لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار

ھي ڪتاب سنڌي ادب جي انھن گمنام 70 سوسائٽين جي ادبي ڪردار جي باري ۾ آھي، جن سنڌي ادب، تاريخ، اسٽيج ڊرامن، شاعري ۽ مشاعرن، ڪتابن جي اشاعت، ڪانفرنسون ۽ ادبي منڊل مچائي سنڌي ادب جا جهول ڀريا. ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ناياب تصويرون آهن.  ھن ڪتاب ۾ انگريزن جي دور جي ادبي سوسائٽين، انگريزن جي دور جي ادبي منڊل، آزاديءَ کان پوءِ جي علمي ادبي سوسائٽين ۽ ضلعي سطح تي علمي ادبي ۽ ثقافتي سوسائٽين بابت تحقيق شامل آھي.

Title Cover of book ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ادبي سوسائٽين جو سنڌي علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار“  اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري محقق مختيار احمد ملاح جي تحقيق تي مشتمل آھي.
ھي ڪتاب سنڌي ادب جي انھن گمنام 70 سوسائٽين جي ادبي ڪردار جي باري ۾ آھي، جن سنڌي ادب، تاريخ، اسٽيج ڊرامن، شاعري ۽ مشاعرن، ڪتابن جي اشاعت، ڪانفرنسون ۽ ادبي منڊل مچائي سنڌي ادب جا جهول ڀريا. ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ناياب تصويرون آهن.  ھن ڪتاب ۾ انگريزن جي دور جي ادبي سوسائٽين، انگريزن جي دور جي ادبي منڊل، آزاديءَ کان پوءِ جي علمي ادبي سوسائٽين ۽ ضلعي سطح تي علمي ادبي ۽ ثقافتي سوسائٽين بابت تحقيق شامل آھي.
هي ڪتاب ريکائون پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2020ع ۾  ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مختيار احمد ملاح جا جنهن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ  موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي