاءِ لکجن ۽ انهيءَ ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، ٻوليءَ ۽ ڪرنسيءَ جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. پاڻ سان گڏ انهيءَ ملڪ جو نقشو هئڻ ضروري آهي، اهي سڀ نقطا لارڊ بيڪن جي مضمونن ۾ سوين سال اڳ ٻڌايا ويا، جن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مرزا صاحب سنڌين جي فائدي لاءِ ”مقالات الحڪمت“ ۾ پيش ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪن خاص طور الطاف شيخ ۽ تنوير عباسيءَ مٿين هدايتن تي سفر ۾ عمل ڪيو آهي، جنهن جي خبر سندن سفرنامن جي مطالعي مان پوي ٿي.
سنڌي سفرنامن ۾ پهريون سفرنامو ”سفر يورپ جي ڊائري“ شمار ٿئي ٿو، حئي پليجو جا سفرناما ادبي رنگ، شعرن جي پالوٽ ۽ حرف تجنيس جي حُسن سان سينگاريل آهن. هو حال احوال ۽ معلومات ڏيڻ جو ڏانءُ به ڄاڻي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سفرنامن ۾ آيل وسيع معلومات، شانائتي ٻولي ۽ بياني قوت سان پڙهندڙ سندن صلاحيتن جو اعتراف ڪري ٿو. تحقيق، سفرنامو نثر جي بهترين صنف ۾ شمار ٿئي ٿو. جيڪڏهن ادبي ۽ نثري خوبين سان سينگاريل هوندو ته ان جي سونهن سرس ٿيندي. وقت جي تبديلين سان نثر ۾ آيل تبديليون به سنڌي سفرنامي ۾ ظاهر آهن، جيئن شروع جا ”سير ۽ سفر“ ۽ ”سفر يورپ جي ڊائري“ معلوماتي احوال جي هوندي به ڪجھ حد تائين خشڪ آهن. جنهن ۾ خاص طور خطن تي مشتمل هئڻ اهم سبب آهي، موجوده دؤر جا سفرناما حال احوال سان گڏ دلچسپ پڻ آهن منجھن موقعي مطابق مزاحيه ۽ ادبي جملا آهن ته گڏوگڏ چوڻيون پهاڪا ۽ شعر پڻ آهن جيڪي سفرنامي جي دلڪشي قائم رکن ٿا.
موجوده دؤر جي سفرنامن ۾ ڪجھ ڪمرشلائيز نموني سان به ڏسڻ ۾ آيا آهن، جن ۾ ٻاهرين ملڪن جي احوال کي رنگين پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڄاڻ ۽ ادبي خوبين کي اهميت گھٽ ڏني وئي آهي، ادبي نقطهءِ نگاھ کان اهڙا سفرناما جٽاءُ دار ڪونهي. ”رپورٽيج“ نموني سان لکيل سفرناما هاڻي هڪ الڳ نثري صنف شمار ٿين ٿا. سنڌي ادب جي سفرنامن ۾ تقريباً دنيا جي هر ملڪ جو حال احوال ملي ٿو. يورپ، آمريڪا، آفريڪا، روس، چين، هندوستان، نائيجيريا، لبيا، نيوزي لينڊ، آسٽريليا ۽ جپان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي معلومات لاءِ ڪارائتا سفرناما سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن.
عنايت بلوچ ريڊيو پاڪستان جي نمائندي طور آسٽريليا جي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ 1992ع جي ڪوريج لاءِ حڪومت طرفان ويو هو ته واپس اچي ان اهم مئچ جو اکين ڏٺو احوال، ”سهسين ٿيا سارنگ“ جي عنوان سان شايع ڪرايائين. هي سفرنامو، نيوفيلڊس پبليڪيشن وارن ڇپايو هن کي ”ڪرڪيٽ جي حوالي جو سفرنامو“ سڏي سگھجي ٿو. هن مئچ ۾ پاڪستان بين الاقوامي ڪاميابي ماڻي ۽ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو چئمپين مقرر ٿيو. هن سفرنامي ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، هانگ ڪانگ ۽ جپان جي احوال سان گڏ ڪرڪيٽ جي دنيا جي مفيد معلومات آهي، گڏوگڏ مشهور رانديگرن جي سوانح ۽ سندن ڪاميابين جي ڄاڻ ڏنل آهي.
سفرنامن جا ليکڪ عموماً گھمڻ ڦرڻ جي مقصد لاءِ يا علاج معالجي لاءِ يا حڪومت طرفان ڪنهن مقرر مقصد يا ڪم لاءِ ويل آهن يا سرڪاري طور ڪنهن اسڪالرشپ ۽ علم لاءِ ويل آهن، پر اڄ تائين سنڌي ادب ۾ تعليم جي موضوع تي لکيل سفرنامن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي. ضرورت آهي ته ڪو نوجوان انهيءَ موضوع تي قلم کڻي ۽ ٻاهرين ملڪن جي اعلى تعليم جي ڄاڻ سنڌي نوجوانن کي ڏئي اهو ئي اسان جي ترقيءَ لاءِ اهم قدم آهي. جنهن جي سنڌين کي گھڻي ضرورت آهي، اهو هڪ قومي فرض آهي. مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اعلى ڊگرين ۽ نصابي ڪورسن جي ڄاڻ ئي اسان جي اڄ جي ضرورت آهي. پروفيسر غلام مصطفى جي ”سير ۽ سفر“ ۾ پاڻ ڪافي يونيورسٽين جي ڄاڻ ڏني اٿن، پر اڄ انهيءَ احوال کي اڌ صدي ٿي ويئي آهي، اهو احوال نئون شمار نه ٿيندو، بيشڪ انٽرنيٽ تي سڄي ڄاڻ موجود آهي ته به، ڪتابي صورت ۾ پڻ ضروري آهي.
پرڏيھ ۾ علم حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ استادن کي منهنجي گذارش آهي ته هو پنهنجي تعليمي سفر جو حال احوال ڏين تعليمي ادارن جي بنيادي ۽ ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ پنهنجي ذاتي تعليمي جدوجهد، سفرنامي جي شڪل ۾ لکي پڌري ڪن. جنهن مان ڪيترن نوجوان ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ اعلى تعليم حاصل ڪندڙ خواهشمند سنڌي شاگردن جو ڀلو ٿيندو. سفرنامي جا ليکڪ پرڏيھ ۾ ڪنهن به خوبيءَ کان متاثر ٿين ٿا ته کين اُتي پنهنجو ڏيھ ياد اچي ٿو ۽ هو اها ڀيٽ هڪدم بيان ڪن ٿا ۽ خاص طور يورپي عوام جي وقت جي قدر، سائنسي ترقي ۽ ايمانداريءَ کان گھڻو متاثر ٿين ٿا. پڙهندڙ به سٺي سفرنامي پڙهڻ کا پوءِ انهن ملڪن جي گھمڻ جو خواهشمند هوندو آهي ۽ جڏهن هو پاڻ کي انهيءَ عوام جي اڳيان سست، بي ايمان ۽ بداخلاق محسوس ڪندو تڏهن سندس دل ۾ احساسِ ڪمتريءَ جو احساس به ضرور جاڳندو (ڪجھ پاڪستانين جي اخلاقي ڪمزورين پاڪستان جو تاثر ٻين ملڪن ۾ خراب به ڪيو آهي). حالانڪ سڀ انسان هڪجهڙا نه آهن، پنج ئي اڱريون برابر نه آهن، سڀ سنڌي يا پاڪستان ٽوٽي، سست ۽ مجرمانه ذهنيت رکندڙ نه آهن، شخصي خامين کي قومن تي لوئڻ جي بدران اديب جو فرض آهي ته پڙهندڙ کي اعتماد ڏئي، اسان کي قوم جي خوبين کي به بلڪل بيان ڪرڻ کپي ۽ اها ڀيٽ به ڏيڻ گھرجي ڇوجو اڄ تقريباً هر گھر مان نوجوان ٻاهر پڙهڻ وڃن ٿا ۽ پڙهن پيا ۽ نوڪري ڪري ۽ ٻاهريان ڪمائي ڪيترو ٻاهريون ناڻو ملڪ ۾ موڪلين پيا، اهو سڀ اسان جي نوجوان نسل جي همت، محنت ۽ ڪاميابي آهي، جنهن تي اسان کي فخر هئڻ گھرجي. جنهن ۾ سنڌي نوجوانن جو تعداد سرس آهي. مجموعي طور سنڌي سفرنامانگارن مختلف ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، تهذيب ۽ تمدن کي ته بيان ڪيو آهي پر دنياوي سماجن ۾ آيل سياسي ۽ فڪري لاڙن کي، گھڻو ذڪر هيٺ نه آندو آهي، سندن نقطهءِ نظر هڪ سياح جي حيثيت سان آزاد آهي. هو بين الاقوامي مسئلن ۾ نه پاڻ ڦاسن ٿا نه ئي پڙهندڙ کي منجھائين ٿا. هو ڄاڻن ٿا ته سندن پڙهندڙ هڪ عالم ۽ محقق کان وٺي هڪ عام شخص پڻ آهي.

چند سفرنامن جو تنقيدي جائزو

---

سير ۽ سفر

پروفيسر غلام مصطفى شاھ جي خطن تي مشتمل سفرنامو آهي، جنهن ۾ سندس يورپ ۽ آمريڪا جي سفر جو احوال آهي. 19 جنوري کان 19 جولاءِ 1953ع تائين شاھ صاحب يورپ ۽ آمريڪا جي سترهن ملڪن جو سير ڪيو. جنهن جو احوال ”الوحيد“ اخبار جي 14 فيبروري کا 19 آگسٽ 1953ع جي روزاني اشاعت ۾ شايع ٿيندو رهيو. خطن تي آڌاريل ”سير ۽ سفر“ سنڌي ادب جي شروع جي سفرنامن ۾ شمار ٿئي ٿو. ٻه سئو سٺ صفحن جو هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پهريائين 1962ع ۾، ٻيو دفعو 1973ع ۾ ڇپيو، هن خطن واري سفرنامي جي ترتيب ۾ احسان بدوي مدد ڪئي. تعارف ۾ هن لکيو آهي ته، ”پروفيسر غلام مصطفى جا هي خط، سنڌي ادب ۾ سادگي ۽ سلاست جو سهڻو نمونو آهن. سندس تحرير ڄڻ لفظن ۽ جملن جو هڪ درياءُ آهي، جو ڇوليون هڻي رهيو آهي، هيءُ خط سنڌي نثر ۾ هڪ نمايان حيثيت رکن ٿا“.
سير ۽ سفر جو جائزو: ”سير ۽ سفر“ پروفيسر غلام مصطفى جي آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين جي دعوت تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃڻ جو احوال آهي، هن دنيا جي ڪافي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي استادن سان ملاقات ڪئي ۽ ڪيترين ئي يونيورسٽين کي ڏٺو، انهن جا درسي عمل جانچيا جنهن سان کيس اهم درسگاهن سا واقفيت ٿي. هن اهم ڪم لاءِ پاڪستان مان سنڌ جو هي مانائتو اسڪالر ۽ اديب چونڊيو ويو هو. کين پوريءَ دنيا جي اهم علمي ۽ ادبي مرڪزن مان دعوت هئي. سندن ليڪچرس جا موضوع ”اسلامي تاريخ“ ۽ تعليم سان لاڳاپيل هئا. جن يونيورسٽين ۾ شاھ صاحب ليڪچرس ڏنا يا جن ۾ سندن وڃڻ ٿيو انهن جا نالا هي آهن. آمريڪا جي ڪينٽڪي اسٽيٽ جي ڪينٽڪي يونيورسٽي، لوئيوائل جي قديم يونيورسٽي، مانٽريال جي مئڪگل، ڪئناڊا جي ”وينڊر بلٽ“ (خاص گورن جي“، ”فسڪ“ (خاص شيدين جي) ۽ ڪئنساس اسٽيٽ جي ”ڪئنساس يونيورسٽي“، آمريڪا جي ڪارنيل ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ ٻيون آهن. خاص طور ڪولمبيا جي هاسٽل جو ماحول کين گھڻو وڻيو، جيڪو سندس چواڻيءَ ته ڪنهن فائيواسٽار هوٽل جهڙو ماحول هو.
شاھ صاحب جي سفر جي شروعات 19 جنوريءَ تي بيروت وڃڻ سان ٿئي ٿي. جتان کان شام جي يونيورسٽيءَ ۾ پنج سئو عالمن، استادن ۽ سفيرن جي ميڙاڪي کي کين خطاب ڪرڻُو هو. تقرير جو موضوع هو ”اسان جون تعليمي ڪوششون“، جن ملڪن جو سفر ڪيائين، انهن ۾ آمريڪا جي مختلف اسٽيٽس سميت، لنڊن، ڊينمارڪ، فنلينڊ، فرانس، سئزرلينڊ، اٽلي، روم، پئرس، ڪئناڊا، هالينڊ، پرائمڊ جو مشهور ۽ تاريخي ملڪ مصر ۽ ٻيا ڪجھ ملڪ اچن ٿا. هن سفرنامي ۾ شاھ صاحب نه صرف تعليمي درسگاھن جو احوال ڏنو آهي بلڪه، ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافيائي حالتن سان گڏ رهواسين جي اصل نسل ۽ رهائش جو تفصيل پڻ آهي، آمريڪا جي تمدن کي مشيني تمدن سڏيو اٿن. آمريڪا جي تهذيب ۽ تمدن ۽ قوم جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”آمريڪي هشاش بشاش، خوش مزاج، غم کي ويجھو اچڻ ڪونه ڏيندا، سندن ٻار ۽ نوجوان امنگن ۽ جوش سان ٽمٽار زندگي گذارين ٿا. هتي جي قوم جي عروج جو راز ايمانداري، اخلاق ۽ محبت آهي“.
مذهب جي باري ۾ لکيو اٿن ته، ” آمريڪا ۾ مذهب هڪ رسم آهي، سندن زندگي بي روح آهي، آمريڪا هڪ متمول نوجوان ۽ ناخلف اولاد مثل آهي، ملڪيت ۽ دولت جي مستي ۽ نشو دماغ تي ڇانيل اٿس، هتي سائنسدان ۽ انجنيئر ته آهن پر مفڪرن جي شديد قلت آهي. هيءُ ڪم ڪندڙن جو ملڪ آهي، توهان کي ڪوبه عادتي بيڪار نه ملندو، هيءُ عملي انسان آهن، هتي جي ترقي ماڻهن جي جفاڪشي ۽ محنت ۽ اخلاص جو نتيجو آهي“ (صه، 38 ۽ 48).
آمريڪين جي فرض شناسيءَ ۽ ڪردار تي لکن ٿا ته، ”فرض جو تخيل هتي آسمان تائين پهچي وڃي ٿو، مگر عياشي ۽ بيهودگي تحت الثرى تائين پهتل آهي“.
فارغ وقت ۾ جيڪي تفريحي هنڌ گھميائون، انهن جي باري ۾ وڻندڙ احوال آهي، خاص طور مختلف هوٽلن ۽ ڪلبن سان گڏ ڊربيءَ جي ريس، چئري بلاسم جو فنڪشن، برطانيه جي راڻيءَ جي تاجپوشيءَ ۽ ايسٽر جي جشن جا احوال آهن.
آمريڪا ۾ تعليم جو ٻٽو معيار ڪارن ۽ گورن جي لاءِ فرق، هڪ حساس اُستاد جي دل کي نٿو سيبائي، شيدين جي زندگيءَ کي عام انسانن کان ڪريل ڏسي هن فرق تي کين گھڻو ڏک ٿئي ٿو. فطرت جي هن بي رحميءَ تي شاھ صاحب لکي ٿو ته، ”ڇا دنيا آهي؟ ڪٿي اوج، خوشي ۽ کل، ته ڪٿي غم، درد ۽ لڙڪ، خبر ناهي ته انسان کي انسان تي ڪڏهن رحم ايندو“ (صه، 38).
ڏيھ پرڏيھ جي ڀيٽ: آمريڪا جي تعليمي درسگاهن ڏسڻ مهل اُتان جي تعليمي ادارن جون بهترين حالتون شاھ صاحب کي جذباتي ڪري ٿيون ڇڏين ۽ کين سنڌ مسلم ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي دل تي تري ٿا اچن. سندن چوَڻ مطابق ٻاهرين ملڪن جي علمي درسگاهن جي ترقيءَ ۾ حڪومت ۽ عوام جي سياسي چونڊيل اڳواڻن سان گڏ قوم جا امير ۽ متمول شخص شامل آهن. جيڪي پنهنجن ملڪيتن کي، تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ ٻين فلاحي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. شاھ صاحب کي انهن وقف ٿيل ملڪيتن ۽ لکن ڊالرن جي چندن ڏيڻ جي ڳالھ ڏاڍو متاثر ڪيو (انهيءَ وقت ڊالر پاڪستاني ساڍن ٽن رپين جي برابر هو). انهيءَ امدا جي باري ۾ لکن ٿا ته، ”هتي قومي ملڪيتن، اسپتالن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ سمجھن ٿا. وقف ملڪيتون بلڪل خبرداريءَ ۽ خيال سان سنڀاليون وڃن ٿيون“. (صه، 25).
جڏهن ته اسان جا حڪمران، عوام ۽ حڪومت اهڙين ترقيءَ جي ڪوششن کان وانجھيل آهن، لکن ٿا، ”اسان وٽ سياست هڪ مرض آهي خاص طرح سنڌ جي سياست ته هڪ مهلڪ مرض آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ اڄ سنڌ جو بهترين طبقو ڪم ڪري رهيو آهي، علامه قاضي صاحب وٽ، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، قاضي نبي بخش، سيد جميل واسطي ۽ قاضي مرتضى ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ويچارا رات ڏينهن، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تدريسي حياتيءَ ۾ مصروف آهن. مگر سنڌ جي سردارن هنن کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي، سندن هن بي حسي ۽ لا اُباليءَ اسان کي وڏو نقصان رسايو آهي، سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي بي حس بزرگن جي سستيءَ جو شڪار آهي“.
لکيو اٿن ته، ”آمريڪا جي تعليمي ترقي انهيءَ ڪري آهي جو تعليم معياري استادن جي حوالي آهي. هتي مون هزارين بيوقوف سياستدان ڏٺا مگر استاد ۽ عالم مجھول نه ڏٺم“ (صه، 127)
ليکڪ سنڌ جي آسودي طبقي کي گذارش ڪئي آهي ته، خدارا ٻاهرين ملڪن مان هي اهم خوبيون سکو. سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سفرناما لکيا ويا آهن پر هيءُ سفرنامو تعليمي معيار ۽ علمي درسگاھن جي ڄاڻ ڏيندڙ دنيا جي مشهور ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ماحول سان متعارف ڪرائي ٿو. پنجاھ سال اڳ جو لکيل هيءُ احوال دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي، هن دؤر ۾ اڃان به وڌيڪ جديد معلومات جي ضرورت آهي، سنڌي ادب ۾ هن وقت اهڙن سفرنامن جي گھڻي ضرورت آهي، جيڪي پرڏيهي معيار جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي تعليمي معيار، خرچ ۽ داخلا جي اصولن جي ڄاڻ ڏين. جنهن سان نئين نسل جي سنڌي نوجوانن کي سهوليت ٿئي. هن ڪتاب جي ٻولي آسان آهي. پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين جو ضرورت مطابق مناسب استعمال آهي، مثلاً؛ ”مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“، ”ٽڪو ڏٺو ٻرو ڇنو“، ”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو“، ”مروان موت ملوڪان شڪار“، ”مٿو ڪوڙائڻ“، ”توڪل جي ترهي کي نه ڇڏڻ“ ۽ ٻيا آهن. آخر ۾ هڪ بهترين تعليمي مضمون جو ترجمو آهي. جيڪو آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي ستٽيهن يونيورسٽين جي ايسوسيئشن جي مدد سان اُتي شايع ٿيو. جنهن جو موضوع آهي ”يونيورسٽيون ۽ ان جي اساتذه جا حقوق ۽ جوابداريون“ هيءُ مضمون پڙهڻ وٽان آهي، جنهن جي اصولن کي جيڪڏهن معيار بنايو وڃي ته هر يونيورسٽيءَ جو معيار اعلى درجي جو ٿي سگهي ٿو. جيئن ته هيءُ سفرنامو ”الوحيد“ اخبار ۾ ڇپيل خطن مان ترتيب ڏنل آهي، خطن جي ڪري انيڪ هنڌن تي شاھ صاحب اهو لکيو آهي ته فلاڻو يا الاڻو احوال ٻئي دفعي ڏيندس يا ايندڙ خط ۾ لکندس، انهيءَ سان پڙهندڙ جو هڪ پَلَ لاءِ پڙهڻ جو ربط ٽٽي وڃي ٿو (پر کيس خبر ته هجي ٿي، هي سفرنامو خطن تي مبني آهي ۽ هو اڳيان وڌندو وڃي ٿو).
هن سفرنامي مان ڪيترن ئي ملڪن جي سماجي، اقتصادي ۽ تاريخي ڄاڻ ملي ٿي. موضوع جي لحاظ کان هيءُ هڪ علمي سفرنامو آهي. سفر ڪرڻ جي باري ۾ سيد غلام مصطفى شاھ لکيو آهي ته، ”سفر ڪرڻ ۾ وڏو سبق آهي“، ”آئون پهريون اوسط درجي جو سنڌي آهيان جو هيءَ خوشقسمتي نصيب ٿي اٿم، سفر به عجيب تعليم آهي، جن کي پئسو آهي. خدا شل تن کي علم ۽ تعليم جي صلاحيت ڏئي. هي موقعو هڪ ويچاري ماستر ۽ استاد جي زندگيءَ ۾ خوشيءَ جو سبب آهي. هن موقعي کي شخصي، قومي، ملڪي ۽ اقتصادي نظر کان به وڃائڻ نه گھريم“.
سير ۽ سفر جي باري ۾ رايا: سيد غلام مصطفى شاھ جو ”سير ۽ سفر“ لاثاني ڪتاب آهي، (صه 26، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا).
مشهور تعليمي ماهر پروفيسر سيد غلام مصطفى شاھ جو سفرنامو ”سير ۽ سفر“ جي نالي سان 1962ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ خاص طور آمريڪا جي تعليمي نظام ۽ پنهنجي دؤري جو احوال دلچسپ انداز ۾ ڏنل آهي (صه، 175، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو).

”سفر يورپ جي ڊائري“،

قاضي عبادلمجيد عابد جو خطن تي ترتيب ٿيل سفرنامو 408 صفحن جو آهي. اهي خط قاضي صاحب ”عبرت“ اخبار جي ايڊيٽر شيخ علي محمد کي يورپ مان وقت به وقت لکيا. جنهن جو ڪتابي صورت ۾ پهريون ايڊيشن 1960ع ۾ ”عبرت“ وارن، ٻيو ايڊيشن نيوفيلڊس پبليڪيشن جي فيروز ميمڻ، سنڌي ادب جي سفرنامي جي صنف جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ڇپايو. قاضي صاحب پنهنجي گھر واريءَ جي ڪينسر جي علاج جي سلسلي ۾ يورپ ويو جتان سندس لکيل خطن ۾ پنهنجي ذاتي احوال سان گڏ، مختلف مشهور اسپتالن جي باري ۾ ڄاڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ جو احوال ڏنو آهي، هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو شمار ٿئي ٿو.
سفرنامي جو جائزو: غلام محمد گرامي تعارف ۾ لکيو آهي ته؛ ”عابد صاحب پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل تمام رنگين ۽ دلڪش نثر لکي آهي. اڄڪلھ سهل ممتنع نثر ۽ مسجع نثر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اديب ئي لکي سگهي ٿو. سندن تحرير رنگين ۽ ساده آهي“. ڪتاب ۾ ڪل چاليھ باب آهن، جنهن جي شروعات ڪراچيءَ کان لنڊن روانگيءَ سان ٿئي ٿي ۽ پڇاڙي ڪراچيءَ کان حيدرآباد پهچي عيد ڪرڻ تي ٿئي ٿي. جيئن ته قاضي صاحب هيءُ سفر 1960ع ۾ ڪيو هو، انهيءَ وقت جهاز ڪيترن ملڪن، مثلاً بغداد، دمشق، روم، جنيوا، وغيره مان ٿيندو پوءِ لنڊن پهچندو هو، اهو هڪ ڊگھو هوائي سفر هو. انهيءَ وقت لنڊن جو نئون جديد سهوليتن وارو ايئرپورٽ ٺهي رهيو هو.
هن سفرنامي ۾ ”هارلي اسٽريٽ“، (مشهور ۽ معروف ڊاڪٽرن جو علائقو) جو معلوماتي احوال تمام فائديمند ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. علاج کان سواءِ فارغ وقت ۾ پاڻ سٺي نموني سان يورپ کي گھميائين ۽ ڪيترن هنڌن جو تفصيل ڏنو اٿن. جن ۾ پڪاڊلي سرڪس، ٽرئفلگر اسڪوائر، لنڊن ميوزم، ٽاور آف لنڊن، ميڻ جي مجمسمن جو ميوزم، شاهي خاندان جون مشهور عمارتون، ويسٽ منسٽر هال، ويسٽ منسٽرابي، 10 ڊائوننگ اسٽريٽ، ونڊسرڪئسل (شاهي خاندان جي گھمڻ جي جڳھ جتي هو موڪلون گذاريندا آهن) ۽ ٻيا هنڌ اچي وڃن ٿا. قاضي صاحب ٻنيون ٻارا رکندي، مضافات سان گھڻي دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. انهيءَ ڪري مختلف باغ، ڪيو گارڊن، هائيڊ پارڪ ۽ رچمنڊ پارڪ کان علاوه منسٽر آن سي Minister on Sea يا شيپي ٻيٽ جي سرسبز علائقن سندن دل کي گھڻي خوشي ڏني ۽ انهن جو ذڪر ڪيو اٿن. برطانيه جي مشهور يونيورسٽين ”سينٽ اينڊ ريوز“، گلاسڪو، ”برشٽل“، ”ايڊنبرو“، ”هئيرو“ ۽ ”ڪئمبرج“ جو احوال پڻ آهي. ”هئرو“ يونيورسٽيءَ ۾ شاهي خاندان ۽ تمام امير طبقو تعليم حاصل ڪري ٿو. پرنس آغا ڪريم جي تعليم به هئرو يونيورسٽي جي آهي. فرانس جي احوال ۾ بيٽرسي پارڪ، ايفل ٽاور، نيپولين جي مزار، سئزرلينڊ ۽ جنيوا ۾ اقوام متحده جي عمارت، مانٽرو ۽ ان جو ميوزم، زرمٿ جي بلند برفاني چوٽي، هني مون آئي لينڊس، دواسازيءَ جي ڪارخانن کان مشهور شهر ”برن“ ۽ ٻيو احوال آهي. قاضي صاحب نه صرف يورپ گھميو ۽ ان جو مشاهدو ڪيو، پر هڪ اديب ۽ صحافيءَ جي حيثيت سان سندس بياني انداز وڻندڙ آهي.
برطانيه جي حڪومت جي تاريخي، سماجي ۽ اقتصادي ڄاڻ سان گڏ، اتي جي رهاڪن جون ڪرداري خوبيون ۽ خاميون ذڪر ڪري برطانوي تهذيب ۽ تمدن کي کولي بيان ڪيو اٿن. لنڊن جي هوائي اڏي جي انتظام جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته: اڃان هوائي اڏي مان قدم ٻاهر نه ڪڍيو هئائون، جو کين هڪ ليڊي آفيسر لفافو ڏنو. جنهن ۾ نياپو لکيل هو، ته ڊاڪٽر عبدالمجيد عباسي ٻاهر Reception ۾ توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي، هڪ نئين ملڪ ۾ نووارد کي اهڙو پيغام انتهائي تسلي پهچائي ٿو. ملڪ جي ٽيڪس جي انتظام کي واکاڻيندي لکن ٿا ته: ”يونائيٽڊ ڪنگڊم آف گريٽ بريٽن (U.K) جي ويلفئير اسٽيٽ نه صرف هر بي روزگار جي پرگهور لهي ٿي، پر اسٽيٽ. روزگار به مهيا ڪري ڏئي ٿي ۽ عمر رسيده اشخاص جي ۽ ٻارن جي کاڌي ۽ اسڪولن جي خرچ جي جوبداري به نڀائي ٿي. صرف عوام جي ايمانداريءَ سان ادا ڪيل ٽئڪسن جي ڪري اهي ملڪ ترقي به ڪن ٿا ته سندن عوام پڻ خوشحال زندگي گذاري ٿي“.
قاضي صاحب جن ”ڪريون اي“ سگريٽ جي ڪارخاني گهمڻ لاءِ جڏهن کين خط لکيو، ته انهن کين وٺي ڪارخانو گهمايو، ۽ گفٽ ڏيئي ريمارڪ لکڻ لاءِ چيو ۽ فوٽو گرافي ڪري مئگزين ۾ ڇپائڻ لاءِ موڪلي ڏني. قاضي صاحب موجب هو ڪاروباري ذهينت رکندڙ، پنهنجي ساک جي پبلسٽي ڪندڙ ۽ محتمل مزاج آهن. جن کين هڪ ڪوٽ ٽي دفعا مٽائي ڏٺو. گراهڪ کي مطمئن ڪندڙ آهن. هتي جي رهاڪن جي خوبين سان گڏ خامين کي ذڪر ڪندي، کين سندن زندگي گهڻي مشيني تمدن جي لڳي ٿي. نوجوان مائٽن مان بيزار آهن. نوجوان نسل نشي ڏانهن راغب ۽ بي راه رويءَ ڏي مڙيل آهي.

ڪتاب جي علمي ۽ ادبي حيثيت: هن سفرنامي ۾ گرامي صاحب چواڻيءَ ته، ”سجيل جڙيل نثر آهي. ”باقي باوجود يورپ جي رنگين ۽ دلچسپ احوال جي ڪيڏيءَ مهل ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ڪو درسي ڪتاب پڙهي رهيا آهيون. ڪٿي ڪٿي قاضي صاحب نيٺ سنڌي محاورا ۽ مشابهت وارا جملا استعمال ڪيا آهن. جيئن الجيريا جي اختلافن سبب پيرس جي ويزا ملڻ ۾ کين ڏکيائي پيش آئي ته هڪدم چئي ڏنائون. ”ڪيڏانهن اسين سهي جي کل، ڪيڏانهن انقلابي تحريڪون، ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار“ يا ”سڌڙيا شراب جو پچارون ڪوه ڪن“. لنڊن جي پرسڪون ۽ پئرس جي عيش و طرب ۽ هنگامن واري شهر جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي لکن ٿا: ”پئرس ۽ لنڊن ۾ ايترو فرق آهي، جيترو هڪ نائيٽ ڪلب ۽ ڏيئلداس ڪلب ۾“. يا پئرس جي بهترين ڊبل روٽي کين بامبي بيڪريءَ جي ياد ٿي ڏياري. علمي ۽ ادبي لحاظ کان هن ڪتاب جي هڪ اهم حيثيت آهي منجهس يورپ جي باري ۾ سٺي ۽ وسيع ڄاڻ ڏنل آهي، هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي ته، ”سفر يورپ جي ڊائري بهترين باقائده سفر نامو آهي. سفر يورپ جي ڊائري 1960 ۾ شايع ڪئي وئي جنهن ۾ سندن لنڊن ۽ يورپ جي سير جو بيان ڪيل آهي. سنڌيءَ ۾ اهو پهريون سفرنامو آهي. جنهن پڙهندڙن ۾ غير ملڪ جي احوال پڙهڻ جو شوق جاڳايو ۽ ڪتاب کي سٺي مقبوليت ملي“. (صه 175، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“)

اندر جنين اُڃ

ساڄڻ ڪارڻ سُڃ، مر قبولي سسئي،
اندر جنين اُڃ، پاڻي اڃيو ان کي.
(سُر سسئي 4_2)
اندر جنين اُڃ، شاھ ڀٽائيءَ جي بيت جي سٽ مان چونڊيل عنوان تي سفرنامو، ماهتاب محبوب جو آهي. هيءُ مختصر 152 صفحن جو سفرنامو 1981ع جي جنوريءَ ۾ پهرين ڇپيو ۽ هيستائين هن ڪتاب جا چار ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، نيوفيلڊس پبليڪيشن جي اشاعتي سلسلي جو هيءُ 195 نمبر ڪتاب آهي.
”اندر جنين اُڃ“ ليکڪا جي هندوستان ۾، مشهور اديبن ۽ محققن جي ميڙي ۾ مليل مان ۽ پيار جي ذڪر سان گڏ، بمبئيءَ جي گھمڻ جو بيان آهي. سفرنامي کان وڌيڪ هيءُ هندوستان جي سنڌين جي سنڌ لاءِ سڪ جي داستان آهي. انهيءَ سڪ جو ذڪر پنهنجي مضمون ”سڪ جا ڇانورا“ ۾ ليکڪا هن ريت ڪيو آهي، ”انڊيا پهچڻ سان ايئن لڳو هئم، ڄڻ چوڌاري سڪ جي ساگر ٿي ڇوليون هنيون، مان هند ڇا ويس، هنن لاءِ ڄڻ سنڌ هلي آئي. جڏهن ويهن ڏينهن کان پوءِ اُتان موٽي بنا ڪنهن پلاننگ جي ”اندر جنين اُڃ“ جي سري هيٺ سندن ڏنل سڪ کي لفظن ۾ سموئڻ ويٺي هئس، تڏهن خبر نه هئي ته اهي لفظ ڪتابي صورت اختيار ڪري وٺندا“. مارشلائي دؤر ۾ هندوستان جي سفر جي، هن سفرنامي جو مهورت، هوٽل فٽاز ۾ شاندار نموني ٿيو. ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا جو چيئرمن ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين تقريب جا مهمان هئا. سفرنامي ”اندر جنين اُڃ“ جو انتساب ماسٽر چندر ۽ هندوستان جي سنڌي اديبن ۽ سڄڻن جي نالي آهي.
”اندر جنين اُڃ“ سفرنامي جو جائزو: ماهتاب محبوب گلوڪار ۽ سنگيت ڪار ماسٽر چندر جي قرب ڀريءَ ڪوٺ تي بمبئي گھمڻ وئي ۽ صرف اڌ مهيني ۾ صدين جي اُڪير ۽ سڪ ساڻ کڻي آئي، سندن وڏي آڌر ڀاءُ ٿي، اعزاز ۾ سنگيت جون، رنگ ڀريون رهاڻيون ٿيون ۽ ادبي محفلن جا مانڊاڻ مچايا ويا، انهن يادن ۽ سرهاڻين سان ”اندر جنين اُڃ“ ۽ ”سرهي سرهي سار“ سينگاريائين، ٻئي سفرناما هندي اديبن ۽ شاعرن جي سنڌ ڌرتيءَ لاءِ دِلي مڃتا آهن.
”اندر جنين اُڃ“، هندوستان جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. دادا ماسٽر چندر جي سنگيت ڪار ۽ ڪلاڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ الڳ ادبي حيثيت آهي، شاعر هئڻ جي حيثيت سان سندن ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، هن حساس فن ڪار ۽ شاعر کي سنڌ ۽ هند ۾ وڏو مرتبو حاصل آهي، جنهن جو ذڪر ماهتاب محبوب سندن سوانحي مضمون ”اسين مهمان دم پل جا“ ۾ ڪري چڪي آهي، پر هن سفرنامي ۾ هن بمبئي ۾ وڃڻ ۽ سندن گھر رهڻ ۽ گھر ڀاتين دادي هيتي (ماسٽر چندر جي گھرواري) پٽن مهيش چندر، هري چندر، گوپ ۽ ڌيئرن، نهرن ۽ پوٽن پوٽين سان گڏ گھاريل نه وسرندڙ گھڙيون بيان ڪيون آهن. بمبئي اڪيلو سفر لاءِ اسهڻ ۽ پنهنجي وَرَ محبوب صاحب، ٻارن ۽ تاج جويو جي ايئرپورٽ تان خدا حافظ ڪرڻ کان وٺي، وري واپسيءَ ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي رسيوَ ڪرڻ تائين جي سڄي داستان، سليس ۽ سادي رنگ ۾ بيان ڪيل آهي. جنهن کي موهن ڪلپنا ”رپورٽيج“ جو نالو ڏنو آهي. (مون کي فخر آهي ته هندوستان جي سنڌي ادب جي پهرين رپورٽيج ”اڃان رات باقي آهي“ مون لکي ۽ پاڪستان جي سنڌي ادب جي پهرين ”رپورٽيج“ ”اندر جنين اُڃ“ ماهتاب محبوب لکي).
سفرنامي کي سونهن ڏيڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ مختلف هنڌن تي اديبن سان ڪڍايل فوٽوز به شامل آهن. هيءُ هڪ مختصر سفر جو مختصر سفرنامو آهي، جيڪو هندوستان جي هڪ ئي شهر بمبئي جو بيان آهي، هندوستان جي تقريباً سڀني سنڌي اخبارن ۾ ماهتاب جي مان ۾ ٿيل گڏجاڻين جي ڪوريج آئي. ريڊيو آڪاش واڻيءَ تان سندن انٽرويو رڪارڊ ڪيو ويو. جيڪو ”سنڌي زبان ۽ سنڌي غزل“ تي مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ، ڊاڪٽر ”ارجن شاد“ ورتو. سندس ملاقاتن ۽ مانَ ۾ ٿيل مهمانين ۾ اُتم ۽ سندري اُتم چنداڻي ۽ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي (سنڌي لوڪ ادب تي ڊاڪٽريٽ ڪيل محقق) هري موٽواڻي، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ جون مهمانيون خاص قابل ذڪر آهن، جتي سندن آڌر ڀاءُ لاءِ روزانو ”هندوستان“، ”هند واسي“، ”ڪهاڻي“، ”نئين دنيا“ ۽ ”ڪونج“ جي بانيڪارن کان سواءِ ڪيترن ئي ترقي پسند اديبن شرڪت ڪئي. کانئن، سنڌ ۽ سنڌ واسين بابت سوال پڇيا، خاص طور شيخ اياز جي باري ۾ ۽ سنڌي ادب جي اوسر جي باري ۾ پڇيو ويو. نسيم کرل جي اوچتي قتل جي باري ۾ ڏک جو اظهار ڪيو ويو. جن ليکڪن شرڪت ڪئي انهن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، جڳت آڏواڻي، ڪرشن راهي، اشوڪ ڪشوراڻي، هري تلواڻي (هندي ليکڪن جي ڊائريڪٽريءَ جو مرتب)، هري موٽواڻي (شير ادب)، موهن ڪلپنا ۽ ٻيا شامل هئا. گوبند جي گھر دعوت تي وڃڻ ۽ پاٽڪر هال جي ذڪر سان گڏ ”هري ڪرشنا هري راما“ مندر گھمڻ جو احوال پڻ دلپذير ڏنل آهي. هيءُ مندر آمريڪين جي سهڪار سان ٺهيل ۽ بي انتها خوبصورت آهي خاص طور مندر جي بانيءَ جو مجسمو ڪمال ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهي.
”پاٽڪر هال“ ۾ رام پنجواڻي جي سنڌي ڊرامي ”پلئه پلي“ کي اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ۽ پرميلا پبليڪيشن الهاس نگر، جي طرفان هري تلواڻيءَ جي ساهته ڪلا جي ڊائريڪٽريءَ جو مهورت ڪيو ويو. هن ميڙاڪي ۾ به کين ڪيترائي ليکڪ مليا جن سان ادبي ڪچهري ٿي، جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڀائيٽو گوپال گربخشاڻي، گنوسامتاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، سشيلا لالواڻي، سندري، اُتم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شخصيتون شامل هيون ”سيتا سنڌو ڀون“ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جو مرڪز، جتي ليکڪا جي مرحبا ۾ رام پنجواڻيءَ ۽ موهن ڪلپنا جن خاص ميڙاڪو سڏايو، هن سنڌي سڄڻن جي ميڙ کي رام پنجواڻي پنهنجي آڌر ڀائي گيت، ”وڇڙيا محب ملن، جيءُ جياريو جن“ سان مانائيتو ڪيو ۽ سنڌي اردو شعرن ۽ دلچسپ واقعن سان سجايل الوداعي تقرير ڪئي ۽ موهن ڪلپنا به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. انهن ادبي گڏجاڻين کان سواءِ ماهتاب صاحبه هن سفرنامي ۾ هندوستان جي فلم انڊسٽريءَ جو ذڪر ڪيو آهي، هن فلمي اسٽوڊيوز جيئن ”ناگي اسٽوڊيوز“ ۽ فلم سٽي ۽ ٻيا گھميا. ڪجھ فلمون پڻ سئنيما هائوس ۾ ڏٺيون، گڏوگڏ بمبئي شاپنگ سينٽرز ۽ ريسٽورنٽس جو به ذڪر شامل آهي پرنس آف ويلس ميوزم، گيٽ وي آف انڊيا، ”ڪنهري ڪيوز“ گوتم ٻڌ جي مورتين وارا غار، آبزرويشن پوائنٽ ۽ ڪجھ ٻيا هنڌ آهن جي تفصيل سان ڏنل ڪونهي.
ليکڪا جي راءِ مطابق: بمبئي ۾ باندرا جو علائقو، وڏن ماڻهن ۽ اداڪارن جي رهڻ جو هنڌ ۽ مهانگو علائقو آهي. بمبئي جتي مشهور فلم نگري ڊالرن ۾ پئي راند ڪري ان شهر ۾ به اهڙي ”واه غريبي“ آهي جو ماڻهو نيون ڪارون نٿا رکن، ٽئڪسي ۾ سفر ڪرڻ مهانگو تصور ڪيو وڃي ٿو، بسن جو استعمال وڌيڪ آهي. انهيءَ ڪري ملڪ معاشي طور مضبوط آهي، هتان جا ماڻهو پئسي جو استعمال سوچي سمجهي ڪن ٿا، گھڻا غريب نه آهن پر ڪفايت شعار آهن. گھرن جو ڪم به پاڻ ڪرڻ ۾ فخر ٿا سمجھن، فليٽن سان جھنجھيل ۽ آبهوا واري شهر بمبئيءَ ۾ ڪا گھڻي صفائي به ڪانهي، جيئن هي هندوستان جو اهم ترين شهر آهي. باقي هتي جي سنڌي اديبن جي ايڪي کين گھڻو متاثر ڪيو ۽ هڪ اهم ڳالھ ڏي ڌيان ڇڪرايو اٿس ته هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل کين مايوس ڪُن لڳو. سندن چوَڻ مطابق ته، ”هندوستان جي تعليم معياري ۽ ٻارن ۾ انگريزيءَ جو رجحان گھڻو آهي. گھرن ۾ هندي ڳالهائي ٿي وڃي، ان ڪري ٻارن جي سنڌيءَ سان شناسائي البت گھٽ آهي. هتي سنڌين جو تعداد لڳ ڀڳ پنجويھ لک آهي، جيڪي مهاراشٽرا، گجرات، راجسٿان، اُترپرديش، مڌيه پرديش، دهلي ۽ ڀارت جي ٻين صوبن ۾ رهن ٿا. هنن باهمت ۽ محنت ڪش سنڌين خود کي مالي طور مضبوط ڪيو آهي خاص طور سياست، قانون، سائنسي تعليم، صحافت، ادب، آرٽ ۽ تعميراتي فن ۾ سنڌين وڏو نالو ڪڍيو آهي پر ان جي باوجود سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي ڪا باقائده حيثيت مليل ناهي ۽ نه ئي ڪا سنڌي پبلڪ لائبريري آهي، نوان ليکڪ به گھٽ اسري رهيا آهن باقي اسان جا اديب سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن ۽ کين سنڌي ٻوليءَ سان نه فقط پيار پر عقيدت آهي“. هند جي سنڌين جي سڪ جو ذڪر اثرانگيز آهي. جڏهن هو شڪارپور، حيدرآبا، نوابشاھ، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جي هنڌن، گلين ۽ گسن جي ذڪر کي ورجائين ٿا، تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته، واقعي ڇا ته ساڻيھ جي سڪ جو جذبو آهي؟ جڏهن اسي سالن جو ديوان جڙيو مل اديءَ ماهتاب جي هٿن کي سنڌ سمجھي عقيدت سان اکين تي رکڻ ٿو چاهي تڏهن پڙهندڙ بي حد جذباتي ٿي ٿو وڃي. لکيو اٿن ته؛ ”مون خاموشيءَ سان پنهنجا هٿ هن ڏي وڌايا جن کي چمي، پنهنجي اکين تي رکي هو روئي پيو ۽ پُسيل پلڪون رومال سان اگھندي، ڏڪندڙ چپن سان ڪمري کان ٻاهر هليو ويو“.

ادبي ۽ علمي اهميت:
هيءُ مختصر سفرنامو عام فهم ٻوليءَ ۽ دلچسپ رپورٽيج جي ڪري وڻندڙ آهي. آسان جملن ۾ هندي، عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزي لفظن جو غير ضروري استعمال ڪونهي. هندي لفظ اهي استعمال ٿيل آهن جيڪي عام سمجھ ۾ ايندڙ آهن جيئن شش، چرن، آشيرواد ۽ چند ٻيا. ٻوليءَ جي لحاظ کان، موقعي مهل مطابق پهاڪا ۽ چوڻيون آيل آهن، جيئن ”وايون ولهڙيون هجڻ“، ”هٽيءَ مان هٽ ڪرڻ“، ”ڀل ڀلان جو ڇيھ ڪونهي“، ”هام هڻڻ“، ”ڀلي آئين جيءُ آئين نچ آئين“، ”ويل ويئي ته مهل ويئي“، ”پنهنجون کنڀڙاٽيون کوهرائڻ“ ۽ ٻيا.
سفرنامي جي صنف جي حيثيت سان جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ گهمڻ جي هنڌن جو بيان وڌيڪ هجي ها ته بهتر هو جيئن بمبئيءَ جو محل وقوع، هندستان ۾ بمبئي شهر جي اهميت، عوام جو سوشل اسٽيٽس، ايڪانامي وغيره بيان ڪرڻ سان ٻين سفر ڪندڙن لاءِ آساني ٿيندي آهي، هيءُ ادبي شخصيتن سان گڏجاڻين جو احوال آهي. عام طور پڙهندڙ سٺن سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ پاڻ به، چاهيندو آهي ته مان جيڪر هي ملڪ پنهنجي اکين سان ڏسي اچان، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سفرنامو لکندڙ ڪجهه اهم ڳالهيون به نظر ۾ رکي. جيڪي سفر جي خواهش رکندڙ پڙهندڙ لاءِ فائديمند ٿين. مثلاً انهي ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، آبهوا، عوام جو تعليمي معيار، گهمڻ ڦرڻ جا تاريخي هنڌ، لائبريريون، هل اسٽيشنس، آبشار، ميوزم، مسجدون مطلب ته خاص هنڌن سان گڏ اهم ڳالهه پنهنجي ملڪ جي ڪرنسي ۽ انهيءَ ملڪ جي ڪرنسي جي فرق کي به بيان ڪرڻ کپي، سٺين ۽ سستين هوٽلن ۽ شاپنگ سينٽرز ۽ مشهور تعليمي ادارن جي ڄاڻ ۽ ٻيون به ڪافي اهم ڳالهيون اچي وڃن ٿيون. جيڪي ليکڪ کي نظر ۾ رکڻ کپن.
موهن ڪلپنا چواڻيءَ مطابق هيءُ سفرنامو بهترين ”رپورٽيج“ جي حيثيت رکي ٿو. ”اردو ادب کي مختصر تاريخ“ ۾ ڊاڪٽر انور سديد لکيو آهي، ته ادب ۾ رپورٽيج نموني جي لکت کي هڪ الڳ نثري صنف تسليم ڪيو ويو آهي. ”Reporting يعني ”رپورتاز“ کو دوسری جنگ عظیم کے دؤران ایک نئی صنف نثر کے طور پر اردو میں متعارف کرایا گیا تھا، اور چند اعلی درجے کے ادیبوں نے اپنی عمدہ تخلیق کاری سے اسے اپنی پائوں جمانے میں مدد دی"۔
هن سفرنامي کي رپورٽيج جو عنوان ڏيون يا سفرنامو سڏيون، مجموعي طور هند جي سنڌين جي سنڌ لاءِ سڪ جي داستان آهي، جنهن کي ماهتاب محبوب خوبصورت طريقي سان بيان ڪيو آهي.

ڏوري ڏوري ڏيهه:

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو يورپ جي سفر تي آڌاريل سفر نامو آهي.
ماءُ کاهوڙي آئيا، ڏوري ڏوري ڏيهه،
مين پيرين کيهه، ڪهه ڄاڻان ڪنهن پار جي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مٿئين بيت جي سٽ مان ورتل عنوان “ڏوري ڏوري ڏيهه” سان منسوب، سفرنامو پهريون دفعو جون 1984ع ۾ سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ وارن ڇپايو. هن سفرنامي جو انتساب، ”لڪي ۽ ڪيس دي گروٽ“ جي نالي آهي. هڪ سئو اٺهٺ صفحن ۽ ٽيهن بابن جو هيءُ ڪتاب يورپ جي مشهور هنڌن، اٿينس، روم، اٽلي، پئرس، هالينڊ ۽ لنڊن جي نه رڳو سئر ڪرائي ٿو، بلڪه بهترين معلومات به عطا ڪري ٿو. طارق اشرف لکي ٿو ته، “الطاف شيخ کان اڳ ڪريم ڏنو راڄپر، قاضي عابد ۽ پوءِ ماهتاب محبوب، فهميده حسين، سليم قريشي، عمر قاضي، محمد خان سيال ۽ عبدالحئي پليجو سفر ناما لکيا. سفر نامو ڇا آهي؟ ۽ ڪيئن لکجي؟ اها خبر تنوير جي سفرنامي کي پڙهڻ کان پوءِ پوي ٿي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفر نامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي، هن سفرنامي جي ٻولي خاص طور (ڪئپري ٻيٽ) نثر ۾ ڪيل شاعري آهي، تنوير جو مطالعو، ۽ مشاهدو مضبوط آهي، جنهن جو پورو پورو ثبوت، سندس سفرنامي ۾ ملي ٿو. ڪاش تنوير يورپ ۾ وڌيڪ وقت رهي ها. پئرس ۽ اٿينس جو ذڪر وڌيڪ ڪري ها“.
سفر نامي جو جائزو: هن کان اڳ يورپ جي سفر تي قاضي عبدالمجيد عابد سفر نامو لکيو. پر جيئن ته هر ليکڪ جو پنهنجو پنهنجو الڳ انداز هوندو آهي، غلام نبي مغل چواڻيءَ ته: ”جڏهن حئي پليجو جو سفرنامو پڙهيم ته سوچيم، سفرناما پڙهڻ گهرجن، ڇو ته هر ڪنهن جو سفر پنهنجو، هر ڪنهن جي نگاهه الڳ، جن ڳالهين جو ذڪر الطاف شيخ لڪايو ڇڏي، حئي پليجو ٻڌايو ڇڏي“. يورپ جي سفر تي سنڌي ادب ۾ هاڻي ڪافي سفرناما اچي ويا آهن. ڊاڪٽر تنوير باقائده پلاننگ سان نقشن جي آڌار تي ۽ پهرين معلومات حاصل ڪري، پوءِ پنهنجي فئمليءَ سان يورپ جي گهمڻ تي نڪتو سندس سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ، ڊاڪٽر قمر (ڊاڪٽر صاحب جي گهر واري) ۽ پٽ سرمد، ڌيئرن پارس ۽ مارئيءَ جن سان ايترو ته قريب ٿي ٿو وڃي جو ڄڻ ائين ٿو لڳي ته ڊاڪٽر تنوير جو ڪُٽنب پڻ ڪتاب جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهي.
هن سفر جي شروعات ايئرفرانس جي جهاز ذريعي 13 جون 1979ع جي اڏام کان ٿئي ٿي، اٿينس کان ڊاڪٽر صاحب جن جهاز مٽائي روم جي تاريخي ملڪ مان گهمندا اٽليءَ جي حسين ساحلي شهر، نيپلس ۽ ڪئپري ٻيٽ تي پهچن ٿا. سفرنامي ۾ ڪئپريءَ جي تاريخ ۽ جاگرافي سان گڏ هن ٻيٽ جي خوبصورتيءَ کي دلپذير نموني سان بيان ڪيو ويو آهي. سرسبز ۽ گلن سان سينگاريل ٽڪريءَ جي حسن ليکڪ کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو چوي ٿو ته: “جنهن جو موت کان پوءِ حياتيءَ ۾ يقين هجي ۽ قيامت تي اعتبار هجي ته پاڻ کي اتي دفن ڪرڻ جي وصيت ڪري.” (ص25)
ڪئپريءَ کان پوءِ اٽليءَ جي ٻين هنڌن جيئن سورئينواپٻيٽ، مشهور تاريخي شهر پامپا ۽ نواردات جي دڪانن ۽ روم جي نائيٽ ڪلبن جو احوال ڏنل آهي، ڊاڪٽر عباسيءَ نه رڳو ملڪ گهميا آهن بلڪه انهن جو اونهو جائزو ورتو آهي. سندس چوڻ مطابق، ”هر هڪ ملڪ جي ڪلچر کي سمجهڻ لاءِ، اتان جي کاڌي، لباس، موسيقي، مصوري ۽ ادب جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي، رڳو ان ملڪ کي ڏسڻ ئي سڀ ڪجهه نه آهي“. (صه، 35)
ڊاڪٽر تنوير جي تاريخ، ثقافت ۽ پرڏيهي ادب جي ڄاڻ جي ڪري سفرنامو مڪمل طرح معلومات جو خزانو لڳي ٿو. ليکڪ نقشن ۽ گائيڊن سان گڏوگڏ پاڻ به هر وقت نوٽ بڪ تي، اهم پوائنٽس درج ڪيا آهن. جنهن سان انهيءَ مقام جي مڪمل بيڪ گرائونڊ جي ڄاڻ ملي ٿي. روم جو ڪولزم هجي، يا سينٽ پال جو گرجا گهر، پاڻ کيس تاريخ، ثقافت ۽ آرٽ جي اوٽ ۾ پرکيو اٿن. يورپ جي ويٽيڪين شهر ۾ ”سسٽين شئپل“ (Cristine Chaple) جي تاريخي عمارت جو بيان ۽ ان جي هر گئلريءَ جو تعارف وڻندڙ آهي، هن عمارت جي پهرين گئلري ”ڪئنڊيلا برا“ يوناني سنگتراشيءَ جي فن پارن سان سينگاريل آهي، ٻي گئلري ”ٽئپسٽري“ ڌاڳي جي اڻيل تصويرن سان سجيل آهي، جيڪو بي انتها نفيس ۽ باريڪ ڪم آهي، ٽين گئلريءَ ۾ جاگرافيءَ جي نقشن کي خوبصورت ۽ نئين اسٽائيل سان متعارف ڪرايو ويو آهي. مائيڪل اينجلو، بوٽيلچي ۽ رائفل جي مصوريءَ ۽ سنگتراشي جي شاهڪارن جي گئلريءَ تنوير صاحب کي گهڻو متاثر ڪيو. خاص طور اينجلو جي ڇت تي ڪيل چترڪاري ڏسي، ليکڪ هن ريت اظهار ڪيو آهي. ”منهنجي اکين پنجيتاليهه سال گهڻو ڪجهه ڏٺو هو، گهڻي سونهن ڏٺي هئي، پر اهڙي سونهن ڪڏهن به نه ڏٺي، جيڪا مائيڪل اينجلو جي ٺاهيل ”سسٽين شئپل“ جي ڇت تي ڏٺي، مائيڪل اينجلو جي هٿن ۾ نور هو، جنهن جي ڇهاءُ سان بيجان پٿر سونهن جا مرقعا ۽ ڪينواس معجزن کان به وڌيڪ ٿي پيا هئا“. (صه، 28).
لنڊن جي آرٽ گئلري جنهن ۾ ٽرنر، ليونارڊ، وان گوگ جا شاهڪار رکيل آهن، برٽش ميوزم جي لائبريري، جنهن ۾ دنيا جي مشهور تصنيفات جا قلمي ۽ نادر نسخا موجود آهن. “مادام تساد” جو ميوزم جنهن ۾ مشهور شخصيتن جا ميڻ جا مجسما آهن، جينئن مهاتما گانڌي، چرچل، محمد علي ڪلي، اداڪاره مارلن منرو، الفريڊ هچڪاڪ ۽ ٻيا. اهي مسجما اصل جو ڏيک ڏين ٿا. ايترو ته اصلي لڳن ٿا جو ڊاڪٽر تنوير شيڪسپيئر جي مجسمي سان گڏ ڪڍايل پنهنجي فوٽوءَ لاءِ لکيو ته: ”هتي اهو فوٽو ڏسي ماڻهو عجب کائيندا آهن ته شيڪسپيئر ۽ منهنجي وچ ۾ صدين جو فاصلو آهي، اهو فوٽو ڪيئن نڪتو فوٽو ۾ مان نقلي ٿو لڳان ۽ شيڪسپيئر جو مجسمو اصلي”. تنوير صاحب پنهنجي تحرير ۾ نه صرف جملن تي مڪمل گرفت ۽ ادبي تاثر وارو رنگ ڏنو آهي. پر هڪ تخليقڪار جي حيثيت سان کيس سڄيءَ دنيا جي تخليق ڪارن جي پيڙا جو به احساس آهي. ائمسٽرڊام (هالينڊ) جي رجسڪ ميوزم ۾ ريمبرائٽ جا (Realism)جي عڪاسي ڪندڙ عظيم فن پارا ۽ وان گوگ ٽه ماڙ ميوزم ۾ وان گوگ جون فنڪاريءَ جون تخليقون، ڏسڻ مهل ليکڪ جيڪي محسوس ڪيو اثرائتو بيان ڪيو اٿن. وان گوگ جي مصوريءَ ۽ زندگيءَ جي پهلوئن سان گڏ سندس اذيتناڪ زندگي جي گهاريل لمحن کي بيان ڪندي لکن ٿا ته: “وان گوگ، جنهن تي چريائي جا دؤرا پيا، ان جي فن اڳتي هلي دنيا کي چريو ڪري ڇڏيو” هن فنڪار جي مصوري، مصوريءَ جي تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. وان گوگ ۽ ايمبرائيٽ ڏکي ۽ تڪليف ده زندگي گذاري پر سندن فن امر رهيو ۽ اهي فن پارا يورپ ۽ آمريڪا جا ميوزم فخر سان سجائين ٿا.
مائيڪل اينجلو بت تراش جي جڳ مشهور فن پاري موسيٰ (Mosea) (جيڪو حقيقت پسنديءَ جو هڪ نادر نمونو آهي.) کي بيان ڪندي ليکڪ هن مجسمي جو ذڪر هن ريت ڏنو آهي. ”اهو مجسمو ان وقت جو تاثر آهي، جڏهن حضرت موسيٰ کي ٻڌايو ويو ته سندس قوم وري گابي جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ هو ڪاوڙ ۾ اٿيو انهيءَ مهل جا تاثرات مجسمي ۾ سمايل آهن. ”ڏند ڀڪوڙيل، ڄاڙين جون مشڪون اُٿيل، ڊگهي شانائتي ۽ گهنڊيدار سونهاري، هڪ پير اڳتي هڪ پير پوئتي، ٻانهن جون رڳون جوش کان ڦنڊيل هڪ هڪ مشڪ متناسب، خوبصورت ۽ طاقتور، هڪ هڪ عضوي ۾ رعب، شان ۽ تقدس، ائين ٿو لڳي ته ان مجسمي ۾ اٿاهه طاقت ڀريل آهي، منهن ۾ ڪاوڙ، جوش، دٻدٻي ۽ معصوميت جي امتزاج جو تاثر“.
هن سفر نامي ۾ گهمڻ جي هنڌن ۽ ميوزمن جو ذڪر آهي ته گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحب جي کلمک، صاف دل ۽ مهان نواز طبيعت جي ڪري پاڻ هر هنڌان پرائيل مانائتين ملاقاتن جا تفصيل پڻ ڏنا اٿن. ”ليسٽر“ ۾ نور محمد سومري ۽ ”ڪنگس لين“ ۾ لياقت ڀٽيءَ جي قرب ڀرين ڪچهرين جا احوال ۽ سکين ستابن سنڌي دوستن جي آڌر ڀاءُ جو بيان وڻندڙ آهي، ڊاڪٽر تنوير ڪيئمبرج يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي ماهر ”ڊاڪٽر آلچن (جيڪو ڪوٽ ڏيجي ۽ روهڙيءَ جي ٽڪرين تي ريسرچ جو ڪم ڪرڻ آيو هو ۽ خيرپور ۾ سندن مهمان ٿيو هو) جي دعوت تي ڪئمبرج جي وڏي سالانه ادبي ميڙ ۽ ڊنر ۾ شرڪت ڪئي، جتي کين سنڌ جي اهم شاعر جي حيثيت سان اعزازي حيثيت ڏني وئي، هالينڊ جا لڪي ۽ ڪيس هجن يا آرنهيم جا ڊورس ۽ رابرٽ، دبئيءَ جا سنڌي اديب هجن يا پروفيسر ڊاڪٽر آلچن ۽ ڊاڪٽر شئڪل (شئڪل کي سرائيڪي تي تمام گهڻو عبور حاصل هو لنڊن يونيورسٽيءَ جو هي محنتي ۽ ذهين اسڪالر به وٽن سنڌ ۾ آيل هو) سڀني دوستن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون. سندن روايتي سنڌي مهمان نوازيءَ جي موٽ ۾ کين پرڏيهه ۾ بي حساب عزت ۽ مان مليو، جيڪو تنوير عباسيءَ جي فنڪاراڻي، حساس ۽ قربائتي شخصيت جو ڪمال هو.
ديس ۽ پرديس جي ڀيٽ مختلف هنڌن تي سفر ناما نگار جي ذهن ۾ گهڻو چڀندي آهي، جڏهن اسين ٻاهر هوندا آهيون تڏهن اسان کي پنهنجو ملڪ ياد ايندو آهي، بلڪه ڪجهه حالتن ۾ اسان کي پنهنجون خاميون ۽ خوبيون به صحيح معنيٰ ۾ ڏسڻ اينديون آهن. ٽئمس نديءَ جي پررونق ڪناري تي گهمندي ليکڪ لکي ٿو: ”جيڪڏهن حيدرآباد جو ڦليليءَ جو ڪنارو ۽ خيرپور جي ميرواهه جي ٽاپ کي هيئن سينگارجي ته ڪيتري نه سونهن پيدا ٿيئي“؟ شيڪسپيئر جي شهر، ”اسٽرئفورڊاپان ائون“ گهمڻ مهل ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ Avon نديءَ جي سينگاريل لانچن جي رونق ڏسڻ مهل کين، ڪراڙ ڍنڍ جي ياد گيري ٿي اچي ته ڇا هنن هنڌن کي خوبصورت نٿو بڻائي سگهجي. موناليزا جي شاهڪار واري ميوزم لوؤر (Louvre) جي ٻاهر ماڻهن جي ڪلهي گس رش ڏسي، ليکڪ سوچڻ تي مجبور ٿو ٿيئي ته، ”اسان وٽ اهڙو ميڙاڪو رڳو قبرن تي ۽ ميلن جي وقت ٿيندو آهي“، معنيٰ ته اسان جا قدر الڳ آهن اسان وٽ علم و ادب ۽ آرٽ جو قدر ڪونهي اسين قديم آثارن لاءِ بي قدر آهيون.
نوادرات جي حفاظت جي باري ۾ لکن ٿا ته: ”انگريزن پنهنجي اوج دؤران سڄيءَ دنيا جا نوادر، نه فقط کسيا، پر انهن جي حفاظت پڻ ڪئي. ٿي سگهيو پئي ته اهي نوادر جي انگريزن جي هٿ نه چڙهن ها، ته اڄ تائين موجود ئي نه هجن ها. انگريز ”نادان دوست“ نه هئا. هو ”دانا دشمن هئا“. (صه 94).
هڪ هنڌ تنوير صاحب ڊاڪٽر جون (Joan) کان پڇي ٿو ته ”اسان جي پوئتي رهڻ جو سبب ڇا آهي“؟ ته پروفيسر صاحب جواب ڏئي ٿو ته: ”توهان وٽ چڱائيءَ جو معيار مذهب آهي، اسان وٽ چڱو ماڻهو اهو آهي جيڪو سماج لاءِ ڪارائتو هجي، ڀلي مذهبي نه هجي انهيءَ مهل کين هتان جي ملائن جا فتويٰ ياد اچي وڃن ٿا. پئرس ۾ پهچي ليکڪ چواڻيءَ عملي طور احساس ٿيو ته ٻوليءَ جي ڪيتري اهميت آهي. فرينچ کان سواءِ فرانس ۾ ٻيون ٻوليون تمام گهٽ ڳالهايون وڃن ٿيون کين اهو ڏسي محسوس ٿيئي ٿو، ته سنڌ ۾ ڪيئن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ حزب اختلاف جي ٻاتي ليڊر جي تقرير T.V تي ڏسڻ مهل ڊاڪٽر تنوير سوچي ٿو ته ”انگريز قوم سندس زبان جي نقص کي نه پر ذهن جي سالميت کي اهميت ڏئي ٿي ۽ اسين حزب اختلاف کي ميڊيا ۾ ڪوريج ته ڪر ڪونه ڏيون پر اهڙي پارٽي اڳواڻ کي ته ذليل ۽ خوار ڪري روانو ڪريون“ معنيٰ ته هيءَ قوم حقيقت پسند آهي.
”ڏوري ڏوري ڏيهه“ سفرنامي جي علمي ۽ ادبي اهميت مسلم آهي: ڊاڪٽر تنوير جي هن سفرنامي جو سفر سقراط جي اٿينس کان روم، اٽلي، لنڊن، هالينڊ، پئرس ۽ آخر ۾ اٿينس کان ڪراچيءَ واپس اچڻ تي ختم ٿيئي ٿو. جنهن ۾ گهڻو ذڪر لنڊن جو آهي. هن سفرنامي کي ڌيان سان پڙهبو ته هيءُ ڪتاب سفرنامو هئڻ سان گڏ هڪ علمي ۽ ادبي دستاويز معلوم ٿيندو. جنهن ۾ ليکڪ جي سڀاءُ جي جهلڪ پڻ چٽي نظر اچي ٿي. سندس سفرنامي ۾ شاعريءَ جي موسيقيت آهي ته لفظن جي رواني پڻ شامل آهي. سفرناما نگار جي ڄاڻ ۽ حافظي جو ڪينوس هڪ پل سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته هن ڪتاب جو ليکڪ وڏي معلومات رکندڙ اديب آهي، جنهن جي لاءِ لائبريريون، ادبي اجلاس ۽ ميڙ ۽ ڪتاب روحاني ۽ ذهني سڪون آهن. اهڙن معياري ڪتابن پڙهڻ سان پڙهندڙ جي پڻ علمي اپروچ بلند ٿيئي ٿي. هن ڪتاب ۾ موقعي مطابق شعر ڏنل آهن. جيئن.
ايک قصر در لک، ڪؤڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
(شاهه لطيف)
بوتي دي وچ پوڻ ڦوڪيـنـدي،
تهي پئنـدا او سـاز سـرود،
جوڙ مصور صورت ڪـون،
مٺ خاڪ وچون ڪيتا موجود
(خير محمد هيسباڻي، صفحو، 29)
لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو.
(ص-76، شاهه ڀٽائي)
ڪنڊو لڳس پير ۾، کوٽيائونس گوڏو،
ڏيئي ڏاڙهيءَ کي لوڏو،
ڪنڊو ڪڍيائونس ڪنڌ مان.
(ص-167، پيراڻي ڀنڀرو)
انهي کان سواءِ، موقعي مهل مطابق ڪيئن سهڻا پهاڪا، ۽ چوڻيون به موجود آهن، جيئن مثال طور: ”منهن ۾ ملان اندر ۾ ابليس“، ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“، ”جهڙو ديس تهڙو ويس“، ”ٻچيءَ کي قبر تائين جو آسرو“، ”ايمڻا مان ڪڏهن تيل نڪتو“، يا ”آڇيندي لڄ مران“ ۽ ٻيا آهن. هن ڪتاب ۾ ٻين ٻولين جي لفظن کان پاسو ڪيو ويو آهي، ڪجهه انگريزي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، پر انهن جهڙا ساڳيا سنڌي لفظ پڻ ڏنل آهن ته جيئن پڙهندڙ کي سهوليت ٿيئي مثلاً: جوڙڻ (Assemble)، جماليات جي حس (Aesthetic Sence)، ڌاريان مسافر foreign Tourists)، چٽيل ٿانوَ، (Pottery) مذهبي، اخلاقيات (religious Ethics)، قديم نوادرات (Antiques)، حقيقت پسند (Realistic) ڪنارو (Beach) وغيره وغيره.
مجموعي طور هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي اول نمبر جي سفرنامن ۾ شمار ٿيڻ جوڳو آهي، جيڪو يورپ جي زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو، ۽ اهو ڄاڻائي ٿو. ته يورپين منظم، اڻ ورچ، محنتي، زنده دل ۽ خوش مزاج آهن جيڪي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي سرماين کي ساهه سان سانڍين ٿا. اهي شخصي طور آزاد ۽ مجموعي طور قومي ترقيءَ جي جذبي سان سرشار آهن. سماج ۽ انسانيت لاءِ ڪارائتا آهن. علي احمد بروهيءَ موجب ته،
”اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته ڪتاب نثر ۾ لکيل آهي يا نظم ۾. ادب ثقافت ۽ معلومات جي لحاظ کان هن ڪتاب کي شاهڪار چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو“.

”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“،

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو آمريڪا، يورپ ۽ دبئيءَ جي سفر جو احوال روشني پبليڪشين 2000ع ۾ ڇپايو آهي، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جي خوبصورت ٽائيٽل، پڪي جلد جي ڇپائيءَ سان هي 192 صفحن جو سفرنامو سنڌي ادب ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هن سفرنامي جي عنوان لاءِ صفحي نمبر اٺانوي تي ليکڪ لکي ٿو ته: ”جڏهن 1980ع ۾ لڪيءَ ۽ ڪيس پاڪستان ڇڏيو، ته لڪي تمام گهڻو روئڻ ڪيو. مون چيومانس ته: ”دنيا ننڍي ٿي ويئي آهي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ملنداسين. گيتا ۾ ڪرشن ارجن کي چيو، الوداع ناهي، اڳتي وڌَ“. “There is no farewell, proceed forward”
”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“. ڪيترو نه خوبصورت عنوان آهي؟ واقعي هيءَ زندگي روان دوان ۽ انساني سفر جاري آهي، ميل ملاقاتون قائم آهن ۽ هميشه اڳيان وڌڻ جي جستجو ئي زندگي آهي.

سفرنامي جو جائزو: هن سفرنامي جا ٽي حصا آهن. پهريون حصو 59 صفحن جو آهي جنهن ۾ نيويارڪ، واشنگٽن، ميامي، لاس اينجلس، سان فرانسسڪو، ۽ فرئنڪ فورٽ جو احوال آهي، شروعات لنڊن ۾ يارنهن ڏينهن گذارڻ کان پوءِ نيويارڪ لاءِ اُسهڻ سان ٿئي ٿي. نيويارڪ اڀ ڇهندڙ (Sky Scrapers) عمارتن جو علائقو جنهن ۾ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ۽ اسٽيڊن ٻيٽ کي مٿاڇري نموني سان گهمڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر صاحب جن ”اسپرنگ فيلڊ“ جي ڳوٺ ”لانگ ميڊو“ ۾ خيرپور جي قربائتي ڊاڪٽر منير عباسيءَ جي گهر آرامي ٿين ٿا. ڊاڪٽر منير عباسي آمريڪا ۾ دماغ جو سرجن آهي، سنڌ جو هيءُ L.M.C جو M.B.B.S ڊاڪٽر آمريڪا ۾ ذاتي هوائي جهاز ۽ مرسيڊيز گاڏي جو مالڪ آهي، پرڏيهه ۾ سنڌين جو مان ۽ شان ڏسي اتي ويندڙ هر سنڌيءَ جي دل باغ و بهار ٿي ويندي آهي. ۽ خاص طور جڏهن هو پنهنجائپ ۽ عزت سان پيش ايندا آهن ته دل مان دُعا نڪرندي آهي ته خدا ڪري سنڌي سٻاجهڙا پوريءَ دنيا ۾ ڪامياب ۽ ڪامران هجن ۽ هر فيلڊ ۾ ترقي ڪن. ليکڪ آمريڪا جي مشهور شهرن ۽ هنڌن جي گهمڻ جي ڄاڻ، دل ڇڪيندڙ ڏني آهي. آرلئڊو ۾ “Disney’s World” جي حيرت ناڪ دنيا ۽ ايپڪاٽ سينٽر جو ذڪر متاثر ڪندڙ آهي. ”نياگرا آبشار“ دنيا جي اوچن آبشارن مان آهي، هن آبشار جي ڪاوڙيل سونهن “Angry Beauty” يعني دهشت ۽ حسن جو بيان پڻ وڻندڙ آهي، واشنگٽن ۾ جارج واشنگٽن جو يادگار، (هڪ عام منارو جيڪو آمريڪي جهنڊن سان سينگاريل آهي) عوام دوست ۽ انساني برابري جي جدوجهد ڪندڙ ابراهيم لنڪن جو يادگار ڏسڻ کان پوءِ، سفرنامي جو رُخ علم ادب ۽ آرٽ ڏي مڙي ٿو. واشنگٽن کي ليکڪ ميوزم ۽ آرٽ جو شهر سڏيو آهي، نيشنل آرٽ گئلري واشنگٽن کي لنڊن جي نيشنل آرٽ گئلريءَ سان ڀيٽيندي ڊاڪٽر صاحب ڄاڻائي ٿو ته لنڊن جي آرٽ گئلريءَ ۾ اهم تاريخي ۽ Original Master Pieces آهن. جي دنيا ۾ ڪٿي به موجود ڪونهي. جن به ميوزمن ۽ آرٽ گئلرين جو ذڪر تنوير صاحب هن سفرنامي ۾ ڪيو آهي. انهن جي اهم فن پارن ۽ انهن فنڪارن جي سوانح ۽ فن جي باري ۾ ڪارائتي تفصيل ڏني آهي. جنهن مان ڄاڻ پوي ٿي ته، هي ليکڪ نه فقط ذهين قلمڪار آهي، پر وٽس بياني قوت جي ڏات ۽ ڏانءُ پڻ آهي ته، سنگتراشي ۽ مصوريءَ جو فن ۽ تاريخ تي به کيس مڪمل دسترس حاصل آهي. ”لائبريري آف ڪانگريس“ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ”ڪراچي جي آمريڪا جي قونصل خاني ۾ هڪ الڳ سيل قائم آهي، جنهنجو ڪم آهي سنڌي مواد هٿ ڪري آمريڪا موڪلڻ، لائبريري آف ڪانگريس هڪ مخزن ڪڍندي آهي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا مان آمريڪا موڪليل سڄو ادبي مواد، (سنڌيءَ سميت) ترتيب وار لسٽ سان شايع ٿيندو آهي، تازو هنن دنيا جي ”شاعري جي نوادر“ “World Achieves of Poetry” لاءِ مون کان منهنجي شاعري منهنجي آواز ۾ ريڪارڊ ڪرائي، جيڪا هن لائبريريءَ ۾ انگريزي ترجمي سان محفوظ ڪئي وئي آهي“.
هيءَ لائبريري دنيا جي وڏين لائبريرين مان هڪ آهي، جنهن ۾ دنيا جي هر ٻوليءَ جو خزانو محفوظ آهي، هر دستاويز ڪمپيوٽرائزڊ آهي، هتي جي سنڌي شعبي جو نه صرف علم ادب محفوظ آهي، پر يارهن آمريڪي يونيورسٽين ۾ تحقيق لاءِ محفوظ ٿئي ٿو، جڏهن ليکڪ لائبريريءَ جي ايشيا جي شعبي ۾ وڃي سنڌي ڪتابن کي ڏسي ٿو ته واقعي سندس چواڻيءَ ته، ”دل ٺري وڃي ٿي“، سندس نظر ۾ آمريڪي ۽ يورپين عقلمند آهن. هو پنهنجيون بين الاقوامي پاليسيون ٺاهڻ مهل سڄي دنيا جي علم ادب ۽ سياست کي نظر ۾ رکن ٿا. انهيءَ لاڙي تحت پنهنجيون پاليسيون ٺاهين ٿا. هن مختصر سفرنامي ۾ تنوير صاحب کوڙ هنڌ گھمايا آهن، جيئن آرلينڊ جو ڊزني لينڊ، فلوريڊا جي رياست جي شهر مياميءَ جو خوبصورت ترين ٻيٽ ”بهاما“ لاس اينجلز جو يونيورسل اسٽوڊيو، هالي ووڊ اسٽوڊيو، ميونسپل باغ، سان فرانسسڪو ۾ چائنا ٽائون، Fisher Men Wharf مهاڻن جو گھاٽ، سامونڊي جهازن جي نمائش، فرئنڪفورٽ جو ”زو“ ۽ ٻيو به ڪافي ڪجھ احوال آهي. سورهن صفحن تي مشتمل، بليڪ ائنڊ وائيٽ فوٽو گرافس به ڏنل آهن. جيڪي تنوير صاحب جن مشهور هنڌن تي گھمڻ مهل ڪڍايا آهن.
سفرنامي جو ٻيو حصو ”سرمد جو گھر – نيوجرسي“ جي عنوان سان آهي، جيڪو هالينڊ، آمريڪا ۽ ترڪيءَ جو سفرنامو آهي. هن ۾ هالينڊ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ”دي بلٽ“ ۾ سندس ويجهن دوستن لڪي ۽ ڪيس جي گھر رهڻ جو احوال آهي. (هيءُ جوڙو خيرپور ۾ 1980ع ۾ وٽن اچي رهيو هو. جن سان ”هيگ“ جي مضافاتي علائقي ۾ ملاقات جو ذڪر ”ڏوري ڏوري ڏيھ“ سفرنامي ۾ پڻ ڏنل آهي) انهيءَ کان سواءِ آرنهيم ۾ پراڻن دوستن رابرٽ ڊورس ۽ برٽ سان ملاقاتن جو ذڪر ۽ سرمد جي دوستن رميش، علي، رنڪو، شاهد ۽ سندس ڪٽنب سان به قرب ڀرين ڪچهرين جي خبرچار آهي. هن سفرنامي جي ان حصي ۾ جيڪو ٽياسي کان هڪ سئو ڇاونجاه صفحي تائين آهي، اسان گھڻو ڪجھ سئر ڪيون ٿا. نيوجرسيءَ جو لبرٽي سائنس سينٽر، هالينڊ جي دي بلٽ جو مضافاتي علائقو، حسين لينڊاسڪيپ وارو ڳوٺ نيوهوپ، رنگرس يونيورسٽي، پرنسٽن يونيورسٽي ۽ عظيم سائنسدان البرٽ آئن اسٽائين جي آفيس، فلاڊفيا جو رودئن ميوزم، اومني ٿيٽر، ائٽلانٽڪ سٽي، لبرٽي ٻيٽ، راڪفيلر سينٽر، سينٽر پارڪ، يونائيٽڊ نيشن بلڊنگ، ميٽ يعني (ميٽروپوليٽن ميوزم آف آرٽس) ۽ انيڪ تفريحي هنڌن جو تفصيل تمام جاندار ۽ وڻندڙ آهي.
سفرنامي جو ٽيون حصو خاص طور ادبي ۽ شاعراڻي رنگ سان رنڱيل آهي، هن حصي جو عنوان ”چنڊ ٻه ٽڪر“ آهي هيءُ حصو دبئيءَ جو سفرنامو آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي 1986ع ۾ دبئي وڃڻ جي احوال سان گڏ سنڌي هندو ليکڪن خاص طور نارائڻ شيام سان دبئي جي ايئر پورٽ تي ملاقات مهل ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته، ”ڳوڙها، سڏڪا، ڳراٽڙيون، سڀ رلمل، ايئن لڳو ڄڻ منهنجي ئي وڇڙيل وجود جو حصو مون سان مليو هجي، ڄڻ ٻه ٽڪر ٿيل چنڊ جا ٽڪرا هڪ وار ملي ويا هجن ۽ پورنماسي جو چنڊ چمڪي اٿيو هجي“.
سندر ۽ ڪومل شعرن جو شاعر نارائڻ شيام اصل نوشهروفيروز سنڌ جو ويٺل ۽ سنڌين لاءِ سڪايل آهي، سندس سڪ هيٺين جملن مان ظاهر ٿئي ٿي. شيام سڏڪندي مون کي چيو، ”اسان کي پيرن هيٺ زمين نه آهي“، مون شيام کي چيو ته، ”شيام جي اسان وٽ زمين آهي ته ان تي پير رکڻ نٿا ڏين“ (صه، 165)
شيام وري غزل پڙهڻ شروع ڪيا، پڙهندي جڏهن هن شعر تي پهتو ته آواز ڳورو ٿي ڀرجي آيس ۽ اکين مان ٽم ٽم ڳوڙها ٽمڻ لڳس“،
الائي ڪهڙيءَ گھڙي ان مان شيام نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ به نصيب نه ٿي.
سفرنامي جي هن حصي ۾ ٻين ليکڪن گوپ ڪمل، موهن گھياڻي، عطا سنڌي، موهن شرما ۽ لال بجاج جي قرب ڀرين ڪچهرين ۽ سنڌ جي سڪ جي دلپذير داستان آهي. ”العين“ يورپي طرز وانگر گھڻ ماڙ عمارتن جو شهر جنهن جي ”العين“ يونيورسٽي، چڙيا گھر، مڇي گھر، فن سٽي “Fun City”، جديد ۽ قديم ميلاپ جو خوبصورت شارجا ايئرپورٽ ۽ دبئي جو قلعو انهيءَ کان علاوه سپر مارڪيٽ ۽ ٻيا هنڌ گھمڻ کان پوءِ ليکڪ دبئيءَ جي باري ۾ هيٺيان اهم ريمارڪ ڏنا آهن.
1. دبئي يورپي طرز وانگر گھڻ ماڙ عمارتن وارو شهر آهي، جيڪو پنڌ به گھمي سگھجي ٿو. (1986ع ۾ اهو رايو ڏنو ويو آهي)
2. دبئي ۾ ٽرئفڪ انتهائي منظم آهي.
3. هتي پئٽرول سستو آهي. انهي ڪري اهي پئٽرول پيئندڙ گاڏيون به رکي سگهن ٿا. هتي مرسڊيز ته ايتريون آهن جو ڪاٿو ئي ڪونهي، اسان جي ملڪ ۾ ايترا اُٺ به نه هوندا جيتريون مرسڊيز هتي آهن.
4. ٻوليءَ جي لحاظ کان هتي سنڌي تمام گھڻي رائج آهي، دڪان تي چڙھ ته مالڪ سنڌي، سيلز مين يا سيلز گرل سنڌي، آيل گراهڪ گھڻو ڪري سنڌي، رستي تي به مرد ۽ عورت پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائيندا وڃن، رڳو ٽئڪسيءَ وارو ۽ مزدور پٺاڻ اردو ڳالهائيندو باقي دبئي سنڌين جي آهي، جتي عربي، انگريزي ۽ اردؤ کان وڌيڪ سنڌي رائج آهي، ڪاروبار به هندو سنڌين جي هٿ ۾ آهي.
موهن جي گھر گھاريل شاعريءَ جي شام جنهن ۾ پيروڊيز کان وٺي ڪويتائن، نظمن، ڪافين ۽ شعرن جي سونهن آهي ته گڏ سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ عقيدت جا سلام پڻ آهن. ڪتاب جي آخر ۾ استنبول جتي گھمڻ لاءِ ٿورا ڏينهن ملن ٿا، جي تاريخي معلومات جي آڌار تي گھمڻ جو ذڪر آهي. استنبول جي سلطان احمد مسجد يا نيري مسجد “Blue Mosque” بازنطيني تعمير جي فن جو تاريخي نمونو آهي، سينٽ صوفيه ميوزم ۽ ٽوپڪاپي ميوزم جي مقدس گئلري ۽ ٻيا هنڌ ذڪر ڪيل آهن. تعمير سازي ۽ ميوزمن سان گڏ، جيڪا اهم ڳالھ جنهن ڊاڪٽر صاحب کي متاثر ڪيو، سا هئي خوبصورت ترڪن جي خوش مزاجي ۽ ملنساري.
ڏيھ پرڏيھ جي ڀيٽ: عام طور سفرنامن ۾ اها ڀيٽ ضرور هوندي آهي، جنهن سان محسوس ٿيندو آهي ته سفرنامانگار جو مشاهدو (Observation) مضبوط آهي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي سماج ۽ حالتن کي ڀيٽي، ٻنهي سماجن جون چڱايون ۽ اوڻايون مدِنظر رکي، پنهنجا خيال بيان ڪري ٿو. بعض اوقات اها ڀيٽ ايتري مضبوط هوندي آهي جو پڙهندڙ کي متفق ٿيڻو پوندو آهي. آمريڪا جا ماڻهو محنتي آهن ۽ آخر عمر ۾ کين حڪومت کان مڪمل سهولتون مليل هونديون آهن ۽ کين ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. آمريڪا ۾ هڪ ستر سالن کان به وڏيءَ عمر جي ڪراڙي شخص کي ٽئڪسي هلائيندي ڏسي، ڊاڪٽر صاحب کانئس آرام نه ڪرڻ جو سبب پڇي ٿو، ته کين خبر پوي ٿي ته هيءُ محنتي ماڻهو بغير ڪم جي بور ٿا ٿين، کين پنهنجي ڪم سان پيار آهي ۽ ان سان ئي هو خوشي محسوس ڪندا آهن. بقول ڪراڙي شخص جي I love my work, I enjoy my work پاڻ سوچيائين، شال سنڌ جو هر ماڻهو هن پوڙهي وانگر سوچي ته ”مون کي منهنجي ڪم سان پيار آهي“. آمريڪا هڪ گھڻ رياستي ملڪ آهي، جنهن ۾ هر رياست کي پنهنجي سڃاڻپ، هر رياست کي پنهنجو جهنڊو ۽ هر رياست کي پنهنجو قومي ترانو آهي، منجھن صوبائي تعصب ڪونهي. جڏهن ليکڪ پاڻ ڪيليفورنيا جي سيڪريٽريٽ ڏسي ٿو، ته سوچڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃي ته، ”جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ ڪو صوبو جھنڊو ٺاهي ته ان کي ٺھ پھ علحدگي پسند جو لقب ملي وڃي“. ساڳيءَ طرح ايپڪاٽ جي موسيقيءَ جي محفل ۾ جڏهن مختلف آمريڪي رياستن جي يونيورسٽين پنهنجي رياست جي نمائندگي ٿي ڪئي تڏهن، سندن رياست واسين پرجوش استقبال ٿي ڪيو، تنوير صاحب موجب، ”اهڙو استقبال جيڪڏهن اسين ڪنهن گڏيل قومي فنڪشن ۾ ڪريون ته چون، ”صوبائي تعصب ٿا ڦهلائين“، ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش ٿا ڪن، پوءِ ان صوبائي تعصب آمريڪا کي ڇو مضبوط ڪيو آهي؟ آمريڪا ڇو نٿي ڪمزور ٿئي يا ٽڪرا ٽڪرا ٿئي؟“ (صه، 45).
وقت جي قدر جو مثال ڏيندي ڊاڪٽر تنوير جڏهن هالينڊ جي گرجا گھر ۾ چار سئو سال پراڻو پر صحيح وقت ڏيکاريندڙ گھڙيال ڏسي ٿو ته کيس سکر ٽاور ۽ خيرپور پنج گليءَ جا سدائين خراب گھڙيال ياد اچي وڃن ٿا ۽ سوچي ٿو ته اسان کي وقت جي قدر و قيمت ۽ اهميت جواندازو آخر ڪڏهن ٿيندو؟. علم جي شهر پرنسٽن جي پرنسٽن يونيورسٽيءَ جي ڪتاب گھر تي جديد ۽ قديم علمن جي ڪتابن جو ميلاپ کيس ماضي، حال ۽ مستقبل جو ميلاپ لڳي ٿو ۽ سندس ذهن ۾ لطيف سائينءَ جون هيءُ سٽون سرجي اچن ٿيون.
ڪني ماضي من ۾، ڪني استقبال،
حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي.

ڪتاب جي علمي ۽ ادبي اهميت:
سفرنامو هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ خاص طور پڙهڻ سان گڏ Vision جو تاثر اهميت رکي ٿو. بياني قوت، ٻوليءَ جي پختگي، بهترين عبارت آرائي، پهاڪا، اصطلاح ۽ تشبيهون ان جي ادبي حيثيت اجاگر ڪن ٿا. هن سفرنامي جي ٻولي عام فهم ۽ اثرائتي آهي، لکت ۾ رواني، دلڪش ۽ نثر جون جملي خوبيون شامل آهن. هندي، عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين کان پاسو ڪيل آهي، ڪجھ لفظ انگريزيءَ جا ستعمال ۾ آيل آهن، جن جا هم معنى سنڌي لفظ ڏنل آهن. جن سان لغت ۾ اضافو ٿئي ٿو. جيئن مثلاً: گھر جي اڪير (Home Sickness)، توليد (Reproduction)، گھٽ ترقي ڪيل (Underdeveloped)، ذهني طور پٺتي پيل (Mentally Retarted)، چورن کان حفاظت جو طريقو (Anti Burglar Device)، فوري (Emergency)، مرڪزي گرمي (Central Heating)، عمارت سازي (Architecture)، پڪ (Confirm)، اونداهيءَ ۾ اکيون هرن (Dark Adaptation) وغيره.
هن خوبصورت سفرنامي ۾ ڪجھ سهڻا سنڌي پهاڪا، چوڻيون ۽ شعر آهن جيئن مثال طور: ”چريا ٿياسين پر يار پرکياسين“، ”سرمو سڀ ڪا پائي اک اک جو ڦير“، ”سانوڻيءَ ۾ درياءُ جي اٿل وانگر“، ”آڇيندي لڄ مران“ ۽ ٻيا آهن. مجموعي طور سنڌي ادب جي سفرنامن ۾ هيءُ هڪ چڱو اضافو آهي، جيڪو معلوماتي هئڻ سان گڏ سهڻي بياني اسلوب سبب هڪ الڳ مقام رکي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا سنڌي ادب ۾ ٻه سفرناما آهن. سندن سفرناما ٻوليءَ ۽ ڄاڻ جي لحاظ کان سٺا آهن، جيڪي يورپ جي اٿينس، روم، اٽلي، پئرس، هالينڊ ۽ لنڊن کان سواءِ آمريڪا جي نيويارڪ، واشنگٽن، لاس اينجلس، فرانسسڪو ۽ فرئنڪفورٽ سان گڏ دبئي ۽ استنبول جي سير ڪرائين ٿا، هنن ۾ ملڪن جي معلومات سان گڏ، علمي ۽ ادبي ڄاڻ پڻ شامل آهي ته نثر جون جملي خوبيون، سفرنامي جي صنف جي سونهن جي حوالي سان موجود آهن. انهيءَ لحاظ کان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي سفرنامن جي افاديت کان انڪار ناممڪن آهي. 

نيويارڪ جو سير:

هي سفرنامو 197 صفحن تي مشتمل هڪ ئي ملڪ جي، هڪ ئي شهر ”نيويارڪ“ جي سير ۽ سفر جي باري ۾ آگسٽ 2000ع ۾ ڇپيو آهي، پيس پبلشرز ڪراچيءَ وارن جو ڇپايل، هيءُ ڪتاب 50 بابن تي مشتمل آهي، جنهن جي فهرست انگريزيءَ ۾ آهي. شوڪت علي شاھ بخاري هن سفرنامي جي لکڻ جي سبب کي ڄاڻائيندي لکيو آهي ته: ”مان مرڻ بعد زنده رهڻ چاهيان ٿو“، ڪيڏي نه آدرشي سوچ آهي؟ علامه دائود پوٽو لکيو آهي ته، ”اسان مان هر هڪ سچائيءَ سان قلم کڻي، جيڪڏهن پنهنجا حالات لکي ته هوند ڪيترائي ادبي فن پارا تيار ٿي وڃن“، بيشڪ علامه صاحب اهو نڪتو سوانح عمريءَ جي باري ۾ بيان ڪيو آهي، پر حقيقت ۾ سفرنامي جي صنف ۾ به ٻين ملڪن ۽ شهرن جي احوال سان گڏ شخصي احوال شامل آهي. جنهن مان لکندڙ جي ذهني اپروچ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ادبي سچائيءَ ۽ مضبوط مشاهدي سان بيان ڪيل سفرنامي ۾ سفرنامانگار جي شخصيت جا به ڪيترائي رُخ سامهان ايندا آهن. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته: ”پاٽ ۾ اهو ئي پوندو، جيڪي ڪُني ۾ هوندو“، اهڙيءَ ريت هر ادبي تحرير ليکڪ جي شخصيت جي آئينهء دار هوندي آهي، بخاري صاحب به سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پنهنجي ذاتي شوق کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفرناما لکڻ شروع ڪيا. 1992ع ۾ هن دبئي، لنڊن، اسڪاٽلينڊ ۽ گلاسڪو جو سير لکيو. جنهن کي ”لنڊن جو سير“ جو عنوان ڏيئي ڇپرايو ۽ انهيءَ سفرنامي کي اردو ادب ۾ ترجمو ڪري به شايع ڪرايائين، جنهن جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، 1993ع ۾ بئنڪاڪ ۽ سينگاپور جو سفر به تحريري شڪل ۾ آندائين. جنهن جو اردو ۾ ترجمو شايع ٿي چڪو آهي. هن سفرنامي جو پيش لفظ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر امتياز قاضيءَ لکيو آهي، امتياز صاحب موجب ته: ”سفر ڪرڻ آسان پر سفرنامو لکڻ، اهو به اکين ڏٺو احوال، تفصيل سان بيان ڪرڻ نهايت مشڪل ڪم آهي ۽ هر ڪنهن جو ڪم نه آهي، سندن نظر ۾ ”ڪتاب جي عمر ماڻهو جي زندگيءَ کان وڏي آهي، زندگي فنا آهي، ڪتاب قائم ۽ دائم آهي، قاضي صاحب هن سفرنامي کي ”هڪ دلربا ۽ منفرد سفرنامو سڏيو آهي“.

نيويارڪ جي سير جو جائزو:
سنڌي ادب ۾ اڄڪلھ چڱا سفرناما لکيا وڃن ٿا، الطاف شيخ کان علاوه ٻين به گھڻن ئي ليکڪن هن صنف کي اهميت ڏياري آهي ۽ ڪجھ ليکڪ ته چند سفرناما لکي اديبن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن ۽ واقعي اڳيان هلي سندن سفرناما سٺا ثابت ٿيا آهن. شوڪت شاھ بخاري کان اڳ به نيويارڪ جي سير تي پروفيسر غلام مصطفى شاھ، الطاف شيخ، تنوير عباسي ۽ ڪريم ڏنو راڄپر لکيو آهي. پر جيئن ته هر ليکڪ جي تحرير جو پنهنجو جدا انداز هوندو آهي. سندس سوچ، مشاهدو، بياني انداز کيس هڪ الڳ حيثيت عطا ڪندا آهن. سو هر هڪ سفرنامو الڳ حيثيت رکي ٿو.
هيءُ هڪ ئي شهر جو سفرنامو آهي، اهو شهر جيڪو بين الاقوامي اهميت وارو آهي. بخاري صاحب پنهنجي دوست امتياز فاروقيءَ جي دعوت تي خاص گھمڻ ڦرڻ ويو هو. خاص گھمڻ لاءِ وڃڻ سان ليکڪ ذهني آزاديءَ سان هر هنڌ کي ڌيان سان پرکيو آهي. نيويارڪ جي پارڪن، پُلن، تاريخي هنڌن، شاپنگ سينٽرز ۽ لائبريرين جي ڄاڻ ڏني اٿن. نائگرافال جي معلومات وڻندڙ آهي جيڪا هيستائين ڪنهن به سفرنامي ۾ نه آئي آهي، ناگرا ندي، نائگرا آبشار انهن پاڻيءَ جي وهڪري جي اوچائي ۽ ٻين آبشارن جو ذڪر دلپسند آهي. نيويارڪ پبلڪ لائبريري، آزاديءَ جي مجسمي Statue of Liberty، آمريڪن هسٽري ميوزم، بروڪلن شهر، بوٽانڪ گارڊن، مئن هٽن جو سينٽرل پارڪ، (جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو پارڪ اٺ سئو ايڪڙن تي مشتمل آهي). پراسپيڪٽ پارڪ (هي پارڪ ڏيڍ سئو سالن کان قائم دائم آهي، منجهس ڏهن هزارن کان به وڌيڪ وڻ آهن). انهيءَ کان سواءِ نيويارڪ بروڪ لينڊ جو ڪوني آئيلينڊ، روز ويلٽ آئيلينڊ، برائيٽن بيج، بروڪلن برج، مئن هٽن برج، واشنگٽن برج، ويروزانو برج ۽ ٻيا تفريحي هنڌ ذڪر ڪيل آهن.
ليکڪ چواڻيءَ ته انگريز قوم قديم آثارن ۽ تفريحي هنڌن مان ڪروڙين ڊالر ڪمائي ٿي، جيئن مثال طور ڏسنداسين ته ”بوٽانڪ گارڊن صرف گارڊن ڪونهي پر اتي پلانٽس تي معلوماتي ليڪچرز ۽ فلمون ڏيکاريون وينديون آهن ۽ گارڊن ميمبرشپ ٿيندي آهي، منجهس نه صرف گفٽ سينٽرز، ريسٽورنٽ ۽ گائيڊ سروس آهي پر حسين ۽ رومانٽڪ ماحول پڻ آهي گلن جي من موهيندڙ خوشبو، جنهن ۾ مريضن لاءِ صحتيابي ۽ ٻارن لاءِ وندر آهي ته جوانن لاءِ حسن ۽ لطف جا حسين نظارا آهن. اهڙين خوبين وارا انيڪ پارڪ آهن“.
نيويارڪ جي باري ۾ شوڪت بخاريءَ جي راءِ:
1. نيويارڪ هڪ دلڪش دلربا ۽ پرڪشش شهر آهي.
2. مئن هٽن جي هڪ هڪ عمارت لاجواب ۽ بي مثال آهي. مئن هٽن گهڻ ماڙ قديم ۽ جديد طرز جي عمارتن جو مشهور شهر آهي، جتي U.N.O ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جهڙيون اهم عمارتون آهن، ته بهترين شاپنگ سينٽرز آهن. خوبصورت سينٽرل پارڪن سان گڏ دنيا جون شاندار هوٽلون پڻ آهن. ليکڪ چواڻيءَ ته، ”جنهن مئن هٽن نه ڏٺو تنهن ڪجھ نه ڏٺو“.
3. آمريڪا جو پارڪنگ سسٽم تمام مضبوط آهي، قائدن قوانين جي سختي گهڻي آهي، هن ملڪ جو سب وي ٽرين سسٽم (Sub Way Train System) سهوليت وارو آهي.
4. Rite-Aid ٽائپ ڊپارٽمينٽل اسٽورز آهن جتي زندگيءَ جي ضرورت جي هر شيءِ ملي وڃي ٿي. جيڪا ملاوٽ کان پاڪ آهي هتي نه بارگيننگ نه ٽينشن، ڇو جو آمريڪا هر ملڪ مان معياري مصنوعات گهرائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. هتي Pregment Hardware Store جهڙا اسٽور آهن. جتي عمارت سازيءَ جو سڄو سامان ڪليءَ ڪوڪي کان مڪمل گھر جو سامان هڪ ئي ڇت هيٺ ملي ٿو. انهيءَ سان وقت ۽ ناڻي جي بچت ٿئي ٿي.
5. گئراج مارڪيٽ جهڙيون مارڪيٽون به فائديمند آهن جتي گهر جي ناپسنديده سامانن کي مهذب نموني Tag لڳائي، گهر کان ٻاهر رکي، وڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ صوفه سيٽ کان ڪپڙن، جوتن ۽ ڪراڪري تائين هر شيءِ سيڪنڊ هينڊ پر مناسب قيمت ۾ ملي ويندي آهي.
6. هتي جا ماڻهو سڌريل، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ ۽ ترتيب سان زندگي گهاريندڙ آهن. منجهن ڪجھ اخلاقي خرابيون ضرور آهن، پر هو انسانيت لاءِ هاڃيڪار نه آهن.

”نيويارڪ جو سير“ جي علمي ۽ ادبي اهميت:
هيءُ سفرنامو برائون ڪلر جي ٽائيٽل ڪوَر، (جنهن ۾ نيويارڪ جو نظارو ڏنل آهي) سان آهي. هن ۾ چند رنگين فوٽوز پڻ شامل آهن، جيڪي مختلف تفريحي هنڌن تي ڪڍرايل آهن. جيئن ته سفرنامو ادب ۾ ڪجھ خاص خوبين جي ڪري اهميت وارو ٿيندو آهي. مثال طور: 1. سفرنامو معلومات تي مشتمل هجي. (2) بياني انداز وڻندڙ هجي. (3) ٻولي ادبي ۽ معياري هجي، ٻوليءَ جي سونهن کي قائم رکڻ لاءِ لفظن جي مناسب استعمال سان گڏ جملن جي ترتيب کي اهميت ڏيڻ ضروري آهي، بيهڪ ۽ گرامر جي نشانين تي ڌيان ڏيڻ سان گڏ غير ضروري ڊيگھ کان به پاسو ڪرڻ گھرجي.
هن سفرنامي ۾ معلومات ڪارائتي ۽ بياني اسلوب مناسب آهي، پهاڪن اصطلاحن ۽ شعرن جو ادبي نمونو گھٽ آهي، (حالانڪ اهو لازمي نه آهي پر انهيءَ سان ليک متاثر ڪندڙ ٿيندو آهي ۽ نثر ۾ شگفتگي ۽ تازگيءَ جو احساس ٿيندو آهي). تجنيس حرفيءَ جو ڪجھ هنڌن تي استعمال آهي جيئن مثال طور: مئن هٽن مصروف، مشهور، مهانگو ۽ محبوبن جو ملڪ آهي، هتي اچي ماڻهو ازخود خوبصورت ٿي وڃي ٿو ۽ ماحول جو رنگ لڳي وڃي ٿو (صه، 103).
”آمريڪا ۾ ڪنهن کي ڪنهن جي پرواھ نه آهي بي نياز، بي پرواھ، مصروف، محبوب، معشوق، مست ۽ ملنگ قوم آهي“ (صه، 27). آمريڪا جو ڊالر ايترو طاقت ور مٽيءَ ۾ محبت، ماڻهن ۾ ميٺاج ۽ آبهوا ۾ ڪشش آهي، جو ڪنهن به ملڪ جو باشندو اتي روزگار لاءِ ويندو ته اتي جو ٿي ويندو. نيويارڪ گهمي مون کي واقعي هن قوم تي رشڪ ٿيو، جنهن اهڙا سهڻا تفريحي مرڪز، تعجب خيز تعمير ۽ توجه طلب حسين باغات ٺاهيا آهن جو هت اچيو دل خوش ٿيو وڃي ۽ وري پنهنجي ملڪ کي ڏسون ٿا ته دل ڏکي ٿي. اسان وٽ رڳو گرگ آشڪار آهي، اندروني انتشار ۽ هڪٻئي لاءِ خار آهي (صه، 26).
چند جملن ۾ بي ترتيبي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته ڪجھ هنڌن تي لفظن جي ڪمپوزنگ ۾ غلطيون آهن. جيڪي معمولي هوندي به نئين ايڊيشن جي لاءِ جيڪڏهن درست ٿي وڃن ته بهتر آهي ڇو جو ادبي ڪتاب قوم جو سرمايو ۽ قائم ۽ دائم رهندڙ آهن. هيٺ چند مثال ڏجن ٿا: فاتح-فاتحه، تلاڪون-طلاقون، فرست-فرصت، سدا-صدا، ادب جا ڊير-ادب جا ڍير يا جملن جي بي ترتيبي جي لحاظ کان هيٺيون مثال ڏجي ٿو. ”چارو طرف شيشا صاف شفاف گرجي، چارو طرف ساوڪ وڏا وڏا وڻ ڀاڄيون پوکيل، مٽيءَ جو ذور به نه هجي، گھر م عمدي قسم جو قديم مهانگو فرنيچر، Antique شوپيس، مختلف ملڪن جا رکيل، تمڪين شوپيس رکڻ ۾ شوقين آهي، گهر ۾ هڪ ميوزم هو“ (صه، 161).
هن سفرنامي جي خوبين ۾ هڪ خاص ڳالھ آهي ته بخاري صاحب مالي معلومات ڏني آهي. جنهن سان اتي ويندڙ نئين شخص کي رهنمائي ملي ٿي. هي سفرنامو نيويارڪ بابت ڪجھ خامين جي هوندي به سنڌي ادب جي سفرنامن ۾ هڪ جدا حيثيت رکي ٿو.

  ”هو جي وڻ ولات جا“،

عنوان سان مختصر سفرنامو عبدالحئي پليجو جو آهي، پليجو صاحب سنڌي ادب جو وڏو سفرنامانگار آهي، سندس سفرنامن ۾ ”هي وري نه ورندو وڻجارو“، ”ڏوريم ڏيساور“، ”ديس بديس“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“، ”پليجو رائونڊ دي ورلڊ“، ”جيئن ڏٺم جپان کي“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. ”هو جي وڻ ولات جا“، 1984ع ۾ سهڻي پرنٽرز الهندو ڪچو، حيدرآباد وارن ڇپرائي پڌرو ڪيو. مهاڳ ۾ ماهتاب محبوب لکن ٿيون ته ”هن ڪتاب ۾ هانگ ڪانگ ۽ فلپائن ويندڙن لاءِ تفصيلي معلومات ڏنل آهي. جنهن ۾ هر ملڪ جي ٿوري گهڻي تواريخي ۽ سياسي پس منظر ڏيڻ سان گڏ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي پهلوئن تي پڻ سٺي ۽ وڻندڙ انداز ۾ روشني وڌل آهي. سفرنامي جو جائزو: هيءُ سفرنامو عبدالحئي پليجو جو، پنهنجي دوست عبدالحڪيم شاھ سان گڏ هانگ ڪانگ، جپان ۽ فلپائن ۾ گھمڻ جو احوال آهي. سندن سفر جي شروعات بئنڪاڪ کان هانگ ڪانگ ڏي وڃڻ سان ٿئي ٿي. پليجو صاحب جي هر سفرنامي ۾ ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ سان گڏ سياسي ۽ اقتصادي احوال ضرور ڄاڻايل هجي ٿو.

هانگ ڪانگ ليکڪ جي نظر ۾:
(1). هانگ ڪانگ جتي آزاد تجارت جو مرڪز ۽ رنگينين جو محور آهي، اُتي پرڏيهي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پاتل، درد وندو ديس به آهي. (2). هانگ ڪانگ 65 لک آدم جي آباديءَ واري ملڪ ۾ 20 هزار سنڌي هندو آهن، جيڪي وڏي ڪاروباري حيثيت رکن ٿا، ”هاليڊي ان“، جهڙين هوٽلن ۽ مشهور شاپنگ سينٽرز جا مالڪ سنڌي هندو آهن. (هيءُ احوال 1984ع جو آهي). (3). 365 چورس ميل ايراضيءَ جو هيءُ ملڪ ڇهن ضلعن ۾ ورهايل ۽ هن ملڪ جا ٻه حصا آهن، هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جيڪي سمنڊ رستي جدا ٿيل آهن ته سمنڊ هيٺان روڊ رستي ۽ Sub Way Railway System هيٺ ڳنڍيل آهن. (4). هيءُ ملڪ ايشيا جي اندر ننڍو يورپ آهي، جنهن ۾ رات جو ٻين بجي به ماڻهن جا ميڙ ڏسڻ ۾ ايندا. (5). پوريءَ دنيا ۾ هانگ ڪانگ ۽ پاڪستان جي عوام حرفتي اٽڪل باز آهي. فلپائين ليکڪ جي راءِ ۾: فلپائين به سياحن لاءِ ايترو ئي پرڪشش آهي جيترو بئنڪاڪ پر هتي سياحن جو اچڻ بئنڪاڪ جي نسبتاً گهٽ آهي. ان ڪري جو منيلا (فلپائين جي گاديءَ جو هنڌ) بئنڪاڪ جي نسبتاً گهڻو پري آهي ۽ ڀاڙو به وڌيڪ آهي. حالانڪه فلپائن بئنڪاڪ کان سستو آهي پر اها ڪسر هوائي ٽڪيٽ ۾ نڪري وڃي ٿي ۽ ٻيو بئنڪاڪ سياحت جي لحاظ کان به دنيا ۾ گھڻي مشهوري ماڻي چڪو آهي.
سفرنامي جي علمي ۽ ادبي اهميت: ”هو جي وڻ ولات جا“ ۾ مڪائو ٻيٽ هانگ ڪانگ ۽ فلپائين جي تاريخ، جاگرافي، حڪمرانيءَ جو سرشتو، سياست، ملڪ جي آدم شماري، معاشي حالتون ۽ ڪرنسيءَ جي بيان ۾ تقريباً چاليھ صفحا ذڪر ڪيل آهي. ڪتاب ۾ چار فوٽوز به ٽوڪيو ۽ ڪولمبو جا ۽ هندوستان جي سفر جا آهن، (هندوستان جو سفرنامو ”ديس بديس“ ليکڪ پوءِ لکيو آهي) هيءُ سفرنامو پليجو صاحب جي شروع سفرنامن مان آهي. جنهن ۾ تفريحي هنڌن جي احوال جي تفصيل گهٽ آيل آهي، ته به هيٺين هنڌن کي ذڪر ڪيو ويو آهي جيئن ڪجھ نائيٽ ڪلبون، شاپنگ سينٽرز، چونگ ڪنگ سينٽرز، ڊيوٽي فري شاپ، اوشين پارڪ ۽ ڪجھ پاڪستاني هوٽلون، پليجو صاحب جپانين جي ترقي ۽ سياحت جي اهميت کي ڄاڻائيندي لکيو آهي ته: ”مون ته سير ۽ سياحت کي وندر کان وڌيڪ، ڄاڻ پرائڻ جو وسيلو سمجهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو جيڪي خرچ ڪيو اٿم، ان کان وڌيڪ لاڀ پرايو اٿم، جپان کي گهمندي جپاني ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي ۽ تيزتر صنعتي ترقيءَ کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليم سچ پچ ته هيءَ قوم عجيب و غريب صلاحيتن جي مالڪ آهي، هيءَ قوم ڏسڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهي“ (صه، 8).
هانگ ڪانگ جي سامونڊي ساحل ”هاربر ڪروز“ جي سونهن پسي ليکڪ بي خود ٿو ٿي وڃي، لکي ٿو ته: ”سمنڊ جي وشالتا ۽ گهرائيءَ تي ويچاريندي مون کي ماڻهو جي من جي تنگي ۽ سوڙ تي ڏاڍي بڇان محسوس ٿيڻ لڳي، ڪاش ماڻهو جي من ۾ به سمنڊ جيڏي وسعت ۽ گهرائي هجي ها“ (صه، 54).
معلوماتي ٻولي ۾ وڻندڙ هن سفرنامي ۾ شاعريءَ جو استعمال وقتائتو آهي، تقريباً ڏھ شعر مختلف هنڌن تي آهن جنهن مان سندن شاعراڻي ذوق جي خبر پوي ٿي. ادي ماهتاب چواڻي ته: ”پليجو صاحب شاعر کڻي ڪونهي، پر ڪتاب ۾ ڄاڻايل مشهور شاعرن جي شاعريءَ جو جيڪو اڀياس ڪيو اٿس، سو ان ڳالھ جو ضامن آهي ته منجهس هڪ سٺي شاعر ٿيڻ جا گڻ گهڻي قدر موجود آهن“ (صه، 6). هيءُ سفرنامو جپان، فلپائين ۽ هانگ ڪانگ جو ڪارائتو احوال ڏئي ٿو.

  ”ديس بديس“

عبدالحئي پليجو جو هندوستان جي سير ۽ سفر جي ذڪر تي آڌاريل آهي. ”قليچ ايوراڊ“، حاصل ڪيل هن ڪتاب جو پيش لفظ، مشهور ليکڪ غلام حسين رنگريز ”ٻه ٽي ڳالهيون“ جي عنوان سان لکيو آهي، هن جو پهريون ڇاپو 1986ع ۾ ارباب نور محمد پليجو وارن سهڻي پرنٽرس حيدرآباد وٽان ڇپائي پڌرو ڪيو. 164 صفحن جو ”ديس بديس“ هندوستان جي خاص طور بمبئيءَ جي جامع معلومات ڏئي ٿو. ليکڪ جي تحرير کي، واکاڻيندي، غلام حسين رنگريز لکي ٿو ته: ”هن سفرنامي جي ٻولي وڻندڙ هئڻ سان گڏوگڏ، جذبات جو هڪ سيلاب آهي ۽ ان ۾ ادبي رنگ ۽ روپ جون جهلڪيون به نمايان آهن، ته منجهس دانشورانه رنگ پڻ شامل آهن، انهيءَ ڪري هيءُ سفرنامو غور و فڪر سان پڙهڻ ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙو آهي (صه، 6).
سفرنامي جو جائزو: عبدالحئي پليجو پنهنجي دوست ڊاڪٽر راجوءَ سان گڏ ”الصدف ٽريول ايجنسيءَ“ جي معرفت ايئرلنڪا ايئر لائنز جي ذريعي خاص هندوستان گهمڻ ويو، موٽي اچي اهو احوال ”ديس بديس“ جي عنوان سان بيان ڪيائين. هن ڪيترائي ملڪ گهميا ۽ ڪافي سفرناما لکيا آهن، پر هن سفرنامي ۾ سندن سڪ سرس آهي. هندوستان جي تاريخ و تهذيب، ساهت ۽ سڀيتا کي پرکڻ جو شوق، سندن اندر کي اُتساھي، کين ان سرزمين تي وٺي ويو، جتي سچ، سونهن ۽ انسانيت جا درس ڏيندڙ، ڪيترائي ڪلاڪار، سڄاڻ ۽ سورهيه ٿي گذريا آهن، جن جي سنديسن ۽ سبق آموز نصيحتن جا پڙاڏا هندوستان جي هوائن ۽ فضائن ۾ اڄ ڏينهن تائين گونجي رهيا آهن. جيڪي هر حساس دل فنڪار ۽ ليکڪ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. هن سفرنامي جي شروعات شاھ سائينءَ جي هن بيت سان ٿئي ٿي.
بيکاريءَ کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪا جا اَنگ اڙي، ڇٽا ڦٽ چڙي پيا.
ڪتاب جي شروع جو حصو ئي ليکڪ جي ذهني بلنديءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڀڳوت گيتا جا ٻول ڏيڻ سان گڏهندوستان جي سونهن ۽ ساهت کي مڃتا ڏنل آهي. هندوستان جي آباديءَ جو تناسب، مضبوط جهموري نظام، عوام جو سوشل اسٽيٽس، ٽيڪنالوجي جي ترقي ۽ معاشي ڄاڻ ڏنل آهي. ليکڪ ڄاڻائي ٿو ته: فوجي قوت ۽ سياسي طور مضبوط هندوستان ۾ آرٽ ۽ فن جي قدردانيءَ جون بهترين پاليسيون آهن، جنهن سبب هيءُ ملڪ ڪروڙين اربين ڊالر اُپت حاصل ڪري ٿو. هن سفرنامي ۾ هندوستان جي هوٽلن، شاپنگ سينٽرز ۽ تفريحي هنڌن سان گڏ موڪلن جي ڏينهن ۽ تعليم جي ترقيءَ جون خبرون پڻ ڏنل آهن. تلسي ليڪ، جسلوڪ اسپتال، گيٽ وي آف انڊيا، ايلوراءِ ۽ اجنتا جون غارون، ڪنهري ڪيوز، مختلف فلمي اسٽوڊيوز ۽ سئنيما هائوسز ۾ ڏنل فلمن جي احوال سان گڏ ادبي ۽ علمي ملاقاتون پڻ پيش ڪيل آهن. جنهن ۾ دادا گوبند، اُتم (هندوستان جو ترقي پسند سنڌي اديب) ڪلياڻ آڏواڻي، پروفيسر رام پنجواڻي ۽ ٻين سان ملاقاتون شامل آهن. سيتا سنڌو ڀون ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنوَر سينٽر جو احوال دل ڇڪيندڙ آهي. ارونگ آباد، چاليس گائون، آگرو ۽ بمبئي جا اهم هنڌ بيان ڪيل آهن. سيٺ ڪندن مل ۽ سيٺ مولچند جي قربن جا بيان ۽ وڇڙيل وطن واسين جي سنڌ لاءِ سڪ ڏسڻ وٽان آهي ته گڏوگڏ ليکڪ جي لکت مان سندس فڪري سوچ، ڏاهپ ۽ ادبي رنگ جو امتزاج به آشڪار آهي.

ٻولي، علمي ۽ ادبي اهميت:
”ديس بديس“ سفرنامي جي ادبي اهميت اُتم آهي، هن مختصر ڪتاب ۾ ڪيترائي بهترين شعر، اصطلاح ۽ محاورا موقعي مطابق موزون نموني سان پيش ڪيل آهن، جن مان ٻوليءَ جي وسعت ۽ ڪشادگي واضح ٿئي ٿي. بياني انداز وڻندڙ ۽ دل کي سيبائيندڙ آهي. پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال ڪجهه هن ريت آهن جيئن: ”جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان“، ”صبر جنين جو سير تير نه گسي تن جو“، ”وڻ وڻ ڪاٺي مڙڻ“، ”لوڪ لهوارو ته اسان جو ملڪ اوڀارو“. (هن چوڻيءَ کي ليکڪ پنهنجي انداز سان موقعي مطابق لکيو آهي). ”جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا“، ۽ ٻيا. تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل، جملن جي سونهن سفرنامي جي حسن ۾ اضافو ڪري ٿي جيئن مثال طور: ”اهو وقت دور نه آهي، جو سنڌي پنهنجي وڃايل وٿ ورائي واپس وٺندا ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جا ڌڻي پاڻ ٿيندا. (صه 92). ”آئون اهو سپنن جو سنسار کڻي هند جي ڌرتيءَ اُسهڻ جا سانباها سٽي رهيو هئس”. (صه 15).
”جتي سارين جي سڳنڌ سندن تن کي واسيو، جتي سنڌوءَ جو پاڻي سندس رڳن ۾ رت بنجي ڊوڙيو، جتي آکاڙ جي نٽهڻ اُس، پره جي پارن ۽ سانوَڻ جي وسڪارن سندن جيئندان جا گس گهڙيا، جتي تنبوري جي تان سندن من کي موم ڪيو، تنهن ڌرتيءَ کي ڏسڻ لاءِ هو آتا هئا“ (صه 22).
هن ڪتاب ۾ هنڌ هنڌ تي سهڻن شعرن جو موقائتو انتخاب آهي. شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي 16 بيتن سان گڏ تاجل بيوَس جو وطن جي محبت تي هڪ بهترين نظم ڏنل آهي، مائيڪل اينجلو جي دکدائڪ نظم جو ترجمو به اهم آهي، اجنتاجي غارن ڏسڻ مهل مصوريءَ ۽ مجسمه سازيءَ جي فن کان متاثر ٿي ليکڪ جي ذهن ۾ اياز جون هي سٽون سرجي اچن ٿيون.
پٿر منجهه پڪار، ڇيڻي ڀيڻي ناهي ڪا،
سـر ۾ سـنـگتراش جي، ڪارا ڪارونڀار،
اُڀري جن مان اوچتو، صورت سج اوڀار،
سرچي سرجڻهار، مرڪي جاچي مورتي. (صه 100)
هندوستان ۾ سنڌي ٻولي جو مستبقل: سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل جي باري ۾ هندوستان جا سفرناما لکندڙ ليکڪن خدشا ظاهر ڪيا آهن. ته ايندڙ وقت ۾ هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل مايوس ڪندڙ آهي. سليم قريشي ادبيات جي مالڪ ”ديس پرديس“، سفرنامي جي آخر ۾ هندوستان ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي معيار، ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ دستيابي ۽ وڪري جي باري ۾ لکيو آهي، جنهن مطابق اُتي سنڌي پڙهندڙ ٻار ۽ سنڌي اسڪول گهٽ آهن. سنڌي ڪتاب به ٿورا ڇپجن ٿا. انهيءَ لحاظ کان کين به سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل هندوستان ۾ مضبوط نظر نٿو اچي. ادي ماهتاب محبوب به ”اندر جنين اڃ“ سفرنامي ۾ انهيءَ اهم موضوع کي بيان ڪندي لکيو آهي ته، ”نئين ٽهيءَ جي سنڌيءَ سان واقفيت گهٽ آهي، ڇو جو هندوستان ۾ سنڌي درسي ضرورت تحت مڪمل رائج ڪونهي“. هن سفرنامي ۾ عبدالحئي پليجو لکيو آهي ته ”هندوستان کي گهمندي ۽ سنڌين سان ملندي، مون محسوس ڪيو ته نئين پيڙهيءَ جي ڀيٽ ۾ پوئين پيڙهي جي ٻڍڙن کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان زياده چاهه ۽ اُڪير هئي. هن پيڙهيءَ جي واري وڃائڻ کان پوءِ نئين پيڙهيءَ وٽان دير تائين پنهنجي عليحده سڃاڻپ کي شايد مشڪل سان قائم رکي سگهي“. (صه 149)
هن پيڙهيءَ جي ڪاوشن کي ساراهيندي نذرٿ ڪاليج جو پروفيسر، پرشوتم داس واسواڻي چوي ٿو ته: ”شاباس هجي انهن ڌرتيءَ ڌڪاڻن کي، جن هوا ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکيو آهي. بيشڪ سنڌ ڌرتي سندس پيرن هيٺ نه آهي، ته به هو سنڌيءَ کي قائم رکڻ ۽ مڃائڻ لاءِ بين الاقوامي طور ڪوششون ڪري رهيا آهن. اصل سنڌ مان لڏي ويل سنڌي هندو وچ اوڀر، سينگارپور، بئنڪاڪ، ٿائلينڊ ۽ دبئي ۾ وسيل آهن. جيڪي سنڌي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ وڏا وڏا فنڪشن ڪرائيندا آهن. پرڏيهه ۾ به سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جي پٺڀرائي ڪندا آهن ۽ هندوستان ۾ به 36 قومي ٻولين ۾ سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي“.
هندو سنڌين جي سنڌ لاءِ لازوال سڪ کي عبدالحئي پليجو شاهه سائينءَ جي هن بيت معرفت سمجهايو آهي.
ڪو جو اُٺيس مينهن، آريءَ جي عشق جو،
راتيان روئي رت ڦڙا، سک نه سارو ڏينهن،
ٻاروچاڻو نينهن، متان ماٺو نه ٿئـي.
گڏيل طور هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌين جي طرفان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ته ٿي رهيون آهن، پر جيڪڏهن ايندڙ نسل کي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن موڙيو وڃي ته بهتر قدم شمار ٿيندو.
سفرنامي جي صنف جي لحاظ کان هن سفرنامي ۾ سڀني تفريحي هنڌن جي ڪارائتي معلومات سهڻي ۽ ادبي انداز سان ڏني ويئي آهي. خاص طور ايلوراءِ اجنتا جي غارن جي معلومات آهي. ڪنهري ڪيوز جون اڍائي هزار سال پراڻيون. مورتيون ڏسي، ليکڪ لکي ٿو ته: ”هزارين سال اڳ به انساني هٿن ۾ چترڪاري ۽ مجسمه سازيءَ جي مڻيا ۽ مهارت موجود هئي. افسوس صرف اهو آهي ته اهي مهان مورت ساز تاريخ جي گهرائين ۾ گم ٿي ويا آهن ورنه هن ننڍي کنڊ ۾ ڪيئن مائيڪل اينجلو موجود هئا. جن جي ڇيڻين جي ڇهاءُ سان اڻ گهڙيا پٿر جاندار لڳندا هئا، پر انهن ڏات ڌڻين جي نالن جو نشان به تاريخ جي صفحن تي نٿو لڀي، بيشڪ تخليق جي عمر تخليق ڪار کان زياده ٿئي ٿي“.(صه، 10).
”ديس بديس“ کي هندوستاني اديب، اي. جي اُتم ”سنڌيت جي سرهاڻ جو سفرنامو“ سڏيو آهي. ”پليجي جو سفرنامو ڀارت بابت ٻين سنڌي سفرنامن کان نئون ۽ نرالو آهي. ليکڪ تي پنهنجي پيءُ نور محمد پليجي کان ورثي ۾ مليل نيشنلزم، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي ويچارن وڏو اثر ڪيو آهي. هن سفرنامي ۾ هندوستان (آڳاٽي توڙي اڄوڪي) جي خوب قدرشناسي ڪيل آهي“.
هن سفرنامي ۾ ليکڪ جتي هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ايندڙ وقت لاءِ ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. اُتي موجوده سنڌين جون سنڌيءَ ٻوليءَ لاءِ ورتل ڪوششون ساراهيون آهن. سنڌي ڪالونين ۽ سنڌو ڀون ۽ ٻين اهڙن هنڌن تي سنڌين جي ملاقاتن مان مانَ ۽ محبتون ميڙڻ کي پنهنجي هندوستان جي سفر جو سرمايو ڪوٺيو اٿن. جڏهن اُتم چنداڻي کين الوداع ڪرڻ اچي ٿو. ته پليجو صاحب سندن محبت کي هن ريت بيان ڪيو آهي: ”هن جون نظرون شايد سنڌ تائين، اسان جو تعاقب ڪرڻ لاءِ آتيون هيون، اها سنڌ جيڪا هو بنهه بي وسيءَ جي عالم ۾ ڇڏي آيو هو. جنهن جي فضائن ۾ سرهاڻ هئي، جنهن سان هن جو من واڳيل هو، جنهن جي شام ۾ هن جي پيار جا سپنا هئا، لطيف جون وايون هيون، ساميءَ جا سلوڪ هئا، سچل جا سڏ هئا، ۽ سنڌوءَ جي امرت ڌارا هئي“.
سنڌي ادب جي سفرنامن ۾ هن سفرنامي جو هڪ مانائتو مقام آهي، هن ۾ نه رڳو معلومات آهي پر حئي پليجو جو تحريري اسلوب ۽ مشاهدو هن سفرنامي کي الڳ حيثيت عطا ڪري ٿو.

”ڪنواريون ۽ ڪنول“

(114 صفحن) جو مختصر سفرنامو ارباب نور محمد پبليڪيشن وارن سهڻي پرنٽرز کوکر پاڙو حيدرآباد مان، آڪٽوبر 1991ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. پيش لفظ ۾ افسانه نگار غلام نبي مغل لکيو آهي ته: ”عبدالحئي پليجو پنهنجي لکڻيءَ جي ڪشش ۽ پرائي ملڪ منجهان مزا ماڻڻ جي ڪوشش منجهه ڪامياب ٿو ڏسجي. هيءُ ڪتاب پڙهي مون کي اُتساھ ٿيو ته حئي جا ٻيا ڪتاب به پڙهجن ۽ جيڪڏهن آئون پئسا کپائي سگهڻ جي سگهه ۽ پرائي ديس ۾ وڃي مشاهدو حاصل ڪرڻ جي قوت استعمال ڪري سگهان ٿو ته پوءِ آئون به حئي پليجي وانگر سفر ڪريان، ماڻهو ڏسان، ملڪ گهمان ۽ پنهنجي پڙهندڙن ۽ ادب کي بيان جانوان انداز ڏيان”. (صه 15). مغل صاحب جي چوَڻ مطابق ته عبدالحئي پليجو جو مشاهدو ۽ بياني قوت سندس سفرنامن ۾ اهم آهن. اها ساڳي ڳالهه اي.جي اُتم پڻ ورجائي آهي جنهن ۾ به سندس لکڻ جي نموني کي واکاڻيو آهي.

سفرنامي جو جائزو:
هن سفرنامي ۾ سريلنڪا ڪولمبو، ٿائيلينڊ ۽ خاص طور بئنڪاڪ جي ڄاڻ ڏنل آهي، هنن ملڪن جي تاريخي، اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي تجزيي سان گڏ، تفريحي هنڌن جو ذڪر شامل آهي. هي 114 صفحن جو مختصر سفرنامو آهي. جنهن ۾ بابن جي فهرست شامل ڪونهي. پيش لفظ ۽ تعارف ۾ ٻاويهه صفحا ڪتب آندل آهن ۽ 92 صفحن تي سفر جو احوال آهي. انهن مان 10 صفحا ٿائيلينڊ ۽ 12 صفحا سريلنڪا جي تاريخ، جاگرافي، سياست ۽ ملڪي انتظام جي باري ۾ آهن.
سري لنڪا ليکڪ جي نظر ۾: ڏيڍ ڪروڙ جي آدم شماريءَ وارو هي ملڪ 6508 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي (اها آبادي 1991ع ۾ هئي) سريلنڪا ۾ برساتون تمام گهڻيون پونديون آهن گهمڻ لاءِ نومبر کان اپريل تائين موسم بهتر آهي. مذهب ۾ اڪثريت ٻڌ مذهب جي آهي. ساوڪ واري سريلنڪا ۾ ڪيتريون ئي بهترين هوٽلون آهن ۽ مناسب اگهه ۾ ته سٺيون هوٽلون ملن ٿيون. ٿائيلينڊ ۾ حڪومت جو ميڊيا تي ڪنٽرول آهي، ڪافي ٿائي، چيني ۽ انگريزي اخبارون شايع ٿين ٿيون، پر پريس بلڪل آزاد نه آهي. ٿائيلينڊ چوڏهن هزار اسڪوائر ڪلوميٽرن تي پکڙيل ملڪ جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي. ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ صنعتي ترقيءَ جي ڪري، عوام جو رخ بئنڪاڪ شهر ڏانهن ايئن آهي. جيئن سڄي پاڪستان جي ماڻهن جو ڪراچيءَ ڏانهن رخ آهي، بئنڪاڪ شهر ۾ جيترا ٻڌن جا مندر ۽ مورتيون نظر ايندا ايترا شايد ئي دنيا جي ڪنهن شهر ۾ هجن. (صه۔83).
هتي رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ هندوستاني ۽ ڪجهه پاڪستانين جون هوٽلون مناسب مسواڙ تي آهن ۽ کاڌو به سوادي آهي. کاڌو ٽوڪيو جي هوٽلن ۾ جيترو سوادي صاف سٿرو ملي ٿو، ايترو ڪٿي به نٿو ملي پر ٽوڪيو تمام مهانگو شهر آهي.
ڪولمبو ۾ سنڌي تمام گهڻا ۽ سندن ڪيترائي دوڪان پڻ آهن، ڌنڌي ۾ سنڌي اتي مشهور آهن. ثقافتي ميڙن ۽ ميل ملاقاتن سان سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکيو اچن ۽ نئين نسل کي به سنڌيءَ ڏي راغب ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ڪولمبو ۾ خريداريءَ کان قلعي وارو علائقو بهتر آهي هتي سون جو واپار سٺو آهي، گيل روڊ جو علائقو به مناسب آهي. ڪولمبو گاديءَ جي هنڌ جو ايئرپوٽ شاندار آهي. نيون ۽ پراڻيون تاريخي جڳهيون جن ۾ گريسن چرچ آف سينٽ پيٽريا، پارليامينٽ هائوس، ربڙ جو ڪارخانو، فورٽ جو علائقو، سٽي هال، مشهور آهن. 1500 فٽ ڪولمبو کان مٿي ڪئنڊي هل اسٽيشن سٺو تفريحي هنڌ آهي. هي سفرنامو مختصر هوندي به دلچسپ احوال تي مشتمل آهي جنهن مان مٿين ملڪن جي ڪافي معلومات ملي ٿي.

ديس پرديس:

هندوستان جي احوال جو سفرنامو ادبيات جي مالڪ سليم قريشي جو لکيل آهي، ٻه سئو ويهن صفحن جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مئي 1982ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، اڪال ڀونگا وارن، زيب ادبي مرڪز تان شايع ڪرايو. هن سفرنامي ۾ هندوستان جي مشهور شهرن، امرتسر، دهلي، جئپور ۽ بمبئيءَ جو احوال ڏنل آهي. ”ديس پرديس“ جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته: ”هيءُ سفرنامو هڪ اهڙو بيان آهي، جيڪو پڙهندڙن کي ڀارت جي سفر ڪرڻ وقت رهنما وانگر مدد ڏيئي سگهي ٿو“. الانا صاحب چواڻيءَ ته: ”ليکڪ ڪتب فروش هئڻ سان گڏ ڪتب شناس پڻ آهي“ انهي لحاظ کان هن سفرنامي کي سٺيءَ ڄاڻ سان نوازيو آهي لڳي ٿو انهيءَ ڪُتب شناسيءَ کين لکڻ جو شوق ڏنو آهي. سليم پنهنجي گهمڻ ڦرڻ جو احوال ڊائريءَ جي صورت ۾ لکيو، جيڪو پوءِ پاڪستان ۾ اچي خان محمد پنهور ۽ نثار حسينيءَ جي مدد سان ڪتابي صورت ۾ آندائين.

ديس پرديس جو جائزو:
سنڌي ادب ۾ هندوستان جي سفر تي مشتمل ڪيترائي سفرناما لکيا ويا آهن، جيئن ”قدم ڪاپڙين جا“ امداد علي سرائي، ”ديسين وٽ پرديس“ قاضي عمر، ”ٽي مسافر ٽي شهر“، اياز لطيف پليجو، مريم ۽ اختر بلوچ، ”بهادر گڏيا بهادرين“ سائين جي.ايم سيد، ”ديس بديس“ عبدالحئي پليجو، ”اندر جنين اڃ“، ”سرهي سرهي سار“ ماهتاب محبوب ۽ ڪجھ ٻيا به سفرناما آهن. ڪجھ هندوستان جا سفرناما سليم قريشي جي ڪتاب کان اڳ جا لکيل آهن ته ڪجھ پوءِ ڇپيا آهن. هر ليکڪ جو پرکڻ، پروڙڻ ۽ لکڻ جو پنهنجو الڳ طريقو آهي، سليم قريشيءَ هندوستان کي ڪيئن ڏٺو ۽ ڪهڙي ريت بيان ڪيو. انهيءَ جي خبر ”ديس بديس“ جي پڙهڻ کان پوءِ پوي ٿي.
”ديس بديس“ 1982ع جو لکيل آهي، انهيءَ ڪري ظاهر آهي ته هن ڪتاب ۾ 38 سال اڳ جي هندوستان جو ذڪر ڪيل آهي. وقت گذرڻ سان هر ملڪ ۾ ڪجھ ترقياتي تبديلي به اچي ٿي. پر ته به بنيادي معلومات ساڳي رهي ٿي. ليکڪ پنهنجي دوست فياض سان گڏ ٽرين رستي لاهور پاڪستان کان امرتسر ذريعي دهلي پهچي ٿو. دهليءَ جا خاص گھمڻ جا هنڌ، جيئن لال قلعو، بادشاهي مسجد، (1130ع جو قطب الدين ايبڪ جو ٺهرايل) ”قطب مينار“، يونيورسٽي، غالب اڪيڊمي، غالب لائبريري، ايلقنا جون غارون ۽ دهليءَ کان چار ميل پري گوتم ٻڌ جي نالي جو باغ (جيڪو 25 سئو سال پراڻو ۽ وڏيءَ ايراضي جو باغ آهي) سليم قريشيءَ بيان ڪيا آهن، خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي ۽ خواجه نظام الدين اوليا جي مزارن تي حاضري ڀرڻ جو احوال ڏنل آهي.
جئپور جي لاءِ سفرنامانگار لکي ٿو ته: ”تعميرات جي لحاظ کان سهڻو شهر آهي ۽ ٻيهر تعمير ڪرايو ويو آهي. چار جبلن جي وچ ۾ واديءَ وانگر هن خوبصورت شهر ۾ چار مشهور قلعا آهن، جن ۾ نانڳڙھ جو قلعو تمام ڏسڻ وٽان آهن. خاص طور راجا مان سنگھ جي ستن راڻين لا ٺهرايل ست محلات آهن، جيڪي هڪجهڙائي ۽ حسين چترڪاريءَ جي لحاظ کان تعمير جي فن جو نادر نمونو آهن. انهيءَ کان سواءِ جل محل ۽ اڪبر بادشاھ جي تاريخي روايتن مطابق اڍائي ڏينهن ۾ اڏايل مسجد ۽ ڪجھ ٻيا هنڌ گھمڻ وٽان آهن.
آگري جو تاج محل ڏسندي سليم قريشي گھڻو متاثر ٿئي ٿو. سندس چوڻ مطابق ”ڪيتري نه خوبصورت عمارت آهي. واقعي محلن جو تاج آهي“. آگري ۾ سندس مطابق بهترين ترين عمارت تاج محل آهي، جنهن لاءِ ڀلي اخبارن ۽ رسالن ۾ اچي پيو ته آگري جي صنعتي علائقي جي دونهن تاج محل جي حسن کي نقصان پهچايو آهي، پر حقيقت ۾ ان جي خوبصورتيءَ ۾ اڄ به ڪو فرق محسوس نٿو ٿئي. آگري ۾ اڪبر بادشاھ جو مقبرو، لال باغ قلعو ۽ فتح پور سيڪري (جتي بابا سليم الدين چشتي جي مزار آهي) ڏسڻ جهڙا هنڌ آهن. جمنا نديءَ جي ڪناري آگري جو تاريخي شهر گهمڻ وٽان آهن.
بمبئيءَ جي جاگرافيائي حيثيت ڄاڻائيندي هن گهڻ ماڙ فليٽن ۽ گهميل آبهوا واري شهر جا ڪيترائي خوبصورت علائقا جيئن چوپاٽي، ميرن ڊرائيو، نريما پوائنٽ، باندرا ماهيم وغيره بيان ڪيا ويا آهن. گڏوگڏ هندوستان ۾ غريبي ۽ اميريءَ جي امتزاج کي ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو ڄاڻايو ويو آهي ته بهترين پوش علائقن ۾ به ڪچيءَ آباديءَ نموني جا علائقا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ کان سواءِ هندوستان جي سفرنامن ۾ عام طور فلمي صنعت ۽ فلمن جي باري ۾ احوال هجي ٿو، جيڪو سليم قريشي پڻ ڏنو آهي ۽ ڪجھ فنڪشنن جو احوال پڻ شامل آهي. سفرنامي ۾ ليکڪ سفر تي ٿيل خرچ پکي جو وچور پڻ شامل ڪيو آهي ته جيئن پڙهندڙن ۽ سفر لاءِ اُسهندڙن کي معلومات ملي. سندن مڪمل سير ۽ سفر چاليهن ڏينهن تي مشتمل هو. 9 آڪٽوبر کان 30 نومبر 1980ع تائين.

ديس پرديس جي علمي ۽ ادبي اهميت:
هن سفرنامي ۾ هندوستان جي سفر لاءِ مڪمل رهنمائي آهي، جا هڪ اهم خوبي آهي، بيشڪ هن ڪتاب ۾ ادبي انداز جي ڪمي آهي. پر سليس ۽ سادن جملن سان هندوستان جي باري ۾ ليکڪ پنهنجي ذاتي راءِ جو اظهار معلوماتي انداز سان ڪيو آهي جنهن ۾ هندوستان جي وڏن شهرن امرتسر، بمبئي، دهلي ۽ جئپور جي ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ هندوستان جي مختلف ريلوي اسٽيشنن ۽ ريلوي جي نظام کي بيان ڪيو ويو آهي. ليکڪ چواڻيءَ ته هتي ريلوي جي بڪنگ جو انتظام لاجواب آهي، مختلف هوٽلن جي احوال ۽ کاڌي پيتي جي شين کي ذڪر ڪندي انهن جي ڀيٽ سنڌ جي هوٽلن سان ڪري خرچ پکي جي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ببمبئيءَ ۾ ٽن ڪيٽيگرين ۾ هوٽلون ورهايل آهن جن کي ميٽروپوليٽن سرٽيفڪيٽ مليل آهي جتي ڪابه بارگيننگ ڪونهي ۽ اگھ مقرر آهي. هن سفرنامي ۾ هندوستان ۾ سنڌي ڪتابن جي ڇپائي ۽ وڪري جي باري ۾ ڪيل سروي بابت ليکڪ هڪ مڪمل باب آخر ۾ ڏنو آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي محققن ۽ ليکڪن سان ملاقات جو ذڪر جنهن ۾ خاص طور ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، هيرو ٺڪر (جنهن قاضي قاضن جي ڪلام جي باري ۾ سندن تحقيق ٿيل ڪتاب کين تحفي ۾ ڏنو) شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڇپائيءَ جون غلطيون نه هئڻ برابر آهن، باقي ادبي انداز سان لکڻ لاءِ سليم قريشيءَ شروع ۾ ئي ڄاڻايو آهي ته ”مان اديب نه آهيان جو هن ۾ گھربل رنگ ڀري سگهان“ نثار حسينيءَ راءِ ڏني آهي ته، ”هيءُ ڪتاب نه ٺيٺ ادبي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن اديب لکيو آهي اهو عام بنيادي ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ ٻوليءَ ۾ هڪ ماڻهوءَ جي تاثرات تي ٻڌل ڪتاب آهي“.

الطاف شيخ جي سفرنامن جو تفصيلي جائزو

الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع، تي هالا۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم هالا۾ وٺڻ بعد هو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو. ڪرنل ڪومبس جي دورجو اهو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج سچ پچ ڪئڊٽ ڪاليج هو جتي سندس تعليم سان گڏ تربيت به سٺي ٿي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگيءَ کيس خوداعتماد ۽ محنتي بنايو الطاف شيخ قابل شاگردن مان هو. انجنئيرنگ ۾وڃڻ بعد سنڌکان چٽنگانگ بنگلاديش ويو مئرين انجنيئر طور سڄي دنيا جا ملڪ گھميو آخر۾ چيف انجنيئرٿي ريٽائرڊ ڪيائين. پر اڄ به کيس پيٽارو سان محبت آهي جنهن جو ذڪر هو پنهنجي تحريرن ۾ ڪندو آهي ان کان سواءِ هن مختلف هنڌن تي پڙهائڻ جو ڪم به ڪيو. شيخ الطاف کي پنهنجي فيلڊ جي سٺي ڄاڻ آهي پر کيس سنڌي ادب جي به ڄاڻ آهي هن سنڌي ادب ۾ مترجم ۽ سفرنامانگار طور ڪتاب لکيا آهن ڪي ڪتاب مرتب پڻ ڪيا آهن سندس ادبي ڪاوشن کي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ اهميت ملي آهي هن سفرنامي جي صنف ۾ لکي سنڌي ادب کي سفرنامن ۾ مالامال ڪري ڇڏيو آهي الطاف شيخ جا سفرناما دنيا جي وڏي حصي جي معلومات ڏين ٿا. هن تقريبن سڄي دنيا جي اهم ملڪن کي ذڪر ڪيو آهي پر سندس رهڻ گهڻو سينگاپور، ملائيشيا ۽ جپان ۾ ٿيو آهي انهن ملڪن جو ذڪر سندس سفرنامن ۾ گھڻو آهي.

مُنهنجو ساگر مُنهنجو ساحل: سندس پهريون سفر نامو آهي ۽ ٻين ڪتابن ۾ ”جاني ته جھاز ۾“ ”بندربازاريون“، ”سمونڊ جي سيوين“، ”وايون وڻجارن جون“، ”جت جروهي ٿو جال“، ”دنگي منجهه دريا“، ”موج نه سهي مڪڙي“، ”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”اوهرياجي عميق ڏي“، ”سمونڊ جن ساڻيهه“، ”سانباهو سمونڊ جو“، ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“ ۽ ٻيا سفرناما آهن جن جا عنوان شاهه جي بيتن مان ورتل آهن ۽ گھڻي قدر سرسارنگ ۽سامونڊيءَ مان آهن ۽ائين ئي سندس سفرنامي ۾ موقعي جي مناسبت سان شاهه صاحب جا بيت پڻ ڏنل آهن سندن ٻين سفر نامن ۾ ”ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين“، ”مڪلي کان ملاڪا تائين“، ”ڀلي پار تان ڀيرو“، ”جپان رس“، ”سينگاپور ويندي ويندي“، ”بوتلن جو سفر“، ”ڪويت ڪنارا“، ”پيارجي گھٽ“، ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو پنجاهه کان مٿي آهي، جنهن ۾ چار ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ آهن هن ٻارن جون آکاڻيون پڻ لکيون ته اناميڪا عنوان سان پهريون ڪتاب ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو پڻ لکيائين. هيٺ چند سفرنامن جو احوال ڏجي ٿو.
منهنجو ساگر منهنجو ساحل، سفر نامي طور الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب خطن تي مشتمل آهي، اُهي خط ليکڪ پنهنجي دوست ڊاڪٽر سليمان شيخ کي سفر دوران لکيا هئا جن ۾ انهيءَ سفر جو سربستو احوال آهي پهريون خط عربي سمنڊ تان 23 سيپٽمبر 1968ع، تي لکيو ويو جنهن سان سفر نامي جي شروعات ٿيل آهي انهن خطن ۾ سفرناما نگار سامونڊي سفر جي جوکن، مئرين نيويءَ جي معلومات ۽ مختلف سمنڊن جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏنو آهي جن ۾ بحراسود (Black Sea) ۽ عربي سمنڊ کان سواءِ لاس پاماس ٻيٽ ۽ ٻين ٻيٽن جو احوال ڏنل آهي جن ملڪن ۾ الطاف شيخ جو هن سفر ۾ وڃڻ ٿيو انهن ۾ ڪولمبو، يوگوسلاويه، رومانيه بلغاريه، ڪينيا، سلون، اٽلي، جرمني، شام، مصر، قاهره، روم، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۽ شهرن جو احوال آهي روم جي شهر لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته، “ادا روم ۾ جتي آئون ڪجهه ڏينهن اڳ هئس جيڪو هڪ تاريخي شهر آهي اٽڪل چارهزار سال پراڻو ٿيندو دنيا جو وڏي ۾ وڏو چرچ سنيٽ پيرس به روم ۾ آهي. شهر ۾ جتي ڪٿي تمام وڏا پٿر ۽ڌاتوءَ جا بت نظر ايندا بگهاڙي جو بت روم جي قومي نشاني آهي چيو وڃي ٿو ته روم ٻن ڀائرن ٺهرايو جن کي ننڍي هوندي ان بگھاڙيءَ کير پياري وڏو ڪيو هو”. (1) 
1977ع ۾، ”منهنجوساگرمنهنجو ساحل“، ڪتاب جو پهريون ڇاپو، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان علي نواز وفائي شايع ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ٻيا ڇاپا پڻ ڇپيا آهن هي ڪتاب موجوده وقت چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي سنڌيءَجي نصاب ۾ شامل آهي هيءَ ليکڪ جو سفرنامو خطن جي صورت ۾ آهي. شروع دور جا سفر ناما انهيءَ ريت پڻ هئا جيڪي پڙهڻ وارن کي خشڪ پڻ لڳن ٿا جنهن منجهه پڙهڻ ۾ توجه پڻ مڪمل قائم نٿي رهي جو خطن ۾ ايئن لکيل هوندو آهي، اميد ته ”ٻيو احوال ايندڙ دفعي لکندس“ بهرحال ان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ سفرنامن لکڻ جو رواج قائم ٿيو ۽ اڄ انيڪ سفرناما سنڌي ادب جو حصو آهن.

بندر بازاريون: سفرنامو سنگاپور، پورٽ ڪلانگ ۽ ملايا جي احوال تي مبني آهي، نيو فيلڊس پبليڪيشن، جو ڇپايل، هيءُ سفرنامو 170 صفحن تي مشتمل آهي، بندر بازاريون جو پهريون ڇاپو 1975ع، ۾ آيو، هن ڪتاب جو انتساب ڏيساور ۾ رهندڙ ديس واسين جي لاءِ آهي. ڪتاب جو مهاڳ امر جليل جو لکيل آهي.
جليل صاحب لکي ٿو ته: ”الطاف جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آهي، تنهن ڪري هو دنيا جي جنهن به حصي ۾ ويندو آهي، اتي سنڌي سٻاجهڙن جي ڳولها ڪندو آهي، سندس کوجنا اڪثر ڪري بر ثواب ٿيندي آهي، هن سنڌين کي پرديس ۾ سکيو ستابو ڏٺو آهي، هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، سنگاپور، بيروت، وچ مشرق، يورپ، آفريڪا آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ سنڌين جا دڪان، هوٽلون، ڪارخانا ۽ واپار جون منڊيون ڏٺيون آهن، مان سوچيندو آهيان ته اسان منجهان اهڙو ڪو مڙس ماڻهو شل نروار ٿئي جيڪو سڪ جو سڳو کڻي نڪري ۽ سموري دنيا جي سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي ڇڏي“. (2)
”بندر بازاريون“ سفرنامي ۾ ليکڪ “سرفراز رفيقي” جهار تي اوچتي ڊيوٽي لڳڻ سبب، اوڀر پاسي وارن ملڪن، ملايا، چين، سنگاپور، ٿائيلينڊ هانگ ڪانگ ۽ جپان ڏانهن سفر ڪري ٿو. ڪتاب جي شروع، ۾ مئرين اڪيڊمي جي سليڪشن جي ڄاڻ سان گڏ، جهاز جي بناوٽ ان جا قسم ۽ اسٽاف وغيره جي باري ۾ معلومات ڏني وئي آهي، گڏوگڏ (Seasickness)، (سمنڊ ۾ سفر ڪندي خراب موسم جي ڪري ٿيندڙ بيماري جنهن ۾ الٽيون ڦيري ۽ مٿي ۾ سور ٿيندو آهي)، جي ڄاڻ ڏنل آهي ۽ اهو به ڄاڻايو آهي ته اهڙا اتفاق ڪڏهن ڪڏهن ٿيندا آهن، اها سڀ معلومات مئرين اڪيڊميءَ ۾ ڀرتيءَ جي خواهشمندن يا سامونڊي زندگيءَ بابت ڄاڻ وٺندڙ لاءِ خاص طور ڏنل آهي. هن سفرنامي ۾ جهاز پهرين ملايا، جي ٻيٽ ”پينانگ“ تي پهچي ٿو. پينانگ ٻيٽ ڊيوٽي فري ٻيٽ آهي، جتي تمام گهڻي سستائي آهي، ليکڪ، چواڻيءَ ته ”ليڊيز جي ته ڄڻ لئه آهي ۽ عورتن جي لاءِ انهن شهرن جو هڪ هڪ ڏينهن عيد برابر آهي“.
شيخ صاحب موجب ته، ملايا ۾ چار قومي زبانون آهن، انگريزي، چيني، ملئي ۽ تامل جيڪڏهن پويون ٽي زبانون ڪنهن کي نٿيون اچن ته خير آهي، انگريزي اتي بلڪل عام آهي، هڪ عام رڪشا وارو يا اڻ پڙهيل دڪاندار به سٺي انگريزي ڳالهائي ٿو. ملايا ۾ سنڌي ڪافي تعداد ۾ آهن ۽ دوڪاندار به سنڌي گهڻا آهن، سنڌين جي واپار وڻج لاءِ اتي هي قول عام آهي، Salesman means sindhi, sindhi means salesman. ملايا جا مسلمان ملئي زبان ڳالهائيندڙ ۽ شڪل و صورت ۾ چينين جهڙا آهن، هتي چيني به رهندڙ آهن. جن مان ڪجهه مسلمان آهن ته ڪي عيسائي آهن، ڪجهه ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ آهن، ملايا ۾ ننڍيون وڏيون هر قسم جون هوٽلون آهن. جن جو کاڌو ذائقي ۾ ٺيڪ ٺاڪ آهي، هتي خاص طور پان تمام سٺا ملن ٿا. گرم مصالحو، ادرڪ، کاڄا ۽ لونگ ڦوٽا خاص طور سستا آهن. ملايا ۾ چيني، ملئي، انڊين، پنجابي، سنڌي، گجراتين ۽ کوجن سان گڏ، اڪثريت سنڌي هندوئن جي رهائش پذير آهي، ملايا جي مشهور شهرن ۾ پينانگ، بئروٿ ۽ پورٽ ڪلانگ آهن، گهمڻ جي هنڌن ۾ نانگن جو مندر، پينانگ ٻيٽ، پينانگ جو باغيچو، ميرلين هوٽل جي ڇت تي ٺهيل گول ڦرندڙ ريسٽورينٽ (Revolving restaurant) ۽ ڪجهه اهم بازارون شامل آهن.
سنگاپور کي الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ گهڻو ذڪر ڪيو آهي، سندس رهائش انهيءَ ملڪ ۾ وڌيڪ وقت رهي آهي، لکي ٿو ته، “سنگاپور” جي زيادهه ڪمائي ٻاهرين ملڪن مان آيل سياحن ۽ جهازن جي ڪري آهي. سنگاپور جهازن جي تيل جو وڏو مرڪز آهي، جاگرافي نقطئه نگاهه کان ڪجهه اهڙي هنڌ تي آهي، جو هر جهاز پئسفڪ وڏي سمنڊ کان، هندي وڏي سمنڊ ڏي ايندي يا ويندي، ڏکڻ چيني سمنڊ مان لنگهندي، سنگاپور وٽان ضرور لنگهي ٿو. تيل جي وڏي مرڪز ۽ فري پورٽ کان علاوه هڪ ٻرندڙ شمع، مثل آهي. جنهن جي چوڌاري پتنگن وانگر جهاز ميڙ ڪيو بيٺا هوندا آهن.” سنگاپور جي آمدنيءَ ۾ رٻڙ ۽ ناريل جي پوک کان علاوه کاڻين مان نڪتل شيهو به شامل آهي پر گهڻي ڪمائي سياحت جي ڪري آهي، سينگاپور سنسڪرت لفظ “سنگاپور” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ “شينهن جو گهر” شهر ۾ جتي ڪٿي سنگ مرمر جا شينهن جا مجسما ڏسڻ ۾ ايندا جن هيٺ Lion City لکيل هوندو.
سنگاپور 20 لک آباديءَ جو ملڪ آهي (اها آبادي 1973ع، جي شمار ٿيندي) پر انتهائي صاف سٿرو ملڪ آهي جتي رستي ۾ ٿڪ اڇلائڻ، سگريٽ جو ٽوٽو ڦٽي ڪرڻ تي به پنجاهه ڊالر ڏنڊ ۽ جيل جي سزا آهي. هتي انڊين ايئرلائينز، انڊين ٽوئرسٽ بيورو جي سروس سٺي آهي، انڊين بئنڪون ۽ انڊين هوٽلون گهڻيون آهن، انهيءَ کان سواءِ هندوستاني ڪتاب اخبارون ۽ رسالا پڻ عام جام آهن ۽ انڊيا جي تهذيب و تمدن جي پبلسٽي وڌيڪ آهي، سنگاپور ۾ سنڌي هندو تقريباً 10 هزار کان به وڌيڪ آهن، جڪارتا، انڊونيشيا ۽ هانگ ڪانگ ۾ به سنڌين جو تعداد جهجهو آهي. هتي سنڌي هندوئن جي مرچنٽ ايسوسيئيشن آهي. (جنهن جي سيڪريٽريءَ مسٽر رامچند کان ورتل انٽرويو ڪتاب ۾ تفصيل سان ڏنل آهي). سنگاپور جي سنڌين جي هيءَ مرچنٽ ايسوسيئيشن باقائده رجسٽرڊ آهي جا 1921ع، ۾ رجسٽر ٿي، هن ايسوسيئيشن کي پنهنجي ٽيليفون ڊائريڪٽري آهي ۽ سندن گڏجاڻيون ”سنڌو هائوس“ بلڊنگ ۾ ٿينديون آهن. سنڌي ٻارن کي چيني ۽ انگريزي سيکارڻ سان گڏ سنڌي سيکارڻ لاءِ سنڌين هڪ الڳ اسڪول به قائم ڪيو آهي، ته جيئن سندن ايندڙ نسل سنڌي ٻوليءَ کان باخبر رهي.
ٿائيلينڊ الطاف جي نظر ۾ ٻڌ ڌرم کان مشهور ملڪ آهي. هتي انگريزي ورلي ڪو ڳالهائيندو ٿائيلينڊ ۾ ٿائي زبان ڳالهائي ويندي آهي. ٻڌ ڌرم 25 سئو سال اڳ هتي پهتو، هتي جي ٻڌن جي پگوڊن عبادتگاهن ۽ ٻڌ ڀڳشوئن (ٻاون) کي ڏسڻ لاءِ ٻڌ ڌرم جا ماڻهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندا آهن. ٿائيلينڊ جو مشهور شهر ”حاديه“ ۽ مشهور بندرگاهه ”سونگ ڪلا“ آهي. ٿائيلينڊ جي مذهب تي هندو مذهب جو اثر پڻ شامل آهي، هندو ڌرم جا ڪيترائي ڪتاب مثلاً ڀڳوت گيتا ۽ رامائڻ وغيره. ٿائيلينڊ جي اسڪولن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ٿائي زبان سنسڪرت جي Modification آهي.
بندر بازاريون الطاف شيخ جي شروع، جي لکيل سفرنامن ۾ دلچسپ سفرنامو آهي، جنهن ۾ مٿين ٽنهي ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافيائي ڄاڻ سان گڏ ڪا تفصيلي معلومات مهيا ڪيل آهن.
(هيءُ سفر نامو C.SS جي چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۽ ڊگري ڪلاسن لاءِ نصاب ۾ مقرر رهيو، هن جو هڪ باب ”سنگاپور ۾ سنڌي“ جي عنوان سان ڊاڪٽر نواز علي شوق سندن مضمونن جي مجموعي ”هٻڪار“ ۾ به ڏنو آهي). سيٺ رامچند جو انٽرويو بيان ڪندي الطاف سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي ملاوٽ جو ذڪر ڪري ٿو ته فيصلو عالمن، اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن تي ڇڏي ڏئي ٿو. سندس چوڻ مطابق هندوستان جي سنڌيءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت، پاڪستان جي سنڌيءَ ۾ عربي، فارسي ۽ اردو، سنگاپور جي سنڌيءَ ۾ ملئي ۽ انگريزي، اسپين جي سنڌيءَ ۾ اسپيني لفظ يا اصطلاح هاڻي شامل ٿي ويا آهن، اهو سٺو آهي يا خراب انهيءَ لاءِ بحث جي ضرورت آهي، اهو فيصلو عالمن، اديبن، مفڪرن ۽ دانشورن کي ڪرڻ کپي ته اهو صحيح آهي يا نه؟ هن اهم موضوع، تي الطاف جو سوچڻ، فڪر ڪرڻ ۽ دانشورن ۽ عالمن کي هن خاص نقطي تي سوچي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ چوڻ سان، سندن سنڌي ٻوليءَ سان محبت ظاهر ٿئي ٿي ۽ دنيا ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن سان ملڻ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقيءَ ۽ ترويج جي لاءِ ورتل ڪوششن جو جائزو ڏيڻ سان سندن سنڌيت جو ثبوت ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٻولي سليس ۽ عام فهم استعمال ٿيل آهي، لفظن ۽ جملن جو استعمال سهڻو آهي، موقعي مطابق چوڻيون ۽ پهاڪا استعمال ٿيل آهن، جيئن ”رڃ ۾ ڪنهن مسافر کي پاڻيءَ سرڪ ملي ڄڻ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سڻائو سمنڊ مليو“، ”ٻه به ويون ڇهه به ويون“، ”ڏيهه کي ڄاڻ پوي ته ڀلي پوي باقي ڏيراڻيءَ کي نه هئڻ گهرجي“، يا شاهه سائين جي بيتن جو استعمال جابجا نظر ايندو. جيئن.
پيهي  جان  پاڻ  ۾،   ڪيم   روح   رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون  ٿيس  پاڻ،  سسئيءَ  تان  سور  ويا.

سو  هي  سو  هو،  سو  اجل   سو   الله،
سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو.
مجموعي طور ”بندر بازاريون“ علمي ۽ ادبي طور اهميت وارو سفرناموآهي.
سمونڊ جي سيوين: 1972ع، ۾ ڇپيل آهي، هن سفرنامي جي شروعات شاهه سائينءَ جي هن بيت سان ٿيل آهي.
سمونڊ  جي  سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
چلر جي چوئين، تن سانکونٽا ۽ سُتيون.

سمونڊ جي سيوين، الطاف جي لکيل سفرنامن ۾ شروعاتي دؤر جو ۽ ترتيب مطابق، چوٿون نمبر سفرنامو آهي، 195 صفحن جو هيءَ ڪتاب نيويارڪ، لنڊن، آفريڪا، جرمني ۽ پولينڊ جي ملڪن جي ڄاڻ ڏئي ٿو.
”سمونڊ جي سيوين“ فروغ ادب هالا وارن، سنڌ پرنٽنگ پريس اڪال ڀونگا گهٽي حيدرآباد مان ڇپايو. ڪتاب جي شروع، ۾ پاڪستان نيويءَ جي ڪمانڊر اسرار الله جي طرفان انگريزيءَ ۾ لکيل تعريفي خط پڻ ڏنل آهي. سفرنامي ۾ ڪل ست باب آهن پهريون باب آمريڪا ۽ نيويارڪ جي ڄاڻ تي مشتمل آهي.
آمريڪا ۽ نيويارڪ ليکڪ جي نظر ۾ هن ريت آهن.
(1) آمريڪا ۾ زرعي ترقي جديد اصولن تي مبني آهي.
(2) نيويارڪ جي شهر تي نه صرف هن ملڪ کي، پر سڄيءَ آمريڪا کي فخر آهي، هيءُ شهر دنيا جي وڏن ۽ با رونق شهرن مان آهي، ويهين صديءَ جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو هڪ نادر ۽ انوکو نمونو آهي.
(3) سڄي نيويارڪ اسٽيٽ مختلف ايونيوز ۾ ورهايل آهي هتي جو ”Railway System“ تمام بهترين آهي.
(4) آمريڪا ۾ ٽئڪسيءَ جو سفر ايترو ته مهانگو آهي، جو صرف سمگلر ئي ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن سڄي شهر جو سئر ٽڪسيءَ ۾ ڪجي ته شام تائين ايترو بل ٿي ويندو. جو ان مان نئين گاڏي وٺي سگهجي ٿي.
(5) آمريڪا جي آئس ڪريم ۽ ملڪ شيڪ جو مقابلو دنيا جو ڪوبه شهر نٿو ڪري سگهي.
(6) آمريڪا ۾ هر شيءَ جي پيڪنگ تمام خوبصورت هوندي آهي. بعض اوقات خريد ڪيل اصل شئي کان سندس پيڪنگ جو مٽيريل وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي.
(7) نيويارڪ ۾ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ، اسٽيچيو آف لبرٽي، ٽائيمس اسڪوائر ۽ سينٽرل پارڪ کي بيان ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته: ”نيويارڪ دراصل ننڍن ٻيٽن سان مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جهڙوڪ: مئن هٽن، بروڪلن برانڪس، اسٽيٽن آئيلينڊ، ڪوني آئيلينڊ، ڪئينس وغيره. جيئن ڪراچيءَ جا ڪيترائي حصا آهن، منوڙو، ڪياماڙي، ناظم آباد، صدر، ملير، لانڍي وغيره ۽ سڀني ۾ بارونق جڳهه ”صدر“ آهي تيئن نيويارڪ جو سڀ کان خوبصورت ۽ مشغول علائقو “مئن هٽن” آهي، جنهن کي عام طرح نيويارڪ ڪوٺجي ٿو“.
لنڊن جي باري ۾ ليکڪ جي راءِ:
(1) انگلينڊ جي عوام جي زندگي منظم آهي. هتي ٽرئفڪ جو انتظام ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم تمام سٺو آهي.
(2) لنڊن ۾ پاڪستانين ۽ هندستانين جي اڪثريت آهي، ايترا انگريزن جي حڪومت ۾ به پاڪستان ۾ انگريز نه هئا، جيترا توهان کي پاڪستاني، هندوستاني، انگلينڊ ۾ نظر ايندا. انگلينڊ ۾ ايترا ته پاڪستانين جا دڪان آهن جو اتان هر شيءَ اٽو، ڳڙ، آچار، مرچ مصالحي کان وٺي ڀڳڙن، ريوڙين ۽ مٺائيءَ تائين هر شيءَ ملي ٿي.
(3) لنڊن جي پر سڄي انگلينڊ جي موسم بي ڀروسي آهي، بقول ليکڪ انگلينڊ جي موسم ۽ محبوبه تي ڪهڙو ويساهه؟ هي موسم ستارن جي اثر وانگر اتي جي ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل آهي.
(4) ٽيمس ندي ۽ انهي مان ٻڌل پليون، جيئن (ٽاور برج، ريلوي برج، واٽر برج وغيره) جي ذڪر سان گڏ پڪاڊلي، سرڪس، بئنڪ آف انگلينڊ، مشهور ريڊيو اسٽيشن، بي بي سي، ويسٽ منسٽر، ميڻ جو عجائب گهر ۽ آڪسفورڊ و ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جو مختصر ذڪر ڪيل آهي.
(5) جرمنيءَ کي الطاف شيخ خوبصورت سائين بورڊن سان سينگاريل ۽ بهترين دڪان سازيءَ کان مشهور شهر ڄاڻايو آهي. جنهن جا خوبصورت ڊپارٽمينٽل اسٽور سهڻا سجايل آهن. سخت سرديءَ جي باوجود جرمنيءَ کي گهمڻ ڦرڻ ۾ انتهائي لطف آهي.
”بردمودا ٻيٽ“ جيڪو نيويارڪ کان سئو ڪلو ميٽر پري آهي، انهيءَ ٻيٽ تي اتفاق سان جهاز جي بئالرن جي خرابيءَ سببان، لنگرانداز ٿيڻ جو احوال آهي، هن ٻيٽ کي “جهازن جو قبرستان” سڏيو ويندو آهي. جو هتي سمونڊي حادثا گهڻا ٿيندا آهن. ليکڪ کي هن سنسان ٻيٽ تي اصولڪي رهاڪن ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي گورن سان گڏ هڪ سنڌي حيدرآباد هيرآباد جي فئملي ملڻ تي عجب ٿئي ٿو، جيڪي 1915ع، کان هن ٻيٽ تي آيل هئا.
(1) پولينڊ جا رهاڪو مهمان نواز، سچار و صاف دل ۽ خلوص وارا ۽ ايماندار آهن.
(2) پولينڊ ۾ قانون جو احترام تمام گهڻو آهي، پولينڊ، روس، رومانيه ۽ بلغاريه ۾ اڪيلي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونهي هتي ڌاڙي يا ڦرلٽ جو مثال مشڪل سان نظر ايندو.
(3) پولينڊ ۾ بهترين صفائي آهي، روڊ ايڪسيڊنٽ نه هئڻ جي برابر آهن.
(4) کاڌي پيتي ۾ ڪوڪ وغيره جي بجاءِ جوس کي اهميت آهي، هوٽلن ۾ کاڌو صحت جي اصولن مطابق صاف سٿرو ملي ٿو.
(5) ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جي لٽريچر تي پابندي آهي ۽ ڪسٽم جي چيڪنگ سخت آهي، ملڪ جي اندر به فحش لٽريچر تي سخت پابندي آهي.
(6) پولينڊ جي خوش مزاج عوام ۾ آرٽ ۽ موسيقيءَ جو سٺو قدر آهي، هن ڪتاب  جي پڄاڻيءَ ۾ ليکڪ پولينڊ جي مسحور ڪن موسيقي تي سهڻا ڪمينٽس (Comments) ڏنا آهن.
”لورپورجا ڏينهن ۽ مانچسٽر جون راتيون“ جي باب ۾ خيرپور جي محمد علي جماڻي، لياقت جماڻي ۽ لعل جوڻيجي سان قرب ڀرين ڪچهرين جو احوال آهي، لعل جوڻيجي سان ادبي ڪچهريءَ جي ڏي وٺ ۾ “روح رهاڻ” جي بندش تي ڏک جي اظهار سان گڏ “سهڻي” رسالي جي خدمتن جي ساراهه آهي، گڏوگڏ طارق اشرف، غلام نبي مغل، ظفر حسن، نسيم کرل، امداد حسيني، وليرام ولڀ جن جي افسانن ۽ شاعريءَ تي بحث مباحثو آهي. محمد علي ۽ سندس زال جينيءَ جي ٺاهيل ڳڙ ۽ مکڻ جي بسرين کائڻ سان گڏ برف وسندي جڏهن يوسف، روبينه، روناليليٰ ۽ خميسي خان جا الغوزي جا رڪارڊ ٿي وڄيا تڏهن ليکڪ چواڻيءَ ته، ”ڪا خبر ڪونه هئي ته مهمان ڪير آهي ۽ ميزبان ڪير؟ انهن پرديس جي ملاقاتن ۾ ديسي ڪچهرين ۽ ديسي کاڌن جي هڪ عجيب لذت ۽ سواد هو“.(3) 
نيويارڪ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ساٿين جي محبت سندس من موهي ورتو. مير مبارڪ ٽالپر، يوسف ڏاهري ۽ نور احمد نظاماڻي جن کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون.
هيءُ مختصر سفرنامو، باقائده هڪ ملڪ جو سفرنامو نه آهي بلڪه هن ۾ مختلف هنڌن جي معلومات آهي، جنهن ۾ لنڊن، آمريڪا، نيويارڪ ۽ پولينڊ جو ذڪر وڌيڪ تفصيلي آهي، اهي ئي سفرنامي جا حصا وڌيڪ وڻندڙ آهن. پولينڊ جي سفر وارو باب پڙهڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪير پولينڊ وڃي ته هو ڌارئين ملڪ جي لحاظ کان بلڪل خوفزده نه ٿيندو، ته هتي مون سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو؟ ڇو جو الطاف صاحب پولينڊ جو نقشو اهڙو چٽيو آهي، جو ائين ٿو لڳي ته، پولينڊ ۾ شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تي پاڻي پين ٿا. ڪتاب جي ٻولي مناسب آهي، ليکڪ جي شروع، دور جي سفرنامن ۾ ڪجهه ڪجهه هنڌن تي ٻوليءَ جي ترتيب ۾ نقص آهن. ته اردو جا لفظ پڻ استعمال ٿيل آهن. جيئن، دوران گفتگو، پرواز، رچي بسي وغيره گڏوگڏ اڳيان هلي الطاف شيخ جي لکڻيءَ ۾ پختگي اچي وئي آهي ۽ سندس ڪتابن جا پروف به ڌيان سان جانچيل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪافي هنڌن تي پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال موقعي مطابق آهي، مثال طور “ٻه به ويون ڇهه به ويون”، “لهي لوهه به ڪونه، چئي منهنجو نالو سون ٻائي”، “اڃا ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي”، “اٺ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي، ڪري پئي کوه ۾ ته ڏيڍ رپيو ڪڍاڻي”، “ڏينس ٽُڪر ته هيءَ چئي سمهان وچ ۾”، وغيره. مجموعي طور هي سفرنامو شروع، دور جي سفرنامن ۾ اهميت رکي ٿو. معلومات ۽ ڄاڻ جي لحاظ کان هن جي هڪ خاص حيثيت آهي.

وايون وڻجارن جون:  سفرنامو به الطاف شيخ جي شروع، دور جي لکيل سفرنامن مان هڪ آهي. هيءُ ڪتاب، اپريل 1974ع، ۾، سهڻي پبليڪيشن الهندو ڪچو، جي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ڇپجندڙ رهيو آهي. 220 صفحن جو هيءُ ڪتاب هانگ ڪانگ ۽ ان جي ويجهڙائيءَ جي تفصيلي معلومات تي مشتمل آهي، هن سفرنامي جو انتساب سنڌ جي شهر “هالا” جي نالي آهي. مهاڳ طارق اشرف جيل مان ”سفرنامو، جيل نامو“ جي عنوان سان لکيو. جنهن ۾ طارق لکيو آهي ته،
”پاڻ مختلف ملڪن ۽ بندرگاهن جي سير سان گڏ، اتي جي تهذيب و ثقافت کان واقف ڪرائي ٿو ۽ سندس سفرنامن ۾ ڪارائتي معلومات هوندي آهي. گڏوگڏ ننڍيون ننڍيون دلچسپ ۽ اڻ وسرندڙ، جيئريون جاڳنديون ڪهاڻيون ۽ دلچسپ واقعا، هنڌائتا لطيفا، پڙهندڙ کي تفريح جو پورو موقعو ميسر ڪن ٿا“. اهو به لکي ٿو ته، ”الطاف جادوگر آهي، پڙهندڙ سندس لکڻيءَ جي منڊ ۾ منڊجي پوي ٿو“. (4)
هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ جي پرستارن ۽ دوستن جا تنقيدي ۽ تعريفي خط شامل آهن. جن مان قمر شهباز، استاد بخاري، عنايت بلوچ، ڊاڪٽرسليمان شيخ، شيرين فاروقي، سيما ممتاز عباسي، تبسم ماهتاب ايڊووڪيٽ ۽ ٻين جا خط اچي وڃن ٿا. 
سفر نامي جي شروعات، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي جهاز جي هانگ ڪانگ ۾ لنگرانداز ٿيڻ تي ٿئي ٿي، جنهن ۾ هن دفعي ڊيوٽيءَ دوران ليکڪ پهريون دفعو آيو هو. (حالانڪه پوءِ سندن گهڻا سفرناما، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملايا ۽ ٿائيلينڊ جي باري ۾ آهن).
هانگ ڪانگ جي تفصيلي احوال سان گڏ، آخر ۾ خوبصورت مڪائو ٻيٽ جو احوال آهي، مڪائو هانگ ڪانگ کان چاليهه ميل پري آهي، جيڪو ليکڪ چواڻيءَ ته؛ جوا ۽ سون جي ناجائز خريد و فروخت ۾ مشهور آهي، مڪائو جي ويجهو تائيپا ۽ ڪولاني ٻيٽ آهن. جيڪي پوريءَ دنيا ۾ آتش بازيءَ جو مادو ٺاهڻ ۾ مشهور آهن. هتي ٽنهي ٻيٽن جا اصل باشندا هانگ ڪانگ وانگر چيني آهن، مڪائو جي لاءِ شيخ صاحب لکي ٿو ته:
”هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي، جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي ڳانا نه خريد ڪرڻ“. (5)
الطاف جي معلومات موجب، ”هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) جو ٻيو حصو ڪولون آهي، هانگ ڪانگ جنهن جي معنيٰ ”خوشبودار بندرگاهه“ انگريزن جي قبضي ۾ 1842ع، ۾ آيو. هتي اڪثريت عوام جو مذهب ٻڌ ڌرم آهي. هانگ ڪانگ سنگاپور ۽ ملايا جا چيني بيحد محنتي، اورچ ۽ ذهين آهن ”بليڪ پيئر“ هانگ ڪانگ جو ڪياماڙيءَ وانگر پران کان به وڌيڪ ماڊرن ڪشادو ۽ صاف سٿرو هنڌ آهي، جتان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ملڪن جي جهازن جو سمنڊ جي ڌڪي (Jetty) تي لڳڻ جا ۽ ماڻهن جي آمدرفت جا نظارا پسي سگهجن ٿا ته ان جي مٿئين حصي مان هانگ ڪانگ جو ٻيٽ ۽ ڪولون جا ڪنارا، چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هانگ ڪانگ ۾ هزارين سنڌي رهن ٿا ۽ ٻين هندوستانين ۽ پاڪستانين جو تعداد به تمام گهڻو آهي. هانگ ڪانگ خريدارن لاءِ جنت آهي، ڇو جو هتي ٽئڪس نه هئڻ ڪري انيڪ شيون سستيون آهن. هانگ ڪانگ ۾ الڪٽريڪل مصنوعات کان علاوه ريڊي ميڊ ڪپڙا تمام سستا آهن. جيڪي يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ به ملن ٿا. هتي ڪپڙو ۽ سلائي ٻيئي سستا آهن. ڪپڙن جي بهترين سلائيءَ لاءِ گهڻا دڪان سنڌين جا آهن، جن تي ڪاريگر چيني ۽ سنڌي آهن. ”کاڌي جي لحاظ کان نانگ بلائون، ڪڇون، ڪيڪڙا ۽ آپٽوڪس انهن لاءِ ايترا سوادي ۽ لذيذ آهن. جيترو اسان جي لاءِ تتر، گانگٽ، مڪڙ ۽ پلا آهن“ اهو به لکيو اٿس ته؛”هانگ ڪانگ سوين ناچ گهرن، ڪلبن، مساج گهرن، شراب خانن، جوا جي اڏن ۽ عصمت فروشيءَ جي اڏن سبب، دنيا جي مختلف ملڪن جي سياحن جي لاءِ ڪشش جو باعث آهي. هانگ ڪانگ ۾ سياحن جي آمدرفت سبب ۽ فري پورٽ هئڻ سبب هر وقت ماڻهن جي تمام گهڻي پيهه آهي، هتي هر قسم جون هوٽلون ۽ ريسٽورينٽ آهن. جيئن هوٽل حايات، ميرلين، ايمپريس ڪئنٽن، پئلس ۽ ڪجهه سستيون هوٽلون فارچونا، فيوجي، انٽرنيشنل ۽ رايل وغيره آهن. مون لائيٽ، هماليه، مغل ۽ گي لارڊ، ريسٽورنٽس کان علاوه هتي ڪيترائي فليٽس هوٽلن جي (Mess) طور استعمال ٿيندا آهن. اهي ميسون مسلمانن، هندن، سکن، بنگالين، ڏکڻ هندوستانين ۽ پنجابين جون آهن جنهن جي لاءِ ليکڪ لکي ٿو؛ ”هڪ دفعو هانگ ڪانگ جو ٻاهريون ماحول ڇڏي ڪنهن به ميس جو در کولي اندر گهڙندا ته ائين سمجهندا ته ڄڻ ڪراچيءَ جي ميٺارام هاسٽل يا جناح ڪورٽس جي ميس ۾ ويٺا آهيو، يا ته ايل ايم سي جي هاسٽل جي ڪنهن ميس ۾“. (6)
برٽش نيشنلٽي رکندڙ نورالدين وهاب کي جڏهن، هانگ ڪانگ حڪومت طرفان دوڪان کولڻ جو اجازت نامو نٿو ملي ۽ هو ڪراچيءَ جي ناظم آباد ۾ دوڪان کولي Set ٿيڻ ٿو چاهي ۽ گڏوگڏ اهو ٿو ڄاڻائي ته ڪيترا آفريڪين ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو به لڏي ڪراچيءَ ۾ وڃن پيا، ته ليکڪ کي پراڻي سنڌي اخبار ۾ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ جيئي سنڌ اڳواڻن جو مطالبو ياد ٿو اچي ته ”ٿرين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي“. انهي وقت الطاف صرف سفرناما نگار نه آهي، هو هڪ حساس اديب، سنڌي سڄاڻ آهي، جنهن کي هانگ ڪانگ جي اونداهي (Tunnel) سرنگهه ۾ بي گهر ڏتڙيل ٿرين جي ياد چاڪ چڪائي ٿي. هو قوم لاءِ سوچي ٿو، تڙپي ٿو.
هو سوچي ٿو ته: ٿر ”جتي پاڻيءَ جي کوٽ، اناج جي کوٽ، خوشين جي کوٽ، نوڪرين جي کوٽ، بيماري، بک، بيروزگاري، انگ اگهاڙا ٻار، ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهو، اميدن ۽ مطالبن تي زندهه رهندڙ اسان جي اٻوجهه قوم، ڪيڏا ڪلور ۽ ڪوس هن ڌرتيءَ تي ڪيڏا هاڃا، ڪيڏيون ڦريون، لٽيون، ڪيڏا گهوڙا ۽ گهلون، ڪيتريون جنگيون، ڪيڏيون غلاميون ۽ زنجيرون هر ڪو چوي ٿو ته هاڻ عوامي دور اچي ويو آهي. سنڌ وري سکي بڻجي ويندي. سنڌ بهشت برين ٿيڻ واري آهي. ڇا تيستائين منهنجي نستي ۽ نٻل سرير ۾ ايتري شڪتي ۽ سگهه رهندي جو مان ان جنت جي مرحبا ڪندس؟ ۽ ان بهشت کي ڀاڪر پائي سگهندس“. (7)
هن سفرنامي ۾ خاص طرح هانگ ڪانگ ۽ ان جي پاسي وارن ٻيٽن جو بيان آهي، هي سفرنامو سادن لفظن ۾ هانگ ڪانگ جي تفريح کي بيان ڪري ٿو. جنهن ۾ شڪارپور جي سيڪنڊ انجنيئر سعيد اختر زيديءَ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ جو احوال آهي، ته ٽوٽڪا ۽ چرچا پڻ آهن، گهمڻ ڦرڻ جي هنڌن جو تفصيل آهي ته گڏ هوٽلن، ريسٽورنٽس ۽ شاپنگ جا احوال پڻ شامل آهن، ڪيترين شخصيتن سان ملاقاتون ۽ سندن شخصي تجزيو پڻ شامل آهي، ڪمبل پور جو پنجابي چوڪيدار هجي يا نورالوهاب فاروقي (واپاري)، ڪي سيتل سنڌي واپاريءَ سان ملاقات هجي يا فخرالدين ايم رضوي چيف انجنيئر ۽ سيد اڪبر شاهه غازي چيف انجنيئر جي طبيعتن ۽ مزاج جو تضاد، سفرناما نگار ڄڻ سڄو خاڪو رنگن سان ڀري بيان ڪيو آهي.
سفرنامي ۾ ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون، موقعي مطابق، برجستا استعمال ٿيل آهن. ”جيئن آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بورچياڻي“، ”اڳئين هئي رُٺي ويتر جو آيس پيڪان نياپو“، ”رب رسي ته مت کسي“، ”ڏندين ڏاند پر کرين گابي“، ”ککر ۾ کڙو هڻڻ“، ”اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني“، ”سخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏي جواب“، ”مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ“، ”ڦاسڻ کانپوءِ ڪهڙو ڦٿڪڻ“ وغيره. هانگ ڪانگ جي هوٽل ”حيات“ جي فنڪشن ۽ سيٺ سيتل ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جن جي خاندان وارن سان ملاقات جو احوال ڏنل آهي. جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته هندوستان جي نئين نسل کي سنڌي زبان ۽ ادب سان لڳاءُ گهٽ آهي، جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ کي عربيءَ مان ڦيرائي ديوناگري لپيءَ ۾ ڪيو وڃي ته شايد هندوستان ۾ سنڌيءَ کي بچائڻ لاءِ اهو طريقو ڪارگر ٿئي پر انهيءَ تي شيخ صاحب وڌيڪ ڪونه لکيو آهي، فقط ايترو ڄاڻايو آهي ته اها راءِ اڪثريت سان مسترد ٿيل آهي.
سفرنامي ۾ ڪجهه اردو ۽ ڪجهه سنڌي شعر به موقعي مطابق ڏنل آهن. ليکڪ شادين جي رسمن ۾ شرڪت ڪري هانگ ڪانگ جي سنڌين جي شادين جون رسمون ۽ رواج بيان ڪرڻ سان گڏ سندن ڳاتل، سنڌي ڳيچ ۽ لاڏا به بيان ڪيا آهن. مجموعي طور هي هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي سفرنامو آهي.

ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين: هي سفرنامو نيو فيلڊس پبليڪيشن 1995ع ۾ پهريون ۽ 1998ع ۾ ٻيو ڇاپو شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد علي ڏيپلائيءَ لکيو آهي. 189 صفحن جو هيءُ سفرنامو 74 ننڍن بابن تي مشتمل آهي جن جا عنوان دلچسپ آهن. هن سفرنامي ۾ سئيڊن جو بيان آهي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سئيڊن جي موسم سان گڏ ان ملڪ جي ماڻهن، حالتن ۽ وقت جي پابندي، ڪم ڪرڻ جي شوق کي ڄاڻايو آهي، سندن موجب هتي جا ماڻهو محنتي آهن جڏهن ته هتي رهندڙ ايشيائي ۽ آفريڪا جا ماڻهو بيروزگاري، الائونس وٺڻ ۽ ڪم گهٽ ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا جن سان سندن ملڪن جو مان گهٽجي ٿو ۽ خاص طور انهيءَ وقت ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي عزت ٻاهرين ملڪن ۾ گهٽ هئي جو هُو سندن موجب قائدن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آهن. افسوس سان لکيو اٿن ته؛ ”توهان بذاتِ خود کڻي چور، چَرسي هُجو پر توهان جي ملڪ جو نالو مٿانهون آهي ته توهان کي احترام جوڳو سمجهيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت توهان جي ملڪ جو نالو بدنام آهي ته توهان جهڙو بدترين ٻيو ڪونهي. توهان کڻي نيڪ ۽ نامور هُجو پر دنيا توهان کي نِڪمو، نالائق ۽ نيچ سمجهي ٿي“. (8)

جت جر وهي ٿو جال: ٻه سئو ويهن صفحن جو پڪي جلد ۽ سهڻي ٽائيٽل ڪور سان ڪتاب، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن، 1999ع، ۾ ٻيو ڇاپو ڇپايو آهي، ”جت جر وهي ٿو جال“، جو پهريون ڇاپو فيروز ميمڻ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو هو. هن ڪتاب جو انتساب به فيروز ميمڻ جي نالي آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ مشهور اديب عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي.سندس موجب ته، ”سفر نامي جي صنف کي عوامي سطح تي مقبول بڻائڻ ۾ الطاف جو وڏو هٿ آهي“. (9)
”جت جر وهي ٿو جال“ جو عنوان شاهه سائينءَ جي سُر سامونڊيءَ جي بيت مان ورتل آهي.
هن ڪتاب ۾ فيروز ميمڻ جو تعارف الطاف شيخ ڏنو آهي. الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن جي نه ڇپجڻ لاءِ ڳڻتيءَ کي دل سان محسوس ڪيو آهي. سندن مطابق ته؛ ”هر ماڻهو ڪتاب پاڻ ڇپائي، مارڪيٽنگ نٿو ڪري سگهي. سنڌي ليکڪ پبلشرن جي هٿان، ڪافي پريشان آهن، ڪتاب جي لاءِ (پهريون لکو پوءِ ڇپايو پوءِ کپايو) ڪيڏو نه ڏکيو مسئلو آهي. ڪنهن ليکڪ جو ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ نه پڙهيو وڃڻ (صحيح مارڪيٽنگ نه ٿيڻ) تمام وڏو صدمو آهي، انهيءَ ڪري خدا ڪري سنڌي پبلشر زنده رهن ۽ سنڌي ڪتاب ڇپبا رهن“. (10) ڪتاب جي شروع، ۾ ليکڪ مئرين اڪيڊمي ۽ مئرين ڪاليج جي ڄاڻ سان گڏ ملائيشيا جو تعارف ۽ خاص ملاڪا جي مئرين اڪيڊميءَ جي ڄاڻ ڏني آهي، ملاڪا مئرين اڪيڊميءَ ۾ الطاف شيخ اٺ سال استاد جي حيثيت سان پڙهايو آهي. ملائيشا ۾ وڌيڪ وقت رهڻ سبب هن هنڌَ کي پرکڻ جو موقعو وڌيڪ مليو آهي. ان ڪري الطاف شيخ ملائيشا جو ذڪر پنهنجي سفرنامن ۾ وڌيڪ ڪيو آهي. هن سفرنامي ۾ ملائيشا جي ڪوالمپور، پينانگ ۽ ٻين ٻيٽن جي معلومات آهي. ليکڪ ملائيشا جي تاريخ، جاگرافي سياسي نظام ۽ رياستن جي احوال سان گڏ ملڪ جا قائدا، قانون خاص بيان ڪيا آهن. سندس چوڻ مطابق دنيا ۾ ملائيشا، سوئيڊن، سعودي عرب ۽ جپان ۾ قانون جو تمام گهڻو احترام آهي.
ملائيشا ليکڪ جي نظر ۾
(1) ملائيشا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ترقيءَ ۾ سندن ملڪن جي عوام جي محنت ۽ همت سان گڏ قدرت جي طرفان، معدني دولتن جو وڏو هٿ آهي. ربڙ ۽ پام جي ٻوٽن ۽ تيل جي معدنيات، هن ملڪ کي ترقي يافته ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
(2) ملائيشا جي حڪومت ملڪ ۽ عوام جي ترقي سان گڏ، ٽوئرزم جي ترقيءَ کي به اهميت وٺرائي ٿي.
(3) انگريزن، ننڍي کنڊ کي 1947ع، ۾ ڇڏيو ۽ 31 آگسٽ 1963ع، تي ملائيشا کي آزادي ملي. پر ملائيشا جي عوام، انگريزن جي خوبين کي پنهنجو ڪيو. سندن محنت جي اڻ ورچ عادت، وقت جي پابندي ۽ قانون جي پابنديءَ کي سکي پنهنجي ملڪ کي ترقي يافته ملڪن جي برابر ڪيو آهي.
(4) ملائيشا ماڊرن سهولتن وارو صاف سٿرو ملڪ آهي، وڏي عمارت جاڙا ٽاور (Patronas, Twin Tower) هن ملڪ جي ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي. ”ملايا“ جنهن جو هاڻوڪو نالو ”ملائيشا“ آهي ان جي وچ واري رياست سلينگور جي شهر ”ڪوالمپور“ جو خاص احوال ڏنل آهي، پينانگ ٻيٽ ۾ چيني مندر، ڪارن والس جو قلعو، ٻڌن جو مندر، بوٽينيڪل باغ ۽ سمنڊن جي ڪنارن جي ذڪر سان گڏ ڪئالا ڪنگسار، لموت، اپوح ۽ ٻين به ڪجهه شهرن ۽ ٻيٽن جي معلومات ڏنل آهي. ملائيشا جي 1766ع، کان 1974ع، تائين جي تاريخ کي به بيان ڪيو ويو آهي، ڪوالمپور جيڪو عام طور K.L سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ سان گڏ پينانگ جي تاريخ، جاگرافي ۽ تفريحي هنڌن جي ڄاڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ ملائيشا ۾ رهندڙ پاڪستاني سفارتخاني جي اهل ڪارن جي واکاڻ ڪئي آهي. جيڪي نه صرف پاڪستانين جي رهنمائي ڪن ٿا پر ملڪ جي تهذيب ۽ ڪلچر جو به پرچار ڪن ٿا. ملائيشا ۾ پاڪستاني سفيرن ۽ آفيسرن خاص طور بلگرامي صاحب، چوڌري صلاح الدين، عباسي صاحب ۽ سيد عظمت حسين کان قانصلر فوزيه نسرين تائين سڀئي هر پاڪستانيءَ لاءِ قربائتا ۽ مددگار رهيا آهن.
الطاف صاحب جي چوڻ مطابق پرديس ۾ پاڪستانين جي طرفان آڌر ڀاءُ يا اخلاقي مدد سان دل تمام گهڻي خوش ٿيندي آهي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اتي اخبارن ۾ يا ميڊيا جي طرفان پاڪستان جي باري ۾ هنگامي يا فساد جون خبرون ملنديون آهن ته، پرديس ۾ پنهنجي ملڪ جي بدنامي پنهنجي گهر جي گهٽتائي لڳندي آهي.
عالم چنه جي تصوير هر بڪ شاپ تي گنيس بڪ آف ورلڊ جي نئين اشاعت تي ڏسي ليکڪ لکي ٿو ته: ”اسان به جنهن تنهن کي ٻڌائي پنهنجي لئه رکندا آهيون، يعني گهوٽ جي ماءُ نه سهي، گهوٽ جي پڦي ته ٿياسين“. (11)
هيءُ سفرنامو هڪ ئي ملڪ ملائيشا جي تيرهن رياستن ۽ سهڻن ٻيٽن ۽ اهم شهرن جي محل وقوع، کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو. هيءُ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، جنهن ۾ نقشن ۽ تصويرن جي مدد سان مختلف هنڌن جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن سفرنامي ۾ ليکڪ سوانحي انداز سان ڪجهه شخصيتن جي ذاتي حال احوال سان اتي جي ماحول جي خبر ڏني آهي، رستن ۽ روڊن جي ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي مختصر لفظن ۽ جملن جي سمجهاڻي سنڌيءَ ۾ ڏني اٿن. ڪجهه پهاڪا ۽ چوڻيون به موقعي مطابق استعمال ٿيل آهن. ٻولي سادي ۽ بياني انداز پراثر آهي.
دنگيءَ منجهه درياهه: سفرنامي جو پهريون ڇاپو 1987ع، ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن شايع، ڪيو جو سندن اشاعتي سلسلي جو ستانوي نمبر ڪتاب آهي. 190 صفحن جو هيءُ سفرنامو، مختلف ملڪن جي گڏيل احوال تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آمريڪا، سنگاپور، بئنڪاڪ ۽ جپان سان گڏ مختلف ٻيٽن، فجي مئڊا، گاسڪر ٻيٽ ۽ فرانس جي ”ٽرسٽان ٻيٽ“ جو ذڪر شامل آهي. هن سفرنامي جو مهاڳ نصير مرزا لکيو آهي. نصير مرزا، الطاف شيخ کي ”سنڌي سفرنامن جو سرواڻ ليکڪ ڄاڻايو آهي“.سندس موجب ته؛ ”الطاف جي لکڻ جو ڏانءُ اهڙو آهي جو ڄڻ ڪا سگهڙ عورت مختلف رنگ برنگي ٽڪرن مان رلي جوڙي راس ڪندي آهي“. (12) 
هي سفرنامو ڪنهن ملڪ جي مخصوص احوال تي مبني نه آهي پر هن ۾ ليکڪ مختلف هنڌن جي گڏيل معلومات ڏني آهي. ملايا، ٿائيلينڊ، جپان، سنگاپور، آمريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي مُلڪن جو ذڪر آهي، مالاگاس جي مئڊاگاسڪر ٻيٽ جو احوال آهي. جيڪو دنيا جو چوٿون نمبر ٻيٽ شمار ٿئي ٿو ته پئسفڪ سمنڊ جي فجي ٻيٽ جو به ذڪر آهي. (جتي مختلف قومن ۽ ملڪن جي باشندن سان گڏ هندوستانين جي به اڪثريت آهي، هن صاف سٿري ٻيٽ تي صحت جي اصولن مطابق زندگي بسر ڪندڙ عوام خوش باش آهي ۽ هن ٽئڪس فري ٻيٽ جي زندگي امن وا مان ۽ سانت واري آهي). دنيا جي نويڪلي ٻيٽ ”ٽرسٽان“ کي به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن تي صرف سمنڊ جي لهرن جو آواز ۽ سڃ آهي پر ته به ڪجهه انگريز نويڪلائي کي پسند ڪندي رهائش پذير آهن. هن سفرنامي ۾ ٿائيلينڊ جي سِکن جا سوانحي بيان آهن ته تائيوان جي ڪبوترن جي اڏام جو مقابلو پڻ آهي، آمريڪا جي ٽئڪسي ڊرائيورن جي بارگينگ بيان ڪيل آهي ته آمريڪا جي سنڌين جي ايسوسيئيشن جو تفصيل ۽ ايڊريسون پڻ ڏنل آهي، بار سلونا (اسپين) جي پوڙهي انگريز ۽ جهوني جهاز ران سان جهازن جي دنيا جي ڪچهري آهي ته گڏوگڏ ملائيشا ۾ راڌا ڪرشن پارواڻيءَ سان سنڌ ۽ سنڌيت جي ملاقات پڻ شامل آهي. سنگاپور جي سکن جي احوال ۾ مئرين انجنيئر سردار تارا سنگهه، سردار چنن سنگهه، سردار هري سنگهه ۽ مسز راول ڪور جي سوانحي بيان سان گڏ ”پڳ وارو پير“ جي عنوان سان، پير صاحب پاڳارو سان ملاقات جو تفصيل اهم آهي. الطاف صاحب ڪراچيءَ ۾ ڪم سانگي، پير صاحب پاڳاري، پير سڪندر شاهه سان جيڪا ملاقات ڪئي، انهيءَ جو احوال دلچسپ ڏنل آهي. لکن ٿا: 
”موڪلائڻ وقت سندس مرڪ مدتون گذرڻ بعد، ڏور ڏور هتي ملائيشا ۾ ويٺي وساري نه سگهيو آهيان. سندس ڳالهائڻ جو اسٽائيل ۽ ڳالهه جي تهه تائين تکو پهچڻ لاءِ ٿورن سوالن جي چونڊ ۽ ان بعد At a spot فيصلو ڪري وٺڻ، قابل داد ڳالهه آهي“. (13)
شيخ صاحب هن سفر نامي ۾ لڪي ساداتن جي مشهور و معروف سلسلي جي پيرن جي سوانح ۾ پير محمد راشد کان پير صبغت الله (حر تحريڪ جي اڳواڻ) پير سڪندر شاهه، تائين جي باري ۾ تفصيلي احوال ڏنو آهي.
ٿائيلينڊ ۽ ملايا جي باري ۾ سندس راءِ آهي ته،
(1) سڄيءَ ملاڪا رياست جي آدمشماري ڪوٽڙي شهر کان گهٽ آهي، بلڪه ٽنڊو آدم يا شهدادپور جيتري ٿيندي، لکن ٿا ته: ”ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ جيڪو مساج (مالش) گهرن، رنڊين جي گهڻائيءَ ۽ ٻڌ ڌرم جي مذهب کان مشهور آهي. تنهن ۾ هڪ سئو چاليهه کن مسجدون آهن ۽ ٻن لکن کان وڌيڪ مسلمان فقط بئنڪاڪ شهر ۾ رهن ٿا.
(2) بئنڪاڪ جي سينٽرل مسجد سورهن هزار چورس ميٽرن جي ميدان تي آهي. هيءُ مسجد تعمير جي فن جو نادر نمونو آهي. جنهن ۾ مدرسو، آڊيٽوريم، ڪلچرل، سينٽرل لائبريري ۽ کوجنا گهر پڻ آهن. جنهن ۾ هڪ ئي وقت پنج هزار مسلمان نماز پڙهي سگهن ٿا.
(3) ٿائيلينڊ ۾ اڄڪلهه اسلامي تعليم عروج تي آهي، اسلامڪ آئيڊيالاجي ۽ اسلامي تاريخ جهڙا سبجيڪٽ اتي پڙهايا وڃن ٿا. هتي جي هوٽلن تي هوٽل جي نالي مطابق مخصوص کاڌو ملي ٿو. جيئن ملئي هوٽلن ۾ ملئي کاڌو. چيني هوٽلن ۾ چيني ۽ انڊين هوٽلن ۾ هندوستاني طرز جو کاڌو ملي ٿو. ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي انڊونيشيا ۾ رهن ٿا 15 هزار فئمليون ته صرف جڪارتا ۾ آهن ڪل انڊونيشيا ۾ 25 هزار کن سنڌي فئمليون آهن. 
ڏيهه کي پرڏيهه سان ملائيندي الطاف شيخ رستن روڊن ۽ گلين سان گڏ شهرن جي ڀيٽ به وڻندڙ ڏئي ٿو. جيئن مثال طور ”اسان جي مئرين ٽائيم اڪيڊمي ملاڪا جي وچ شهر کان مفاصلي ۾ ايترو پري آهي، جيترو پيٽاري جو ڪئڊٽ ڪاليج حيدرآباد شهر کان“.
”پيٽارو کي الوداع، چئي چٽنگانگ پهچڻ تي پهرين شيءِ جا ياد آئي سا موسم هئي. حيدرآباد پاسي جي ٿڌين راتين جي چٽگانگ جي گهميل راتين سان ڪيئن ٿي ڀلا ڀيٽ ڪري سگهجي؟ ڄامشوري، حيدرآباد ۽ پيٽارو جي شامن ۾ جيڪو نشو ۽ خمار آهي، ان کي ته چاليهه سال اڳ ويل هندو واپاري ۽ انگريز حاڪم به وساري نه سگهيا آهن“.
”ملاڪا سنڌ جي شهر حيدرآباد جيان آهن. جنهن جي هڪ پاسي ڪراچيءَ وانگر سئو سوا سئو ميلن تي سنگاپور آهي ته ٻئي پاسي بئنڪاڪ ائين آهي جيئن حيدرآباد کان خيرپور يا سکر“. (14)
 
”دنگيءَ منجهه درياهه“ الطاف شيخ جو 1987ع، جو سفر نامو آهي، هيءُ سفرنامو مختلف ٻيٽن جي احوال بابت هوندي به دلچسپ آهي. ليکڪ موجب ته؛ هي سفرناما ”مون هڪ هنڌ ڪرسيءَ ٽيبل تي چڙهي ويهي ٿورو ئي لکيا آهن، ڪو باب جهاز جي ڊيڪ تي، ڪو لنگر جي رسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ڪو جهاز جي ڪاريڊار ۾، ڪو جهاز جي اوپن ايئر لائونج ۾، ڪو پوسٽ جي دٻي وٽ بيهي“.
مٿئين سفر نامي جو عنوان شاهه سائين جي هن بيت مان کنيل آهي.

دنگيءَ منجهه درياهه، ڪي ٻڏي ڪـي اُپـڙي،
هو جي واڍي واڻيا، سي سونهن سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳئين،  فرنگي  منجهه  ڦريا،
ملاح،  تنهنجي  مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
جتي  ڍينگ   ڍريا،   تتي   تاري   تنهنجي.
(سريراڳ داستان ٽيون)
جيئن ته ليکڪ جي مٿئين بيان مان واضح آهي ته هن کي جتي جتي به ڪا ڳالهه دل کي وڻي آهي يا هو متاثر ٿيو آهي ته هن اهو پاڻ وٽ نوٽ ڪيو آهي ۽ پوءِ آخر ۾ سڀني لکڻين کي ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، هن سفرنامي ۾ ڪراچيءَ جو ذڪر آهي ته حيدرآباد، ڄامشورو ۽ پيٽارو جي ٿڌين راتين جو بيان پڻ شامل آهي، ٻاهرين ملڪن جي لحاظ کان گهڻو ذڪر بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جو آهي، مطلب ته مختلف موضوع، شامل آهن، جيڪي سڀ الڳ الڳ آهن، الطاف جي هن سفرنامي ۾ ڪيترن ئي شخصيتن سان ملاقات جي ڏي وٺ کان علاوه مزيدار ٽوٽڪا آهن. ته پهاڪا ۽ چوڻيون به شامل آهن، جيئن ”چمڙي وڃي دمڙي نه وڃي“، ”لعل به لڌو پريت به رهجي آئي“، ”تڪڙ ڪم شيطان جو“، ”اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي“، ”کُٽل آهيون ته به خان آهيون“، ”ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچڻ“ وغيره. جپاني ٻوليءَ جي پهاڪن کي ڀيٽي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته پهاڪا ۽ چوڻيون دنيا جي هر ٻوليءَ جي علم و ادب جو حصو آهن. ڪيترائي جپاني پهاڪا ڏنا ويا آهن ۽ ساڻن ٺهڪندڙ سنڌي پهاڪا به بيان ڪيا اٿن، جيئن مثال طور ”جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا“ کي جپانيءَ ۾ ”ڪائيرونوڪو واڪائيرو“ ۽ صبر جن جو سير تير نه گسي تن جو، جپاني مطابق هن ريت آهي، ”ماتيبا ڪائيرو نو هيبوري“ ۽ ”پئسو هٿن جو مر آهي“ کي جپانيءَ ۾ هن ريت بيان ڪن ٿا. ”ڪاٺياوا تينڪا نوماوا ريموچي“ مجموعي طور هن ڪتاب ۾ ملائيشا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جي تاريخ، جاگرافي ۽ آدمشماريءَ سان گڏ هوٽلن، کاڌن ۽ تفريحي هنڌن جي ڄاڻ آهي ته مختلف تشبيهن ۽ وڻندڙ ٻوليءَ سان ٻيا به ڪئين متفرقه بيان آهن، هن سفرنامي جي بابن جي فهرست دلچسپ ۽ ڪمپوزنگ جون چڪون نه هئڻ برابر آهن، پروف ڌيان سان چڪاسيل آهي، هي هڪ مزيدار ۽ معلوماتي سفرنامو آهي.

دهليءَ جو درشن: الطاف شيخ جو سفرنامو هندوستان جي احوال تي آڌاريل آهي جو روشني پبليڪيشن 2006ع، ۾ شايع، ڪيو آهي 40 بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ هندوستان وڃڻ لاءِ ڪي اهم ڳالهيون خاص طور ڪسٽم، نقلي نوٽن کان بچڻ، ڪرنسيءَ ۾ آمريڪي ڊالر ۽ ٿوري هندوستاني ڪرنسي کڻي وڃڻ ۽ دهليءَ جي باري ۾ ڄاڻ تي مشتمل آهي دهليءَ جي جهوني لائبريري دهليءَ جون حويليون، هالي ووڊ جا ڪجهه سنڌي، انڊيا جي رستن تي هلندڙ ڪارون، انڊيا بابت ۽ انڊيا جا رائٽر، دهليءَ جو قطب مينار، هرودا، هندن جو حج، انڊيا ۾ مسلمان وڌيڪ سلامتي سان رهن ٿا ۽ ٻين موضوعن تي ڪل 40 باب آهن.
الطاف شيخ پنهنجي ڪيڊٽ ڪاليج جي دوست رامچند اوڏ وٽ شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ دهلي ويو جتي هن تاريخي عمارتون، نظام الدين اولياءَ جي مزار، شاهي مسجد، لال قلعو، همايون جو مقبرو، انڊيا گيٽ، جمنانديءَ جا ڪنارا ۽ ٻيا هنڌ گهميا ڪيترن اهم هنڌن جيئن دهلي، سرينگر، پٺاڻ ڪوٽ، لڌيانه، جيپور، ممبئي، پوني، اڌيپور، احمدآباد، سورت، گُوا، بئنگلور، ميسور، اجمير ۽ ٻين هنڌن جي تاريخي جاگرافيائي اهميت بيان ڪئي آهي. ساڌو واسواڻي جي علمي خدمتن کي پڻ بيان ڪيو اٿس دهليءَ ۾ تاريخي عمارتون گهمندي، ليکڪ مغل بادشاهن جي طبيعتن ۽ مزاج تي پڻ ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. لکي ٿو ته؛ ”همايون جيتوڻيڪ ذهين حاڪم هو پر ساڳئي وقت Unbalanced به چئي سگهجي ٿو، هن جتي جتي شهر ٺاهيا اتي انهن جي تباهي به آندي بابر جي  هٿ ڪيل حڪومت جيڪا هن کي ورثي ۾ ملي، ائين ئي وائڙن وانگر وڃائي ڇڏي ۽ دربدر ڌڪا کائڻ لڳو ۽ آخرڪار پوءِ هن کي اها واپس ملي وئي ته سندس حياتي وفا نه ڪئي ۽ ڇهن مهينن بعد گذاري ويو“.(15)

نيويارڪ کان نيو هالا تائين: روشني پبليڪيشن 2007ع ۾شايع ڪيو آهي 534 صفحن جي هن آمريڪا جي سفرنامي تي ليکڪ کي بهترين سفرنامي جو ايوارڊ مليو سفرنامي جي فهرست جا عنوان هن ريت آهن. ”هوائي ۽ سامونڊي سفر ۾ فرق“، ”آمريڪا ۾ خوشحاليءَ جو راز“، ”چارئي شير آمريڪا ۾“، ”نيويارڪ اچڻ تي وائڙو ٿي ويس“، ”بيماريءَ جو گهڻو راڳ نه ڳايو“، ”ظفرفاروقي ۽ رام رنگواڻي جا ٻار“، ”آمريڪا جي مختصرتاريخ“، ”آمريڪا ۾ رهندڙ نديم جوڻيجو ۽ سندس زال سميرا“، ”اقبال ترڪ ۽ سندس ڀائر“ ۽ ”هيءَ ڊنر چڱي مهانگي پئي“ ۽ ٻيا آهن.
هي ضخيم سفرنامو فقط هڪ ئي ملڪ جي مختلف حصن جو بيان آهن جنهن ۾ ليکڪ جيترا گهڻا هنڌ مشاهدي هيٺ آندا آهن ايترو ئي گهڻين شخصيتن سان سندس ملاقاتون پڻ ٿيون آهن جن جو ذڪر هن وڻندڙ ڪيو آهي. جن فردن کي هن سفرنامي ۾ بيان هيٺ آندو ويو آهي اهي آمريڪا ۾ آباد سنڌي آهن جيئن محمد صديق گاجڻيءَ جو اولاد، هالا جي ليليٰ ۽ انڙ پور جو رمضان، نعيم ميمڻ،نديم جوڻيجو ۽ سميرا قاضيءَ جو خاندان، بشير انصاري ۽ غلام مصطفيٰ ٻگهيو، علي ابڙو، محمد پناهه راڄپر، اقبال جماڻي، انور ميمڻ، خالد هاشماڻي، اقبال ترڪ، منور لغاري، ڊاڪٽر خميساڻي، ڊاڪٽر هاليپوٽو، خالد چنا، مسعود چنا، شڪيل ميمڻ، طفيل چانڊيو، بابو عبدالرحمان، يوسف ڏاهري، رميش تارواڻي، ڊاڪٽر خورشيد چنا، ڊاڪٽر نصرت قاضي، شمع، ڪليم خلجي ۽ ٻيا آهن.
ان کان سواءِ سنڌ جي امر سنڌو، لياقت عزيز، حڪيم نظير شيخ ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن کي هن سفر جي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، هڪ لحاظ کان هي سوانحي سفرنامو چئجي ته به بجا ٿيندو. الطاف شيخ آمريڪا ۽ ان جي مشهور شهرن پُلن ۽ ٻين شهرن جي تاريخ جاگرافي، موسم ۽ حالتون ڄاڻايون آهن آزادي جي مجسمي جي باري ۾ لکيو اٿس ته ”انصاف آزادي ۽ جمهوريت جهڙين نيڪ ڳالهين جي علامت آهي ۽ ٻيو پنهنجي وڏي سائيز کان مشهور آهي اڄ کان 120 سال اڳ 1886ع، ۾ ٺهيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين دنيا جو وڏي ۾ وڏو لوهي مجسمو آهي. ان عورت کي ٽامي جو چوغو ۽ مٿي تي تاج رکيل آهي هن آزادي جي مجسمي کي به فرانس ۾ ٺاهيو ويو جو 1884ع، ۾ ٺهي راس ٿيو جتان نيويارڪ 1885ع، ۾ پهچايو ويو 151 فٽ ڊگهي عورت جو مجسمو 154 فٽ اسٽول تي نصب ڪيو ويو جو 350 ٽڪرن ۾، 214 ڪريٽن ۾ بند ڪري پاڻيءَ جي جهاز معرفت آمريڪا آندو ويو جتي چار مهينن ۾ انهن ٽڪرن کي نٽ بولٽن ۽ ويلڊنگ ذريعي ڳنڍي بيهاريو ويو ليبرٽي آئلينڊ تي 1886ع، ۾ فٽ ڪيو ويو ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏو مجسمو هيءُ آزاديءَ جي ديوي شمار ٿئي ٿو. (16) مطلب ته هن ڪتاب ۾ ٻيا به ڪافي معلوماتي دلچسپ احوال آهن جن جي سبب هي وڻڻ جوڳو سفرنامو آهي.
الطاف جي فن تي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد چوي ٿو ته، ”الطاف شيخ پنهنجي سفر جا واقعا بيان ڪندي ان ملڪ جي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن ۽ ماڻهن جي مزاج، فطرت ۽ زندگي گهارڻ جي طريقن تي روشني وڌي آهي، ان سان گڏ وچ وچ تي پنهنجي ملڪ جي حالتن جو بيان ڏاڍو دلڪش ۽ پراثر انداز ۾ بيان ڪيو اٿن، انهيءَ ڪري سندس سفرناما ڏاڍي شوق سان پڙهيا ويندا آهن“. (17)
ڊاڪٽر قاضي خادم 16 نومبر 1980ع، جي جنگ اخبار ۾ جيڪو تبصرو ڏنو سو ڪتاب ”جاني ته جهاز ۾“ ڇپيو. سندن چوڻ مطابق: ”الطاف پنهنجي سفرنامن تي رائيٽرز گلڊ جي طرفان ڪئين انعامات حاصل ڪري چڪو آهي، کيس انعام انهيءَ تي ڏيڻ کپي ته هن سنڌي ادب کي جديد بين الاقوامي رجحان سان روشناس ڪرايو“. (18)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، الطاف شيخ جي مقبوليت جو سبب سندس سفر ناما ڄاڻائيندي لکيو آهي ته، ”جنهن هڪ ليکڪ کي سفرنامن جي ڪري ئي گهڻي مقبوليت حاصل ٿي سو الطاف شيخ آهي“.
ڊاڪٽر عبدالجبار اهو به لکيو آهي ته، ”ادبي معيار جي مدنظر الطاف البت پوئتي آهي“، منهنجي نظر ۾ جبار صاحب جو اهو ريمارڪ سندن شروع، جا چار سفرناما پڙهڻ کانپوءِ ڏنو آهي، جيڪو ڄاڻايو پڻ اٿن، الطاف شيخ جا انهيءَ کان پوءِ ڪافي سفرناما آيا، الطاف جي طرز تحرير وقت سان گڏ پختگيءَ ڏي مائل رهي. جبار صاحب اهو به اعتراف ڪيو آهي ته: ”سفرنامي جو صحيح لطف پڙهندڙن کي الطاف وٺايو ڇو جو سندس سفرناما دنيا جي وڏي حصي بابت هئا، هو مسلسل سفر ڪندو رهيو ۽ لکندو رهيو“. (19) 
منهنجي ذاتي راءِ موجب: الطاف شيخ جا سفرناما، معياري سفرناما آهن، جن ۾ غير معياري لفظن ۽ واقعن جي ذڪر کان پاسو ڪيل آهي، هن سفرنامن کي ڪمرشلائيز ڪرڻ جي سطحي ڪوشش نه ڪئي آهي. سندس تخليقي قوت، خوش مزاجي ۽ ديس واسين سان محبت تحريرن مان واضح آهي، پڙهندڙن جي اُتساهه سان سندس قلم جي ڏات کي پذيرائي پڻ ملي آهي. انهيءَ ئي ڪري سنڌي ادب سفرنامي جي صنف ۾ خود ڪفيل ٿي ويو.
سندس سفرنامن ۾ ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، تعليم، ريتن، رسمن ۽ ٻين معلوماتي احوالن سان گڏ ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ادبي رنگ به ملي ٿو. جنهن سبب کان هيءَ سفرناما، نصابي ضرورت هئڻ سان گڏوگڏ، گهرن ۽ ڪتبخانن جي سونهن آهن ته صحت مند ادب جو حصو پڻ.

حوالا:
(1) شيخ الطاف، “منهنجو ساگر منهنجو ساحل”، وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچي، 1977ع، ص-24.
(2) شيخ الطاف/امرجليل، “بندر بازاريون”، فيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1975ع، ص-3.
(3) شيخ الطاف/ طارق اشرف، “سمونڊ جي سيوين”، انجمن فروغ ادب هالا، 1972ع، ص-103.
(4) طارق اشرف/شيخ الطاف، “وايون وڻجارن جون”، سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد، 1974ع، ص-5.
(5) ساڳيو حوالو، ص-203.
(6) ساڳيو حوالو، ص-66.
(7) ساڳيو حوالو، ص-160.
(8) شيخ الطاف، “ڪراچيءَ کان ڪوپنهيگن تائين” نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1998ع، ص-22.
(9) جوڻيجو، عبدالقادر/شيخ الطاف، “جت جر وهي ٿو جال”، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1999ع، ص-6. (مهاڳ)
(10) ساڳيو حوالو، ص-21.
(11) ساڳيو حوالو، ص-145.
(12) ساڳيو حوالو، ص-124.
(13) ساڳيو حوالو، ص-17 ۽ 19
(14) شيخ الطاف “دهليءَ جو درشن” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2006. 
(15) شيخ الطاف “نيويارڪ کان نيو هالا تائين” روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2007ع، ص-376.
(16) ميمڻ، عبدالمجيد ڊاڪٽر” سنڌي ادب جو تاريخي جائزو “ روشني پبليڪيشن 2002ع، ص-172.
(17) قاضي خادم، ڊاڪٽر “روزاني جنگ 16 نومبر 1980ع، 
(18) جوڻيجو، عبدالقادر ڊاڪٽر”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1994ع، (ص-176).

ڀاڱو ٽيون سنڌي ناول نويسي

---

ناول ڇا آهي؟

ناول انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى “Newness” يعني عجيب شيءِ يا نئين شيءِ آهي. ناول جي ادبي ۽ اصطلاحي معنى ۾ ناول انساني ڪردارن جو نثر ۾ بيان آهي ۽ اها ڪهاڻي جيڪا مختصر ڪهاڻيءَ کان تمام وڏي هجي. هاڻي سوال اهو آهي ته ناول نئين شيءِ ڇو شمار ٿيو؟ جيئن ته دنيا جي ادب ۾ ناول کان اڳ ڏند ڪٿائون ۽ مافوق الفطرت قصن تي مبني آکاڻيون هلندڙ هيون ڪجھ صديون اڳ جي ادب تي نطر ڊوڙائبي ته معلوم ٿيندو ته شاعريءَ سان گڏ نثري قصا ۽ ڪهاڻيون رائج هئا. جنهن جو وجود اوائلي ناول ۾ ملي ٿو. ”سانگ يا ڊرامو“ به ناول جي اوائلي صورت آهي.

دنيا ترقي پسند عملن مان هميشه کان گذرندي رهي آهي سائنسي ترقيءَ جي ڪري به علم ۽ ادب ۾ تبديلي آئي آهي جڏهن کان زندگيءَ جون سچايون ۽ حقيقتون ادب جو حصو بنجڻ لڳيون تڏهن کان ناول جي صنف وجود ۾ آئي ۽ عام جي پسنديدگيءَ سبب هن صنف مقبوليت حاصل ڪئي، معنى ناول ادب ۾ هڪ مختلف صنف ٿي داخل ٿيو. انهي ڪري کيس نئين ۽ عجيب شيءِ سمجھيو ويو. ناول جي صنف جون پاڙون ادب ۾ تمام پراڻيون کتل آهي. غيبي اتفاق ۽ غيبي هستين ۽ بادشاهن جي بيانن مان عام انسانن جي سماجي ۽ معاشرتي زندگيءَ جي حقيقت نگاريءَ جي اپٽار تائين پهچڻ لاءِ ناول جي صنف کي جيڪو سفر ڪرڻو پيو، سو دلچسپ آهي. منجھس فني اصول ۽ ماپا مقرر ٿيا. شروع دؤر جي ناولن ۾ فني خاميون هيون، پر پوءِ فڪشن جي هن صنف تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ پوري عالمي ادب تي ڇانئجي وئي.

ناول جي لاءِ اهو چئي سگھجي ٿو ته علم ادب ۾ هي اهو نثري بيان آهي، جنهن سان زندگيءَ جون حقيقتون، خيال، جذبا، انساني سوچون، ڀرم، وسوسا ۽ حالتون معلوم ٿين ٿيون، ماڻهن جا قول ۽ فعل ۽ انساني زندگين جو بيان ئي ناول جو بنيادي محور آهن. شخصي زندگين جو ذڪر هوندي به هن ۾ اجتماعي زندگين جو عڪس آهي. ناول ۽ افساني، ناول ۽ داستان ۾ بنيادي طور ڪافي فرق آهي. بيشڪ اهي سڀ نثر ۾ لکيا وڃن ٿا پر ناول ڪجھ فني اصولن جي ڪري مختلف صنف مڃيو وڃي ٿو.

شروع دؤر جا ناول فني خامين هوندي به ناول ڳڻيا ويا جو اهي انساني زندگين جي ذڪر تي مشتمل هئا. انگريزي ادب ۾ بهترين ناول لکيا ويا آهن. جن نه فقط يورپ جي زندگيءَ تي پر سڄيءَ دنيا جي ادب تي اهم اثر ڇڏيا آهن. انگريزي ادب ۾ ناول جي صنف جون پاڙون تمام اونهيون کتل آهن. يورپ ۾ اڄ ڏينهن تائين ناول نگاريءَ کي گھڻي اهميت حاصل آهي. يورپ ۾ تعليم جو عام هئڻ به ناول جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب آهي. حڪومت ۽ ٻين ادارن طرفان سٺن ناولن تي انهن جي ناول نگارن کي انعام ۽ اڪرام ڏنا ويندا آهن ته چڱن ناولن تي فلمن ٺاهڻ جو رواج به آهي، جنهن سبب کان ناول ڪمرشلائيز ٿي پيو آهي. ناول نگار کي وڏو اجورو ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري يورپ ۾ ناول جي صنف پنهنجي آب و تاب سان اڄ به قائم ۽ معياري ناول لکڻ جو رجحان وڌندڙ آهي، اهي ناول ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي پوريءَ دنيا جي ادب ۾ مقبوليت جو سبب بنجن ٿا.

انگريزي ادب ۾ پهريون ناول سر سموئيل رچرڊسن جو، ”پاميلا“، شمار ٿئي ٿو. جيڪو 1740ع ۾ لکيو ويو. هن ۾ هڪ لارڊ جو ”پاميلا“ نالي نوڪرياڻيءَ سان عشق ڏيکاريل آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي ناول نگارن بهترين ناول لکيا ۽ ڪيترائي ٻين ٻولين جا ناول به انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيا. دنيا جي ادب ۾ مشهور ناول نگارن ۾ سموئيل جانسن، رچرڊسن، چارلس ڊڪسن، ٿامس هارڊي، هينري فيلڊنگ، سروانٽس، جوناٿن سفٽ، والٽر اسڪاٽ، سر هنري رائڊر هيگرڊ، ٿيڪري وليم، جارج ايليٽ، اي.ايم فاسٽر، آئورل آئويس، هاورڊ فاسٽ، پيري لوئي، دوستو وسڪي، هرمن هريس، آسڪروائيلڊ، ڪرسٽوفر، پال سارتر، البرٽ ڪاميو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. انگريزيءَ جي بين الاقوامي ٻولي هئڻ سبب هن ٻوليءَ ۾ دنيا جي ٻين ٻولين جا جيڪي فن پارا ترجمو ٿين ٿا، اهي به گھڻي ڪاميابي ماڻيندا آهن، ترجمي ۾ مترجم جي صلاحيتن سان گڏ ادبي فن پاري جي چونڊ به خاص اهميت رکي ٿي. گارشيا مارڪيز اسپينش ٻوليءَ جو وڏو ناول نگار آهي. سندس پڙهندڙ پرستار ڪروڙن جي تعداد ۾ آهن. مارڪيز جي ناولن جا ترجما صرف انگريزيءَ ۾ لکن جي تعداد ۾ شايع ٿيندا آهن. هن جي لکيل ناولن تي فلمايل فلمن تمام گھڻي شهرت حاصل ڪئي، مارڪيز جي ناولن کي جادوئي حقيقت نگاري يعني (Magical Realism) جا شاهڪار سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت ٻيان به ڪيترائي ناول نگار آهن جن جا ايوارڊ يافته ناول ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿين ٿا. نثر جي ادبي صنفن جي جائزي کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته دنيا جي ادب ۾ ناول اهميت واري صنف آهي.

ننڍي کنڊ ۾ شروع ۾ ناول ترجمي جي شڪل ۾ آيو پوءِ ليکڪن پاڻ پنهنجي ٻولين يعني اردو، سنڌي، بنگالي، گجراتي وغيره ۾ ناول لکڻ شروع ڪيا. اردو ادب ۾ پهريون باقائده ناول ڊپٽي نذير احمد جو ”مراة العروس“ آهي ان کان پوءِ عبدالحليم شر، مرزا هادي رسوا، سجاد ظهير، منشي پريم چند، ڪرشن چندر، عصمت بيگ چغتائي، نسيم حجازي، ممتاز مفتي، خديجه مستور، جميله هاشمي، انور سجاد ۽ ٻين ڪيترن ناول نويسيءَ جي ميدان کي زرخيز بنايو. سندن ناولن جا موضوع معاشرتي، سماجي، نفسياتي ۽ رومانوي هئڻ سان گڏوگڏ قومي، تاريخي ۽ سياسي رهيا آهن.

ناول جي فن جو تعارف

فني طور ناول ڪجھ اصولن ۽ ماپن سان ترتيب ڏنو ويندو آهي. انهن مان ڪجھ کي ناول جا جزا چئي سگھجي ٿو. ناول بياني ۽ هيئت طور ڪجھ قسمن تي مشتمل آهي، جيئن رومانوي، نفسياتي، ڊرامائي، جاسوسي، سياسي، سماجي، معاشي، اخلاقي، اصلاحي، فلسفياڻو، تبليغي ۽ ٻيا آهن. خطن جي ذريعي به ناول جي ڪهاڻي عمل ۾ ايندي آهي.
ڪجھ ناولن ۾ ڪردارن ۽ واقعن جي گھڻائيءَ جي ڪري ڪهاڻي ڊگھي ٿي ويندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن تسلسل به ٽٽي ويل محسوس ٿيندو آهي. جيئن سنڌي ناول، ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ۾ ڪٿي ڪٿي ورجاءُ يا دهراءُ آهي، ته ڪٿي ڪٿي ناول نگار پنهنجي سورمن يا سورمين کي سپر نيچرل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي (ڪردار ناول نگار جي تخليق ۽ سندس لکت جو سرمايو هوندا آهن. هر تخليقڪار کي پنهنجي تخليق سان بي انتها محبت هوندي آهي انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته هو کيس اُڀارڻ جي ڪوشش ۾ غير ضروري ڊيگھ ڏانهن ڇڪجي ويندو هجي). ”سانگھڙ“ جي طويل هئڻ جو سبب واقعن جي گھڻائي آهي، ”زينت“ ۾ ناول نگار پنهنجي ڪردارن جي شخصيت جي گھڻن رُخن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سمجھاڻين ۽ نصيحت جي انداز کي اختيار ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ مٿئين طريقي تي هن ريت راءِ ڏني آهي: ”ناول نگار پنهنجي ڪردارن جي شخصيت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ سندن مقصد جي خلش کي جھڪو ڪرڻ لاءِ ڪن جاين تي تمام گھڻو بيان ڪندو آهي ۽ هر ڳالھ کي ڊگھو ڪري پيش ڪندو آهي ۽ چڱيءَ طرح سمجھائڻ لاءِ وڌيڪ سمجهاڻيون، خيال ۽ رايا ڏيندو آهي“.
ناول ۾ مقصديت هئڻ ۽ اخلاقيات جو دائرو قائم رهڻ خاص حيثيت رکن ٿا. پلاٽ، ڪهاڻي، ڪردار نگاري، گفتگو، جذبات نگاري، سيرت نگاري منظر نگاري، حقيقت پسندي، فصاحت ۽ بلاغت ته ضروري آهن، پر ناول ۾ وقت، جاءِ ۽ مڪان، عبارت آرائي ۽ ٻين فني جزن جي هم آهنگيءَ سان هڪ سٺو ناول وجود ۾ اچي ٿو، سنڌيءَ ۾ گهڻا ناول لکيا ويا  آهن، پر فني ڪسوٽيءَ تي پورا لهندڙ ۽ پڙهندڙن ۾ مقبول ٿيل ناول گهٽ تعداد ۾ آهن. ”عام طور پڙهندڙ ناول وندر ۽ دلچسپيءَ لاءِ پڙهندو آهي هو ناول جي فن ڏانهن ڪڏهن به ڌيان نه ڏيندو آهي تنهن ڪري پڙهندڙن ۾ گهڻو ڪري اهي ناول ڪامياب ٿيندا آهن، جيڪي پڙهندڙن جي خواهش جو پورائو ڪندا آهن يا هنن جي حالتن سان دلچسپي رکندا آهن، اهڙا ناول انساني امنگن ۽ خواهشن سان ڀرپور هوندا آهن“. اهڙائي ناول ڪامياب ٿيندا آهن.
ڏٺو وڃي ته ناول انساني زندگيءَ جو اڀياس آهي ۽ منجهس زندگيءَ جا ويچار، خواهشون، جذبا ۽ سوچون سمايل آهن. گڏوگڏ فني ماپن ۽ اصولن سان ٺهڪي ايندڙ ناول علمي ۽ ادبي طور اثرائتا هجن ٿا.

ورهاڱي کان اڳ جا سنڌي ناول ۽ ناول نگار

1853ع ۾ سنڌي الف-ب ٺهڻ کان پوءِ 1866ع تائين ڪل سنڌي ٻوليءَ ۾ 36 ڪتاب لکيا ويا  جن ۾ ”سڌا تورو ڪڌا تورو“ ۽ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“، طويل ڪهاڻيءَ جي شڪل ۾ زندگيءَ جي حقيقت نگاريءَ جو بيان آهن پر انهن کي ناول نٿو شمار ڪري سگهجي.
سنڌي پهريون ناول ”راسيلاس“(ترجمو) شمار ڪيو وڃي ٿو. جو انگريزي ادب مان حڪومتي نگرانيءَ هيٺ ديوان نولراءِ ۽ منشي اڌارام ٿانورداس گڏجي ترجمو ڪيو. مترجمن کي حڪومت طرفان انعام ڏنو ويو. پهريون سنڌي طبعزاد ناول ”دلارام“ مرزا قليچ بيگ جي قلم جو ڪمال آهي، مٿين ٻنهي ناولن ۾ فني لحاظ کان نقص آهن، ته به اهي حقيقي زندگيءَ جي رخن کي پيش ڪن ٿا. انهيءَ ڪري کين ناول نويسيءَ ۾ شروع جي طبعزاد ۽ ترجمي واري ناول جي اولين حيثيت حاصل آهي. 1890ع ۾ مرزا قليچ بيگ  ”زينت“ ناول لکيو. جيڪو سنڌي ادب جو اهم ناول شمار ٿئي ٿو. مرزا قليچ بيگ کي بلاشبه سنڌي ناول نگاريءَ جو باني چئي سگهجي ٿو. 
مرزا صاحب اصلوڪن کان سواءِ ڪي ناول ترجمو به ڪيا جيئن: Basket of flower جو ”گلن جي ٽوڪري“ Up from the slavery جو ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“ ان کانسواءِ ”ٽي گهر“، ”راحيل“ جولئن هومز، ”نيلو پکي“ وغيره اردو ادب مان ”.صحت النساءِ“ ۽ ”لڇمي“، ترجمو ڪيائين، اهي سڀ ناول 1888ع کان 1926ع تائين جي دور ۾ ترجمو ٿيا.
ورهاڱي تائين سنڌيءَ ۾ چڱا ترجمو ۽ طبعزاد ناول لکيا ويا. جيئن ديوان پريتمداس جو ”عجيب ڀيٽ“ ايس سي شهاڻيءَ جو ”بلو کوکر“، آسانند مامتورا جو ”ڪومل ڪمل“ چوهڙ هندوجاجو ”جيوَن ڪلا“، ديوَ سڀائيءَ جو ”سدا سهاڳڻ“، ساڌو هيرانند ۽ ڪاڪي ڀيرومل جو ترجمو ڪيل ناول ”طلسم“ (هيءُ سروالٽر اسڪاٽ جي ناول (Talsman) جو ترجمو آهي). خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو ”حياتيءَ جو پهريون دؤر“، ”حياتيءَ جو ٻيو دؤر“ ۽ ”جُڙتو شهزادو“، شيوڪ ڀوڄراج جو ”دادا شيام“، موٽومل مينگھارام جو ”دکي اٻلا“، پرمانند ايسرداس جو ”رام پياري“ ۽ ”رتنا“، جڳت آڏواڻيءَ جو ”آخري التجا“، ميوارام واسواڻيءَ جو ”چندر پال“، ”رٺل راڻي“، ”چنبيليءَ جي سڳنڌ“، ”هار جيت“ ۽ ”منزل“، لال چند امر ڏنو مل جو ”سون ورنيون دليون“، ”چوٿ جو چنڊ“، ”ڀرم جي ڀلائي“، مرزا علي نواز جو ”انتقام“، غلام احمد نظاماڻيءَ جو ”حورِ دمشق“ ۽ ٻيا ڪيترائي ناول شمار ڪري سگهجن ٿا.
نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جا ناول ورهاڱي کان اڳ سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي شمار ٿين ٿا. سندس اصلوڪن ناولن ۾ ”مالهڻ“، ”وڌوا“، ”غريبن جو ورثو“ آهن. هن صاحب ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ جي عنوان سان ٿامس هارڊي جي ناول “Tess of Durbervills” کي ترجمو ڪيو. جو ڪجھ خامين هوندي به اصل جو ڏيک ڏئي ٿو. ڀمڀاڻيءَ جا ناول موضوع، ڪردارنگاري ۽ ٻوليءَ جي خوبين کان اعلى شمار ٿين ٿا. ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جا طبعزاد ناول ”آنند سندري“، ”موهني ٻائي“ ۽ ”وريل نعمت“ اصلاحي ناولن جي لحاظ کان مشهور آهن. ڄيٺمل ڀرسرام جو قومي ناول ”ٻڏل ٻيڙي“، ”ڪيول گوپال رام“، ”ستي لڪشمي“ به سٺا ناول شمار ٿين ٿا. حڪيم عبدالخالق خليق مورائيءَ کي تاريخي ناولن لکڻ جو ڏانءُ حاصل هو. سندس ناولن ۾ ”عبرت“ تاريخي ۽ ”نسيما“ هڪ رومانوي ناول آهي ڇتر پتي ناول تاريخي هئڻ سان گڏ اورنگزيب عالمگير ۽ اڌيپور جي راڻيءَ جي عشق کي رومانوي انداز سان بيان ڪري ٿو. ”ستيءَ جي سيتا“ ۽ ”سندري“ تاريخي ناول شمار ٿين ٿا. ”درس آموز“ هڪ معاشرتي ۽ سبق آموز ناول آهي. ”سندري“ ۾ اسلام جي آمد جي خوشخبري آهي، ٻولي ۽ موضوع جي لحاظ کان هي ڪامياب ناول آهي.
انهيءَ وقت محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ناول نه صرف تاريخي، قومي ۽ اسلامي هئا، پر حيرت انگيز حد تائين جذباتي ۽ اثر انگيز هئا. جن جي لکجڻ ۽ پڙهجڻ جو سلسلو تمام تيز هو. ڏيپلائي صاحب جا ڪجھ ناول عبرت اخبار ۾ سلسليوار پڻ ڇپيا. هن ناول نگار جي ناولن جو تعداد منو سئو چيو وڃي ٿو. جن مان ڪافي اصلوڪا ۽ ڪجھ ترجمو آهن. چند مشهور ناولن جا نالا هن ريت آهن. ”سنگدل شهزادي“، ”حورِ بغداد“، ”آخري امداد“، ”عصمت جي قيمت“، ”فتح اسپين“، ”رومَ جي راڻي“، ”نورِ توحيد“، ”سسي نيزي پاند“، ”غازي احمد شاھ ابدالي“، ”ڏاهري رنگ محل“، ”گلستانِ حسن“، ”شيرِايران ”مصطفى ڪمال“، ”مجاهد ڪشمير“، ”سمر قند جو صوف“، ”سلطان ٽيپو شهيد“، ”چين جو چنڊ“ ۽ ٻيا آهن. تاريخي ناولن جي سلسلي ۾ ڊاڪتر گربخشاڻيءَ جي ”نورجهان“ کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي. آسانند مامتورا جو نالو ناول نگاريءَ ۾ تمام مشهور ٿيو. سندس ناول ”شاعر“ جي ٻولي عالماڻي ۽ منجھس اونها ويچار ۽ سمجھ ۽ سياڻپ جو ڳالهيون آهن. گلي سدا رنگاڻيءَ جو ”اتحاد“ هندو مسلم فسادن کي روڪڻ جو سڏ هو. معاشرتي سڌاري لاءِ لکيل هن ناول ۾ ملڪ جي سياسي حالتن جي وايو منڊل تحت مسلمانن ۽ هندوئن کي اتحاد جو سڏ ڏنو ويو آهي. هندوستان جي پس منظر ۾ ورهاڱي کان اڳ جو هيءُ ناول اهميت وارو آهي. 1930ع ۾ هرجيس سکر اماڻيءَ جو ”ٻه ڀائر“ گھريلو ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهي. پروفيسر پرتاب راءِ پنجواڻيءَ  جا ناول همت ۽ فرض جي موضوعن جي چوگرد گھمن ٿا، ”قيدي“، ”شرميلا“، ”اسان جو گھر“، ”چانديءَ جو چمڪو“، ”پدما“، آهي نه آهي“، ” ڌيئر نه ڄمن“ سندن خاص ناول آهن. گوبند مالهي مشهور ناول نگار جي ورهاڱي کان اڳ جي ناولن ۾ ”انقلابي سپاهي“، ”انقلابي شاهراھ“ اچي وڃن ٿا. ورهاڱي کان پوءِ هن جا بمبئي هندوستان ۾ تمام سٺا ناول ڇپيا آهن. ميلا رام سنگرام واسواڻيءَ جو ”شيلا“ هندو مذهب جي وڌوا جي مسئلي کي بيان ڪندڙ آهي.
جاسوسي ۽ طويل ناولن ۾ مکيه سيرومل ساگراڻيءَ جو ”هردل عزيز عُرف چندر ڪانتا سنڌي“ 28 حصن ۾ ڇپيو. جيڪو گھڻو مقبول ٿيو ۽ سندس ”ڀوتناٿ جي جيوني“، به 24 حصن تي مشتمل ناول هو. هن دور ۾ ناولن جي موضوعن ۾ گھڻي تبديلي آئي. جنهن جا سبب مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“ ۾ ڏنا آهن جن موجب، ”ورهاڱي جي ڇڪتاڻ سبب ادب ۾ اهم اٿل آئي ليکڪن وٽ نوان موضوع آيا، ناول ۾ فلسفياڻن خيالن ۽ شاعراڻي تخيل سان گڏ سياست، مذهب، قوميت ۽ ٻيا موضوع آزاديءَ جي تحريڪ جي اوٽ ۾ پيش ٿيڻ لڳا. مسلمان ۽ هندو ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي بهادريءَ ۽ شان ۽ شوڪت کي بيان ڪرڻ تي زور ڏنو. انهيءَ ڪري، نفاق پيدا ٿيو ۽ اهلِ علم حضرات انهيءَ نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ ادب ۾ اتحاد جي موضوعن تي زور ڏنو اهڙيءَ ريت نون موضوعن سبب ناول نويسيءَ جو عروج آيو“ (صه، 165).
ناول ۾ زندگيءَ جي حقيقتن کي کولي بيان ڪرڻ ڪري وقت ۽ ماحول جا اثر به چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سنڌي ناول عالمي ادب کان به متاثر آهي ته گڏ ڏيهي حالتن جا اثر پڻ آهن ۽ ترجمو ٿيل ناولن به سنڌي ناول جي موضوعن کي وسعت ڏني آهي. مهاڀاري لڙايون ۽ انهنجا اثر، برِصغير جون سياسي ۽ سماجي حالتون، قوميت جو جذبو، مذهبي ڇڪتاڻ، اوائلي ناول نگاريءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمانن ۽ هندوئن جي دلين ۾ نفرتون آيون ته وري پاڻ ۾ ٻڌي به ڪيائون. ورهاڱي جي وقت حالتن اديبن کي زندگيءَ جي گھڻين سخت حقيقتن سان آگاھ ڪيو، محبت ۽ نفرت جي جذبن جا انداز اسان جي انهيءَ وقت جي ادب ۾ چٽا ڏسڻ ۾ ايندا، هندو مسلم جھيڙو، قوميت جا احساس ۽ لڏپلاڻ جي مسئلن ليکڪن جي قلم ۾ هڪ انوکي پيڙا ۽ سجاڳي آندي، هندو عالمن پنهنجي مذهب ۽ قوميت جي پرچار ڪئي، ته مسلمانن تاريخ جي اوٽ ۾ اسلام جا ڪارناما پيش ڪري عوام کي همت لاءِ اتساهيو اهڙي ڏکي دور ۾ تخليق ڪارن پنهنجا فرض ادا ڪيا ۽ ادب ۾ هڪ نئون موڙ آيو جنهن جو اثر ناول نگاريءَ تي گھڻو ٿيو. ناول نه رڳو داستان گوئي ۽ غير فطري ماحول کان آزاد ٿيو پر زندگيءَ جي صحتمند روين جي حقيت نگاريءَ کي صحيح نموني سان نڀائڻ لڳو.
سنڌي ناول نويسيءَ جو پهريون دور 1853ع کان 1930ع تائين ۽ ٻيو 1931ع کان 1947ع تائين شمار ٿئي ٿو ۽ ٻئي دور ۾ سنڌي ناول پنهنجي فني عروج تي پهتو ۽ ويهين صديءَ جو پهريون اڌ سنڌي ناول جو اهم شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ تاريخي، قومي، سياسي، سماجي ۽ اصلاحي بي شمار ناول لکيا ويا ۽ مختلف ٻولين مان ڪيترائي ناول ترجمو به ٿيا. جاسوسي ۽ سلسليوار ناول به لکجڻ ۾ آيا. ورهاڱي کان اڳ جيڪي ناول نگار سنڌي ناول کي ادب ۾ ترقي ڏيارڻ لاءِ ميدان ۾ آيا انهن مان ڪجھ ناول نگارن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. ديوان نولراءِ، منشي اڌارام ٿانورداس، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙومل، رام پنجواڻي، نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻي، ايس.سي شهاڻي، پرمانند ايسرداس، ميلارام واسواڻي، ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لالچند امر ڏنو مل، گوبند مالهي، محمد عثمان ڏيپلائي، وشنو شرما، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، موٽومل مينگهارام ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.

ورهاڱي کان پوءِ جا ناول ۽ ناول نگار

1947ع کان پوءِ هڪ خاص تبديلي آئي پرڏيهي ادب جي اثرن سان گڏ ڏيهي حالتن جي تبديليءَ سنڌي ناول نويسي کي متاثر ڪيو ۽ ناول جي لکجڻ جي رفتار ۾ فرق آيو جنهن جا سبب هيٺيان هئا.

1. سنڌي ناول لکندڙ اديبن ۾ هندو ناول نگارن جو تعداد گھڻو هو، لڏ پلاڻ جي ڪري گھڻا ليکڪ هندوستان هليا ويا. 2. هن طويل صنف جي ڇپائيءَ لاءِ وڌيڪ پئسي جي ضرورت هئي، جنهن جي لاءِ حالتون موافق نه هيون. 3. ناول ڇپائيندڙ ادارن ۾ به گھڻو تعداد هندوئن جو هو، فسادن ۽ لڏپلاڻ جي ڪري ڪيترائي اشاعتي ادارا بند ٿي ويا. 4. وقت سان گڏ دنيا جي ادب ۾ به افساني جي صنف عام ٿيڻ لڳي، افسانو جلد لکجڻ، ڇپجڻ ۽ عام ٿيڻ (مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ) جي ڪري ناول کان وڌيڪ مقبول ٿيڻ لڳو. 5. هن مشيني ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ وقت جي ڪميءَ سبب ناول لکجڻ جو لاڙو گھٽجي ويو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي گھٽ لکجڻ جا سبب ته مٿي بيان ڪيا ويا آهن، ته به سنڌي ناول سنڌ ۾ لکيا ويا آهن. بيشڪ انهن جو مقدار گھٽ آهي. پر معيار خراب نه آهي. هيٺ ڪجھ مختصراً ذڪر ڪجي ٿو.
ورهاڱي کان پوءِ محمد عثمان ڏيپلائي انهن ناول نگارن ۾ هو جنهن هن صنف کي زنده رکڻ ۾ هٿي ڏني. سندس ناولن ۾ ”سانگھڙ“ کي اهم حيثيت حاصل آهي. (پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي طرفان انعام يافته آهي). سندن ٻين ناولن ۾ ”جپاني گڏي“، ”آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ مئڪسيم گورڪيءَ جي ناول مدر جو ترجمو ”امڙ“ ۽ ٻيا ناول شامل آهن.
عابد لغاريءَ جو ناول ”زنده لاش جو سفر“، ياسين بروهي جو ”نارنگي ڪيلا 2020“، الھ بخش ٽالپر جو ”پرديسيءَ جو پيار“، غلام علي الانا جو ناول ”لاش“ لطف الله بدويءَ جو ”ابيلا“، منظور احمد عرساڻيءَ جو ”ڪلب ۽ گھر“ طارق اشرف جو ”ميرو ڌاڙيل“، راز بلڙائي جو ”گناھ“، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ”سوري آ سينگار“، محمد دائود بلوچ جو ”انصاف ڪٿي آهي“، قاضي عبدالڪريم جو ”نوران“، فضل احمد بچاڻيءَ جو ”نازبو“، عمرالدين بيدار جو ”نيروليءَ جو ڪن“، الله بخش اداسي جو ”آهون“، قبول ابڙي جو ”ڌرتيءَ جي جنگ“ ۽ ٻيا ڪيترائي ناول ورهاڱي کان پوءِ لکيا ويا آهن. محمد بخش جوهر سٺو جاسوسي ناولن جو سلسلو شروع ڪيو، ”شريف ڊاڪو“، ”پڪو بدمعاش“ ۽ ٻيا ڪافي جاسوسي ۽ ڪجھ سماجي ناول به لکيائين جيئن ”ڪاليجي ڪڪي“، ”باغي“، زبردستي“ وغيره. ”بک ۽ بيروزگاري“ راز بلڙائي، ”سورج شاخون ڪڍيون“، محمد علي ڀٽي، ”شام سحر“، مسعود ويراڳي، ”شڪسته زندگي“، بادام ناتوان، جا ناول آهن، قاضي فيض محمد فيض جي ناولن ۾: ”جنسار“، ”ٻاويهه سو ٻاويهه“ ۽ ”اڻ ڄاڻ“ مشهور آهن. عنايت حسين جو ”اتفاق“، عمرالدين بيدار جو ”تلاش“ محمد حسين جو ”اديون ڏيوم صلاح“، ”صائب“ جو ”ڪوماڻو ڪنول“، آسانند مامتورا جو ”حليما“ عبدالحق عالماڻيءَ جو ”ڪارو ڪارونڀار“، آهن. ”ڊنل اکين جا خواب“، قبول ابڙو جو بنگالي قوم جي جدوجهد جي پس منظر تي آهي. 1971ع جي بنگلاديش جي هلچل ۽ مقصد کي ابڙي صاحب ناول جو روپ ڏيئي پيش ڪيو آهي.
سنڌي ناول نگاريءَ ۾ سراج الحق ميمڻ هڪ ناليوارو ناول نگار رهيو آهي. سندس پنج مشهور ناول آهن. جن ۾ ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ ۽ ”منهنجي دنيا مرگھ ترشنا“، (پوين ٽنهي ناولن کي هڪ گڏيل ڇاپي ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي عنوان سان ڇپايو). شروع جا ٻئي ناول ارغونن ۽ ترخانن جي ظلمن ۽ ڏاڍاين جا بيان آهن. هي ناول تاريخي هئڻ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌيت جي محبت جو عڪس آهن. سراج جا ناول ٻولي، ڪردارنگاري، جذبات نگاري ۽ جماليات جي لحاظ کان اهم آهن. سندس ناولن جا موضوع جذباتي ۽ سوچون آدرشي آهن. ايڊيٽر (هلال پاڪستان ڪراچي) ۽ صحافي هئڻ جي حيثيت سان هن هڪ نازڪ وقت ۾ ناول نگاريءَ جي ميدان جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي جي پرچار ڪئي. نجم عباسي مشهور ناول نگار ۽ افسانه نگار جا ناول عوامي ڪردارن جو بيان آهن. جيئن ”بلنديون“، تلاش“ ۽ ”پيار جي ڪهاڻي“، هن حقيقت پسند ليکڪ جي ڪردارن ۾ جان آهي هن جي جدوجهد عام عوام لاءِ رهي، هن طبقاتيت خلاف لکيو. شاهوڪارن، ٺيڪيدارن، جاگيردارن ۽ زميندارن جي ظلمن ۾ پيڙهيل غريب عوام ئي نجم عباسيءَ جو موضوع رهيو. ”بلنديون“ هارين جي حقن وٺڻ ۽ متحد ٿيڻ بابت آهي.
آغا سليم جا ناول رومانويت ۽ آدرشن تي محيط آهن. جن ۾ سنڌ جي قديم تهذيب جا قدر آهن. آغا سليم صاحب جي ناولن جي ٻولي ٺيٺ سنڌي هئڻ سان گڏ ادبي موتين سان سجيل آهي. ناولن جي ڪردارنگاري خاص اهم آهي. سندس ناولن جا پلاٽ ڪردارنگاريءَ تي ٻڌل آهن. جن جي زباني هو آدرشي پيغام ڏئي ٿو. سندس مقصد قومي ۽ سماجي مسئلن جي اُپٽار آهي ته گڏ تاريخ جي ورقن مان سچ جا اولڙا پسائڻ پڻ. آغا سليم جي ناولن ۾ ”همه اوست“، ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ”اڻپورو انسان“ ۽ ”روشنيءَ جي تلاش“ آهن. سندس ناولن ۾ مقصديت آهي.
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ مقصديت واري ناول لاءِ چوي ٿو ته: ”علم و ادب ۾ اهڙي ناول کي هميشه اهميت ملي آهي، جيڪو ادبي ۽ اصلاحي مقصد لاءِ لکيو ويو آهي. بدن سان گڏ روح جو هجڻ لازمي آهي. جيئن بدن زنده چورائڻ جو مستحق ٿي سگهي. ناول جو فن ناول جو بدن آهي، جنهن کي زنده رکڻ يا روح ڦوڪڻ جو دارومدار، ناول نگار جي بيان ۽ مواد جي ادائگيءَ تي آهي“.
سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تاريخ تي لکيل علي بابا جو ناول ”موهن جو دڙو“، ”نئين زندگيءَ“ ۾ قسط وارو ڇپيو، هن ناول جو ڪردار سنگتراش ”سارنگ“ جنهن جي هٿن جي ڇهاءُ سان اڻ گھڙيل پٿر به جاندار ٿي پيا، هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هن ناول جي ٻوليءَ ۾ واڌاءُ پڻ آهي جنهن ڪري ناول ڪجھ ڪسو ٿي پيو آهي، ڪٿي ڪٿي جاندار جملا آهن ته ڪٿي ڪٿي ورجاءُ، دهراءُ ۽ ڊيگھ سبب پڙهڻ جي تسلسل ۾ ڪمي اچي ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هن ناول تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”هن ناول جي ناڪاميءَ جو سبب ٻولي آهي“. مجموعي طور ناول جو موضوع ۽ ڪردارنگاري جاندار آهن ”سندباد جو سفر“ علي بابا جو ٻيو ناول ٻاراڻي ادب لاءِ آهي.
ڄام ساقيءَ جو ”کاهوِڙي کجن“، ماڻڪ جا، ”لڙهندڙ نسل“، ۽ ”ٽي ناوليٽ“، طارق عالم ابڙو جو ”رهجي ويل منظر“، رشيد ڀٽي جو ”پيڙا“، حليم بروهيءَ جو ”اوڙاھ“ ۽ ٻيا ڪافي ناول ورهاڱي پوءِ لکيا ويا آهن. شيخ محمد حسن جو ”ٻولي“ هڪ سماجي ۽ اصلاحي ناول آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جون برايون ظاهر ڪيون ويون آهن. گل نصرپوريءَ جو ”درياءُ جي ڪپ تي“، 1960ع ۾ شايع ٿيل، هڪ سماجي ۽ رومانوي ناول آهي، جنهن جي ٻولي سليس ۽ سهڻي هئڻ سان گڏ موضوع، پلاٽ ۽ فني اسلوب طور هيءُ هڪ مضبوط ناول آهي. غلام نبي مغل جو ڪارو ڪاري جي اهم موضوع تي ناول ”مون کي ساھ کڻڻ ڏيو“ آهي ۽ ٻيو ناوليٽ ”عورت ۽ پيار“ آهي انهيءَ کان سوءِ هن فخر زمان جي پنجابي ناول کي ”بنديوان“ جي نالي سان 1994ع ۾ ترجمو ڪيو آهي. سندس ناول ”اوڙاھ“ سنڌ جي سياسي ۽ قومي حالتن جو بيان آهي.
الله بخش ٽالپر جو ”اداسيءَ جون آهون“ 1963ع ۾ ڇپيل مقصدي طرح اصلاحي ناول آهي، منجھس نصيحتون آهن ته عشق و محبت جا ذڪر پڻ آهن، ”ڪاروان زندگي“ عبدالرحمان انجم هالائيءَ جي ناول جو موضوع محبت آهي سنڌ جي عام طبقي جي نمائندگي ڪندي کين ظلم ۽ جبر خلاف جوش ڏياريو ويو آهي. شيخ عبدالرزاق جو ”نئون آدمي“ فني خوبين سان ته مالا مال آهي پر سنڌ جي تاريخي ناولن جي ناول نگاريءَ ۾ به هڪ نئون موڙ آهي، جنهن ۾ ثقافت جي اُپٽار آهي ته سنڌي قوم جي رهڻي ڪهڻي ريتون ۽ عقيدا چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هي رهبر ڊائجسٽ ۾ قسطوار شايع ٿيو هو. نيو ٿنڪرس فورم وارن جي طرفان طارق خشڪ جو ناول ”مونکي هوائن ۾ ڳولجان“ شايع ٿيو آهي. ماهتاب محبوب جو ”خواب، خوشبو ۽ ڇوڪري“، سماج جي وچئين طبقي جي عڪاسي ڪري ٿو. ڊاڪٽر قاضي خادم ناول نگاريءَ ۾ هڪ باصلاحيت سنڌيڪار جي حيثيت سان نه فقط ترجمو ٿيل ناول آندا پر اصلوڪا ناول به لکيا. البرٽ ڪاميو جي “The Fall” کي ”زوال“ جي عنوان سان پال سارتر جي ناول جو ”پيار“، پيري لوئي جي ناول جو ”سونهن جي ديوي“ ۽ دوستو وسڪيءَ جي ناول کي ”جواري“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. قاضي صاحب جي اصلوڪن ناولن ۾ ”پيار ۽ سپنا“ 1977ع ”درد جي خوشبو“ 1981ع شمار ٿين ٿا. ”درد جي خوشبو“ سماجي ۽ اصلاحي ۽ ”پيار ۽ سپنا“ رومانوي هئڻ سان گڏ سماجي مسئلن جي اپٽار ڪري ٿو.
امر جليل جي ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. موضوع جي لحاظ کان هيءُ هڪ نئين موضوع جو ناول  آهي. افغانستان مان روسين ۽ روسي مداخلت کي تڙي ڪڍڻ کان پوءِ اقتدار خاطر افغانن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ پاڪستان جو افغانستان جي ملن کي اقتدار ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ هن ناول جو موضوع آهي. هيروئن، هٿيار، طالبان، مُلن ۽ دهشتگردن جي چوگرد هن ناول جي ڪهاڻي گھمي ٿي. ناول جو انتساب گلاب گونگي جهڙن شهيدن جي نانءُ آهي. جيڪي سفاڪن ۽ ظالمن جي هٿان شهيد ٿين ٿا. ورهاڱي کان پوءِ جيڪي سنڌي ناول سنڌ توڙي هند ۾ لکيا ويا آهن. انهن ۾ بين الاقوامي ادب جا لاڙا، وجوديت، رومانيت، ترقي پسندي، نفسياتي نطريا ۽ مارڪسي نظريو سمايل آهن ته سنڌي سماج جا ڏيهي لاڙا به شامل آهن. گڏوگڏ ليکڪن ناولن جي موضوعن ۾ وسعت آڻي ناول جي فني ٽيڪنڪ ۽ ادبي انداز کي پڻ نڀايو آهي. موضوع جي لحاظ کان سنڌي ناول جو موضوع ثقافت، تاريخ، قوميت، سماجي ۽ معاشي مئسلا رهيا آهن.
هندو ليکڪن ورهاڱي کان پوءِ جيڪي ناول لکيا آهن. انهن ۾ ڪجھ حد تائين هندو سماج جي عڪاسي وڌيڪ آهي پر وري به سنڌ جي سماج جون حالتون اچي وڃن ٿيون. سندن لکيل ناولن ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي ناولن جو تعداد وڌيڪ آهي. هيٺ ڪجھ مشهور ناولن جو ذڪر ڪجي ٿو. گوبند مالهيءَ جا ناول ”آنسو“، ”زندگيءَ جي راھ تي“، ”جيوَن ساٿي“، ”عشق ناهي راند“، ”شرم ٻوٽي“، ”چنچل نگاهون“، ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“، ”سوريءَ ڀانئين سيج“ اهم آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي چواڻيءَ ته ”گوبند مالهي سنڌيءَ ۾ شاهڪار ناولن جو بنياد وڌو“. لڇمڻ ساٿي جا ”اڏري وڃ ڙي ڪونج“، ”کيچلي“، ”سيتل واديون“ ۽ ”آسمان روشن آهي“، اشوڪ ڀوڄراج جو ”آشيرواد“ مامتورا جو ”شاعر“ ۽ سندري اتم چنداڻيءَ جا ”ڪرندڙ ديوارون“، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ ڪامياب ناول آهن. رام پنجواڻي جا ” ڌيئر شل نه ڄمن“، ”زندگي ۽ موت“، سماج جي ڏيتي ليتيءَ جي تڪليف ده مسئلن کي کولي بيان ڪن ٿا. داس طالب جو ”چيخ“، موتي پرڪاش جو ”انڌيرو اجالو“ موهن ديپ جو ”خالي هٿ“، وشنو ڀانيا جو ”دردن ماري دل“ ۽ ”زندگي جا ڪنارا، ڪلاپرڪاش جو ”هڪ دل هزار ارمان“ ڪرشن کٽواڻيءَ جو ”منهنجي مٺڙي سنڌ“ معياري ناول شمار ٿين ٿا. موتي، ڪلا ۽ ڪرشن جي ناولن ۾ سنڌيت ۽ وطنيت جي عڪاسي آهي. موهن ڪلپنا جا ”درد جو دريا“، ”زندگي“، ”آواراه“، ”جلاوطن“، ”رڃ ۽ پاڇا“، ”جيوَن جو سنگرام“، آهن. هندي ناول نگارن ۾ موهن ڪلپنا هڪ پختو ناول نگار شمار ٿئي ٿو. سندس ناول، موضوع ۽ پختگيءَ جي لحاظ کان سٺا آهن.
ريٽا شهاڻيءَ جو ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“ انعام يافته ناول 1985ع ۾ بمبئيءَ ۾ ڇپيو. ”چنڊ کان سج تائين“ 1989ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ ڪردارن جي سوچن ۽ ماحول ۽ حالتن کي سهڻي نموني سان ظاهر ڪيو ويو آهي. هري موٽواڻيءَ جو ”ابو“ ناول 1988ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿيو هيءُ ناول ورهاڱي کان پوءِ جي دل ڏاريندڙ داستانن کي پيش ڪري ٿو انهيءَ جي ٻولي، منظرنگاري اعليٰ درجي جون آهن ”اجهو“ هري صاحب جو ورهاڱي کان پوءِ هندوستان ۾ لڏي آيل سنڌين جي رهائش جي مسئلن جو بيان آهي. هنن ٻنهي شاهڪار ناولن ۾ سنڌيت جو جذبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ”ڌرتي“ به سندس سٺو ناول آهي. چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جو ”اگني“ ۽ ”پهاڙي چوٽيون“ سماجي غير برابريءَ جي نظام کي وائکو ڪندڙ ناول آهن. تارا چنداڻي جو  ”ڪومايل ڪلي“ به گهريلو زندگيءَ جي ڏکن سکن جو بيان آهي. سندس ”آشا“ به هڪ سٺو سماجي ناول آهي. نرنجن دوداڻي جو ”سنڌ جي زينت“، ڪلاپرڪاش جو ”وقت، وٿيون وڇوٽيون“  گلاب هنگوراڻيءَ جو، ”ڀومي“، آنند گولاڻي جو ”مجو“ شيام جئسنگهاڻيءَ جو ”ڪچا ڌاڳا“، ”جيون جو سنگرام“ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا ويا آهن. هندو ناول نگارن سنڌي ناول کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪرايو آهي.

ترجمو ٿيل ناول ۽ مترجم ناول نگار

ادب ۾ ترجمي جي هميشه هڪ خاص حيثيت رهي آهي. ترجمي سان ٻين ملڪن جي تهذيب ۽ تمدن جي خبر پوي ٿي. ڪنهن به ترجمو ٿيل ڪتاب جي ڪاميابيءَ جو دارومدار مترجم جي ڪتاب جي چونڊ ۽ سندس ترجمي ڪرڻ جي صلاحيت تي آهي. سنڌي ادب ۾ ناول نويسيءَ جي شروعات ئي ترجمي سان ٿي، پهريون ناول ”راسيلاس“ هو جيڪو ساڳئي نالي سان ديوان نولراءِ شوقيرام ۽ منشي اڌرام ٿانور داس گڏجي ترجمو ڪيو ۽ انعام حاصل ڪيو.
مرزا قليچ بيگ اهو واحد اديب هو، جنهن اصلوڪن ڪتابن کان به ترجمي کي گهڻي اهميت ڏني. جنهن ۾ هن مختلف موضوعن جي ڪتابن جا ترجما ڪيا. سندن انتخاب علم وادب جا مشهور ڪتاب هئا. ناول نويسيءَ ۾ جرمن عالم ڪرسٽان وان شيڊ جي ناول ”ڊي بيسڪيٽ آف فلاور“ جو ترجمو ”گلن جي ٽوڪري“ جي نالي سان ڪيائين. انهيءَ کان سواءِ ”شرلاڪ هومز جا عجيب و غريب ڪم“، ”ٽي گهر“، ”ايرڪ“، ”راحيل“، ”سچي محبت“، ”گليوَر جو سيرو سفر“، ”حاجي بابا اصفهاني“، ”سندباد جهازي“، ”رابنسن ڪروزو“، ”سئڊ فورڊ  ۽ مرٽن“، ”مصيبت ماريا سائينءَ سنواريا“،. شامل آهن. انگريزيءَ کان علاوه اردو مان ”صحت النساءَ“ ۽ ”لڇمي“ ترجمو ڪيائين سنڌي مترجم ناول نگارن ۾ مرزا قليچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائي، لالچند امر ڏنو مل، ايس سي شهاڻي، ڀمڀاڻي، گوبند مالهي، ديوان ڪوڙومل، ميلارام واسواڻي، جڳت آڏواڻي، ديوسڀائي، موهن دوداڻي، قاضي خادم، نصير اعجاز، وليرام ولڀ، فضل احمد بچاڻي، دوست محمد ڀٽي، پرويز ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. محمد عثمان ڏيپلائي مئڪسيم گورڪيءَ جي ناول “The mother” جو ترجمو ”امڙ“ جي نالي سان، پرل ايس بڪ جي ناول Drogon Seed جو ترجمو ۽ اختصار ”جپاني گڏي“ جي نالي سان روسي اديب دوستو وسڪيءَ جي ناول How the steel was tempered جو ترجمو ”سسي نيزي پاند“، سان ڪيائين. اسٽار آف منگريلا جو ”ستاره منگريلا“ جي نالي سان مکيه سيرومل  ترجمو ڪيو. ترجمو ٿيل ناولن ۾، عثمان علي انصاري جو ”گمراه دوست“، ڀمڀاڻي جو ”پاپ ۽ پاڪيزگي“، لالچند جو ”سون ورنيون دليون“، ”ايس سي شهاڻيءَ جو ”بلو کوکر“ آهن. ايس ايس شهاڻي  Towon a Tower تان، ”تارن. جو اڀياس“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو.
انگريزيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جيئن بنگالي، گجراتي، هندي ۽ اردو مان به ناول ترجمو ٿيا آهن. خاص طور ڪرشن چندر، قراة العين حيدر، نسيم حجازي، خليل جبران، ممتاز مفتي، خديجه مستور، منشي پريم چند ۽ ٻين ليکڪن جا ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا. جيئن شروعاتي دؤر ۾ ”سروجني“، ”زندگي“، ”شيواجي“، ”انارڪلي“، ”دکي هاري“، ”طوفاني رنگ“، ”مڪتي“، ”رڪمڻي“، ”ساٿي“ ۽ ٻيا ترجمو ٿيا. ديوان ڪوڙي مل بنگالي ناول نويس بئڪم چندر چترجي جي ناولن جا ترجما ڪيا. جيئن: ”چندر مکيه“، ”روهني“، ”آنند مٺ“ وغيره. فضل احمد بچاڻي سرهنري رائڊر هئگرڊ جي ناول She، کي ”عاشي“ جي عنوان سان ۽ Shadows of the wall  کي ”روح جي ڳولها“ ۽ ”پڪچر آف دي ڊورين گري“ آسڪروائيلڊ جي ناول کي ”تصوير جو خون“ جي نالي سان ترجمو ڪيو انهيءَ کان سواءِ خليل جبران جو ناول ”سپون“ ۽ هرمن هريس جو ناول ”سڌرات“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. مصطفيٰ نانگراج، ٽالسٽاءِ جي ناول کي ”عشق“ جو عنوان ڏيئي سهڻو ترجمو ڪيو جيڪو 2001ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن ڇپايو آهي. نصير اعجاز، مترجم جي حيثيت سان ڪرسٽو فر جي ناول کي ”نينگرو، عشق ۽ بغاوت“ جو ويس پارايو. آئورل آئويسي جي ناول کي سنڌي ۾ ”دل جو بندر“ ۽ ايرڪ ڪارڊر جي ناول کي ”غلامن جو ٻيڙو“ جي عنوان سان ترجمو ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ”جي ماريا نه موت“ ويٽنامي ناول جو ترجمو آهي.
”مسيح ۽ ماڻهو“ جي نالي سان خليل جبران جي ناول جو ترجمو 2001ع ۾ گل محمد ڪيو مشهور فارسي شاعره قراة العين طاهره جي زندگيءَ جي احوال تي مبني ناول ”طاهره“ ڪلارا اي.ايڇ جي لکيل کي سنڌيڪار ابو دانش سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. پورس پوليورائي جي ناول کي پرويز ”ڏونگر منجھ ڏيئو“ جي عنوان سان هاورڊ فاسٽ جي ناول ”اسپارٽيڪس“ کي ساڳئي نالي سان پرويز 1998ع ۾ ترجمو ڪيو. هيءُ ناول رومي سلطنت جي خلاف غلامن جي بغاوت جو بيان آهي. وليرام ولڀ ڪافي سٺا ناول ترجمو ڪيا آهن جن ۾ ”سيتا هرڻ“ قراة العين حيدر جي اردو ناول تان هڪ مختلف ۽ انوکي موضوع جو ناول آهي. جنهنجي عبارت ۽ ٻولي ته خوبصورت آهي، پر منظرنگاري ۽ ڪردارن جي زندگيءَ جي حقيقت نگاري پڻ لاجواب آهي. ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جو ترجمو وليرام ولڀ 1990ع ۾ ڪيو. غدار 1947ع جي پس منظر تي آهي. هن ناول جو نه فقط موضوع مضبوط آهي، پر منجھس خونريزي ۽ قتل و غارت گيري ۽ لٽ مار جي واقعن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. مترجم هن ناول کي بامحاوره ۽ سليس سنڌيءَ جو ويس پارائي هڪ ڪامياب ترجمو ڪيو  آهي. ” ڌاريو“ البرٽ ڪاميو جي فرينچ ناول جو ترجمو 1993ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن شايع ڪيو آهي. هيءُ ناول به ڪردار نگاريءَ، پلاٽ ۽ موضوع جي لحاظ کان جدت ۽ نواڻ رکي ٿو. هن مختصر جائزي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب ۾ معياري ترجمو ٿيل ناول موجود آهن.

سنڌي ناول سنڌي سماج جو عڪس هئڻ سان گڏ سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو

سماج ۽ ادب جو ڳانڍاپو هميشه کان مضبوط رهيو آهي، سماجي جوڙجڪ، معاشي نظام، سياسي اثر، قومن جا اجتماعي خيال، اميدون ۽ جذبا ادب تي اثرانداز رهيا آهن. ناول جي صنف ۾ انهن جو عڪس وڌيڪ صحيح نموني سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌي ناول نويسيءَ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته شروع دور کان ئي، سنڌي ناول ۾ سنڌي قوم جا مذهبي ۽ اخلاقي قدر، ريتون، رسمون، وهم وسوسا، سوچون ۽ ويچار، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي مسئلا هر لحاظ کان پڌرا معلوم ٿيندا. هر سماج جا مسئلا الڳ هوندي به انسانيت جي نالي سان زندگيءَ جا ڪيترائي رخ ساڳيا هوندا آهن. مهذب دنيا ۾ هر سڌريل سماج کي پنهنجو الڳ ادب هوندو آهي. جيڪو انهيءَ قوم جي ترقيءَ جو اهڃاڻ هجي ٿو، ان آئيني ۾ انهيءَ قوم جا خيال، جذبا، احساس، اخلاقي ۽ تهذيبي قدر ته ڏسجڻ ۾ ايندا آهن پر قوم جي عالمن، شاعرن، سڄاڻن ۽ اديبن جي ذهني قوت به ظاهر هوندي آهي ۽ انهيءَ ادب جي عام طرفان پسنديدگي ان قوم جي سمجھ ۽ سجاڳيءَ جي ثبوت آهي.
ناول جي صنف طويل هئڻ سبب اظهار جو بهترين ذريعو آهي. انهيءَ ڪري ناول جي وسيلي ناول نگار سماجي برائين ۽ مسئلن کي کولي بيان ڪري ٿو. ناول نگار سماج جي فردن جي عقيدت ۽ روين کي پرکي ٿو. سندن اجتمائي، قبيلائي، خانداني ۽ مذهبي ريتون، رسمون ۽ تهذيب ۽ تمدن بيان ڪري ٿو. سماجي قانونن ۽ قائدن ۾ زندگي گذاريندڙ فردن جي ڪردارنگاريءَ ۾ ناول نگار کي هڪ مصلح ۽ مبلغ جو پارٽ ادا ڪرڻو پوي ٿو، ته ڪٿي ڪٿي هو غير جانبدار ٿي مسئلو کولي بيان ڪري فيصلو پڙهندڙ تي ڇڏي ڏئي ٿو. ڪو به سماج مسئلن کان آزاد نه رهيو آهي، سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي رهي آهي. هتي مذهبي ڪٽرپڻا ۽ فرقه پرستيون قائم ڪونه ٿيون آهن. سنڌ هميشه ڌارين آيلن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. بي جا عدل و انصاف ۽ رحم دليءَ سبب سنڌين ڀوڳيو پڻ آهي. گھڻي سادگي ۽ بي نيازيءَ جي ڪري کين هميشه ڌارين سالم ڳڙڪائڻ چاهيو آهي، انهيءَ ڪري هتي ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن. شروعاتي دور ۾ هتي آريا، ايراني، يوناني، عرب، افغان، مغل ۽ انگريز آباد ٿيا. پوءِ پنجابي، مهاجر، پٺاڻ ۽ ٻيون انيڪ قومون اچي آباد ٿيون. گھڻ قومي سماج، گھڻين ٻولين ۽ قومن جي ميلاپ جي ڪري شهرن جي مسئلن ۽ ڳوٺن جي مسئلن ۾ فرق اچي ويا. انهيءَ ڪري سنڌي سماج ۾ ڪيترن ئي مسئلن منهن ڪڍيو آهي.
سنڌي سماج ۾ سرمائيداري ۽ زمينداري کان سواءِ سيدن، ميرن ۽ پيرن جا پنهنجا پنهنجا زندگيءَ جا ماپا ۽ اصول آهن ته عام پڙهيل طبقي جي مجبور دنيا جي بيوسين جا بيان الڳ آهن. وڏيرڪو نظام، ڪامورا شاهي، زمينداري ظلم، نياڻين جا حق بخشائڻ، ننڍيءَ عمر جون بي جوڙ شاديون، تعليم جي ڪمي، ڏيتين ليتين جا مسئلا، بدلي جون شاديون، رسمن ۽ رواجن جا گھڻا خرچ، طلاقون، معاشي غير برابري جا ٻيا انيڪ مسئلا، بکون، بيروزگاريون، پيري مريدي، ضعيف الاعتقادي، اوليا پرستي، اخلاقي تنزليون، رشوت، جوا، شراب، زنا ۽ ٻيون ڪافي برائيون اچي وڃن ٿيون. اهي سڀ مسئلا ليکڪن پنهنجي ناولن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي ناول نگارن ماڻهن جي ذهني سڄاڳي، اخلاقي همت ۽ جرائت کي وڌائڻ لاءِ قومي هيروز جا ڪارناما سهڻي اسلوب سان بيان ڪيا آهن. هندو سماج جي مسئلن کي هندو ناول نگارن اثرائتو پيش ڪيو آهي. سندن گھرجون ۽ مسئلا مسلمان سنڌي سماج کان ڪجھ قدر مختلف آهن. سنڌي هندو ناول نگارن به ڪيترائي اصلاحي ۽ اخلاقي ناول لکيا آهن. شروعاتي دور جي ناولن جي باري ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته ”هن دور ۾ ناولٽ ۽ ناول تمام گھڻا لکيا ويا ۽ ترجمو به ڪيا ويا جن ۾ سنڌي معاشري ۽ سنڌي سماج جي جھلڪ نظر اچي ٿي. سنڌي ماحول جو مطالعو ۽ سنڌي زندگيءَ جو عڪس نظر اچي ٿو“.
ورهاڱي کان اڳ جي ناولن ۾ سياسي شعور جي پختگي ۽ سماجي مسئلا، اخلاقي ۽ اصلاحي قدر موجود آهن. ورهاڱي کان پوءِ جي ناول ۾ قوميت ۽ سنڌيت جي جذبي سان گڏ ٻيا موضوع آهن. جيئن دوستي، دشمني، محبت ۽ نفرت، اونچ نيچ، ذات پات، اوليا پرستي، ذمينداري ظلم، هارين جو استحصال، عورتن جا حق سندن معاشرتي مجبوريون، پراڻيون ريتون رسمون، طبقاتي مسئلا، سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جي عڪاسي، سنڌيت، قوميت ۽ ٻيا آهن اهڙيءَ ريت سنڌي سماج جي سماجي، سياسي ۽ معاشرتي حالتن جي خبر سنڌي ناول مان پوي ٿي. تاريخي ۽ قومي ناولن ۾ ”سانگھڙ“، ”همه اوست“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”موهن جو دڙو“ بهادري، جرئت ۽ همت جو پيغام آهن، جن جو مطالعو قوميت جي جذبي کي اُتساهي ٿو. ”زينت“ ناول ۾ سنڌي سماج جي اقتصادي زندگيءَ کي بيان ڪندي ليکڪ نياڻيءَ جي شاديءَ جي خرچن تي پريشان ٿيندڙ، والدين جي زندگيءَ جو خاڪو چٽي سماج جي ڏيتيءَ ليتيءَ جي مسئلن کي بيان ڪيو آهي ته عورت ذات جي تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.
سنڌي ناول ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت جو مسئلو، ون يونٽ جو قيام، مارشلائي حالتون، بنگلاديش ٿيڻ سان سياسي حالتن جي تبديلي، ٻوليءَ جا فساد ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا سڌي يا اڻ سڌي اظهار جو ذريعو رهيا آهن. اهڙيءَ ريت ڪيترن ئي ناولن جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو، ته سنڌي ناول نگار هر دور ۾ پنهنجي ناولن ۾ سنڌي سماج جي مسئلن کي دل سان محسوس ڪندي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هڪ سڄاڻ ۽ سمجھو ليکڪ جي حيثيت سان نه فقط سماجي مسئلا کولي سمجھايا آهن، پر سندن  رهبر ۽ رهنما ٿي کين مسئلن جا حل پڻ ڏنا آهن.

چند مشهور سنڌي ناولن جو جائزو

---

راسيلاس (حبش جو شهزادو)

”راسيلاس“ نالي ناول، انگريزي ٻوليءَ ۾ 1759ع ۾ مشهور ليکڪ ڊاڪٽر جانس لکيو: ٻه سئو ٽيتاليھ صفحن، اوڻونجاھ بابن جو سنڌي ترجمو 1870ع ۾ تقريباً سئو سالن کان پوءِ ”ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻي ۽ منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ ڪيو. انگريز عملدارن، ”راسيلاس“ جي ترجمي تي انعام آڇيو ۽ مٿين مترجمن کي، بهترين ترجمي ڪرڻ سبب ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ جي طرفان انعام ڏنو ويو.
”راسيلاس“ پهريون دفعو، سرڪاري ليٿو پريس مان ڇپيو، پوءِ ان جا ٻه ٽي ايڊيشن ٽائيپ ۾ ڇپيا، ۽ آخري ڇاپو 1916ع ۾ پريميئر پريس تان ڇپيو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ هن ناياب ڪتاب کي 1956ع ۾ ۽ ٻيو دفعو 1970ع ۾ شايع ڪيو ۽ پوءِ به شايع ٿيو آهي. هيءُ ناول نويسيءَ ۾ پهريون سنڌي ترجمو ٿيل ناول شمار ٿئي ٿو جنهن سبب کان انهيءَ جي هڪ اهم ادبي حيثيت آهي.

راسيلاس جو جائزو:
”راسيلاس“ جي ڪهاڻي، حبش جي شهزادي راسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا جي دنيا جي سفر ۽ ڏک ۽ سک جي فلسفي کي سمجھڻ جو بيان آهي سفر ۾ ساڻن گڏ عملاڪ نالي ڏاهو سڄاڻ شاعر ۽ هڪ پرخلوص ٻانهي ”پيڪوا“ پڻ آهي. مصر ملڪ جي بادشاھ جي رواج مطابق جيستائين شهزادن جو تخت تي ويهڻ جو وارو اچي، کين خاص محلات ۾ قيد رکندا هئا. راسيلاس، بادشاھ جو چوٿون نمبر پٽ هو، جيڪو هڪ پرآسائش محلات ۾ پنهنجي بادشاهيءَ جي واري جي انتظار ۾ قيد هو. اها محلات ڪشادي ماٿريءَ ۾، گھاٽن وڻن ۽ جبلن جي وچ ۾ هئي، جتي زندگيءَ جي ضرورت جون سڀ شيون موجود هيون، انهيءَ محلات ۾ گھڻائي شهزادا ۽ شهزاديون خادمن سان رهندا هئا. چوويهن سالن جي شهزادي راسيلاس کي هن آسائش واري قيد کان، آزاد زندگيءَ جي سڌ دل ۾ جاڳي، سو پنهنجي استاد عملاڪ وٽ دل جو حال اوريندو هو ۽ چاهيندو هو ته هنن سکن کي ( جيڪي کيس ڏک محسوس ٿيندا هئا) ڇڏي، سکن جي ابدي حيثيت ڏسان ۽ ”عملاڪ“ استاد پنهنجي شاعريءَ ۽ علم جو بيان ۽ ڏ ک ۽ سک جو فلسفو کيس ٻڌائيندو رهي ٿو. آخرڪار ڪافي عرصي جي محنت کان پوءِ شهزادو جيل ۾ سرنگھ کوٽي، عملاڪ جي معرفت پنهنجي ڀيڻ ۽ سندس نوڪرياڻيءَ سان گڏ ڪيترائي هيرا جواهر کڻي ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، سکن جي ڳولها لاءِ ڏکن ۽ ڏاکڙن کي ترجيح ڏئي ٿو. سئيزبندر کان ڪئريءَ وٽان ٿيندي، ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ مصر جا اهرام ڏٺا، پرئمڊ ۽ ”ڪئٽيڪونڊ“ جھونا غار (جتي خوشبودار شين سان لاش سنڀالي رکيل هئا) ڏٺائون، مطلب ته دنيا جا عجائب ڏٺائون. ماڻهن سان ميلاپ رکيائون، نيون ٻوليون سکيائون، وڏن ماڻهن ۽ بادشاهن سان ملاقاتون ڪيائون. علم جي جاکوڙ ۽ روحن جي وجود تي بحث مباحثا ڪرڻ قديم ۽ آڳاٽا خيال ۽ ويچار نظر هيٺ آڻڻ سان کين آخرڪار اهو اندازو ٿيو ته، ”سک جي واٽ جي نڪا پڙهيل کي سڌ ۽ نڪو اڻ پڙهيل کي سماءُ“.
سندس سوچ انهيءَ نڪتي تي بيٺي ته ”حياتيءَ جي حالت اهڙي آهي، جو سک ڏک جو ڪارڻ آهي تڏهن سک جي ڳولها مان ڇا حاصل ٿيندو؟“ (صه، 171).
ڪتاب جي آخري حصي ۾ نوڪرياڻي ”پيڪوا“ جو اغوا ٿيڻ ۽ پنج سئو تولا سون ڀُنگ ۾ ڏيئي، آزاد ٿيڻ جو بيان دلچسپ آهي، هن سڄي ذڪر کي ستن بابن ۾ آندو ويو آهي. گھمڻ ۽ سير ڪرڻ سان جڏهن هو ڪنهن مقصد تي نٿا پهچن تڏهن علم حاصل ڪرڻ جو سچو سک ٿا ڳولهين شهزادي نڪايا ۽ پيڪوا هڪ نجوم جي ماهر کان، علم سکن ٿيون، انهيءَ پوڙهي ڏاهي کي ڏسي، کين احساس ٿئي ٿو ته شايد وڏي عمر ئي سک جو سبب آهي پر سندس ڳالهيون ٻڌي کين پنهنجو خيال مٽائڻو ٿو پوي. ڏاهو عالم کين چوي ٿو ته: ”آئون هاڻي ٻُڍو ۽ ضعيف ٿي ويو آهيان تنهن ڪري ماڻهن جي بدخواهيءَ کان مونکي خوف ڪونهي ۽ انهن جي پيار ۽ تعريف جي مون کي گھڻي اميد ڪونهي، دولت مون لاءِ ڪنهن به ڪم جي نه آهي ۽ وڏن عهدن مان اٽلندو مون کي ڏک ٿيندو. مان جيڪڏهن پنهنجي گذريل حياتيءَ تي نظر ٿو ڪريان ته مون کي ياد اچي ٿو، ته چڱائيءَ ڪرڻ جا مون کي گھڻائي وجھ هئا. جي مون اجايا وڃايا، خوشي مون کي هتي ملي نٿي سگهي ۽ جي نيڪ خلصتون مون کي اڃان حاصل نه ٿيون آهن، سي اڳئين جهان ۾ ملڻ لاءِ اميد پيو ڪريان“ (صه، 214).
مٿئين ٽڪري کي غور سان پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته، هيءُ ناول تحقيق، ڏک ۽ سک جي اهم فلسفي کي، بيان ڪرڻ لاءِ رٿيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪردارن جي واتان سندن ويچارن ۽ سوچن کي بيان ڪري هن موضوع کي مقصد بنايو ويو آهي. ناول جي آخري باب ۾ جنهن جو عنوان آهي ”پڄاڻي، جنهن ۾ ڪابه ڳالھ تمام نه ٿي“، ليکڪ مقصد واضح ڪندي به، نه ڪري سگهيو آهي، فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيو ويو آهي. ڪردارن جي واتان سندن مستقبل جي لاءِ اميدون بيان ڪيون ويون آهن ته کين زندگيءَ ۾ هاڻي هن ريت هلڻ گھرجي ته سک حاصل ٿيندو ، مثلاً: شهزادي سوچي ٿي ته، ”مان هر قسم جو علم حاصل ڪريان“.
شهزادو رٿ رٿي ٿو ته، ”پنهنجي بادشاهت انصاف سان هلايان“، پيڪوا، سينٽ انٿنيءَ جي اسٿان ۾ ديندار عورتن جي سردار، ”راهبه“ ٿيڻ چاهي ٿي، مقصد ته نيڪ سوچن ۽ خواهشن جي اميد تي هيءُ ناول ختم ٿئي ٿو.

ناول جي ٻولي ۽ ادبي حيثيت:
هيءُ ناول آکاڻي يا ڪهاڻي نما آهي، جيڪو هن حقيقت نگاريءَ واري دور جي نمائندگي نٿو ڪري، ترجمو هئڻ جي حيثيت سان به هن ناول ۾ ڪجھ نقص آهن. منجھس اصطلاحي ۽ ادبي ٻوليءَ جو استعمال ڪونهي. ڪنهن ڪنهن هنڌ، جملن جي بيهڪ، ترتيب ۽ وزن اڄوڪيءَ رائج سنڌيءَ کان هٽيل آهي. بابن جا عنوان تفصيلي آهن جن سان باب جي اندر لکيل حال جي خبر پوي ٿي، مثلاً: شهزادي جي غمگينيءَ ۽ ويچار بابت، عملاڪ اچي هنن جي گفتگو ڦيرائي تنهن بابت، جهان جي قانونن موجب، گذارن ڪندڙ ماڻهن جي سک بابت يا آخري باب جو عنوان ”پڄاڻي، جنهن ۾ ڪابه ڳالھ تمام نه ٿي“ وغيره. ڪيترن هنڌن تي دل جي ويچارن جا جواب خود ئي آکاڻيءَ وانگر ڏنل آهن. موضوع ۽ ويچارن جي لحاظ کان ڪتاب وڻندڙ آهي. منجھس سبق آموز نڪتا آهن، ته اعلى ويچار پڻ شامل آهن. ناول جو بنيادي مقصد، انساني دل ۽ دماغ جي قوتن ۽ خواهشن جو بيان ڪرڻ آهي. ترجمو هوندي به منجھس هندي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ شامل ڪونهي. سولي سنڌيءَ ۾ سڄي آکاڻي بيان ڪيل آهي جيڪا سمجھ ۾ ايندڙ ۽ اثرائتي آهي.
اسين ڪڏهن به ڪنهن دور جي ادبي فن پاري جو جائزو وٺنداسين ته انهيءَ دور سان گڏوگڏ انهيءَ کان اڳ جي دور جي قديم ادب ۽ سياسي و سماجي حالتن جي جائزي کان پوءِ، مٿس تبصرو ڪرڻ آسان ٿيندو هر دور جو سڄاڻ ۽ سمجهدار ليکڪ پنهنجي دور جي علمي ماحول سان گڏ پوئين دور جي علمي ۽ ادبي ماحول جي ڄاڻ ضرور رکندو آهي. هن ناول جي فلسفياڻن ۽ ڳوڙهن ويچارن تي گھڻو اڳ لکيل دانائيءَ ۽ ڏاهپ جي نڪتن جو پڻ اثر آهي، جيئن، (1621-1569) Beacon’s Essays جي فلسفي جي مضمونن (ترجمو) ”مقالات الحڪمت“ کي پڙهڻ کان پوءِ جيڪڏهن ”راسيلاس“ جو مطالعو ڪبو ته محسوس ٿيندو، منجھس ساڳئي طريقي سان ڏک ۽ سک جي، فلسفي جي نه صرف اپٽار آهي. بلڪه ڪافي ڏاهپ ۽ سمجھ جا نڪتا به ساڳئي انداز سان بيان ڪيل آهي. هيٺ ڪجھ مثال ڏجن ٿا. ” هٺ سدائين ڏاهو نه آهي. ڏاڍن خسيس ۽ نيچ فائدن کان خوش ٿيندو آهي ۽ هوس (ساڙ) تڏهن خوش ٿيندو آهي، جڏهن ٻين جي ڏکي حالت ۾ مقابلو ڪري پاڻ کي سکي ڏسندو آهي“.
”دانش کان سواءِ سچائي، صداقت کان سواءِ دانش، خوفناڪ ۽ ڀيانڪ آهي، خيرخواهي، واقفيت ۽ همت ويساھ ڪرڻ لاءِ ضروري صفتون آهن“. ”خوشي ته اهڙي هئڻ گھرجي، جنهن ۾ شڪ شهبو هجي ئي ڪونه ۽ سدائين نيبھ، هجي ۽ نڪو منجھس خوف هجي نڪو انديشو“.
”هن جهان ۾ جيڪو سک ملي ٿو سگهي، سو دولت، علم ۽ نيڪيءَ جي گڏجڻ سان ملي ٿو. دولت جيڪڏهن ٻئي کي نه ڏبي ۽ علم جيڪڏهن ٻئي کي نه سيکاريو، ته اهي نڪما آهن، تنهن ڪري ٻين کي سيکارجي ۽ علم ڏيڻ گھرجي“. هيءُ ناول بيشڪ قصي ۽ آکاڻيءَ نموني آهي. پر ته به منجھس، ماحول ۽ پس منظر جو سٺو احاطو ڪيو ويو آهي، عرب سردارن جي رهائش جو ۽ پرائمڊ مصر جو بيان ۽ ٻيا ڪجھ منظر ماحول سان موقعي مطابق متعارف ڪرائين ٿا. ڪردارنگاريءَ جي ذريعي ناول جي موضوع جي وضاحت ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ راسيلاس ۽ سندن ڀيڻ جا خيال ۽ مڪالما اهم آهن، کين مستقل مزاج، جدوجهد جا حامي، محنتي، اڻ ورچ ۽ باعمل ڏيکاريو ويو آهي، باقي جيڪڏهن سندن سوچن ۽ جدوجهد جو حاصل ڏيکاريو وڃي ها ته ڪمي محسوس نه ٿئي ها.

راسيلاس تي ليکڪن جا رايا:
هن ۾ ڪيترائي باريڪ ۽ فلسفي جا نڪتا سمجھايا ويا آهن. جيترو کيس گھڻو مطالعو پيو ڪبو، اوترو وڌيڪ لطف ۽ معلومات حاصل ٿيندي رهندي. (ناشر طرفان ٻه لفظ، محمد ابراهيم جويو، سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ). هن ڪتاب ۾ انسان ذات جي دماغي ۽ دلي طاقت ۽ خواهشن جون حقيقتون ۽ مثال انسانذات جي غم ۽ خوشيءَ جا سبب ۽ نتيجا ۽ زندگيءَ جون منزلون ۽ مقصد هڪڙي دلچسپ آکاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪيا ويا آهن. (صه، 247، ”سنڌي ادبي تاريخ“، خانبهادر محمد صديق ميمڻ).
جيتوڻيڪ هي ڪتاب ڪيترن ئي ڳوڙهن خيالن وارو آهي، پر سليس عبارت جي ڪري اهڙن خيالن کي سمجھڻ ۾ گھڻي سوچ جي ضرورت نٿي پوي. سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل هي ڪتاب اصلوڪو پيو لڳي. (صه، 72، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ غلام علي الانا). انگريزي ڪتاب راسيلاس ترجمو هوندي به بلڪل بجا طور تي بهترين ناول آهي ۽ اڄ به مطالعي ڪرڻ سان پڙهندڙ اهڙوئي لطف اندوز ٿيندو جهڙو ان وقت ٿيندو هو. (صه، 18، ”چار مقالا“ محمد اسماعيل عرساڻي).
”راسيلاس سنڌي زبان ۾ پهريون مڪمل ناول هو، جو ساڌو نولراءِ ۽ منشي اڌارام، 1870ع ۾ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو. هيءُ ناول ڊاڪٽر جانسن جو لکيل آهي. جنهن ۾ خوشي ۽ زندگيءَ جي هر منزل بيان ڪيل آهي“. (”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، ڊاڪٽر نور افروز خواجه).
”هن ناول ۾ اعلى خيالن ۽ دانائيءَ جي قولن ۽ دنيوي آزمودن کان سواءِ مسلمانن خلاف ڪافي ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ مسلمانن کي انگريز قوم کان گھٽ عقل وارو ٻڌايو ويو آهي ۽ هر هنڌ انگريز قوم کي بهادر ۽ عقلمند ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي“ (صه، 152، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ)، ڊاڪٽر غلام حسين چواڻي مطابق انگريزن جيڪي ڪتاب ترجمو ڪرايا. جيئن ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ يا ”ڀنڀي زميندار جي ڳالھ“ ۽ ٻيا ڪجھ ڪتاب انهن ۾ سندن بنيادي مقصد مشرقي قومن تي پنهنجي دانش ۽ علم جو سڪو ويهارڻ هو ۽ يورپ جي ماڻهن کي عقل ۽ سمجھ ۾ مٿي ڏيکارڻ هو، انهيءَ موقف کي واضح ڪرڻ لاءِ ناول مان ڪجھ ٽڪرا پڻ ڏنا ويا آهن.
بهرحال مٿيان رايا سنڌي ادب جي اهم شخصيتن محققن ۽ عالمن طرفان راسيلاس جي ڇنڊ ڇاڻ جو نتيجو آهن، منهنجي نظر ۾ هن ڪتاب جي جائزي وٺڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ۾ مصر ڏيھ جي واکاڻ پڻ ڏنل آهي ته پيڪوا جي معرفت عرب قوم جي تعريف پڻ آيل آهي. خالي يورپ قوم کي مٿي نه ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انگريز حڪومت جي هن ناول کي ترجمو ڪرائڻ سان سنڌي علم ۽ ادب ۾ ناول نويسيءَ جو بنياد پيو. جيڪو هڪ مثبت قدم هو.

سون ورنيون دليون

”سون ورنيون دليون“ مشهور ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس لالچند امرڏنو مل جڳتياڻيءَ I.D.Edhor جي ناول Hearts of Gold تان ترجمو ڪيو آهي. 254 صفحن جو هي ناول 1925ع ۾ ۽ ٻيهر 1928ع ۾ ”نئين سنڌ لائبريريءَ“ طرفان شايع ٿيو. سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ استاد جي وصيت مطابق، سندن هاٺيون بمبئيءَ مان سنڌو دريا حوالي ڪرڻ لاءِ جڏهن سنڌ آيل هيون، تڏهن سنڌي ادبي بورڊ سندن ياد ۾ 1956ع ۾ هن ڪتاب جي نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن شايع ڪيو ۽ 1972ع ۾ ادبي بورڊ ٻيهر شايع ڪيو.
ناول جو جائزو: ”سون ورنيون دليون“ يورپ جي ٻهراڙيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. مترجم لکي ٿو. ”هيءَ آکاڻي ۽ نالن مان ئي پڙهندڙ سهي ڪندو، هڪ انگريزي ناول تان ورتل آهي، مون هن کي سنڌيءَ جو ويس انهيءَ لاءِ ڍڪايو آهي، جو سوچيم، پنهنجي ديس واسين کي ڏيکاريان، جو سون ورني دل وارا جيوَ جتي ڪٿي ٿا ٿين“. مٿئين تحرير کان پوءِ اهو اندازو ٿئي ٿو ته هي ڪتاب مڪمل ترجمو آهي ۽ منجھس ڪردارن جا نالا به پرڏيهي آهن، هن ناول جو اصل مقصد سچن ۽ صاف دل انسانن جي قرباني، پيار ۽ سون ورنن جذبن جي اُپٽار آهي. هيءُ هڪ سماجي، گھريلو ۽ اصلاحي ناول آهي.

ناول جي ڪهاڻي:
ناول جا اهم ڪردار رُٿ، هيلڊار، آلڊينهوفر، رُٿ جي دادي ائنا (وڏي ڀيڻ)، ماسي ۽ ماسات الائيس ۽ هيلڊار جي ڀيڻ ۽ ڪجھ ٻيا ڪردار به آهن. ڪهاڻي مطابق رُٿ (سورمي) هڪ غريب، سٻاجھي ۽ ڪم عمر پر سمجھدار ڇوڪري آهي. سندس پيءُ گيوبرٽ شرابي آهي، جنهن جي ظلمن ۽ ڀرت جي گھڻي پورهئي سبب هوءَ بيمار ٿي رهي. سو ڀيڻ ائنا جي مشوري سان برلن ڇڏي، ٻيلي ڏي ماسي ۽ ماسات الائيس وٽ هوا مٽائڻ ۽ صحت پرائڻ جي خيال کان وڃي رهي ٿي، غريب هئڻ جي ڪري ماسي سندس بي عزتيون ٿي ڪري پر ماسات وري به دلجوئي ٿي ڪريس، ٽرين ۾ سندس ملاقات هيلڊار نالي شخص سان ٿيندي آهي، جيڪو اڳيان هلي کيس چاهيندو آهي ۽ ساڻس مڱڻي به ڪندو آهي، جيئن ته هيلڊار ضدي ۽ پاڻ کي مٿڀرو سمجھڻ واري شخصيت جو مالڪ آهي، کيس رُٿ جي خودداري، حليمي ۽ سادگي نه وڻندڙ آهي سو اڳيان هلي مائيٽي ٽوڙي ڇڏيندو آهي. ٻيلي ۾ رُٿ جو جھانگين وٽ وڃڻ به پسند نه ڪندي هر وقت بي جا اعتراض اٿاريندو آهي، ساڳيءَ طرح هيلڊار جي ڀيڻ به مغرور هوندي رُٿ مان نقص ڪڍندي آهي. هيلڊار جو بالا عملدار آلڊينهوفر (هيرو) عشق جي چوٽ لڳڻ سبب سنجيده ۽ ڪم گو ڏيکاريل آهي. کيس هيلڊار جر مزاج ۽ رُٿ جي حساس هئڻ ۽ ڏکن تي صبر ڪرڻ واري شخصيت جو احساس هجي ٿو. رُٿ تي سندس داديءَ يعني وڏي ڀيڻ جا وڏا وَڙ آهن ۽ هو چاهيندي آهي ته کيس به پاڻ سان گڏ رهائي پر هيلڊار روڪيندو آهي، جنهن تي هو آلڊينهوفر کي سوال ڪندي آهي، جيڪو کيس عزت سان جواب ڏيندو آهي، رُٿ سندس ٿورا مڃيندي چوندي آهي ”آئون اوهان جو ٿورو ٿي بجا آڻيان، آئون اوهان کي پڪ ٿي ڏيان ته پاڻ اوهانجو ڏاڍو هڏ ٺاريندي ڇو ته: ”دل سون ورني اٿس“، ناول اينٽي ڪلائيميڪس تي پهچي مختلف ٿي وڃي ٿو. رُٿ کي زهر ڏيئڻ لاءِ هيلڊار جي ڀيڻ سازش سٽي ٿي، جيڪا ناڪام ٿي ويندي آهي، اتفاقاً اهو زهر سندس پٽ ”ايڊورڊ“ ۽ ”ايوا“ پي ڇڏيندا آهن، انهن قتلن سان حالتون هڪدم مختلف ٿي وينديون آهن. اهو الزام هيلڊار تي لڳندو آهي ته هن پنهنجي پٽ ۽ ڀاڻيجي کي ماريو آهي جو ڀيڻس سندس پيءَ کان هيلڊار جو ورثو ايڊورڊ جي نالي ڪرايو هو، رٿ پنهنجي مڱڻي ٽٽڻ جو احساس نه ڪندي هڪ سچي ۽ باهمت انسان وانگر، انسانيت جي نالي هيلڊار کي جيل ۾ تسلي ڏيندي آهي، جنهن تي هو سخت شرمندو ٿي کيس يقين ڏياريندو آهي ته رٿ جي تسلين ۽ سمجھ سندس زندگي تبديل ڪري ڇڏي آهي. هن مان هٺ، فخر، ظاهري مان مريادا، ڪڍي دل جي صفائي، سچائيءَ ۽ خلوص جي روشني اندر ۾ روشن ڪئي آهي.
آخري باب ۾ رٿ شادي شده ۽ پٽ جي ماءُ جي حيثيت سان ڏيکاريل آهي، آلڊينهوفر سان پرڻجي ويئي آهي. وٽن هيلڊار جو خط اچي ٿو، جنهن ۾ لکيل آهي ته سندس ڀيڻ پنهنجو ڏوھ باسيو آهي ۽ هو جيل مان هاڻي آزاد آهي پرهاڻي هو سندس ورثي کي رُٿ جن جي مدد سان ٻيلاين کي ڏيڻ سان گڏ خيراتي ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ ٿو چاهي، بيشڪ کيس گھر گھاٽ ۽ اولاد يا دنياوي نعمتون ڪونهي پر رب پاڪ کيس هاڻي ”سون ورني دل“ عطا ڪئي آهي.

ناول جو مقصد:
هن ناول جو خاص مقصد نيڪيءَ جي پرچار ۽ ان جو صلو ملڻ آهي، هن ۾ اهو سبق سمايل آهي ته نيڪ دل انسانن کي سندن نيڪيءَ جو صلو ضرور ملي ٿو ۽ برائين کي به نيڪيءَ سان ختم ڪري سگھجي ٿو. رُٿ جي اخلاق ۽ سٺي رويي، هيلڊار جي هٺ ۽ غرور کي ختم ڪري کيس سڌاري هڪ نيڪ ۽ باعمل انسان بنايو. صبر، حوصلي ۽ همت سان برداشت ڪرڻ به نيڪي آهي، نيڪ ۽ ”سون ورنيون دليون“ ئي دنيا مان برائيءَ جي پاڙ پٽين ٿيون.

علمي ۽ ادبي حيثيت:
ڪنهن به ٻوليءَ مان ادبي فن پاري کي ترجمو ڪرڻ هڪ مشڪل امر آهي، انهيءَ فن پاري جي اصليت قائم رکڻ ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي، انهيءَ ٻوليءَ جي شگفتگي ۽ تازگي قائم رکڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، پر سنڌي ادب ۾ بهترين سنڌيڪار هر دور ۾ رهيا آهن، جن مختلف ٻولين جا ڪيترائي فني شاهڪار سهڻي ۽ سليس ترجمي سان سنڌي ادب جي سونهن بنايا آهن. هن ناول جي ٻولي سمجھ ۾ اچڻ سان گڏ پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين سان سينگاريل آهي، جيڪي موقعي مهل مطابق ۽ برجستا آهن جن سان ترجمي ۾ به اصليت جو گمان ٿو لڳي. مثلاً: ”عطر جي اوت اوتڻ“، ”سچ تان مرچ لڳڻ“، منهن ۾ مڱ پوڻ“، ”اهڙي ڪُڇي جهڙي ڀت“، ”چيلھ ڀڄي پوڻ“، ”تتي هينئين ابتو پاراتو ڏيڻ“، ”وڍَ وجھڻ“، ”نڪ کي مر لاهڻ“، ”وار ونگو نه ٿيڻ“، ”گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا“، ”چار رتيون سرس ٿيڻ“، ”هيريءَ سندي هير، ٽنگ ڀڳيءَ نه لهي“، ”ان جو منهن جنڊ ڏانهن“، ”ڏانوَڻ ۾ ڏانئجي وڃڻ“ وغيره. سهڻي سنڌي ۽ هندي لفظن جو استعمال آهي، جيڪي ڳوٺاڻي ٻوليءَ جو مرڪ آهن ۽ عام جام استعمال ٿيندا آهن، جيئن جهانگي، اڻاسو، ڇيڳلو، اونهو، اوڙاھ، کپ کوڙڻ، ملولائي، جوت، ڳنڀيرتا، تڙ تانگهو، منوڪا منا، سنسائڻ وغيره. ناول جي ٻولي، منظر ۽ مڪالما وڻندڙ آهن، جملن جي بيهڪ ۽ لفظن جي سهڻي استعمال جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا. ايوا رُٿ کي چوي ٿي: ”منهنجون اکيون آرسيءَ جيان آهن، جن ۾ منهنجا ڀاوَ ۽ ويچار چٽا ئي چٽا پيا ڏسجن، تنهنجين ۾ نهارجي ٿو ته هَرَ هَرَ نيون پروليون، پيون ڏسين، اهي ته ڪوسلڻ وارو سلي“. (صه، 33)
هيلڊار جي عشق جي اظهار تي رُٿ جو دانشمنديءَ وارو جواب، ”آئون ڇوري ڇني، اوهان جهڙي آڪهائتي ۽ بڻائتي مڙساڙؤ سان منهنجي ڪهڙي بڻت پئي سگهندي اوهان پنهنجي ڪاتر، پاڻ جهڙن مان ئي ڪو جيس ڳولهي لهو، آئون هڪڙي اڻ پڙهيل، ڏتڙيل گهرجي ڪنيا، مون مان اوهان کي ساءُ ايندو ئي ڪونه“. (صه، 87)

منظرنگاري:
”پکي اڃان آکيرن ۾ ويٺا هئا، ڏاڍيون لاتيون پئي لنويائون ماڪ جا ڦڙا به ته سائي سبز گاھ تي ثابت بيٺائي هئا آسپاس ايئن پئي ڏٺو، ڄڻ ته ڪي زمردن سان جھنجھيل ۽ موتين ڳتيا غاليچا وڇايا پيا هئا“ (صه، 42). هن ڪتاب مان پختي ٻولي، خوبصورت بياني اسلوب، لفظن جي سهڻي ۽ مناسبت واريءَ چونڊ جي خبر پوي ٿي.
ناول تي رايا: ”سون ورنيون دليون“ ۾ استاد صاحب جي عبارت ڪا آهي؟ نجي ڏيهي سلوڻي سنڌي، جهونن محاورن، ڪهاوتن سان ڀرپور، جملن جي بناوٽ موزون ۽ دلپذير سنڌي زبان جو گنج پکڙيو پيو آهي. (صه، 87 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ منگهارام ملڪاڻي).
ترجمو ڪيل ناولن مان ”سون ورنيون دليون“ گھڻو مشهور ٿيو، ناول جي ڪهاڻي ۽ ڪردارن جي ڪارڪردگيءَ کي لالچند جي آسان ۽ روان زبان دوآتشه بڻائي ڇڏيو. (صه 155، ”سنڌي نثر جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو).

بلو کوکر

پروفيسر صاحب سنگھ چندا سنگھ شاهاڻي جو نالو ”بلو کوکر“ ناول جي خالق طور مشهور آهي. ”بلو کوکر“ پهرين 1929ع ۾ ڇپيو. ورهاڱي کان پوءِ نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ 1955ع ۾ شايع ڪيو، ٻيهر 1963ع ۾ ۽ ٽيون دفعو 1973ع ۾ شايع ڪيو. ڏيڍ مهيني ۾ لکي پورو ڪيل هيءُ ناول ليکڪ چواڻيءَ 17 مئي 1929ع تي مڪمل ٿيو ۽ جنهن جو مرڪزي خيال هارڊي جي ناول ”دي ميئر اوڪاسٽر برج“ تان ورتل آهي، ليکڪ ڄاڻايو آهي ته کيس، ”هارڊي جي ناول جي ڪردار ۽ پنهنجي هڪ ڪمدار بلو کوکر ۾ هڪجهڙائي نظر آئي ۽ گڏوگڏ زال جي وڪري جي ڳالھ به ساڳي ڏسڻ ۾ آئي ۽ هارڊي جي ناول جا ڪردار، ايلزبيٿ، سوسن ۽ هينچرڊ به کيس پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ۽ آسپاس نظر ايندڙ ۽ ڏٺل ڪردار لڳا“. (ديباچو)
283 صفحن جي هن ناول جا ڪردار ڏيهي ۽ ماحول سنڌ جو پيش ڪيل آهي، شادي پلي، پٿورو، ميرپوخاص ۽ حيدرآباد جي علائقن ۾ مسلمان ڳوٺاڻن ۽ شهرين جي زندگيءَ جي تصوير آهي.
ناول جي ڪهاڻي: ”بلو کوکر“ ناول جي ڪهاڻي خاص پنجن ڪردارن جي چؤگرد گھمي ٿي. بلو کوکر (ابراهيم کوکر) سندس زال حليمان، ڌيءَ رحمت، در محمد دهلوي ۽ خانزادي، ابراهيم کوکر هڪ بيروزگار شخص پٿوري جي ميلي ۾ روزگار جي ڳولها ۾ سندس زال ۽ ڌيءَ سان وڃي ٿو. کيس نشي جي علت هوندي آهي، جنهن سبب کان ماڻهن جي ميڙ ۾ زال کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو آهي، جنهن کان پوءِ سندس زال شير خان پٺاڻ سان نڪاح ڪندي آهي، شير خان ڪجھ وقت کان پوءِ ڌنڌي سبب ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو ۽ حليمان کي گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ اطلاع ملي ٿي ته سندس مڙس ٻڏي مري ويو آهي (جيڪو تحقيق زنده هوندو آهي) انهيءَ اطلاع کان پوءِ حليمان ابراهيم کوکر کي ڳولهيندي آهي ته جيئن وري ساڻس نڪاح ڪري سگهي ٻئي پاسي ابراهيم زال کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ گھڻو شرمسار ٿيندي پٿوري جي مزار تي قسم کائيندو آهي ته ”آئيندي لاءِ نشي جي ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه لائيندس“ ۽ اهڙيءَ ريت زندگيءَ ۾ محنت جو عادي ٿي ۽ ڪڻڪ جي واپار مان آسودو ٿي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿي ويندو آهي.
حليمان ابراهيم سان ملڻ کان پوءِ ڌيءَ رحمت کي ڏک کان بچائڻ لاءِ ابراهيم کان مليل طلاق کي لڪائي ڇڏيندي آهي، انهيءَ ڪري ابراهيم کين الڳ گھر ۾ صحيح رهائش مهيا ڪندو آهي، حليمان جي فوت ٿيڻ بعد سندس ڌيءَ رحمت پاڙي ۾ رهندڙ هڪ عورت خانزاديءَ وٽ ابراهيم جي مرضيءَ سان رهڻ لڳندي آهي. خانزادي ابراهيم سان شادي جي خواهشمند هوندي آهي. انهيءَ دوران در محمد دهلوي ابراهيم جو مئنيجر ٿي کانئس به ترقي ڪري مٿي ٿي گڏوگڏ خانزاديءَ کي به پاڻ ڏي مائل ڪري ويندو آهي، جنهن سبب کان ابراهيم کانئس ساڙ رکي قاتلاڻو حملو ڪندو آهي. خانزادي ابراهيم کان (سندس لکيل ابراهيم ڏي خطن جي) واپسيءَ جي گھر ڪندي آهي جيڪي ابراهيم جي لاپرواهيءَ سان دين محمد کي هٿ لڳن ٿا ۽ هو ابراهيم ۽ خانزاديءَ کي شهر ۾ خوار ڪرائي ٿو، جنهن جي ڪري خانزادي ڏک ۾ مري وڃي ٿي.
ٻئي طرف شيرخان حليمان کي ڳولهيندو زنده سلامت اچي وڃي ٿو. جتي کيس رحمت ملي ٿي جيڪا کيس سڳو پيءُ سمجھي ٿي ۽ سندس اجازت سان دهلوي سان شادي ڪري ٿي ۽ شيرخان ڌيءَ جي شادي کان پوءِ واپس هليو وڃي ٿو ۽ ابراهيم کوکر هميشه لاءَ اڪيلو رهجي وڃي ٿو. ڌيءَ جي شاديءَ ۾ ملڻ وڃي ٿو پر اها کيس تڙي ڪڍي ٿي ڇڏي جنهن جي ڪري ڏک ۾ مهيني کان پوءِ مري وڃي ٿو. آخر ۾ در محمد دهلوي ۽ رحمت ابراهيم جي جنازي تي وڃن ٿا، اهڙيءَ ريت ٽرئجڪ پڄاڻي هوندي به هيرو هيروئن جي ميلاپ سان ناول ختم ٿئي ٿو.
بلو کوکر ناول جي ادبي حيثيت: هن ناول جي ٻولي اثرائتي نه آهي، حالانڪه سنڌي ادبي بورڊ وارن نئين ڇاپي ۾ انهيءَ کي سڌاريو پڻ آهي جنهن جي لاءِ محمد ابراهيم جويو لکيو آهي ته، ”اسان هن ڪتاب ۾ لفظن جي رائج صورت مطابق ڇپائي ڪئي آهي ۽ لائق مصنف طرفان ڪن لفظن جون مقرر ڪيل صورتون جيڪي هينئر هوند کيس به اوپريون ۽ غلط لڳن، تن کي بدلائي نئين هلندڙ صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي“.
يعني ته سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب کي رائج صورت مطابق سنواري سڌاري ڇپايو آهي، ان جي باوجود به اڄ اسين ڏسنداسين ته هن ناول ۾ ٻوليءَ جي ترتيب ۽ جملن جو ربط ڪنهن ڪنهن هنڌ صحيح نه آهي, (ديباچو اصلوڪي حالت ۾ لکيل شروع ۾ ڪتاب ۾ ڏنل آهي. ته جيئن پڙهندڙ فرق محسوس ڪن) ديباچي کي پڙهڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته هن ڪتاب جي ڇپائيءَ تي محنت ڪئي وئي آهي، انهيءَ هوندي به ڪجھ هنڌن تي بي جوڙ تشبيهون ۽ بي ترتيب جملا آهن، جيئن صفحو نمبر 213 ۽ 167 وغيره. هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو.
ابراهيم خان چيو ته، ”دهلوي کي ڪايو ٿو ڏسجي، جنهن ۾ هو آئيندو ڏسي ٿو سگهي. اهڙي تجويز اٿس جو سڀ ڪم مان فائدو ٿو ڪڍي دهلويءَ کي سبق سيکارڻ گھرجي“، پوءِ ويهي تفصيل انهيءَ تجويز جو سٽيائون، چوڪ ٿي وين دير سان اٿيا“.
بهرحال انهيءَ باوجود ڪجھ هنڌن تي سهڻا پهاڪا، چوڻيون ۽ شعر پڻ استعمال ٿيل آهن. جيئن، ”ٿوري کٽيي گھڻي برڪت“، ”ٻه به ويس ڇھ به ويس“، ”ڏڌو کير ٿڻين نه پوي“، ”هڪ اڳئي نچڻي ويتر پيس گھنڊڻي“، ”مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ“، ”باه تي تيل هارڻ“، ”ڦڪا ڪانا چوسڻ“، ”جک مارڻ“، ”جنڊي پاڙي ٿيڻ“ ۽ ٻيا. ٻوليءَ جي لحاظ کان هندي، گجراتي، فارسي ۽ عربي لفظن جي استعمال کان پاسو ڪيل آهي. سليس سنڌي ڪتب آندل آهي، باب اٺين ۾ ڪجھ هندي ۽ اردو غزل جا شعر موقعي مطابق ڏنل آهن.
پلاٽ، موضوع، ڪردارنگاري ۽ ٻيون ناول نگاريءَ جون خوبيون يا خاميون: هيءُ ناول بياني ۽ ڪرداري شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ طلاق کي موضوع بنائي ان جي نقصان کي بڌايو ويو آهي. اصل مقصد سماج جي اصلاح ۽ انساني سڀاءُ جا رخ بيان ڪرڻ آهي، مختلف شخصيتن جي مزاج، اٿڻ ويهڻ، عادتن ۽ رسمن مان انهي دور جي معاشي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي. ناول جي پلاٽ ۾ طلاق جي موضوع کي اهميت ڏني وئي آهي. اهو موضوع اهم ترين هوندي به پنهنجي اهميت ثابت ڪري نه سگهيو آهي، جو ليکڪ هن موضوع جي باريڪين جي ڄاڻ نه هئڻ سبب موضوع سان انصاف نه ڪيو، جيئن ته هي ناول انهيءَ وقت لکيو ويو، جڏهن هندوستان ۾ هندو مسلم ادبي ڇڪتاڻ موجود هئي. ايس.سي شهاڻيءَ جي هن ناول مان اها ڳالھ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٽي پٿر ڏيئي، طلاق ڏيڻ سان طلاق نٿي ٿئي ۽ نه ئي طلاق جهڙي جائز ۽ حلال ڪم کي لڪائڻ جو ڪو سبب آهي، بيشڪ اسلام ۾ طلاق جو فعل مڪروه ۽ ناپسنديده آهي، پر وري به جائز شمار ٿئي ٿو. ناول ۾ حليمان جو نڪاح کان اڳ ۾ شير خان سان گڏ وڃڻ يا رحمت کان سندس پيءُ جي نالو يا طلاق لڪائڻ سڀ غير حقيقي ڳالهيون آهن.
غصو ۽ نشو جن ٻن سببن کان طلاق ٿي هئي، انهن جي باري ۾ ذڪر وڌيڪ ڪرڻ ۽ طلاق کان پوءِ جا مسئلا به کولي بيان ڪرڻ کپندا هئا، ابراهيم کي پنهنجي جائز ڌيءَ کي مڪمل حفاظت ڏيڻ کپندي هئي. مسلمان معاشري ۾ ڪوبه مسلمان پي پنهنجي ڪنواريءَ ڌيءَ کي در در ڀٽڪائي ته جيئن کيس طلاق جي خبر نه پوي اهو غير يقيني لڳي ٿو. ڪردانگاريءَ جي لحاظ کان ابراهيم کوکر هڪ اُتاولو، ڪاوڙيل ۽ نشي باز هئڻ سان گڏوگڏ نيڪ دل سمجھدار، ڌنڌي ۾ هوشيار ۽ قسم کائڻ کان پوءِ ثابت قدم رهندڙ، غلطيءَ کي مڃيندڙ ۽ غلطيءَ تي پڇتاءُ ڪندڙ ڪردار آهي، پر فقط سندس نشي جي علت، ويسر ۽ ڪاوڙ کيس پنهنجي درجي تان ڪيرائي منفي ڪردار بنائي ٿي. خانزاديءَ ۽ حليمان جي بي وقتائتي موت هنن مثبت ڪردارن جا سٺا اثر لڪائي ڇڏيا آهن. آخر ۾ ابراهيم کي به موت ڏيئي ناول کي دکدائڪ ڪيو ويو آهي، هيرو ۽ هيروئن جي ميلاپ سان آخر ۾ ڪهاڻي ختم ٿيڻ تي هيروئن رحمت کي صابرين، باهمت، نيڪ ۽ سمجهدار ڏيکاريندي هيرو دهلويءَ کي به نيڪ رويي وار ڄاڻايو ويو آهي.
پرڏيهي ناول جي ڪردارنگاري مان متاثر ٿي سنڌي مسلم ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسيءَ سان هن ناول کي رٿيو ويو آهي پر ناول نگار کي اسلام جي قانونن، قائدن ۽ انهيءَ سماج جي رسمن ۽ رواجن جي گھڻي ڄاڻ ڏسڻ ۾ نٿي اچي، جنهن سبب اهو تاثر اڌورو رهجي ويو آهي. منظرنگاريءَ جي لحاظ کان ڪنهن به قدرتي نظاري جو بيان ڪونهي بلڪه خانزادي ۽ حليمان جهڙن اهم ڪردارن جي موت جو منظر به هڪ سٽ ۾ ڏنل آهي، رحمت جي شاديءَ جي ذڪر کي به اثرا.ئتو پيش نه ڪيو ويو آهي. جيڪو اهميت جوڳو نٿو لڳي. باقي ناول جو موضوع تمام اهم آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا حقيقي واقعا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن ناول جو شمار سماجي ناولن ۾ ٿئي ٿو.

غريبن جو ورثو

ناول پروفيسر نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو لکيل آهي. هي ناول ورهاڱي کان اڳ 1946ع ۾ لکيو ويو هو، ڀمڀاڻي صاحب انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيل ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ جو پروفيسر هئڻ جي حيثيت سان بنيادي طور هڪ ڄاڻو ادبي ۽ علمي شخص هو، هن سنڌي ادب ۾ جيڪي ناول لکيا، انهن ۾ ”غريبن جو ورثو“ سندن مشهور ناول آهي، جيڪو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ نصاب ۾ مقرر رهيو، انهيءَ ڪري ڪتاب جا ڪيئن ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1964ع ۾ موتي رام ايس راماڻي سنڌي ادبي گهر اداري مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ٽيون ڇاپو 1975ع ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ به ڪافي دفعا ڇپيو آهي. نسيم بڪ ڊپو حيدرآباد وارن هن ڪتاب کي 2004ع ۾ ٻيهر، سهڻي اجرڪ جي ٽائٽل ڪور سان اين.ڪي پرنٽنگ پريس گاڏي کاتو مان شايع ڪرايو آهي. 104 صفحن جو هي مختصر ناول اعليٰ مقصد ۽ آدرش بيان ڪري ٿو. ناول نگار قربانيءَ جي جذبي ۽ سچي محبت جي اهميت کي پيش ڪيو آهي ۽ اعليٰ ويچارن سان ”غريبن سان همدردي“ کي فوقيت ڏياري آهي. هي ناول پنهنجي دور جي حالتن ۽ ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ انهي وقت جي سنڌ جي سماج جون ريتون رسمون، تهذيب ۽ تمدن کي ظاهر ڪري ٿو. سماج جي جنهن طبقي کي ليکڪ بيان ڪيو آهي، انهيءَ طبقي جي حقيقي زندگي ڪردارن جي ذريعي ڄاڻائي اٿس. هيءُ ناول سماجي، گهريلو ۽ اصلاحي هئڻ سان گڏ انساني احساسن ۽ سوچن جو آئينو آهي. هن ناول مان انهيءَ وقت جي سنڌ جي تاريخي واقعن ۽ حالتن جي به خبر پوي ٿي. جيئن 1900ع وارو ٿر جو ڏڪار ۽ 1929ع واري سنڌو نديءَ جي ٻوڏ جا دردناڪ منظر بيان ڪيل آهن.
ناول جي ڪهاڻيءَ مان سنڌ جي وچ واري حصي جي ڳوٺن هالاڻي، ڪنڊيارو، گهنگهرن جو ڳوٺ، پير مهدي شاھ جو ڳوٺ، خانواهڻ ۽ پسگردائي جي علائقن جي ويهين صديءَ جي شروع ڏهاڪي جي وقت جي خبر ملي ٿي. انهيءَ وقت ۾ آمد و رفت جا ذريعا به صحيح نه هئا، نه ئي بجليءَ جون سهولتون هيون. سن 1900ع ۾ جڏهن ٿر ۾ سخت ڏڪار پوندو آهي تڏهن ڇاڇري مان پيرو مڱڻهار پنهنجي زال حياتان ۽ دوست بخشڻ ۽ سندس زال سچل سان گڏجي نوابشاھ ضلعي ڏانهن رُخ رکيو رستي ۾ پيروءَ کي پٽ ڄائو پر حياتان فوت ٿي وئي ۽ اهڙي ريت پيرو جي پٽ حميد کي بخشڻ جي زال سچل پنهنجي پٽ دادن سان گڏ پالي وڏو ڪيو ۽ کيس پنهنجو کير پياريو يعني دادن ۽ حميد (هيرو) کير شريڪ ڀاءَ هجن ٿا، اهڙيءَ ريت هي سڀ نوابشاھ ضلعي جي ڪنڊيارو تعلقي ۾ ڳوٺ پير مهدي شاھ وڃي رهن ٿا.
حميد جو پيءُ شرناءِ وڄائڻ ۾ ماهر هوندو آهي ۽ سندس راڳ تي موهت تي کيس ماڻهو گهڻا پئسا ڏيندا آهن، پر هو اهي سڀ غريبن ۾ ورهائيندو آهي. هالاڻي ۾ ويساکيءَ جي ميلي ۾ جڏهن سندس پٽ کيس پئسا ورهائيندو ڏسي ٿو ته جهلي ٿو ۽ چويس ٿو ته انهن پئسن مان مونکي تعليم ڏيرائي، پر پيرو شرناءِ وڄائڻ بند ڪرڻ ۽ غريبن کي نه ڏيڻ جي ڪري ذهني ۽ روحاني عذاب ۾ مبتلا ٿي جسماني طور به بيمار ٿي وڃي ٿو ۽ سندس وفات وقت حميد جو هٿ پنهنجي دوست ۽ سندس زال جي هٿ ۾ ڏيئي پٽ کي به وصيت ڪري ٿو ته، ”سچل جا توتي ٿورا آهن اهي لاهجان“، پيروءَ جي حياتي ۾ حميد پڻس جي واقف زميندار صادق عليءَ جي معرفت ڪجھ انگريزي جا درجا پڙهي وڃي ٿو ان جي بنياد تي کيس گهنگهرن جي ڳوٺ ۾ ڍڪ منشي جي نوڪري ملي ٿي، قادربخش جي ڌيءُ جنت جي ڍڳي ڍڪ ڏانهن ويندي آهي، جنهن کي ڇڏائڻ لاءِ هوءَ حميد وٽ ايندي آهي ۽ اهڙي ريت حميد مٿس مفتون ٿي ويندو آهي ۽ ٻنهي ۾ ڪجھ ملاقاتن کان پوءَ محبت جو اظهار پڻ ٿيندو آهي جڏهن دادن حميد سان ملڻ گهنگهرن ايندو آهي تڏهن سندس دل به جنت کي ڏسي عشق جو ڀنڀٽ ٻاريندي آهي، پر جنت ۽ حميد جي گفتگو ٻڌي پنهنجي کير شريڪ ڀاءُ جي لاءِ قرباني ڏيندو آهي ۽ ٺارو شاھ هليو ويندو آهي. دادن جي گهر نه اچڻ تي سندس پيءُ نشي ۾ هئڻ جي ڪري گاڏي هيٺ اچي ايڪسيڊنٽ ۾ مري وڃي ٿو، سچل اڪيلي هئڻ جي ڪري پنهنجي پالتو ڪتي سان زميندار صادق علي جي گهر پورهيت ٿي ڪم ڪرڻ لڳي ٿي، پر مالڪ سندس ڪتي کي برداشت نه ڪندا آهن جنهن سبب جي ڪري هوءَ ڪتي کي ٻوڙي ايندي آهي. جڏهن ڪتي جي لاش پاڻيءَ تي ترندي ڏسندي آهي ته کيس پنهنجي ظلم جو، بيوسيءَ جو ۽ بي اوهي واهي زندگيءَ جو ايترو ته ڏک ٿيندو آهي جو دماغي توازن وڃائي ويهندي آهي، حميد جي بدلي گهنگهرن جي ڳوٺ مان خانواهڻ ٿيندي آهي، هو جنت جي پيءَ قادربخش کان جنت جو سڱ گهرندو آهي جيڪو قادربخش ڏيڻ به قبوليندو آهي، پر قادربخش جي اوچتي وفات تي نڪاح ملتوي ٿي وڃي ٿو. 1929ع جي سنڌو نديءَ جي اٿل جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويندا آهن، حميد، جنت ۽ سندس ماءَ کي حفاظت سان خانواهڻ وٺي ايندو آهي، جتي سندس نڪاح جنت سان ٿيندو آهي، پر جيئن ته جنت جا ڪپڙا لٽا ٻيو سامان ٻوڏ جي ڪري لڙهي ويو هو، انهي ڪري ناول نگار موجب ”شادي“ يعني نکيٽي يا رخصتي نه ٿيندي آهي ته جيئن حميد ڪجھ وقت ۾ سامان ۽ ڪپڙن جو بندوبست ڪري سگهي.
انهي وچ ۾ سچل حميد وٽ خيرات لاءِ ايندي آهي جنهن جو دماغي توازن حميد کي ڏسي صحيح ٿي وڃي ٿو ۽ هوءَ سلھ جي ”مهلڪ“ مرض ۾ گرفتار هجي ٿي ۽ حميد کيس گهر وٺي اچي سندس تمام گھڻي خدمت ڪندو آهي، جنهن تي جنت کيس روڪيندي به آهي پر هو محبت کي فرض تي فوقيت ڏيندو آهي ۽ کيس ٺارو شاھ جي هڪ حڪيم جي ڄاڻ ملندي آهي جتي کيس دادن ملندو آهي. اهڙي ريت سچل جا وڇوڙي جا ڏينهن ختم ٿي ويندا آهن. حميد سان گڏ دادن به سندس اکين اڳيان هوندو آهي پر سلھ آخري درجي تي هئڻ ڪري سندس موت واقع ٿي وڃي ٿو ۽ اڳيان هلي حميد به سلھ جي موذي مرض ۾ گرفتار ٿي جنت کي سندس ماءُ ۽ دادن جي حوالي ڪري وفات ڪري ويندو آهي ۽ جنت آخر ۾ سندس قبر تي گل چاڙهيندي رهندي آهي.
غريبن جو ورثو خوبيون ۽ خاميون، پلاٽ، ڪردارنگاري ۽ ٻولي: ناول غريبن جو ورثو ۾ ناول نگار بنيادي طور انهي ڳالھ کي اهميت ڏني آهي ته سماج جي غير برابريءَ واري جوڙجڪ جي ڪري غريب هميشه غريب رهي ٿو ۽ هو بنيادي انساني حقن خاص طور اجهو، لٽو ۽ تعليم کان وانجهيل رهي ٿو. نراسائي سندس نصيب آهي ۽ غريب ٿيڻ گناھ آهي، پر بي انتها تڪليفن جي هوندي به غريبن جي دل سخاوت واري آهي، کين ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن ڪجھ نه آهي ته هو تن ۽ من کي تياڳ ڪري به قرباني ڪري ٿو ۽ فرض ادائي، محبت، همدردي ۽ پيار جي جذبن سان ٽمٽار سندن دليون سون ورنيون آهن. هن ناول جو پلاٽ حقيقي واقعن تي ٻڌل آهي.
هن ناول جو پلاٽ، اسلوب، گفتگو ۽ منظرنگاري اهميت رکن ٿا. زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان جنهن وقت جو هي ناول آهي، ان دور جي ماحول ۽ سماج جو اثرائتو نقش آهي، مسلم سماج کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ مسلمان ڪردارن جي واتان ڌڻيءَ در دعائون گهريون ويون آهن. درويش جي تختيءَ تي اڪريل لفظ رب ۾ يقين جي پختگي ظاهر ڪن ٿا. ناول ”غريبن جو ورثو“ جي ٻولي ۽ مڪالما اثرائتا آهن هت ڪجھ مثال ڏجن ٿا.
”حميد جنت جي غير حاضريءَ ۾ ويڳاڻو ٿي پيو، ته جنت حميد جي پرپٺ وياڪل نظر اچڻ لڳي، عاشقن لاءِ وڇوڙو خراب ٿئي ٿو، جدائي نه هجي ته جيڪر محبت گل بي خار ٿي پوي“ (ص، 58)
”گتو ته هڪ ناٽڪ گهر جيان آهي، جتي انيڪ نمونن جا ماڻهو انيڪ سڀاءَ اچي ٿا گڏ ٿين، ماڻهو هتي وڙهڻ به اچن ٿا ته دوست ٿيڻ به ٿا اچن. گتي کي گناھ جو گهر ڪوٺي سگهجي ٿو، پر نه اونداهو مڪان ڇاڪاڻ ته اتي بتيون ته وسامن ئي ڪونه، جڏهن ٻين هنڌن تي اوندھ هجي تڏهن هتي روشني“ (ص، 48)
”ٻهراڙيءَ جون ڇوڪريون، شرم جون ماريون، دل جون ننڍيون، سڀاءَ جون هيسيل ۽ دنيا جي آزمودن ۾ گهٽ ٿين ٿيون. پر هنن جي دل انهيءَ شيشي جيان آهي، جنهن جي مٿاڇري تي ڪابه مٽي لڳل نٿي ٿيئي، هو ارادن جون نيڪ، نيت جون صاف، اندر جون سچيون، انجام جون پڪيون وفادار ٿيون رهن“. (ص، 59)
”سائين سوين طرزون سڻايانو، پر شرناءِ به ختم ٿي ويئي ان سان طرزون به ختم هاڻي دل نٿي چيو ڪري معاف ڪجو“ (ص، 22)
”هو اسان کان غريب آهن ياد رک جي وٺڻو اٿئي ته ڏيڻو به پوندءِ، ڪڪر برسات وسائين ٿا، غيرآباد زمين کي سرسبز ڪن ٿا ته سندن جاءِ آسمان ۾ آهي“ يا، ”ڪچي گهڙي ۾ پاڻي گهڻو وقت رهندو؟“، ”لڳو واء ويو ساه، ساھ تي ڪهڙو ويساه“ (ص، 26)
”موت پيدا ڪري خالق مخلوقات لاءِ پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي، دنيا جي ڪشٽن کان بيزار ٿي انسان گهڻائي دفعا موت کي سڏي ٿو. موت نه هجي ته ڪير انسان جا سڏ اونائي؟“ (ص، 29). ”جنت جون اکيون حميد جي لاش ۾ ته ماڻس ۽ دادن جون منجهس هوءَ پٿر جي بوتي جيان هڪ هنڌ بيٺي رهي، حميد مرڪندڙ منهن سان موت جو مشاهدو ماڻيو ۽ جنت هن جي اعليٰ قدم کي سمجهيو ۽ محبت جو ڪيل قول پاڙيائين. هن لاءِ دنيا ۾ هينئر ڪابه ڪشش ڪانه رهي جنت آخر تائين حميد جي ياد ۾ رهي ۽ هر روز هن جي قبر تي وڃي تازن گلن جو هار چاڙهيندي هئي“. (ص، 104)
منظر نگاريءَ جي لحاظ کان ويساکيءَ جي ميلي جو احوال، پيروءَ جو ڳائڻ، حميد ۽ جنت جون ملاقاتون، بخشڻ جي شراب خاني جو احوال، 1900ع جي ٿر جي ڏڪار ۽ 1929ع جي سنڌؤ جي ٻوڏ سميت سچل، پيرو، حياتان ۽ حميد جي موت جي احوال کي اثرائتي نموني پيش ڪيو آهي، بياني اسلوب وڻندڙ، غريبن جي فرض شناسي، علم جي محبت، پيروءَ جي سخاوت واري دل، غريبيءَ جي ڪري ڌتڙيل ۽ زندگي جي خوشين کان محروم حياتيءَ جو بيان وڻندڙ آهي.
غريبن جو ورثو جا مڪالما اهم آهن، ليکڪ مڪالمن سان ڪهاڻي کي واڌ ويجھ ڏني آهي، ڪردارن جي پراثر دلڪش گفتگو پڙهندڙن کي راغب ڪندڙ هوندي آهي. پيرو جو راڳ لاءِ پيار هجي يا حميد جي فرض ادائي. جنت جو بي انت پيار هجي يا دادن جي ڀائپي جي قرباني هجي يابخشڻ ۽ سچل جون محبتون ۽ صادق علي زميندار، ٺاروشاھ جو مولوي، جان محمد زميندار ۽ ٻين به مختصر عرصي لاءِ ايندڙ ڪردارن کي سندن ڪردار مطابق صحيح بيان ڪيو ويو آهي. ناول ۾ بنيادي طور ٿورا ۽ ڪارائتا ڪردارا پيش ڪيا ويا آهن، گهڻن ڪردارن سان ناول کي ڀريو نه ويو آهي. پيرو مڱڻهار جو ڪردار ناول جي شروع واري حصي جو روح آهي، جيڪو عمر جي تقاضا ۽ دنياوي تجربن جو مثال بنجي لفظن جي روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي. سندس واتان، ليکڪ ڪيترائي عقلمندي ۽ ڏاهپ جا گفتا چورايا آهن، پر کيس جيتري محبت دان ڏيڻ لاءِ ۽ غريبن لاءِ هوندي آهي. ايتري ئي کيس پٽ جي تعليم لاءِ هئڻ کپندي هئي. جڏهن کيس مثبت ڪردار ڏيکاريو ويو آهي ته شرناءِ کي ٻه اڌ ڪري ڳائڻ کان پاڻ کي روڪڻ ۽ اهو سوچڻ ته اهو سڀ ڪجھ مون کي سخاوت جي ڪري عطا ٿو ٿئي مناسب نه آهي. هڪ پيءُ جي حيثيت سان پنهنجي اڪيلي پٽ جي مستقبل جو اونو هئڻ سندس بنيادي فرض هئڻ کپندو هو. دادن کي هڪ پٽ جي حيثيت سان ماءَ جي پر گهور لهڻ کپندي هئي، هن والدين جو ڪو به اونو نه رکيو ۽ محبت ۾ دلشڪستو ٿي ٺارو شاھ جي مولوي وٽ وڃي رهيو. جيڪا غير ذمه داري هئي.
حميد فرض شناس ۽ بهادر هوندي به پيءُ جي وفات کان پوءِ دل ٽٽي وڃڻ تي اڳيان پڙهڻ کي ڇڏي ٿو ڏي يا مٿس جڏهن مجازي عشق جو غلبو ٿو ٿئي ته هو سچل ۽ بخشڻ کي وساري ٿو ڇڏي ۽ وري جڏهن کيس فرض ادائيءَ جو احساس وڌيڪ ٿو ٿئي ته هو نڪاح ٻڌيءَ زال جي حقن جي پرواه نه ڪندي سچل جي خدمت ڪري جان قربان ٿو ڪري. ليکڪ مسلم سماج جي نڪاح ۽ رخصتي يا شادي جي رواج کي واضح نه ڪري سگهيو آهي، نڪاح هئڻ ۽ گڏ هڪ گهر ۾ رهڻ جي هوندي به حميد ۽ جنت کي جدا ڏيکاريو ويو آهي ۽ سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته حميد جنت جي لاءِ ڪپڙن لٽن جي بندوبست سبب شادي يعني وليمو نٿو ڪري جيڪو ڪجھ غير مناسب محسوس ٿئي ٿو ۽ ناول نگار هيروئن کي سڄي زندگي بيوه جي حيثيت سان حميد جي قبر تي گل چاڙهيندي ڏيکاريو آهي، جيڪو فطرت ۽ مذهب جي خلاف آهي.

ناول جي ٻولي:
هن ناول ۾ ناول نگار ڪيترائي سهڻا پهاڪا، چوڻيون ۽ شعر بيان ڪيا آهن، جيئن،
جي چئين ڏينهن لئه يار ٿـيـا
ڏيئـي درد سـي آخـر ڌار ٿـيـا
وڃـي پـاڻ ڪـٿـي تـه قـرار ٿـيـا.
منهنجو منڙو مفت منجهائي ويا (ص، 85)
يا هيءَ ڪافي،
راتو ڏينهان ڪاڻ اوهان جي، چت ۾ چرخو چوريان،
اڱڻ جنت جي آءُ تون پيارا، پاڻ گهڻو ٿي گهوريان،
دل جون ڳالهيون ميان، آءُ ته توسان اوريان،
ڳجهيون ڳالهيون ڪريان، ڪن سان تڪ ويٺي توريان.
سڳو تنهنجي سڪ جو، ساه اندر ٿي سوريان (ص، 54)
”اڀ اکين پئي ڏٺو“، ”سگهو کائي ان اگهو کائي ڌن“، ”غريب جو ته واءُ به ويري آهي“، ”وهلور وڃڻ“، ”ڪاوڙ جي پوڻ“، ”گهڙيءَ گهڙيءَ جا وڍ پوڻ“، ”پوڻو پوڻ“، وغيره

ناول جو تنقيدي جائزو:
مجموعي طور سنڌي ادب جي اصلوڪن ناولن ۾ ويهين صدي جي وچ ڌاري لکيل هن ناول جو عنوان ان جي اندرين مواد سان ٺهڪندڙ ۽ موضوع کي چٽو ڪري پيش ڪندڙ آهي، ڀمڀاڻي صاحب ڏک جو اونهو اڀياس ڪندڙ ناول نگار هو. سندس نظريي مطابق دکدائڪ تحرير اثرائتي هجي ٿي ۽ سندس چواڻي مطابق ”غمگين پڄاڻيءَ واري قصي جي سورمي يا سورميءَ ۾ ڪي لياقتون هجن ٿيون، جي ڪنهن آدميءَ ۾ نظر نه اينديون“ ان ڪري هن پنهنجي اهم ڪردارن کي امر ڪرڻ لاءِ موت ڏيئي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ليکڪ دادن سان به جنت جي شادي ڪرائي خوشگوار پڄاڻي ڪرائي سگهيو پئي، (جيڪو مسلمان معاشري ۾ احسن آهي ته بيوه کي پناه ملي) پر ليکڪ هندو مذهب مطابق جنت جي بيواھ ۽ اڪيلو رهڻ کي ئي ترجيح ڏني ۽ اهڙي ريت هن حميد جي قربانيءَ کي به مٿانهين حيثيت ڏياري. سندس هن ناول ۾ خاص اهميت قربانيءَ جي جذبي جي آهي، قرباني ۽ محبت جي جذبي جي آفاقي حيثيت ڄاڻائي ويئي آهي. انيڪ خوبين ۽ معمولي خامين سان هي هڪ وڻندڙ ناول آهي.
غريبن جو ورثو جي باري ۾ تبصرا: نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻيءَ جو شمار سنڌ جي مشهور ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو. هن ڳچ ناول لکيا. غريبن جو ورثو ناول شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. (ص، 143 ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي).
”ڀمڀاڻي جي لکڻي ۾ ڪشش ۽ روح آهي، هن جي عبارت مائيدار ۽ پختي آهي، هن جا موضوع سنڌ جا پنهنجا موضوع آهن، هن جا ناول سنڌي سماجي زندگيءَ جا عڪس آهن ۽ فني نقطئه نظر کان سنڌي ادب ۾ مهارت ۽ مطالعي سبب هو ناول نويسيءَ جي فن ۾ ماهر ٿو ڏسجي“. (ص، 199 ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا).
”هن ناول ۾ ڀمڀاڻي زندگيءَ جي حقيقتن جي تھ تائين پهچي ۽ انهن کي پڙهندڙن جي اڳيان تمام عمدي نموني پيش ڪيو آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ روزاني حالتن ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آهي. ”غريبن جي همدردي“ ناول نگار جي شخصيت جو خاص اصول آهي“. (ص، 353 ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، ڊاڪٽر غلام حيسن پٺاڻ). ڀمڀاڻي صاحب سماج سڌارڪ ليکڪ هو، سماج کي سڌارڻ ۽ سماج مان برائين ۽ خرابين کي ختم ڪرڻ، سماج جي پراڻين ريتن رسمن کي ۽ انهن جي تباهيءَ کي نابود ڪرڻ هن جي ناولن جو خاص مقصد هو“. ”پنهنجي ناول ۾ غريبن سان همدردي ۽ انهن جي مجبورين ۽ انهن جي قربانين کي حميد ۽ جنت جي ڪردارن جي ذريعي نمايان ڪيو اٿس. هن ناول جو خاص موضوع غربت ۽ قرباني آهي“. (ص، 103 ۽ 106 ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ ڊاڪٽر نورافروز خواجه).

نورجهان:

ناول جو شمار، سنڌي ادب جي مشهور تاريخي ناولن ۾ ٿئي ٿو، هن ناول کي هوتچند مولچند گربخشاڻي تصنيف ڪيو آهي، ناول جو پهريون ڇاپو مارچ 1930ع ۾ شايع ٿيو. 1977ع ۾ هي ناول ورسٽي پبليڪيشن سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي وارن ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ناول جو بنياد تاريخي واقعن تي ٻڌل آهي. انهي نڪتي کي گربخشاڻي صاحب پاڻ واضح ڪيو آهي. ته ”هن ڪتاب کي هڪ تاريخي ناول يا افسانو ڪري سمجهڻ گهرجي ۽ نه نورجهان ۽ جهانگير جي سچي سوانح عمري“ هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي کانپوءِ ٻئي ڇاپي جو مضمون ساڳيو رکيو ويو، پر عبارت کي سليس ۽ سهڻو بنايو ويو آهي.

مغل حڪومت جو احوال:
نورجهان ناول جائزو جو ڏيڻ کان اڳ پهرين ڪجھ سچو پچو تاريخي احوال بيان ڪرڻ ضروري آهي. اڪبر بادشاھ (1542- 1605) تيرهن سالن جي عمر ۾ بادشاھي ماڻيندڙ مغل حڪمران هو، جنهن هندوستان تي پنجاھ سالن تائين بادشاھت ڪئي. شهنشاھ اڪبر مغل بادشاھن ۾ ٽيون نمبر شهنشاھ هو. چنگيز خان ۽ تيمور نسل جو هيءُ مغل ٻاراڻي وهيءَ ۾ پٽس سليم الدين جهانگير وانگر حڪومتي معاملن ۾ گهٽ دلچسپي وٺندو هو، پر اڳيان هلي بهترين منتظم ثابت ٿيو. اڪبر بادشاھ پنهنجي پٽن لاءِ هڪ وسيع سلطنت ڇڏي. سندس ٽي پٽ ته بلڪل شرابي ۽ بدڪار هئا، پر وڏي پٽ سليم ۾ به حال ڪونه هو، اهو به عيش و عشرت ڏي مائل ۽ غير ذمه دار طبيت جو هو. ان جي بلڪل ابتڙ سندس پوٽو خسرو لائق هئڻ سان گڏ بادشاھ جو منظورِ نظر پڻ هو. اڪبر بادشاھ جي مرضي پٽ جي بجاءِ پوٽي خسرو کي تخت نشين ڪرڻ جي هئي.
اڪبر بادشاھ هڪ وڏي هندو راجا جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ راڻي جوڌٻائي کي مرضيءَ جي مطابق مذهب تي هلڻ جو مڪمل اختيار ڏنائين. جنهن سبب جي ڪري هندستان جا هندو سندس معتقد ٿي پيا ۽ سندس آخري رسمون به هندوئن ۽ مسلمانن ٻنهي جي رواج مطابق ٿيون. (اهو ذڪر اڳيان ايندو) اڪبر بادشاھ پنهنجي وقت ۾ پورچوگالين جي تبليغي جماعت کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني. جنهن سبب جي ڪري ديني بحث مباحثا وجود ۾ آيا. جن جي بادشاھ پاڻ به پٺڀرائي ڪندو هو، هن ڇٽيھن سالن جي عمر ۾ روحاني تجربا ڪري پاڻ کي خدائي مرضيءَ جي تشريح ڪندڙ ۽ رعايا جو روحاني رهبر هئڻ جو دعويٰ ڪيو ۽ اسلام جي رياستي مذهب هئڻ جي حيثيت ختم ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي ”دين اڪبري“ جو بنياد رکيائين. اڪبر ۽ سليم جي وچ ۾ شروع کان ئي ناراضگي هوندي هئي، جو اڪبر کي سليم جون عادتون ۽ طور طريقا پسند نه هئا، هيڪاري نورجهان جي معاملي ۾ اڪبر جي ساڻس وڌيڪ اڻبڻت رهي. آخر ۾ پيءُ جي وفات کان ٿورو وقت اڳ۾ پٽ ۽ پيءَ ۾ صلح ٿيندي آهي ۽ اڪبر پنهنجي آخري وقت ۾ کيس هندستان جي بادشاھت حوالي ڪندو آهي.

ناول جي ڪهاڻي:
تاريخي ناول ”نورجهان“ جي منڍ ۾ نورجهان جي پيدائش جو ذڪر آهي. غياث بيگ جي هندستان ڏانهن سفر جي دوران سندس گهرواريءَ کي ويم جا سور ٿيندا آهن ۽ هندستان جي ملڪه نورجهان ”مهرالنساءِ“ جي نالي سان هن بيابان ۽ سڃ جي علائقي ۾ جنم وٺندي آهي. هن تڪليف جي وقت ۾ پويان ايندڙ قافلي جو سردار ملڪ مسعود، غياث بيگ جي مدد ڪري ٿو ۽ کيس چڙهيءَ لاءِ اٺ جو پاکڙو ڏئي ٿو ۽ نجوم جي علم ذريعي ڄاڻائي ٿو ته هيءَ نينگري ٿورو سخت وقت ڏسندي جنهن کانپوءِ ويندس بخت بالا ٿيندو (صه، 5)
اڳيان هلي ملڪ مسعود جي معرفت غياث بيگ جي اڪبر بادشاھ جي درٻار ۾ رسائي ٿيندي آهي. جيڪو غياث کي گهڻي عزت ڏيئي خاص خدمتگار ڪري رکي ٿو. ناول جي هيروئن مهرالنساءِ (نورجهان) بادشاھي محلاتن جي ويجهو راڻين ۽ شهزادين جي محبت جي ساٿ ۾ وڏي ٿيندي آهي. هڪ دفعي اميرياڻين، شهزادين ۽ راڻين جي وندر لاءِ لڳايل مينا بازار ۾ شهزادو سليم کيس ڏسي مٿس مفتون ٿي وڃي ٿو ۽ پاڻ به ڏانهنس متوجه رهڻ لڳي ٿي. غياث بيگ مهرالنسا جي شادي علي قلي بيگ سان ڪرڻ گهري ٿو. جيڪو هڪ هزار گهوڙي سوار فوج جو مهندار هئڻ سان گڏ غيرتمند، خوددار ۽ بهادر سپھ سالار آهي. مهرالنساءِ اها خبر پوڻ تي شديد اعتراض ڪري ٿي پر پڻس سليم کي بدڪار ۽ شرابي هئڻ جي ڪري سڱ ڏيڻ کان نابري ڪري ٿو. شهزادو سليم راڻي جوڌٻائيءَ کي منٿ ڪري بادشاھ جي ڪنن تائين اها ڳالھ پهچائي ٿو. اڪبر بادشاھ جڏهن غياث بيگ، جي ڳالھ ٻڌي ٿو ته انصاف جي تقاضا مطابق سندس نظر ۾ غياث بيگ، علي قلي کي زبان ڏيئي چڪو آهي. انڪري معاملي کي ختم ڪرڻ لاِءِ ابو الفضل جي مشوري تي سليم کي آگري مان ڪڍڻ لاءِ اڌيپور تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ موڪليندو آهي. شهزادو سليم وڃڻ کان اڳ مهرالنساءِ سان ملاقات ڪري کيس لڪ چوريءَ شادي جي صلاح ڏيندو آهي. پر مهرالنسا کيس چوي ٿي ته ”تون شاهي فرمان مڃي اڌيپور اُسهي، راجپوتن تي فتح حاصل ڪري وطن ڏي واڳون ورائي ته شڪ نه آهي بادشاھ جي دل ڀڄي پوي“ (ص، 66) ۽ گڏو گڏ کيس علي قلي بيگ سان شادي نه ڪرڻ جو يقين ڏياري ٿي، اڌيپور جي سورهيه راجپوتن جو سردار پرتاب سنگھ تمام جوانمرديءَ سان مقابلو ڪندو آهي. پر تڏهن به ويهن هزارن جي فوج مغلن جي زور تي ڪسجي ختم ٿيڻ لڳي ٿي. تڏهن جهلا جي سردار جي مشوري سان راجسٿان جي اجهايل جوت کي بچائڻ لاءِ جنگ جي ميدان مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت شهزادو سليم سردار جي ڪڍ پوڻ جي بجاءِ فتح تي خوش ٿي جشن ملهائي ٿو، جشن دوارن آگري مان قاصد خط آڻِيندو آهي. پر هو شاهي فرمان سمجهي قاصد کي ملڻ پسند نه ڪندو آهي. حقيقت ۾ اهو مهر النسا جو خط هجي ٿو جنهن ۾ کيس جلدي پهچڻ جي هدايت هوندي آهي. شهزادو سليم دير سان پهچندو آهي ۽ مهرالنسا کي سندس پيءُ آفيم کارائي نشي ۾ نڪاح جي قبوليت ڪرائي علي قلي بيگ سان روانو ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن شهزادي سليم کي پيرائتي خبر پوندي آهي ته هو آگري تي چڙهائيءَ جي رٿ رٿڻ ۽ پيءُ سان منهن مقابل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر وري به سندس صلاحڪار عورت ذات جي بيوفائيءَ جا مثال ڏيئي کيس هٺ تان لاهيندا آهن. بادشاھ اڪبر ذري پرزي جي معلومات هئڻ سبب پنهنجي اڙٻنگ پٽ کي سزا ڏيڻ جي بجاءِ محبت سان موهي، بنگال جو نواب مقرر ڪندو آهي. اڪبر جي موقف مطابق فسادي ماڻهو کي جيتڻ لاءِ صبر ۽ پيار کان عمدو هٿيار ڪو ڪونهي، شهزادو سليم وري به ابوالفضل کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي کيس بير سنگھ هٿان مارائيندو آهي. اڪبر بادشاھ جنهن جو ابوالفضل ساڄو هٿ هو. سو هي صدمو صحيح نه سگهندو آهي ۽ ڏک ۾ گوشئه نشين ٿي ويندو آهي ۽ سندس سگھ به گهٽجي ويندي آهي. آخرڪار وفات جي ويجهو گھرو جنگ کان بچڻ لاءِ پنهنجي پوٽي خسرو جي بدران سليم کي تخت نشين ڪيائين ۽ سليم به پيءُ جي وڏي دل ڏسي کانئس متاثر ٿي معافي گهري ٿو. اڪبر بادشاھ جو ڪريا ڪرم هندوئن پنهنجي ريت رسم موجب ڪيو ۽ مسلمانن پنهنجي رواج موجب ڪيو. هڪ پنڊت ۽ هڪ مولوي مزار جا مجاور ٿي رهڻ لڳا. راڻي جوڌٻائي سورنهن سينگار ڪري گنگا جل مان سنان ڪري چتا چڙهي پيئي.
سليم کي شهنشاھ نورالدين جهانگير يعني (اسلام جو سوجهرو) ۽ عالم جو سوڀارو، جي لقب سان نوازيو ويو. جهانگير بادشاھ سلطنت جي بوجھ سان سياڻو ٿي ويو. عوام جي فرياد ٻڌڻ لاءِ ۽ عدل انصاف قائم ڪرڻ لاءِ، دربار جي ٻاهران گهنڊ لڳايائين. جنهن سان هر غريب توڙي امير کي آساني سان انصاف مهيا پئي ٿيو، سندس دوست سيف الله بنگال جي حاڪم، جي هاٿيءَ جي پيرن هيٺ، هڪ پير مرد ۽ ٻڍي عورت جو پٽ چيڀاٽجي مري وڃي ٿو ۽ سيف الله جهانگير بادشاھ جي حڪم هوندي به ڪو انصاف نٿو ڪري ته جهانگير خود کيس چؤکنڀو ٻڌي هاٿيءَ جي اڳيان ڦٽي ڪرائيندو آهي ۽ پير مرد کي انصاف پلئه پوي ٿو. انهي وچ ۾ مهرالنسا جي شاديءَ کي چار سال ٿي ويندا آهن ۽ علي قلي بيگ آهستي آهستي سندس دل کٽي ويندو آهي. جهانگير بادشاھ حڪومتي مسئلن کي همٿ سان منهن ڏيئي ٿو. امن امان قائم ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر کيس مهرالنسا جي ياد ايندي آهي ۽ علي قلي کي انعام ۽ اڪرام آڇي ٿو ته مهرالنسا کي طلاق ڏي. پر سندس انڪار کان پوءِ کيس پنهنجي ماٽيجي ڀاءَ قطب الدين جي معرفت هلاڪ ڪرائيندو آهي. جنهن ۾ قطب الدين به مري وڃي ٿو. مهرالنسا بادشاھ کي پنهنجي بيواه ٿيڻ جو احساس ڏياري شاديءَ لاءِ رضامند نه ٿيندي آهي، آخرڪار ڏهن مهينن تائين جهانگير به مهرالنساءِ کي سندس حال تي ڇڏي ڏيندو آهي ۽ مهرالنسا جي دل ٻيهر پراڻي محبت لاءِ جڏهن نرم ٿيندي آهي ۽ هوءَ شادي لاءِ هائوڪار ڪندي آهي. مهرالنسا جي راضپي سان عيد جي ڏينهن سندن نڪاح ٿيندو آهي، جهانگير کيس”نورمحل“ جو لقب ڏيندو آهي. معنيٰ ”محلات جي روشنائي“ ۽ ٿورن سالن بعد کيس ”نورجهان“ يعني ”دنيا جي روشنائي“ جو لقب ڏيندو آهي.
ملڪه نورجهان تمام گھڻي ذهين ۽ هوشيار عورت هئي، ٿوري عرصي ۾ هن نه صرف جهانگير جي پر پوري هندستان جي عوام جي دل کٽي ورتي، جهانگير کيس درٻار ۾ گڏ رکندو هو. سير ۽ شڪار تي به ساڻ وٺي ويندو هو. پاڻ رعيت جي ترقي ۽ بهبود جي ڪمن کي سرانجام ڏيندي هئي ۽ ملڪ جي سڀني فيصلن تي قابض هئي، ڪيترائي مسافر خانه ٺهرايائين. کوھ کوٽايائين، جهانگير کي به انصاف ۽ عدل ڏانهن موڙيائين. ملڪه نورجهان بهترين شاعره هئي، شايد کيس پنهنجي آخري آرام گاھ جي ڄاڻ هئي، هڪ شعر، چيائين جيڪو سندس مزار تي اڪريل آهي.
يـه مـزار هـا غـريــبــان نــي چــراغ گــل
نه پر پرواني نه سوزئي صدائي بلبل
هن شعر کي ليکڪ ناول جي آخر ۾ سنڌيءَ ۾ ڏنو آهي جيڪو هن ريت آهي،
مون اڀاڳڻ جي قبر تي، جوت ناهي ناڪه گل ڦل
نـا جـلـي اُت پـر پـتـنـگ جو، نه ڪري اُت لات بلبل
جهانگير بادشاھ جو راڻي نورجهان سان عشق هو، جيڪڏهن سندس حياتي وفا ڪري ها ته شايد تاج محل جهڙو ٻيو حسين يادگار هجي ها. پر نورجهان جي وفات جهانگير کان پوءِ ٿي ۽ کيس لاهور ۾ جهانگير بادشاھ جي ويجهو دفن ڪيو ويو. سندس تربت سيڙهين کان هيٺ تھ خاني جيئن آهي. جتي ڏينهن جو به تمام گهڻو انڌيرو آهي ۽ هيءَ مزار ڪجھ شڪسته ۽ خسته حالت ۾ آهي. (مون 1985ع ۾ ڏٺي هئي ممڪن آهي هاڻي پنجاب حڪومت ڪجھ سڌارو آندو هجي).
ناول جو تنقيدي جائزو: ناول جي قسم جي لحاظ کان هي تاريخي ناول آهي، پر اکر به اکر سچ ڪونهي، بلڪه تاريخي واقعن جي تخيل سان وجود ۾ آيو آهي. ناول نگار هن ناول لاءِ جن ڪتابن جي مدد ورتي انهن جا نالا هي آهن، ”تاريخ فرشته“، ”منتخب تواريخ“، ”تزڪ جهانگيري“، ”اقبال نامه“، ”راجسٿان“ وغيره. ڪردارنگاريءَ: جي لحاظ کان هن ناول جي ڪردارن ۾ جان آهي. اڪبر جو جلال هجي يا جهانگيري عدل ۽ انصاف، نورجهان جي سمجھ ۽ سياڻپ هجي يا علي قلي بيگ جي خودداري ۽ غيرت، غياث بيگ جي دورانديشي هجي يا ملڪ مسعود جون مهربانيون، هر ڪردار جو اثرائتو عڪس آهي. منظرنگاريءَ سان ليکڪ سٺو انصاف ڪيو آهي، جنگ جي ميدان جو نقشو يا جهانگير جو تخت نشين ٿيڻ يا اڪبر جي موت جو احوال اثرائتو بيان ڪيو آهي. موسم کي هن ريت بيان ڪيل آهي ”باغ ۽ ميدان ساوا چهچ ٿي ويا هئا، بيابان بنجي بنھ بستان ٿي پيا هئا ۽ جهنگ جهر جنسي گلستان ٿي ويا هئا، سمن ۽ سوسن، موتيو ۽ چنبيلي ۽ ٻيا هر طرح جا گل ڦولاريا بيٺا هئا. جيڏانهن کڻي نهار، تيڏانهن نئين حياتيءَ جو نور نظر آيو، مهرالنساءَ جو من به قدرت جا عجيب ۽ غريب نظارا پسي ڦلن جيان ڦولي پيو“. (ص، 194) مينهن جي مند جو منظر هن ريت بيان ڪيو اٿس، ”پوياڙي جي مهل هئي، اڀ ڪارن ڪڪرن سان ڇائنجي ويو هو، وڄون لعل لبيس ڪري پئي چمڪيون، اوهيرن اوڪ پئي ڪئي، ڌرتي ڌوپي اوجل ٿي پيئي هئي، سبزي جو سائو لباس ڪري پهريو هئائين“ (ص، 204)
ٻوليءَ جي لحاظ کان جيڪڏهن نورجهان ناول جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته عام فهم ۽ حرف تجنيس جي سونهن سان سينگاريل لفظن جي جڙاءَ جا بجا نظر ايندي. مثال طور اڪبر بادشاھ چوي ٿو ته “تحقيق، محبت هڪ عجيب چيز آهي. محبت جي ڪيميا ٽامي کي ذرين ۽ تلخي کي شيرين، ڦاهي کي تخت ۽ آهيءَ کي بخت، نار کي نور ۽ وير کي حور، بيماري کي صحت ۽ قهر کي رحمت، مردي کي زندھ، شاھ کي بندو بنائي ڇڏي“ (ص، 45) ”جهانگير، مادر مهربان! تون ئي منهنجي درد جون دارون ڪري سگهندين، ٻڌايانءِ، مهرالنسا جي موهڻي مورت تي مفتون ٿي پيو آهيان“. (ص، 62) راڻو پرتاب سنگھ لشڪر کي وطن تان گهورڻ لاءِ هن ريت حڪم ڏئي ٿو، “ديس جي مڪتيءَ ڪارڻ، استرين جي سيل نمت، اٿي سر سنڀايو، وڏڀاڳي اهو کتري آهي، جو شترو جي سامهون پيئي ساھ ڏيئي، جي جيت ٿي ته پرٿوي جا پڌارٿ ماڻيندا ۽ جي هار ٿي ته سورڳ جا سک ماڻيندا“ (ص، 81)
جهانگير دوست نذير وٽ پنهنجي عشق جي آتش جو بيان هن ريت ڪري ٿو، ”پيارا دوست! سالن جي سانڍيل عشق هاڻي ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ مچائي ڇڏيو آهي، جيرا، بڪيون جلائي رهيو آهي، مهرالنساءِ کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي، علي قلي بيگ جي مرڻ بنان کيس حاصل ڪرڻ محال آهي، ملڪ هجي يا تخت مهرالنسا جي نه ملي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا ڪبو تخت طائوسيءَ کي؟ ڇا ڪبو سلطاني سيج کي؟ محبوب بنا اهي مڙِيئي عين عذاب آهن، آئون پيو پچان ۽ پڄران، لڇان ۽لوچان ته ڪيڏانهن منهنجو پرين اچي دل اندر ديرو ڪري“. (152 ۽ 173)
هن ناول ۾ پهاڪا ۽چوڻيون به موقائتا ۽ مهل مطابق آهن جيئن ’آلن ڦٽن تي لوڻ وجهڻ‘، ’لاچار کي ڪهڙو آچار‘، ’روح کي راحت رسڻ‘، ’مروئان موت ملوڪان شڪار‘، ’دهرو دان ڏيڻ‘، ’جيڏا اٺ تيڏا لوڏا‘، ’توڪل جو ترهو ٻڌڻ‘، ’نڪا هم نڪا تم‘، ’جيئڻ جنجال هئڻ‘، ’نڪ کي مر لائڻ‘، ’جنڊ پٽن سان هڻڻ‘، ’وريامن جا وچن ٻولڻ‘، ’ ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ‘، ’اهيئي گڏھ اهي ئي آٿر‘، ’زال ذات جو عقل کڙي ۾‘، ’مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ‘، ۽ ٻيا آهن، مجموعي طور هي ناول شروع دور جي ناولن ۾ اهم هئڻ سان گڏ سنڌي ادب جي تاريخي ناولن ۾ به خاص حيثيت جوڳو آهي. ٻولي، ڪردار نگاري، منظر ۽ موضوع جاندار آهن، گربخشاڻي صاحب هڪ مشهور عالم ۽ ڄاڻو ليکڪ هو، پر هو مسلمانن جي رسمن ۽ رواجن کان شايد چڱيءَ ريت واقف نه هو، هيٺ ٻه مثال ڏجن ٿا. اڪبر بادشاھ جي تدفين کي هن ريت بيان ڪيو اٿس، ”هندوئن پنهنجي ريت موجب مرڻي جو ڪريا ڪرم ڪيو ۽ مسلمانن پنهنجي رسم موجب ڪارائي ڪئي. (ص، 119) هندستان جي عظيم سلطنت جي مسلمان بادشاھ جي تدفين کي لفظ ”ڪارروائي“ جو لکڻ نامناسب آهي. ڪارروائي جي بجاءِ مناسب لفظ تدفين آهي چاهي ڀلي عام مسلمان جي هجي، جهانگير ۽ نورجهان جي ميلاپ مهل جهانگير جي واتان چورائي ٿو ته، ”وڇوڙي جا ندورا ڏينهن رمضان جي روزن جيان ختم ٿي ويا ۽ ميڙائي جي چنڊ اڄ ئي منهنجي لاءِ سچي عيد آندي آهي“. (ص،201) جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مسلمانن لاءِ رمضان جا روزا ندورا ڏينهن نه آهن بلڪه بخشش جا سڀاڳا ترين ڏينهن آهن، عيد ته انهن روزن جو انعام آهي اهڙن ڀلارن ڏينهن کي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙي عالم جو ندورا چوڻ زيب نٿو ڏئي.

ناول تي ليکڪن جا رايا:
فني سٽاءَ جي لحاظ کان هي ناول سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، ناول جو بيان جو انداز ۽ سٽاءُ عمدي نموني جي آهي، (ص، 162 ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ).
هن ناول ۾ بامحاوره زبان ڪم آندل آهي، جنهن ۾ سلاست جا سڀ گڻ موجود آهن، اصطلاح ۽ پهاڪا به هنڌ هنڌ موجود آهن، هن تاريخي ناول ۾ مغلن جي حڪومت ۽ شان و شوڪت جو گهڻو احوال ملي ٿو. ڪتاب پڙهندي ڪٿي ڪٿي محسوس ڪجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جهانگير سان پورو انصاف نه ڪري سگهيو آهي، (ص، 56 ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو).
هن ناول ۾ هرهنڌ بامحاوره ۽ مائيدار، جملا استعمال ڪيا ويا آهن، هي ناول پنهنجي دؤر ۾ هڪ بهترين ڪامياب ناول جو مقام ماڻي چڪو هو ۽ اڄ به هن ناول کي اهوئي مقام حاصل آهي. (ص، 117 ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، پروفيسر نورافروز خواجه)
واقعن ۽ ٻوليءَ جو سهڻو ميلاپ هن ناول جي خوبي آهي، بيان جو انداز منظر نگاري، عشق ۽ محبت جي حڪايت ۽ ڪردارنگاري نهايت ئي دلڪش ۽ وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪيل آهي، جنهن مان ڊاڪٽر صاحب جي فنڪارانه صلاحيت نمايان ٿيئي ٿي. (ص، 121 ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ڊاڪٽر غلام علي الانا).

جهان آرا

عبدالرزاق عبدالسلام جو لکيل طبعزاد ناول 1931ع ۾ پهريون دفعو شايع ٿيو، هن ناول کي 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ٻيهر شايع ڪيو. جيئن ته هي ناول سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان انٽرميڊئٽ جي سنڌي جي نصاب ۾ شامل آهي، انهي ڪري انهيءَ جي کپت بازار ۾ هميشه رهي آهي. هن وقت سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب جو سورهون ڇاپو، نئين سر ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرائي شايع ڪرايو آهي. 101 صفحن ۽ سورهن بابن تي مشتمل هي ناول سنڌي ادب جي شروعاتي اصلوڪن ناولن منجهان هڪ آهي. هن ناول ۾ نصيحت جانڪتا ۽ ادب جا موتي پکڙيل جابجا نظر ايندا. ناول جي بابن جا عنوان اندرين مواد سان ٺهڪندڙ آهن جيئن وڇڙيا ملڻ، دربار عالي، عابد جو گم ٿيڻ، زاهد کي خط پهچڻ، جهان آرا جي حالت، جهان خان جي شادي ۽ جهان آرا جو موت ۽ ٻيا آهن.

ناول جو جائزو:
هن ناول جي ڪهاڻي زاهد نالي شخص جي ٻن پٽن جي چؤگرد گهمي ٿي، جيڪي عابد ۽ حامد جي نالي سان آهن. پهرين حامد اعليٰ علم جي تحصيل ۽ وڏي ماڻهو ٿيڻ جي شوق ۾، گهران نڪري وڃي ٿو ۽ ڪيترن سالن تائين گهر نٿو اچي. اڳيان هلي هڪ بادشاھ وٽ آهستي آهستي ترقي ڪري، وزيراعظم جو عهدو حاصل ڪري ٿو ۽ انهي شهر رونق آباد ۾ سندس ڀاءُ عابد اچي پهچي ٿو. انهي ڏينهن بادشاھ جي محلات ۾ سندس پٽ جهان خان جي ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ شادمانا هجن ٿا ۽ عابد به اتفاقاً ڀاءُ سان ملاقات ڪري ٿو. جيڪو کيس پهرين گهر پوءِ اهتمام سان پاڻ سان گڏ دربار وٺي اچي ٿو. بادشاھ جي محل سان گڏ باغ جي نگران لطيف مالهيءَ کي ”جهان آرا“ نالي ڌيءَ پيدا ٿيندي آهي، انهي موقعي تي غريب مالهيءَ جي حامد وزيراعظم گهڻي مدد ڪندو آهي ۽ هن حسين ڇوڪري ءَ جو نالو ”جهان آرا“ به خود تجويز ڪندو آهي. سڄي ناول ۾ حامد ۽ عابد مختلف درويشن جي اثر هيٺ آهن ۽ گڏو گڏ رونق آباد جي بادشاھ جا به ٻه ڀائر درويش هجن ٿا، جن جي ڳولها ڪئي وڃي ٿي، پر اهي نٿا ملن، هيءَ ٻئي ڀائر بادشاھ جي لحاظ ۽ درويشن جي ڳولها سبب سالن جا سال پوڙهي پيءُ زاهد وٽ ملڻ نٿا وڃن. جيڪو سندن ياد ۾ روئي حضرت يعقوب وانگر اکيون وڃائي ويهي ٿو، پر آخر ۾ بادشاھ ۽ فقير جي مدد سان سڀ ملن ٿا. جهان آرا جي پيدائش جو ذڪر ٽئين باب ۾ ۽ سندس ننڍپڻ جو، اٺين باب ۾ مختصراْ آهي، باقي ناول جي هيروئين ۽ هيرو کي صرف آخري ٽن بابن ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.جنهن ۾ کين مڪتب ۾ گڏ پڙهندڙ ڄاڻايو ويو آهي.. جهان خان جي تربيت جي ذمه داري بادشاھ وزيراعظم حامد کي سپرد ڪندو آهي، جهان آرا کي سندس پيءُ ڪجھ وڏي ٿيڻ کانپوءِ مڪتب مان گهر ويهاري ڇڏيندو آهي. جهان آرا کي جهان خان سان ملڻ کان منع ڪندو آهي، پر جڏهن هوءَ وڏي ٿيندي آهي تڏهن سندس دل ۾ شهزادي جي لاءَ محبت جاڳندي آهي، پر اها هڪ طرفي محبت سندس جان نينيئيندي آهي، آخرڪار جهان آرا عشق جي ڳاراڻي سبب ڳري ختم ٿيڻ لڳي ٿي، نيٺ جهان خان جي شادي واري ڏينهن سندس وفات ٿيئي ٿي ۽ مرڻ مهل وات مان ”جهان خان“ جو لفظ نڪرندو اٿس، شهزادو ”جهان خان“ به حقيقت معلوم ٿيڻ کان پوءِ پريشان ٿيئي ٿو، پر آخرڪار بادشاھي محلات جي رنگينين ۾ نئين ڪنوار سان گڏ گهڙيون گهارڻ کي ترجيح ڏيئي کيس وساري ڇڏيندو آهي. ليکڪ جي نظر ۾ عورت پاڪيزه پيار، وفا ۽ قربانيءَ جي ديوي آهي، جيڪا عشق ۾ فنا ٿي باهر ٻآڦ به نٿي ڪڍي، ناول جي پڄاڻي شاھ سائينءَ جي هن بيت تي ٿئي ٿي.
اڄ نــــه اوطــــاقــن ۾، طـــالـــب تـــنـــواريـــن
آديـسـي اٿـي ويـا، مـڙهـيـون مـــون مــارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
جهان آرا ۾ سچن فقيرن جي تبليغ ڪئي ويئي آهي، ليکڪ مطابق ”سچن فقيرن جي صحبت ٽامي کي سون بنايو ڇڏي، شرط اهو آهي ته هو ڌڻيءَ جي واٽ ۾ ڪٺل هجن، نه اهي جيڪي ڏنڊي ڪونڊي، چرس ۽ آفيم، ڪباب ۽ شراب تي جان فدا ڪريو ويٺا هجن“. (ص، 92). ناول ۾ پروف جون غلطيون نه آهن، هن مختصر ناول ۾ ڪيترائي بهترين پهاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ شعر ڪتب آندل آهن. جيئن ”منڊيءَ تي ٽڪ“، ”گهر جو پير چلھ جو مارنگ“، ”خون ۽ کٿوري نه لڪن“، ”رانجهن واريون رمزون لاهڻ“ ۽ ٻيا ناول ۾ آيل شعرن ۽ غزلن مان ڪجھ جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.
جانِ من ايـنـدا پـريـن آخــر، پـيـارا غـم نـه ڪـر،
هيءُ الم پورو سگهو ٿيندو، پيارا غم نه ڪر (ص، 30)
لاله جي دل تي، داغ جي آهي ته هڪڙو آهي
آهن هزار داغ، هن دلِ داغدار تي. (ص، 28)
مجموعي طور هن الميه پڄاڻيءَ جي ناول ۾ ٻوليءَ جو حسن آهي، وڻندڙ منظرن سان گڏ جذبات جو جوڀن ۽ خيالن جي رواني آهي. هڪ طرف فقيرن جو فيض آهي ته ٻئي طرف بادشاھ جون عنايتون، هڪ طرف عادل بادشاھ آهي ته ٻئي طرف خوشحال رعيت، عابد جي غريب نوازي آهي ته لطيف مالهيءَ جي سمجهداري ۽ خودداري، شهزادي جهان خان جون بي وفايون آهن ته مالهڻ جهان آرا جي وفا ۾ پوشيده پيار، شهزادي جي شاديءَ جون شهنايون آهن ته ٻئي طرف مسڪين مالهيءَ وٽ موت جو ماتم، سڄي بيان ۾ ناول نگار جو مقصد، عورت جي سچي محبت جي جذبي جي اپٽار ۽ بي رحم موت جي حقيقت کي بيان ڪرڻ آهي.

جهان آرا ناول جو تنقيدي جائزو:
”جهان آرا“ ناول جي خوبين يا خامين کي جيڪڏهن پرکبو ته هڪ نقاد جي حيثيت سان تنقيد ڪرڻ لاءِ هن ناول جي لکيل وقت کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي، جنهن وقت ۾ هي ناول لکيو ويو هو، ان وقت هيءُ ناول پنهنجي وقت جي چڱن ناولن ۾ شمار ٿيو، ٻوليءَ جي لحاظ کان هن ناول جي ٻولي پختي ۽ طرز تحرير وڻندڙ آهي، جنهن ۾ سلاست جي سادگيءَ سان گڏ حرف تجنيس، قافيو، قطعو ۽ غزلون پڻ موجود آهن، حسن، عشق، نيڪي، بدي، عدل، انصاف، قسمت، توڪل، همدردي، زندگي ۽ موت هر موضوع تي ناول نگار پنهنجا ويچار اثرائتا ونڊيا آهن، جنهن مان نه رڳو معلومات ملي ٿي، بلڪه سوين سهڻا سبق پڙهندڙ پرائي ٿو، ناول جو مرڪزي خيال عورت جي محبت جو پاڪ جذبو آهي، جيڪا باحيا ۽ پاڪ دامن پنهنجي اندر جو حال نٿي اوري ۽ اندر ئي اندر عشق جي ڳاراڻي ۾ فنا ٿي وڃي ٿي، ليکڪ مطابق مرد ظالم آهي، جو پنهنجي قلم ۽ زبان جي زور تي عورت کي فتني جو موجب ۽ گناه گار سڏي ٿو.
جهان آرا ناول ۾ سچن فقيرن جي محبت کي اهم ڄاڻايو ويو آهي، ليکڪ موجب ”سسئي جيسين سر جو سانگو نه لاهيندي تيسين ساهڙ نه ملندو“ انهيءَ ڪري انسان کي ڪوبه مقصد هجي، دنيوي يا ديني کيس سختيون سهي، جبل جهاڳي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻو آهي، محنت اولين شرط آهي، منظر نگاريءَ جي، لحاظ کان هن ناول ۾ بادشاھ جي دربار جو بيان يا عابد ۽ حامد جي جدائي جهان خان جي شاديءَ جو ذڪر هجي يا جهان آرا جي مو ت جو بيان، منظر ڪشي ۽ ٻوليءَ جي سونهن اعليٰ درجي جي آهي، زاهد جي دل ۾ پٽن سان ملڻ جي اميد تي لکي ٿو، ”ڌڻي مالڪ آهي ۽ انهيءَ رب رحيم مان ڪير اميدون لاهيندو؟ هو ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ڌوڙ مان ڌن، اوندھ مان سوجهرو ڏک مان سک، تڪليف مان تفريح ۽ نراسائي مان آس ۽ اميد پيدا ڪيو ڇڏي. (صه، 28)
هن ناول جي اهم خامي هيءَ آهي ته ڪهاڻي اتفاق تي مبني ۽ داستان گوئي ۽ قصي جو رنگ شامل آهي، بيشڪ اتفاق ۽ حادثا زندگيءَ ۾ ظاهر ٿيندا آهن، پر ناول ۾ ڪهاڻي کي وڌائڻ لاءِ اتفاقن جو سهارو وڌيڪ ورتو ويو آهي. هن ناول جي ڪهاڻيءَ جو پلاٽ غير مربوط ۽ جوڙجڪ غير فطري آهي، اسان جي شروع دور جي ناولن ۾ داستاني رنگ گهڻو ملي ٿو، جيڪو اڄ جي حقيقت پسنديءَ جي دور ۾ هلندڙ نه آهي، هي دنيا رهبرن جي روپ ۾ رهزن فقيرن سان ڀري پئي آهي، پر هتي فقيرن جي ذريعي ڪهاڻيءَ کي حادثن ۽ اتفاقي واقعن ۾ وجھي انهن جو زوري تعلق ڳنڍيو ويو آهي ۽ صوفياڻي خيالن جو پرچار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ڪجھ اخلاقي نقطا اثرائتي نموني به سمجهايا ويا آهن، پر ته به انساني ڪردارن کي قسمت جي هٿ ۾ رانديڪو بنايو ويو آهي، ناول ۾ هر تڪليف ۽ پريشانيءَ کي قسمت تي ٿاڦيو ويو آهي، هيرو ۽ هيروئن جو تعلق زوريءَ ڳنڍڻ سان ڪردارن کي فعال، متحرڪ ۽ پاڻ ڀرو نه بنايو ويو آهي. رونق آباد جي هر شخص، حامد ۽ عابد کي لائق بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پڙهندڙن کي هي ٻئي ڀائر والدين جي لاءِ غير ذمه دار محسوس ٿين ٿا ۽ هو لائق ۽ پڙهيل هئڻ جي باوجود پنهنجي مائيٽن جي خبر گيري سالن جا سال نٿا لهن. هي هڪ خيالي دنيا جو قصو لڳي ٿو. جنهن ۾ حقيقي زندگيءَ جو عڪس ڪانهي، مجموعي طور جهان آرا ناول ٻوليءَ جي ميٺاج، منظر نگاري ۽ طبعزاد ناول هوندي به حقيقيت کان ڪٽيل ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪو خاص تاثر نٿو ڏئي.

ناول جهان آرا تي راءِ ڏيندي منگها رام ملڪاڻي، سنڌي نثر جي تاريخ ۾ 101 صفحي تي لکيو آهي ته، ”هن نئين زماني جو پهريون دليان ٺاهيل ناول عبدالرزاق عبدالسلام جو جهان آرا 1931ع ۾ نڪتو هو، ان ناول جي سورمي، جيتوڻيڪ لائق ۽ وفادار عورت هئي ۽ ان ناول جي عبارت پڻ سهڻي ۽ عالماڻي هئي، ليڪن ان جا ڪردار ۽ واقعا غير حقيقي بلڪه ڪرامتي هئا، جنهن ڪري هي ناول حقيقت نگاري جي ڪسوٽي تي نٿو اچي“.
جيئن ته عبدالرزاق عبدالسلام جو تعليم کاتي سان واسطو هو ان ڪري سندس ناول ٽيڪسٽ بُڪ طرفان انٽرميڊئيٽ جي نصاب ۾ رکيو ويو ۽ اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو هيءُ ناول نصاب جو حصو رهيو آهي ۽ اڄ به نصاب ۾ موجود آهي. جڏهن ته اسان وٽ بهترين ناول موجود آهن. ڏٺو وڃي ته هن سفارشي ڪلچر سبب سٺن لکندڙن ۽ انهن جي ڪتابن کي مان نه ملي رهيو آهي جنهن جو جيترو به ڏک ڪيو وڃي اوترو گهٽ آهي ۽ اُها ئي رُڪاوٽ اسان جي ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ اڄ به موجود آهي.

”همه اوست“:

آغا سليم ولد عبدالڪريم خان جو جنم 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور ۾ ٿيو، آغا صاحب 1952ع کان لکڻ شروع ڪيو، هن جي پهرين تحرير ڪهاڻي ”آهه اي ظالم سماج“ آهي جيڪا ”فردوس“ نالي مخزن ۾ ڇپي. هو شروع ۾ آغا شاهين جي نالي سان لکندو هيو، سندس هم جماعت دوستن ۾ تنوير عباسي ۽ سراج ميمڻ ته هم عصر ڪهاڻيڪارن ۾ بشير مورياڻي، شيخ حفيظ، رشيد ڀٽي، جمال ابڙو، خواجه سليم، نجم عباسي ۽ ٻيا هئا. انهيءَ ڪهاڻيءَ جي دور ۾ سنگت جي ادبي ڪلاسن ۾ ڪهاڻيون پڙهيون وينديون هيون ۽ انهن ڪهاڻين تي مختلف ليکڪ تنقيد پڻ ڪندا هئا. اهو ئي دور هو جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ موضوع توڙي ٽيڪنيڪ جي حوالي سان نواڻ آئي، آغا صاحب جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”چنڊ جا تمنائي“ آهي ۽ ان کان پوءِ ”ڌرتي روشن آهي“، ”درد جو شهر“، ”لذت گناهه“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. آغا صاحب شاهه جي رسالي جو اردو منظوم ترجمو ڪيو آهي، سندس لکيل ناولن ۾، ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ”اڻ پورو انسان“، ”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”همه اوست“ آهن. ناول نگاريءَ ۾ آغا سليم جي ناول ”همه اوست“ وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ ”همه اوست“ جو اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو، سندس ناولن توڙي ڪهاڻين ۾ انساني زندگيءَ جا عڪس آهن، گڏ هُن انهن کي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان پيش ڪيو آهي، آغا صاحب جا ڪردار سنڌ ڌرتيءَ جا پنهنجا ڪردار آهن جيڪي نج سنڌي ٻوليءَ جي سهڻين تشبيهن ۽ استعارن وارن مڪالمن ۾ ڳالهائين ٿا، هن جا ڪردار سنڌي سماج جا عام فرد آهن ۽ عام خاصيتون رکن ٿا پر ليکڪ کين جاندار بنائڻ جي خاص ڪوشش ڪئي آهي. آغا صاحب اونهي مطالعي جي بنياد ۽ ناول جي فني ٽيڪنيڪ جي ڄاڻ سان تاريخي ناول کي هڪ زنده دور ۾ تبديل ڪيو آهي، پڙهندڙ ناول ”همه اوست“ کي پڙهي پوءِ ئي ڪاراءِ قائم ڪري سگهن ٿا، هيٺ مون هن ناول جي مختصر ڪهاڻي حوالا ۽ تجزيو ڏنو آهي. ”همه اوست“ 144 صفحن جو ناول پهريون دفعو جولاءِ 1985ع ۾ شايع ٿيو. پوءِ به ڇپجندو رهيو آهي (هيءُ ناول ڊگري ڪلاسن ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن جي نصاب ۾ شامل آهي).

ناول جو عنوان،
پس منظر ۽ ڪهاڻي: ”همه اوست“، ناول جو عنوان نئون آهي، جنهن ۾ صوفي ازم جي وضاحت بيان ڪندي ناول نگار 126 صفحي کان 128 صفحي تائين سارنگ جي سوچ جي تبديليءَ سان اهو نظريو سمجهايو آهي. هيءُ ناول تاريخ جي اوٽ مان تصوف جي نڪتن جي اُپٽار آهي، هن ۾ تقريباً مغلن جي زوال واري وقت کي ذڪر ڪيو ويو آهي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور جي سياسي ڪشمڪش دوران صوفين ۽ مبلغن تي ٿيل ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ جي دل ڏاريندڙ داستانن کي کولي ٻڌايو ويو آهي. هن دور ۾ مذهبي نظرين جي ڇڪتاڻ هئي، مجدد الف ثاني ۽ محي الدين ابن العربيءَ جن جي ”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي فلسفن جي ٽڪر جو وقت هو. ناول نگار صوفي سيد زادي (شاهه لطيف) ۽ شاهه عنايت جي دور جي تحريڪن ۽ سندن شاعريءَ جي پس منظر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته گڏوگڏ شاهه عنايت جي شهادت جو بيڪ گرائونڊ به ڏنو اٿن. هن ناول مان اهو معلوم ٿيئي ٿو ته هن دور جي صوفي تحريڪن جي تحرڪ جا بنيادي سبب ڪهڙا هئا؟ ۽ ڪيئن هن دور جون سياسي حالتون، صوفين ۽ مبلغن جي زندگيءَ تي اثرانداز ٿيون؟ ۽ اهي عالم ۽ ڄاڻو انسان ڪيترا باخبر ۽ باعمل هئا.
گوتم ٻڌ جي ڀڳشوئن، شوالن ۽ مندرن جي ٻاون، نمازين جي اجتماعن ۽ مٺين ٻانگن جي مسحورڪن آوازن جي اوٽ ۾ هنن ڪهڙيءَ ريت نه ڀائيچاري جا پيغام ڏنا؟ ڪينئن نه دونهيون دکايون ۽ ”همه اوست“ جا درس ڏنا؟ سندن فلسفياڻن نڪتن ۽ تصوف جي لاڙن ۾ سوريءَ سيڄ چڙهڻ ۽ شهادت جو مشاهدو ماڻڻ جو سبق سمايل هو. هُو ظاهري عبادتن ۽ رياضتن کان وڌيڪ اعليٰ اخلاقي قدرن جا امين هئا. ۽ اهوئي آغا سليم جي ”همه اوست“ ۾ بيان ڪيل آهي. ناول جي ڪهاڻي مختصر هن ريت آهي؛ ”همه اوست“ جي ڪهاڻي شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جن جي خاص ڪردارن کان سواءِ هيٺين ڪردارن جي چوگرد گهمي ٿي. سارنگ، ماڻڪ، پادري الفنسوباريوسا، سنڌو، گوپي ۽ گيتا. سارنگ سمي سردار سجاول خان جو ڀائيٽو آهي. سجاول خان کي هڪ پٽ علي ۽ ڌيءَ دورل آهن. سندس زال ماهرو مغل سالار جي ڌيءَ هوندي آهي، جيڪا مغلن کان سجاول خان سمن تي ڪيل حملي جي بدلي ۾ ويڙهه ڪري کڻي آيو آهي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ کان پوءِ سجاول خان مغلن سان ٺاهه ڪري جاگيرداري ۽ سرداري سنڀالڻ لڳندو آهي، پنهنجي اولاد هئڻ جي باوجود ڀائيٽي سارنگ کي سجاول خان ۽ بيگم ماهرو تمام قرب سان نپائي وڏو ڪندا آهن. سارنگ جو پيءُ ولهار سوڍو سوڍن جو سردار هو. جيڪو مغلن جي راتاهي ۾ قتل ٿي ويو. ان وقت سنڌو جو ڀاءُ سانوڻ سارنگ کي سمي سجاول وٽ پهچائيندو آهي. علي ٺٽي جي نوابن وٽ وڏي عهدي تي ڪم ڪندڙ آهي، سارنگ به ٺٽي جي نواب وٽ منصب دار ٿيئي ٿو، سارنگ اقتدار پرست ۽ بهادر جوان کي اعليٰ منصب جي چاهه ٺٽي ڏي ته وٺي وڃي ٿي پر هو پنهنجي محبت وڃائي ويهي ٿو. سندس ترقين ۽ سرڪاري ڪمن کيس ٺٽي ۾ ئي قابو ڪري ڇڏيو. هن حاڪمن جي درٻارن ۾ عالماڻه بحث ڪيا. پنهنجي بهادريءَ ۽ شهزوريءَ جا جوهر ڏيکاريا شطر نجن، شاعرين ۽ شرابن جي محفلن ۾ خودنمائيءَ جا ڪارناما سرانجام ڏنا. بيشڪ سنڌوءُ کي هن دل جي سچاين سان پيار ڪيو هو پر سندس سڀاءُ تي مٿيون سڀ ڳالهيون حاوي ٿي ويون. سنڌوءُ جي پيءُ، سارنگ جو انتظار ڪري ڪري آخرڪار سنڌوءَ جي شادي ڪري ڇڏي پر پوءِ سنڌو جي جدائيءَ سارنگ جو سک ڦٽائي ڇڏيو. هن کي ڪٿي به قرار نه ملي سگهيو.
وديالي مان تعليم حاصل ڪري اوچتو علم مان اتساهه گهٽجڻ تي پريشان ٿيندڙ ماڻڪ منطقي طبيعت جو مالڪ آهي، ماڻڪ جي گهڻي علم سبب سندس ماءُ پريشان رهندي آهي ته هو ڌرم مان نڪري ويو آهي. هنگلاج مان آيل جوڳين جي رهاڻ ۾ نوراني اکين واري سيد زادي سندس دنيا ئي ڦيرائي ڇڏي ۽ سندس من ڏانهس شدت سان مائل ٿيئي ٿو. جوڳين جو آواز ماڻڪ جي هانوَ ۾ چڀڻ لڳي ٿو ۽ هو هن صوفي بزرگ جو چيلو ٿي رهڻ جو پڪو عزم ڪري ٿو. وديالو ڇڏي سامان جي هڙ ٻڌي جڏهن صوفيءَ ڏي اچي ٿو ته کيس خبر پوي ٿي ته جوڳين جو سٿ اسر مهل روانو ٿي ويو آهي. نيٺ ماڻڪ ٺٽي جو رخ ڪندو آهي. ٺٽو سندس جنم ڀومي ۽ سندس هستيءَ جو حصو آهي. هو پنهنجي سيٺ پيءُ ۽ ماءُ جي مامتا ۾ سڪون ڳولهڻ ٿو چاهي پر سندس دل اداس ۽ اندر ويران آهي، مندر ۾ کيس ودوا گوپي ملندي آهي، جيڪا سندس ننڍپڻ جي ساٿي هئي پر شادي ٿي وڃڻ کان پوءِ جدا ٿي ويئي هئي. سا هاڻي ودوا آهي ۽ مندر ۾ عبادت ڪندي رهندي آهي. گوپي آشرم ۾ کيس گيتا پڙهڻ ۽ ڪرشن ڀڳوان جي سبق سمجهڻ جو زور ڀري ٿي پر سندس نظر ۾ لفظ هاڻي بي معنيٰ هئا. گوپي جڏهن گيتا کي رکي ويڻا وڄائي شاهه جون وايون کيس ٻڌائي ٿي ته سندس ويا ڪل من ويتر وڌيڪ وياڪل ٿي وڃي ٿو. هو وري جوڳين جي سٿ ڏانهن وڃڻ لاءِ پريشان ٿيئي ٿو. پادري الفنسو باريوسا، غريب پورچو گيز جا ماءُ پيءُ، ڪنهن وچڙندڙ بيماريءَ وگهي مري کيس ننڍپڻ ۾ ئي يتيميءَ جي حوالي ڪري ويندا آهن. کيس جهاز جو پادري سنڀاليندو آهي. جنهن کي هو پاپا چوندو آهي. هو مذهبي ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيئي ٿو. ڪٽر مذهبي ماحول کيس بغاوت ڏانهن اُڪسائي ٿو پر وري به پنهنجي عقيدي تي واپس اچي، پادري ٿيڻ جو ارادو ڪري ٿو ۽ طب سان گڏ جدا جد مذهبن جي تعليم حاصل ڪري لاهوري بندر ۽ پوءِ ٺٽي ڏانهن تبليغ لاءِ وڃي ٿو جتي گيتا نالي وئيشا، سندس تبليغ کان متاثر ٿي سندس ڌيءَ ٿي نيڪ زندگي گذارڻ لڳندي آهي. سارنگ به سنڌؤ وٽان مايوس ٿي وٽن پناهه اچي وٺندو آهي، پادريءَ جون ڳالهيون سندس تن من کي واسي ڇڏينديون آهن، هو زندگيءَ جي فلسفي تي سوچڻ تي مجبور ٿيندو آهي. اهڙيءَ ريت جهوڪ ۾ شاهه عنايت وٽ پهچي عشق جا درس حاصل ڪري ٿو، کيس ”همه اوست“ جو فلسفو سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. جهوڪ ۾ ساڻس ماڻڪ به ملندو آهي. کيس به سڪون جي تلاش هوندي آهي.
”ناول جي آخر ۾ شاهه عنايت جي شهادت جو بيان آهي، سندن درس و تدريس تي جهوڪ ۾ سڄي سنڌ مان قافلن جا قافلا اچي جمع ٿيندا آهن. اهڙيءَ ريت لڳندو آهي ته سڄيءَ سنڌ جو عوام شاهه عنايت سان گڏ آهي. سارنگ ۽ ماڻڪ به درويشن ۽ فقيرن سان گڏجي مغل فوج خلاف وڙهن ٿا ماڻڪ جنگ ۾ موڪلائي وڃي ٿو ۽ سارنگ، شاهه عنايت جي پيغام کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ۽ سندس دکايل دونهيءَ کي وسائڻ کان بچائڻ لاءِ، صدين جي سفر کي پار ڪرڻ جي همت ڪري جهوڪ مان نڪري ويندو آهي. ليکڪ مطابق ڪامل شاهه عنايت صوفيءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ نيڪ و صالح قوتن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ نيڪيءَ کي وڏي واڪي ٻڌائڻو آهي ته هيڏي وڏي سماج ۾ مان موجود آهيان“.

ناول جي ٻولي، علمي ۽ ادبي اهميت:
آغا سليم سنڌي ادب جو هڪ اهم ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار شمار ٿئي ٿو. سندس لکيل ڪهاڻيون يا ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي سونهن جا خزانا آهن. سندس ناولن تي راءِ ڏيندي حميد سنڌي چوي ٿو ته، “آغا سليم جا ناول سچائي ۽ سونهن جا شاهڪار آهن، منجهن لفظن جي خوبصورت جڙاءُ آهي. هو تاريخ جي اوٽ ۾ ماضيءَ کي حال ۾ ايئن بيان ٿو ڪري، جو ڄڻ ماضي اکين اڳيان ٿي ٿو اچي”. (1) ليکڪ شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي دور کي هڪ پياري اسلوب سان بيان ڪيو آهي. ناول جا ڪجهه حصا ته ٻوليءَ جي حسن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جا شمار ڪري سگهجن ٿا. ڪيترن هنڌن تي موقعي مطابق وڻندڙ بيتن ۽ دوهن جو استعمال آهي. بابا فريد جي شاعري، چارڻن جا ڏوهيڙا ۽ صوفي سيد زادي شاهه لطيف جا موقائتا بيت پيش ڪيل آهن. جيئن مثال طور:
رهيا اُتيئي رات، صبح ويندءِ صابري،
لونءُ لونءُ منجهه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات،
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري مسَ مِڙي.
جيس جيس مان ته جيڏيون، لالڻ آيو پيهي،
لالڻ آيو پيهي، ويڙا سور سڀيئي.

ناول جي موضوع ۽ ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ هيٺ ڪجهه حوالا ڏجن ٿا.
”همه اوست، سبحاني، ما اعظم شاني“، سارنگ سوچيو تصوف ڇا آهي؟ اڄ تائين هن جيڪو به علم پرايو هو سو پنهنجي هٺ ۽ انا لاءِ پرايو هو. همه اوست ڇا آهي؟ سبحاني ما اعظم شاني ڇا آهي؟ مان ڪير آهيان. منهنجو هن ڌرتيءَ جي ڌڪاريلن سان ڪهڙو رشتو آهي. اهو سارنگ ڪير هو؟ جنهن پنهنجي ويڙهيچن تي راتاها هڻي، طاقت سان سندن باغي ڪنڌن کي مغلن جي اڳيان جهڪايو هو“.
”غارِ حرا مان گونجندڙ آواز هن جي ڪن تي پيو، جنهن انسانن جي وچ جا سڀ ويڇا ميٽي ۽ ريٽي ڇڏيا، جنهن ڌرتيءَ تي ڪريل انسانن کي کڻي سيني سان لاٿو ۽ چيو ته حسب نسب، رنگ نسل، مال دولت ۾ ڪو ڪنهن کان مٿانهون نه آهي، سڀ انسان ڀائر آهن“. حضرت جنيد بغدادي چيو ته سبحاني، مااعظم شاني ته اهو ڪو سندس ذاتي انا جو آواز نه هو پر مظلوم انسانن جي اجتماعي انا جي عظمت جو اعلان هو.
”همه اوست جو آواز غارِ حرا مان اٿيل آواز جو پڙاڏو آهي، جنهن انسانن جي وچ جا سڀئي ويڇا ريٽي ۽ ميٽي ڇڏيا آهن. هن جي اندر ۾ الله جي عظمت گونجڻ لڳي. اهڙي عظمت جيڪا نسورو نينهن هئي. جنهن نينهن سان هن جو وجود ٽمٽار ٿي ويو ۽ هن ساري سنڌ ۽ سنڌ جي بکين ڏکين کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪيو“. (2)
”سائين! هڪڙو مسلمان صوفي ويراڳي آهي، ڏاڍيون عجب ڪوتائون ٿو چئي جوڳين جي سنگ ۾ گهمندو ٿو وتي. جوڳين جا ٽولا هن جا بيت ۽ وايون جهونگاريندا ٿا وتن“. (3) ”عورت مڙد جي رتبي تي نه پر محبت تي فخر ڪندي آهي. تون شهرت ۽ طاقت جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. اهڙا خواب ڏسڻ وارا ڏاڍا ڏک ڏسندا آهن ۽ ڏاڍا ڏک ڏيندا آهن. پنهنجي خوابن جي تعبير ماڻڻ لاءِ هر رشتي ۽ ناتي کي لتاڙي ۽ اورانگهي اڳتي وڌندا آهن“. اڳيان لکي ٿو ته، ”انسان ۾ پنهنجي پاڻ پوڄائڻ جي ڪيڏي نه خواهش آهي. ڪيئن نه ڀڳوان بڻجي پنهنجي پوڄا ٿو ڪرائي. ڀڳوان بڻجي نٿو سگهي نه ڀڳوان جو اوتار ٿو ٿيئي. رشي ٿو ٿيئي، ڪجهه نه ڪجهه ٿي پاڻ ٿو پوڄائي. لفظن جون ڪوڙڪيون ۽ اکرن جو ڄار اڻي ماڻهن جي ذهنن کي قيد ٿو ڪري. گوتم پنهنجن ڀڪشن کي چيو ته، ”ڪڏهن به ڪنهن سان بحث نه ڪجو ڇاڪاڻ جو سچائيءَ کي رد ڪرڻ لاءِ به ايڏائي وزني دليل موجود آهن. جيترا سچائيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ“ صفحي 48 تي لکي ٿو ته، ”سرمد کي چيائون ته ڪلمو پڙهه هو لااله چئي ماٺ ٿي ويو. قاضين چيس ته اهو ته انڪاري فقرو آهي. اڳتي اقراري فقرو ڇو نٿو پڙهين، سرمد جواب ڏنو مان اڃان انڪار جي منزل تي ئي چڱي طرح نه پڳو آهيان ۽ اوهين اقرار جي منزل جون ڳالهيون ٿا ڪريو ۽ قاضين هن کي اقرار جي منزل تي پڄڻ کان اڳ ئي شهيد ڪري ڇڏيو. تون به اڃا انڪار جي منزل تي آهين مان بحث ۽ دليلن سان توکي ان منزل تي شهيد ڪرڻ نٿو چاهيان. پاڻ اقرار جي منزل تي ملنداسين، شب بخير“ گوپيءَ جي واتان چورائي ٿو ته، ”مون کي ايئن لڳو ته ڪرشن ڀڳوان، گيتا مان نڪري مون کي سيني سان لاٿو، ميرا ٻائيءَ کي جي ڪنهن ماڻڪ جو موهه ملي ها ته هوءَ ڪڏهن به پنهنجو موهه ڀڳوان کي نه ارپي ها“.
”مون سوچيو پرارٿنا، پوڄا ۽ ڀڳتيءَ سان ڀڳوان جو موهه به ملي ٿو وڃي. تون ته ماڻهو آهين، تنهنجو موهه ڇو نه ملندو. پر اڄ خبر پيم ته پرارٿنا پوڄا ۽ ڀڳتيءَ سان ڀڳوان جو موهه ته ملي سگهي ٿو پر ماڻهوءَ جو موهه ملي نٿو سگهي. ماڻهو ءَ جو موهه يا مفت ملندو آهي يا مور نه ملندو آهي“. ”خداوند ۽ خداوند يسوع مسيح جو مندر ماڻهوءَ جو من آهي، دل ديول آهي تن ڪاشي، دل جي ديولن ۽ تن جي ڪاشيءَ ۾ تنهنجو ڪرشن ڀڳوان ۽ منهنجو يسوع مسيح رهندا آهن“. (4)
ماڻڪ چوي ٿو: ”سارنگ هاڻي خبر پيئي اٿم ته ڀڳوان ڇا آهي. مڪتي ڇا آهي، شانتي ۽ نرواڻ ڇا آهي، گوتم جي آتما کي به شايد مرڻ مهل اهڙي شانتي نه ملي هوندي، جهڙي مون کي ملي آهي. مان ناسٽڪ هيس ۽ مون ماڻهن جي ڏکن ۽ ماڻهن جي موهه ۾ ڀڳوان کي سڃاتو“.
”صوفيءَ سائينءَ پهرين ته انساني رت وهائڻ کان جهليو. پر جڏهن مغلن فصلن کي باهيون ڏنيون ۽ بي هٿيار هارين ناري، ڪمين ڪاسبين ۽ فقيرن ۽ درويشن جو قتلام ڪيو تڏهن صوفي سائينءَ بچاءُ جي جنگ وڙهڻ جي موڪل ڏني، ظلم برداشت ڪرڻ ۽ ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ به ته ظلم آهي“. ”جڏهن درويشن اسم اعظم جا نعرا هڻي فوج ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو. سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ فوج به جهوڪ جو ڪوٽ فتح ڪري نه سگهي ته اعظم خان شاهه عنايت ڏي قرآن موڪليو ۽ کيس قرآن جو واسطو ڏيئي پاڻ ڏي سڏايو، درويشن کيس جهليو ته پاڻ مرڪي چيائون“. ”اوهين سمجهو ٿا ته جيڪي اوهان سمجهيو آهي، سو مان نٿو سمجهان مان سڀ سمجهان ٿو. اسان کي اعظم خان نه سڏايو آهي. اسان کي پنهنجي پرينءَ پنهنجو ڪلام موڪليو آهي. مون جيڪا دونهين دکائي آهي. تنهن کي وسائڻ نه ڏجو. ڪڏهن ته اهي دونهيون مچي مچ ٿينديون“.
”سج ٻڏتر ۾ هو جو جلاد جي ترار وڄ وانگر وراڪو ڏنو ۽ شاهه عنايت جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي، سارنگ جي زال دانهن ڪري پنهنجي ٻارڙي کي سيني سان لاتو. ڀٽ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڇرڪ ڀري، مراقبي مان منهن مٿي ڪري آسمان ڏانهن نهاريو درويش دنبوري تي ضرب هنئي ۽ دانهن ڪئي “ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا”.(5) هن ناول جو موضوع منفرد، ٻولي خوبصورت ۽ جڙاءُ دار آهي. شاهه عنايت شهيد جي شهادت جي واقعي کي اثرانگيز نموني سان پيش ڪيو ويو آهي. ناول نگار تاريخي لحاظ کان مغلن جي دور جي سنڌ جي حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي.

حوالا:
(1) حميد سنڌي، ”دردونديءَ جو ديس“، نيو فيلڊس پبليڪيشن 2002ع، ص-15.
(2) آغا سليم، ”همه اوست“ نيو فيلڊس پبليڪيشن 2001ع، ص-126 ۽ 128)
(3) ساڳيو حوالو ، ص-29.
(4) ساڳيو حوالو ، ص-48 ۽ 95.
(5) ساڳيو حوالو، ص-84، 141، 143 ۽ 144.

پڙاڏو سوئي سڏ

1970ع جي نومبر ۾ سراج ميمڻ جو هيءُ ناول ڇپجي منظرعام تي آيو، جيڪو پڙهندڙن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. ”پڙاڏو سوئي سڏ“، سنڌي ادب جي تاريخي ناولن ۾ هڪ خاص حيثيت رکي ٿو، تاريخي ناول هوندي به هن ناول جو موضوع مخصوص تاريخي ناولن کان هٽي ڪري هڪ نئون موضوع آهي، ”جيئي سنڌ“ جي نعري سان سجايل هن ناول ۾ سنڌ جي سرزمين جي سڪ آهي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف جدوجهد آهي. سنڌ جي ترخان ۽ مغل ظالم دور جي پس منظر ۾ لکيل هڪ بلڪل نئين موضوع جو ناول آهي. سراج صاحب ناول جي پس منظر بابت ڄاڻايو آهي ته: ”سنڌ جي تاريخ هونئن ته هر مظلوم قوم جي تاريخ وانگر، ظلم جي داستانن سان ڀري پيئي آهي. پر ان تاريخ ۾ ترخانن جو دور سنڌ جي ماضيءَ جو بد ترين دور آهي. انهن ظلمن جي ردِ عمل طور سنڌين ڪينئن شورشون ڪيون. جن جو هڪ مقصد هو. هڪ آدرش هو، ان آدرش کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ئي مون ان کي ناول جي صورت ڏني آهي“. (2)
281 صفحن جي هن ناول جو پهريون ڇاپو، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1970ع ۾ شايع ڪيو ۽ ان کان پوءِ مستقل ڇپجندو رهيو آهي، ناول جو انتساب ”اڳوڻن، هاڻوڪن ۽ ايندڙ وقت جي سورهيه سوڍن جي نالي آهي“.
ڪهاڻي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جي شروعات ترخان امير خان ۽ سوڍل سنڌيءَ جي دوستيءَ تي ٿيئي ٿي. ٻئي ٺٽي ڏانهن اُسهن ٿا. جتي پورچوگيزن حملو ڪري تمام گهڻي تباهي آندي آهي. امير خان جهرڪ جو نائب عملدار رهڻ جي حيثيت سان، غنيمت جو مال کڻڻ چاهي ٿو. پر سوڍو کيس روڪي مال واپس سنڌين کي ڏئي ٿو. سياسي طور ته امير خان مڃي وڃي ٿو ۽ سوڍي کي پڳ مٽ دوست بڻائي ٿو. پر جڏهن چاچي وريام کي ٺٽي جي سيدن جي چونڪ تي ٽياس تي ٽنگيو وڃي ٿو ۽ سوڍل امير خان کان چاچي وريام جي جان بخشيءَ جي گهر ڪري ٿو تڏهن سندس انڪار تي سوڍل ڪاوڙجي لڙائي ڪري وريام کي ڦاهي گهاٽ تان ڇڏائي ايندو آهي ۽ پوءِ وري ڪڏهن امير خان جي چانئٺ نه ٽپندو آهي.امير خان کيس گهرائي پنهنجي محبوبه ليليٰ جو گانو ٻڌائي ۽ انگوري پياري داٻا ڏيندو آهي ته پنهنجي ڀاءُ کي سنڀال، هو امير ڪوڪلتاش ۽ ترخانن کي ٺٽي جي وچ بازار ۾ گاريون ٿو ڏي ۽ پنهنجي محافظ سليمان جي هٿان ڪاوڙ ۾ سوڍي تي حملو ڪرائيندو آهي. پر سوڍو سليمان کي خنجر ٽنبي ماري نڪري وڃي ٿو ۽ کيس خبردار ڪري ٿو ته منهنجي ڀاءُ جو نالو نه کڻجو. آخوند نور محمد مڪتبن، مدرسن ۽ مسجدن ۾ هڪ رهبر ۽ رهنما طور نوجوانن ۾ سجاڳي آڻي سنڌين کي ترخانن خلاف سمجهاڻيون ڏيندڙ آهي. جنهن ڪري سندس اڪيلي پٽ جانڻ کي ارغون امير ڪوڪلتاش کوه ۾ ابتو ٽنگائي ماري ڇڏي ٿو.

روپو مٺائيءَ واري جو پٽ بهادر ۽ سجاڳ نوجوان جو  ناٽڪ منڊلين جي ذريعي سنڌي نوجوان بهادرن کي دولهه درياهه خان ۽ شاهه بيگ ارغون ۽ ٻين جا ناٽڪ ڏيکاري همٿ ڏيارائيندو آهي، کيس به ماري سندس سسي ڍاڪونءَ ۾ ڍڪي پڻس ڏانهن موڪلي ويندي آهي. جانڻ جي عمر کي به ابتو کوه ۾ ٽنگي سڄي جسم تي ڏنڀ ڏيئي اکين ۾ اُماڙيون وجهي ماريو ويندو آهي. ڇو جو هن امير ڪوڪلتاش جي ماڻهن کي ان کڻڻ کان منع ڪئي هئي ۽ امير جي حرم لاءِ سنڌي ڇوڪريون ڏيڻ کان جواب ڏنو هو ۽ سندن ماڻهن کي ماريو هو.

سنگهار، عبدالله سوڍي جو پٽ، ارڏو ۽ البيلو هئڻ سان گڏ بي انتها جذباتي آهي، جڏهن ڀاڳل تي اڪن ڇڪن ٿو ٿيئي تڏهن سندس پيءُ ڀونگر سمي کان خود سڱ گهرڻ اڪيلو هليو ٿو وڃي ۽ نه ملڻ تي ڀاڳل کي کڻي ٿو اچي، جڏهن سنگتيءَ روپي جو دردناڪ قتل ٿو ڏسي تڏهن سندس قاتل امير خان جي پيءُ عامل کي پنهنجي سنگتين جي مدد سان ٽياس کوڙي ابتو ٽنگي ماري ٿو، جنهن جو رد عمل ترخانن جي طرفان شديد ٿيئي ٿو، هو سنڌين جي لوڙهن ۽ گهرن کي باهيون ڏين ٿا. پر سنگهار بدلي جي باهه ۾ ٻري بغاوت جون چڻنگون گهر گهر ۾ ٻاري ٿو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ جٿن جا جٿا تيار ٿو ڪري، سندس تيار ڪيل ٽوليون هيءُ بيت ٻار ٻار کي ياد ٿيون ڪرائين.

بديسي  بڇڙا،  ماري   ڪنداسين   مُڃ،
ڏونگرا ڏرندا ڏيهه ۾، لهندي سنڌوءَ اڃ،
نه ڪي پاپ نه ڪي پُڃ، ڏسندا ڏيهه ڌڻي!

جانڻ جي پٽ عمر جي شهادت مهل سندس چپن مان نڪتل جهيڻو ”جيئي سنڌ“ جو سڏ سندس ساٿ ٿي عرش تي ته اڏامي وڃي ٿو پر هر سنڌيءَ جو دل شگاف نعرو ۽ اندر جو آواز ٿي ٿو وڃي.

ڪوڪلتاش امير جي ٺٽي کي صحيح نه سنڀالڻ تي مرزا باقي، امير خان کي ٺٽي جو عملدار مقرر ڪري ٿو، جنهن جي ظلمن ٺٽي ۾ باهه ٻاري ڇڏي. ٺٽي جي چوسول تي سنڌين جا کل لٿل ٽنگيل لاش، آخوند صالح کي فارسي نه پڙهائڻ تي زوريءَ ڦاهي ڏيڻ، سنڌي شاگردن جون فارسي نه پڙهڻ تي ڄڀون ڪٽڻ، جهڙن واقعن ٺٽي جي مدرسن ۽ مسجدن ۾ خوف ۽ هراس جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. مسجدن ۾ عافيت جون دعائون گهريون ويون. مندرن ۾ پنڊت پرارٿنائون ڪرڻ لڳا. مرزا باقيءَ کي مرزا جان بابا ۽ شاهه قاسم ارغون جي بغاوتن جي خبر پوڻ لڳي ۽ کيس خبر هئي ته سڻڀيءَ سنڌ تي اڪبر بادشاهه به اچي ڪڙڪڻ وارو آهي. ان ڪري هن امير ڪوڪلتاش کي خط ڏيئي قنڌار موڪليو ته جيئن وڌيڪ ڪمڪ گهرائي. سنگهار ۽ جانڻ اهو خط حاصل ڪري آخوند نور محمد کي پهچائين ٿا ۽ اهڙيءَ ريت سنڌين جو هڪ وڏو لشڪر مرزا باقيءَ جي خلاف بغاوت ڪري ٿو. ٻڍڙي علوءَ جي سراءِ ۾ سوڍو پنهنجي نفس سان جوٽيل جنگ ۾ پريشان آهي. ليليٰ سندس دل ۽ دماغ تي سوار آهي. پر هو هيڻو ٿيڻ به نٿو چاهي ۽ سوچي ٿو ته ”آئون ايترو هيڻو ٿي ويو آهيان، جو هڪ ترخان عورت منهنجي دل و دماغ تي ڇانئجي ٿي وڃي. پوءِ آخر سنڌ ڪينئن ترخانن کان آزاد ٿيندي“. (3)
سنگهار به آخوند صالح جي قاتل مرزا باقيءَ کي ماري نه سگهڻ تي سخت پريشان ٿو ٿيئي، سندس معمولي نرمي ۽ جذباتيت مرزا جي ڀڄي وڃڻ جو باعث بڻجي ٿي. دادن ڪيئين سال لاهور، دهليءَ ۽ آگري ۾ رهي مغلن کي ترخانن جي سنڌ تي ڪيل ظلمن کان آگاهه ڪندو رهندو آهي ۽ اڪبر بادشاهه سان ملاقات ٿيڻ کان اڳ سندس ملاقات مغل حسينه زيبا سان ٿيئي ٿي. جيڪا حضور خان مجاهد جي ڌيءُ آهي ۽ زيبا دادن جي ملاقات پنهنجي والد سان ڪرائيندي آهي. هو سندس بهادري ڏسي کيس زيبا جو رشتو آڇيندو آهي. پر دادن کيس پنهنجو قسم ٻڌائيندو آهي ته سندس وچن آهن ته جيستائين سنڌ آزاد نه ٿيندي شادي نه ڪندو. اهڙيءَ ريت دادن زيبا کي انتظار جي آس ۾ وجهي موڪلائي ٿو.
امير خان پنهنجي پيءُ جو بدلو وٺڻ لاءِ ۽ ليلي کي سنڌيءَ کان بچائڻ لاءِ سوڍي جي وڏي ڀاءُ سنگهار جي اکين ۾ ٻرندڙ شيخون وجهي هميشه لاءِ کيس نابين ڪري ڇڏي ٿو. ترخانن جي لشڪرن ۾ مڪليءَ تي خونريز لڙائي لڳندي آهي. مرزا باقي ۽ مرزا جان بابا جي اقتدار جي جنگ ۾ به سنڌي ۽ سنڌ تباهه ٿيندا آهن. سوڍو چاچي علوءَ ۽ سنگت سان گڏ ڪينجهر ڏي رخ ڪري  ٿو. رستي ۾ ليليٰ جي ڏوليءَ کي روڪائيندو آهي ۽ کيس ڏسي جيئن سنڌ جوسوچي ٿو ته، تيئن ئي دل تي دماغ حاوي ٿي ويندو اٿس ۽ هو پنهنجي نفس سان جوٽيل جنگ جو انت آڻي ليليٰ کي خنجر هڻي ماري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي ڪميت تي لانگ ورائي کيس هٿ ڦيريندي چوندو آهي. “منهنجي جنگ ته پوري ٿي هاڻ اچ ته سنڌ جي جنگ ڇيڙيون“.

سوڍل، صادق سومري سان گڏ مغلن جي لشڪر تي راتاهو هڻي ٿو. لکن جي فوج کي هزارين سنڌي منهن ڏيڻ لاءِ اچن ٿا. سوڍو، ترخان امير خان جي لشڪر مان زخمي نابين ڀاءُ سنگهار ڇڏائي اچي ٿو پوءِ سڀني سنڌين جي راڄن، دادن ۽ ٻين ساٿين جي همراهي سان جڏهن مغلن کي منهن مقابل ٿو ٿيئي ته ڄڻ لڳي ٿو سڄيءَ سنڌ مان سوڍا ”جيئي سنڌ“ جي نعرن جي گونج ۾ ميدان ۾ لهي آيا آهن. انهيءَ لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته: ”سوڍو هڪ سمنڊ هو جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان، وڳر واهڻ مان، شهرن، وستين مان، ساگر ڦٽي تيز ڌارائن جي روپ ۾ سمائيندا ٿي ويا. سوڍل اصل ۾ دولهه درياخان آهي، جنهن الله سائين کان جنت ۾ گهمندي، هي وچن ورتو ته منهنجي جيجل سنڌڙي کي ويري ورائي ويا آهن. مون کي وري ڌرتيءَ تي جيئندان ڏي“.

سيوهڻ جي قلعي تي شهنشاهه اڪبر جي فوج کي سنڌين همت سان مُنهن ڏنو ۽ سندن رسد بند ڪري ڇڏيو. ناول جو آخري سترهون باب دکدائڪ ۽ متاثر ڪندڙ آهي جنهن ۾ سوڍل اڪيلو پنهنجي لشڪر سان مغلن جو مقابلو ڪري ٿو کيس اهو ڏک اندر ۾ وڍ وجهي ٿو ڇڏي ته هر سنڌي پنهنجي راڄ جو ٿو سوچي منجهن ٻڌي ڇو نه آهي؟ پر تنهن هوندي به ڪافي ساٿي ساڻس گڏ ”جيئي سنڌ“ جي نعري سان خود کي قربان ڪن ٿا ۽ آخر تائين سڀ وڙهندي شهيد ٿي ٿا وڃن. ليکڪ جي نظر ۾ سنڌ جي سوڍن ۽ سنگهارن جي لاءِ سنڌ صرف هڪ آواز ۽ نعرو نه آهي بلڪه تن من جو تياڳ آهي. هن ناول ۾ سنڌي سورهيه، سرويچن جون سنڌ لاءِ ڏنل قربانيون ۽ بهادريءَ جا ڪارناما پيش ڪيا ويا آهن ته اندروني طور اهو ڄاڻايو ويو آهي. ساده لوح سنڌي قوم هر هڪ تي ڀروسو ۽ اعتبار ڪرڻ ۽ مهمان نوازيون ڪرڻ پويان اڪثر خود کي نقصان پهچايو آهي. سنڌي قوم کي اعليٰ قيادت جي ۽  منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي، زندگيءَ جي آسائش ۽ اقتدار تي هرکجي سنڌ کي قربان ڪرڻ جي بجاءِ سوڍي، سنگهار ۽ دادن وانگر گهرن تڙن، مال متاعن ۽ محبتن کي قربان ڪرڻو آهي. ناول جي ٻوليءَ ۽ موضوع کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه حوالا هيٺ ڏجن ٿا.

”اڳي سنڌ ۾ قنڌاري ڪونه هئا، پنهنجا هئا، ڌاريان، پراوا، اوپرا ڪي به نه هئا. جنهن به فارسي ٿي ڳالهائي سو سرڪار جو مائيٽ هو“.

”سنڌي جيسين خيام، حافظ ۽ روميءَ کي نه پڙهندا تيسين هو بغات کان ڪونه مڙندا“. (4)

”رات ننڊ جي سهيلي ٿي سڏجي، پر جن نيڻن ۾ سنڌ وسي تن ۾ ننڊ ڪٿي! سنڌ پنهنجي آزاديءَ لاءِ سوين راتيون اوجاڳا ڪڍي جاڳي جاڳي پنهنجي سور ويرن سورمن کي به سمهڻ نٿي ڏنو. ساڻيهه جاڳي ته سانگيئڙن کي ننڊون ڪٿي“؟

”سنڌ آزاد هئي ته چانڊوڪيون راتيون به آزاد هيون، سمهڻيءَ نماز کان پوءِ ننڍا نيٽا وڃي ميدانن ۾ ونجهه وٽيون ۽ ٻيلهاڙا کيڏيندا هئا. پر جڏهن کان قنڌاري ڪڙڪيا هئا ۽ سنڌ غلام ٿي هئي. تڏهن کان چنڊ کڻي ڪهڙا به سورنهن سينگار ڪري سمهڻي نماز کان ئي اڳ سڀ ٽڙي پکڙي ويندا هئا“. (5)

موضوع جي حوالي سان هن ناول جو موضوع سنڌ جي سرزمين جي سڪ آهي ناول تاريخي هئڻ جي حيثيت سان ترخان حاڪم مرزا محمد باقيءَ جي حڪومت واري ان دور جو آهي. جڏهن حاڪمن جي ڏاڍاين کان تنگ ٿي عوام بغاوت ۽ آزاديءَ جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي. مرزا جاني، مرزا عيسيٰ ترخان جو پٽ هو جنهن سنڌ تي 19 سال حڪومت ڪئي. ان وقت اڪبري فوجن به سنڌ تي حملا ڪيا. گهرو لڙائين ۽ ٻاهرين حملن نه صرف عام زندگي وهه ڪئي پر خود محمد باقيءَ به 993ع ۾ تلوار پيٽ ۾ ٽنبي پنهنجو انت آندو. سنڌين جي تحريڪن ۾ انتظامي صلاحيتون هوندي به مڪمل طور نه هيون. جذبو ۽ جوش وڌيڪ هو، وسيلا گهٽ هئا. ڪجهه ڄڻا مغلن جي دخل اندازيءَ ۽ ترخانن کي تڙي ڪڍڻ جا حامي هئا. پر ڪجهه سمجهدار انهيءَ خيال جا هئا ته هڪ غلاميءَ کان ٻيءَ غلامي ۾ وڃڻ پڻ خود هميشه جي غلاميءَ جو اهڃاڻ آهي. انهيءَ ڪشمڪش ۽ تحريڪ کي موضوع بنائي، تاريخي واقعن کي جيڪي اڻ پورا هئا. ناول نگار پنهنجي تخيل سان لاڳيتو سلسلو ڪري پيش ڪيو آهي. ليکڪ نه صرف سنڌي سڀيتا ۽ ماحول جو مطالعو بيان ڪيو آهي. پر ترخانن جي عياش ۽ ظالم زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي منظر ڪشي ڪرڻ جي به ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. پلاٽ جي ضرورت مطابق واقعن ۽ ڪردارن جي گهڻائيءَ ناول جي دلڪشيءَ کي متاثر به ڪيو آهي ۽ بيان ۾ ڪٿي ڪٿي تسلسل قائم رکڻ ۾ ناول نگار کي مشڪل پڻ پيش آئي آهي. پر جيئن ته تاريخي ناول کي ناول نگار ٻڌل ۽ پڙهيل واقعن ۽ تخيل جي آڌار تي تخليق ڪندو آهي. ان لحاظ کان هو هڪ اهڙي دور جو ترجمان ٿيندو آهي. جنهن جو کيس تجربو نه هوندو آهي. پوءِ يقيناً ڪجهه اوڻايون به رهجي وينديون آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن تسلسل ٽٽي ويندو آهي. روسي مشهور اديب ٽالسٽاءِ جي جڳ مشهور تخليق (War & peace) ۾ صفحن جا صفحا بي ڪار ڳالهين سان ڀريا پيا آهن، جنهن جي ڪري وليم سامرسٽ جهڙي مشهور ناول نگار ۽ ٽالسٽاءِ جي قدردان اها راءِ ڏني آهي ته ”ايئن ٿو لڳي ته ناول جي آخر تائين پهچندي ٽالسٽاءِ کي پنهنجي ڪردارن سان ڪابه دلچسپي نه رهي آهي“. (The word’s greatest novels P 278) حالانڪه ان ريت نه هوندو آهي هر ناول نگار کي پنهنجي ڪردارن سان گهڻي محبت هوندي آهي. پر اهو اصل ۾ ناول جي طويل صنف هئڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ جو پنهنجي مقصد کي واضح ڪرڻ تي ڌيان وڌيڪ هئڻ جي ڪري ٿيندو آهي. ليکڪ جو مقصد ۽ پيشڪش اهم آهن. جيڪڏهن سندس ڏنل پيغام اثرائتو پهچي ٿو وڃي ته هو ڪامياب ليکڪ آهي. ناول نگار هن ناول ۾ ڪافي ڪردار تخليق ڪيا آهن پر خاص طور دادن، سنگهار، سوڍل، زيبا، ڀاڳل ۽ ليليٰ آهن، سنگهار ۽ سوڍل جا ڪردار مضبوط، جانٺا ۽ قدآور آهن. محنت ڪش ۽ پورهيت هئڻ سان گڏ، سوڍل لوهار بهادريءَ سان گڏ تنظيمي صلاحيتون رکندڙ هڪ بهترين اڳواڻ آهي، سنگهار هٺيلو ۽ جذباتي آهي. آخوند نور محمد ۽ آخوند صالح جن جي گنڀير شخصيتن مان سنڌي سٻاجهڙا علم ۽ سمجهه جو فيض ٿا پرائين، سندن مڪتب ۽ مدرسا ڄڻ سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن. جيڪي سجاڳيءَ جي لهر ٿا آڻين. ليکڪ ٻيا به ڪردار تخليق ڪيا آهن. پر سڀئي اڀري نٿا اچن باقي روپي جو ڪردار ڪجهه دير لاءِ هئڻ جي باوجود نه وسرندڙ آهي. ڪردار نگاريءَ ۾ سوڍل، سنگهار ۽ دادن جي دشمنن جي حملن ۾ کين ڪٿي ڪٿي سپر نيچرل حيثيت ڏني ويئي آهي. دادن جي دهليءَ جي سفر ۾ ڪجهه واڌاءُ پڻ شامل آهي. سوڍل جي حالتن کان بيزاري ڪجهه وقت لاءِ ناول ۾ ڪشش جهڪي ڪري ڇڏي ٿي. ڪجهه واقعا ۽ ڪردار شدت سان اُڀري ڪلائيميڪس تي پهچي وڃن ٿا. سنگهار جو گهر ٻار کي ڇڏي تن من مقصد تي قربان ڪرڻ، سوڍل جو ليليٰ جي عشق ۾ چريو ٿي نيٺ نفس سان جنگ جوٽي سنڌ جي مقصد لاءِ ليليٰ کي خنجر هڻي ماري ڇڏڻ اهميت وارا عمل آهن. اهي سڀ سوچون ۽ عمل اهو تاثر ٿا ڏين ته واقعي اڳوڻا، هاڻوڪا ۽ ايندڙ وقت جا سرويچ ۽ جوڌا اهي آهن، جيڪي صرف سنڌ جي سرزمين جي آزاديءَ لاءِ زنده رهن ۽ ساڻيهه جي سڪ کي اهميت ڏين. جيڪي مال، متاع، حسن ۽ عشق کي قربان ڪن، تَنَ مَنَ سان ۽ سچيءَ دل سان ملڪ جي لاءِ گڏ ٿين. صرف گڏ ٿيڻ جي تنظيمي صلاحيتن جي سچي جذبي جي ضرورت آهي. هن ناول ۾ سليس ۽ عام فهم ٻولي ڪتب آندل آهي، ڪجهه لفظ خاص ناول جي وقت ۽ دور جي حساب سان استعمال ٿيل آهن، جيئن موئرو مچڻ، سُنهن، مسيت، نينڍ وغيره. پهاڪن ۽ اصطلاحن جو استعمال هنڌائتو ۽ شانائتو آهي، جيئن ”سانن جي ويڙهه ۾ ٻوڙا لتاڙجڻ“، ”ڪتي جي اڳيان هڏي ڏيڻ“، ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“، ”ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري“، ”اوڀاريون لهواريون ڪرڻ“ ۽ ٻيا آهن. ناول ۾ ٻوليءَ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي. آخر ۾ ڀلنامون به ڏنل آهي. ته جيئن لفظ پنهنجي اصليت ۽ معنويت سان صحيح سمجهه ۾ اچن.
”پڙاڏو سوئي سڏ ۾ جذبات جي هم آهنگي موجود آهي، واقعات جو تسلسل ۽ معرڪن جي اپٽار اهڙي ٿيل آهي، جو ناول جي انهن حصن کي منظر نگاريءَ جا بهترين مثال سڏي سگهجي ٿو، هيءُ هڪ شاهڪار سنڌي ناول آهي“. (6)
مطلب ته سراج ميمڻ جي هن ناول ۾ تاريخي پس منظر جي حوالي سان سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي هڪ هنڌ پروڙيو ويو آهي ۽ ان تناظر ۾ سنڌي قوم کي محبت، محنت، همٿ، قومي غيرت ۽ وطنيت جي جذبي سان گڏ قومي ٻڌيءَ جو پيغام ڏنو آهي، هيءُ ناول ”سنڌيت جو سڏ“ آهي جنهن ۾ ڪيترائي سبق  سمايل آهن.

حوالا:

(1) ابڙو جمال، (پيش لفظ) ”پڙاڏو سوئي سڏ“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1970ع، ص-12.
(2) ميمڻ، سراج الحق، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1970ع، (ص-8 )
(3) ساڳيو حوالو، ص-100.
(4) ساڳيو حوالو ، ص-56 ۽ 76.
(5) ساڳيو حوالو ، ص-32 ۽ 245.
(6) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2002ع، ص-104.

ڀاڱو چوٿون: سنڌي افسانه نويسي

---

افساني جي صنف جو تعارف

افسانو يا “Short Story” ادب جي گھڻي مقبول صنف آهي. نثر ۾ افساني جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ يا افسانو ادب ۾ ڪهڙيءَ طرح رائج ٿيو ۽ ان جو ارتقا ۽ ڦهلاءُ ڪهڙي ريت عمل ۾ آيو؟ سنڌي افساني جو فني قالب يا جديد سانچو ڪهڙيءَ ريت ترتيب ٿيو. انهيءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ هن باب کي ڊيگھ ۾ آڻڻو پوندو. مٿين سڀني سوالن کي مختصراً ڄاڻائڻ لاءِ افساني جي صنف جو تعارف ۽ سنڌي افساني جي ابتدا ۽ ارتقا سان گڏ مشهور سنڌي افسانن، افسانوي مجموعن ۽ افسانه نگارن جو ڪجھ بيان ڏجي ٿو. افسانو ڇا آهي؟ انهيءَ لاءِ ڏنو وڃي ته ماهرن هن صنف کي هيٺئين ريت بيان ڪيو آهي. آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ جديد افساني جي وضاحت هن ريت ٿيل آهي.

Short Story, a story, usually about imaginary characters and events. That is short story enough to be read from beginning to end without stopping.

(Oxford, Advanced Learner’s Dictionary Sixth New Edition P-1187)

مولوي فيروزالدين ”فيروز الغات“ ۾ هن ريت لکيو آهي.

افسانه، داستان، قصه، ڪهاڻي، جهوٽي بات، سرگزشت، طويل بات، ذڪر مذڪور، چرچا. (صه، 103)

لغوي لحاظ کان افسانو هڪ ڪهاڻي يا ڳالھ آهي، جنهن جو واسطو زندگيءَ سان آهي، جديد افسانو فني جُزن سان جڙيل آهي ۽ اهو فن داخلي، روحاني ۽ خارجي هئڻ سان گڏ عوامي پڻ آهي. هيءُ قديم صنف داستان مان فني قالب ۾ بدلجڻ کان پوِ افسانو ٿي سامهون آئي. پروفيسر وقار عظيم "داستاں سے افسانے تک" ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”مشرق کان مغرب تائين چين، جپان، يونان، اٽلي ۽ فرانس ۾ افسانو پنهنجي تاريخ هزارين سالن کان بيان ڪري ٿو“.

پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ موجب ”دنيا جي هر ٻولي جو نثري ادب ڪهاڻيءَ کان شروع ٿيو آهي، هر ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيءَ جي شروعات ڏند ڪٿائن کان ٿي آهي“ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مقالي ”آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۾ لکيو آهي ته: ”افساني جي فن کي عيسوي سن کان اٽڪل چار هزار سال اڳاٽو تسليم ڪرڻ کپي، افساني جي اوائلي لکتن ۾ جادوگرن جون ڪهاڻيون ۽ انسان جو مقصد جي حاصلات لاءِ عجيب ۽ غريب تدبيرون نظر اچن ٿيون“، محققن موجب افسانو قديم آکاڻي يا داستان جي اوائلي صورت آهي. جديد افساني جي باري ۾ ماهرين جي راءِ هن ريت آهي:

ايڊگرايلن پو موجب ”افسانو اها مختصر ڪهاڻي آهي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي هڪ ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ پڙهي سگهجي“، ڌن پت راءِ منشي پريم چند کي هندي ۽ اردو افسانه نگاريءَ جو ابو سڏيو ويندو آهي، پريمچند موجب ”افسانو زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ پهلو ۽ جذبي کي اظهار ڪري ٿو“.

شيخ اياز ”جي تند برابر توريان“ ۾ ”ڪهاڻي جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته، ”هيءَ زندگي ئي هڪ ڪهاڻي آهي، هڪ عجيب و غريب ڪهاڻي جنهن جو صفحو صفحو روئاري ۽ کلائي، رُسائي ۽ منائي، منجهائي ۽ سمجھائي ٿو. ان جي سٽ سٽ ۾ يا ته ڪتڪتائي آهي يا چهنڊڙي يا ٿڦ يا ٺوڪر، ايئن کڻي چئجي ته هيءُ زندگي گھڻيون ئي ڪهاڻيون آهي، ٻئي پاسي هر هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي جھلڪ آهي ان جي غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرميءَ جي ترجماني آهي“. (صه، 45)

”سهڻي امر جليل نمبر“ ۾ ڏنل انٽرويو ۾ امر جليل ڪهاڻيءَ کي هن ريت واضح ڪيو آهي. ”ڪهاڻي اظهار آهي زندگيءَ جي غم، خوشي، ڏک، سک، ڪاوڙ، رحم، انتقام، نفرت ۽ محبت جي ڪروڙين گھڙين مان هڪ گھڙيءَ جو جيڪا ڪهاڻي زندگيءَ جي انيڪ گھڙين مان فقط هڪ گھڙي، انيڪ آزمائشن مان فقط هڪ آزمائش ۽ انيڪ حادثن مان فقط هڪ حادثي جي عڪاسي ڪري ٿي سا فني طرح Short story يعني ڪهاڻي سڏي سگهجي ٿي“. (صه، 208)

افسانو ادب ۾ قديم وقت کان رائج آهي. هيءَ نثري صنف، قصن ۽ آکاڻين جي روپ ۾ شروع ٿيل آهي، جنهن ۾ انساني سوچن جا ٻاهريان ۽ اندروني اثر شامل آهن. هنن ڪائنات تي ويچاريو آهي. جانورن جي تمثيلن، جھنگن، ندين ،نالن، سمنڊن، دريائن، جبلن جي چوٽين ۾ ڪائناتي مشاهدي ۽ مطالعي سان گڏ سندن ذاتي وهم وسوسا، ويچار، سوچون خوشيون ۽ غميون ظاهر ٿي آکاڻين جي صورت ۾ نروار ٿيون، جن ۾ نصيحت جا نڪتا ۽ وندر هئي ته سماج جي تصوير هئي. اهي جنگي داستان، عشقيه يا رومانوي آکاڻيون، منظوم قصا، حڪايتون اڳيان هلي جديد افسانوي قالب ۾ تبديل ٿيون، جن ۾ زندگيءَ جو حقيقي رنگ آندو ويو ۽ آکاڻيءَ کي مختصر ڪهاڻيءَ ۾ تبديل ڪري هڪ منفرد ۽ مختلف ادبي صنف ٺاهيو ويو آهي. جيڪا تحقيق پُراثر هئڻ سان گڏ نثر جي سونهن، فڪر ۽ فائدي کان هڪ ڪارآمد صنف آهي.


افساني جو فن

افسانو، داستان يا آکاڻيءَ جي سڌريل صورت آهي ۽ ناول جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هڪدم ئي جديد افسانه نويسيءَ جو فن شروع ٿيو. (ناول فني سببن جي ڪري افساني کان الڳ صنف شمار ٿئي ٿو، جو داستان جي مافوق الفطرت ماحول کان هڪ مختلف شيءِ ٿي انساني زندگين جو بيان ٿي سامهون آيو، زندگين جي ترجماني ڪندڙ هن ادبي صنف کي گھڻي موٽ ملي ۽ شروعاتي دور ۾ طويل ناول به لکيا، ڇپيا ۽ مقبول ٿيا). سائنسي ترقين، مهاڀاري لڙاين ۽ ٻين تبديلين جي ڪري جڏهن ادبي صنفن ۾ هڪ نئين شيءِ ”افسانو“آيو ته عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو، جنهن جو اهم سبب افساني جو مختصر ۽ اثرانگيز هئڻ هو، افسانو آسانيءَ سان ڇپجڻ جي ڪري هر اخبار ۽ رسالي جي زينت بنجڻ لڳو، وقت جي ڪميءَ سبب پڙهندڙ هن نئين صنف کي سٺي موٽ ڏني.
شروعاتي دور جو افسانو آکاڻيءَ وانگر آهي، پر مختصر هئڻ سبب انهيءَ کي به افسانو شمار ڪيو ويو، جيئن ته جديد ٽيڪنيڪ صحيح نموني اڀري سامهون نه آئي هئي، جديد افساني تائين پهچڻ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ کي گھڻو سفر نه ڪرڻو پيو، جلد ئي اديبن هن صنف ۾ ڪافي تجربا ڪيا افساني کي مڪان، زمان ۽ عمل جي اتحاد سان حقيقت جا رنگ ڏنا ويا، ڪردارنگاريءَ جو توازن رکيو ويو، زندگيءَ جي هڪ پهلوءَ کي بيان ڪندڙ هن تحرير جي آغاز، انجام ۽ تاثر کي خاص اهميت ڏني وئي. نثري ادب جي هن لازوال صنف کي سونهن عطا ڪرڻ لاءِ پوري دنيا ۾ گھڻائي تجربا ڪيا ويا آهن. امر جليل چواڻيءَ ته، ”دنيا ۾ ڇٽيهن موضوعن تي ڇٽيھ لک ڪهاڻيون لکجي چڪيون آهن“. جديد افسانو انساني سماج جي روز مره جي زندگي ۽ انساني ڪردارن جو اثرائتو عڪس آهي. فني تجربن سان مختلف افسانا وجود ۾ آيا جيئن خط و ڪتابت وارا افسانا، ڊائريءَ وانگر افسانا، مڪالماتي افسانا، تاثراتي افسانا، ڪردارنگاريءَ سان واڳيل افسانا، بياني افسانا، ٻوليءَ جي سونهن سان سجيل افسانا، مونو لاگ وارا افسانا مطلب ته زندگيءَ جي ڪيترن ئي پهلوئن کي انوکن طريقن سان افسانه نويسيءَ ۾ آندو ويو آهي.

اهو چئي سگهجي ٿو ته مختصر افسانو ادب ۾ هڪ مضبوط ۽ سگهاري صنف آهي جيڪا 19 صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروع ۾ جديد روپ ۾ نروار ٿي آهي. هن ۾ ايڪانيت ۽ مواد جي ترتيب اهم آهن گڏ تاثر ۽ اختصار افساني جون اهم خوبيون آهن غير ضروري واڌ ۽ غير فطري  ڪردارنگاري ۽ مڪالما افساني جي ٽيڪنيڪ جي خلاف آهن. ڇو ته اثرائتي ڪهاڻي هميشه سٺي “Treatment” سبب وجود ۾ ايندي آهي افساني جي صنف خوبين ۽ انفراديت سبب پوري دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ اهميت واري آهي.

سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ جي اوسر

سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ جي شروعات آکاڻيءَ کان ٿي سنڌي الف-ب ٺهي راس ٿيڻ کان پوءِ پرڏيهي ادب جي ترجمن، ڏيهي لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن کي لکت ۾ آندو ويو. سنڌيءَ ۾ دنيا جي اهم قصن ۽ داستانن کي ترجمو به ڪيو ويو آهي. جيئن ”چندر ڪائتا“، ”طلسم هوشربا“، ”الف ليلى“، ”داستان امير حمزه“، ”حاتم طائي“، ”چار درويش“، ”گُل خندان“، ”ممتاز دمساز“، ”گل بڪاولي“، ”بهرام گور“ وغيره. اصل قصا، سنسڪرت، هندي، اردو، عربي ۽ فارسي جا آهن. جن جو ترجمو دنيا جي سڀني علمي زبانن ۾ موجود آهي. پهريون قصو جيڪو سنڌيءَ ۾ لکيو ويو اهو ڏيهي قصو ”سورٺ راءِ ڏياچ“ هو. انهيءَ کان پوءِ ”مفيد الصبيان“ ميران محمد شاھ (اول) لکيو ۽ ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ ۽ ٻيا قصا لکيا ويا، ديوان ڪوڙيمل، اڌارام، مرزا قليچ بيگ، نانڪرام، ڌرمداس، لالچند امر ڏنو مل ۽ ٻين ڪجھ ننڍيون آکاڻيون لکيون.
1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ افسانو ”شريف بيگم“ لکيو لعل چند امر ڏنو مل ”ڪشنيءَ جا ڪشٽ“ ۽ ”ڏکن ڏڌي زندگي“ لکيا. محمد صديق مسافر جون تاريخي ڪهاڻيون، ”زيب النسا“ ۽ ”چاند بيبي“ شايع ٿيون. پير حسام الدين جو افسانو ”انارڪلي“ لطف الله بدويءَ جو ”غريبت“، عبدالله عبد جو ”اسڪول ماسترياڻي“، امر لعل هنڱوراڻيءَ جو ”ادو عبدالرحمٰن“ مشهور افسانن ۾ شمار ٿين ٿا. ادو عبدالرحمٰن انگريزي ۾ به ترجمو ٿيو. (ادو عبدالرحمٰن هڪ اهڙي شاهد جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي صاف گوئيءَ عدالت ۾ ٿرٿلو وجھي ڇڏيو). سندس ٻين افسانن ۾ ”ڏس ڏيو م ته ڪٿان لڀندي“، ”هي به رانجھو سنڌي رمز“، ”رام ۽ رحيم“، ”گوليءَ جو گناه“ آهن، عثمان علي انصاري اوائلي افسانه نگارن ۾ هڪ اهم نالو آهي. ”پنج“ جي عنوان سان سندس ڪهاڻيون شايع ٿيون. جن ۾ ”ململ جو چولو“ مشهور ڪهاڻي آهي، مرزا نادر بيگ جي افسانن ۾ ”موهنيءَ جي ڊائري“، موهنيءَ جي دل جو داغ“، ”موهنيءَ جي آھ“، ”ڀاڄائيءَ مضمون لکيو“ آهن، آسانند مامتورا جو نالو به اهم آهي، سندس ڪهاڻي ”ڳنوارڻ“ انعام يافته آهي. هيءُ ليکڪ جنسيات تي لکندڙ جي حيثيت سان ليکيو ويو آهي، سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”آرسي“ ۽ ٻيون آکاڻيون آهن.
سنڌي افسانوي ادب جو پهريون آکاڻي نما دور 1851ع کان 1925ع تائين شمار ٿئي ٿو. جنهن ۾ ڪجھ آکاڻيون ۽ پوءِ افسانا لکيا ويا. 1925ع کان پوءِ جو ٻيو دور 1947ع تائين ۾ پرڏيهي ۽ ڏيهي ٻولين جي ادب جو اثر سنڌي ادب تي آيو. افساني جي ٽيڪنيڪ ٺهڻ لڳي ترجما ٿيڻ شروع ٿيا. اصلوڪا سٺا افسانا لکيا ويا. موضوعن ۾ وسعت آئي، ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون اڳيان آيون. جن افسانه نويسيءَ کي هٿي ڏني ۽ مجموعا شايع ٿيا. پهريون افسانن جو مجموعو لطف الله بدوي جو ”دستهءِ گل“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن کي اين.ايڇ پنجابي ڪمپني ڪراچي شايع ڪيو. انهيءَ کان پوءِ ”پنج گنج“، ”سرد آهون“، ”پرھ ڦٽي“ شايع ٿيا. پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه 1945ع ۾ ”مرڪندڙ اکيون“، 1947ع ۾ ”تاريخي افسانا“ جي عنوان سان مجموعو شايع ٿيو. ”ريگستاني ڦول“ گوبند مالهي، ”سفيد وحشي“ شيخ اياز، ”گلشن عبرت“ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا مجموعا شايع ٿيا. انهيءَ کان سواءِ به چند مجموعا مختلف پبليڪيشن ڇپايا.
افسانه نويسيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي، سندر ساهتيه، سک ٽرئڪ سوسائٽي، ڊي.جي سنڌ ڪاليج جو ”سنڌ سرڪل“ امر لعل جو ”ڦلواڙي“، ”آشا“، ”ساقي“، ”پرھ ڦٽي“، ”ڦليلي“، ”جيوَن ڪلا“، ”ڪهاڻي“، بولچند راجپال جو مخزن ”سنڌو“ 1932ع ۽ ٻيا ڪيترائي هفتيوار، ماهوار مخزن ۽ رسالا هئا، جن ڪهاڻيءَ کي اڳتي آندو، جن ليکڪن هن صنف ۾ لکيو انهن ۾ مرزا قليچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائي، پير حسام الدين راشدي، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالله عبد، ڪوڙيمل، لالچند امرڏنو مل، آسانند مامتورا، حشو ڪيولراماڻي، شيخ عبدالستار، محمد خان غني، نورالدين سرڪي، امر لعل هنڱوراڻي، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، پرمانند ميوارام، خان چند درياڻي، ايشورچندر، سڳن آهوجا، گوبند مالهي، ڪشن کٽواڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ترجمي جي لحاظ کان به هن دور ۾ ڪافي ترجما ٿيا، ادبي دنيا ۾ جديد افساني کي اڳيان آڻڻ ۾ پرڏيهي افسانه نگارن جو وڏو ڪمال آهي، جن ۾ ايڊگرايلن پو، موپاسان، بالزڪ، اوهينري، چارلس ڊڪسن، گوگول، چيخوف، ڊبيو ڊبليو جيڪب، ترگنيف، ڊبليو سامرسٽ مام، ۽ ٻين ڪيترن ئي وڏن فنڪارن افساني کي تجربن جي ڀٽيءَ مان لنگھائي نون اصولن ۽ سونهن سان اڳيان آندو، جنهن جو اثر سنڌي افساني تي آيو.
اردو ادب ۾ افسانه نويسيءَ جي شروعات جي باري ۾ ڊاڪٽر انور سديد لکي ٿو ته: ”اردو ادب ۾ پهريون افسانو، سجاد حيدر بلدرم جي ترجمو ٿيل، افساني سان شروع ٿيندو نظر اچي ٿو. جيڪو 1901ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ سلطان حيدر جوش، پريم چند، (پريم چند جا شروع جا افسانا گھڻي قدر ٽئگور جي ڪهاڻين جا ترجما آهن). علي عباس حسيني، جليل قدوائي، احمد شجاع، سعادت حسين منٽو، غلام عباس، عصمت چغتائي، حجاب امتياز علي، شفيق الرحمان، قراّة العين حيدر، حاجره مسرور، زاهده حنا، اشفاق احمد، انتظار حسين، خديجه مستور، انور سجاد ۽ ٻين ڪيترن ئي ترقي پسند، رومانوي، تجريدي ۽ علامتي افسانا ۽ افسانن جا مجموعا اردو ادب جي سونهن بنايا“.
هاڻي ڏٺو وڃي ته سنڌي ۽ اردو افساني جو اهو دور لڳ ڀڳ ساڳيو ٿو بيهي، سنڌي افساني تي ٻاهرين ادب جو گھڻو اثر ٿيو. 1925ع کان 1940ع جو سنڌي افساني جو دور ترجمي جو دور شمار ڪري سگهجي ٿو. هن دور ۾ اردو، هندي، بنگالي ۽ ٻين ٻولين جي افسانن جا بي حساب ترجما ٿيا. خليل جبران، پريمچند گورکناٿ، ڪرشن چندر، احمد نديم قاسمي، سعادت منٽو، خواجه احمد عباس ۽ عصمت چغتائي، رابندر ناٿ ٽئگور، ابراهيم جليس ۽ ٻين جي افسانن جا ترجما، جڳت آڏواڻي، ميلارام، منوهرداس، چوهڙمل، ديو سڀائي، گوبند مالهي، پارومل ۽ هري آشا ڪيا، ڪوڙيمل بنگاليءَ مان به ڪافي ترجما ڪيا، شيوڪ موٽواڻي، ٽئگور جي افسانن کي، ڪلياڻ آڏواڻي، آسڪروائيلڊ جي افسانن کي، نانڪرام ڌرم داس مير چنداڻي، منشي پريم چند جي مشهور افسانن ”پريم بتيسي“ ۽ ”پريم پچيسي“ کي سنڌي ويس ڍڪايو.
هن وقت ۾ طبعزاد افسانا به لکيا ويا ۽ موضوعن تي به سٺي گرفت رهي، هندو مسلم فساد، هندو مسلم اتحاد، قوميت، مذهب، آزاديءَ جو تحريڪون، عالمي جنگيون، معاشي بدحالي ۽ ٻيا انيڪ موضوع هئا ۽ سنڌي سماج جي مسئلن سان گڏ بين الاقوامي ادب جي اڀياس جي نتيجي ۾ ڪجھ مختلف موضوع پڻ سامهون آيا. 1947ع کان پوءِ جو افساني جي دور سنڌي ادب ۾ گھڻي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ خاص طور 1950ع کان 1985ع جو دور افساني جو سونهري دور سمجهڻ گھرجي مجموعي طور سنڌي افسانوي ادب، سنڌ جي تاريخ آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ماحول، ثقافت، خيالن ۽ ويچارن جا اولڙا پسجن ٿا. 1947ع کان پوءِ جي افساني ۾ لڏپلاڻ جون حالتون، ذهني ڇڪتاڻ، مذهب ۽ قوميت شروع ۾ ته ظاهر هئا پر پوءِ نوان موضوع، نوان لاڙا، نيون سوچون، نيون راهون هن ادبي صنف لاءِ تيار ٿيون. موضوعن ۾ ڪراچيءَ جو سنڌ کان جدا ٿيڻ، سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون، ون يونٽ جو ٺهڻ ۽ جمھوري حڪومتن جو قائم ٿيڻ ۽ وچ ۾ مارشلائي وقت، اديبن ۽ ليکڪن سان سختيون، اشاعتن تي پابنديون، وارنٽ ۽ جيلون، هڪ اهڙو سياسي ۽ سماجي ڏاڍاين جو دور آيو، جو هڪ بهترين مزاحمتي ادب تخليق ٿيو. غيرت، سجاڳي، سرڪشي ۽ خودداريءَ سان گڏ پرڏيهي ادب جي اڀياس ۽ وطنيت جي جذبي سان جيڪو افسانوي ادب ٺهيو سو بين الاقوامي ادب جي مقابلي ۾ بيهارڻ جي لائق ٿي بيٺو، جنهن ۾ ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون اڳتي آيا. سڀ کان پهرين مرڪزي حڪومت طرفان 1950ع ۾ ماهنامه ”نئين زندگي“ جاري ٿيو. 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ قائم ٿيو، 1955ع ۾ ”ٽه ماهي مهراڻ“ رسالو جاري ٿيو. سنڌي ادبي سنگت نوجوان اديبن جي طرفان قائم ٿي. 1956ع ۾ ”سنڌ سنگت“ هڪ باقائده صورت اختيار ڪئي. جنهن سان وڏو انقلاب آيو.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد موجب ته، ”1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، افساني ۾ لفاظيءَ کان وڌيڪ مقصديت ڏانهن توجه ڏنو ويو. سنڌي افساني کي نوان موضوع مليا ۽ افسانو پنهنجي سمورين بلندين سان لکجڻ ۾ آيو. جنهن ۾ پراڻن توڙي نوجوان ليکڪن گڏجي سٺو ملهايو“. (صه، 126)
سنڌي ڪهاڻيءَ جو مزاج سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ڪلاسن کان پوءِ وڌيڪ نکريو ۽ سنوريو سنگت جي ادبي ڪلاسن ۾ افسانا پڙهيا ويندا هئا، اديب ۽ نقاد انهن تي تبصرا ڪندا هئا. انهيءَ سان ڪهاڻي لکڻ، بيان ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جوعمل تيز ٿي ويو. ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ هڪ قسم جي Competition (مقابلي) جي فضا پيدا ٿي، ڪيترائي افسانا لکيا ويا، ڪيترائي مجموعا ڇپيا، ڊاڪٽر شاد هر سال جي حساب سان ڇپيل مجموعن جو جيڪو تعداد پنهنجي مقالي ۾ ڄاڻايو آهي، انهن ۾ 1947ع کان 1987ع تائين جو وچور، لڳ ڀڳ ٽن سون افسانوي مجموعن تي مشتمل آهي، هيءُ دور سنڌي افسانه نويسيءَ جو ڪامياب دور شمار ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي افساني جي اوسر“ کي ڄاڻائيندي هن دور جي لاءِ لکيو آهي ته: ”موجوده وقت مختصر افساني جو دور سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ لکيل اڪثر افسانا اسان جي ادب جو بيحد قيمتي سرمايو آهن، جن جي مطالعي سان هن خطي جي اهم خصوصيت سنڌي ماحول جي جھلڪ ۽ هتي جي فطري، سياسي، تاريخي، قومي، سماجي ۽ اقتصادي لاڙن جو پتو پوي ٿو“.
جن ليکڪن هن دور ۾ افساني کي اڳيان آندو، انهن ۾ شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، جمال ابڙو، جمال رند، اياز قادري، غلام رباني آگرو، سراج الحق ميمڻ، نجم عباسي، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، حميد سنڌي، طارق اشرف، رسول بخش پليجو، عبدالحق عالماڻي، عبدالقادر جوڻيجو، نور عباسي، زيب ڀٽي، محمد ابراهيم خليل، شيخ حفيظ، رشيد ڀٽي، ساقي سجاولي، علي احمد بروهي، ڪروڙ پتي، بشير مورياڻي، رشيد آخوند، مدد علي سنڌي، علي بابا، طارق عالم، بادل جمالي، مشتاق شورو، اخلاق انصاري، رزاق سهتو، نور گھلو، قبول ابڙو، عبدالحق عالماڻي، قاضي خادم، مراد علي مرزا، علي انور ابڙو، محمد علي پٺاڻ، رفيق سومرو، پرويز ابڙو، ممتاز بخاري، حسيب ڪانهيو، ابراهيم کرل، اڪبر سومرو، ستار پيرزادو، رحمت پيرزادو، منظور جوکيو، رضوان گل، ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، زينت عبدالله چنا، ثميره زرين، رشيده حجاب، خيرالنسا جعفري، ماهتاب محبوب، نورالهدى شاھ، فهميده حسين، ج.ع منگھاڻي، تبسم ماهتاب قريشي، تبسم گل، سحر امداد، تهمينه مفتي، سيما عباسي، زاهده تاج  ابڙو ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. هندوستان ۾ موهن ڪلپنا، پوپٽي هيراننداڻي، ڪلا پرڪاش، تارا ميرچنداڻي، هيرو شيوڪاڻي، برج موهن، اُتم ۽ سندري اتم چنداڻي، ڪرشن کٽواڻي، لعل پشپ، ڪيرت ٻاٻاڻي، موهن ديپ، اندرا شبنم، ريٽا شهاڻي، وينا ۽ ٻين سنڌي افساني کي ڪامياب ڪيو. جن رسالن ۽ اخبارن ورهاڱي کان پوءِ هن صنف کي ترقي ڏياري انهن ۾ نئين زندگي، ٽه ماهي مهراڻ، روح رهاڻ، سرتيون، اديون، مارئي، سوجھرو، سهڻي، ڪينجھر، سارنگ، شعور، پارس، پروڙ ساڃھ، برسات، پيغام، تحريڪ، آرسي، اڳتي قدم، ڪهاڻي، عبرت مئگزين، روزاني ڪاوش، عبرت، هلال پاڪستان، سنڌ ايڪسپريس، سوڀ، عوامي آواز ۽ ٻيون اخبارون ۽ رسالا اچي وڃن ٿا.
جيڪي افسانوي مجموعا ورهاڱي کان پوءِ شايع ٿيا انهن ۾ ڪجھ ترجما آهن ته ڪجھ اصلوڪا، ڪي هڪ ئي ليکڪ جا آهن ته ڪجھ وري مختلف ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون گڏي ترتيب ڏيئي ڇپايون ويون آهن. جيڪڏهن انهن سڀني جو تفصيلي وچور ڏبو ته ڪم از ڪم 500 سئو کان مٿي ٿيندا، هتي مختصراً ڪجھ مشهور مجموعن جا نالا ذڪر ڪجن ٿا. ترتيب ڏنل مجموعا ”سنڌي ڪهاڻيون“، قاضي عبدالرزاق، ”مهراڻ جون ڇوليون“ ثميره زرين، ”سڀ رنگ“ گلزار علي خواجه، ”چونڊ اسلامي ڪهاڻيون“ رشيد صابر، ”بهترين سنڌي ادب“ شمشيرالحيدري، ”قيمتي ڪهاڻيون“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ”عظيم ڪهاڻيڪارن جون عظيم ڪهاڻيون“ فيروز ميمڻ، ”عظيم سنڌي ڪهاڻيون“ نبي بخش کوسو، ”چونڊ سنڌي افسانا“ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”چونڊ افسانا ۽ ڪهاڻيون“ اسدالله ڀٽو، ”ٽيهن سالن جون چونڊ ڪهاڻيون“، ”بهترين ڪهاڻيڪارن جون بهترين ڪهاڻيون“، ”يادگار ڪهاڻيون“، ”دنيا جا عظيم افسانا“ طارق اشرف، ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ بادل جمالي، ”چونڊ ڪهاڻيون“ قمر شهباز، ”ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون“ مراد علي مرزا، ”ڪهاڻي نمبر“ دائود بلوچ.
ترجمو ٿيل مجموعن ۾ ”چونڊ آمريڪي افسانا“ سراج ۽ غلام رباني، ”سپون“ فضل احمد بچاڻي، ”ليلى جا خط“ محسن ڪڪڙائي ”پرڏيهي ڪهاڻيون“ پريم نانڪ رام، ”دنيا جا عظيم افسانا“ رشيد ڀٽي، ”وارن جي سنوار تائين“ زيب ڀٽي، ”زندگيءَ ڏي موٽ“ مقصود گل قاضي، ”اگهاڙي“ عمر، ”هنگريءَ جون ڪهاڻيون“ زيب سنڌي، ”چونڊ ترڪي ڪهاڻيون“ بشير مورياڻي، ”چونڊ نوبل ڪهاڻيون“ ممتاز بخاري ۽ حبيب ساجد، ”سڃاڻپ جي ڳولا“ طارق عالم ابڙو ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون ترجمو ٿيل آهن.
طبعزاد ڪهاڻين جي مجموعن ۾ اهم هي آهن، ”سفيد وحشي“ شيخ اياز، ”پشو پاشا“ جمال ابڙو، ”آبجيات“ غلام رباني، ”بلو دادا“ اياز قادري، ”اي درد هلي آءُ“، ”اٺون ماڻهو“ سراج ميمڻ، ”شبنم شبنم، ڪنول ڪنول“، ”چوٽيهون در“، ”ڊمي“ نسيم کرل، (هاڻي هيءُ ڪهاڻيون هڪ ڪتاب ۾ ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ جي عنوان سان آهن). ”دل جي دنيا“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”ٽيون وجود“، ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”سنڌو منهنجي ساھ ۾“، امر جليل، ”سمنڊ اُپسمنڊ“ قاضي خادم، ”ڊاڪ بنگلو“ شيخ راز، ”سوکڙي“، ”اباڻو گھر“ ڊاڪٽر جبار جوڻيجو، ”طوفان جي تمنا“، ”پٿر تي ليڪو“، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“، ”ايڏو سور سهي“ ڊاڪٽر نجم عباسي. ”جلا وطن“، ”ڪربلا“ نورالهدى شاھ، ”پسي ڳاڙها گل“ رسول بخش پليجو، ”اداس واديون“، ”ويريون“، ”سيمي“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”راڻا جي رجپوت“ حميد سنڌي، ” ڌرتيءَ ڌڪاڻا“، ”آيل ڙي اولاڻا“ علي بابا، ”گيت اڃايل مورن جا“، ”آءٌ اها ئي مارئي“، ”روشن ڇانورو“، ثميره زرين، ”چانديءَ جو تارون“، ”پرھ کان پهرين“، ”لهر لهر زندگي“، ”مٺي مراد“ ماهتاب محبوب، ”واٽون راتيون ۽ رول“، ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ عبدالقادر جوڻيجو، ”عبرت ڪده“ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ”هاري ڪهاڻيون“، ”هاري انقلاب“ حيدر بخش جتوئي، ”پنهل کان پوءِ“، ”جي تند برابر توريان“ شيخ اياز، ”چنڊ جا تمنائي“، ” ڌرتي روشن آهي“ آغا سليم، ”نئون شهر“، ”رات جا نيڻ“، ”رات منهنجي روح ۾“، ”اونداها رستا ۽ دونهاٽيل گھٽيون“، ”سٺ ستراسي“ غلام نبي مغل، ”سونهن پٿر پيار“، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“، ”بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا“ طارق اشرف، ”حويليءَ جا راز“ ماڻڪ، ”ٿڪل جذبن جو موت“ مشتاق سومرو، ”الزام“، ”اوڙاھ“ حليم بروهي، ”مورتي“ زيب ڀٽي، ”من جي پاتال مان“ طارق عالم ابڙو، ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ زيب سنڌي، ”ڪشمڪش“ سليم ڪورائي، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ نور گھلو، ”پيار جي گھُٽ“ الطاف شيخ، ”رهيل قرض“ ظفر حسن، ”پُل تي ويٺل ماڻهو“ ڪيهر شوڪت، ”سڪون ڪٿي آهي“ رزاق مهر، ”اڌوهي“ رزاق سهتو، ”پهرين جنوري“ انور ابڙو، ”گم ٿيل ماڻهوءَ جو سفرنامو“ جان خاصخيلي، ”جرڪندڙ جسم اداس راتيون“ ابراهيم کرل، ”حليمان“ رسول ميمڻ ۽ ٻيا انهيءَ کان سوءِ هندوستان ۾ پڻ ڪافي مجموعا شايع ٿيا آهن.

افساني ۾ ڪهاڻيڪارائن جو حصو

”ورهاڱي کان اڳ مسلمان عورت، هندو عورت جي مقابلي ۾ ڪجھ حد تائين تعليمي لحاظ کان پوئتي هئي بلڪه ڏٺو وڃي ته ننڍي کنڊ ۾ عورتن جي تعليم تي گھٽ توجھ هئي. مسلمان ليکڪن ۽ رهنمائن خاص طور مولانا عبيدالله سنڌي، علامه دائود پوٽو، عبدالواحد سنڌي، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين عورتن جي تعليم کي همٿايو، زناني تعليم جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتائون، تحرير توڙي تقرير کان سواءِ اسڪولن کولڻ ۽ نينگرين کي اسڪول موڪلڻ طرف همٿايو ويو. ”مدرسة البنات“ ۽ ٻيا اسڪول قائم ٿيا ۽ هن ڏس ۾ ڪافي ترقي ٿي، تعليم حاصل ڪيل عورتون علم ۽ ادب جي ميدان ۾ آيون، انهيءَ دور ۾ بيگم بادام ناتوان، بيگم زينت عبدالله، روشن مغل، خديجه خانم دائود پوٽو ۽ ٻين جا نالا آهن. 1947ع کان اڳ سنڌي مسلمان عورتون علم ادب جي ميدان ۾ خاص گھٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. 1947ع کان پوءِ جن عورتن ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، ناول ۽ افسانا، مضمون ۽ مقالا لکيا انهن ۾ ڪافي نالا اچي وڃن ٿا. افسانوي ادب ۾ خاص طور بيگم زينت عبدالله چنا (رسالي ”مارئي“ جي سنڀاليندڙ هئي). رشيده شيخ، زيڊ.اي شيخ، رشيده حجاب، مريم نوحاڻي، اقبال پروين سومرو، خيرالنساء جعفري، مس عصمت انصاري، ثريا ياسمين، جمليه نرگس، ماهتاب محبوب، فريدا مغل، انيس تبسم، ذڪيه دريشاڻي، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر درشهوار سيد، ثمرين جوڻيجو، تنوير جوڻيجو، مس جماڻي، نوالهدى شاھ، ليلى بانا، زهره انصاري، تبسم ماهتاب قريشي، زبيده ميتلو، خالده سومرو، فهميده ميمڻ، (سگھڙين سٿ، هلال پاڪستان جي سنڀاليندڙ هاڻي ڊاڪٽر فهميده حسين). شبنم گل، نذير ناز، انيس انجم جوڻيجو، گلبانو سلطانه ۽ ٻين ليکڪائن افسانا لکيا. عورتن مختلف اخبارن ۽ رسالن جيئن نئين زندگي، مهراڻ، سهڻي، ۽ روح رهاڻ کان علاوه خاص عورتن جي رسالن مارئي، سوجهرو ۽ اديون ۾ گھڻو لکيو، اڄ به ڪيتريون اڀرندڙ ڪهاڻيڪارائون لکي رهيون آهن. پروفيسر تنوير جوڻيجو عوتن جي تحريرن تي راءِ ڏيندي ڪتاب ”عوت سماج ۽ ڏاڍ“ ۾ لکيو آهي ته، ”شروع دور جي ليکڪائن جي قلم ۾ پختگي ۽ ٻوليءَ جو استعمال ڪجھ حد تائين مناسب هو، پر جذبي ۽ شوق جي رواني هئي. مٿن اردو ادب جي رومانوي، افسانوي ادب جنهن ۾ رضيه بٽ، وحيده نسيم، اي.آر خاتون، زبيده خاتون ۽ ٻين جي افسانن ۾ اردو رسالن ”حور“ ۽ ”زيب النساء“ جو اثر هو“.
اڳيان هلي عورتن جي افسانن ۾ حقيقت نگاريءَ جو لاڙو آيو، جنهن ۾ عورت اديبه مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي، سنڌي عورتون باشعور آهن. سندن تحقيقي، تخليقي ۽ ادبي ڪاوشون علم ادب جو حصو بنجي سندن تعليم، تربيت ۽ شعور ڄاڻائين ٿيون، عورتن جي افسانن تي شروع ۾ بيشڪ اردو ادب جو ڪجھ اثر هو، پر پوءِ سنڌي سماج جي مسئلن کي افسانه نگار عورتن کولي بيان ڪيو آهي. خيرالنساء جعفري جي ڪهاڻين ۾ ڪردار جي نفسياتي ڪيفيت ظاهر آهي. سندس ڪهاڻين ”تخليق جو موت“، ”پيڙا جو پڙلاءِ“، ”قربتون ۽ فاصلا“، ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ اهم آهن. ڊاڪٽر جبار جوڻيجو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ خيرالنساء جي ڪهاڻيءَ جي لاءِ لکي ٿو ته: ”سندس بيان ڪٿي ڪٿي بي ربط آهي مڪمل بامحاوري واري زبان نه ٿي لکي پر سندس بياني انداز جديد آهي“. (صه، 147)
تبسم ماهتاب قريشي، نورالهدى شاھ ۽ تنوير جوڻيجو لاءِ لکيو اٿن ته ”کين مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ۽ لکڻ جي اهليت حاصل آهي. (صه، 171). ڊاڪٽر مجيد ميمڻ سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس ۾ نورالهدى شاھ کي جنسيات تي لکندڙ ليکڪا سڏيو آهي، جنهن جاگيرداراڻي دور جي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار ٿيندڙ عورت تي لکيو آهي. (صه، 188)
نورالهدى شاھ پنهنجي تحرير تي هن طرح راءِ ڏني آهي، ”منهنجي هر ڪهاڻي منهنجو اڻ پورو سپنو آهي، منهنجي انيڪ ڪهاڻين جو ڪردار آئون پاڻ به آهيان، ڪهاڻي پوري ٿيڻ تائين مون انهيءَ ڪردار جا سمورا ڏک ڀوڳيا آهن. آئون ادب ۾ بي ادبيءَ جي قائل ڪانه آهيان پر سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي آهي انهيءَ کان انڪار به نٿو ڪري سگهجي. لکڻ مهل مون عورت بڻجي ڪونه لکيو آهي، محض هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ لکيو آهي“. (جلا وطن/مهاڳ) نورالهدى موجب هن ٻارهن سالن جي عمر ۾ عصمت چغتائي ۽ منٽو کي پڙهيو کيس لکڻ لاءِ اتساھ ڏيندڙ هلال پاڪستان ڪراچي جو ”سگھڙين سٿ“ جو صفحو هو.
بيگم زينت عبدالله ”مارئي“ رسالي جي جاري ڪندڙ 1947ع کان پوءِ پهرين سنڌي عورت ڪهاڻيڪار هئي، جنهن عورتن جي تحريرن کي اهميت ڏياري. ماهتاب محبوب، سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو نالو آهي. ماهتاب جي افسانن، مضمونن ۽ سفرنامن ۾ پهاڪن ۽ شعرن جو استعمال ۽ لفظن جي چونڊ متاثر ڪندڙ آهي. ثميره زرين شهري پس منظر ۾ ڪهاڻيون لکيون سندس ڪهاڻين ۾ رومانوي مزاج ملي ٿو سندس ڪردار حسن خير ۽ نيڪيءَ جا مجسما آهن، جن ۾ فريال، نوري، غزاله، بانو، ، نازو وغيره آهن، رشيده حجاب 1964ع کان 1975ع تائين ڪجھ ڪهاڻيون لکيون جيئن ”رهزن“، ”چنڊ چور تارا ٺڳ“ وغيره.
عورتن جي افسانوي مجموعن ۾ تنوير جوڻيجو ”عيبن هاڻي“، ”امرت منجھ ڪڙاڻ“، زبيده ميتلو ”نرڳ“، سڪينه ميمڻ ”درد جا رشتا“، نورالهدى شاھ ”جلاوطن“، ”ڪربلا“، ”رڻ ۽ رڃ جو اتهاس“، ماهتاب محبوب ”چانديءَ جو تارون“، ”پرھ کان پهرين“، ”مٺي مراد“، ”لهر لهر زندگي“، ثميره زرين ”گيت اڃايل مورن جا“، ”دل ۾ درد هزار“، ”روشن ڇانورو“، شبنم گل ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ ۽ ٻيا افسانوي مجموعا شامل آهن. هند جي ليکڪائن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شهاڻي ۽ ٻين سٺو لکيو آهي. اهو چئي سگهجي ٿو ته عورتن سنڌي ادب ۾ افسانه نگاريءَ ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي، هن وقت جي ليکڪائن سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر وٽن موضوعن جي اڃان کوٽ آهي. موجوده دور جي ليکڪائن لاءِ ضروري آهي ته اهي موضوعن تي توجھ ڏين ۽ ٻوليءَ جي وسعت جو خيال ڪري لفظن جو خزانو سانڍي پوءِ قلم سان ڪاغذ تي افسانه نگاري جا حسين رنگ پکيڙين، مختصراً جائزي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ڪهاڻيڪارائن جو ڪم مڃڻ جوڳو آهي.
افسانه نگاريءَ ۾ طنز و مزاح: افساني ۾ جن ليکڪن مزاح نگاري طرف توجه ڏني انهن ۾ محمد حسين ڪروڙپتي، قلب علي ٽڪلو، نور عباسي، غلام رسول ڪلهوڙو، رشيد ڀٽي، علي احمد بروهي، عبدالحليم بروهي ۽ عبدالفتاح صديقي طنز و مزاح جي رنگ ۾ لکيو. جنهن ۾ سماج جي ڪيترن پهلوئن تي ادبي نموني سان چٿر ڪيل آهي. امر جليل به طنز و مزاح کي اهميت ڏني آهي. محمد عثمان ڏيپلائي جي افسانن ۽ ناولن ۾ مزاح جي خوبي ملي ٿي. حليم بروهي جي مزاح ۾ ٽوٽڪا ۽ لطيفا به شامل آهن. ليکڪائن ۾ ماهتاب محبوب مزاحيه ته نه لکندي آهي ليڪن سندس ڪجھ پهاڪا ۽ جملا ٺهڪندڙ هوندا آهن، جن سان سماج جي اوڻاين کي طنزيه نموني ظاهر ڪيو ويو آهي.
افسانه نگاريءَ جي سنڌي ادب ۾ اهميت: افسانو يا Short Story سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جي حامل صنف آهي، مٿي ڏنل تفصيل مان اندازو ٿئي ٿو ته ورهاڱي کان پوءِ جيترا افسانا يا افسانن جا مجموعا سنڌي ادب ۾ شايع ٿيا. ايترا ڪتاب ٻيءَ ڪنهن به صنف ۾ شايع نه ٿيا، سنڌي افساني کي ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جي افسانوي ادب جي مقابلي ۾ بيهاري سگهجي ٿو.

افساني ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي

سنڌي ڪهاڻيڪارن سنڌي سماج جو گھرو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي ڀنڊار سان مختلف موضوعن تي شاندار ڪهاڻيون لکي، افساني جي صنف کي ڪاميابي عطا ڪئي آهي. سماجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي افسانن لکڻ جي ڪوشش ٿي آهي. ممڪن آهي ڪجھ موضوع سهڻي نموني سامهان ٿي نه آيا هجن  پر مجموعي طور سماج جون ريتون، رسمون، اوڻايون، چڱايون، وطنيت، سياست، تاريخ، مذهب ۽ قوميت کي بيان ڪرڻ سان گڏ وڏيرن، جاگيردارن، هارين، ڌاڙيلن، ڪامورن، پيرن، مريدن جي ماحول ۽ ٻين سماجي ڪشمڪشن جا نقشا چٽيا ويا آهن. مطلب ته افساني جتي ڳوٺن جي مسئلن کي بيان ڪيو آهي، اُتي شهرن جي رهائش جو به ڳوڙهو مطالعو پيش ڪيو آهي. لوئر ۽ اپرڪلاس جي طبقن کي کولي ڄاڻايو آهي. هندو افسانه نگارن هندو سماج جي مسئلن، ڏيتي ليتي، جيئري تي جيئري شادي، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، وڌوائن جي مسئلن ۽ ٻين زندگيءَ جي رخن کي پيش ڪيو آهي.
سنڌي ڪهاڻي 1950ع کان پوءِ انقلابي، قومي ۽ آدرشي ٿي ظاهر ٿي، پر 1990ع تائين ڪجھ ماٺار اچي ويئي پراڻا قلمڪار گھٽ لکي رهيا هئا. نوَن کي اتساھ ته آهي پر کين رهنمائيءَ جي ضرورت آهي پر هاڻي وري به ڪجھ ليکڪ سٺو لکي رهيا آهن. هن دور ۾ سنڌي افسانو لکيو ضرور وڃي پيو جنهن ۾ سنڌي ماحول جي تصوير به آهي ته سماج تي ڪڙي تنقيد سنجيدگي ۽ طنز و مزاح سان ڏنل آهي. سڀ کان اهم ڳالھ ته ٻولي ۽ موضوعن تي توجھ پڻ ٿيئي پئي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ جي حوالي سان شروع دور بابت ليکڪن جا رايا هن ريت آهن:
حميد سنڌي ”دردونديءَ جو ديس“ ۾ لکي ٿو ته: ”ورهاڱي کان اڳ واري ڪهاڻي سماجي ۽ سياسي فڪر سان ڀريل هئي پر ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جا ٻوليءَ ۽ ادب جا قدر ته ساڳيا هئا پر گھرجون ٻيون هيون، سنڌي ڪهاڻي سنڌي نوجوان نسل جي وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام خلاف جاکوڙ جي تاريخ آهي. سنڌي ڪهاڻي ڏاڍ، ڏمر، وڏيراشاهي ۽ ڪامورا شاهيءَ جي تصوير چٽڻ سان گڏ مهاڏي اٽڪائڻ واري همت ۽ اميد جا ڪيترائي ڪرڻا ڦهلايا آهن. (صه، 13).
ڊاڪٽر الانا موجب ته: ”سنڌ جو موجوده ادب سنڌ جي سماجي ۽ عوامي زندگيءَ جي عڪاسي آهي ۽ ان جي چٽي تصوير آهي سنڌي افساني ۾ سنڌي زبان محبوب آهي. اڄ سنڌي افساني ۾ حقيقي واقعن جو ذڪر آهي. بين الاقوامي مسئلن جو وستار آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڪيتريون ئي پرڏيهي ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيون آهن“. (صه، 50)
معنى ته سنڌي پراڻي يا نئين ڪهاڻي سنڌي سماج جي جھلڪ آهي، جنهن ۾ اڃا وڌيڪ ترقيءَ جي هن دور ۾ ضرورت آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي مستقبل جي باري ۾ منهنجي نوَن ڪهاڻيڪارن کي گذارش آهي ته هو پراڻن فنڪارن جي فن جو اونهو اڀياس ڪن. افساني جي فن جي ريتن ۽ رمزن کان واقف ٿين. ڏيهي ٻولين جي افسانوي ادب جو گھرو جائزو وٺن، لفظن جو چونڊ تي ڌيان ڌرين، امر جليل چواڻيءَ عمل ڪن ته ”مان اياز، جويي ۽ ٻين وڏن ليکڪن کي بار بار پڙهندو آهيان ته ٻوليءَ جي وسعت جي ڄاڻ پوي ۽ لفظن جي چونڊ ۾ آساني ٿئي“، ڏٺو وڃي ته واقعي لفظن جي سٺي چونڊ، تازگي ۽ نواڻ سان دل ۽ دماغ کي معطر ڪري ٿي، سنئين سڌي سنڌي لکڻ، گرامر جو خيال ڪرڻ، ڇڙواڳ ڪهاڻيءَ بدران، رٿي سوچي سمجھي لکڻ، نوان موضوع اختيار ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظن جي استعمال کان پاسو ڪري ۽ افساني جي اصولن تي ڪم ڪرڻ سان ئي سٺو افسانو وجود ۾ ايندو.

افساني ۾ جديد لاڙا

جيئن زماني ۾ تبديلي، ارتقا جو اصول رهي آهي، اهڙيءَ ريت ادب ۾ به تبديليون اينديون رهنديون آهن. هاڻي ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ سان گڏ ٻين به ڪيترن مختلف لاڙن کي ادب ۾ مشاهداتي ۽ مطالعاتي عمل جي موجب پرکيو پيو وڃي. ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جي ادب جي اڀياس سان اهي لاڙا سنڌي ادب ۾ به آندا ۽ مشاهدو ڪيا پيا وڃن. سنڌي افساني ۾ رومانيت سان گڏ سماجي اصلاح ۽ سياست به شامل هئي پر پوءِ منجهس جدت ۽ حقيقت پسنديءَ جو دور آيو ۽ هاڻي قديم ڪهاڻي کان جديد ڪهاڻي نوَن رنگن روپن سان نروار ٿي آهي. موجوده ڪهاڻيءَ تي مطمئن هوندي آغا سليم هن ريت راءِ جو اظهار ڪيو آهي، ”سنڌ ۾ نوَن ليکڪن جو نئون نسل پيدا ٿيو آهي، جن وٽ نئين ڏات، نئون ڏانءُ، نوان آدرش، ٻوليءَ جون پنهنجو واهپو ۽ پنهنجو اسلوب آهي، انهيءَ جي ڀيٽ ۾ منهنجيون هي ڪهاڻيون ٻولي توڙي طرزِ احساس جي لحاظ کان مدي خارج آهن پر مان انهن مان ڪنهن هڪ ڪهاڻيءَ کي به ڊس اون نٿو ڪيان، ڇاڪاڻ جو اهي پنهنجي دور جي سچائين جون احساساتي دستاويز آهن ۽ مونکي پلئه پايو ڪچ آڇيندي لڄ نٿي اچي“.
آغا سليم هڪ وڏو ڪهاڻيڪار آهي، اها ته سندس ذاتي راءِ نوَن ڪهاڻيڪارن لاءِ آهي جنهن ۾ انڪساري به آهي ته اعتراف به آهي، پر حقيقت ۾ آغا سنڌي افسانوي ادب ۾ شعور جي رو “Stream of Consciousness” جو جديد لاڙو سڀ کان پهرين آندو. شعور جي رو سندس ذاتي تجربن جي ڀٽيءَ مان پچي ناولن ۽ افسانن جو حصو ٿي آهي. اها نواڻ اهو فني تجربو سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ آغا جو ڪمال آهي. سندس ڪهاڻين ۾ رومانويت به آهي ته جماليت به آهي. حفيظ شيخ جي ڪهاڻين ۾ رومانويت روايتي انداز سان آهي ته امر جليل رومانويت سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ کي به آندو آهي. حقيقت نگاري مختصر ڪهاڻيءَ جو اعلى روپ آهي جنهن کي نسيم کرل، امر جليل، جمال ابڙي ۽ ٻين اڳيان آندو. جديد دور ۾ ڪي نوان لاڙا آيا آهن جن ۾ خاص هن ريت آهن، اشاريت يا علامت نگاري، ظاهريت، وجوديت، خود وجوديت، سريئلزم ۽ رمزيت آهن. پرڏيهي ادب مان آيل اهي لاڙا يا Trends سنڌي افساني تي اثر انداز ٿيا آهن.
جديد افساني ۾ مشتاق سومرو، ماڻڪ، علي بابا، شرجيل، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا انهن لاڙن هيٺ ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. آسانند مامتورا شروع جي افسانه نگارن مان آهي جنهن ڪهاڻيءَ کي نون لاڙن سان واقف ڪرايو، پوءِ گوبند مالهي نون تجربن سان ڪهاڻيءَ کي اڳيان آندو. موهن ڪلپنا رومانيت کي هڪ عجيب ڪيفيت سان اڳيان آندو جنهن ۾ لاڳيتو ڀٽڪڻ ۽ پائڻ شامل آهي. ايشور چندر هندوستان جي اهم ليکڪن ۾ آهي، جنهن جا ڪردار وجوديت جي تلاش ۾ آهن. آنند کيماڻي ۽ لعل پشپ ڪهاڻيءَ ۾ گھڻا تجربا ڪيا آهن. موهن ڪلپنا، گنوسامتاڻي به جديديت جا عڪاس آهن. گني جون ڪهاڻيون علامت نگاريءَ جا شاهڪار آهن. سنڌي افساني ۾ خاص طور سماجي حقيقت نگاريءَ تي جمال ابڙو، امر جليل، نسيم کرل، حميد سنڌي، حفيظ شيخ ۽ ٻين لکيو آهي. جنسي حقيقت نگاريءَ تي غلام نبي مغل، منير سنڌي، ماڻڪ، نورالهدى شاھ ۽ نسيم کرل ته قوم پرستيءَ جي لاڙي تي امر جليل، نجم عباسي، سراج ميمڻ، آغا سليم، رسول بخش پليجو، عبدالقادر جوڻيجو ۽ شوڪت شورولکيو آهي. نفسياتي لاڙو ۽ علامت نگاري به سنڌي افساني ۾ ملي ٿي، جنهن ۾ امر جليل جو افسانو ”ڪپيل ٻانهن جو وارث“ خاص آهي. آغا سليم ۽ علي بابا قديم تهذيبي ورثي کي علامت طور استعمال ڪيو آهي. مطلب ته مغربي نون لاڙن ۽ قديم ادبي قدرن جي فني اصولن سان سنڌي افسانو موجود آهي.

چند افسانوي مجموعن جو جائزو

سنڌي افساني جو موضوع وسيع آهي سوين نه بلڪه هزارين افسانا ڪهاڻيڪارن سنڌي ادب جي سونهن بنايا آهن. هتي ڪجھ افسانوي مجموعن جو احوال پيش ڪجي ٿو.

سفيد وحشي:
مبارڪ علي ولد غلام حسين شيخ، ”شيخ اياز“ جي نالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ لافاني شاعر جي حيثيت والاري ٿو، هو شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثر نگار هو، سندس شاعريءَ مان ڪجھ نثري نظم تي به مشتمل آهي، اياز صاحب ڪهاڻيون ٿوريون لکيون جيڪي ڪجھ 1947ع کان اڳ ۽ ڪجھ پوءِ جي دور جون آهن. اياز جي لکيل نثر تي ڪيترائي رايا آهن. افسانه نويسيءَ ۾ اياز صاحب 17-16 سالن جي عمر ۾ پير پاتو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”شيخ اياز هڪ مطالعو“ ۾ لکي ٿو. اياز ابتدا ۾ ڪهاڻيون به لکيون انهن کي ڪونه ڪو پس منظر هو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سفيد وحشي“ 1947ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ”پنهل کان پوءِ“ 1991ع ۾ اياز ڪهاڻيءَ کي اهميت گھٽ ڏني ۽ شاعريءَ ڏانهن رغب ٿيو. سندس ڪهاڻيون پهرين آزادي ۽ پوءِ سماج جي موضوعن سان مربوط رهيون. ڪهاڻي سفيد وحشي کي اهميت مليل آهي، برطانوي سماج خلاف لکيل آهي“. (صه، 163)
سفيد وحشي: مختصر ڪهاڻين جو ڳٽڪو ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيو ۽ 1947ع کان پوءِ سندن دوست عبدالرزاق (راز) سفيد وحشي وارين ڪهاڻين کي ”پنهل کان پوءِ“ جي عنوان سان شايع ڪيو. فيروز احمد ميمڻ نيو فيلڊس پبليڪيشن جي مالڪ شيخ اياز جون اهي ڪهاڻيون ”پنهل کان پوءِ“ ۽ ”جڳ مڙيوئي سپنو“ جي عنوان سان 1990ع ۾ شايع ڪيون. هن ڪتاب ۾ ڪل 13 ڪهاڻيون آهن. ڪتاب جو ٻيو حصو جڳ مڙيوئي سپنو، اياز صاحب جون ڊائريءَ جون يادگيريون ۽ مختلف موضوعن تي خيالن جا اظهار آهن. 13 ڪهاڻين ۾ ”نوران“، ”کلڻي“، ”ڪارو رنگ“، ”رولو“، ”شرابي“، ”نظيران“، ”سفيد وحشي“، ”واچ جا ڪانٽا“ ”مسافر مڪراني“، ”پنهل کان پوءِ“، ”جي تند برابر توريان“، ”چار ايڪڙ ٻني“ ۽ ”پاڙيسري“ شامل آهن.

جي تند برابر توريان:
هيءُ ڪتاب شيخ اياز جي ڪهاڻين ۽ هڪ مقدمي تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ترتيب ڏنو آهي ۽ 1998ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي ڇپايو آهي. هن مجموعي ۾ 23 ڪهاڻيون آهن، 23 مان 13 مٿيون ساڳيون آهن، باقي ”سنڌو“ ۽ ”اڳتي قدم“ رسالن ۾ شايع ٿيل ڪهاڻيون ڊاڪٽر انور هن ۾ شامل ڪيون آهن جي هن ريت آهن.. ”شائنا“، ”رفيق“، ”سهڻي سير ۾“، ”پهريون ۽ پويون خط“، ”هي هاري“. ”هڪ شمع ٻه پروانه“، ”هي شاعر“، ”مشير نامو“، ”موٽي آءُ“ ۽ ”اسان جي سنڌ“، هاڻي انهن ڪهاڻين جو جائزو وٺڻ کان اڳ اچو ته ڏسون شيخ اياز پاڻ ڇا چوي ٿو؟
”مان هن وقت انهن ڪهاڻين کي ڪائي خاص اهميت نه ٿو ڏيان، ڇو ته اهي منهنجي ادبي زندگيءَ جي انهيءَ دور جون لکيل آهن. جڏهن مون نثر ۾ لکڻ جي ابتدا ڪئي هئي، فيروز احمد ۽ ٻين دوستن جي اصرار تي ڇپائڻ جي اجازت ڏني اٿم، ممڪن آهي ته انهن جو مطالعو منهنجي ذهني ۽ ادبي اوسر جي جائزي ۾ مددگار ثابت ٿئي. (”مهاڳ“، پنهل کان پوءِ جڳ مڙيو ئي سپنو)، اڳيان لکي ٿو ته، ”سفيد وحشي“، سنڌي جنتا جي جاڳرتا جو نظارو آهي. ”ڪارو رنگ“ هڪ گھٽ معمولي (Subnormal) انسان جي طبعيت جي ڦير گير جو نه وسرندڙ احساس آهي، ”شرابي“ (Surrealism) سُرئيلزم يا حقيقت کان دوريءَ جو مثال آهي. ”نظيران“ سنڌي مسلمان جي هيٺئين وچولي طبقي جي سماجي جيون جو واقعو آهي“. ”مان پنهنجي بياني ٻولي يا محاوري تي ڪجھ نٿو لکڻ چاهيان، اها ڪمي ٻيا پوري ڪندا. گھٽ ۾ گھٽ مون کي ايترو فخر آهي ته مون سنڌي ڪهاڻيون لکيون“، (”خيال، احساس، امنگ“، جي تند برابر توريان).
شيخ اياز جي ڪهاڻين جو  جائزو ورتو وڃي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته سندس هر ڪهاڻي نئين موضوع سان آهي ۽ هر ڪهاڻيءَ جو وزن به الڳ الڳ آهي. ”رولو“ ۽ ”شرابي“ ۾ هو رومانويت ٿو بيان ڪري ته ”سفيد وحشي“ ۾ هو هڪ قوم پرست آهي. ”پاڙيسري“، انساني محبت ۽ پيار جي احساس سان سينگاريل آهي. ”موٽي آءُ“، خط جي نموني سان لکيل انوکي انداز جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طرفو پيار جو اظهار آهي. ”هڪ شمع ٻه پروانه“، اڪبر بادشاھ جي ارڏي پٽ سليم جي عشقيه طبيعت ۽ حسن پرستيءَ جو سچو قصو آهي، جنهن کي خوبصورتيءَ سان افسانوي رنگ ڏنو ويو آهي. ”کلڻي“ هڪ اهڙي معصوم ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي ٽهڪن ۾ سنگيت سمايل آهي، پر سندس زندگي اداس آهي. ”ڪاريءَ“ جي ڪاري رنگ جي ڪوجهاڻ سندس تقدير جي ڪوجهاڻ ٿي وڃي ٿي، بيشڪ هو نيڪ، سليقه مند ۽ سٻاجھي آهي، آخر ۾ ڪوڙھ سندس رنگ کي هميشه لاءِ اُجرو ڪري ٿي ڇڏي ۽ اُجرن جي ميري من کي ماٺ ٿي ملي وڃي. ”مشير نامو“ ڪاروڪاري جي رسم تي آهي، مطلب ته شيخ اياز پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع سنڌ جي ماحول ۽ سماج مان چونڊي کين حقيقي رنگ ۾ افسانوي ٽيڪنڪ سان پيش ڪيو آهي. جمال ابڙي، شيخ اياز، جي افسانوي فن تي هن ريت لکيو آهي. ”مون 1941ع کان 1947ع دوران سندس ڪهاڻيون ”سفيد وحشي“، ”کلڻي“ وغيره پڙهيون، جن مون تي البت نقش ڇڏيا، جو اڄ ڏينهن تائين اڌ صدي گذرڻ بعد به نه مٽيا آهن. منهنجي نظر ۾ منهنجون سڀ ڪهاڻيون اياز جو هڪڙو ”مشير نامو“، ڊاڪٽر شمس الدين موجب ”اياز جي ڪهاڻين تي شاعر اياز جو پاڇو پئجي وڃي ٿو، جڏهن مٿس تخيل پرستيءَ جو رنگ اچي وڃي ٿو، سندس نظريا ۽ آدرش ڪهاڻيءَ جي فن کي ڪمزور بنائي ڇڏين ٿا، پر وري به سندس ڪهاڻيون جاذبِ نظر ۽ زندگي بخش آهن“. ڊاڪٽر نور افروز خواجه، اياز جي فن تي چوي ٿي ته، ”اياز نوان نوان موضوع پيش ڪيا آهن. جن ۾ هن طبقاتي سماج، اقتصادي ڦرلٽ، فرقيواريت، جاگيرداري نظام، معاشري ۾ ناانصافيءَ سان ڀرپور ريتن، رسمن ۽ رواجن سميت ٻين انيڪ مسئلن کي پيش ڪيو آهي“.

عبرت ڪده:
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل سنڌي ادب جو مشهور تنقيد نگار، شاعر ۽ اديب هو. هي ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر، علم ۽ ادب سان وڏو چاھ رکندڙ هو، سندس نثر جي ڪتابن ۾، ”مضامين خليل“، ”ادب ۽ تنقيد“ ۽ ”عبرت ڪده“ مشهور آهن. ”عبرت ڪده“ سچين ڪهاڻين جو افسانوي روپ آهي. هن ڪتاب جا ٽي ڀاڱا آهن، جن کي ليکڪ ٽن دورن ۾ ورهايو آهي. هڪ سندس اصلوڪا افسانا ٻيا انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل افسانا ۽ ٽيون حصو پڙهيل تاريخي واقعن جي آڌار تي لکيل تاريخي افسانا آهن. روشني پبليڪيشن سڀئي ڪهاڻيون گڏي هڪ ڪتاب ۾ 2001ع ۾ شايع ڪيو جنهن ۾ ڪل 31 ڪهاڻيون آهن. افسانن جا عنوان مختصر آهن، جيئن غيرت مند، سونوهار، دکايل، عاشق، سوني منڊي، انڌي ۽ ٻيا آهن. ليکڪ چواڻيءَ ته: ”هن سڄي مجموعي جا افسانا، عرياني، فحاشي ۽ جنسي ترغيب کان پاسي ۽ اخلاقيات ڏانهن مائل آهن“. سچن واقعن تي آڌاريل هن اوائلي دور جي مجموعي جي هڪ خاص ادبي حيثيت آهي، ٻوليءَ جي لحاظ کان جيڪڏهن ڪو واقعو هندوستان جي سماج جو آهي ته ليکڪ گھڻا لفظ ۽ پهاڪا هنديءَ جا استعمال ڪيا آهن. جيئن پرماتما، سراپ، ڌنوانن، ڪومل ڪنول، ماتم ڪده ۽ ٻيا هيٺ هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو.
”مون تي ڀڳوان جو اهڙو ڪوپ ٿيو جو منهنجا ڀاڳ ڦٽا ٽن مهينن جي اندر منهنجي پتيءَ جو مرتيو ٿي ويو ۽ آئون وڌوا ٿي ويس، منهنجي سهاڳ جا چوڙا ڀڃي ڇڏيائون، آئون پيڪي اچي رهيس پر اُتي به سڀ ڌڪار سان ڏسندا هئا، سچ پڇو ته سڄو جيوَن ناس ٿي ويو مون الائي ڪهڙو پاپ ڪيو هو جو مون تي هيءَ آپڌا اچي پئي“. (31)
”چئني پاسن کان ڪڪر گجگوڙ ڪري اچي گڏ ٿيا هئا، ڄڻ ته آڪاش تي ديوتائن ۽ راڪشن ۾ وڏي يڌ لڳي رهي هئي“، سادي ۽ سليس انداز جا افسانا آهن. ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان ”سونو هار“ جي گھران ڀڄي ويل رضيه عرف راڌا هجي يا اڪرم خان فوجي آفيسر جي بهادر افغاني محبوبه حميره هجي. (جيڪا وطن جي ناموس تي جان قربان ڪري) يا غريب غيرتمند گنگا هجي يا سڄي زندگيءَ جي پونجي دان ڪندڙ انڌي گنگا هجي. ليکڪ سڀني ڪردارن جي ڪردارنگاري واھ جي بيان ڪئي آهي، هي لاڀائتو ڪتاب نصابي ضرورت مطابق ڊگري ڪلاسن ۾ مقرر رهيو.

اٺون ماڻهو:
ستن ڪهاڻين ۽ 117 صفحن تي آڌاريل افسانوي مجموعو نيوفيلڊس پبليڪيشن 1985ع ۾ شايع ڪيو. جنهن جو ليکڪ سراج الحق ميمڻ مشهور ناول نگار، ڊرامه نويس ۽ لسانيات جو ماهر آهي. سراج صاحب هلال پاڪستان ڪراچي ۽ ”جاکوڙ“ جو ايڊيٽر رهيو هن ڪيترائي ڪالم، مضمون ۽ مقالا لکيا. ادبي ڪتابن کان علاوه اقتصاديات تي نصابي ڪتاب به لکيا اٿن، افسانوي ادب ۾ سندس ڪتاب ”اي درد هلي آءُ“، ”ڏاهپ ڏاهپ رنگ“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“ (ترجمو) ۽ ”اٺون ماڻهو“ آهن. ”اٺون ماڻهو“ جو انتساب امر جليل جي نالي آهي. هن مجموعي جون ڪهاڻيون هن ريت آهن. ”رت ورني رات“، (1967ع نئين زندگي ۾ شايع ٿي هئي پر ان جو آخري حصو نه ڇپيو هو. هيءَ ڪهاڻي هندوپاڪ جنگ جي پس منظر تي ٿر جي علائقي جي آهي). هن ڪهاڻيءَ جي آخر جنهن ۾ سانوڻ جي آڪڙيل لاش ۾ ڀڪوڙيل سومل جي عاج ورني ٻانهن آهي. جنهن جو عاج رتائجي وڃي ٿو، ڪنهن به ملڪ جا ڪمانڊر بارڊر تي اهو لاش وٺڻ نٿا چاهين ۽ نه ئي فيصلو ٿا ڪن ته هن کي ساڙيو وڃي يا دفنايو وڃي، اهم ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سچي محبت جي وڇوڙو، جنگ جي انساني تباھ ڪاري، ڏڪار جي تڪليف ده زندگي، فرقيواريت ۽ قوميت ڇاڇا ته ليکڪ ڄاڻايو آهي؟ سڀ حقيقتون افساني جي ڪلائميڪس ۾ پڌريون آهن. انهيءَ کان سواءِ ”ناچڻي“، ”هڪ مڙدو ٽي لاش“، ”وڻ جو موت“، ”ڪارونجهر جا مور“، ”مان جوئي آهيان سوئي آهيان“ آهن. ”اٺون ماڻهو“ ۾ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪندڙ سماجي ۽ اصلاحي وڻندڙ اسلوب سان ڪهاڻيون آهن. افسانن مان لکت جو نمونو هن ريت آهي، ”مختلف قومن ۽ ملڪن جا وڻ، جيڪي انهن حاڪمن پنهنجي اچڻ جي نشانيءَ طور پوکيا هئا، ڳاٽ اوچو ڪري هن کي ڀنڀلائي رهيا هئا. يوڪپلٽس جا هيءُ وڻ ڇانو جي علامت هئا؟ دوستيءَ جي يا سياست جي؟“ يا هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”جيئن جيئن انهن اکين جو تصور هن جي دل کي جھوريندو، ڪوريندو رهيو، تيئن تيئن هن جي وِک واريءَ جا ڪپر ڪوريندي ٿي ويئي“. (صه، 15_63)
سراج صاحب تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جي پس منظر ۽ قوميت جي موضوعن کان سواءِ سماجي، نفسياتي ۽ رومانوي ڪهاڻيون لکيون آهن، جيمس جوائس جي طويل ڪهاڻي The Dead جو ترجمو ”اي درد هلي آءُ“ جي عنوان سان ٺهڪندڙ ڪيو اٿس. ڊاڪٽر عرساڻي موجب، ”سراج مختصر ڪهاڻي“ کي جديد تقاضن جي سانچي ۾ سموهي منجھس تجربن سان وسعت آندي آهي“.

دل جي دنيا:
يارنهن اڻ وسرندڙ ڪهاڻين جو مجموعو، قاضي عبدالجليل/امر جليل جو لکيل آهي، سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪندڙ هي سنڌي ادب جو افسانه نويس، ڊرامه نگار ۽ ناول نگار هئڻ سان گڏ نامور ڪالم نويس آهي، امر جليل سنڌي ادب کي ڪيترائي افسانوي مجموعا ڏنا آهن ۽ کيس گھڻائي ادبي ايوارڊ مليا آهن، ته گڏوگڏ سندس تحريرن جي تلخ سچائين سبب سندس ڪهاڻين ۽ ڪتابن تي بندشون پيون ۽ مٿس وارنٽ به نڪتا، جيئن ”هڪ لاش ۽ راتين جا رولاڪ“، ”سرد لاش جو سفر“ ۽ ”جڏهن مان نه هوندس“ تي پابنديون پيون، پر سندس زندگيءَ جو مقصد لکڻ ۽ صرف لکڻ آهي. سندس چواڻيءَ ته کيس خبر آهي ته ”قلم تلوار کان وڌ يڪ طاقتور نه آهي پر ٽئين دنيا جو ليکڪ لکي رهيو آهي ۽ ادب جي بارگاھ ۾ پنهنجي وجود جو نظرانو ڏيئي رهيو آهي“.
”دل جي دنيا“ يارنهن ڪهاڻين تي آڌاريل آهي، جيڪي رومانوي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ڪشمڪش ظاهر ڪرڻ سان گڏ قوميت جي جذبي سان ٽمٽار آهن. هنن ڪهاڻين ۾ ”سوجھرو“، ”اروڙ جو مست“، ”عشق ۽ انٽرويو“، ” ڌرتيءَ جي ڌوڙ“، ”آسمان جا تارا“، ”سياڻن ۾ هڪ ڀوڪ“، ”هن ڄار ۾“، ”دل جي دنيا“، ”چرٻٽ ۽ نرس“، ”رڃ“، ”سج اڀرڻ کان اڳ“، ”بارينس اسٽريٽ جو غنڊو“ آهن.
صفحو 121 تي امر جليل لکي ٿو: ”ها تمنا تون منهنجي لاءِ سڄي زندگي تمنا ئي رهنديئين ۽ مان دل جي دنيا لٽائڻ کان پوءِ به تنهنجي دل ۾ تر جيتري جڳھ حاصل ڪري نه سگهيو آهيان، تون مون لاءِ چنڊ وانگر دور آهين، تمنا، خواب وانگر مبهم آهين“.
ڪهاڻي ”اروڙ جو مست“ ۾ عبدالرحمان ڌاڙيل کي عاربو ماڇي چوي ٿو ته: ”بيوقوف سنڌين کي ڪهاڙين ۽ بندوقن کان سواءِ به ڦري سگهجي ٿو. سنڌ ۾ ڪاني ڪرامتن جو پير ٿجي يا رهزن ڌاڙيل ٻئي ڌنڌا هڪجهڙا آهن. ٻنهي ۾ هڪ جيتري ڪمائي آهي“.

'دل جي دنيا'،
 امر جليل جي شروعاتي دور جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، هيستائين انهيءَ ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. انتساب، جمال ابڙو جي نالي آهي، هن ڪتاب کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان ادبي انعام مليا آهن.

تاريخ جو ڪفن:
امر جليل جي هن ڪتاب ۾ ڏھ ڪهاڻيون آهن، 1999ع ۾ هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو روشني پبليڪيشن شايو ڪيو آهي، انهيءَ کان پوءِ به ڇپجندو رهيو آهي. ڪهاڻين جا عنوان ”مٽيءَ جا ماڻهو“، ”صدين جو سودءُ“، ”هڪ ديسي عشق جو داستان“، ”اسٽار سرڪس جو جوڪر“، ”نئين دنيا“، ”پڙلاءِ“، ”هو مان ۽ هوءَ“، ”دي موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان“، ”بڙ جو غم“ ۽ ”تاريخ جو ڪفن“ آهن. هن مجموعي جون سڀ ڪهاڻيون موضوع ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان مختلف ۽ نيون آهن، جليل صاحب جي ڪهاڻين جي واڌ مڪالمن جي ذريعي آهي، جنهن سان هو ڪردار نگاريءَ کي سهڻي نموني پيش ڪري ٿو. زندگيءَ جي انيڪ رنگن کي قلم جي قوت سان ڪاغذ تي همت ۽ جرئت ۽ ايمانداريءَ سان پکيڙڻ ۾ هن ڪهاڻيڪار کي وڏي قوت حاصل آهي. هن ترقي پسند ليکڪ افسانوي ادب ۾ نئين ٽيڪنڪ سان ڪهاڻيون لکيون، هو طنز و مزاح جي شگفتگي سان گڏ انساني قدرن ۽ حقن جو حامي آهي. ڪهاڻي ”پڙلاءِ“ ۾ لکي ٿو ته: ”پپر جڏهن وڌندو نه آهي، تڏهن سندس ٽارين مان پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن. ساڳيءَ طرح جڏهن حالتون هڪ ذهين شخص کي زندگيءَ ۾ وڌڻ نه ڏينديون آهن، تڏهن ان شخص جي وجود مان ڪروڌ ۽ نفرت جون پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن، جيڪي محسوس ته ٿينديون آهن، پر ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن“. (صه، 79)
”تاريخ جو ڪفن“ سماجي غيربرابري ۽ طبقاتي فرق تي طنزيه علامتي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هڪ مسلمان شيدي، محمود صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ ٿو چاهي سو به اڳئين صف ۾ برابر بيهي، جيڪو اسلام جي علمبردارن کي نٿو آئڙي هو کيس رتورت ڪري ٿا ڇڏين. آخر ۾ مرندي هو فقط ايترو ٿو چوي ته، ”مان اياز آهيان، مان هڪ ئي صف ۾ بيهي محمود سان گڏ نماز پڙهندس“.

ٽيون وجود:
 امر جليل جو هيءُ افسانوي مجموعو، ڏهن ڪهاڻين جو آهي، جيڪي هن ريت آهن. ”پنجين موسم“، ”پکي“، ”قربان علي ڪنگلي جو روح“، ”هڪ دل جي اڪيلائي“، ”غلام“، ”حياتي وھ وٽو آهي“، ”منهنجو پٽ مهدي“، ”ڏند ڪٿا“، ”ٽيون وجود“، ”منهنجي نصيب ۾ تون آهين“، ”ٽيون وجود“ جا ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿيا آهن. ڪتاب جو انتساب، ”زندگي سچ ۽ سونهن جي دشمن شيطان صفت انسانن جي نانءُ آهي“، جليل صاحب مهاڳ ۾ ”ٽيون وجود“ کي احساس ۽ ذهني ڪيفيت ڏسيو آهي، جو تصوف ۽ عقيدي وانگر محسوس ڪري سگهبو آهي ۽ اهو پهرئين ”ظاهري“ ۽ ٻئي ”باطني“ وجود جي توسيع آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪجھ حقيقتون بنا سمجهائڻ جي به سمجھ ۾ اينديون آهن۽ ڪجھ سمجهائڻ جي باوجود به سمجھ ۾ نه اينديون آهن، جليل جي لفظن ۾ وڏي گھرائي آهي، جليل صاحب تلخ حقيقتن تي مشتمل واقعن کي اونهي مشاهداتي عمل مان گذاري فني سانچي ۾ سموهيو آهي.

ٽيون وجود، ڪهاڻيءَ ۾ لکيو اٿن ته: ”جنهن سان ازل جي محبت جي پڪ ٿي ويندي آهي، تنهن سان شادي نه ڪبي آهي، اهي چاهتون جن جا فيصلا آسمانن تي ٿيندا آهن. شاديءَ جون محتاج نه هونديون آهن“. (صه، 138)
”ڪي انسان زندگيءَ ۾ سڀ ڪجھ هارائڻ کان پوءِ به اصل معنى ۾ هارائيندا نه آهن، ساڳيءَ طرح ڪي انسان هميشه کٽڻ جي باوجود ڪجھ به کٽي نه سگهندا آهن“ (صه، 13). ”جبار صاحب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ ”امر جليل کي سنڌي ادب جو وڏو ۽ ڪامياب افسانه نگار ۽ جديد ٽيڪنڪ رکندڙ فنڪار سڏيو آهي“. مٿين افسانوي مجموعن کان سواءِ سندس ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“ ۽ ”سنڌو منهنجي ساھ ۾“، ”ڪالم ۽ ڪهاڻيون“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن.

امر جليل نمبر:
 امر جليل جي فن کي مڃتا ڏيندي سهڻي پبليڪيشن جي ايڊيٽر طارق اشرف آگسٽ، سيپٽمبر 1973ع ۾ ”سهڻي امر جليل نمبر“، ڪڍيو. هيءُ ادبي مئگزين ڊگري ڪلاسن ۽ چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ نصابي ضرورت لاءِ مقرر ڪيو ويو. 300 صفحن جي هن ڪتاب ۾ امر جليل جي ڪهاڻين فن ۽ شخصيت تي مختلف شخصيتن جا تنقيدي ۽ تعريفي مضمون آهن جن ۾ مولانا گرامي، نسيم کرل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ماهتاب محبوب، طارق اشرف، امداد حسيني، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن. تبصرا ۽ رايا، امر جليل جي ڪجھ شاعري، انٽرويو، اڻ ڇپيل مضمون، ”رڻ گجيو، راڙو ٿيو“ ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻيون هن نمبر جو حصو آهن. گڏوگڏ امر جي ڇپيل افسانن، مضمونن، تقريرن ۽ خطن جي مڪمل فهرست پڻ شامل آهي، مطلب ته هيءُ ڪتاب سوانحي ۽ افسانوي ادب ۾ هڪ لاڀائتو ڪتاب شمار ٿئي ٿو. اهڙن معياري سوانحي نمبرن جي ادب ۾ وڏي ضرورت آهي. امر جليل ”تاريخ جي ڪفن“ جو مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”هڪ فڪر حياتيءَ جو حصو ٿي پيو آهي، سوچيندو آهيان ته اڄ تائين مون جنهن لاءِ لکيو آهي، تنهن مون کي پڙهڻ ڇڏي ته نه ڏنو آهي“. (8 ڊسمبر 1998ع). منهنجي خيال ۾ جيستائين سنڌ قائم آهي ۽ سنڌي ٻولي زنده آهي، دنيا ۾ ۽ خاص سنڌ ۾ سنڌي لکي ۽ پڙهي ويندي، امر جليل جي فن کي پڙهيو ۽ پرکيو ويندو ۽ هو پنهنجي نالي وانگر ”امر“ رهندو.

چوٽيهون در، شبنم شبنم ڪنول ڪنول، ڊمي: نسيم احمد کرل، سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ هڪ معتبر نانءُ آهي. 1956ع کان هن لکڻ شروع ڪيو، سندس ڪهاڻين جا مجموعا، ”شبنم شبنم، ڪنول ڪنول“، ”چوٽيهون در“ ۽ ”ڊمي“ شايع ٿيا. ڪجھ مضمون به لکيائين جيڪي ”ڊمي“ ڪتاب ۾ شامل آهن. سنڌي ادب جو هيءُ باحيثيت، مڃتا ماڻيل افسانه نگار هو، جنهن کي سندس شروع دور کان ئي شهرت نصيب ٿي، هو ڪهاڻيءَ تي گھڻي محنت ڪندو هو، ڪهاڻيءَ جي پروف جون چڪون خود ڪڍندو هو، کيس پنهنجي فن تي وڏو اعتماد هو ۽ سنگت جي ساٿ ۽ مختلف ادبي محفلن ۾ پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. جيڪي ان وقت جي مشهور رسالن ۾ ڇپبيون هيون.

نسيم کرل جون ڪهاڻيون:
نسيم کرل جون ڪهاڻيون، مٿين ٽنهي مجموعن جو گڏيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪل 12 ڪهاڻيون آهن، هيءُ ڪتاب روشني پبليڪيشن شايع ڪيو آهي. نسيم جي ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هن وٽ ڪهاڻيءَ جي ڏات به آهي ته پيشڪش جو ڏانءُ به سندس وڏو ڪمال، واقعن جي بيان ۽ ٻولي جي جڙاءُ ۾ آهي. ٻولي ادب جو اهم سرمايو آهي، جيڪي ليکڪ لفظن ۽ جملن جي سونهن طرف توجھ ڏين ٿا. انهن جون لکڻيون ادب ۾ جدت ۽ قدامت جون محتاج نه آهن بلڪه اهي تحريرون ديرپا ۽ لازوال آهن، جنهن جو مثال نسيم جون ڪهاڻيون ”ڪافر“، ”گٽس“، ”مڪسڊ گرل“، ”گذريل واردات“، ”ڪني آڱر“، ”پهرين مراد“ ۽ ”چوٽيهون در“ آهن.
”گذريل واردات“ ۾ ريٽائرڊ شاھ صاحب کي سرائي چوي ٿو ته ”سائين شينهن به ڪڏهن ڪراڙا ٿيندا آهن. مان ڪلھ صبح جو اوهان جي پاڙي مان لنگھيو هئس، اوهان جي گار جي رئي پي پئي، وهيءَ جون سڪون پئي لاٿَوَ، مان ته کُڙين تي زور ڏنو“، يا هڪ هنڌ وڏيري کي ڪمدار ٿو چوي ته، ”سائين! جوانيءَ ۾ گھوڙا ۽ پٽ ارڏائي سُونهندا آهن. گھوڙن جي ارڏائي وڃائي راھ تي وٺي اچڻ سوارن جو ڪم آهي ۽ پٽ کي ڳرائڙي پائي ٿڌي سيني سان سمجهائڻ پيءُ جو ڪم آهي “، عوامي ڪردارن جي هلت ۽ ذهني سطح مطابق جملن کي سهڻو ۽ سيبائتو، پهاڪن ۽ چوڻين سان سجائي پيش ڪرڻ يا شهري لهجي جي محاوري ۾ گفتگو پيش ڪرڻ نسيم جو ئي ڪمال هو، نقادن موجب، وٽس موضوع گھٽ آهن. هو وطنيت ۽ قوميت کي هٿ ۾ نٿو کڻي يا هو زمينداري ظلمن ۽ هارين جي مظلوم حيثيت کي اڳيان نٿو آڻي، ڇوجو  هو وڏيري ڪلاس جو ليکڪ آهي. پر ڪجھ جي چوَڻ مطابق گھٽ موضوعن جي هوندي به هو اول درجي جي سنڌي ڪهاڻيڪارن مان آهي.

نسيم کرل نمبر:
 نسيم کرل جي باري ۾ طارق اشرف، ”سهڻي، نسيم نمبر“ ڪڍيو جيڪو به شيخ اياز نمبر ۽ امر جليل نمبر وانگر هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.

نسيم کرل وڏو ڪهاڻيڪار وڏو انسان:
هيءُ ڪتاب تاج جويو ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ ”نسيم کرل سهڻي نمبر“ جون تقريباً سڀ تحريرون شامل آهن انهيءَ ۾ پڙهيل مقالا ۽ ٻيو ڪجھ نئون مواد شامل آهي، گڏ نسيم کرل جون پنج خاص ڪهاڻيون، ”پهرين مراد“، ”ڪافر“، ”ڪرنٽ“، ”چوٽيهون در“ ۽ ”گذريل واردات“ شامل آهن. سندس جيون جھلڪ ۽ ادبي خدمتن جو تفصيل ۽ انٽرويو ڏنل آهي. نسيم کرل جي افسانوي فن تي هن ڪتاب ۾ ڪافي تعريفي ۽ ڪجھ تنقيدي رايا ڏنل آهن. انهن مان چند هيٺ ڏجن ٿا. راشدي صاحب موجب ”پهرين مراد“ ڪهاڻي سنڌي سماج جي تاريخي دستاويز طور ڪتب ايندڙ ڪهاڻي آهي. (صه، 159) غلام علي الانا کيس، ”عوام دوست ۽ سماج سڌارڪ ليکڪ سڏيو آهي“. (صه، 167)

رسول بخش پليجو،نسيم کي هڪ برک ۽ سٺو فنڪار سڏي ٿو، پر هو کيس عوامي فنڪار نٿو سمجھي جيڪو سنڌ جي اهم مسئلن کي نٿو بيان ڪري. (صه، 165)
نجم عباسيءَ مطابق، ”نسيم جي ڪهاڻين ۾ هڪ ئي طبقي جي اپٽار آهي اهو آهي وڏيرو ڪلاس، هو طبقاتي ڪشمڪش نٿو ڏيکاري“. (صه، 179)
ڊاڪٽر تنوير عباسي، کيس وڏيري ڪلاس جو پر باشعور ليکڪ سڏيو آهي، جنهن کي پنهنجي ڪلاسن جي خامين ۽ ڪمزورين جي مڪمل واقفيت آهي. (صه، 182) امداد حسيني لکي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻيءَ کي مقبول بنائڻ ۾ نسيم اهم ڪردار ادا ڪيو آهي“. (صه، 215) وليرام ولڀ کيس “Objective” ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. ماهتاب محبوب وٽ هو سنڌي ٻوليءَ جو بي تاج بادشاھ ليکڪ آهي، نسيم کرل ڪجھ ڪهاڻيون ۽ چند مضمون لکيا ۽ سندن ڪم معياري هئڻ سبب اڄ ڏينهن تائين سندس نالو سنڌي افسانوي ادب ۾ اوچاين تي آهي.

ڌرتي روشن آهي:
 آغا سليم جو هيءُ افسانوي مجموعو نيوفيلڊس پبليڪيشن 1985ع ۾ شايع ڪيو، هن ڪتاب ۾ ڪل ست ڪهاڻيون آهن. ”ڌرتي  روشن آهي“، ”کڙندا کٽڻهار“، ”درد جو شهر“، ”شڪست جو آواز“، ”پل پکيئڙا“، ”درد جا رشتا“، ”اکيون آرسيون“، هي پنهنجي دور جون نمائنده ڪهاڻيون آهن. سندن ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”چنڊ جا تمنائي“ آهي، ”ڌرتي روشن آهي“ جي تحريرن مان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا. ”مان هن جي سونهن جو سودائي هوس ۽ سندس رتيءَ جي رهاڻ لاءِ ماندو هئس“. (صه، 104)
”غريبن کي پڙدو ڏاڍو مهانگو پوندو آهي، انڪري غريب عورتون پڙدو نه ڪنديون آهن، وچين طبقي لاءِ پڙدو شرافت آهي ۽ مٿانهين طبقي لاءِ غير ضروري“. (صه، 134) ”جڏهن به سچن فنڪارن جي جاءِ معمولي وات ڳاڙها ۽ سيکڙاٽ فنڪار والاريندا آهن، تڏهن هو سڀ کان وڏو ظلم اهو ڪندا آهن ته ماڻهن جي ذوق ۽ سچي فن جي پرک کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. ”فاالحال ويچارو ايشيائي اديب، بک ۽ بيماريءَ ۾ جهرندڙ ۽ غلاميءَ جي ناسورن جي سور ۾ وٽ کائيندڙ ايشيا جي علاج ۾ ر ڌل آهي، پر ان جي معنى اها نه آهي ته هو ايٽم جي تباهيءَ کان غافل آهي“.

آغا سليم سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ تاريخي شعور واريون ڪهاڻيون لکيون آهن، ڪجھ نقادن موجب آغا وٽ موضوعن جي يڪسانيت آهي ۽ سندس ڪتابن جا عنوان به هڪجهڙائي رکن ٿا. وٽس ٻوليءَ ۽ ڪردارن جو ورجاءُ آهي. ان جي هوندي به ڏٺو وڃي ته آغا وٽ انساني تهذيب ۽ تاريخ جو شعور مشاهدي جي قوت، بيان جي پختائي، تاثر جي مضبوطي ۽ ڪردارنگاريءَ جا ڪمال آهن. خطن واريءَ ٽيڪنڪ ۽ مڪالماتي انداز ۾ به اثرائتيون ڪهاڻيون لکيون اٿن. وٽس زندگيءَ جو حسن نمايان آهي ته غم جي شدت پڻ، جذبات جو وهڪرو آهي ته ٻوليءَ جي سونهن به آهي هو هڪ حقيقت پسند نون ۽ پراڻن لاڙن جو حامي ليکڪ رهيو.
ڊاڪٽر نور افروز خواجه، آغا صاحب کي ”هڪ ذهين، صوفي منش، قومي جذبو رکندڙ، ترقي پسند ۽ منفرد ليکڪ سڏيو آهي. ڊاڪٽر جبار آغا سليم کي سنڌي ادب جي صفِ اول جي افسانه نگارن ۾ ليکي ٿو، جنهن جي قلم ۾ پختگيءَ سان گڏ فن ۾ مهارت ۽ موضوعن ۾ جدت آهي.
ڊاڪٽر عرساڻي وٽ ”آغا سليم رومانوي افسانه نگار آهي، پر زندگيءَ جي ابدي حقائق جو مصور ۽ ان جي اخلاقي ۽ روحاني مقصدن جو ترجمان آهي. سندس ذهن شعور جي وهڪري مان لڙهندو زمانن ۽ مڪان جا تفاوت مٽائيندو تاريخ جي مختلف تهذيبي دورن ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو“.

اداس واديون:
هن مجموعي جو افسانه نگار عبدالحميد ميمڻ/ حميد سنڌي آهي، پاڻ ماهوار ”روح رهاڻ“ جو ايڊيٽر ۽ ادبي محفلن جي روح روان طور مشهور آهي. حميد صاحب ڪافي ڪهاڻيون لکيون آهن، سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”سيمي“، ”اداس واديون“، ”راڻا جي رجپوت“، ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“ ۽ ”دردونديءَ جو ديس“ آهن. ”اداس واديون“ يارنهن ڪهاڻين جو ڪتاب آهي، جن جا عنوان هن ريت آهن: ”ڪارو رت“، ”يادن جي جزيري ۾“، ”هڪ خواب هڪ حقيقت“، ”واچوڙن ۾ لاٽ“، ”اداس واديون“، ”سمنڊ ۽ مان“، ”منهنجي دنيا مرگھ ترشنا“، ”ان داتا“، ”خوشبو جو گھاؤ“، ”ٽڪي ۾ ٻاٽي“، ”رانديڪو“ هنن ڪهاڻين ۾ رومانوي، نفسياتي  پهلو هئڻ سان گڏ حقيقت نگاري آهي. حميد صاحب جي ڪهاڻين ۾ واقعن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ٻين ٻولين جا لفظ گھٽ آهن، سادي ۽ پُراثر نموني سان پنهنجي مقصد جو پيغام ڏنو اٿن. سندن روان ٻوليءَ جو اسلوب وڻندڙ آهي. ”اداس واديون“ جو پهريون ڇاپو 1965ع ۾ ٻيو 1985ع ۾ نيوفيلڊس پبليڪيشن شايع ڪيو.

درد ونديءَ جو ديس:
حميد سنڌيءَ جو هيءُ ڪهاڻين جو مجموعو 2002ع ۾ زندگي پبليڪيشن شايع ڪيو. 168 صفحن ۽ ڏهن ڪهاڻين تي مشتمل هن ڪتاب جي ڪهاڻين جا نالا هن ريت آهن، ”زماني جو دستور“، ”بند ڪتاب جو بند باب“، ”ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾“، ”هي زهر ڪير پيئندو“، ”ڪهڙي مومل ڪهڙو راڻو“، پل جو موھ“، ”ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”ڇت ۾ لڳل گولي“، ”رومانس جي خودڪشي“.هي ڪهاڻيون 1997ع کان 2002ع جي دور جون آهن. ليکڪ چواڻيءَ ته، ”هي ڪهاڻيون تھ در نيون هوندي به سنڌ جي مٽي ۽ پاڻيءَ سان ڳوهيل جيئرن جاڳندن ساهوارن جا اهي داستان آهن، جيڪي مون مَنَ ۾ دفن ڪري ڇڏيا هيا. هيءُ ڪردار ايترا ته طاقت ور رهيا آهن، جو نيٺ مون کي مجبور ڪيائون ته سندن بابت لکان“ (مهاڳ). ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ تحقيق معلوم ٿئي ٿو ته هي حقيقي واقعا ۽ ڪردار آهن جن کي حميد صاحب لفظن جي سجاوٽ سان افساني جي روپ ۾ داخل ڪيو آهي. سادي سچي ۽ کري نموني سان ڪردارن جي اندروني ڪيفيت ۽ حقيقي واقعن کي بيان جو حُسن ڏنو آهي. حميد سنڌيءَ جا افسانا، واقعاتي ۽ ڪرداري هئڻ سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ جا عڪس چٽين ٿا.
ڊاڪٽر عبدالمجيد موجب ”حميد هن دور جو وڏو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن گھڻيون واقعاتي ڪهاڻيون لکيون آهن“، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، حميد صاحب کي ”قومي سجاڳيءَ جي تحريڪن ۽ سنڌي ادب ۽ ڪلچر جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ليکڪ سڏيو آهي“. ماهتاب محبوب ”دردونديءَ جو ديس“ مجموعي کي، ”نج نبار احساسن ۽ اڌمن جو جيئرو عڪس“ ڄاڻايو آهي. آغا سليم کيس ”حقيقت نگار ليکڪ“ سڏيو آهي، ”تغمهءِ امتياز“ ۽ ”اعزاز فضيلت“ جهڙا ايوارڊ حاصل ڪندڙ، هيءُ ذهين، باعمل ۽ سڄاڻ ليکڪ هڪ سٺو انتظامي اڳواڻ پڻ رهيو آهي. پبلڪ اسڪول جي پرنسپال کان يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جي عهدي تائين به منجهس ساڳي مڻيا ۽ نياز نئڙت رهي، ”روح رهاڻ“ تي بندشون پيون پر هن قلم جو ساٿ نه ڇڏيو، هميشه ادبي محفلن جا مانڊاڻ مچائيندو ۽ سنڌي ادبي محفلن کي رونق افروز ڪندو رهيو. کيس سندس ڪتابن تي رائيٽرس گلڊ، سنڌالاجي ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن ۽ ادبي بورڊ طرفان انعام مليا آهن. حميد سنڌيءَ جا لکيل افسانا سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جڳھ والارين ٿا.

ايڏو سور سهي:
ڊاڪٽر نجم عباسي جو ڪتاب آهي. هُو ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهي، افسانوي ادب ۾ گھڻا مجموعا هن ليکڪ لکيا آهن. ترجمي جي فن ۾ کيس خاص مهارت حاصل رهي، سندس ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“، ”پٿر تي ليڪو“، ”ناچڻي“، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“، ”ايڏو سور سهي“، ”للڪار“، ”رشتا ناتا“، ”اڪيلا نه آهيون“، ”پروفيسر“، ”دارون هن ديواني جو“، ”ڳاڙهو لالٽين“، ”پهاڙن ۾ پڪار“ (ترجمو) شامل آهن. ڊاڪٽر نجم مختصر شاعري ۽ ڪي مضمون به لکيا آهن.
هن ڪتاب ۾ سندن 23 ڪهاڻيون ڏنل آهن جن مان گھڻيون ڪهاڻيون سياست ۽ سنڌيت جي حوالي سان آهن. ”ايڏو سور سهي“، ”ڪوڙڪي“، ”پاڻيءَ جو ڦوٽو“ (اوڀر پاڪستان/بنگال جي حالتن تي آهن)، ”دٻي ۾ ٺڪريون“، سنڌيت جي حوالي سان اهم آهي. ”ٻيرين ٻور جھليو“ سنڌين کي علمي سجاڳيءَ جي ترغيب آهي جنهن ۾ ڳوٺاڻا گڏجي شاھ لطيف لائبريريءَ جو قيام عمل ۾ ٿا آڻين ۽ اسڪولن ۾ فوجي سکيا ٿا شروع ڪن. ليکڪ چوي ٿو ته، ”هي ٻور آسري ڪچا ٻير ٿيندا، جي پوءِ پڪا ٻير بڻيا هاڻي هنن وڻن کي پاڻي نه ملندو ته به ٻير پچي راس ٿيندا ۽ جي وڻن جي آبياري ٿيندي ته ٻير جلدي پچندا ۽ وڌيڪ خوبين وارا ٿيندا“، مقصد اٿن ته ڳوٺاڻن جي سڄاگيءَ جي ٻيرين ٻور جهليو آهي.
”نجم عباسي خط وارا افسانا، واقعاتي افسانا، مقصديت ۽ نظرياتي نموني سان پيش ڪيا آهن. وٽس سنڌي قوم، ثقافت ۽ ٻوليءَ سميت سنڌ جا اهم مسئلا موضوع هيٺ رهيا آهن. لکن ٿاته: ”بک جو لاڳاپو بدن سان آهي، ماڻهو بدني تڪليفون برداشت ڪري سگهن ٿا، ٻوليءَ ۽ سڀيتا جو واسطو جذبن سان آهي ۽ ماڻهو پنهنجي جذبن سان ڇيڙڇاڙ آسانيءَ سان سهي نه سگهندا آهن. اها هنن جي روح جو عذاب بنجندي آهي“.

پهاڙن ۾ پڪار:
نجم عباسيءَ جو ڪتاب خليل جبران جي ڪهاڻين جو ترجمو آهي، جو 1996ع ۾ ٻيو دفعو شايع ٿيو. هن ۾ ڪل پنج ڪهاڻيون آهن جيئن ته نجم عباسيءَ جو مقصد سماجي براين، وڏيراشاهي، سرمائيداري ۽ طبقاتي نظام خلاف جدو جهد آهي، انهيءَ جي ڪري سندس ترجمو ٿيل ڪتابن ۾ به سندس پسند ۽ دل جو آواز شامل آهي. خليل جبران 1883ع ۾ لبنان ۾ جنم وٺندڙ هڪ سڄاڻ فلاسافر هو. جنهن پنهنجي تحريرن ذريعي پنهنجي قوم کي سجاڳيءَ جو شعور ڏنو. سندس وفات 1931ع ۾ ٿي، ان وقت ادب ۾ افسانوي ٽيڪنڪ جديد انداز سان رائج نه ٿي هئي ۽ لبنان خانهءِ جنگيءَ ۾ مبتلا ملڪ هو، ان هوندي به خليل جبران جا هي افسانا ادب جو هڪ لازوال سرمايو آهن. ”پهاڙن ۾ پڪار“ کي اردو ۽ انگريزيءَ ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. اصل ڪتاب عربيءَ ۾ ”ارواح المتعمريده“ نالي سان آهي. ليکڪ لکي ٿو ٿو ته، ”بي شعور غلام قومون پنهنجي بهادر سپوتن کي پڪڙي پنهنجي ئي هٿن سان ظالمن جي سنگدليءَ جو حوالي ڪنديون آهن، ڇو ته بي شعور ذهن بغاوت نه ڪندا آهن ۽ بي جان جسم احتجاج نه ڪندا آهن“. ”اسان جي دل ۾ رحم ۽ ظلم جا جذبا اهڙي طرح ٽڪر کائين ٿا جهڙي طرح هن اونداهي رات ۾ فطرت جون قوتون جنگ ۾ رڌل آهن پر رحم جو جذبو، آخر غالب ايندو ڇو ته اها مقدس چيز آهي ۽ رات جون خوفناڪيون پرھ ڦٽڻ سان غائب ٿي وينديون“. (صه، 24-48)
هي ڪهاڻين جو ڪتاب هڪ لاجواب ترجمو آهي ۽ ڊاڪٽر نجم سنڌي ادب ۾ خليل جبران جي تحريرن کي ابديت عطا ڪئي آهي.

ڌرتيءَ ڌڪاڻا:
هن مجموعي جو ليکڪ جديد افسانوي ادب کي اڳيان آڻيندڙ، علي بابا آهي، سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”آيل ڙي اولاڻا“ ۽ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ آهن جن جو گڏيل مجموعو 76 ڪهاڻين تي مشتمل ”منهنجون ڪهاڻيون“ شايع ٿيو آهي. ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ 1983ع ۾ آگم پبليڪيشن شايع ڪيو. 200 صفحن جو هيءُ ڪتاب 18 ڪهاڻين تي مشتمل آهي، آخر ۾ شمشيرالحيدري علي بابا جو تعارف انگريزيءَ ۾ ڏيندي کيس جديد سنڌي افسانوي ادب جو وڏو تخليقي ليکڪ ڄاڻايو آهي، علي بابا جو اصل نالو علي محمد آهي. ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏ هن ڪافي ڊراما، ريڊيو ۽ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ لکيا، جن ۾ ”دنگيءَ منجھ درياھ“، بين الاقوامي انعام حاصل ڪيو، ڌرتيءَ ڌڪاڻا، جي ڪهاڻين ۾ ”ڀاڳان“، ”اسين ماڻهو“، ”چنڊ ۽ ماني“، ”جانورن جي دنيا“، ”سون ورنا روپا“، ”دي ايڊيٽر“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون آهن. (چنڊ ۽ ماني ڪهاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي.اي جي نصاب 2005ع ۾ شامل ڪئي ويئي). هيءَ ڪهاڻي هڪ معصوم ٻار ۽ بيوه ماءُ جو بيان آهي، جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ نه آهي ۽ آخر ۾ هڪ فقير کين ماني ڏئي ٿو جا خوددار ۽ اناپرست ماءُ جي نڙيءَ مان هيٺ نٿي لهي. ليکڪ لکي ٿو ته: ”ماءُ جون اکيون اونداهي آسمان مان لهي هيٺ آيون، هن ڀري آواز سان چيو ”ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آهي؟ پاڻ غريب آهيون پنهنجي مانيءَ جو حساب چنڊ وانگي آهي، ڪڏهن چوٿو، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن آهي ته ڪڏهن ڪونه“، هن مجموعي ۾ ڪي ڪهاڻيون ته لازوال آهن. ڌرتيءَ ڌڪاڻا هڪ سنڌي هندو ڇوڪر جي ڪهاڻي آهي جنهن سنڌ نه ڏٺي هئي سندس دل ۾ سنڌ لاءِ بي حساب پيار ۽ عقيدت آهي، پر ڪراچي ايئرپورٽ جي ڪتابن جي دوڪان تي شاھ جو رسالو گھرڻ مهل جيڪو جواب کيس ملي ٿو، سو سندس خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي ٿو. هيءَ هڪ، لاجواب ڪهاڻي آهي، ڊاڪٽر مجيد ميمڻ علي بابا جي فن تي هن ريت رايو ڏنو آهي. ”علي بابا سنڌ جي سماجي پس منظر ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن، سندس ڪهاڻيون تاثراتي، علامتي ۽ وجوديت واريون هئڻ سبب جديد لاڙن جي نمائندگي ڪن ٿيون“.

روشن ڇانورو:
هيءُ ناري پبيڪيشن جو ڇپيل ڪتاب ثميره زرين جو لکيل آهي، سندن هڪ ٻيو افسانوي مجموعو، ”گيت اڃايل مورن جا“ مقابلي جي امتحانن جي نصاب ۾ مقرر رهيو. ثميره زرين شروع دور جي افسانه نگارن مان آهي، (جنهن وقت سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جي اڻاٺ هئي). ڊاڪٽر جبار موجب، ”ثميره زرين جي ڪهاڻين جي فني پختگيءَ ۾ ڪردارنگاري ۽ ڪهاڻين جا موضوع خاص خوبيون آهن. ثميره زرين جا ڪردار حسن، خير ۽ نيڪيءَ جا مجسما آهن. جيڪي حالات جي بي رحميءَ جي باوجود صبر جو دامن هٿان نٿا ڇڏين، خاص طور عورتن جي مزاج، ازدواجي زندگي ۽ گھريلو معاملن کي بيان ڪيو اٿن“.
هن ڪتاب ۾ سترنهن ڪهاڻيون جن ۾ ”دروازو“ ٽئگور جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو ۽ ”هڪ خط“ به ترجمو آهي، باقي اصلوڪيون آهن. عنوان هن ريت آهن، ”تنهائي“، ”سازِحيات“، ”زندگيءَ جي بازي“، ”جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا“، ”لڙڪ ۽ مرڪ“، ”ڪنول“، ”پتنگ چائين پاڻ کي“، ”وڃايل واٽ“، ”ٻه رستا هڪ منزل“ ۽ ٻيون آهن. هي ڪهاڻيون پهرين ”نئين زندگي“، ”ٽه ماهي مهراڻ“، ”تقاضا“، ”مارئي“ ۽ ”نئون نياپو“ ۾ 1950ع کان 1958ع تائين شايع ٿيون. ”وڃايل واٽ“ 1976ع ۾ ڇپي، مطلب ته ثميره زرين جي لکڻين جو دور اهي ڏهاڪا شمار ڪري سگهجن ٿا. هيءُ دور سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ترقي يافته دور شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ ثميره زرين زناني عالم جي فائدي لاءِ لکيو ۽ پراڻين روايتن (جن مطابق عورتن کي جيئڻ جي آزادي نه آهي). کي تڙي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون، ثميره زرين شهري پس منظر ۾ به ڳوٺاڻي ماحول کان سواءِ سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن.

ڪربلا:
هي مجموعو مشهور ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪارا نورالهدى شاھ جو لکيل آهي، جو 1981ع ۾ منصور پبليڪيشن شايع ڪيو. جنهن ۾ 12 ڪهاڻيون ”منهنجو من ڀنڀور“، ”زم زم“، ”عيسى ۽ صليب“، ”گورڪن“، ”پن ڇڻ جي رت“، ”منهنجي زندگيءَ جو جنم قيد“، ”مندر اداس ڏيئو“، ”اڌ رات ديوداسي“، ”زندگيءَ جو زهر“، ”انسان“، ”ڪارو چنڊ“، ”ڪربلا“ ۽ ”پيڙا“ آهن.
”منهنجو من ڀنڀور، ”هڪ طويل ڪهاڻي هندوستان مان آيل گوتم جي باري ۾ آهي، جو هيرآباد، حيدرآباد ۾ پنهنجو گھر ٿو ڳولهي پر هتي اچڻ کان پوءِ کانئس اها سنڌ وڃائجي ويئي آهي. حقيقت نگاريءَ تي مشتمل هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪا سنڌ جي غير يقيني حالتن کي بيان ڪيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌين جي پنهنجي ڌرتيءَ تان مالڪي گھٽجڻ تي هي واڪا آهن. هن ڏِسَ ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته (جڏهن ابوظهبيءَ ۾ سندس ملاقات نارائڻ شيام سان ٿئي ٿي ۽ هو ڊاڪٽر صاحب کي چوي ٿو ته، ”اسين سنڌي آهيون پر سنڌ ڌرتي اسان کي پير هيٺ نه آهي“. تنوير صاحب کيس جواب ڏئي ٿو ته، ”اسان جي پيرن هيٺ ڌرتي آهي پر هو اسان کي پير ڌرڻ نٿا ڏين“. 1981ع جي افساني ۾ اها ئي حقيقت نورالهدى شاھ اثرائتي چٽي آهي. ”گورڪن“ ڪهاڻي هڪ اهڙي گورڪن جي آهي، جنهن کي صرف لاش دفنائڻ تي پئسا ملندا آهن ۽ بک ۽ غربت کيس بيحال ڪري ڇڏيو آهي. هُو پنهنجي ئي پٽ کي بي خبريءَ ۾ ماري ڇڏيندو آهي سندس ئي پٽ جو لاش، جنهن کي لاوارث ڪري وٽس آندو ٿو وڃي. (هو دفنائڻ مهل منهن ڏسي ٿو). ڪير کيس ٽيھ روپيه تري تي رکي ويندو آهي. زندگيءَ جي هن الميي تي هو هميشه لاءِ ڪوڏر ڇڏي ٻارن وانگر سڏڪا ڀري روئندو آهي. هن مجموعي جون ڪهاڻيون جرائت ۽ همت سان ڀرپور ۽ ڇرڪائيندڙ آهن.

جلاوطن:
نورالهدى شاھ جي يارنهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جن ۾ ”سنگسار“، ”پاروٿو گوشت“، ”ناگاساڪي“، ”من درپن“، ”شريف زادي“، ”فوٽ پاٿ“، ”دوزخي“، ”اناالحق“ ۽ ”ڪم بيڪ آفريڪا“ آهن. پنهنجي ڪهاڻين لاءِ نورالهدى شاھ لکي ٿي ته، ”مون سنڌي سماج جي اڏوهي کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾ ويهي انيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. انسانيت ۽ شيطانيت جي وچ ۾ ڪيڏي ٿورڙي وڇوٽي آهي. انهيءَ وڇوٽيءَ جي وچ ۾ بيهي مون لکيو آهي، سوچيو آهي، پڙهيو آهي، پروڙيو آهي“.
نورالهدى شاھ جي ڪهاڻين جا موضوع نوان ۽ پريزنٽيشن مختلف آهي، اردو ٻوليءَ ۾ لکيل ڊرامن سبب سندس نالو پاڪستان کان سواءِ دنيا ۾ جتي جتي اردو سمجھي وڃي ٿي اُتي اُتي مشهور آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته نورالهدى شاھ 1977ع ۾ ڪي ڇرڪائيندڙ موضوع کڻي همت سان انهن کي بيان ڪيو آهي. سندس ڪهاڻيون ”ناگاساڪي“، پاروٿو گوشت“ ۽ ”شريف زادي“ هن سلسلي ۾ اهم آهن. (صه، 171) ڊاڪٽر مجيد ميمڻ موجب، ”نورالهدى شاھ جاگيرداڻي دور جي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عورت تي لکيو آهي“.

مٺي مراد:
ماهتاب منور عباسي/ماهتاب محبوب جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿي. 1960ع کان پوءِ لکندي رهي آهي. سندس افسانوي مجموعن ۾ ”چانديءَ جو تارون“، ”پرھ کان پهرين“، ”مٺي مراد“ ۽ ”لهر لهر زندگي“ ۽ اردو ادب ۾ ڪهاڻين جو مجموعو ”پل صراط“، آهن. ماهتاب پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي انعام يافته ليکڪا آهي، ڪهاڻين کان سواءِ هن ناول، خاڪا، سفرناما، ڪالم ۽ مضمون لکيا آهن. سندس ناول ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“ ۽ ”پيار پناهون ڇانورا“ آهن.
سندس ڪهاڻيون ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون“، ”مهڻي موکي“، ”مٺو ڀت“، ”بک جا چڪ“، ”مٺي مراد“ ”چانديءَ جون تارون“، ”رهيل جانچ“ مشهور آهن.
مٺي مراد، آڪٽوبر 1979ع ۾ ارم پبليڪيشن شايع ڪيو جنهنجو انتساب نسيم احمد کرل جي نانءُ آهي. هن مجموعي ۾ 9 ڪهاڻيون آهن، جيڪي هن ريت آهن: ”بک جا چڪ“، ”ڍڳو پير پيران“، ”سريت“، ”مريم جو بت“، ”سوڀي“، ”سيڻ ڏيڻ“، ”لالڻ“، ”ڄارو“ ۽ ”مٺي مراد“ ماهتاب جون ڪهاڻيون سماجي ۽ اصلاحي آهن. هوءَ سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍاين کي بيان ڪري ٿي. سندس بيان پراثر، لفظن ۽ جملن جو گھڙاءُ وڻندڙ آهي. مثال طور ”بلي بلي! ڪاري ڪڪڙ دنبدار جيڏي بڇينس تيڏي تيار“ يا ”ٻئي مٿا وڏيري جي کنڌي رهيا هڪ وار وري ڳاڙهو گھوٽ ٿيو، جيتر پٺ پڌري ٿئي تيتر هن جو مڙھ مقامِ اڃان رولڙي ۾ هو“ يا ”سمورو عشق فشڪ ٿي ويو، اجايون لومڀون ڏيئي هن سندس پتائي لوڻين رکيا“. مطلب ته ماهتاب ٺيٺ سنڌي ٻولي ۽ گھريلو ماحول کي اثرائتو پيش ڪيو آهي.

لهر لهر زندگي:
نيوفيلڊس پبليڪيشن هيءُ ڪتاب 1985ع ۾ شايع ڪيو هن ۾ ڪل ڏھ چونڊ ڪهاڻيون آهن. جن ۾ ”محشر موچارو“، ”آڙھ“، ”رهيل جانچ“، ”اوندھ ۾“، ”دلبر ڪاڻ ديواني“، ”گيٽ جي ٻاهران“، ”جرنلسٽ“، ”ڇانوَ“، ”ڊينجر مين“، ”لهر لهر زندگي“ آهن. (”ڇانوَ“ ڪهاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي.اي جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ شامل ڪئي وئي آهي).
ماهتاب جون ڪهاڻيون وڻندڙ اسلوب، ڇرڪائتي پڇاڙي ۽ جھجھن موضوعن جي ڪري مختلف آهن. ”گيٽ  جي ٻاهران“، ڪهاڻي هڪ ڀنگياڻي ۽ مالڪياڻيءَ جي پئسن جي ريڙھ پيڙھ تي لکيل آهي، پر جڏهن ڪير ڪم ڪرڻ لاءِ ملندو آهي تڏهن مالڪياڻي گيٽ تي بيهي ساڳيءَ ڀنگياڻي کي نه فقط پئسا وڌائي ٿي ڏي پر کيس وڏي ۽ پنهنجي ماءُ ٿي سڏي، ڪهاڻيءَ جي آخر هن ريت آهي: ”اڌ ٻيڪڙيل گيٽ جي ٻاهران بيٺل ڪاري گڏھ وڏي هينگ ڏني، مون ان وقت پاڻ کي گڏھ جي پيرين پوندي محسوس ڪيو، ”مٺي مراد“ ۾ وڏيري جي چوٿين شاديءَ جو نقشو چٽيندي چوي ٿي ته، ”چوويھ ڪيراٽ سون جهڙي سدا سهڻي لکيو لوڙڻ ڪاڻ، شرناين جي گونجار ۾ حويليءَ جي پڌر ۾ پير پاتو“، ماهتاب چواڻي ته مان بنيادي طرح ڪهاڻي نويس آهيان! سو واقعي سچ آهي. سندس ڪهاڻيون اونهي مشاهدي، اعلى ڪردار نگاري ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان لاجواب آهن.
ماهتاب صاحبه شهري توڙي ڳوٺاڻي ماحول جي زندگين کي ماهر فنڪار وانگر فوڪس ڪيو آهي. گھريلو حياتيءَ جي اونهي عڪاسي ڪندڙ هيءَ ڪهاڻيڪارا پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون خاص طور استعمال ڪري ٿي. جنهن سان نه فقط سندس موقف واضح ٿو ٿئي پر گھريلو راڄ جي ڪهاڻين ۾ وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ٿئي ٿي. ماهتاب پنهنجين ڪهاڻين ۾ سندن گھرن جون ريتون، رسمون، جيئن پڌريون، ونهاءُ، شادي، عقيقا، ٻيا رواج ۽ انهن جو مشاهدو ذڪر ڪيو آهن، جنهن سان سنڌي ثقافت ۽ رسم رواج افسانوي ادب ۾ هميشه لاءِ اچي ويا آهن. ڊاڪٽر عرساڻي موجب: ماهتاب جي ڪهاڻين ۾ هڪ منفرد رنگ آهي، وٽس مرڪزي اهميت پلاٽ يا واقعي جي بجاءِ ڪردارن جي گفتگو ۽ هلت چلت کي آهي. هن جي ڪهاڻين جي ٽيڪنيڪ مڪالماتي آهي، ڊاڪٽر مجيد ميمڻ، ماهتاب جي ڪهاڻين کي ”افسانوي فن ۽ مقصديت جي لاڳاپي واريون ڪهاڻيون لکيو آهي“.
رشيد ڀٽيءَ مطابق، ”ماهتاب دقيق فيلسوفاڻا نڪتن ۽ ناصحانه فقرن جي بجاءِ صاف سچ ۽ حقيقت تي مبني ڪهاڻيون لکيون آهن“. پير حسام الدين، ماهتاب جي فن کي ”منفرد فن“ سڏيو آهن.

ڇھ انام ڪهاڻيون:
سنڌ فورم پبليڪيشن شڪارپور جي ڇپايل هن ڪتاب جو ليکڪ ڪهاڻيڪار ماڻڪ/اصل نالو منير احمد ميمڻ آهي. ڇهن ڪهاڻين جي هن ننڍي ڳٽڪي ۾ ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي ڪوبه عنوان نه ڏنل آهي، پهرين ڪهاڻي، ٻي ڪهاڻي جي عنوان مطابق مختصر سماجي ڪهاڻيون سنڌ جي پس منظر تي لکيل آهن، جن ۾ علي بابا ريسٽارنٽ، سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽيءَ جا منظر يا ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس جون ميٽنگون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ لفاظي ڪانهي. گھڻي منظرنگاريءَ جي ڊيگھ ڪونهي بلڪه سادي سودي ۽ سولي ٻوليءَ سان سنڌ جي معاشري جي عڪاسي آهي. ڪتاب مان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا. ”ڀلادم تي ڪهڙو ويساھ، هن حال ۾ باقي بچيو ئي ڇا اٿم، هڏا ۽ چم، هن روڳي پڃري ۾ ڦاٿل ساھ جو پکيئڙو اڄ اڏاڻوڪي سڀاڻ“. (ٻي ڪهاڻي)
”تو پاران ڏنل زندگيءَ جي سرهاڻ کي مان ساروڻين جي روپ ۾ سانڍيندس ۽ هنن سڳنڌ ڀريل گھڙين منجهان جيڪي منهنجي ماضيءَ جو املھ خزانو آهن. موت جي پڇاڙيءَ وارين گھڙين تائين واس وٺندس“. (چوٿين ڪهاڻي)
”پهرين ته کيس هلڪي پڇتاءُ پنهنجي انتهائي بي رحميءَ سان گڏ مبهم طور پنهنجي نظرن ۾ ڪريل هجڻ، بي عزتو ٿيل ڏوهي هجڻ جو لاشعوري طور شديد احساس ٿيو، پر پوءِ ذهن کي جھٽڪو ڏيئي شعوري طور ان کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو“. (پنجين ڪهاڻي)
ٻن گبر دشمن پيرن جي وچ ۾ اليڪشن جي مهل مصلحتي ٺاھ تي آخر ۾ هن ريت لکيو اٿس، ”پوءِ ساڳئي شهر جي ساڳئين روڊن تان ٻنهي پيرن جون جيپون چيچاٽ ڪنديون امن ۽ صلح سان لنگهنديون آهن. انهن مئلن مريدن جي روحن کي ڪچلينديون، جيئرن مريدن جي ساڃھ، سمجھ ۽ عقل کي چيڀاٽيندي. (ڇهين ڪهاڻي) ماڻڪ جي ڪهاڻين جو هڪ مختلف اسلوب آهي ۽ وٽس موضوع به ڇرڪائيندڙ آهن، ”حلويليءَ جا راز“ سندس مشهور ڪهاڻي آهي.

۽ سنڌو وهندو رهيو:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان 1974ع جي سال جو ڪهاڻيءَ جو انعام حاصل ڪيل ڪتاب، قبول ابڙي جو لکيل آهي. هن ڳٽڪي ۾ ڪل 9 مختصر ڪهاڻيون آهن. جيڪي سماجي، اصلاحي، گھريلو ۽ گھڻي قدر زندگيءَ جي ننڍن ننڍن مسئلن تي آڌاريل آهن. هڪ ڪهاڻي ”زن مريد“، اوهينري جي ڪهاڻيءَ تان ماخوذ آهي. نوَن ڪهاڻي جا عنوان هن ريت آهن، ”منهنجي مرضي“، ”پيار جا ناتا“، ”ڪنوار جو موڙو“، ”اونداهيءَ جا زخم“، ”پيار ۽ زهر“، ”گھايل من منهنجو“، ”زن مريد“، ”فنڪار“ ۽ ”سنڌو وهندو رهيو“. ڊاڪٽر قاضي خادم، مهاڳ ۾ هنن ڪهاڻين جي موضوعن کي سماجي، قومي ۽ معاشري سان تعلق رکندڙ مقصديت واريون ڪهاڻيون ڄاڻايو آهي.، جيڪي گڏو گڏ دلچسپ پڻ آهن، سليم ڪورائيءَ موجب قبول ابڙي جون ڪهاڻيون افسانوي انداز جون آهن. سندس مطابق قبول ابڙو جي ڪهاڻين مان صرف تفريح حاصل ٿئي ٿي. هو ڪهاڻيءَ جي رمز کان واقف آهي، پر کيس هن ڪمزوريءَ تي ڌيان ڏيڻ کپي باقي سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري اوچائيءَ تي آهي. هو سعادت حسين منٽو کان متاثر آهي“.
هي گھريلو ڪهاڻيون زناني عالم جي جذبن، سوچن ۽ ويچارن سان گڏ سندن ننڍين ننڍين خوشين ۽ ڏکن کي ظاهر ڪن ٿيون. آخري ڪهاڻي، ”۽ سنڌو وهندو رهيو“ سنڌين جي بي خبري ۽ لاپرواهيءَ تي آهي، ته ڌاريان جڏهن به اسان کي ڏنڀ ڏين ٿا ته هر دور ۾ اسين انهن کي وساري ٿا ڇڏيون ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه هو. ليکڪ لکي ٿو. ”تنهنجا ڳوڙها ڳاڙڻ اجايا آهن. منور! اسان فقط ڳوڙها ڳاڙي ڄاڻون، روئي ڄاڻون، ٿوري عرصي کان پوءِ وساري ڄاڻون، ايئڻ ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه هو، ڄڻ ڪو جنازو نڪتو ئي نه هو وري تڏهن خبر پوندي آهي، جڏهن ٻيو خنجر اچي سيني ۾ لڳندو آهي“. (صه، 128)
”هر دور ۾ سنڌو جو پاڻي رت سان ڀريل هوندو آهي ۽ اهو رت تيسيتائين رهندو جيسيتائين علاؤالدين، نيپئر ۽ نادر شاھ پيدا ٿيندا رهندا. تون چپ رھ ڪنهن عيسى جي انتظار ۾ ڪنهن مهديءَ جي آسري ۾“. (صه، 129)

رهيل قرض:
هي افسانوي مجموعو، مشهور ڪهاڻيڪارظفر حسن جو نيوفيلڊس پبليڪيشن 1981ع ۾ شايع ڪيو آهي. 201 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 10 ڪهاڻيون آهن، ظفر حسن فهرست ۾ هر ڪهاڻيءَ جي لکڻ جو سال ڄاڻايو آهي. ”رهيل قرض“ 1966ع ۾ ۽ آخري ”ڪني پاڻي جو تلاءُ“ 1978ع ۾ لکي ويئي. معنى ته هيءُ ڪهاڻيون 12 سالن جي عرصي جون آهن. ٻين ڪهاڻين جا عنوان هن ريت آهن: ”سوکڙي“، ”گناھ جو ڍڪ“، ”ڀاڳ نڀاڳ“، ”تکي اُس، ٿڌي ڇانوَ“، ”عيد جي خرچي“، ”پنهنجو پنهنجو قرض“، ”حياتيءَ جي ٽه رقمي“، ”رات جنين جو ماڳ“، هي ڪهاڻيون سنڌي سماج جي مختلف رُخن کي ظاهر ڪن ٿيون، هنن ۾ هاريءَ جي هيڻائي ۽ زمينداري ظلم بيان ٿيل آهن ته سنڌي فرسٽ ڪلاس ڊگري رکندڙ بي روزگار نوجوان جو انٽرويو لاءِ رلڻ ۽ ڪراچي سنڌ ۾ خود کي اڪيلو محسوس ڪرڻ جا ڏک آهن. ”ڀاڳ ۽ نڀاڳ“ هڪ کٽل پر ذهني سالميت واري شخص جي سوچن جو عڪس آهي. جنهن کي پنهنجي ذهني اپروچ سڀاڳ ۽ بلندي محسوس ٿئي ٿي ۽ کيس پنهنجي اڳيان امير، پير، وڏيرا ۽ زميندار نڀاڳا ٿا لڳن. جي بي حِس آهن ۽ قوم جو  درد دل ۾ محسوس نٿا ڪن. ”عيد جي خرچي“ معصوم ٻارن جي عيد جي خرچيءَ جي شرق تي آهي هيءُ هڪ عام پر اثرائتو موضوع آهي.
معصوم بارڙي عيد جي خرچيءَ لاءِ سڪي ٿي وڃي، ڇو جو هڪ امير جي موٽر کيس ڪچلي ٿي وڃي، ظفر حسن موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي مواد سان مڪمل لاڳاپيل ڏيکاريو آهي، ٻولي عام فهم، بياني ۽ ڪهاڻين جو دورانيو مختصر آهي. ڪجھ ڪهاڻيون سٺي ٽريٽمينٽ سان پيش ٿيل آهن. هتي ڪجھ حوالا ڏجن ٿا.
”هو ٽيجھو ڪري راتو رات ٽپڙ ٻڌي ڳوٺ ڇڏي ويا، جيڪڏهن بنا قرض جي ڀڄن ها ته وڏيرو مٿو ئي وڃائي ڇڏي ها. جيستائين هڪ غريب هاريءَ وٽ جوان ڌيءَ آهي. تيستائين زميندار پنهنجو قرض ضرور اوڳاڙيندو هاريءَ وٽ ڌيءَ ته ڄمندي رهندي قدرت جو اٽل قانون آهي، پر هن ڌرتيءَ تي ڏاڍ سدائين رهندو. اهو اٽل قانون ڪونهي، جيڪي به  صدين کان غريب جو امير تي وري رهيل قرض آهي ان جو پورو حساب ٿيندو“. (صه، 21 ”رهيل قرض“)
”عيد نه رڳو روزيدارن لاءِ پر بي روزائيتن، اميرن، شرابين، رشوتين، ڦورن، ظالمن ۽ سڀني مسلمانن لاءِ ايندي آهي“.(صه، 95 ”عيد جي خرچي“)
”هو ڳرين وکن سان هوري هوري لڏندو لمندو ڏاڪڻ تان لهڻ لڳو، الائي ڇو تغلق هائوس جي نالي سان کيس فيروز شاھ تغلق ياد آيو، جنهن سنڌ کي لٽي برباد ڪيو هو. هو دل ۾ وري نوڪريءَ جو حساب ڪرڻ لڳو“. (صه، 148) ”کيسي ۾ هڪ پئسو به نه ڪراچيءَ جون ڊگھيون اوچيون عمارتون ٽرئفڪ جي پيھ پيهان ۾ به هو پاڻ کي اڪيلو برپٽ منجھ محسوس ڪرڻ لڳو“.
”انگي حساب جي ٽه رقميءَ جو جواب صحيح ڪڍڻ جو اهو مطلب ڪونهي ته هو حياتيءَ جي ٽه رقميءَ جو جواب به صحيح ڪڍي سگهي ٿو“. (”حياتيءَ جي ٽه رقمي“)

ٽٽل شيشا ۽ آڱريون:
نور گھلو اصل نالو نور نبي، جديد قدرن جو حامي ليکڪ هو، نور گھلو جو هيءُ افسانوي مجموعو منصور پبليڪيشن 1981ع ۾ شايع ڪيو، نور گھلو ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏ ڊراما نويس، شاعر ۽ نقاد رهيو. هن مجموعي ۾ ڪل 15 ڪهاڻيون آهن جن جا عنوان هن ريت آهن: ”آخري پٿر“، ”اٺون رنگ“، ”اُلاڪي اماس ۾“، ”خالي اکيون خالي رستا“، ”چانڊوڪي ۽ اڪ جا پن“، ”اڇا گل ڪنول جا“، ”جاني“، ”مدرليس چائلڊ“، ”مٽي جا ماڻهو“، ”ديوارون پاڇا ۽ پڙاڏا“، ”ٿوهر جا گل“، ”انٽرلاڪ ۽ ماسٽرڪي“، ”پل آپل ۾ ورهائجي ويل“، ”زندگي ۽ سندرتا“، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ آهن. هنن ڪهاڻين ۾ خيال ۽ عڪس آهن ته چڀندڙ حقيقتون پڻ جنسيات جو اثر هنن ڪهاڻين ۾ آهي پر زندگيءَ جي خاص مسئلن جي طرف اشارو پڻ آهي، ”زندگي ۽ سندرتا“ هڪ زندگيءَ کان بيزار شخص جي ڪهاڻي، جنهن کي ٻار جي معصوميت خودڪشيءَ کان روڪي ٿي، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ نفسياتي ڪهاڻي آهي. ڪتاب مان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا.
”ماٺ جو مانڊاڻ من ۾ کڻي هلندي هميشه وانگر سندس نظرون روز جيان روڊ جي نالي واري بورڊ ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، ”اوھ..............!“ سندس منهن تي اندروني ڪرب ۽ اذيت جا پاڀا وري اچن ٿا. سندس لوندڙيون ڌوڻ لڳن ٿيون ۽ ڪروڌ مان سندس مٺيون ڀڪوڙجي وڃن ٿيون. ”اف اسان ماڻهو!؟ اسان ماڻهو آخر جيئون ڇو ٿا، اسان جي ٻولي!؟، اسان جو ڪلچر!؟.... آخر....!“ ڪجھ ڏينهن اڳ تائين جو بورڊ تي روڊ جو نالو سنڌيءَ ۾ لکيل هو، پر پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن، اهو سنڌيءَ ۾ لکيل نالو ميسارجي ويو هو، اتي سنڌيءَ بدران روڊ جو نالو ڌارين ٻوليءَ ۾ لکجي ويو هو. اسان جي هيڏي تاريخ........ هيڏو ڪلچر........ سڀ ختم ٿي! ويندو؟.... ۽ هاڻي هيءَ سنڌ جو نالو مٽائڻ جي سازش.....! بابِ اسلام...... ته پوءِ......... اسان چپ ڇو آهيون!. (صه، 71، مٽيءَ جا ماڻهو). زندگيءَ جا چٽا، اڻ چٽا عڪس، ڌنڌليون تصويرون، آڏيون ابتيون تحريرون، چچريل آواز“. (صه 75، ديوارون پاڇا ۽ پڙاڏا).
”تاج محل شهنشاھ شاھجهان ۽ ممتاز جي پيار جو يادگار، بڪواس!.... هي انهن پورهيتن جي محنت جو يادگار آهي، جن پنهنجي رت ۽ پگھر سان سِرَ سِرَ جوڙي آهي“. (صه 137، ٽٽل شيشا ۽ آڱريون).
نور گھلو جون هيءُ ڪهاڻيون مختلف انداز سان لکيل آهن پر منجھن انگريزي لفظن جو استعمال وڌيڪ آهي، جنهن ڪري عام پڙهندڙ جي لاءِ ڪجھ قدر ڏکيون آهن.

چونڊ سنڌي افسانا:
ان عنوان سان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي طرفان ڇپايل ڪتاب کي ڊاڪٽر غلام علي الانا ترتيب ڏنو، گھڻو وقت بي.اي جي نصاب ۾ شامل هيءُ ڪتاب پهريون دفعو 1976ع ۾ شايع ٿيو ۽ پوءِ نصابي ضرورت تحت ڇپبو رهيو آهي. 162 صفحن جي هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن جون 12 انعام يافته ڪهاڻيون ڏنل آهن. هن مجموعي جو جائزو ڏيڻ جو مقصد آهي ته ڪي اهڙا افسانوي مجموعا آهن، جيڪي مختلف ڪهاڻيڪارن جي چونڊ ڪهاڻين تي مشتمل آهن. هن ڪتاب جي ٻي خاص خوبي شروع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مقالو ”سنڌي افساني جي اوسر“ آهي، اهو سنڌي افساني جي فن جي معلومات ڏيندڙ ليک آهي. جنهن ۾ افساني جي ابتدا، اوسر ۽ مشهور افسانه نگارن ۽ سندن افسانوي مجموعن جي خوبين ۽ خامين جو تجزيو شامل آهي. الانا صاحب لکي ٿو ته، ”سنڌي جديد افساني جي ڪاميابيءَ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هي آهي ته انهن مان ڪي چونڊ افسانا انگريزي، جرمني ۽ روسي ۾ ترجمو ٿيا آهن. اهڙي طرح سنڌ جو جديد افسانو ادب جي بهترين صنف ليکجي ٿو“.
”چونڊ سنڌي افسانا“ جي ٽين خاص خوبي، هر افساني کان اڳ ۾ لکندڙ جو تعارف ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ هيٺيان افسانا شامل آهن. ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس“ حفيظ شيخ، ”بلو دادا“ اياز قادري، ”پشو پاشا“ جمال ابڙو، ”ڇوڏو“ نجم عباسي، ”خوني رات“ امر جليل، ”روشنيءَ جو سفر“ آغا سليم، ”شيدو ڌاڙيل“ غلام رباني، ”عثمان حجم جو روزو رکڻ“ علي احمد بروهي، ”ڪافر“ نسيم احمد کرل، ”مڪو مست“ ع-ق شيخ، ”ماني ڳڀو“ جمال رند، ”وطن“ ثميره زرين.
ڪجھ افسانن مان حوالا پيش ڪري انهن تي تبصرو پيش ڪجي ٿو. انهن ليکڪن جا افسانا آهن جن جا افسانوي مجموعا گھڻو مشهور ٿيا.

چونڊ سنڌي افسانا ڪتاب جا اهم افسانا هڪ نظر

امان مان اسڪول ڪونه ويندس: هيءُ جڳ مشهور افسانو حفيظ شيخ جو آهي، سندن شمار معياري ۽ مقبول افسانه نگارن ۾ ٿئي ٿو. هيءُ ڪهاڻي هڪ معصوم ٻار گلڻ جي غريبي ۽ اسڪول ماستر جي بيوسيءَ جي آهي، جيڪو انگن اکرن جي پورائو مجبوراً ڪرڻ چاهي ٿو. هيءُ اثرائتو افسانو سنڌ جي ڳوٺن جي تعليمي سرشتي کي سمجھڻ ۾ پڻ مدد ڏئي ٿو. آخر ۾ ليکڪ لکي ٿو ته، ”گلڻ اتي هليو ويو جت ٻنين تي ماني ڏيئڻي ڪانه آهي، جت اسڪول ڪين آهن، جت ماستر ڪين آهن، جت معصومن کي مار ڪين ملندي“. ڪجھ نقادن هن ڪهاڻيءَ کي استادن جي خلاف الزام تراشي سڏيو پر حقيقتاً ڏٺو وڃي ته گلن جهڙو گلڻ انساني ظلم جو شڪار سماج جي غلط نظام هيٺ ٿيو. هڪ حساس موضوع کي حفيظ صاحب فنڪاريءَ سان بيان ڪيو آهي.

بلو دادا: اياز حسين قادريءَ جي ڪهاڻي آهي. ”سنڌي غزل جي اوسر“ جي عنوان  تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر اياز قادري، جديد دور جي اوائلي ڪهاڻيڪارن مان هو. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”بلودادا“ آهي، جنهن ۾ هن ڪهاڻيءَ سنڌ ۾ گھڻي مڃتا ماڻي، ”بلو دادا“، مڪراني گاڏڙ لهجي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ، غريبن جو همدرد، پاڙي جي عزت جو محافظ، هڏڏوکي، بليڪ مارڪيٽنگ جو دشمن آهي پر هن هڪ سرمائيدار ۾ هٿ وڌو ۽ اهو سيٺ کيس گونڊا ٽيڪس هيٺ شهر نيڪالي ڏياري ٿو. آخر ۾ ليکڪ لکي ٿو: ”مان سوچ ۾ پئي ويس، ڇا بلو سچ پچ گونڊو هو؟“. اياز صاحب جي ”بلو دادا“جاندار ڪهاڻي آهي. اهڙيءَ ريت ٻيون ڪهاڻيون ”مان انسان آهيان“، ”جوابدار ڪير“، ”زهر جو ڍڪ“ اثرائتيون آهن.

پشو پاشا: جمال ابڙو نامور عالم، علي خان ابڙي جو فرزند، مشهور ليکڪ ۽ نقاد بدر ابڙي جو والد ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ خاص نالو آهي. جنهن جي آتم ڪٿا پنجن حصن ۾ سوانح جي مَدَ ۾ گھڻي اهميت رکي ٿي. جمال صاحب سنڌي افسانه نويسيءَ جو اوائلي ليکڪ هو. هن گھٽ پر حقيقت نگاريءَ تي مشتمل ڪهاڻيون لکيون آهن.
پشو پاشا، هڪ جابلو شينهن جي ڪهاڻي آهي. جيڪو عدالت ۾ جج سان مهاڏو ٿو اٽڪائي، جنهن جي همت ۽ سورهيائي لاجواب آهي. جج جي اکين ۾ اکيون وجهي ٿو چوي ”تون ڏوهي آهين توکي ڦاسي ڏني ويندي“، هن افساني ۾ ڪردانگاري، منظر نگاري، پلاٽ، واقعو يا ڪهاڻيءَ جي ترتيب ۽ ٻولي، هر هڪ جزو منڊيءَ تي ٽڪ آهي. هيءَ سنڌي ادب جي هڪ لازوال ڪهاڻي آهي، جمال صاحب جج هئڻ جي حيثيت سان ممڪن آهي. ڪي اهڙا ڪردار ڏٺا هوندا ۽ انهن کين متاثر ڪيو هوندو، جن کي پشو جي صورت ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪيو اٿن. لکن ٿا ته: ”پشو قدرت جي اڻ گھڙيل تخليق هو، هو ننڍي هوندي کان ئي ڇيڳرو، الڙ ۽ ارڏو هو“، حڪومت جي قانون سازيءَ تي لکيو اٿن، ”هن عدالت عاليه ۾ ملڪ جي قانون جي ڀڃ گھڙ ڪري، چٻي چٿي، فتوائون صادر ڪيون وينديون هيون. مروٽيل قانون معصوم شهرين جي مٿان پنجوڙ وانگر اڇلايا ويندا هئا. (صه، 4)
جمال ابڙو جي ڪهاڻين جو تعدا ٿورو آهي، پر سندس ڪهاڻيون فني طور مضبوط آهن. سندن ڪهاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ جي عنوان سان آهي. جمال ابڙو کي اسماعيل عرساڻي ”مقامي رنگ يا ارضيت جي فن جي روايت سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڏيندڙ ليکڪ سڏيو آهي“، هن جي ڪهاڻيءَ ۾ نج سنڌي ماحول  جو مشاهدو آهي. ڪردار به سنڌ جي سر زمين جا حقيقي ڪردار آهن.
”چونڊ سنڌي افسانا“، پنهنجي افاديت جي لحاظ کان افسانوي ادب جو هڪ اعلى ڪتاب آهي. اهڙيءَ ريت بي.اي جي نصاب لاءِ سنڌيءَ جو ڪتاب جو سنڌ يونيورسٽي مقرر ڪيو آهي. ان ۾ به بهترين چونڊ افسانا آهن. جيڪي هن ريت آهن؛ ”پيراڻي“ جمال ابڙو، ”مان انسان اهيان“ اياز قادري، ”چوٽيهون در“ نسيم کرل، ”چهڙي“ بشير مورياڻي، ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس“ حفيظ شيخ، ”چنڊ ۽ ماني“ علي بابا، ”ڇانو“ ماهتاب محبوب، ”اوپرو ماڻهو“ شوڪت حسين شورو، ”ڪارنهن“ رزاق سهتو، هنن افسانن جي چونڊ انساني حقن جي پاسداري ۽ حفاظت ڪندڙ تحريرن طور ڪئي ويئي آهي.

مهراڻ جا موتي: هيءُ مخزن ماهوار نئين زندگيءَ جي خاص اشاعت آهي. جنهن ۾ 1956ع کان 1959ع جو ادبي انتخاب ڏنل  آهي. نثر واري حصي ۾ ادب، تاريخ ۽ سوانح سان گڏ 9 افسانا ڏنل آهن، جيڪي هن ريت آهن: ”مهرباني“ (طنزيه) جمال ابڙو، ”ڪارا ۽ ڳاڙها ليڪا“ غلام رباني، ”عدو موچيءَ جو راڳ سکڻ“ (مزاحيه) علي احمد بروهي، ”امڙ مان نه ڪندس!“ اياز قادري، ”هڪ رپئي جو نوٽ“ (مزاحيه) رشيد ڀٽي، ”سهڙي آ سانجھي اوندھ لٿي آب تي“ رشيد آخوند، ”ڏکڙن جو ڏاج“ ثميره زرين، ”ٻيلي ڪا خوشبوءِ ڏي ته ٽاٽائي وٺان“ (مزاحيه) ڪروڙ پتي، اهي سڀ ڪهاڻيون وڏن ڪهاڻيڪارن جي قلم جو انمول خزانو آهن، جن جي ادب جي تاريخ ۾ هڪ خاص حيثيت آهي.

عظيم ڪهاڻيڪارن جون عظيم ڪهاڻيون: هيءُ افسانوي مجموعو، فيروز احمد ميمڻ، نيوفيلڊس پبليڪيشنز جي مالڪ ترتيب ڏيئي اپريل 1974ع ۾ شايع ڪيو. پيش لفظ ۾ امر جليل ڄاڻايو آهي ته، ”هن ڪتاب جون ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي دور جي انساني قدرن، جذبن ۽ امنگن جون ڪهاڻيون آهن ۽ هر دور لاءِ نيون آهن، جديد آهن، وقت جي دَزَ هنن ڪهاڻين کي لٽي نه سگهي آهي“، هن مجموعي ۾ 16 ڪهاڻيون آهن جن ۾ ”جي تند برابر توريان“ شيخ اياز، ”پشو پاشا“ جمال ابڙو، ”چهڙي“ بشير مورياڻي، ”شڪست“ سندري اتم چنداڻي، ”مان... اپمان“ موهن ڪلپنا، ”کڙندا کٽڻهار“ آغا سليم، ”گذريل واردات“ نسيم کرل، ”منزل ايندي ماڳ به ايندا“ قمر شهباز، ”هڪ دل جي اڪيلائي“ امر جليل، ”ٻوساٽ“ غلام نبي مغل، ”گوندر ڪڍيا گونچ“، ”ڪجھ به نه“ ايشور چندر،”موٽندڙ ڇوليون“ عبدالقادر جوڻيجو، ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ هيرو شيوڪاڻي، ”الزام“ عبدالحليم بروهي. هن مجموعي جون ڪهاڻيون پراڻيون هوندي به نيون آهن. انساني جذبن جا اظهار ڪڏهن به قديم نه هوندا آهن. هي ڪهاڻيون ئي هيون، هي ئي دور هو، جيڪو سنڌي افسانه نويسيءَ جي عروج جو دور شمار ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ نوان موضوع، مختلف طريقن سان انهن جو اظهار، ٻوليءَ جو سهڻو استعمال، انساني قدرن جو احترام ۽ انيڪ خوبيون هيون. سندريءَ جي ڪهاڻي ”شڪست“ هجي يا بشير مورياڻي جي ”چهڙي“ موهن جي ”مان... اپمان“ هجي يا جليل جي ”هڪ دل جي اڪيلائي“ هر هڪ جي ٿيم، ڪردار نگاري، احساسن جي ترجماني لاجواب آهي. هڪ معصوم ڀنگياڻي ٻارڙي خوفزده ڌڪيل ڦٽيل (مئل) داديءَ وٽ وڃڻ چاهي ٿي، پر ڊپ ۾ گھر يا مالڪن وٽ نٿي وڃڻ چاهي، (چهڙي، بشير مورياڻي).
حشو ۽ ستيءَ جي ڪهاڻي پتي پتنيءَ جي جيوَن ۾ ايندڙ انهن لمحن جي ڪهاڻي آهي. جن ۾ جھيڙن کان پوءِ صلح آهي، رسڻ کان پوءِ پرچڻ جو ميٺاج آهي. داديءَ انهن جھيڙن جھٽن کان بچڻ لاءِ شادي نه ڪئي پر آخر حشو ۽ ستي جي صلح کيس احساس ٿي ڏياري ته پتي پتنيءَ جي انوکي رشتي ۾ هڪ پنهنجائپ آهي. اهو محسوس ڪري سندس سوڀ شڪست ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
”مان اپمان“، موهن ڪلپنا جي نفسياتي، جذباتي ۽ رومانٽڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا خودي ۽ انا، روپ ۽ سروپ جي چوگرد گھمي ٿي. روپ ۽ آتما مان ڇا امر آهي؟ مَنَ جو موھ تن جي موھ کان اڳ پسجڻ جي حامي ريکا جي جيت ئي ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي آهي. هن مجموعي جي هڪ هڪ ڪهاڻي لاجواب آهي. (جھڙيءَ ريت سنڌي ادبي بورڊ جي اڳ ڇپيل ڪتابن کي ٻيهر بورڊ طرفان ڇپرايو وڃي پيو تنهن ريت ضروري آهي ته چونڊ افسانوي ادب کي جيئارڻ لاءِ ٻيهر ڇپائجي، ڇو جو گھڻا ڪتاب ڪتاب گھرن تي موجود نه آهن).

تاريخي افسانا ۽ ڊراما: هن ڪتاب ۾ سچن تاريخي واقعن تي مشتمل ڪهاڻيون آهن جن کي مشهور ڪهاڻيڪار غلام محمد گراميءَ لکيو ۽ 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. 322 صفحن جي هن ڪتاب ۾ گرامي صاحب افسانوي فن تي مقدمو ڏنو آهي.
هن ڪتاب جي سچن واقعن ۾ جي افسانوي رنگ ڀريا ويا آهن،  انهيءَ سان هي تاريخي افسانا دلپذير ٿي پيا آهن. هن ۾ ”هانسي“، ”سجاح“، ”مهاراڻي“، ”شوڀا“، ”چندر ورتا“، ”پد مڻي“، ”درڳا ٻائي“، ”ڪالڪا پرٿال“ 'راج ڪور'، 'سڌارت' ۽ ٻيا افسانا شامل آهن.

سنڌي افسانوي ادب جي شروع دور ۾ فني خوبين تي توجھ گھٽ هئي، ته به ڪجھ ڪهاڻيون سٺيون لکيون ويون. 1947ع کان پوءِ ۽ خاص طور 1950ع کان پوءِ سنڌي افساني گھڻي ترقي ڪئي. مشهور افسانه نگارن ۾ نسيم کرل واقع نگاريءَ کان، امر جليل ڪردارنگاريءَ ۽ مڪالمه نويسي کان، آغا سليم ۽ علي بابا تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت سان گڏ ٻوليءَ جي سونهن کان، ماهتاب محبوب، زناني عالم جي مسئلن جي پيشڪش کان، نورالهدى شاھ سماج اندر عورت تي ٿيل ظلم کي بيباڪيءَ سان بيان ڪرڻ کان نشانبر آهن، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ضروري آهي ته، نوَن لکندڙن کي جديد قدرن سان گڏ هيسيتائين جي لکيل سنڌي افساني ۽ ٻين ٻولين جي افسانن جو اونهو اڀياس ڪرڻ گھرجي.

ڀاڱو پنجون : سنڌي ڊراما

---

ڊرامي جي صنف جو تعارف

ڊرامو يوناني لفظ ”ڊراؤ“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنى عمل يا ايڪشن آهي. سنڌيءَ ۾ ڊرامي کي ناٽڪ چيو ويندو آهي، پر هاڻي ”ڊرامو“ لفظ مڪمل طور هلندڙ آهي. ڊرامو اها ادبي صنف آهي. جنهن کي پيش ڪيو وڃي. پروفيسر منگھارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ناٽڪ جو آخرين مقصد تڏهن پورو ٿيل سمجهبو جڏهن ناٽڪ گھر ۾ اهو ڪري ڏيکاريو وڃي“. معنى ته ڊرامو انساني چرپر جي فطري عمل جو نقل آهي، ڊرامي جي شروعات ۽ آخر نقاليءَ تي دارومدار رکي ٿي. ورڊس ورٿ، موجب:
Drama Is the Imitation of Life (W. Worth)
هن نقاليءَ ۾ ڏک به آهن ته سک به آهن. انهيءَ ڪري ڊراما الميه ۽ طربيه لکيا ۽ پيش ڪيا ويندا آهن. ڊرامي جي ٻين فني خوبين ۾ پلاٽ، ڪهاڻي آغاز ۽ انجام خاص آهن. ڊرامو سبق آموز ۽ اصلاحي هئڻ سان گڏ معاشري جي سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ هجي، جنهن ۾ فحاشيءَ کان پاسو ڪيو وڃي. مقصد صرف معاشري جي اوڻاين کي کولي بيان ڪرڻ هجي.
ناٽڪ يا ڊرامو، قديم هندوستان ۾ ڌرمي لحاظ کان جڳن کان اهميت رکندڙ آهي، يونان هن فن کي وڌيڪ وڌايو آهي. مشرق ۽ مغرب جي اثر هيٺ سنڌ ۾ ڊراما لکجڻ ۽ کيڏڻ جو رواج پيو.

سنڌي ڊراما نويسيءَ جي اوسر

سنڌي ڊرامن کي محققن ٽن دورن ۾ ورهايو آهي. 1879ع کان 1923ع تائين ۽ 1923ع کان 1947ع تائين ۽ 1947ع کان موجوده دور تائين. سنڌي ناٽڪ جي شروعات، 1879ع کان امام بخش خادم جي ”هير رانجھو“ سان ٿي ۽ 1880ع ۾ مرزا قليچ بيگ ”ليلى مجنون“ لکيو. جو منظوم ڊرامو هو. 1885ع ۾ مرزا صاحب خورشيد لکيو. 1880ع ۾ ڪوڙيمل ”رتنا ولي“ لکيو، پر اهي ڊراما اسٽيج تي پيش ڪونه ٿيا (مرزا صاحب جو منظوم ڊرامو، ”ليلى مجنون“، سنڌي ڊراما جي هڪ صديءَ جي جشن سلسلي تحت سئو سالن کان پوءِ 1980ع ۾ گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ اڌ ڪلاڪ جو اسٽيج ڪيو ويو). سنڌي اوائلي ناٽڪن کي جن ليکڪن لکيو، انهن ۾ ماستر ڄيٺانند جو ”نل دمينتي“، مرزا قليچ بيگ جا ”گل بڪا ولي“، ”لوڀي ۽ ٺوڳي“، نورجهان ۽ جهانگير“، ”نادر شاھ“، ”نيم حڪيم خطره جان“، ”شيخ چلي“ ۽ ترجمو ٿيل ناٽڪن ۾ ”عزيز شريف“، ”شاھ ايليا“، ”حسنا دلدار“، ”شمشاد مرجانه“، ”گلزار ۽ گلنار“، ”شهزادو بهرام“، ”انڪوائري افيسر“، ڪشنچند بيوس جا ”خوبصورت بلا“، ”سورداس“، ”هرشنچندر“، ”پريت پوڄارڻ“، ”هارجيت“، ليلى رام سنگ جو ”سورج راڌا“، لال چند امر ڏنو مل جا ”عمر ماروي“، ”سسئي پنهون“، ڀيرومل جو ”حرص جو شڪار“، ”عثمان علي انصاريءَ جو ”گمراھ دوست“، خانچند درياڻي جا ”جيئري تي جيئري“، ”گلاب“، ”موتئي جي مکڙي“، ”رتنا“، ”زمينداري ظلم“، ”زماني جي لهر“، ”بک جو شڪار“، ”ديش صوفي“، ”ملڪ جا مدبر“ (ترجمو)، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جا ”ٻي زال“، ”اڪيلي دل“، ”ناخلف پٽ“، ”پاپ جو ڪيتو“، ”انار ڪلي“، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جا ”بدنصيب ٿري“ ڊزن ڊائيلاگ، نانڪرام ڌرم داس جو ”نيڪ انجام“، مشهور ڊراما آهن. جن مان گھڻا اسٽيج تي پيش پڻ ڪيا ويا.
1947ع کان پوءِ سنڌي ڊرامي وڌيڪ ترقي ڪئي جنهن ۾ شروع ۾ ريڊيائي ناٽڪ ۽ پوءِ ٽيليويزن ناٽڪ اچي وڃن ٿا. 1947ع کان پوءِ جي مشهور ناٽڪن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ”خورشيد“، ”شاهدي“، ”نجومي“، واڀيئڙو“، محمد ابراهيم جويو جا ”آزاديءَ ڏانهن“، ”هاري ۽ تعليم“، ابن حيات پهنور جو ”هئدروجن بم کانپوءِ“ سراج ميمڻ جو ”اڪبر جي حياتيءَ جو هڪ ڏينهن“، ”گھاتو گھر نه آيا“، سيد منظور نقوي جو ”ليلان چنيسر“، رشيد احمد لاشاري جو، ”شڪست لاءِ“، ”چنا شبير ناز جا ”کلندي کلندي مري ويو“، ”نئون صبح“، ”انقلاب“، ”فراق جي وادي“، سندري اتمچنداڻي جو ”وڻجارا“، موهن ڪلپنا جو ”جھڪندڙ اوچايون“، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جا ”هندوستان ڇڏي وڃو“، ”دعوت نامو“، ممتاز مرزا جا ”تعبير“، ”سورج مکي“، ”فيصلو“، ”موت کان پوءِ“، مراد علي مرزا جا ”ويهن ورهين کان پوءِ“، ”چوراهو“، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، آغا سليم جا ”روپ ٻهروپ“، ”دولھ دريا خان“، قاضي خادم جو ”انصاف جو املھ“، محمد يوسف پهنور جا ”عمر مارئي“، ”ابوالحسن“، ”ڪاڪ محل“، ”پرمتڙيو“، ”سنڌڙيءَ تان صدقي“، شوڪت شورو ”جو ٻرندي رهندي لاٽ“، شيخ اياز جو ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“، امر جليل جا ”اوندھ ۽ روشني“، ”مٽيءَ جا ماڻهو“، نثار حسينيءَ جا ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”دودو سلطان“، علي بابا جو ”دنگي منجھ دريا“، غلام محمد گراميءَ جا ”رضيه سلطانه“، ”تخت طائوس“، نواز علي شوق جو ”مقروضن جو موت“ ۽ ٻيا انيڪ ڊراما لکيا ويا آهن. (هي اهي ڊراما آهن جيڪي ڇپيا ۽ پيش ٿيا آهن).

اسٽيج، ريڊيائي ۽ ٽي.وي ڊراما

سنڌي ڊراما گھڻا آهن پر ڇپيل تعداد ۾ گھٽ آهن. سنڌي ناٽڪ جي سئو سالا جشن هيٺ 30_31 ڊسمبر 1980ع ۽ پهرين جنوري 1981ع تي هيٺيان ڊراما حيدرآباد زبيده گرلس ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ اسٽيج ڪيا ويا. جنهن کي وڏي تعداد ۾ ماڻهن ڏٺو ۽ پسند ڪيو. اهي ڊراما هن ريت آهن. ”ليلى مجنون“، ”انڪوائري آفيسر“ مرزا قليچ بيگ، ”ٽي پارٽي“ منگهارام ملڪاڻي، ”زمينداري ظلم“ خانچند درياڻي، ”شاهدي“ ڏيپلائي“، ”تماشو“ آغا سليم. (بحواله سووينئير، سنڌي ناٽڪ صدي 1980_1880ع).
سنڌي ڊرامو رهاڱي کان پوءِ اسٽيج تي گھٽ پيش ٿيڻ لڳو شروعاتي دور ۾، ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي اميچوئري ڊراميٽڪ سوسائٽي حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جون ڊراميٽڪ  سوسائٽيون، اسٽيج ڊراما پيش ڪنديون هيون، هي سڀ 1894ع کان 1917ع تائين وجود ۾ آيون، 1947ع کان پوءِ ڪجھ فلمي ناٽڪ يعني فلمون ٺهيون، پر سنڌي فلمون گھڻيون ڪامياب ڪونه ٿيون، (جنهن جا گھڻائي سبب هئا). ريڊيائي ناٽڪن ۾ پهريون سنڌي ناٽڪ، ”موسم ۽ مجبوري“ هو، جو ممتاز مرزا لکيو ۽ ان کان پوءِ ڪيترائي ريڊيائي ناٽڪ نشر ٿيا جي پسند پڻ پيا. ٽيليويزن جي مشهور ناٽڪن ۾ ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”زينت“، ”وڏيري“، ”سوال“، آئينو“ ۽ ٻيا لکيا ويا. پي.ٽي.وي تي سنڌي ڊراما لکندڙن ۾ آغا رفيق، شوڪت شورو، نورالهدى شاھ، آغا سليم، ممتاز مرزا، امر جليل، علي بابا، مراد علي مرزا، شبير چنا، قاضي خادم ۽ ٻين ڪيترن ئي بهترين ڊراما لکيا آهن. هاڻي ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي.وي ۽ ٻين چئنلز تي به ڪجھ معياري سنڌي ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا، ته ڪي ڊراما معيار ۾ ڪَسا ۽ موضوع جي حوالي سان ورجاءُ وارا به آهن. هاڻي گھڻن ٽي.وي چئنلز جي ڪري سنڌ ٽي.وي ڊرامي ۾ مقابلي جي فضا پڻ پيدا ٿي آهي. پر وري به انهن ڊرامن ۾ ٻولي، ڪردار، منظر نگاري ۽ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ڪافي ڪمزوريون آهن.

سنڌي ڊرامن ۾ جديد لاڙا، حقيقت پسندي، قوميت، سماجي انقلاب، جھموريت، معاشري جون ريتون رسمون، اوڻايون ۽ چڱايون چڱي نموني پيش ٿين ٿيون. (هن ڪتاب جي هيڪ طرفان صفحن جي تعداد جي حد مقرر هئڻ سبب، طوالت کان بچندي سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي مختصر ضروري ڄاڻ ڏني ويئي آهي).

سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا

---

سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا

ادب سماجي زندگيءَ سان سنئون سڌو واسطو رکي ٿو. دنيا جي هر ادب جي زندگيءَ ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن. ملڪن جون سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مذهبي حالتون ۽ ٻيا عمل ادب تي سڌو سنئون اثرانداز ٿيندا رهيا آهن، سماجي زندگيءَ جي تبديلين جو اثر فرد واحد کان اجتماعيت تي پوندو آهي. فردن جا انفرادي عمل سماج جي اجتماعيت جي مختلف پهلوئن تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن ۽ ادب سماج جي انهن عملن جو آئينو آهي، جنهن تحت ادب ۾ نوان Trends يعني لاڙا ظاهر ٿيندا آهن. سنڌي علم ادب پنهنجي ارتقائي دور کان هيستائين جي عمل ۾ اهڙين تبديلين کان وانجهو نه رهيو آهي، ادبي لاڙن ۾ ڪي لاڙا قديم آهن ته ڪي جديد، وقت جي تقاضن تحت قديم ادبي لاڙن ۾ به جدت آئي آهي ته مغربي نقادن ۽ اديبن جي ادبي لاڙن کي به سنڌي ادب پنهنجو ڪيو آهي. هتي ڪجھ جديد ادبي لاڙن جو ذڪر ڪجي ٿو.

علامت نگاري (Symbolism):

قديم زماني ۾ جانورن جي ڳالهين، مان تمثيل وٺڻ يا تصوف جي اوٽ ۾ تمثيلي شاعري، علامت نگاريءَ جو اشارو آهي، قديم ۽ جديد علامت نگاريءَ جي پيشڪش ۾ هاڻي بي شڪ اسلوب جو ڪجھ فرق آهي پر علامت نگاري شروع کان سنڌي ادب جو هڪ حصو رهي آهي، جيڪڏهن جائزو وٺبو ته شاھ لطيف سان گڏ ٻي سڄي ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ ۾ علامت نگاري جو لاڙو ملي ٿو. انهيءَ لاءِ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جي ٿيسز”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري“ يا پروفيسر اڪرم انصاريءَ جو ڪتاب“Symbolism in Latifs Poetry”يا ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڪتاب ”شاھ لطيف جي شاعري“ جيڪڏهن پڙهيا وڃن ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ کان علامت نگاري جي موجودگي واضح طور موجود آهي. اهڙي ريت نثر ۾ قديم لوڪ ڪهاڻيءَ کان جديد افسانه نگاري يا ناول تائين علامت نگاري جي موجودگي ملي ٿي، علامت نگاريءَ کي جبار صاحب ”ادبي لاڙو نه بلڪه اسلوب ۽ انداز ڄاڻايو آهي جيڪو ڪجھ حد تائين رمز آهي“. (ص، 88 ڪٺمال)
يورپ ۾ جديد علامت نگاريءَ جي شروعات 19 صدي ۾ فرانس کان ٿي آهي، جنهن جو اثر ايشيا جي سڀني ٻولين جي ادب تي پيو آهي. سنڌي ادب ۾ امر جليل، نجم عباسي، علي بابا، شوڪت شورو، آغا سليم، عبدالحق عالماڻي، علامت نگاريءَ کي پنهنجي تحريرن جو حصو بنايو آهي.

وجوديت Existentialism:

اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ يورپ ۾ مشهور ٿيندڙ هي نظريو به ادب جو حصو بڻجي چڪو آهي، ڪجھ ڏهاڪن کان هي نظريو سنڌي افساني نويسيءَ ۾ ملي ٿو. ڊاڪٽر جبار موجب ”روايتي ڪلاسيڪي فلسفي ۾ سقراط وٽ وجوديت جو تاثر ملي ٿو“. ڊينمارڪ جي هڪ فلسفي سورين ڪرڪيگارڊ 1855ع -1813ع ۾ هن فلسفي کي کولي سمجهايو. ايشيا ۾ هي سارتر معرفت پهتو، عقل ۽ جذبن جو فرق هن ۾ ظاهر آهي.
يا ايئن چئي سگهجي ٿو ته، ”وجوديت سوچڻ جو هڪ طريقو آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي سمجھ واري ڀاڱي جي بدران سندس جذبي واري ڀاڱي کي پنهنجي توجھ جو مرڪز بنائجي“ .
وجودي فلسفي جو باني ته سورين ڪريڪگارڊ هو بعد ۾ مارٽن، سارتر، سائمن، البرٽ ڪاميو پڻ انهيءَ تحريڪ جا ساٿي ٿيا. هي وجودي فلسفو بي ثباتي تي دارومدار ٿو جنهن موجب انسان غير يقيني واريءَ دنيا جو رهواسي آهي. زمان ۽ مڪان ۾ سچ جو وجود ئي ڪونهي. سارتر نئين نموني وجودي فلسفي کي اڳيان آندو زان پال سارتر فرانسسي ناول نگار، فلسفيءَ کي 1964ع جي نوبل انعام سان نوازيو ويو جو هن نه ورتو “Nousee” سندس ناول 1938ع ۾ ڇپيو جنهن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر بدر اُڄڻ ”اندر جي اڇل“ جي عنوان سان ڪيو آهي. سارتر ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ هن ادب، زندگي، عورت، نفسيات، فلسفي ۽ ٻين موضوعن تي لکيو آهي. هو سڄي حياتي مظلوم ۽ ڌتڙيل طبقي جو حامي رهيو. سندس موجب ته فرد جي خواهش جي انمول حاصلات کي ڪٿ ۾ آڻڻ ضروري آهي. ”وجوديت“ جو اعلى معيار اهو آهي ته سوچ ۽ ارادو هڪ جيترا اهم آهن.
ڊاڪٽر جبار موجب وجوديت غير عقلي لاڙن جي نشاندهي ڪري ٿي. وجوديت جون داخلي وارداتون، ڊپ، دهشت، موت، بوريت، مايوسي ۽ جرم آهن. ٻين لفظن ۾ هي قنوطيت جو فلسفو آهي“.
وجوديت جي جديد نظريي کي جن سنڌي ليکڪن اڳيان آندو انهن ۾ آغا سليم، ڊاڪٽر قاضي خادم، ولي رام ولڀ، ماڻڪ، لعل پشپ، موتي لعل جوتواڻي، شيام جئه سنگهاڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

رومانويت Romanticism:

سنڌي ادب ۾ رومانوي نظريو قديم لوڪ ڪلاسيڪل ڪهاڻين کان ملي ٿو. رومانس، عشق ۽ محبت جي داستانن جو حصو شروع دور کان رهيو آهي. انگريزي ادب ۾ به ڪيٽس ورڊس ورٿ، شيلي، رومانوي ليکڪ رهيا آهن. اردو ۾ غالب، جوش، ميراجي ۽ مجاز رومانوي اديب ليکيا وڃن ٿا. سنڌي ادب ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ کان علاوه جن شاعرن رومانوي شاعري ڪئي انهن ۾ شيخ اياز، هري دلگير، تنوير عباسي، امداد حسيني، سحرامداد، نياز همايوني، ليکڪن ۾ آغا سليم، امر جليل، نسيم کرل، علي بابا (علي بابا کي شمس الدين عرساڻي تاريخي رومانيت وارو ليکڪ سڏيو آهي) جي لکڻين ۾ رومانويت موجود آهي رومانيت ۾ احساسن ۽ جذبن کي اولين حيثيت حاصل آهي.

سريلزم Surrealism:

هيءَ ڌارا به جديد ادب جي آهي، جبار صاحب مطابق سريلزم کي رائج ڪرڻ ۾ گهڻو دخل فرانس جو آهي، هن لاڙي جو واسطو انهن ڳالهين سان آهي جيڪي لاشعور يا خواب مان اڀرن، هن فن جو لاڙو ادب کان علاوه مصوري يا فلم سان پڻ لاڳاپيل آهي، سريلزم جو رجحان سنڌي ادب ۾ ڪجھ قدر گهٽ آهي، پر آهي ضرور. سريلزم يا رمزيت ۾ به احساس کي وڏو دخل آهي.

حقيقت نگاري Realism:

هي لاڙو سنڌي ادب ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ جي بيان سان شروع کان موجود آهي، ورهاڱي کان پوءِ حقيقت نگاريءَ ۾ وڌيڪ جدت آئي آهي، موجوده دور جي ڪهاڻي ۽ ناول Realism جي اوج تي رسيل آهن، مغربي ادب ۾ گورڪي، دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، ترجنيف ۽ ٻيا مشهور ليکڪ جن حقيقت نگاري کي ادب ۾ اڳيان آندو انهن جي تحريرن جا سنڌي ۾ ترجما به موجود آهن سنڌي ليکڪن پرڏيهي ادب جو اڀياس به ڪيو آهي، انهي تحت سنڌي شاعري ۽ نثر ۾ حقيقت نگاري عروج تي ملي ٿي. سماجي حقيقت نگاريءَ تي مشتمل ڪيتريون ئي تحريرون افسانوي ادب جو حصو بنيل آهن، لکندڙن ۾ حفيظ شيخ، شيخ اياز، نجم عباسي، ڊاڪٽر ابرهيم خليل، جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاھ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سراج الحق، نسيم کرل ۽ امر جليل کانسواءِ ڪافي ليکڪن هن لاڙي کي عام ڪيو آهي، سنڌي افسانوي ادب ۾ ٻيا به اهم لاڙا آيا آهن، جن جابه ڪافي مثال ملن ٿا، انهيءَ لاڙن ۾ مقاميت نگاري قوميت پسندي، انسانيت پرستي، جديديت، اظهاريت، خود وجوديت، ترقي پسندي، نفسياتي رجحان، مارڪسي نظريو، اشتراڪيت ۽ ٻيا ڪيترائي لاڙا آهن، جيڪي سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم ۾ پسي سگهجن ٿا، اهي وڌيڪ واضح ٿيندا ويندا، ممڪن آهي ته ڪجھ انهن مان قائم رهندا ته ڪجھ ڪمزور ٿي ختم ٿي ويندا. ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب چواڻي ته ”ڪنهن قوم جا ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي لاڙا تاريخي حالتن توڙي واقعن سان ملي بدلجندا رهندا آهن. انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي رهندي آهي، انهيءَ عمل جي نتيجي ۾ غلط سلط ۽ ڪمزور وقتي لاڙا خود بخود ڇنڊجي صاف ٿيندا آهن ۽ مضبوط لاڙا قدرن Values جو روپ وٺي مستقل روايتن جي حيثيت اختيار ڪندا آهن“. (ص، 72، ادبي لاڙا، ڪينجهر 9)

جديديت پڄاڻان Post modernism:

جديد ادبي تنقيدي رويو/لاڙو آهي. جنهن جي شروعات ويهين صديءَ جي پڇاڙي شمار ٿيئي ٿي. ”جدت“ نواڻ جي تشريح آهي، جنهن لفظ جديديت جو تصور آندو. جديديت پڄاڻان کي ڪي نقاد نظريو به چون ٿا ته ڪي انهيءَ کي هڪ لاڙو/ ٽرينڊ Trend سڏين ٿا. ڪجھ نقاد انهيءَ کي جديديت جو تسلسل چون ٿا ته ڪي انهيءَ کي ان جي خلاف ردِ عمل سڏين ٿا. لنڊا هُچئن مشهور ليکڪا ۽ تنقيد نگار موجب ته، ”جديديت پڄاڻان تضادن وارو مظهر آهي جنهن جا پنهنجا فائدا ۽ نقصان تعمير ۽ تخريب جا پهلو آهن. جديديت پڄاڻان جا بنيادي تصور فنِ تعمير، ادب ۽ مصوري وغيره ۾ ڏسي سگهجن ٿا. چارلس رسل موجب ته، ”جديديت پڄاڻان تنقيد جو فن آهي جنهن جو ڪم ڪوبه پيغام پهچائڻ نه آهي بلڪه هيءُ مسلسل سوال پيدا ڪري ٿو يا ٻين لفظن ۾ هي ڦٽل فن آهي جيڪو پنهنجي حاضرين کي واضح طور ڪجھ به نٿو سمجھائي. مٿين وصفن کان پوءِ مختصر اهو چونديس ته جديديت پڄاڻان، جديدت کان پوءِ جو مظهر آهي. جنهن ۾ ڪي طئي ٿيل اصول نه آهن بلڪه بي ترتيبي موجود آهي. هيءُ لاڙو ڪيترائي روپ رکي ٿو. جن ۾ ڪي مونجھارا شامل آهن. جديديت پڄاڻان تحريڪ جو دائرو ادب کان سواءِ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۽ صنفن ۾ پڻ ڏسجي ٿو. فريڊرڪ جيسس، جين فرانسس، ليو نارڊ، جين بوڊريلاڊ، رچرڊ رورٽي، ڊوگلس، ڪيلز، لنڊا هئچن، احباب حسن ۽ ٻين نقادن ۽ فلسفي جي ماهرن هن ڏس ۾ اهم نظريا ڏنا آهن ته ڪي ويهين صديءَ جي آخر ۾ آيا آهن جن موجب ”جديديت پڄاڻان“ سائنس ۽ ائٽمي انقلاب سان گڏ سرمائيداريءَ سان پڻ لاڳاپيل آهي. ٻيو ته جديديت پڄاڻان مفڪر جديديت جي برعڪس اجتماعيت جي بدران انفراديت جي ڳالھ ڪن ٿا. عالميت جي بدران مقاميت کي اهميت ڏين ٿا ۽ ڪل جي بجاءِ جُز جي تصور کي بنيادي سمجھن ٿا. انهن جو سڄو زور عظيم بيانن (Meta-Narratives) جي بدران ننڍين ننڍين ڪهاڻين ۽ بيانن ڏانهن وڌيڪ آهي. مطلب ته جديدت پڄاڻان جي لاڙي عظيم ڪلاسيڪل ادب جو انساني زندگيءَ جي مرڪز کي صداقت ۽ سچ ڏي موڙيندڙ ۽ فڪري تسلسل ڏيندڙ رهيو آهي کي رد ڪندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته، ”ڪابه حقيقت آخري ناهي“. نون لاڙن بابت ڊاڪٽر فهميده حسين جاميءَ جي حوالي سان سندس ڪتاب ”ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي تاريخ“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، ”جامي چانڊيو جدت ۽ جديديت بابت (Modernity and Modernism) بابت لکيو آهي، اسان جي نوجوانن کي خاص ڪري ادب جي شاگردن کي انهن اصطلاحن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ کين اها خبر هئڻ کپي ته ادبي اصطلاحن ۾ جديديت محض نواڻ جو نالو ڪونهي، بلڪه اهو هڪ ادبي لاڙو آهي. جيڪو پڻ پراڻو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ جديديت پڄاڻان يا Post-modernism کي به خداحافظ ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ردِ عمل ۾ هڪ نئون Meta-Modernism جو تصور اچي چڪو آهي. جنهن کي ڪن نقادن Post Post-Modernism پڻ سڏيو ويو آهي. معنى ”جديدت پڄاڻان کان به پوءِ“، ”ان ۾ ڄڻ ته جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جي وچ واري ڪا راھ ڳولڻي آهي جيئن اڄ جو ماڻهو تضادن مان نڪري سگهي“.
سنڌي ادب ۾ ڪي ڪهاڻيون ۽ ناول مٿيئن لاڙي جي ڪجھ حد تائين نمائندگي ڪن ٿا جن ۾، منظور ڪوهيار جو ڪهاڻين جومجموعو، ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“، منير چانڊيو جو ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“، ماهتاب محبوب جا ”پيار پناهون ڇانورا“، ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“ ته ڪي ڪهاڻيون جيئن ”اڏوهي“، اخلاق انصاري، ”فيس بُڪ“، ڊاڪٽر منظور قادر، ”انڌن جي جھوپڙيءَ ۾ ٽمڪندڙ روشني“، جمن احمداڻي، ”جوڳيءَ جو جنم“، ”سج لهڻ کان اڳ“، منور سراج، ”ڏکي ٿي ڏڌُور..“، محمد صديق منگيو ۽ ”صديءَ جو سفر“ (سائينٽيفڪ پس منظر تحت لکيل ڪهاڻي) طارق قريشي ۽ ٻيون جديد ڪهاڻيون آهن ته ڪجھ شاعري به هن ڏِسَ ۾ ڳڻائي سگهجي ٿي.

مزاحمتي ادب:

ڏاڍ، صبر، استحصال، ظلم ۽ انڌير جي روڪ لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ مزاحمت يا ادب ۾ مزاحمتي رويي جو رجحان شروع دور کان موجود آهي. جيئن ته انساني ارتقا جي سفر ۾ ڏاڍ ۽ زور تي ذاتي حاصلات جي حصول جو لاڙو اول کان موجود آهي. وقت سان وسنديون قائم ٿيون ڳوٺ ۽ شهر وجود ۾ آيا، انساني تهذيب جا قانون لاڳو ٿيا ۽ پوءِ انهن جي ڀڃڪڙين ۽ انساني استحصال جوسلسلو هليو. ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جو اصول ڪيترن هنڌن تي قائم ٿيو. جيڪو دنيا ۾ اڄ به ڪيترن هنڌن تي مختلف حوالن سان موجود آهي. انساني اظهار جو اهم ذريعو ٻولي ادب جي اظهار جي اهم وٿ آهي ۽ دنيا جي سڀني ٻولين جن ۾ ادب سرجي رهيو آهي. انسان هئڻ جي حيثيت جو اظهار ۽ انهن حقن جي سٺي پذيرائي موجود آهي. سنڌي ادب پڻ اهڙي جديد رجحان/لاڙي کان وانجھيل نه رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نثر توڻي نظم ۾ مزاحمتي ادب جو وجود آڳاٽي دور کان ملي ٿو بلڪه ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسان جو لوڪ ادب، لوڪ ڪهاڻيون، پهاڪا، چوڻيون، لوڪ نظم جون صنفون ڄاڻائين ٿيون ته شروع دور ۾ پڻ عوام پنهنجي بچاءُ ۽ حفاظت طور پنهنجي حقن جي جاکوڙ ۽ سچ چوڻ جو بنياد وڌو ۽ ڏينهون ڏينهن انهيءَ ۾ ترقي ٿيندي آئي.
ڪلاسيڪل شاعريءَ کان جديد شاعريءَ تائين ڪيترن شاعرن جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي رويو ملي ٿو ته نثر ۾ پڻ ڪيتريون ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما هن ڏس ۾ لکيا ويا آهن.

مددي ۽ حوالا ورتل ڪتابن جي ببليوگرافي

مددي ڪتاب

ڀاڱو پهريون: (مضمون نويسي)

1. بيگ، مرزا قليچ، ”مقالات الحڪمت“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ٻيو ڇاپو 1972ع.
2. بيگ، مرزا قليچ، ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 1971ع.
3. جويو، محمد ابراهيم، ”مٺ مٺ موتين جي“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، پهريون ڇاپو، 1992ع.
4. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ٻگھيو محمد قاسم ڊاڪٽر (ترتيب)، ”نرتي تند نياز سين“، سنڌ ادبي بورڊ ڄامشورو، 1988ع.
5. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ٻگھيو محمد قاسم ڊاڪٽر (ترتيب)، ”مقالا“، سنڌ ادبي بورڊ ڄامشورو 1988ع.
6. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ”ڪٺمال“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، پهريون ڇاپو، 2002ع.

7. جوڻيجو، تنوير پروفيسر، ”عورت سماج ۽ ڏاڍ“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، پهريون ڇاپو 2004ع.

8. ”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“، سهيڙيندڙ بورڊ آف اسٽڊيز جا ميمبرز، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1980ع.

9. دائود پوٽو، عمر بن محمد ڊاڪٽر، ”مضمون ۽ مقالا“، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، پهريون ڇاپو، 1978ع.

10. سمون، الهبچايو يار محمد، ”سير ڪوهستان“، سنڌي ادبي بورڊ، پنجون ڇاپو 1972ع.

11. سمون، الهبچايو يار محمد، ”لاڙ جو سير“، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو 1971ع.

12. شوق، نواز علي ڊاڪٽر، ”هٻڪار“، ورسٽي پبليڪيشن سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، پهريون ڇاپو 1975ع.

13. ڪشنچند عزيز، ادبي آئينو، سنڌي اديبن جي مجلس، چوٿون ڇاپو 1986ع.

14. عرساڻي، محمد اسماعيل، ”چار مقالا“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، پهريون ڇاپو 1974ع.

15. عباسي، تنوير ڊاڪٽر، ”شاھ لطيف جي شاعري“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، چوٿون ڇاپو 2000ع.

16. ميوارام پرمانند، ”گل ڦل“، سنڌي ادبي بورڊ، نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن 1961ع.

17. ماهتاب محبوب، ”ورهاڱي جو ورجاءُ“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، پهريون ڇاپو 1992ع.

18. قادري اياز ڊاڪٽر، ”مون مطالع سپرين“، شاھ عبدالطيف ڪلچرل سوسائٽي، پهريون ڇاپو 1995ع.

ڀاڱو ٻيو: (سفرناما)

19. بخاري، شوڪت شاھ، ”نيويارڪ جو سير“، پيس پبلشرز ڪراچي، پهريون ڇاپو 2000ع.

20. پليجو، عبدالحئي، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، سهڻي پرنٽررز حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1991ع.

21. پليجو، عبدالحئي، ”هو جي وڻ ولات جا“، سهڻي پرنٽررز حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1984ع.

22. پليجو، عبدالحئي، ”ديس بديس“، سهڻي پرنٽررز حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1986ع.

23. شيخ، الطاف، ”بندر بازاريون“، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1975ع.

24. شيخ، الطاف، ”سمونڊ جي سيوين“، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1972ع.

25. شيخ، الطاف، ”وايون وڻجارن جون“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، چوٿون ڇاپو، 1997ع.

26. شيخ، الطاف، ”جت جر وهي ٿو جال“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ٻيو ڇاپو، 1999ع.

27. شيخ، الطاف، ”دنگيءَ منجھ درياھ“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، پهريون ڇاپو، 1989ع.

28. شيخ، الطاف، ”ڪراچي کان ڪوپنهيگن تائين“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ٻيو ڇاپو، 1998ع.

29. شيخ، الطاف، ”ڀلي پار تان ڀيرو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ٻيو ڇاپو، 2000ع.

30. عباسي، تنوير، ”ڏوري ڏووري ڏيھ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ٻيو ڇاپو 2000ع.

31. عباسي، تنوير، ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پهريون ڇاپو 2000ع.

32. غلام مصطفى پروفيسر، ”سير ۽ سفر“، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 1973ع.

33. قاضي، عبدالمجيد عابد، ”سفر يورپ جي ڊائري“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٻيو ڇاپو 1973ع.

34. قريشي، سليم، ”ديس پرديس“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1982ع.

35. ماهتاب محبوب، ”اندر جنين اڃ“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، چوٿون ڇاپو 1977ع.

ڀاڱو ٽيون: (ناول نويسي، افسانا نويسي ۽ ڊراما)

36. آڏواڻي، شوقيرام ۽ ديوان نولراءِ، ”راسيلاس“، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو 1958ع.

37. بيگ، مرزا قليچ، ”دلارام“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، پهريون ڇاپو 1958ع.

38. بيگ مرزا قليچ، ”زينت“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، نائون ڇاپو 1995ع.

39. جڳتياڻي، لالچند امر ڏنو مل، ”سون ورنيون دليون“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ٻيون ڇاپو 1972ع.

40. ڏيپلائي، محمد عثمان، ”سانگھڙ“، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، چوٿون ڇاپو 1998ع.

41. سليم آغا، ”همه اوست“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ٽيون ڇاپو، حيدرآباد 2002ع.

42. شاهاڻي، صاحب سنگھ چندا سنگھ، ”بلو کوکر“، سنڌي ادبي بورڊ، ٽيون ڇاپو، 1973ع.

43. گربخشاڻي، هوتچند مولچند ڊاڪٽر، ”نورجهان“، ورسٽي پبليڪيشن، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، 1971ع.

44. عبدالرزاق عبدالسلام، ”جهان آرا“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، چوڏهون ڇاپو، 2003ع.

45. ميوارام، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، ”غريبن جو ورثو“، نسيم بڪ ڊپو، حيدرآباد، ڏهون ڇاپو، 2004ع.

46. ميمڻ، سراج الحق، ”پڙاڏو سوئي سڏ“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1970ع.

47. اياز شيخ، ”پنهل کان پوءِ، جڳ مڙيو ئي سپنو“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، پهريون ڇاپو، 1990ع.

48. اياز شيخ، ”جي تند برابر توريان“، سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، پهريون ڇاپو، 1998ع.

49. الانا، غلام علي سهيڙيندڙ، ”چونڊ سنڌي افسانا“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ٽيون ڇاپو، 1986ع.

50. طارق اشرف (مرتب)، ”سهڻي، امر جليل نمبر“، سهڻي پبلشرز حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1973ع.

51. طارق اشرف (مرتب)، ”سهڻي، نسيم کرل نمبر“، سهڻي پبلشرز، الهندو ڪچو کوکر پاڙو حيدرآباد،.

52. ابڙو، قبول، ”۽ سنڌو وهندو رهيو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، پهريون ڇاپو 1974ع.

53. ثميره زرين، ”روشن ڇانورو“، ناري پبليڪيشنز حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1989ع.

54. جويو، تاج (مرتب)، ”نسيم کرل وڏو ڪهاڻيڪار وڏو انسان“، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، پهريون ڇاپو 2003ع.

55. حسن ظفر، ”رهيل قرض“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1981ع.

56. ڏيپلائي، محمد عثمان، ”گلشن عبرت“، اداره عبرت، حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1945ع.

57. سليم آغا، ” ڌرتي روشن آهي“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1985ع.

58. سنڌي حميد، ”اداس واديون“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1985ع.

59. سنڌي حميد، ”دردونديءَ جو ديس“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 2002ع.

60. شاھ، نورلهدى، ”ڪربلا“، منصور پبليڪيشن، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1981ع.

61. شاھ نورالهدى، ”جلاوطن“، آگم پبليڪيشن، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1976ع.

62. شيخ، محمد ابراهيم خليل ڊاڪٽر، ”عبرت ڪده“، گڏيل ٽيئي ڀاڱا، روشني پبليڪيشن، 2004ع.

63. عباسي، نجم ڊاڪٽر، ”ايڏو سور سهي“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1978ع.

64. عباسي، نجم ڊاڪٽر، ”پهاڙن ۾ پڪار“ (ترجمو)، ٻيو ڇاپو، 1996ع.

65. علي بابا، ”ڌرتي ڌڪاڻا“، آگم پبليڪيشن، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1983ع.

66. قاضي، امر جليل، ”دل جي دنيا“، ثاني ڪميونيڪيشنز ڪراچي، ٽيون ڇاپو 1984ع.

67. قاضي، امر جليل، ”تاريخ جو ڪفن“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پنجون ڇاپو 1999ع.

68. قاضي، امر جليل، ”ٽيون وجود“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پنجون ڇاپو 1998ع.

69. کرل، نسيم احمد، ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، پهريون ڇاپو، 2004ع.

70. گرامي، غلام محمد، ”تاريخي افسانا ۽ ڊراما“، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو، 1977ع.

71. گھلو، نور، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“، منصور پبليڪيشن، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1981ع.

72. ماهتاب محبوب، ”مٺي مراد“، ارم پبليڪيشن، پهريون ڇاپو، 1979ع.

73. ماهتاب محبوب، ”لهر لهر زندگي“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، پهريون ڇاپو، 1985ع.

74. ماڻڪ، ”ڇھ انام ڪهاڻيون“، سنڌ فورم پبليڪيشنز، پهريون ڇاپو، 1981ع.

75. ميمڻ، فيروز احمد، ”عظيم ڪهاڻيڪارن جون عظيم ڪهاڻيون“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، 1972ع.

76. ميمڻ، سراج الحق، ”اٺون ماڻهو“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1973ع.

77. ”مهراڻ جا موتي“ (خاص شمارو)، مخزن نئين زندگي مطبوعات، پاڪستان پبليڪيشنز ڪراچي، 1959ع.

حوالا ورتل ڪتاب

78. الانا، غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع.

79. امرڏنو لالچند ”شاهاڻو شاھ“، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 2002ع.

80. آڏواڻي، ڪلياڻ، ”شاھ جو رسالو“، مڪتبهءِ برهان اردو بازار، ڪراچي، 1976ع.

81. آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، ”لطيفي سير“، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، نئون ڇاپو 2002ع.

82. آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، پهريون ڇاپو 1957ع.

83. آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڇهون ڇاپو 2004ع.

84. آءِ.آءِ، قاضي علامه، ”شاھ عبدالطيف جو رسالو“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي/حيدرآباد 1961ع.

85. بيگ، مرزا قليچ، ”قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ، ٻيو ڇاپو، 1966ع.

86. بيگ، مرزا قليچ، ”تقريرون ۽ تحريرون“، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون، ڇاپو 1970ع.

87. بلوچ، نبي بخش، ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڄامشورو، چوٿون ڇاپو 1999ع.

88. پٺاڻ، غلام حسين، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، پهريون ڇاپو، 1982ع.

89. جويو، تاج (مرتب): ”انسان دوست، اديب ۽ بي باڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي“، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، 2001ع.

90. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ٽيون ڇاپو، 2002ع.

91. جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (ٽي جلد)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2004ع، 2005ع، 2006ع.

92. خواجه، نور افروز ڊاڪٽر، ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، 1999ع.

93. راشدي، سيد حسام الدين شاھ (مترجم)، ”حديقة الاولياء“، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو، 1956ع.

94. سديد انور ڊاڪٽر، ”اردو ادب ڪي مختصر تاريخ“، عزيز بڪ ڊپو لاهور، طبع سوم، 1998ع.

95. سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد، ”آفتاب ادب“، سنڌي ادبي بورڊ، ٽيون ڇاپو، 1974ع.

96. سيد، مظهر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪيڊمي بازيافت، ڪراچي، 2007ع.

97. سومرو، محمد بخش (مترجم)، ”تاريخ جا اڏيندڙ“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، پهريون ڇاپو، 1997ع.

98. سووينيئر، ”سنڌي ناٽڪ“، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، ڇاپو پهريون، 1980ع.

99. شاد، بشير احمد ڊاڪٽر (مرتب)، ”ڀٽ جو گھوٽ“، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو پهريون، 1998ع.

100. شيخ، الطاف، ”مڪلي کان ملاڪا تائين“، نيوفيلڊس پبليڪيشن.

101. شاهواڻي، غلام محمد (ترتيب)، ”شاھ جو رسالو“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ٻيو ڇاپو 2005ع.

102. گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، ”مقدمهءِ لطيفي“، شاھ جو رسالو، ڪمشنر ڇاپو 1923ع.

103. عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، ڇاپو پهريون، 1982ع.

104. قاسمي، غلام مصطفى علامه، ”ايڏو شان شعور“، قاسمي چيئر سنڌ يونيورسٽي، پهريون ڇاپو، 2005ع.

105. لغاري، اڪبر، ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، ٽيون ڇاپو، 1977ع.

106. مولوي فيروز الدين، ”جامع فيروز الغات“، فيروز سنز لاهور.

107. مخدوم، امير احمد (مترجم)، ”تحفة الاڪرام“، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو، 1975ع

108. مخدوم، امير احمد (مترجم)، ”چچ نامو، عرف فتح نامئه سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو، 1954ع.

109. مخدوم، امير احمد (مترجم)، ”تاريخ معصومي“، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو، 1953ع.

110. ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، (ٻئي ڀاڱا)، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2003ع.

111. حاجي هدايت الله، ”هدايت الانشاءَ“، سنڌي ادبي بورڊ، نئين ڇاپي جو پهريون ايڊيشن 1956ع.

112. ملڪاڻي، منگهارام پروفيسر، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ٽيون ڇاپو، 1993ع.

113. ملاح، مختيار احمد، ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2014ع.

114. ميمڻ، عبدالمجيد ڊاڪٽر، ”سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.

115. ميمڻ، عبدالمجيد ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“، روشني پبليڪيشن، پهريون ڇاپو، 1996ع.

116. ميمڻ، عبدالمجيد ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، روشني پبليڪيشن، پهريون ڇاپو، 2002ع.

117. مرزا، مراد علي، ”سنڌي ڊراما ان جو ارتقا فن ۽ نظريو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڇهون ڇاپو، 1982ع.

118. ميمڻ، ڊاڪٽر فهميده حسين، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌي ادبي اڪيڊمي، پهريون ڇاپو، 1997ع.

119. ميمڻ، ڊاڪٽر فهميده حسين، سهيڙيندڙ، ”شاھ ۽ سنڌ“، شاھ لطيف چيئر ڪراچي، پهريون ڇاپو، 1998ع.

120. ميمڻ، ڊاڪٽر پروين موسى، ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، روشني پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، 2004ع.

121. ميمڻ، ڊاڪٽر پروين موسى، ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ (ادبي تاريخ)، محمد موسى ڏيپلائي اڪيڊمي، چوٿون ڇاپو، 2020ع.

122. ميمڻ، رانجھن خان، ”سنڌي افسانو“، مونوگراف، سنڌ يونيورسٽي.

123. The Concise Oxford Dictionary of Current English, Oxford.

124. Oxford Advanced Learner’s Dictionary Sixth New Edition (O.U.P)

125. ان کان سواءِ ماهوار سهڻي، ڪينجهر ڪارونجهر، ڪلاچي، نئين زندگي، ٽه ماهي مهراڻ ۽ ٻين مخزنن روزاني اخبارن جا پرچا حوالي طور ڪتب آندل آهن.

سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس تي رايا

---

پروفیسر آفاق صدیقی

سندھی نثر جی کن صنفن جو ابیاس (سندھی نثر کی کچھ اصناف کا جائزہ) تصنیف : پروفیسر پروین موسیٰ میمن مبصر : پروفیسر آفاق صدیقی یہ کتاب سندھی نثری ادب کی ایک قابلِ قدر تحقیقی تصنیف ہے، جو گورنمنٹ گرلز کالج حیدرآباد کی اسسٹنٹ پروفیسر پروین موسیٰ میمن نے جدید تحقیق کے اصولوں اور قواعد و ضوابط کا ممکنہ لحاظ رکھتے ہوئے تحریر کی ہے۔ تاکہ اعلا تعلیمی درجات کے طلبہ اور پاکستان کی سول سروس کا امتحان دینے والوں کے لیے مفید ثابت ہوسکے۔ کتاب کا منظوم انتساب مصنفہ نے اپنی پیاری ماں کے نام کیا ہے۔ دعائیہ کلمات ڈاکٹر این۔اے بلوچ صاحب نے تقریظ کی صورت میں عطا کیے ہیں، جن میں بڑی جامعیت ہے۔ سندھی نثر نگاری کے تاریخی اشارے اور محترمہ پروین کی تحقیقی جگر کادی کے حوالے بھی موجود ہیں۔ مہاگ یعنی پیش لفظ ڈاکٹر غلام علی الانا کا تحریر کردہ ہے۔ فرماتے ہیں "اس کتاب کی مصنفہ ہماری بیٹی ایک خاموش اور گوشہ نشیں محقق کی طرح برسوں بالکل نا آشنا طریقے سے ادبی اسکرین پر تب نظر آئی جب اس کی پہلی کتاب (سندھی ادب کا ادبی جائزہ) منظرِ عام پر آئی۔ "اب یہ کتاب دوسری تحقیقی تصنیف کے طور پر نظر، نواز ہوئی تو مجھے یاد آیا کہ میں نے اپنی کتاب 'سندھی نثر کی تاریخ' کے پہلے ایڈیشن میں پیش لفظ کے طور پر یہ لکھا تھا کہ مجھے خوشی ہوگی جب کوئی سندھی نثر کی اصناف کا مکمل مطالعہ کتابی صورت میں پیش کرے گا"۔ موصوف نے زیرِ تبصرہ کتاب کو اپنے خواب کی تعبیر پر محمول کیا ہےاور یہ حقیقت بھی ہے کہ موضوع کے اعتبار سے یہ پہلی مربوط و منظم تحقیقی پیش کش ہے، جو کثیرالجہات معلوماتی مقاصد کی بجا آوری کرتی ہے، جیسا کہ اس کے متعلقہ ابواب سے ظاہر ہے، مثلاً باب اول مضامین اور مقالات کے اجمالی جائزے سے عبارت ہے۔ باب دوم سندھی سفرناموں کا ہے۔ باب سوم سندھی ناول نویسی کے لیے مختص۔ باب چہارم میں سندھی افسانہ نگاری کے روپ سروپ اور اقسام کا احوال ہے۔ چند افسانوی مجموعوں کے تنقیدی جائزے بھی ہیں، علاوہ ازیں شاہکار افسانوں کے چند حوالے بھی تنقیدی جائزوں کے ساتھ ہیں، پھر باب پنجم سندھی ڈراموں کے تجزیوں پر مبنی ہے۔ بنیادی طور پر سندھی ادب لکھنے پڑھنے والوں اور تحقیقی و تنقیدی مضامین و مقالات لکھنے والوں کو یہ کتاب خاصی مفید اور کارگر محسوس ہوگی۔ یونی ورسٹیوں اور کالجوں کی لائبریری میں اس کا ہونا اشد ضروری ہے اور سرکاری و نجی کتب خانوں کی حوالہ جاتی کتب میں اس کی شمولیت بڑی اہمیت و افادیت کی حامل ہے۔ اس تحقیقی پیش کش کے لیے پروفیسر پروین موسیٰ میمن لائق تحسین و قابل مباک باد ہیں۔ سائز: ۱۶/۳۶٭۲۳ ضخامت: 404 صفحات سالِ اشاعت: 2008ع ناشر: ہائر ایجوکیشن کمیشن۔ اسلام آباد (ماھنامہ "ہمدردِ صحت" جون، 2008ع)  

علي نواز آريسر

سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس

تبصرو: علي نواز آريسر

ادب، زندگيءَ جو آئينو هوندو آهي ۽ ادب ئي زندگيءَ جا معيار سمجهائيندو آهي، پوءِ اُهو سياسي ادب هجي يا تاريخي، سائنسي ادب هجي يا مذهبي، ڪن محققن ادب کي آرٽ سڏيو آهي ته ڪن سائنس، پر بنيادي طور ادب زندگيءَ جو عڪاس هوندو آهي. ادب زندگيءَ جو ترجمان هوندو آهي. ادب ذهن جي آبياري ڪندو آهي. ادب معصوم ۽ ڪُومل ذهن جي اندر ۾ سوالن کي اُٿاريندو آهي ۽ جواب تراشيندو آهي. اهڙو ئي ادبي ڪتاب آهي ”سنڌي نثر جي  صنفن جو اڀياس”.  هن ڪتاب کي ادبي تاريخ جو حصو چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ جو پروين موسيٰ جي قلم جي کوج سان تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ڪيترين ئي ڳالهين ۾ منفرد ۽ نرالائپ رکندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ حقيقت نگاري به ملندي ته علامت نگاريءَ جا اولڙا به پسي سگهبا. تاريخ جا حوالا به نظر ايندا ته سنڌي نثر جي مختلف صنفن جو ڳُوڙهو اڀياس به محسوس ڪري سگهبو. ادبي تاريخ منهنجو پسنديده سبجيڪٽ پئي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ ڇپيل ادبي تاريخن کي مون اُکوليو به آهي ته اُنهيءَ جي تت تائين پهچڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، پر انهن سڀني ڪتابن مان مون کي هيءُ ڪتاب منفرد ان ڪري به لڳي ٿو، جو هيءُ ڪتاب صرف نثر جي صنفن تي لکيل آهي، جنهن ۾ مونجهارا گهٽ، مواد جھجهو ڏنو ويو آهي. نثر جي تعارف ۾ هوءَ ڪيڏي نه سُهڻي ڳالهه ڪري ٿي ته: ”نثر اظهار جو تفصيلي بيان آهي، جنهن ۾ چٽائي، رواني، بياني قُوت، ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ٻيون انيڪ خوبيون گهربل هونديون آهن“۔ (ص:12)
جهڙيءَ ريت شاعري اندر جي احساسن جي اُپٽار ڪندي آهي، اهڙي ريت نثر وري پوري سماج جي احساسن جي ڪٿ ڪندڙ هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن شاعريءَ ۾ فرد واحد جي حقيقت بياني شامل هوندي آهي، پر نثر ۾ هر سوچ کي اجتماعي طور تي کڻبو آهي ۽ اُن ۾ جيڪڏهن رواني، بياني قُوت ۽ ٻوليءَ جو سهڻو استعمال هوندو آهي ته پڙهندڙ ان جي سِٽن ۾ سمائجي ويندو آهي.
ڊاڪٽر پروين، هن ڪتاب کي ڇهن ڀاڱن ۾ ترتيبوار ورهائي پڙهندڙن لاءِ اڃا وڌيڪ آساني پيدا ڪئي آهي، جنهن جو سِٽاءُ به هن وڻندڙ رکيو آهي ته جيئن شاگرد ڪنهن مونجهاري جي ور چڙهڻ بجاءِ سڌي ريت اصل حقيقتن تائين پهچي سگهي. مثال طور: ”ڀاڱو پهريون (مقالا ۽ مضمون) هن ڀاڱي ۾ بنيادي ڳالهين کي سامهون رکي مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. نثر جو تعارف، سنڌي نثر ۽ نظم ۾ فرق، نثري صنفن جا ليکڪ ۽ سندن لکتن جا موضوع، مضمون نويسيءَ جو تعارف، مضمون نويسيءَ جي ارتقا ۽ دنياوي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات، سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر ۽ سنڌي صحافت جو ساٿ، ورهاڱي کان پوءِ مضمون نويسيءَ جي ترقي، مقالو ڇا آهي؟ مضمون ۽ مقالي ۾ فرق، مضمون ۽ مقالي جي علمي ۽ ادبي اهميت، مضمون نويسي ۽ مقالي نگاريءَ جي ترقي. آءُ سمجهان ٿو هيءُ بنيادي نُڪتا آهن شاگردن جي سمجهڻ جا، جڏهن شاگرد بنيادي ڏاڪا آسانيءَ سان چڙهي ويو ته پوءِ اُن جي لاءِ منزل آسان بڻجي ويندي. اسان جي سنڌي ادب جي هن جاکوڙي قلمڪار هن ڪتاب کي شاگردن جي بنيادي اوسر جو ڪتاب بڻائي سچ ته سنڌي ادب جي جهول ۾ هڪ املهه خزانو وجهي ڇڏيو آهي.  نثر ۽ نظم جو فرق هن ڪيڏو نه آسان ۽ باريڪ بينيءَ سان سمجهايو آهي: ”بظاهر ته نثر نگار ۽ شاعر ٻئي تخليقڪار هوندا آهن. پر ته به سندن حدون الڳ مقرر ٿيل آهن. نثر ۽ نظم ۾ اسلوب بيان جي لحاظ کان گهڻو فرق آهي. شاعر جا تجربا منظوم شڪل ۽ بحر وزن سان نروار ٿيندا آهن ته نثر نگار پنهنجي خيالن، تجربن ۽ مشاهدن کي، پوري غور و فڪر ۽ Calculation سان پنهنجي اظهار جو وسيلو بنائيندو آهي. معنيٰ ته نثر ذهني وُسعتن جو امين آهي. جڏهن ته شعر جو دارومدار جذبي ۽ تخيل تي آهي“.
واقعي نثر جو تخليقڪار ڪڏهن ڪڏهن هُجومن ۾ ويهي به شاهڪار تخليق کي جنم ڏئي وٺندو آهي ۽ نظم جو تخليقڪار سوچن جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي. ساڳئي طريقي سان هن مضمون ۽ مقالي جو فرق به سُهڻي نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ”مقالو ڌيان ۽ چڪاس سان ڪيل اها تحقيق آهي، جنهن مان علمي معيار جي بُلنديءَ سان گڏ محقق جي علمي استعداد پڻ جهلڪندي آهي. انهن جي برعڪس مضمون ۾ ليکڪ جو شخصي عڪس واضح ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ مضمون سندس ذاتي اظهار خيال هُئڻ سبب ذاتي ڄاڻ ۽ مشاهدي جي قُوت تي منحصر هوندو آهي“. (ص:25)
ليکڪا، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي پاسن کي اُکوليو آهي ۽ ريشمي تاڪين جيان اُنهن کي ويڙهيو به آهي،  ڪيترن ئي موضوعن کي ڇيڙي، انهن تي بحث ڪري نتيجا سامهون آندا آهن ته جيئن ادب جي شاگردن لاءِ راهون هموار ٿي سگهن. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو سفرنامي جي صنف جي تڪ تور ڪري ٿو. هن ڀاڱي ۾ سفرنامي جي ارتقا تي روشني وڌي وئي آهي ته ڪيئن سفرنامو، مضمون مان ڦُٽي نڪري ٿو ۽ ڪيئن هڪ مڪمل صنف بڻجي ٿو ۽ هن صنف کي وڌائڻ ويجهائڻ ۾ سنڌ جي ڪهڙن قلمڪارن حصو ورتو ۽ ڪهڙا معياري سفرناما سنڌي ادب ۾ لکيا ويا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان گڏ هن سفرنامي جي ٻولي، اسلوب، بيهڪ ۽ ڏيهي پرڏيهي سفرن جي ڀيٽ به ڪئي آهي. سفرنامي جي اهميت بابت سندس ويچار هن هڪ ئي جملي ۾ پڙهي سگهجن ٿا: ”سفرنامو صحتمند ادب جي واڌاري ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو“. (ص: 141)
آءٌ سندس مٿين راءِ سان متفق آهيان، پر سفرنامو نه رُڳو صحتمند ادب جي واڌاري ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو، پر سفرنامو ڪنهن به مُلڪ، قوم جي تاريخ کي سميٽڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو ڪي مُلڪ ۽ ڪي قومون غلاميءَ جي اهڙين حالتن مان گذري آزاديءَ جي مُومل کي ماڻينديون آهن، جو انهن جي ادبي ذخيرن ۾ ڪُجهه ڳوليو به ناهي لڀندو، اهڙين حالتن ۾ باشعور قومون قابض قوتن جي سفرنامن مان پنهنجي قومن جي تاريخ کي سهيڙينديون ۽ سميٽينديون آهن.  ڪتاب جو ڀاڱو ٽيون، ناول نويسيءَ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ناول، ناول جو فن، ناول جي ارتقا ۽ اوسر، ترجمو ٿيل ناول ۽ ٻين اهم نڪتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي  وئي آهي.  پروين سنڌي ناول جي حوالي سان لکي ٿي ته: ”سنڌي ناول سنڌي سماج جو عڪس هئڻ سان گڏ، سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو”. (ص:236)
اِهو سچ آهي ته سنڌي ناول، سنڌي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌي سماج اڃا تائين مايوسين ۽ محرومين ۾ گهيريل آهي ۽ اسان وٽ سنڌي ادب ۾ جيڪي به ناول ڇپيا آهن، اُنهن ۾ مسرتون گهٽ، محروميون گهڻيون آهن. البته ڪيترن ئي ناولن جا ڪردار، بهادر، اڏول ۽ جان نڇاور ڪندڙ آهن، اُن جي باوجود اُهي محرومين ۾ وڪوڙيل آهن. هتي هڪڙي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته عالمي ليول تي جيڪي به ناول لکيا ويا آهن، اُهي خوشحال قومن جي نشاني سڏيا وڃن ٿا، اُنهن ۾ مسرتون ۽ رنگينيون پربت جهڙين اُوچاين کي ڇُهندڙ آهن، اُن جو واحد سبب اهو آهي ته اُتان جو رائيٽر آزاد آهي، انهيءَ جي سوچ آزاد آهي، انهن ليکڪن کي پئسن جا بريف ڪيس ڀري ڏنا ويندا آهن ۽ موضوع ڏنو ويندو آهي ته هن موضوع تي ناول لکو، اُن جي ڀيٽ ۾ اسان جو ليکڪ نه ڄاڻ ڪيترين مشڪلاتن مان گذري جي ڪو ڪتاب لکي به وٺي ٿو ته اُن لاءِ پبلش ٿيڻ به وڏو مسئلو بڻجيو وڃي.  مصنفه، هن موضوع سان ڀرپور نڀاءَ ڪندي ڪيترن ئي ڪتابن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي ۽ ناول جو جائزو پيش ڪندي، اُن جي ڪهاڻي، مقصديت، اهميت، منظر نگاري، علامت نگاري ۽ آخر ۾ محققن ۽ نقادن جا رايا پڻ شامل ڪيا آهن. هن قِسم جي تحقيق، ادب جي شاگردن، استادن ۽ اسڪالرن لاءِ نهايت ئي ڪارگر ثابت ٿيندي. ساڳئي طريقي سان افسانه نويسي جو به شاندار جائزو پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي افسانو، افساني جو فن، سنڌيءَ ۾ افساني جي اوسر، سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ ۾ عورت ڪهاڻيڪارن جو حصو، افسانه نگاريءَ ۾ مزاح، افساني جي اهميت، سنڌي سماج جي عڪاسي، جديد لاڙا ۽ مشهور سنڌي افسانن جو جائزو ورتو ويو آهي، جيڪو پڻ شاهڪار جائزو چئي سگهجي ٿو. هونئن به افسانو ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، افساني بابت پروفيسر پروين جي هي راءِ  به اهميت لائق آهي: ”افسانو هڪ ڪهاڻي يا ڳالهه آهي، جنهن جو واسطو زندگيءَ سان آهي. جديد افسانو فني لوازمات سان جُڙيل آهي ۽ اهو فن داخلي، رُوحاني ۽ خارجي هئڻ سان گڏ عوامي پڻ آهي“. (ص:307)
اهڙيءَ طرح ٻين صنفن وانگر ڊراما نويسيءَ جي مختلف پهلوئن، رُخن ۽ لاڙن کي سامهون آڻي اُن تي دليل ڏئي حقيقتن کي وائکو ڪيو ويو آهي.  ڊرامي بابت سندس راءِ اصلاحي، بياني ۽ تُز آهي، جنهن جو سِڌو تعلق حقيقتن سان آهي ۽ حقيقت نگاري جنهن جو سڌو تعلق زندگي ۽ سماج سان هوندو آهي. ”ڊرامو سبق آموز ۽ اصلاحي هُئڻ سان گڏ، معاشري جي سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلن جي عڪاسي ڪندڙ هجي، جنهن ۾ فحاشيءَ کان پاسو ڪيو وڃي. مقصد صرف معاشري جي اُوڻاين کي کولي بيان ڪرڻ هجي“. (ص: 354)
مٿي ذڪر ڪيل ۽ چونڊ ڪيل ڪتاب جي سڀني پهلوئن کي سامهون آڻڻ کان پوءِ آءُ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ رهنما ثابت ٿيندو.  هن قِسم جي تحقيق، هن قِسم جو ڪم، سواءِ عشق جي ٿيڻ ممڪن ئي ناهي.  ساڳي ڳالهه سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا پڻ  ڪتاب جي مُهاڳ ۾ ڪئي آهي:”هن قسم جو تحقيقي ڪم فقط اُهو ماڻهو ڪري سگهندو آهي، جنهن ۾ هڪ قِسم جو جُنون لڪل هوندو آهي. پڙهندڙ مون سان ضرور اتفاق ڪندا ته هن قسم جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم اُهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب سان عشق هوندو ۽ اُهو عشق جنون تي منزل تائين پهتل هوندو“.
آءُ هن ڪتاب بابت پنهنجي ڪا راءِ قائم ڪريان، بهتر آهي ته پڙهندڙ ئي فيصلو ڪن ۽ ڪتاب جي اهميت کي سمجهڻ سان گڏ پاڻ به سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ڪي ڪَڻا شامل ڪن ته نه رُڳو سنڌي ٻوليءَ جو دامن وسيع ٿيندو ۽ ههڙن ڪتابن جي ليکڪن کي به خوشي حاصل ٿيندي.
ڪتاب ۾ مختلف تحريڪن جو جائزو به پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي پتو پئي ته سنڌي ادب تي تحريڪن ڪهڙا اثر ڇڏيا. اُن کانسواءِ ڪتاب جي آخر ۾ جديد لاڙن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ ضميمو ۽ ببليوگرافي پڻ شامل ڪئي وئي آهي. هيءُ ڪتاب تحقيق جي سمورين لوازماتن تي پورو لهندڙ آهي ۽ هن ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي ته ڪتاب ۾ ٻولي سادي، سَرل ۽ وڻندڙ استعمال ڪئي وئي آهي. تحقيقي ٻولي، جيئن ته ٺوس هوندي آهي، پر هن ڪتاب ۾ تخليقي ٻوليءَ جي استعمال، ڪتاب کي وڌيڪ سونهن بخشي آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد پاران 2008ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


4-4-2016
علي نواز آريسر

ليکڪا جو تعارف

نالو: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
جنم تاريخ: 20 نومبر 1958ع، ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر.
عهدو: ايسوسيئيٽ پروفيسر (رٽائر)، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، سنڌ حڪومت.
مستقل ايڊريس: A-03 ڏيپلائي ٽائون، نزد راجپوتانا اسپتال، حيدرآباد.

اي ميل: parweenmoosa2018@gmail.com

فون نمبر: 0333-2766564,

علمي لياقتون: ايم.اي (انگريزي)، ايم.اي (سنڌي)-(گولڊ ميڊلسٽ)، پي.ايڇ.ڊي (سنڌي) يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.

تحقيقي مقالي

جو موضوع: ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو، تحقيقي اڀياس (1985ع تائين)“

تدريسي تجربو: پنجٽيهه سال (پرائمري ۽ ڪاليج ايجوڪيشن).

ڇپيل ڪتاب:

(1) ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2004ع.

(2) ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، 2008ع، ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن، 2015ع.

(3) ”اٿي رائو ريل“، (تحقيق ۽ تنقيد)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2008ع.

(4) ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“، (لطيفيات)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، 2008ع پهريون ڇاپو ۽ ٻيو 2009ع.

(5) ”سون ورنيون سوڍيون“، (ڪهاڻيون-ترتيب) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2009ع.

(6) ”اخلاقي قدر“، (ٻاراڻو ادب)، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2010ع، ٻيو ڇاپو، سنڌراڻي، 2015ع، ٽيون ڇاپو، 2020ع.

(7) ”وکر سو وهاءِ“، (مضمون ۽ مقالا)، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2011ع.

(8) ”پلئه پايو سچ“، (مضمون، مقالا، تاثر)، سنڌراڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع.

(9) ”عالم سڀ آباد ڪرين“، (لطيف شناسي)، سنڌراڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع.

(10) ”سنڌي ادب: تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ (مقابلي جي امتحانن لاءِ)، ائڊوانس پبلشرز لاهور، پهريون ڇاپو 2015ع، ٻيو، 2017ع، ٽيون، 2018ع، چوٿون حيدرآباد، 2010ع.

(11) ”گلدستو“ (پي.سي.ايس لاءِ مضمون)، محمد موسى ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، پهريون ڇاپو، 2016ع، ٻيو، 2017ع، ٽيون، 2019ع.

(12) ”سنڌي ادب“ (پڇا ڳاڇا-Mcqs) (مقابلي جي امتحانن لاءِ)، محمد موسى ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 2016ع، ٻيو، 2018ع، ٽيون، 2020ع.

(13) ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“، تحقيقي اڀياس، (پي ايڇ ڊي جو مقالو) (1985ع تائين)، پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي، 2020ع.

اڻ ڇپيل ڪتاب:

(1) ”ارباب جي هوشياري“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)،

(2) ”سانول جو باغ“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)

(3) ”ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا“ (تحقيق ۽ تنقيد)

(4) ”محبت پائي من ۾“، (فن ۽ فڪر).

(5) ”سدا وسين تون“ (مضمون).

(6) ”جي پارکو پارس جا“ (طيفيات)

(7) ”م.ع ڏيپلائيءَ جون ادبي خدمتون“.

(8) ”ٽي تحفا“ (ڪهاڻيون-ٻاراڻو ادب)

(9) ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت سماج سڌارڪ (تحقيق).

(10) ”مري ٿين نه مات“ (معلومات-ٻاراڻو ادب).

(11) ”تو ۾ ديرو دوست جو“ (لطيف شناسي-مضمون)

(12) ”ماڻڪ موتي لعل“، (مضمون ۽ مقالا).

(13) ”هلڻ منهنجو هوت ڏي“، (حرمين شريف جي زيارتن تي مبني سفرنامو).

(14) ”مفتي منجهه ويهار“، (آتم ڪهاڻي).

(15) ”ملهه مهانگا سپرين“، (سوانح).

(16) ”جنرل هسٽري“ (پي.سي.ايس سنڌيءَ مطابق).

(17) ”سنڌي نثر جي تاريخ“

(18) ”سنڌي شعر جي تاريخ“

اعزاز ۽ ايوارڊ:

(1) سرٽيفڪيٽ اڪيڊمڪ بحث مباحثي جي مقابلي ۾ رُڪنيت تي، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، 2004ع.

(2) بيسٽ ڪمپيئر شيلڊ، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، 2006ع.

(3) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد طرفان، ”مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم“، طور ڪتابن سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“، 2005ع ۽ ”وکر سو وهاءِ“، 2006ع جي اسڪيم ۾ منظور ٿيڻ تي تعريفي خط ۽ ڪيش ايوارڊ.

(4) شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، انٽر نيشنل ڪانفرنس 2009-03-03 تي شموليت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي سرٽيفڪيٽ.

(5) ڪئنيڊين ايسوسيئيشن ۽ جيجل سنڌ (جس) ريسورس سينٽر جي اشتراڪ سان بين الاقوامي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ 2008ع.

(6) نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتاب تي مقابلي ۾ “معاشي قدر” ڪتاب تي ٻيو انعام ۽ تعريفي خط ۽ سرٽيفڪيٽ.

(7) پهرين قومي مضمون نويسيءَ جي مقابلي بعنوان “جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي.شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد”، ۾ شموليت تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي سرٽيفڪيٽ، 2010ع.

(8) ساڳئي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ اردو ٻولي ۾ مضمون لکڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ.

(9) وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، پاران ٿيل لٽرري ڪانفرنس، آنرري شيلڊ، ڊسمبر، 2009ع.

(10) سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل” ڪتاب کي 2009ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب طور منظور ٿيڻ تي 07 جولاءِ 2010 ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خيرالنساء جعفري ايوارڊ جي شيلڊ.

(11) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ ناري سنگت جي طرفان “راهِه بينظير ڀٽو” ايوارڊ شيلڊ عورتن جي ڪم جي باري ۾ ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي مڃتا طور 2013 ۾ ڏني ويئي.

(12) بيسٽ ايونٽ آرگنائيزر (لطيف ڊي) تي نذرٿ ڪاليج جي پرنسپل ۽ ڪمشنر حيدرآباد پاران شيلڊ آف آنر، 2015ع.

(13) دي ليجنڊري پرسنلٽيز آف پاڪستان، چيف ايڊيٽر عزمِ پاڪستان، ڪراچي طرفان ايوارڊ، 2018ع.

(14) اپيڪس انگلش اڪيڊمي، حيدرآباد، طرفان شيلڊ آف آنر، 2017ع.

(15) ڊيڪليميشن ڪانٽيسٽ، يونيورسٽي آف سنڌ طرفان جيوري ميمبر طور خدمتن تي ايوارڊ، 2019ع.

ميمبر شپ

(1) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن 2. سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن.3 ناري سنگت. 4 سنڌي ادبي سنگت

هيڪ جي منظور ٿيل تحقيقي جرنلز ۾ ڇپيل مقالا

(1) ”ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون“، ڪلاچي تحقيقي جرنل ايڊيٽر، سليم ميمڻ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جلد 12، شمارو ٻيو، ڊسمبر 2009ع.

(2) ”سندري اتم چنداڻي هڪ ڪهاڻيڪار، هڪ ساهتڪار“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر، پروفيسر، سليم ميمڻ، جلد پهريون، شمارو ايڪويهون، جون 2018ع، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.

(3) ”نورالهدى شاھ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر، پروفيسر، سليم ميمڻ، جلد ٻيو، شمارو ايڪويهون، ڊسمبر 2018ع، شاھ عبدالطيف چيئر، ڪلاچي يونيورسٽي.

(4) ”پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ادبي خدمتن جو تحقيقي جائزو“، ڪارونجهر تحقيقي جرنل، ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، شمارو ڏهون، جلد نائون، ڊسمبر 2019ع، فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي.

(5) ”عورتن جي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جو جائزو“، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل ڏهون، جون 2017ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

(6) ”ڪلا پرڪاش جي ناولن ۾ عورت جي ڪردار جي حيثيت ۽ اهميت جو جائزو“، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، جلد ٻارهون، شمارو پهريون، جون 2019ع.

(7) ”الطاف شيخ جي سفرنامن جي علمي ۽ ادبي اهميت“، ڪلاچي تحقيقي جرنل، ايڊيٽر پروفيسر سليم ميمڻ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جلد ٽيويهون-شمارو پهريون، جون 2020ع.

ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا

(1) ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جون لطيفيات ۾ خدمتون“، قليچ انٽرنيشنل ڪانفرنس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 3-4 آڪٽوبر 2009ع.

(2) ”سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ صحافت جو حصو“، جي عنوان تحت م.ع ڏيپلائي جي صحافتي خدمتن بابت مقالو، قومي ادبي ڪانفرنس، 12 ڊسمبر، 2009ع، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي.

(3) ”سنڌ سرزمين محبت آهي“ جيجل (جس) پاران سيمينار، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2009ع.

(4) ”خيرالنسا جعفريءَ جون ادبي خدمتون“، سيمينار سنڌي لئنگويج اٿارٽي، 31 مارچ 2010ع.

(5) سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقي، ٻه روزه ڪانفرنس، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ مقالو بعنوان، ”ڇا پخانن جي کوٽ ۽ ڇپيل تخليقي ادب جي معيار ۽ مقدار جو تحقيقي جائزو“، 8 ۽ 9 مارچ 2011ع.

(6) ”سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ ۾ ماءُ جو ڪردار“، سيمينار ۾ پڙهيل مقالو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2018ع.

ڇپيل مضمون ۽  مقالا

(جاکوڙ پيغام احمد، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون، نئين زندگي، سروپا، سنڌي ٻولي، بلاول تحقيقي جرنل، ڪارونجهر، ادبي تحقيق، ڪلاچي، سوجهرو، سنڌي ادب، سنگت ادبي مخزن، روزاني عبرت، ڪاوش، هلال پاڪستان، سوڀ ۽ ٻين مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد).

(1) ”چري“، ڪهاڻي چانڊوڪي، ماهوار مخرن ميرپورخاص-1980ع. 

(2) ”ماءُ جو دلاسو“ خليل جبران جي (ڪهاڻي، ترجمو) پارس، ماهوار مخرن ميرپورخاص-1982ع.

(3) ”شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ ۾ انساني اخلاقي قدر“، ابن رشد گرلز ڪاليج، مخزن، 1998ع.

(4) ذاتي انٽرويو، سورٺ ادبي مخزن، روزاني عبرت پبليڪيشن، حيدرآباد 2005ع.

(5) ”مرزا قليچ بيگ ۽ ادب جون خدمتون“، هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ، 27 فيبروري 2006ع.

(6) ”ڀٽائيءَ جي طفيل“، سوجهرو، ايڊيٽر تاج بلوچ، ڪراچي، جنوري 2009ع.

(7) ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“، ادبي تحقيق، ريسرچ جرنل، سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪراچي، 2009ع.

(8) ”سون ورني سوڍي شهيد محترمه بينظير ڀٽو“، روزاني عبرت، مئي 2005ع.

(9) ”سنڌ سرزمين محبت آهي“، (مضمون)، ترتيب ڪامران يوسف زئي، سورج پرنٽرز، حيدرآباد، 2009ع.

(10) ساڳيو مضمون، ”سنگت ادبي مخزن“ ايڊيٽر، يوسف سنڌي، حيدرآباد، 2011ع.

(11) ”جي هينئڙي منجهه هُرن“، (يادگيريون) نواءِ سروش، مخزن ابن رشد گرلز ڪاليج، ميرپورخاص-2009ع.

(12) ”ترجمي جي فن جو تعارف: اهميت، افاديت ۽ سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري“، ڪارونجهر، (تحقيقي جرنل)، ايڊيٽر ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري، سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، ڊسمبر 2010ع.

(13) ”مفتي منجهه ويهار“، ماهوار ”جاکوڙ“، ايڊيٽر محمد هنڱورو، ساڃهه ويلفيئر فيڊريشن، ٿرپارڪر، آگسٽ 2010ع.

(14) ”شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو پيغام فن ۽ رسالو هڪ نظر“، هفتيوار عبرت مئگزين، 2011ع.

(15) ”شاھ لطيف تي ٿيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪم جو جائزو“، هفتيوار-عبرت مئگزين، 2011ع

(16) ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون“، روزاني عبرت، 20 اپريل2011ع.

(17) ”شهيد راڻيءَ جو جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد“، روزاني عبرت، 27 ڊسمبر 2011ع.

(18) ”شهيد راڻيءَ محترمه بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تي هڪ نظر“، ماهوار ”اڳواڻ“، ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، جنوري، 2012ع.

(19) ”معياري مطالعو انسان کي مڪمل بنائي ٿو“، ماهوار ”جاکوڙ“، ايڊيٽر محمد هنڱورجو، مٺي، مئي 2011ع.

(20) ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو“، ماهوار ”پيغام احمد“، حاجي احمد ملاح اڪيڊمي، بدين، آگسٽ 2011ع.

(21) ”جو وڙ جڙي جن سين“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، اڻ ٿڪ انسان، (مرتب) محمد عثمان منگي، ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2011ع.

(22) ”هڪ تاريخ ساز شخصيت“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، اڻ ٿڪ انسان، (سهڙيندڙ) م.عثمان منگي، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد، 2011ع.

(23) ”ترجما نگاريءَ جي ادبي اهميت“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2/2013ع.

(24) ”محمد عثمان ڏيپلائي“، ”سنڌي ٻولي“، ”تحقيقي جرنل“، جلد ڇهون، اپريل، جون، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد، 2013ع.

(25) ”حيف تنين هوءِ“، سوڀ سنڊي مئگزين، اپريل 2014ع.

(26) ”محمد ابراهيم جويو سان ٿيل هڪ ملاقات جو احوال“، ”مهراڻ، ابراهيم جويو خاص نمبر“، سنڌي ادبي بورڊ، 3 اپريل 2014ع.

(27) ”پورهئي ۾ عظمت آهي“، روزاني ڪاوش، آڪٽوبر 2014ع.

(28) ”مهراڻ ڏيپلائي نمبر هڪ نظر“، ڪاوش مئگزين، جولاءِ 2014ع.

(29) ”مفتي منجھ ويهار“ (آتم ڪٿا جو باب)، ”سروپا“ ماهوار مخزن، ايڊيٽر، ميمڻ روشن تبسم انفارميشن آفيسر، ڪراچي.

(30) ”لطيف شناسي“، ماهوار، ”پيغام احمد“، مولوي حاجي احمد ملاح اڪيڊمي، بدين، سيپٽمبر 2014ع.

(31) ”مشڪ کٿوري مڻ“، سرتيون، ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، جون-آگسٽ 2014ع.

(32) ”سنڌي نثر جي واڌري لاءِ م-ع ڏيپلائيءَ جون خدمتون“،  ٽه ماهي مهراڻ، ڏيپلائي خاص نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 01/2014ع.

(33) ”پورهئي هٿ سڪار“ ماهوار ”پيغام احمد“ ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين، ڪڙي نمبر 4 نومبر 2014ع.

(34) ”سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو“، ماهوار مخزن سروپا، ايڊيٽر روشن ميمڻ، ڪراچي، شمارو نمبر 01، جنوري 2015ع. 

(35) ”استاد قوم جا معمار آهن“، ماهوار پيغام احمد، ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح، ڪڙي نمبر 48،  مارچ 2015ع.

(36) ”هو چونيئي تون مَ چئو واتان ورائي“، روزاني عبرت، 18 فيبروري 2014ع.

(37) ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي“، روزاني عبرت، 01 مارچ 2015ع.

(38) ”جو وڙ جڙي جن سين سو وڙسي ئي ڪن“، روزاني عبرت، 13 ۽ 14 مارچ 2015ع.

(39) ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جو حصو“، روزاني عبرت، 8 مارچ 2015ع.

(40) ”اسين سڪون جن کي سي تان اسين پاڻ“، سوڀ سنڊي مئگزين، 15 مارچ 2015ع.

(41) ”ادب زندگيءَ جو آئينو ۽ عڪس آهي“، سوڀ سنڊي مئگزين، 29 مارچ 2015ع.

(42) ”مطالعي سان قومن جي ڪمال ۽ زوال جي خبر پوي ٿي“، سوڀ سنڊي مئگزين، 22 مارچ 2015ع.

(43) ”سنڌي نثر ۾ ترجما نگاري“، روزاني عبرت، 30 مارچ 2015ع.

(44) ”جيون گهارڻ جو فلسفو“، روزاني عبرت، حيدرآباد، 6 اپريل 2015ع.

(45) ”قومي ٻڌي ۽ سنڌي قوم“، روزاني عبرت، 8 اپريل 2015ع.

(46) ”پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا“، سوڀ سنڊي مئگزين، 12 اپريل 2015ع.

(47) ”ڪتاب ۽ ڪتب خانا اڻ ملهه خزانا آهن“، سوڀ سنڊي مئگزين، 19 اپريل 2015.

(48) ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جي شموليت جو جائزو“، ٽه ماهي ”ڪچ ڪوڏيون“، ايڊيٽر انعام علي ڪٻر خيرپور، اپريل- جون 2015ع.

(49) ”ڪمپيوٽر سائنس جي افاديت“، ”سنڌ راڻي“ ماهوار، مخزن ايڊيٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، اپريل 2015ع.

(50) ”سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ رڪاوٽون“، روزاني عبرت، 23 اپريل 2015ع.

(51) ”رسول پاڪ بحيثيت معلم“، روزاني عبرت، 12 اپريل 2015.

(52) ”تعليم جي تباهيءَ جا ڪارڻ“، روزاني عبرت، 23 اپريل 2015ع.

(53) ”جديد ٽيڪنالاجي وقت جي اهم ضرورت“، سوڀ سنڊي مئگزين، 26 اپريل 2015ع.

(54) ”اٿي هن اونداهيءَ ۾ ٻارڻ ڪو ٻار“، روزاني عبرت، 28 اپريل 2015ع.

(55) ”هنري تعليم“، روزاني عبرت، 7 مئي 2015ع.

(56) ”انسان ۽ انسانيت ۽ مذهبن جون فلاسافيون“، روزاني عبرت، 10 مئي 2015ع.

(57) ”سي چِلوِلا چئجن جي در در لائين دوستي“، روزاني عبرت، 15 مئي 2015ع.

(58) ”سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري“، روزاني سوڀ، 7 مئي 2015ع.

(59) ”سنڌ سرزمين محبت آهي“، روزاني عبرت، (ٻه حصا) 21 ۽ 22 مئي 2015ع.

(60) ”سنڌي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جو جائزو“، روزاني عبرت، 01 جون 2015ع.

(61) ”جديد دنيا ۾ سائنسي علمن جي ترقي“، 4/6 (ٻه حصا)، روزاني عبرت، جون 2015ع.

(62) ”علم لازوال دولت آهي“، روزاني عبرت، 11 جون 2015ع.

(63) ”نمي کمي نهار تون ڏمر ڏولائو“، روزاني عبرت، 11 جون 2015ع.

(64) ”ناڻي جو زيان ۽ پاڪستاني قوم“، روزاني عبرت، 16 جون 2015ع.

(65) ”آفتاب ميمڻ هڪ گهڻ رخي شخصيت“، روزاني عبرت، 19 جون 2015ع.

(66) ”شهيد راڻيءَ جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل عظيم قرباني“، سوڀ سنڊي مئگزين، 21 جون 2015ع.

(67) ”حضرت سچل سرمسترح“، روزاني عبرت، 3 جولاءِ 2015ع.

(68) ”مهربان محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو“، روزاني عبرت، 11 جولاءِ 2015ع.

(69) ”جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود“، روزاني عبرت، 13 جولاءِ 2015ع.

(70) ”سنڌ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار نسيم کرل“، روزاني عبرت، 14 جولاءِ 2015ع.

(71) ”پرت نه ڇنن پاڻ ۾“، روزاني عبرت، 21 جولاءِ 2015ع.

(72) ”محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي نثر جو اهم ليکڪ“ ماهوار، ”پيغام احمد“، ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح بدين جولاءِ 2015ع.

(73) ”سنڌي شعر جي ابتدا“، روزاني عبرت، 3 ۽ 4 آگسٽ 2015ع.

(74) ”ادب فن لطيف آهي“، روزاني عبرت، 6 آگسٽ 2015ع.

(75) ”سنڌي نثر جي ابتداءِ ۽ ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون“، روزاني عبرت، 17 آگسٽ 2015ع.

(76) ”ننڍي کنڊ جو ناميارو اديب، ليکراج ڪشنچند عزيز“ روزاني عبرت، 19 آگسٽ 2015ع.

(77) ”تاريخ ساز شخصيت قاضي عبدالمجيد عابد“، روزاني عبرت، 27 آگسٽ 2015ع.

(78) ”نصاب ۾ مضمون نويسيءَ جي اهميت“، روزاني عبرت، 3 سيپٽمبر، 2015ع.

(79) ”نثر ۾ اثر انگيزيءَ جو ذريعو اسلوب بيان“، روزاني عبرت، 8 سيپٽمبر 2015ع.

(80) ”سنڌي بيت جي اوسر“، روزاني عبرت، 25 سيپٽمبر 2015ع.

(81) ”استاد ۽ قوم“، روزاني عبرت، 1 آڪٽوبر 2015ع.

(82) ”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ“، روزاني، 4 آڪٽوبر 2015ع.

(83) ”شمس العلماء مرزا قليچ بيگ“، روزاني، 7 آڪٽوبر 2015ع.

(84) ”سنڌي ٻوليءَ جي قدامت“، روزاني عبرت 8 نومبر 2015ع

(85) ”پسي لهس نه لچئا“، سوڀ سنڊي مئگزين 8 نومبر 2015ع

(86) ”سنڌ جون رومانوي داستانون“، سوڀ سنڊي مئگزين 22 نومبر 2015ع

(87) ”قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي“، روزاني عبرت، 10 سيپٽمبر 2015ع

(88) ”علامه محمد اقبال“، روزاني عبرت، 9 نومبر 2015ع

(89) ”شاگردن جي زندگيءَ جو مقصد“، روزاني عبرت 2015ع

(90) ”شاهه جو فن، رسالو ۽ پيغام“، ”گلشن لاڙ“ ماهوار مخزن، ڊسمبر 2017ع.

(91) ”اخلاقيات ۽ قدر“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 9 ڊسمبر 2015ع

(92) ”سون ورني سوڍي“، ماهوار ”سروپا“ مئگزين، ايڊيٽر روشن ميمڻ، ڊسمبر 2015ع

(93) ”والدين ۽ اولاد جو رشتو“، روزاني سنڌ ايڪسپريس 9 جنوري 2016ع

(94) ”استاد ۽ شاگرد“، روزاني سنڌ ايڪسپريس 17 جنوري 2016ع

(95) ”سائين جي.ايم سيد عظيم مفڪر“، روزاني عبرت 17 جنوري 2016ع.

(96) ”دوستي“، روزاني سنڌ ايڪسپريس 23 جنوري 2016ع.

(97) ”ڊاڪٽر فهميده حسين جون علمي ۽ ادبي خدمتون“، ”گلشن لاڙ“، ماهوار مئگزين، ڊسمبر 2016ع.

(98) ”گيت جي سئو سالا تاريخ“ ماهوار ”ريکائون“، ايڊيٽر رحمت پيرزادو، جنوري 2016ع.

(99) ”شيخ اياز جي منظوم ڊرامن جو جائزو“ ڪچ ڪوڏيون ٽه ماهي مئگزين جنوري-مارچ چيف ايڊيٽر نصرالله ڪٻر 2016ع.

(100) ”حسن اخلاق“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 8 فيبروري 2016ع.

(101) ”ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ لطيف جو فڪري پارکو“، روزاني عبرت 10 فيبروري 2016ع.

(102) لاڙ جي فطرت جهڙو شاعر مولوي حاجي احمد ملاح، روزاني عوامي آواز، 14 فيبروري 2016ع.

(103) ”معاشي قدر“ روزاني سنڌ ايڪسپريس، 20 فيبروري 2016ع.

(104) ”تصوف ۽ وحدانيت جو شاعر“، قاضي قادن، سوڀ سنڊي مئگزين، 28 فيبروري 2016ع.

(105) ڌرتيءَ جو رهنما شاعر شيخ اياز، روزاني عبرت، 2 مارچ 2016ع.

(106) ”مولوي حاجي احمد ملاح“، ”گلشن لاڙ“، ماهوارمئگزين، مارچ 2016ع.

(107) ”سادگي ۽ ڪفايت شعاري“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 15 مارچ 2016.

(108) ”حب الوطني“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 19 مارچ 2016ع.

(109) ”سنڌي سفرناما“، سوڀ سنڊي مئگزين، 13 مارچ 2016ع.

(110) ”سنڌ جي سياست جو تڪراري ڪردار“، پير علي محمد راشدي، عوامي آواز هفتيوار مئگزين، 13 مارچ 2016ع.

(111) ڪتاب ۽ ڪتب خانا املھ خزانا آهن، ماهوار ”سنڌ راڻي“ مئگزين، اپريل 2016ع.

(112) ”عدل ۽ انصاف“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 12 اپري 2016ع.

(113) ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“، جو جائزو وفا مولا بخش، روزاني سوڀ 13 اپريل 2016ع.

(114) ”سچ“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 9 اپريل 2016ع.

(115) ”رهجي ويل منظر جو خالق“، طارق عالم ابڙو“، روزاني عبرت، 10 اپريل 2016ع.

(116) ”مير عبدالحسين سانگيءَ جون لطيفيات ۾ خدمتون“، روزاني جيجل، 12 اپريل 2016ع.

(117) ”عورتن جي تعليم“، روزاني عبرت، 14 اپريل 2016ع.

(118) ”لالچ ۽ حرص“، روزاني سنڌ ايڪسپريس، 23 اپريل 2016ع.

(119) ”سکو قدر ڪتاب جو“، روزاني عبرت، 23 اپريل 2016ع.

(120) ”سنڌ جو سائين جيئي سدائين“، روزاني عبرت، 25 اپريل 2016ع.

(121) ڪاوش ۾ انٽرويو پروفائيل، 26 اپريل 2016ع.

(122) ”علم ڇا آهي“، روزاني عبرت 28 اپريل 2016ع.

(123) ”شاھ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت“، ماهوار ”همسري“، ايڊيٽر زاهده ابڙو، مئي 2016ع.

(124) سنڌي ادب جائزو، ڪاوش مئگزين، 27 مارچ 2016ع.

(125) ”ادبي تنقيد ارتقا ۽ اوسر“ (2 حصا)، روزاني عبرت، 9 ۽ 10 مئي 2016ع.

(126) ”تعليم جي اهميت“، روزاني عبرت، 12 مئي 2016ع.

(127) ”اخلاقي قدر“، جائزو عبرت، 24 مئي ۽ ڪاوش 14 جون 2016ع.

(128) ”آغا سليم ۽ سندس ناول، همه اوست“، روزاني عبرت، 27 مئي 2016ع.

(129) ”سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم“، روزاني عبرت، 2 جون 2016ع.

(130) ”ڪري پاڻ ڪريم“، (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 7 جون، 2016ع.

(131) ”نايو نيڻ نهار“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 10 جون، 2016ع.

(132) ”جنهن هادي ميڙيم ههڙو“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 15 جون، 2016ع.

(133) ”سورهيه مرين سوڀ کي“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 17 جون، 2016ع.

(134) ”واڪا ڪندي ووءِ صديون تولاءِ سنڌڙي“، سوڀ سنڊي مئگزين، 21 جون، 2016ع.

(135) ”الا جنگ جيين“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 6 جولاءِ، 2016ع.

(136) ”نثري نظم جي شيخ اياز جي ڪتاب جو جائزو“، روزاني عبرت، 2 حصا، 26 ۽ 27 جولاءِ، 2016ع.

(137) ”سنڌي ادب جو سرموڙ ڪهاڻيڪار علي بابا“، روزاني عبرت، 10 آگسٽ، 2016ع.

(138) ”شاھ جو رسالو مقصديت ۽ پيغام“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 17 آگسٽ، 2016ع.

(139) ”شاھ لطيف جي ڪلام جون فني خوبيون“، روزاني عبرت، 26 آگسٽ، 2016ع.

(140) ”سنڌي غزل جي ارتقا ۽ اوسر“، روزاني عبرت، 30 آگسٽ، 2016ع.

(141) ”نير منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو“، روزاني عبرت، (ٻه حصا) 21 ۽ 22 سيپٽمبر، 2016ع.

(142) ”سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي“، روزاني عبرت، 28 سيپٽمبر، 2016ع.

(143) ”جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو“، روزاني عبرت، سيپٽمبر، 2016ع.

(144) ”رونديون ڏٺيون مون ان در تي دادليون“، روزاني عبرت، 9 آڪٽوبر، 2016ع.

(145) ”علم ادب ۽ صحافت جو وڏو نانءُ، پير حسام الدين راشدي“، روزاني عبرت، 21 آڪٽوبر، 2016ع.

(146) ”شاھ لطيف جو پيغام محبت آهي“، روزاني عبرت، 30 آڪٽوبر، 2016ع.

(147) ”ادب زندگي جو آئينو ۽ عڪس“، سوڀ سنڊي مئگزين، 11 سيپٽمبر، 2016ع.

(148) ”خود شناسي ۽ شاھ عبدالطيف“، سوڀ سنڊي مئگزين، 11 سيپٽمبر، 2016ع.

(149) ڊاڪٽر پروين موسى سان ڳالھ ٻولھ، ٽه ماهي ”ڪچ ڪوڏيون“، جلد ٻيو-پرچو جولاءِ-سيپٽمبر، 2016ع.

(150) ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سڏ“، روزاني عبرت، 13 نومبر، 2016ع.

(151) ”شاھ جو ميلو“ (لطيف شناسي)، روزاني عبرت، 22 نومبر، 2016ع.

(152) ”مٽيءَ لڌو مان“ (لطيف شناسي)، تخيل ٽه ماهي جرنل، جولاءِ-سيپٽمبر، 2016ع، چيف ايڊيٽر سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد.

(153) ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر“، روزاني عبرت، 11 ڊسمبر، 2016ع.

(154) ”سڙيا مٿي سچ“، جيئي لطيف مئگزين، ڪڙي نمبر 10 سال، نومبر، 2016ع.

(155) ”قاضي ويٺو آهي قلب ۾“، روزاني عبرت، 30 مارچ، 2017ع.

(156) ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تهذيبي ۽ تاريخي داستانن جو ذڪر“، سوڀ مئگزين، 26 ڊسمبر، 2016ع.

(157) ”مخدو امين فهيم: پيغام هڪ جائزو“، ٽه ماهي مهراڻ، ڊسمبر، 2016ع.

(158) ”مضمون نويسي/مقالانگاريءَ جو تحقيقي جائزو“، روزاني عبرت، (6،5،3) (3 حصا) فيبروري، 2016ع.

(159) ”جي ڀايين جوڳي ٿيان“، سوڀ سنڊي مئگزين، 1 جنوري، 2017ع.

(160) ”شاھ عبدالطيف جي دعائيه شاعري“، سوڀ سنڊي مئگزين، 19 فيبروري، 2017ع.

(161) ”ادب ۽ تاريخ کي زندگي ارپيندڙ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي“، روزاني عبرت، 11 فيبروري، 2017ع.

(162) ”عالم سڀ آباد ڪرين“، ڪتاب تي تبصرو زاهده تاج ابڙو، سوڀ سنڊي مئگزين، 5 فيبروري، 2017ع.

(163) ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون سنڌي صحافت ۾ خدمتون“، روزاني عبرت، فيبروري، 2017ع.

(164) ”عورتاڻي ادب ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو تحقيقي جائزو“، 13-7-6 مارچ، (3 قسطون) عبرت، 2017ع.

(165) ”جھموريت ۽ عوام“، روزاني عبرت، 21 مارچ، 2017ع.

(166) ”عالم سڀ آباد ڪرين“، ڊاڪٽر پروين جي ڪتاب تي تبصرو علي نواز آريسر، ٽماهي تخيل، ڊسمبر 2016ع).

(167) ”صوف صحت جو ضامن ميوو“، ماهوار ”پيغام صحت“، چيف ايڊيٽر نظام عباسي، مارچ-اپريل، 2017ع.

(168) ”جديد دور ڪي سنڌي عورت“، ماهوار ”اطراف“، چيف ايڊيٽر محمود شام، مارچ، 2017ع.

(169) ”مفتي منجھ ويهار“، (اڻ ڇپيل آتم ڪهاڻيءَ جو هڪ باب)، سرتيون يادگيريون نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، (جنوري، 2017ع).

(170) ڪتابن سان شوق قائم رکڻ جي ضرورت آهي، روزاني عبرت، آچر 23 اپريل، 2017ع.

(171) ”فلاسافي جيون جيئڻ جي تحقيقي نظر“، روزاني عبرت، 8 مئي، 2017ع.

(172) ”باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي“، روزاني عبرت، 20 مئي، 2017ع.

(173) ”نظم، نثراڻو نظم ۽ آزاد نظم“، روزاني عبرت، 23 مئي، 2017ع.

(174) ”ميون جو بادشاھ ميوو انب“، ماهوار پيغام صحت، جون، 2017ع.

(175) ”ذهني صحت ۽ وٽامن ڊي جو استعمال“، ماهوار پيغام صحت، جون، 2017ع.

(176) ”مرزا قليچ ۽ لطيف شناسي“، روزاني عبرت، 7 جولاءِ 2017ع.

(177) ثميره زرين جي افسانن جو جائزو، ٽه ماهي تخيل، ايڊيٽر، سڪندر ملاح، مارئي اڪيڊمي، اپريل-مئي، 2017ع.

(178) ”سنڌ جي تعليم جو معيار، ڪاپي ڪلچر ۽ تباهي“، روزاني جيجل، مئي، 2017ع.

(179) ”جنهن زبان ۾ ماءُ ڏني لولي“، روزاني مهراڻ، 17 آڪٽوبر، 2017ع.

(180) ”سنڌي نثر ۾ عورتن جي ڪم جو جائزو“، ماهوار ”سنڌ راڻي“، آڪٽوبر، 2017ع.

(181) ”ٿر جو ڪوئلو: ڪارو سون“، روزاني جيجل، 7 سيپٽمبر، 2017ع.

(182) ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“، ٽه ماهي تخيل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 21 ڊسمبر، 2017ع.

(183) ”افسانوي ادب ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي“، روزاني جيجل، 23 ڊسمبر، 2017ع.

(184) ”شيخ اياز“، ٽه ماهي مهراڻ، 4/2017ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

(185) ”زبان قوم جو آئيندو آهي“، روزاني هلال پاڪستان، 17 آڪٽوبر، 2017ع.

(186) ”سنڌ جا قديم هنر ۽ ان جو بچاءُ“، روزاني جيجل، آچر 19 نومبر، 2017ع.

(187) ثمينه ميمڻ جي ڪتاب ترورو تي تبصرو، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ، ڪاوش دنيا، 24 ڊسمبر، 2017ع.

(188) ڪتاب سنڌي ادب ايم.سي.ڪيوز تي همسري اداري طرفان تبصرو، آڪٽوبر، 2017ع.

(189) ”سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ بقا لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي“، روزاني جيجل، ڊسمبر، 2017ع.

(190) ”شاھ جي رسالي ۾ غم جو فلسفو“،جيئي لطيف مئگزين، سرپرستِ اعلى سيد وقار حسين شاھ، ڪڙي نمبر 12، سال 2017ع.

(191) ”ادب ۽ ان جو ڪارج ڇا آهي“، روزاني جيجل، 24 ڊسمبر، 2017ع.

(192) ”دادي ليلى وتي تلسي داس هرچنداڻي“، روزاني جيجل، ڊسمبر، 2017ع.

(193) جديد شاعريءَ جون صنفون، غزل، سنڌ راڻي مئگزين، ڊسمبر، 2017ع.

(194) ”شيخ اياز“، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 4/2017ع.

(195) پروين موسى جي باري ۾ علي محمد درد سولنگيءَ جو آرٽيڪل، ”سنڌ ڄايون“ ڪاوش دنيا، 14 فيبروري، 2018ع.

(196) ”سي.ايس.ايس جي ڪيريئر تي نوجوان ڌيان ڏين“، ڪاوش يوٿ، ڇنڇر 3 مارچ، 2018ع.

(197) ”ماءُ جو دلاسو“ (ڪهاڻي) ”همسري“ مئگزين، جنوري، 2018ع.

(198) ”پڇن سي پسن“، ثمينه ميمڻ جو ”همسري“، مئگزين، جون، 2018ع.

(199) ”ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا“، نذرٿ ڪاليج، مئگزين (2017ع - 2018ع).

(200) ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ شاھ لطيف جي شاعري“، ”سنڌ راڻي“ مئگزين، ڊسمبر/جنوري (17-2016ع).

(201) ”ماءُ  جو دِلاسو“ (ڪهاڻي)، خليل جبران، ترجمو، ماهوار ”سورمي“ فيبروري 2018ع.

(202) ”چري“ (ڪهاڻي)، ”همسري“ ماهوار، اپريل 2018ع.

(203) ”ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ جي فن جو جائزو“، ”شاھ جا شيدائي ڪتاب“ (ٻيو ڀاڱو)، راهب علي لاڙڪ، سمبارا پبليڪيشن، 2018ع.

(204) پروين موسى ميمڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (تعارف) (جلد-پ)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد.

(205) مخدوم محمد زمان طالب المولى، ٽه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 2018ع.

(206) ”هائيڊ پارڪ ڪاوش ۾ خط، ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو رسالو، مقدمو ۽ مهاڳ ٻئي جدا آهن“، 30 ڊسمبر،2018ع.

(207) ”سنڌي نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ نٿي ٿيئي“ (انٽرويو عتيق ملاح)، عوامي آواز، آچر 2 سيپٽمبر، 2018ع.

(208) ”عبدالحئي پليجو، علم ۽ ادب جو روشن ستارو“، روزاني ڪوشش، 31 جنوري، 2019ع.

(209) ”سنڌي ثقافت جو تحفظ ۽ ان جي بچاءُ جا حل“، سنڌراڻي مئگزين، آگسٽ، 2018ع.

(210) ”عبدالڪريم گدائي“، روزاني ڪوشش، 28 جنوري، 2019ع.

(211) ”سونهن ۽ سنڌ جو ديوانو استاد بخاري“، روزاني ڪوشش، 2019ع.

(212) ”عبدالڪريم سنديلو“، هلال پاڪستان، 2 فيبروري، 2019ع.

(213) ”ڌرتيءَ جو رهنما شاعر ۽ قومي شاعر اياز“، عوامي آواز، سنڊي مئگزين، آچر 3 مارچ، 2019ع.

(214) ”جديد سنڌي شاعريءَ جو نالو اياز گل“، روزاني جيجل، 5/6 مارچ، 2019ع.

(215) ”محفل ۾ رڳو آئون ئي تنها آهيان“، روزاني ڪوشش، 10 مارچ، 2019ع.

(216) ”ميران محمد شاھ“، روزاني سنڌ ڌرتي، آچر 16 مارچ، 2020ع.

(217) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، روزاني سنڌ ڌرتي، آچر 26 مارچ، 2019ع.

(218) عابده گھانگھرو، روزاني هلال پاڪستان، مارچ، 2019ع.

(219) ”صحافتي دنيا ۾ رهندڙ شاعره ماهين هيسباڻي“، روزاني جيجل، پهرين اپريل، 2019ع.

(220) قمر شهباز وڏو اديب ۽ وڏو ڪامورو، روزاني ڪوشش، اپريل، 2019ع.

(221) ”همه اوست آغا سليم جو شاهڪار ناول“، روزاني، 13 اپريل، 2019ع.

(222) ”ڊاڪٽر پروين موسى جون ادبي خدمتون“، چيتن ميگھواڙ، روزاني ڪوشش، حيدرآباد، 2019ع.

(223) ”گلي سدا رنگاڻي“، روزاني ڪاوش گئلري، 22 مئي، 2019ع.

(224) سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس تي تبصرو، هلال پاڪستان، ڪراچي، مئي، 2019ع.

(225) مسڪينن جو مسڪين جهان خان، روزاني هلال پاڪستان، 15 جون، 2019ع.

(226) ”دادا هولارام هنس جي ڪتاب تي هڪ نظر“، روزاني ڪوشش، حيدرآباد، 2019ع.

(227) ”انور ڪاڪا“، روزاني هلال پاڪستان، 20 جون، 2019ع.

(228) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، روزاني هلال پاڪستان، 21 جون، 2019ع.

(229) ”تو ۾ ديرو درست جو“، روزاني هلال پاڪستان، 4 جون، 2019ع.

(230) ”آغا سليم ترقي پسند اديب“، ”سنڌ راڻي“ ماهوار مئگزين، اپريل/مئي، 2019ع.

(231) ”هونداسي حيات“، روزاني هلال پاڪستان، 27 جولاءِ، 2019ع.

(232) ”شاھ جو سُر ليلان چنيسر“، روزاني هلال پاڪستان، 20 جولاءِ، 2019ع.

(233) ”نورالهدى شاھ“، روزاني هلال پاڪستان، 26 جولاءِ، 2019ع.

(234) ”مولوي حاجي احمد ملاح“، روزاني هلال پاڪستان، 18 جولاءِ، 2019ع.

(235) ”ف-م لاشاري“، روزاني هلال پاڪستان، جولاءِ، 2019ع.

(236) ”ڀيرو مل مهرچند“، 28 جولاءِ، هند واسي پندرهن روزه، ايڊيٽر شوڀا لالچنداڻي، هندوستان، 2019ع.

(237) “Daewoo” (ڪهاڻي نمبر)، سنڌ راڻي مئگزين، سيپٽمبر، 2019ع.

(238) ”سئو سوال انٽرويو نمبر“، (ڊاڪٽر پروين موسى)، سرتيون، انٽريو نمبر، 2019ع.

(239) ”آفتاب ميمڻ گھڻ رخي شخصيت“، نئين آس، جولاءِ، 2019ع.

(240) ”تاريخ جي عقب مان“، ڊاڪٽر پروين بابت، گلشن لاڙ، جولاءِ، 2019ع.

(241) ”مخدوم امين فهيم“، روزاني هلال پاڪستان، 8 آگسٽ، 2019ع.

(242) ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“، روزاني ڪاوش، 8 آگسٽ، 2019ع.

(243) ”ڊاڪٽر ادل سومرو“، روزاني هلال پاڪستان، 17 آگسٽ، 2019ع.

(244) ”شمشيرالحيدري“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 20 آگسٽ، 2019ع.

(245) ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سڏ“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 22 آگسٽ، 2019ع.

(246) ”عورتن جي تعليم جي اهميت“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 25 آگسٽ، 2019ع.

(247) ”سنڌي ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 1 سيپٽمبر، 2019ع.

(248) ”سُر ڪيڏارو“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 7 سيپٽمبر، 2019ع.

(249) تاجل بيوس، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 22 سيپٽمبر، 2019ع.

(250) ڪارو سون، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 25 سيپٽمبر، 2019ع.

(251) ادب ۽ سنڌي سماج، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 27 سيپٽمبر، 2019ع.

(252) ”سخاوت جو جذبو“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 26 سيپٽمبر، 2019ع.

(253) ”سنڌ جي تهذيب“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 2 آڪٽوبر، 2019ع.

(254) ”روح رهاڻ“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 18 آڪٽوبر، 2019ع.

(255) شاھ جي شاعري ۾ اخلاقي قدر، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 19 آڪٽوبر، 2019ع.

(256) سنڌي ادب MCQs تي تبصرو، ڊاڪٽر ثمر، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 2 آڪٽوبر، 2019ع.

(257) ”عالم سڀ آباد ڪرين“ (لطيف شناسي)، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، آڪٽوبر، 2019ع.

(258) ”سنڌي زبان جو مکيه سرمايو ڊاڪٽر پروين جا ڪتاب“، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، روزاني هلال پاڪستان، 21 آڪٽوبر، 2019ع.

(259) ”پڙاڏو سوئي سڏ جي تاريخي اهميت“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 31 آڪٽوبر، 2019ع.

(260) ”سلطاني سهاڳ“، (لطيف شناسي)، روزاني هلال پاڪستان، 31 آڪٽوبر، 2019ع.

(261) ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“، هلال پاڪستان، ڪراچي، 01 نومبر، 2019ع.

(262) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، روزاني هلال پاڪستان، 15 نومبر، 2019ع.

(263) ”سٻاجھي ۽ سڄاڻ ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسى“، معشوق محسن ابڙو، روزاني هلال پاڪستان، 20 نومبر، 2019ع.

(264) جمال ابڙو/پشو پاشا، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 13 ڊسمبر، 2019ع.

(265) ”بيت جي اوسر“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 18 ڊسمبر 2019ع.

(266) ”اسلام ۾ عورتن جا حق“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 2020ع.

(267) ”ٽيڙو/ هائيڪو“، روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي، 2020ع.

(268) ”امر جليل“، هند واسي، ايڊيٽر شوڀا لالچنداڻي، 5 اگسٽ 2020ع.

(269) ملڪه ۽ ايوب (ٻاراڻو ادب) هلال پاڪستان 16 آگسٽ 2020ع.

(270) ”منگهارام ملڪاڻي“، روزاني هلال پاڪستان، 29 جولاءِ، 2020ع.

(271) ”نيڪيءَ جو بدلو نيڪي“ (ٻاراڻو ادب)،”گل ڦل“ ماهوار رسالو، ايڊيٽر نجمه پهنور، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سيپٽمبر، 2020ع.

(272) ”نجم عباسي“، هند واسي، پندرهن روزه مئگزين، ايڊيٽر شوڀالالچنداڻي، 20 آگسٽ 2020ع.

(273) ”سندري اتم چنداڻي“ 27 آگسٽ هندواسي (5 قسطون)، سيپٽمبر 2020ع.

(274) ”هڪ متحرڪ ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ“، صدام جوکيو ”همسري“، آن لائين مئگزين، سيپٽمبر، 2020ع.

(275) ”پاڻي نعمت آهي“ (ڪهاڻي)، ”گل ڦل“ (ٻارن جي لاءِ ماهوار رسالو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، آڪٽوبر، 2020ع.

(276) ”اچو ته وڻ بچايون“ (ڪهاڻي)، ”گل ڦل“ (ٻارن جي لاءِ رسالو)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، نومبر-ڊسمبر 2020ع.

(277) ”فرحان جي عقلمندي“، ”گل ڦل“، (ٻارن جي لاءِ ماهوار رسالو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، جنوري 2021ع.

(278) ”الطاف شيخ جي سفرنامن جو تفصيلي جائزو“، روزاني هلال پاڪستان (8 قسطون)، 11 ڊسمبر 2020ع کان 18 ڊسمبر تائين.

(279) ”پوپٽي هيراننداڻي ۽ سنڌي ادب“، روزاني هلال پاڪستان، 24 ۽ 25 جنوري 2021ع.