شاعري

اڀر چنڊ پس پرين

هن ڪتاب جو انتساب، شيخ اياز، ايڪيھين صديءَ جي نالي ڪيو آهي ۽ سمورو ڪتاب بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي. مھاڳ ۾ شيخ اياز ڄاڻايو آهي تہ هيءُ ڪتاب هُن ٻن مھينن ۾ لکيو آهي ۽ موت کي مات ڏني آهي. شيخ اياز وڌيڪ لکي ٿو تہ ”ھن ڪتاب جا پويان صفحا بظاھر ڪانگهارن گوھن وانگر گهاٽا آھن پر غور سان ڏسبو تہ اھا ساري شاعري ماءُ جي ٿڃ وانگر لطيف ۽ زندگي بخش لڳندي. مون ھن شاعريءَ جي تخليق لاءِ ڪيترا ڀيرا ننڊ مان اٿي فرانسيسي شاعر جيرارڊ دي نرول وانگر سوچيو آھي تہ خواب ٻي زندگي آھي“.

  • 0/5.0
  • 22
  • 7
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book اڀر چنڊ پس پرين
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڪتاب ”اُڀر چنڊ پَس پرين“ اوھان اڳيان پيش آھي.  
هن ڪتاب جو انتساب، شيخ اياز، ايڪيھين صديءَ جي نالي ڪيو آهي ۽ سمورو ڪتاب بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي. مھاڳ ۾ شيخ اياز ڄاڻايو آهي تہ هيءُ ڪتاب هُن ٻن مھينن ۾ لکيو آهي ۽ موت کي مات ڏني آهي. شيخ اياز وڌيڪ لکي ٿو تہ ”ھن ڪتاب جا پويان صفحا بظاھر ڪانگهارن گوھن وانگر گهاٽا آھن پر غور سان ڏسبو تہ اھا ساري شاعري ماءُ جي ٿڃ وانگر لطيف ۽ زندگي بخش لڳندي. مون ھن شاعريءَ جي تخليق لاءِ ڪيترا ڀيرا ننڊ مان اٿي فرانسيسي شاعر جيرارڊ دي نرول وانگر سوچيو آھي تہ خواب ٻي زندگي آھي“.
ھي ڪتاب 1990ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌ سلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف شيخ اياز
  • ڇپيو ويو 1990
  • ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشن
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 7 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون