ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

بَھراوَر کان ڀِريا

نصير اعجاز پنھنجي ماتر ڀُومي ڀريا شھر جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال، ڪُٽنبن ۽ شخصيتن متعلق ڪئميرا ڪڇ ۾ ۽ ڊائري ۽ قلم ھٿ ۾ کڻي، تحقيق ڪري، تاريخ جي پاتال ۾ گُم ٿيل ورقن کي موتين وانگر غواص جيان ھٿ ڪري حقيقتون اسان سڀني جي آڏو آڻي حاضر ڪيون آھن ـ ھي ڪتاب ڀريا جي تاريخ بابت پھريون تحقيقي ڪتاب آھي.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book بَھراوَر کان ڀِريا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” بَھراور کان ڀِريا“  اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، سياح ۽ صحافي نصير اعجاز جو لکيل آھي. ڪتاب سنڌ جي ساھتي پرڳڻي، خاص ڪري ضلعي نوشھري فيروز جي شھر ڀِريا جي قديم، سياسي، علمي ۽ ادبي تاريخ ۽ شخصيتن متعلق تحقيق تي مشتمل آھي.
نصير اعجاز پنھنجي ماتر ڀُومي ڀريا شھر جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال، ڪُٽنبن ۽ شخصيتن متعلق ڪئميرا ڪڇ ۾ ۽ ڊائري ۽ قلم ھٿ ۾ کڻي، تحقيق ڪري، تاريخ جي پاتال ۾ گُم ٿيل ورقن کي موتين وانگر غواص جيان ھٿ ڪري حقيقتون اسان سڀني جي آڏو آڻي حاضر ڪيون آھن ـ ھي ڪتاب ڀريا جي تاريخ بابت پھريون تحقيقي ڪتاب آھي.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ عرشي پبليڪيشن ڀريا پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون نصير اعجاز صاحب جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا ليکڪ

ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ ۽ پبلشر وٽ محفوظ آھن ۽ سندن اجازت کانسواءِ ڪتاب جو ڪوبه حصو ڪاپي ڪري يا ڇپي نٿو سگھجي

ڪتاب جو نالو: بَھراوَر کان ڀِريا _ تاريخ جو سفر
From Bahrawar to Bhiria _ A Journey Through The History
(ھيءُ ڪتاب ضلعي نوشھري فيروز جي شھر ڀريا جي قديم، سياسي، علمي ۽ ادبي تاريخ ۽ شخصيتن متعلق تحقيق تي مشتمل آھي)
ليکڪ: نصير اعجاز
ڇاپو پھريون: جُون 2019
تعداد: 1000 ڪاپيون
لي آئوٽ: نزاڪت علي کوکر
ٽائيٽل ڊزائين: قيوم منگي
قيمت: 1000 رُپيا
ڇپيندڙ: فاروق پرنٽرس، ڪراچي، سنڌ
ڇپائيندڙ: عرشي پبليڪيشن، حق موجود منزل،
شاهه محله، ڀريا سِٽي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2021ع
www.sindhsalamat.com

ارپنا

بَھراوَر قلعي جي انھن سورھن ھزار سنڌي جوڌن جوانن جي نانءُ جن پنھنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ لاءِ ٻن مھينن تائين جارح عرب لشڪر جو مقابلو ڪيو

پبلشر طرفان

نھايت ئي خوشيءَ جو موقعو آھي ته ”عرشي پبليڪيشن ڀريا“ طرفان پنھنجي شھر ڀريا جي تاريخ متعلق لکيل ڪتاب ”بھراور کان ڀريا _ تاريخ جو سفر“ ڇھين ڪڙيءَ طور ڇپائي مانوارن پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچائڻ جو شرف حاصل ڪري رھيا آھيون ـ
ڀاءُ نصير اعجاز ھڪ محقق، سياح، اديب، دانشور ۽ صحافت سان سلھاڙيل بي ڊپو ۽ سچو ساٿي آھي ـ ان سان گڏ علم، ادب، فھم ۽ فراست کيس پنھنجي خاندان ڀريا شھر جي آخوند گھراڻي وٽان سُتيءَ طور نصيب ٿيل آھي ـ اھا سچائي سندس لکڻين ۾، ڀلي کڻي اھي ڪالم، سير سفر، تحقيق ۽ تاريخ متعلق ھجن، چٽيءَ چنڊ روشن ۽ چمڪي رھي آھي ـ
جسُ لھڻي ڀاءُ نصير اعجاز جنھن پنھنجي ماتر ڀُومي ڀريا شھر جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال، ڪُٽنبن ۽ شخصيتن متعلق ڪئميرا ڪڇ ۾ ۽ ڊائري ۽ قلم ھٿ ۾ کڻي، تحقيق ڪري، تاريخ جي پاتال ۾ گُم ٿيل ورقن کي موتين وانگر غواص جيان ھٿ ڪري حقيقتون اسان سڀني جي آڏو آڻي حاضر ڪيون آھن ـ
اُميد آھي ته ڪتاب ”بھراور کان ڀريا _ تاريخ جو سفر“ تاريخ ۽ تحقيق جي شعبي جي شوقينن ۽ شاگردن جي اُڃ اُجھائيندوـ

والسلام
ماجد بن عرشي
عرشي پبليڪيشن، ڀريا شھر

ڇا لِکي ڇا لِکان

جيئن تاجل بيوس سنڌ لاءِ لکڻ حوالي سان پيار ۽ پاٻوھ وچان چئي ڏنو ته ”ھڪ قلم ھڪڙو مان، ڇا لِکي ڇا لِکان“، تيئن جڏھن سنڌ جي ساھتي پرڳڻي ۽ خاص طور ساھتيءَ جي تاريخي شھر ڀريا تي لکڻ ويٺس ته منھنجي ڪيفيت به بلڪل اھڙي ھئي ـ مطالعي، مشاھدي، ساروڻين، بزرگن توڙي جوانن سان ڪچھرين آڌار جيڪا معلومات ملندي رھي، لکندو ويس پر ڳالھيون کُٽيون ئي ڪونه ٿي، تڏھن مان به مَن ئي مَن ۾ چوندو ٿي رھيس ته ڇا لکي ڇا لکان ـ ڀريا _ منھنجي جنم ڀُومي، جنھن جي گھٽين ۾، گھڻو وقت نه ئي سھي، پر حياتيءَ جا ڪي ورھيه ته گھمندي گذريا ھئا، تنھن شھر کي ٻالڪپڻي واري ڪچڙي سوچ ۽ ذھن توڙي ڳوٺ سان روحاني رشتن واري احساس مان ٻاھر نڪري ھڪ تاريخ نويس جي اک سان ڏسڻو ۽ لکڻو ھيم ـ
ڀريا تي لکڻ جي شروعات سال 2013 جي جنوري مھيني کان ٿي، جڏھن سنڌي رسالي افيئر وارن دوستن فرمائش ڪئي ته سنڌ جي ٻن وڏين ھستين ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ جي حياتيءَ تي خاڪا لکي ڏيان ـ ٻئي ھستيون ڀريا جون ھيون، جن سان اسان جي آخوند گھراڻي جا به تعلقات ھئا ـ ايئن ئي اڳتي ھلي ڀريا بابت ساروڻين کي ڪاوش اخبار لاءِ قلمبند ڪرڻ شروع ڪيم ـ سال 2015 کان ڀريا وڃي نئين سِر گھٽيءَ گھٽيءَ گھمڻ ۽ ڀرين جي پراڻين عمارتن بابت لکڻ سان گڏ ديوان ڪوڙيمل ۽ حشوءَ جي گھرن جي ڳولا به ڪرڻ لڳس ـ پر جيئن جيئن ڀريا جي تاريخ جي تھخاني ۾ لھندو ويس، تيئن تيئن ھن شھر جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ادبي تاريخ جا اھڙا پاسا ظاھر ٿيڻ لڳا، جيڪي سچ ته منھنجي لاءِ نوان ھئا ـ
لکندي لکندي ڪي اھڙا سوال به اُڀريا جن جا جواب ڪي بزرگ ئي ڏئي ٿي سگھيا جن جي سيني منجھه وري سندن وڏڙن کان ٻُڌل قصا ۽ ڪھاڻيون توڙي سندن سانڀر ۾ ڏٺل ۽ ٻُڌل واقعن جا داستان سمايل ھئا ـ ايئن مون کي ڀرين جي حوالي سان زباني تاريخ Oral History به قلمبند ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ـ حقيقت ھيءَ آھي ته مختلف نالن سان ڀرين جي ھيءَ وسندي قديم زماني کان قائم ھوندي ۽ تاريخي اھميت رکندي به ڪتابن ۾ ان جو ڪٿي ڪو ورلي ۽ ٿورڙو ذڪر ملي ٿو ـ ان ڪري ضروري سمجھيم ته مختلف ڪتابن ۾ ملندڙ حوالن، بزرگن سان ڪچھرين ۾ ملين ڄاڻ ۽ ساروڻين کي ھڪ ھنڌ سموئي ڪتابي شڪل ۾ آڻجي، جيڪو ڪم ھن کان اڳ ڪنھن نه ڪيو ھو ـ ڀرين جي تاريخ تي ٿورو گھڻو ڪم خانواھڻ جي ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب ڪيو ھو، جنھن پي ايڇ ڊيءَ لاءِ ساھتي پرڳڻي تي ٿيسز لکي، جنھن ۾ نوابشاھه ضلعي جي شھرن ۽ شصيتن جو ذڪر ڪندي ھن ڀرين تي به ھڪ باب لکي ورتو ـ ان حساب سان چئي سگھجي ٿو ته مرحوم خانائي صاحب ڀرين بابت تحقيق جو بنياد وجھندڙ آھي ـ ان کانپوءِ نوان جتوئيءَ جي خاصخيلي جمال الدين مومن به پنھنجي ٿيسز مان ٻه ڪتابڙا ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۽ ”ساھتيءَ جا استاد“ ڇپرايا جن ۾ ڀرين ۽ ڀرپاسي جي ڪجھه شخصيتن جو ذڪر آھي پر سندن محنت جي باوجود انھن ۾ ڏنل معلومات ۾ بي انتھا غلطيون ھيون ـ انھيءَ جو ھڪڙو ننڍڙو مثال ھيءُ آھي ته ڀرين جي ھڪ ھستي آخوند حاجي فيض محمد بابت ٻه الڳ خاڪا ھڪ ئي ڪتاب ۾ ڏنا ويا جن مان ھڪ خاڪي ”حاجي فيض محمد ميمڻ“ ۾ سندن وڏي فرزند آخوند قادربخش کي سندن ڀاءُ ڄاڻايو ويو ته ٻئي خاڪي ” فيض محمد آخوند ميمڻ“ ۾ سندن ٻئي نمبر فرزند جميل احمد کي به سندن ڀاءُ ڄاڻايو ويو آھي ـ انھن غلطين جي نشاندھي ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ڇو ته آخوند حاجي فيض محمد منھنجو ڏاڏو ۽ آخوند قادربخش منھنجو والد آھي ـ
ڪتابن ۾ان قسم جي غلطين کي نظر ۾ رکندي مان به ھر ملندڙ معلومات کي پرکي ۽ ڏسي وائسي، تصديق ڪري لکڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ وقت وٺڻ لڳس ته جيئن ڀرين جي رھواسين، تاريخ جي شاگردن ۽ مستقبل جي تاريخ نويسن لاءِ ڀرين جي مستند تاريخ لکي وڃان ۽ سندن تنقيد کان به بچي سگھان ـ انھيءَ ڪوشش جي باوجود مونکي ڊپ آھي ته ڪٿي ڪا غلطي رھجي نه وئي ھجي يا ڪا ڪوتاھي نه ٿي ھجي، جنھن لاءِ مان معافي چاھيندس ـ ھڪ ڳالھه مان اڳواٽ باسيندس ته ڪتاب ۾ مختلف ھنڌن تي ڪن نالن ۽ واقعن جو ڪجھه ورجاءُ نظر ايندو جيڪو مواد کي مستند بنائڻ لاءِ مونکي ضروري محسوس ٿيو ـ
”بھراور کان ڀريا _ تاريخ جو سفر“ ڪتاب ۾ جن موضوعن تي لکيو ويو آھي، تن ۾ ساھتي پرڳڻي جي مختصر تاريخ، عربن جي زماني کان اڳ کان وٺي ھيل تائين جي ڀرين جي تاريخ، انتظامي، تعليمي، سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ادبي تاريخ، ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي وڏين شخصيتن، ساڌُن، عالمن، اديبن، شاعرن، استادن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، ججن، سرڪاري ڪامورن جا تفصيل، قديم عمارتن، ماڳن مڪانن بابت ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع شامل آھن ـ ھن ڪتاب ۾ منھنجا اُھي ليک به شامل آھن جيڪي اڳئي ڇپجي چُڪا ھئا، پر مون وڌيڪ تحقيق ذريعي انھن ۾ معلومات جو واڌارو ڪيو آھي ـ ڪتاب جو مُسودو تيار ٿي وڃڻ کانپوءِ مون ڪيترائي ڀيرا ان کي پڙھي، غلطين ۽ ورجاءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ آخري وقت تائين ھر ملندڙ نئين معلومات کي ان ۾شامل ڪيو آھي ـ ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي تصويرون به ڏنل آھن جيڪي ڀريا جي تاريخ جون امين آھن ـ انھن ۾ پراڻي زماني جي آثارن مان مليل چاندي ۽ ٻين ڌاتُن جي سِڪن، مورتي، ٺڪر جي ٿانوَن ۽ ٻين شين جون تصويرون شامل آھن ـ
مان سيد گھراڻي جي شخصيتن ايم پي اي سيد مراد علي شاھه، سيد انور علي شاھه، سيد احتشام علي شاھه، سيد فتح علي شاھه، حاجي بشير احمد ميمڻ، سيد ورند علي شاھه، غلام الرسول ڪيريو، سڪندر علي ڪيريو، صحافي مير محمد سھتو، راڻا شير محمد راجپوت ۽ ٻين قربائتن شخصن جو ٿورائتو آھيان جن ڪتاب جي حوالي سان مون سان تمام گھڻو سھڪار ڪيو ۽ پنھنجو وقت ڏنو ـ سيد مراد علي شاھه، سيد انور علي شاھه ۽ حاجي بشير احمد ميمڻ سان ڪراچيءَ ۾ ۽ سيد احتشام علي شاھه، سيد فتح علي شاھه، سيد ورند علي شاھه، مير محمد سھتي ۽ راڻا شير محمد راجپوت سان ڀرين ۾ توڙي فون تي تفصيلي ڪچھريون ٿيون ۽ کوڙ مواد مليو ـ
خاص ٿورا محمد ابراھيم سومري صاحب جا مڃيندس، جنھن کي مان ھن ڪتاب جو ڄڻ ته شريڪ ليکڪ Co-author سمجھان ٿو ڇو ته ھن ڪيترن ئي ورھين کان ڀرين جي تاريخ تي ڪيل مطالعي جي ڪري منھنجي گھڻي رھنمائي ڪئي ۽ سرڪاري نوڪريءَ وارين مصروفيتن جي باوجود روبرو ملاقاتن توڙي روزانو يا ھفتي ۾ ٻه ٽي ڏينھن ٽيليفون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ خيالن ۽ معلومات جي ڏي وٺ ڪرڻ سان گڏ گھربل مواد ۽ ڪي ڪتاب مُھيا ڪيا، مختلف ڪتابن جي نشاندھي ڪئي ۽ مشورا ڏنا ـ حقيقت ھيءَ آھي ته ڀرين بابت ابتدا ۾ ساروڻين تي ٻڌل ڪجھه مضمون لکڻ کانپوءِ مونکي ڀرين تي باقاعدگيءَ سان تحقيق ڪرڻ لاءِ اُتساھه ڏياريندڙ محمد ابراھيم سومرو ئي آھي ـ ھتي مان ھڪ نوجوان خليق الرحمان ڪيرئي جو به ٿورو مڃيندس جنھن مونکي حشو ڪيولراماڻيءَ جي فرزند گل راماڻيءَ ۽ ديوان ڪوڙيمل جي تڙپوٽي وِجي کلناڻيءَ سان رابطا ڪرڻ ۽ ڪجھه ٻيو مواد ھٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اڪثر رابطي ۾ رھيو ـ صحافي مير محمد سھتي جو نوجوان فرزند سراج مير به مددگار ثابت ٿيو ۽ ڪِن ماڳن جون تصويرون ڪڍي موڪليندو رھيو ـ
آخر ۾ انجنيئر ماجد علي سومري صاحب جا ٿورا مڃڻ لازمي آھي جنھن ڀرين جي ھر دوري ۾ پنھنجي مصروفيتن باوجود وقت ڪڍي شھر جي گھٽي گھٽي گھمائي ۽ ماڻھن سان ملاقاتون ڪرايون ۽ ڀرين تي سموري مواد کي ميڙي ۽ وڌيڪ تحقيق ڪري ضخيم ڪتاب لکڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ان ڪتاب کي ڇپرائڻ جي ذميواري کنئي ـ
اُميد آھي ته پڙھندڙن کي ڀرين جي تاريخ تي لکيل ھيءُ پھريون مفصل ڪتاب پسند ايندو ـ مان ھن ڪتاب کي ماضيءَ جي تاريخ نويسن جي تحقيق جو تسلسل سمجھان ٿو ڇو ته تحقيق ھڪ جاري رھندڙ عمل آھي ۽ اُميد رکان ٿو ته تاريخ سان دلچسپي رکندڙ موجوده دور توڙي ايندڙ وقت جا محقق ڀريا تي وڌيڪ تحقيق ۾ ضرور پنھنجو ڪردار ادا ڪندا ڇو ته اڄ کان ايندڙ پنجاھه يا سئو سالن ۾ موجوده ڀريا جي شڪل ڇا ٿي بيھي، ڪنھن کي خبر ناھي ۽ ان وقت جي نسل کي به ڀريا جي تاريخ ھنن ڪتابن مان ئي معلوم ٿيندي ـ

نصير اعجاز
سنڌي پاڙو، شانتي نگر، گلشنِ اقبال، ڪراچي، سنڌ

سنڌ جو وچولو _ ساھت جو سمنڊ

سنڌ جي ھر علائقي جو پنھنجو رنگ رُوپ، سونھن ۽ سڀاءُ، تاريخي اھميت، ادب ۽ ثقافت ۾ ڪردار آھي، جنھن ڪري جيڪو به شخص جڏھن به ھن ڌرتيءَ جي ڪنھن به ھنڌ تان لنگھندو ته کيس ھڪ الڳ قسم جو رومان ملندو، ڪھاڻيون ملنديون ـ
ساھتي پرڳڻو، سنڌ جو وچولي وارو علائقو، به علم ادب ۽ ثقافتي ورثي جي لحاظ کان گھڻو مالا مال آھي ـ ڪجھه محققن جو خيال آھي ته ھن علائقي ۾ قبل مسيح واري زماني ۾ به انساني وسنديون ھيون ـ تاريخ ۾ گھڻو پوئتي وڃجي ته معلوم ٿئي ٿو ته آرين کانپوءِ ھتي ٻُڌ مت ۽ جَين مت جا ماڻھو به آباد رھيا آھن ـ
ساھتي پرڳڻي، جنھن کي ڪنھن زماني ۾ لُھاڻو پرڳڻو به چيو ويندو ھو، جي خاصيتن ۾ معياري ٻولي، ادب ۽ ثقافت نمايان ھيون ـ ايئن ڪونھي ته سنڌ جا ٻيا علائقا انھن ڳالھين ۾ پوئتي آھن يا انھن جي ايتري اھميت ڪانھي پر ڪتابن ۾ جيڪا سنڌي ٻولي پڙھجي ٿي، ان ۾ ساھتي پرڳڻي جي ٻولي شامل آھي ـ انگريزن جي زماني ۾ جڏھن سنڌي لِپيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاھي وئي تڏھن ان ڪميٽيءَ ساھتي پرڳڻي سميت سنڌ جي وچولي علائقي جي سنڌيءَ کي اسٽينڊرڊ يا معياري ٻولي پڌرو ڪيو ھوـ ھونئن به ساھت اکر سنسڪرت ٻوليءَ جو آھي جنھن جي معنى ئي آھي علم، ادب ۽ ثقافت ـ
ھن علائقي تي ساھتي پرڳڻو نالو ڪيئن پيو؟ ڇا صرف ان ڪري جو پراڻي زماني کان ھيءُ علائقو علم ۽ ادب جو مرڪز ھو يا ساھتي نالي پٺيان ٻي ڪا ڪھاڻي آھي؟ انھيءَ تي وڏا بحث ٿيا آھن پر محقق ڪنھن نتيجي تي ڪونه پھتا آھن ـ ڪن جھونن ليکڪن ۽ خاص طور ھندو برادريءَ جي دانشورن جو خيال آھي ته ساھتي يا ساھتيه نالو ھن علائقي تي سھتا برادريءَ جي ڪري پيو، ڇوته ڪافي تعداد ۾ سھتا ذات جا ماڻھو ھن خطي ۾ رھن ٿا ـ لوڪ رام ڏوڏيجا پنھنجي ڪتاب ”منھنجو وطن، منھنجا ماڻھو“ ۾ لکي ٿو ته سھتا قبيلو سھتا سنگھه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو جيڪو موڏا سنگھه يا موڙا سنگھه سنڌي راجپوت جو پٽ ھوـ سندس چوڻ موجب جوڌپور جي ٻن شھزادن جو اقتدار تان جھيڙو ٿي پيو جنھن کانپوءِ موڙا سنگھه جوڌپور ڇڏي سنڌ جي ڀر واري علائقي تي حڪمراني ڪرڻ لڳو جڏھن ته سندس پٽ سھتا سنگھه سنڌ جي ان علائقي تي قبضو ڪري پنھنجي جاگير ٺاھي جيڪو جوڌپور جي سرحدن سان لڳندڙ ھو ـ ان کان ٿورو اڳ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ھئي پر پوءِ عرب حاڪم راجپوتن جي حملن کان پاڻ کي بچائي نه سگھيا ۽ موڙا سنگھ جي چوٿين نمبر پٽ سھتا سنگھ سنڌ جي وچولي وارو علائقو به ھٿ ڪيو ۽ تڏھن کان سھتا سنگھه جي نالي پٺيان سھتا قبيلو وجود ۾ آيو ۽ ھيءُ علائقو سھتا قبيلي پٺيان ساھتيه پرڳڻو سڏجڻ لڳوـ ان بيان موجب سھته برادريءَ جي تاريخ محمد بن قاسم کان پوءِ جي دور ۾ شروع ٿئي ٿي ـ لوڪ رام جو چوڻ آھي ته مورو شھر به سھتا سنگھه جي پيءُ موڙا سنگھه جي نالي پٺيان قائم ٿيو ـ ھڪ ٻئي ليکڪ ميان نيڪ محمد سھتي به پنھنجي فارسي ڪتاب ”تاريخِ سھتا قوم“ ۾ ان قصي کي محمد بن قاسم واري دور سان ڳنڍيندي بيان ڪيو آھي ته جوڌپور جي حاڪم جي وفات کانپوءِ سندس ٻن پٽن وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ تڪرار ٿيو ۽ نيٺ گھڻي ڇڪتاڻ کانپوءِ ھڪ شھزادو تخت جو وارث ٿيو ته ان جو ڀاءُ موڙا سنگھ محمد بن قاسم وٽ دانھن کڻي آيو ۽ مدد لاءِ چيائينس پر محمد بن قاسم کيس سنڌ ۾ رھڻ لاءِ جاگير ڏني ۽ ھُو پڻ سنڌ ۾ رھي پيو ـ موڙا سنگھ کي ست پٽ ھئا جن مان سھتو چوٿون نمبر پٽ ھو جنھن مان سھتا قوم (قبيلو) سڏجڻ ۾ آيو ۽ موڙا سنگھه جيڪا جاگير پٽ کي ڏني اھا سندس نالي پٺيان ”ساھتي پرڳڻو“ سڏجڻ ۾ آئي ـ
لوڪ رام ڏوڏيجا ۽ ميان نيڪ محمد سھتي جي ان قصي سان سھمت نٿو ٿي سگھجي ڇو ته عربن جي سنڌ بابت لکيل تاريخ چچنامي ۾ اھڙو ڪوبه واقعو يا قصو بيان ڪيل نه آھي ـ ٻئي تاريخدان اھي قصا ايئن بيان ڪن ٿا ڄڻ ھن خطي ۾ ٻيو ڪو ماڻھو اڳي آباد ئي ڪونه ھو ـ ٻيو ته سنڌ جي خالص سنڌي نسلن کي به ھروڀرو عربن سان ڳنڍڻ جي به بي تُڪي روايت پيل آھي ـ ٻنھي ليکڪن جي بيان کي تاريخ جو ھيءُ حوالو رد ڪري ٿوـ سال 1947 ۾ ھندستان جي ھڪ محقق مولانا سيد ابو ظفر ندويءَ جي ڇپيل ڪتاب ”تاريخِ سندھ“ موجب جڏھن محمد بن قاسم عرب لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو تڏھن به سھته، سمه ۽ لاکا موجوده ساھتي علائقي ۾ موجود ھئا ـ مولانا ندوي لکي ٿو: ”بھراور مان محمد بن قاسم ھليو ۽ سمه قوم جي حدن ۾ پھتو ـ“ وري ٻئي پئراگراف ۾ لکي ٿو:”ھتان ڪُوچ ڪري سھته (يا سمه) وٽ پھتو ـ“ محقق انھن کي جاٽ ۽ راجپوت قومون سڏي ٿو ـ بھراور مان ھلي سھته وٽ پھچڻ واري ڳالھه مان گُمان ٿئي ٿو ته بھراور (موجوده ڀريا وارو علائقو) سھتن جي حدن ۾ ڪونه ھو ـ
انگريزن جي زماني جو ڊپٽي ڪليڪٽر شيخ صادق علي شير علي انصاري پنھنجي ڪتاب ”شارٽ اسڪيچز آف مسلمان ريسز فائونڊ ان سنڌ، بلوچستان اينڊ افغانستان“ ۾ لکي ٿو ته سھتا اصل ۾ سمه قبيلي جي ھڪ شاخ آھن ـ صادق علي ڪجھه اھڙن ڪتابن جا حوالا به ڏئي ٿو جن سمن جي لڇ وڃي عربن سان ڳنڍي آھي ـ مثال طور تحفته الڪرام موجب سمه قبيلو نبي سڳوري جي چاچن ابو جِھل يا ابو لھب جي نسل مان آھي يا وري مُلڪ پارس جي بادشاھه جمشيد جي نسل مان يا حضرت نوح جي پٽ شيم جي نسل مان آھي ـ تحفته الڪرام ۾ اھو به خيال ڏيکاريل آھي ته سمه ڪنھن شخص جو نالو ھو، جنھن کانپوءِ اھو نالو سندس نسل تي پئجي ويو ـ تاريخِ فرشته به سمن کي حضرت نوح جي اولاد مان لکي ٿي ـ ھڪ ٻئي بيان موجب ابو جھل زھر وگھي نبي سڳوري کي ختم ڪرڻ گھريو ۽ ان لاءِ ھن ھڪ شخص اڪريما کي ذميواري ڏني جنھن اھو زھر نبي سڳوري کي ڏيڻ بدران پاڻ کائي ڇڏيو ـ نبي سڳوري ان شخص کي ”اڪريما سماوي“ سڏيو جنھن جو مطلب آھي زھر کائيندڙ ۽ سمجھيو وڃي ٿو ته سمه انھيءَ شخص جو نسل آھن ۽ ان نسل جا ماڻھو ڪڇ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ سماويءَ مان سمه سڏجڻ ۾ آيا ـ سمن کي اڃان به اسلامي رنگ ڏيڻ لاءِ ٻي روايت آھي ته سمه لفظ ”سامھون“ مان نڪتو جڏھن ھنن اسلام قبول ڪيو ـ شيخ صادق بھرحال لکي ٿو ته اھا ڳالھه پڪي آھي ته سمه اڳي ھندو ھئا ۽ عربن کان به اڳ سنڌ جي حاڪمن منجھان ھئا ۽ نبي سڳوري جي چاچن جي نسل مان ڪونه ھئا ۽ سنڌ تي عربن جي ڪاھه وقت ڪونه آيا ھئا ـ سندس چوڻ موجب لاکا، راڄپر، اُنڙ توڙي سھته سمه قبيلي جون شاخون آھن ـ سنڌ گزيٽيئر (1959) جو ليکڪ ايڇ ٽي سورلي به لاکن، سھتن، سومرن ۽ لھاڻن کي سمه قبيلي جون شاخون سڏيندي چچنامي ۽ ٻين ڪتابن جا حوالا ڏئي ٿو ۽ لکي ٿو ته انھن ذاتين کي سماٽ سڏيو وڃي ٿو ـ سورلي به شيخ صادق جي ڪتاب جا حوالا ڏنا آھن ـ خير محمد ٻرڙي سيوھاڻيءَ به سندس ڪتاب ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ مٿي ڄاڻايل ڪتابن جي مدد سان بحث ڪيو آھي ـ سندس چوڻ موجب سمه ۽ سومرا اصل ۾ پاڻ ۾ سئوٽ آھن ـ ھڪ ٻيو ليکڪ سھيل ظھير لاري پنھنجي انگريزي ڪتاب ”اَ ھسٽري آف سنڌ“ ۾ مٿي بيان ڪيل ڳالھين جا حوالا ڏيڻ بعد ھڪ واڌارو ڪندي لکي ٿو ته ابنِ بطوطه جڏھن سنڌ ۾ آيو ته ھُو سمن ۽ سومرن ۾ فرق نه ڪري سگھيو ـ ابنِ بطوطه جو خيال آھي ته اھي محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ آيا ۽ شام ملڪ جا ھئڻ ڪري شامي سڏيا ويا جن مان ڦري سمه سڏجڻ ۾ آيا ـ بھرحال سھيل ظھير لاري ڪجھه وڌيڪ حوالا ڏيندي چوي ٿو ته سمه قبيلي جا ماڻھو 325 قبل مسيح ۾ به سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي آباد ھئا جڏھن سڪندر اعظم سنڌ ۾ آيو ھو ـ سڪندر اعظم جي ڪن تاريخ نويسن ”سمبُو“ جو ذڪر ڪيو آھي جيڪو اصل ۾ سمو ٿي سگھي ٿو ـ ان بحث جي روشنيءَ ۾ چئي سگھجي ٿو ته سھته، لاکا، لُھاڻا، راڄپر ۽ ٻيون سماٽ ذاتيون قديم زماني کان ھن خطي ۾ آباد آھن ۽ سندن عربن جي نسل توڙي عربن جي زماني ۾ آيل سھته سنگھ سان ڪو واسطو ڪونھي ۽ اھڙي طرح ساھتي پرڳڻو سھتا برادريءَ جي ڪري سڏجڻ جو به ڪو تاريخي ثبوت نٿو ملي ـ سنڌ جي ھڪ ڪاموري مرحوم محمد صلاح الدين قريشيءَ، جنھن مختلف عھدن تي رھندي سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي، وڏي تحقيق کانپوءِ ھڪ ڪتاب ”سنڌ _ اَ ٽائيم ڪئپسُول آف ھيريٽيج“ لکيو، جنھن ۾ سندس خيال آھي ته برھمڻ چچ گھراڻي کان اڳ سنڌ ۾ ساھي (ساھسي) گھراڻي جو راڄ ھو، ۽ ڪنڊياري ۽ نوشھري جا تعلقا اڳي توڙي اڄ به ساھتي سڏجن ٿا ۽ سھته قبيلو، جنھن ۾ ڍوڊا، جھنڊير ۽ ونڊير شامل آھن، ان گھراڻي پٺيان سڏجن ٿا ـ ھُو لکي ٿو ته اھو علائقو ”شاھو لُھاڻي جو پرڳڻو“ سڏبو ھو، جنھن جي حدن ۾ شھدادپور، جھول ۽ کپرو شھر به اچي ٿي ويا ۽ ان جو حدون امرڪوٽ تائين ھليون ٿي ويون ـ (ٽالپرن جي زماني جي سنڌ جي ھڪ نقشي موجب مير شير محمد ٽالپر جي ميرپور خاص واري صاحبيءَ جون حدون نوشھري فيروز سان ملنديون ھيون) ـ جيئن ته اھي قبيلا راجا ڏاھر جا به وفادار ھيا، تنھنڪري انھن مان ڪي ڏاھري به سڏجن ٿا ـ انھن سماٽ قبيلن مان سندن چڱا مڙس ڄام سڏائن ٿا جيڪي ان علائقي ۾ اڄ به آباد آھن ـ ڪن تاريخي حوالن سان ليکڪ ٻڌائي ٿو ته عربن کان ھزار ورھيه اڳ ”ھِنايان“ نالي ٻُڌ فرقي جو ھڪ مُکي ”سماٽيا“ نالي سان ھو، ۽ ٿي سگھي ٿو ته سمه قبيلو انھيءَ جي نالي پٺيان سڏبو ھجي ـ صلاح الدين صاحب جي تحقيق موجب انگريزن 1850 ۾ ساھتيءَ بابت ھڪ رپورٽ تيار ڪئي ھئي جنھن جا نقشا کيس روينيو رڪارڊ مان مليا ھئا ـ
ايڇ ٽي لئمبرڪ پنھنجي ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ“ ۾ چچنامي ۽ ٻين حوالن سان ھيٺ ڄاڻايل ڪي سِٽون لکيون آھن، جن کي پڙھڻ کانپوءِ سمن ۽ سھتن جي عربي نسل توڙي سھته سنگھه واري ٿيوريءَ جي ڪابه اھميت نٿي رھي ـ لئمبرڪ لکي ٿو:”چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم لُھاڻا قبيلي جي جاٽن بابت پُڇا ڪئي جنھن تي کيس ٻڌايو ويو ته اھي ڏاڍا ظالم آھن ۽ حاڪمن جا سدائين نافرمان رھيا آھن ۽ شاھراھن تي ڌاڙن ھڻڻ جي عادت اٿن ـ اھو ٻڌڻ تي عرب جنرل انھن لاءِ ساڳين سخت ۽ توھين آميز سزائن جو حڪم ڏنو جيڪي راءِ چچ انھن کي اڳي ڏنيون ھيون ـ محمد بن قاسم کي اھو به ٻڌايو ويو ته راءِ چچ سمه ۽ لاکا قبيلن لاءِ به ساڳيون لُھاڻن واريون سزائون مقرر ڪيون ھيون پر عرب جنرل سمن ۽ سھته قبيلي جي ماڻھن سان ڪجھه بھتر نموني پيش آيو ـ“ ھُو لکي ٿو ته سھتا انھيءَ علائقي ۾ آباد آھن، جيڪو ھاڻي سندن نالي پٺيان (ساھتي) سڏيو وڃي ٿو ـ لئمبرڪ لکي ٿو ته سنڌ ۾ رھندڙ سھتا، جن مان ڪي ھندو ته ڪي مسلمان آھن، تِن کي انھن سھتن جا پونئير سمجھڻ گھرجي جن جو ذڪر چچنامي ۾ ٿيل آھي ـ
سھتا برادريءَ ۽ ساھتي پرڳڻي بابت بحث جي پڇاڙيءَ ۾ ايڇ ٽي سورلي جي مٿي ڄاڻايل گزيٽيئر مان ھڪ پئراگراف ھتي ڏيڻ سان ڳالھه اڃان وڌيڪ واضح ٿي ويندي ـ صفحي نمبر 257 تي سورلي لکي ٿو: ”ھندو واپارين جي ھڪ ٻي ذات آھي سھته، جنھن لاءِ ھن گزيٽيئر جي 1901 واري ايڊيشن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اھا سمه قبيلي جي شاخ آھي جنھن مذھب مٽائي مسلمان ٿيڻ جي مزاحمت ڪئي ھئي ـ سمجھيو وڃي ٿو ته سھته، جيڪي پنھنجي راجپوت نسل ھجڻ جي دعوى ڪن ٿا، مٿن نوشھري فيروز تعلقي جي ھڪ ڳوٺ ”ساھتي“ جي ڪري اھو نالو پيو ھجي، جتي اھي اڳي آباد ھئا ـ اھي واپاري به آھن ته زمينداري به ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ به آھن ـ انھن مان اڪثر ڌرمي لحاظ کان ويشنو آھن ـ اھي ٻين ذاتين مان ته ڇوڪرين سان پرڻو ڪن ٿا پر پنھنجون نياڻيون ٻين ذاتين ۾ نٿا ڏين ـ اھي گوشت، مڇي ۽ شراب نٿا واپرائن ۽ سندن ريتون رسمون لُھاڻن سان ملن ٿيون ـ“ سورلي 1901 جي گزيٽيئر جي حوالي سان ”ساھتي“ کي ڳوٺ ڄاڻايو آھي، اھو ٿي سگھي ٿو ساھتي پرڳڻو ئي ھجي ۽ جيڪڏھن ان ٿيوريءَ کي بنياد بنائجي ته پوءِ اھو گمان ڪري سگھجي ٿو ته سھتا برادريءَ تي نالو ساھتي پرڳڻي جي ڪري پيو ھوندو ـ انھيءَ موضوع تي بحث لاءِ وري به ميدان کليل آھي ۽ محقق ان تي تحقيق ڪري ڪو نتيجو ڪڍن ته بھتر آھي ـ
ڪلھوڙن جي صاحبيءَ ۾ ساھتي پرڳڻو ٻن حصن ۾ ورھايل ھو ـ ھڪ ڪنڊيارو پرڳڻو ۽ ٻيو نوشھرو پرڳڻو ـ ساھتي پرڳڻو اڳوڻي نوابشاھه ضلعي جي ڪنڊيارَي، نوشھرو فيروز ۽ مورو تعلقن تي مشتمل ھو جنھن ۾ ٺارُوشاھه، مٺياڻي، ڀريا، درٻيلي ۽ ھالاڻيءَ سميت 52 ننڍڙا شھر ۽ ڳوٺ شامل ھئا ـ انھن 52 شھرن ۽ ڳوٺن جا نالا ھن ريت آھن: تعلقو نوشھرو فيروز: ڀريا، ڀرياروڊ، پڊعيدن، درياخان جلباڻي، چانھين، گھيڙگجُو،کاھي، مولھڻ، ٺاروشاھه، ڀورٽي، سخي دادواھه، دليپوٽه، ٺٽ ھوتچند، اَبجي، مٺياڻي، ابڙان، ڪلھوڙا، ڦُل، چِيھو، درياخان مري ۽ نوشھروفيروز ـ تعلقو ڪنڊيارو: خانواھڻ، ھالاڻي، بھلاڻي، محبت ديرو جتوئي، ڪوٽڙي ڪبير، ڪنڊيارو، درٻيلو، بگوديرو، مَڃُٺ، محرابپور، لاکاروڊ ۽ ڪمال ديرو ـ تعلقو مورو: سِيھڙ، ڏيپارجا، ملڪ، چنيجا، نوان جتوئي، پرڻ، مناھي، سڌوجا، مورو، گچيرو، شاھپور، دولتپور، سونھيرو، مکنڊ، ساوڙي، پٻجو، سن، ٺُل مير رُڪڻ ۽ ڪٻيري ـ
انھيءَ کان به اڳ 1555 ۾ اھو درٻيلو پرڳڻو سڏبو ھو، جنھن جو ھيڊڪوارٽر ڊڀريو شھر ھو ـ انگريزن جي زماني ۾ اھو سمورو ساھتي پرڳڻو نوابشاھه ضلعي جو حصو ھو ـ نوابشاھه کي ضلعي جو درجو انگريزن جي زماني ۾ 1912 ۾ مليو ھو جنھن کي 1903 ۾ تعلقي نصرت جو نالو ڏنل ھو جڏھن ته 1989 جي آخر ڌاري نومبر مھيني ۾ نوابشاھه ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورھائي نوشھري فيروز جي نالي سان نئون ضلعو ٺاھيو ويو جنھن ۾ اڳوڻا ٽي تعلقا نوشھرو فيروز، مورو ۽ ڪنڊيارو شامل ڪري ڀريا جو درجو وڌائي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي ـ ايئن تعلقن جو تعداد چار ٿي ويو پر 2005 ۾ محرابپور کي به تعلقي جو درجو ڏئي ان ۾ شامل ڪيو ويو ـ ضلعي ھيڊڪوارٽر نوشھري فيروز ۾ رکيو ويو ـ ھن ضلعي ۾ جيڪي ننڍا شھر ۽ ڳوٺ اچن ٿا تن ۾ اُتر ۾ محرابپور ۽ ھالاڻيءَ کان وٺي ڏکڻ ۾ موري تائين ۽ اولھه ۾ درٻيلي ۽ ٺاروشاھه کان وٺي اوڀر ۾ ڀريا روڊ ۽ پڊعيدن تائين سمورا علائقا شامل آھن ـ انھيءَ حساب سان قديم زماني جي ساھتي پرڳڻي جون حدون ٿوري گھڻي فرق سان اھي ئي آھن جيڪي اڄ نوشھري فيروز ضلعي جون آھن ـ نوشھري فيروز ضلعي جون حدون اُتر ۾ خيرپور ضلعي سان، اولھه ۾ دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن سان، ڏکڻ ۾ نوابشاھه ضلعي سان ۽ اوڀر ۾ سانگھڙ ضلعي سان ملن ٿيون ـ
سرڪاري انگ اکرن موجب نوشھري فيروز ضلعي جي ايراضي ٽي ھزار ۽ ستاويھه (3027) چورس ڪلوميٽر آھي ۽ سال 2017 جي آدمشماريءَ موجب ضلعي جي ڪل آبادي سورھن لک، ٻارھن ھزار، ٽي سئو ٽيھتر (1.612373 ملين) آھي جنھن موجب ھڪ چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ 532 ماڻھو آباد آھن ـ سال 1972 ۾ ھتان جي آبادي ڪل 6 لک، 85 ھزار، 829 ھئي ـ موجوده آباديءَ ۾ مردن جو تعداد 8 لک، 32 ھزار، 569 ۽ عورتن جو تعداد 7 لک، 79 ھزار، 747 آھي ـ اڪثريتي آبادي جيڪا مجموعي طور 12 لک، 32 ھزار، 571 آھي، ٻھراڙين ۾ رھي ٿي جڏھن ته شھري آباديءَ جو ڪُل انگ 3 لک، 79 ھزار، 802 آھي ـ نوشھري فيروز ضلعي جي تعلقي ڀريا جي ڪل آبادي ٽن لکن کان ٿورو وڌيڪ آھي جڏھن ته ڀريا ٽائون ڪميٽيءَ جي حدن ۾ ايندڙ علائقن ۾ 17 ھزار، 827 آدم رھي ٿو ۽ ڀريا شھر جي آبادي 14 ھزار، 81 آھي جنھن ۾ 2017 کانپوءِ ھيل تائين ڪجھه واڌارو ٿيو ھوندو ـ ضلعي جي آباديءَ ۾ ھندو برادريءَ جو تناسب فقط 1.3 (ھڪ ڀاڱي ٽي) سيڪڙو آھي ـ
سرڪاري انگ اکرن موجب نوشھري فيروز ضلعي ۾ پڙھيل ماڻھن جي شرح 55 سيڪڙو آھي ـ ھتي سنڌي، اردو، پشتو، بلوچي، براھوي، پنجابي ۽ سرائڪي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون ۽ اھي سمورا قبيلا ۽ برادريون آباد آھن جيڪي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ موجود آھن ـ مجموعي طور 88 سيڪڙو سنڌي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي جڏھن ته اردو ڳالھائيندڙن جي شرح 5.7 ۽ پنجابي ڳالھائيندڙن جي شرح 4.4 سيڪڙو آھي ـ
ضلعي ۾ سرڪاري تعليمي ادارن کانسواءِ وڏي تعداد ۾ خانگي تعليمي ادارا به قائم آھن ـ سرڪاري پرائمري اسڪولن جو تعداد 2300 جي ويجھو آھي جڏھن ته 140 مڊل اسڪول، 56 ھاءِ اسڪول، 18 ھائر سيڪنڊري اسڪول، ڇوڪرن جا ڇھه ۽ ڇوڪرين جا ٻه ڪاليج قائم آھن ـ نوشھري فيروز شھر ۾ بحريه ۽ آءِ بي اي (انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريشن) سکر جا ڪاليج به قائم آھن ـ ٽي مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ، ٻه ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ، ڇوڪرين جا ٻه ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ، خانگي شعبي ۾ ھڪ لاڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا به ڪم ڪري رھيا آھن ـ ڪجھ ورھين کان ھتي شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھه جي ڪئمپس به قائم ٿيل آھي جتي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ـ
ضلعي ۾ ڪا به ٽيچنگ اسپتال ڪانھي ۽ صرف پنج تعلقي اسپتالون آھن جڏھن ته ضلعي ھيڊڪوارٽر ۾ قائم تعلقي اسپتال کي به جديد سھولتون مليل ناھن ـ رورل ھيلٿ سينٽرن جو انگ 12، ٽي بي ڪلنڪس جو انگ 70، بنيادي صحت مرڪزن جو تعداد 45، وٽرنري سينٽرن جو تعداد 52 ۽ وٽرنري اسپتال صرف ھڪ آھي ـ
ھن ضلعي ۾ ڪوبه ھوائي اڏو ڪونھي جڏھن ته مين ريلوي لائين اوڀر ۾ ڪجھه شھرن وٽان لنگھي ٿي ـ انگريزن جي وڇايل لوپ لائين 1990 کان بند ھجڻ جي ڪري ضلعي جي اندروني علائقن ۾ ريلوي سروس ڪانھي جيڪا اڳي سمورن علائقن کي محرابپور تائين ڳنڍيو بيٺي ھئي ـ ضلعي ۾ پڪن رستن جي ڊيگھ 1300 ڪلوميٽرن کان ڪجھه وڌيڪ آھي جڏھن ته ٻه سئو کن ڪلوميٽر ڪچا رستا آھن ـ سرڪاري ۽ خانگي ٽپال سرشتي توڙي انٽرنيٽ ۽ موبائل ۽ لينڊلائين ٽيليفون جي سھولت به ميسر آھي ـ
ضلعي جي معيشت جو دارومدار ننڍين صنعتن، واپار، ماھيگيري ۽ زراعت تي آھي ـ ھتان جي موسم گرم آھي ۽ ساليانو سراسري طور ھڪ سئو ملي ميٽر برسات وسي ٿي ـ آبپاشيءَ جا ٻه اھم وسيلا روھڙي ڪئنال ۽ نصرت ڪئنال آھن جيڪي دائمي وھن ٿا ۽ زراعت جو سمورو دارومدار انھن تي آھي ـ ھونئن نولکي واھه نوشھري فيروز ضلعي جو سڀ کان پُراڻو واھه آھي جيڪو ڪلھوڙن جي راڄ کان به اڳ ھن خطي کي سيراب ڪندو ھو ـ ضلعي جون زمينون تمام زرخيز آھن جن ۾ ھر قسم جا فصل ۽ ميوا ٿين ٿا ـ اولھه ۾ سنڌو درياھه وھڻ ڪري ھتي ٻيلا به آھن جن ۾ مٺياڻي، ڀورٽي، ڀونئر، محبت ديرو، ڪمال ديرو ۽ دليپوٽا وارا ٻيلا شامل آھن جتي ٻٻر، ڪنڊي، تمر، لئي، ٽالھي ۽ ٻيا وڻ جام ٿين ٿا ـ
پراڻي زماني کان ساھتي پرڳڻو وڻج واپار جو مرڪز ھوـ ھتان جا ميوا، مٺايون ۽ ھٿ جو ھنر مشھور ھئا ـ جھونا ماڻھو ٺاروشاھه جون موسميون، ليما، بافتي جو ڪپڙو، ڀريا جا پيڙا، ڪنڊياري جا ڀڳڙا، نوشھري فيروز جا انگوڇا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ھٿ جون ٺھيل شيون ۽ آڏاڻي تي ٺھيل ڪپڙو اڄ به ياد ڪن ٿا ـ ڀريا جا پيڙا فرمائشن تي لنڊن تائين تحفي طور موڪليا ويندا ھئا ـ قومي شاھراھه تي سفر ڪندڙن کي انھن علائقن مان لنگھندي رستي جي ڀر ۾ باغ ۽ ھٿن ۾ موسم جي حساب سان زيتون، مالٽا ۽ ٻيو ميوو کڻي ڪيترائي ڳوٺاڻا نوجوان وڪرو ڪندي نظر ايندا ـ ساھتي پرڳڻو تعليم جي لحاظ کان به مشھور ھو ڇو ته ڀريا ۾ اڻويھين صديءَ جي آخر ڌاري 1886 ۾ ڇوڪرن جي تعليم لاءِ ڪوڙو مل چندن مل کلناڻيءَ پاران اسڪول قائم ڪيو ويو ـ نياڻين جي تعليم لاءِ درسگاھه جو ان وقت بنياد وڌو ويو جڏھن نياڻين جي تعليم جو ڪو تصور ڪونه ھو ـ اھڙي طرح سُتت ئي درٻيلي جي سيد الھندي شاھه نوشھري فيروز ۾ مدرسا ھاءِ اسڪول جو بنياد وڌو ـ انھيءَ ئي اسڪول مان شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽي به تعليم حاصل ڪئي ـ لافاني ڪلاڪار ماسٽر چندر جي جنم ڀومي ٺاروشاھه ۾ اينگلو ورناڪيولر اسڪول نوابشاھه ضلعي جي لوڪل بورڊ پاران 1895 ۾ قائم ڪيو ويو جنھن جو درجو وڌائي 1924 ۾ ھاءِ اسڪول ڪيو ويو ـ ھندو پئنچائت 1946 ۾ اتي انٽرميڊئيٽ ڪاليج به قائم ڪرڻ واري ھئي جڏھن ته 1924 ۾ ئي اتي نياڻين لاءِ مڊل اسڪول قائم ڪيو ويو ھو ـ لوڪل بورڊ ھاءِ اسڪول جي ميدان تي ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون کيڏيون وينديون ھيون ـ موسمين ۽ ليمن جي باغن ۾ گھيريل ٺاروشاھه شھر اندر ڀائي گوڌورام جي ٽڪاڻي تي ماسٽر چندر جون محفلون ٿينديون ھيون ۽ ساھتي پرڳڻي جا ٻيا ڀڳت به اچي گڏبا ھئا ـ ٺاروشاھه جي شاھي بازار سموري ڍڪيل ھوندي ھئي ـ شھر ۾ ھڪ سرڪاري اسپتال به قائم ھئي جڏھن ته 1944 ۾ ٺاروشاھه کي بجلي به مھيا ڪئي وئي ـ ٺاروشاھه ۾ ريلوي اسٽيشن جو به بنياد 1922 ۾ پيو ھو ـ ٺاروشاھه شھر لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1792 ڌاري قائم ٿيو جڏھن ڀريا ۽ ٺاروشاھه جي وچ ۾ قائم قديم وسندي ڪوٽ بھادر ۾ رھندڙن وچ ۾ ڦوٽ پئي جنھن کانپوءِ ٺاروشاھه نالي سيد ڪوٽ بھادر ڇڏي ھتي اچي آباد ٿيو ۽ ھيءُ شھر سندس نالي پٺيان سڏجڻ لڳو ـ
درٻيلو يا ڊڀريو به ساھتي پرڳڻي ۾ اھم حيثيت رکندڙ علائقو رھيو آھي ـ مٿي ٻڌايو ويو آھي ته درٻيلو پرڳڻي جو نالو ھو ۽ ڊڀريو درٻيلي پرڳڻي جو شھر ھو ـ سال 1555 جي ھڪ نقشي ۾ درٻيلي کي پرڳڻي طور ڏيکاريو ويو آھي ـ اھو ئي درٻيلو آھي جيڪو ساھتي پرڳڻي جو ڪنھن زماني ۾ مرڪز ھو ته شير شاھه سوريءَ ھٿان ڀاڄ کائي مغل بادشاھه ھمايون به اتي اچي پڙاءُ ڪيو ھو ـ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان به گھڻو اڳ انگريز واپاري يا سندن گماشتا درٻيلي کان وٺي ڀريا تائين ٿيندڙ پيداوار جي خريداريءَ لاءِ ايندا رھندا ھئا ـ ھالاڻيءَ وارو علائقو ته سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو جو 1783 ۾ ھتي ٽالپرن ۽ ڪلھوڙن جي جنگ لڳي جنھن ۾ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي شڪست کاڌي ۽ سنڌ تي ٽالپرن جو راڄ شروع ٿيو ـ
قومي شاھراھه پراڻن وقتن کان ساھتي پرڳڻي جو ھڪ قدرتي لنگھ رھيو آھي جتان ڪيترائي جارح ايندا ويندا رھيا آھن ـ چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم به اھو ئي رستو اختيار ڪيو ھو ۽ نوشھري فيروز واري علائقي ۾ (ان وقت نوشھري وارو موجوده شھر ڪونه ھو) پڙاءَ ڪندو اڳتي وڌيو ھو جنھنڪري ان علائقي ۾ خيرپور جيان کجين جا باغ به جام آھن ـ ھتي احمد شاھه ابداليءَ به پڙاءُ ڪيو ته ايران جي نادرشاھه به لشڪرڪشي ڪئي ۽ جنرل چارلس نيپئر ته حيدرآباد ڏانھن ڪاھه ڪندي فبروري 1843 ۾ لشڪر وٺي ھڪ ھفتي تائين ٽڪيو پيو ھو ـ محقق لکن ٿا ته موجوده نوشھري فيروز جو بنياد 1681 ۾ ڪلھوڙا حڪمرانن جي ھڪ سپھه سالار فقير فيروز ويراڙ وڌو ھو جنھن ساھتي پرڳڻو فتح ڪري ان علائقي کي پنھنجو ھيڊڪوارٽر ٺاھيو ـ انگريزن ته نوشھري ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر به مقرر ڪيو ھو ۽ سندس سب ڊويزن جي حد سڪرنڊ تائين ھوندي ھئي ـ
ڀريا شھر، جنھن لاءِ ھندستان لڏي ويل سنڌي پاڻ کي ڀرين جو سڏائيندي فخر محسوس ڪندا آھن، تاريخ ۾ بھراور ۽ ڪجھه ٻين نالن سان به سڏيو ويو، جنھن تي ھن ڪتاب ۾ الڳ بحث ڪيل آھي ۽ ساھتي پرڳڻي جا ڪجھه وڌيڪ تفصيل به ڏنل آھن ـ
ساھتي پرڳڻي جي اتھاس جي ھيءَ بلڪل مختصر جھلڪ آھي ـ سنڌ جي ھن وچولي علائقي کي ساھت جو سمنڊ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته نه رڳو ماضيءَ ۾ ھتي ناليوارا وڏا اديب ۽ تعليمي ماھر جنم وٺي چُڪا آھن پر اڄ به وڏي تعداد ۾ اديب، شاعر، سياستدان، ڪامورا ساھتي پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا ـ جسٽس محمد بچل ميمڻ، جسٽس حفيظ ميمڻ، سيد الھندو شاھه، سيد محمد علي شاھه سيد ظفر علي شاھه (درٻيلو)، حميد سنڌي ۽ ٻين ناليوارن ماڻھن جي لسٽ لکڻ ويھبو ته وڏو ڪتاب تيار ٿي ويندو ۽ وري ساھتي پرڳڻي جي تاريخ تي ته ڪيئي ڪتاب ٺھي ويندا ـ سورھيه بادشاھه شھيد پير صبغت الله شاھه جو 1943 ۾ حيدرآباد ۾ ڪيس وڙھندڙ وڪيل ڏيئل مل به نوشھري فيروز جو ھو ـ سنڌ جو ھڪ وڏو وزير قاضي فضل الله (8 مئي 1950 کان 24 مارچ 1951) به اصل نوشھري فيروز جو ھو جيڪو ھتان لڏي وڃي لاڙڪاڻي ۾ آباد ٿي وڪالت ڪرڻ لڳو ھو ـ
ساھتي پرڳڻي سان پيار ڪندڙ ان جي تاريخ کي سھيڙڻ واري ڪم ۾ جنبيل آھن ۽ کوڙ علمي ۽ ادبي ڪتاب ڇپرائي چُڪا آھن ـ ڪجھه ورھيه اڳ نوشھري فيروز ضلعي جي تاريخ تي سيمينار ڪوٺائي اُتي پڙھيل سمورن مقالن کي توڙي مورو شھر واري علائقي بابت سيمينار جي مقالن کي سھيڙي اسلم عباسي ٻه وڏا ڪتاب ڇپرائي چڪو آھي ـ ايئن ئي ٺاروشاھه جو بشير ھيسباڻي بينڪ جي نوڪريءَ تان رٽائر ٿي ساھتي پرڳڻي جي شخصيتن ۽ تاريخ تي ڪتابن کي سھيڙي رھيو آھي ـ ھڪ شاندار ڪم نوشھري فيروز جو اڳوڻو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر سيد ذوالفقار شاھه ڪري ويو جنھن ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ذريعي مومن بُلو کان تحقيق ڪرائي ھڪ وڏو دستاويز تيار ڪرائي نوشھري فيروز ضلعي يا ايئن چئجي ته ساھتي پرڳڻي جي تاريخ کي تصويري شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ـ ھن ڪتاب ۾ ساھتي پرڳڻي جي تاريخي ماڳن مڪانن جون تصويرون شامل آھن ـ ھن انھيءَ سان گڏ ساڳئي ڪم کي ٽن ٻولين ۾ دستاويزي فلم جي شڪل ۾ به تيار ڪرائي ورتو جيڪا سي ڊيز جي شڪل ۾ موجود آھي ـ

بَھراوَر کان ڀِريا _ تاريخ جو سفر

جيئن تاريخ جي وَروَڪڙ پيچرن تان لنگھندي سنڌ جا ڪيترائي آباد شھر، ڳوٺ ۽ وستيون واھڻ ميسارجي چُڪا آھن، تيئن وري ڪيترن ئي شھرن ۽ وستين واھڻن جا نالا مَٽجي ويا آھن ـ انگريز آفيسر ايڊوَرڊ ٿارنٽن Edward Thornton جو 1844 ۾ لنڊن ۾ ڇپيل ٻن جِلدن وارو گزيٽيئر A Gazetteer of the Countries Adjacent to India on the North-West (Sinde, Afghanistan, Beloochistan, The Punjab and the neighbouring States) پڙھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ ۾ ڄاڻايل سنڌ جا ڪيترائي قديم شھر ۽ آباديون اڄ پنھنجو وجود وڃائي چُڪيون آھن ۽ ڪيترن ئي شھرن جا نالا به مَٽجي چُڪا آھن ـ انھيءَ حقيقت جو اظھار انگريزن جي وفادار مُنشي خان بھادر خُداداد خان به عيسوي سال 1900 ۾ لکيل ڪتاب ”لُبِ تاريخِ سنڌ“ ۾ به ڪيو آھي ـ مثال طور سندس چوڻ آھي ته صدين جي تاريخي سفر ۾ شھرن جا نالا تبديل ٿيڻ جي عمل جو وڏو ثبوت سيوھڻ شھر آھي، جيڪو شِيو آستان، سيستان ۽ سيوستان مان ڦرندو گھرندو سيوھڻ جي شڪل اختيار ڪري ويو آھي ـ
نالي مَٽجڻ وارو ساڳيو حال ڀريا سِٽيءَ سان به ٿيو آھي، جنھن کي ڪڏھن بَھراوَر ۽ بَھرووَر ته ڪڏھن بَھرالا جو نالو ڏنو ويو ۽ نيٺ اھو ڀِريا تي اچي دنگ ٿيو، پر شُڪر آھي ته انھيءَ تاريخي وسنديءَ جو وجود اڄ به قائم آھي ـ ڀِريا جو تاريخن ۾ ذڪر ته گھٽ ٿيو آھي، پر سندس وڏي تاريخي اھميت رھي آھي ـ ڀِريا جي تاريخ جا پيرا کڻڻ جي ڪوشش ۾ معلوم ٿئي ٿو ته ماضيءَ ۾ ڀِريا جي جاگرافيائي بيھڪ ۾ به مَٽ سَٽ ٿي آھي ـ
جڏھن ڀِريا جو ذڪر ڪجي ٿو ته ممڪن آھي ته ڪجھه پڙھندڙن جي ذھن ۾ ڀِريا روڊ جو نالو اچڻ سبب مونجھارو ٿئي ـ اصل ۾ ڀريا شھر ۽ ڀريا روڊ ٻه الڳ وسنديون آھن ـ ڀِريا روڊ جو اصل نالو ”ماڇڪي“ ڳوٺ ھو، جنھن تي ڀريا روڊ جو نالو تڏھن پيو جڏھن انگريزن 19 ھين صديءَ ۾ ريلوي لائين وڇائي ۽ ھتي ريلوي اسٽيشن ٺھي جتي ڪراچي يا ٻين ھنڌن تان ايندڙ مسافر لھندا ھئا ۽ ڇھه ميل (10 ڪلوميٽر) اولھه ۾ ڀريا سٽيءَ ۽ ٻين وسندين ڏانھن ويندا ھئا ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ورھاڱي کان اڳ ڇپيل پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته پڊعيدن وارو ريل جو رستو (جيڪو ڀريا روڊ کان لنگھي ٿو) 1896 ۾ کُليو ـ
ڀريا روڊ اسٽيشن کُلڻ کانپوءِ ڀريا شھر ۾ ريلوي بُڪنگ ايجنسي قائم ٿي جتان ھندستان جي ڪنھن به علائقي ڏانھن اچڻ وڃڻ جي ٽڪيٽ ملي سگھندي ھئي ـ
ريلوي اسٽيشن ھجڻ ڪري ڀريا روڊ واپاري مرڪز ٿي ويو ۽ سندس آبادي به وڌندي وئي ـ ھاڻ ممڪن آھي ته ڀريا روڊ جي آبادي پندرھن ھزارن کان به ٽپي وئي ھجي ـ باقي ٻي ترقيءَ جو ھتي ڪو به تصور ڪونھي ۽ اسان کي اھي ئي ڀڳل رستا، گندگي، پاڻيءَ جي اڻھوند، بجليءَ ۽ گئس جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا سنڌ جي ٻين علائقن جيان ملندا ـ

ڀِريا (سِٽي) نالي جي اصل وسندي، جيئن مٿي ذڪر ٿيو آھي، ڀِريا روڊ جي اولھه ۾ قومي شاھراھه تي آھي، جنھن جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽر پري نوشھري فيروز جو تاريخي شھر، 10 ڪلوميٽر اولھه ۾ ٻيو تاريخي شھر ٺاروشاھه ۽ 22 ڪلوميٽر اُتر ۾ ٽيون تاريخي شھر ڪنڊيارو آھي ـ ٻنھي ڀِريائن جي وچ ۾ وڏو وارياسو پَٽُ آھي ۽ روھڙي ڪئنال به وھي ٿو جيڪو 1932 ۾ تعمير ٿيل سکر بئراج مان نڪري ٿو ـ روھڙي ڪئنال ڀريا سٽيءَ کان اڌ ميل اوڀر ۾ آھي جنھن جي پُل ٽپڻ سان ڪجھه پنڌ تي دريا خان جلباڻي ڳوٺ آباد آھي ـ (ڪجھه وقت کان ھن ڳوٺ جي نالي تي تڪرار ھلي رھيو آھي ـ ڪي چون ٿا ته اھو صرف جلباڻي ڳوٺ آھي ۽ ٻيا ان کي دريا خان جلباڻي ڳوٺ سڏين ٿا جيڪو پراڻي وقت کان مشھور آھي) ـ جلباڻي ڳوٺ ۽ ڀريا روڊ وچ ۾ وارياسي پَٽ لاءِ تاريخي آثارن آڌار چيو وڃي ٿو ته ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياھه اتان وھندو ھو ـ نوشھرو فيروز لاءِ، جيڪو اڳي نوابشاھه ضلعي جو حصو ھو، سنڌ جي ھڪ وڏي محقق محمد حسن پنھور 1964 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب Ground Water in Hyderabad and Khairpur ۾ انگريز ماھر ھينري ڪزنس Henry Cousens جي ڪتاب Antiquities of Sindh جو حوالو ڏيندي لکيو آھي ته سنڌوءَ جي وھڪري ۾ تبديليون نوابشاھه ضلعي اندر گھڻيون ٿيون ۽ سڪندر اعظم جي زماني کان وٺي سنڌو درياھه پنھنجو وھڪرو مٽائيندو 18 ميل اولھه ۾ ھليو ويو آھي ـ اڳي سنڌو لُھاڻي ڍوري مان لنگھندو ھو جيڪو نوشھري فيروز تعلقي ۾ ھو ـ پنھور صاحب لکي ٿو ته جڏھن ستين عيسوي صديءَ (641 عيسويءَ ۾ _ بن قاسم جي حملي کان ستر ورھيه اڳ) ۾ چيني سياح يان چانگ Yuan Chwang سنڌ ۾ آيو ھو ته ان وقت ھتي چچ جي بادشاھت ھئي ۽ سنڌو ندي ڪنڊياري تعلقي ۾ اُترئين پاسي 17 ميل پري وھندي ھئي جتان ديھات نالي ھنڌ وٽان چچ ندي ٽِپي بغاوت کي چيڀاٽڻ آيو ھو ـ ھُو وڌيڪ لکي ٿو ته اٺين عيسوي صديءَ ۾ به سنڌو ندي لُھاڻي ڍوري مان لنگھندي ھئي جيڪو نوشھري فيروز کان ٻه ٽي ميل اوڀر ۾ لنگھندو ھو ۽ ذري گھٽ نائين صديءَ ۾ به سنڌوءَ جو وھڪرو لُھاڻي ڍوري وٽان ھو ـ انگريز ليکڪ ايڇ ٽِي لئمبرڪ به پنھنجي ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ _ اَ جنرل انٽروڊڪشن“ (جِلد پھريون _ سنڌي ادبي بورڊ 1964) ۾ لکي ٿو ته چچ بادشاھه ديھات ڳوٺ وٽان مھراڻ ندي ٽپيو ھو جيڪو ڪنڊياري تعلقي جي سرحد تي ھو، جتي موجوده سنڌو درياھه جو پراڻو وھڪرو لُھاڻي ڍوري مان لنگھندو ھو ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ به پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو :”ڪنڊياري کان وٺي نوشھري فيروز، موري ۽ سڪرنڊ تائين ڪيترا شھر ۽ ڳوٺ وڏن دڙن تي ٻڌل آھن ۽ ڪيترن ھنڌن تي وارِي آھي ـ اھي وڏا دڙا ۽ وارِيءَ جا ڍِڳ اھوئي اُھڃاڻ ڏين ٿا ته اڳي درياھه ڪنڊياري، نوشھري ۽ موري تعلقن مان انھن دڙن وٽان ئي وھندو ھو ـ“ اعجازالحق قدوسي به ”تاريخِ سنڌ“ ڪتاب ۾ چچ جي ھن علائقي ۾ اچڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”برھمڻ آباد جي ويجھو پھچڻ کانپوءِ چچ برھمڻ آباد ۽ لُھاڻا جي والي لاکن، سمن ۽ سھتن جي سردار اگھم لُھاڻي ڏانھن اطاعت جو پيغام موڪليو ـ چچ ڳوٺ دھتايت (ديھات) وٽان مھراڻ پار ڪري، جيڪا سما قوم ۽ الور جي سرحد ھئي، ٻُڌيا ۽ سيوستان ڏانھن روانو ٿيو ـ“ ھتي سنڌوءَ جي وھڪري جو ذڪر ڪرڻ ضروري ھو ڇو ته ڀريا جو وجود درياھه جي ڪري ئي اھميت رکندڙ ھو، جتان اناج جو واپار ٻيڙين ذريعي ٻين علائقن سان ٿيندو ھو ـ
موجوده ڀريا سِٽيءَ جو نالو اڳي ڇا ھو ۽ ڪڏھن کان اھا وسندي ھتي يا آسپاس قائم ھئي، ان ڏس ۾ ھيٺ ڪجھه تاريخي بيانن ذريعي ان ڏس ۾ بحث ڪبو ـ
فارسيءَ منجھان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ”فتحنامه سنڌ _ چچنامو“ (سنڌيڪار مخدوم امير احمد _ تصحيح ۽ تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ سنڌي ادبي بورڊ ٽيون ڇاپو 1976) ۾ بيان ڪيو ويو آھي ته ”محمد بن قاسم برھمڻ آباد جي بندوبست ۽ اُڀرندي، اُلھندي جي ڳوٺن ۽ پسگردائي جي معاملن کي مضبوط ڪرڻ کانپوءِ منزل پٽي سائونديءَ جي پسگردائيءَ ۾ انھيءَ جاءِ تي لٿو جنھن کي ”منھل“ چون ٿا ـ اُتي ھڪ فرحت افزا ڍنڍ ۽ سرسبز چراگاھه ھو جنھن کي وڪر بھار چوندا ھئا ـ ھن اُتي ڍنڍ جي ڪناري منزل ڪئي ـ اُتان جا سڀ ماڻھو شمني ۽ ٻُڌ واپاري ھئا جن سندس فرمانبرداري ڪئي ـ پوءِ ھو اُتان منزل پٽي وڃي ”بھراور“ ۾ لٿو ۽ پنھنجي ماڻھن کي (ھتي انھن عربن جا نالا ڏيڻ ضروري ڪونھي) اھلِ بھراور علائقي جي دنگ ڏانھن موڪليائين ـ ھڪ راوي علي بن محمد جي روايت لکندي وڌيڪ بيان ڪيو ويو آھي ته جڏھن محمد بن قاسم لُھاڻي پرڳڻي جي ڪم کان واندو ٿي سھته (قوم جي پرڳڻي) جي منزل تي آيو ته سندن رئيسن ۽ مُکيه ماڻھن مٿا ۽ پير اُگھاڙا ڪري سندس استقبال ڪيو ۽ اَمان گھري ـ انھن کي پڻ اَمان ڏئي مٿن ڍل مقرر ڪري ضامن ورتائين ۽ رستي جون منزلون طئه ڪري اروڙ پھچڻ گھريائين ۽ سُونھنِ کي اڳ ۾ ڪري اروڙ تائين آيو جيڪو تختگاھه ۽ سنڌ جو وڏو شھر ھو جتي جا رھاڪو اڪثر واپاري، ھنرمند ۽ ھاري ھئا ـ راجا ڏاھر جو پُٽ گوپي انھيءَ قلعي تي قبضو ڪيو ويٺو ھو ۽ ڪوبه ماڻھو راجا ڏاھر جي ڪُسجي وڃڻ جي خبر سندس اڳيان بيان ڪري نٿي سگھيو ـ ھُو چوندو ٿي رھيو ته راجا ڏاھر اڃان جيئرو آھي ۽ ھند جو لشڪر وٺي اچڻ لاءِ ويل آھي ـ محمد بن قاسم ھڪ مھينو ان قلعي جي سامھون ھڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي ھڻي ويٺو ۽ پوءِ اروڙ وارن سان جنگ شروع ڪيائين ـ بيان موجب جيئن ته اروڙ وارن راجا ڏاھر جي ڪُسجي وڃڻ واري خبر نٿي مڃِي، تنھنڪري راجا ڏاھر جي زال لاڏيءَ کي ڪاري اُٺ تي سوار ڪري اعتماد جوڳن ماڻھن سان گڏ قلعي اڳيان موڪليائين جنھن قلعي وارن کي ٻڌايو ته راجا ڏاھر ڪُسجي ويو آھي ـ“
چچنامي ۾ بيان ڪيل مٿينءَ روايت ۾ سھته قوم (ذات يا برادري) جي پرڳڻي جو ذڪر آھي، جنھن کي ساھتي پرڳڻو ئي سمجھيو وڃي ٿو جنھن ۾ موجوده نوشھرو فيروز ضلعي جون حدون شامل آھن ۽ ڀريا شھر انھيءَ جو اھم حصو آھي ـ راجا ڏاھر اروڙ کان اڳ ئي ٻئي ھنڌ عرب لشڪر سان ويڙھه ۾ شھيد ٿي چُڪو ھو ـ اِھو ڪھڙو ھنڌ ھو جتي راجا ڏاھر عرب لشڪر سان مقابلو ڪيو، تنھن بابت تاريخون ٻڌائن ٿيون ته اھو مقابلو راوڙ واري قلعي جي علائقي ۾ ٿيو ھو، پر بھراور جو علائقو ڪھڙو ۽ ڪٿي ھو، تنھن لاءِ چچنامي جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھن ريت بيان ڪيو آھي : ”محمد بن قاسم ساوندڙي يعني ساوڙي (چچنامي ۾ سائوندي لکيل آھي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو ـ جيئن ته محمد بن قاسم اروڙ طرف وڃي رھيو ھو، تنھنڪري بھراور جي تلاش ساوڙيءَ کان اُتر طرف ڪرڻ گھرجي ـ ھن کان اڳ ڏٺو ويو آھي ته محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڏانھن ايندي ”جلوالي“ جي ڍوري تي اچي منزل انداز ٿيو ھو ۽ ساوندڙيءَ ۾ به وڪر بھار جي ڍنڍ تي اچي لٿو ـ انھيءَ مان گمان نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي سھولت جي لحاظ کان محمد بن قاسم جي فوج اڪثر درياءَ جي ڦاٽن جو ڪنارو وٺي پئي ھلي ـ تنھنڪري قرين قياس آھي ته محمد بن قاسم ساوندڙي ڇڏڻ کانپوءِ مھراڻ جي ڪنھن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اُتر طرف ڪُوچ ڪيو ھجي ـ انھيءَ قديم ڍوري جا نشان ھن ساوڙيءَ کان اُتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي وانءِ، چيھي جي اولھه طرف ڀريا ۽ ھالاڻي بھلاڻيءَ وٽان اڃان تائين ظاھر بيٺا آھن ـ“
بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو : ”انھيءَ قديم ڍوري جي رُخ ۽ رستي جي لحاظ کان بھراور مان ڀريا ۽ بھلاڻي جو گمان نڪري ٿو ـ بھلاڻي ڪافي پراڻي بستي آھي ۽ جيئن ھالاڻي (ھالا قوم جي بستي) تي ھالا قوم جي پويان نالو پيل آھي، تيئن ممڪن آھي ته بھلاڻي (ڀلاڻي، ڀراڻي، ڀرياڻي) تي به ڀريا قوم جي پويان اھو نالو پيل ھجي ـ انھيءَ گمان موجب بھلاڻي توڙي ڀريا ، اھي ٻئي نالا ڀريا قوم جي بستين پويان پيل ٿا ڀائنجن ـ ڀريا قوم به سھتن ۽ لاکن وانگر شايد سنڌ جي آڳاٽي قوم ھئي ـ ٿي سگھي ٿو ته بھراور (ڀراور _ ڀريا) ڀريا قوم جي ڏاکڻي بستي ھجي جيڪا موجوده ڀريا شھر جي آسپاس ھئي ـ “
”سرزمين تي تلاش ۽ تحقيق ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته اھو قديم ڍورو، جنھن جا نشان ڀريا جي اوڀر طرف موجود آھن، انھيءَ جي ڪناري تي قديم کنڊرات موجود آھن ـ انھن کنڊرات مان ڪافي عربي ۽ ٻيا قديم سڪا لڌا آھن جيڪي ڀريا جي رئيس سيد امام علي شاھه وٽ موجود آھن (بدقسمتيءَ سان ۽ عوام منجھه شعور نه ھجڻ سبب اھي کنڊر ھن وقت ميسارجي چُڪا آھن _ ليکڪ) ـ انھن کنڊرن ۽ سڪن مان پڪي ثابتي ملي ٿي ته اھا قديم بستي عرب دور کان اڳ توڙي عرب دور ۽ پوءِ واري دور ۾ موجود ھئي ـ ساڳي طرح موجوده بھلاڻي به قديم کنڊرن تي ٻڌل آھي ۽ انھيءَ ڪري فتحنامي جو بھراور ٿي سگھي ٿو ته ڀريا جي لڳ يا بھلاڻيءَ وٽ ھو،“ ھُو لکي ٿو ـ
سيد امام علي شاھه، جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش ڪيو آھي، تنھن جو فرزند سيد انور علي شاھه ٻڌائي ٿو ته واقعي سندس والد وٽ ڀرين جي قديم آثارن مان لڌل سِڪا ۽ ٻيون شيون ھونديون ھيون، جيڪي سندن لاڏاڻي کانپوءِ سيد احتشام شاھه (امام علي شاھه جي ٽئين نمبر فرزند) پاڻ وٽ رکيون ـ سيد انور علي شاھه جي سئوٽ ايم پي اي سيد مراد علي شاھه به تصديق ڪئي ته قديم آثارن مان پراڻي زماني جون شيون لڌيون ھيون ـ ڀرين جي پراڻي نالي بابت ھن جو چوڻ ھو ته ان کي ڀراور به سڏيندا ھئا ـ ”اھي قديم آثار ڀرين جي ڪنڀرن جي پاڙي جي پريان ھوندا ھئا، جتان سِڪا لڀندا ھئا،“ ھن ٻڌايو ـ سندس چوڻ موجب ڀرين جي ڏکڻ ۾ ٻه ميل کن پري ڳوٺ قاسم کاھيءَ تي اھو نالو چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم جي ڪري پيو جنھن جي لشڪر شايد ان ھنڌ پڙاءُ ڪيو ھو ـ سيد احتشام علي شاھه ٻڌائي ٿو ته سندس والد کي قديم آثارن مان ھٿ آيل سِڪا چانديءَ، ٽامي ۽ ٻئي ڌاتُوءَ جا آھن، جيڪي اڄ به وٽس سانڍيل آھن ـ ”سِڪا ڪافي تعداد ۾ آھن، جيڪي لڳي ٿو ته راجا ڏاھر، عربن، مغلن ۽ پوءِ جي زماني جا آھن،“ ھن ٻڌايو ـ (سِڪن جون تصويرون ھن ڪتاب ۾ شامل آھن)
ايڇ ٽي لئمبرڪ به مٿي ڄاڻايل ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ“ ۾ ساھتي پرڳڻي ۽ بھرَووَر (بھراور) جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:”ڏيپر گھانگھرو جا قديم آثار، جتي ھڪ اسٽوپا آھي، ساوَنديءَ وارا ٻُڌ آباديءَ جا آثار ٿي سگھن ٿا جتي محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڇڏڻ کانپوءِ پھريون پڙاءُ ڪيو ھو ـ ان کانپوءِ محمد بن قاسم بھرَووَر ڏانھن وڌيو ھو جنھن کانپوءِ سمه ۽ سھتا وٽس پيش پيا جن کان ھن الور (اروڙ) ڏانھن وڃڻ جا گس ۽ پڙاءَ ڪرڻ لاءِ مناسب ھنڌ معلوم ڪيا ـ وارياسي پَٽ جي اولھه ۾ روھڙيءَ واري ٽڪر کان ڏکڻ ۾ ويندڙ سمورو علائقو ”ساھتي“ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو ۽ اسان اھو نتيجو ڪڍي سگھون ٿا ته عرب لشڪر جيڪو گس اختيار ڪيو اُھو لُھاڻي ڍوري جي اوڀر ۾ درياھه کان گھڻو پري ڪونه ھو ـ“ (لئمبرڪ اھو نتيجو انگريز آرڪيالاجسٽ ھينري ڪزنس جي ڪتاب The Antiquities of Sindh ۾ بحث ڪيل ڳالھين ۽ ان ساڳئي ڪتاب جي آڌار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي بحث مان ڪڍيو آھي)
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي مرحوم، جنھن جو تعلق ساھتي پرڳڻي جي شھر خانواھڻ سان ھو، سندس ساھتي پرڳڻي بابت پي ايڇ ڊي ٿيسز جي ھڪ باب تي مشتمل ڪتاب ”نوابشاھه ضلعو _ تاريخي شھر ۽ شخصيتون“ (نوابشاھه ڪلچرل سوسائٽي _ 1987) ۾ لکي ٿو : ”ڀريا جي موجوده شھري آباديءَ کان اڳ ھيءُ شھر سنڌو درياھه جي ڪپ سان ٻڌل ھو ـ قديم زماني ۾ ھن شھر جو وڏو اوج ھو ۽ ساھتيءَ جي اھم ۽ مُکيه شھرن ۾ شمار ٿيندو ھو ـ“ ڀريا جي قدامت بابت تحقيق آڌار ھُو لکي ٿو: ”اڳئين زماني ۾ ھتي ھڪ وڏو مضبوط قلعو تعمير ٿيل ھو ۽ انھيءَ قلعي ۽ شھر جا آثار اڄ به کنڊرن جي شڪل ۾ موجوده ڀريا جي اُتر ۾ ھالاڻيءَ کان ايندڙ قومي شاھراھه جي بلڪل لڳ نظر اچن ٿا (موجوده وقت انھن کنڊرن جي جاءِ تي ٻنيون آباد آھن) ـ ان زماني ۾ سنڌو درياھه ھن شھر جي قلعي جي بلڪل لڳ وھندو ھو، جنھن جا نشان اڄ به ڍورن جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا ـ جڏھن ته ڍورن جي موجودگي سنڌو درياھه جي قديم وھڪري جو ثبوت ڏئي ٿي ـ“
چچنامي ۾ آيل بيان ۽ مير علي شير قانع جي لکيل تاريخ ”تحفته الڪرام“ جا حوالا ڏيندي خانائي گمان ڏيکاري ٿو ته ”دراصل ڀريا جي قديم بستي (بھراور) پنھنجي پراڻي ويراني وٽ آباد ھئي ۽ سنڌو درياھه سندس ڀرسان وھندو ھو ـ ھيءُ شھر مکيه بندر ھو ۽ ھتي اھم فوجي چوڪي ھئي ـ شھر جي چوڌاري ھڪ قلعو ھو، جتي الور (اروڙ) طرف دشمن جي ڪنھن به حملي کان بچاءَ لاءِ وڏو لشڪر رھندو ھو ـ چچنامي جي بيان مان اھا ڳالھه ظاھر ٿئي ٿي ته سن 93 ھجريءَ جي شوال مھيني ۾ محمد بن قاسم فوج وٺي برھمڻ آباد طرف پيش قدمي ڪئي ته ان وقت رستي ۾ ٻه مضبوط قلعا ھئا جن مان ھڪ ”دھليل“ يعني ”دليل ڪوٽ“ ۽ ٻيو بھراور يعني ڀريا ھو ـ بھراور جي قلعي ۾ راجا ڏاھر جي سورھن ھزار فوج رھندي ھئي ـ محمد بن قاسم ٻن مھينن تائين ھن قلعي جو گھيرو قائم رکيو ۽ نيٺ فتحياب ٿيو ـ“
اعجازالحق قدوسي پنھنجي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد بن قاسم سيوستان کان ٻيڙين جي پُل ذريعي مھراڻ درياھه ٽپيو ۽ ھڪ ڍنڍ وٽ پھتو جتان راوڙ جي قلعي ڏانھن وڌيو جتي راجا ڏاھر موجود ھو ـ راجا ڏاھر پنھنجي پُٽ جيسينا کي فوج ڏئي مقابلي لاءِ موڪليو جيڪو جنگ ھارائي واپس ڀڄي پيءُ وٽ پھتو ـ انھيءَ کانپوءِ پھرين رمضان 93 ھجريءَ (عيسوي سن 711) تي راجا ڏاھر سان جنگ لڳي جيڪا ڏھه ڏينھن ھلي ـ (ان جنگ ۾ راجا ڏاھر شھيد ٿيو ۽ سندس لاش ھڪ ڍنڍ وٽ گپ ۾ پوريو ويو ۽ عرب لشڪر کي ھٿ نه آيو پر پوءِ ھڪ ماڻھوءَ محمد بن قاسم کي ڏس ڏنو ھو) ـ قدوسي وڌيڪ لکي ٿو:”راوڙ جو قلعو فتح ڪري شوال 93 ھجري (712ع) ۾ محمد بن قاسم برھمڻ آباد نڪري پيو ۽ رستي ۾ بَھرووَر قلعو آيو جنھن ۾ سورھن ھزار سپاھين سندس مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ٻن مھينن تائين جنگ ھلي جنھن ۾ ڏينھن رات حملا ٿيندا رھيا ـ حملن ۾ قلعي جون ڀتيون مختلف ھنڌن تان ڊھي پيون ۽ عرب لشڪر اتان اندر گھڙي قبضو ڪيو ـ ان کانپوءِ ھنن دھليلا (دھليل) ڏانھن رُخ ڪيو جتي جا واپاري اڳ ئي ڊپ وچان قلعي مان نڪري ويا ھئا ـ“
تاريخن ۾ ان حوالي سان تضاد ڀريل آھي ـ ھڪ ته برھمڻ آباد شھدادپور جي به پريان آھي ۽ اروڙ وڃڻ لاءِ محمد بن قاسم کي اوڏانھن وڃڻو نه پيو ھوندو بلڪه جڏھن ھن ٽلٽيءَ وٽان درياھه پار ڪيو ته اُتر ڏانھن رُخ رکيو ھوندائين جتي رستي ۾ بھراور جو قلعو ھو جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھو محمد بن قاسم کان به اڳ انھيءَ ھنڌ تي ھڪ مضبوط فوجي قلعو ھو ۽ عربن جي حملي وقت به موجود ھو ـ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چچنامي ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ لکي ٿو ته محمد بن قاسم ساوندڙي (ساوڙي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو، پر جنھن جو ذڪر تاريخِ معصوميءَ ۾ نٿو ملي ـ تاريخِ معصوميءَ جي انگريزي ترجمي History of Sindh – 710 to 1590 ۾، جيڪو خيرپور جي مير علي مراد ٽالپر جي درٻار ۾ رھندڙ انگريز ڪئپٽن جارج گرين وِل مئليٽ Captain George Grenville Malet ميرن جي منشي پير محمد جي مدد سان فارسي زبان ۾ لکيل نسخي تان 1846 ۾ ڪيو ھو، ٻڌايو ويو آھي ته محمد بن قاسم سيوھڻ فتح ڪرڻ بعد ٽلٽيءَ وٽان سنڌو درياھه ٽپي اروڙ ڏانھن وڌيو ـ جيئن ته راجا ڏاھر کي نجومين پاڻ اڳتي وڌڻ کان روڪيو ھو، تنھنڪري ھن پنھنجي ڪجھه فوج رواني ڪئي جيڪا ڪچيري ڪولاب (گچيري ڍنڍ، جنھن جو ذڪر 1953 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپرايل تاريخِ معصوميءَ جي سنڌي ترجمي ۾ مترجم مخدوم امير احمد ڪيو آھي) جي ڪپ تي وڃي لٿي ـ ٻئي ڏينھن ٻنھي فوجن ۾ ڇتي جنگ لڳي ۽ راجا ڏاھر جي فوج جا ڪيترائي سپاھي مارجي ويا ۽ ٻين ۾ ڀاڄ پئي جو سندن سپھ سالار گھوڙي تان ڪري پوڻ سبب لشڪر سمجھيو ته اھو مارجي ويو آھي ـ ”پوءِ محمد بن قاسم الور ڏانھن وڌيو،“ تاريخِ معصومي ٻڌائي ٿي، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته راجا ڏاھر ۽ محمد بن قاسم جي فوجن ۾ لڙائي ڀريا ويجھو نه پر گچيري ڍنڍ وٽ لڳي جيڪا موجوده مورو شھر جي ويجھو ھئي ـ تاريخ ۾ مورو جو ذڪر ڪونھي ڇو ته اھو شھر گھڻو پوءِ جو ٻَڌل لڳي ٿو ـ
ھندستان جو ھڪ تاريخ نويس مولانا سيد اَبُو ظفر ندوي 1947 ۾ ڇپيل پنھنجي اردوڪتاب ”تاريخِ سندھه“ ۾ وري ٻي ڪھاڻي ٿو لکي ـ سندس چوڻ موجب راجا ڏاھر راوڙ واري قلعي ۾ موجود ھو، جنھن سان جنگ لاءِ محمد بن قاسم درياھه ٽپي اڳتي آيو جتي سندن وچ ۾ ھڪ ڍنڍ ھئي جنھن جو نالو ”ڪڇري“ ھو ـ مولانا صاحب ڏنگين ۾ ان نالي جي وضاحت ڪندي ”ڪينجھر“ لکي ٿو، جيڪو ڪنھن به لحاظ کان صحيح نٿو لڳي ـ احمد آباد، گجرات ۾ رھندڙ مرحوم تاريخ نويس شايد ڪڏھن سنڌ ڪونه آيو ھو ۽ نه ئي کيس سنڌ جي علائقن جي ڪا ڄاڻ ھئي ـ مختلف ڪتابن تان کنيل باقي واقعا ساڳيا ئي بيان ڪري ٿو جيڪي گچيري واري ڍنڍ جي حوالي سان ڪتابن ۾ ٻڌايل آھن ـ مولانا صاحب فرمايو ته عرب لشڪر جون راجا ڏاھر سان ست جنگيون لڳيون ـ ”ھڪ جنگ نيرون ڪوٽ ۽ اشيھار جو قلعو فتح ڪرڻ کانپوءِ نيرون ڪوٽ وٽان لنگھندڙ سنڌو درياھه جي ھڪ شاخ جي اُلھندي ڪپ تي؛ ٻي جنگ جھم واري ھنڌ، جتي عرب لشڪر ٻيڙين جي پُل ٺاھي درياھه اُڪريو؛ ٽين جنگ جيور واري ھنڌ ڪينجھر ڍنڍ لڳ؛ چوٿين جنگ ستين رمضان تي ڪينجھر ڍنڍ ٽپي وڪري واھه جي ڪناري تي؛ پنجين جنگ اٺين رمضان تي ساڳئي ھنڌ؛ ڇھين جنگ نائين رمضان تي وڪري واھه ٽپي راجا ڏاھر سان وڙھي وئي جنھن جو فيصلو نه ٿي سگھيو ۽ ستين جنگ 10 رمضان 93 ھجريءَ تي راوڙ جي قلعي ويجھو ٿي جنھن ۾ راجا ڏاھر مارجي ويو ـ“
مولانا ندويءَ جي پنھنجي لکيل ڳالھين جو تضاد ان وقت ظاھر ٿئي ٿو جڏھن ھُو لکي ٿو ته ”راجا ڏاھر جو ھڪ پُٽ جئه سنگھ راوڙ مان ڀڄي برھمڻ آباد پھتو جنھن جي خبر محمد بن قاسم کي پئي ته ھن به شوال 93 ھجري سن ۾ برھمڻ آباد ڏانھن پيشقدمي شروع ڪئي ـ رستي ۾ ٻه قلعا ھئا جن مان ھڪ بھراور ۽ ٻيو دھليله ـ بھراور ۾ سورھن ھزار سپاھي موجود ھئا ـ انھن کي فتح ڪرڻ کانسواءِ برھمڻ آباد پھچڻ تمام ڏکيو ھو ـ ھن پھريائين بھراور جو محاصرو ڪيو پر ھتان جي ماڻھن ٻن مھينن تائين مقابلو ڪيو ـ اھو ڏسي محمد بن قاسم فوج کي ٻن حصن ۾ ورھايو جن مان ھڪ حصو ڏينھن جو ۽ ٻيو رات جو وڙھندو ھو۽ قلعي اندر ڪيميائي پچڪاريون اُڇلائيندو ھو ـ منجنيق سان به حملا ڪيا ويا جنھن سان قلعي جون ڀتيون ڪيترن ئي ھنڌن تان ڏري ڪري پيون ۽ عرب فوج وڏو حملو ڪري اندر گھڙي پئي ـ“ سندس چوڻ موجب بعد ۾ عرب لشڪر دھليله وڌيو جتي واپارين کي خبر پئي ته اھي اڳئي ڀڄي ويا پر فوجين ھوشياريءَ سان قلعه بندي ڪئي ۽ ھر طرح جي مقابلي لاءِ تيار ٿيا ـ محمد بن قاسم اُتي 93 ھجري سن جي ذوالحج مھيني ۾ پھتو ۽ ٻه مھينا محاصرو ڪري ويٺو رھيو جنھنڪري قلعي وارا مايوس ٿي ڪفن پائي ٻارن ٻچن سميت رات جي اونداھيءَ ۾ قلعي مان نڪري ويا جن جو پيڇو ڪيو ويو ۽ جيڪي پڪڙيا تن کي قتل ڪيو ويو ـ اڳتي ھلي مولانا وري متضاد ڳالھه لکي ٿو ته برھمڻ آباد مان محمد بن قاسم 3 محرم 95 ھجري سن تي ڪُوچ ڪيو ۽ ساوندڙيءَ جي علائقي ۾ منھل وٽ پھتو جتي ھڪ ”ڊنڊا“ نالي جھيل ھئي ـ (سنڌي ٻوليءَ کان اڻ واقف ليکڪ کي اھا خبر ڪانه ھئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جھيل کي ڍنڍ چئبو آھي) ـ ھُو وري لکي ٿو ته محمد بن قاسم اُتان ھلي پوءِ بھراور ۾ ترسيو ۽ پوءِ جڏھن سمه قوم جي حدن ۾ پھتو ته اُتان جا ماڻھو دُھل وڄائيندا ۽ نچندا سندس استقبال لاءِ پھتا ـ اُتان وري ھُو سھته وٽ پھتو ۽ پوءِ اروڙ ڏانھن وڌيو ـ
مولانا ندوي پاڻ ئي پنھنجي ڳالھين جي اُبتڙ سُبتڙ لکندو رھيو جنھن ۾ برھمڻ آباد کان اڳ بھراور ۽ دھليله ٻڌائي ٿو ۽ وري ٻئي ھنڌ برھمڻ آباد کانپوءِ بھراور لکي ٿو ـ انھيءَ باب ۾ ئي ھن ھڪ نقشو به شامل ڪيو آھي جنھن ۾ اھي رستا ڏيکاريل آھن جن تان عرب لشڪر گذريو ـ نقشي ۾ برھمڻ آباد کانپوءِ ساوندڙي ۽ ان کان پوءِ بھراور ۽ پوءِ اروڙ ڏيکاريل آھي جيڪو وڌيڪ صحيح آھي ـ بھرحال مولانا ندويءَ جو لکيل احوال ۽ نقشو بھراور جو ھجڻ ثابت ڪن ٿا ـ
ڪجھه تاريخ نويسن ته ڪڏھن سنڌ ڏٺي به ڪانه، صرف ڪتابن کي پڙھي ڪجھه لکيو آھي، تنھنڪري کين ڪوبه اندازو ناھي ته عرب جارح محمد بن قاسم ديبل کانپوءِ ڪھڙو رستو اختيار ڪيو، راوڙ جو قلعو ڪٿي ھو ۽ جتي راجا ڏاھر عرب لشڪر سان جنگ جوٽي ـ جيڪڏھن راوڙ جي اصل ھنڌ جو تعين ٿيندو ته پوءِ بھراور واري قلعي جي جاگرافيائي بيھڪ جو به اندازو ٿي ويندو ـ منھنجي نظر ۾ ھڪ ليکڪ عملي طور ان ڏس ۾ ڪم ڪيو ۽ اھو آھي سنڌ جو ھڪ ڪامورو مرحوم محمد صلاح الدين، جنھن پنھنجي ڪتاب Sindh – A Time Capsule of Heritage ۾ ھڪ پورو باب ”راوڙ“ قلعي بابت لکيو آھي ـ مرحوم صلاح الدين به ان خيال جو ھو ته اڪثر محققن کي نه سنڌي ايندي ھئي ۽ نه ئي ھنن سنڌ جي انھن بيابانن ۾ وڃي تحقيق ڪئي ـ مرحوم صلاح الدين پنھنجي تحقيق حجاج جي ان خط جي روشنيءَ ۾ شروع ڪري ٿو جنھن ۾ ھن محمد بن قاسم کي ھدايت ڪئي ھئي ته ”ٻين شھرن کي ڇڏي واپس نيرون ڪوٽ وڃ، مھراڻ (درياھه) پار ڪر ۽ ڏاھر ڏانھن پيش قدمي ڪر ـ“ (سنڌ جي ھڪ نامياري ليکڪ رشيد ڀٽيءَ ته ٽماھي مھراڻ رسالي جي 1984 واري سالياني شماري ۾ ڇپيل سندس مضمون ۾ حيدرآباد جي نيرون ڪوٽ ھجڻ واري ٿيوريءَ کي ئي رد ڪري خيال ڏيکاريو آھي ته رني ڪوٽ ئي اصل ۾ نيرون ڪوٽ ھو ڇو ته اھو درياھه جي اولھه ۾ ھو ۽ انھيءَ ڪري محمد بن قاسم کي حڪم مليو ته درياھه ٽپي راوڙ تي حملو ڪر) ـ
صلاح الدين صاحب کي عرب ۽ ٻين تاريخ نويسن جي ڪتابن مان ڪجھ نقطا آڏو اچن ٿا ـ ”پھريون ته عرب لشڪر سيوھڻ کان ھيٺ ڪنھن ھنڌ سنڌو ندي پار ڪئي؛ ٻيو ته ھڪ لفظ ”ٻيٽ“ استعمال ڪيو ويو آھي، جيڪو سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ڪنھن ٻيٽ جو اشارو آھي؛ ٽيون ته درياھه پار ڪرڻ لاءِ ڪنھن مخصوص ھنڌ جو واضح نالو نٿو ملي؛ چوٿون نقطو آھي اھو ھنڌ جتي نه رُڳو ڇھه ھزار سنڌي سپاھين جو قتلام ڪيو ويو، سٺ ھزار سنڌين کي غلامن طور قيدي بنايو ويو ۽ جتي سنڌين جي شاھي گھراڻي جي عورتن غلاميءَ ۾ وڃڻ بدران پاڻ کي باھه ۾ ساڙي ستي ٿي مرڻ قبوليو ـ ھاڻي ڏسڻو آھي ته اھو ڪھڙو ھنڌ ھو ـ“
ھُو لکي ٿو ته سنڌو ندي سدائين وھڪرو مٽائيندي رھي آھي ـ سندس وھڪري (رُخ) ۾ پھرين وڏي تبديلي چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ٿي جنھن جو ذڪر ارسطوبلس Aristobulus ڪيو ۽ پوءِ اڻويھين صديءَ ۾ مڪمردو MacMurdo ڪيو ۽ ان سموري عرصي ۾ سنڌ جا مختلف شھر به زوال جو شڪار ٿيندا رھيا آھن جن ۾ اروڙ، برھمڻ آباد ۽ نصرپور به شامل آھن ـ اٺين صديءَ کان اڻويھين صديءَ جي عرصي ۾ سنڌوندي اوڀر کان اولھه ڏانھن ٽيھن کان وڌيڪ ڪلوميٽر پنڌ تائين ھٽي چُڪي آھي ـ سندس خيال آھي ته محمد بن قاسم ٽلٽيءَ وٽان درياھه پار ڪونه ڪيو ھو ڇو ته ان وقت درياھه گھڻو پري اوڀر ۾ وھندو ھو ـ سندس تحقيق جو ھيءُ حصو ڌيان جوڳو آھي:”سڪرنڊ، دولتپور، مورو، نوشھرو فيروز ۽ ڪنڊياري وارو موجوده پڪو روڊ راءِ گھراڻي جي زماني ۾ ”راوڙ وارو رستو“ سڏبو ھو ـ لاکاٽ ۽ لُھاڻي پرڳڻي وارو روڊ ”اگھم لُھاڻي وارو رستو“ سڏبو ھو جيڪو ساھتي پرڳڻي مان لنگھندو ھو ـ لُھاڻي پرڳڻي وارو درياھه (مھراڻ) ساھتيءَ جي وچ مان ڪوٽڙي ڪبير، ھالاڻي، بھلاڻي، گھيڙ گجو، ڀائي ان جو بند ۽ شھدادپور ڀرسان لنگھندو رحيمڪي بازار ڏانھن ھليو ويندو ھو ـ“ مرحوم صلاح الدين تاريخي ڪتابن، محققن جي ڪڍيل نتيجن ۽ انگريز سرڪار جي تيار ڪيل روينيو رڪارڊ ۽ نقشن آڌار عرب لشڪر جي پنڌ پيچرن کي ڳوليندي دوڙ، ٻانڌي ۽ بڇيريءَ واري علائقي ۾ پھچي ٿو ـ ھُو لکي ٿو:”سال 1905 ۾ ڇپيل سنڌ جي سروي رپورٽ ۾ ”تلا“ نالي سان ھڪ آباديءَ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪا درياھه جي اڳوڻي وھڪري جي ھڪ وڏي وڪڙ وٽ کاٻي ڪپ تي قائم ھئي ـ قديم آثارن جي ماھر مجمدار به ان ڳوٺ جي نشاندھي ڪئي آھي ـ وڌيڪ ثابتي انھن نقشن مان ملي ٿي جن موجب اڳي درياھه موجوده ريلوي لائين ھنڌان وھندو ھو ـ “ سندس خيال آھي ته محمد بن قاسم حجاج جي صلاح موجب درياھه ”تلا“ واري ھنڌ تان پار ڪيو ھوندو جتي درياھه کي نانگ وانگر وَروَڪڙ ھئا ۽ وچ ۾ ٻيٽ ھجڻ ڪري ان جو پيٽ ويڪرو ڪونه ھو ۽ مقامي ماڇي قبيلي وارن جي مدد سان تيار ڪرايل ٻيڙين جي پُل ڪم آندي وئي ـ ھُو خيال ڏيکاري ٿو ته راوڙ جو قلعو بڇيريءَ واري علائقي ۾ ”حبيري“ ۽ ”دمبير جي واءِ“ ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ ھو ـ ”دمبير جي واءِ“ ڳوٺ ۾ ھڪ پڪو کوھه به ھو جنھن ۾ عرب دور کان اڳ جون ننڍيون وڏيون سِرون استعمال ٿيل ھيون ۽ ان علائقي ۾ ڏاھري برادري آباد آھي، جن کي ڏاھر سان وفاداريءَ سبب اھو نالو پيل سمجھيو وڃي ٿو ـ ”حبيري“ انھن عرب باغين جي آباديءَ وارو علائقو ھو جتي حجاج سان بغاوت ڪري حباري عرب اچي آباد ٿيا ھئا ـ صلاح الدين صاحب لکي ٿو ته ان ساڳي علائقي ۾ ٻانڌيءَ نالي سان شھر اھو ھنڌ آھي جتي عرب لشڪر سٺ ھزار سنڌين کي باندي بنائي رکيو ـ پڊعيدن کان نوابشاھه تائين وارياسن پٽن ۽ ڍورن جو حوالو ڏيندي ھُو چوي ٿو ته تاريخدان حوقل جي ٺاھيل نقشي ۽ انگريز ليکڪ رَيورٽيءَ Raverty جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڳالھه واضح ٿي وڃي ٿي ته راوڙ جو قلعو برھمڻ آباد کان پنجاھ ميل اڳتي (اُتر ڏانھن) ھو ـ سندس چوڻ موجب ”تلا“ کي ٽلٽيءَ سان نه ملائڻ گھرجي ـ اھڙي طرح دھليل ڪوٽ لاءِ ھُو لکي ٿو ته پراڻن نقشن آڌار ان نتيجي تي پھتو آھي ته ڪنڊياري ويجھو مھراڻ درياھه مان ڍنڍ جي شڪل ۾ نڪرندڙ داد واھه واري علائقي ۾ اھو ڪچو قلعو ھوندو ھو ـ ان علائقي کي ”ڍليا“ به چيو ويو جيڪو بعد ۾ دليل ديرو ٿي ويو آھي ـ صلاح الدين صاحب جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ اندازو ٿئي ٿو ته راوڙ، دھليل ۽ بھراور (ڀريا) جا قلعا ساھتي پرڳڻي ۾ ئي ھئا ۽ ان طرح انھن قلعن جي اصل ھنڌ جو اندازو به ٿي وڃي ٿو ـ
بھرحال بھراور جي قديم آثارن ۽ کنڊرن جي موجودگيءَ بابت اڄ به ڪي بزرگ ٻڌائن ٿا، جن جو احوال ٻڌڻ سان پڪ ٿئي ٿي ته ڀريا شھر مختلف نالن سان صدين کان ھتي آباد ھو ـ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي آفيشل اسائني حاجي بشير احمد ميمڻ، جنھن جي عمر ھن وقت ماشاءَ الله اسي ورھيه آھي، ٻڌايو ته واقعي قديم کنڊر ۽ ٻيا آثار موجود ھئا، جن مان ننڍي ھوندي سندن ڪنھن دوست کي به ھڪ ٿيلھيءَ جيترا سِڪا ھٿ آيا ھئا جيڪي ڪنھن اھڙي ڌاتوءَ جا ھئا جيڪو صديون زمين ۾ دفن رھڻ سبب ڳري ويو ھو ۽ ھٿ مھٽ ڪرڻ سان ڀُري ٿي ويو ـ ”اسان کي ان عمر ۾ ڪو به شعور ڪونه ھو تنھنڪري اھڙين شين کي سنڀالي نه سگھياسين،“ ھن چيو ـ
بھراور جي قديم آثارن مان ڪي شيون ڀرين جي خوراڪ کاتي جي رٽائرڊ آفيسر سيد ورند علي شاھه ۽ ايڊيوڪيشن ورڪس کاتي جي رٽائرڊ انجنيئر ماجد سومري وٽ به سنڀاليل آھن ـ ورند علي شاھه وٽ ڪجھه ٺڪر جي ٿانوَن جا ٽُڪر، ھڪ جنڊ جو ڀڳل حصو، ڪجھه پٿر جي زيورن ۾ جُڙندڙ شيون ۽ گول لسا پٿر محفوظ آھن جن لاءِ گُمان آھي ته اھي سونارن جا سون جو وزن ڪرڻ وارا وَٽَ ٿي سگھن ٿا جڏھن ته ماجد علي سومري وٽ ڪاشيءَ جي سِر تي ٺھيل ڪرشن ڀڳوان جي ھڪ مورتي محفوظ آھي ـ ان مورتيءَ جي حوالي سان مشھور ليکڪ ۽ قديم آثارن جي ڄاڻو بدر ابڙي صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنھن ۾ سندس چوڻ ھو سنڌ ۾ ڌرمي نقش نگارن واريون ٽائيلون ٺاھڻ جو ھنر گھڻو پراڻو ڪونھي ۽ انگريزن جي اوائلي زماني ۾ ھندستان وارين پاڙيسري رياستن مان اھو ھنرھتي آيو تنھنڪري سندس اندازو آھي ته ڀرين جي ڀرسان ميسارجي ويل آثار گھڻو پراڻا ڪونه ھوندا ـ جيتوڻيڪ سندس ان ڳالھه سان سھمت نٿو ٿي سگھجي ته ميساريل آثار ڪي ايترو ويجھڙ جا ٿي سگھن ٿا ڇو ته اھي آثار انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان به اڳ موجود ھئا، پر خيالن جي ڏي وٺ ان سوچ کي جنم ڏنو ته انھن آثارن واري وسنديءَ بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي ته جيئن خبر پوي ته اھا ڪڏھن ۽ ڪيئن تباھه ٿي ـ جيڪڏھن اھو ئي قلعبند بھراور شھر ھو ته اھو ڪھڙي سن تائين آباد رھيو؟ ۽ اھو به ٿي سگھي ٿو ته جن آثارن مان مورتي ملي آھي، ان ھنڌ وارو شھر يا وسندي ڪجھه سئو سال اڳ تائين به آباد ھجي جڏھن ڪاشيءَ واريون ٽائيلون ٺاھڻ جو ھنر ھن خطي ۾ رائج ٿي چُڪو ھجي ـ انھن ميسارجي ويل آثارن جي قديم ھجڻ جي ثابتي سيد احتشام علي شاھه وٽ موجود سِڪن مان به ملي ٿي جن مان ڪِن سِڪن تي عربيءَ ۾ اُڪريل اکر، ڪِن تي وقت جي حڪمرانن جو تصويرون ۽ ڪي ٻيا اکر ۽ شڪليون اُڪريل آھن ـ سيد احتشام علي شاھه چوي ٿو ته انھن ۾ اھڙا به سِڪا شامل آھن جن لاءِ اندازو آھي ته اھي عربن کان اڳ راجا ڏاھر جي زماني جا ٿي سگھن ٿا ـ پنھنجي والد سيد امام علي شاھه جي اڀياس جي حوالي سان ھُو چوي ٿو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته قديم آثار بھراور نالي قلعي ۽ شھر جا ھئا باقي موجوده ڀريا شھر اصل ۾ ڀر واري ڳوٺ ڪوٽ بھادر ۾ ھو جتان جا ماڻھو بعد ۾ لڏي ھتي اچي آباد ٿيا ـ ھن ليک ۾ اڳتي ان وسنديءَ بابت ڪجھه وڌيڪ حوالا اچن ٿا ـ سِڪن جي حوالي سان بدر ابڙي صاحب جو خيال آھي ته ھر سِڪي جو وزن، ڊيگھ ويڪر جي ماپ ڪرڻ ۽ مٿن لکيل اکرن کي پڙھڻ کانپوءِ ڪنھن قسم جي راءِ ڏئي سگھجي ٿي، پر تصويرون ڏسڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته اھي مختلف دورن جا آھن جن ۾ عربن کان اڳ ۽ پوءِ وارو دور، سومرن ۽ سمن جو دور به شامل آھي ـ
ڀريا جي جاگرافيائي بيھڪ بابت زباني طور مختلف روايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ـ درياھه جي وھڪري مٽجڻ يا ٻوڏن اچڻ سبب ڀريا جا ماڻھو ھڪ ھنڌان لڏي ڀرپاسي ۾ ٻئي ڪنھن محفوظ ھنڌ تي آباد ٿيندا رھيا آھن ـ ڏھه پندرھن ورھيه اڳ ڀريا سٽيءَ جي وچ ۾ ٽائون ڪميٽيءَ ھڪ پارڪ تعمير ڪرائي اُتي ماربل جي ھڪ ٺُلھه تي شھر جي تاريخ لکرائي ھئي ـ انھيءَ مختصر تاريخ ۾ ڀريا جي پراڻي نالي جو ذڪر ھئڻ سان گڏ ڪجھ شخصيتن جا حوالا پڻ ڏنل آھن جن موجب ڪنھن زماني ۾ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ڀريا جا ماڻھو ڀر واري ڳوٺ ”ڪوٽ بھادر“ ۾ وڃي آباد ٿيا ھئا ـ ”پير قربان علي، جيڪو ڪوٽ بھادر جو رھواسي ھو، ۽ 1955 ڌاري سندس ڄمار 110 ورھيه ھئي، تنھن جي حوالي سان ھڪ شخص پير رسول بخش قريشي ٻڌائي ٿو ته ”موجوده ڀريا شھر جي جاءِ تي اڳي ھڪ ڳوٺ ”ڪوٽ ڀِرايو“ ۽ انھيءَ جي ڀر ۾ ھڪ ٻيو ڳوٺ ”ڀُيا“ ھوندو ھو ـ جڏھن 1851 کان اڳ درياھه ۾ ٻوڏ سبب ڪوٽ بھادر به پاڻيءَ ھيٺ آيو ته اتان جا ماڻھو ڪوٽ ڀِرايو ۾ اچي ويٺا ۽ جڏھن ڪوٽ ڀِرايو ۽ ڳوٺ ڀُيا ٻوڏ ھيٺ آيا ته وري اتان جا رھواسي ڪوٽ بھادر لڏي ويا ـ ٻوڏ لھڻ کانپوءِ اھي ماڻھو وري موٽي آيا جن ۾ ھڪ مسلمان ”ڀِريو“ نالي سان ھو، جنھن جي نالي پٺيان ھيءُ شھر آباد ٿيو ـ ھتي اچي آباد ٿيندڙن ۾ سيد، ميمڻ، ڪنڀار، ڪوري ۽ وسطڙا ذاتين جا ماڻھو شامل ھئا ـ“ پٿر تي لکيل تاريخ موجب شڪارپور مان به واپار سانگي ڪي ڪٽنب ھتي اچي آباد ٿيا جن ھندو جاتي جي ماڻھن ”ڀيا“ جي پٺيان ھن شھر کي ڀريا سڏڻ شروع ڪيو ـ سندن ڪاروبار شڪارپور ۽ ڪراچيءَ رستي ٻين علائقن سان ھلندو ھو ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ ھن علائقي ۾ آيل ٻوڏن جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:”سن 1825 ڌاري درياھه جي اُٿل سبب ٺَٽِ، مٺياڻي، تڳڙ، ڪمالديروتعلقو ڪنڊيارو ۽ ٻيا ڪي درياھه جي ڀر وارا ڳوٺ ٻڏي ويا ھئا ـ درياھه جو پاسو ڇڏي، انھن ھنڌن جي زميندارن کي پنھنجي ٻنين کان پري رھڻ پسند نه آيو تنھنڪري وري ساڳئي ھنڌ اھي ڳوٺ نئين سِر ٻڌائون ـ سن 1857 ۽ 1858 ڌاري اھي سڀ ڳوٺ وري ٻيو ڀيرو ٻڏي ويا ـ“ ڀيرومل جي ان بيان ۾ ڀريا جو ذڪر ته ڪونھي پر ممڪن آھي ته 1825 واري ٻوڏ ۾ ڀريا به ٻوڏ ھيٺ آيو ھجي ـ آخوند گھراڻي جي بزرگن موجب ھڪ ڀيري ٻوڏ جو پاڻي ميمڻ پاڙي ۾ سندن گھرن تائين پھتو ھو، پر ڪھڙي سال، اھا خبر ناھي ـ
ڪن روايتن موجب ”ڀريو“ نالي شخص ھندو ھو ۽ ڪن موجب اھو مسلمان وسطڙو ھو پر انھيءَ جي ثابتيءَ جي حوالي سان ڪتابي تاريخن ۾ ڪوبه واضح ثبوت نٿو ملي ـ خُود پير قربان عليءَ جي حوالي سان به پير غلام رسول قريشيءَ جيڪو ڪجھه بيان ڪيو آھي، اھو به مستند نٿو لڳي، سواءِ انھيءَ جي ته ٻوڏن جي ڪري ڀريا جا ماڻھو ڪجھه وقت لاءِ ڪوٽ بھادر لڏي ويا ۽ اھو به ته ڀريا شھر اڳي ڪوٽ ڀرايو جي نالي سان به سڏبو ھو ـ اھو به صرف گمان ئي محسوس ٿئي ٿو ته ڪنھن ”ڀِريو وسطڙو“ نالي شخص ھيءُ شھر آباد ڪيو ڇو ته ڀريا ۾ وسطڙا ذات جي ڪنھن به ماڻھوءَ جي آباد ھجڻ جو ثبوت نٿو ملي ـ ڀرين جي آخوند گھراڻي جي ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ (مرحوم) موجب ڀرين جي اُتر اوڀر ۾ ميان عبدالحميد عرف پاڪ فقير واري قبرستان ۾ ”ڀِريو فقير“ نالي ھڪ قبر ھوندي ھئي ـ ٺاروشاھه جي استاد ۽ ليکڪ غلام قادر سومري (مرحوم) پرائمريءَ جي درسي ڪتاب ۾ ڇپيل سندس سبق ۾ لکيو آھي ته ڀِريو نالي شخص سيد ھو ـ
ڀريا ڄائي چرنداس ٺاڪرداس گرسھاڻيءَ 1927 ۾ ڪوڙو مل سنڌي ساھتيه منڊل حيدرآباد پاران ڀريا ۾ جنم وٺندڙ وڏي تعليمدان ديوان ڪوڙومل جي حياتيءَ تي ڇپرايل ھڪ ننڍڙي ڪتابڙي ۾ لکيو آھي ته ”ڀِريو وسطڙو ھڪ مسلمان ھو، جنھن اھو ڳوٺ ٻڌرايو ھو ـ ھن وقت جتي ھيءُ شھر آباد آھي تنھن جي اُتر ۾ ھالاڻيءَ (ھاڻي قومي شاھراھ تي ڀريا کانپوءِ ڪنڊيارو اچي ٿو ۽ پوءِ ھالاڻي شھر اچي ٿو) واري ٽپالي رستي لڳ اھو ننڍڙو ڳوٺ آباد ھو، جيڪو ھاڻي ڦٽي ويو آھي مگر ويرانو اڃان ظاھر بيٺو آھي ـ ھاڻوڪي ڳوٺ ٻڌئي به ڏيڍ سئو کان ٿورا ورھيه مٿي ٿيا آھن ـ“ پر خانائي صاحب ھن ڳالھه سان متفق ناھي ۽ لکي ٿو ته چرنداس جو بيان منجھائيندڙ آھي ۽ ڀريا نالي ڪنھن به شخص جو ھن ڦٽل ويراني سان تعلق ناھي ـ خانائي بھرحال مڃي ٿو ته موجوده ڀريا کي آباد ٿئي ٻه سئو کن ورھيه ٿي ويا آھن ـ
ڀيرومل مھرچند به پنھنجي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ڀريو“ نالي ھڪ مسلمان، ذات جو وسطڙو ھو، جنھن اھو شھر ٻڌايو ـ پر ڀريا جي بزرگ شخص حاجي بشير احمد ميمڻ، جنھن جو ذڪر مٿي ٿيل آھي، تنھن ان ڳالھه جي ترديد ڪئي ته وسطڙي ذات جي ڪنھن شخص ڀريا جو ڳوٺ آباد ڪيو ڇو ته ڀريا ۾ وسطڙا برادريءَ جو ڪوبه ماڻھو آباد ڪونه ھو البت وسطڙا برادريءَ جا ماڻھو نوشھري فيروز ۽ ٺاروشاھه وچ ۾ مَچُر ۽ ڀرين ڀرسان ڪجھه ٻين ڳوٺن ۾ آباد آھن ـ (سنڌ جي مشھور ڳائڻن عبدالقيوم وسطڙي ۽ انور حسين وسطڙي جو تعلق به مچُر سان آھي) ـ
مير علي شير قانع ٺٽويءَ”تحفته الڪرام“ ۾ سماٽ قومن جو ذڪر ڪندي ”ڀريا“ قوم جو اشارو ڏنو آھي ـ انھيءَ سلسلي ۾ مولائي شيدائيءَ پنھنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکيو آھي ته “پلي، پنھنجي قوم جو سردار ھو، جنھن جا ٻه پُٽ ھئا ـ ھڪ اوڍو، جنھن جو اولاد اُڍيجا، بھريا (ڀريا) ۽ ڪدريه پوٽا آھن، ۽ ٻيو ساند، جيڪو پنھنجي قوم جو سردار ھو ـ“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به چچنامي جي واڌاري ۾ گُمان ڏيکاريو آھي ته بھلاڻي ۽ ڀريا وارين بستين جا نالا ڀريا نالي قوم (ذات) پويان پيل ڏسجن ٿا، پر سندن اھو چوڻ به صرف گُمان ئي لڳي ٿو ڇو ته ڀريا توڙي ڀرپاسي ۾ ڪٿي به ڀريا ذات جو ڪو ماڻھو ڪڏھن به آباد ڪونه ٻُڌو ويو ـ ھن وقت سنڌ ۾ ڀريا ذات واري ڪا برادري موجود آھي يا نه، انھيءَ لاءِ ڪجھ تحقيق جي ضرورت آھي، پر آر ھِيوز ٿامس R. Hughes Thomas جي 1855 ۾ مُرتب ڪيل ڪتاب Memoirs on Sindh (Selections from the records of Bombay Government) ۾ سنڌ جي آباديءَ جي حوالي سان شامل ڪيل ليفٽيننٽ آر ايف برٽن جي نوٽس ۾ سنڌين جون جيڪي ذاتيون ڄاڻايون ويون آھن، انھن ۾ ”ڀِريو“ ذات شامل آھي ـ اھڙي طرح انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ (موجوده جيڪب آباد ضلعو) جي ڊپٽي ڪليڪٽر شيخ صادق عليءَ 1901 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”شارٽ اسڪيچ آف دي مسلمان ريسز فائونڊ اِن سنڌ، بلوچستان اينڊ افغانستان“ ۾ به سنڌ اندر ”ڀريو“ ذات ھجڻ جو ذڪر ڪيو آھي ـ
سيوھڻ جي ھڪ محقق محترم خيرمحمد ٻرڙي سيوھاڻي، جنھن جو سرڪاري نوڪريءَ سانگي ڪافي ورھيه نوشھري ۾ رھڻ ٿيو، جو چوڻ آھي ته ”ڀريا، ھالاڻي ۽ بھلاڻي محمد بن قاسم کان به اڳ جون بستيون آھن ـ“ ٻرڙي صاحب لکيو آھي ته ”ان دور ۾ ساھتيءَ واري خطي ۾ ميربحرن _ ”ملاح“ مان ھڪ ڪيڙ جو نالو ”ڀريا“ ھو ـ اھڙي طرح سما قوم (ھُوذات يا برادريءَ کي قوم لکي ٿو) مان ھڪ شخص جو نالو ڏھر بن جوجو ھو جنھن جي ھڪ پُٽ جو نالو پڻ ”ڀريو“ ھو ـ ان جي اولاد پاڻ کي ساھتيءَ اندر ”ڀريا“ سڏايو ھو ـ محمد بن قاسم جي دور ۾ راجا موڙا سنگھ راٺوڙ دين اسلام قبول ڪيو ھو جنھن کي محمد بن قاسم سنڌ جو ڳچ حصو حڪومت ھلائڻ لاءِ ڏنو ھو ـ موڙا سنگھ مذڪوره حڪومت پنھنجي پٽن سھتو، شورو، مڱڻو، ڌارو، ڪوئنرو ۽ راھوءَ کي ورھائي ڏني ۽ اُڄڻ فقيري قبول ڪئي ـ ان دور ۾ شورن مان به ھڪ شخص جو نالو ”ڀريو“ ھو ـ انھن سڀني ڀرين جو واسطو ساھتي پرڳڻي سان ھو پر قوي امڪان آھي ته ڀريا شھر جا اڏيندڙ ميربحر _ ملاح ئي ھئا ـ“ ٻُرڙي صاحب وڏي محنت سان تيار ڪيل پنھنجي ئي ھڪ ڪتاب ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ لکيو آھي ته ”ڀرڻا پوٽا“ (ڀريا پوٽا) متعلوي سيدن مان سيد مرتضى عرف ڀرئه جو اولاد آھن ۽ چيو وڃي ٿو ته ڀريا شھر انھن جو ئي اڏيل آھي ۽ اتي ئي رھن ٿا ـ ساڳئي ئي ڪتاب ۾ ٻُرڙو صاحب لکي ٿو ته ڀريا ”ڏھر بن جوجو“ جو اولاد آھن ۽ سمن جي ھڪ پاڙي جو نالو پڻ ”ڀريا“ آھي ـ سندس خيال آھي ته ڀريا ۽ ڀريالو ڳوٺن جا نالا انھيءَ نسبت سان آھن ـ ھُو وڌيڪ لکي ٿو ته شورا قبيلي جي مُنا پاڙي مان ھڪ شاخ جو نالو پڻ ”ڀريا“ آھي ـ
مٿي جنھن ڍنڍ جو ورجائي ذڪر ٿيل آھي، خانائي صاحب جو خيال آھي ته جيئن ته انھيءَ ڍنڍ جا آثار اروڙ جي ڀرسان نٿا ملن تنھنڪري موجوده ڀريا شھر جي ڀرسان اھا ڍنڍ ٿي سگھي ٿي جتي 20 کان 25 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ چئن کان پنجن فُٽن تائين زمين ڀر واري زمين کان ھيٺانھينءَ تي آھي ـ ھن خيال ڏيکاريو آھي ته اھا اونھائي اڳي وڌيڪ ھوندي پر ڏکڻ ۾ امام علي واھه جو پاڻي پوڻ ۽ اُتر ۾ ھمبر واھه جي ڀڄي پوڻ سان واري ۽ لٽُ پوڻ سبب ان جي اونھائي سوين سالن جي عرصي ۾ گھٽجي وئي آھي ـ مذڪوره واھه بعد ۾ اولھه کان وھندڙ سنڌو درياھه مان چاڙھه وقت وھندا ھئا ـ سيد احتشام علي شاھه جي چوڻ موجب سيد امام علي شاھه اول انگريزن جي راڄ کان به گھڻو اڳ سندن ھڪ بزرگ ھو، جنھن جون ھزارين ايڪڙ ٻنيون ھيون ۽ امام علي واھه به سندس نالي سان منسوب ھو ـ نوشھري ضلعي جي روينيو رڪارڊ ۾ ان جو ذڪر به آھي ـ
ڀريا جي جنھن ڍنڍ جو ذڪر خانائي صاحب ڪري ٿو، ممڪن آھي ته اھا ئي ھجي جيڪا موجوده وقت شھر کي اولھه ۽ اُتر کان گھيرو ڪيو بيٺي آھي ـ وڏڙن کان ٻُڌل ڳالھين ۽ حاجي بشير ميمڻ موجب ستر ورھيه اڳ تائين اھا کڏ سُڪل ھئي جنھن کي ڀريا توڙي ڀرپاسي جي شھرن جا شاگرد ڪرڪيٽ گرائونڊ طور استعمال ڪندا ھئا ـ ”اسان پاڻ ننڍي ھوندي ان گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ راند کيڏي ـ نوشھري تعلقي جي ٻين ساھتي اسڪولن جا شاگرد به مئچون کيڏڻ ھتي ايندا ھئا،“ ھن ٻڌايو ۽ چيو ته بعد ۾ ٻوڏ جو پاڻي اچڻ سبب اھا ڀرجي وئي ۽ اڳتي ھلي اھا سِم جي پاڻيءَ جي کڏ ٿي وئي ۽ گذريل ڪجھه ڏھاڪن کان شھر جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال به انھيءَ ۾ ٿي رھيو آھي ـ
حقيقت ھيءَ آھي ته تاريخ جي انھن ڪتابن ۾ ڄاڻايل علائقن ۽ واقعن ۾ تضاد سبب صرف گمان ئي ڪري سگھجن ٿا ۽ انھيءَ ڪري ئي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به فتحنامي ۾ شامل ڪيل تحقيق جي آخر ۾ ھي لفظ چئي ھٿ ڪڍيا ته ”وڌيڪ خبر خدا کي ـ“
تاريخ جي ڪتابن ۾ ڀريا جو ھڪ ٻيو نالو به آڏو اچي ٿو ـ جيئن چچ نامي ۾ بھراور نالي وسنديءَ جو ذڪر ملي ٿو، تيئن انگريز ليکڪ ائڊرين ڊئارٽ Adrian Duarte پنھنجي ڪتاب ھسٽري آف برٽش رليشنز وِٿ سِند A History of British Relations With Sind 1613-1843 ۾ بھرالا نالي وسنديءَ جو ذڪر ڪيو آھي ـ پنھنجي تحقيقي ڪتاب ۾ ھُو لکي ٿو : ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1641 ۾ احمد آباد مان پنھنجي آفيسر جان اسپائلر John Spiller کي ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺيءَ جو انچارج ڪري موڪليو، جيڪو 1652 تائين اُتي رھيو ـ ھن 1645 جي برساتن واري مُند اُتر سنڌ ۾ گذاري ته جيئن ڪپڙي ۽ نير جو گھربل مقدار خريد ڪري سگھي ـ ڪپڙي جي حوالي سان ھن ڪنڊياري ۽ درٻيلي مان بھترين معيار جي ڪپڙي جا ڏھه ھزار ٽُڪر (ھڪ ٽُڪر 20 والن جو) حاصل ڪري ورتا ـ بوبڪن جو ڪپڙو گھڻو سُٺو ڪونه ھو پر وري به نصرپور کان سُٺو ھو جنھنڪري ھن ايندڙ مُند کان نصرپور جي ڪپڙي جي خريداري بند ڪرڻ جو سوچيو ـ ڪپڙي رڱڻ لاءِ نِير خريد ڪرڻ جي حوالي سان ھُو پريشان ھو ڇو ته آبادگار غريب ھجڻ ڪري نِير جي پوک لاءِ خرچ برداشت نٿي ڪري سگھيا، پر سندس مسئلو درٻيلي ويجھو بَھرالا مان ايندڙ نِير حل ڪري وڌو ـ“
ائڊرين ڊئارٽ لکي ٿو ته اُتر سنڌ ۾ درياھه جي ڪناري وارن شھرن بکر، گمبٽ، ڪنڊيارو ۽ درٻيلو۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا خريداري مرڪز قائم ھئا ـ ”وچولو يا سنڌ جي وچ وارو علائقو جنھن ۾ سيوھڻ، بُوبڪ، بَھِرالا ۽ سَن اچي ٿي ويا، نِير جا اھم مرڪز ھئا ۽ انھن مان ھر مرڪز تي ڪمپنيءَ جو ايجنٽ مقرر ھو ـ“ سندس انھن تاريخي حوالن مان اندازوٿئي ٿو ته موجوده شھر ڀريا سترھين صديءَ ۾ به وجود رکندڙ ھو ۽ ان وقت اھو بَھِرالا جي نالي سان سڏيو ويندو ھو ـ انگريز ليکڪ بَھِرالا جي حوالي سان لکيو آھي ته اھو درٻيلي جي ويجھو ھو، جنھن سان پڻ اھو يقين ٿئي ٿو ڇو ته درٻيلو، جنھن کي ڊڀريو به چيو ويندو آھي، ھڪ تاريخي شھر آھي ۽ ڀريا جي ويجھو ئي آھي ـ اَي ڊبليو ھِيوز به پنھنجي 1876 ۾ ڇپيل سنڌ گزيٽيئر ۾ ھن خطي ۾ ٿيندڙ ڪاروبار جو حوالو ڏيندي لکيو آھي ته ڀريا جي ڀرسان ڪوٽ بھادر ۾ لوڻ جو وڏو مرڪز ھو جتان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا گماشتا لوڻ خريد ڪندا ھئا ـ
ائڊرين ڊئارٽ جنھن دور جو ذڪر ڪيو آھي، اھو سنڌ تي ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ کان به اڳ جو زمانو ھو ـ سن 1701 ۾ سنڌ تي ڪلھوڙن جو راڄ شروع ٿيو جنھن کانپوءِ 1783 کان ٽالپرن جو راڄ آيو ۽ 1843 ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ تائين انگريزسنڌ جي مختلف شھرن مان ڪپڙو، نير ۽ ٻيو مال خريد ڪندا رھيا ـ انھيءَ مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان عرصي ۾ ڀريا شھر اوج تي ھو ـ خانائي صاحب جو به اھو ئي خيال آھي ته ڀريا جو موجوده شھر ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌو درياھه جي ٻوڏ سبب تباھه ٿيڻ کان پوءِ وري آباد ٿيو جنھن کي اوج نصيب ٿيو ـ اھو شھر سموري ساھتي پرڳڻي ۾ ھر لحاظ کان مشھور ٿيو ۽ ھتي ھندو، لُھاڻا، ڀائيبند، عامل ۽ مسلمان برادريون اچي آباد ٿيون ـ ڀريا جو اھو اوج ڪلھوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٽالپرن جي زماني ۾ به قائم رھيو ـ
ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ جيمس مِڪمرڊو James McMurDo پنھنجي ڪتاب”مِڪمرڊوز اڪائونٽ آف سنڌ (اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 2007) McMurdo’s Account of Sind ۾ ھڪ ھنڌ ڪنڊيارو ۽ بھلاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آھي پر ٻئي ھنڌ ”ڀِرالوُ“ نالي شھر جي ڳالھه ڪندي ان کي بکر جي پسگردائيءَ ۾ ڄاڻايو آھي، جيڪو پڪ سان ڀريا شھر نه پر پريالوءِ ھوندو، ڇو ته انگريز ليکڪ سنڌ جي شھرن ۽ ماڻھن جا نالا مشڪل سان ئي اُچاري سگھندا آھن ـ
تاريخ جي مٿين حوالن سان ٿيل بحث کانپوءِ اھي سوال پنھنجي جاءِ تي موجود رھن ٿا ته ڀريا جو موجوده شھر ڪنھن ٻڌايوـ ان تي ڀلي ڪير متفق نه ٿئي پر پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اھو شھر بَھراوَر ۽ بَھرالا جي نالن سان قديم زماني کان موجوده علائقي ۾ ھنڌ مٽائيندو قائم رھندو آيو آھي ـ جيڪڏھن مٿي ڄاڻايل انگريزن جي تاريخ کي ڏسجي ته سترھين صديءَ جي وچ ڌاري به اھو شھر بَھرالا جي نالي سان موجود ھو ـ انھيءَ جو مطلب ته ھن وسنديءَ تي ڀريا جو نالو ان کانپوءِ پيو ھوندو جڏھن اھو ٻوڏن جي نتيجي ۾ ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ منتقل ٿيندو نيٺ موجوده ھنڌ قائم ٿيو جنھن لاءِ اندازو آھي ته اھو سترھين صديءَ جي آخر ۾ يا ارڙھين صديءَ ۾ ٿيو ھوندو ـ ڀيرومل مھرچند به ورھاڱي کان اڳ ان لاءِ لکي ٿو ته ھاڻوڪي شھر ٻڌئي ڏيڍ سئو کن ورھيه ٿيا آھن پر اندازو آھي ته موجوده ڀريا شھر اڍائي سئو کن ورھيه پراڻو آھي ـ
خاصخيلي جمال الدين مومن پنھنجي ڪتاب ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل بابت 1927 ۾ ڇپيل ھڪ ڪتاب مان کنيل مضمون شائع ڪيو آھي جنھن ۾ مضمون جي ليکڪ (نالو ڏنل ڪونھي) لکيو آھي ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھڪ مسلمان ذات جو وسطڙو، جنھن جو نالو ڀِريو ھو، تنھن اھو ڳوٺ ٻڌايو ھو ـ جتي اھو ڳوٺ ٻڌل آھي ان جي اُتر طرف ھالاڻيءَ واري رستي سان اڳي اھو ننڍڙو ڳوٺ ھو، جو ھاڻي ڦٽي ويو آھي پر ويرانو اڃان ظاھر بيٺو آھي ـ ھاڻوڪو شھر 1775 ڌاري وجود ۾ آيو ـ“
اُڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ڌاري انگريزن جي تيار ڪيل گزيٽيئرن ۾ به ھن شھر جو نالو ”ڀِريا“ ڄاڻايل آھي پر جنھن ۾ ڪنھن به وسطڙي جو ذڪر ڪونھي ـ امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا (جِلد ٻيو صفحو 98) جيڪو 1881 ۾ ڇپيو، تنھن ۾ لکيل آھي ته ڀريا، حيدرآباد ضلعي ۾ ميونسپل ٽائون آھي ۽ اھو زرعي علائقو آھي، جنھن ۾ 1488 سِک، 135 ھندو (لُھاڻا) ۽ 926 مسلمان (سيد ۽ ميمڻ) رھن ٿا ـ
اھڙي طرح 1876 ۾ ڇپيل (ٻيو ايڊيشن) اَي ڊبليو ھيوز A. W. Hughes جي گزيٽيئر A Gazetteer of Sindh Province ۾ لکيل آھي ته 1852 ۾ ڀريا جي ڪُل آبادي 2798 ھئي ۽ شھر ۾ 231 گھر ۽ 100 دُڪان ھئا ـ ھيءُ شھر واپاري منڊي ھو جتي کاڌي جو تيل تيار ٿيندو ھو (ڀريا ۾ گھاڻن ذريعي تيل ڪڍيو ويندو ھو ـ اتي ڏاندن ذريعي گھاڻا ھلائي سرنھن ۽ ڄانڀي جو تيل ڪڍبو ھو ـ اھڙا گھاڻا 1960 واري ڏھاڪي ۾ به ھئا) ـ ان کانسواءِ وڏي مقدار ۾ اناج جي اُپت ٿيندي ھئي، جيڪا سنڌوءَ رستي ٻين علائقن ڏانھن موڪلي ويندي ھئي ـ گزيٽيئر موجب 1873-74 ۾ ڀريا شھر جي ميونسپل آمدني 182 پائونڊ اسٽرلنگ ھئي ـ سال 1876 ۾ نوشھرو فيروز کي سب ڊويزن (تعلقي) جي حيثيت مليل ھئي جنھن ۾ ڀريا، نوشھري جو ھڪ تپو ھو ـ نوشھري تعلقي ۾ 10 تپا ھئا جن ۾ سڪرنڊ، مورو ۽ ڪنڊيارو به شامل ھئا ـ ساڳئي گزيٽيئر جي ڊجٽل ڪاپيءَ ۾، جيڪو آن لائين موجود آھي، لکيو ويو آھي ته ڀريا، نوشھري واري ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو ھڪ گورنمينٽ ٽائون آھي، جيڪو حيدرآباد کان روھڙي ويندڙ روڊ تي آھي ـ ھن گزيٽيئر ۾ ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ کي خيرپور جي علائقي ۾ ڏيکاريل آھي ـ ڀريا بابت لکيل آھي ته نوشھري کان ٺاروشاھه ويندڙ پوسٽل روڊ به انھيءَ جي ڀرسان لنگھي ٿو ۽ ھتي تپيدار جو ديرو ۽ پوليس لائين به آھي جتي چار پوليس وارا مقرر آھن ـ ڀريا ۾ ورناڪيولر اسڪول، مارڪيٽ ۽ ڌرمشالو به آھي ـ ھتي 1861 ۾ ميونسپلٽي قائم ٿي ۽ 1873-74 ۾ جنھن جي آمدني 1825 رُپيا ۽ خرچ 1707 رُپيا ھو ـ
انگريز جنرل سر چارلس نيپيئر 1843 ۾ جڏھن سنڌ تي مڪمل قبضو ڪيو تڏھن به ڀريا جو ساڳيو نالو ھو ـ انھيءَ جي ثابتي اسماعيلي برادريءَ جي ويب سائيٽ تي ڄاڻايل تاريخ مان ملي ٿي جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ”9 آگسٽ 1842 تي ڪنڌار مان برطانوي فوجون ڪوئٽا ڏانھن روانيون ٿيون ته آغا خان اول ڇھن ھفتن لاءِ ڪنڌار ۾ ئي سردار شيردل خان وٽ رھي پيو ـ انگريز آفيسر رالنسن Rawlinson کي جيئن ته ساڻس ھمدردي ھئي، تنھنڪري ھن آغا خان کي انڊيا وڃڻ جي صلاح ڏني جنھن بعد ھو 5 آڪٽوبر 1842 تي ڪوئٽا پھتو ۽ پوءِ مھيني کان وڌيڪ عرصو خان آف قلات مير شاھنواز وٽ ترسيو ـ ڪوئٽا مان روانگيءَ وقت انگريز آفيسر مئڪناٽن Mac Naghten کيس سر چارلس نيپئر لاءِ ھڪ سفارشي خط ڏنو ـ چارلس نيپئر ان وقت سنڌ ۾ ھو جنھن کي لارڊ ايلنبرو آگسٽ 1842 ۾ سمورا سياسي ۽ فوجي اختيار ڏئي موڪليو ھو ـ نومبر 1842 جي آخر ڌاري آغا خان سکر پھتو ۽ چارلس نيپئر سان مليو ـ آغا خان پنھنجي سٺ گھوڙيسوارن سميت جنوري 1843 ۾ چارلس نيپئر سان گڏ ڀريا ۾ برطانوي ڪئمپ ۾ ويو جتان پوءِ ساڻس حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو جتي مياڻي ۽ دُٻي وارين جنگين ۾ حصو ورتائين ـ“ (چارلس نيپئر ڀريا ۾ جنھن ھنڌ پڙاءُ ڪيو، اھو اڄ به منزل گاھه جي نالي سان مشھور آھي ـ منزل گاھه جو علائقو ڀريا جي تاريخي ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول واري عمارت جي پٺيان آھي جتي ھاڻ وڏي رھائشي آبادي آھي ) ـ
ڊاڪٽر ائڊرين ڊئارٽ پڻ پنھنجي ڪتاب A History Of British Relations With Sind – 1613-1843 ۾ لکي ٿو ته چارلس نيپئر 30 جنوري 1843 تي جڏھن ڳوٺ ڀريا وٽان لنگھيو پئي ته مير نصير خان، مير محمد ۽ شھداد جي موڪليل ٽن اعلى عھدن وارن ايلچين ساڻس ملاقات ڪئي ـ ميرن جا ٽئي وڪيل نيپئر جي پٺيان سندس ڪئمپ تائين آيا ـ نيپئر کين ھدايت ڪئي ته ھُو ميرن کي معاھدا قبول ڪرڻ لاءِ راضي ڪن جنھن کانپوءِ ميجر آئوٽرام 6 فبروريءَ تي حيدرآباد ۾ ميرن سان ملي قطعي منظوري حاصل ڪندو ـ نيپئر ميرن جي وڪيلن تي واضح ڪيو ته ھُو 6 فبروريءَ تائين نوشھري فيروز ۾ پنھنجي ايندڙ ڪئمپ تي ترسندو ۽ جيڪڏھن شرطن موجب جواب نه مليو ته خيرپور وارن ميرن ۽ حيدرآباد وارن ميرن جي سرحد ٽِپي اڳتي وڌندو (حيدرآباد وارن ميرن جي حد نوشھري فيروز کانپوءِ شروع ٿيندي ھئي) ـ ايئن چارلس نيپئر چوٿينءَ کان ڇھين فبروريءَ تائين نوشھري فيروز واري ڪئمپ ۾ ترسيو ـ (ڊاڪٽر ائڊرين ڊارٽ کي 1945 ۾ سنڌ حڪومت ذميواري ڏني ھئي ته راجڪوٽ ريزيڊنسي رڪارڊ آفيس مان سنڌ متعلق دستاويز گڏ ڪري ـ ھُو 1943 کان 1945 تائين ملٽري ٽريننگ سينٽرن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندو رھيو ۽ 1944 کان 1947 تائين ھسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن توڙي انڊين ھسٽري ڪانگريس ۾ به سنڌ جو نمائندو رھيو ـ سال 1954 ۾ کيس انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو ھو ـ ھيءُ انگريز آفيسر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپال به رھي چُڪو) ـ
ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ اليگزينڊر اِنَيس شاند Alexander Innes Shand پنھنجي ڪتاب جنرل جان جيڪب General John Jacob – Commander of the Sind Irregular Horse and Founder of Jacobabad (سِيلي اينڊ ڪو لميٽيڊ، لنڊن 1901) ۾ پڻ اھڙو ذڪر ڪيو آھي ـ ڪتاب موجب ”نيپئر 30 جنوري 1843 تي جنرل جان جيڪب کي خط لکيو ته ميرن جا وڪيل آيا آھن ۽ مون کين راضپو ڏنو آھي ته پنجين فبروريءَ تائين نوشھري فيروز ۾ ترسندس ۽ جيڪڏھن ميرن اطاعت قبول نه ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ آئوٽرام سان نه مليا ته مان ميرن کي دشمن قرار ڏئي اڳتي مارچ ڪندس ـ“ ڪتاب موجب نيپئر چوٿين فبروريءَ تي نوشھري فيروز مان وري ھڪ خط جنرل جان جيڪب کي لکيو ۽ کيس مير رُستم ڏانھن ويندڙ 1500 گھوڙيسوارن جي خطري کان آگاھه ڪندي ٻڌايو ته ھُو پاڻ ڇھين فبروريءَ کان اڳ اڳتي نه وڌندو ـ
مستند تاريخي دستاويز دستياب نه ھجڻ جي ڪري تاريخدان به مونجھاري جو شڪار رھن ٿا ۽ صرف گمان ئي ڪري سگھن ٿا ـ سنڌ جي تاريخ، حڪومتي ڪار وھنوار، روينيو رڪارڊ جيڪو فارسيءَ ۾ ٽالپرن جي دور تائين لکيل ھو، اھو انگريزن تباھه ڪري ڇڏيو نه ته شايد اڄ اسان وٽ تاريخ جو وڏو مواد موجود ھجي ھا ـ ھڪ محقق مئٿيو اَي ڪُڪ Matthew A. Cook پنھنجي ھڪ مقالي اِيسٽ انڊيا ڪمپني اينڊ دي گروٿ آف سنڌي ملٽي نيشنل ٽريڊ East India Company and the growth of Sindhi multinational trade ۾ لکيو آھي ته”برٽش سرڪار 1850 ۾ فيصلو ڪيو ھو ته فارسيءَ ۾ لکيل سمورو سرڪاري رڪارڊ تلف ڪري ڇڏجي ڇو ته اھو فارسيءَ ۾ ھجڻ ڪري سندن ڪم جو نه ھوـ“
مٿي بحث ھيٺ آندل سمورين ڳالھين مان ھيٺيان نقطا وڌيڪ واضح ٿي آڏو اچن ٿا:
• ھن خطي ۾ منظم انساني وسنديون عربن کان به صديون اڳ موجود ھيون ـ
• ھٿ آيل قديم سِڪا ثابت ڪن ٿا ته عربن جي ڪاھه کان به اڳ (بھراور يا بھرووَر جي نالي سان) شھر آباد ھو ـ
• عربن جي ڪاھه وقت به اھو شھر آباد ھو ۽ ھتي قلعو موجود ھو جنھن ۾ سورھن ھزار سنڌي سپاھي موجود ھئا ـ
• جڏھن انگريز واپاري 1641 ۾ ھن خطي ۾ آيا ته انھيءَ وسنديءَ جو نالو بھرالا ھو ـ
• درياھه جي وھڪري مٽجڻ ۽ ٻوڏن جي ڪري قديم وسندي متاثر ٿيندي رھي آھي ـ
• ھاڻوڪو ڀريا شھر 1775 ڌاري ٻڌو ويو، پر ان کان اڳ ھتي جا رھواسي به ٻوڏن اچڻ سبب ٻين ھنڌن ڏانھن لڏيندا ۽ موٽندا رھيا ـ
• ھاڻوڪي ڀريا شھر جي اُتر اوڀر ۾ پراڻن آثارن ۽ پراڻي ھالاڻي واري رستي لڳ پاڪ فقير جي درگاھه جي ڪُتبي تي ميان عبدالحميد عرف پاڪ فقير جي وفات جي تاريخ 1117 ھجري لکيل آھي جنھن جو مطلب ته سندن وفات ۽ ان ھنڌ تدفين کي 323 ورھيه ٿي چُڪا آھن ـ ھا%D

حق ۽ واسطا ليکڪ

ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ ۽ پبلشر وٽ محفوظ آھن ۽ سندن اجازت کانسواءِ ڪتاب جو ڪوبه حصو ڪاپي ڪري يا ڇپي نٿو سگھجي

ڪتاب جو نالو: بَھراوَر کان ڀِريا _ تاريخ جو سفر
From Bahrawar to Bhiria _ A Journey Through The History
(ھيءُ ڪتاب ضلعي نوشھري فيروز جي شھر ڀريا جي قديم، سياسي، علمي ۽ ادبي تاريخ ۽ شخصيتن متعلق تحقيق تي مشتمل آھي)
ليکڪ: نصير اعجاز
ڇاپو پھريون: جُون 2019
تعداد: 1000 ڪاپيون
لي آئوٽ: نزاڪت علي کوکر
ٽائيٽل ڊزائين: قيوم منگي
قيمت: 1000 رُپيا
ڇپيندڙ: فاروق پرنٽرس، ڪراچي، سنڌ
ڇپائيندڙ: عرشي پبليڪيشن، حق موجود منزل،
شاهه محله، ڀريا سِٽي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2021ع
www.sindhsalamat.com

ارپنا

بَھراوَر قلعي جي انھن سورھن ھزار سنڌي جوڌن جوانن جي نانءُ جن پنھنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ لاءِ ٻن مھينن تائين جارح عرب لشڪر جو مقابلو ڪيو

پبلشر طرفان

نھايت ئي خوشيءَ جو موقعو آھي ته ”عرشي پبليڪيشن ڀريا“ طرفان پنھنجي شھر ڀريا جي تاريخ متعلق لکيل ڪتاب ”بھراور کان ڀريا _ تاريخ جو سفر“ ڇھين ڪڙيءَ طور ڇپائي مانوارن پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچائڻ جو شرف حاصل ڪري رھيا آھيون ـ
ڀاءُ نصير اعجاز ھڪ محقق، سياح، اديب، دانشور ۽ صحافت سان سلھاڙيل بي ڊپو ۽ سچو ساٿي آھي ـ ان سان گڏ علم، ادب، فھم ۽ فراست کيس پنھنجي خاندان ڀريا شھر جي آخوند گھراڻي وٽان سُتيءَ طور نصيب ٿيل آھي ـ اھا سچائي سندس لکڻين ۾، ڀلي کڻي اھي ڪالم، سير سفر، تحقيق ۽ تاريخ متعلق ھجن، چٽيءَ چنڊ روشن ۽ چمڪي رھي آھي ـ
جسُ لھڻي ڀاءُ نصير اعجاز جنھن پنھنجي ماتر ڀُومي ڀريا شھر جي تاريخ، جاگرافي، تعليمي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال، ڪُٽنبن ۽ شخصيتن متعلق ڪئميرا ڪڇ ۾ ۽ ڊائري ۽ قلم ھٿ ۾ کڻي، تحقيق ڪري، تاريخ جي پاتال ۾ گُم ٿيل ورقن کي موتين وانگر غواص جيان ھٿ ڪري حقيقتون اسان سڀني جي آڏو آڻي حاضر ڪيون آھن ـ
اُميد آھي ته ڪتاب ”بھراور کان ڀريا _ تاريخ جو سفر“ تاريخ ۽ تحقيق جي شعبي جي شوقينن ۽ شاگردن جي اُڃ اُجھائيندوـ

والسلام
ماجد بن عرشي
عرشي پبليڪيشن، ڀريا شھر

ڇا لِکي ڇا لِکان

جيئن تاجل بيوس سنڌ لاءِ لکڻ حوالي سان پيار ۽ پاٻوھ وچان چئي ڏنو ته ”ھڪ قلم ھڪڙو مان، ڇا لِکي ڇا لِکان“، تيئن جڏھن سنڌ جي ساھتي پرڳڻي ۽ خاص طور ساھتيءَ جي تاريخي شھر ڀريا تي لکڻ ويٺس ته منھنجي ڪيفيت به بلڪل اھڙي ھئي ـ مطالعي، مشاھدي، ساروڻين، بزرگن توڙي جوانن سان ڪچھرين آڌار جيڪا معلومات ملندي رھي، لکندو ويس پر ڳالھيون کُٽيون ئي ڪونه ٿي، تڏھن مان به مَن ئي مَن ۾ چوندو ٿي رھيس ته ڇا لکي ڇا لکان ـ ڀريا _ منھنجي جنم ڀُومي، جنھن جي گھٽين ۾، گھڻو وقت نه ئي سھي، پر حياتيءَ جا ڪي ورھيه ته گھمندي گذريا ھئا، تنھن شھر کي ٻالڪپڻي واري ڪچڙي سوچ ۽ ذھن توڙي ڳوٺ سان روحاني رشتن واري احساس مان ٻاھر نڪري ھڪ تاريخ نويس جي اک سان ڏسڻو ۽ لکڻو ھيم ـ
ڀريا تي لکڻ جي شروعات سال 2013 جي جنوري مھيني کان ٿي، جڏھن سنڌي رسالي افيئر وارن دوستن فرمائش ڪئي ته سنڌ جي ٻن وڏين ھستين ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ جي حياتيءَ تي خاڪا لکي ڏيان ـ ٻئي ھستيون ڀريا جون ھيون، جن سان اسان جي آخوند گھراڻي جا به تعلقات ھئا ـ ايئن ئي اڳتي ھلي ڀريا بابت ساروڻين کي ڪاوش اخبار لاءِ قلمبند ڪرڻ شروع ڪيم ـ سال 2015 کان ڀريا وڃي نئين سِر گھٽيءَ گھٽيءَ گھمڻ ۽ ڀرين جي پراڻين عمارتن بابت لکڻ سان گڏ ديوان ڪوڙيمل ۽ حشوءَ جي گھرن جي ڳولا به ڪرڻ لڳس ـ پر جيئن جيئن ڀريا جي تاريخ جي تھخاني ۾ لھندو ويس، تيئن تيئن ھن شھر جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ادبي تاريخ جا اھڙا پاسا ظاھر ٿيڻ لڳا، جيڪي سچ ته منھنجي لاءِ نوان ھئا ـ
لکندي لکندي ڪي اھڙا سوال به اُڀريا جن جا جواب ڪي بزرگ ئي ڏئي ٿي سگھيا جن جي سيني منجھه وري سندن وڏڙن کان ٻُڌل قصا ۽ ڪھاڻيون توڙي سندن سانڀر ۾ ڏٺل ۽ ٻُڌل واقعن جا داستان سمايل ھئا ـ ايئن مون کي ڀرين جي حوالي سان زباني تاريخ Oral History به قلمبند ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ـ حقيقت ھيءَ آھي ته مختلف نالن سان ڀرين جي ھيءَ وسندي قديم زماني کان قائم ھوندي ۽ تاريخي اھميت رکندي به ڪتابن ۾ ان جو ڪٿي ڪو ورلي ۽ ٿورڙو ذڪر ملي ٿو ـ ان ڪري ضروري سمجھيم ته مختلف ڪتابن ۾ ملندڙ حوالن، بزرگن سان ڪچھرين ۾ ملين ڄاڻ ۽ ساروڻين کي ھڪ ھنڌ سموئي ڪتابي شڪل ۾ آڻجي، جيڪو ڪم ھن کان اڳ ڪنھن نه ڪيو ھو ـ ڀرين جي تاريخ تي ٿورو گھڻو ڪم خانواھڻ جي ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب ڪيو ھو، جنھن پي ايڇ ڊيءَ لاءِ ساھتي پرڳڻي تي ٿيسز لکي، جنھن ۾ نوابشاھه ضلعي جي شھرن ۽ شصيتن جو ذڪر ڪندي ھن ڀرين تي به ھڪ باب لکي ورتو ـ ان حساب سان چئي سگھجي ٿو ته مرحوم خانائي صاحب ڀرين بابت تحقيق جو بنياد وجھندڙ آھي ـ ان کانپوءِ نوان جتوئيءَ جي خاصخيلي جمال الدين مومن به پنھنجي ٿيسز مان ٻه ڪتابڙا ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۽ ”ساھتيءَ جا استاد“ ڇپرايا جن ۾ ڀرين ۽ ڀرپاسي جي ڪجھه شخصيتن جو ذڪر آھي پر سندن محنت جي باوجود انھن ۾ ڏنل معلومات ۾ بي انتھا غلطيون ھيون ـ انھيءَ جو ھڪڙو ننڍڙو مثال ھيءُ آھي ته ڀرين جي ھڪ ھستي آخوند حاجي فيض محمد بابت ٻه الڳ خاڪا ھڪ ئي ڪتاب ۾ ڏنا ويا جن مان ھڪ خاڪي ”حاجي فيض محمد ميمڻ“ ۾ سندن وڏي فرزند آخوند قادربخش کي سندن ڀاءُ ڄاڻايو ويو ته ٻئي خاڪي ” فيض محمد آخوند ميمڻ“ ۾ سندن ٻئي نمبر فرزند جميل احمد کي به سندن ڀاءُ ڄاڻايو ويو آھي ـ انھن غلطين جي نشاندھي ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ڇو ته آخوند حاجي فيض محمد منھنجو ڏاڏو ۽ آخوند قادربخش منھنجو والد آھي ـ
ڪتابن ۾ان قسم جي غلطين کي نظر ۾ رکندي مان به ھر ملندڙ معلومات کي پرکي ۽ ڏسي وائسي، تصديق ڪري لکڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ وقت وٺڻ لڳس ته جيئن ڀرين جي رھواسين، تاريخ جي شاگردن ۽ مستقبل جي تاريخ نويسن لاءِ ڀرين جي مستند تاريخ لکي وڃان ۽ سندن تنقيد کان به بچي سگھان ـ انھيءَ ڪوشش جي باوجود مونکي ڊپ آھي ته ڪٿي ڪا غلطي رھجي نه وئي ھجي يا ڪا ڪوتاھي نه ٿي ھجي، جنھن لاءِ مان معافي چاھيندس ـ ھڪ ڳالھه مان اڳواٽ باسيندس ته ڪتاب ۾ مختلف ھنڌن تي ڪن نالن ۽ واقعن جو ڪجھه ورجاءُ نظر ايندو جيڪو مواد کي مستند بنائڻ لاءِ مونکي ضروري محسوس ٿيو ـ
”بھراور کان ڀريا _ تاريخ جو سفر“ ڪتاب ۾ جن موضوعن تي لکيو ويو آھي، تن ۾ ساھتي پرڳڻي جي مختصر تاريخ، عربن جي زماني کان اڳ کان وٺي ھيل تائين جي ڀرين جي تاريخ، انتظامي، تعليمي، سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ادبي تاريخ، ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي وڏين شخصيتن، ساڌُن، عالمن، اديبن، شاعرن، استادن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، ججن، سرڪاري ڪامورن جا تفصيل، قديم عمارتن، ماڳن مڪانن بابت ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع شامل آھن ـ ھن ڪتاب ۾ منھنجا اُھي ليک به شامل آھن جيڪي اڳئي ڇپجي چُڪا ھئا، پر مون وڌيڪ تحقيق ذريعي انھن ۾ معلومات جو واڌارو ڪيو آھي ـ ڪتاب جو مُسودو تيار ٿي وڃڻ کانپوءِ مون ڪيترائي ڀيرا ان کي پڙھي، غلطين ۽ ورجاءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ آخري وقت تائين ھر ملندڙ نئين معلومات کي ان ۾شامل ڪيو آھي ـ ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي تصويرون به ڏنل آھن جيڪي ڀريا جي تاريخ جون امين آھن ـ انھن ۾ پراڻي زماني جي آثارن مان مليل چاندي ۽ ٻين ڌاتُن جي سِڪن، مورتي، ٺڪر جي ٿانوَن ۽ ٻين شين جون تصويرون شامل آھن ـ
مان سيد گھراڻي جي شخصيتن ايم پي اي سيد مراد علي شاھه، سيد انور علي شاھه، سيد احتشام علي شاھه، سيد فتح علي شاھه، حاجي بشير احمد ميمڻ، سيد ورند علي شاھه، غلام الرسول ڪيريو، سڪندر علي ڪيريو، صحافي مير محمد سھتو، راڻا شير محمد راجپوت ۽ ٻين قربائتن شخصن جو ٿورائتو آھيان جن ڪتاب جي حوالي سان مون سان تمام گھڻو سھڪار ڪيو ۽ پنھنجو وقت ڏنو ـ سيد مراد علي شاھه، سيد انور علي شاھه ۽ حاجي بشير احمد ميمڻ سان ڪراچيءَ ۾ ۽ سيد احتشام علي شاھه، سيد فتح علي شاھه، سيد ورند علي شاھه، مير محمد سھتي ۽ راڻا شير محمد راجپوت سان ڀرين ۾ توڙي فون تي تفصيلي ڪچھريون ٿيون ۽ کوڙ مواد مليو ـ
خاص ٿورا محمد ابراھيم سومري صاحب جا مڃيندس، جنھن کي مان ھن ڪتاب جو ڄڻ ته شريڪ ليکڪ Co-author سمجھان ٿو ڇو ته ھن ڪيترن ئي ورھين کان ڀرين جي تاريخ تي ڪيل مطالعي جي ڪري منھنجي گھڻي رھنمائي ڪئي ۽ سرڪاري نوڪريءَ وارين مصروفيتن جي باوجود روبرو ملاقاتن توڙي روزانو يا ھفتي ۾ ٻه ٽي ڏينھن ٽيليفون تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ خيالن ۽ معلومات جي ڏي وٺ ڪرڻ سان گڏ گھربل مواد ۽ ڪي ڪتاب مُھيا ڪيا، مختلف ڪتابن جي نشاندھي ڪئي ۽ مشورا ڏنا ـ حقيقت ھيءَ آھي ته ڀرين بابت ابتدا ۾ ساروڻين تي ٻڌل ڪجھه مضمون لکڻ کانپوءِ مونکي ڀرين تي باقاعدگيءَ سان تحقيق ڪرڻ لاءِ اُتساھه ڏياريندڙ محمد ابراھيم سومرو ئي آھي ـ ھتي مان ھڪ نوجوان خليق الرحمان ڪيرئي جو به ٿورو مڃيندس جنھن مونکي حشو ڪيولراماڻيءَ جي فرزند گل راماڻيءَ ۽ ديوان ڪوڙيمل جي تڙپوٽي وِجي کلناڻيءَ سان رابطا ڪرڻ ۽ ڪجھه ٻيو مواد ھٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اڪثر رابطي ۾ رھيو ـ صحافي مير محمد سھتي جو نوجوان فرزند سراج مير به مددگار ثابت ٿيو ۽ ڪِن ماڳن جون تصويرون ڪڍي موڪليندو رھيو ـ
آخر ۾ انجنيئر ماجد علي سومري صاحب جا ٿورا مڃڻ لازمي آھي جنھن ڀرين جي ھر دوري ۾ پنھنجي مصروفيتن باوجود وقت ڪڍي شھر جي گھٽي گھٽي گھمائي ۽ ماڻھن سان ملاقاتون ڪرايون ۽ ڀرين تي سموري مواد کي ميڙي ۽ وڌيڪ تحقيق ڪري ضخيم ڪتاب لکڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ان ڪتاب کي ڇپرائڻ جي ذميواري کنئي ـ
اُميد آھي ته پڙھندڙن کي ڀرين جي تاريخ تي لکيل ھيءُ پھريون مفصل ڪتاب پسند ايندو ـ مان ھن ڪتاب کي ماضيءَ جي تاريخ نويسن جي تحقيق جو تسلسل سمجھان ٿو ڇو ته تحقيق ھڪ جاري رھندڙ عمل آھي ۽ اُميد رکان ٿو ته تاريخ سان دلچسپي رکندڙ موجوده دور توڙي ايندڙ وقت جا محقق ڀريا تي وڌيڪ تحقيق ۾ ضرور پنھنجو ڪردار ادا ڪندا ڇو ته اڄ کان ايندڙ پنجاھه يا سئو سالن ۾ موجوده ڀريا جي شڪل ڇا ٿي بيھي، ڪنھن کي خبر ناھي ۽ ان وقت جي نسل کي به ڀريا جي تاريخ ھنن ڪتابن مان ئي معلوم ٿيندي ـ

نصير اعجاز
سنڌي پاڙو، شانتي نگر، گلشنِ اقبال، ڪراچي، سنڌ

سنڌ جو وچولو _ ساھت جو سمنڊ

سنڌ جي ھر علائقي جو پنھنجو رنگ رُوپ، سونھن ۽ سڀاءُ، تاريخي اھميت، ادب ۽ ثقافت ۾ ڪردار آھي، جنھن ڪري جيڪو به شخص جڏھن به ھن ڌرتيءَ جي ڪنھن به ھنڌ تان لنگھندو ته کيس ھڪ الڳ قسم جو رومان ملندو، ڪھاڻيون ملنديون ـ
ساھتي پرڳڻو، سنڌ جو وچولي وارو علائقو، به علم ادب ۽ ثقافتي ورثي جي لحاظ کان گھڻو مالا مال آھي ـ ڪجھه محققن جو خيال آھي ته ھن علائقي ۾ قبل مسيح واري زماني ۾ به انساني وسنديون ھيون ـ تاريخ ۾ گھڻو پوئتي وڃجي ته معلوم ٿئي ٿو ته آرين کانپوءِ ھتي ٻُڌ مت ۽ جَين مت جا ماڻھو به آباد رھيا آھن ـ
ساھتي پرڳڻي، جنھن کي ڪنھن زماني ۾ لُھاڻو پرڳڻو به چيو ويندو ھو، جي خاصيتن ۾ معياري ٻولي، ادب ۽ ثقافت نمايان ھيون ـ ايئن ڪونھي ته سنڌ جا ٻيا علائقا انھن ڳالھين ۾ پوئتي آھن يا انھن جي ايتري اھميت ڪانھي پر ڪتابن ۾ جيڪا سنڌي ٻولي پڙھجي ٿي، ان ۾ ساھتي پرڳڻي جي ٻولي شامل آھي ـ انگريزن جي زماني ۾ جڏھن سنڌي لِپيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاھي وئي تڏھن ان ڪميٽيءَ ساھتي پرڳڻي سميت سنڌ جي وچولي علائقي جي سنڌيءَ کي اسٽينڊرڊ يا معياري ٻولي پڌرو ڪيو ھوـ ھونئن به ساھت اکر سنسڪرت ٻوليءَ جو آھي جنھن جي معنى ئي آھي علم، ادب ۽ ثقافت ـ
ھن علائقي تي ساھتي پرڳڻو نالو ڪيئن پيو؟ ڇا صرف ان ڪري جو پراڻي زماني کان ھيءُ علائقو علم ۽ ادب جو مرڪز ھو يا ساھتي نالي پٺيان ٻي ڪا ڪھاڻي آھي؟ انھيءَ تي وڏا بحث ٿيا آھن پر محقق ڪنھن نتيجي تي ڪونه پھتا آھن ـ ڪن جھونن ليکڪن ۽ خاص طور ھندو برادريءَ جي دانشورن جو خيال آھي ته ساھتي يا ساھتيه نالو ھن علائقي تي سھتا برادريءَ جي ڪري پيو، ڇوته ڪافي تعداد ۾ سھتا ذات جا ماڻھو ھن خطي ۾ رھن ٿا ـ لوڪ رام ڏوڏيجا پنھنجي ڪتاب ”منھنجو وطن، منھنجا ماڻھو“ ۾ لکي ٿو ته سھتا قبيلو سھتا سنگھه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو جيڪو موڏا سنگھه يا موڙا سنگھه سنڌي راجپوت جو پٽ ھوـ سندس چوڻ موجب جوڌپور جي ٻن شھزادن جو اقتدار تان جھيڙو ٿي پيو جنھن کانپوءِ موڙا سنگھه جوڌپور ڇڏي سنڌ جي ڀر واري علائقي تي حڪمراني ڪرڻ لڳو جڏھن ته سندس پٽ سھتا سنگھه سنڌ جي ان علائقي تي قبضو ڪري پنھنجي جاگير ٺاھي جيڪو جوڌپور جي سرحدن سان لڳندڙ ھو ـ ان کان ٿورو اڳ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ھئي پر پوءِ عرب حاڪم راجپوتن جي حملن کان پاڻ کي بچائي نه سگھيا ۽ موڙا سنگھ جي چوٿين نمبر پٽ سھتا سنگھ سنڌ جي وچولي وارو علائقو به ھٿ ڪيو ۽ تڏھن کان سھتا سنگھه جي نالي پٺيان سھتا قبيلو وجود ۾ آيو ۽ ھيءُ علائقو سھتا قبيلي پٺيان ساھتيه پرڳڻو سڏجڻ لڳوـ ان بيان موجب سھته برادريءَ جي تاريخ محمد بن قاسم کان پوءِ جي دور ۾ شروع ٿئي ٿي ـ لوڪ رام جو چوڻ آھي ته مورو شھر به سھتا سنگھه جي پيءُ موڙا سنگھه جي نالي پٺيان قائم ٿيو ـ ھڪ ٻئي ليکڪ ميان نيڪ محمد سھتي به پنھنجي فارسي ڪتاب ”تاريخِ سھتا قوم“ ۾ ان قصي کي محمد بن قاسم واري دور سان ڳنڍيندي بيان ڪيو آھي ته جوڌپور جي حاڪم جي وفات کانپوءِ سندس ٻن پٽن وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ تڪرار ٿيو ۽ نيٺ گھڻي ڇڪتاڻ کانپوءِ ھڪ شھزادو تخت جو وارث ٿيو ته ان جو ڀاءُ موڙا سنگھ محمد بن قاسم وٽ دانھن کڻي آيو ۽ مدد لاءِ چيائينس پر محمد بن قاسم کيس سنڌ ۾ رھڻ لاءِ جاگير ڏني ۽ ھُو پڻ سنڌ ۾ رھي پيو ـ موڙا سنگھ کي ست پٽ ھئا جن مان سھتو چوٿون نمبر پٽ ھو جنھن مان سھتا قوم (قبيلو) سڏجڻ ۾ آيو ۽ موڙا سنگھه جيڪا جاگير پٽ کي ڏني اھا سندس نالي پٺيان ”ساھتي پرڳڻو“ سڏجڻ ۾ آئي ـ
لوڪ رام ڏوڏيجا ۽ ميان نيڪ محمد سھتي جي ان قصي سان سھمت نٿو ٿي سگھجي ڇو ته عربن جي سنڌ بابت لکيل تاريخ چچنامي ۾ اھڙو ڪوبه واقعو يا قصو بيان ڪيل نه آھي ـ ٻئي تاريخدان اھي قصا ايئن بيان ڪن ٿا ڄڻ ھن خطي ۾ ٻيو ڪو ماڻھو اڳي آباد ئي ڪونه ھو ـ ٻيو ته سنڌ جي خالص سنڌي نسلن کي به ھروڀرو عربن سان ڳنڍڻ جي به بي تُڪي روايت پيل آھي ـ ٻنھي ليکڪن جي بيان کي تاريخ جو ھيءُ حوالو رد ڪري ٿوـ سال 1947 ۾ ھندستان جي ھڪ محقق مولانا سيد ابو ظفر ندويءَ جي ڇپيل ڪتاب ”تاريخِ سندھ“ موجب جڏھن محمد بن قاسم عرب لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو تڏھن به سھته، سمه ۽ لاکا موجوده ساھتي علائقي ۾ موجود ھئا ـ مولانا ندوي لکي ٿو: ”بھراور مان محمد بن قاسم ھليو ۽ سمه قوم جي حدن ۾ پھتو ـ“ وري ٻئي پئراگراف ۾ لکي ٿو:”ھتان ڪُوچ ڪري سھته (يا سمه) وٽ پھتو ـ“ محقق انھن کي جاٽ ۽ راجپوت قومون سڏي ٿو ـ بھراور مان ھلي سھته وٽ پھچڻ واري ڳالھه مان گُمان ٿئي ٿو ته بھراور (موجوده ڀريا وارو علائقو) سھتن جي حدن ۾ ڪونه ھو ـ
انگريزن جي زماني جو ڊپٽي ڪليڪٽر شيخ صادق علي شير علي انصاري پنھنجي ڪتاب ”شارٽ اسڪيچز آف مسلمان ريسز فائونڊ ان سنڌ، بلوچستان اينڊ افغانستان“ ۾ لکي ٿو ته سھتا اصل ۾ سمه قبيلي جي ھڪ شاخ آھن ـ صادق علي ڪجھه اھڙن ڪتابن جا حوالا به ڏئي ٿو جن سمن جي لڇ وڃي عربن سان ڳنڍي آھي ـ مثال طور تحفته الڪرام موجب سمه قبيلو نبي سڳوري جي چاچن ابو جِھل يا ابو لھب جي نسل مان آھي يا وري مُلڪ پارس جي بادشاھه جمشيد جي نسل مان يا حضرت نوح جي پٽ شيم جي نسل مان آھي ـ تحفته الڪرام ۾ اھو به خيال ڏيکاريل آھي ته سمه ڪنھن شخص جو نالو ھو، جنھن کانپوءِ اھو نالو سندس نسل تي پئجي ويو ـ تاريخِ فرشته به سمن کي حضرت نوح جي اولاد مان لکي ٿي ـ ھڪ ٻئي بيان موجب ابو جھل زھر وگھي نبي سڳوري کي ختم ڪرڻ گھريو ۽ ان لاءِ ھن ھڪ شخص اڪريما کي ذميواري ڏني جنھن اھو زھر نبي سڳوري کي ڏيڻ بدران پاڻ کائي ڇڏيو ـ نبي سڳوري ان شخص کي ”اڪريما سماوي“ سڏيو جنھن جو مطلب آھي زھر کائيندڙ ۽ سمجھيو وڃي ٿو ته سمه انھيءَ شخص جو نسل آھن ۽ ان نسل جا ماڻھو ڪڇ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ سماويءَ مان سمه سڏجڻ ۾ آيا ـ سمن کي اڃان به اسلامي رنگ ڏيڻ لاءِ ٻي روايت آھي ته سمه لفظ ”سامھون“ مان نڪتو جڏھن ھنن اسلام قبول ڪيو ـ شيخ صادق بھرحال لکي ٿو ته اھا ڳالھه پڪي آھي ته سمه اڳي ھندو ھئا ۽ عربن کان به اڳ سنڌ جي حاڪمن منجھان ھئا ۽ نبي سڳوري جي چاچن جي نسل مان ڪونه ھئا ۽ سنڌ تي عربن جي ڪاھه وقت ڪونه آيا ھئا ـ سندس چوڻ موجب لاکا، راڄپر، اُنڙ توڙي سھته سمه قبيلي جون شاخون آھن ـ سنڌ گزيٽيئر (1959) جو ليکڪ ايڇ ٽي سورلي به لاکن، سھتن، سومرن ۽ لھاڻن کي سمه قبيلي جون شاخون سڏيندي چچنامي ۽ ٻين ڪتابن جا حوالا ڏئي ٿو ۽ لکي ٿو ته انھن ذاتين کي سماٽ سڏيو وڃي ٿو ـ سورلي به شيخ صادق جي ڪتاب جا حوالا ڏنا آھن ـ خير محمد ٻرڙي سيوھاڻيءَ به سندس ڪتاب ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ مٿي ڄاڻايل ڪتابن جي مدد سان بحث ڪيو آھي ـ سندس چوڻ موجب سمه ۽ سومرا اصل ۾ پاڻ ۾ سئوٽ آھن ـ ھڪ ٻيو ليکڪ سھيل ظھير لاري پنھنجي انگريزي ڪتاب ”اَ ھسٽري آف سنڌ“ ۾ مٿي بيان ڪيل ڳالھين جا حوالا ڏيڻ بعد ھڪ واڌارو ڪندي لکي ٿو ته ابنِ بطوطه جڏھن سنڌ ۾ آيو ته ھُو سمن ۽ سومرن ۾ فرق نه ڪري سگھيو ـ ابنِ بطوطه جو خيال آھي ته اھي محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ آيا ۽ شام ملڪ جا ھئڻ ڪري شامي سڏيا ويا جن مان ڦري سمه سڏجڻ ۾ آيا ـ بھرحال سھيل ظھير لاري ڪجھه وڌيڪ حوالا ڏيندي چوي ٿو ته سمه قبيلي جا ماڻھو 325 قبل مسيح ۾ به سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي آباد ھئا جڏھن سڪندر اعظم سنڌ ۾ آيو ھو ـ سڪندر اعظم جي ڪن تاريخ نويسن ”سمبُو“ جو ذڪر ڪيو آھي جيڪو اصل ۾ سمو ٿي سگھي ٿو ـ ان بحث جي روشنيءَ ۾ چئي سگھجي ٿو ته سھته، لاکا، لُھاڻا، راڄپر ۽ ٻيون سماٽ ذاتيون قديم زماني کان ھن خطي ۾ آباد آھن ۽ سندن عربن جي نسل توڙي عربن جي زماني ۾ آيل سھته سنگھ سان ڪو واسطو ڪونھي ۽ اھڙي طرح ساھتي پرڳڻو سھتا برادريءَ جي ڪري سڏجڻ جو به ڪو تاريخي ثبوت نٿو ملي ـ سنڌ جي ھڪ ڪاموري مرحوم محمد صلاح الدين قريشيءَ، جنھن مختلف عھدن تي رھندي سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي، وڏي تحقيق کانپوءِ ھڪ ڪتاب ”سنڌ _ اَ ٽائيم ڪئپسُول آف ھيريٽيج“ لکيو، جنھن ۾ سندس خيال آھي ته برھمڻ چچ گھراڻي کان اڳ سنڌ ۾ ساھي (ساھسي) گھراڻي جو راڄ ھو، ۽ ڪنڊياري ۽ نوشھري جا تعلقا اڳي توڙي اڄ به ساھتي سڏجن ٿا ۽ سھته قبيلو، جنھن ۾ ڍوڊا، جھنڊير ۽ ونڊير شامل آھن، ان گھراڻي پٺيان سڏجن ٿا ـ ھُو لکي ٿو ته اھو علائقو ”شاھو لُھاڻي جو پرڳڻو“ سڏبو ھو، جنھن جي حدن ۾ شھدادپور، جھول ۽ کپرو شھر به اچي ٿي ويا ۽ ان جو حدون امرڪوٽ تائين ھليون ٿي ويون ـ (ٽالپرن جي زماني جي سنڌ جي ھڪ نقشي موجب مير شير محمد ٽالپر جي ميرپور خاص واري صاحبيءَ جون حدون نوشھري فيروز سان ملنديون ھيون) ـ جيئن ته اھي قبيلا راجا ڏاھر جا به وفادار ھيا، تنھنڪري انھن مان ڪي ڏاھري به سڏجن ٿا ـ انھن سماٽ قبيلن مان سندن چڱا مڙس ڄام سڏائن ٿا جيڪي ان علائقي ۾ اڄ به آباد آھن ـ ڪن تاريخي حوالن سان ليکڪ ٻڌائي ٿو ته عربن کان ھزار ورھيه اڳ ”ھِنايان“ نالي ٻُڌ فرقي جو ھڪ مُکي ”سماٽيا“ نالي سان ھو، ۽ ٿي سگھي ٿو ته سمه قبيلو انھيءَ جي نالي پٺيان سڏبو ھجي ـ صلاح الدين صاحب جي تحقيق موجب انگريزن 1850 ۾ ساھتيءَ بابت ھڪ رپورٽ تيار ڪئي ھئي جنھن جا نقشا کيس روينيو رڪارڊ مان مليا ھئا ـ
ايڇ ٽي لئمبرڪ پنھنجي ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ“ ۾ چچنامي ۽ ٻين حوالن سان ھيٺ ڄاڻايل ڪي سِٽون لکيون آھن، جن کي پڙھڻ کانپوءِ سمن ۽ سھتن جي عربي نسل توڙي سھته سنگھه واري ٿيوريءَ جي ڪابه اھميت نٿي رھي ـ لئمبرڪ لکي ٿو:”چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم لُھاڻا قبيلي جي جاٽن بابت پُڇا ڪئي جنھن تي کيس ٻڌايو ويو ته اھي ڏاڍا ظالم آھن ۽ حاڪمن جا سدائين نافرمان رھيا آھن ۽ شاھراھن تي ڌاڙن ھڻڻ جي عادت اٿن ـ اھو ٻڌڻ تي عرب جنرل انھن لاءِ ساڳين سخت ۽ توھين آميز سزائن جو حڪم ڏنو جيڪي راءِ چچ انھن کي اڳي ڏنيون ھيون ـ محمد بن قاسم کي اھو به ٻڌايو ويو ته راءِ چچ سمه ۽ لاکا قبيلن لاءِ به ساڳيون لُھاڻن واريون سزائون مقرر ڪيون ھيون پر عرب جنرل سمن ۽ سھته قبيلي جي ماڻھن سان ڪجھه بھتر نموني پيش آيو ـ“ ھُو لکي ٿو ته سھتا انھيءَ علائقي ۾ آباد آھن، جيڪو ھاڻي سندن نالي پٺيان (ساھتي) سڏيو وڃي ٿو ـ لئمبرڪ لکي ٿو ته سنڌ ۾ رھندڙ سھتا، جن مان ڪي ھندو ته ڪي مسلمان آھن، تِن کي انھن سھتن جا پونئير سمجھڻ گھرجي جن جو ذڪر چچنامي ۾ ٿيل آھي ـ
سھتا برادريءَ ۽ ساھتي پرڳڻي بابت بحث جي پڇاڙيءَ ۾ ايڇ ٽي سورلي جي مٿي ڄاڻايل گزيٽيئر مان ھڪ پئراگراف ھتي ڏيڻ سان ڳالھه اڃان وڌيڪ واضح ٿي ويندي ـ صفحي نمبر 257 تي سورلي لکي ٿو: ”ھندو واپارين جي ھڪ ٻي ذات آھي سھته، جنھن لاءِ ھن گزيٽيئر جي 1901 واري ايڊيشن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اھا سمه قبيلي جي شاخ آھي جنھن مذھب مٽائي مسلمان ٿيڻ جي مزاحمت ڪئي ھئي ـ سمجھيو وڃي ٿو ته سھته، جيڪي پنھنجي راجپوت نسل ھجڻ جي دعوى ڪن ٿا، مٿن نوشھري فيروز تعلقي جي ھڪ ڳوٺ ”ساھتي“ جي ڪري اھو نالو پيو ھجي، جتي اھي اڳي آباد ھئا ـ اھي واپاري به آھن ته زمينداري به ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ به آھن ـ انھن مان اڪثر ڌرمي لحاظ کان ويشنو آھن ـ اھي ٻين ذاتين مان ته ڇوڪرين سان پرڻو ڪن ٿا پر پنھنجون نياڻيون ٻين ذاتين ۾ نٿا ڏين ـ اھي گوشت، مڇي ۽ شراب نٿا واپرائن ۽ سندن ريتون رسمون لُھاڻن سان ملن ٿيون ـ“ سورلي 1901 جي گزيٽيئر جي حوالي سان ”ساھتي“ کي ڳوٺ ڄاڻايو آھي، اھو ٿي سگھي ٿو ساھتي پرڳڻو ئي ھجي ۽ جيڪڏھن ان ٿيوريءَ کي بنياد بنائجي ته پوءِ اھو گمان ڪري سگھجي ٿو ته سھتا برادريءَ تي نالو ساھتي پرڳڻي جي ڪري پيو ھوندو ـ انھيءَ موضوع تي بحث لاءِ وري به ميدان کليل آھي ۽ محقق ان تي تحقيق ڪري ڪو نتيجو ڪڍن ته بھتر آھي ـ
ڪلھوڙن جي صاحبيءَ ۾ ساھتي پرڳڻو ٻن حصن ۾ ورھايل ھو ـ ھڪ ڪنڊيارو پرڳڻو ۽ ٻيو نوشھرو پرڳڻو ـ ساھتي پرڳڻو اڳوڻي نوابشاھه ضلعي جي ڪنڊيارَي، نوشھرو فيروز ۽ مورو تعلقن تي مشتمل ھو جنھن ۾ ٺارُوشاھه، مٺياڻي، ڀريا، درٻيلي ۽ ھالاڻيءَ سميت 52 ننڍڙا شھر ۽ ڳوٺ شامل ھئا ـ انھن 52 شھرن ۽ ڳوٺن جا نالا ھن ريت آھن: تعلقو نوشھرو فيروز: ڀريا، ڀرياروڊ، پڊعيدن، درياخان جلباڻي، چانھين، گھيڙگجُو،کاھي، مولھڻ، ٺاروشاھه، ڀورٽي، سخي دادواھه، دليپوٽه، ٺٽ ھوتچند، اَبجي، مٺياڻي، ابڙان، ڪلھوڙا، ڦُل، چِيھو، درياخان مري ۽ نوشھروفيروز ـ تعلقو ڪنڊيارو: خانواھڻ، ھالاڻي، بھلاڻي، محبت ديرو جتوئي، ڪوٽڙي ڪبير، ڪنڊيارو، درٻيلو، بگوديرو، مَڃُٺ، محرابپور، لاکاروڊ ۽ ڪمال ديرو ـ تعلقو مورو: سِيھڙ، ڏيپارجا، ملڪ، چنيجا، نوان جتوئي، پرڻ، مناھي، سڌوجا، مورو، گچيرو، شاھپور، دولتپور، سونھيرو، مکنڊ، ساوڙي، پٻجو، سن، ٺُل مير رُڪڻ ۽ ڪٻيري ـ
انھيءَ کان به اڳ 1555 ۾ اھو درٻيلو پرڳڻو سڏبو ھو، جنھن جو ھيڊڪوارٽر ڊڀريو شھر ھو ـ انگريزن جي زماني ۾ اھو سمورو ساھتي پرڳڻو نوابشاھه ضلعي جو حصو ھو ـ نوابشاھه کي ضلعي جو درجو انگريزن جي زماني ۾ 1912 ۾ مليو ھو جنھن کي 1903 ۾ تعلقي نصرت جو نالو ڏنل ھو جڏھن ته 1989 جي آخر ڌاري نومبر مھيني ۾ نوابشاھه ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورھائي نوشھري فيروز جي نالي سان نئون ضلعو ٺاھيو ويو جنھن ۾ اڳوڻا ٽي تعلقا نوشھرو فيروز، مورو ۽ ڪنڊيارو شامل ڪري ڀريا جو درجو وڌائي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي ـ ايئن تعلقن جو تعداد چار ٿي ويو پر 2005 ۾ محرابپور کي به تعلقي جو درجو ڏئي ان ۾ شامل ڪيو ويو ـ ضلعي ھيڊڪوارٽر نوشھري فيروز ۾ رکيو ويو ـ ھن ضلعي ۾ جيڪي ننڍا شھر ۽ ڳوٺ اچن ٿا تن ۾ اُتر ۾ محرابپور ۽ ھالاڻيءَ کان وٺي ڏکڻ ۾ موري تائين ۽ اولھه ۾ درٻيلي ۽ ٺاروشاھه کان وٺي اوڀر ۾ ڀريا روڊ ۽ پڊعيدن تائين سمورا علائقا شامل آھن ـ انھيءَ حساب سان قديم زماني جي ساھتي پرڳڻي جون حدون ٿوري گھڻي فرق سان اھي ئي آھن جيڪي اڄ نوشھري فيروز ضلعي جون آھن ـ نوشھري فيروز ضلعي جون حدون اُتر ۾ خيرپور ضلعي سان، اولھه ۾ دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن سان، ڏکڻ ۾ نوابشاھه ضلعي سان ۽ اوڀر ۾ سانگھڙ ضلعي سان ملن ٿيون ـ
سرڪاري انگ اکرن موجب نوشھري فيروز ضلعي جي ايراضي ٽي ھزار ۽ ستاويھه (3027) چورس ڪلوميٽر آھي ۽ سال 2017 جي آدمشماريءَ موجب ضلعي جي ڪل آبادي سورھن لک، ٻارھن ھزار، ٽي سئو ٽيھتر (1.612373 ملين) آھي جنھن موجب ھڪ چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ 532 ماڻھو آباد آھن ـ سال 1972 ۾ ھتان جي آبادي ڪل 6 لک، 85 ھزار، 829 ھئي ـ موجوده آباديءَ ۾ مردن جو تعداد 8 لک، 32 ھزار، 569 ۽ عورتن جو تعداد 7 لک، 79 ھزار، 747 آھي ـ اڪثريتي آبادي جيڪا مجموعي طور 12 لک، 32 ھزار، 571 آھي، ٻھراڙين ۾ رھي ٿي جڏھن ته شھري آباديءَ جو ڪُل انگ 3 لک، 79 ھزار، 802 آھي ـ نوشھري فيروز ضلعي جي تعلقي ڀريا جي ڪل آبادي ٽن لکن کان ٿورو وڌيڪ آھي جڏھن ته ڀريا ٽائون ڪميٽيءَ جي حدن ۾ ايندڙ علائقن ۾ 17 ھزار، 827 آدم رھي ٿو ۽ ڀريا شھر جي آبادي 14 ھزار، 81 آھي جنھن ۾ 2017 کانپوءِ ھيل تائين ڪجھه واڌارو ٿيو ھوندو ـ ضلعي جي آباديءَ ۾ ھندو برادريءَ جو تناسب فقط 1.3 (ھڪ ڀاڱي ٽي) سيڪڙو آھي ـ
سرڪاري انگ اکرن موجب نوشھري فيروز ضلعي ۾ پڙھيل ماڻھن جي شرح 55 سيڪڙو آھي ـ ھتي سنڌي، اردو، پشتو، بلوچي، براھوي، پنجابي ۽ سرائڪي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون ۽ اھي سمورا قبيلا ۽ برادريون آباد آھن جيڪي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ موجود آھن ـ مجموعي طور 88 سيڪڙو سنڌي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي جڏھن ته اردو ڳالھائيندڙن جي شرح 5.7 ۽ پنجابي ڳالھائيندڙن جي شرح 4.4 سيڪڙو آھي ـ
ضلعي ۾ سرڪاري تعليمي ادارن کانسواءِ وڏي تعداد ۾ خانگي تعليمي ادارا به قائم آھن ـ سرڪاري پرائمري اسڪولن جو تعداد 2300 جي ويجھو آھي جڏھن ته 140 مڊل اسڪول، 56 ھاءِ اسڪول، 18 ھائر سيڪنڊري اسڪول، ڇوڪرن جا ڇھه ۽ ڇوڪرين جا ٻه ڪاليج قائم آھن ـ نوشھري فيروز شھر ۾ بحريه ۽ آءِ بي اي (انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريشن) سکر جا ڪاليج به قائم آھن ـ ٽي مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ، ٻه ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ، ڇوڪرين جا ٻه ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ، خانگي شعبي ۾ ھڪ لاڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا به ڪم ڪري رھيا آھن ـ ڪجھ ورھين کان ھتي شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھه جي ڪئمپس به قائم ٿيل آھي جتي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي تعليم تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ـ
ضلعي ۾ ڪا به ٽيچنگ اسپتال ڪانھي ۽ صرف پنج تعلقي اسپتالون آھن جڏھن ته ضلعي ھيڊڪوارٽر ۾ قائم تعلقي اسپتال کي به جديد سھولتون مليل ناھن ـ رورل ھيلٿ سينٽرن جو انگ 12، ٽي بي ڪلنڪس جو انگ 70، بنيادي صحت مرڪزن جو تعداد 45، وٽرنري سينٽرن جو تعداد 52 ۽ وٽرنري اسپتال صرف ھڪ آھي ـ
ھن ضلعي ۾ ڪوبه ھوائي اڏو ڪونھي جڏھن ته مين ريلوي لائين اوڀر ۾ ڪجھه شھرن وٽان لنگھي ٿي ـ انگريزن جي وڇايل لوپ لائين 1990 کان بند ھجڻ جي ڪري ضلعي جي اندروني علائقن ۾ ريلوي سروس ڪانھي جيڪا اڳي سمورن علائقن کي محرابپور تائين ڳنڍيو بيٺي ھئي ـ ضلعي ۾ پڪن رستن جي ڊيگھ 1300 ڪلوميٽرن کان ڪجھه وڌيڪ آھي جڏھن ته ٻه سئو کن ڪلوميٽر ڪچا رستا آھن ـ سرڪاري ۽ خانگي ٽپال سرشتي توڙي انٽرنيٽ ۽ موبائل ۽ لينڊلائين ٽيليفون جي سھولت به ميسر آھي ـ
ضلعي جي معيشت جو دارومدار ننڍين صنعتن، واپار، ماھيگيري ۽ زراعت تي آھي ـ ھتان جي موسم گرم آھي ۽ ساليانو سراسري طور ھڪ سئو ملي ميٽر برسات وسي ٿي ـ آبپاشيءَ جا ٻه اھم وسيلا روھڙي ڪئنال ۽ نصرت ڪئنال آھن جيڪي دائمي وھن ٿا ۽ زراعت جو سمورو دارومدار انھن تي آھي ـ ھونئن نولکي واھه نوشھري فيروز ضلعي جو سڀ کان پُراڻو واھه آھي جيڪو ڪلھوڙن جي راڄ کان به اڳ ھن خطي کي سيراب ڪندو ھو ـ ضلعي جون زمينون تمام زرخيز آھن جن ۾ ھر قسم جا فصل ۽ ميوا ٿين ٿا ـ اولھه ۾ سنڌو درياھه وھڻ ڪري ھتي ٻيلا به آھن جن ۾ مٺياڻي، ڀورٽي، ڀونئر، محبت ديرو، ڪمال ديرو ۽ دليپوٽا وارا ٻيلا شامل آھن جتي ٻٻر، ڪنڊي، تمر، لئي، ٽالھي ۽ ٻيا وڻ جام ٿين ٿا ـ
پراڻي زماني کان ساھتي پرڳڻو وڻج واپار جو مرڪز ھوـ ھتان جا ميوا، مٺايون ۽ ھٿ جو ھنر مشھور ھئا ـ جھونا ماڻھو ٺاروشاھه جون موسميون، ليما، بافتي جو ڪپڙو، ڀريا جا پيڙا، ڪنڊياري جا ڀڳڙا، نوشھري فيروز جا انگوڇا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ھٿ جون ٺھيل شيون ۽ آڏاڻي تي ٺھيل ڪپڙو اڄ به ياد ڪن ٿا ـ ڀريا جا پيڙا فرمائشن تي لنڊن تائين تحفي طور موڪليا ويندا ھئا ـ قومي شاھراھه تي سفر ڪندڙن کي انھن علائقن مان لنگھندي رستي جي ڀر ۾ باغ ۽ ھٿن ۾ موسم جي حساب سان زيتون، مالٽا ۽ ٻيو ميوو کڻي ڪيترائي ڳوٺاڻا نوجوان وڪرو ڪندي نظر ايندا ـ ساھتي پرڳڻو تعليم جي لحاظ کان به مشھور ھو ڇو ته ڀريا ۾ اڻويھين صديءَ جي آخر ڌاري 1886 ۾ ڇوڪرن جي تعليم لاءِ ڪوڙو مل چندن مل کلناڻيءَ پاران اسڪول قائم ڪيو ويو ـ نياڻين جي تعليم لاءِ درسگاھه جو ان وقت بنياد وڌو ويو جڏھن نياڻين جي تعليم جو ڪو تصور ڪونه ھو ـ اھڙي طرح سُتت ئي درٻيلي جي سيد الھندي شاھه نوشھري فيروز ۾ مدرسا ھاءِ اسڪول جو بنياد وڌو ـ انھيءَ ئي اسڪول مان شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽي به تعليم حاصل ڪئي ـ لافاني ڪلاڪار ماسٽر چندر جي جنم ڀومي ٺاروشاھه ۾ اينگلو ورناڪيولر اسڪول نوابشاھه ضلعي جي لوڪل بورڊ پاران 1895 ۾ قائم ڪيو ويو جنھن جو درجو وڌائي 1924 ۾ ھاءِ اسڪول ڪيو ويو ـ ھندو پئنچائت 1946 ۾ اتي انٽرميڊئيٽ ڪاليج به قائم ڪرڻ واري ھئي جڏھن ته 1924 ۾ ئي اتي نياڻين لاءِ مڊل اسڪول قائم ڪيو ويو ھو ـ لوڪل بورڊ ھاءِ اسڪول جي ميدان تي ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون کيڏيون وينديون ھيون ـ موسمين ۽ ليمن جي باغن ۾ گھيريل ٺاروشاھه شھر اندر ڀائي گوڌورام جي ٽڪاڻي تي ماسٽر چندر جون محفلون ٿينديون ھيون ۽ ساھتي پرڳڻي جا ٻيا ڀڳت به اچي گڏبا ھئا ـ ٺاروشاھه جي شاھي بازار سموري ڍڪيل ھوندي ھئي ـ شھر ۾ ھڪ سرڪاري اسپتال به قائم ھئي جڏھن ته 1944 ۾ ٺاروشاھه کي بجلي به مھيا ڪئي وئي ـ ٺاروشاھه ۾ ريلوي اسٽيشن جو به بنياد 1922 ۾ پيو ھو ـ ٺاروشاھه شھر لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1792 ڌاري قائم ٿيو جڏھن ڀريا ۽ ٺاروشاھه جي وچ ۾ قائم قديم وسندي ڪوٽ بھادر ۾ رھندڙن وچ ۾ ڦوٽ پئي جنھن کانپوءِ ٺاروشاھه نالي سيد ڪوٽ بھادر ڇڏي ھتي اچي آباد ٿيو ۽ ھيءُ شھر سندس نالي پٺيان سڏجڻ لڳو ـ
درٻيلو يا ڊڀريو به ساھتي پرڳڻي ۾ اھم حيثيت رکندڙ علائقو رھيو آھي ـ مٿي ٻڌايو ويو آھي ته درٻيلو پرڳڻي جو نالو ھو ۽ ڊڀريو درٻيلي پرڳڻي جو شھر ھو ـ سال 1555 جي ھڪ نقشي ۾ درٻيلي کي پرڳڻي طور ڏيکاريو ويو آھي ـ اھو ئي درٻيلو آھي جيڪو ساھتي پرڳڻي جو ڪنھن زماني ۾ مرڪز ھو ته شير شاھه سوريءَ ھٿان ڀاڄ کائي مغل بادشاھه ھمايون به اتي اچي پڙاءُ ڪيو ھو ـ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان به گھڻو اڳ انگريز واپاري يا سندن گماشتا درٻيلي کان وٺي ڀريا تائين ٿيندڙ پيداوار جي خريداريءَ لاءِ ايندا رھندا ھئا ـ ھالاڻيءَ وارو علائقو ته سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو جو 1783 ۾ ھتي ٽالپرن ۽ ڪلھوڙن جي جنگ لڳي جنھن ۾ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي شڪست کاڌي ۽ سنڌ تي ٽالپرن جو راڄ شروع ٿيو ـ
قومي شاھراھه پراڻن وقتن کان ساھتي پرڳڻي جو ھڪ قدرتي لنگھ رھيو آھي جتان ڪيترائي جارح ايندا ويندا رھيا آھن ـ چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم به اھو ئي رستو اختيار ڪيو ھو ۽ نوشھري فيروز واري علائقي ۾ (ان وقت نوشھري وارو موجوده شھر ڪونه ھو) پڙاءَ ڪندو اڳتي وڌيو ھو جنھنڪري ان علائقي ۾ خيرپور جيان کجين جا باغ به جام آھن ـ ھتي احمد شاھه ابداليءَ به پڙاءُ ڪيو ته ايران جي نادرشاھه به لشڪرڪشي ڪئي ۽ جنرل چارلس نيپئر ته حيدرآباد ڏانھن ڪاھه ڪندي فبروري 1843 ۾ لشڪر وٺي ھڪ ھفتي تائين ٽڪيو پيو ھو ـ محقق لکن ٿا ته موجوده نوشھري فيروز جو بنياد 1681 ۾ ڪلھوڙا حڪمرانن جي ھڪ سپھه سالار فقير فيروز ويراڙ وڌو ھو جنھن ساھتي پرڳڻو فتح ڪري ان علائقي کي پنھنجو ھيڊڪوارٽر ٺاھيو ـ انگريزن ته نوشھري ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر به مقرر ڪيو ھو ۽ سندس سب ڊويزن جي حد سڪرنڊ تائين ھوندي ھئي ـ
ڀريا شھر، جنھن لاءِ ھندستان لڏي ويل سنڌي پاڻ کي ڀرين جو سڏائيندي فخر محسوس ڪندا آھن، تاريخ ۾ بھراور ۽ ڪجھه ٻين نالن سان به سڏيو ويو، جنھن تي ھن ڪتاب ۾ الڳ بحث ڪيل آھي ۽ ساھتي پرڳڻي جا ڪجھه وڌيڪ تفصيل به ڏنل آھن ـ
ساھتي پرڳڻي جي اتھاس جي ھيءَ بلڪل مختصر جھلڪ آھي ـ سنڌ جي ھن وچولي علائقي کي ساھت جو سمنڊ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته نه رڳو ماضيءَ ۾ ھتي ناليوارا وڏا اديب ۽ تعليمي ماھر جنم وٺي چُڪا آھن پر اڄ به وڏي تعداد ۾ اديب، شاعر، سياستدان، ڪامورا ساھتي پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا ـ جسٽس محمد بچل ميمڻ، جسٽس حفيظ ميمڻ، سيد الھندو شاھه، سيد محمد علي شاھه سيد ظفر علي شاھه (درٻيلو)، حميد سنڌي ۽ ٻين ناليوارن ماڻھن جي لسٽ لکڻ ويھبو ته وڏو ڪتاب تيار ٿي ويندو ۽ وري ساھتي پرڳڻي جي تاريخ تي ته ڪيئي ڪتاب ٺھي ويندا ـ سورھيه بادشاھه شھيد پير صبغت الله شاھه جو 1943 ۾ حيدرآباد ۾ ڪيس وڙھندڙ وڪيل ڏيئل مل به نوشھري فيروز جو ھو ـ سنڌ جو ھڪ وڏو وزير قاضي فضل الله (8 مئي 1950 کان 24 مارچ 1951) به اصل نوشھري فيروز جو ھو جيڪو ھتان لڏي وڃي لاڙڪاڻي ۾ آباد ٿي وڪالت ڪرڻ لڳو ھو ـ
ساھتي پرڳڻي سان پيار ڪندڙ ان جي تاريخ کي سھيڙڻ واري ڪم ۾ جنبيل آھن ۽ کوڙ علمي ۽ ادبي ڪتاب ڇپرائي چُڪا آھن ـ ڪجھه ورھيه اڳ نوشھري فيروز ضلعي جي تاريخ تي سيمينار ڪوٺائي اُتي پڙھيل سمورن مقالن کي توڙي مورو شھر واري علائقي بابت سيمينار جي مقالن کي سھيڙي اسلم عباسي ٻه وڏا ڪتاب ڇپرائي چڪو آھي ـ ايئن ئي ٺاروشاھه جو بشير ھيسباڻي بينڪ جي نوڪريءَ تان رٽائر ٿي ساھتي پرڳڻي جي شخصيتن ۽ تاريخ تي ڪتابن کي سھيڙي رھيو آھي ـ ھڪ شاندار ڪم نوشھري فيروز جو اڳوڻو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر سيد ذوالفقار شاھه ڪري ويو جنھن ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ذريعي مومن بُلو کان تحقيق ڪرائي ھڪ وڏو دستاويز تيار ڪرائي نوشھري فيروز ضلعي يا ايئن چئجي ته ساھتي پرڳڻي جي تاريخ کي تصويري شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ـ ھن ڪتاب ۾ ساھتي پرڳڻي جي تاريخي ماڳن مڪانن جون تصويرون شامل آھن ـ ھن انھيءَ سان گڏ ساڳئي ڪم کي ٽن ٻولين ۾ دستاويزي فلم جي شڪل ۾ به تيار ڪرائي ورتو جيڪا سي ڊيز جي شڪل ۾ موجود آھي ـ

بَھراوَر کان ڀِريا _ تاريخ جو سفر

جيئن تاريخ جي وَروَڪڙ پيچرن تان لنگھندي سنڌ جا ڪيترائي آباد شھر، ڳوٺ ۽ وستيون واھڻ ميسارجي چُڪا آھن، تيئن وري ڪيترن ئي شھرن ۽ وستين واھڻن جا نالا مَٽجي ويا آھن ـ انگريز آفيسر ايڊوَرڊ ٿارنٽن Edward Thornton جو 1844 ۾ لنڊن ۾ ڇپيل ٻن جِلدن وارو گزيٽيئر A Gazetteer of the Countries Adjacent to India on the North-West (Sinde, Afghanistan, Beloochistan, The Punjab and the neighbouring States) پڙھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ ۾ ڄاڻايل سنڌ جا ڪيترائي قديم شھر ۽ آباديون اڄ پنھنجو وجود وڃائي چُڪيون آھن ۽ ڪيترن ئي شھرن جا نالا به مَٽجي چُڪا آھن ـ انھيءَ حقيقت جو اظھار انگريزن جي وفادار مُنشي خان بھادر خُداداد خان به عيسوي سال 1900 ۾ لکيل ڪتاب ”لُبِ تاريخِ سنڌ“ ۾ به ڪيو آھي ـ مثال طور سندس چوڻ آھي ته صدين جي تاريخي سفر ۾ شھرن جا نالا تبديل ٿيڻ جي عمل جو وڏو ثبوت سيوھڻ شھر آھي، جيڪو شِيو آستان، سيستان ۽ سيوستان مان ڦرندو گھرندو سيوھڻ جي شڪل اختيار ڪري ويو آھي ـ
نالي مَٽجڻ وارو ساڳيو حال ڀريا سِٽيءَ سان به ٿيو آھي، جنھن کي ڪڏھن بَھراوَر ۽ بَھرووَر ته ڪڏھن بَھرالا جو نالو ڏنو ويو ۽ نيٺ اھو ڀِريا تي اچي دنگ ٿيو، پر شُڪر آھي ته انھيءَ تاريخي وسنديءَ جو وجود اڄ به قائم آھي ـ ڀِريا جو تاريخن ۾ ذڪر ته گھٽ ٿيو آھي، پر سندس وڏي تاريخي اھميت رھي آھي ـ ڀِريا جي تاريخ جا پيرا کڻڻ جي ڪوشش ۾ معلوم ٿئي ٿو ته ماضيءَ ۾ ڀِريا جي جاگرافيائي بيھڪ ۾ به مَٽ سَٽ ٿي آھي ـ
جڏھن ڀِريا جو ذڪر ڪجي ٿو ته ممڪن آھي ته ڪجھه پڙھندڙن جي ذھن ۾ ڀِريا روڊ جو نالو اچڻ سبب مونجھارو ٿئي ـ اصل ۾ ڀريا شھر ۽ ڀريا روڊ ٻه الڳ وسنديون آھن ـ ڀِريا روڊ جو اصل نالو ”ماڇڪي“ ڳوٺ ھو، جنھن تي ڀريا روڊ جو نالو تڏھن پيو جڏھن انگريزن 19 ھين صديءَ ۾ ريلوي لائين وڇائي ۽ ھتي ريلوي اسٽيشن ٺھي جتي ڪراچي يا ٻين ھنڌن تان ايندڙ مسافر لھندا ھئا ۽ ڇھه ميل (10 ڪلوميٽر) اولھه ۾ ڀريا سٽيءَ ۽ ٻين وسندين ڏانھن ويندا ھئا ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ورھاڱي کان اڳ ڇپيل پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته پڊعيدن وارو ريل جو رستو (جيڪو ڀريا روڊ کان لنگھي ٿو) 1896 ۾ کُليو ـ
ڀريا روڊ اسٽيشن کُلڻ کانپوءِ ڀريا شھر ۾ ريلوي بُڪنگ ايجنسي قائم ٿي جتان ھندستان جي ڪنھن به علائقي ڏانھن اچڻ وڃڻ جي ٽڪيٽ ملي سگھندي ھئي ـ
ريلوي اسٽيشن ھجڻ ڪري ڀريا روڊ واپاري مرڪز ٿي ويو ۽ سندس آبادي به وڌندي وئي ـ ھاڻ ممڪن آھي ته ڀريا روڊ جي آبادي پندرھن ھزارن کان به ٽپي وئي ھجي ـ باقي ٻي ترقيءَ جو ھتي ڪو به تصور ڪونھي ۽ اسان کي اھي ئي ڀڳل رستا، گندگي، پاڻيءَ جي اڻھوند، بجليءَ ۽ گئس جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا سنڌ جي ٻين علائقن جيان ملندا ـ

ڀِريا (سِٽي) نالي جي اصل وسندي، جيئن مٿي ذڪر ٿيو آھي، ڀِريا روڊ جي اولھه ۾ قومي شاھراھه تي آھي، جنھن جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽر پري نوشھري فيروز جو تاريخي شھر، 10 ڪلوميٽر اولھه ۾ ٻيو تاريخي شھر ٺاروشاھه ۽ 22 ڪلوميٽر اُتر ۾ ٽيون تاريخي شھر ڪنڊيارو آھي ـ ٻنھي ڀِريائن جي وچ ۾ وڏو وارياسو پَٽُ آھي ۽ روھڙي ڪئنال به وھي ٿو جيڪو 1932 ۾ تعمير ٿيل سکر بئراج مان نڪري ٿو ـ روھڙي ڪئنال ڀريا سٽيءَ کان اڌ ميل اوڀر ۾ آھي جنھن جي پُل ٽپڻ سان ڪجھه پنڌ تي دريا خان جلباڻي ڳوٺ آباد آھي ـ (ڪجھه وقت کان ھن ڳوٺ جي نالي تي تڪرار ھلي رھيو آھي ـ ڪي چون ٿا ته اھو صرف جلباڻي ڳوٺ آھي ۽ ٻيا ان کي دريا خان جلباڻي ڳوٺ سڏين ٿا جيڪو پراڻي وقت کان مشھور آھي) ـ جلباڻي ڳوٺ ۽ ڀريا روڊ وچ ۾ وارياسي پَٽ لاءِ تاريخي آثارن آڌار چيو وڃي ٿو ته ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياھه اتان وھندو ھو ـ نوشھرو فيروز لاءِ، جيڪو اڳي نوابشاھه ضلعي جو حصو ھو، سنڌ جي ھڪ وڏي محقق محمد حسن پنھور 1964 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب Ground Water in Hyderabad and Khairpur ۾ انگريز ماھر ھينري ڪزنس Henry Cousens جي ڪتاب Antiquities of Sindh جو حوالو ڏيندي لکيو آھي ته سنڌوءَ جي وھڪري ۾ تبديليون نوابشاھه ضلعي اندر گھڻيون ٿيون ۽ سڪندر اعظم جي زماني کان وٺي سنڌو درياھه پنھنجو وھڪرو مٽائيندو 18 ميل اولھه ۾ ھليو ويو آھي ـ اڳي سنڌو لُھاڻي ڍوري مان لنگھندو ھو جيڪو نوشھري فيروز تعلقي ۾ ھو ـ پنھور صاحب لکي ٿو ته جڏھن ستين عيسوي صديءَ (641 عيسويءَ ۾ _ بن قاسم جي حملي کان ستر ورھيه اڳ) ۾ چيني سياح يان چانگ Yuan Chwang سنڌ ۾ آيو ھو ته ان وقت ھتي چچ جي بادشاھت ھئي ۽ سنڌو ندي ڪنڊياري تعلقي ۾ اُترئين پاسي 17 ميل پري وھندي ھئي جتان ديھات نالي ھنڌ وٽان چچ ندي ٽِپي بغاوت کي چيڀاٽڻ آيو ھو ـ ھُو وڌيڪ لکي ٿو ته اٺين عيسوي صديءَ ۾ به سنڌو ندي لُھاڻي ڍوري مان لنگھندي ھئي جيڪو نوشھري فيروز کان ٻه ٽي ميل اوڀر ۾ لنگھندو ھو ۽ ذري گھٽ نائين صديءَ ۾ به سنڌوءَ جو وھڪرو لُھاڻي ڍوري وٽان ھو ـ انگريز ليکڪ ايڇ ٽِي لئمبرڪ به پنھنجي ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ _ اَ جنرل انٽروڊڪشن“ (جِلد پھريون _ سنڌي ادبي بورڊ 1964) ۾ لکي ٿو ته چچ بادشاھه ديھات ڳوٺ وٽان مھراڻ ندي ٽپيو ھو جيڪو ڪنڊياري تعلقي جي سرحد تي ھو، جتي موجوده سنڌو درياھه جو پراڻو وھڪرو لُھاڻي ڍوري مان لنگھندو ھو ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ به پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو :”ڪنڊياري کان وٺي نوشھري فيروز، موري ۽ سڪرنڊ تائين ڪيترا شھر ۽ ڳوٺ وڏن دڙن تي ٻڌل آھن ۽ ڪيترن ھنڌن تي وارِي آھي ـ اھي وڏا دڙا ۽ وارِيءَ جا ڍِڳ اھوئي اُھڃاڻ ڏين ٿا ته اڳي درياھه ڪنڊياري، نوشھري ۽ موري تعلقن مان انھن دڙن وٽان ئي وھندو ھو ـ“ اعجازالحق قدوسي به ”تاريخِ سنڌ“ ڪتاب ۾ چچ جي ھن علائقي ۾ اچڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”برھمڻ آباد جي ويجھو پھچڻ کانپوءِ چچ برھمڻ آباد ۽ لُھاڻا جي والي لاکن، سمن ۽ سھتن جي سردار اگھم لُھاڻي ڏانھن اطاعت جو پيغام موڪليو ـ چچ ڳوٺ دھتايت (ديھات) وٽان مھراڻ پار ڪري، جيڪا سما قوم ۽ الور جي سرحد ھئي، ٻُڌيا ۽ سيوستان ڏانھن روانو ٿيو ـ“ ھتي سنڌوءَ جي وھڪري جو ذڪر ڪرڻ ضروري ھو ڇو ته ڀريا جو وجود درياھه جي ڪري ئي اھميت رکندڙ ھو، جتان اناج جو واپار ٻيڙين ذريعي ٻين علائقن سان ٿيندو ھو ـ
موجوده ڀريا سِٽيءَ جو نالو اڳي ڇا ھو ۽ ڪڏھن کان اھا وسندي ھتي يا آسپاس قائم ھئي، ان ڏس ۾ ھيٺ ڪجھه تاريخي بيانن ذريعي ان ڏس ۾ بحث ڪبو ـ
فارسيءَ منجھان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ”فتحنامه سنڌ _ چچنامو“ (سنڌيڪار مخدوم امير احمد _ تصحيح ۽ تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ سنڌي ادبي بورڊ ٽيون ڇاپو 1976) ۾ بيان ڪيو ويو آھي ته ”محمد بن قاسم برھمڻ آباد جي بندوبست ۽ اُڀرندي، اُلھندي جي ڳوٺن ۽ پسگردائي جي معاملن کي مضبوط ڪرڻ کانپوءِ منزل پٽي سائونديءَ جي پسگردائيءَ ۾ انھيءَ جاءِ تي لٿو جنھن کي ”منھل“ چون ٿا ـ اُتي ھڪ فرحت افزا ڍنڍ ۽ سرسبز چراگاھه ھو جنھن کي وڪر بھار چوندا ھئا ـ ھن اُتي ڍنڍ جي ڪناري منزل ڪئي ـ اُتان جا سڀ ماڻھو شمني ۽ ٻُڌ واپاري ھئا جن سندس فرمانبرداري ڪئي ـ پوءِ ھو اُتان منزل پٽي وڃي ”بھراور“ ۾ لٿو ۽ پنھنجي ماڻھن کي (ھتي انھن عربن جا نالا ڏيڻ ضروري ڪونھي) اھلِ بھراور علائقي جي دنگ ڏانھن موڪليائين ـ ھڪ راوي علي بن محمد جي روايت لکندي وڌيڪ بيان ڪيو ويو آھي ته جڏھن محمد بن قاسم لُھاڻي پرڳڻي جي ڪم کان واندو ٿي سھته (قوم جي پرڳڻي) جي منزل تي آيو ته سندن رئيسن ۽ مُکيه ماڻھن مٿا ۽ پير اُگھاڙا ڪري سندس استقبال ڪيو ۽ اَمان گھري ـ انھن کي پڻ اَمان ڏئي مٿن ڍل مقرر ڪري ضامن ورتائين ۽ رستي جون منزلون طئه ڪري اروڙ پھچڻ گھريائين ۽ سُونھنِ کي اڳ ۾ ڪري اروڙ تائين آيو جيڪو تختگاھه ۽ سنڌ جو وڏو شھر ھو جتي جا رھاڪو اڪثر واپاري، ھنرمند ۽ ھاري ھئا ـ راجا ڏاھر جو پُٽ گوپي انھيءَ قلعي تي قبضو ڪيو ويٺو ھو ۽ ڪوبه ماڻھو راجا ڏاھر جي ڪُسجي وڃڻ جي خبر سندس اڳيان بيان ڪري نٿي سگھيو ـ ھُو چوندو ٿي رھيو ته راجا ڏاھر اڃان جيئرو آھي ۽ ھند جو لشڪر وٺي اچڻ لاءِ ويل آھي ـ محمد بن قاسم ھڪ مھينو ان قلعي جي سامھون ھڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي ھڻي ويٺو ۽ پوءِ اروڙ وارن سان جنگ شروع ڪيائين ـ بيان موجب جيئن ته اروڙ وارن راجا ڏاھر جي ڪُسجي وڃڻ واري خبر نٿي مڃِي، تنھنڪري راجا ڏاھر جي زال لاڏيءَ کي ڪاري اُٺ تي سوار ڪري اعتماد جوڳن ماڻھن سان گڏ قلعي اڳيان موڪليائين جنھن قلعي وارن کي ٻڌايو ته راجا ڏاھر ڪُسجي ويو آھي ـ“
چچنامي ۾ بيان ڪيل مٿينءَ روايت ۾ سھته قوم (ذات يا برادري) جي پرڳڻي جو ذڪر آھي، جنھن کي ساھتي پرڳڻو ئي سمجھيو وڃي ٿو جنھن ۾ موجوده نوشھرو فيروز ضلعي جون حدون شامل آھن ۽ ڀريا شھر انھيءَ جو اھم حصو آھي ـ راجا ڏاھر اروڙ کان اڳ ئي ٻئي ھنڌ عرب لشڪر سان ويڙھه ۾ شھيد ٿي چُڪو ھو ـ اِھو ڪھڙو ھنڌ ھو جتي راجا ڏاھر عرب لشڪر سان مقابلو ڪيو، تنھن بابت تاريخون ٻڌائن ٿيون ته اھو مقابلو راوڙ واري قلعي جي علائقي ۾ ٿيو ھو، پر بھراور جو علائقو ڪھڙو ۽ ڪٿي ھو، تنھن لاءِ چچنامي جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھن ريت بيان ڪيو آھي : ”محمد بن قاسم ساوندڙي يعني ساوڙي (چچنامي ۾ سائوندي لکيل آھي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو ـ جيئن ته محمد بن قاسم اروڙ طرف وڃي رھيو ھو، تنھنڪري بھراور جي تلاش ساوڙيءَ کان اُتر طرف ڪرڻ گھرجي ـ ھن کان اڳ ڏٺو ويو آھي ته محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڏانھن ايندي ”جلوالي“ جي ڍوري تي اچي منزل انداز ٿيو ھو ۽ ساوندڙيءَ ۾ به وڪر بھار جي ڍنڍ تي اچي لٿو ـ انھيءَ مان گمان نڪري ٿو ته پاڻيءَ جي سھولت جي لحاظ کان محمد بن قاسم جي فوج اڪثر درياءَ جي ڦاٽن جو ڪنارو وٺي پئي ھلي ـ تنھنڪري قرين قياس آھي ته محمد بن قاسم ساوندڙي ڇڏڻ کانپوءِ مھراڻ جي ڪنھن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اُتر طرف ڪُوچ ڪيو ھجي ـ انھيءَ قديم ڍوري جا نشان ھن ساوڙيءَ کان اُتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي وانءِ، چيھي جي اولھه طرف ڀريا ۽ ھالاڻي بھلاڻيءَ وٽان اڃان تائين ظاھر بيٺا آھن ـ“
بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو : ”انھيءَ قديم ڍوري جي رُخ ۽ رستي جي لحاظ کان بھراور مان ڀريا ۽ بھلاڻي جو گمان نڪري ٿو ـ بھلاڻي ڪافي پراڻي بستي آھي ۽ جيئن ھالاڻي (ھالا قوم جي بستي) تي ھالا قوم جي پويان نالو پيل آھي، تيئن ممڪن آھي ته بھلاڻي (ڀلاڻي، ڀراڻي، ڀرياڻي) تي به ڀريا قوم جي پويان اھو نالو پيل ھجي ـ انھيءَ گمان موجب بھلاڻي توڙي ڀريا ، اھي ٻئي نالا ڀريا قوم جي بستين پويان پيل ٿا ڀائنجن ـ ڀريا قوم به سھتن ۽ لاکن وانگر شايد سنڌ جي آڳاٽي قوم ھئي ـ ٿي سگھي ٿو ته بھراور (ڀراور _ ڀريا) ڀريا قوم جي ڏاکڻي بستي ھجي جيڪا موجوده ڀريا شھر جي آسپاس ھئي ـ “
”سرزمين تي تلاش ۽ تحقيق ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته اھو قديم ڍورو، جنھن جا نشان ڀريا جي اوڀر طرف موجود آھن، انھيءَ جي ڪناري تي قديم کنڊرات موجود آھن ـ انھن کنڊرات مان ڪافي عربي ۽ ٻيا قديم سڪا لڌا آھن جيڪي ڀريا جي رئيس سيد امام علي شاھه وٽ موجود آھن (بدقسمتيءَ سان ۽ عوام منجھه شعور نه ھجڻ سبب اھي کنڊر ھن وقت ميسارجي چُڪا آھن _ ليکڪ) ـ انھن کنڊرن ۽ سڪن مان پڪي ثابتي ملي ٿي ته اھا قديم بستي عرب دور کان اڳ توڙي عرب دور ۽ پوءِ واري دور ۾ موجود ھئي ـ ساڳي طرح موجوده بھلاڻي به قديم کنڊرن تي ٻڌل آھي ۽ انھيءَ ڪري فتحنامي جو بھراور ٿي سگھي ٿو ته ڀريا جي لڳ يا بھلاڻيءَ وٽ ھو،“ ھُو لکي ٿو ـ
سيد امام علي شاھه، جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش ڪيو آھي، تنھن جو فرزند سيد انور علي شاھه ٻڌائي ٿو ته واقعي سندس والد وٽ ڀرين جي قديم آثارن مان لڌل سِڪا ۽ ٻيون شيون ھونديون ھيون، جيڪي سندن لاڏاڻي کانپوءِ سيد احتشام شاھه (امام علي شاھه جي ٽئين نمبر فرزند) پاڻ وٽ رکيون ـ سيد انور علي شاھه جي سئوٽ ايم پي اي سيد مراد علي شاھه به تصديق ڪئي ته قديم آثارن مان پراڻي زماني جون شيون لڌيون ھيون ـ ڀرين جي پراڻي نالي بابت ھن جو چوڻ ھو ته ان کي ڀراور به سڏيندا ھئا ـ ”اھي قديم آثار ڀرين جي ڪنڀرن جي پاڙي جي پريان ھوندا ھئا، جتان سِڪا لڀندا ھئا،“ ھن ٻڌايو ـ سندس چوڻ موجب ڀرين جي ڏکڻ ۾ ٻه ميل کن پري ڳوٺ قاسم کاھيءَ تي اھو نالو چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم جي ڪري پيو جنھن جي لشڪر شايد ان ھنڌ پڙاءُ ڪيو ھو ـ سيد احتشام علي شاھه ٻڌائي ٿو ته سندس والد کي قديم آثارن مان ھٿ آيل سِڪا چانديءَ، ٽامي ۽ ٻئي ڌاتُوءَ جا آھن، جيڪي اڄ به وٽس سانڍيل آھن ـ ”سِڪا ڪافي تعداد ۾ آھن، جيڪي لڳي ٿو ته راجا ڏاھر، عربن، مغلن ۽ پوءِ جي زماني جا آھن،“ ھن ٻڌايو ـ (سِڪن جون تصويرون ھن ڪتاب ۾ شامل آھن)
ايڇ ٽي لئمبرڪ به مٿي ڄاڻايل ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ“ ۾ ساھتي پرڳڻي ۽ بھرَووَر (بھراور) جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:”ڏيپر گھانگھرو جا قديم آثار، جتي ھڪ اسٽوپا آھي، ساوَنديءَ وارا ٻُڌ آباديءَ جا آثار ٿي سگھن ٿا جتي محمد بن قاسم برھمڻ آباد ڇڏڻ کانپوءِ پھريون پڙاءُ ڪيو ھو ـ ان کانپوءِ محمد بن قاسم بھرَووَر ڏانھن وڌيو ھو جنھن کانپوءِ سمه ۽ سھتا وٽس پيش پيا جن کان ھن الور (اروڙ) ڏانھن وڃڻ جا گس ۽ پڙاءَ ڪرڻ لاءِ مناسب ھنڌ معلوم ڪيا ـ وارياسي پَٽ جي اولھه ۾ روھڙيءَ واري ٽڪر کان ڏکڻ ۾ ويندڙ سمورو علائقو ”ساھتي“ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو ۽ اسان اھو نتيجو ڪڍي سگھون ٿا ته عرب لشڪر جيڪو گس اختيار ڪيو اُھو لُھاڻي ڍوري جي اوڀر ۾ درياھه کان گھڻو پري ڪونه ھو ـ“ (لئمبرڪ اھو نتيجو انگريز آرڪيالاجسٽ ھينري ڪزنس جي ڪتاب The Antiquities of Sindh ۾ بحث ڪيل ڳالھين ۽ ان ساڳئي ڪتاب جي آڌار ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي بحث مان ڪڍيو آھي)
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي مرحوم، جنھن جو تعلق ساھتي پرڳڻي جي شھر خانواھڻ سان ھو، سندس ساھتي پرڳڻي بابت پي ايڇ ڊي ٿيسز جي ھڪ باب تي مشتمل ڪتاب ”نوابشاھه ضلعو _ تاريخي شھر ۽ شخصيتون“ (نوابشاھه ڪلچرل سوسائٽي _ 1987) ۾ لکي ٿو : ”ڀريا جي موجوده شھري آباديءَ کان اڳ ھيءُ شھر سنڌو درياھه جي ڪپ سان ٻڌل ھو ـ قديم زماني ۾ ھن شھر جو وڏو اوج ھو ۽ ساھتيءَ جي اھم ۽ مُکيه شھرن ۾ شمار ٿيندو ھو ـ“ ڀريا جي قدامت بابت تحقيق آڌار ھُو لکي ٿو: ”اڳئين زماني ۾ ھتي ھڪ وڏو مضبوط قلعو تعمير ٿيل ھو ۽ انھيءَ قلعي ۽ شھر جا آثار اڄ به کنڊرن جي شڪل ۾ موجوده ڀريا جي اُتر ۾ ھالاڻيءَ کان ايندڙ قومي شاھراھه جي بلڪل لڳ نظر اچن ٿا (موجوده وقت انھن کنڊرن جي جاءِ تي ٻنيون آباد آھن) ـ ان زماني ۾ سنڌو درياھه ھن شھر جي قلعي جي بلڪل لڳ وھندو ھو، جنھن جا نشان اڄ به ڍورن جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا ـ جڏھن ته ڍورن جي موجودگي سنڌو درياھه جي قديم وھڪري جو ثبوت ڏئي ٿي ـ“
چچنامي ۾ آيل بيان ۽ مير علي شير قانع جي لکيل تاريخ ”تحفته الڪرام“ جا حوالا ڏيندي خانائي گمان ڏيکاري ٿو ته ”دراصل ڀريا جي قديم بستي (بھراور) پنھنجي پراڻي ويراني وٽ آباد ھئي ۽ سنڌو درياھه سندس ڀرسان وھندو ھو ـ ھيءُ شھر مکيه بندر ھو ۽ ھتي اھم فوجي چوڪي ھئي ـ شھر جي چوڌاري ھڪ قلعو ھو، جتي الور (اروڙ) طرف دشمن جي ڪنھن به حملي کان بچاءَ لاءِ وڏو لشڪر رھندو ھو ـ چچنامي جي بيان مان اھا ڳالھه ظاھر ٿئي ٿي ته سن 93 ھجريءَ جي شوال مھيني ۾ محمد بن قاسم فوج وٺي برھمڻ آباد طرف پيش قدمي ڪئي ته ان وقت رستي ۾ ٻه مضبوط قلعا ھئا جن مان ھڪ ”دھليل“ يعني ”دليل ڪوٽ“ ۽ ٻيو بھراور يعني ڀريا ھو ـ بھراور جي قلعي ۾ راجا ڏاھر جي سورھن ھزار فوج رھندي ھئي ـ محمد بن قاسم ٻن مھينن تائين ھن قلعي جو گھيرو قائم رکيو ۽ نيٺ فتحياب ٿيو ـ“
اعجازالحق قدوسي پنھنجي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد بن قاسم سيوستان کان ٻيڙين جي پُل ذريعي مھراڻ درياھه ٽپيو ۽ ھڪ ڍنڍ وٽ پھتو جتان راوڙ جي قلعي ڏانھن وڌيو جتي راجا ڏاھر موجود ھو ـ راجا ڏاھر پنھنجي پُٽ جيسينا کي فوج ڏئي مقابلي لاءِ موڪليو جيڪو جنگ ھارائي واپس ڀڄي پيءُ وٽ پھتو ـ انھيءَ کانپوءِ پھرين رمضان 93 ھجريءَ (عيسوي سن 711) تي راجا ڏاھر سان جنگ لڳي جيڪا ڏھه ڏينھن ھلي ـ (ان جنگ ۾ راجا ڏاھر شھيد ٿيو ۽ سندس لاش ھڪ ڍنڍ وٽ گپ ۾ پوريو ويو ۽ عرب لشڪر کي ھٿ نه آيو پر پوءِ ھڪ ماڻھوءَ محمد بن قاسم کي ڏس ڏنو ھو) ـ قدوسي وڌيڪ لکي ٿو:”راوڙ جو قلعو فتح ڪري شوال 93 ھجري (712ع) ۾ محمد بن قاسم برھمڻ آباد نڪري پيو ۽ رستي ۾ بَھرووَر قلعو آيو جنھن ۾ سورھن ھزار سپاھين سندس مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ٻن مھينن تائين جنگ ھلي جنھن ۾ ڏينھن رات حملا ٿيندا رھيا ـ حملن ۾ قلعي جون ڀتيون مختلف ھنڌن تان ڊھي پيون ۽ عرب لشڪر اتان اندر گھڙي قبضو ڪيو ـ ان کانپوءِ ھنن دھليلا (دھليل) ڏانھن رُخ ڪيو جتي جا واپاري اڳ ئي ڊپ وچان قلعي مان نڪري ويا ھئا ـ“
تاريخن ۾ ان حوالي سان تضاد ڀريل آھي ـ ھڪ ته برھمڻ آباد شھدادپور جي به پريان آھي ۽ اروڙ وڃڻ لاءِ محمد بن قاسم کي اوڏانھن وڃڻو نه پيو ھوندو بلڪه جڏھن ھن ٽلٽيءَ وٽان درياھه پار ڪيو ته اُتر ڏانھن رُخ رکيو ھوندائين جتي رستي ۾ بھراور جو قلعو ھو جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھو محمد بن قاسم کان به اڳ انھيءَ ھنڌ تي ھڪ مضبوط فوجي قلعو ھو ۽ عربن جي حملي وقت به موجود ھو ـ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چچنامي ۾ شامل ڪيل پنھنجي تحقيق ۾ لکي ٿو ته محمد بن قاسم ساوندڙي (ساوڙي) مان ڪُوچ ڪري وڃي بھراور ۾ لٿو، پر جنھن جو ذڪر تاريخِ معصوميءَ ۾ نٿو ملي ـ تاريخِ معصوميءَ جي انگريزي ترجمي History of Sindh – 710 to 1590 ۾، جيڪو خيرپور جي مير علي مراد ٽالپر جي درٻار ۾ رھندڙ انگريز ڪئپٽن جارج گرين وِل مئليٽ Captain George Grenville Malet ميرن جي منشي پير محمد جي مدد سان فارسي زبان ۾ لکيل نسخي تان 1846 ۾ ڪيو ھو، ٻڌايو ويو آھي ته محمد بن قاسم سيوھڻ فتح ڪرڻ بعد ٽلٽيءَ وٽان سنڌو درياھه ٽپي اروڙ ڏانھن وڌيو ـ جيئن ته راجا ڏاھر کي نجومين پاڻ اڳتي وڌڻ کان روڪيو ھو، تنھنڪري ھن پنھنجي ڪجھه فوج رواني ڪئي جيڪا ڪچيري ڪولاب (گچيري ڍنڍ، جنھن جو ذڪر 1953 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپرايل تاريخِ معصوميءَ جي سنڌي ترجمي ۾ مترجم مخدوم امير احمد ڪيو آھي) جي ڪپ تي وڃي لٿي ـ ٻئي ڏينھن ٻنھي فوجن ۾ ڇتي جنگ لڳي ۽ راجا ڏاھر جي فوج جا ڪيترائي سپاھي مارجي ويا ۽ ٻين ۾ ڀاڄ پئي جو سندن سپھ سالار گھوڙي تان ڪري پوڻ سبب لشڪر سمجھيو ته اھو مارجي ويو آھي ـ ”پوءِ محمد بن قاسم الور ڏانھن وڌيو،“ تاريخِ معصومي ٻڌائي ٿي، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته راجا ڏاھر ۽ محمد بن قاسم جي فوجن ۾ لڙائي ڀريا ويجھو نه پر گچيري ڍنڍ وٽ لڳي جيڪا موجوده مورو شھر جي ويجھو ھئي ـ تاريخ ۾ مورو جو ذڪر ڪونھي ڇو ته اھو شھر گھڻو پوءِ جو ٻَڌل لڳي ٿو ـ
ھندستان جو ھڪ تاريخ نويس مولانا سيد اَبُو ظفر ندوي 1947 ۾ ڇپيل پنھنجي اردوڪتاب ”تاريخِ سندھه“ ۾ وري ٻي ڪھاڻي ٿو لکي ـ سندس چوڻ موجب راجا ڏاھر راوڙ واري قلعي ۾ موجود ھو، جنھن سان جنگ لاءِ محمد بن قاسم درياھه ٽپي اڳتي آيو جتي سندن وچ ۾ ھڪ ڍنڍ ھئي جنھن جو نالو ”ڪڇري“ ھو ـ مولانا صاحب ڏنگين ۾ ان نالي جي وضاحت ڪندي ”ڪينجھر“ لکي ٿو، جيڪو ڪنھن به لحاظ کان صحيح نٿو لڳي ـ احمد آباد، گجرات ۾ رھندڙ مرحوم تاريخ نويس شايد ڪڏھن سنڌ ڪونه آيو ھو ۽ نه ئي کيس سنڌ جي علائقن جي ڪا ڄاڻ ھئي ـ مختلف ڪتابن تان کنيل باقي واقعا ساڳيا ئي بيان ڪري ٿو جيڪي گچيري واري ڍنڍ جي حوالي سان ڪتابن ۾ ٻڌايل آھن ـ مولانا صاحب فرمايو ته عرب لشڪر جون راجا ڏاھر سان ست جنگيون لڳيون ـ ”ھڪ جنگ نيرون ڪوٽ ۽ اشيھار جو قلعو فتح ڪرڻ کانپوءِ نيرون ڪوٽ وٽان لنگھندڙ سنڌو درياھه جي ھڪ شاخ جي اُلھندي ڪپ تي؛ ٻي جنگ جھم واري ھنڌ، جتي عرب لشڪر ٻيڙين جي پُل ٺاھي درياھه اُڪريو؛ ٽين جنگ جيور واري ھنڌ ڪينجھر ڍنڍ لڳ؛ چوٿين جنگ ستين رمضان تي ڪينجھر ڍنڍ ٽپي وڪري واھه جي ڪناري تي؛ پنجين جنگ اٺين رمضان تي ساڳئي ھنڌ؛ ڇھين جنگ نائين رمضان تي وڪري واھه ٽپي راجا ڏاھر سان وڙھي وئي جنھن جو فيصلو نه ٿي سگھيو ۽ ستين جنگ 10 رمضان 93 ھجريءَ تي راوڙ جي قلعي ويجھو ٿي جنھن ۾ راجا ڏاھر مارجي ويو ـ“
مولانا ندويءَ جي پنھنجي لکيل ڳالھين جو تضاد ان وقت ظاھر ٿئي ٿو جڏھن ھُو لکي ٿو ته ”راجا ڏاھر جو ھڪ پُٽ جئه سنگھ راوڙ مان ڀڄي برھمڻ آباد پھتو جنھن جي خبر محمد بن قاسم کي پئي ته ھن به شوال 93 ھجري سن ۾ برھمڻ آباد ڏانھن پيشقدمي شروع ڪئي ـ رستي ۾ ٻه قلعا ھئا جن مان ھڪ بھراور ۽ ٻيو دھليله ـ بھراور ۾ سورھن ھزار سپاھي موجود ھئا ـ انھن کي فتح ڪرڻ کانسواءِ برھمڻ آباد پھچڻ تمام ڏکيو ھو ـ ھن پھريائين بھراور جو محاصرو ڪيو پر ھتان جي ماڻھن ٻن مھينن تائين مقابلو ڪيو ـ اھو ڏسي محمد بن قاسم فوج کي ٻن حصن ۾ ورھايو جن مان ھڪ حصو ڏينھن جو ۽ ٻيو رات جو وڙھندو ھو۽ قلعي اندر ڪيميائي پچڪاريون اُڇلائيندو ھو ـ منجنيق سان به حملا ڪيا ويا جنھن سان قلعي جون ڀتيون ڪيترن ئي ھنڌن تان ڏري ڪري پيون ۽ عرب فوج وڏو حملو ڪري اندر گھڙي پئي ـ“ سندس چوڻ موجب بعد ۾ عرب لشڪر دھليله وڌيو جتي واپارين کي خبر پئي ته اھي اڳئي ڀڄي ويا پر فوجين ھوشياريءَ سان قلعه بندي ڪئي ۽ ھر طرح جي مقابلي لاءِ تيار ٿيا ـ محمد بن قاسم اُتي 93 ھجري سن جي ذوالحج مھيني ۾ پھتو ۽ ٻه مھينا محاصرو ڪري ويٺو رھيو جنھنڪري قلعي وارا مايوس ٿي ڪفن پائي ٻارن ٻچن سميت رات جي اونداھيءَ ۾ قلعي مان نڪري ويا جن جو پيڇو ڪيو ويو ۽ جيڪي پڪڙيا تن کي قتل ڪيو ويو ـ اڳتي ھلي مولانا وري متضاد ڳالھه لکي ٿو ته برھمڻ آباد مان محمد بن قاسم 3 محرم 95 ھجري سن تي ڪُوچ ڪيو ۽ ساوندڙيءَ جي علائقي ۾ منھل وٽ پھتو جتي ھڪ ”ڊنڊا“ نالي جھيل ھئي ـ (سنڌي ٻوليءَ کان اڻ واقف ليکڪ کي اھا خبر ڪانه ھئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جھيل کي ڍنڍ چئبو آھي) ـ ھُو وري لکي ٿو ته محمد بن قاسم اُتان ھلي پوءِ بھراور ۾ ترسيو ۽ پوءِ جڏھن سمه قوم جي حدن ۾ پھتو ته اُتان جا ماڻھو دُھل وڄائيندا ۽ نچندا سندس استقبال لاءِ پھتا ـ اُتان وري ھُو سھته وٽ پھتو ۽ پوءِ اروڙ ڏانھن وڌيو ـ
مولانا ندوي پاڻ ئي پنھنجي ڳالھين جي اُبتڙ سُبتڙ لکندو رھيو جنھن ۾ برھمڻ آباد کان اڳ بھراور ۽ دھليله ٻڌائي ٿو ۽ وري ٻئي ھنڌ برھمڻ آباد کانپوءِ بھراور لکي ٿو ـ انھيءَ باب ۾ ئي ھن ھڪ نقشو به شامل ڪيو آھي جنھن ۾ اھي رستا ڏيکاريل آھن جن تان عرب لشڪر گذريو ـ نقشي ۾ برھمڻ آباد کانپوءِ ساوندڙي ۽ ان کان پوءِ بھراور ۽ پوءِ اروڙ ڏيکاريل آھي جيڪو وڌيڪ صحيح آھي ـ بھرحال مولانا ندويءَ جو لکيل احوال ۽ نقشو بھراور جو ھجڻ ثابت ڪن ٿا ـ
ڪجھه تاريخ نويسن ته ڪڏھن سنڌ ڏٺي به ڪانه، صرف ڪتابن کي پڙھي ڪجھه لکيو آھي، تنھنڪري کين ڪوبه اندازو ناھي ته عرب جارح محمد بن قاسم ديبل کانپوءِ ڪھڙو رستو اختيار ڪيو، راوڙ جو قلعو ڪٿي ھو ۽ جتي راجا ڏاھر عرب لشڪر سان جنگ جوٽي ـ جيڪڏھن راوڙ جي اصل ھنڌ جو تعين ٿيندو ته پوءِ بھراور واري قلعي جي جاگرافيائي بيھڪ جو به اندازو ٿي ويندو ـ منھنجي نظر ۾ ھڪ ليکڪ عملي طور ان ڏس ۾ ڪم ڪيو ۽ اھو آھي سنڌ جو ھڪ ڪامورو مرحوم محمد صلاح الدين، جنھن پنھنجي ڪتاب Sindh – A Time Capsule of Heritage ۾ ھڪ پورو باب ”راوڙ“ قلعي بابت لکيو آھي ـ مرحوم صلاح الدين به ان خيال جو ھو ته اڪثر محققن کي نه سنڌي ايندي ھئي ۽ نه ئي ھنن سنڌ جي انھن بيابانن ۾ وڃي تحقيق ڪئي ـ مرحوم صلاح الدين پنھنجي تحقيق حجاج جي ان خط جي روشنيءَ ۾ شروع ڪري ٿو جنھن ۾ ھن محمد بن قاسم کي ھدايت ڪئي ھئي ته ”ٻين شھرن کي ڇڏي واپس نيرون ڪوٽ وڃ، مھراڻ (درياھه) پار ڪر ۽ ڏاھر ڏانھن پيش قدمي ڪر ـ“ (سنڌ جي ھڪ نامياري ليکڪ رشيد ڀٽيءَ ته ٽماھي مھراڻ رسالي جي 1984 واري سالياني شماري ۾ ڇپيل سندس مضمون ۾ حيدرآباد جي نيرون ڪوٽ ھجڻ واري ٿيوريءَ کي ئي رد ڪري خيال ڏيکاريو آھي ته رني ڪوٽ ئي اصل ۾ نيرون ڪوٽ ھو ڇو ته اھو درياھه جي اولھه ۾ ھو ۽ انھيءَ ڪري محمد بن قاسم کي حڪم مليو ته درياھه ٽپي راوڙ تي حملو ڪر) ـ
صلاح الدين صاحب کي عرب ۽ ٻين تاريخ نويسن جي ڪتابن مان ڪجھ نقطا آڏو اچن ٿا ـ ”پھريون ته عرب لشڪر سيوھڻ کان ھيٺ ڪنھن ھنڌ سنڌو ندي پار ڪئي؛ ٻيو ته ھڪ لفظ ”ٻيٽ“ استعمال ڪيو ويو آھي، جيڪو سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ڪنھن ٻيٽ جو اشارو آھي؛ ٽيون ته درياھه پار ڪرڻ لاءِ ڪنھن مخصوص ھنڌ جو واضح نالو نٿو ملي؛ چوٿون نقطو آھي اھو ھنڌ جتي نه رُڳو ڇھه ھزار سنڌي سپاھين جو قتلام ڪيو ويو، سٺ ھزار سنڌين کي غلامن طور قيدي بنايو ويو ۽ جتي سنڌين جي شاھي گھراڻي جي عورتن غلاميءَ ۾ وڃڻ بدران پاڻ کي باھه ۾ ساڙي ستي ٿي مرڻ قبوليو ـ ھاڻي ڏسڻو آھي ته اھو ڪھڙو ھنڌ ھو ـ“
ھُو لکي ٿو ته سنڌو ندي سدائين وھڪرو مٽائيندي رھي آھي ـ سندس وھڪري (رُخ) ۾ پھرين وڏي تبديلي چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ٿي جنھن جو ذڪر ارسطوبلس Aristobulus ڪيو ۽ پوءِ اڻويھين صديءَ ۾ مڪمردو MacMurdo ڪيو ۽ ان سموري عرصي ۾ سنڌ جا مختلف شھر به زوال جو شڪار ٿيندا رھيا آھن جن ۾ اروڙ، برھمڻ آباد ۽ نصرپور به شامل آھن ـ اٺين صديءَ کان اڻويھين صديءَ جي عرصي ۾ سنڌوندي اوڀر کان اولھه ڏانھن ٽيھن کان وڌيڪ ڪلوميٽر پنڌ تائين ھٽي چُڪي آھي ـ سندس خيال آھي ته محمد بن قاسم ٽلٽيءَ وٽان درياھه پار ڪونه ڪيو ھو ڇو ته ان وقت درياھه گھڻو پري اوڀر ۾ وھندو ھو ـ سندس تحقيق جو ھيءُ حصو ڌيان جوڳو آھي:”سڪرنڊ، دولتپور، مورو، نوشھرو فيروز ۽ ڪنڊياري وارو موجوده پڪو روڊ راءِ گھراڻي جي زماني ۾ ”راوڙ وارو رستو“ سڏبو ھو ـ لاکاٽ ۽ لُھاڻي پرڳڻي وارو روڊ ”اگھم لُھاڻي وارو رستو“ سڏبو ھو جيڪو ساھتي پرڳڻي مان لنگھندو ھو ـ لُھاڻي پرڳڻي وارو درياھه (مھراڻ) ساھتيءَ جي وچ مان ڪوٽڙي ڪبير، ھالاڻي، بھلاڻي، گھيڙ گجو، ڀائي ان جو بند ۽ شھدادپور ڀرسان لنگھندو رحيمڪي بازار ڏانھن ھليو ويندو ھو ـ“ مرحوم صلاح الدين تاريخي ڪتابن، محققن جي ڪڍيل نتيجن ۽ انگريز سرڪار جي تيار ڪيل روينيو رڪارڊ ۽ نقشن آڌار عرب لشڪر جي پنڌ پيچرن کي ڳوليندي دوڙ، ٻانڌي ۽ بڇيريءَ واري علائقي ۾ پھچي ٿو ـ ھُو لکي ٿو:”سال 1905 ۾ ڇپيل سنڌ جي سروي رپورٽ ۾ ”تلا“ نالي سان ھڪ آباديءَ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪا درياھه جي اڳوڻي وھڪري جي ھڪ وڏي وڪڙ وٽ کاٻي ڪپ تي قائم ھئي ـ قديم آثارن جي ماھر مجمدار به ان ڳوٺ جي نشاندھي ڪئي آھي ـ وڌيڪ ثابتي انھن نقشن مان ملي ٿي جن موجب اڳي درياھه موجوده ريلوي لائين ھنڌان وھندو ھو ـ “ سندس خيال آھي ته محمد بن قاسم حجاج جي صلاح موجب درياھه ”تلا“ واري ھنڌ تان پار ڪيو ھوندو جتي درياھه کي نانگ وانگر وَروَڪڙ ھئا ۽ وچ ۾ ٻيٽ ھجڻ ڪري ان جو پيٽ ويڪرو ڪونه ھو ۽ مقامي ماڇي قبيلي وارن جي مدد سان تيار ڪرايل ٻيڙين جي پُل ڪم آندي وئي ـ ھُو خيال ڏيکاري ٿو ته راوڙ جو قلعو بڇيريءَ واري علائقي ۾ ”حبيري“ ۽ ”دمبير جي واءِ“ ڳوٺن جي پسگردائيءَ ۾ ھو ـ ”دمبير جي واءِ“ ڳوٺ ۾ ھڪ پڪو کوھه به ھو جنھن ۾ عرب دور کان اڳ جون ننڍيون وڏيون سِرون استعمال ٿيل ھيون ۽ ان علائقي ۾ ڏاھري برادري آباد آھي، جن کي ڏاھر سان وفاداريءَ سبب اھو نالو پيل سمجھيو وڃي ٿو ـ ”حبيري“ انھن عرب باغين جي آباديءَ وارو علائقو ھو جتي حجاج سان بغاوت ڪري حباري عرب اچي آباد ٿيا ھئا ـ صلاح الدين صاحب لکي ٿو ته ان ساڳي علائقي ۾ ٻانڌيءَ نالي سان شھر اھو ھنڌ آھي جتي عرب لشڪر سٺ ھزار سنڌين کي باندي بنائي رکيو ـ پڊعيدن کان نوابشاھه تائين وارياسن پٽن ۽ ڍورن جو حوالو ڏيندي ھُو چوي ٿو ته تاريخدان حوقل جي ٺاھيل نقشي ۽ انگريز ليکڪ رَيورٽيءَ Raverty جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڳالھه واضح ٿي وڃي ٿي ته راوڙ جو قلعو برھمڻ آباد کان پنجاھ ميل اڳتي (اُتر ڏانھن) ھو ـ سندس چوڻ موجب ”تلا“ کي ٽلٽيءَ سان نه ملائڻ گھرجي ـ اھڙي طرح دھليل ڪوٽ لاءِ ھُو لکي ٿو ته پراڻن نقشن آڌار ان نتيجي تي پھتو آھي ته ڪنڊياري ويجھو مھراڻ درياھه مان ڍنڍ جي شڪل ۾ نڪرندڙ داد واھه واري علائقي ۾ اھو ڪچو قلعو ھوندو ھو ـ ان علائقي کي ”ڍليا“ به چيو ويو جيڪو بعد ۾ دليل ديرو ٿي ويو آھي ـ صلاح الدين صاحب جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ اندازو ٿئي ٿو ته راوڙ، دھليل ۽ بھراور (ڀريا) جا قلعا ساھتي پرڳڻي ۾ ئي ھئا ۽ ان طرح انھن قلعن جي اصل ھنڌ جو اندازو به ٿي وڃي ٿو ـ
بھرحال بھراور جي قديم آثارن ۽ کنڊرن جي موجودگيءَ بابت اڄ به ڪي بزرگ ٻڌائن ٿا، جن جو احوال ٻڌڻ سان پڪ ٿئي ٿي ته ڀريا شھر مختلف نالن سان صدين کان ھتي آباد ھو ـ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي آفيشل اسائني حاجي بشير احمد ميمڻ، جنھن جي عمر ھن وقت ماشاءَ الله اسي ورھيه آھي، ٻڌايو ته واقعي قديم کنڊر ۽ ٻيا آثار موجود ھئا، جن مان ننڍي ھوندي سندن ڪنھن دوست کي به ھڪ ٿيلھيءَ جيترا سِڪا ھٿ آيا ھئا جيڪي ڪنھن اھڙي ڌاتوءَ جا ھئا جيڪو صديون زمين ۾ دفن رھڻ سبب ڳري ويو ھو ۽ ھٿ مھٽ ڪرڻ سان ڀُري ٿي ويو ـ ”اسان کي ان عمر ۾ ڪو به شعور ڪونه ھو تنھنڪري اھڙين شين کي سنڀالي نه سگھياسين،“ ھن چيو ـ
بھراور جي قديم آثارن مان ڪي شيون ڀرين جي خوراڪ کاتي جي رٽائرڊ آفيسر سيد ورند علي شاھه ۽ ايڊيوڪيشن ورڪس کاتي جي رٽائرڊ انجنيئر ماجد سومري وٽ به سنڀاليل آھن ـ ورند علي شاھه وٽ ڪجھه ٺڪر جي ٿانوَن جا ٽُڪر، ھڪ جنڊ جو ڀڳل حصو، ڪجھه پٿر جي زيورن ۾ جُڙندڙ شيون ۽ گول لسا پٿر محفوظ آھن جن لاءِ گُمان آھي ته اھي سونارن جا سون جو وزن ڪرڻ وارا وَٽَ ٿي سگھن ٿا جڏھن ته ماجد علي سومري وٽ ڪاشيءَ جي سِر تي ٺھيل ڪرشن ڀڳوان جي ھڪ مورتي محفوظ آھي ـ ان مورتيءَ جي حوالي سان مشھور ليکڪ ۽ قديم آثارن جي ڄاڻو بدر ابڙي صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنھن ۾ سندس چوڻ ھو سنڌ ۾ ڌرمي نقش نگارن واريون ٽائيلون ٺاھڻ جو ھنر گھڻو پراڻو ڪونھي ۽ انگريزن جي اوائلي زماني ۾ ھندستان وارين پاڙيسري رياستن مان اھو ھنرھتي آيو تنھنڪري سندس اندازو آھي ته ڀرين جي ڀرسان ميسارجي ويل آثار گھڻو پراڻا ڪونه ھوندا ـ جيتوڻيڪ سندس ان ڳالھه سان سھمت نٿو ٿي سگھجي ته ميساريل آثار ڪي ايترو ويجھڙ جا ٿي سگھن ٿا ڇو ته اھي آثار انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان به اڳ موجود ھئا، پر خيالن جي ڏي وٺ ان سوچ کي جنم ڏنو ته انھن آثارن واري وسنديءَ بابت وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي ته جيئن خبر پوي ته اھا ڪڏھن ۽ ڪيئن تباھه ٿي ـ جيڪڏھن اھو ئي قلعبند بھراور شھر ھو ته اھو ڪھڙي سن تائين آباد رھيو؟ ۽ اھو به ٿي سگھي ٿو ته جن آثارن مان مورتي ملي آھي، ان ھنڌ وارو شھر يا وسندي ڪجھه سئو سال اڳ تائين به آباد ھجي جڏھن ڪاشيءَ واريون ٽائيلون ٺاھڻ جو ھنر ھن خطي ۾ رائج ٿي چُڪو ھجي ـ انھن ميسارجي ويل آثارن جي قديم ھجڻ جي ثابتي سيد احتشام علي شاھه وٽ موجود سِڪن مان به ملي ٿي جن مان ڪِن سِڪن تي عربيءَ ۾ اُڪريل اکر، ڪِن تي وقت جي حڪمرانن جو تصويرون ۽ ڪي ٻيا اکر ۽ شڪليون اُڪريل آھن ـ سيد احتشام علي شاھه چوي ٿو ته انھن ۾ اھڙا به سِڪا شامل آھن جن لاءِ اندازو آھي ته اھي عربن کان اڳ راجا ڏاھر جي زماني جا ٿي سگھن ٿا ـ پنھنجي والد سيد امام علي شاھه جي اڀياس جي حوالي سان ھُو چوي ٿو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته قديم آثار بھراور نالي قلعي ۽ شھر جا ھئا باقي موجوده ڀريا شھر اصل ۾ ڀر واري ڳوٺ ڪوٽ بھادر ۾ ھو جتان جا ماڻھو بعد ۾ لڏي ھتي اچي آباد ٿيا ـ ھن ليک ۾ اڳتي ان وسنديءَ بابت ڪجھه وڌيڪ حوالا اچن ٿا ـ سِڪن جي حوالي سان بدر ابڙي صاحب جو خيال آھي ته ھر سِڪي جو وزن، ڊيگھ ويڪر جي ماپ ڪرڻ ۽ مٿن لکيل اکرن کي پڙھڻ کانپوءِ ڪنھن قسم جي راءِ ڏئي سگھجي ٿي، پر تصويرون ڏسڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته اھي مختلف دورن جا آھن جن ۾ عربن کان اڳ ۽ پوءِ وارو دور، سومرن ۽ سمن جو دور به شامل آھي ـ
ڀريا جي جاگرافيائي بيھڪ بابت زباني طور مختلف روايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ـ درياھه جي وھڪري مٽجڻ يا ٻوڏن اچڻ سبب ڀريا جا ماڻھو ھڪ ھنڌان لڏي ڀرپاسي ۾ ٻئي ڪنھن محفوظ ھنڌ تي آباد ٿيندا رھيا آھن ـ ڏھه پندرھن ورھيه اڳ ڀريا سٽيءَ جي وچ ۾ ٽائون ڪميٽيءَ ھڪ پارڪ تعمير ڪرائي اُتي ماربل جي ھڪ ٺُلھه تي شھر جي تاريخ لکرائي ھئي ـ انھيءَ مختصر تاريخ ۾ ڀريا جي پراڻي نالي جو ذڪر ھئڻ سان گڏ ڪجھ شخصيتن جا حوالا پڻ ڏنل آھن جن موجب ڪنھن زماني ۾ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ڀريا جا ماڻھو ڀر واري ڳوٺ ”ڪوٽ بھادر“ ۾ وڃي آباد ٿيا ھئا ـ ”پير قربان علي، جيڪو ڪوٽ بھادر جو رھواسي ھو، ۽ 1955 ڌاري سندس ڄمار 110 ورھيه ھئي، تنھن جي حوالي سان ھڪ شخص پير رسول بخش قريشي ٻڌائي ٿو ته ”موجوده ڀريا شھر جي جاءِ تي اڳي ھڪ ڳوٺ ”ڪوٽ ڀِرايو“ ۽ انھيءَ جي ڀر ۾ ھڪ ٻيو ڳوٺ ”ڀُيا“ ھوندو ھو ـ جڏھن 1851 کان اڳ درياھه ۾ ٻوڏ سبب ڪوٽ بھادر به پاڻيءَ ھيٺ آيو ته اتان جا ماڻھو ڪوٽ ڀِرايو ۾ اچي ويٺا ۽ جڏھن ڪوٽ ڀِرايو ۽ ڳوٺ ڀُيا ٻوڏ ھيٺ آيا ته وري اتان جا رھواسي ڪوٽ بھادر لڏي ويا ـ ٻوڏ لھڻ کانپوءِ اھي ماڻھو وري موٽي آيا جن ۾ ھڪ مسلمان ”ڀِريو“ نالي سان ھو، جنھن جي نالي پٺيان ھيءُ شھر آباد ٿيو ـ ھتي اچي آباد ٿيندڙن ۾ سيد، ميمڻ، ڪنڀار، ڪوري ۽ وسطڙا ذاتين جا ماڻھو شامل ھئا ـ“ پٿر تي لکيل تاريخ موجب شڪارپور مان به واپار سانگي ڪي ڪٽنب ھتي اچي آباد ٿيا جن ھندو جاتي جي ماڻھن ”ڀيا“ جي پٺيان ھن شھر کي ڀريا سڏڻ شروع ڪيو ـ سندن ڪاروبار شڪارپور ۽ ڪراچيءَ رستي ٻين علائقن سان ھلندو ھو ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ ھن علائقي ۾ آيل ٻوڏن جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:”سن 1825 ڌاري درياھه جي اُٿل سبب ٺَٽِ، مٺياڻي، تڳڙ، ڪمالديروتعلقو ڪنڊيارو ۽ ٻيا ڪي درياھه جي ڀر وارا ڳوٺ ٻڏي ويا ھئا ـ درياھه جو پاسو ڇڏي، انھن ھنڌن جي زميندارن کي پنھنجي ٻنين کان پري رھڻ پسند نه آيو تنھنڪري وري ساڳئي ھنڌ اھي ڳوٺ نئين سِر ٻڌائون ـ سن 1857 ۽ 1858 ڌاري اھي سڀ ڳوٺ وري ٻيو ڀيرو ٻڏي ويا ـ“ ڀيرومل جي ان بيان ۾ ڀريا جو ذڪر ته ڪونھي پر ممڪن آھي ته 1825 واري ٻوڏ ۾ ڀريا به ٻوڏ ھيٺ آيو ھجي ـ آخوند گھراڻي جي بزرگن موجب ھڪ ڀيري ٻوڏ جو پاڻي ميمڻ پاڙي ۾ سندن گھرن تائين پھتو ھو، پر ڪھڙي سال، اھا خبر ناھي ـ
ڪن روايتن موجب ”ڀريو“ نالي شخص ھندو ھو ۽ ڪن موجب اھو مسلمان وسطڙو ھو پر انھيءَ جي ثابتيءَ جي حوالي سان ڪتابي تاريخن ۾ ڪوبه واضح ثبوت نٿو ملي ـ خُود پير قربان عليءَ جي حوالي سان به پير غلام رسول قريشيءَ جيڪو ڪجھه بيان ڪيو آھي، اھو به مستند نٿو لڳي، سواءِ انھيءَ جي ته ٻوڏن جي ڪري ڀريا جا ماڻھو ڪجھه وقت لاءِ ڪوٽ بھادر لڏي ويا ۽ اھو به ته ڀريا شھر اڳي ڪوٽ ڀرايو جي نالي سان به سڏبو ھو ـ اھو به صرف گمان ئي محسوس ٿئي ٿو ته ڪنھن ”ڀِريو وسطڙو“ نالي شخص ھيءُ شھر آباد ڪيو ڇو ته ڀريا ۾ وسطڙا ذات جي ڪنھن به ماڻھوءَ جي آباد ھجڻ جو ثبوت نٿو ملي ـ ڀرين جي آخوند گھراڻي جي ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ (مرحوم) موجب ڀرين جي اُتر اوڀر ۾ ميان عبدالحميد عرف پاڪ فقير واري قبرستان ۾ ”ڀِريو فقير“ نالي ھڪ قبر ھوندي ھئي ـ ٺاروشاھه جي استاد ۽ ليکڪ غلام قادر سومري (مرحوم) پرائمريءَ جي درسي ڪتاب ۾ ڇپيل سندس سبق ۾ لکيو آھي ته ڀِريو نالي شخص سيد ھو ـ
ڀريا ڄائي چرنداس ٺاڪرداس گرسھاڻيءَ 1927 ۾ ڪوڙو مل سنڌي ساھتيه منڊل حيدرآباد پاران ڀريا ۾ جنم وٺندڙ وڏي تعليمدان ديوان ڪوڙومل جي حياتيءَ تي ڇپرايل ھڪ ننڍڙي ڪتابڙي ۾ لکيو آھي ته ”ڀِريو وسطڙو ھڪ مسلمان ھو، جنھن اھو ڳوٺ ٻڌرايو ھو ـ ھن وقت جتي ھيءُ شھر آباد آھي تنھن جي اُتر ۾ ھالاڻيءَ (ھاڻي قومي شاھراھ تي ڀريا کانپوءِ ڪنڊيارو اچي ٿو ۽ پوءِ ھالاڻي شھر اچي ٿو) واري ٽپالي رستي لڳ اھو ننڍڙو ڳوٺ آباد ھو، جيڪو ھاڻي ڦٽي ويو آھي مگر ويرانو اڃان ظاھر بيٺو آھي ـ ھاڻوڪي ڳوٺ ٻڌئي به ڏيڍ سئو کان ٿورا ورھيه مٿي ٿيا آھن ـ“ پر خانائي صاحب ھن ڳالھه سان متفق ناھي ۽ لکي ٿو ته چرنداس جو بيان منجھائيندڙ آھي ۽ ڀريا نالي ڪنھن به شخص جو ھن ڦٽل ويراني سان تعلق ناھي ـ خانائي بھرحال مڃي ٿو ته موجوده ڀريا کي آباد ٿئي ٻه سئو کن ورھيه ٿي ويا آھن ـ
ڀيرومل مھرچند به پنھنجي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”ڀريو“ نالي ھڪ مسلمان، ذات جو وسطڙو ھو، جنھن اھو شھر ٻڌايو ـ پر ڀريا جي بزرگ شخص حاجي بشير احمد ميمڻ، جنھن جو ذڪر مٿي ٿيل آھي، تنھن ان ڳالھه جي ترديد ڪئي ته وسطڙي ذات جي ڪنھن شخص ڀريا جو ڳوٺ آباد ڪيو ڇو ته ڀريا ۾ وسطڙا برادريءَ جو ڪوبه ماڻھو آباد ڪونه ھو البت وسطڙا برادريءَ جا ماڻھو نوشھري فيروز ۽ ٺاروشاھه وچ ۾ مَچُر ۽ ڀرين ڀرسان ڪجھه ٻين ڳوٺن ۾ آباد آھن ـ (سنڌ جي مشھور ڳائڻن عبدالقيوم وسطڙي ۽ انور حسين وسطڙي جو تعلق به مچُر سان آھي) ـ
مير علي شير قانع ٺٽويءَ”تحفته الڪرام“ ۾ سماٽ قومن جو ذڪر ڪندي ”ڀريا“ قوم جو اشارو ڏنو آھي ـ انھيءَ سلسلي ۾ مولائي شيدائيءَ پنھنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکيو آھي ته “پلي، پنھنجي قوم جو سردار ھو، جنھن جا ٻه پُٽ ھئا ـ ھڪ اوڍو، جنھن جو اولاد اُڍيجا، بھريا (ڀريا) ۽ ڪدريه پوٽا آھن، ۽ ٻيو ساند، جيڪو پنھنجي قوم جو سردار ھو ـ“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به چچنامي جي واڌاري ۾ گُمان ڏيکاريو آھي ته بھلاڻي ۽ ڀريا وارين بستين جا نالا ڀريا نالي قوم (ذات) پويان پيل ڏسجن ٿا، پر سندن اھو چوڻ به صرف گُمان ئي لڳي ٿو ڇو ته ڀريا توڙي ڀرپاسي ۾ ڪٿي به ڀريا ذات جو ڪو ماڻھو ڪڏھن به آباد ڪونه ٻُڌو ويو ـ ھن وقت سنڌ ۾ ڀريا ذات واري ڪا برادري موجود آھي يا نه، انھيءَ لاءِ ڪجھ تحقيق جي ضرورت آھي، پر آر ھِيوز ٿامس R. Hughes Thomas جي 1855 ۾ مُرتب ڪيل ڪتاب Memoirs on Sindh (Selections from the records of Bombay Government) ۾ سنڌ جي آباديءَ جي حوالي سان شامل ڪيل ليفٽيننٽ آر ايف برٽن جي نوٽس ۾ سنڌين جون جيڪي ذاتيون ڄاڻايون ويون آھن، انھن ۾ ”ڀِريو“ ذات شامل آھي ـ اھڙي طرح انگريزن جي زماني ۾ سنڌ جي فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ (موجوده جيڪب آباد ضلعو) جي ڊپٽي ڪليڪٽر شيخ صادق عليءَ 1901 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”شارٽ اسڪيچ آف دي مسلمان ريسز فائونڊ اِن سنڌ، بلوچستان اينڊ افغانستان“ ۾ به سنڌ اندر ”ڀريو“ ذات ھجڻ جو ذڪر ڪيو آھي ـ
سيوھڻ جي ھڪ محقق محترم خيرمحمد ٻرڙي سيوھاڻي، جنھن جو سرڪاري نوڪريءَ سانگي ڪافي ورھيه نوشھري ۾ رھڻ ٿيو، جو چوڻ آھي ته ”ڀريا، ھالاڻي ۽ بھلاڻي محمد بن قاسم کان به اڳ جون بستيون آھن ـ“ ٻرڙي صاحب لکيو آھي ته ”ان دور ۾ ساھتيءَ واري خطي ۾ ميربحرن _ ”ملاح“ مان ھڪ ڪيڙ جو نالو ”ڀريا“ ھو ـ اھڙي طرح سما قوم (ھُوذات يا برادريءَ کي قوم لکي ٿو) مان ھڪ شخص جو نالو ڏھر بن جوجو ھو جنھن جي ھڪ پُٽ جو نالو پڻ ”ڀريو“ ھو ـ ان جي اولاد پاڻ کي ساھتيءَ اندر ”ڀريا“ سڏايو ھو ـ محمد بن قاسم جي دور ۾ راجا موڙا سنگھ راٺوڙ دين اسلام قبول ڪيو ھو جنھن کي محمد بن قاسم سنڌ جو ڳچ حصو حڪومت ھلائڻ لاءِ ڏنو ھو ـ موڙا سنگھ مذڪوره حڪومت پنھنجي پٽن سھتو، شورو، مڱڻو، ڌارو، ڪوئنرو ۽ راھوءَ کي ورھائي ڏني ۽ اُڄڻ فقيري قبول ڪئي ـ ان دور ۾ شورن مان به ھڪ شخص جو نالو ”ڀريو“ ھو ـ انھن سڀني ڀرين جو واسطو ساھتي پرڳڻي سان ھو پر قوي امڪان آھي ته ڀريا شھر جا اڏيندڙ ميربحر _ ملاح ئي ھئا ـ“ ٻُرڙي صاحب وڏي محنت سان تيار ڪيل پنھنجي ئي ھڪ ڪتاب ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ لکيو آھي ته ”ڀرڻا پوٽا“ (ڀريا پوٽا) متعلوي سيدن مان سيد مرتضى عرف ڀرئه جو اولاد آھن ۽ چيو وڃي ٿو ته ڀريا شھر انھن جو ئي اڏيل آھي ۽ اتي ئي رھن ٿا ـ ساڳئي ئي ڪتاب ۾ ٻُرڙو صاحب لکي ٿو ته ڀريا ”ڏھر بن جوجو“ جو اولاد آھن ۽ سمن جي ھڪ پاڙي جو نالو پڻ ”ڀريا“ آھي ـ سندس خيال آھي ته ڀريا ۽ ڀريالو ڳوٺن جا نالا انھيءَ نسبت سان آھن ـ ھُو وڌيڪ لکي ٿو ته شورا قبيلي جي مُنا پاڙي مان ھڪ شاخ جو نالو پڻ ”ڀريا“ آھي ـ
مٿي جنھن ڍنڍ جو ورجائي ذڪر ٿيل آھي، خانائي صاحب جو خيال آھي ته جيئن ته انھيءَ ڍنڍ جا آثار اروڙ جي ڀرسان نٿا ملن تنھنڪري موجوده ڀريا شھر جي ڀرسان اھا ڍنڍ ٿي سگھي ٿي جتي 20 کان 25 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ چئن کان پنجن فُٽن تائين زمين ڀر واري زمين کان ھيٺانھينءَ تي آھي ـ ھن خيال ڏيکاريو آھي ته اھا اونھائي اڳي وڌيڪ ھوندي پر ڏکڻ ۾ امام علي واھه جو پاڻي پوڻ ۽ اُتر ۾ ھمبر واھه جي ڀڄي پوڻ سان واري ۽ لٽُ پوڻ سبب ان جي اونھائي سوين سالن جي عرصي ۾ گھٽجي وئي آھي ـ مذڪوره واھه بعد ۾ اولھه کان وھندڙ سنڌو درياھه مان چاڙھه وقت وھندا ھئا ـ سيد احتشام علي شاھه جي چوڻ موجب سيد امام علي شاھه اول انگريزن جي راڄ کان به گھڻو اڳ سندن ھڪ بزرگ ھو، جنھن جون ھزارين ايڪڙ ٻنيون ھيون ۽ امام علي واھه به سندس نالي سان منسوب ھو ـ نوشھري ضلعي جي روينيو رڪارڊ ۾ ان جو ذڪر به آھي ـ
ڀريا جي جنھن ڍنڍ جو ذڪر خانائي صاحب ڪري ٿو، ممڪن آھي ته اھا ئي ھجي جيڪا موجوده وقت شھر کي اولھه ۽ اُتر کان گھيرو ڪيو بيٺي آھي ـ وڏڙن کان ٻُڌل ڳالھين ۽ حاجي بشير ميمڻ موجب ستر ورھيه اڳ تائين اھا کڏ سُڪل ھئي جنھن کي ڀريا توڙي ڀرپاسي جي شھرن جا شاگرد ڪرڪيٽ گرائونڊ طور استعمال ڪندا ھئا ـ ”اسان پاڻ ننڍي ھوندي ان گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ راند کيڏي ـ نوشھري تعلقي جي ٻين ساھتي اسڪولن جا شاگرد به مئچون کيڏڻ ھتي ايندا ھئا،“ ھن ٻڌايو ۽ چيو ته بعد ۾ ٻوڏ جو پاڻي اچڻ سبب اھا ڀرجي وئي ۽ اڳتي ھلي اھا سِم جي پاڻيءَ جي کڏ ٿي وئي ۽ گذريل ڪجھه ڏھاڪن کان شھر جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال به انھيءَ ۾ ٿي رھيو آھي ـ
حقيقت ھيءَ آھي ته تاريخ جي انھن ڪتابن ۾ ڄاڻايل علائقن ۽ واقعن ۾ تضاد سبب صرف گمان ئي ڪري سگھجن ٿا ۽ انھيءَ ڪري ئي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به فتحنامي ۾ شامل ڪيل تحقيق جي آخر ۾ ھي لفظ چئي ھٿ ڪڍيا ته ”وڌيڪ خبر خدا کي ـ“
تاريخ جي ڪتابن ۾ ڀريا جو ھڪ ٻيو نالو به آڏو اچي ٿو ـ جيئن چچ نامي ۾ بھراور نالي وسنديءَ جو ذڪر ملي ٿو، تيئن انگريز ليکڪ ائڊرين ڊئارٽ Adrian Duarte پنھنجي ڪتاب ھسٽري آف برٽش رليشنز وِٿ سِند A History of British Relations With Sind 1613-1843 ۾ بھرالا نالي وسنديءَ جو ذڪر ڪيو آھي ـ پنھنجي تحقيقي ڪتاب ۾ ھُو لکي ٿو : ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1641 ۾ احمد آباد مان پنھنجي آفيسر جان اسپائلر John Spiller کي ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺيءَ جو انچارج ڪري موڪليو، جيڪو 1652 تائين اُتي رھيو ـ ھن 1645 جي برساتن واري مُند اُتر سنڌ ۾ گذاري ته جيئن ڪپڙي ۽ نير جو گھربل مقدار خريد ڪري سگھي ـ ڪپڙي جي حوالي سان ھن ڪنڊياري ۽ درٻيلي مان بھترين معيار جي ڪپڙي جا ڏھه ھزار ٽُڪر (ھڪ ٽُڪر 20 والن جو) حاصل ڪري ورتا ـ بوبڪن جو ڪپڙو گھڻو سُٺو ڪونه ھو پر وري به نصرپور کان سُٺو ھو جنھنڪري ھن ايندڙ مُند کان نصرپور جي ڪپڙي جي خريداري بند ڪرڻ جو سوچيو ـ ڪپڙي رڱڻ لاءِ نِير خريد ڪرڻ جي حوالي سان ھُو پريشان ھو ڇو ته آبادگار غريب ھجڻ ڪري نِير جي پوک لاءِ خرچ برداشت نٿي ڪري سگھيا، پر سندس مسئلو درٻيلي ويجھو بَھرالا مان ايندڙ نِير حل ڪري وڌو ـ“
ائڊرين ڊئارٽ لکي ٿو ته اُتر سنڌ ۾ درياھه جي ڪناري وارن شھرن بکر، گمبٽ، ڪنڊيارو ۽ درٻيلو۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا خريداري مرڪز قائم ھئا ـ ”وچولو يا سنڌ جي وچ وارو علائقو جنھن ۾ سيوھڻ، بُوبڪ، بَھِرالا ۽ سَن اچي ٿي ويا، نِير جا اھم مرڪز ھئا ۽ انھن مان ھر مرڪز تي ڪمپنيءَ جو ايجنٽ مقرر ھو ـ“ سندس انھن تاريخي حوالن مان اندازوٿئي ٿو ته موجوده شھر ڀريا سترھين صديءَ ۾ به وجود رکندڙ ھو ۽ ان وقت اھو بَھِرالا جي نالي سان سڏيو ويندو ھو ـ انگريز ليکڪ بَھِرالا جي حوالي سان لکيو آھي ته اھو درٻيلي جي ويجھو ھو، جنھن سان پڻ اھو يقين ٿئي ٿو ڇو ته درٻيلو، جنھن کي ڊڀريو به چيو ويندو آھي، ھڪ تاريخي شھر آھي ۽ ڀريا جي ويجھو ئي آھي ـ اَي ڊبليو ھِيوز به پنھنجي 1876 ۾ ڇپيل سنڌ گزيٽيئر ۾ ھن خطي ۾ ٿيندڙ ڪاروبار جو حوالو ڏيندي لکيو آھي ته ڀريا جي ڀرسان ڪوٽ بھادر ۾ لوڻ جو وڏو مرڪز ھو جتان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا گماشتا لوڻ خريد ڪندا ھئا ـ
ائڊرين ڊئارٽ جنھن دور جو ذڪر ڪيو آھي، اھو سنڌ تي ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ کان به اڳ جو زمانو ھو ـ سن 1701 ۾ سنڌ تي ڪلھوڙن جو راڄ شروع ٿيو جنھن کانپوءِ 1783 کان ٽالپرن جو راڄ آيو ۽ 1843 ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ تائين انگريزسنڌ جي مختلف شھرن مان ڪپڙو، نير ۽ ٻيو مال خريد ڪندا رھيا ـ انھيءَ مان ظاھر ٿئي ٿو ته ان عرصي ۾ ڀريا شھر اوج تي ھو ـ خانائي صاحب جو به اھو ئي خيال آھي ته ڀريا جو موجوده شھر ڪلھوڙن جي دور ۾ سنڌو درياھه جي ٻوڏ سبب تباھه ٿيڻ کان پوءِ وري آباد ٿيو جنھن کي اوج نصيب ٿيو ـ اھو شھر سموري ساھتي پرڳڻي ۾ ھر لحاظ کان مشھور ٿيو ۽ ھتي ھندو، لُھاڻا، ڀائيبند، عامل ۽ مسلمان برادريون اچي آباد ٿيون ـ ڀريا جو اھو اوج ڪلھوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٽالپرن جي زماني ۾ به قائم رھيو ـ
ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ جيمس مِڪمرڊو James McMurDo پنھنجي ڪتاب”مِڪمرڊوز اڪائونٽ آف سنڌ (اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 2007) McMurdo’s Account of Sind ۾ ھڪ ھنڌ ڪنڊيارو ۽ بھلاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آھي پر ٻئي ھنڌ ”ڀِرالوُ“ نالي شھر جي ڳالھه ڪندي ان کي بکر جي پسگردائيءَ ۾ ڄاڻايو آھي، جيڪو پڪ سان ڀريا شھر نه پر پريالوءِ ھوندو، ڇو ته انگريز ليکڪ سنڌ جي شھرن ۽ ماڻھن جا نالا مشڪل سان ئي اُچاري سگھندا آھن ـ
تاريخ جي مٿين حوالن سان ٿيل بحث کانپوءِ اھي سوال پنھنجي جاءِ تي موجود رھن ٿا ته ڀريا جو موجوده شھر ڪنھن ٻڌايوـ ان تي ڀلي ڪير متفق نه ٿئي پر پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اھو شھر بَھراوَر ۽ بَھرالا جي نالن سان قديم زماني کان موجوده علائقي ۾ ھنڌ مٽائيندو قائم رھندو آيو آھي ـ جيڪڏھن مٿي ڄاڻايل انگريزن جي تاريخ کي ڏسجي ته سترھين صديءَ جي وچ ڌاري به اھو شھر بَھرالا جي نالي سان موجود ھو ـ انھيءَ جو مطلب ته ھن وسنديءَ تي ڀريا جو نالو ان کانپوءِ پيو ھوندو جڏھن اھو ٻوڏن جي نتيجي ۾ ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ منتقل ٿيندو نيٺ موجوده ھنڌ قائم ٿيو جنھن لاءِ اندازو آھي ته اھو سترھين صديءَ جي آخر ۾ يا ارڙھين صديءَ ۾ ٿيو ھوندو ـ ڀيرومل مھرچند به ورھاڱي کان اڳ ان لاءِ لکي ٿو ته ھاڻوڪي شھر ٻڌئي ڏيڍ سئو کن ورھيه ٿيا آھن پر اندازو آھي ته موجوده ڀريا شھر اڍائي سئو کن ورھيه پراڻو آھي ـ
خاصخيلي جمال الدين مومن پنھنجي ڪتاب ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل بابت 1927 ۾ ڇپيل ھڪ ڪتاب مان کنيل مضمون شائع ڪيو آھي جنھن ۾ مضمون جي ليکڪ (نالو ڏنل ڪونھي) لکيو آھي ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته ھڪ مسلمان ذات جو وسطڙو، جنھن جو نالو ڀِريو ھو، تنھن اھو ڳوٺ ٻڌايو ھو ـ جتي اھو ڳوٺ ٻڌل آھي ان جي اُتر طرف ھالاڻيءَ واري رستي سان اڳي اھو ننڍڙو ڳوٺ ھو، جو ھاڻي ڦٽي ويو آھي پر ويرانو اڃان ظاھر بيٺو آھي ـ ھاڻوڪو شھر 1775 ڌاري وجود ۾ آيو ـ“
اُڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ڌاري انگريزن جي تيار ڪيل گزيٽيئرن ۾ به ھن شھر جو نالو ”ڀِريا“ ڄاڻايل آھي پر جنھن ۾ ڪنھن به وسطڙي جو ذڪر ڪونھي ـ امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا (جِلد ٻيو صفحو 98) جيڪو 1881 ۾ ڇپيو، تنھن ۾ لکيل آھي ته ڀريا، حيدرآباد ضلعي ۾ ميونسپل ٽائون آھي ۽ اھو زرعي علائقو آھي، جنھن ۾ 1488 سِک، 135 ھندو (لُھاڻا) ۽ 926 مسلمان (سيد ۽ ميمڻ) رھن ٿا ـ
اھڙي طرح 1876 ۾ ڇپيل (ٻيو ايڊيشن) اَي ڊبليو ھيوز A. W. Hughes جي گزيٽيئر A Gazetteer of Sindh Province ۾ لکيل آھي ته 1852 ۾ ڀريا جي ڪُل آبادي 2798 ھئي ۽ شھر ۾ 231 گھر ۽ 100 دُڪان ھئا ـ ھيءُ شھر واپاري منڊي ھو جتي کاڌي جو تيل تيار ٿيندو ھو (ڀريا ۾ گھاڻن ذريعي تيل ڪڍيو ويندو ھو ـ اتي ڏاندن ذريعي گھاڻا ھلائي سرنھن ۽ ڄانڀي جو تيل ڪڍبو ھو ـ اھڙا گھاڻا 1960 واري ڏھاڪي ۾ به ھئا) ـ ان کانسواءِ وڏي مقدار ۾ اناج جي اُپت ٿيندي ھئي، جيڪا سنڌوءَ رستي ٻين علائقن ڏانھن موڪلي ويندي ھئي ـ گزيٽيئر موجب 1873-74 ۾ ڀريا شھر جي ميونسپل آمدني 182 پائونڊ اسٽرلنگ ھئي ـ سال 1876 ۾ نوشھرو فيروز کي سب ڊويزن (تعلقي) جي حيثيت مليل ھئي جنھن ۾ ڀريا، نوشھري جو ھڪ تپو ھو ـ نوشھري تعلقي ۾ 10 تپا ھئا جن ۾ سڪرنڊ، مورو ۽ ڪنڊيارو به شامل ھئا ـ ساڳئي گزيٽيئر جي ڊجٽل ڪاپيءَ ۾، جيڪو آن لائين موجود آھي، لکيو ويو آھي ته ڀريا، نوشھري واري ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو ھڪ گورنمينٽ ٽائون آھي، جيڪو حيدرآباد کان روھڙي ويندڙ روڊ تي آھي ـ ھن گزيٽيئر ۾ ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ کي خيرپور جي علائقي ۾ ڏيکاريل آھي ـ ڀريا بابت لکيل آھي ته نوشھري کان ٺاروشاھه ويندڙ پوسٽل روڊ به انھيءَ جي ڀرسان لنگھي ٿو ۽ ھتي تپيدار جو ديرو ۽ پوليس لائين به آھي جتي چار پوليس وارا مقرر آھن ـ ڀريا ۾ ورناڪيولر اسڪول، مارڪيٽ ۽ ڌرمشالو به آھي ـ ھتي 1861 ۾ ميونسپلٽي قائم ٿي ۽ 1873-74 ۾ جنھن جي آمدني 1825 رُپيا ۽ خرچ 1707 رُپيا ھو ـ
انگريز جنرل سر چارلس نيپيئر 1843 ۾ جڏھن سنڌ تي مڪمل قبضو ڪيو تڏھن به ڀريا جو ساڳيو نالو ھو ـ انھيءَ جي ثابتي اسماعيلي برادريءَ جي ويب سائيٽ تي ڄاڻايل تاريخ مان ملي ٿي جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ”9 آگسٽ 1842 تي ڪنڌار مان برطانوي فوجون ڪوئٽا ڏانھن روانيون ٿيون ته آغا خان اول ڇھن ھفتن لاءِ ڪنڌار ۾ ئي سردار شيردل خان وٽ رھي پيو ـ انگريز آفيسر رالنسن Rawlinson کي جيئن ته ساڻس ھمدردي ھئي، تنھنڪري ھن آغا خان کي انڊيا وڃڻ جي صلاح ڏني جنھن بعد ھو 5 آڪٽوبر 1842 تي ڪوئٽا پھتو ۽ پوءِ مھيني کان وڌيڪ عرصو خان آف قلات مير شاھنواز وٽ ترسيو ـ ڪوئٽا مان روانگيءَ وقت انگريز آفيسر مئڪناٽن Mac Naghten کيس سر چارلس نيپئر لاءِ ھڪ سفارشي خط ڏنو ـ چارلس نيپئر ان وقت سنڌ ۾ ھو جنھن کي لارڊ ايلنبرو آگسٽ 1842 ۾ سمورا سياسي ۽ فوجي اختيار ڏئي موڪليو ھو ـ نومبر 1842 جي آخر ڌاري آغا خان سکر پھتو ۽ چارلس نيپئر سان مليو ـ آغا خان پنھنجي سٺ گھوڙيسوارن سميت جنوري 1843 ۾ چارلس نيپئر سان گڏ ڀريا ۾ برطانوي ڪئمپ ۾ ويو جتان پوءِ ساڻس حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو جتي مياڻي ۽ دُٻي وارين جنگين ۾ حصو ورتائين ـ“ (چارلس نيپئر ڀريا ۾ جنھن ھنڌ پڙاءُ ڪيو، اھو اڄ به منزل گاھه جي نالي سان مشھور آھي ـ منزل گاھه جو علائقو ڀريا جي تاريخي ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول واري عمارت جي پٺيان آھي جتي ھاڻ وڏي رھائشي آبادي آھي ) ـ
ڊاڪٽر ائڊرين ڊئارٽ پڻ پنھنجي ڪتاب A History Of British Relations With Sind – 1613-1843 ۾ لکي ٿو ته چارلس نيپئر 30 جنوري 1843 تي جڏھن ڳوٺ ڀريا وٽان لنگھيو پئي ته مير نصير خان، مير محمد ۽ شھداد جي موڪليل ٽن اعلى عھدن وارن ايلچين ساڻس ملاقات ڪئي ـ ميرن جا ٽئي وڪيل نيپئر جي پٺيان سندس ڪئمپ تائين آيا ـ نيپئر کين ھدايت ڪئي ته ھُو ميرن کي معاھدا قبول ڪرڻ لاءِ راضي ڪن جنھن کانپوءِ ميجر آئوٽرام 6 فبروريءَ تي حيدرآباد ۾ ميرن سان ملي قطعي منظوري حاصل ڪندو ـ نيپئر ميرن جي وڪيلن تي واضح ڪيو ته ھُو 6 فبروريءَ تائين نوشھري فيروز ۾ پنھنجي ايندڙ ڪئمپ تي ترسندو ۽ جيڪڏھن شرطن موجب جواب نه مليو ته خيرپور وارن ميرن ۽ حيدرآباد وارن ميرن جي سرحد ٽِپي اڳتي وڌندو (حيدرآباد وارن ميرن جي حد نوشھري فيروز کانپوءِ شروع ٿيندي ھئي) ـ ايئن چارلس نيپئر چوٿينءَ کان ڇھين فبروريءَ تائين نوشھري فيروز واري ڪئمپ ۾ ترسيو ـ (ڊاڪٽر ائڊرين ڊارٽ کي 1945 ۾ سنڌ حڪومت ذميواري ڏني ھئي ته راجڪوٽ ريزيڊنسي رڪارڊ آفيس مان سنڌ متعلق دستاويز گڏ ڪري ـ ھُو 1943 کان 1945 تائين ملٽري ٽريننگ سينٽرن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندو رھيو ۽ 1944 کان 1947 تائين ھسٽاريڪل رڪارڊس ڪميشن توڙي انڊين ھسٽري ڪانگريس ۾ به سنڌ جو نمائندو رھيو ـ سال 1954 ۾ کيس انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو ھو ـ ھيءُ انگريز آفيسر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپال به رھي چُڪو) ـ
ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ اليگزينڊر اِنَيس شاند Alexander Innes Shand پنھنجي ڪتاب جنرل جان جيڪب General John Jacob – Commander of the Sind Irregular Horse and Founder of Jacobabad (سِيلي اينڊ ڪو لميٽيڊ، لنڊن 1901) ۾ پڻ اھڙو ذڪر ڪيو آھي ـ ڪتاب موجب ”نيپئر 30 جنوري 1843 تي جنرل جان جيڪب کي خط لکيو ته ميرن جا وڪيل آيا آھن ۽ مون کين راضپو ڏنو آھي ته پنجين فبروريءَ تائين نوشھري فيروز ۾ ترسندس ۽ جيڪڏھن ميرن اطاعت قبول نه ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ آئوٽرام سان نه مليا ته مان ميرن کي دشمن قرار ڏئي اڳتي مارچ ڪندس ـ“ ڪتاب موجب نيپئر چوٿين فبروريءَ تي نوشھري فيروز مان وري ھڪ خط جنرل جان جيڪب کي لکيو ۽ کيس مير رُستم ڏانھن ويندڙ 1500 گھوڙيسوارن جي خطري کان آگاھه ڪندي ٻڌايو ته ھُو پاڻ ڇھين فبروريءَ کان اڳ اڳتي نه وڌندو ـ
مستند تاريخي دستاويز دستياب نه ھجڻ جي ڪري تاريخدان به مونجھاري جو شڪار رھن ٿا ۽ صرف گمان ئي ڪري سگھن ٿا ـ سنڌ جي تاريخ، حڪومتي ڪار وھنوار، روينيو رڪارڊ جيڪو فارسيءَ ۾ ٽالپرن جي دور تائين لکيل ھو، اھو انگريزن تباھه ڪري ڇڏيو نه ته شايد اڄ اسان وٽ تاريخ جو وڏو مواد موجود ھجي ھا ـ ھڪ محقق مئٿيو اَي ڪُڪ Matthew A. Cook پنھنجي ھڪ مقالي اِيسٽ انڊيا ڪمپني اينڊ دي گروٿ آف سنڌي ملٽي نيشنل ٽريڊ East India Company and the growth of Sindhi multinational trade ۾ لکيو آھي ته”برٽش سرڪار 1850 ۾ فيصلو ڪيو ھو ته فارسيءَ ۾ لکيل سمورو سرڪاري رڪارڊ تلف ڪري ڇڏجي ڇو ته اھو فارسيءَ ۾ ھجڻ ڪري سندن ڪم جو نه ھوـ“
مٿي بحث ھيٺ آندل سمورين ڳالھين مان ھيٺيان نقطا وڌيڪ واضح ٿي آڏو اچن ٿا:
• ھن خطي ۾ منظم انساني وسنديون عربن کان به صديون اڳ موجود ھيون ـ
• ھٿ آيل قديم سِڪا ثابت ڪن ٿا ته عربن جي ڪاھه کان به اڳ (بھراور يا بھرووَر جي نالي سان) شھر آباد ھو ـ
• عربن جي ڪاھه وقت به اھو شھر آباد ھو ۽ ھتي قلعو موجود ھو جنھن ۾ سورھن ھزار سنڌي سپاھي موجود ھئا ـ
• جڏھن انگريز واپاري 1641 ۾ ھن خطي ۾ آيا ته انھيءَ وسنديءَ جو نالو بھرالا ھو ـ
• درياھه جي وھڪري مٽجڻ ۽ ٻوڏن جي ڪري قديم وسندي متاثر ٿيندي رھي آھي ـ
• ھاڻوڪو ڀريا شھر 1775 ڌاري ٻڌو ويو، پر ان کان اڳ ھتي جا رھواسي به ٻوڏن اچڻ سبب ٻين ھنڌن ڏانھن لڏيندا ۽ موٽندا رھيا ـ
• ھاڻوڪي ڀريا شھر جي اُتر اوڀر ۾ پراڻن آثارن ۽ پراڻي ھالاڻي واري رستي لڳ پاڪ فقير جي درگاھه جي ڪُتبي تي ميان عبدالحميد عرف پاڪ فقير جي وفات جي تاريخ 1117 ھجري لکيل آھي جنھن جو مطلب ته سندن وفات ۽ ان ھنڌ تدفين کي 323 ورھيه ٿي چُڪا آھن ـ ھاڻوڪو شھر سندن وفات کان ڪافي ورھيه (ذري گھٽ 40 ورھيه) پوءِ جو ٻڌل چيو وڃي ٿو، جنھن سان نئين شھر جي قائم ٿيڻ جو عرصو 283 ورھيه نڪري ٿو ـ ھاڻوڪي شھر لاءِ ڪتابن ۾ ڄاڻايل سن 1775 مطابق به ان نئين شھر ٻڌئي 244 ورھيه ٿي ويا آھن ـ
• سنڌ ۾ اڳي ڀريا ذات جي موجودگيءَ باوجود وڌيڪ امڪان آھي ته ھاڻوڪي شھر جو نالو پاڪ فقير واري قبرستان ۾ دفن ڀِرئي فقير جي نالي پٺيان رکيل ھجي ـ اھو به امڪان آھي ته اھو ڀريو فقير، جيئن مٿي ٻڌايل آھي ته سيد ھو، متعلوي سيدن (موجوده سيد گھراڻي) جو بزرگ سيد مرتضى عرف ڀرئه ھجي ۽ ھيءُ شھر سندس نالي پٺيان ڪوٽ ڀريو ۽ پوءِ ڀريا ٿي ويو ھجي ـ پر سيد احتشام علي شاھه موجب سندن سيد گھراڻي جو قبرستان ”شاھه ستار“ جي نالي سان الڳ آھي ۽ ڀِريو فقير جو سندن خاندان سان تعلق ڪونھي ـ

انتظامي تاريخ

ڀريا جي انتظامي تاريخ به سنڌ جي ٻين علائقن کان مختلف ڪانھي ـ صدين کان زراعت ۽ وڻج واپار جو مرڪز ھجڻ جي باوجود ڀريا ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جي حيثيت ۾ پنھنجو وجود قائم رکندو آيو جنھن ۾ انگريزن جي راڄ شروع ٿيڻ تائين جديد دنيا واري ڪنھن به سرشتي جو ڪو تصور ڪونه ھو ـ ساھتي پرڳڻي جي ھن حصي ۾ به جاگيرداري نظام رائج ھو جنھن ۾ ھڪ وڏي عرصي تائين ڳوٺن جي پئنچائتي جوڙجڪ کان اڳتي ڪوبه ادارو جُڙي نه سگھيو ھو ـ
انگريزن جي راڄ کان اڳ واري سموري دور ۾ سنڌ اندر جاگيرداري نظام رائج ھو جنھن ۾ وقت جي حڪمرانن لاءِ مقامي سطح تي انتظام سنڀالڻ جون ذميواريون به جاگيردارن مٿان رکيل ھيون ـ سال 1635 ۾ لکيل تاريخِ مظھر شاھجھانيءَ موجب مغلن سن 1520 کان سنڌ ۾ نئون جاگيرداري سرشتو رائج ڪيو ھو جنھن ۾ به ڪافي خرابيون ھيون ڇو ته مغل بادشاھه جلد جلد جاگيرون ھڪڙن ماڻھن کان کسي وري ٻين کي ڏيندا ھئا ـ اھي جاگيردار ئي بادشاھن لاءِ عوام کان زوريءَ اوڳاڙي ڪندا ھئا ـ انھن جاگيردارن جي مٿان جيڪو حڪومتي سرشتو ھو تنھن ۾ پرڳڻي جو گورنر ۽ سندس ماتحت صوبيدار، منصب دار ۽ ڪاردار شامل ھئا ـ
”تاريخِ مظھر شاھجھاني“ جي ليکڪ يوسف ميرڪ جي بيان موجب مغلن جي زماني ۾ ساھتيءَ وارو علائقو درٻيلي جي حدن ۾ آيو ٿي، جنھن کي پرڳڻي جي حيثيت حاصل ھئي ـ يوسف ميرڪ لکي ٿو:”مُلڪ بکر اَٺ پرڳڻن تي مشتمل ھو جن مان پنج روھڙيءَ پاسي ۽ ٽي سکر واري پاسي ھئا ـ درٻيلي پرڳڻي ۾ سھته ۽ سميجه قومون (قبيلا يا برادريون) رھنديون ھيون ـ سميجن ۾ راڄپر ۽ بِھڻ شامل ھئا ـ ھن پرڳڻي جي ميدانن ۾ زراعت ٿيندي ھئي ـ اڳي اھي قومون (قبيلا) سرڪش ھونديون ھيون ۽ بکر جي حاڪم کان طاقت جي زور تي سامان حاصل ڪنديون ھيون ـ ان وقت بکر جو فوجدار سيد بايزيد بخاري ھو جنھن جو پُٽ عيد جي ڏينھن بکر مان روانو ٿيو ۽ ٻنھي فرقن کي تاراج ڪيائين ـ ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا ۽ ڪيترن کي سندن ڪٽنبن سميت آڻي بکر جي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو ـ ان کانپوءِ اھي سڀ رعيت ۾ شامل ٿيا ۽ بکر جي حاڪم کي ڏن ڏيڻ لڳا ـ“ سندس چوڻ موجب درٻيلو پرڳڻو مير معصوم بکريءَ جي جاگير ۾ شامل ھوجنھن پنھنجي عاملن کي پابند ڪيو ھو ته محصول جي اوڳاڙيءَ وقت ڏسن ته ڪيتري ايراضيءَ تي فصل ٿيو آھي ۽ محصول جي اوڳاڙي صرف پوکيل فصل جي حساب سان ڪئي وڃي ۽ غيرآباد زمين تي محصول نه ورتو وڃي ـ انھيءَ جي نتيجي ۾ ماڻھو خوشحال ٿيا ۽ ھنن وڌيڪ ايراضي پوک ھيٺ آندي ـ
جڏھن سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي صاحبي شروع ٿي ته ھنن به مغلن وارو جاگيرداري سرشتو جاري رکيو پر فرق صرف ايترو ھو ته جلد جلد جاگيرون کسڻ بند ڪيائون ـ
ٽالپرن واري صاحبيءَ جو زمانو به ڪو مختلف ڪونه ھو ـ اھي ئي جاگيردار ۽ اھو ئي زور زبردستيءَ وارو جاگيرداريءَ وارو سماج ھلندو رھيو ـ ميرن جي زماني ۾ ڏوھن جا ڪيس اُڪلائڻ لاءِ ڪاردار ۽ ڪوٽوال مقرر ھئا ـ آبادگارن کان وصولين لاءِ ٽن قسمن جا محصول رائج ھئا ـ ھڪ مالڪاڻو، ٻيو زمينداري ۽ ٽيون راڄ خرچ ـ ھڪ ديھه جي ھڪ زميندار جي حيثيت سربراھه واري ھوندي ھئي، جنھن جي ماتحت چار ٻيا زميندار ھوندا ھئا ـ فصل لھڻ تي بٽئيءَ وقت زميندار پنھنجي حد جي آبادگارن کان ”مالڪاڻو“ يا لَپو وصول ڪندا ھئا ـ زمينداريءَ وارو محصول زميندارن تي مڙھيل ھو جڏھن ته چئن زميندارن جو پنجون مُکيه زميندار سڄي ديھه مان لَپو وصول ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ جي برادريءَ لاءِ ”راڄ خرچ“ روڪ يا اناج جي شڪل ۾ وصول ڪندو ھو جيڪو راڄ تي ئي خرچ ڪرڻو ھوندو ھو ـ لَپو ھر مُند جي فصل جي حساب سان وصول ڪيو ويندو ھو ـ وقت جي حڪمرانن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ذميواري به مُکيه زميندار مٿان ھوندي ھئي ـ تاريخ جي ڪتابن ۾ ڀريا جي حوالي سان اھڙو ڪو الڳ ذڪر نٿو ملي پر پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اھڙو ئي سرشتو ھتي به رائج ھوندو ـ
انگريز فوجي آفيسر ٽِي پوسٽنس پنھنجي 1843 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب ”پرسنل آبزورويشنس آن سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ٽالپرن جي زماني ۾ ڪوٽوال مقرر ھوندا ھئا جن جو درجو ننڍن مئجسٽريٽن برابر ھوندو ھو ۽ اھي ماڻھن جا مقدما نبيري سزا به ڏيندا ھئا ـ ڳوٺن جي سطح تي اُتان جو چڱو مڙس بااختيار ھوندو ھو ـ روينيو انتظام جي حوالي سان پوسٽنس لکي ٿو ته ان وقت سنڌ چوئيتاليھه روينيو ضلعن ۾ ورھايل ھئي جن ۾ ٺٽو، ڇڇگام، ڪُڪرالا، ڌاراجا، سُندرا، امام واھه (واھه جي نالي پٺيان علائقو)، شھدادپور، خيرپور، گمبٽ، ھالا، بھلاڻي ۽ ٻيا ضلعا شامل ھئا ـ انھن نالن مان امام واھه ۽ بھلاڻيءَ جو تعلق ڀريا سان ٿي سگھي ٿو ـ جيڪڏھن پوسٽنس جي ڪتاب ۾ ڄاڻايل امام واھه ڀريا جي ڀرسان وارو امام واھه ئي آھي ته ان جو مطلب ڀريا امام واھه نالي روينيو ضلعي ۾ شامل ھو، پر جيڪڏھن اھو امام واھه ٻيو ڪو ھو ته پوءِ ڀريا بھلاڻي نالي روينيو ضلعي جو حصو ھوندو ڇو ته ڀريا ۽ بھلاڻي ھڪٻئي جي ويجھو رھيا آھن ـ
انگريز آفيسر اَي ڊبليو ھِيوز جي مُرتب ڪيل سنڌ گزيٽيئر ۾، جيڪو پھرين 1874 ۾ ۽ پوءِ ڪجھه واڌاري سان 1876 ۾ ڇپيو ھو، نوشھري فيروز جي ڪيترين ئي جاگيرن ۽ جاگيردارن جي فھرست شامل آھي ـ اھي جاگيرون پُراڻي وقت کان ڏنل ھيون جن کي انگريزن به جاري رکيو ھو ـ جيئن ته ڀريا شھر وارو علائقو نوشھري فيروز جي ديھن منجھان ھڪ ھو، تنھنڪري ان کي جاگيرداري نظام کان ٻاھر ڪنھن به حالت ۾ نٿو سمجھي سگھجي ـ ٽالپرن جي زماني ۾ خيرپور وارن ميرن جي صاحبيءَ جون حدون نوشھري فيروز تائين ھيون ـ انھيءَ جو اندازو جنرل چارلس نيپئر جي انھن خطن مان ٿئي ٿو جن موجب ھن نوشھري فيروز ۾ پڙاءَ دوران حيدرآباد جي ميرن کي سندس مطالبا مڃڻ جو چتاءُ ڏيندي چيو ھو ته مطالبا نه مڃڻ تي ھو حيدرآباد وارن ميرن جي حدن ۾ پيشقدمي ڪندو ـ ان حساب سان 17 فبروري 1843 واري مياڻيءَ جي جنگ لڳڻ تائين ڀريا خيرپور وارن ميرن جي صاحبيءَ جو حصو ھو ـ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ جيڪو نظام رائج ھو، تنھن جو اندازو ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ ڏنل ھنن سِٽن مان به ٿئي ٿو: ”ڀريا ۾ ”ڄيٺڙا“ نِک جا نوتاڻي به رھندا ھئا ـ نوتاڻين جا وڏا ميرن جي صاحبيءَ ۾ سندن ”انباردار“ ھئا ۽ ميرن کي زميندار جيڪو اناج ڏن طور ڏيندا ھئا، اُھو سنڀاليندا ھئا ـ“
سنڌ تي انگريزن جي مڪمل قبضي کانپوءِ نئون انتظامي نظام رائج ٿيو جنھن تحت چارلس نيپئر 1843 ۾ سنڌ کي ٽن انتظامي يونٽن ۾ ورھائي ڇڏيو ـ ان نظام ھيٺ ھن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور کي ڪليڪٽوريٽ جو درجو ڏنو ـ نئين نظام ھيٺ ڀريا حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جو حصو بنجي ويو جيڪا نوابشاھه، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جي علائقن تي مشتمل ھئي ـ نيپئر جي رائج ڪيل نظام ھيٺ سنڌ ۾ ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪليڪٽر، مختيارڪار ۽ تپيدار مقرر ڪيا ويا ـ ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن کي جڊيشل اختيار به مليل ھوندا ھئا ـ ان نئين نظام ۾ نوشھري فيروز کي تعلقي جو درجو مليو جڏھن ته ڀريا، نوشھري فيروز تعلقي جي ڏھن تپن مان ھڪ تپو ھو ـ سال 1912 ۾ نوابشاھه کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو جنھن ۾ نوشھري فيروز کي تعلقي جي حيثيت ۾ ئي شامل ڪيو ويو پر ڪنڊياري کي به تعلقي جو درجو ڏنو ويو جنھن ۾ موجوده ڀريا ۽ محرابپور واري وسيع ايراضي شامل ھئي ـ اھڙي طرح ڀريا جي به ساڳي تپي واري حيثيت برقرار رھي ـ
ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي ون يونٽ مڙھجڻ کانپوءِ اولھه پاڪستان حڪومت جي ھدايتن تي تيار ڪيل ويسٽ پاڪستان گزيٽيئر (سنڌ ريجن) ۾ وڌيڪ تفصيل بيان ڪيا آھن ـ اھو گزيٽيئر ھن 1957 کان 1959 تائين لکي ورتو ھو پر 1968 ۾ ڇپجي سگھيو ھو ـ سورلي لکي ٿو ته انگريزن واري زماني تائين به جاگيرداري نظام ھو جنھن ۾ پئنچائت سرشتو به نالي ماتر ھو ـ سال 1843 ۾ قبضي کانپوءِ انگريزن برطانيا واري طرز تي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ مڪاني ادارن جو سرشتو ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي ـ سال 1863 کان اڳ بمبئي پريزيڊنسيءَ جي علائقن ۾ ( ان وقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو ھئي) مڪاني ادارن لاءِ ڪو الڳ حڪومتي فنڊ مخصوص ڪونه ھو ـ انگريز سرڪار ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ ڪاروبار تي مڙھيل محصول ختم ڪيا ھئا پر نَو (9) ورھين کانپوءِ خيرپور رياست کان ھٿ ڪيل علائقن ۾ اھي محصول وري بحال ڪري ڇڏيا ته جيئن ٻھراڙين جي ترقيءَ تي خرچ ڪري سگھجي ـ انگريز سرڪار ٽائون ۽ راھداري محصول جي جاءِ تي لينڊ روينيو (ڍل) لاڳو ڪئي جڏھن ته پَول Poll (ھر بالغ فرد تي مڙھيل) ٽيڪس ۽ پروفيشنل ٽيڪس ختم ڪري مستقل دڪانن تي چار آنا مھينو (ھڪ رُپئي ۾ 16 آنا ھوندا ھئا) ۽ مڇي ۽ ڀاڄين جي عارضي دڪانن تي ماھوار ٻه آنا ٽيڪس لاڳو ڪيو ـ اھو سلسلو به صرف 1860 تائين ھليو جڏھن انڪم ٽيڪس ائڪٽ لاڳو ڪيو ويو ۽ 1863 ۾ حڪومت لوڪل گورنمينٽ فنڊ قائم ڪيو ـ انھيءَ نئين انتظام تحت ھڪ رُپئي جي لينڊ روينيو (ڍل) تي لوڪل گورنمينٽ فنڊ لاءِ ھڪ آنو سيس مقرر ھو ـ اھڙي طرح گڏ ٿيندڙ فنڊ مان ٽيون حصو تعليم تي ۽ باقي رستن، کوھن ۽ عمارتن جي مرمت وغيره تي خرچ ٿيڻو ھو ـ اڳتي ھلي 1884 ۾ اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي ۽ ٿرپارڪر کي ڇڏي باقي ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٺاھيا ويا جن جو اختيار سموري ضلعي ۽ تعلقي لوڪل بورڊن تي ھوندو ھو ـ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن تي 20 کان 30 ميمبر ھوندا ھئا جن مان اڌ چونڊيل ۽ باقي سنڌ جي ڪمشنر جا مقرر ڪيل ھوندا ھئا ـ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ تي چونڊيل ميمبر ضلعي جي تعلقا لوڪل بورڊن، ميونسپلٽين ۽ انعامدارن (ھرانعامدار کي ھڪ ڳوٺ حوالي ٿيل ھو) جي نمائندگي ڪندا ھئا ـ نامزد ٿيل ميمبرن ۾ ڪليڪٽر، اسسٽنٽ ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر، ضلعي جو ايگزيڪيٽو انجنيئر، ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ڊپٽي سينيٽري ڪمشنر ۽ سِول سرجن (ھيلٿ آفيسر) شامل ھوندا ھئا ـ سرڪاري ميمبرن کي ووٽ جو حق نه ھوندو ھو ـ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي گڏجاڻي سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندي ھئي ـ تعلقي لوڪل بورڊن تي 15 ميمبر ھوندا ھئا جن مان اڌ چونڊيل ۽ اڌ سرڪاري نامزد ٿيل آفيسر ھوندا ھئا ـ تعلقي جو اسسٽنٽ يا ڊپٽي ڪليڪٽر بورڊ جو صدر ۽ ھڪ چونڊيل ميمبر نائب صدر ھوندو ھو پر عملي طور اھو عھدو مختيارڪار وٽ ئي رھندو ھو ـ بورڊ جو ميمبر چونڊجڻ جو حق صرف اھڙي شخص کي ھو جيڪو سال ۾ 48 رُپيا ٽيڪس ڏيندڙ ھجي يا سندس سالياني آمدني پنج ھزار رُپيا ھجي ـ ٻي ڪئٽگريءَ ۾ اھڙو شخص به ميمبر ٿي سگھيو ٿي جنھن جي آمدني ساليانو 500 رُپيا ھجي يا ماھوار پنجاھه رُپيا پينشن کڻندو ھجي ـ تعلقي لوڪل بورڊ سال ۾ چار ڀيرا گڏجاڻي ڪندو ھو پر ڪي بورڊ ھر مھيني به گڏجاڻي ڪندا ھئا جنھن لاءِ ڪو خاص قاعدو ڪونه ھو ـ تعلقي بورڊ پنھنجي بجيٽ ٺاھي ڊسٽرڪٽ بورڊ کي منظوريءَ لاءِ موڪليندا ھئا ـ اڳتي ھلي 1936 ۾ تعلقي بورڊ غيرضروري قرار ڏئي ختم ڪيا ويا ـ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن کي تعليمي گرانٽ حڪومت ڏيندي ھئي ـ (ڀريا نوابشاھه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ شامل ھو) ـ
سنڌ ۾ ميونسپل سرشتي بابت سورلي لکي ٿو ته انگريز سرڪار ”وليج سينيٽري ڪميٽيون“ به ٺاھيون ته جيئن ڳوٺن ۾ سڌارو آڻي سگھجي ـ ان مقصد سان 1889 ۾ قانون لاڳو ڪيو ويو ـ سينيٽري ڪميٽين ۾ ٽن کان ست ميمبر ھوندا ھئا جن ۾ مختيارڪار ۽ ميڊيڪل آفيسر به شامل ھوندا ھئا، پر ڪن ڳوٺن ۾ انھن ڪميٽين تي ڪو به سرڪاري ميمبر ڪونه ھوندو ھو ـ سينيٽري ڪميٽيءَ جو اڌ خرچ ڳوٺ وارن تي ھوندو ھو جڏھن ته ٽيون حصو لوڪل فنڊ مان ڇھون حصو سرڪار پاڻ ڀريندي ھئي ـ انھن پئسن مان صفائيءَ واري عملي جي پگھار، روشنيءَ جي بندوبست، جھنگ صاف ڪرڻ، پاڻيءَ جون ٽانڪيون صاف ڪرڻ ۽ اھڙن ٻين ڪمن تي خرچ ڪيا ويندا ھئا ـ اڳتي ھلي پوليس جا خرچ به ميونسپلٽين تي رکيا ويا ھئا ـ انگريزن جي انھيءَ نظام منجھان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته سندن راڄ (1843 کان 1947) دوران ڀريا ۾ انتظامي ۽ ميونسپل سرشتو ڪھڙو ھو ـ
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ جڏھن 1955 ۾ صوبن جي جُدا حيثيت ختم ڪري مٿن ون يونٽ مڙھيو ويو ته باقي سنڌ کي ٻن ڊويزنن _ خيرپور ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ ورھايو ويو جڏھن ته ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو درجو ڏنو ويو، جنھن ۾ صوبائي گادي به موجود رھي ـ ان انتظام ھيٺ نوابشاھه کي خيرپور ڊويزن ۾ شامل ڪيو ويو ته نوشھرو فيروز ۽ ڀريا به خيرپور ڊويزن ۾ اچي ويا ـ سال 1970 ۾ جڏھن ون يونٽ جو خاتمو ٿيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور کي ڊويزنن جو درجو ڏنو ويو جنھن ۾ خيرپور ڊويزن جا ساڳيا ضلعا برقرار رھيا ـ اڳتي ھلي 1974 ۾ انتظامي يونٽن منجھه ڦيرگھير آندي وئي جنھن تحت خيرپور جي ڊويزن واري حيثيت ختم ڪري سکر کي ڊويزن جو درجو ڏنو ويو ته نوابشاھه ضلعي سان گڏ نوشھرو فيروز تعلقو ۽ ڀريا تپو به سکر ڊويزن جو انتظامي حصو بنجي ويا ـ انتظامي طور تي وڌيڪ تبديلي 1989 ۾ آئي جڏھن نوشھري فيروز کي نوابشاھه کان ڌار ڪري نئين ضلعي جو درجو ڏنو ويو ۽ اھڙي طرح ذري گھٽ ڏيڍ صديءَ کانپوءِ ڀريا کي نئين ضلعي جي ھڪ تعلقي جي حيثيت حاصل ٿي ـ
جڏھن 19ھين صديءَ جي وچ ڌاري ڀريا نوشھري فيروز تعلقي جو تپو ھو، تڏھن ھتي تپيدار جو ديرو يعني ھيڊڪوارٽر ۽ پوليس لائين ھوندا ھئا جتي چار پوليس وارا مقرر ھئا ـ اٺاويھه ورھيه اڳ 1989 ۾ تعلقي جو درجو ملڻ کانپوءِ ھتي مختيارڪار، مئجسٽريٽ ۽ تعلقي سطح جي ٻين آفيسرن جون آفيسون قائم ٿيون ـ ڀريا تعلقو ھن وقت به نوشھري فيروز ضلعي ۾ آھي پر پيپلز پارٽي حڪومت جي دور (2013 کان 2018) ۾ شھيد بينظيرآباد (نوابشاھه) جي نالي سان نئين ڊويزن ٺھڻ سان اھو تعلقو انتظامي طور نئين ڊويزن جو حصو آھي ـ انتظامي ڦيراگھيرين جي نتيجي ۾ ڀريا تعلقي جي يونين ڪائونسلن ۾ تبديلي ايندي رھي آھي ۽ لاکا روڊ سميت ڪي يونين ڪائونسلون الڳ ڪري محرابپور تعلقي ۾ شامل ڪيون ويون ته ڪي نيون يونين ڪائونسلون ڀريا ۾ شامل ڪيون ويون آھن ـ ڀريا تعلقي جون موجوده يونين ڪائونسلن ۾ ڪوٽ بھادر، دالي، دليپوٽه، گھيڙگجو، کاھي قاسم، دريا خان جلباڻي، ٻيلاواھه، چانھيون محمد سليمان، راڄو ڪيريو ۽ مولھڻ شامل آھن ـ
سنڌ ۾ ميونسپل ادارا قائم ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار 1850 ۾ ميونسپل ائڪٽ لاڳو ڪيو جنھن تحت حيدرآباد ۽ شڪارپور ڪليڪٽوريٽ ۾ ميونسپل ادارا قائم ڪرڻا ھئا، پر نوشھري تعلقي جي پنج شھرن نوشھري فيروز، ڪنڊيارو، ٺاروشاھه، ڀريا ۽ موري ۾ 25 فبروري 1861 تي ميونسپلٽيون قائم ٿيون ـ سال 1873 _1874 ۾ ڀريا جي ميونسپلٽيءَ جي آمدني 1825 رُپيا ۽ خرچ 1707 رُپيا ھو ـ انھيءَ دور جي سنڌ گزيٽيئر موجب ڀريا نوشھري تعلقي جو ٻيو نمبر وڏو شھر ھو جنھن جي آبادي سن 1852 ۾ 2798 ھئي جنھن ۾ 1573 ھندو ھئا ۽ گھرن جو ڪُل تعداد 231 ۽ 100 دُڪان ھئا ـ ساڳئي گزيٽيئر موجب 1873_1874 ڌاري ڀريا جي آبادي ڪُل 2549 ھئي جنھن ۾ 926 مسلمان (سيد ۽ ميمڻ)، 135 ھندو لُھاڻا ۽ 1488 سِک شامل ھئا ـ
ڀريا ۾ جڏھن ميونسپلٽيءَ جو بنياد پيو ته شھر ۾ صفائيءَ جي انتظام لاءِ ھڪ سينيٽري ڪميٽي به ٺاھي وئي جنھن تي مقامي معزز ماڻھو ميمبر طور کنيا ويندا ھئا ـ اھڙن ميمبرن ۾ ديوان کيمچند به ھو جيڪو ٻيلن جا ٺيڪا کڻندو ھو پر پوءِ ڀريا ۾ ٻنيون سنڀالڻ لڳو ھو ـ ھن 1903 ۾ لاڏاڻو ڪيو ـ سال 1931 کان 1947 واري عرصي ۾ قيمتراءِ به سينيٽري ڪميٽيءَ جو ميمبر رھيو ـ موجوده ايم پي اي سيد مُراد علي شاھه جو ڏاڏو، جنھن جو نالو به سيد مُراد علي شاھه ھو، ڀريا جي ميونسپلٽيءَ جو چيئرمن به رھيو ـ سال 1959 ڌاري ملڪ ۾ ايوب خان جي فوجي حڪومت ”بنيادي جمھوريت“ جي نالي ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون ته ڀريا جي ميونسپلٽيءَ کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو ڏنو ويو ـ سيد مراد علي شاھه (اول) جو فرزند سيد امام علي شاھه ان ٽائون ڪميٽيءَ جو پھريون چيئرمن ٿيو جنھن کانپوءِ امام علي شاھه جا فرزند سيد انور علي شاھه ۽ احشام علي شاھه ٽائون ڪميٽيءَ جا چيئرمن ٿيندا رھيا جن کانپوءِ وري انور علي شاھه جو ھڪ فرزند امام علي شاھه چيئرمن ٿيو جڏھن ته موجوده وقت (2019 سال) سندس ٻيو فرزند امير علي شاھه چيئرمن جي عھدي تي آھي ـ
انگريزن جي زماني ۾ ڀريا ۾ پوسٽ آفيس به قائم ٿي جنھن ۾ ٽيليگراف سرشتو به موجود ھو ـ اھا سھولت تڏھن ملي جڏھن 1868 ۾ سرڪار رُورل مئسينجر پوسٽ قائم ڪئي ـ سنڌ ۾ ابتدائي طور 1854 تائين ٽپال کاتو لوڪل گورنمينٽ جي ماتحت ھو پر پوءِ ان کي امپيريل پوسٽل کاتي جي حوالي ڪيو ويو ـ انگريز سرڪار ٽيليگراف لاءِ ڇھه اليڪٽرڪ ڪميونيڪيشن لائينون وڇايون ھيون جن ۾ ھڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ (110 ميلن جو فاصلو)، ٻي حيدرآباد ۽ سکر وچ ۾ (207 ميلن جو فاصلو)، ٽين سکر ۽ شڪارپور ۽ چوٿين شڪارپور ۽ جيڪب آباد وچ ۾ ھئي جڏھن ته باقي ٻه حيدرآباد کان ٿرپارڪر واري پاسي ھيون ـ حيدرآباد ۽ سکر واري لائين نوشھري ۽ ٺاروشاھه واري ٽپال روڊ وٽان لنگھندي ھئي ۽ ڀرين جو شھر به انھيءَ پوسٽل روڊ ڀرسان ئي ھو جيڪو ڪنڊياري تعلقي جي ھالاڻي بھلاڻي کان ٿيندو محرابپور ويو ٿي ـ پوسٽل يا ٽپالي روڊ تي چوڪيون قائم ھونديون ھيون ۽ گھوڙيسوار ٽپال کڻي انھن چوڪين تي ترسندا ۽ تازي گھوڙيسوار جي حوالي ڪندا ھئا ـ

سياسي تاريخ

ڀرين جي سياسي تاريخ لاءِ جيڪڏھن چئجي ته اھا ايتري ئي پراڻي آھي، جيتري دنيا جي ڪنھن به خطي، يا خاص طور ننڍي کنڊ، سنڌ ۽ انھيءَ جي ساھتي پرڳڻي ۾ انساني وسندين جي تاريخ، ته شايد ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ـ
سياسي تاريخ جي اڀياس لاءِ سياست جي تشريح ضروري آھي ـ سياست ڇا آھي؟ مختلف ڊڪشنرين جي تشريح موجب ڪنھن به ملڪ يا معاشري ۾ اقتدار لاءِ ھلندڙ سرگرمين، مرڪزي، صوبائي يا مقامي سطح تي حڪومتي نظام ھلائڻ، سياسي پارٽين جون سرگرميون، ملڪ جا اندروني توڙي بيروني معاملا ۽ ڊپلوميسي سياست جي دائري ۾ اچن ٿا ـ انھيءَ تشريح جي روشنيءَ ۾ جيڪڏھن دنيا ۾ سياست جي تاريخ يا انھيءَ جي ابتدا جو جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته جڏھن کان مصر، سمير ۽ سنڌو تھذيبن جنم ورتو ۽ غير رياستي سماجن رياستي سماجن جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي تڏھن دنيا ۾ سلطنتن، سندن سرحدن ۽ اقتداري گھراڻن به وجود ۾ اچڻ شروع ڪيو ـ انھيءَ عمل جي نتيجي ۾ دنيا اندر مختلف ملڪن جي شڪل ۾ نيون جاگرافيائي تبديليون به آيون ۽ انھن ملڪن ۾ سياست جو به بنياد پيو جيڪا ھزارين ورھين جي ارتقائي سفر کانپوءِ ويھين صديءَ ۾ جمھوري معاشرن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اڄوڪي شڪل ۾ موجود آھي ـ انھيءَ جو مطلب ته سياست انھيءَ وقت به ھئي جڏھن سلطنتون ھيون ۽ اقتدار ڪِن گھراڻن جي ھٿن ۾ ھوندو ھو، بادشاھي طرز جون حڪومتون ھونديون ھيون، اقتدار تي قبضي جا ٻيا به ڪي گھراڻا يا شخص دعويدار ھوندا ھئا ۽ محلاتي سازشن توڙي جنگين جي نتيجي ۾ اھو اقتدار ٻين گھراڻن جي ھٿن ۾ منتقل ٿي ويندو ھو ـ ويھين صديءَ کان ته سياست جو علم سوشل سائنس جو ھڪ اھم حصو بڻجي ويو جيڪو ان وقت کان دنيا جي ھر يونيورسٽيءَ ۾ پڙھايو وڃي ٿو ـ
سنڌ ملڪ کي به انھيءَ عمل کان الڳ نٿو سمجھي سگھجي ۽ تاريخ انھيءَ جي شاھد آھي ـ اھڙي طرح سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي تاريخ به گھڻو ڪجھه ٻڌائي ٿي ته ڀرين جو ننڍڙو علائقو به بادشاھتن، جنگين ۽ اقتدار جي تبديلين جو اکين ڏٺو شاھد آھي ـ ساھتيءَ جو ھيءُ خطو ھزارين ورھين کان ھڪ تھذيب، علم ۽ وڻج واپار جو مرڪز رھيو آھي ـ عربن جي ڪاھه کان اڳ توڙي پوءِ جي تاريخ ھن خطي جي اھميت کي اُجاگر ڪري ٿي ـ رُڳو ڀرين جي ئي ڳالھه ڪجي ته به ھتي جو قديم قلعو، عربن جي لشڪر جي آمد ۽ جنگ، سومرن، سمن، ترخانن، مغلن، ڪلھوڙن ۽ ميرن جي صاحبي توڙي اڻويھين صديءَ ۾ (30 جنوري 1843 تي) چارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ ۾ انگريز لشڪر جو پڙاءَ ۽ آغا خان اول جي ساڻس ملاقات تائين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڀرين جي علائقي جو ھڪ سياسي ڪردار به رھيو آھي ـ ان ڳالھه کي ئي مثال ڪري وٺي سگھجي ٿو ته سر چارلس نيپئر جڏھن لشڪر وٺي حيدرآباد تي ڪاھه ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ ڀريا ۾ پڙاءُ ڪيائين ته ھتي ڪابه ويڙھه يا رتوڇاڻ نه ٿي، جنھن جو مطلب ته ڀريا جي ان وقت جي قيادت يا چئجي ته چڱن مڙسن ۽ جاگيردارن پنھنجي ۽ شھر جي سلامتيءَ لاءِ پڪ ئي پڪ انگريز جنرل سان مفاھمتي لاڳاپا رکيا ھوندا ـ انھيءَ وقت ساھتي پرڳڻي جو اھو حصو ھونئن به خيرپور جي ميرن جي صاحبيءَ ۾ شامل ھو ۽ خيرپور جي ميرن جو انگريزن سان اتحاد ھو ـ ٽالپرن جي زماني ۾ ڀرين جي سيد امام علي شاھه جو نالو ھڪ وڏي جاگيردار طور آڏو اچي ٿو جنھن کانپوءِ سيد مراد علي شاھه ھڪ وڏي بااثر زميندار طور نالو ڪمايو جنھن کي انگريزن خانبھادر جو لقب به ڏنو ھو ـ ان حساب سان به ھتان جي چڱن مڙسن جا مير صاحبن توڙي انگريزن سان سياسي ۽ سفارتي واسطا رھيا ـ نوشھري فيروز شھر جو اڏيندڙ فيروز فقير (فيروز ويرڙ) ڪلھوڙن جي
صاحبيءَ جو بااثر ماڻھو ۽ اعلى عھديدار ھو جنھن ھيءُ علائقو فتح ڪري، نئون شھر اڏي، ان کي پنھنجو ھيڊڪوارٽر ٺاھيو ـ ڪلھوڙا حڪمرانن منجھان ئي ھڪ ميسيد نورمحمد شاھه، سال 1949 ۾ سنڌ جي وزارت ملڻ کانپوءِ ڀرين ۾ نوابشاھه ضلعي جي معززين سان گڏ جن ۾ ساڄي پاسي ٽئين نمبر تي مرحوم حاڪم علي زرداري به ويٺل آھيسيد نورمحمد شاھه، سال 1949 ۾ سنڌ جي وزارت ملڻ کانپوءِ ڀرين ۾ نوابشاھه ضلعي جي معززين سان گڏ جن ۾ ساڄي پاسي ٽئين نمبر تي مرحوم حاڪم علي زرداري به ويٺل آھيان عطر خان 1757 ۾ اقتدار سنڀاليو ته نوشھري فيروز کي پنھنجو تختگاھه بنايو جڏھن ته 1783 ۾ھالاڻيءَ واري جنگ ۾ ڪلھوڙن کي شڪست ڏيڻ بعد مير فتح علي خان ٽالپر به ڪجھه وقت نوشھري کي پنھنجو مرڪز ٺاھيو ھو تنھنڪري سمجھي سگھجي ٿو ته نوشھري کان صرف ڇھه ميل (ڏھه ڪلوميٽر) پري ڀرين شھر جو نوشھري سان گھڻو وھنوار ھو ۽ ھتان جي چڱن مڙسن جا ڪلھوڙا توڙي ٽالپر حڪمرانن سان سياسي تعلقات ھئا ـ اھو ئي نوشھرو آھي، جتي 1740 (محقق ڪلا ٿائراڻي پنھنجي ڪتاب British Political Missions to Sindh۾ 1739 لکي ٿو) ۾ ايراني جارح نادر شاھه ۽ 1753 (ڪلا ٿائراڻي1747 لکي ٿو ۽ ڪي 1755 لکن ٿا) ۾ افغان جارح احمد شاھه درانيءَ سنڌ مٿان ڪاھڻ وقت پڙاءَ ڪيا ھئا ـ ابداليءَ ته نوشھري ۾ پڙاءَ دوران مُرادياب خان ڪلھوڙي کي سنڌ جون واڳون ڏيڻ جي منظوري ڏني ھئي ـ ھڪ ليکڪ سھيل ظھير لاريءَ جي تحقيق موجب احمد شاھه ڪلھوڙن جي تختگاھه محمدآباد ۾ اچي ديرو ڄمايو جتان ميان نور محمد ڪلھوڙو ٿر ڏانھن ڀڄي ويو ۽ ديوان گدو مل کي احمد شاھه سان سفارتي ڳالھين لاءِ موڪليائين ـ احمد آباد جو وجود ھاڻي ته ڪونھي پر چيو وڃي ٿو ته اھو شھر موجوده شاھپور جھانيان جي ويجھو ڪنھن ھنڌ ھو ـ
چچ گھراڻي کان عربن جي راڄ تائين ھن خطي جو احوال ته اڳئي بحث ھيٺ آيل آھي، پر ان کانپوءِ جيڪي دور گذريا، تن جون تاريخون ھن ريت آھن: سومرن جو دور 1054 عيسوي کان شروع ٿيو؛ 1351 ۾ سمن اقتدار سنڀاليو؛ 1519 ۾ شاھه بيگ ارغون سنڌ تي قابض ٿيو؛ 1540 ۾ ھمايون بادشاھه سنڌ کي پنھنجو ڏن ڀَرُو بنايو؛ 1555 ۾ ترخانن قبضو ڪيو؛ 1590 ۾ اڪبر بادشاھه سنڌ کي دھليءَ جي تابع ڪيو؛ 1730 ۾ نور محمد ڪلھوڙو ساليانو ڏن ڀرڻ جي شرط تي اقتدار ۾ آيو؛ 1740 ۾ نادر شاھه سنڌ تي ڪاھه ڪئي؛ 1750 ۾ سنڌ افغانستان جي ماتحت ٿي وئي؛ 1786 ۾ ٽالپرن ڪلھوڙن جو تختو اونڌو ڪيو ۽ 1843 ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪري ورتي (حوالو ٽي پوسٽنس، ڪتاب ”پرسنل آبزرويشنس آن سنڌ“) ـ ڪتابن ۾ تاريخن ۾ ڪجھه فرق ملن ٿا پر ھتي صرف اھو ٻڌائڻو آھي ته ھر دور ۾ ساھتي پرڳڻي ۽ ڀريا جو سياسي طور انھن حڪمرانن سان لازمي طور واسطو پوندو رھيو آھي ـ
پراڻي زماني جي سياست جو ٻيو پھلو پئنچائتي يا پنگتي سرشتو آھي ـ اڀياس ٻڌائي ٿو ته ٽي سئو ورھيه قبل مسيح ۾ به دنيا اندر پئنچائت جو سرشتو موجود ھو جنھن کي سنسڪرتيءَ ۾ ”گرام پريشد“ سڏيو ويو جنھن لاءِ پوءِ پئنچائت اکر استعمال ٿيو جنھن جو مطلب ئي آھي پنج ماڻھن جو گروپ ـ پئنچائت جي ذميواري ھوندي آھي مقامي طور مسئلا ۽ تڪرار نبيرڻ ـ مغلن جي دور ۾ به سموري ھندستان جي ٻھراڙين ۾ پئنچائتي سرشتو رائج ھو ـ سنڌ ۾ به سومرن، سمن ۽ پوءِ ترخانن توڙي ٽالپرن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ پنگتين ۽ پئنچائتن جو سرشتو موجود ھو ۽ ان حساب سان سنڌ جي ساھتي پرڳڻي ۾ به لازمي طور ڳوٺن ۾ پئنچائتون ھيون جنھن جون ثابتيون سنڌ تي انگريزن جي مڪمل قبضي کانپوءِ سموري ساھتيءَ سميت ڀرين ۾ پئنچائتن جي موجودگيءَ مان ملن ٿيون ۽ اھي پئنچائتون ئي ان زماني جا سياسي ادارا ھئا ڇوته انھيءَ زماني ۾ سياسي پارٽين جو جنم ڪونه ٿيو ھو ـ انھن ئي پئنچائتن جي چڱن مُڙسن جو ملڪ جي اقتداري ڌرين سان سياسي لاڳاپو ھو ـ
ڀرين ۾ ميرن جي صاحبيءَ تائين واري زماني جي سياسي، سماجي ۽ پنگتي ڪردارن بابت معلومات نٿي ملي تنھنڪري ھتي انگريزن جي زماني کان اڄ تائين ڀرين جي سياسي تاريخ جو جائزو وٺبو جنھن سان ڪجھه ڪردار ۽ سياسي واقعا آڏو اچن ٿا ـ
ھندستان جي وائسراءِ لارڊ رپن Lord Ripon ( 1880کان 1884) ننڍي کنڊ ۾ ميونسپالٽيون قائم ڪيون ھيون جن 1885 کان ڪم شروع ڪيو ھو ـ کيس مڪاني ادارن واري سرشتي جو باني سڏيو وڃي ٿو، جنھن ڳوٺن ۾ پئنچائتي نظام کي به ٻيھر جياريو ھو ـ انھيءَ لاءِ ھن 1882 ۾ نوان ضابطا لاڳو ڪيا ھئا ـ ان نئين سرشتي تحت نوشھري فيروز تعلقي جي ڪجھه وڏن شھرن ۾ به ميونسپالٽيون ٺھيون جيڪي پوءِ ختم ڪري ڇڏين ـ ڀرين ۾ به ميونسپالٽي ھئي جنھن جو ميمبر ديوان ھيرانند نوتنداس زميندار ھو جيڪو ساھتي پرڳڻي جي پئنچائت جو ھڪ مکيه ماڻھو ھو ـ کانئس پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ديوان کيمچند (ديوان نوتنداس جو چوٿون نمبر پُٽ) ساھتيءَ ۾ برک ھو ـ ڀرين جي سينيٽري ڪاميٽيءَ سان گڏ انگريزي اسڪول جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر به ھو ۽ علمي توڙي پئنچائتي ڳالھين ۾ گھڻو بھرو وٺندو ھو ـ سال 1903 ۾ سندس ديھانت کانپوءِ سندس پُٽ ديوان پھلاج راءِ نروار ٿيو جنھن انجنيئرنگ جي ڊگري وٺي سرڪاري نوڪري ڪئي ۽ محنت ۽ ايمانداريءَ ڪارڻ سرڪار کان راءِ بھادر جو لقب ماڻيو ـ ھن پوءِ پينشن وٺي ڀرين ۾ رھي تعليم ۽ پنگتي معاملن تي ڌيان ڏنو ـ سال 1916 ۾ پھلاج راءِ جي ديھانت کانپوءِ سندس چئن پٽن مان ھڪ قيمتراءِ، جنھن جو جنم 1897 ۾ ٿيو ھو، جاتيءَ ۾ زمينداري سان گڏ لوڪل بورڊ جي ميمبريءَ کانپوءِ ورھاست ۾ ڀرين جي زمين ملڻ تي 1933 ۾ ھتي اچي آباد ٿيو ۽ ڀرين جي سينيٽري ڪاميٽيءَ جي چيئرمن جي عھدي تي رھيو ـ
ھڪ اھم ڳالھه ھيءَ آھي ته ان زماني ۾ ڀرين، نوشھري توڙي سموري ساھتي پرڳڻي ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پئنچائتن جو ڄار وڇايل ھو، جن جو وري پاڻ ۾ ويجھو رابطو ھوندو ھو ـ ڀريا سميت نوشھري جا ٻيا شھر ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ انھن جون پئنچائتون پاڻ ۾ صلاح مصلحت ۾ ٻِٽ رھنديون ھيون ـ ڪنڊياري ۽ موري تعلقن توڙي گمبٽ، صوڀيديري ۽ سيٺارجا وارن کي به ساھتيءَ ۾ ليکيندا ھئا جڏھن ته موري تعلقي جا ٻه ڳوٺ چنيجا ۽ پرڻ ته خاص نوشھري سان ٻڌل ھئا جنھن جو مطلب ته ان سموري علائقي جون پنگتيون پاڻ ۾ ٻڌل ھيون ـ اھڙي طرح وري سموري سنڌ سطح تي ”سنڌ ھندو پئنچائت فيڊريشن“ جي نالي سان سندن تنظيم قائم ھئي ـ نه رُڳو ايترو پر انھن پئنچائتن ۽ سندن فيڊريشن جو ھندستان جي ٻين علائقن ۾ قائم پنگتين سان به رابطو ھو ـ انھيءَ جو مثال 29 ڊسمبر 1913 تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نيشنل سوشل ڪانفرنس مان ملي ٿو جنھن ۾ سموري ھندستان مان پنگتي اڳواڻ شريڪ ٿيا ھئا ـ ھن ڪانفرنس ۾ ديوان ڪوڙو مل چندن مل به شريڪ ٿيو ھو جنھن کي چيئرمن چونڊيو ويو ھو ـ ديوان ڪوڙي مل انگريزيءَ ۾ انھيءَ ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ھو جنھن ۾ ھن پئنچائتن جي خامين کي دُور ڪرڻ ۽ ملڪ جي بھبود لاءِ ڪيتريون ئي ڪارائتيون تجويزون ڏنيون ھيون ـ ديوان ڪوڙيمل آڪٽوبر 1899 ۾ سرڪاري عھدي تان رٽائرمينٽ وٺي وري پنگتي ڪمن تي ڪُل وقتي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ھو جنھن دوران ھن نه رُڳو غير سرگرم پئنچائتن کي سرگرم ڪيو پر نوشھري بلڪ سموري ساھتي پرڳڻي ۾ نيون پئنچائتون به کوليون ـ نوشھري سميت ڪن پئنچائتن ۾ اندروني اختلاف به ديوان ڪوڙومل سرچاءَ ڪرائي ختم ڪرائيندو ھو ـ اھڙي طرح سموري ساھتي پرڳڻي جي پئنچائتن جو بار مٿس ھو ـ خود آل انڊيا نيشنل ڪانگريس شروع کان وٺي پئنچائتن جي قيام تي زور ڏيندي رھي ھئي ۽ انھن ئي پئنچائتن ذريعي عوامي سطح تائين ان جو رابطو رھندو آيو ھو ـ سال 1936 ۾ بمبئيءَ کان سنڌ جي علحدگيءَ کانپوءِ به ڪانگريس ھڪ ڀيرو وري پئنچائتن کي منظم ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ھئي ۽ 19 مارچ 1940 تي سنڌ واري ڪانگريس ڪميٽيءَ ضلعي سطح تي پنھنجي ڪميٽين ذريعي پئنچائتن کي سرگرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن تحت ڳوٺاڻن علائقن ۾ پئنچائتن جي مدد سان نمائشون لڳائڻ، لائبريريون ۽ نائيٽ اسڪول کولڻ، ڳوٺاڻين صنعتن کي جيئارڻ ۽ ميڊيڪل ڪئمپون ھڻڻ جا ڪم شروع ڪرڻا ھئا ـ
ڀرين جي پئنچائت جو به ڪانگريس سان ويجھو لاڳاپو ھو ـ جڏھن گانڌيءَ جي سڏ تي سڄي ھندستان ۾ انگريز راڄ خلاف سِول نافرمانيءَ واري ھلچل شروع ٿي ته ڀرين واري پئنچائت توڙي ساھتي پرڳڻي جي ٻين پئنچائتن انھيءَ جي ڀرپور موٽ ڏيندي ڪانگريس جي فيصلن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ھو ـ انھيءَ جو ھڪ مثال نوشھري فيروز جو آھي جتي 1921 ۾ مختيارڪار دڪاندارن کان ٽيڪس جي اوڳاڙيءَ لاءِ شھر ۾ نڪتو ته ھنن پنھنجا دُڪان بند ڪري ڇڏيا ـ ڀريا جي پئنچائت ان کان به گھڻو اڳتي نڪري وئي ـ ڪانگريس جي فيصلي موجب انگريز سرڪار جي قائم ڪيل عدالتن جو به بائڪاٽ ڪري پئنچائتن کي پنھنجون الڳ مصالحتي عدالتون قائم ڪري سِول توڙي فوجداري قسم جا ڪيس اُڪلائڻا ھئا ـ ان فيصلي تي عمل ڪندي ابتدائي طور ھڪ مصالحتي عدالت ڪياماڙي ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻي عدالت صرف ڀرين ۾ قائم ٿي جڏھن ته ٽين عدالت دادوءَ ۾ ڪافي وقت کانپوءِ لڳائي وئي ـ فبروري 1921 ۾ ڀرين جي پئنچائت عدالتن جي بائڪاٽ تي عمل لاءِ ھڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ٺھراءُ بحال ڪيو ھو ته ڪوبه ماڻھو سرڪاري عدالتن ۾ سِول يا فوجداري مقدمو داخل نه ڪندو ۽ جيڪڏھن ڪنھن به شخص ان فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان تي ھڪ سئو ھڪ رُپيا ڏنڊ وڌو ويندو ۽ ڏنڊ نه ڀرڻ جي حالت ۾ ان کي برادريءَ مان ڪڍيو ويندو ـ ڀرين جي مصالحتي عدالت ھلچل دوران ڪيترائي ننڍا ننڍا سِول ۽ فوجداري مقدما اُڪلايا ھئا ـ سِول نافرمانيءَ واري ھلچل ۾ ڪانگريس کي پئسن جي به ضرورت پوندي ھئي جنھن ۾ پڻ سنڌ ڀرپور نموني عطيا ڏيندي ھئي ـ رُڳو جولاءِ 1921 ۾ سڄي سنڌ مان ٻه لک، ست ھزار، پنج سئو اُڻيتاليھه رُپيا گڏ ڪري ڏنا ويا جنھن ۾ ڀرين سميت ساھتي پرڳڻي جي پئنچائتن جو پنج ھزار ڇھه سئو رُپيا چندو به شامل ھو ـ ان وقت جي حساب سان اھا وڏي رقم ھئي ـ
ڀرين سان گڏ ڪنڊياري واري پئنچائت به سرگرم رھي ـ سال 1936 ۾ جڏھن پنڊت جواھر لال نھرو اُتي آيو ته ڊگھي مسافريءَ جي ڪري ٿڪل ھئڻ سبب ھن گھوڙي تي چڙھي شھر جو گشت ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنھن تي اُتان جي پئنچائت ڪاوڙ ۾ سندس آجياڻي واري جلسي ۾ سپاسنامو پيش ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي ۽ جڏھن نھروءَ چيو ”اڇا ڀائي اڇا“، تڏھن شام جو سندس آڏو آجياڻي واري تقرير ڪئي وئي ـ ڪنڊياري ۾ ئي 29 ۽ 30 مئي 1937 تي سنڌ صوبائي ڪانگريس ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي ھئي جنھن ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪانگريس جي ميمبرن ھٿان اھم مسئلن تي آواز اُٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو ـ انھن مسئلن ۾ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ اُپاءَ وٺڻ، بيروزگاريءَ کي ختم ڪرڻ، ڍل گھٽائڻ، سرڪاري بدعنواني ۽ رسائي توڙي ھارين مٿان مڙھيل لپو ۽ ڇيڙ ختم ڪرڻ، سرڪاري آفيسرن جون وڏيون پگھارون گھٽائي ماتحت ملازمن کي وڌيڪ سھولتون ڏيڻ سان گڏ زرعي مسئلا شامل ھئا ـ ڪنڊياري ۾ اھڙو اجلاس رکڻ مان ڪانگريس جو مقصد ٻھراڙين جي عوام سان رابطا پيدا ڪرڻ ھو ـ اجلاس ۾ سنڌ کان ٻاھر جي ڪانگريسي اڳواڻن کي به دعوت ڏني وئي ھئي ـ
ساھتي پرڳڻو حقيقت ۾ تمام گھڻو اڳ کان سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ سرگرم رھيو، جنھن ۾ ڀرين جي شخصيتن جو اھم ڪردار ھوندو ھو ـ ھندستان ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو بنياد 1885 ۾ رکيو ويو ھو، جنھن ۾ پڻ ديوان ڪوڙو مل سرگرم ھو، جنھن جو ذڪر اڳتي ٿيندو، پر انھيءَ کان پنج ورھيه اڳ 1880 ۾ سنڌ سڀا ٺھي ھئي، جنھن جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايو ويو ھو ـ ھندو، مسلمان، پارسي توڙي عيسائي سنڌ سڀا جا ميمبر ھئا جن فيصلو ڪيو ھو ته حڪومتي، انتظامي ۽ سماجي مسئلن بابت عوام ۾ سجاڳي آندي ويندي جنھن لاءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ ليکن، گڏجاڻين ۽ ٻيءَ ھر قسم جي پرچار وارا طريقا اختيار ڪيا ويندا ـ سنڌ سڀا جي اڳواڻن ان حوالي سان ڪراچي ۽ بمبئيءَ جي ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ به پريزينٽيشن ڏني ھئي ـ سنڌ سڀا جي سرگرم اڳواڻن ۾ ديارام گدومل، حسن علي افندي ۽ ديوان ڪوڙومل به شامل ھو ـ سنڌ سڀا ھڪ سياسي ۽ سماجي تنظيم ھئي جنھن جي مقصدن ۾ عورتن جي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ به شامل ھو ـ چيو وڃي ٿو ته ان وقت ان تنظيم ۾ سنڌ جون پنج ھزار عورتون ميمبر ھيون ـ
سال 1913 جي ئي ڊسمبر مھيني جي وڏي اھميت آھي جو مٿي ڄاڻايل انڊين نيشنل سوشل ڪانفرنس کان اڳ انڊين نيشنل ڪانگريس جو اٺاويھون آل انڊيا اجلاس به ڪراچيءَ ۾ ٿيو جيڪو 26، 27 ۽ 28 ڊسمبر تي ٽي ڏينھن ھليو ۽ ديوان ڪوڙو مل ان ۾ شريڪ رھيو ـ انھيءَ ڪانفرنس ۾ سڄي ھندستان مان ساڍا پنج سئو اڳواڻ شريڪ ٿيا ھئا جن ۾ سنڌ واري استقبالي ڪاميٽيءَ جا ٻه سئو ھڪ ميمبر به شامل ھئا ـ ھرچندراءِ وشنداس ان استقبالي ڪميٽيءَ جو چيئرمن ھو ـ ھيل تائين ديوان ڪوڙيمل جو تعليمي ۽ سماجي شعبن وارو ڪردار ئي آڏو آيل آھي پر ڪاڪي ڀيرومل جي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪراچيءَ واري ان اجلاس جي ڇپيل تصوير ۾ ديوان ڪوڙيمل جي موجودگي ٻڌائي ٿي ته سندس انڊين نيشنل ڪانگريس توڙي انھيءَ جي ليڊرن سان به ويجھو تعلق ھو ـ انڊين نيشنل ڪنگريس جي ان ڪانفرنس ۾ غلام علي چاڳلا، سر آغا خان، محمد علي جناح، سيٺ ھرچند راءِ، نواب سيد محمد بھادر (ڪانگريس صدر)، ڊنشاواڇا، ڊي اي کاري، مڊولڪر ڀوپيندرناٿ باسو، لالا لجپتراءِ، مٿرداس جوھيري، ھيرانند کيمسنگ، آسودومل ريواچند، قيمتراءِ ڀوڄراڄ، ھرچندراءِ ٽھلرام، شيوارام ڏيونمل، لوڪا مل چيلارام، لالا موتيرام، چيلارام دلومل، جھامنداس ولڀداس، سريچند وشنداس ۽ اوجھا به شريڪ ھئا جن سان ديوان ڪوڙومل تصوير ۾ موجود آھي ـ انھيءَ ڪانفرنس ۾ ئي ھرچندراءِ وشنداس سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪري ان جي ڌار رياست واري حيثيت بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ھو ـ ڪانگريس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ انھيءَ ميدان تي شاميانا ھڻي ڪيو ويو ھو جتي ھاڻي محمد علي جناح جي مزار آھي ـ
عام طور ھندستان ۽ خاص طور سنڌ جي سياسي معاملن ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل ۽ سندس ڪٽنب جي ڪردار جو اندازو انھيءَ مان به ڪري سگھجي ٿو ته ديوان صاحب جي نُنھن امبرت ديوي عرف امبي کلناڻي نه رُڳو مھاتما گانڌيءَ ۽ ڪانگريس جي گھڻو ويجھو ھئي پر ھن سنڌ اندر ھلندڙ ھلچل ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو ـ امبي کلناڻي، جنھن جو جنم 1902 ۾ راءِ بھادر ڪُندن داس ڪيسواڻيءَ جي گھر ۾ ٿيو، ديوان ڪوڙيمل جي فرزند منوھر کلناڻيءَ جي گھرواري ھئي ـ سندس ديھانت 1984 ۾ ٿيو ـ امبي کلناڻيءَ سنڌ اندر ستياگرھه ھلچل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ھو جيڪا گانڌيءَ سموري ھندستان ۾ شروع ڪئي ھئي ـ
کلناڻي گھراڻي جو ھڪ ٻيو ڪردار ڊاڪٽر تُلجارام به آھي، جنھن کي دادا ڪيولرام رتنمل ملڪاڻي پنھنجي ڪتاب ۾ ”نوابشاھه جو“ ڄاڻايو آھي ـ خيال آھي ته ڊاڪٽر تلجارام ڀرين جو ھوندو، ڇو ته ڀريا ان وقت نوابشاھه ضلعي ۾ ھو ـ ڪيولرام ملڪاڻي لکي ٿو ته جڏھن پھرين مھاڀاري لڙائيءَ وقت مھاتما گانڌيءَ انگريزن جي جنگي قرضن وارن بانڊن جي حمايت ڪئي ۽ جنگي ڀرتين جي ميلن کي خطاب ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌ مان انھيءَ جي مخالفت ڪئي وئي ۽ ان مخالف آواز جي سرواڻي ڊاڪٽر تُلجارام ڪئي ھئي ـ وري جڏھن گانڌي بمبئيءَ ۾ ڪانگريس ڪميٽيءَ جي چونڊ پي وڙھي ته سندس انھيءَ ڪردار جي ڪري سنڌ جي نمائندن سندس چونڊ جي مخالفت ڪئي ـ ساھتيءَ جي ڪانگريسين سدائين پنھنجي سوچ ۽ فيصلن جو اظھار آزاداڻي نموني ڪيو ھو ـ مثال طور 1923 ۾ ڪانگريس جي سنڌ ڪميٽيءَ ۾ ساھتيءَ جي ميمبرن ڪميٽيءَ جي عھديدارن جي چونڊ تي اطمينان نه ھجڻ سبب استعيفا ڏئي ڇڏي ھئي ـ ڪانگريس ۾ ساھتي پرڳڻي کي به انھيءَ ڪري اھميت ڏني ويندي ھئي ۽ انھيءَ ڪري ئي سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ پنھنجي ھڪ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ھو ته سنڌ کي نَوَن ضلعن ۾ ورھايو ويندو، جنھن ۾ ڪنڊيارو، مورو ۽ نوشھري فيروز تي مشتمل ساھتي ضلعو ۽ نوابشاھه جي باقي تعلقن تي ٻڌل نصرت ضلعو شامل ھوندو ـ اھو ساھتي پرڳڻو ئي ھو جنھن گانڌيءَ جي سڏ تي آڏاڻا ھنيا ـ نوشھري ۾ اھڙا کوڙ آڏاڻا ھئا جيڪي پوءِ ڪچو مال نه ملڻ ڪري بند ٿي ويا ـ
سال 1919 کان 1924 تائين ھلندڙ خلافت تحريڪ ۾ به ڀرين توڙي ساھتي پرڳڻي جي ٻين شھرن جي ھندو ۽ مسلم عوام گڏجي حصو ورتو ڇو ته گانڌيءَ سميت ڪانگريس جي ليڊرن به خلافت تحريڪ جي حمايت ڪئي ھئي ـ گانڌي ته حيدرآباد ۾ ڪوٺايل خلافت ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو ھو ـ سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جڏھن پھرين آگسٽ 1920 تي سڄيءَ سنڌ ۾ ھڙتال ۽ جلسن جلوسن جو سڏ ڏنو ته ڀرين ۾ به ٻين شھرن جيان مڪمل ھڙتال ڪئي وئي ۽ جلسو ڪوٺايو ويو ـ ڪنڊياري، موري ۽ نوشھري ۾ ته اڪثر ھڙتالون ۽ جلسا ٿيندا ھئا ـ نوشھرو فيروز خلافت تحريڪ ۾ جيئن ته اڳرو ھو، تنھنڪري ستينءَ کان نائين جولاءِ 1921 تي ڪراچيءَ ۾ خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ مولانا محمد علي ۽ سندس ڀاءُ شوڪت علي جڏھن دوري تي نڪتا ته محمد علي شھدادپور ويو ۽ شوڪت علي نوشھري فيروز پھچي ويو ھو ـ ڀرين ۾ جڏھن پھريون جلسو ٿيو ھو ته انھيءَ جي صدارت سيد انور علي شاھه ڪئي ھئي ـ (صدارت ڪندڙ سيد انور علي شاھه ڪٿان جو ھو، خبر نٿي پوي ڇو ته موجوده ايم پي اي سيد مراد علي شاھه ۽ سندن سئوٽ سيد انور علي شاھه موجب ان نالي سان انھيءَ زماني ۾ سندن گھراڻي جو ڪو به شخص ڪونه ھو) ـ ٻيو جلسو گُل محمد جي صدارت ۾ ٿيو ھو، جنھن ۾ سوامي گووندانند، نوشھري شھر جي قاضي خدابخش، مولوي عبدالخالق مورائي، مورو شھر جي ئي حاجي گُل محمد ڪيرئي، مٺياڻيءَ جي پير تُراب علي شاھه، ٺاروشاھه جي شيخ عبدالعزيز ۽ مير الھه بخش تقريرون ڪيون ھيون ـ
ساھتيءَ ۾ پنڊت جواھر لال نھروءَ کان اڳ مھاتما گانڌي به اچي چُڪو ھو ـ گانڌي پھرين کان ڇھين فبروري 1929 تائين ڪراچيءَ ۾ مختلف پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ کانپوءِ ستين فبروريءَ تي جيڪب آباد، اٺينءَ تي شڪارپور، نائينءَ تي لاڙڪاڻي، يارھينءَ تي روھڙي ۽ ٻارھين فبروريءَ تي ٺاروشاھه ۽ ڀريا پھتو ۽ جلسن کي خطاب ڪيائين جڏھن ته ڀرين ۾ مختلف ماڻھن سان به مليو جن ۾ ھتان جو نوجوان زميندار سيد امام علي شاھه ولد سيد مراد علي شاھه ۽ درٻيلي واري سياستدان سيد ظفر علي شاھه جو والد سيد محمد علي شاھه به شامل ھئا ـ ڀريا ۾ تاريخي اسڪول ڪي سي اڪئڊميءَ جي ٻه سئو شاگردن گانڌيءَ کي سلامي ڏني ھئي ـ ڀرين کان علاوه گانڌي نوشھري فيروز به ويو جتي ھن عورتن جي گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪرڻ سان گڏ پرسرام جي تصوير جو به مھورت ڪيو ھو، جنھن کانپوءِ تيرھين فبروريءَ تي ھن پڊعيدن ۾ عورتن جي گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪيو ۽ پوءِ نوابشاھه، شھدادپور، ٽنڊي آدم، ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جو دورو ڪيو ھو ـ گانڌيءَ سان ھن سموري دوري ۾ سنڌ جو ھڪ وڏو اسڪالر ۽ سنڌي توڙي انگريزي ٻوليءَ جي پنجھتر ڪتابن جو ليکڪ ساڌُو واسواڻي گڏ ھو ـ
ڀرين توڙي سموري ساھتي پرڳڻي ۾ ھندو برادريءَ جون ته پئنچائتون ھيون ۽ انھن جي چڱن مڙسن جا مٿي تائين سياسي لاڳاپا ھوندا ھئا ۽ سندن خدمتن جي عيوض کين راءِ بھادر جھڙا لقب ملندا ھئا، پر مسلم برادريءَ واري پاسي کان ڀرين ۽ ڀرپاسي ۾ سنڌ جي ٻين شھرن جيان سيد يا ٻين ذاتين ۽ قبيلن جا زميندار ۽ وڏيرا ئي چڱن مڙسن جو ڪردار ادا ڪندا ھئا، جن جي پھچ حڪمرانن تائين ھوندي ھئي ـ ڀرين ۾ آباد سيد گھراڻو مٽيارين جي متعلوي سيدن جي شاخ سان تعلق رکندڙ آھي، جيڪي مٽياريءَ مان ھتي اچي آباد ٿيا ـ اھي ڪھڙي سن ۾ ھتي آيا، تنھن جي ڄاڻ ڪنھن کي به ڪانھي، پر يارھين پيڙھيءَ کان سندن ھتي آباد ھجڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو ـ انھيءَ مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته سيدن جا ڪي بزرگ ڪلھوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان به صديون اڳ ھتي اچي آباد ٿيا ھوندا ـ سيد مراد علي شاھه (موجوده زميندار ۽ ايم پي اي سيد مراد علي شاھه جو ڏاڏو)، جنھن 6 فبروري 1933 تي وفات ڪئي، پنھنجي زمينداري سڌاري عام ماڻھن سان لاڳاپا پيدا ڪري چڱو خاصو اثر رُسوخ پيدا ڪيو ھو ـ
موجوده زميندار ۽ ايم پي اي سيد مراد علي شاھه جو والد سيد نور محمد شاھه ۽ سندس سئوٽ سيد انور علي شاھه جو والد سيد امام علي شاھه ھو جڏھن ته سيد نور محمد شاھه ۽ سيد امام علي شاھه جو والد سيد مراد علي شاھه ۽ ان جي والد جو نالو امام علي شاھه ۽ ان جو والد سيد غلام علي شاھه ھو ـ اھي سمورا بزرگ تر جا سرڪرده شخص ھئا ۽ وقت جي حاڪمن سان سندن ويجھا سياسي لاڳاپا رھيا ـ موجوده ايم پي اي سيد مراد علي شاھه جو ڏاڏو، جنھن جو نالو مٿس رکيل آھي، انگريزن جي زماني ۾ وڏو بااثر زميندار ھو جنھنڪري کيس انگريز سرڪار بئنچ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ھو ـ ساڻس گڏ ڀرين جو ئي ديوان ڪوڙو مل ۽ کاھي قاسم ڳوٺ جو دوست محمد ميمڻ به ساڳئي عھدي تي مقرر ھئا ۽ کين ڏوھارين کي سزا ڏيڻ جو به اختيار ھو ـ نوشھري جي روينيو رڪارڊ ۾ سيد مراد علي شاھه جي ھلايل مقدمن جو رڪارڊ به موجود ھوندو، جنھن جون ڪاپيون سيد احتشام شاھه ھٿ ڪيون ھيون پر بعد ۾ ضائع ٿي ويون ـ
سيد نورمحمد شاھه ۽ سندس ڀاءُ سيد امام علي شاھه (سندن زندگيءَ بابت الڳ ھن ڪتاب ۾ تفصيل ڏنل آھن) سياسي ۽ نظرياتي طور الڳ رستن تي ھليا ـ سيد نور محمد شاھه پنھنجي سياست سنڌ اتحاد پارٽي ۽ مسلم ليگ سان وابستگيءَ سان شروع ڪئي جنھن ۾ ھُو چونڊون به وڙھندو رھيو ۽ وزارتون به ماڻيائين، جڏھن ته سيد امام علي شاھه جو تعلق ڪانگريس سان رھيو ـ ھن ڪڏھن به عام چونڊن ۾ حصو نه ورتو ـ ٻنھي ڀائرن جي سياسي وابستگين جي ڪري ڀرين ۾ وڏا سياسي اڳواڻ به وٽن ايندا رھيا ـ ھند ۽ سنڌ جي اھم شخصيت ڀرين ڄائو حشمت راءِ (حشو) ڪيولراماڻي به جڏھن ڳوٺ ايندو ھو ته سيد امام علي شاھه وٽ سندس بنگلي تي ڪچھريءَ لاءِ ويندو ھو ـ اھڙي طرح جنرل ايوب خان جي زماني ۾ صدارتي چونڊن ۾ جڏھن محترمه فاطمه جناح ايوب خان جي مقابلي ۾ صدارتي چونڊن ۾ بيٺي ته سندس چونڊ مُھم جي سلسلي ۾ خواجا ناظم الدين به ڀرين ۾ سيد امام علي شاھه وٽ آيو ھو ـ ھن ڀريا ۾ سيدن جي برف جي ڪارخاني جي احاطي ۾ ننڍو جلسو ڪيو ھو جتي ڪي سي اڪئڊميءَ جي اسڪائوٽ جٿي کيس سلامي ڏني ھئي ـ فاطمه جناح جو چونڊ نشان لالٽين ھو ـ صدارتي چونڊن ۾ اولھه ۽ اوڀر پاڪستان جي مڪاني ادارن جي اسي ھزار سربراھن کي ووٽ ڏيڻو ھو جنھن لاءِ ايوب خان ”بنيادي جمھوريت“ جو نالو ڏئي چونڊون ڪرايون ھيون ۽ ان سرشتي ھيٺ سيد امام علي شاھه به ڀرين جي ٽائون ڪميٽيءَ جو چيئرمن ٿيو ھو ـ ڀرين ۾ سيد امام علي شاھه وٽ سائين جي ايم سيد، خان عبدالغفار خان ۽ عبدالصمد اچڪزئيءَ جھڙا وڏا اڳواڻ به آيا ھئا ـ جي ايم سيد ڀرين ۾ سيد نور محمد شاھه توڙي ڊڀري ۾ سيد محمد علي شاھه وٽ به ايندو رھندو ھو ـ
آل انڊيا ڪانگريس 1885 ۾ قائم ٿي ۽ پوءِ اڳتي ھلي ان جون شاخون سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ شھرن ۾ قائم ڪيون ويون ـ اھڙي طرح آل انڊيا مسلم ليگ 1906 ۾ ٺھي پر سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم 1917 ۾ ٺاھي وئي ـ سيد نور محمد شاھه 1938 ۾ مسلم ليگ سنڌ جو نوابشاھه ضلعي واري شاخ جو سيڪريٽري بڻيو ـ اڳتي ھلي 1943 ۾ ڀر واري ڳوٺ قاسم کاھيءَ جو الھه اوڀايو ميمڻ سيڪريٽري ٿيوـ ڀر وارن ننڍن ڳوٺن ۾ به مسلم ليگ جون شاخون قائم ڪيون ويون ھيون، جن مان جلباڻي ڳوٺ ۾ دريا خان جلباڻي صدر ٿيو، داليءَ ۾ حاجي محمد مراد ڪلھوڙو صدر ۽ عبدالله ميمڻ سيڪريٽري ٿيا جڏھن ته نوشھري ۾ پير قربان علي شاھه شاخ جو سربراھه ٿيو ـ سنڌ مسلم ليگ جي انھن شاخن جي سرگرميءَ جو ڀرين جي سياست تي به اثر پيو ھو، جنھن جو مثال ھڪ واقعي سان ڏئي سگھجي ٿو ـ جڏھن 14 آگسٽ 1947 تي پاڪستان قائم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو، تڏھن ڪي سي اڪئڊمي اسڪول جي ھڪ شاگرد فتح الله جلباڻيءَ اسڪول جي گيٽ تي پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪايو ھو ـ ان ڏينھن اسڪول کليل ھو ۽ ھيڊماستر ديوان سومداس موجود ھو ـ اسڪول جي ڀر واري ميمڻ پاڙي جي ھڪ بزرگ حاجي انور ميمڻ (اڳوڻو ڪائونسلر ٽائون ڪميٽي ڀريا)، جيڪو پاڻ به ان اسڪول ۾ پڙھيو، ٻڌائي ٿو ته ھيڊماستر صاحب جھنڊو ھڻڻ تي ڪو اعتراض ڪرڻ بدران ان کي لھرائي، ان ۾ اڇي ڪپڙي جو پٽو ڳنڍي ٻيھر ڦڙڪايو ۽ چيائين ته اھو اڇو رنگ ھن نئين ملڪ ۾ ٿورائيءَ وارين جاتين جي نمائندگيءَ طور آھي ـ
سال 1936 ۾ بمبئيءَ کان سنڌ جي علحدگيءَ کانپوءِ جڏھن 1937 ۾ صوبائي اسيمبليءَ جون پھريون چونڊون ٿيون ته علائقي ۾ وڏي سياسي سرگرمي شروع ٿي ـ ان وقت ڀرين وارو تڪ نوابشاھه _ اُتر تڪ سڏبو ھو ڇو ته موجوده نوشھري فيروز ضلعي وارو سمورو علائقو تڏھن نوابشاھه ضلعي جو حصو ھو ـ ڀرين واري تڪ مان سيد نور محمد شاھه چار ھزار، ٻه سئو ۽ ٽيٽيھه ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏھن ته ڊڀري (درٻيلي) مان محمد علي شاھه چار ھزار، ست سئو پنجاھه ووٽن سان کٽيو ـ سندن مقابلي ۾ ھندو سڀا جو آسنداس ۽ ڪانگريس جو نيولرام چونڊن ۾ بيٺا ھئا ـ سيد نور محمد شاھه اھا چونڊ سر غلام حسين ھدايت الله جي پارٽي ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جي ٽڪيٽ تي وڙھي ھئي، جنھن جو بنياد 31 آڪٽوبر 1936 تي پيو ھو ـ ان پارٽيءَ ۾ ھندو ليڊر به شامل ھئا ـ تن ڏينھن ۾ کاھي قاسم جو الھه اوڀايو ميمڻ وڪيل سنڌ خاڪسار پارٽي ضلعي نوابشاھه جو عھديدار ھو ـ
جنوري 1946 ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيون چونڊون ٿيون ته سيد نورمحمد شاھه مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بيٺو ڇوته ان وقت سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽيءَ جو بنياد پيو ۽ سمورا مسلم ميمبر ان ۾ شامل ٿي ويا ھئا ـ نور محمد شاھه چار ھزار، اٺ سئو اٺانوي ووٽ کڻي نوشھري جي پير قربان علي شاھه کي شڪست ڏني جنھن کي چار ھزار، ھڪ سئو ھڪ ووٽ مليا ھئا ـ ھوڏانھن ڊڀري واري سيٽ تي محمد علي شاھه پنج ھزار، ٻه سئو اٺھٺ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سندس مخالف اميدوار غلام نبي ڏھراج ھارايو جنھن کي چار ھزار، پنج سئو ٻاھتر ووٽ مليا ـ
سنڌ ۾ اقتدار لاءِ ڇڪتاڻ گھڻو اڳ پيدا ٿي چُڪي ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ صوبي جي وزيراعظم غلام حسين ھدايت الله جي حڪومت کي ڪا واضح اڪثريت نه ملي سگھي ته سندس وزارت ئي ختم ٿي وئي ۽ 9 ڊسمبر 1946 تي نئين سِر چونڊون ٿيون ـ ھن ڀيري سائين جي ايم سيد، سيد نور محمد شاھه کي پنھنجي سيد گروپ پاران چونڊن ۾ آڻڻ ٿي گھريو پر ھُو وري به مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بيٺو ـ ھن ڀيري سيد نور محمد شاھه ڇھه ھزار، ڇھه سئو ٽيانوي ووٽ کنيا ۽ سندس مخالف نوشھري جي پير قربان عليءَ جي ضمانت ضبط ٿي وئي جنھن کي فقط ھڪ سئو اُڻويھه ووٽ ملي سگھيا ھئا ـ ھوڏانھن ڊڀري واري تڪ مان سيد محمد علي شاھه ٻه ھزار، ست سئو چاليھه ووٽ کڻي ھارائي ويو ۽ سندس مقابلي ۾ ڪنڊياري جو غلام نبي ڏھراج ست ھزار، ٽي سئو اسي ووٽن سان کٽي ويو ـ
سنڌ اسيمبليءَ ۾ ھندو مسلم ڦوٽ شروع کان ئي پيدا ٿيل ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ 1939 ۾ جڏھن ڪانگريس جي ميمبرن وزارت تان استعيفا ڏني ھئي ته محمد علي جناح ان کي ڇوٽڪارو سڏي 22 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ڇوٽڪاري جو ڏينھن ملھائڻ ۽ جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو ـ ان ڏينھن تي ڀرين جي ڀر واري ڳوٺ کاھي قاسم ۾ به ھڪ جلسو ٿيو ھو ـ اھڙي طرح ٽين (3) مارچ 1942 تي جڏھن سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي حمايت ۾ ٺھراءُ پيش ڪيو ته ان جي حمايت ڪندڙن چوويھه ميمبرن ۾ سيد نور محمد شاھه به شامل ھو ـ غلام حسين ھدايت الله جي حڪومت کي ڪيرائڻ وارين ڪوششن ۾ به سيد نور محمد شاھه شامل ھو ڇو ته 24 فبروري 1945 تي جڏھن شيخ عبدالمجيد جنرل ايڊمنسٽريشن جي سپليمينٽري گرانٽ ۾ ڪتر آڻڻ واري رِٿ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي ته ھُو رٿ جي حمايت ڪندڙ پنجويھه ميمبرن ۾ شامل ھو جڏھن ته رٿ جي مخالفت ۾ ڪل اُڻويھه ووٽ پيا ـ اھا رٿ حقيقت ۾ ھدايت الله حڪومت خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ برابر ھئي ـ
ڊسمبر 1946 ۾ چونڊيل سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي 14 آگسٽ 1947 تي قائم ٿيل نئين ملڪ پاڪستان سان وفاداريءَ جي اظھار لاءِ چوٿين فبروري 1948 تي نئين سر قسم کڻڻو پيو، جن ۾ نور محمد شاھه به شامل ھو ـ ان اسيمبليءَ جو مُدو 1951 تائين ھليو ـ مئي 1953 ۾ چوٿين سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون جيڪي سائين جي ايم سيد جي چوڻ موجب ڌانڌليءَ جي ور چڙھي ويون ـ (سنڌ اسيمبليءَ جي سرڪاري ويب سائيٽ موجب ان اسيمبليءَ جو مُدو 12 سيپٽمبر 1953 کان 26 مارچ 1955 تائين ھليو) ـ بھرحال ان وقت به سيد نورمحمد شاھه جي ڪري ڀرين ۾ سياسي سرگرمي رھي ـ ون يونٽ واري زماني ۾ ھن وري اولھه پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ وڙھي ۽ 1956 ۾ وزير ٿيو ـ
ايوب خان جي وزارت کي ڇڏي شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاھي ته سياست جو ھڪ نئون دور شروع ٿيو ـ سن 1970 ۾ چونڊون ٿيون، 1971 ۾ ھندستان سان جنگ لڳي، ملڪ ٻه ڀاڱا ٿي ويو ۽ باقي بچيل پاڪستان ۾ ڀُٽو صاحب اقتدار ۾ اچي ويو ته سنڌ اسيمبليءَ جون وري چونڊون ٿيون جن تحت اسيمبليءَ جو مُدو ٻين مئي 1972 کان تيرھين جنوري 1977 تائين ھليو ـ ان زماني ۾ سيد نور محمد شاھه کي ھالا ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ ڀُٽي صاحب سان ملاقات لاءِ دعوت ڏئي گھرايو ويو ھو جنھن ۾ ھن پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ـ سيد مراد علي شاھه موجب سندس والد انھيءَ فيصلي جو اعلان ان وقت ڪيو جڏھن ڀُٽو صاحب وٽس ڀرين ۾ دعوت تي آيو ـ سن 1972 وارين چونڊن ۾ سيد نورمحمد شاھه کٽي آيو پر حياتيءَ وفا نه ڪيس ۽ اڃان اسيمبليءَ جو ڪوٺايل اجلاس ئي ڪونه ٿيو ته پاڻ گذاري ويو ـ ان خالي ٿيل سيٽ تي سندس فرزند سيد مراد علي شاھه 19 جُون 1972 تي ٿيل ضمني چونڊ ۾ بنا مقابلي کٽي آيو ـ ٽيھين مارچ 1977 کان سنڌ اسيمبليءَ جي نئين مُدي وارين چونڊن ۾ سيد مراد علي شاھه کي ٽڪيٽ نه ملي ۽ ڀرين واري تڪ مان سندس جاءِ تي عبدالرحيم عباسي ميمبر ٿيو جنھن کي غلام مصطفى جتوئيءَ جي مدد حاصل ھئي ۽ ڊڀري واري تڪ مان سيد ظفر علي شاھه کٽيو پر پنجين جولاءِ 1977 تي مارشل لا لڳي وئي ۽ اسيمبليون ختم ٿي ويون ـ سيد مُراد علي شاھه کي سينيٽ لاءِ نامزد ڪيو ويو ھو پر مارشل لا سبب سينيٽ به وجود وڃائي ويٺي ھئي ـ ”مون سينيٽ ۾ وڃڻ نه ٿي چاھيو، پر غلام مصطفى جتوئيءَ مونکي چيو ته انڪار ڪرڻ تي ڀُٽو صاحب ناراض ٿيندو ـ عبدالوحيد ڪٽپر به فون ڪئي ته نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ پھچ، پر ايترو وقت ڪونه ھو جنھنڪري پ پ اڳواڻ قاسم عباس پٽيل منھنجو نامينيشن فارم جمع ڪرائي ڇڏيو ـ چونڊون ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ ڀُٽي صاحب جي حڪومت خلاف پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جي تحريڪ شروع ٿي ۽ ٽن مھينن کانپوءِ مارشل لا لڳي وئي ھئي ـ ملڪ ۾ وڳوڙ دوران اسلام آباد ۾ ڀُٽي صاحب وٽ گڏجاڻي رکيل ھئي ـ گڏجاڻيءَ ۾ وڃڻ مھل اسان اسلام آباد جي رستن تي به حڪومت مخالف مظاھرا ڏسندا وياسين، پر گڏجاڻيءَ ۾ پنجاب جي ھڪ ليڊر ڀُٽي صاحب کي چيو ته ماڻھو توھان جي حمايت ۾ رستن تي نڪتا آھن ـ مون ان ڪوڙ تي بار بار اُٿي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جتوئي ۽ مخدوم طالب المولى مونکي ٻانھن کان ڇڪي ويھاري پيا ڇڏين ،“ مُراد علي شاھه ان زماني جي سياست تان پردو کڻندي ٻڌايو ـ
فوجي آمريت جو ڪارو دور شروع ٿيو ته جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ شروع ٿيل ھلچل ۾ به ڀرين سميت سموري ساھتي پرڳڻي پنھنجو ڪردار نڀايو ـ سال 1983 ۾ شروع ٿيل جمھوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ايم آر ڊي (موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) جو سمورو زور سنڌ ۾ ھو ۽ ڪو ڏينھن اھڙو نه ھو جڏھن فوجي آمريت خلاف جلسا جلوس نه ٿيا ھجن ـ ساھتي پرڳڻي جي مختلف شھرن ۾ به روزانو جلوس ڪڍيا ويندا ھئا ـ ڀرين جا نوجوان به جلوس ڪڍي نوشھري ۾ مکيه جلوس ۾ وڃي شامل ٿيندا ھئا ـ انھيءَ سال آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مھينن ۾ ھلچل پنھنجي عروج تي ھئي ـ جڏھن پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي ٻين کاٻي ڌُر جي جماعتن گرفتاريون ڏيڻ ۽ جيل ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ته ڀرين ۾ سيد مُراد علي شاھه به گرفتاري ڏني ـ پنھنجي گرفتاريءَ بابت سيد مراد علي شاھه ھن ريت ٻڌايو: ”پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جو فيصلو ھو ته جن اڳواڻن کي ڪو ڀاءُ يا جوان اولاد ناھي، تِن کي ڇُوٽ آھي ته گرفتاري نه ڏين ـ ان حساب سان مون تي لازم ڪونه ھو ته گرفتاري ڏيان، پر سوچيم ته اھا منھنجي سياسي ڪمزوري ٿيندي، ان ڪري گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيم ـ ڊڀري مان سيد ظفر علي شاھه ان فيصلي کان پري رھيو ـ جنھن ڏينھن گرفتاري ڏيڻي ھئي، ان ڏينھن وڏي تعداد ۾ ماڻھو ٽرالين ۽ ٻين گاڏين ۾ ڀرجي لٺيون، ڪھاڙيون ۽ ٻيا ھٿيار کڻي اچي گڏ ٿيا جو سندن خيال ھو ته حڪومت زوريءَ گرفتار ڪندي پر مون انھن کي ماٺو ڪري ٻڌايو ته مان رضاڪاراڻي طور پاڻ گرفتاري ڏئي رھيو آھيان ـ مان پنھنجي حويليءَ کان پنڌ پارڪ تائين آيس ۽ اتي گڏ ٿيل ماڻھن آڏو تقرير ڪري گرفتاري ڏنم ـ ان وقت نوشھري جو اسسٽنٽ ڪمشنر نثار صديقي ۽ ڊي ايس پي مٺاڻي ھو جن جو چوڻ ھو ته اصل ڏينھن کان اڳ گرفتاري ڏيان ته جيئن ڪٿي ڪو به وڳوڙ نه ٿئي ـ“
سيد مراد علي شاھه کي پوليس گرفتار ڪري ڀريا روڊ واري پاسي کان خيرپور وٺي وڃي جيل پھچايو پر ڀرين مان وري به سياسي ڪارڪنن جون ٻه بسون ڀرجي اُتي پھچي ويون، جن جيل ٻاھران مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي ـ ھوڏانھن نوشھري فيروز ۾ به وڏا مظاھرا ٿيا ھئا، جن ۾ ڀرين جا نوجوان جلوس وٺي وڃي شريڪ ٿيا ھئا جتي جلوس ڪڍندڙن تي فائرنگ ٿي جنھن ۾ ڪيترائي ماڻھو شھيد ٿي ويا ـ شھيد ٿيندڙن ۾ ڀريا جو ھڪ نوجوان گاجي ڪلھوڙو به شامل ھو ـ چيو وڃي ٿو ته ڀرين مان راڻا رياست علي (مرحوم) به ايم آر ڊي ھلچل دوران گرفتاري ڏني ھئي ـ
”خيرپور جيل ۾ ھڪ ننڍي ھال ۾ پندرھن ويھه ڄڻا قيد ھوندا ھئاسين ـ ڪجھه ڏينھن کانپوءِ مونکي اُتان سکر جيل موڪليو ويو ـ اُتان جو جيلر پٺاڻ ھو ۽ سندس گھرواري منھنجي ٿڃ شريڪ ڀيڻ ھئي پر تڏھن به سختي ھئي ۽ نه گھر جي ماني ملي سگھندي ھئي ۽ نه ڪنھن سان ملاقات جي اجازت ـ ٽن مھينن کانپوءِ ضمانت تي آزادي ملي ھئي“، مراد علي شاھه ٻڌايو ـ
ايم آرڊي ھلچل کانپوءِ جنرل ضياءَ جڏھن ملڪ ۾ 1985 ۾ غيرسياسي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ته ھن سنڌ ۾ سياسي ڀڃ ڊاھه لاءِ پنھنجا ماڻھو ڊوڙايا ـ پيپلز پارٽيءَ انھن چونڊن جو بائڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو ـ جنرل ضياءَ جي وفادارن مان ھڪ الاھي بخش سومرو به ھو، جنھن ڀرين ۾ اچي سيد مراد علي شاھه وٽ پڙاءُ ڪيو ـ اھو احوال شاھه صاحب ھن ريت بيان ڪيو: ”الاھي بخش سومرو ھڪ ڀيري مون وٽ ڀرين ۾ آيو ۽ زور ڀريائين ته جنرل ضياءَ سان ملان جيڪو سکر جي دوري تي اچڻو آھي، جنھن تي مون کيس جواب ڏنو پر ھُو نه مُڙيو ۽ مونکي مڃائڻ لاءِ ھڪ رات رھي پيو ـ سندس چوڻ ھو ته ان ۾ ڪو ھرج ڪونھي ڇو ته جنرل ضياءُ ملڪ جو صدر آھي ـ نيٺ مان به راضي ٿي ويس ـ انھيءَ کانپوءِ وري نوابشاھه ۾ گورنر سنڌ جنرل جھانداد سان ملاقات ٿي، جنھن چيو ته اسان جو توھان تي ٻيو ڪوبه ٻار ڪونھي، اسان چاھيون ٿا ته توھان چونڊن ۾ ضرور حصو وٺو ـ“
شاھه صاحب 1985 وارين چونڊن ۾ نه رُڳو حصو ورتو ۽ بقول سندس ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيائين، پر کيس سيد غوث علي شاھه واري وڏ وزارت ۾ به ڪابينا ۾ کنيو ويو ـ آگسٽ 1988 ۾ جھاز حادثي ۾ جنرل ضياءَ جي موت کانپوءِ آڪٽوبر ۾ ملڪ ۾ چونڊون ٿيون ته سيد مراد علي شاھه وري پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙھيو ـ ”محترمه بينظير ڀُٽو مونکي پنھنجو سمجھي گھرايو ھو ـ کيس مونتي ڪو به اعتراض ڪونه ھو ڇو ته ھن ماضيءَ جي حالتن کي سمجھيو ٿي ـ حقيقت ۾ پارٽيءَ جو مونتي ان ڪري ڀروسو ھيو جو مون ممتاز علي ڀُٽي معرفت قيادت کي غلام مصطفى جتوئيءَ جي ارادن کان آگاھه ڪيو ھو، جنھن جا مٿي تعلقات ھئا ۽ جنھن چاھيو ٿي ته پيپلز پارٽيءَ کي ڌڪ ڏئي پاڻ اڳتي اچي ـ بينظير ٽي چار ڀيرا ڀريا آئي ھئي پر 1988 واري چونڊ مھم دوران ته راڻيپور کان ڀريا تائين ۽ وري اُتان کان دولتپور تائين سندس گاڏي مون ڊرائيو ڪئي ـ ڀرين ۾ ھوءَ اسان جي پارڪ تي به ڪجھه وقت ترسي ھئي،“ شاھه صاحب ٻڌايو ـ
بينظير ڀُٽو جي آمد تي سندس ڀرپور استقبال لاءِ ڀرين جي شھر کي سينگاريو ويو ھو ـ پر انھيءَ کان اڳ مارشل لا دوران جڏھن ھوءَ آئي ھئي ته ڀرين جي مُکيه چونڪ تي ماڻھن جي ھجوم کي خطاب ڪري ھلي وئي ھئي ـ
شاھه صاحب ٻڌايو ته 1990 ۾ پ پ حڪومت جي برطرفيءَ کانپوءِ جڏھن ڄام صادق وڏو وزير ٿيو ۽ پ پ پ خلاف ظالماڻيون ڪارروايون شروع ٿيون ته بيگم نصرت ڀُٽو صاحبه دورن تي نڪتي ھئي، تڏھن ھُوءَ ڀريا به آئي ۽ سندن حويلي به گھمي ھئي ـ
ڀرين جي سياسي تاريخ جو ھڪ ٻيو اھم واقعو ڀُٽي صاحب جي دور جو آھي جڏھن مير رسول بخش ٽالپر سنڌ جو گورنر ھو ـ تِن ڏينھن ۾ عبدالفتاح ميمڻ وڪيل پيپلز پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ھو ـ ڀرين جي سيدن سان سندس اختلاف ھوندا ھئا جنھن ڪري ھن ميمڻ برادريءَ جي مدد سان پنھنجي سياسي قوت ڏيکارڻ ٿي گھري جنھن لاءِ ھن مير رسول بخش ٽالپر کي ڀرين ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ـ ان وقت سيد مراد علي شاھه ڪجھه ٻين سياسي دوستن سان پنھنجي نئين مرسيڊيز ڪار ڊرائيو ڪري جشنِ ڪابل گھمڻ ۽ اُتي ھندستاني فلمن جي ميلي ۾ فلمون ڏسڻ افغانستان ويل ھو ـ سندن ويزا جو بندوبست غلام مصطفى جتوئيءَ ڪيو ھو ـ پوئتي ڀرين ۾ شاھه صاحب جو چاچو سيد امام علي شاھه ھو، جنھن کي اھا ڳالھه نه وڻي ته ساڻن صلاح مصلحت ۽ ٻُڌائڻ کانسواءِ سندن ئي ڳوٺ ۾ گورنر سنڌ کي گھرايو ويو آھي ـ مير رسول بخش ٽالپر شام جو پھچڻو ھو پر انھيءَ کان اڳ سيد امام علي شاھه نه رُڳو شھر جي بجلي بند ڪرائي ڇڏي پر سمورا دُڪان ۽ ھوٽلون بند ڪرائي پاڻيءَ جا مٽ به خالي ڪرائي ڇڏيا ۽ وڏي تعداد ۾ رولُو گڏھه گڏ ڪرائي شھر ۾ داخل ٿيندڙ رستي تي بيھاري ڇڏيا ـ رسول بخش ٽالپر جڏھن سانجھيءَ جو ستين وڳي ڌاري پھتو ته اونداھي ۽ سُڃ ڏسي وائڙو ٿي ويو ـ پنھنجي مخصوص انداز ۾ ھن سندس استقبال ڪندڙن کان پڇيو ھو:”ابا ڪو قضيو ٿيو آھي ڇا؟“ جنھن تي ڪنھن چيو:”قضيوٿيو ته ناھي پر ٿيڻ وارو آھي ـ“
سيد مراد علي شاھه ان واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو:”مونکي افغانستان ويندي ڪار ۾ ريڊيو تي صرف ايتري خبر پئي ھئي ته مير رسول بخش ٽالپر دادوءَ جي دوري تي پھتو آھي ـ واپس اچڻ تي تفصيل معلوم ٿيا ته اسان جا دوست امداد ميمڻ (مرحوم) ۽ خادم حسين ميمڻ چاچا امام علي شاھه کي سمجھائڻ به ويا ھئا ته سندس ان عمل جو مُراد علي شاھه تي اثر پئجي سگھي ٿو، پر ھن کين چيو ته ھُو ٽي مھينا جيل وڃڻ پسند ڪندو پر پنھنجو سياسي موت قبول ڪونه ڪندو ـ “
”ڳالھه مشھور ٿي وئي ـ جتوئي صاحب فون ڪري مير رسول بخش ٽالپر کان پڇيو ته ڏي خبر، جنھن تي ٽالپر صاحب چيس: ”ڏاڍي ٿي آھي ـ اُتي گڏھن منھنجو استقبال ڪيو ـ“ قصو ڀُٽي صاحب تائين پھتو ته ھن وري جتوئيءَ کي فون ڪئي، جنھن کيس ٻڌايو ته مراد علي شاھه ته ڪابل ويل ھو جنھن لاءِ ويزا به ھن پاڻ وٺي ڏني ھئس ـ بھرحال مان ڪابل مان موٽي اچي مير رسول بخش سان مليس ۽ چيومانس ته توھان اسان کي اڳواٽ ٻڌايو ھا ته اھڙي صورتحال پيدا ئي ڪونه ٿئي ھا ـ مير صاحب مڃيو ته واقعي کانئس اھا غلطي ٿي وئي ،“ شاھه صاحب ٻڌايو ـ
عبدالفتاح ميمڻ (مرحوم) ڀرين جو ھو پر نوابشاھه ۾ وڪالت ۽ سياست ڪندو ھو جتي ورھين کان آباد ٿي ويو ھو ـ اڳتي ھلي 1977 جي چونڊن ۾ سيٽ ملڻ تي کيس قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو پر ٽن مھينن بعد مارشل لا لڳڻ سان اسيمبلي ختم ٿي وئي ـ ڀُٽي صاحب کيس موري واري تڪ مان چونڊ کٽرائي ھئي ـ
بھرحال چونڊن واري سياست جاري رھي ـ فوجي حڪومت واري غيرپارٽي سنڌ اسيمبلي 28 فبروري 1985 کان 30 مئي 1988 تائين ھلي جنھن ۾ مراد علي شاھه پي ايس 17 تڪ تان کٽيو ھو ـ سال 1988 ۾ 19 نومبر کان 6 آگسٽ 1990 تائين ھلندڙ اسيمبليءَ ۾ ھُو پي ايس 20 تان کٽي آيو پر 4 نومبر 1990 کان 19 جولاءِ 1993 واري اسيمبليءَ ۾ سندس جاءِ تي نوشھري جي پير طارق قربان کي ڪامياب ڪري آندو ويو جڏھن ته سيد مراد علي شاھه جي فرزند سيد نورمحمد شاھه ٻئي تڪ مان چونڊ کٽي ھئي ـ انھيءَ کانپوءِ واري صوبائي اسيمبلي 18 آڪٽوبر 1993 کان 7 نومبر 1996 تائين ھلي جنھن ۾ پڻ مراد علي شاھه پي ايس 16 تان کٽيو ھو ـ انھيءَ ساڳئي تڪ مان ھُو 20 فبروري 1997 کان 12 آڪٽوبر 1999 تائين ھلندڙ اسيمبليءَ جو ميمبر رھيو، جنھن کانپوءِ جنرل پرويز مشرف جي فوجي حڪومت شروع ٿي ـ شاھه صاحب مشرف دور جي 2002 کان 2007 واري اسيمبلي، 2008 کان 2013 ۽ 2013 کان 2018 وارين اسيمبلين ۾ به ميمبر ٿيندو رھيو ۽ 2018 ۾ وري اليڪشن کٽي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي ويو آھي ـ
جيڪڏھن ڀرين جي سياسي تاريخ تي نظر وجھبي ته ھتان جو سيد گھراڻو ايڪاسي ورھين کان (1937 کان 2018) چونڊن ۾ ايندو رھيو آھي ـ سندن خاندان مان ھڪڙا اسيمبلين ۾ ويندا رھيا ته ٻيا مڪاني ادارن ۾ ـ ڀرين جي ٽائون ڪميٽيءَ ۾ پھريون چيئرمن سيد امام علي شاھه ٿيو جنھن کانپوءِ سندس فرزند سيد انور علي شاھه، ٽيون نمبر فرزند سيد احتشام علي شاھه، سيد انور علي شاھه جو فرزند امام علي شاھه چيئرمن رھيا ۽ ھن وقت به سيد انور شاھه جو ٻيو فرزند سيد امير علي شاھه چيئرمن آھي ـ مشرف جي زماني واري ناظمن جي سرشتي ھيٺ ضلعي حڪومتون ٺھيون ته سيد مراد علي شاھه جو فرزند سيد حسن شاھه نوشھري فيروز ضلعي حڪومت جو نائب ناظم چونڊيو ھو ـ
ڀرين ۾ پنھنجائپ وارو ماحول رھيو آھي، جتي اليڪشن جي بدران پاڻ ۾ ئي صلاح مشورو ڪري بنا مقابلي چيئرمن توڙي ڪائونسلرن جي نامزدگي ٿيندي رھي آھي ـ
ايوب خان جي زماني ۾ بي ڊي اليڪشن وقت ڀرين کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو مليو ھو پر ان کان اڳ ھتي ميونسپلٽي ھئي، جنھن ۾ قادربخش ڪلھوڙو معاملا ھلائيندو ھو ـ
ڀرين ۾ پيپلز پارٽيءَ وانگر ٻين سياسي ۽ قومپرست تنظيمن جون شاخون به ڪم ڪنديون رھيون آھن جن ۾ جيئي سنڌ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي به شامل آھن ـ سال 1996 ۽ 1997 دوران ھتي مسلم ليگ (ن) جي شاخ به قائم ٿي پر پوءِ ختم ٿي وئي ـ اھڙي طرح 1990 ڌاري ايم ڪيو ايم جو يونٽ به کُليو جيڪو پوءِ بند ٿي ويو ـ
جڏھن ڀُٽي صاحب جي حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ۽ ان کانپوءِ کيس ڦاسي ڏئي شھيد ڪيو ويو ته ڀريا ۾ به ڏُک ۽ احتجاج ۾ جلوس ڪڍيا ويا ـ سال 1990 ڌاري ايم ڪيو ايم جي ظلمن ۽ خوني وارداتن جي خلاف به ھتي ھڙتال ڪئي وئي ھئي ـ
چيو وڃي ٿو ته سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي سربراھه ڊاڪٽر قادرمگسيءَ پنھنجي پھرين گرفتاريءَ کان اڳ روپوشيءَ جو ڪافي وقت ڀرين ۽ ڪُنڍا کاھيءَ ۾ به گذاريو ھو ـ جڏھن ايجنسين کيس گرفتار ڪيو ھو ته پھرين نومبر 1991 کان سڄي سنڌ ۾ ٻه ٽي ڏينھن لاڳيتو ھڙتال ٿي ھئي، تڏھن ساھتيءَ جي نوشھري فيروز ۽ ٻين شھرن جيان ڀريا شھر به بند رھيو ھو ـ مڪمل ڦيٿا روڪ ھڙتال به ٿي ھئي جو ھر قسم جي ٽرانسپورٽ رستن تان غائب ھئي ـ
سال 2018 جي جولاءِ 25 تاريخ تي ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن لاءِ مُھم دوران ڪجھه سياسي اڳواڻ ڀرين ۾ جلسا ڪري ويا ـ
سماجي ۽ ادبي تاريخ
ڀرين ۽ ساھتيءَ جي ٻين شھرن ۾ ورھاڱي کان اڳ سماجي ڪم پئنچائتن ذريعي يا ڪن سرنديءَ وارن ھٿان ئي ٿيندا ھئا ـ مثال طور کوھه کوٽائڻ يا ماڻھن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سھولت ڏيڻ لاءِ مَٽَ ڀري رکڻ ـ ٺاروشاھه جي مَٽَئي آڪھه وارن جو ته ڄڻ ڪم ئي اھو ھو ـ مٽئي آڪھه وارا ٺاروشاھه کان ڏيڍ ڪوھه کن پري پير سخي دادوائيءَ جي ميلي تي زيارتين جي لاءِ پاڻيءَ جا مٽ ڀري رکندا ھئا جنھنڪري مٿن نالو ئي مَٽَئي پئجي ويو ھو ـ ڀرين ۾ ديوان پھلاج راءِ، جنھن جو ديھانت 1916 ۾ ٿيو ھيو، پڻ ماڻھن جي سھولت لاءِ کوھه کڻايو ھو ـ
ورھاڱي کانپوءِ اھڙي ڪا به سرگرمي نه رھي ۽ نه ئي ڪنھن سماجي تنظيم جو ڏھاڪن تائين ڪو بنياد پيو ـ اُڻويھه سئو اسيءَ واري ڏھاڪي کان ھتي ڪجھه سماجي تنظيمن برادريءَ جي آڌار جنم وٺڻ شروع ڪيو جن ۾ انجمن مسلم راجپوت ۽ انھيءَ جي شاگردن واري شاخ انجمن مسلم راجپوت طلبا شامل ھيون جيڪي 1982 کان 1998 تائين سرگرم رھيون ـ انھيءَ کانپوءِ مھراڻ ويلفيئر ائسوسيئيشن به ٺھي ۽ ڪجھه وقت لاءِ سرگرم رھي ـ راجپوت برادريءَ جي راڻا شير محمد ۽ ٻين نوجوانن 1995 ڌاري راجپوت گريجوئيٽس ائسوسيئيشن به ٺاھي ھئي جنھن شاگردن لاءِ مفت ڪوچنگ سينٽر ھلايا ـ بعد ۾ ان کي نسلي بنيادن تي ھلائڻ بدران عام ماڻھن لاءِ ”برائيٽ فيوچر ڪوچنگ سينٽر“ ۾ تبديل ڪيو ويو جنھن ۾ پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين مفت ڪوچنگ ڏني ويندي ھئي ـ اڳتي ھلي خانگي اسڪول کُليا ته ڪوچنگ سينٽر بند ڪري فرنيچر اسڪولن کي ڏنو ويو ـ موجوده وقت ڪجھه ورھين کان سنڌ سھڪار تنظيم ڀرين جي سرڪاري اسڪولن کي ھلائي رھي آھي ـ ھيءَ تنظيم سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ھڪ آفيسر ڪامران ميمڻ ۽ ڪجھه ٻين ساڃاھه وندن جي ڪوششن سان ڪم ڪري رھي آھي ـ سال 2019 شروع ٿيندي ئي ھتي ميمڻ برادريءَ وري سرگرم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ ميمڻ اتحاد جي نالي ۾ ڀرين شھر ۾ ھڪ ڪنوينشن ڪوٺايو ـ امداد علي ميمڻ (مرحوم جج) جو فرزند سجاد امداد ان ڏس ۾ سرگرم رھيو ـ ميمڻ اتحاد پاران اپريل 2019 ۾ شھر جي ھيلٿ سينٽر ۾ مفت طبي ڪئمپ به لڳائي وئي ـ
ڀرين ۾ ادبي سرگرميون به ٿينديون رھيون آھن ـ ھتي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پھريون ڀيرو سن 2005 ۾ پيو جنھن جو پھريون سيڪريٽري راڻا شيرمحمد عرف شيرل ڀريائي ٿيو ـ ادبي سنگت جي ڪائونسلرن ۾ ڳوٺ داليءَ جو استاد مبين احمد ميمڻ (ڪھاڻيڪار) شامل ھو ـ ڀرين واري شاخ جو سن 2006 ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز سان الحاق ٿيو ـ سنگت ڀريا شاخ جي ميمبرن ۾ عبدالطيف ڀٽي (مضمون نگار)، علي اصغر ڀٽي ڀريائي (شاعر ۽ ڪھاڻيڪار)، نصير ملاح (شاعر، ڪھاڻيڪار)، شيراز ميمڻ (شاعر)، نثار احمد لُھراڻي (شاعر ۽ ڳائڻو)، ڳوٺ مير خان ابڙو جو نصرالله ناز ابڙو، عزيزالله فدا جلباڻي (شاعر)، سنڌي، اردو ۽ پنجابيءَ ۾ شاعري ڪندڙ ڀريا جو رھواسي جاويد عرف جاني راجپوت، پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جو فرزند عبدالله شاد جلباڻي شامل آھن جنھن جا شاعريءَ جا پنج ڪتاب ڇپيل چيا وڃن ٿا ـ پر ڀرين ۾ ادبي ۽ سماجي جاڳرتا ۽ سرگرمين جو مھندار بزرگ استاد سيد فتح علي شاھه ئي آھي جنھن سدائين ھتان جي نوجوانن کي ھمٿايو ۽ اڄ به وٽس اديبن ۽ فنڪارن جو ميڙو ھوندو آھي ـ سندس آستانو لونگ شاھه جي درگاھه جي احاطي اندر ھڪ ڪچي ڪوٺيءَ ۾ آھي جتي نه رُڳو سنگيت جي سکيا به ڏني وڃي ٿي پر آخوند فيض محمد جي نالي ھڪ ننڍڙي لائبريري به قائم آھي ـ ڀرين ۾ لائبريريءَ جو تصور به پھريون ڀيرو ديوان ڪوڙيمل چندن مل ڏنو ھو جنھن ويھين صديءَ جي اوائل ۾ ھڪ پبلڪ لائبريري قائم ڪئي ھئي ـ بعد ۾ ڪي سي اڪئڊمي اسڪول جي شاندار لائبريري قائم ٿي ـ ان کانسواءِ آخوند گھراڻي، سيد امام علي شاھه، حڪيم غلام محمد سومري ”عرشي“ ۽ ڪن ٻين جون ذاتي لائبريريون ھونديون ھيون ـ
ڀرين ۾ 29 جنوري 2017 تي ديوان ڪوڙيمل چندن مل جي ھڪ سئو سالا ورسي ملھائي وئي جنھن جو آرگنائيزر به راڻو شيرمحمد راجپوت ھو ـ ھُو انھيءَ کان اڳ سنڌي ٽي وي چئنل تي به ڪي سي اڪئڊمي ۽ ديوان ڪوڙيمل تي ھڪ وڊيو رپورٽ ھلائي چُڪو ھو پر اھو پھريون ڀيرو ھو ته ديوان صاحب جي ورسي ملھائي وئي ۽ اُھا به سندس قائم ڪيل ڪي سي اڪئڊميءَ جي سامھون ان ميدان تي جتي ڪنھن زماني ۾ اڪئڊميءَ جو بورڊنگ ھائوس ھوندو ھو ـ ديوان ڪوڙيمل جي سئو سالا ورسي ھونئن ته سندس وفات واري تاريخ 16 ڊسمبر 2016 تي ملھائي وڃي ھا پر ڪن سببن جي ڪري ان ۾ دير ٿي ھئي ـ سڄي سنڌ ۾ ٻئي ڪنھن به ھنڌ سنڌي ٻولي ۽علم ادب جي ھن محسن کي ياد ڪونه ڪيو ويو ھو ـ سيد مراد علي شاھه ھن پروگرام جي صدارت ڪئي ھئي جنھن ۾ تقريرون ڪندڙن کي شيلڊون به ڏنيون ويون ھيون ـ
ايتري ڊگھي سياسي تاريخ ۽ علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ اڳڀرو رھندڙ ڀرين جي شھر لاءِ ڪن ساڃاھه وندن جو مشاھدو آھي ته اڄ تائين ھتي شھري Urbanized معاشرو جُڙي نه سگھيو آھي ـ

تعليمي ادارن جي تاريخ

جيئن سموري سنڌ ۾ پراڻي زماني کان تعليم جي لاءِ روايتي مڪتب قائم ھوندا ھئا، تيئن ساھتي پرڳڻي جي مختلف شھرن ۾ به تعليم جو ساڳيو سرشتو رائج ھو ـ ان ڳالھه جي شاھدي ڏيندي ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ ٻڌائي ٿو ته ميرن جي صاحبيءَ ۾ به ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مُلن ۽ آخوندن جا مڪتب ھوندا ھئا جيڪي انگريز راڄ جي اوائلي وقت تائين ھلندا رھيا ـ ھندو ڪامورن جا ٻار مسلمان ڇوڪرن سان گڏ انھن مڪتبن ۾ پڙھندا ھئا ـ ڪي عامل پنھنجي اوطاقن تي آخوندن کي گھرائيندا ھئا ۽ پاڙي جا عامل ڇوڪرا انھن اوطاقن ۾ پڙھندا ھئا ـ اھي مُلا ۽ آخوند اڳي رُڳو فارسي سيکاريندا ھئا پر پوءِ سنڌي به سيکارڻ لڳا ـ سنڌي مضمون فارسي آئيويٽا ۾ لکندا ھئا ۽ سڀ ڪنھن جي لکڻ جو نمونو پنھنجو ھو ـ
ساھتي پرڳڻي جي نوشھري فيروز، ڀريا ۽ دريا خان جلباڻيءَ توڙي ڀرپاسي جي ٻين شھرن ۽ ڳوٺن ۾ به ٻار مڪتبن ۾ پڙھندا ھئا ـ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ به ”مدرسه ھاءِ اسڪول نوشھري“ جي سئوساله جشن جي موقعي تي پنھنجي مقالي ۾ لکيو ھو ته نوشھري ۾ ڪيترائي ديني علمن جا درسگاھه ھوندا ھئا جتي پري پري کان شاگرد پڙھڻ ايندا ھئا ـ
نوشھرو فيروز جيتوڻيڪ ڪلھوڙن جي صاحبيءَ ۾ قائم ٿيو ۽ انھيءَ شھر جي تاريخ ڀريا کان پراڻي ڪانھي پر ڀريا ۾ شايد انھيءَ دور ۾ ڪو مڪتب نه ھو جو ھتان جي آخوند گھراڻي جي بزرگن نوشھري فيروز مان لڏي اچي مڪتب کوليو ھو ـ ڀرين ۾ آخوندن جو گھر ۽ مڪتب ميمڻ پاڙي ۾ ٺاروشاھه واري دڳ تي ديوان ڪوڙي مل چندن مل جي گھر ۽ مندر ڏانھن ويندڙ گھٽيءَ جي مُنڍ ۾ ھوندو ھو، جتي ويھين صديءَ جي پھرين اڌ تائين به ديني
تعليم جو سلسلو جاري رھيو ـ ڪي جھونا ٻڌائن ٿا ته آخوند اسماعيل مڪتب ۾ ويھي فجر ڌاري تلاوت ڪندو ھو ته سندس آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو ھو ـ نوشھري مان ڀرين ۾ آخوند گھراڻي جي آمد گھڻو اڳ جي چئي وڃي ٿي جو آخري آخوند اسماعيل جي ڏاڏي جي آخري آرامگاھه، جنھن جو نالو به آخوند اسماعيل ھو، ڀرين ۾ ئي ميمڻ پاڙي لڳ لونگ شاھه جي قبرستان ۾ آھي ـ
ڀرين ۾ آخوندن جي مڪتب ۾ ٿي سگھي ٿو ته رُڳو ديني تعليم ڏني ويندي ھئي ڇو ته ناليواري شخصيت ۽ تعليمي ماھر ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جي ابتدائي تعليم ڀرين بدران ڀر واري ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ جي ھڪ مڪتب ۾ ٿي جتي ھو روزانو صبح جو ويندو ھو ـ ديوان ڪوڙيمل جو جنم 1844 ۾ ٿيو ھو ۽ ھُو ڇھه ورھيه ڳوٺ جلباڻيءَ ۾ آخوند سليمان جي مڪتب ۾ پڙھيو ـ مسٽر چرنداس ٺاڪرداس گُرسھاڻي 1945 ڌاري ڪوڙومل سنڌي شاھتيه منڊل حيدرآباد جي ڇپرايل سندس ڪتابڙي ۾ لکي ٿو ته ”تِن ڏينھن ۾ اڄ وانگيان ڳوٺ ڳوٺ ۾ مڪتب ڪين ھئا ـ ڀرين ۾ پڙھڻ جو سھنج بنھه ڪين ھو، تنھنڪري ڀائي چندن مل پنھنجي پٽ کي دريا خان جلباڻيءَ، جيڪو ڀرين کان ميل پنڌ تي اوڀر طرف آھي، اُتي خانگي مڪتب ۾ پڙھڻ لاءِ موڪليوـ“ انھيءَ مڪتب کانپوءِ ھن ڀرين ۾ انگريزن جي قائم ڪيل اسڪول ۾ تعليم ورتي ـ اھو اسڪول 1855 ۾ ان وقت کُليو جڏھن مسٽر جيمس نوشھري فيروز ۾ پھريون اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي آيو ۽ ھن ڀرين ۾ سرڪاري اسڪول کولرايو، جنھن ۾ ڪوڙومل داخل ٿيو ـ ليکڪ جمال الدين مومن پنھنجي ڪتاب ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۾ 1927 ۾ ڪنھن جو لکيل ھڪ مضمون ڇاپيو آھي، جنھن موجب اھو اسڪول ڀرين مان ٺاروشاھه ويندڙ رستي جي اُتر ۾ ھڪ عمارت ۾ قائم ھو ۽ پري کان ئي ڏسڻ ۾ ايندو ھو ـ انھيءَ عمارت جي اوڀر ۾ مُقام ۽ اُتر ۾ شھر ھو ـ اھا عمارت بعد ۾ اصلوڪي حالت ۾ نه رھي ڇو ته ھڪ سيٺ ان عمارت کي نيلام ڪرائي نئين عمارت جوڙائي ۽ ان ۾ ھڪ کوھه به کڻايو ـ انھن ڏينھن ۾ اڃان ٻارن کي سنڌي ڪونه پڙھائيندا ھئا ـ ڪوڙيمل ”بھار دانش“ ۽ ”سڪندرنامو“ پڙھيو ـ تعليم کاتي جي منشي ننديرام سيوھاڻيءَ جا جھوني لٽريچر ۾ ٽي چار سنڌي ڪتاب ھئا، جيڪي ٻار پڙھندا ھئا نه ته ھونءَ زور ھو پارسي علم تي ـ انگريزن جي اوائل صاحبيءَ ۾ به فارسي ضروري ھئي ـ ڀرين ۾ مقرر ٿيل پھريون ماستر قاضي عبدالحفيظ ھو جيڪو نوشھري جو ويٺل ھو ۽ عربي ۽ فارسيءَ جو قابل ھو ـ کيس مھيني جا ٻارھن رُپيا پگھار ملندي ھئي ـ تِن ڏينھن ۾ ڇپيل ڪتاب ورلي ڪو ھوندو ھو، نه ته قلمي ڪتاب لکرائي پڙھايا ويندا ھئا ـ ھڪ ڀيري ناياب ڪتاب ”حڪايت الحسيني“ ڪنھن ڇوڪر جي غفلت سبب ڦاٽي پيو ـ قاضي عبدالحفيظ کي ٻئي ڏينھن خبر پئي ـ سندس پڇڻ تي ڪنھن به شاگرد نه باسيو، جنھن تي ھن ھڪ نوڙ گھرائي کين ٻڌو ۽ جنھن مھل چھبڪ کنيائين ته ھڪ ڇوڪر جھٽ ۾ باسي ورتو ته عبدالرحمان نالي ڇوڪر رات جو اھو ڪتاب ويٺي پڙھيو جنھن کان اوچتو ان کي چھڪ اچي ويوـ ان تي ھن ٻارن کي ڏاڍي مار ڪڍي ته ٻارن جا مائٽ به ڪاوڙ ۾ اچي قاضي عبدالحفيظ کي ڌمڪائڻ لڳا ۽ ٻارن کي اسڪول مان ڪڍي ويھاري ڇڏين ـ قاضي صاحب جڏھن ھيٺانھين ڏيکاري مائٽن کي پرچايو، تڏھن وري ٻار اسڪول اچڻ لڳا ـ
ان مضمون ۾ جنھن اسڪول جي عمارت جو ذڪر ٿيل آھي، تنھن لاءِ گُمان آھي ته اُھا لونگ شاھه جي سامھون اُتر ۾ موجوده مدرسي واري ھنڌ ھوندي ـ جنھن ھنڌ مدرسو آھي، اُتي ڪنھن زماني ۾ سرڪاري ڊسپينسري ھوندي ھئي ـ اندازو آھي ته ان کان گھڻو اڳ ان جاءِ تي ڀرين جو پھريون سرڪاري اسڪول قائم ٿيو ھو ـ ڪجھه بزرگن موجب ان عمارت ۾ ھڪ کوھه گھڻي وقت تائين موجود ھو ـ ان عمارت ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مدرسن قائم ٿيڻ کان اڳ اھا مرحوم حاجي محمد ھاشم ميمڻ (آبپاشي کاتي جو چيف انجنيئر) ۽ سندس ڀاءُ جي اوطاق ھئي، جيڪا ھنن پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سيٽلمينٽ کاتي کان خريد ڪئي ھئي ـ
مٿئين بيان مان ظاھر آھي ته سنڌ ۾ نئون تعليمي نظام انگريزن کانپوءِ آيو، جڏھن 1850 ۾ سر بارٽل فريئر ڪمشنر مقرر ٿيو جنھن نه رُڳو سنڌي ٻوليءَ جي ھاڻوڪي آئيويٽا جوڙائي جيڪا 1853 کان چالو ٿي، سنڌيءَ ۾ درسي ڪتاب تيار ٿيا ۽ سنڌي اسڪول به کُليا ـ ڪاڪو ڀيرومل پنھنجي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته ابتدائي طور ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ سرڪاري ھاءِ اسڪول کوليا ويا ـ ڪتاب جي صفحي نمبر 122 تي ھُو ھاءِ اسڪولن کُلڻ جو سال 1850 ۽ صفحي 301 تي 1853 لکي ٿو جنھن مان 1853 ئي صحيح لڳي ٿو ڇو ته بارٽل فريئر جي مقرري ئي 1850 ۾ ٿي ھئي ـ ھُو لکي ٿو ته ساھتيءَ ۾ ته ھڪڙو به ھاءِ اسڪول ڪونه ھو پر ھتان جي نوجوانن ۾ تعليم پرائڻ جو چاھه ھو ـ ”مارچ 1878 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙيءَ وارو ريل جو رستو کُليو ته ساھتيءَ وارا ڪي ڇوڪرا حيدرآباد واري ھاءِ اسڪول ۾ وڃي پڙھڻ لڳا پر سفر جي سختي ھين ـ ڀريا ۽ ٺاروشاھه جا شاگرد مٺياڻيءَ جي پريان درياھه اُڪري اول پُراڻي ديري ۽ پوءِ ڦُلجيءَ ويندا ھئا ـ ڦُلجيءَ جي ڳوٺ ۾ ريلوي وارن جي ٽرالي بيٺي ھوندي ھئي، تنھن ۾ چڙھي ڦُلجي اسٽيشن تي ويندا ھئا ۽ اُتان آگ گاڏيءَ ۾ چڙھي ڪوٽڙيءَ ويندا ھئا ـ ڪوٽڙيءَ واري پُل 25 مئي 1900 تي کُلي، پر انھيءَ کان اڳ ڪوٽڙي ۽ گِدو بندر جي وچ ۾ ھڪ سرڪاري جھاز صبح کان وٺي سج لٿي تائين ھلندو ھو جنھن ۾ مسافر چڙھي گِدو بندر ويندا ھئا ۽ اُتان وري گھوڙي گاڏين ۾ حيدرآباد ويندا ھئا ـ ساھتيءَ جا ڪي ٿورا ئي نوجوان سفر جون اھي سختيون قبوليندا ھئا ـ باقي ماڻُھو زمينداري، ڪي دُڪانداري يا ٻيڙين رستي سکر سان وڻج واپار ڪندا ھئا ـ ڪِن ٿورن ماڻھن جون سونمياڻي ۽ لسٻيلي طرف واپاري ڪوٺيون ھيون ـ “
”ھاڻوڪو حيدرآباد ۽ روھڙيءَ وارو ريل جو رستو 1896 جي آخر ڌاري جُڙي راس ٿيو ته ساھتيءَ وارن کي حيدرآباد اچڻ جي سھولت ٿي ـ ساھتيءَ ۾ سرڪار پوءِ به ڪو ھاءِ اسڪول ڪونه کوليو پر اُتي جي ماڻھن پنھنجو ٻُوٽو ٻاريو،“ ڀيرومل لکي ٿو ۽ اھا ئي ساھتيءَ وارن جي خاص ڳالھه آھي، جنھن کين تعليم جي شعبي ۾ اڳتي آندو ـ ”ساھتيءَ جي ماڻھن پنھنجا پئنچائتي اسڪول کولڻ شروع ڪيا ـ ھڪ پئنچائتي ھاءِ اسڪول نوشھري ۾ کولين ته ٽي ڪوھ (ڇھ ميل) پري ڀرين ۾، ساڍا ٽي ڪوھه پري ٺاروشاھه ۾ ۽ ساڍا چار ڪوھه پري مٺياڻيءَ ۾ ۽ وري ھڪ ھاءِ اسڪول ڪنڊياري ۾ کوليائون ـ ٻھراڙين ۾ ٿوري ٿوري پنڌ تي ايترا ھاءِ اسڪول ٻئي ڪنھن به ھنڌ نه آھن ـ انھن ھاءِ اسڪولن کُلڻ ۽ آمدرفت جي وڌيڪ سھولتن ھئڻ ڪري ساھتيءَ وارن نھايت گھڻي ترقي ڪئي آھي ـ ھينئر حيدرآباد کانپوءِ ٻيو نمبر ساھتي پرڳڻو آھي جنھن ۾ ڪئين تعليم يافته آھن ۽ منجھائن ڪيترا وڏن عھدن تي آھن،“ ڀيرومل لکي ٿو ـ انھن پئنچائتي اسڪولن جو ذڪر اڄ به ڀرين جا ڪي بزرگ ڪن ٿا ـ
بھرحال، مسٽر ٽھلرام آسودو مل وڪيل، 1945 جي ڊسمبر ۾ ڪوڙو مل سنڌي ساھتيه منڊل حيدرآباد پاران سندس ڇپرايل ڪتابڙي ”سرڳواسي راءِ بھادر ديوان ڪوڙيمل چندنمل جا مختصر جِيون چرتر“ ۾ ڀرين جي انگريزي اسڪول بابت ھن ريت بيان ڪري ٿو: ”پھريائين سال 1865 ۾ ديوان ڪوڙيمل جي ڪوشش سان ڀرين جو ورنيڪيولر اسڪول (ھيءُ 1855 وارو اسڪول ئي ھوندو جنھن جو ذڪر اَي ڊبليو هيوز جي 1876 واري سنڌ گزيٽيئر ۾ به آھي) ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جي درجي تي آندو ويو ـ ڀرين جي ماڻھن ھن ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جي ھيڊماستر سان بنا سبب جي اچي پاتي ۽ ھو ڪنھن به ھيڊ ماستر سان نٿي ٺھيا تنھنڪري سرڪار ڀرين مان انگريزي اسڪول جي برانچ ڪڍي ٺاروشاھه ۾ وڌي ـ ڀرين مان انگريزي اسڪول ته کڄي ويو پر پوءِ جڏھن ڀريا واسين پنھنجا ڇوڪرا ٻاھر موڪلي نتيجو ڀوڳيو، تڏھن ھٿ ھڻڻ لڳا ـ پورا ڏھه سال ڀرين جو شھر انگريزي اسڪول لاءِ پي سِڪيو ـ جڏھن قادرداد خان نوشھري ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿي آيو تڏھن ھن ڀرين ۾ انگريزي اسڪول جي برانچ کولڻ لاءِ ديوان ڪوڙيمل سان صلاح ڪئي ـ ديوان صاحب ان ڪم ۾ ھٿ وڌو ۽ جھٽ ڀرين ۾ ھڪ انگريزي اسڪول برپا ٿي ويو ـ ان اسڪول جي سنڀال جو ڪم ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر نوشھرو فيروز (قادرداد کانپوءِ مقرر ٿيل) مرزا قليچ بيگ ديوان ڪوڙيمل تي رکيو ـ ديوان صاحب جي ڪوشش سان ھڪ وديا منڊلي ڀرين جي ھاءِ اسڪول جي ڪاروبار ھلائڻ لاءِ ٺاھي وئي ـ ديوان صاحب جي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ سان سرڪاري گرانٽ ملڻ ڪري ھاءِ اسڪول جي بلڊنگ تيار ٿي وئي ـ ديوان صاحب وديا منڊليءَ جو لائيف ميمبر ۽ اسڪول جو اعزازي مئنيجر ھو ـ ھُو ڪيترائي سال بنا اُجوري اسڪول جو مئنيجر ٿي رھيو ۽ جيڪو ڪجھه آنروريم طور ملندو ھئس، اھو اسڪول کي ئي عطئي طور ڏئي ڇڏيندو ھو ـ ديوان صاحب اسڪول ۽ بورڊنگ جو پُورو انتظام رکندو آيو ـ اھو ئي اسڪول سندس نالي سان ڪوڙومل چندن مل اڪئڊمي ڪوٺجي ٿو ـ“
مسٽر چرنداس ٺاڪرداس گُرسھاڻي بھرحال ڀرين ۾ ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جي قائم ٿيڻ جو سال 1865 بدران 1867 لکي ٿو ـ سندس چوڻ موجب سال 1867 جي آخر ۾ نارمل اسڪول سکر جو ساليانو امتحان ٿيو ته ڪامياب ڇوڪرن مان ھڪ روھڙيءَ جي ويٺل ھدايت علي شاھه کي ڀرين ۾ پنجويھه رُپيا پگھار سان ھيڊماستريءَ جي مقرريءَ جو حڪم پھتو ـ ھُو سنڌي ۽ فارسيءَ سان گڏ انگريزي به چڱيءَ طرح لکي پڙھي سگھندو ھو ـ ڀرين ۾ اچڻ وقت کيس ديوان ڪوڙيمل ھدايت ڪئي ھئي ته ڀرين ۾ وڃي انگريزي ڪلاس به کولج ۽ اسين به ماڻھن کي صلاح ڏينداسين ته ٻارن کي انگريزي پڻ پاڙھين ـ ماستر ھدايت علي شاھه چارج وٺي جلد ئي انگريزي ڪلاس کوليو ۽ ماڻھو ڏاڍي چاھه سان ٻارن کي پاڙھڻ لڳا ـ
نوشھري ۾ جيتوڻيڪ سرڪاري اسڪول به کُليو ۽ پئنچائتي اسڪول به موجود ھو پر مسلم شاگردن جي تعليم خاطر درٻيلي جي زميندار ۽ سياستدان سيد الھندي شاھه 1893 ۾ نوشھري ۾ مدرسه ھاءِ اسڪول قائم ڪيو ـ حامد علي خانائيءَ مٿي ذڪر ڪيل مقالي ۾ ڄاڻايو آھي ته ڀرين ۾ ”اينگلو ورنيڪيولر اسڪول“ ڀريا ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جي سھاري ھيٺ کُليو ھو ـ سندس تحقيق موجب مٿي بيان ڪيل پئنچائتي اسڪولن ۾ صرف ھندن جي ٻارن کي داخلا ملندي ھئي ۽ مسلمانن جي ٻارن کي، سواءِ سرنديءَ وارن ۽ زميندارن جي ٻارن جي، گھٽ داخلا ڏني ويندي ھئي جنھنڪري ساھتيءَ وارن کي انگريزي تعليم لاءِ پٿوري مدرسي يا ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي پڙھڻ وڃڻو پوندو ھو ـ
ڀرين ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ ديوان ڪوڙيمل جون ڪوششون جاري رھيون ۽ 1886 ۾ انگريزي اسڪول کولائڻ کانپوءِ اڳتي ھلي 1902 ۾ ڇوڪرن جي پرائمري تعليم لاءِ به سرڪاري اسڪول کولرايائين ـ ڇوڪرن واري پرائمري اسڪول جي عمارت تي اڄ به ديوان ڪوڙي مل جي نالي جو پٿر لڳل آھي ـ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ھن اسڪول جا جيڪي ھيڊماستر ٿي گذريا، تِن مان مرحوم سيد مدد علي شاھه (جنم 1927) ناليوارو استاد رھيو آھي ـ
چرنداس ٺاڪرداس گُرسھاڻيءَ موجب ديوان ڪوڙيمل جي ئي ڪوششن سان ڀرين ۾ نياڻين جي تعليم ۽ ھنري سکيا لاءِ اسڪول (ڪنيا پاٺشالا) کوليو ويو جيڪو پھرين مسواڙي جاءِ ۾ 1906 ۾ شروع ٿيو ـ ھن پاٺشالا ۾ نياڻين کي سنڌي ۽ گُرمُکيءَ جي سکيا سان گڏ بدني ورزش، سبڻ ۽ ڀرت وغيره جي سکيا ملندي ھئي ـ شروعات ۾ پاٺشالا لاءِ ماسترياڻيون ملڻ ۾ ڏکيائي ٿي ـ حيدرآباد مان اچڻ لاءِ ماسترياڻين جا شرط ڏکيا ھئا ـ نيٺ ويرومل بيگراج جي معرفت سکر مان ھڪ ماسترياڻي پندرھن رُپيا پگھار تي ھتي آئي ـ اڳتي ھلي نياڻين جي ھن اسڪول جي عمارت جو افتتاح 22 فبروري 1915 تي نوابشاھه جي ڪليڪٽر مسٽر منڪي چانديءَ جي ڪُنجيءَ سان ڪُلف کولي ڪيو ھو ـ انھيءَ اسڪول جو نالو ”ميلھو مل پيسومل ڪنيا پاٺشالا“ رکيو ويو ھو جيڪو سنگمرمر جي پٿر تي ان عمارت تي لڳل ھوندو ھوـ نياڻين واري اسڪول جي انھيءَ عمارت ۾، جيڪا پَڪ سِرائين ۽ جعفريءَ جي دروازن واري ھئي، پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سرڪاري اسپتال قائم ڪئي وئي ھئي جيڪا 1971 تائين قائم رھي ـ جنرل مُشرف جي مڪاني ادارن واري ناظمي سرشتي وقت انھيءَ جاءِ تي ھڪ پبلڪ پارڪ قائم ڪئي وئي ـ
ڪنيا پاٺشالا ته ورھاڱي کانپو ختم ٿي ويو پر پوءِ نياڻين جو ھڪ سرڪاري پرائمري اسڪول قائم ٿيو جيڪو اڄ به ڇوڪرن جي پرائمري اسڪول لڳ ھڪ الڳ عمارت ۾ ھلي رھيو آھي ـ ڀرين جي غالباڻي پاڙي ۾ به نياڻين جي تعليم لاءِ سرڪاري پرائمري اسڪول قائم آھي ـ ھن وقت ڀرين ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ٻه الڳ ھاءِ اسڪول به آھن جڏھن ته خانگي اسڪولن جو انگ به اڌ ڊزن برابر آھي ـ ڇوڪرن جي ھاءِ اسڪول جي احاطي ۾ ئي 2004 ۾ انٽرميڊئيٽ ڪلاسن لاءِ ھائر سيڪنڊري اسڪول جي وڏي عمارت تعمير ڪئي وئي پر سال 2019 ۾ ھن ڪتاب ڇپجڻ تائين به ان ۾ استادن جي مقرري نه ٿي سگھي ھئي ـ
ڀرين ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت تعليمي ادارا کولڻ جو ھڪ ٻيو وڏو مثال 1960 واري ڏھاڪي جي شروع ۾ ڪي سي اڪئڊميءَ جي تاريخي عمارت منجھه ساھتي انٽرميڊئيٽ ڪاليج جي شروعات ھئي جيڪو پڻ 1964-65 ۾ اسڪول جي سرڪاري تحويل ۾ وڃڻ تائين جاري رھيو ـ انھيءَ کانپوءِ اڄ ڏينھن تائين ڀرين ۾ ڪو ڪاليج ڪونه کُليو ـ ساھتي ڪاليج ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول جي آخري ھيڊ ماستر آخوند جميل احمد جي ڪوششن سان شروع ٿيو ھو، جيڪو شاگردن لاءِ غيرنصابي سرگرمين کي وڏي اھميت ڏيندي راندين جا مقابلا به ڪرائيندو ھو ـ اسڪول جي عمارت جي سامھون لائبريريءَ جي عمارت اندر بيڊ منٽن ۽ ٽيبل ٽينس کيڏي ويندي ھئي، بورڊنگ ھائوس ۾ واليبال کيڏڻ جو انتظام ھوندو ھو ۽ ڪرڪيٽ لاءِ به اسڪول جي عمارت ڀرسان گرائونڊ ھوندو ھو ـ اسڪول جي في گھٽ ھجڻ جي باوجود، جيڪي شاگرد ذھين پر في ڀرڻ جي قابل نه ھوندا ھئا، تِن جي سموري في معاف به ڪئي ويندي ھئي ـ اھڙن شاگردن ۾ دوست محمد ۽ حنيف منگي به شامل ھئا ـ حنيف منگي گزيٽيڊ آفيسر طور رٽائر ٿيو ـ
ڀرين توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ تعليم جي واڌاري ۾ ڪي سي اڪئڊميءَ جو اھم ڪردار رھيو آھي جتي ناليوارين شخصيتن تعليم حاصل ڪئي ـ انھن ۾ حشمت راءِ (حشو) ڪيولراماڻيءَ جو نالو سرِفھرست آھي، جنھن ابتدائي تعليم ھتي حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڪراچيءَ واري اين جي وي اسڪول ۾ پڙھيو ـ موجوده سرڪاري ھاءِ اسڪول جي ھڪ استاد عرفان ميمڻ ۽ ڪن ٻين اُستادن ڪي سي اڪئڊميءَ جا ويھين صديءَ جي اوائل کان وٺي اسڪول جي سرڪاري تحويل ۾ وڃڻ تائين وارا رجسٽر ھٿ ڪري سنڀالي رکيا آھن ـ انھن مِڙني رجسٽرن مان ٻه ته نھايت زبون حالت ۾ آھن جن کي ھٿ لائڻ سان پنو ڀُري ٿو وڃي ـ ھڪ رجسٽر بھتر حالت ۾ آھي جنھن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيو ته ورھاڱي کان اڳ گھڻيون ئي نياڻيون به ان اسڪول ۾ پڙھنديون ھيون ـ رجسٽر مان ڪِن شاگردياڻين جا نالا سمجھه ۾ اچي سگھيا آھن جن ۾ پَريوَش ڌيءَ گھنشامداس آرگاڻي، تيجا ڌيءَ ٽيئون مل، ديوي ڌيءَ روچيرام ماکيجاڻي، نرملا ڌيءَ جيسرام، ڀڳونتي ڌيءَ روچيرام ماکيجاڻي، ديوي ڌيءَ ٽوپڻ داس کلناڻي، پَرِي ڌيءَ ديالداس، ليلان ڌيءَ ھُندراج تلسياڻي ۽ سيتا ڌيءَ ٿڌارام شامل آھن ـ ڪي سي اڪئڊميءَ جي زماني جون ڪجھه بئنچون، الماريون ۽ تاريخي وڏي لائبريريءَ منجھان ٿورڙا ڪتاب به محفوظ ڪري رکيا ويا آھن جڏھن ته انھيءَ زماني جي تصويرن مان ڪا ھڪ اڌ تصوير محفوظ آھي ـ
ڇوڪرن جو موجوده سرڪاري ھاءِ اسڪول شھر جي وچ مان لنگھندڙ قومي شاھراھه تي اُتر ۾ دنگ تي باءِ پاس ويجھو آھي جيڪو 1967 ۾ نئين عمارت ۾ قائم ٿيو، پر ڪي سي اڪئڊميءَ جي اصل عمارت ڀرين مان اولھه ۾ ٺاروشاھه ويندڙ دڳ جي دنگ تي ھوندي ھئي ـ (موجوده وقت ھن علائقي ۾ ڪلھوڙا ڪالوني ۽ ٻين وسندين جي ڪري شھر جي حد باءِ پاس سان وڃي لڳي آھي، جتي اڳي سواءِ راند جي ھڪ ميدان، ٻنين ۽ باغن جي باقي سُڃ ھوندي ھئي) ـ ڪي سي اڪئڊميءَ جي عمارت وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل ھوندي ھئي جنھن ۾ ھڪ حصو مٿانھينءَ تي ھوندو ھو ـ اسڪول جي حوالي سان ڪي سي اڪئڊميءَ جي 1965 واري بئچ جي پراڻي شاگرد سڪندر ڪِيرئي صاحب، جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جي عھدي تائين پھچي رٽائر ٿيو، ھن ريت نقشو چِٽيو آھي:
”ھيءَ درسگاھه ڀريا _ ٺاروشاھه روڊ تي ميمڻ پاڙي ۾ ھڪ شاندار عمارت ۾ قائم ھئي جيڪا پري کان ئي نظر ايندي ھئي ـ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو وڏو محرابي گيٽ ھوندو ھو، جنھن جي مُھاڙ اُتر پاسي ھئي ـ گيٽ جي محراب تي وڏن اکرن ۾ Enter to Learn, Leave to Serve لکيل ھوندو ھو ۽ پاسي کان اسڪول جي قائم ٿيڻ واري سال 1886 جو پٿر لڳل ھوندو ھو ـ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گيٽ اندران چار پنج ڏاڪا چڙھڻا پوندا ھئا جنھن کانپوءِ کاٻي پاسي ھيڊماستر ۽ نائب ھيڊ ماستر صاحبن ۽ اسٽاف جون آفيسون ھونديون ھيون ـ مين گيٽ کان اندر گھڙندي ئي ساڄي پاسي اسيمبلي گرائونڊ ھوندو ھو ـ اسڪول جون ٻه عمارتون ھيون جن مان اُلھندي پاسي واري عمارت ۾ ھيٺين ڪلاسن جو سيڪشن ۽ سائنس لئبارٽري ھوندي ھئي ۽ پنج ڇھه ڏاڪا لھي اُڀرندي پاسي ھائر سيڪشن جي عمارت ھئي جنھن ۾ ھڪ ميوزيم نما لائبريري به ھوندي ھئي ـ ھن بلڊنگ جي سامھون ڏکڻ پاسي شاگردن جو ڪامن روم ۽ ڪيفي ٽيريا ھوندا ھئا ـ ٻنھي عمارتن جي اڳيان ھڪ ننڍڙو خوبصورت ۽ سرسبز باغيچو به ھوندو ھو جنھن ۾ رسيس وقت شاگردن جا ٽولا اچي ويھندا ھئا ـ ان باغيچي کي کوھه جي پاڻيءَ سان سيراب ڪيو ويندو ھو ـ مالھي کوھه مان پاڻيءَ جا ڏول ڀري ھڪ حوض ۾ وجھندو ھو جتان وري باغيچي ڏانھن ناليون نڪرنديون ھيون ـ“
”ان دور جي حساب سان اسڪول جي سائنس لئبارٽريءَ ۾ سڀ سامان موجود ھوندو ھو ۽ شاگردن کي تجربا ڪرائي تعليم ڏني ويندي ھئي ـ استاد ايترا ته سُٺا، بااخلاق ۽ محنتي ھوندا ھئا جو شاگردن کي ٽيوشن وٺڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي ھئي ـ اسڪول جي عمارت جي ٻاھران روڊ جي ٻئي پاسي سامھون اُتر ۾ استادن جو ڪامن روم ۽ لائبريري ھوندا ھئا جتي ڪتابن جو چڱو تعداد رکيل ھوندو ھو ـ روزانو اخبارون به اينديون ھيون ـ اسڪول جي اُتر اولھه ۾ روڊ جي ٻئي پاسي ھاسٽل ھوندي ھئي، جنھن کي بورڊنگ ھائوس سڏيو ويندو ھو ـ ھتي ڪنھن زماني ۾ ڪافي شاگرد رھندا ھئا ـ ھن ھاسٽل جي وسيع احاطي اندر اولھه پاسي رھائشي عمارت ھئي جنھن ۾ کوڙ ڪمرا ھوندا ھئا جن جي آڏو ڊگھو ورانڊو ھوندو ھو ـ عمارت جي سامھون وڏو ميدان ۽ انھيءَ جي ڇيڙي تي اوڀر ۾ باٿ روم، ٽوائليٽ ۽ بورچيخانا قطار ۾ ٺھيل ھوندا ھئا ـ بورڊنگ ھائوس جي اندر ھڪ پاسي واليبال ۽ بيڊمنٽن راند لاءِ ميدان ۽ عمارت جي پٺيان ئي اولھه ۾ ڪرڪيٽ راند ۽ ٻين تقريبن لاءِ وڏو ميدان ھوندو ھو ـ اسڪول جي عمارت جي اوڀر ۾ ھڪ گھٽي ڇڏي ھڪ خوبصورت ڊراما ھال ٺھيل ھوندو ھو (ڊراما ھال بابت ھن ڪتاب ۾ الڳ تفصيل ڏنل آھي) ـ“
”ڪي سي اڪئڊمي اسڪول جي في تمام ٿوري ھوندي ھئي ۽ گھٽ ڪتاب رکڻ جي ڪري ٻارن تي بار به ڪونه ھوندو ھو ـ پڙھائيءَ جو طريقو تمام آسان ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ھوندو ھو جنھنڪري ڀريا روڊ، دالي، ڪوٽ بھادر توڙي ڀرپاسي جي ٻين ڳوٺن جا ٻار به ھتي پڙھڻ ايندا ھئا ۽ ھر ڪلاس ۾ ڪافي ٻار ھجڻ جي باوجود استادن کي ھر شاگرد جو نالو ياد ھوندو ھو ـ شاگردن کي ھوم ورڪ تمام گھٽ ملندو ھو ۽ ايتري بھترين پڙھائي ھوندي ھئي جو کين ٽيوشن جي ضرورت نه پوندي ھئي ـ ٻين شھرن جي آيل شاگردن کي بورڊنگ ھائوس ۾ رھايو ويندو ھو ـ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا شاگرد پنڌ يا سائيڪلن تي ايندا ھئا، جن لاءِ ڏکڻ پاسي وڻن جي ھيٺان سائيڪلن جي پارڪنگ ايريا ھوندي ھئي ـ“
ڪي سي اڪئڊمي اسڪول جي ھڪ خاصيت ھيءَ به ھئي ته ھتي ڪي استاد رضاڪارانه طور به پڙھائيندا ھئا ـ اھڙين شخصيتن ۾ ھڪ زميندار ٽھلرام به ھو، جنھن ورھاڱي کانپوءِ اوائلي دور ۾ ڪجھه وقت اسڪول ۾ شاگردن کي پڙھايو ـ (ٽھلرام تمام گھڻو سماجي شخص ھو پر 1965 واري انڊيا پاڪستان جنگ کانپوءِ ھندستان لڏي ويو) ـ ٻي خاص ڳالھه ته ھتي ئي پڙھي نڪرندڙ شاگرد به استاد طور ذميواريون نڀائيندا ھئا ـ ورھاڱي کانپوءِ ھن اسڪول کي سنڀاليندڙ آخوند خاندان جا ٽي شخص حاجي فيض محمد، سندس ٻه فرزند قادر بخش ۽ جميل احمد به ھن ئي اسڪول جا پڙھيل ھئا پر وٽن پڙھندڙ سيد مُراد علي شاھه (موجوده زميندار ۽ ايم پي اي) به ھتي اعزازي طور پڙھائيندو رھيو ـ سيد مراد علي شاھه ٻڌائي ٿو ته اڳي ڪي سي اڪئڊمي اسڪول اٺين درجي تائين ھوندو ھو جنھنڪري مئٽرڪ تائين ٻه سال ھن ٺاروشاھه جي ھاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتي ـ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ کانپوءِ اڃان رزلٽ ئي ڪانه آئي ھئي ته ھن ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ استاد طور فارسي پڙھائڻ شروع ڪئي ڇو ته ھُو فارسيءَ ۾ ھُوشيار ھوندو ھو ـ ”سال 1956 ۾ ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ مئٽرڪ جا ڪلاس شروع ڪرڻ ۽ اسڪول کي سنڌ يونيورٽيءَ سان ڳنڍڻ لاءِ (ان وقت ڪو به تعليمي بورڊ نه ھوندو ھو) ھڪ وفد دوري تي آيو ته مان مئٽرڪ جي شاگردن کي فارسي پڙھائي رھيو ھئس ـ يونيورسٽيءَ جا آفيسر اھو ٻڌي حيران ٿي ويا ته مون اڃان مئٽرڪ جو امتحان ھاڻي ڏنو آھي ـ پر اھي منھنجي پڙھائيءَ توڙي اسڪول جي ٻين استادن جي پڙھائي ۽ انتظام مان مطمئن ٿي ويا ۽ ھتي مئٽرڪ تائين ڪلاس شروع ڪرڻ جي اجازت ملي وئي،“ سيد مراد علي شاھه ٻڌايو، جنھن 1960 واري ڏھاڪي ۾ جڏھن ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ ئي شام جو ساھتي انٽرميڊئيٽ ڪاليج شروع ٿيو ته اُتي شاگردن کي اڪنامڪس جي استاد طور به پڙھايو ۽ سندس چوڻ موجب گھڻي ۾ گھڻا شاگرد اڪنامڪس ۾ پاس ٿيندا ھئا ـ
ورھاڱي کان اڳ ڪي سي اڪئڊمي اسڪول ھندو برادريءَ جا سرنديءَ وارا سنڀاليندا ھئا جن جو باقاعده بورڊ ٺھيل ھوندو ھو ۽ انھيءَ ۾ گھڻو ڪري چيئرمين توڙي ميمبر سڀ ھندو ھوندا ھئا پر ھڪ وقت آيو جڏھن سيد نور محمد شاھه مسلم شاگردن کي داخلا ڏياري، سندن مائٽن جي ووٽ سان بورڊ جو چيئرمن ٿيو ـ ورھاڱي کانپوءِ آخر تائين سيد نورمحمد شاھه انتظامي بورڊ جو چيئرمن رھندو آيو ـ ورھاڱي کان اڳ بورڊنگ ھائوس ۾ ھندو شاگرد رھندا ھئا، تنھنڪري سيد نورمحمد شاھه مسلم شاگردن لاءِ الڳ ھاسٽل قائم ڪئي ـ اھا ھاسٽل ھن سندس حويليءَ جي ويجھو انھيءَ عمارت ۾ قائم ڪئي جتي اڳي ھن ھوزريءَ جو ڪارخانو لڳايو ھو ـ ”ھن عمارت ۾ پندرھن کان مٿي ڪمرا ھوندا ھئا ـ مسلم ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردن کي مفت کاڌو پيتو ۽ يونيفارم ڏنو ويندو ھو ـ ڪمرا ڪُشاده ۽ شيشن جي درن درين وارا ھوندا ھئا ۽ باٿ روم به الڳ الڳ ھوندا ھئن ـ مسلم ھاسٽل جا شاگرد روزانو قطار ۾ اسڪول ايندا ويندا ھئا ـ سيد نورمحمد شاھه مسلمان شاگردن لاءِ الڳ ڊراما به ڪرائيندو ھو ـ سيد نورمحمد شاھه مسلمان شاگردن ۾ ڊسيپلن رکڻ لاءِ حويليءَ جي ٽين ماڙ تي ھڪ ڪمري جي دريءَ مان رات جو ھاسٽل تي به نظر رکندو ھو ۽ ھاسٽل جي ڪمرن جي شيشي وارين درين مان ماچيس جي تيلي ٻرندي ڏسندو ھو ته سمجھي ويندو ھو ته ڪو شاگرد سگريٽ ٻيڙي پي رھيو ھوندو ـ ٻئي ڏينھن ان ڪمري جي شاگردن کي سيکت ملندي ھئي ـ“ انھن ڏينھن ۾ مسٽر سوھن داس ڪي سي اڪئڊميءَ جو ھيڊ ماستر ھوندو ھو ـ ورھاڱي کانپوءِ مسلم ھاسٽل ختم ٿي ته اتان جا شاگرد ڪي سي اڪئڊميءَ جي سامھون واري بورڊنگ ھائوس ۾ رھڻ لڳا ـ بورڊنگ ھائوس به اڳتي ھلي ھڪ شاگرد جي قتل ٿيڻ سبب بند ٿي ويو ـ
سيد نورمحمد شاھه جي قائم ڪيل مسلم ھاسٽل ۾ رھي ڪي سي اڪئڊميءَ مان تعليم حاصل ڪندڙن ۾ ڳوٺ دليپوٽه جو عمرالدين سھتو ۽ خدا بخش سِيھڙ شامل آھن ـ مرحوم عمرالدين سھتو عمرالدين بيدار جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو جيڪو اديب ۽ صحافي ھو ۽ ڪراچيءَ ۾ رھندو ھو ـ ھن پنھنجي ڪتابن ۾ مسلم ھاسٽل جو ذڪر ڪيو آھي ـ خدا بخش ولد غلام الرسول سِيھڙ اصل ڳوٺ علي بخش سيھڙ نزد مورو جو رھواسي ھو جنھن 1931 ۾ جنم ورتو ـ خدا بخش سِيھڙ تعليمدان ۽ اديب شاعر به ھو ۽ ناطق مورائيءَ جي نالي سان لکندو ھو ۽ تعليم کاتي ۾ استاد کان وٺي انسپيڪٽر آف اسڪولس جي عھدن تي رھيو ـ سندس اولاد مان ٻه پُٽ امداد ۽ اقبال سيھڙ سنڌ حڪومت ۾ اھم عھدن تي رھيا ۽ پوءِ آمريڪا ۾ وڃي آٻاد ٿيا ـ
ورھاڱي کان اڳ مُراد علي شاھه جڏھن ڀرين جي پرائمري اسڪول ۾ پڙھندو ھو تڏھن اُتي مسٽر پرمانند ھيڊ ماستر ھوندو ھو، جنھن جي چماٽ شاھه صاحب کي اڄ به ياد آھي ـ
”ورھاڱي کانپوءِ جڏھن ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پھرين انگريزيءَ درجي ۾ داخل ٿيس ته آخوند قادر بخش ھيڊ ماستر ۽ سندس والد آخوند حاجي فيض محمد استاد ھو ۽ انگريزي پڙھائيندو ھو،“ مراد علي شاھه ٻڌايو ـ
جيئن ته ھندن جي لڏپلاڻ سبب اسڪول سنڀالڻ وارا استاد نه رھيا تنھنڪري آخوند قادر بخش ڪراچيءَ مان پنھنجي قانون واري تعليم اڌ ۾ ڇڏي اچي اسڪول سنڀاليو ھو ـ سندس والد به جڏھن 1949 ۾ ايجوڪيشن سپروائيزر جي عھدي تان رٽائر ٿيو ته اسڪول ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائين ـ ڪجھه وقت کانپوءِ آخوند قادر بخش ڪي سي اڪئڊمي ڇڏي ته آخوند فيض محمد ھيڊ ماستر جون ذميواريون سنڀاليون ـ ھيءُ اھو زمانو ھو جڏھن استادن جي سخت کوٽ ھئي ۽ آخوند فيض محمد ۽ سندس فرزند آخوند قادر بخش کي اڪيلي سر سمورن شاگردن کي پڙھائڻو پوندو ھو جن جو تعداد ھڪ سئو کن ھو ـ سال 1954 جي سيپٽمبر ۾ آخوند فيض محمد جي وفات بعد سندس ٻئي فرزند آخوند جميل احمد ھيڊ ماستر جو عھدو سنڀاليو جنھن تي ھو 1966 تائين فائز رھيو جڏھن اولھه پاڪستان سرڪار اسڪول کي تحويل ۾ وٺي کيس انسپيڪٽر آف اسڪولس جي عھدي تي مقرر ڪيو ـ
آخوند قادربخش لاءِ سيد مراد علي شاھه ٻڌائي ٿو ته منجھس نه رُڳو انتظامي صلاحيتون ھيون، پر انگريزيءَ جو تمام ھوشيار ھوندو ھو ـ جيتوڻيڪ آخوند قادربخش ڪڏھن شاگردن کي مارڪٽ نه ڪئي پر سندس وڏو رعب ھوندو ھو ـ
استادن جي کوٽ واري زماني ۾ ساڳئي ئي اسڪول جي پڙھيل شاگرد امداد علي ميمڻ به استاد طور پڙھايو، جيڪو پوءِ جج ٿيو ـ ھُو شاگردن کي اردو پڙھائيندو ھو ـ جيڪي ٻيا استاد ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ آيا ۽ پڇاڙيءَ تائين خدمتون انجام ڏيندا رھيا، تن ۾ نوشھري فيروز جو محمد اسحاق انصاري (نائب ھيڊ ماستر)، علي اصغر خاصخيلي، منير احمد سومرو (بعد ۾ ريڊيو پاڪستان تي نوڪري ڪري سينئر عھدي تان رٽائر ٿيو)، الھه بخش چنا، غلام علي وسطڙو، مظفر علي شاھه (ڊرائنگ ٽيچر، جيڪو والي بال جو ناليوارو رانديگر به ھو)، خادم حسين ميمڻ (ساڳئي اسڪول جو پڙھيل)، محمد ڇُٽل، علي بخش سومرو(سائنس ٽيچر)، حمزه خان ميمڻ، عبدالمجيد آگرو، ارشاد احمد ميمڻ ۽ فاروق احمد ميمڻ (آخري ٻئي آخوند گھراڻي جا، جن مان ارشاد احمد آخوند قادر بخش جو فرزند ۽ ساڳئي اسڪول جو پڙھيل ھو) ـ
ھن تاريخي تعليمي اداري جي استادن جو ته پنھنجو ھڪ يادگار ڪردار آھي، پر ھتان جا ننڍا ملازم به اھڙو پاڻ ارپڻ وارو لازوال ڪردار ادا ڪري ويا جو ڀرين جا ماڻھو اڄ به انھن کي ياد رکن ٿا ـ اھڙن ملازمن ۾ ھڪڙو ھو محمد ھاشم، جيڪو ورھاڱي وقت ھندستاني پنجاب جي علائقي ڪرنال مان ڏھه يارھن ورھين جي ڄمار ۾ ھتي آيو ـ کيس آخوند خاندان پنھنجي گھر ۾ رھايو ۽ پوءِ ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ ڪم سان لڳايو ته ھن به پنھنجي حياتي آخوند گھراڻي ۽ اسڪول کي ارپي ڇڏي ـ بُت ۾ سنھو ۽ قد ۾ ڊگھڙو ھيءُ اھڙو کرو انسان ھو جو استادن کي به ڪونه بخشيندو ھو ۽ ٿوري دير ڪري اچڻ تي به ٽوڪيندو ھُئن، ۽ استاد به سندس سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ سبب مٿس ڪاوڙجڻ بدران کيس ڀائيندا ھئا ـ جوانيءَ ۾ شادي ڪري ٺاروشاھه ۾ گھر وسائڻ جي باوجود ھفتي جا ڇھه ڏينھن ڀرين جي اسڪول ۽ آخوندن جي گھر لاءِ ارپيل ھئس ـ ڪي سي اڪئڊميءَ کان اسڪول جي سرڪاري تحويل ۾ وڃڻ کانپوءِ به رٽائرمينٽ تائين سندس اھو معمول رھيو ـ محمد ھاشم راجپوت کي سڄي ڄمار سُرمائي رنگ واري مليشيا جي وڳي ۾ ئي ڏٺو ويو ڇو ته ھُو ٻئي ڪنھن رنگ يا ڪپڙي جو وڳو ڪونه پائيندو ھو ـ چانھه ۽ حُقو سندس پسند جون شيون ھيون ۽ جڏھن ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پڙھيل سيد فتح علي شاھه پاڻ سرڪاري ھاءِ اسڪول جو ھيڊماستر ٿي آيو ته ٻئي ڄڻا اسڪول جي ھڪ حصي ۾ گڏجي حقو ۽ چانھه پيئندا ھئا ـ ھيڊماستر جي چوڻ جي باوجود محمد ھاشم موڪل جو گھنڊ وقت کان اڳ نه وڄائيندو ھو ـ اولاد ھجڻ باوجود ھُو حياتيءَ جي آخري ڪجھه ورھين ۾ تنگدستيءَ جي حالت ۾ رھيو ۽ سڪرنڊ ۾ ڪن مائٽن وٽ رھيل ھو ته 86 ورھين جي ڄمار ۾ گذاري ويو ـ
سندس ساٿي ٻيو ملازم تاج علي راجپوت به ھندستان مان لڏي آيل ھو، جنھن پڻ پنھنجي حياتي اسڪول کي ارپي ڇڏي ۽ محمد ھاشم سان گڏ اسڪول جو پنھنجي پوري ايمانداريءَ سان ھڪ امانت سمجھي خيال رکيائين ـ اھي ٻئي ڪردار ھاڻي ھن جھان ۾ نه رھيا آھن پر ٽيون ڪردار ھڪ مالھيءَ حيات خاصخيليءَ جو ھو جيڪو ھنن کان اڳ ئي ڏکين حالتن ۽ معذوريءَ ۾ حياتي گذاري ھليو ويو ـ ڪي سي اڪئڊميءَ جي جنھن ڇٻر، گلن ڦلن ۽ وڻن جو ذڪر مٿي ٿيل آھي، تِن کي پاڻي ڏيڻ ۽ سنڀالڻ سندس ذميواري ھئي ـ سردي ھجي يا گرمي، کيس صبح ساڻ اسڪول جي کوھه مان ڏول ڀري ھوديءَ ۾ اوتيندي ڏٺو ويندو ھو ـ سمورو ڏينھن محنت ۾ گذاريندي به کيس سدائين کِلندي مُرڪندي ڏسبو ھو ـ
ڪي سي اڪئڊميءَ مان پڙھي نڪتل شاگردن مان وڏي تعداد ۾ مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ وڏن عھدن تي پھتا، جن مان ڪن جا نالا ھن ريت آھن : مرحوم حاجي محمد ھاشم ميمڻ (چيف انجنيئر آبپاشي ۽ ميمبر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن)، مرحوم عبدالفتاح ميمڻ (اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي)، حاجي بشير احمد ميمڻ (اڳوڻو جج ۽ اسپيشل اسائيني، سنڌ ھاءِ ڪورٽ)، مرحوم مير محمد ميمڻ (وڪيل، نوابشاھه)، ڊاڪٽر محمد علي آرائين (ڀريا روڊ)، ڊاڪٽر محمد علي (ڀريا سٽي)، ڊاڪٽر محمد اسماعيل آرائين، سيد احتشام علي شاھه(اڳوڻو چيئرمن ٽائون ڪميٽي ڀريا سٽي) ۽ سندس ڀاءُ اعجاز علي شاھه، محمد اڪرم آرائين (زراعت کاتي جو آفيسر)، غلام شبير ڪيريو(پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن)، محمد سعيد آرائين (سي ايس ايس آفيسر)، سوڍو خان ڏھير (پاسپورٽ کاتو)، قربان علي عمراڻي (پاڪستان ريلويز)، ملڪ محمد الياس (پاڪستان ريلويز)، محمد علي ڪڻيال(زراعت کاتو)، محمد وسيم (پي آءِ اي)، عطاءُالله جلباڻي(پروفيسر سنڌ يونيورسٽي)، عبدالھادي جلباڻي(پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن)، ڊاڪٽر شھاب ڪلھوڙو (لنڊن ۾ آباد)، غلام مصطفى عرف مُحرم ميمڻ (ڪراچيءَ ۾ وڪالت) ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ـ (وڌيڪ نالا ڪتاب جي ھڪ ٻئي باب ۾ ڏنل آھن) ـ
جڏھن ڪي سي اڪئڊمي کي ختم ڪري گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ته انھيءَ جو پھريون ھيڊماستر اردو ڳالھائيندڙ سيد ظھير حسين نقوي مقرر ٿي آيو جنھن 10 جولاءِ 1967 تي چارج ورتي ـ سندس دور ۾ به اسڪول ڪي سي اڪئڊميءَ جي عمارت ۾ ھلندو رھيو ڇو ته نئين عمارت اڃان تعمير نه ٿي سگھي ھئي ـ سن 1969 ۾ 25 آگسٽ تي قادر بخش ڏيٿي کانئس چارج ورتي جيڪو 1973 تائين ھيڊ ماستر ٿي رھيو جڏھن پھرين آگسٽ تي ثناءُالله شيخ چارج ورتي پر 23 آگسٽ تي چارج عبدالڪريم ناريجي جي حوالي ڪرڻي پيس ـ مئي 31، 1974 تي شير محمد شيخ ھيڊماستر مقرر ٿيو ۽ 11 آڪٽوبر 1978 تي ٺاروشاھه جو رھواسي ۽ مشھور ليکڪ غلام قادر سومرو ھيڊماستر ٿي آيو ـ يارھين مئي 1980 تي وري شير محمد شيخ آيو جنھن کان ساڳئي سال پنجين نومبر تي غلام رسول سومري چارج ورتي ـ کانئن پوءِ ھيڊماستر ٿي آيلن ۾ عبدالغفور چنا، واجد علي قاضي، جان محمد ميمڻ، عبدالرحيم چنا، رحمت الله قاضي، عبدالمجيد آگرو، غلام قادر عمراڻي، سيد فتح علي شاھه (29 نومبر 1994 کان 30 مئي 1996 تائين ۽ وري 28 اپريل 1997 کان 10 جنوري 1998)، غلام حسين کنڊ، حاجي خان جمالي، عبدالرحمان ٽانوري، رب رکيو ڪلھوڙو ۽ محمد امين آرائين شامل آھن ـ

تاريخي ڊراما ھال

سموري سنڌ، ساھتي پرڳڻي بلڪه ڀرين جي نئين نسل يا ايتريقدر جو پنج ڏھاڪا اڳ جنم وٺندڙن کي به شايد ئي خبر ھجي ته ڀرين ۾ ورھاڱي کان به گھڻو اڳ ھڪ اھڙو ڊراما ھال قائم ٿيل ھو، جنھن جو ان وقت سنڌ ۾ ڪير تصور به نٿي ڪري سگھيو ـ اُڻويھه سئو سٺ واري ڏھاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ جنم وٺندڙن مان ڪِن ٿورن ماڻھن ان تاريخي ڊراما ھال بابت وڏڙن واتان ممڪن آھي ته ٻُڌو به ھجي پر ھنن اھو ڏٺو نه ھوندو ڇو ته ان زماني ۾ اھڙي قومي ورثي کي ڊاھي پَٽِ ڪري پنج ڇھه ننڍڙا ڪوارٽر ٺاھي مسواڙ تي ڏنا ويا ھئا ـ
تاريخي ڊراما ھال ڀرين جي ھڪ ديوان ڏامومل ٽيڪچند سن 1932 يا 1933 ڌاري تعمير ڪرايو ھو ـ چيو وڃي ٿو ته اھو ھن پنھنجي پتنيءَ جي ياد ۾ اڏرايو ھو جتي نه رُڳو ناٽڪ پيش ڪيا ويندا ھئا پر راڳ رنگ جون محفلون به ڪوٺايون وينديون ھيون ته ڪوڙومل چندن مل (ڪَي سِي) اڪئڊميءَ جي شاگردن کان امتحان به اُتي ئي ورتا ويندا ھئا ـ
ڊراما ھال ميمڻ پاڙي ۾ ٺاروشاھه ويندڙ دڳ تي ڪي سي اڪئڊميءَ جي اوڀر ۾ حاجي نيڪ محمد ميمڻ جي اوطاق کانپوءِ لڳولڳ ھوندو ھو ـ انھيءَ اوطاق ۽ لونگ شاھه جي قبرستان وچ ۾ وسيع ايراضيءَ تي ٺھيل چوديواريءَ اندر ڊراما ھال جي شاھي قسم جي خوبصورت عمارت ھوندي ھئي ـ چوديواريءَ ۾ اُتر واري پاسي دڳ تي کُلندڙ وڏي لوھي گيٽ ھوندي ھئي ۽ ڏکڻ ۾ ديوار جي ٻيءَ ڀر ھڪ قديم سُڪل واھه جا آثار ۽ ان کانپوءِ ٿورو ميدان ۽ ميمڻ پاڙي وارن جو قبرستان ھوندو ھو ـ (ھاڻي اھو ميدان به قبرستان ۾ بدلجي چُڪو آھي) ـ چوديواريءَ اندر عمارت جي چوڌاري کُليل زمين کانپوءِ ھال جي ٽن پاسن کان ورانڊو ھوندو ھو ـ ورانڊي جي ويڪر ڇھه فُٽ ۽ ڊيگھ اسي فُٽ کن ھوندي ھئي ـ ھال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اُتر پاسي ٽي در ۽ ڏکڻ پاسي به ٽي در ھوندا ھئا ـ اوڀر پاسي ورانڊي مان به ھڪ در ھو جيڪو ھال جي اسٽيج جي پٺيان واقع ميڪ اپ روم ۾ کُلندو ھو ـ ھال جي اُتر ۽ ڏکڻ پاسي ٽن ٽن فُٽن جي وٿيءَ تي ويڪريون دريون ھونديون ھيون جنھنڪري ھال ھوادار ھوندو ھو پر انھيءَ جي باوجود ھال جي ڇت ۾ وڏيون جھليون لڳل ھونديون ھيون، جن کي گرميءَ جي مُند ۾ ڪنھن پروگرام دوران ملازم جُھولائيندا رھندا ھئا ـ اسٽيج جي سامھون خاص مھمانن لاءِ صوفه سيٽ، ٽيبلون ۽ ڪرسيون رکڻ جي اٽڪل چوويھه فُٽ جاءِ ڇڏي سئنيما ھال وانگر وڏيون ڪاٺ جون بئنچون (ڊيسڪون) لڳل ھونديون ھيون جيڪي پوئتي مٿانھينءَ ڏانھن وينديون ھيون ته جيئن پويان ويٺلن کي اسٽيج تي ٿيندڙ پروگرام نظر اچي سگھي ـ بئنچن جي ٻنھي پاسي مٿي تائين ڏاڪا ٺھيل ھوندا ھئا ۽ ڏاڪن جي ڇيڙن تي اولھه پاسي کان به ٻه در کُلندا ھئا ـ سموري ورانڊي، ميڪ اپ روم ۽ ھال ۾ ھالا ٽائلون لڳل ھونديون ۽ عمارت ۾ اھڙو قيمتي ڪاٺ استعمال ٿيل ھو جنھن کي ڪڏھن به ڪا اُڏھي ڪانه لڳي ـ جيئن ته ھال ۾ امتحان به ٿيندا ھئا، تنھنڪري ڊيسڪُن ۾ ٿوري ٿوري وٿيءَ تي مس ڪُپڙي رکڻ جا ٽُنگڙا ٺھيل ھوندا ھئا ـ
اسٽيج تي ھر قسم جو منظر پيش ڪرڻ لاءِ سلائيڊنگ پردا لڳل ھوندا ھئا ـ آسمان مان ڪنھن جو لھڻ، زمين ڦاٽڻ، جيل جو منظر يا ناٽڪ جي ڪھاڻيءَ جي حساب سان اھڙي ڪنھن به منظر مطابق انتظام ٿيل ھوندو ھو ـ ڊراما ھال جي ورانڊن ۾ اسڪول جي مختلف دورن ۾ ھيڊ ماستر طور خدمتون انجام ڏيندڙ استادن جون قدآدم فريم ٿيل تصويرون لڳل ھونديون ھيون ـ بزرگ استاد سيد فتح علي شاھه، جنھن اسڪول ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ ھتي ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي، اسٽيج جو منظر ھن ريت چِٽيو آھي:
”اسٽيج تي ٻنھي پاسي ھڪ نچڻيءَ جو ھڪ جھڙو خوبصورت چتر لڳل ھوندو ھو ـ ھڪ پردو نھايت پُرڪشش رنگن سان ٺھيل ھو جنھن ۾ لھرون ھڻندڙ سمنڊ ۽ پري کان ٻيڙيءَ ۾ ايندڙ ماڻھو ڏيکاريل ھئا ـ جڏھن ھال ۾ درين مان ھوا جا جھوٽا ايندا ھئا يا جھليون جھولائڻ سان ھوا لڳندي ھئي ته پردو لُڏڻ لڳندو ھو ۽ سمنڊ جون لھرون جيئريون جاڳنديون محسوس ٿينديون ھيون ـ ڊرامو شروع ٿيڻ کان اڳ اھو پردو ھيٺ لٿل ھوندو ھو ۽ حاضرين سمنڊ جي لھرن ۾ ڄڻ ته گُم ھوندا ھئا ـ ٻيو پردو ڪنھن وڏي شھر جي فُٽپاٿ سميت رستي جو منظر ڏيکاريندڙ ھو جنھن ۾ رستي جي ٻنھي پاسن کان وڏيون عمارتون ڏسڻ ۾ اينديون ھيون ـ اھو پردو خاص طور ڊرامي جي ڪنھن اھڙي منظر پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو ھو جنھن ۾ ڪي ڪردار رستي ويندي ملن ٿا يا ڪاليج مان موٽندڙ ھيرو ھيروئن جو حادثاتي طور ملڻ ٿئي ٿو ـ ٽيون پردو جھنگل جي منظر وارو ھو ۽ ڊرامي جي سين مطابق استعمال ٿيندو ھو ـ ھڪڙا پردا ھيٺ مٿي ڇڪبا ھئا جن لاءِ مستقل انتظام طور رسيون ۽ چڪريون لڳل ھونديون ھيون ـ مختلف منظرن جا ٻيا پردا سلائينڊنگ ھوندا ھئا ـ ڊرامي کي سين مطابق اسٽيج تي لاھڻ ڇڪڻ جي ڪم جو انچارج کاھي قاسم جو محمد سليمان ميمڻ ھوندو ھو ـ ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار اسٽيج جي پٺيان ميڪ اپ روم ۾ ويٺل ھوندا ھئا ـ“
ھن ڊراما ھال ۾ ورھاڱي کان اڳ ڪي سي اڪئڊميءَ جي انتظامي بورڊ پاران توڙي ٻين ناٽڪ منڊلين پاران جيڪي ڊراما پيش ٿيندا ھئا، سي گھڻو ڪري ھندو ڌرم جي حساب سان ھوندا ھئا ـ انھيءَ ڪري ڀرين جي چڱي مڙس ۽ سياستدان سيد نورمحمد شاھه اُتي مسلمانن لاءِ به ناٽڪن جو انتظام ڪندو ھو ـ ورھاڱي کان ڪجھه وقت اڳ ڊراما ھال ۾ اسٽيج ڪيل ھڪ ناٽڪ بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو عملدار حاجي بشير احمد ميمڻ ٻڌائي ٿو ته سندن سئوٽ نظام ميمڻ مرحوم پوليس واري جو ڪردار ۽ پاڙي جي ئي مرحوم يار محمد چور جو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ ”مرحوم نظام وڏا ٽھڪ ڏئي ٻڌائيندو ھو ته مون يارمحمد کي ڊرامي ۾ سچ پچ ۾ سونٽيون وھايون ھيون جنھن تي ھن وڏيون دانھون ڪيون ھيون ـ“
ورھاڱي کانپوءِ جيئن ته ڪي سي اڪئڊمي توڙي ڊراما ھال جي عمارت سيد نور محمد شاھه سيٽلمينٽ کاتي کان نيلام ۾ خريد ڪري ورتي ھئي، تنھنڪري ھن وري ھڪ انتظامي بورڊ جوڙي اسڪول ھلائڻ شروع ڪيو جنھن جون ذميواريون شھر جي آخوند گھراڻي کي ڏنيون ويون ـ (ان جا تفصيل ھن ليک ۾ اڳتي توڙي الڳ باب ۾ به ڏنل آھن) ـ
ڪي سي اڪئڊميءَ جي مالي سھائتا جي لاءِ آخوند قادربخش ايڊووڪيٽ ۽ سندن ڀاءُ آخوند جميل احمد اسٽيج ڊاراما ڪرائيندا ھئا ـ ٻنھي ڄڻن جو ان اسڪول سان روحاني رشتو ھيو جتي نه رُڳو اھي پاڻ پڙھيا پر 1947 ۾ ھندستان جي ورھاڱي ٿيڻ تي ھيڊ ماستر طور اسڪول ھلائڻ جون ذميواريون به مٿن آيون ـ آخوند قادربخش ڊراما پاڻ لکندو ھو ـ سندس ھٿ اکرين لکيل انھن ڊرامن جا مُسودا، شھر شھر ۽ پاڙي پاڙي لڏپلاڻ سبب زبون حالت ۾ ئي سھي، پر اڄ به محفوظ آھن ـ ھن اھي ڊراما 1949 کان 1963 تائين لکيا ـ آخوند قادربخش آخري ڊارمو 1964 ۾ لکيو جيڪو اسٽيج نه ٿي سگھيو ھو ـ محفوظ ڊرامن جا مُسودا اُھي آھن جيڪي ھن 1963 ۾ ڇپرائڻ لاءِ ٻيھر سنواري لکيا پر وقت ۽ حالتن کيس اھو موقعو ڪونه ڏنو ـ انھن ۾ ناٽڪ ”مُجرم“، ”انتقام“، ”انصاف“، ”مالھي“، ”منگتي“ ۽ ھڪ اڌ ٻين ناٽڪن جا مُسودا شامل آھن، جن مان ٻن ناٽڪن جا شروعاتي پنا ڦاٽڻ سبب نالا موجود ناھن ـ ”انصاف“ جي نالي سان لکيل ناٽڪ سندن اوائلي ناٽڪن منجھان ھڪ آھي جيڪو ھن ”باغي“ جي نالي سان لکيو ۽ پيش ڪيو ھو جنھن کي بعد ۾ نظرثاني ڪري سُڌاري ”انصاف“ جو نالو ڏنائون ـ ناٽڪ جي ڪھاڻي ماضيءَ جي ھڪ انصاف پسند بادشاھه بابت آھي جيڪو چمڙاپوشي ڪري پنھنجي رعايا جا اھنج معلوم ڪري کين انصاف فراھم ڪندو ھو ـ ”انتقام“ ڊرامي جي ڪھاڻي سلطان محمود غزنويءَ جي سومناٿ واري حملي تي ٻڌل آھي پر انھيءَ ۾ عشق ۽ محبت جو عنصر به شامل آھي ـ ھيءُ ناٽڪ ھنن 1962 واري سياري جي مُند ۾ ٻن ھفتن ۾ لکي پورو ڪيو ھو ـ اھڙي طرح سال 1961 جي سردين ۾ ھن ”مُجرم“ جي نالي سان ناٽڪ لکيو جنھن جو پلاٽ وليم شيڪسپيئر جي ناٽڪ ”اوٿيلو“ تان ورتل آھي ـ سندن آخري ناٽڪ جو نالو آھي ”منگتي“ جيڪو ھن 1964 ۾ لکي پورو ڪيو پر ان کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملين ـ ان ناٽڪ جو مُسودو بلڪل صحيح حالت ۾ موجود آھي ـ
آخوند قادربخش پنھنجي زندگيءَ جي پھرين ناٽڪ جي مُھاڳ ۾ لکي ٿو :”ادبي ميدان ۾ ھيءَ منھنجي پھرين جُرئت آھي ـ ايئن چئجي ته سال 1949 ۾ وقت جي غيرمعمولي حالتن ئي مونکي ڌِڪي ڌوڻي ادبي ميدان ۾ آندو ـ حالتون حوصلا شِڪن ھيون ـ پاڪستان کي وجود ۾ آئي اڃان ٻه سال کن ٿيا ھئا ـ تعليمي ادارا ڪي صفحئه ھستيءَ تان صفا گُم ٿي ويا ھئا ته ڪي پوين پساھن ۾ ھئا ۽ زنده رھڻ لاءِ تڙڦي رھيا ھئا ـ اسان جي ڳوٺ جو مشھور ھاءِ اسڪول ھڪ ڌڪ سان ھٽي وڃي چوٿين درجي تي پھتو ھو ـ ان وقت ڪراچيءَ ۾ وڪالت پئي پڙھيم ـ تعليم اڌ ۾ ڇڏائي پنھنجو پراڻو درسگاھ ڳوٺائين منھنجي حوالي ڪيو ـ چيائون ته ”حياءُ ٿيئي ته ھلائينس نه ته ڇڏينس ٻين واري واٽ وٺِي ـ“ اھڙي درسگاھه لاءِ پيسو پيدا ڪرڻو ھو ـ سر سيد وارو سمون ڪونه ھو، ان ڪري پيسي پيدا ڪرڻ لاءِ عوام اڳيان سچ پچ ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪرڻو پيو ـ“
”اسڪولي شاگردن مان اداڪارن جو انتخاب ٿيو ـ تاريخ مقرر ٿي ۽ ٽڪيٽون به ڇپجي نيڪال ٿيڻ لڳيون ـ صدارت لاءِ ڪنھن معزز مھمان کي مدعو ڪري مڃايو ويو پر اڃان ناٽڪ جو نالو به مون وٽ نه ھو ـ ماسترن تقاضا شروع ڪئي ۽ روزانو بيتابيءَ سان چوڻ لڳا ته ڏينھن ٿورا آھن، ناٽڪ ڏيو ته پارٽ لکائي پرئڪٽس ڪرايون،“ ھُو لکي ٿو ـ ”ساڳئي درسگاھه ۾ پنھنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ اسٽيج تي آيل ناٽڪ ڏٺا ۽ پڙھيا ھئم مگر سواءِ ھڪ ٻن جي سڀ ھندو اديبن جا لکيل ھئا جن ۾ ھنن پنھنجي ئي رنگ ڍنگ جي زبان ڪم آندي ھئي ـ مون کي نئين دور جي تقاضا پوري ڪرڻي ھئي، مگر قلم ۾ قُوت نٿي ڀانيم ـ نئين راھه ۾ قدم رکڻ کان پئي ڪيٻايم پر تاريخ جي مقرري، ٽڪيٽن جي وڪري ۽ معزز مھمان جي صدارت قبولڻ منھنجي ڀڄي جند ڇڏائڻ جون واھون به بند ڪري ڇڏيون ھيون، ان ڪري ھڪ رات ٻچن سُتي قلم کڻي ڪم کي جُنبي ويس ـ“
”ٽن راتين ۾ ناٽڪ لکي پورو ڪيم ۽ پنجن ڏينھن جي پرئۡڪٽس بعد ان کي عوام اڳيان اسٽيج تي آندم ـ پورھيو ساب پيو ۽ درسگاھه مالي مشڪلات مان پار پيو ـ ان بعد به ھر سال پنھنجي درسگاھه لاءِ ناٽڪ لکي اسٽيج تي آڻيندو رھيس ـ سال 1956 ۾ درسگاھه جون واڳون منھنجي ننڍي ڀاءُ جميل احمد ميمڻ ورتيون ته سندس سامھون پڻ مالي مسئلو مُنھن ڪڍيو بيٺو ھو ـ ان ڪري منھنجا لکيل ۽ اسٽيج تي آندل ناٽڪ دوباره اسٽيج تي آڻي مالي مسئلي کي منھن ڏنائين ـ جڏھن پراڻا ناٽڪ پورا ٿيا تڏھن سال 1960 ۾ نئين ناٽڪ جي تقاضا ڪيائين ۽ ھر سال ڪندو رھيو ـ ننڍڙي ڀاءُ کي ناراض نه ڪيم ۽ کيس 1960، 1961 ۽ 1962 ۾ ٽي نوان ناٽڪ لکي ڏنم،“ ھن ان وقت جون حالتون بيان ڪندي لکيو ـ ادب ۽ تاريخ جو اٿاھه مطالعو ھجڻ ڪري سندن ڊرامن جا موضوع به گھڻو ڪري ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ انگريزي ادب مان ورتل ھئا جن کي ھن سنڌي رنگ ڍنگ ۾ پيش ڪيو ھو ـ سندن خيال ھو ته سنڌي ادب ۾ ناٽڪ نويسيءَ کي نظرانداز ڪيو ويو آھي ـ ڳوٺ جي اسڪول لاءِ ناٽڪ لکڻ توڙي پراڻن ناٽڪن کي سنوارڻ وارو سمورو زمانو 1960 کان 1965 واري جنگ تائين مورو شھر ۾ وڪالت ڪندي گذاريائون جتي روزانو رات جو سُمھڻ کان اڳ پنھنجي سڀني ٻارن کي زباني اھي ڊراما ٻڌائيندو ھو ـ سال 1964 ڌاري انھيءَ وقت جي مشھور سنڌي اخبار خادمِ وطن (حيدرآباد) ۾ ڇپجڻ لاءِ ھڪ انگريزي جاسوسي ناول جو ترجمو ”چورن مٿان مور“ به ترجمو ڪيو ھئن پر وڪالت جي مصروفيتن ڪارڻ مڪمل نه ڪري سگھيا ۽ اھو اڻپوري شڪل ۾ ئي رھجي ويو ـ
آخوند قادربخش جي انھن تحريرن منجھان به واضح ٿيو ته ورھاڱي کان اڳ به ڀريا جھڙي ننڍڙي شھر ۾ اسڪول جي مالي سھائتا توڙي ماڻھن جي وندر لاءِ ناٽڪ پيش ڪيا ويندا ھئا ـ
سيد فتح علي شاھه ڊرامن ۾ ڪم آخوند جميل احمد جي زماني ۾ ڪيو ـ ھُو ان وقت جون ساروڻيون ھن ريت بيان ڪري ٿو:
”آخوند جميل احمد پنھنجي وڏي ڀاءُ آخوند قادر بخش وانگر ھر سال ٽي راتيون ڊراما اسٽيج ڪرائيندو ھو ـ ڊراما جون ٽڪيٽون به مختلف ماليت جي حساب سان الڳ الڳ رنگ جون ڇپرايون وينديون ھيون ـ ھُو پاڻ به فنڪار طبيعت جو انسان ھو ۽ اسڪول ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما پڙھائيندي به ڪڏھن روميو ٿي ويندو ھو ته ڪڏھن جُوليٽ، سو جڏھن اسڪول لاءِ فنڊن جي ضرورت پوندي ھئي ته سندس اندر جو فنڪار به ائڪشن ۾ اچي ويندو ھو ـ اسڪول جي ھر ڪلاس ۾ سرڪيولر گھمايو ويندو ھو ته جن ٻارن کي ڊراما ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق ھجي، اھي موڪل کانپوءِ ڊراما ھال ۾ گڏ ٿين ـ اھڙي طرح ڏھه سيڪڙو کن ٻار اُتي گڏ ٿيندا ھئا ـ “
”آخوند جميل احمد ٻين استادن سان گڏ ڊراما ھال ۾ پھچي مرد اداڪارن جي نالن جو اعلان ڪندو ھو جن ۾ الھه بچايو سمون ۽ مرحوم امداد علي ميمڻ شامل ھوندا ھئا جڏھن ته ڳرو ۽ رعبدار آواز ھجڻ جي ڪري ولين جو ڪردار استاد محمد اسحاق انصاريءَ کي ملندو ھو ـ ان کانپوءِ ھيروئن ۽ ٻين زنانن ڪردارن جي لاءِ سُھڻي شڪل وارن شاگردن مان چونڊ ڪئي ويندي ھئي ڇو ته ان زماني ۾ ڀرين جي ڪنھن مسلمان گھراڻي جي ڇوڪرين کي ڊرامن ۾ اسٽيج تي آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ھو ـ ورھاڱي کان اڳ اسٽيج ڊرامن ۾ ھندو ڇوڪريون ڪم ڪنديون ھيون پر ھاڻي اھو ممڪن ڪونه ھو جنھنڪري ڇوڪرن کي ڪنھن نه ڪنھن ڪردار جي حساب سان اداڪاري ڪرڻ لاءِ چيو ويندو ھو ۽ جيڪڏھن ڪو فِٽ نه ايندو ھو ته وري ڪنھن ٻئي کان ٽيسٽ ورتي ويندي ھئي ـ “
”ايئن ئي ھڪ ڊرامي جي ھيروئن جي ڪردار لاءِ ھڪ شاگرد مان مطمئن نه ٿيڻ تي آخوند جميل مونکي سڏ ڪيو ۽ چيائين فتح علي شاھه تون ھيروئن جو پارٽ کڻندين؟ مون شرمائيندي وراڻيو ته سائين جيڪڏھن بابا اجازت ڏئي ته مان تيار آھيان ـ ھڪدم بابا کان پڇڻ لاءِ پٽيوالو روانو ڪيو ويو جنھن موٽي اچي ٻڌايو ته اجازت ملي وئي آھي، جنھن کانپوءِ ته مان استاد آخوند قادر بخش جي لکيل ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ھيروئن جا پارٽ ڪندو رھيس ـ“
ڊرامن ۾ جن ڪردارن کي ڳائڻو ھوندو ھو ته اھڙي قسم جي اداڪارن کي چونڊيو ويندو ھو پر جيڪڏھن ايئن ممڪن نه ھوندو ھو ته پردي جي پُٺيان ڪنھن ٻئي کان گانو ڳارايو ويندو ھو ۽ اداڪارن کي رُڳو چپ چورڻا پوندا ھئا ـ ڊرامن ۾ بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ڏيڻ توڙي ڳارائڻ لاءِ گھڻو ڪري ڳوٺ مَچُر جي استاد عبدالقيوم وسطڙي ۽ مٺياڻي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي استاد قائم الدين پيرزادي يا حيدرآباد واري ڪاليج جي ميوزڪ ٽيچر استاد قربان عليءَ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون ھيون ـ ھر ڊرامي لاءِ مھينو سوا ريھرسل ھلندي ھئي ـ ”اداڪارن توڙي آخوند جميل احمد جا ڳلا ويھي ويندا ھئا ۽ اھڙي حالت ٿيندي ھئن جو پان پاڙ ۽ مٺي ڪاٺي کائڻ کانپوءِ وڃي ڳلو بھتر ٿيندو ھئن ـ ڊرامي کان اڳيئن رات گرانڊ ريھرسل ٿيندي ھئي ۽ آخوند جميل ٽيبل ڪرسي وجھي اڳيان ويھندو ۽ ڊائلاگ ۽ ائڪشن جون خاميون نوٽ ڪندو ويندو ھو ـ بعد ۾ اسٽيج تي چڙھي ھر خامي ٻڌائي اداڪارن کي ھدايتون ڏيندو ھو ـ ٻئي ڏينھن اصل ڊرامو شروع ٿيڻ کان اڳ ميڪ اپ روم ۾ اداڪارن کي سندن ڪردار جي حساب سان ڊريسون چونڊڻ ۾ مدد ڪندو ھو، جيڪي ديوار ۾ ٽنگڻيڻ تي ھر ڪردار جي نالي سان ٽنگيل ھونديون ھيون ـ ڪي سي اڪئڊميءَ جو ٺاروشاھه جو رھواسي استاد مظفر علي شاھه ڊريسنگ ۽ ميڪ اپ جو انچارج ھوندو ھو، جيڪو ڪڻڪ رنگي ھيروئن کي به ڀورو بنائي ڇڏيندو ھو،“ سيد فتح علي شاھه ٻڌائي ٿو ـ
سيد نورمحمد شاھه اڪثر پروگرامن جي صدارت ڪندو ھو جڏھن ته ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر خاص مھمان ھوندو ھو ـ ڊرامن جون ٽڪيٽون سيد نورمحمد شاھه جي مدد سان تر جي وڏيرن، زميندارن ۽ شھر ۽ ڀرپاسي جي عام ماڻھن کي وڪرو ڪيون وينديون ھيون ـ ماڻھو ٽانگن ۽ اُٺن تي به ڊرامو ڏسڻ لاءِ پھچندا ھئا ۽ ٽئي راتيون ھائوس فُل رھندو ھو ـ ڪي سي اڪئڊميءَ جو استاد منير احمد سومرو گھڻو ڪري ھيرو جو ڪردار ادا ڪندو ھو ـ استاد علي اصغر ڊرامي جي اسڪرپٽ کڻي پردن جي اوٽ ۾ بيھي اداڪارن کي سُرٻاٽ ۾ ڊائلاگ ياد ڏياريندو ھو ـ ڊرامن جي سيريس ڪھاڻيءَ واري پارٽ کانپوءِ ماڻھن کي وندرائڻ لاءِ مسخرن جي جوڙي اسٽيج تي اچي ڀوڳ چرچا ٻڌائيندي يا مزاحيه گانا ڳائيندي ھئي ـ استاد الھه بخش چنه نوشھري وارو، استاد محمد آچر ۽ ڪڏھن ڪڏھن ٺاروشاھه جو صديق ڀُرٽ به مسخرن جي جوڙيءَ ۾ شامل ٿيندا ھئا ـ ماڻھن کي وندرائڻ لاءِ مشھور گانن جي پيروڊي به پيش ڪئي ويندي ھئي جنھن مان ھندستاني گاني ”رمتا وتا ويا، مين ني دل تجھه ڪو ديا“ تي ٺاھيل پيروڊي ”رن جا ٻچا مُئا، جنھن منھنجا ٽپڙ کنيا“ اڄ به ڪي جھونا ياد ڪن ٿا ـ ان پيروڊيءَ تي استاد الھه بخش چنا ڪاميڊي ڪندو ھو ـ
انھن ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ ان وقت جا ڪي اسڪولي شاگرد اڄ به حيات آھن ـ سيد فتح علي شاھه ھڪ ناٽڪ ۾ انارڪليءَ جو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ ھڪ ٻيو شاگرد سيد وَرَند علي شاھه سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ نوڪري ڪري ڪجھه ورھيه اڳ رٽائر ٿيو ـ ھڪ ٻيو جھونو شاگرد سڪندر ڪيريو به ، جنھن انارڪلي ۽ ھڪ ٻئي ڊرامي ۾ ڪم ڪيو، سنڌ حڪومت مان سيڪريٽريءَ جي عھدي تان رٽائر ٿيو آھي ۽ اڄ به انھن ڊرامن کي ياد ڪري ٿو ـ
سيد وَرَند علي شاھه ٻڌائي ٿو ته ھڪ ناٽڪ ”انارڪلي“ ٻه ڀيرا پيش ڪيو ويو ھو ـ ھڪ ڀيرو تڏھن جڏھن ھُو پاڻ اڃان ھيٺين درجن ۾ پڙھندو ھو ـ تڏھن انارڪليءَ جو ڪردار سائين فتح علي شاھه ادا ڪيو ۽ شھزادي سليم جو ڪردار امداد علي ميمڻ مرحوم ڪيو، جيڪو پڻ تن ڏينھن ۾ اسڪول ۾ اُستاد ھو ـ ساڳيو ڊرامو ٻيھر پيش ٿيو ته انارڪليءَ جو ڪردار ڀريا روڊ جي شاگرد سعيد ۽ انارڪليءَ جي سھيليءَ جو ڪردار وَرَند شاھه ڪيو جيڪو تڏھن مئٽرڪ جو شاگرد ھو جڏھن ته شھزادي سليم جو ڪردار استاد منير سومري ادا ڪيو ـ اسڪول جو ڊپٽي ھيڊ ماسٽر سائين اسحاق انصاري به اڪبر بادشاھه جو ڪردار ادا ڪري پنھنجي فن جا جوھر ڏيکاريندو ھو ـ
”مون کي اڄ به اھي ڏينھن ياد آھن ۽ ڪيترائي ورھيه ته ان ناٽڪ جي اداڪارن جو ڪاسٽيوم پاتل گروپ فوٽو به مون وٽ موجود ھو، جيڪو پوءِ شھر جي ھڪ دوست مون کان وٺي فريم ڪرائي پنھنجي دڪان ۾ ھڻي ڇڏيو ھو، پر سندس وفات بعد اھو فوٽو به گُم ٿي ويو ـ ڪوشش ڪندس ته سندس اولاد وٽان اھو تاريخي فوٽو ملي وڃي،“ وَرَند شاھه ڊراما ھال جي تباھيءَ تي افسوس ڏيکاريندي چيو ـ
وَرَند شاھه ۽ سڪندر ڪيريو ٻڌائن ٿا ته ھر ناٽڪ ٽي ڏينھن پيش ڪيو ويندو ھو ۽ ڊرامي جي شروعات کان اڳ ٽي ڦٽاڪا ڇوڙيا ويندا ھئا جنھن سان پردو کڄندو ھو ته شاگردن جي ٽيم دُعا جو گيت گائيندي ھئي ۽ وري خاص مھمان لاءِ ڀليڪار وارو گيت ھڪ ٻي ٽيم پيش ڪندي ھئي ـ سندن چوڻ موجب پھرين ڏينھن اسڪول جي انتظامي بورڊ جو چيئرمن ۽ سياستدان سيد نورمحمد شاھه ۽ ٻئي ڏينھن تڏھوڪي نوابشاھه ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر خاص مھمان ھوندا ھئا ـ
استاد منير سومرو، جيڪو بعد ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ آفيسر ٿي اعلى عھدي تان رٽائر ٿيو ۽ سکر ۾ پنھنجي فرزند سان رھي ٿو، پراڻو زمانو ياد ڪندي ٿڌا ساھه ڀريندي چوي ٿو ته اھڙو زمانو وري ڪونه ايندو ـ
آمريڪا ۾ رھندڙ آخوند خاندان جي نثار حافظ فون تي ٻڌايو ته 1960 واري ڏھاڪي ۾ ھڪ ڊرامي ۾ آخوند ارشاد مرحوم (سندن سئوٽ ۽ ليکڪ جو وڏو ڀاءُ)، جيڪو مئٽرڪ ڪرڻ بعد ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ استاد ھو، ايران جي ھڪ بادشاھه يزدگرد جو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ يزدگرد ستين عيسوي صديءَ جي پھرين اڌ ۾ ننڍي عمر ۾ ئي تخت تي ويٺو ھو ـ
ايم پي اي سيد مراد علي شاھه ٻڌائي ٿو ته ”باغبان“ نالي سان ڊرامو گھڻو مشھور ٿيو ھو ـ ”اسان کي افسوس آھي ته بابا سيد نورمحمد شاھه اھو تاريخي ڊراما ھال ڊھرائي ڇڏيو ـ اھو قومي ورثو ھيو جنھن کي محفوظ رکڻ جي ضرورت ھئي،“ ھن چيو ۽ تصديق ڪيائين ته ورھاڱي کان اڳ به ھندو برادريءَ لاءِ ڊراما ٿيندا ھئا پر سيد نورمحمد شاھه به مسلمانن لاءِ اسٽيج ڊراما ڪرائيندو ھو ـ
سندن سئوٽ سيد انور علي شاھه به ڊراما ھال کي ڊھرائڻ تي افسوس ڪندي چوي ٿو ته ”چاچا سائين سيد نور محمد شاھه اھو غلط ڪم ڪيو ـ ھندن ھتي اھڙو ڊراما ھال ٺھرايو ھو جنھن جھڙو ڪراچيءَ تائين ڪٿي به ڪونه ھو ـ ڪي سي اڪئڊميءَ واري عمارت به نه وڪڻي ھا ـ ان جي بدران ڀلي حڪومت کي ڏئي ڇڏي ھا ـ“
سيد نورمحمد شاھه ورھاڱي کانپوءِ سيٽلمينٽ کاتي کان نيلام ۾ اھو ڊراما ھال ورتو ھو ـ اھو سڀ ڪجھه تڏھن تباھه ٿي ويو جڏھن 1967 ڌاري اولھه پاڪستان سرڪار اسڪول کي تحويل ۾ وٺي، آخوند جميل احمد کي پروموشن ڏئي پھريائين شڪارپور ۽ پوءِ حيدرآباد موڪليو ـ اھي ڏينھن اھي شينھن وانگر آخوند خاندان جي وڏڙن جي لاڏاڻي کانپوءِ ڀريا ۾ نه اھي ثقافتي سرگرميون رھيون ۽ نه تاريخي ثقافتي ورثا محفوظ رھيا ـ

ڀريا، سُر ۽ سنگيت

ورھاڱي کان اڳ جون ڳالھيون

بزرگن کان مليل ڄاڻ موجب ڀرين جا ديوان توڙي عام ماڻھو سنگيت جا نه رُڳو شوقين ھئا پر راڳ جي علم کان واقف به ھوندا ھئا ـ اھي ھر شادي وِھانءَ ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي شغل ڪرڻ جا شوقين ھوندا ھئا ـ ڪڏھن اھي شرنائي نوازن کي گھرائيندا ته ڪڏھن تر جي توڙي ٻين شھرن ۽ علائقن مان گَوَين، راڳين ۽ ڀڳتن کي ڳائڻ جي ڪوٺ ڏيندا ھئا ـ اھڙن گَوَين ۾ استاد الھه ڏنو نوناري، استاد بَيبو خان، استاد عاشق علي خان، استاد وڏو عاشق علي خان، جمالو خان، پنڊت پڊورڌن، استاد چاند خان، سورج خان، ڪنور ڀڳت، ماسٽر چندر ۽ ٻيا وڏا ڪلاڪار شامل ھئا جن ڀرين ۾ اچي سنگيت جون محفلون رچايون ـ ڀڳتن ۾ ڀڳت ڪنور رام ۽ ماسٽر چندر سندن پھرين ترجيح ھئا ـ ماسٽر چندر جي ته ڀيڻ به ڀرين ۾ پرڻيل ھئي، جنھنڪري سندس ھتي اچڻ وڃڻ ھوندو ھو ـ ماسٽر چندر جي پُٽ گوپ جي نياڻي ادي آرتيءَ تازو ھندستان ۾ فيس بُڪ تي رابطو ٿيڻ تي اھڙي ڳالھه ڪئي ـ
انھن پروگرامن لاءِ ڀرين ۾ جيڪي آستان ھئا، تِن مان ھڪ شھر جي اُتر ۾ ڇيڙي تي پنھون مل جو ٿلھو ھو جنھن جي ڀر ۾ ڪنڊياري وڃڻ لاءِ ٽانگا اسٽينڊ ھوندو ھو جتان ڀرپاسي وارن ڳوٺن جا ماڻھو ٽانگن تي ايندا ويندا ھئا ـ اھڙو ٻيو ٿاڪ شھر جي وچ ۾ شاھي بازار جي ويجھو پوسٽ آفيس جي سامھون (موجوده راجپوت پاڙي ۾) ڀائي ھريرام جي مندر وارو ميدان ھو، جتي ڌرمي ڏڻن تي ڀڳتيون ۽ ڀڄن ٿيندا ھئا ـ ٽيون مشھور ٿاڪ ڪنھيا لال جي گھر جي سامھون (موجوده عمرالدين راجپوت ڀاڄيءَ واري جي گھر جي سامھون پوسٽ آفيس واري گھٽي) ھوندو ھو جتي ان پاڙي جا ماڻھو خوشين جي موقعي تي اھڙا شغل ڪرائيندا ھئا ـ چوٿون ٿاڪ گھڻو اھم ھو جيڪو وڏن اجتماعن لاءِ مشھور ھو ـ سيد پريل شاھه جي قبرستان کان پوءِ ڀرين جي شاھي بازار سان ملندڙ گھٽيءَ ڏانھن ويندي ڀرين جي معروف شخصيت ٽھلرام (حشو ڪيولراماڻيءَ جو والد نه) جي گھر واري خوبصورت عمارت جي سامھون ستر اسي کن فُٽ پري ھڪ ٻي تاريخي شاندار عمارت ھئي جنھن کي شادي ھال طور استعمال ڪيو ويندو ھو ـ ان پڪ سِرائين عمارت جي وچ ۾ ھڪ سئو فُٽ ڊگھو ۽ چاليھه فُٽ ويڪرو ميدان ھوندو ھو ـ عمارت جي چوڌاري پڪو اُوچو ڪوٽ ڏنل ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏو ڪاٺ جو اُڪريل ڏھه فُٽ ويڪروصدر دروازو ھوندو ھو ـ ڪوٽ جي اندر مُکيه عمارت ھئي جنھن جي مٿين طبقن تي وڃڻ لاءِ اُلھندي پاسي کان ڏاڪڻيون ھيون ـ عمارت جي ھال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ به پھرين ھڪ اڱڻ ھو جنھن کي وڏو جعفرائون در ۽ ٻن پاسن کان دريون ھيون ـ ھال ۾ گھڙڻ سان اندر اولھه ۽ اوڀر پاسي آمھون سامھون ڪمرا ھئا جن مان اُلھندي پاسي ڪمرن ۾ مردن کي ويھاريو ويندو ھو ـ اُڀرندي پاسي ٻن ڪمرن ۾ شادي ھال جو انتظام ھلائيندڙ مئنيجر، رڌ پچاءَ ۽ ماني ٽِڪي کارائيندڙ ڪارڪن ويھندا ھئا ـ مئنيجر جي ڪمري کي ھڪ دري ٻاھرين پاسي ھئي جتان ماڻھو ھال جي بُڪنگ ڪرائيندا ھئا ـ مئنيجر جي ڪمري مان اندران ئي در عمارت جي ٻئي حصي ۾ ويندو ھو جنھن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ۽ ديڳيون رکيل ھوندا ھئا جڏھن ته ٿانوَن رکڻ لاءِ ڪٻٽ ھوندا ھئا ـ اتي ئي بورچي به رھندا ھئا ـ بورچيخاني جو در وري سيڌي سامان واري ڪمري مان اوڀر پاسي کلندو ھو جتي رڌ پچاءَ لاءَ ننڍا وڏا چُلھا ٺھيل ھوندا ھئا ـ
ھال جي اندر ٻه _ ڇَتَي وانگر چوڌاري ڪاٺ جي ڪٽھڙي واري گئلري ھوندي ھئي جتان عورتون، ڇوڪريون ۽ ٻار پيا مٿين ڪمرن ۾ ايندا ويندا ھئا ـ ھال جي ڏاکڻي ڀِت جي پٺيان به ھيٺ مٿي وڏا صفحا ھوندا ھئا ـ ھيٺئين صفحي ۾ مرد ماڻھو ۽ شرناءِ ۽ ساز آواز وارا ويٺا واڄو ڪندا ھئا ـ ڏکڻ پاسي ئي ٿورو اڳڻ به ھو جنھن مان اولھه پاسي کُلندڙ در به ھوندو ھو جتي ڀائي ھريرام جي انبن، زيتونن، تُوت ۽ ڦاروَن جي باغ لاءِ کوھه تي ڏاندن سان نار ھلندو ھو ۽ ان ھنڌ ئي ڏکڻ پاسي مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ وھنجڻ جون جايون ۽ حاجت لاءِ ليٽرين ٺھيل ھوندا ھئا ـ اھو ڀرين جي ست نارن مان ھڪ ھو جتان عام ماڻھو به پاڻي ڀريندا ھئاـ
مٿئين طبقي تي اوڀر پاسي ھوادار درين وارا کوڙ ڪمرا ٺھيل ھئا جن مان ھر ھڪ جي آڏو اسٽُول تي پاڻيءَ جو مَٽُ، گلاس ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ کونجي رکيل ھوندي ھئي ـ ھر ٻن ڪلاڪن کانپوءِ يا ضرورت آھر مٽن ۾ پاڻي ڀريو ويندو ھو جنھن لاءِ به ماڻھو مقرر ھئا جيڪي ڪانواٺيءَ تي ڏول ڀري ايندا ھئا ـ عورتون تيار ٿي لاڏ ڪوڏ سان چرچن ڀوڳن جي گونج ۾ ھال ۾ گڏ ٿينديون ھيون ۽ دُھل يا ٿالھن جي ٿاپ تي لوڪ گيت ۽ لاڏا ڳائينديون ھيون ـ ايئن ھتان جي ڀڳتين ۽ شادين ۾ سُر ۽ سنگيت، شرناءِ جي گونج ۽ ڇيرين جي ڇمڪن سان سڄي ڀريا پئي وڄندي ھئي ـ سموري عمارت تيل جي ڏيئن سان روشن ھوندي ھئي ـ
ڀريا جو بزرگ استاد سيد فتح علي شاھه پنھنجي والد سيد علي محمد شاھه جون ٻڌايل ساروڻيون ياد ڪندي چوي ٿو ته جِيوڻي ٻائي به ڀرين ۾ سُر وکيري ماڻھن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندي ھئي ـ شھر جي اُتر واري پاسي پنھون مل جي ٿلھي تي ھن الھ ڏني نوناريءَ جو راڳ به ٻُڌو ھو جنھن سان طبلي تي سنگت ڀرين جو مشھور طبله نواز ۽ راڳ جو ڄاڻو استاد پريل ميراڻي ڪندو ھو ـ ڪنڊياري جا سيٺيا ته وڪٽوريا بگين ۾ چڙھي راڳ رنگ ۽ ڀڳتين ٻڌڻ لاءِ ايندا ھئا ـ ھن وقت انھيءَ تاريخي ماڳ تي مرحوم صادق ميمڻ جي پونئيرن جو ڀانڊو ۽ ڪجھه رھائشي جايون ٺھيل آھن ـ
انھيءَ زماني ۾ ئي ميمڻ پاڙي ۾ ٺاروشاھه واري دڳ تي ڪي سي اڪئڊمي اسڪول جي اوڀر ۾ حاجي نيڪ محمد ميمڻ جي اوطاق جي اُڀرندي ڀِت سان لڳ ھڪ ڊراما ھال به تعمير ٿيو ھو جتي ناٽڪ ۽ سنگيت جون محفلون ٿينديون ھيون ـ ان ڊراما ھال ۾ ورھاڱي کانپوءِ به 1960 واري ڏھاڪي تائين ڊراما پيش ٿيندا رھيا جن ۾ ڳائڻن کي به سنگيت جي محفل لاءِ گھرايو ويندو ھو ـ

ورھاڱي کانپوءِ جون ڳالھيون

ھندستان جي ورھاڱي کانپوءِ ڀرين مان لڏپلاڻ ٿي ته شھر جون رونقون ئي موڪلائي ويون ـ مٿي ڄاڻايل سمورا ٿاڪ ويران ٿي ويا ۽ نه اھي ڀڳت رھيا ۽ نه ڀڳتيون ـ پر پوءِ ڪجھه گھراڻا اھڙا به ھئا جن شادين مُرادين تي راڳ ويراڳ جو سلسلو شروع ڪيو ـ اھڙن گھراڻن ۾ جوڻيجا، ڪلھوڙا، شاھه ۽ ڪي ميمڻ گھراڻا شامل ھئا ـ ڀرين ۾ مسلمان گھراڻن جي ڪِن شادين ۾ ڪڏھن ڪڏھن ناچڻين کي به گھرايو ويندو ھو ته ڪن مسخرن کي به چرچا ڀوڳ ٻڌائي ڪجھه ڪمائڻ جو موقعو ملي ويندو ھو ـ اھڙي ھڪ اڌ شادي لونگ شاھه جي مزار سامھون موجوده مدرسي واري ھنڌ به ٿي ھئي جتي ڪنھن زماني ۾ (اُڻويھين صديءَ ۾) ڀرين جو پھريون اسڪول قائم ٿيو ۽ بعد ۾ اُتي سرڪاري اسپتال کولي وئي ھئي ـ ان عمارت جي چوديواريءَ اندر وڏو کُليل ميدان ھوندو ھو، جتي ميمڻ پاڙي وارن جي شادين جا ڪي پروگرام ٿيا ھئا ـ
ڀرين جي مسلمانن جي ھڪ ٻي روايت ھئي عيد جي نماز کانپوءِ سماع ھڻڻ ـ ڀرين ۾ سموري شھر جا ماڻھو گڏ ٿي ھڪ ئي ھنڌ عيد نماز پڙھندا ھئا جنھن کانپوءِ سيد، ميمڻ ۽ ڪجھه ٻين برادرين جا ماڻھو ميمڻ پاڙي جي مسجد وٽ گڏ ٿي سماع ھڻندا ھئا ۽ ان کانپوءِ ٽڙي پکڙجي پنھنجي گھرن ڏانھن ويندا ھئا ـ سماع جي روايت 1960 واري ڏھاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ختم ٿي وئي ـ
ڀرين ۾ سنگيت محفلن کي جيئارڻ ۾ سيد فتح علي شاھه جو به وڏو ڪردار رھيو آھي جيڪو پاڻ به موسيقي ۽ راڳ جو ڄاڻو آھي ـ پاڻ ننڍي ھوندي کان ريڊيو تي ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي ۽ غزل گيت ٻڌڻ جو شوقين ھو جنھنڪري شھر جي ئي ھڪ درزي استاد شھباز عليءَ سان سندس ڪچھريون شروع ٿيون جيڪو راڳ جي ڪجھه ڄاڻ رکندو ھو ـ راڳ لاءِ فتح علي شاھه جي تانگھه کيس ان وقت جي مشھور شھنائي نواز استاد گلاب خان نوشھرائيءَ وٽ وٺي وئي جنھن کان ھن ڪافي ڄاڻ ورتي ھئي ـ اھو شرنائي نواز ڀرين ۾ گھڻو مقبول ھو ۽ اڪثر خوشين جي موقعي تي کيس گھرايو ويندو ھو ـ شرنائي نواز کيس ايترو ته تيار ڪيو جو راڳ بابت سوال ٺاھي، نوٽيشن لکرائي حيدرآباد ريڊيو جي سالياني سالگرھه جي موقعي تي آيل استاد ڳائڻن سان بحث مباحثي لاءِ ويندو ھو ـ حيدرآباد ۾ ئي انھن موقعن تي سندس ملاقات ۽ بحث استاد امانت علي خان ۽ استاد فتح علي خان به ٿيا ـ ساڻن بحث جو ھڪ قصو ھُو ھن ريت ٻڌائي ٿو:”مون شرنائي نواز استاد وارو پنو آڏو رکي پڇيو ته راڳ مڌڪونس نالو ھڪ پر شڪليون (نوٽيشن) ٽي ڇو اٿس؟ لاھور اسٽيشن تان جيڪو توھان ڳايو، ان جي نوٽيشن ھڪڙي، ڪلھه رات حيدرآباد ريڊيو تان جيڪو ڳايو تنھن جي نوٽيشن ٻي پر ھندستان ۾ دھلي ريڊيو تان پنڊت پٽ ورڌن وري ٽين شڪل ۾ ڳايو ـ پر ٻنھي خان صاحبن ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ڪونه ڏنو ـ“
اڳتي ھلي سيد فتح علي شاھه رمضان ۽ حج وارين عيدن تي به ڀرين ۾ راڳين کي گھرائڻ شروع ڪيو ـ ڪجھه پروگرام وڏيري جبل ميمڻ جي سھڪار سان مڪان تي ڪرايائين جتي استاد گلاب خان، استاد شھباز علي، عبدالله مڱڻھار، محمد حسين مڱڻھار، مرحوم بچل شاھه، وڏيرو علي نواز ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا ھئا ـ بعد ۾ سيد فتح علي شاھه درگاھه لونگ شاھه تي پنھنجي بيٺڪ ٺاھي وڏن راڳين کي گھرائڻ شروع ڪيو ـ لونگ شاھه واري درگاھه تي جن راڳين پنھنجا سُر وکيريا تن ۾ مشھور ڳائڻو استاد خورشيد خان نورپور وارو، خورشيد علي خان ڪوئٽا وارو، استاد منظور علي خان، سندس ڀائٽيا حميد علي خان ۽ فتح علي خان، قمبر وارو استاد احمد علي، سندس پُٽ محرم علي ۽ اشرف علي، روھڙيءَ واري ڳائڻي بيگم فقيرياڻي، ھولو ڀڳت، حميرا راڄپر ۽ محرابپور وارو امداد علي سومرو شامل آھن ـ
سيد فتح علي شاھه تي اڳتي ھلي ڪجھه وڌيڪ صوفياڻو رنگ چڙھيو ته ھن فقير سلطان علي گوھر شر مينگھو فقير وارن جي صحبت اختيار ڪئي جن ۾ چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائيندڙ خادم فقير سومرو ۽ رحمت الله سولنگي شامل ھئا ـ اھي ٻيڙين جا ٻاڌا ھئا پر صوفياڻي رنگ ۾ ايترو رڱيل ھئا جو اوچتو چپڙيون ۽ يڪتارو کڻي شروع ٿي ويندا ھئا ـ اھي روز رات جو راڳ جي محفل به ڪندا ھئا جتي ھڪ ٻيو ٻاڌو محمود فقير گھڙولي پورو ڪندي پاڻ به پورو ٿي سھڪڻ شروع ڪندو ھو ـ سچل سائينءَ جي گھڙولي سڄي ڳائي سھڪي پوندو ھو پر راڳ کان منھن ڪونه موڙيندو ھو ـ درگاھه تي فتح علي شاھه جو مرشد فقير علي گوھر ولد فولاد فقير به ايندو ھو ته وڏي چوٽ واري ٻوليءَ جو ويراڳ ٿيندو ھو جنھن ۾ عنايت فقير، قمبر علي، حسين بخش ۽ نانڪ جي ملڪ جا ڀٽي، ڀورل غلام حسين ڪوري، موٽڻ شاھه، جمشيد فقير، عيسى راڄپر نوشھرائي سڄي رات پيا ڳائيندا ھئا ـ مھدي سرڪار جا طالب به سونھري ڳوٺ مان لڏي اچي ڀريا ۾ آباد ٿيا جن ۾ نوڪر علي ۽ مست منظور علي سُريلا ڳائڻا ھئا ـ انھن جي خاندان مان ھن وقت خادم علي، ماجد علي ۽ حامد علي فقير ملاح آھن جن کي ھتان جا ماڻھو مجلسن ۾ گھرائڻ ڪونه وساريندا آھن ـ
سيد فتح علي شاھه ھرسال لونگ شاھه جي درگاھه تي جشنِ مولودِ ڪعبه ملھائڻ جو انتظام ڪندو آھي، جنھن ۾ پڻ راڳ ويراڳ ٿيندو آھي ـ ھن درگاھ تي ھڪ لائبريريءَ سان گڏ ميوزڪ اڪئڊمي به کولي آھي جتي عامر سومرو، حامد ملاح ۽ اعجاز شاھه راڳ جي علم ۽ لئه ڪاريءَ جي سکيا وٺي ماھر ٿيا آھن ـ اعجاز علي شاھه جو نانو سيد حاجن شاھه وقت جو مقبول عالم ۽ مولودائي ھوندو ھو ۽ سدائين مھري اُٺن تي سوار ٿي دعوتن تي ويندو ھو ـ اعجاز علي شاھه پاڻ به ھر سال جشنِ عباس علمدار جي آمد تي لاڙڪاڻي مان استاد معشوق علي، ذاڪر علي ۽ شرنايا، ۽ محمد حيات محرابپور واري، استاد حافظ ۽ ٻين کي گھرائيندو آھي ـ ان کانسواءِ سائين موٽيل شاھه جي ٻارھي تي به راڳ ويراڳ ٿئي ٿو ـ سندس فرزند اڪبر شاھه به باجو رکي پاڻ راڳ سکي ۽ سيکاري ٿو ـ ڀرين شھر جي اُتر اوڀر ۾ درگاھه پاڪ فقيرجو ٻارھو به ٿيندو آھي جتي مشھور راڳي استاد انور حسين وسطڙو، جلال چانڊيو،نجف علي وسطڙو، الھه رکيو ڪليري ۽ ٻيا فنڪار راڳ ويراڳ ۾ اڪثر حصو وٺندا رھيا آھن ـ لونگ شاھه واري درگاھه تي قائم سنگيت سکيا گھر ۾ گھڻو ڪري ھر ڇنڇر ۽ آچر تي راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون آھن جن ۾ نئين شاعريءَ جون نيون ڌُنون به تخليق ڪيون وينديون آھن ـ ڀرين جي ھڪ شاعر محمد ابراھيم سومري جي شاعري ۽ سندس ٺاھيل ڌُنن تي محرابپور مان امداد فقير اچي ڳائيندو آھي ۽ طبلي تي سنگت استاد غلام محمد شيخ ڪندو آھي ـ سيد فتح علي شاھه پاڻ به گھڙو وڄائڻ جو ماھر آھي ۽ ڪلاڪارن سان ساٿ ڏيندو آھي ـ
ڀريا ۾ مرحوم سيد نور محمد شاھه جي مزار تي ھرسال شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس کانپوءِ ڀٽائيءَ جي درگاھه جا فقير اچي راڳ رنگ ڪندا آھن ڇو ته سيد نورمحمد شاھه پنھنجي حياتيءَ ۾ فقيري رنگ ۾ اچي ويو ھو ۽ پنھنجي ڀريا واري پارڪ تان روزانو ڪار ۾ تازا گلاب ڀٽائيءَ جي درگاھه تي موڪلڻ شروع ڪيا ھئائين ـ ڀٽائيءَ جي درگاھه جا ڪي فقير به وٽس اچي رھندا ھئا ـ
شھر اندر توڙي ٻاھر ڪي ٻيون درگاھون به آھن جن ۾ موٽيل شاھه، عيسن شاھه، ڪُنڍو شاھه، پاڪ فقير ۽ شاھه ستار جون درگاھون شامل آھن ـ انھن مان ڪن تي ڪڏھن ڪڏھن صوفياڻي سنگيت جون محفلون ٿينديون آھن ـ

عمارتن جو شھر ڀريا

ھن ڪتاب جي پھرين بابن ۾ ٻڌايل آھي ته ڀريا شھر جي تاريخ گھڻي پراڻي آھي ۽ اھو آباد ٿيندو، ڦِٽندو ۽ وري آباد ٿيندو رھيو آھي ـ اڳوڻي شھر جي آثارن جو به ذڪر ٿيو آھي جتي ماڻھن سنڌ جي روايتن موجب پنھنجي قديم ورثن کي ميساري پوک پوکڻ شروع ڪري ڏني جنھنڪري ھاڻ اُتي فصلن کانسواءِ ڪجھه ڏسڻ ۾ نه ايندوـ جن ماڻھن قديم آثار ڏٺا ھوندا، تن کي اندازو ھوندو ته پراڻي زماني ۾ به ھتي ڪوٽ ۽ عمارتون ھونديون ھيون ـ
ھاڻوڪي ڀريا شھر لاءِ ڪن محققن جو خيال آھي ته اھو 1775 ڌاري وجود ۾ آيو ـ موجوده شھر جي تاريخ به ٻڌائي ٿي ته ھن وستيءَ ۾ خوشحال گھراڻا آباد ھئا جن جي اڏيل عمارتن جي ڪري ڀريا کي ”عمارتن جو شھر“ ڪوٺيو ويندو ھوـ نوان جتوئيءَ جي رھواسي مرحوم پروفيسر خاصخيلي جمال الدين مومن جي ڪتاب ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۾ شامل ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ بابت ھڪ مضمون ۾، جيڪو 1927 ۾ ڪنھن لکيو ھو، ٻڌايو ويو آھي ته ”ڀريا کي عمارتن جو شھر ليکيو ويندو ھو ۽ سڄي ساھتي پرڳڻي ۾ برک سمجھيو ويندو ھو ـ“
ننڍپڻ ۾ ڳوٺ وڃڻ ٿيندو ھو ته گھڻوڪري ھڪ محل جھڙي عمارت ڀرسان لنگھڻ ٿيندو ھو جنھن لاءِ ٻڌايو ويندو ھو ته اھا عمارت ٽھلرام جي آھي ـ ٿلھو متارو ٽھلرام ورھاڱي وقت ھڪدم ھندستان لڏي ڪونه ويو ھو پر گھڻو پوءِ اسان جي سانڀر ۾ ھتان ھليو ويو ـ ڪيترائي ورھيه پوءِ جڏھن اھو محل اسان جي پاڙي جي ئي ھڪ شخص ورتو ته مونکي اھو محل گھمڻ جو موقعو مليو ۽ مان ان عمارت جي اڏاوت ۽ ڪاٺ جو ڪم ٿيل ڏسي دنگ رھجي ويو ھئس ـ عمارت ۾ سڄو ساڳ جو قيمتي ڪاٺ استعمال ٿيل ھو جنھن کي وڏن اگھن تي خريد ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جا واپاري اچي پھتا ھئا ـ ھاڻ جڏھن مان ڀريا شھر جي تاريخي عمارتن جي اڀياس ۽ تصويرن لاءِ ڳوٺ پھتس ته ان تاريخي محل جي جاءِ تي ھڪ جديد طرز جي وڏي عمارت تعمير ٿي چُڪي ھئي ـ ظاھر ۾ ته اھڙي جديد عمارت جي اڏاوت ڀريا شھر جي ترقيءَ ۾ شمار ٿيندي پر حقيقت ۾ اھو ساھتي شھر جي اثاثن ميسارجڻ جو عمل ھو جنھن تي وڏو افسوس ٿيو ـ مونکي پنھنجي شاعر دوست مظفر چانڊئي جي ڳالھه ياد آئي جنھن تازو ئي ھڪ ڪچھريءَ ۾ ٻڌايو ھو ته انگلينڊ جي شھر گلاسگو ۾ لوڪل گورنمينٽ جو قانون لاڳو آھي ته ڪنھن به پراڻي عمارت جي اندران ته مرمت ۽ رنگ روپ ڪرائي ان کي بدلائي سگھجي ٿو پر ٻاھران عمارت جو اڏاوتي ڏيک تبديل ناھي ڪرڻو ته جيئن تاريخي شھر جي فنِ تعمير کي ساڳي حالت ۾ قائم رکي سگھجي ـ پر اسان وٽ ان جي اُبتڙ ٿئي ٿو ڇو ته ھتي نه قانون آھي ۽ نه پنھنجي اثاثن کي محفوظ رکڻ جو ڪو احساس ـ
انھيءَ محل جھڙي عمارت جي سامھون ئي گھٽيءَ جي ٻئي پاسي ھڪ پراڻي عمارت جا کنڊر اڃان موجود آھن جتي ورھاڱي کان اڳ سنڌي ھندن جي وھانءَ جي موقعن تي ڄڃ اچي گڏ ٿيندي ھئي ۽ رڌ پچاءَ ۽ کائڻ پيئڻ جو انتظام ھوندو ھو بلڪل ايئن جيئن اڄوڪي زماني ۾ شادي ھالن ۾ ٿئي ٿوـ ان عمارت ڏانھن گھٽي شاھي بازار مان ھيٺ لھي ٿي ـ (شادي ھال واري عمارت جو تفصيلي نقشو سُر سنگيت واري باب ۾ چِٽيل آھي) ـ شادي ھال واري گھٽيءَ ۾ ٻيون به کوڙ عمارتون کنڊرن جي شڪل ۾ موجود آھن ـ
بازار جي مُھڙ واري حصي ۾ رھائشي گھر آھن جتي ورھاڱي کان اڳ جي ھڪ عمارت حشو ڪيولراماڻيءَ جو گھر ھو جنھن تي اسان ننڍپڻ ۾ حشوءَ جي نالي جي ماربل جي پليٽ به لڳل ڏٺي ھئي پر ھاڻ اھا عمارت ئي غائب آھي ـ حشوءَ جو گھر ميمڻ پاڙي واري مسيت جي سامھون بازار ڏانھن ويندڙ گھٽيءَ ۾ گھڙڻ سان ٿورڙو ئي اڳتي کاٻي پاسي ھوندو ھو ـ
ھن ڪتاب جي تياريءَ لاءِ قديم عمارتن جو جائزو وٺڻ خاطر ڀرين جا چڪر ھڻندو رھيو آھيان ـ اھي عمارتون ننڍپڻ ۾ به ڏٺل ھيون پر ھاڻ انھن کي ٻيءَ نظر سان ڏسڻو ھو ـ ھڪ ڀيري مان سوڙھي ٿي ويل ۽ پراڻن دڪانن واري گدلاڻ سان ڀريل بازار وٺي ھلندو ويس جيڪا ننڍي ھوندي ڪُشادي لڳندي ھئي ـ بازار ۾ ڪي پراڻيون جايون اڃان موجود ھيون جن کي تالا لڳل ھئا ـ ايئن ٿي لڳو ته 1947 ۾ اتي رھندڙن جي لڏپلاڻ کانپوءِ اڄ تائين انھن گھرن جا تالا ئي ڪونه کُليا آھن ـ چيو وڃي ٿو ته بازار جي ٻنھي پاسي ماڙيون ھونديون ھيون جن جون دريون بازار واري پاسي به کُلنديون ھيون ـ مان انھن ڪجھه بچي ويل پراڻين عمارتن جون تصويرون ٺاھيندو سڌو وڃي انھيءَ گھر وٽ پھتس جنھن تي واڌومل پي ڪيولراماڻيءَ جي نالي واري ماربل جي تختي اڃان تائين لڳل آھي ـ اھو گھر اوڀر پنجاب مان لڏي آيل ڪنھن شخص کي مليل ھو جنھن کان منھنجي ھڪ مائٽ عبدالرشيد ميمڻ خريد ڪيو ھو ۽ منھنجي گذارش تي ھن انھيءَ تختيءَ کي جيئن جو تيئن رھڻ ڏنو ھو ـ اھو گھر 1937 ۾ تعمير ٿيل ھو ـ واڌو مل نوڪري ته انڊين ريلوي ۾ ڪندو ھو پر وڏو دانشور ۽ ڪتابن جو ليکڪ ھو ـ ڀريا جي ڪوڙو مل چندن مل اڪئڊمي اسڪول جي بورڊ جو ميمبر به ھو ۽ اڪثر ريلوي جي سيلون ۾ ڀريا روڊ تي اچي لھندو ھو ـ ڀريا جي ھڪ جھوني استاد ۽ دانشور سائين فتح علي شاھه جي چوڻ موجب ورھاڱي وارين حالتن شايد واڌو مل جي ذھن کي سخت متاثر ڪيو ھو ۽ ھُو گھر ٻاھران پنھنجي خيالن ۾ گُم ويٺو ھوندو ھو ـ انھيءَ گھر جي پٺيان ھڪ گھٽيءَ ۾ واڌو مل جو ھڪ ٻيو گھر به ھو جتي ڪرنال مان آيل چوڌري اختر ولد چوڌري ياسين رھي ٿو ـ ان گھر جو ٻاھريون ڏيک اصل حالت ۾ آھي جڏھن ته اندر ساڳ جي ڪاٺ جي درن ۽ درين توڙي انھيءَ وقت جي رنگين شيشن کي به ساڳي حالت ۾ رھڻ ڏنو ويو آھي ـ ”اسان کي پراڻي فرنيچر جي واپارين ھڪ ھڪ در جي قيمت سٺ ھزار آڇي پر اسان انڪار ڪيو ڇوته چوڌري ياسين کي ھن تاريخي عمارت جي اھميت جو احساس ھو،“ چوڌري اختر سڄو گھر مونکي گھمائيندي چيو ـ
انھيءَ ساڳئي پاڙي ۾، جيڪو موجوده وقت وارڊ نمبر ست ۽ راجپوت پاڙو سڏجي ٿو، ٿورو اڳتي انگريزن جي زماني جي پوسٽ آفيس جي عمارت اڃان قائم آھي ـ انھيءَ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ ھڪ حويليءَ جھڙي عمارت جو محرابدار در ڏسي اسان اندر ويندڙ ھڪ ھمراھه کي روڪي گھر ڏيکارڻ جي گذارش ڪئي ـ ڦٽل گھر جا آثار ٻڌائن پيا ته ڪنھن تمام خوشحال ۽ باذوق ماڻھوءَ وڏي چاھه سان اھو گھر ٺھرايو ھوندو پر اندر گھڙڻ شرط گندگي، ڀتين تي ٿڦيل ڇيڻا ۽ ورانڊي توڙي ڪمرن ۾ ٻڌل ٻڪريون ۽ ٻيا ڍور ڍڳا ڏسي افسوس وڪوڙي ويو ۽ دل کي تڪليف پھتي ـ
ساڳئي پاڙي ۾ پنھون مل جي ماڙيءَ نالي وڏي عمارت موجود ھئي جنھن ۾ اصل ۾ ست حويليون ھيون ۽ ھر حويليءَ مٿان ماڙي ھجڻ ڪري ست ماڙيون پري کان ڏسڻ ۾ اينديون ھيون ـ پنھون مل جا ست ٻار ھئا جن مان ھر ھڪ لاءِ الڳ ماڙي ٺھرائي ھئائين ـ ھر حويليءَ ۾ اڱڻ، ورانڊو، وڏو صفحو، اندر ٻه ڪوٺيون، ھر صفحي ۾ ٻه _ ڇتا ۽ ڪوٺيون، ھر صفحي مان مٿي ماڙيءَ تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ جنھن کي ٻاھر اڱڻ ۾ به در، مٿي ماڙيءَ تي به ڪمرا، اڱڻ، وھنجڻ جاءِ ۽ ڪاڪوس ھوندا ھئا ـ ورھاڱي کانپوءِ اھي حويليون به ھندستان مان آيلن کي مليون ـ مونکي دوستن محمد اسلم راجپوت سان ملايو جيڪو ڀريا جي مشھور سڱر بوندي ٺاھڻ واري محمد شريف (مرحوم) جو پٽ ھو ـ ”بابا ٽن سالن جو ھو ته پنھنجي والد محمد ديوان سان آيو ھو،“ اسلم راجپوت اسان کي سندس حصي واري حويلي گھمائيندي ٻڌايو ـ سندس چوڻ ھو ته ان حويليءَ ڀرسان کوھه به ھو جڏھن ته ھن عمارت توڙي ٻين سمورين وڏين عمارتن جي ھيٺان تھ خانا ھوندا ھئا ـ ”ڪجھه ورھيه اڳ ھڪ تمام پيرسن عورت پنھنجي مڙس ۽ پوٽي پوٽِيءَ سان گڏ ھندستان مان آئي ھئي ـ ھن پنھنجو نالو دادي لِيلا ٻڌايو ھو ۽ سندس چوڻ ھو ته اھو گھر سندس والد جو ھو ۽ ھن پنھنجي حياتيءَ جا سورھن ورھيه اتي گذاريا ھئا جڏھن سندس شادي ٿي وئي ـ دادي لِيلا لٽجي ويل کوھه واري ھنڌ اشارو ڪندي چيو ھو ته اتي نار به لڳل ھو جتي ھوءَ ۽ ٻيا ٻار راند روند ڪندا ھئا،“ اسلم ٻڌايو ـ
ڀرين جي اديب ۽ محقق محمد ابراھيم سومري ٻڌايو ته دادي لِيلا پنھنجي مُڙس سان گڏ نوشھري ۾ ھڪ شخص جي دعوت ۾ آئي ھئي جتان پوءِ ساڻس گڏ ڀريا آئي ۽ بعد ۾ ڪنڊياري به وئي جتي پڻ سندن گھر ھوندو ھو ـ شھدادڪوٽ واسڻ وينا شرنگي، جيڪا ڏھاڪن کان دھليءَ ۾ رھي ٿي ۽ آل انڊيا ريڊيو تي سينئر براڊڪاسٽر ھئي، تنھن واٽس ايپ تي ٻڌايو ته دادي لِيلا ۽ سندس گھروارو سترام مامتاڻيءَ جو ڪجھه ورھيه اڳ ديھانت ٿي چُڪو آھي ـ ٻئي دھليءَ ۾ رھندا ھئا ـ
چيو وڃي ٿو ته بازار جي آسپاس ئي ڪنھن ھنڌ باليووڊ جي ماضيءَ جي مشھور اداڪارا شيلا راماڻيءَ جو به گھر ھو ـ
پوسٽ آفيس جي سامھون واري علائقي ۾ ٻائي ھريرام جو مندر ھوندو ھو جنھن کي ڊاھي ھڪ امير شخص پنھنجو وڏو بنگلو ٺھرائي ڇڏيو آھي ـ پوسٽ آفيس جي ڀرسان ئي اولھه ۾ ويندڙ گھٽيءَ ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل جو گھر ۽ اوطاق ھوندا ھئا، جن کانپوءِ گھٽيءَ جي پوڇڙ تي ھڪ ننڍو مندر ھوندو ھو ـ ھندو سنڌين جي عمارتن جو ڄار ميمڻ پاڙي تائين پکڙيل ھو جن مان ڪيتريون عمارتون اڄ به موجود آھن ۽ ھن شھر جي ماضيءَ جي عروج جون امين آھن ـ
اھڙي طرح سيدن واري پاڙي ۾ موجوده وقت ڦٽل پارڪ واري ھنڌ اڳي جيڪا قديم عمارت ھئي اتي ورھاڱي کان اڳ ڪنيا پاٺ شالا ھو جتي ڇوڪرين کي ھنري تعليم ڏني ويندي ھئي ـ ورھاڱي کانپوءِ ان عمارت ۾ سرڪاري اسپتال شروع ڪئي وئي ھئي ـ اسپتال واري عمارت جي سامھون ئي ھندن جون ٻيون پڪيون جايون ھيون جيڪي ھندستان مان آيلن کي الاٽ ٿيون ـ ڀريا ۾ اھڙيون کوڙ عمارتون ھيون جن مان ڪي زبون حالت ۾ موجود آھن ته اڪثر پنھنجو وجود وڃائي ويٺيون آھن ـ فنِ تعمير جوھڪ اعلى قسم جو نمونو ڊراما ھال به ايئن ئي ميسارجي چڪو آھي جڏھن ته ڪوڙو مل چندن مل اڪئڊمي جي ايڪڙن ۾ پکڙيل اسڪول جي عمارت 1967 کانپوءِ رھائشي عمارت ۾ بدلجي پنھنجي اصل شڪل ڪنھن حد تائين وڃائي ويٺي پر چڱي ڳالھه ھيءَ آھي ته ڀريا روڊ واري دڳ تي قائم سيدن جي پارڪ، جيڪا سيد فتح علي شاھه موجب ورھاڱي کان اڳ ھندن جو لال باغ ھو ۽ جتي شھر جا ماڻھو رانديون به کيڏندا ھئا، ان کي سيد نور محمد شاھه مرحوم خريد ڪري قائم رکيو ۽ وري سندس فرزند سيد مُراد علي شاھه ايم پي اي اڄ تائين سنڀاليو پيو اچي ـ پارڪ جي بلڪل سامھون ڏکڻ ۾ وسيع ايراضيءَ اندر اِريگيشن بنگلي جي عمارت زبون حالت ۾ موجود آھي جنھن جي تعمير 1928 ۾ ٿي ھئي ـ عمارت جو مُکيه حصو آفيسرن جي رھائش لاءَ ھو جڏھن ته ملازمن جي رھائش ۽ گاڏيون بيھارڻ لاءِ طنبيلو الڳ ٺھيل ھو ـ
اڄ ڀرين ۾ ڪيترائي جديد طرزِ تعمير وارا بنگلا تعمير ٿيل آھن پر ھيءُ شھر ھاڻي عمارتن جو شھر نٿو ڪوٺجي ـ

ھتان جي ھليا ويا: ورھاڱي کان اڳ جون شخصيتون

ڀريا کڻي ھڪ ننڍڙو شھر ھو پر سنڌ جي ساھتي پرڳڻي ۾ سندس وڏي اھميت ھئي ـ ساھتي پرڳڻي جي ٻين شھرن جيان ڀريا ۾ به وڏين شخصيتن جنم ورتو جن علم، ادب، سياست ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن توڙي زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ وڏو نالو ڪڍيو ـ علم ادب جي شعبن ۾ نالو روشن ڪندڙ شخصيتن ۾ ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي ۽ حشو ڪيولراماڻي سرِفھرست آھن ۽ جيڪڏھن ميل ڏيڍ جي پنڌ تي ڳوٺ قاسم کاھيءَ کي به ڳڻجي ته نارائڻ شيام جھڙو نالو به آڏو اچي ٿو جيڪو سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جو ھمعصر شاعر ھو ـ نالي ۾ شھر سڏجندڙ ننڍڙي ڳوٺڙي ڀريا مان ورھاڱي وقت لڏي ويندڙن مان ته ڪيترن ئي شخصن ھندستان ۾ به وڃي نه رُڳو علم ۽ ادب ۾ نالو ڪمايو پر اُتان جي فلمي دنيا ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ـ ڀريا مان ھندستان لڏي وڃي فلمي دنيا ۾ نالو ڪمائيندڙن ۾ اداڪار اُتم ھڱوراڻي به شامل آھي ـ باليووڊ جي ٻي مشھور شخصيت ھئي شيلا راماڻي جنھن بابت ھن ڪتاب ۾ الڳ مضمون شامل آھي ـ
انھن شخصيتن جي گھراڻن جي ڀريا ۾ آباد ٿيڻ يا سندن گھراڻن جي نُکن جا به الڳ داستان آھن ـ ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ ان موضوع تي گھڻو ڪجھه لکيو آھي ـ ڀريا، جنھن کي پيار ۽ پاٻوھه منجھان ”ڀرين“ سڏيو ويندو ھو، اُتي آباد ھندوجا نُک وارن کلناڻين (کلڻاڻي) بابت سندس چوڻ آھي ته اھي اصل ۾ اروڙونسي (اروڙ جا رھواسي) ۽ سرائي آھن ـ اھي اروڙ مان لڏي ڀريا ۾ آباد ٿيا جتان وري واپار سانگي ڪراچيءَ اچي ويا ـ ڀائي کلڻ مل (کلڻداس) مينگھراج جي پٺيان اھا آڪھه کلڻاڻي سڏجي ٿي ـ ڀائي کلڻ مل کي ٻه پُٽ ڏيونداس ۽ مولچند ھئا ـ ڀائي ڏيونداس کي ٽي پُٽ سکرامداس، ڄيٺانند ۽ فتح چند ھئا ـ ڀائي فتح چند ڪراچيءَ ۾ وڏو واپاري ھوندو ھو ـ ڪراچيءَ جي انجنيئرنگ ڪاليج (اين اِي ڊي) ۾ فتح چند کلڻاڻي ھال ۽ ڪراچيءَ جي شھر ۾ ڏيارام کلڻاڻي ھال ۽ لائبريريءَ لاءِ ھن ڪُٽنب ئي پئسا ڏنا ھئا ـ فتح چند جو پُٽ وشنداس وڏو واپاري ھو ۽ ٺاري مل جو پُٽ موٽامل زميندار ھو ـ ڀرين جي کلڻاڻي آڪھه مان راءِ بھادر ديوان ڪوڙومل چندن مل ھڪ وڏو سنڌي عالم ٿي گذريو آھي ـ (سندس باري ۾ الڳ تفصيلي مضمون ڏنل آھي) ـ
ديوان منوھرداس، ديوان ڪوڙي مل چندن مل جو فرزند ھو جيڪو پنھنجي والد وانگر سنڌي ٻوليءَ جو وڏو عالم ۽ اديب ھو ـ ھن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب، ڪھاڻيون ۽ ناول لکيا پر انھن جو ڪو تفصيل نٿو ملي (نوابشاھه سچل ڪاليج جي ليڪچرار محمود ڏاھريءَ ديوان ڪوڙي مل تي پي ايڇ ڊي ٿيسز لکي آھي، جنھن ڪنھن ويب سائيٽ تي لکيو آھي ته منوھر جو ھڪ ڪتاب ”ساھڪ پُشپا“ آھي جڏھن ته سندس پنھنجي آتم ڪٿا به لکيل آھي) ـ ھُو ورھاڱي بعد ڀارت لڏي ويو ھو ـ منوھر جي پھرين گھر واري امبرت ديوي عرف امبي کلناڻي ھئي جنھن مان کيس اولاد ٿيو پر اڳتي ھلي سندن طلاق ٿي وئي ـ امبرت ديويءَ مان کيس جيڪو اولاد ٿيو تن مان ھڪ نرنجن کلناڻيءَ جو جنم 27 نومبر 1922 تي سکر ۾ ٿيو ھو ـ نرنجن تمام ذھين ھو جنھن 1947 ۾ پنجويھه ورھين جي ننڍي عمر ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري ورتي ھئي ـ ان کانپوءِ ھن پوسٽ ڊاڪٽورل ريسرچ يئل Yale يونيورسٽيءَ مان ڪئي ـ نرنجن جي شادي چِترا عرف شانتا ڌيءَ ھاسارام تولاڻيءَ سان ٿي جنھن مان سندس وڏي پُٽ جو نالو آھي رَوي کلناڻي، جيڪو سُنيتا سان پرڻيو ۽ ان مان رَشي ۽ ڪانيڪا پيدا ٿيس ـ نرنجن کلناڻيءَ جي ننڍي پُٽ جو نالو آھي وِجَي کلناڻي ـ
ورھاڱي کانپوءِ نرنجن دھلي يونيورسٽيءَ جي ھندو ڪاليج ۾ ليچرار مقرر ٿيو پر پوءِ 1951 ۾ ھُو پرڏيھي وزارت جي نوڪريءَ ۾ ھليو ويو جتي ترقي ڪري ھسٽاريڪل ڊويزن جي ڊائريڪٽر جي عھدي تي پھتو ۽ اُتي سال 1980 تائين رھيو ـ ھُو لاطيني آمريڪا، سِقم، نيپال ۽ ڀوٽان جي معاملن جو ماھر ھو ـ سن 1968 ۾ پيرو، چلي ۽ اڪئڊور ويو جتي انساني حقن پابت گڏيل قومن جي فيلوشپ ڪيائين ـ سن 1972 ۾ لنڊن ۾ گڏيل قومن جي جاگرافي ڪانفرنس ۾ انڊيا جي نمائندگي ڪيائين ـ سن 1983 ۾ دھليءَ ۾ ٿيل غيرجانبدار ملڪن جي سربراھه ڪانفرنس سان واڳيل رھيو ـ رٽائرمينٽ کانپوءِ به نرنجن انڊيا جي مرڪز ۽ رياستن جي معاملن واري ڪميشن ۾ خدمتون ڏيندو رھيو ـ سن 1990 ۾ ھُن وزيٽنگ پروفيسر طور ماسڪو جو دورو ڪيو ـ ھُو بين الاقوامي اخبارن جي لاءِءِ لکندو ھو ۽ ناليوارو تاريخ نويس، اسڪالر، پيشه ور ليکڪ ۽ قومي توڙي عالمي معاملن جو تجزيه نگار ھو ـ سن 1952 ۾ کيس فُلبرائٽ فيلوشپ ملي، 1953 ۾ راڻي ايليزبيٿ جي تاجپوشيءَ ۾ شريڪ ٿيو ۽ يئل يونيورسٽيءَ ۾ به ايوارڊ حاصل ڪيائين ـ سندس ڪتابن جي فھرست ھن ريت آھي:
1. The Punjab under the Lawrence
2. British power in the Punjab, 1839-1858
3. Glimpses of Hindu America: Story of India’s Relations with Latin America
4. Four diamonds of Anand Bhavan: Motilal Nehru, Jawaharlal Nehru, Indira Gandhi and Rajiv Gandhi a perceptive analysis of Indian political experience from 1929 to 1987
5. Emergence of New Russia: Panoramic Survey of Russian History
6. Panorama of modern Indus Valley
7. New dimensions of Indian foreign policy: Prime Minister Narasimha Rao’s Era X-rayed
8. Socio-political dimensions of modern India
9. The denuclearization of South Asia
10. India’s political and economic policies towards her neighbours
11. India 1990: 1991 to 2001 AD
12. Panorama of Indian diplomacy: From Mauryan epoch to post-Nehru era
13. Iron Lady of Indian Politics: Indira Gandhi in the Balanced Perspective
14. India's Road to Independence
15. Realities of Indian foreign policy
نرنجن کلناڻي جو ديھانت 14 ڊسمبر 2012 تي ٿيو ـ سندس ھڪ ڀاءُ اشوڪ لاس اينجلس ۾ رھندو ھو جنھن جي شادي رينو کلناڻيءَ سان ٿي جنھن مان کيس ٻه پُٽ ماڌو عرف مارڪ Mark ۽ ڪيٿ Keith کلناڻي آھن ـ
ديوان ڪوڙي مل جو ھڪ پوٽو ديوان فتح سنگھ به ڀرين جو مشھور عالم ۽ اديب ھو ـ فتح سنگھ انگريزي ۽ سنڌي ٻولين جو ماھر ھو ۽ ڪوڙو مل چندن مل (ڪي سِي) اڪئڊمي ڀريا ۾ بنا پگھار اُستاد ھو ـ وڏي ڏاڙھي رکائيندو ھو ۽ سِک ڌرم جو پيروڪار ھو ـ فتح سنگھ چوندو ھو ته ڪوڙو مل چندن مل اڪئڊميءَ جو درجو اُتر اولھه برٽش انڊيا ۾ ڪراچيءَ واري اين جي وي اسڪول کانپوءِ ٻئي نمبر تي آھي ـ ساھتيءَ سان تعلق رکندڙ واپڊا جي ھڪ رٽائرڊ آفيسر محترم سڪندر لاڙڪ جو چوڻ آھي ته فتح سنگھه جو ھڪ گھر ٺاروشاھه ۾ به ھوندو ھو، جنھن جي عمارت ھن 1970 واري ڏھاڪي ۾ ڏٺي ھئي ـ اھا عمارت اسٽيشن ڏانھن ويندڙ رستي تي ھئي جنھن تي ”فتح سنگھ“ نالو به لکيل ھو ـ
مٿي ديوان ڪوڙيمل جي پڙپوٽي وِجي ولد نرنجن کلناڻيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آھي جيڪو اليڪٽريڪل انجنيئر آھي ۽ دھليءَ ۾ رھي ٿو ـ وِجي جو جنم 21 جنوري 1959 تي ٿيو ـ ھُو پنھنجو ڪمپيوٽر ھارڊويئر جو بزنيس ڪري ٿو ـ وِجي کلناڻيءَ 1985 ۾ شادي ڪئي ۽ کيس 1998 ۾ نياڻي ڄائي جنھن جو نالو ديويا آھي ـ
ڪوڙيمل جي پھرين گھر واري ٺاروشاھه جي ھئي، جنھن جي وفات کانپوءِ ھُو سکر مان پرڻيو ھو ـ ديوان ڪوڙيمل جو ھڪ پڙپوٽو يا تڙپوٽو سنيل کلناڻي انگلينڊ جي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ۽ ڪجھه جڳ مشھور ڪتابن جو ليکڪ آھي، جنھن جو ذڪر انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ھڪ ڊائريڪٽر لکمي کلاڻيءَ ھن ڪتاب جي ليکڪ کي موڪليل ھڪ اِي ميل ۾ ڪيو ھو، پر جڏھن ٻه ٽي سال اڳ وِجي کلناڻيءَ سان واٽس ايپ تي رابطو ڪري حال احوال ورتو ويو ته ھن سنيل کلناڻيءَ کي سندن گھراڻي جو مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته سنيل مشھور ماڻھو آھي پر اھو ديوان ڪوڙيمل جي اولاد مان ڪونھي ـ انٽرنيٽ تي سنيل کلناڻيءَ بابت ڪافي تفصيل ملن ٿا پر سندس والد جو نالو ۽ ديوان ڪوڙيمل جي گھراڻي جو ھجڻ بابت ان ۾ ڪو ذڪر ناھي ـ سنيل ڪِنگز ڪاليج لنڊن جي انڊيا انسٽيٽيوٽ ۾ ڊائريڪٽر ۽ سياسيات جو پروفيسر آھي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي ۽ کيس ھندستان جي سياست ۽ تاريخ جو ماھر ڄاتو وڃي ٿو ـ سن 1997 ۾ ڇپيل ڪتاب ”دي آئيڊيا آف انڊيا“ The Idea of India تمام گھڻو مشھور ٿيو ـ سنيل بي بي سي ريڊيو (BBC Radio 4) جي ھڪ سيريز Incarnations – India in 50 Lives جو به پيش ڪندڙ ھو ۽ سندس اھا سيريز پوءِ سن 2016 ۾ ڪتابي شڪل ۾ به ڇپي ـ کيس سن 2010 ۾ برلن پرائيز فيلو جو اعزاز به مليو جڏھن ته سن 2005 ۾ ڀارتي حڪومت کيس ”پرواسي ڀارتيه سمن“ ايوارڊ ڏنو ھو ـ سنيل جو جنم ته دھليءَ ۾ ٿيو ھو پر سندس باقي زندگي آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن ۾ گذري ـ ھن ٽرنٽي ھال ڪئمبرج ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ لنڊن جي ڪنگز ڪاليج مان پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي ـ ھُو جان ھاپڪنس يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف ايڊوانسڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جو پروفيسر به رھيو ته سائوٿ ايشيا اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر جو عھدو به ماڻيائين ـ سندس وني Katherine Boo به ھڪ ليکڪه آھي ـ سنيل ھيٺ ڄاڻايل ٻن ٻين ڪتابن جو به ليکڪ آھي:
Arguing revolution: the intellectual left in postwar France (1993); Civil society: history and possibilities (2001).
انھن ڪتابن کانسواءِ ٻين ڪجھه ڪتابن ۾ به سندس مضمون ڇپيل آھن ـ
کلناڻي آڪھه مان ورھاڱي کان اڳ وارين شخصيتن ۾ گيھي مل جنجي مل کلناڻي به شامل ھوجنھن 1893 ۾ ڀريا ۾ جنم ورتو ـ ٺاروشاھه ۾ 1933 ۾ جنم وٺندڙ ڀَڳوَن ڀاڳچنداڻيءَ پنھنجي ڪتاب Promoters & Preservers of Sindhyat ۾ لکيو آھي ته گيھي مل بنيادي طور استاد ھو، جنھن اڳتي ھلي 1935 ۾ ڪراچيءَ ۾ ھڪ ھاءِ اسڪول کوليو ـ ورھاڱي سبب جڏھن ھُو ممبئيءَ لڏي ويو ته اُتي سينٽرل ريلوي اسٽيشن جي ويجھو مسواڙ جي جاءِ ۾ نومبر 1947 ۾ ساڳئي نالي سان اسڪول شروع ڪيائين ڇو ته پناھگير ڪئمپن ۾ رھندڙ سنڌي ٻارن کي ٽرين ۾ سفر ڪري اسڪول اچڻ سولو ٿي لڳو ـ ٿوري عرصي اندر ئي 1948 ۾ ساڳئي اسڪول جي ٻي شاخ دادر ريلوي اسٽيشن ٻاھران مسواڙي جاءِ ۾ کوليائين ـ سندس اسڪولن بھترين نتيجا ڏيڻ شروع ڪيا ته ھن ڪي جَي کلناڻي ٽرسٽ به قائم ڪئي ۽ اسڪولن جون پنھنجون عمارتون قائم ڪيون ـ ھڪ ٻيو اسڪول ھن ساڌو واسواڻيءَ جي نالي ۾ قائم ڪيو ـ گيھي مل نھايت سادو پر اصول پسند انسان ھو ۽ سندس ڌيان شاگردن جي اخلاقي ڪردار جي تعمير تي رھندو ھو ـ پنھنجي اصولن جي ڪري ڀارت ۾ لاڳو ايمرجنسيءَ دوران ھُو 26 جُون 1975 کان 22 جنوري 1977 تائين 19 مھينا جيل ڀوڳي آيو ـ ڊسمبر 1977 ۾ ئي ھن لاڏاڻو ڪيو ـ
ڀرين جي ڪيولراماڻين جو به وڏو نالو آھي ـ ڪيولراماڻين بابت ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته ميرن جي صاحبيءَ وقت ديوان عيدن مل ھنڱوراڻيءَ ھاڻوڪو پڊعيدن ڳوٺ ٻڌايو ته ڪي ڀڳت ٺاروشاھه مان لڏي اتي وڃي رھيا ـ انھن ڀڳتن ۾ ھڪ مھا پُرش پيدا ٿيو جنھن جو نالو سوائي ڪيولرام ھو جيڪو سڄي عمر جتي ستي ٿي رھيو ـ ڀرين ۾ جيڪي ڪيولراماڻي آھن، سي انھيءَ سوائي ڪيولرام جي نالي پٺيان سڏجن ٿا، جيتوڻيڪ اھي سندس چيلي جو اولاد آھن ـ ڪاڪي ڀيرومل جي ٻڌايل ان تاريخ موجب حشمت راءِ عرف حشو ڪيولراماڻي توڙي ڀريا جي ٻين ڪيولراماڻين جي نُک پڊعيدن جي ڀڳت سان وڃي ملي ٿي ـ (حشوءَ بابت الڳ تفصيلي مضمون ڏنل آھي) ـ ھُو وري ھڪ ھنڌ ٻي ڳالھه لکي ٿو: ”ڪلھوڙن جي صاحبيءَ ۾ ڪي ھندو، جيڪي سورج ونسي گھراڻي جا کتري راجپوت ھئا، سي پنھنجي ستگرن سوائي صاحبن سان گڏ جيسلمير کان سنڌ آيا ـ سندن اڳواڻ سوائي لالو جسراج ھو، جنھن جي نالي پٺيان ڪوٽ لالُو اسٽيشن (پڊعيدن وجھو) سڏجي ٿي ـ ڀريا جا ڪيولراماڻي سوائي صاحب جي ڀاءُ ڀائي ڪيولرام جو اولاد آھن ۽ ڀائيءَ جي آڪھه وارا سڏجن ٿا ـ“
حشو ڪيولراماڻيءَ کانسواءِ ڀريا جي ھڪ ٻي شخصيت واڌومل پي ڪيولراماڻيءَ جي ھئي جيڪو نه رُڳو انڊين ريلوي جو وڏو آفيسر ھو پر علم ادب ۾ به اھم ڪردار ادا ڪندو رھيو ـ واڌومل ڀرين جي ڪوڙومل چندن مل اڪئڊمي ھاءِ اسڪول جي انتظامي بورڊ جو ميمبر به ھو ۽ ڪي ڪتاب به لکيا ھئائين، جن جا نالا معلوم نه ٿي سگھيا آھن ـ ڀرين ۾ سندس گھر اڃا موجود آھي جنھن تي سندس نالي وارو ماربل جو پٿر اڃا لڳل آھي جنھن تي 1937 جو سن لکيل آھي ـ ڪيولراماڻين مان ئي ھڪ آسودومل ڪيولراماڻي ڪوڙومل اڪئڊمي اسڪول جو ھيڊماستر به رھي چُڪو ھو ـ حشو ڪيولراماڻيءَ جو فرزند گُل ڪيولراماڻي، جنھن جو جنم ڀارت ۾ ٿيو، وڏي عرصي کان جرمنيءَ ۾ آباد آھي ۽ اُتان جو مشھور پينٽر ۽ اينيميشن آرٽسٽ آھي ـ گلُ ترقي پسند سوچ جو مالڪ آھي ـ ھندستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيولراماڻي آڪھه جا ڪيترائي ماڻھو آھن جيڪي وڏا واپاري ادارا ھلائن ٿا ۽ جيڪڏھن ڪاڪي ڀيرومل موجب ڪيولراماڻي سڀ ڀرين جا ئي ھئا، ته پوءِ چئي سگھجي ٿو ته موجوده وقت ھندستان ۾ ويٺل اھي ڪيولراماڻي ڀرين جي ڪيولراماڻين جو ئي اولاد آھن ـ
ادب جي دنيا ۾ اِندر ڪيولراماڻيءَ جو به نالو اچي ٿو جيڪو ڀريا جو رھواسي ھو جنھن ڀارت لڏي وڃڻ کانپوءِ اُتي بھترين ڊراما نويس طور نالو ڪمايو ـ سندس ڊراما ”ضرورت آھي جوءِ جي“، .ڍونگ ئي ڍونگ“، ”وڏا ماڻھو“ ۽ ”وِڌوا“ مشھور آھن ـ
مٿي ذڪر ڪيل ڀَڳوَن ڀاڳچنداڻيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ڀريا ۾ 2 آڪٽوبر 1884 تي جنم وٺندڙ رامچند ايم ڪيولراماڻيءَ جو به ڄاڻايو آھي جنھن سِول انجنيئرنگ ۾ بيچلرس جي ڊگري وٺي ٽپال ۽ ٽيليگراف کاتي ۾ نوڪري ڪئي پر رٽائرمينٽ کانپوءِ 1938 ۾ ڪراچيءَ ۾ سيتارام پرڪاش ھائر سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيائين ـ ورھاڱي سبب کيس به وطن ڇڏڻو پيو ۽ ممبئيءَ وڃي نومبر 1947 ۾ ساڳئي نالي سان مسواڙ جي جاءِ ۾ اسڪول شروع ڪيائين ـ ٿوري وقت اندر ئي سُٺا نتيجا ملڻ تي اسڪول جي پنھنجي عمارت قائم ڪري ورتائين ـ کيس پبلڪ رليشنس تي مھارت ھئي جنھنڪري تعليم جي واڌاري لاءِ گھڻو ڪم ڪري سگھيو ـ رامچند بھترين ايڊمنسٽريٽر ھو ـ ھن رٽائرمينٽ کانپوءِ پنھنجي سموري پينشن غريب ۽ ضرورتمند ٻارن لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي ـ سال 1965 ۾ سندس لاڏاڻي بعد سندس پوٽي پرڪاش اسڪول سنڀالي ورتو ـ
ھڱوراڻين بابت ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته ھڱوراڻي ديوان ھڱوري مل جو اولاد آھن جيڪو پاڻ ديوان سُکانند جو پُٽ ھو ـ ديوان سُکانند ديوان کيئي مل جو پُٽ ھو ـ کيئي مل جيسلمير جي راجا سان اختلافن سبب سُکانند ۽ سندس ٻارن کي سنڌ موڪلي ڏنو ھو ـ ديوان ھڱوري مل جي ڀاءُ ديوان رنگومل کي ٽي پُٽ ھئا جن مان ديوان عيدن مل پنھنجي نالي پُٺيان پنھنجي ناٺيءَ لاءِ پڊعيدن ڳوٺ ٻڌايو ـ عيدن مل جي ٽن پُٽن مان ديوان کيمچند جي نسل وارن ڀرين ۾ گھر ٺاھيا ۽ کيمچند جي پوٽي ديوان تخت مل جي نالي پٺيان پاڻ کي تختاڻي سڏائڻ شروع ڪيو پر پوءِ ويھين صديءَ جي شروع کان پاڻ کي ھڱوراڻي سڏائڻ لڳا ـ
ڀريا ۾ ”ڄيٺڙا“ نِک جا نوتاڻي به رھندا ھئا ـ ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته نوتاڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان جھامنداس ھو جنھن کي ٽي پُٽ ھئا ـ نوتاڻين جا وڏا ميرن جي صاحبيءَ ۾ سندن ”انباردار“ ھئا ۽ ميرن کي زميندار جيڪو اناج ڏن طور ڏيندا ھئا، اُھو سنڀاليندا ھئا ـ ميرن کي ان جو حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ نوتاڻين جا وڏا حيدرآباد ويندا رھندا ھئا جتي سري گھاٽ پويان ديوان گدومل جي گھر واري گھٽيءَ سامھون سندن پنھنجي جاءِ به اڏايل ھئي ـ انھيءَ خاندان مان ھڪ ديوان نوتنداس ھو جنھن جو ھڪ پُٽ ديوان ھيرانند نوتنداس زميندار سال 1885 ڌاري ڀرين جي ميونسپلٽيءَ جو ميمبر ۽ پئنچائت جو مُکيه ماڻھو ھو ـ کانئس پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ ديوان کيمچند (ديوان نوتنداس جو چوٿون نمبر پُٽ) ساھتيءُ ۾ برک ھو ـ ديوان کيمچند اڪثر واھن جي کاٽين ۽ ٻيلن جا ٺيڪا کڻندو ھو پر پوءِ اھي ڇڏي ڀرين ۾ پنھنجي ٻني سنڀالڻ لڳو ـ ھُو ڀرين جي سينيٽري ڪميٽي توڙي انگريزي اسڪول جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر به ھو ۽ علمي توڙي پئنچائتي سرگرمين ۾ بھرو وٺندو ھو ـ سندس ديھانت سال 1903 ۾ ٿيو ـ
ديوان کيمچند کانپوءِ سندس فرزند پھلاج راءِ سڄي ساھتيءَ ۾ ناميارو ھو ـ ڀريا ۾ ئي جنم وٺندڙ پھلاج راءِ انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪري انجنيئري کاتي ۾ نوڪري شروع ڪئي جتي سب اوورسيئر کان وٺي چڙھندو سب انجنيئر ۽ پوءِ آنرري اسسٽنٽ انجنيئر ٿيو ـ ان وقت اھڙو عھدو وڏو اعزاز ليکيو ويندو ھو ـ سندس قابليت ۽ ايمانداريءَ جي ڪري سرڪار کيس راءِ بھادر جو لقب ڏنو ھو ـ پنھنجي نوڪريءَ جو ڳچ عرصو شاھه بندر طرف گذاريائين ـ پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ ھن ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪري وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ـ ڪراچيءَ ۾ به پنھنجون جايون ھيس پر پوءِ به رٽائرمينٽ وٺي ڀرين ۾ وڃي رھيو ـ علم ۽ پنگتي سُڌاري جو ڪوڏيو ھو ۽ ارادو ھئس ته پينشن وٺڻ کانپوءِ ڪجھه ديس جي سيوا ڪجي پر اڃا پينشن ئي ڪونه مليس ته اپريل 1916 ۾ گذاري ويو ـ ڀرين ۾ ھن ھڪ کوھه کوٽرائي گھڻن ئي ماڻھن لاءِ پاڻيءَ جو سُک ڪيو ھو ـ سندس اولاد ۾ ھڪ نياڻي ۽ چار پُٽ ھئا جن مان ھڪ پُٽ پرمانند مُنڍ ۾ سرڪاري نوڪري ڪئي پر پوءِ زميندار ٿي رھيو ـ ٻيو پُٽ قيمتراءِ جنھن جو جنم 1897 ۾ ٿيو، جاتيءَ ۾ زمينداري ڪرڻ لڳو ۽ اُتي ئي لوڪلبورڊ ۽ اسڪول بورڊ جو ميمبر به ٿي رھيو ـ سال 1930 ۾ ڀائر جُدا ٿيا ته کيس ورھاست ۾ ڀرين جون زمينون مليون جنھنڪري 1931 کان ڳوٺ ۾ اچي رھيو ـ ھو 1947 ڌاري ڀرين جي سينيٽري ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ھو ۽ ڀرين جي اسڪول جو به ھڪ مکيه بانيڪار ھو ـ سندس فرزند لوڪومل بي اي ڪئي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتابن لکڻ جو وڏو چاھه ھئس ـ
پھلاج راءِ جو ٽيون پُٽ ديوان ساڌورام ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ لڳو ۽ سِگھو ئي پوءِ انگلينڊ مان ڪي ڊگريون وٺي موٽي آيو ته کيس نوابشاھه م ھيلٿ آفيسر ڪري رکيو ويو ـ چوٿون پُٽ ديوان گاگنداس انگريزي پنج درجا پڙھي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گھڙيو ۽ پوءِ زمينداري ڪرڻ لڳو ـ ھن پوءِ ھڪ ٻئي سيٺ اجومل ليلارام سان گڏجي ڪاروبار به شروع ڪيو ـ
ٽيڪم مٽائيءَ جي ڪتاب ”سچ جي ڳولا“ ۾ به نوتاڻي خاندان جي ھڪ خاتون دادي تُلسي ڪي نوتاڻيءَ جو ذڪر ٿيل آھي ـ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد جي ڇپرايل ان ڪتاب ۾ ٽيڪم لکي ٿو ته دادي تُلسيءَ 1937 ۾ ڀريا ۾ جنم ورتو پر ورھاڱي سبب پنھنجي وڏڙن سان اچي بڙوده ۾ رھائش اختيار ڪئي ـ داديءَ تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملھايو ـ ھوءَ وديالا گرلز ھاءِ اسڪول بڙوده جي ھيڊ مسٽريس ۽ اسڪول جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ميمبر به رھي ـ ھندواسي اخبار ۾ ليک به لکندي رھي آھي جيڪي اُتان جي سنڌي ادبي ۽ تعليمي حلقن ۾ گھڻو پسند ڪيا ويا ـ ھوءَ سنڌي ڇوڪرين ۽ خاص طور غريب نياڻين جي گھڻي سار سنڀال لھندي رھندي ھئي جنھن لاءِ ھن ھڪ خاص فنڊ به قائم ڪيو ھو ـ نياڻين جي تعليم واري عظيم مقصد ۾ مصروف رھڻ ڪري ھن سڄي عمر شادي به نه ڪئي ۽ وڏي ڄمار جي باوجود سرگرم رھي ٿي ـ
ڀرين ۾ ”پھوجا“ نُک وارا جھانگياڻي به رھندا ھئا جيڪي پڻ اروڙونسي آھن ـ اھي اروڙ تي عربن جي حملي وقت پنجاب ھليا ويا، جتان وري جيسلمير ويا ۽ پوءِ ھڱوراڻين سان واپس سنڌ ۾ اچي پھريائين ڀريا ۾ آباد ٿيا ۽ پوءِ شايد منشي آوترام ملڪاڻيءَ سان گڏجي حيدرآباد آيا جتي ملڪاڻي گھٽيءَ ويجھو چنديراماڻي گھٽيءَ ۾ سندن گھر ھو ـ ھن آڪھه مان به نالي وارا ماڻھو پيدا ٿيا جن ۾ راءِ بھادر ديوان پريمچند آوتراءِ، فتحچند آسودومل ائڊووڪيٽ جنرل ۽ ٻيا شامل آھن ـ
ماکيجا نُک وارا ايسراڻي به اروڙونسي ھئا جتي مُغل بادشاھه اورنگزيب جي زماني ۾ آيا ۽ پوءِ ڀرين ۾ اچي آباد ٿيا ھئا جتان وري حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ آباد ٿيا ـ
ڀرين جي ڪجھه ٻين اديبن جا تفصيل ھن ريت آھن :
اُتم ديارام ھنڱوراڻي: ھن 12 جُون 1923 تي ڀريا ۾ جنم ورتو ـ ھُو سنڌي ۽ انگريزي ٻولين جو وڏو ماھر ھو ـ سنڌيءَ ۾ ٽيھارو ورھيه کن ڊراما لکندو رھيو ـ سندس ڊراما سنڌي ٻولي ۽ ادب جا شاھڪار چيا وڃن ٿا ـ ورھاڱي جي نتيجي ۾ ڀريا مان لڏڻ کانپوءِ ھُو ڀارت جي شھر احمدآباد ۾ وڃي آباد ٿيو ـ سندس ڊرامن ۾ قاتل ڪير، چورن مٿان مور ۽ رھجي وياسين ڪنوارا مشھور آھن ـ
ديوان چرنداس ٺاڪرداس گُرسھاڻي : ھُو 24 جُون 1905 تي ڀريا ۾ ڄائو ۽ اڳتي ھلي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪيائين ـ ھن ڪيترائي سنڌي مضمون، ڪھاڻيون، ناول ۽ سوانح لکيا ـ ھن ستر ورھين تائين سنڌي ادب جي خدمت ڪئي ـ ورھاڱي کان اڳ ھن ”ديوان ڪوڙو مل سنڌي ساھتيه منڊل“ جو به بنياد رکيو ۽ انھيءَ اداري طرفان ڪيترائي معياري ڪتاب ڇاپيا ـ ورھاڱي جي نتيجي ۾ ڀارت لڏي ويو ۽ ممبئيءَ جي باندرا علائقي ۾ وڃي آباد ٿيو ـ ھن پندرھن کن ڪتاب لکيا جن ۾ ”سنڌي ساھتيه جو ابو _ ديوان ڪوڙومل چندن مل“ (1927 ۽ 1962) ، ”جِيون مُڪت ڀڳت واڌُو رام“ (1923 ۽ 1966)، ”نانڪ نرڪاري“ ((1969)، ”شِري راڌا ۽ شِري ڪرشن جا پريم آلاپ“ (1971)، ”يوگ وششٽ“ (1979)، ”سُندر سوکڙي“ (1953) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آھن ـ
شِري تلوڪچند گوپالداس : سندس جنم 11 مارچ 1894 تي ڀريا ۾ ٿيو ـ خلقِ خُدا جي خدمت جي جذبي ھيٺ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين ـ نوابشاھه مان ھفتيوار ”ھند سماچار“ اخبار به ڪڍيائين ـ ورھاڱي کانپوءِ اجمير مان روزاني اخبار ”ھندو“ شروع ڪيائين جنھن ۾ وڏي بي ڊپائيءَ سان لکندو ھو ـ سماجي ڪمن لاءِ پنچائت جو به بنياد وڌائين جنھن جي ٽڪيٽ تي ھُو نه رُڳو ميونسپل ميمبر پر پوءِ اسيمبلي ميمبر به چونڊيو ـ
لوڪ نوتاڻي : ھن 31 آگسٽ 1920 تي جنم ورتو ـ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪيائين ـ کيس ڪھاڻي لکڻ تي وڏو عبور حاصل ھو ـ ھن 35 ورھين کان به وڌيڪ سنڌي ادب جي خدمت ڪئي ـ ورھاڱي سبب ڀريا مان لڏي ھندستان جي شھر بڙوده ۾ وڃي آباد ٿيو ـ سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”ماڻھو ڇا چوندا“، ”بُوندون“، ”سنڌ جا درويش“، ”شراب جي بوتل“ ۽ ”سچ جي کوجنا“ شامل آھن ـ
سُندر مُجرم : سنڌي شاعريءَ جو اھم نالو سُندر مينگھراج جڳواڻي ”مُجرم“ 5 جنوري 1925 تي ڀريا ۾ ڄائو ـ سُندر ڪيترائي شعر ۽ ڪھاڻيون تخليق ڪيا جن مان ڪافي اسڪولي نصاب ۾ به شامل رھيا ـ ھُو ”سنجي“، ”ڦُلواڙي“ ۽ ”گلشن“ نالي رسالن جو ايڊيٽر به رھي چُڪو ـ ڀريا ڇڏي ھن احمد آباد ۾ وڃي وڻ وسايا ـ سُندر جي شعري مجموعن ۾ ”نيڻ وھايو نير“ (1976) ۽ ”ڪليون ۽ گُل“ (1978) شامل آھن ـ
ڪشنچند خوبچنداڻي : ڀريا ڄائو ڪشنچند ايسرداس خوبچنداڻي شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار ھو ـ سندس درسي نوعيت جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آھن ـ ھن ناٽڪ به لکيا ته ھدايتڪاري به ڪيائين ـ ”جھرمر“ رسالي جو ايڊيٽر به رھيو ته تعليم سان به ناتو نڀايائين ـ سندس خدمتن عيوض کيس ڪيترائي انعام به مليا ـ پھرين جنوري 1934 تي جنم وٺندڙ ڪشنچند ورھاڱي بعد احمد آباد ۾ وڃي آباد ٿيو ـ سندس ھڪ ناول ڇپيل ملي ٿو جنھن جو نالو آھي ”سُجاتا“ (1963) ـ
سُندر اڳناڻي : ھن سنڌي اديب پھرين آڪٽوبر 1936 تي ڀريا ۾ جنم ورتو ـ ڀارت ۾ ھن فري لانس ليکڪ طور لکڻ شروع ڪيو ـ سُندر اڳناڻي اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا ممبئيءَ جو صدر به رھيو جڏھن ته ھُو ساھتي اڪئڊمي دھليءَ جو ميمبر ۽ راجسٿان سنڌي اڪئڊميءَ جو چيئرمن رھيو ـ کيس بھترين پلي رائيٽ ايوارڊ ۽ پروفيسر منگھارام ملڪاڻي ايوارڊ جو اعزاز به حاصل آھي ـ سندس ڪتابن ۾ ڪھاڻين جا مجموعا ”ننگا پٿر“ ۽ ”پاڻيءَ جا رشتا“، ڊرامن جو ڪتاب ”پاڇا“ ۽ ڪارٽونن جا ٻه ڪتاب ”ٻيو پاسو“ ۽ ”رَھنڊون“ شامل آھن ـ کيس انڊيا جي مشھور ڪارٽونسٽ ھجڻ جو اعزاز حاصل رھيو ـ ھن چار ڊراما به لکيا جن ۾ ”اشتھاري شادي“، ”نَوَ گرھه“، ”مفت جو مال“ ۽ ”اگني سنسڪار“ شامل آھن ـ سندس ناٽڪ ”اشتھاري شادي“ تمام گھڻو مشھور ھو جنھن کي ڪلڪتي ۾ 1964 ۾ ٿيل آل انڊيا سنڌي ناٽڪ فيسٽيول ۾ ٻيو نمبر انعام مليو ھو ـ ھن مجموعي طور 375 سنڌي ڪھاڻيون لکيون ـ کيس ڪيترائي ايوارڊ به مليا جن ۾ ”پاڻيءَ جا رشتا“ ڪتاب تي انڊيا جي تعليم واري وزارت جو ايوارڊ به شامل آھي ـ کيس آمريڪا، فرانس، روس، آفريڪا، برطانيا ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي دوري جو به اعزاز حاصل رھيو ـ ڀريا مان لڏپلاڻ کانپوءِ سندن گھراڻو جئپور، راجسٿان ۾ وڃي آباد ٿيو ـ سندس ئي آڪھه مان ڪنھيا اڳناڻي به سنڌي ادب ۾ نالو ڪڍيو ۽ ايوارڊ ماڻيائين ـ ھُو ورھاڱي کان اڳ نوابشاھه ۾ رھندو ھو ـ
لڇمڻ اُڌارام ڀنڀاڻي : ھن 17 نومبر 1938 تي جنم ورتو ـ ڀارت جي سنڌين جي ھڪ ويب سائيٽ The Sindhu World واضح طور ته نه لکيو آھي ته ڀنڀاڻيءَ جو جنم ڀريا ۾ ٿيو، پر لکيو ويو آھي ڀنڀاڻي ۽ سندر اڳناڻيءَ جو جنم ساڳئي علائقي ۾ ٿيو ـ ڀنڀاڻي ليکڪ ۽ صحافي ھو ـ ڀارت ۾ ھو جئپور مان نڪرندڙ رسالي ”سُھڻي“ جو شريڪ ايڊيٽر، سنڌي ساھت سورڀ رسالي جو چيف ايڊيٽر، اندرا ڌنوش ۽ رھاڻ رسالن جو ايڊيٽر ٿي رھيو ـ ھن 30 اسٽيج ڊرامن ۽ 25 ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ـ ھن اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀا جي جنرل سيڪريٽري ۽ راجسٿان سنڌي اڪئڊميءَ جي ميمبر طور به خدمتون انجام ڏنيون ـ سندس ڪتابن ۾ ”انبوھه کان ٻاھر“ (1986)، ”سُڏڪن ڀريو پلاند“ (1988)، ”ممتا جو موت“ (1995)، ”جھاز جو پنڇي“ (2004)، ڪھاڻين جو مجموعو ”سپنا ۽ سُڏڪا“ (1964)، ناٽڪ ”ممي موٽي آءُ“ (1985)، ”اڍائي اکر پريم جا“ (2000)، مزاحيا مضمون ”راڳ کٽراڳ“ (1993) ۽ ٻارن جو ادب ”روشنيءَ جو رٿ“ (1994) شامل آھن ـ سندس ادبي خدمتن تي کيس راجسٿان سنڌي اڪئڊميءَ جا ٻه ايوارڊ ۽ ڀارتي حڪومت جا ٻه ايوارڊ مليا ھئا ـ
مِھيرواڻ مامتاڻي : سال 1935 ۾ نومبر جي 2 تاريخ تي ڀريا ۾ جنم وٺندڙ مِھيرواڻ کي 12 ورھين جي عمر ۾ مائٽن سان گڏ پنھنجا اباڻا پڊ ڇڏي ڀارت وڃي دھليءَ جي پناھگير ڪئمپ ۾ رھڻو پيو ـ پناھگير ڪئمپ ۾ بيماريءَ جي حالت ۾ ھُو اسڪول نه وڃي سگھيو پر پينسل ۽ پنو کڻي اُبتا سُبتا ليڪا ڪڍندو رھيو ۽ اھو ئي وقت کيس مستقبل جي ھڪ آرٽسٽ طور تيار ڪندو رھيو ـ اڳتي ھلي ھن گذرسفر لاءِ ننڍيون ننڍيون نوڪريون شروع ڪيون ۽ بي اي ڪرڻ کانپوءِ دھليءَ جي انجنيئرنگ ڪاليج جي فائين آرٽ شعبي ۾ شام جي ڪلاسن ۾ داخلا وٺي 1962 ۾ ڊپلوما ڪري ورتائين ـ خوشقسمتيءَ سان سندس صلاحيتن کي مڃتا ملي ۽ 1966 ۾ کيس جرمنيءَ جي اسڪالرشپ حاصل ٿي ته ھڪدم اوڏانھن ھليو ويو جتي ميونخ ۾ رھائش اختيار ڪيائين ـ جرمنيءَ ۾ ھن پنھنجي محنت ۽ صلاحيتن سان پينٽر، گرافڪ ۽ ملٽي ميڊيا آرٽسٽ طور پاڻ مڃرايو ـ اُتي ئي ھن منڊالا ڊانس به شروع ڪئي جنھن ۾ ماسڪ پائي ناچ ڪيو ويندو آھي ـ يُوٽيوب تي سندس اھڙين ڊانسن جون وڊيو موجود آھن ـ جرمنيءَ ۾ ھن اينيميٽيڊ فلمون به ٺاھڻ شروع ڪيون ـ پنھنجي انھن شعبن جي موضوع تي ھن ڪيترائي آرٽيڪل ۽ ڪتاب لکيا ـ سندس مضمون جرمنيءَ جي ناميارن رسالن ۾ ڇپيا ـ کيس 30 کان وڌيڪ ايوارڊ ملڻ جو اعزاز حاصل آھي ـ
دادي لِيلا مامتاڻي: ڀرين ۾ دادي ليلا مامتاڻيءَ جي وڏن جون ماڙيون ھونديون ھيون ـ سندس ننڍپڻ ڀرين ۾ گذريو ۽ پوءِ ڪنڊياري ۾ سترام مامتاڻيءَ سان شادي ٿي ويس ـ ورھاڱي جي نتيجي ۾ کين به لڏڻو پيو ـ دادي ليلا نه رُڳو ليکڪه ۽ شاعره پر سُٺي گائڪه ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر به ھئي ـ ھوءَ مثبت سوچ رکندڙ ۽ ھر پيڙھيءَ جي ماڻھن سان رِلي مِلي وڃڻ واري عورت ھئي ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندي ھئي ـ سندس گھروارو سترام مامتاڻي ٽريڊ يونين اڳواڻ ھو ۽ ڀارتي جنتا پارٽيءَ سان تعلق ھيس ـ ٻئي زال مڙس ڪجھه ورھيه اڳ ديھانت ڪري چُڪا آھن ـ ھندستان جي ھڪ خبر ايجنسي يُو اين آءِ موجب دادي ليلا سال 2016 ۾ وفات ڪري وئي ـ ڪجھه ٻين ذريعن موجب سترام مامتاڻي انڊين ريلوي مان رٽائر ٿيو ـ ٿي سگھي ٿو ته ھُو ريلوي ٽريڊ يونين جو اڳواڻ ھجي ـ
ڀرين ۾ ڪي ديوان 1965 ۽ 1971 وارين جنگين تائين موجود رھيا، جن مان ھڪ ٽھلرام ۽ ٻيو ڄيٺو ھئا ـ ٽھلرام (حشو ڪيولراماڻيءَ جو والد نه) زميندار ھو ـ ٿُلھو متارو شخص ھو پر ڳوٺ جي ماڻھن سان گھڻو اُٿڻ ويھڻ ھئس ـ جيٺو نوجوان وڪيل ھو ۽ ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ ئي پڙھيو ھو ۽ رضاڪاراڻي طور اُتي پڙھائيندو به ھو ـ

سنڌي ساھت جو ابو: راءِ بھادر ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي

سنڌي ساھت جو اَبو راءِ بھادر ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي سنڌ تي 1843 ۾ انگريزن جي قبضي کان ھڪ سال پوءِ ڀرين ۾ ڄائو جيڪو تڏھن ٽن ھزارن کان به گھٽ آباديءَ وارو ھڪ ننڍڙو پر مُنظم ۽ تاريخي ڳوٺ ھو ـ
ويب سائيٽن تي هندستان جي سنڌي اسڪالرن جي ڏنل معلومات توڙي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ مطابق کلناڻي برادري اصل ۾ روهڙيءَ ويجهو اروڙ ۾ آباد هئي ۽ جڏهن عرب جارح سنڌ تي ڪاهه ڪندي ان علائقي ۾ پهتا ته کلناڻي برادري اروڙ ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي وئي ـ ايئن ئي ڪوڙي مل جا وڏا ساهتيه پرڳڻي ۾ نوشهري فيروز جي شهر ڀريا ۾ اچي آباد ٿيا هوندا ـ
ڀريا ۾ ھندو جاتين مان ھڪڙا ھئا عامل ۽ ٻيا ھئا ڀائيبند ـ ڀائيبندن جا وري ٻه مکيه گھراڻا ھوندا ھئا جن مان ھڪ کلناڻي ۽ ٻيو ماکيجاڻي گھراڻو ھو ـ کلناڻين جون به وري ٽي شاخون ھيون جن ۾ آڌاڻي، پاڌاڻي ۽ چنچالاڻي شامل آھن ـ چنچالاڻي برادريءَ جو مُکي ھو ڀائي چنچلداس جنھن کي ليلارام نالي ھڪ پُٽ ھو ۽ تنھن جا وري ٽي پُٽ ھئا _ سيٺ پڳاڙو مل، ڀائي تُلسيداس ۽ ننڍي ۾ ننڍو پٽ ڀائي چندن مل ـ جڏھن 5 آڪٽوبر 1844 تي چندن مل جي گھر ۾ ھڪ ڇوڪر جنم ورتو ته سندس نالو رکيو ويو پريتم، پر جيئن ته ان کان اڳ چندن مل جو ڪوبه اولاد حياتي نه ماڻي سگھندو رھيو، تنھنڪري وھمي عورتن پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ مصري ۽ پتاشا ورھائڻ بدران اوڙي پاڙي ۾ ڪارا مرچ ورھائڻ سان گڏ ٻار کي به ڪوڙو سڏڻ شروع ڪيو ـ جيئن ته انھن ڏينھن ۾ عورتون مردن کي نالي سان نه سڏينديون ھيون تنھنڪري پريتم کي به ھنن انھيءَ نالي سان سڏڻ بدران ديوان ڪسارو (ڪوڙو) سڏڻ شروع ڪيو ۽ ايئن پريتم سڄي ڄمار ننڍن توڙي وڏڙن لاءِ ڪوڙو مل بڻجي ويو ۽ ھُو پنھنجي لاءِ به انھيءَ نالي کي اھميت ڏئي عملي زندگيءَ ۾ نالي جي معنى جي اُبتڙ پيار محبت، نياز نئڙت ۽ علم جو پيغام پکيڙيندو رھيو ـ
ڪوڙو مل پنھنجي ٻاراڻي وھيءَ کان وٺي سادگي پسند ھو ـ ڪپڙي لٽي کان وٺي کاڌي پيتي تائين ھر ڳالھه ۾ ھن سادگي اختيار ڪئي ـ کيس لکڻ پڙھڻ سان وڏو چاھه ھو ۽ اھو شوق کيس ڀر واري ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾ آخوند سليمان جي مڪتب تائين ساڙيندڙ ڪاڙھي توڙي ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ پيرين پنڌ وٺي ويندو ھو ڇو ته تن ڏينھن ۾ ڀرين ۾ تعليم جي سھولت ڪانه ھئي ـ روزانو ھُو مانيءَ ٽُڪر ٻڌي کڻي ويندو ھو ۽ وري سانجھيءَ جو گھر موٽي اچي ماني کائيندو ھو ـ ڪوڙو مل 1849 کان 1855 تائين ڇھه ورھيه آخوند سليمان وٽ پڙھيو ـ ھُو اُتي جيڪو ڪجھه پڙھندو ھو، اُھي سبق وري گھر اچي رات جو دير تائين ورجائيندو ھو ۽ اڪثر ٻاھر گھٽيءَ ۾ ميونسپلٽيءَ جي شمعدان ھيٺان ويھي پيو پڙھندو رھندو ھو ـ ديوان پنھنجي استاد جي وڏي عزت ڪندو ۽ ان جي ھر فرمائش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ـ جيڪڏھن مائٽ ان فرمائش کي پورو نه ڪري سگھندا ھئس ته ديوان ڪاوڙجي رُسي وڙھي گھر ڇڏي اوڙي پاڙي ۾ ڪنھن گھر ۾ وڃي ويھي رھندو ھو ـ جڏھن نوشھري فيروز جي پھرين اسسٽنٽ ڪليڪٽر جيمس صاحب 1855 ۾ ڀريا ۾ پھريون سرڪاري اسڪول قائم ڪيو ته ڪوڙي مل اُتي داخلا ورتي ـ ان وقت کيس ڪجھه فارسي ڪتاب ۽ تعليم کاتي جي منشي ننديرام سيوھاڻيءَ جا پراڻي ادب جا ٽي چار سنڌي ڪتاب پڙھڻ جو موقعو مليو ـ ھن سنڌي ٻوليءَ جا ڪي مشھور ڪتاب ”مختصر ڌرتي نروار“ ۽ ”حڪايت الحسيني“ به پنھنجي طور پڙھي ورتا ـ ڪوڙومل تمام تيز ۽ ھوشيار ٻار ھو تنھنڪري ھن سنڌيءَ سان گڏ فارسي ٻولي به سکي ورتي جنھن تي کيس چڱي مھارت حاصل ٿي وئي ھئي ـ ھندستان ۾ رھندڙ سنڌين جي ھڪ ويب سائيٽ “سنڌي شان” تي ھڪ ليکڪ پي ڊي ڄيٺواڻيءَ جي رکيل مضمون “سنڌ جو ھڪ عظيم جھونو انسان” موجب ڪوڙي مل جي مھارت جي ڪري سنڌ جي ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر کيس ماھوار 25 رپيا اسڪالرشپ ڏيڻ سان گڏ ”ڇوڪراڻو ٽرانسليٽر“ به مقرر ڪري ڇڏيو ـ ڄيٺواڻي لکي ٿو ته چوڏھن ورھين جي عمر ۾ ھن ڀرين کان حيدرآباد تائين 120 ميل اڪيلي سِر اُٺ تي سفر ڪيو ۽ واٽ تي ڏھه ٻارھن پڙاءَ ڪندو اُتي پھتو ته جيئن انگريزي ٻولي سکي سگھي جو تن ڏينھن ۾ ڪوٽڙي ۽ روھڙيءَ وچ ۾ ريلوي اڃان شروع نه ٿي ھئي ـ ان کانپوءِ سيڪنڊري تعليم پڙھڻ لاءِ ھُو ڪراچيءَ ويو ـ ديوان ڪوڙي مل جي لاڏاڻي کانپوءِسندس نالي تي ٺاھيل “ڪوڙو مل سنڌي ساھتيه منڊل” جي ڇپرايل ڪتابڙي “سنڌي سونھارا” ۾ ديوان ڪوڙي مل تي ڇپيل مضمون جو ليکڪ چرنداس ٺاڪرداس گرسھاڻي لکي ٿو ته انھيءَ وقت سڄيءَ سنڌ جو ھڪڙو ئي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ھوندو ھو ۽ ڪراچيءَ ۾ تڏھن پھريون نارمل اسڪول کُليو ھو جتي سنڌي علم کي سُڌارڻ ۽ اُستادن کي سکيا جو ڪم ٿيندو ھو ـ اھو ئي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر گشت تي نڪرندو ھو ۽ لائق شاگردن کي ھمٿائيندو ھو ـ ڀرين جي منزل تي ھن صرف ٽي ڇوڪرا چونڊيا ھئا جن مان ھڪ ھو ڪوڙو مل ـ ھن مضمون ۾ توڙيا 16 ڊسمبر 1945 تي ورسيءَ جي موقعي تي ساڳئي ساھتي منڊل پاران ڇپرايل “سرڳواسي راءِ بھادر ديوان ڪوڙي مل چندن مل جا مختصر جيون چرتر” جي نالي سان ٽھلرام آسودو مل وڪيل جي ڪتابڙي ۾ ديوان ڪوڙي مل جو حيدرآباد وڃي پڙھڻ جو ذڪر نٿو ملي جنھن جو مطلب ته ھُو ڀرين مان سڌو ڪراچيءَ پڙھڻ ويو ھو جتي نارمل اسڪول ۾ شاگردن کي ماھوار ڏھه رُپيا اسڪالرشپ ملندي ھئي ـ سال 1987 ۾ جمال الدين مومن جي ڇپرايل ڪتاب ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۾ ھن 1927 ۾ ڪنھن شخص جو لکيل ھڪ مضمون شامل ڪيو آھي جنھن ۾ پڻ ٻڌايو ويو آھي ته جيئن ته چندن مل پوري پُني ڀڳت وارو ھو تنھنڪري ھن ضروري ڄاتو ته سندس پُٽ دال روٽي جلد ڪمائي سگھي ته چڱو ۽ انھيءَ ڪري پنھنجي پٽ کي پڙھائيءَ کان اُٿاري نوشھري فيروز ۾ مختيارڪاريءَ اڳيان عريضين لکڻ جي ڪم تي ويھاريائينس پر جيئن ته اُتي ڪا گھڻي ڪمائي ڪانه ھئي تنھنڪري ٻه چار ڏينھن ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڪمائي نه ڏسي ڪوڙو مل واپس ڀريا ھليو آيو ـ اھو ئي وقت ھو جڏھن ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر کيس ڪراچيءَ ۾ تعليم لاءِ چونڊيو ـ مضمون ۾ لکيل آھي ته ڪوڙو مل ڏھه ٻارھن منزلن کانپوءِ وڃي ڪراچيءَ پھتو جتي سندس والد چندن مل به ڌنڌو ڌاڙي ڪندو ھو ۽ چندن مل جو وڏو ڀاءُ پيسو مل به دلالي (بروڪر) جو ڪم ڪندو ھو ـ ڪوڙو مل به وٽن وڃي رھيو ھو ـ
ڪراچيءَ جي نارمل اسڪول ۾ سنڌيءَ سان گڏ ٻه چار انگريزي ڪتاب به پڙھائيندا ھئا ـ ديوان ڪوڙو مل ذھين ته شروع کان ھو سو انگريزيءَ ۾ به ڀَڙ ٿي ويو ـ ان زماني ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ شاگردن کي بمبئيءَ وڃڻو پوندو ھو ـ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر گولڊ سمٿ نارمل اسڪول جي شاگردن مان ھن تي اچي بيٺو ۽ چيائينس ته بمبئي وڃي مئٽرڪيوليشن ڪرڻ لاءِ تيار ٿيءُ ـ ان وقت بمبئيءَ لاءِ ويھه رُپيا ماھوار اسڪالرشپ ملندي ھئي ـ منجھس انڪار واري فطرت ته ھئي ڪانه، سو ھُو ھڪدم تيار ٿي ويو ـ سال 1862 ۾ پھريان چار ڇوڪرا مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءَ ڪراچيءَ مان اسٽيمر ذريعي بمبئيءَ روانا ٿيا جن ۾ ڪوڙو مل به شامل ھو ـ ان مرحلي تي خبر پوي ٿي ته ديوان ڪوڙي مل جو ھڪ ڀاءُ به ھوندو ھو ـ ٽھلرام آسودو مل لکي ٿو ته ”پيءُ ۽ ڀاءُ کان موڪلائي ڪوڙو مل بمبئيءَ ۾ اچي اسڪول ۾ داخل ٿي مئٽرڪ امتحان لاءِ تياري ڪرڻ لڳو“ ـ ساڳي ڳالھه چرنداس ٺاڪرداس به پنھنجي ليک ۾ ٻڌائي آھي ـ
بمبئيءَ ۾ رھڻ دوران کين سادگيءَ سان رھڻو پيو ۽ ماني به پاڻ پچائڻي پوندي ھئي ـ سادگي اختيار ڪري ڪوڙو مل ويھه رُپين مان به ڪجھه نه ڪجھه بچائي وٺندو ھو ـ جلد ئي سندن ھڪ ساٿي ديوان ڏيارام ڄيٺمل بيمار ٿي پيو ۽ امتحان ڏيڻ کانسواءِ بمبئي ڇڏي موٽي آيو ـ باقي ٽن ڄڻن مان فقط ديوان چُوھڙ مل پنجابي پاس ٿيو ۽ ٻه ڄڻا ديوان نَوَل راءِ شونقورام ۽ ڪوڙو مل امتحان ۾ ناڪام ٿي موٽي آيا ـ سفر جي سختين کان بيزار ديوان ڪوڙي مل وري امتحان لاءِ وڃڻ جو ارادو لاھي ڇڏيو ۽ وڌيڪ پڙھائي به ڇڏي ڏنائين ـ
جيئن ته ڪوڙو مل ھوشيار ۽ ذھين ھو تنھنڪري کيس ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر آفيس ۾ 30 رپيا ماھوار پگھار تي ڪلارڪي ملي وئي ـ واندڪائيءَ جي وقت ھو پھرين، ٻئين ۽ ٽئين درجي وارن شاگردن لاءِ سنڌيءَ ۾ جيوميٽري به ترجمو ڪندو رھيو ـ سال 1866 ۾ جڏھن سندس اھي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا ته انھن کي اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ درسي ڪتابن طور شامل ڪيو ويو ـ اھو ئي زمانو ھو جڏھن ٺاروشاھه مان سندس پرڻو ٿيو ـ جلد ئي راءِ صاحب نارائڻ جڳناٿ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو جنھن سان بمبئي ۾ به سندس ملاقات ٿي ھئي ـ ھن ڪوڙي مل جي صلاحيتن کي ڏسي کيس تعليم کاتي ۾ آڻي حيدرآباد جي نارمل اسڪول ۾ اسسٽنٽ ٽيچر مقرر ڪيو ـ ٽھلرام موجب لوئر سنڌ جي سھولت لاءِ ڪراچيءَ وارو نارمل اسڪول حيدرآباد کڄي آيو ھو ـ سُتت ئي وري کيس شڪارپور جي اينگلوورنيڪيولر اسڪول ۾ ھيڊ ماستر جو عھدو ڏنو ويو ـ انھيءَ وقت سندس عمر فقط 24 ورھيه ھئي ـ ھُو اُتي پنھنجي ٻارن ٻچن سان خوش رھڻ لڳو پر وري کيس سکر جي نئين کوليل نارمل اسڪول ۾ ھيڊ ماستر ڪري موڪليو ويو ـ ان وقت ھن پنھنجا ٻار ٻچا ڳوٺ موڪلي اڪيلو اتي رھڻ شروع ڪيو ـ ان وقت سندس پگھار سوا سئو رُپيا ھئي جيڪا ان زماني جي حساب سان تمام وڏي پگھار ھئي ـ ھُو جڏھن ٻارن کي ڳوٺ ڇڏڻ آيو ته آخوند سليمان به ملڻ آيس جنھن جو مڪتب اسڪول کلڻ سبب ڦِٽي چُڪو ھو ۽ پاڻ بيروزگار ھو ـ استاد جي اچڻ جو ٻُڌي ديوان ڪوڙو مل پاڻ بازار ۾ وڃي پيرين پئي کيس مليو ۽ اوطاق تي وٺي آيو جتي سندس خاطر مدارت ڪرڻ سان گڏ ڪجھه روڪ رقم به ڏنائينس ۽ پوءِ به ھر مھيني سندس مالي مدد ڪندو رھيو ـ ديوان صاحب اھڙي طرح ٻين محتاجن جي به لڪ ڇُپ ۾ مالي سھائتا ڪندو رھندو ھو ـ
سندس صلاحيتن کي ڏسندي اڳتي ھلي کيس سنڌي ٽرانسليٽر مقرر ڪيو ويو جنھن دوران ھن درسي ڪتاب تيار ڪيا ۽ 1874 کان 1876 تائين چوٿين، پنجين، ڇھين ۽ ستين درجي وارن لاءِ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا جن کي پڻ درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو جيڪي ويھين صديءَ جي پھرين ڏھاڪي تائين به پڙھايا ويندا ھئا ـ
ديوان ڪوڙي مل جي سخت پورھئي ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي کي ڏسي انگريز سرڪار حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي ھٿ ھيٺ اڍائي سئو روپيا پگھار تي ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪري مٿس سٽي سروي ۽ انڪم ٽئڪس جي تپاس جو ٻوجھه وڌو جيڪو پڻ ھن خير خوبيءَ سان مڪمل ڪيو ـ ان دوران ھن روينيو ۽ جڊيشل امتحان به پاس ڪري ورتا ھئا جنھنڪري کيس سٽي مئجسٽريٽ جي چارج به ڏني وئي ۽ ان حيثيت ۾ سندس پھرين پوسٽنگ شڪارپور ۾ ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ ٿي ـ سندس عدل ۽ انصاف، اڻ ڌُرئي ۽ ايمانداريءَ واري عمل ۽ ايمانداريءَ جي نتيجي ۾ کيس ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو جنھن عھدي تي ھو ست سال فائز رھيو ۽ روھڙي ۽ ھالا ڊويزنن ۾ ڪم ڪندو رھيو پر جيئن ته ڪوڙو مل نه خوشامدي ھو ۽ نه ئي ڪنھن جو اجايو پاسو وٺندو ھو، تنھنڪري کيس روينيو کاتي مان وري واپس تعليم کاتي ۾ موڪليو ويو ۽ سرڪار جي سينٽرل ڊپو شعبي ۾ ڪسٽوڊين ۽ ٽرانسليٽر جون ذميواريون ڏنيون ويون ـ اھو سڀ ڪجھه تڏھوڪي ڪمشنر آرڪسن جي زماني ۾ ڪوڙي مل جي ايمانداري ۽ اڻ ڌُرئي ڪردار کان ناخوش ٿي سزا طور ڪيو ويو ـ
ان دور ۾ ڪوڙي مل جي گھر واري لاڏاڻو ڪري وئي تنھنڪري ڊپوءَ جي چارج وٺڻ کان ھڪدم پوءِ ھو ٽن مھينن جي موڪل تي واپس ڀريا ھليو ويو ۽ سکر مان ٻيو پرڻو ڪيائين ـ جڏھن ضبط يا رد ڪيل ملڪيتن وارو کاتو، جنھن کي عام طور کُٽل کاتو سڏيو ويندو ھو، قائم ٿيو ته ڪوڙي مل کي ان ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ڪري رکيو ويو ۽ پنھنجي اھليت جي آڌار ٿوري وقت ۾ ئي ترقي ڪري مئنيجر ٿيو ـ کانئس سينئر آفيسر کيس پنھنجو ماتحت نه پر دوست سمجھندا ھئا ـ جڏھن انگريز سرڪار انڊين سِول سروس جي ھڪ آفيسر کي کاتي جو مئنيجر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان وقت جي ھڪ ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر مسٽر جيڪب ديوان ڪوڙي مل جي صلاح سان حيدرآباد ۾ مرد استادن لاءِ ٽريننگ ڪاليج قائم ڪيو ۽ ديوان ڪوڙي مل کي انھيءَ جو پھريون پرنسيپال مقرر ڪيو ـ ھن تعليم کاتي جي پنجويھه ورھيه خدمت ڪئي ـ سال 1886 ۾ ھن سرڪار جي مدد سان ڀريا ۾ اسڪول قائم ڪيو جيڪو سندس لاڏاڻي کانپوءِ ڪوڙو مل چندن مل اڪئڊميءَ جي نالي سان مشھور ٿيو ـ
ٽھلرام آسودومل لکي ٿو ته پھريائين سال 1865 ۾ ديوان صاحب جي ڪوشش سان ڀرين جو ورنيڪيولر اسڪول ائنگلو ورنيڪيلر اسڪول جي درجي تي آندو ويو ـ
ديوان صاحب پنھنجي کيسي مان پئسا ۽ پنھنجو وقت ڏئي نياڻين جي تعليم لاءِ ڀرين ۾ ”ڪنيا پاٺشالا“ برپا ڪئي جنھن ۾ سنڌي ۽ گُرمکي سيکارڻ سان گڏ سبڻ، ڀرت ۽ بدني ورزش تي به ڌيان ڏنو ويندو ھو ـ ڪنيا پاٺشالا جي عمارت به ديوان صاحب جي ڪوششن سان مڪمل ٿي ـ
ديوان صاحب کي نياڻين جي تعليم جو اُونو شروع کان ئي ھو پر جڏھن ھُو نارمل اسڪول سکر جو ھيڊماستر ٿي آيو ته ان وقت ھن نياڻين جي تعليم لاءِ گھڻيون ڪوششون ورتيون جنھن تي پراڻي سوچ جا ھندو جاتيءَ وارا مٿس گھڻو ڪاوڙيا ـ ديوان صاحب ھمت نه ھاري ۽ پنجاب جي ھڪ ودوان پنڊت کي پاڻ سان ملائي ھڪڙو ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين جنھن ۾ پنڊت جا ويدن ۽ سمرتين جي حوالن سان ٻڌايل شلوڪ شامل ڪيائين جن ۾ نارين جي تعليم لاءِ زور ڀريل ھو ۽ تعليم کي نارين جو حق ڄاڻايل ھو ـ اھو ڪتاب 1882 ۾ ”پڪو پھه“ نالي سان ڇپيو ـ
حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج جي پرنسيپال طور خدمتون سرانجام ڏيندي ديوان ڪوڙي مل صحت ۽ ٻين شعبن ۾ به سماجي ڀلائيءَ وارا ڪم ڪيا ـ جڏھن 1897 ۾ پھريون ڀيرو وبا پکڙي ته ھن حيدرآباد ۾ پلئگ آفيسر Plague Officer طور ڪم ڪيو ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي ھيٺ ڏينھن رات ڪم ڪري بيمار ماڻھن جي خدمت ڪئي ۽ پنھنجي صحت جي به پرواھه نه ڪئي ـ آڪٽوبر 1899 ۾ ھو رٽائر ٿيو ۽ وبا واري زماني ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور سرڪار کيس راءِ بھادر جو لقب ۽ 1160 ايڪڙ زرعي زمين عطا ڪئي جيڪا سانگھڙ ضلعي ۾ موجوده ڄام نواز خان تعلقي ۾ ھئي ـ سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ به انگريز سرڪار سندس صلاحيتن مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس انگريز آفيسرن جي مدد لاءِ ديسي ٻولين جي حوالي سان اگزئمنر ڪري رکيو ـ ھو ڪيترائي ورھيه تعليم کاتي جي درسي ڪتابن واري ڪميٽيءَ جي ميمبر طور به ڪم ڪندو رھيو جتي سندس خدمتون ساراھه جوڳيون رھيون ـ حيدرآباد ۾ ميوچل ھندو فئملي رليف فند ۽ سوسائٽيءَ جي ڪمن ۾ به ھو سرگرم رھيو ـ حيدرآباد ۾ ديوان صاحب ٻه بنگلا ۽ ڪجھه ٻي ملڪيت به ٺاھي ورتي ھئي جنھنڪري ان شھر سان به گھڻو لڳاءُ رھيس ـ
ھن سماج سُڌارڪ طور به پاڻ مڃايو ۽ ساھتي پرڳڻي ۾ مقامي سطح تي تڪرارن کي ختم ڪري ميٺ محبت سان رھڻ لاءِ غير سرگرم پئنچائتن کي سرگرم ڪرڻ سان گڏ ڪيترن ئي ھنڌن تي نيون پئنچائتون به قائم ڪيون ۽ برادرين منجھه مدي خارج ريتن رسمن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون جن ۾ شادين وقت اجايا خرچ بند ڪرڻ، ڏاج جي لعنت ختم ڪرڻ ۽ شراب جي واھپي کي روڪڻ وغيره شامل آھن جنھن ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيو ـ نوجوانن کي شراب جي واھپي کان بچائڻ جي حوالي سان ھڪ واقعو مشھور آھي ـ چون ٿا ته ھندن جي ڪنھن ڏڻ تي شراب جي واھپي کي روڪڻ لاءِ ديوان صاحب شراب وڪڻندڙ کان پنھنجي پئسن تي سمورو شراب وٺي ھاري ڇڏيو ھو ـ ليکڪ پي ڊي ڄيٺواڻيءَ موجب ديوان ڪوڙي مل ڀرين ۾ ھڪ پبلڪ لائبريري به قائم ڪئي ھئي ـ
سال 1916 ۾ بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ويلنگٽن پُونا ۾ تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي ته سنڌ مان ٽن تعليمي ماھرن ديوان ڪوڙي مل، مرزا قليچ بيگ ۽ ديوان ٻولچند ڏيارام کي ان ۾ دعوت ڏئي گھرايو ويو ـ ديوان ڪوڙو مل تعليم ۽ سماجي ڀلائيءَ جي شعبن جو اھم ٿنڀو ھو جنھن پنھنجي حياتيءَ جو وڏو حصو انھن شعبن ۾ خدمت ڪندي گذاريو. ديوان ڏيارام گدومل انھن ڪمن ۾ سدائين ساڻس گڏ رھيو ـ ديوان ڪوڙو مل سنڌي ساھت جو اڻ مُلھيو ھيرو ھو جنھن ٻين ٻولين مان ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ادب کي شاھوڪار ڪيو ـ ھن ڪيترائي مضمون به لکيا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پھرين مضمون نگار طور نالو پيدا ڪيو ـ سندس مضمون نَوَن لکندڙن جي لاءِ مشعلِ راھه ثابت ٿيندا رھيا ـ اثرائتين لکڻين ۽ ٻوليءَ تي دسترس ھجڻ جي ڪري تعليم کاتي جا عملدار صحيح سنڌي لکڻ لاءِ ساڻس صلاح مشورو ڪندا ھئا ـ تعليم ۽ ادب ۾ سندس ڪردار جي ڪري کيس ”سنڌي ادب جو ابو“ سمجھيو ويندو ھو ـ
ديوان ڪوڙي مل کي پنج ٻوليون ته اڳ ئي اينديون ھيون پر پوءِ ھن بنگالي ٻولي به سکي ورتي ۽ بنگالي ادب مان به ڪافي شيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين جن ۾ چندر چئٽرجيءَ جو ڪتاب ”راڌا راڻي“ ۽ ٻيا ڪتاب جھڙوڪ ”کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي“، ”چندر مُکي“ ۽ ”روھني“ شامل آھن ـ ھن مزاح جي موضوعن تي به ڪتاب لکيا جن ۾ ”ٽھڪ ئي ٽھڪ“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل ھئا ـ سنسڪرت ٻوليءَ مان ھن ”رتناولي“ نالي سان ناٽڪ به ترجمو ڪيو جنھن کي پھرين سنڌي ناٽڪ جي حيثيت حاصل آھي ـ ديوان ڪوڙي مل ٻاراڻي ادب کي به نظرانداز نه ڪيو ۽ 1891 ۾ ”ٻاراڻا گيت“ ۽ ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ نالي سان ٻه ڪتاب لکي ڇپرايائين ـ سندس ٻين ڪتابن ۾ ”مھاتمائن جا درشن“، ھندستان جي مشھور عورتن بابت ڪتاب ”آريا ناري چنترا“، ”ڀشما پتامھا“ ، ”ڀڳتن جون سکيون“، ”ڦُول مالھا“، ”ڀڄن مالھا“، ”سنگ جو پرسنگ“، ”رُوپاوَتي“، ”ھندستان جي تاريخ“، ”قصو مک ۽ ڪوريئڙي جو“، ”راجا رام موھن“ ، ”راءِ جِيون چنترا“، ”ڀڳتن جون جيواڻيون“، ٽئگور جي ليڪچرن جو ترجمو ”ھري درشن“، انگريزي ڪتاب ”ڪولمبس جي تاريخ“ جو ترجمو، ”ٻه منڊيون“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آھن ـ پئنچائتن، صحت، لوڪ گيتن ۽ ٻين انيڪ موضوعن تي لکيل سندس مضمون به ”ساھتڪ پشپ“ نالي سان ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپيا ـ ديوان ڪوڙي مل جا ڪل 58 ڪتاب ڇپيا جن مان 54 سندس حياتيءَ ۾ ۽ چار ڪتاب لاڏاڻي کانپوءِ ڇپرايا ويا ـ ديوان صاحب ھڪ ڊڪشنري به تيار ڪئي جنھن کي پھرين سنڌي انگريزي ڊڪشنري سمجھيو وڃي ٿو ـ ديوان صاحب جو ھڪ ٻيو ڪتاب جيڪو سندن لاڏاڻي کانپوءِ ڇپيو، اھو آھي ”آوازِ اخلاق“ ـ سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل ان ڪتاب جا ڇھ ايڊيشن پھريائين ڇپجي چُڪا ھئا ۽ ستون ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ 1978 ۾ ڇپرايو ھو ـ
ديوان ڪوڙي مل جو ھڪ ٻيو وڏو احسان سنڌي ساھت تي اھو ھيو ته ھن گُرمکي لِپيءَ ۾ لکيل ساميءَ جا شلوڪ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا ـ جيڪڏھن ڪوڙو مل ساميءَ جا شلوڪ ترجمو نه ڪري ھا ته اڄ تائين دنيا کي ساميءَ جي شاعريءَ جو پتو به ڪونه پوي ھا ـ ڀائي چنراءِ بچومل، جنھن پنھنجو تخلص پنھنجي گُرو سامي منگراج جي نالي سان اختيار ڪيو، شڪارپور جو ھو ۽ ھن پنھنجي 120 سال حياتيءَ (1730 کان 1850) ۾ھزارين شلوڪ لکيا ھئا ـ شڪارپور ۾ پنھنجي پوسٽنگ دوران ديوان ڪوڙي مل 2100 شلوڪ ھٿ ڪري انھن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٽن جِلدن ۾ ترتيب ۾ آندائين ـ پھرين جِلد ۾ ساميءَ جا 540 شلوڪ شامل ھيا ۽ ٻئي جِلد ۾ 781 شلوڪ ۽ اھي ٻئي جِلد ديوان ڪوڙي مل جي حياتيءَ ۾ ئي ڇپيا جڏھن ته 799 شلوڪن تي مشتمل ٽيون جِلد ديوان جي لاڏاڻي کانپوءِ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ـ پھريون جِلد 1885 ۾ ڇپيو ھو جنھن ۾ ڏکين لفظن جي معنى به شامل ھئي جڏھن ته ٻيو جِلد 1892 ۾ ڇپيو ـ سندس ترجمو ڪيل ساميءَ جي شلوڪن وارن ٽن جِلدن جا ڪيترائي ايڊيشن ورھاڱي ٿيڻ تائين ڇپجي چُڪا ھئا ـ رُڳو 1921 تائين، يعني ديوان جي لاڏاڻي جي پنج ورھين اندر پھرين ٻن جِلدن جا چار ايڊيشن ڇپجي چُڪا ھئا ـ
پي ڊي ڄيٺواڻيءَ موجب ديوان ڪوڙي مل جي مضمونن جو مجموعو ”ساھتڪ پُشپ“ ديوان جي فرزند پروفيسر منوھر داس ساھتيه اڪئڊميءَ پاران 1960 ۾ ڇپرايو ھو ـ
سنڌ جي ساڌُو ھيرانند، نَوَلراءِ ۽ بنگال جي مھاتما ڪئشپ چندر جي ساٿ ۾ رھندي ديوان ڪوڙومل برھمو سماج نظرئي جو پوئلڳ ٿي ويو ۽ حيدرآباد ۾ ھرھفتي برھمو مندر ۾ ليڪچر به ڏيندو ھو ـ سندس خطابت ۾ ايترو ته اثر ھوندو ھو جو ٻڌندڙن تي ڄڻ ته جادو ڇائنجي ويندو ھو ـ برھمو سماج جو پيروڪار ھجڻ سبب ھو مذھبي متڀيد جو قائل نه ھو ۽ مورتين جي پُوڄا جو به انساني سماج جي سڌاري لاءِ مخالف ھو ۽ اڪثر پنھنجي شاگردن کي به ان کان روڪيندو ھو ـ اڪثر ھُو جيلن ۾ وڃي قيدين کي به چڱو انسان ٿيڻ جون نصيحتون ڪندو ھو ـ عيدن جي موقعي تي جيلن ۾ وڃي مسلمان قيدين کي ليڪچر ۽ سوکڙيون به ڏيندو ھو ـ
بنا ڪنھن متڀيد جي انسانذات جي خدمت لاءِ پاڻ اَرپي حياتي گھاريندڙ ديوان ڪوڙي مل 73 ورھين جي ڄمار ۾ 16 ڊسمبر 1916 تي پنھنجي جنم ڀومي ڀريا ۾ ئي آخري پساھه کنيا ـ ٽھلرام آسودومل وڪيل لکي ٿو ته ڊسمبر 1916 جي پھرين ھفتي ۾ ديوان صاحب جو زمين تي وڃڻ ٿيو ـ واٽ تي کيس سرديءَ جو لوڏو اچي ويو ـ جيئن ئي گھر موٽي آيو تيئن ئي بخار چڙھي ويس ۽ ڇاتي ۽ پاسي ۾ سُور وٺي ويس ـ علاج جي نتيجي ۾ چئن پنجن ڏينھن اندر ڪجھه آرام مليس پر بخار اڃان نه لٿس ـ ھڪ ڏينھن جيئن ئي ھُو وھتو ته اڃان لوڏو اچي ويس ـ ڦڦڙ به خراب ٿي پيس ته ڊبل نمونيا ٿي ويس ـ نيٺ 16 ڊسمبر تي شام جو ستين وڳي ڌاري پرلوڪ پڌاريائين ـ
ديوان ڪوڙي مل جو جِيون چرتر لکندڙ مٿيان ٽئي ليکڪ لکن ٿا ته سندس مرتئي جي خبر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي ۽ چوڌاري يادگار گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون ـ ڪن سرنديءَ وارن ڪميٽيون قائم ڪيون ته جيئن ديوان صاحب لاءِ ڪو يادگار قائم ڪجي ـ پر ھر ڪنھن ڌار ڌار ان ڏس ۾ ڪم ڪيو ـ ڀريا جي ھاءِ اسڪول تي ديوان ڪوڙي مل جو نالو رکيو ويو جيڪو سندس ئي ڪوششن سان قائم ٿيو ھو ـ ڀريا ۾ ئي سندس گھر جي ڀرسان باغ ۾ ديوان صاحب جي سماڌ پڻ ٺھرائي وئي جڏھن ته سکر ۾ سُڌار سڀا جي بانيڪارن سندس ياد ۾ ھڪ گيسٽ ھائوس تعمير ڪرايو ـ ڪجھه وقت گذرڻ کانپوءِ ديوان صاحب جي فرزند منوھر داس ۽ ڀاءُ ھريسندر روپچند گڏجي سکر ۾ ”ڪوڙومل سنڌي ساھتيه منڊل“ قائم ڪري ديوان صاحب جا اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ اڳئي ڇپيل ڪتاب ٻيھر ڇپرائڻ شروع ڪيا ـ انھيءَ منڊل جي مالي سھائتا لاءِ ھنن نه رُڳو پنھنجي کيسي مان پئسا پر ديوان صاحب جا اڳئي ڇپيل ڪتاب وڪري لاءِ ڏنا ـ ڪوڙو مل ساھتيه منڊل جي آفيس بعد ۾ حيدرآباد ۾ کاھي روڊ تي قائم ٿي جتان ھر سال سندن ياد ۾ ”جيون چرتر“ ڇپرايا ويندا ھئا ـ ساھتيه منڊل پاران حيدرآباد جي سول اسپتال م به ھڪ لائبريري کولي وئي جنھن کي 25 روپيا گرانٽ به ڏني ويندي ھئي ـ
ھڪ ويب سائيٽ تي هندستان جي سنڌي اسڪالرن لکيو آهي ته ڪوڙي مل جاپونئير خوشحال هئا ۽ هوريان هوريان ڀريا ڇڏي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيندا ويا ـ انهن مان ٻن ڄڻن جا نالا ڀائي کلڻ مل (کلڻداس) ۽ منگهراج ٻڌايا وڃن ٿا ـ سال 1947 ۾ ورهاڱي وقت اهي به هندستان لڏي ويا پر ڪوڙي مل سان سندن رشتو ڪھڙو ھو تنھن جي ڄاڻ ڪانھي ـ
جمال الدين مومن جي ڪتاب ۾ شامل ليک ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ٻي شاديءَ کانپوءِ سکر ۾ رھڻ دوران ديوان جي ڪٽنب ۾ واڌ ٿي ۽ سندن گھر ۾ ٽن ٻارن جنم ورتو جن ۾ ھڪ پٽ قيمت نالي، ٻي نياڻي ۽ وري ٽيون پٽ مولچند جيڪو پوءِ سپرنٽينڊنگ انجينئر انڊس ليفٽ بئنڪ آفيس جو ھيڊ ڪلارڪ ٿيو ـ ان ليک موجب قيمت نالي پٽ ڀرين ۾ ماتا ۾ اُٿليو ـ
ھندستان ۾ رھندڙ ديوان ڪوڙيمل جي پڙپوٽي وِجي جي ڏنل تفصيلن موجب ديوان ڪوڙو مل چندن مل جو فرزند منوھر داس ھو (جيڪو پڪ سان پھرين گھرواريءَ مان ھوندو) جنھن پنھنجي پھرين گھر واري امبيءَ کي طلاق ڏئي ٻي شادي ڪئي جنھن مان کيس ٻه پٽ نرنجن ۽ اشوڪ پيدا ٿيا ـ منوھر ۽ امبيءَ جي طلاق جو ڪارڻ به ھن دلچسپ ٻڌايو جنھن موجب امبي ديوي، جيڪا راءِ بھادر ڪُندن داس ڪيسواڻيءَ جي ڌيءَ ھئي، اليڪشن ۾ بيٺي پر ھڪ ووٽ تان ھارائي وئي ـ جڏھن کيس خبر پئي ته سندس مڙس منوھر کيس ووٽ ڪونه ڏنو ھو ته ان تان نوبت طلاق تائين پھچي وئي ـ ان طلاق جو اثر امبي ديويءَ جي ٻين ڀينرن گوري، ڊولي، نرملا ۽ رتنا تي پيو جن سڄي عمر شادي ڪانه ڪئي ته متان شاديءَ کانپوءِ ساڻن به اھڙي صورتحال پيش اچي ـ
امبي ديويءَ مان جنم وٺندڙ نرنجن جي گھرواريءُ جو نالو چترا ھو ۽ اھي نئين دھليءَ ۾ آباد ٿيا جڏھن ته اشوڪ ۽ سندس گھر واري رينو آمريڪا ۾ رھڻ لڳا ـ
وِجي پنھنجي والد نرنجن جا ڪافي تفصيل ھن ڪتاب جي ليکڪ کي موڪليا جن موجب نرنجن جو جنم سکر سنڌ ۾ 27 نومبر 1922 تي منوھر ٿيو ـ نرنجن منوھرداس کلناڻي بابت وڌيڪ تفصيل ھن کان اڳئين باب ۾ ڏنل آھن ـ
وِجي ٻڌايو ته سندس والد نرنجن تمام اعلى ذوق وارو، کلڻو ملڻو ۽ سماجي حلقن ۾ مشھور ھئڻ سان گڏ ستارن جي علم جو ماھر ھو ۽ سندس اڳڪٿيون اڪثر صحيح ثابت ٿينديون ھيون ـ
ديوان ڪوڙي مل جي پوٽي جو ڀريا اچڻ
جينس جي پينٽ ۽ شرٽ پهريل سمارٽ شخص جيئن ئي ڀريا شهر جي الهندي ڇيڙي تي، ٺارو شاهه ويندڙ دڳ لڳ قديم عمارت جي پراڻي محراب دار گيٽ آڏو پهتو ته ساڻس گڏ آيل شخص چيس. ”اها ڪي سي اڪيڊميءَ جي عمارت آهي“ ـ هُو اهو ٻڌندي ئي ان گيٽ آڏو ڌرتيءَ تي سجدي ۾ ڪري پيو ۽ ڪافي دير کانپوءِ اٿيو ته سندس ٻڪ مٽيءَ سان ڀريل هو جنهن کي هو اکين سان لائيندو ۽ چمندو رهيوـ
اهو شخص راءِ بهادر ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جو پوٽو اشوڪ کلناڻي هو جنھن جي باري ۾ وِجي کي ھن ڪتاب جي ليکڪ ٻڌايو پر کيس اشوڪ جي ڀريا اچڻ بابت ڪابه خبر ڪانه ھئي ـ اشوڪ آمريڪا جي رياست لاس اينجلس جي شهر ڪئليفورنيا ۾ رهندو هو، جتان يارن دوستن جي ذريعي هن ڀرين جي آخوند خاندان جي تعليمدان حافظ محمد صادق جي فرزندن سان رابطو ڪيو جن مان هڪ سعيد حافظ آمريڪا ۾ ئي رهندو هو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ نثار حافظ ڪراچيءَ ۾ انجنيئر هوـ ايئن هُو هزارين ميل ڪهي پنهنجي پڙ ڏاڏي جي جنم ڀومي ڏسڻ ۽ ان ڌرتيءَ جي مٽي چمڻ ۽ پاڻ سان کڻي وڃڻ لاءِ هتي پهتو هو ـ ساڻس گڏ آيل نثار حافظ هوـ
ڪي سي اڪئڊمي هاءِ اسڪول 1967ع ۾ سرڪاري تحويل ۾ وڃڻ کانپوءِ ختم ٿي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي نالي سان شهر جي ٻئي علائقي ۾ ٺهيل نئين بلڊنگ ۾ منتقل ٿي چڪو هوـ ھاڻي هن عمارت ۾ ميمڻ پاڙي جا وڏيرا عطا محمد (مرحوم) ۽ حاجي انور رهندا هئا، پر عمارت جي محراب دار گيٽ تي لکيل ” ڪي سي اڪئڊمي هاءِ اسڪول ڀريا- 1886“ کي وقت جون ويرون به ميساري نه سگهيون هيون ـ (ھاڻ اُھا ماربل جي پليٽ به ھٽي چُڪي آھي) ـ
اشوڪ ڪهڙي سال هتي آيو ۽ پنهنجي ڏاڏي جي جنم ڀوميءَ جي خاڪ رومال ۾ ڀري کڻي ويو، ان جي پڪ نه ٿي ٿئي پر اھو 1980 واري ڏھاڪي جو اوائل ھو ـ نثار حافظ به گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ڇڏي وڃي آمريڪا جا وڻ وسايا آهن ـ ويجهڙ ۾ ئي کيس فون ڪري ڪجهه ڄاڻ ورتي وئي پر کيس به اهو سال ياد ڪو نه هو ۽ نه ئي اها ڄاڻ هئي ته اشوڪ هاڻ ڪٿي آهي ـ نثار ٻڌايو ته هو اشوڪ کي سکر به وٺي ويو هو جتي اڳي سندس ناناڻا رهندا هئا ـ هو ساڌ ٻيلو به گهمڻ ويو هو ـ
ڀرين جي آخوند اسماعيل جي ڪوڙي مل سان سنگت هئي ـ سندس فرزند آخوند حاجي فيض محمد حيدرآباد جي نوا وديالا (موجوده اولڊ ڪئمپس) ۾ پڙهيو ۽ بمبئي يونيورسٽي جي مئٽرڪ جي امتحان ۾ ناڪام ٿيو ۽ ڏاڍو دل برداشت ٿيو هو ـ سندس غمگينيءَ واري حالت ڏسي سندن والد آخوند اسماعيل کين ديوان ڪوڙي مل وٽ وٺي ويو هو ـ ڪوڙي مل کيس آٿت ڏيندي چيو هو :بابا مايوس نه ٿيو، وري محنت ڪريو ۽ امتحان ڏيوـ There is always a place on the top ڪوڙي مل جي لفظن وڏو اثر ڏيکاريوـ آخوند فيض محمد مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ديوان ڪوڙي مل وانگر تعليم کاتي ۾ نوڪري ورتي ۽ اڳتي هلي ايڊيوڪيشن سپروائيزر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين ـ
سنڌ واسين ڪوڙي مل کي ڄڻ ته وساري ڇڏيو ھو، پر شابس آهي هند واسي سنڌين کي جن کيس ياد رکيو ۽ ادب جي شعبي ۾نمايان ڪم ڪندڙن کي ممبئي ساهتي پئنچائت طرفان ”ڪوڙو مل چندن مل ٽرافي“ به ڏني ويندي آهي ـ سنڌ ۾ ڪجھه ورھين کان ھن ھستيءَ تي ڪم شروع ٿيو جنھن تحت نوابشاھه جي ھڪ ليچرار محترم محمود ڏاھريءَ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ تي ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي ڪري ورتي آھي ـ ڀرين ۾ به ديوان ڪوڙومل يادگار ڪميٽيءَ جنوري 2017 ۾ ديوان صاحب جي سئو ساله ورسيءَ جي تقريب ڪوٺائي محققن کي شيلڊون ڏنيون ـ
(ديوان ڪوڙيمل، سندن فرزندن، پوٽن ۽ پڙپوٽن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال ھن ڪتاب جي ٻين بابن ۾ ڏنل آھي)

ديوان ڪوڙيمل جو گھر

شرلاڪ ھومز Sherlock Holmes ھڪ تصوراتي جاسوس جو ڪردار ھو جنھن کي برطانوي ليکڪ سر آرٿر ڪونن ڊائل Sir Arthur Conan Doyle تخليق ڪيو ۽ 1887 ۾ ڇپيل سندس پھرين ناول اَ اسٽڊي اِن اسڪارليٽ A Study in Scarlet ۾ لنڊن جي بيڪر اسٽريٽ جي ھڪ گھر ۾ رھندڙ خانگي جاسوس طور پيش ڪيو ـ ليکڪ جي سٺ ناولن ان تصوراتي ڪردار کي ايترو ته مشھور ڪيو جو اھو لافاني ٿي ويو ۽ نه رڳو انھن ناولن تي فلمون ٺھيون پر بيڪر اسٽريٽ تي شرلاڪ ھومز جي تصوراتي گھر جھڙي عمارت ۾ شرلاڪ ھومز جي تصوراتي ڪپڙن کان ويندي ڪردار نگاريءَ واريون سموريون شيون ۽ سندس خالق سر آرٿر ڪونن ڊائل جي سامان کي گڏ ڪري ان کي ميوزم جي حيثيت ڏني وئي ۽ شرلاڪ ھومز جي نالي سان سڄي دنيا ۾ سوسائٽيون ٺاھي سرگرميون شروع ڪيون ويون ـ شرلاڪ ھومز ھيو ته ھڪ تصوراتي ڪردار پر اھو برطانيا جي سڃاڻپ بنجي ويو ھو تنھنڪري ان جي تصوراتي سامان کي به قومي ورثي جي حيثيت ڏني وئي ـ دنيا ۾ اھڙا ٻيا به ڪيترائي مثال ملندا، پر پري ڇو وڃجي، ڪراچيءَ جي مھاجر سياست ڪري نفرتون پکيڙڻ ۽ رتوڇاڻ ڪرائيندڙ تنظيم لنڊن ڀڄي ويل پنھنجي ليڊر جي فيڊرل بي ايريا واري اسي والن جي ڪوارٽر کي به بلڪل ايئن ئي پنھنجي ”قومي“ ورثي طور سنڀاليو، پر اسان سنڌي قوم پنھنجي عظيم محسنن ۽ حقيقي لافاني ڪردارن توڙي سندن رھائشي عمارتن ۽ سامان کي تباھه ڪري سندن نالو نشان ميسارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آھي ـ پنھنجي قومي ورثي جي حوالي سان اھڙي بيحسي دنيا ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به شايد ئي ڪنھن ٻئي ھنڌ نظر اچي ـ مون کي 1980 واري ڏھاڪي ۾ موھن جو دڙو بچائڻ واري اداري جي ھڪ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر (آبپاشي کاتي جي ھڪ رٽائرڊ چيف انجنيئر) جا لفظ اڄ به ياد آھن ته ”موھن جو دڙو ھندن جي زماني جو آھي، اسان مسلمان ان کي ڇو بچايون“ ـ ھن اھي لفظ مونکي ان وقت چيا ھئا جڏھن سنڌو سڀيتا جي انھن آثارن کي بچائڻ لاءِ عالمي مھم ھلائڻ واسطي جپان جو شھزادو ھتي آيل ھو ـ جڏھن موھن جي دڙي کي بچائڻ واري اداري ۾ اھڙي سوچ جو مالڪ شخص ويٺل ھجي ته پوءِ باقي ماڻھن تي ڪھڙي ميار! اھڙي سوچ ۽ ڪردار جي ڪري اڄ سنڌ ۾ نه اسان جا قديم آثار محفوظ آھن ۽ نه ئي حقيقي لافاني شخصيتن جا گھر ۽ سندن ٻيو ڪو ورثو، جن کي ڪوريا وارا ”خزانو“ Treasure سڏين ٿا ۽ ھنن اھڙا ھزارين خزانا پنھنجي ملڪ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا آھن ـ
قومي خزانن کي نقصان نه پھچائڻ عام ماڻھوءَ جي ذميداري آھي پر انھن کي محفوظ ڪرڻ ته حڪومتي ادارن کانسواءِ ٻيو ڪير به نٿو ڪري سگھي ـ پر مان ڊسمبر 2015 ۾ مان پنھنجي ڳوٺ ڀِريَن (ڀريا شھر) وڃي پھتس ته اُتي تباھه ٿيل خزانن کي ڳولي انھن تي لکي سگھان ـ
ورھاڱي کان اڳ تائين ديوان ڪوڙي مل جي ياد ۾ مختلف ادارا قائم ڪري سڄي سنڌ ۾ ادبي ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکيون ويون پر پوءِ سڀ ڪجھه ختم ٿي ويو ھو ـ جنھن ھستيءَ ڀرين توڙي سڄي سنڌ ۾ تعليم کي پکيڙيو، نياڻين جي تعليم جا اسڪول کوليا، اھڙي محسن سان سنڌين جي لاتعلقيءَ جي اھا انتھا ھئي ـ
ديوان ڪوڙي مل چندن مل جو نالو ته اسان ننڍپڻ کان ٻُڌو ھو ڇو ته سندس نالي تي 1886 کان قائم اسڪول نه رڳو اسان جي پاڙي ۾ ھو پر حقيقت ھيءَ آھي ته ڪنھن به ان ھستيءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ ۽ لکڻ جي ڪوشش نه ڪئي ـ بھرحال ڪجھه ورھيه اڳ ڀريا ۽ تر جي ڪن ٻين علائقن جي نوجوانن ڪوڙي مل جي حياتيءَ، سنڌ واسين لاءِ سندس تعليمي خدمتن ۽ لکيل ڪتابن تي تحقيق شروع ڪئي ته مون کي به ڪجھه لکڻ جو خيال آيو ۽ سال 2013 ۾ ھن ھستيءَ جي حياتيءَ ۽ خاص طور اسان جي گھراڻي سان سندس ناتن بابت ھڪ خاڪو لکي ورتم ـ ان وقت مونکي بس ايتري خبر ھئي ته ڪوڙي مل جو گھر اسان جي گھر کان ٿورڙو ئي پري ھوندو ھو پر اھا ڄاڻ به نه ھئي ته اھو گھر ڪٿي ھو ـ ڀرين جي ھڪ دوست ٻڌايو ھو ته اسان جي گھر کان ٿورو اڳتي ھڪ ھنڌ ڪوڙي مل جي سماڌي به ھئي پر پوءِ اھا به وقت گذرڻ سان گڏ ميسارجي وئي ـ سماڌيءَ واري ھنڌ جو اشارو 1945 ۾ ڪوڙومل سنڌي ساھتيه منڊل پاران ڇپرايل سندس زندگيءَ جي احوال ۾ به ھن ريت ڏنل آھي :”ڀرين ۾ سندس گھر جي نزديڪ باغ ۾ ديوان صاحب جي سماڌ پڻ ٺھرائي وئي ـ“
ڪوڙومل چندن مل اڪئڊمي اسڪول ڀرين جي شھر جي اولھه ۾ بلڪل ڇيڙي تي ھو ۽ ان جي سامھون اسڪول جي لائبريري ۽ بورڊنگ ھائوس جون عمارتون ھونديون ھيون جن جي وچ مان اُتر ڏانھن ويندڙ گھٽيءَ ۾ ڪجھه وِکُن تي اسان جو گھر ھو ـ گھر جي مُھاڙ ۾ پھرين اسان جي پڙڏاڏي آخوند اسماعيل جو مڪتب ھوندو ھو جنھن جون دريون گھٽيءَ ڏانھن کُلنديون ھيون ـ ”ڪوڙومل جڏھن به تعليم توڙي روينيو کاتن ۾ نوڪريءَ تان ڳوٺ موٽندو ھو ته گھر ويندي اُتان لنگھندي دريءَ مان ڏاڏي اسماعيل سان دُعا سلام ڪري اڳتي وڌندو ھو،“ اسان جي چاچي ڊاڪٽر رفيق احمد ٻڌايو ھو ـ مون به چاچا جي ٻڌايل ان واٽ کي اختيار ڪيو ۽ انجنيئر ماجد سومري سان گڏ گھٽيءَ جي گھرن ۽ گندي پاڻيءَ جي کڏ جي وچان ويندڙ واٽ وٺي بلڪل اُتي وڃي پھتس جتي کڏ جي ڪپر تي ٺھيل مَنھَه ٻاھران ھڪ جھونو ھمراھه کٽ تي ويٺو ھو ـ ”اھو سامھون جنھن چوديواريءَ اندر موبائل فون ڪمپنيءَ جو ٽاور کُتل آھي، اھو ڪوڙي مل وارن جو وندر وِرُونھن لاءِ ٺھرايل باغيچو ھو ۽ ان جي ڀرسان گھٽيءَ جي ڪُنڊ تي جيڪي گھر ڏسو ٿا، اُتي مندر ھو جنھن جي ڀِت ۾ جُتيون رکڻ لاءِ کوڙ جاريون ٺھيل ھونديون ھيون،“ جھوني شخص اشارو ڪندي ٻڌايو، جنھن جو نالو علي حسن راجپوت ھو ۽ اوڀر پنجاب جي ڪرنال واري علائقي مان مائٽن سان گڏ ھتي لڏي اچڻ وقت سندس عمر فقط چار سال ھئي ـ ھن پوءِ سڄي حياتي شھر جي سيدن جي پارڪ تي مالھيءَ طور ڪم ڪيو ـ ڪوڙي مل جي گھر، اوطاق، مندر، باغيچي ۽ سماڌيءَ بابت معلومات کيس پنھنجي وڏڙن کان ملي ھئي ۽ انھن جا آثار ھن پنھنجي اکين سان به ڏٺا ھئا ـ
مون ڪوڙي مل جي سماڌي ڏسڻ ٿي گھري ـ ”ٽيليفون ٽاور جي ٻئي پاسي گھٽيءَ ۾ سماڌي ھئي جتي ھاڻي ھڪ گھر ٺھي چُڪو آھي،“ ھن ٻڌايو ۽ سندس ئي خاندان جي ھڪ نوجوان سان گڏ اسان کي ان پاسي موڪليائين ـ ٽاور واري چوديواريءَ جي پٺيان ڪُنڊ تي ھڪ ڪمري ۽ اڱڻ وارو ھڪ گھر ٺھيل ھو جنھن ۾ عورتن کي پردو ڪرائي اسان اندر گھڙياسين ته اسان سان گڏ آيل نوجوان اڱڻ ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو ته ان ھنڌ سِرُن جو ننڍو ٺُلھه (چبوترو) ٺھيل ھو جيڪا ڪوڙي مل جي سماڌي ھئي پر پوءِ ان تي ڀراءُ ڪري سماڌيءَ کي پُوري ھيءُ گھر ٺاھيو ويو ـ ھن وقت ان گھر ۾ ڪرنالي ڪُٽنب جو ئي باز عليءَ نالي شخص رھي ٿو ـ مٿي ذڪر ڪيل ساھتيه منڊل جي ڪتابڙي ۾ سماڌيءَ جو ٻڌايل ھنڌ بلڪل صحيح ھو ـ
اسان وقت ۽ انسانن جي بيرحمي ۽ بي حسيءَ تي افسوس ڪندي اُتان نڪري ھڪ ٻي گھٽيءَ ۾ ٿورو مٿي وياسين جتي ھڪ پاسي ھڪ عمارت ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو ويو ته اتي ڪوڙي مل جي اوطاق ھئي ۽ ان جي سامھون واري عمارت ۾ رھائشي گھر ھو ـ ورھاڱي کان اڳ اھو ڪھڙو پاڙو سڏبو ھو، ان جي ڪنھن کي به ڄاڻ ناھي، پر چون ٿا ته اھو پوسٽ آفيس وارو علائقو سڏبو ھو جتي گھٽيءَ جي مٿانھينءَ واري مُھڙ مُڙندي ئي اڃان به انگريزن جي زماني جي پوسٽ آفيس بلڊنگ قائم آھي ۽ اڄ به پوسٽ آفيس ھلي ٿي پر ھن وقت ان پاڙي ۾ رھندڙ انھيءَ کي راجپوت پاڙو سڏين ٿا جيڪو شھر جي وارڊ نمبر ست ۾ شامل آھي ـ ”ورھاڱي کانپوءِ اھو گھر ڪرنال جي رھواسي بشير راجپوت کي الاٽ ٿيو ھو جنھن جي اولاد مان ھن وقت چار ڄڻا ارشاد، اشرف، ممتاز ۽ رياض ھتي رھن ٿا،“ مونکي ٻڌايو ويو ـ
انھن مان ھڪ نوجوان مونکي گھر اندر وٺي ھليو ۽ ٻڌايائين ته ڪجھه ڪمرا ته ڊھرائي نئين سر ٺھرايا ويا ھئا پر گھر جي پٺئين حصي ۾ ھڪ ڪوٺي اڃان خراب حالت ۾ موجود آھي ـ ديوان ڪوڙي مل جي گھر ۾ استعمال ٿيل سرون ايتريون ته مضبوط ۽ صحيح حالت ۾ ھيون جو نئين سر اڏاوت ۾ به اھي ئي استعمال ٿيون ـ پُٺيئن ڪوٺڙيءَ ۾ ڪاٺ جو در به ان وقت جو لڳل ھو جنھن کي ساڳ جو ڪاٺ ھجڻ ڪري اڄ تائين اُڏھي يا ٻيو ڪو جيت نقصان پھچائي نه سگھيو ھو ـ گھر کان ٻاھر جڏھن نڪتاسين ته گھر جي موجوده مالڪ ڀر وارن ٽن ٻين گھرن ڏانھن اشارو ڪندي چيو: ”اسان کي وڏڙن ٻڌايو ھو ته ديوان ڪوڙي مل جو گھر ايستائين پکڙيل ھو جنھن جي آخر ۾ آفيس ٺھيل ھئي ـ گھر جا اھي حصا ٻين کي الاٽ ٿيا جن ھاڻي نوان گھر ٺھرايا آھن ـ جڏھن اسان جي بزرگ کي ھيءُ گھر مليو ته ان وقت ڪي آفيسر آيا ھئا جيڪي ديوان ڪوڙي مل جي آفيس مان سمورو سامان کڻائي ويا ھئا ـ“
ڪرنال جا راجپوت ٺيٺ سنڌي ڳالھائي رھيا ھئا ۽ ڀريا جي سماج جو حصو بڻجي وڃڻ سبب ھنن اسان کي ديوان ڪوڙي مل جي حوالي سان جيتري به معلومات وٽن ھئي، سان ڏني ۽ گھڻو سھڪار ڪيو ـ کين بھرحال اھا خبر نه ھئي ته 1844 ۾ جنم وٺندڙ ديوان ڪوڙو مل 16 ڊسمبر 1916 تي لاڏاڻو ڪري چڪو ھو ۽ بعد ۾ سندس پُٽ انھن گھرن ۾ رھندا ھئا ـ پر ايتري پڪ ضرور ٿي ته اھو گھر وري به ديوان ڪوڙي مل جي حوالي سان مشھور ھو جنھن جي ڪري ئي ورھاڱي کانپوءِ ھتي اچي آباد ٿيلن کي سندس ئي نالي سان اھا ڄاڻ ملي ـ
ساھتي منڊل جي ڪتابڙي ۾ ديوان صاحب جي فرزند منوھرداس ۽ ڀاءُ ھريندر روپچند جو ذڪر ملي ٿو جن چندا گڏ ڪري سکر ۽ سنڌ جي ٻين ھنڌن تي يادگار ٺھرايا ۽ لائبريريون قائم ڪيون ۽ ديوان صاحب جا ڪتاب ڇپرايا ـ ان جو مطلب ته ديوان ڪوڙي مل جا پونئير پڇاڙيءَ تائين اتي رھندا ۽ ورثو سنڀاليندا رھيا ـ
مون پنھنجي طور راءِ بھادر ديوان ڪوڙي مل جي جنم ڀوميءَ جي ميساريل آثارن کي ڳولي لھڻ جي ھڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي پر ھاڻي انھن ٿورن بچيل آثارن کي ڪيئن محفوظ ڪجي اھو ڪم سنڌ جي اربين رُپين جي بجيٽ تي ھلندڙ اداري اينڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف ھيريٽيج آف سنڌ Endowment Fund Trust for Preservation of Heritage of Sindh جو آھي ـ

هند ۾ گم ٿي ويل سنڌ جو سپوت: حشو ڪيولراماڻي

کوڙ ورهيه اڳ حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ سائين جي ايم سيد سان دوست سيد غلام شاھ معرفت جڏهن پهريون ڀيرو ملاقات ۽ تعارف ٿيو هو ته منهنجي ڳوٺ ڀريا جو ٻُڌي سائين ڇرڪي ويو ھو ـ ”حشوءَ وارو ڳوٺ؟“ سائينءَ ھڪدم پڇيو ھو ـ مون سائينءَ کي ٻُڌايو ھو ته حشوءَ جو گھر اسان جي پاڙي لڳ ئي ھوندو ھو ۽ وڏي عرصي تائين سندس نالي جي تختي اُن گھر تي لڳل ھوندي ھئي ـ سائين جي ايم سيد سان ان کانپوءِ جڏھن به ملاقات ٿيندي ھئي ته حشوءَ جو ذڪر ضرور ڪڍندو ھوـ
ننڍپڻ ۾ ڳوٺ وڃڻ ٿيندو ھو ته ميمڻ پاڙي جي مسيت کان مٿي ويندڙ گھٽيءَ مان بازار ڏانھن اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو ۽ واٽ تي ھڪ پڪ سرائين گھر تي حشو ڪيولراماڻيءَ جي نالي جي تختيءَ تي ضرور نظر پوندي ھئي ـ تڏھن مونکي ڪا به خبر ڪانه ھئي ته حشو ڪير آھي ۽ سندس ڪھڙي حيثيت آھي ـ
گھڻو اڳتي ھلي معلوم ٿيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيولراماڻين جا جيڪي گھر ھئا انھن سان اسان جي آخوند گھراڻي جا ويجھا لاڳاپا ھوندا ھئا ـ انھن مان ٻن ڀائرن آسُودومل پي ڪيولراماڻي ۽ واڌُومل پي ڪيولراماڻيءَ جون ڀريا ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ وڏيون خدمتون رھيون آھن ـ آسُودومل ڀريا جي ڪي سي اڪيڊميءَ جو وڏي عرصي تائين ھيڊماستر رھيو ۽ ورھاڱي وقت ھندستان لڏڻ مھل به ھُو ئي اسڪول جو سنڀاليندڙ ھو ـ منھنجي ڏاڏي آخوند حاجي فيض محمد جو ڀاءُ حافظ محمد صادق (اڳوڻو ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ، پرنسيپال ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۽ ھيڊماستر اين جي وي اسڪول ڪراچي)، منھنجو والد آخوند قادر بخش وڪيل ۽ چاچا آخوند جميل احمد، جنھن 1967 تائين اسڪول سنڀاليو، به سندس شاگرد ھئا ـ آسُودي مل جو ڀاءُ واڌُومل انڊين ريلوي ۾ وڏو آفيسر ھو پر سندس سڃاڻپ علم ۽ ادب لاءِ خاص خدمتن جي ڪري وڌيڪ ھئي ـ ھن ڪيترائي ڪتاب به لکيا پر اڄ ڀريا ۾ انھن جو ڪوبه رڪارڊ ڪونھي ـ ھو اسڪول جي گورننگ باڊيءَ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ خاص سيلون ۾ ڀرياروڊ اسٽيشن تي اچي لھندو ھوـ واڌُومل جو گھر بازار جي ٻئي ڇيڙي تي ھو ـ سن 1937۾ ٺھيل ڳاڙھين سِرن ۽ ساڳ جي ڪاٺ جي ڪم وارو گھر اڄ به موجود ۽ ٻاھران واڌُومل جي نالي واري ماربل جي تختي لڳل آھي ـ حشو ڪيولراماڻيءَ جو گھر بازار جي مُھڙ واري حصي ۾ ھوندو ھوـ پر افسوس ته اڄ حشوءَ وانگر نه سندس گھر بچيو آھي ۽ نه ئي سندس نالي واري تختي ـ حشوءَ جو به اسان جي وڏن سان ويجھو رستو ھوـ اسان جي خانداني لائبريريءَ ۾ حشوءَ جولنڊن مان موڪليل ھڪ ڪتاب ورھين تائين موجود ھوـ اھو برطانوي راڻيءَ جي تاجپوشيءَ بابت تصويري ڪتاب ھو جنھن تي حشوءَ جي صحيح ٿيل ھئي ۽ ھيٺان تاريخ ۽ لنڊن لکيل ھوـ تاجپوشيءَ جي تقريب لنڊن ۾ 1953-54 ڌاري ٿي ھئي ـ حشوءَ جڏھن اھو ڪتاب موڪليو ھو تڏھن پڪ ھو لنڊن ۾ ھوندو ـ
حشوءَ خوشحال گھراڻي ۾ جنم ورتو ھو ـ سندس ڏاڏو کنيومل زميندار ۽ والد ٽھلرام روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ھوندو ھوـ بعد ۾ ھو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي عھدي تي به رھيوـ سندس ٻه پُٽ ھئا ـ حشمت راءِ عرف حشو ۽ گوپي چند عرف گوپ ـ حشو 20 ڊسمبر 1914 تي ڀريا ۾ ڄائو ۽ اڃا اٺن ورھين جو ھو ته سندس والد 23 ڊسمبر 1922 تي لاڏاڻو ڪري ويو ـ سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ لکيو آھي ته ٽھلرام وڏو ايماندار ۽ انصاف پسند آفيسر ھوندو ھوـ حشوءَ جي باقي پرورش سندس والده ڪئي جيڪا ٽيويھه ورھين جي عمر ۾ وِڌوا ٿي وئي ھئي ـ
حشوءَ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڀريا جي ڪي سي اڪيڊمي اسڪول ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ ڪراچيءَ ۾ اين جي وي اسڪول مان ڪيائين جتان وري سترھن ورھين جي عمر ۾ سيلون (سريلنڪا) ھليو ويوـ سيلون ۾ ھن لنڊن وڃڻ لاءِ ھڪ امتحان پوزيشن کڻي پاس ڪيوـ انھيءَ دوران ھو ينگ مينس ڪرسچين ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سرگرم ميمبر ۽ سيڪريٽري به رھيوـ سندس والده ۽ ٻين مائٽن چاھيو ٿي ته حشو انڊين سِول سروس جو امتحان ڏئي وڏو ڪامورو ٿئي جنھن لاءِ کيس 1935 ۾ لنڊن موڪليو ويو پر ھو ڪنھن ٻئي مزاج جو ماڻھو ھو تنھنڪري آءِ سي ايس لاءِ امتحان ڏيڻ بدران اُتان جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪنھن مھل ايئروناٽيڪل ته ڪنھن مھل اقتصاديات ۽ سياست جي شعبن ۾ داخلا وٺندو رھيوـ سندس اندر ۾ ڄڻ ته پارو ڀريل ھو جيڪو کيس ھڪ ھنڌ ويھڻ نه ڏيندو ھو ۽ سدائين بيچين رکندو ھوـ اھو ئي زمانو ھو جڏھن لنڊن ۾ اندرا گانڌي، سندس دوست ۽ بعد ۾ مڙس فيروز گانڌي ۽ والد جواھرلال نھروءَ سان سندس ويجھا تعلقات پيدا ٿيا ـ ھن اتي نه رڳو ڪرشنا مينن سان گڏ ڪم ڪيو پر انگريزن کان آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ به سرگرميءَ سان شرڪت ڪئي ـ ھواتي لنڊن مجلس جو صدر به رھيوـ سائين جي ايم سيد موجب حشو قلندري طبيعت جو ھئڻ سبب ڪو خاص امتحان پاس ڪرڻ کانسواءِ 1939 ۾ سنڌ موٽي آيو پر پوءِ ٻي عالمي جنگ لڳڻ سبب واپس لنڊن نه وڃي سگھيو ـ
سنڌ موٽڻ کانپوءِ حشوءَ جي زندگيءَ جي نئين شروعات ٿي ـ ھن سنڌ ۾ شاگردن جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو جنھن دوران ھو گرفتار به ٿيندو رھيوـ ڪراچيءَ ۾ حشو انگريز سامراج خلاف پوسٽر ڪڍندو ھو جن مان ھڪ ۾ ھندستان جي نقشي ۾ لانگ بُوٽ ڇپيل ۽ Stop this march of imperialism لکيل ھوـ سن 1905 کان ھلندڙ شاگرد تحريڪ تي دايو ناٿاڻيءَ جي ڪتاب Karachi students on the march جيڪو 1946 ۾ ڇپيو ھو، تنھن ۾ حشوءَ جي سرگرم ڪردار جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آھي ته حشو ڪراچيءَ ۾ ٻين شاگردن سان گڏ گرفتار ٿيو ھوـ حشوءَ کي 1940-41 ۾ ارڙھن مھينن لاءِ ۽ وري 1942 ۾ ٻن مھينن لاءِ قيد ڪيو ويوـ ڪڏھن مٿس ڪن فوجين سان لاڳاپا ھئڻ جو الزام ھنيو ويو ته ڪڏھن ڪو ٻيو الزام ـ انگريز سامراج خلاف پوسٽر ڇپڻ تي کيس ٻن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو جتان ھو آڪٽوبر 1941 ۾ ارڙھن مھينن کانپوءِ آزاد ٿيوـ جيل مان نڪرڻ کانپوءِ ھو وري سرگرم ٿي ويو ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان گڏ سنڌ جي دوري تي نڪتوـ ان وقت سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن حشوءَ جي اثر ھيٺ ھئي ـ ھن سوڀي کي شاگردن سان واقف ڪرايو ۽ کيس سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ـ
سائين جي ايم سيد جي حشوءَ سان واقفيت 1945 ۾ ٿي ھئي ـ سائين کيس پنھنجو سياسي گُرو مڃيندي لکي ٿو: ”سوشلسٽ ليکڪ ۽ دانشور حشو ڪيولراماڻي منھنجو سياسي اُستاد ھوـ“ ھي اھو زمانو ھو جڏھن سائين جي ايم سيد نظرياتي اختلافن سبب محمد علي جناح ۽ آل انڊيا مسلم ليگ کان ڌار ٿي چڪو ھوـ ”ھندو يا مسلم قوميت ـ ٻئي نظريا سنڌي مفاد جي خلاف ھئا ـ ان وقت حشوءَ مونکي سنڌي قوميت جي واٽ کان واقف ڪيوـ مان جڏھن ڪانگريس جي آل انڊيا واري سياست ۽ مسلم ليگ جي مسلم قوم واري سياست کان مايوس ٿيو ھئس تڏھن حشوءَ مونکي ٻولي، ثقافت ۽ الڳ سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي قوم جو تصور سمجھايو ۽ چيو ھو ته سنڌي ھڪ جدا قوم آھي،“ سائين جي ايم سيد لکي ٿوـ سندس چوڻ موجب حشو فرقيواريت کان بالاتر ھوـ ”حشو سنڌ جي ترقي پسند قومي ڪارڪنن مان ھڪ مکيه ۽ صحيح سوچ رکندڙ، باھمت، وڏي نگاھ وارو، دل جو درياھ ۽ قلم جو بادشاھ آھي ـ“
حشو ھر قسم جي فاشزم جي خلاف ھوـ ”ھو ڪميونسٽ خيالن جو مالڪ ھو پر بورجوا فڪر جو به ڌيان سان مطالعو ڪندو ھوـ حشوءَ جھڙو عظيم انسان مون اڄ تائين نه ڏٺو آھي،“ شيخ اياز پنھنجي ڪتاب “ساھيوال جيل جي ڊائري” ۾ لکي ٿوـ ”جڏھن سوشلزم جو سج نصف النھار تي بيٺل ھو ۽ ڪوبه ان ڏانھن ڪرڙيون اکيون کڻي نھاري نه سگھندو ھو تڏھن حشو ان جون خاميون ڳڻائي سگھندو ھو ۽ تقرير جي انداز ۾ چوندو ھو: ”مان ڪميونزم لاءِ جيئڻ چاھيان ٿو، ڪميونزم لاءِ مرڻ چاھيان ٿو پر ڪميونزم ھيٺ رھي نٿو سگھان ـ“
حشو ڪڏھن به ڪنھن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ڪونه ٿيوـ ” سياست ۾ دلچسپي وٺندي ڪڏھن به پارٽي بازيءَ ۾ ڪونه ڦاٿس ـ جيل ۾ ڇو ويس الله کي خبر، ڪنھن خاص پارٽيءَ جو ڪڏھن ميمبر نه ٿيس ۽ نه ڪڏھن قانون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيم ـ شايد شڪل جو تيز ڏسڻ ۾ ايندو ھوندس ۽ ولايتي جوان ٿي سنڌي بلوچ ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم،“ حشو سائين جي ايم سيد ڏانھن موڪليل ھڪ خط ۾ لکي ٿوـ
شيخ اياز ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ ۾ لکي ٿو: ”حشو پاڻ کي واڻيو چوائڻ پسند نه ڪندو ھو ـ ”مونکي واڻيو نه چئوـ مان واڻيو ناھيان ـ واڻئي جو مطلب پئسو، واڻئي جو مطلب وياج آھي ـ مونکي ڄٽ چئو جنھن جو مطلب آھي مڙسي، ڪھاڙي، ڪوڏر، محنت ۽ ھمت،“ حشو سنجيده انداز ۾ شيخ اياز کي چوندو ھوـ
حشو واقعي واڻيو ڪونه ھو ـ ھو ھمت وارو ارڏو انسان ھوـ حشوءَ کي آخري ڀيرو 1947 ۾ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ان الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ويو ته ھو سڄي سڄي رات پنھنجي فليٽ ۾ ڪجھه لکندو رھندو ھوـ تن ڏينھن ۾ ھو سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “نئين سنڌ لاءِ جدوجھد” جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رھيو ھوـ شيخ اياز ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ ۾ لکي ٿو: ”جڏھن سندس نظربنديءَ جو معياد وڌائڻ لاءِ کيس مسعود کدرپوش (نوابشاھ ۾ سنڌي سکن جو قتلام ڪرائيندڙ) وٽ پيش ڪيو ويو جيڪو ان وقت ڪراچيءَ جو ايڊيشنل ڪمشنر ھو، ته مان ھن سان سندس وڪيل جي حيثيت ۾ گڏجي ويو ھئس ـ مسعود آءِ سي ايس آفيسر ھو ۽ بمبئيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر رھي چڪو ھوـ ھُو حشوءَ جو اڳ ئي واقف ھو ـ جڏھن پوليس حشوءَ کي مسعود وٽ پيش ڪيو ھو ته حشوءَ کي ٿِري پيس سُوٽ ۽ فيلٽ ھيٽ پاتل ھئا ـ حشوءَ فيلٽ ھيٽ لاھي مسعود کي چيو”ھلو مسعود!“ ۽ جواب ۾ مسعود چيو ”ھلو حشو“ ـ پوءِ حشوءَ مسعود سان منھنجو تعارف ڪرايو ھو ـ مسعود اسان کي ويھڻ لاءِ ڪرسيون آڇيون ۽ پوءِ ڳالھيون ڪندي حشوءَ کي چيو ھو،”حشو تون ھندستان ڇو نٿو ھليو وڃين ـ“ حشوءَ کُتوجواب ڏيندي چيس،”مسعود، ھيءُ منھنجو وطن آھي، مان ھندستان ڇو وڃان ـ“ ان تي مسعود پنھنجي آڱوٺي سان اشارو ڪندي چيو ھوYou Sindhis will be decimated like Red Indians (توھان سنڌين کي ريڊ انڊينس وانگر ملياميٽ ڪيو ويندو) ـ پوءِ مسعود ڪنڌ جھڪائي حشوءَ جي نظربنديءَ جو مُدو وڌائڻ جو آرڊر لکيو ۽ جيستائين اسان سندس ڪمري مان نڪري نه وياسين، ھن اسان کي اکيون مٿي کڻي نه ڏٺوـ حشو ڏھه مھينا نظربند رھيو ۽ جڏھن آزاد ٿيو ته کيس ملڪ بدر ڪيائون ـ اسان حشوءَ کي سائين جي ايم سيد جي گھر تان ايئر پورٽ تي ڇڏي آيا ھئاسين ـ“
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد جڏھن انگلينڊ ويو ھو ته سندس ملاقات ڪرشنا مينن سان ٿي ھئي جيڪو اتي ھندستان جو ھاءِ ڪمشنر ھو ـ سائين جي ايم سيد کيس چيو ھو: ”مان توھان کي اڳئي سڃاڻان ڇو ته حشو ڪيولراماڻي مون سان توھان جو ذڪر ڪندو ھوـ“
ڪرشنا مينن ٻه ٽي ڀيرا نرڙ تي آڱر ھڻي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ھئائين: Yes, yes, now I remember the man…the little man who always said Sindhis are a nation
سائين جي ايم سيد جو سياسي گُرو حشو ھڪ جيئرو جاڳندو اينسائيڪلوپيڊيا ھو ـ انگريزي ادب، سياست، سوشلزم، ڪميونزم ۽ تاريخ تي کيس عبور حاصل ھو ـ ھُو شيخ اياز ۽ ٻين کي ڪتاب پڙھائيندو ۽ ليڪچر ڏيندو ھو ـ ”حشو ڪراچيءَ ۾ لا ڪاليج ڀرسان ھڪ فليٽ ۾ رھندو ھو جنھن ۾ ٻه ڪمرا ھوندا ھئا. ٻئي ڪمرا ڪتابن سان ڀريل ھوندا ھئا جن جي وچ ۾ رڳو ويھڻ ۽ سمھڻ جي جاءِ ھوندي ھئي ـ حشو پاڻ کي Bohemian چوندو ھو ـ ھن شادي نه ڪئي ھئي ۽ پرائي زال سرلا سان پيار ڪندو ھو،“ شيخ اياز لکي ٿوـ حشوءَ جي جلاوطنيءَ کانپوءِ شيخ اياز ۽ سندن دوست مونس پنجابي سندس ئي ڇڏيل فليٽ ۾ رھندا ھئا پر بعد ۾ ان فليٽ جو ڇا ٿيو، ڪابه خبر ڪانھي ـ
حشو پيار ڀري دل جو مالڪ ھو پر سندس ڇڙواڳ طبيعت جو اثر سندس زندگيءَ جي ھر پھلوءَ مان پڌرو ٿيندو رھيوـ ”حشوءَ ڪڏھن به وقت تي ماني نه کاڌي، نه ڪنھن مستقل روزگار لاءِ ڪوشش ڪيائين ۽ نه ڪڏھن ھڪ نظرئي جي پيروي ڪئي ھئائين ـ سندس سڄي حياتي ھڪ سوال جي نشاني ھئي ـ سندس ذاتي زندگي به ھن جي انھيءَ تذبذب جي عڪاس ھئي ـ آڪسفورڊ ۾ ھن جي ھڪ ڪرستان ڇوڪريءَ شانتي سيلدونا سان واقفيت ٿي ھئي جيڪا بمبئي جي رھندڙ ھئي ـ حشو ڪراچيءَ موٽي آيو ته شانتيءَ سان خط ڪتابت جاري رکي ھئائين ـ انگريز سرڪار خلاف 1942 ۾ جڏھن آزاديءَ جي تحريڪ زور تي ھئي ته حشو بمبئيءَ ھليو ويو ھو ۽ اتي شانتيءَ سان زبردست عشق ھلايائين ۽ وعدو ڪري آيو ھو ته ھو جلد ئي بمبئي موٽي ايندو ـ حشو 1944 ڌاري ٻيھر بمبئي ويو ته شانتيءَ ھن کي آخري ڀيرو اطلاع ڪيو ته جيڪڏھن ھاڻي به شادي نه ڪيائين ته ھن لاءِ وڌيڪ نه ترسندي ـ حشو ارادو نه ڪري سگھيو ۽ شانتيءَ ھڪ ڪميونسٽ انگريز آفيسر سان شادي ڪري ڇڏي،“ شيخ اياز لکيو آھي ـ
”حشو ھونئن ته سارو وقت سياست، بين الاقوامي معاملن، فلسفي ۽ ادب تي ڳالھائيندو رھندو ھو پر ھڪ ڀيري پھريون دفعو ھن عشق ۽ محبت جي باري ۾ ڳالھايو ـ چيائين: ”مونکي انھن مردن کان نفرت ھوندي آھي جيڪي ڪنھن خوبصورت عورت جي دوستيءَ تي ٽڏندا آھن ـ انھن ۾ قابلِ رحم احساسِ ڪمتري ھوندو آھي ڄڻ ته ھو ان تي پاڻ پڏائيندا آھن ته ھنن سان ڪائي خوبصورت عورت ساڻ آھي،“ شيخ اياز چوي ٿوـ حشو ھڪ اڌ عشق جو قائل ھو ـ
شيخ اياز 1963 ۾ حشوءَ سان دھليءَ ۾ مليو ھو ـ ان وقت سرلا سان سندس شادي ٿي چڪي ھئي ـ سرلا جو پھريون مڙس شايد گذاري ويو ھو جنھن کاپوءِ ھن حشوءَ سان شادي ڪئي ھئي ـ شيخ اياز ان ملاقات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”حشوءَ کي ٻه جوان ڌيئر ۽ ھڪ ننڍو پٽ گل جي نالي سان ھوـ حشوءَ پنھنجو نالو سردار حشمت الله ۽ پٽ جو نالو گل محمد ٻڌايو ـ گل پيءُ وانگر جينيس ٿي لڳو جنھن کي جواھر لال نھروءَ چائلڊ آرٽسٽ جي حيثيت ۾ آل انڊ يا ايوارڊ ڏنو ھو ـ حشو ان وقت به فري لانس صحافي ھو ۽ ھن پاڪستان جي باري ۾ ڪيترائي مضمون Pakistan Xrayed جي عنوان سان ھندستان اسٽئنڊرڊ اخبار ۾ لکيا ھئا ۽ انھن کي The uprooted and the upright جي نالي سان ڪتاب جي شڪل ۾ مرتب ڪري رھيو ھو ـ
”مونکي ايئن ٿي لڳو ته حشو ٽُٽي چڪو آھي ـ کيس ان ڳالھه جو شديد احساس ھو ته قوم سندس بيقدري ڪئي آھي،“ شيخ اياز چوي ٿوـ سندس ان ڪيفيت جي باري ۾ ھو لکي ٿو: ”ھڪ ڀيري لڇمڻ ڪومل دھليءَ ۾ پنھنجي گھر تي منھنجي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي ماني ڪئي ھئي ـ دھليءَ جا ڪيترائي سنڌي اديب مرد ۽ عورتون اتي آيا ھئا ـ حشو به موجود ھو ـ رات جا اٽڪل ٻارھن وڳا ھئا ـ مان پنھنجو شعر پڙھي رھيو ھئس ۽ چوڌاري واھ واھ ٿي رھي ھئي ـ ايتري ۾ حشو، جو پيتل ھو، اٿي بيٺو ۽ مونکي ٻانھن کان وٺي چيائين،”شاعر اُٿي بيھه!“ مان اٿي بيٺس ته ھن چيو،”منھنجن پيرن تي ھٿ رک ته ھنن کي معلوم ٿئي ته مان ڇا آھيان ـ“ مون ھن جي پيرن کي ڇُھيو ھو ته منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ھئا ـ ھو پوءِ ويھي رھيو ھو ۽ پنھنجي دنيا ۾ گم ٿي ويو ـ“
حشو آدرشي انسان ھو ـ انسان دوستي ۽ انسانيت جي ڀلي وارا سندس ويچار سائين جي ايم سيد، علاما آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين ڏانھن لکيل خطن ۽ سندس ھر لکڻيءَ منجھه سمايل آھن ـ ھو آدرشن جي ڳولا ۾ سڄي عمر ڇڙواڳ زندگي جيئندو رھيو ـ سندس اندر جي اُونھائين کي جاچڻ لاءِ رڳو اھي ويھه خط ئي ڪافي آھن جيڪي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”اڄ پڻ چِڪيم چاڪ“ ۾ سانڍيل آھن ۽ سنڌ جي ھن گمنام ھيري جي اسان وٽ بچيل ورثي جي حيثيت رکن ٿا ـ حشو پاڻ صحافي به ھو پر صحافت جي دنيا ۾ موجود گند سبب ان کان به مطمئن ڪونه ھو ـ ھن 1948 ۾ لکيل خط ۾ جنھن نموني ان گند جي عڪاسي ڪئي، اھا اڄ جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ موجود صورتحال سان بلڪل ٺھڪي اچي ٿي ـ حشو لکي ٿو: ”جتي ذھني آزادي ناھي ۽ اخباري دنيا جا علمبردار خود ڌاڙيلن جا ڀائيوار ھجن، اتي يا ته وڃي صُفي ٿجي يا پنھنجو پليٽفارم پاڻ کڙو ڪجي ـ“
حشوءَ پاڻ به ھڪ اخبار “سنڌ ھلچل” جي نالي سان ڪڍي ھئي ـ
حشوءَ ھندستان وڃڻ کانپوءِ به سنڌيت کي ڪونه وساريو ـ ھن ھندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي ـ ٻين سجاڳ سنڌين سان گڏجي ھن 1956 ۾دھليءَ ۾ ”سنڌُو سماج“ تنظيم ٺاھي جنھن جو ھو 1961 ۾ صدر به چونڊيو ـ ان تنظيم جو مقصد سنڌي اسڪول کولڻ، سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا جي آئين ۾ شامل ڪرائڻ، سنڌي ڪتاب ڇپرائڻ، سنڌي استاد مقرر ڪرائڻ، سنڌين لاءِ بورڊنگ ھائوس ٺھرائڻ وغيره ھو ـ حشوءَ دھليءَ ۾ پھريون سنڌي ٻولي ڪنوينشن به ڪوٺايو جنھن ۾ ھندستان جو ان وقت جو صدر راڌا ڪرشن خاص طور شريڪ ٿيو ھو ـ اھو حشو ئي ھو جنھن 1955 ۾ انڊيا ۾ شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ڪانفرنس به ڪوٺائي ـ
حشوءَ نه رُڳو پاڻ سنڌي ڪھاڻيون لکيون پر ٻين سنڌي ليکڪن جون ڪھاڻيون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي دنيا جي ٻين قومن سان روشناس ڪرايو ـ ھندستان جي مختلف ٻولين جي ادب بابت لکيل تحقيقي ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۽ حشوءَ جي ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو ذڪر لازمي ملي ٿو ـ سندس ترجمو ڪيل ڪھاڻيون ڪتابي شڪل ۾ موجود آھن جن ۾ امر لال ھڱوراڻيءَ جي ڪھاڻي ”ادو عبدالرحمان“، ڪلا پرڪاش جي ڪھاڻي ”خانواھڻ“، سُندري اُتم چنداڻيءَ جي ڪھاڻي ”پٽ جي خواھش“، تيرٿ بسنت جي ڪھاڻي ”فرنيچر“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون شامل آھن ـ حشوءَ جي پنھنجي ھڪ ڪھاڻي ”پدما“ جو به ذڪر ملي ٿو، جيڪا اڳي سنڌي رسالي ”لھرون“ ۾ ڇپي ھئي ـ
حشوءَ جو سندس حياتيءَ ۾ قدر ته ڪونه ٿيو، جنھن جو ارمان کيس عمر ڀر رھيو ۽ پنجاھه ورھين جي ڄمار تائين پھچندي ھو اندر ۾ ڀڄي ڀورا ٿي چڪو ھو، پر ھندستان جا سنڌي ھاڻ کيس ھڪ مھان ھستيءَ طور ياد رکن ٿا ـ اديپور، ڪڇ، گجرات ۾ قائم انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران موھن گيھاڻيءَ جو ڇپرايل ڪتاب History of Sindh سائين جي ايم سيد ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ کي ارپيو ويو آھي ـ ارپنا ۾ لکيل آھي : Dedicated to proud sons of Sindhi soil – Saeen G. M. Syed and Hashu Kewalramani.
حشو، سنڌ ۽ سنڌيت جنھن جي نس نس ۾ سمايل ھئي، جنھن جي مائٽن کيس ڪليڪٽر ڏسڻ ٿي گھريو، جنھن اميراڻي حيثيت ھئڻ جي باوجود عوامي سياست ڪرڻ کي پسند ڪيو، ان ھستيءَ جي حياتيءَ جا پڇاڙيءَ وارا ورھيه ڏاڍا ڪسمپرسيءَ ۾ گذريا ـ ناليواري اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، جنھن جي زندگيءَ تي به حشوءَ جو وڏو اثر ھو، پنھنجي آتم ڪٿا ”ڪجھه ٻڌايم، ڪجھه لڪايم“ ۾ حشوءَ جي انھن افسوسناڪ حالتن جو ذڪر ڪيو آھي ـ ھو لکي ٿو: ”حشو دھلي ڇڏي بمبئيءَ وڃي رھيوـ اتي ھُو پنھنجي ڀيڻ جي گھر ۾ کليل بالڪنيءَ ۾ رھندو ھو ـ رات جو دير سان اچي بالڪنيءَ ۾ فراسي وڇائي سمھي پوندو ھوـ راتين جو رولاڪ ھئڻ سبب کيس اتان به نيڪالي ملي جنھن کانپوءِ ھو مساڻن ۾ زندگي گذارڻ لڳوـ ھُو گھڻو ڪري سنڌين جي پنھنجي اڏيل شھر اُلھاس نگر جي مساڻ ۾ رھندو ھوـ ھُو چانھه ۽ ڊبل روٽيءَ تي گذارو ڪندو ھو پر ڌُم سگريٽ ڇڪيندو ھو ـ حشوءَ ڪم ڪار ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ھوـ سندس گذارو پٽ سٽ تي ٿيڻ لڳو ھو ـ ھُو دوستن کان ان وعدي تي قرض کڻندو ھو ته سندس ڪتاب ڇپجندو ته کين پئسا موٽائي ڏيندو ـ ماڌو ڀمڀاڻي آخري ماڻھو ھو جنھن حشوءَ کي آخري ڀيرو ڏٺو ھو ڇو ته حشو کانئس ٽي سئو روپيه اُڌارا وٺڻ آيو ھو ـ“
حشوءَ جي حالت تي ان رات آسمان به روئي ڏنو ھو ۽ ايترو ته رُنو جو بمبئيِءَ ۾ ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي۽ نديون نالا اٿلي پيا ھئا ـ اُن رات حشو ھميشھه لاءِ گم ٿي ويو ـ خيال ڏيکاريو ويو ته حشوءَ کي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڇولي پنھنجي آغوش ۾ کڻي ھلي وئي ھوندي، کيس دنيا جي ڏکن کان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ـ ڪجھه حلقن جو اھو به خيال آھي ته جنھن ڌرمشالي ۾ حشو رات رھيو ھوندو، اتي ڪنھن شاھينگ ٽي سئو روپيه ڦٻائڻ لاءِ کيس قتل ڪري لاش پوري ڇڏيو ھوندو ـ مشھور ڪھاڻيڪار موھن ڪلپنا جو به اھڙوئي خيال ھو ـ موھن به اڪثر حشوءَ جي مالي مدد ڪندو رھندو ھو ـ
حشو ڪيولراماڻيءَ لاءِ عام طور چيو وڃي ٿو ته ھو پنھنجو ذھني توازن وڃائي ويٺو ھو ـ ڪيرت ٻاٻاڻي ان ڪيفيت کي Super Ego جو نتيجو سڏي ٿو ـ ماڻھو ان ڪيفيت کي ڇا به سڏن، اسان رڳو اھو سوچيون ته جنھن شخص سنڌ ڌرتيءَ سان عشق ڪيو، جنھن کي پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار جي سزا ۾ ملڪ بدر ڪيو ويو، جنھن جلاوطنيءَ ۾ به پنھنجن کي نه وساريو، ان شخص جي اندر جي ڪيفيت ڇا ھوندي ـ انھيءَ ڪيفيت جو اندازوعلاما آءِ آءِ قاضيءَ ڏانھن لکيل سندس خط جي ھنن سِٽن مان ڪري سگھجي ٿو، جيڪا سندس وصيعت جي حيثيت رکي ٿي، پر سندس اھا وصيعت به پوري نه ٿي سگھي ـ حشوءَ خط ۾ پنھنجي مزار جو ڪتبو لکيو ھو ته: ”ھتي اھو ماڻھو رکيل آھي جيڪو انھن کان ڀڄي ويو، جن کيس گھڻو پيار ڪيو ٿي، ان ڳالھه جي ڳولا لاءِ جنھن جو کيس پاڻ پتو نه ھو ـ“
اڄ تائين ڪنھن کي به پتو نه پيو ته حشو ڪاڏي ويو ـ شاعر ادل سومري جي چواڻي: حشو ڪيولراماڻيءَ جو ڏس پتو ڪنھن کان پڇجي؟
حشوءَ جي گمشدگيءَ بابت سوال
اھو سوال ھميشه لاءِ ھڪ سوال ئي رھندو ڇو ته سنڌ جي ھن سچي عاشق جي اوچتو گُم ٿي وڃڻ بابت جيترا وات آھن ، اوتريون ڳالھيون ـ ھندستان جي سنڌي اديبن ڪيرت ٻاٻاڻي، لڇمڻ ڪومل، موھن ڪلپنا ۽ ٻين جي ڳالھين مان مختلف راءِ ملي ٿي ـ ھڪڙا چون ٿا ته حشو لاوارث فقير جيان بمبئيءَ ۾ وفات ڪري ويو؛ ڪنھن جو چوڻ آھي ته قرض نه موٽائڻ تان ڪنھن کيس ڳڀا ڳڀا ڪري قتل ڪيو ھوندو؛ ٽين راءِ آھي ته ھُو بمبئيءَ جي زوردار برسات ۾ ٻُڏي مري ويو؛ ھڪ ٻي راءِ موجب الھاس نگر جي جھوپڙ پٽيءَ ۾ فوت ٿيو جتي ميونسپلٽيءَ وارن کيس لاوارث سمجھي مساڻ ۾ ساڙي ڇڏيو ۽ پنجين راءِ موجب حشو سنڌ جي ياد ۾ ڪڇ جي رڻ ويو ۽ 1986 ۾ طبعي موت مئو ـ
آخري راءِ سندس پُٽ گُل راماڻيءَ جي آھي، جنھن جو چوڻ آھي ته 1986 ڌاري حشو ڪڇ جي رڻ ويو جتي ھو لاڏاڻو ڪري ويو ۽ مھاراشٽر جي ھڪ عام ماڻھو شلڪرام کيس اُتي ئي دفنايو ـ
سرڪاري رعايتن کي ٿُڏيندڙ، جاگيرداڻي سماج جو مخالف، واپاري ذھنيت نه رکندڙ، سرچاءُ نه ڪندڙ اديب ۽ بنا رک رکاءَ جي سچ چئي ڏيندڙ حشوءَ جي اوچتو گُم ٿي وڃڻ تي، ھندستان جا اھي سنڌي اديب ۽ تنظيمون، جن جي ھن سرواڻي ڪئي، ڇو خاموش رھيا ۽ سندس ڳولا ڇو نه ڪئي وئي، يا جڏھن ھُو ورھين کان وٺي تنگدستي ۽ مسڪينيءَ واري حالت ۾ رھيو، ته به سندس سار ڇو نه لڌي وئي، ان بابت به ڪيترائي سوال اُڀرن ٿا ـ
سن 1968 ۾ حشو ۽ سندس گھرواري سرلا علحدگيءَ جو فيصلو ڪيو ھو ـ سرلا پنھنجي جاڙين ڌيئرن مينا، نينا ۽ پٽ گل راماڻيءَ سان دھليءَ واري فليٽ ۾ ئي رھي ۽ 1996 ۾ ڪينسر وگھي وفات ڪيائين ـ پٽس گُل راماڻي جرمنيءَ جي شھر ڊسلڊورف ۾ رھي ٿو ۽ اينيميٽر طور پاڻ مڃرايو اٿائين ـ حشوءَ جو ڀاءُ گوپ مالي طور ان پوزيشن ۾ ڪونه ھو جو ڀاءُ جي مدد ڪري پر گُل راماڻيءَ موجب ھُو پاڻ جرمنيءَ مان پيءُ جي لاءِ ماڌو ڀمڀاڻيءَ معرفت پئسا موڪليندو ھو، جيڪو سندن پري جو مائٽ ھو ـ پر ٻيا اديب ۽ تنظيمون ان وقت ڪھڙي دنيا ۾ ھئا ؟ حشوءَ جي حوالي سان سندن رَوَيو سندن لکڻين مان ڪري سگھجي ٿو، جن ۾ ھمدرديءَ وارن لفظن جو رنگ ڏئي مٿس چِٿرون ڪيون ويون آھن ـ

حشوءَ جي مفلسي ۽ بيماري
سن 1950 ۾ سنڌ مان جلاوطنيءَ کانپوءِ حشو خطن ذريعي سائين جي ايم سيد، محمد ابراھيم جويو ۽ ٻين يارن دوستن سان رابطي ۾ رھيو ـ ڪي خط ته ھن سنڌ ۾ رھڻ دوران به لکيا جن مان ھڪ خط 23 ڊسمبر 1948 تي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڀرين مان سائين جي ايم سيد کي لکيو ھو جڏھن ھُو ڪجھه ڏينھن اُتي رھڻ آيو ھو جتي رھندي سندس چوڻ موجب سُست ٿي ويو ھو ـ ھڪ ٻيو خط حشوءَ 18 مئي 1949 تي ڪراچي ڊسٽرڪٽ جيل مان جي ايم سيد کي لکيو جنھن ۾ به سنڌ سان عشق جو اظھار ڪندي لکيائين:”اسان جي جندڙي ته پنھنجي سنڌڙيءَ سان ڳنڍيل آھي، سو اسان کي اعتراض ناھي جيڪڏھن ھي آرھڙ جا ڏھاڙا سن ۽ ڀرين جي وچ ۾ گذارڻا پيا ـ“ (ھن آزاد ٿيڻ تي ڀرين ۽ سن ۾ وقت گذارڻ ٿي چاھيو) ـ
حشوءَ 30 نومبر 1955 تي جي ايم سيد کي دھليءَ مان لکيل خط ۾ پنھنجي شادي ۽ ٻارن ٿيڻ جو اطلاع ھنن لفظن ۾ ڪيو:”مون سمجھيو ته توھان کي اڳ ۾ ئي خبر ھوندي ته مان گھڻي وقت کان چوکنڀو ڦاٿل آھيان ـ ھڪڙو ڀيرو لکيو ھئم ته ملتان فتح ڪيو اٿم ۽ قوم جي خدمت ڪئي اٿم ـ ٻه نياڻيون جاڙيون اٿم ۽ ھڪ ڪِڪو، جنھن کي ڄائي ٻه مھينا ٿيا ـ گھر ۾ ھندستاني ۽ انگريزي ڳالھايون مگر شريمتي (سرلا) کي سنڌي پڻ ايندي آھي جو ڪراچيءَ ۾ سالن کان وٺي رھندي ھئي ۽ اسان جي سنگت ۾ ھئي ـ“
سال 1964 ۾ مِٿرا ۾ رھندي حشو بيمار ٿيو ھو جنھن جو ذڪر ھن 27 ڊسمبر تي بمبئيءَ مان جي ايم سيد کي لکيل خط ۾ ڪندي ٻڌايو ھو ته ھاڻي ھو وري بھتر ٿي ويو آھي، پر اٺين مئي 1965 واري سندس خط جو ھڪ جملو گھڻيون ڳالھيون ٻڌائي ٿو ـ جي ايم سيد کيس پنھنجو سياسي استاد سڏيو ھو، جنھن جي جواب ۾ حشوءَ لکيو:”مان توھان جو سياسي استاد ڪيئن سڏبس؟ پنھنجي گھر جي ئي سياست ھلائي نه سگھيس ـ“ ساڳئي خط ۾ ھُو وڌيڪ لکي ٿو:”مان ڪنھن دردناڪ گھٽنا کان حياتي بچائي نڪتو آھيان، البت مفلس آھيان، پر دل شھنشاھه جي اٿم ـ“ چوٿين مارچ ۽ 26 آگسٽ 1966 تي لکيل ٻن خطن ۾ ھو وري پنھنجي صحت خراب رھڻ جو ذڪر ڪري ٿو ـ
پُٽ لاءِ حشوءَ جو پيار ۽ لکيل خط
پنھنجي ڪُٽنبي زندگي تباھه ٿيڻ کانپوءِ جڏھن حشو مجذوبن واري حياتي گھارڻ لڳو ھو، تڏھن به کيس سندس پُٽ گل راماڻي ياد ھو جنھن سان کيس اٿاھه پيار ھو ۽ کيس خط لکندو ھو ـ حشو ۽ سندس گھرواري سرلا ديويءَ جي علحدگي 1968 ۾ ٿي چُڪي ھئي جنھن کانپوءِ 1978 ۾ سندس پُٽ آرٽ جي تعليم لاءِ جرمنيءَ ھليو ويو ھو ـ حشوءَ 1979 ڌاري ڪي خط پُٽ کي لکيا ھئا جن ۾ ھن پنھنجو اندر اوتي رکيو ھو ـ انھن خطن ۾ حشوءَ پنھنجي ننڍپڻ، ڀرين ۾ گذاريل ڏينھن ۽ مِٽن مائٽن جون ڳالھيون ڪيون آھن جن مان سندس خاندان بابت معلومات ملي ٿي ـ حشوءَ جو والد ٽھلرام ته مختيارڪار ھو، پر حشوءَ پنھنجي پُٽ کي لکيل خطن ۾ ٻڌايو ته سندس ٻه چاچا به ھئا ـ ”چاچا ھيمنداس ۽ سندس وڏو ڀاءُ پيسومل مون ڪونه ڏٺا ـ خود منھنجو پيءُ سندن اڳيان ھڪ ٻار ھو، جنھن کي پاڻ رھنمائي ڪرڻ جو ٻوجو ھموار ڪيو ھئائون ـ اھي ٻئي پوسٽ ماسٽر ٿي گذريا ۽ انڊيا جا پھريان ڏيھي ماڻھو ھئا جي سنڌ پرڳڻي ۾ وڏن شھرن ۾ اھڙن وڏن عھدن تي پھتا ـ انھن کانپوءِ برادريءَ مان توڙي ٻين برادرين مان ڪئين انھيءَ کاتي ۾ داخل ٿيا ـ“ پنھنجي چاچي ھيمنداس جي ايمانداريءَ جو ذڪر ڪندي خط ۾ لکي ٿو ته ٽپال کاتي جي اڪائونٽ ۾ ھڪ رُپئي جي کوٽ نڪتي ته دل جو دھڪو پوڻ سان گذاري ويو ـ ”وڏو چاچو پيسومل، جنھن جو ساري پرڳڻي ۾ ڌاڪو ھو، منھنجي ڏاڏيءَ جي مڙھه کي ڪلھو ڏيندي مساڻ طرف پير ۾ ڪنڊو لڳڻ سبب بستري داخل ٿيو ۽ وري نه اُٿيو ـ کيس ٻه پٽ ٿيا ديوان ھرداس مل ۽ ديوان مِٺارام جيڪي ٻئي مختيارڪار ٿيا (اھي انڊيا لڏي ويا ھئا جتي سندن خاندان آھي) ـ چاچي ديوان ھيمنداس جا ٽي پٽ ھئا ـ ڪاڪو ڪشنچند سندس ٽيون پٽ ھو جيڪو ريلواين جا رستا ٺاھڻ ۽ ڪراچيءَ جي معروف يورپين فردن جو واقفڪار ھجڻ ڪري تيز ۽ ڦڙت ھو ـ سندس ھڪ ڀاءُ ڪيول جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو ۽ نوشھري جي مشھور سيٺ کيمچند ٻالاڻيءَ جي ڀيڻ مُلي بيواھه ڇڏي ويو جيڪا ساري عمر ڳوٺ ۾ رھي ـ“ حشو لکي ٿو ته ھُو سندس ھنج ۾ ويھي ٿُلھا روٽلا ۽ گيھه ۾ ٻڏل ڪوڪيون کائيندو ھو ـ ”ان ڪري اڄ تائين نفيس ڦلڪن لاءِ نفرت اٿم ۽ جھوپڙ پٽين جي ٿُلھن تازو پڪل مانين کي ڏسي وات ۾ پاڻي ڀرجي ويندو اٿم ـ“
حشوءَ جي خطن مان ظاھر ٿيو ته سندس والد چار شاديون ڪيون ھيون ۽ حشو وڏين اُميدن سان ڄمڻ جي ڪري سموري خاندان جو دادلو ھو ـ ”ولايت ۾ رھڻ يا پنھنجي عجيب سڀاوَ ڪري مائٽ گھڻو ياد ڪونه پوندا اٿم ۽ سندن سماجڪ جيون ۾ بھرو وٺڻ جو ڇٽ ماءُ ۽ ڀاءُ تي ڇڏي ڏنو ھئم، پر پاڻ ۾ ملڻ تي اھو قرب ۽ عزت سان گڏ پنھنجي خاص ذميواري پڻ محسوس ڪندو ھئس ـ ھڪ اتھاسي نموني ھڪ خاص خاندان جي فرد ھئڻ جي حيثيت ۾ جيڪڏھن منھنجو جيون انوکو ۽ نيارو ھو ته اھو به محسوس ڪندو ھئس، پر پنھنجن سڳن رشتيدارن وچ ۾ مان اھو ئي ٻالڪ ھئس ڇو ته بابي کي چئن شادين کانپوءِ مِٽن مائٽن جي وڏين آسن اميدن ۽ پراٿنائن سان ھن دنيا ۾ اچي پرگھٽ ٿيس ۽ سندن پيار ۽ موھه جو مرڪز بنيو ھئس ـ کانئن ڪيترو به پري ھجان، سندن قرب ھميشه تازو رھندو ۽ منھنجي نالي ۾ ئي نھال ٿي ويندا ھئا ۽ منھنجي ماءُ کي به سڀ ايترو ڀائيندا ھئا ـ اھا ھئي منھنجي جيون جي اندروني جھلڪ جنھن ۾ مون تاريخي ورقن کي نظرانداز ڪري حالو چالو، پوليٽيڪل ڊرامن کان دور، شخصي معاملن کي مٿي ھڪ بلند سطح تي بيھاريو ٿي ۽ ٻاھرين باطني صورت کي وساريندي ڪن اصلي قدرن جي تلاش ۾ رکيو ته جيئن اھي پرمپرا وارا جِيوَ، ٻالپڻ وارا مٽ مائٽ، پيار ڏيندڙ ساٿي منھنجو نالو ٻڌي شرم کان ڪنڌ ھيٺ نه ڪن ـ خاندان جو مرڪز ڄمڻ کان وٺي ٿيو ھئس ۽ اھا چلولائي، اھا پنھنجائي، اھا جھاز واري رمز ۽ رفتار پئي ھلندي؛ نه موت جو فڪر، نه شخصي ڏک جو احساس، نه اونچ جو آزمودو نه نيچ جو امتحان، نه مُڪتيءَ لاءِ خواھش، نه بندگيءَ جا بوجا، نه عيش جا سپنا، نه ڪتابن جو چچڙ ڪڍي لکڻيءَ ذريعي پاڻ کي ظاھر ڪرڻ، نه مشھوري حاصل ڪرڻ، نه دولت ڪٺي ڪرڻ جو شوق نه اجائي موھه ۾ ڦاسڻ جنھن سان پنھنجي آزادي پيڙا ڏِسي، مُنھن ملول ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري ھلڻو پوي يا رات جو گھاٽي ننڊ کان محروم ٿيڻو پوي ـ“
حشو اھي خط لکندي پنھنجي پٽ کي پيار مان ڪنھن مھل پيارا پٽڙا لکي ٿو ته ڪنھن مھل گُل خان ته وري ديوان گلاب راءِ ـ حشو ڪلين شيو ھوندو ھو ۽ مُڇن وارا ماڻھو گھٽ وڻندا ھئس ـ پٽ کي لکي ٿو:”مُڇ رکايان ھا ته تون ضرور پَٽين ھا، جنھن لاءِ مار به خوب کائين ھا، جنھن مار جو توکي ذرو به چشڪو نه مليو، جنھن ڪري اھڙو لُچ ۽ پيارو ٿئين ـ“
حشوءَ 6 آگسٽ 1965 تي بمبئيءَ مان جي ايم سيد کي خط ۾ لکيو ھو:”منھنجو سياسي استاد منھنجو پٽ گُل آھي ـ صفحه ھستيءَ تي وڏي ۾ وڏو ڇوڪرو ـ اھو منھنجو پاڻ پيءُ آھي ـ“

حشوءَ جو گھر ڪٿي ھو؟
مٿي ٻڌايو ويو آھي ته بازار جي مُھڙ واري حصي ۾ حشوءَ جو گھر ھو ـ بازار ڏانھن ميمڻ پاڙي جي مسجد جي سامھون اُتر ۾ ٿوري مٿانھين چڙھي ھلبو ته پھرين ٻنھي پاسي ڪجھه رھائشي گھر ھوندا ھئا ـ جيئن ئي اُتر پاسي مُنھن ڪري ھلبو ته کاٻي پاسي ھڪ عمارت حشوءَ جو گھر ھئي ـ ڀرين جو صحافي راڻو شير محمد راجپوت ٻڌائي ٿو ته ورھاڱي کانپوءِ اھا عمارت ”ڀوندو“ نالي ھڪ اردو ڳالھائيندڙ کي ڪليم ۾ ملي ھئي پر اڳتي ھلي شايد ھن اھا وڪرو ڪري ڇڏي ۽ نئين مالڪ پراڻي عمارت ڊھرائي نئون گھر تعمير ڪرايو ـ
اسان جي ھڪ اديب دوست مدد علي سنڌيءَ حشو ڪيولراماڻيءَ بابت مرتب ڪيل ڪتاب ۾ ھڪ زميندار ٽھلرام جي گھر واري عمارت جو فوٽو ڇاپيو آھي جنھن کي ھن حشوءَ جو گھر لکيو آھي، جيڪو بلڪل غلط آھي ـ اھا ڀُل کانئس ان ڪري ٿي آھي جو حشوءَ جي والد جو نالو به ٽھلرام ھو ۽ ٻيو ته اھا تصوير به کيس ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي موڪليل ھئي ـ حشوءَ جو والد سندس ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو ھو جڏھن ته ھن عمارت جو مالڪ ٽھلرام 1965 واري جنگ کانپوءِ ھندستان لڏي ويو ھو ـ اھا عمارت به بھرحال پراڻي ۽ تاريخي آھي جنھن جي اڏاوت جو سن 1908 چيو وڃي ٿو ـ
بازار جي مُھڙ واري حصي ۾ جتي حشوءَ جو گھر ھوندو ھو، اُتان ھڪ گھٽي اوڀر ۾ نڪري بچل شاھه جي قبرستان کان ٿيندي سئنيما ڏانھن وڃي ٿي، جنھن ۾ ٿورو اڳتي ھلبو ته اھا عمارت ھوندي ھئي جنھن کي مددعليءَ حشوءَ جو گھر سمجھيو آھي ـ ان عمارت جا خريدار به مٽبا رھيا آھن ۽ ھاڻ ته ان جي نئين مالڪ سڄي عمارت نئين سر ٺھرائي آھي ـ
بس رُڳو ايترو چئي سگھجي ٿو ته حشوءَ جو گھر ۽ زميندار ٽھلرام جي عمارت ھڪٻئي جي ڪجھه ويجھو ھئا، جنھن لاءِ ڀرين جي زميندار سيد انور علي شاھه جو به چوڻ آھي ته ٽھلرام جي پاڙي ۾ حشوءَ جو گھر ھو ـ سندس ڳالھه وڌيڪ مستند آھي ڇو ته حشو ڪيولراماڻيءَ جي سيد انور علي شاھه جي والد سيد امام علي شاھه سان دوستي ۽ اچڻ وڃڻ ھوندو ھو ۽ ھن پاڻ به حشوءَ کي ڏٺو ھو ـ حشوءَ جو ھڪ ٻه ڪتاب به وٽن ھوندو ھو ـ
ڀرين جي ممتاڻي گھراڻي جو ھڪ شخص مھيرواڻ ممتاڻي (ڪتاب جي ھڪ الڳ باب ۾ سندس تعارف ڏنل آھي) به، جيڪو 1966 کان جرمنيءَ ۾ رھي ٿو، حشوءَ بابت ڊاڪٽر پارس نواز جي ڪتاب لاءِ لکيل پنھنجي مضمون ۾ ٻڌائي ٿو ته حشو ڪيولراماڻي ڀرين ۾ سندن پاڙيسري ھوندو ھو ـ ”حشو ۽ اسان جي ڪٽنب ۾ سٺي اچ وڃ ھوندي ھئي ـ سنڌ ۾ ته منھنجو ساڻس ملڻ نه ٿيو (ننڍي عمر ھجڻ ڪري) پر 1950 واري ڏھاڪي جي شروعاتي ڏينھن ۾ مون کيس پھريون ڀيرو ڏٺو ـ منھنجو ابو حشوءَ کي سندس ٻالڪپڻي کان سڃاڻندو ھو ڇاڪاڻ ته ھُو ڀريا شھر ۾ اسان جو پاڙيسري به ھو ۽ منھنجي ابي سان گڏجي ناٽڪ گھر ۾ ھڪ دفعي ڪنھن ناٽڪ ۾ اداڪار به بڻيو ھو ـ“
مھيرواڻ ممتاڻي لکي ٿو ته سندس والد حشوءَ جي ڀاءُ گوپ راماڻيءَ کي علم رياضي سيکاريندو ھو ـ اڳتي ھلي گوپ انڊيا ۾ ريلوي کاتي ۾ ٽڪيٽ ڪليڪٽر ٿيو ۽ مِٿرا ۾ رھندو ھو ـ حشوءَ جي والده به مٿرا ۾ گوپ وٽ رھندي ھئي پر دھليءَ وڃڻ ٿيندو ھئس ته ممتاڻين وٽ چڪر ھڻندي ھئي ۽ مھيرواڻ جي والد، امڙ ۽ ڏاڏيءَ سان ڪچھريون ڪندي ھئي جيڪا اصل ڪنڊياري جي ھئي ـ حشوءَ سان مھيرواڻ جي آخري ملاقات 1968 ۾ دھليءَ ۾ ٿي جڏھن ھُو جرمنيءَ مان آيل ھو ـ مھيرواڻ لکي ٿو ته ”صوفي راڳ متعلق سندس پينٽنگ حشوءَ کي گھڻو وڻندي ھئي جيڪا ھن پنھنجي ڪمري ۾ ڀِت تي ٽنگي ڇڏي ھئي ـ ھُو پنھنجي ٻارن کي به مصوريءَ لاءِ ھمٿائيندو رھندو ھو ۽ سندس چوڻ تي مان سندس جاڙين ڌيئرن مينا ۽ نينا کي پينٽنگ سيکاريندو ھئس ـ“ حشوءَ جو پُٽ گُل راماڻي، جيڪو 1978 ۾ جرمنيءَ ھليو ويو ھو، مھيرواڻ سان فون تي ڳالھائيندو آھي، پر بقول سندس پنھنجي اَبي جو گھڻو ذڪر ڪونه ڪندو آھي ـ
ڀرين ۾ ڪڏھن ھندو مسلم فساد ڪونه ٿيا
مدد علي سنڌيءَ پنھنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”حشو ڪيولراماڻي _ نه وسرندڙ شخصيت“ ۾ صفحي نمبر 34 تي لکيو آھي ته ڳوٺ ڀريا ۾ ڀارت مان آيلن فساد شروع ڪري ڏنو ھو جنھنڪري سوين سنڌي ھندن ڀريا مان لڏڻ شروع ڪيو ھو ـ باقي وڃي حشوءَ ۽ ٻن سنڌي ھندن جا گھر بچيا ھئا ـ اھي ٻئي سنڌي ھندو ڀريا جي ڪپھه جي ڪارخانن جا مالڪ ھئا ۽ ھنن به پنھنجو وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو ـ
حقيقت ۾ اھو واقعو ڀريا شھر ۾ نه بلڪ ڀرين کان ڇھه ميل اوڀر ۾ ڀريا روڊ (ريلوي اسٽيشن) ۾ ٿيو ھو جڏھن ته حشوءَ جو ڳوٺ ڀريا روڊ نه بلڪ ڀريا سٽي ھو تنھنڪري اھو چوڻ بلڪل غلط آھي ته ڀريا ۾ رُڳو حشو ۽ ٻن سنڌي ھندن جا گھر بچيا ھئا ـ اصل واقعي موجب ڀريا روڊ ۾ ھڪ شام ڪن ماڻھن بندوقون کڻي اچي ڪپھه جي ڪارخاني جي چوڪيدار يوسف يونس ڪيرئي کي حڪم ڪيو ته در تان ھٽي کين اندر وڃڻ ڏئي، پر ھن سندن چيو نه مڃيو ـ فسادين کيس چيو ته ھُو اندر ڪافرن کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا جنھن ۾ ھُو پاڻ به شامل ٿي سگھي ٿو ـ ان تي يوسف ڪيرئي کين وراڻيو ھو:”ڪڏھن به نه، اھي منھنجا مالڪ آھن، منھنجا يار آھن، اھو ڪم اصل نه ڪندس ـ توھان ته بدمعاش ٿا لڳو ـ“ ان تي حملو ڪندڙ، چوڪيدار کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ اندر گھڙي ٻنھي سيٺين کي به مارڻ کانپوءِ، ٽجوڙيءَ مان پنجٽيھه ھزار کڻي فرار ٿي ويا ـ
حشوءَ 1958 ۾ سنڌي ڪھاڻين جي انگريزي ترجمي وارو پنھنجو ڪتاب ڀريا روڊ جي انھيءَ بھادر شخص يوسف ڪيرئي کي ارپيندي لکيو:”يوسف يونس ڪيريو جي نالي ھيءُ ڪتاب ارپنا ڪريان ٿو، جيڪو ھڪ سورمي جيان ماريو ويو ھو ، پر مٿس نه ڪو ماتم ٿيو ۽ نه ئي ھُو مشھور ٿيو ـ شاھه لطيف جي سنڌڙيءَ جا ڪيترائي بي گناھه ماڻھو ايئن موت جي گھاٽ چاڙھيا ويا ـ ھيءُ ڪتاب مان يوسف يونس ڪيرئي جي ياد ۾ کيس ارپيان ٿو، جيڪو ھاڻ اڻڄاتل ۽ گمنام نه رھندو ـ“
ڪيترائي بزرگ ان ڳالھه جي ترديد ڪن ٿا ته ڀرين جي شھر ۾ اھڙو واقعو ٿيو ھو ـ ايم پي اي ۽ زميندار سيد مراد علي شاھه به ٻڌائي ٿو ته ڪارخاني تي حملي جو واقعو ڀريا روڊ ۾ ٿيو ھو ـ ”ڀرين مان لڏپلاڻ صرف ڊپ جي ڪري ٿي جڏھن نوابشاھه ۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر مسعود (کدرپوش) جي چُرچ تي ھندن تي حملا ۽ رتوڇاڻ ٿي ـ ڀرين ۾ بابا سيد نورمحمد شاھه ھندو برادريءَ کي خاطري ڏني ته ھتي اھڙو ڪوبه واقعو نه ٿيندوـ“
ھڪ بزرگ سيد فتح علي شاھه جو چوڻ آھي ته ڀريا روڊ ۾ حملو ڪندڙ شڪارپور جي پاسي کان آيل ڪي انتھاپسند ھئا ـ ڪن اطلاعن موجب اھي بروھي ذات جا ھئا ۽ ڏوھاري قسم جا ماڻھو ھئا ـ يوسف يونس ڪيريو پرڻيل ھو ۽ سندس اولاد ۾ ھڪ پُٽ ۽ ڌيءَ شامل ھئا جن مان پُٽ جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو جڏھن ته سندس ڌيءَ مان ھڪ ڏوھٽو، جنھن جو نالو يوسف ولد محمد ابراھيم آھي، ڀريا ۾ بلڊنگس کاتي ۾ ملازم آھي ۽ سندس گھر ڀريا روڊ ۾ آھي ـ
ڀريا شھر سدائين پُر امن رھيو ۽ ورھاڱي کانپوءِ به ڪيترائي ھندو سنڌي گھراڻا ھتي آباد ھئا پر پوءِ 1965 ۽ 1971 وارين جنگين کانپوءِ ھنن لڏپلاڻ ڪئي ـ

ڀائي ھريرام جي درٻار

ڀرين جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ به ڪا عجيب ڪشش ھئي جو ھتي سِک ڌرم جا ماڻھو نه رُڳو چڱي تعداد ۾ آباد ھئا پر سندن گُردوارو به اڏيل ھو جتي سنڌ جي مختلف علائقن توڙي دنيا جي ٻين ھنڌن تان به سِک ياتري ڪھي ايندا ھئا ۽ ڏينھن جا ڏينھن آشرم ۾ رھي پوندا ھئا جتي کين مفت کاڌو پيتو ملندو ھو ـ ان گُردواري جو پھريائين ته نالو ڪھڙو به ھجي، پر اُڻويھين صديءَ جي پڇاڙڪن ورھين کان ويھين صديءَ جي وچ تائين ان کي ڀائي ھريرام جي درٻار جي نالي سان ڄاتو ويندو ھو ـ
ڀائي ھريرام به اصل ڀريا جو ڪونه ھو ـ سندس جنم اڳوڻي خيرپور رياست جي شھر فيض گنج ڀرسان ڳوٺ بنگو بھڻ ۾ 1869 ڌاري آھوجا گھراڻي ۾ ٿيو ھو جتان کيس سندس گُرو ڀائي ڪرپارام ڀرين جي واري گُردواري ۾ آندو ھو ـ مشھور سنڌي اديب گوبند مالھيءَ موجب بنگو بھڻ خيرپور رياست جا ٻه جاڙا ڳوٺ ھئا ـ ھڪ ٻئي مشھور ليکڪ ٽھلرام آسُوديمل گُربخشاڻيءَ موجب ھڪ ڀيري ڀائي ڪرپارام خيرپور رياست ۾ گشت تي ھو ته ڳوٺ بنگو بھڻ جي ڀائي تنورام جي زمين تي منزل ڪيائين ـ ڀائي تنورام پاڻ به ھڪ ڀڳت ھو ۽ آشرم ۾ رھندو ۽ ٻنيون ڪرائيندو ھو ـ ھريرام سندس فرزند ھو ـ جڏھن ڀائي ڪرپارام جي نظر ھريرام تي پئي ته ان ٻالڪ جي ٻانھن گھريائين ـ تنورام کي چيائين ته ”اھو ٻالڪ اسان کي درٻار جي سيوا لاءِ ڏي پر تون ان کي خوشيءَ سان اسان کي ارپڻ ڪري ڏي ـ“ ان وقت ھريرام جي عمر ڏھه ٻارھن ورھيه کن ھئي ـ
ڀائي ڪرپارام، ھريرام کي وٺي ڀرين واري درٻار ۾ آيو جتي ھُو درٻار جي ڀنڊاري (رڌ پچاءُ) ۽ سيوا ۾ دل جان سان لڳي ويو جنھن ڪري ڀائي ڪرپارام گھڻو خوش ھو ـ ڀائي ھريرام سڄو ڏينھن درٻار جي ڳئُن جي خدمت، رڌ پچاءَ، صفائي ۽ گُروگرنٿ صاحب جي سيوا ۾ لڳو پيو ھوندو ھو ـ سندس شرير ننڍپڻ کان سخت محنت تي ھريل ھو ـ ھريرام تمام سادي زندگي گذاريندو ھو ۽کيس سدائين لنگوٽ ٻڌل ھوندو ھو ـ ڀائي ڪرپارام جي وفات کانپوءِ ڀائي ھريرام گادي نشين ٿيو پر پوءِ به سندس روزاني جي معمول ۾ فرق ڪونه آيو ـ ڇھه ميل اولھه ۾ ٺاروشاھه شھر واري پاسي سندن چار سئو ايڪڙ زرعي زمين ھوندي ھئي جڏھن ته ھڪ وڏو باغ ٺاروشاھه ۾ نولکي واھه جي ڪپ تي ۽ ھڪ ٻيو وڏو باغ ڀرين جي ڀرسان ھوندو ھو ـ ھن پنھنجي محنت سان اھي باغ تيار ڪيا ھئا ۽ ٻنين ۽ باغن جي اُپت مان درٻار جو خرچ ھلندو ھو جنھن ۾ درٻار ۾ رھندڙ چيلن ۽ ياترا لاءِ ايندڙ سِکن جو کاڌو پيتو ۽ ٻيو خرچ شامل ھو ـ ڀائي ھريرام ڪڏھن به درٻار جي خرچ لاءِ پئنچائت يا ٻئي ڪنھن کان خرچ ڪونه گھُريو ـ ٺاروشاھه واري باغ ۾ ڀائي ھريرام پنھنجي ۽ چيلن جي رھڻ لاءِ پڪيون جايون به ٺھرايون ھيون ـ سال جو ڪو ڀاڱو ڀائي ھريرام ان باغ ۾ گذاريندو ھو ـ ٺاروشاھه ۾ اڄ به ھڪ پاڙو سندس نالي پٺيان ”ھريپور پاڙو“ سڏجي ٿو ـ کيس چوپائي مال ۽ گھوڙن پالڻ جو وڏو شوق ھوندو ھو ـ اٽڪل ھڪ سئو مينھون ۽ ڳئون سندس باغن ۽ ٻنين تي ھونديون ھيون جن جو کير، ڏُڌ ۽ مکڻ درٻار لاءِ ايندو ھو ـ درٻار لاءِ ڀاڄيون ۽ ميووا به سندس ئي زمينن تان ايندا ھئا ته ڪڻڪ ۽ جوئر به اُتان ئي ايندي ھئي ـ انھيءَ جي باوجود سندس رھڻي ڪھڻي فقيراڻي ھئي ۽ کاڌي پيتي ۾ بصر، جوئر ۽ سايُن ڀاڄين تي گذر ڪندو ھو ـ ڀائي ھريرام رات جو تمام ٿورو وقت سمھندو ھو ۽ باقي وقت ايشور جي پُوڄا ۾ گذرندو ھئس ـ
سڄي ساھتي پرڳڻي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن نوابشاھه، حيدرآباد، ڪراچي ۽ سکر ۾ سندس تمام گھڻا شرڌالو سِک ھئا ـ منجھس ذرو به وڏائي ڪانه ھئي ۽ ڳالھائڻ جو کرو ھجڻ ڪري ھرڪنھن کي مُنھن تي سچ چئي ڏيندو ھو ـ جوانيءَ ۾ چيلن لاءِ به ھُو پاڻ ماني پچائيندو ھو پر ستر ورھين جي عمر ۾ به سگھارو ھوندو ھو ۽ منجھس پِيريءَ جي ڪابه نشاني نظر ڪانه ايندي ھئي ـ ٽھلرام آسودومل لکي ٿو ته ڀائي ھريرام جي درٻار ۾ عورتن کي اچڻ جي اجازت ڪانه ھوندي ھئي ـ ڀرين جي ھڪ وڏي شخصيت ۽ تعليمي ماھر راءِ بھادر ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جو ڀائي ھريرام سان گھڻو ملڻ جُلڻ ھوندو ھو ـ ديوان ڪوڙيمل جي حياتيءَ بابت پنھنجي ھڪ ٻئي ڪتابڙي (ڇاپو ڊسمبر 1945 ڪوڙومل سنڌي ساھتيه منڊل حيدرآباد) ۾ ٽھلرام آسودومل لکي ٿو ته ديوان ڪوڙو مل ڀائي ھريرام جي ڀرين واري درٻار ۾ به خطاب ڪندو ھو ـ ٻنھي ڄڻن وچ ۾ ايتري ويجھي سنگت ھئي جو ديوان ڪوڙو مل ڀائي ھريرام کي پاڻ سان ڪوئٽا وٺي وڃي گھمائي آيو ھو ـ چيو وڃي ٿو ته خيرپور رياست جي واليءَ جو به ڪڏھن ڪڏھن ڀائي ھريرام وٽ اچڻ ٿيندو ھو ـ درٻار ۾ صبح جو 5 کان 11 ۽ شام جو 5 کان رات جو 10 وڳي تائين ڪيرتن ۽ ڪٿا جو سلسلو ھلندو ھو جنھن ۾ ٻاھران ايندڙ سيوڪ به شريڪ ٿيندا ھئا ـ ٽھلرام آسوديمل جي انھن ڪتابن مان مرحوم حامد علي خانائيءَ به حوالو ڏيندي پنھنجي ڪتاب ”نوابشاھه ضلعو _ تاريخي شھر ۽ شخصيتون“ ۾، جيڪو اصل ۾ سندس پي ايڇ ڊي واري ٿيسز جو ھڪ باب آھي، ۾ اھي ڳالھيون لکيون آھن ـ
سنت طور ڀائي ھريرام جي پرورش ته سنت ڀائَي ڪِرپارام جي رھنمائيءَ ۾ ٿي پر ھُو ڀڳت واڌُو رام جو به پوئلڳ ٿي ويو ھو جيڪو ھڪ اڻپڙھيل دڪاندار منجھان ساڌُو بڻجي ويو جنھنکي ڀائي ھريرام ”سچ جو سوداگر“ سمجھندو ھو ـ اھڙن ساڌُن جي رھنمائيءَ ۾ ڀائي ھريرام به وڏي مرتبي وارو ساڌُو بڻجي ويو ھو جنھن جا وڏي تعداد ۾ پوئلڳ پيدا ٿي ويا، ھڪ ويب سائيٽ ٻڌائي ٿي ـ
ڀائي ھريرام بابت ڊِي ايڇ بُوتاڻيءَ جو به 1981 ۾ ھڪ ڪتاب Baba Hariram – Saint of Sindh ڇپيل آھي جيڪو آن لائين موجود ناھي ۽ دھليءَ ۾ ان جي پبلشنگ ڪمپنيءَ وٽان به اھو ڪتاب وڪامجي چُڪو آھي ـ
ڀائي ھريرام جا پنج ڇھه چيلا ھوندا ھئا جن مان مُکيه چيلو ڀائي شِيوارام ھو، جيڪو ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان ٿورڙو اڳ 19 جُون 1947 تي ڀائي ھريرام جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس گادي نشين ٿيو ڇو ته ڀائي ھريرام جي پوٽي ڀائي ھِردارام گادي نشين ٿيڻ کان انڪار ڪيو ھو ـ
سرڳواسي گوبند مالھيءَ، جنھن جو جنم ٺاروشاھه ۾ ٿيو ۽ ورھاڱي وقت ھندستان لڏڻ تائين جوانيءَ جا ڪيترائي ورھيه اُتي گذاريائين، پنھنجي جيون ڪٿا ”ڳالھيون پنھنجي ڳوٺ جون“ ۾ به ڀائي ھريرام جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن سان کيس سندس والد ملايو ھو ته جيئن ھُو کانئس ڪي روحاني رمزون سکي سگھي ـ گوبند مالھيءَ جي پُڦي ڀرين ۾ رھندي ھئي ۽ گوبند سال اڌ ڀرين ۾ پنھنجي پُڦيءَ وٽ رھي ويو ھو ـ
”بابا ھريرام سنياسي ھو پر ھڪ قسم جو ڪرم يوگي ھو ـ ھُو ڏيا وارو شخص ھو جنھن لاءِ مشھور ھو ته ھن ڪام تي ضابطو رکڻ لاءِ اندريءَ کي سُئو ھڻي ڪڍيو ھو ـ ھُو ڌڱُ مڙس ھو ۽ سندس وڏي دھشت ھوندي ھئي ـ ھڪ ڀيري جڏھن چار ڌاڙيل مٿس چڙھائي ڪري آيا ته ھن لٺبازيءَ سان کين ڀڄائي ڪڍيو ھو،“ گوبند لکيو ـ
ڀائي ھريرام عورتن کي مٿو ٽيڪڻ نه ڏيندو ھو ـ چوندو ھو،”سِر جھڪائڻو اٿَو ته ھڪ ڀڳوان آڏو جھڪايو ۽ ٻيو پنھنجي مڙس آڏو ـ“ مردن جي مُڇون ڪوڙائڻ تي به ڏاڍو ڏمربو ھو ـ چوندو ھو،”جن ڪُوڙايون مُڇون، تِن کان خبرون ڪھڙيون پُڇون؟“ سندس عقيدو ھو ته واندو ويھڻ معنى شيطان کي پاڻ وٽ دعوت ڏيڻ ـ پاڻ ته واندو ڪونه ويھندو ھو پر پنھنجي شرڌالن کي به واندو نه ڇڏيندو ھو ـ پھرين گھڻو وقت ڀرين ۾ رھندو ھو پر پوءِ ٺاروشاھه ۾ رھڻ لڳو جتي مارڪيٽ کان چڱو پري نولکي واھه جي پرئين ڪپ تي سندس شاھي باغ ھو جنھن کي بابا ھريرام جو باغ يا بابا ھريرام جو ديرو سڏيندا ھئا ـ باغ جي مُنھن وٽ ئي ٽي پڪسريون جڳھيون ٺھيل ھيون جن مان ھڪ مندر ھو جنھن ۾ پنجويھه ٽيھه شرڌالو (عقيدتمند) ھڪ ئي وقت ويھي سگھندا ھئا ـ ان کانپوءِ رھائش واري جاءِ ھئي جنھن ۾ ھڪ ڪمرو خاص سندس رھڻ لاءِ، ٻيو سندس چيلن جو ۽ ٽيون ٻاھران ايندڙ ياترين لاءِ، جيڪي ڪجھه ڏينھن سندس صحبت ۾ رھڻ گھرندا ھئا ـ پرڻيل زالون خواھه ڪنواريون ڇوڪريون گرنٿ صاحب کي مٿو ٽيڪي وڌ ۾ وڌ لنگر کائڻ يا پرساد وٺڻ لاءِ رنڌڻي تائين اچي سگھنديون ھيون ـ
ڀرين ۾ بابا ھريرام جو مُکيه عقيدتمند ھو ٺاڪر گُرسھاڻي ـ ڪرشن کٽواڻيءَ جي پيءُ عيدن داس جي به منجھس وڏي عقيدت ھئي جيڪو ڪراچيءَ مان خاص اچي ڏينھن جا ڏينھن وٽس ديري تي رھندو ھو ـ بابا ھريرام به ڪراچيءَ ويندو ھو ته عيدن داس وٽ ئي رھندو ھو ـ گوبند مالھيءَ پنھنجي باري ۾ لکيو آھي ته بابا ھريرام سان سندس گھڻي عقيدت ڪانه ھئي، پر ھُو رُڳو سندس خاص چيلي ڀائي گنوءَ جو راڳ ٻُڌڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن ديري تي ويندو ھو ـ اھو ئي ڀائي گنو ھو جيڪو بابا ھريرام جي ديھانت کانپوءِ شيوا رام جي نالي سان گاديءَ تي ويٺو ۽ ورھاڱي کانپوءِ راجسٿان جي علائقي ڀيلواڙ ۾ وڃي ديرو ٺاھيائين ـ شيوا رام به عمر ڀر ڪم کي بندگي سمجھندو رھيو ـ سندس ديھانت 1980 واري ڏھاڪي ڌاري ٿيو ـ
بابا ھريرام سان گھڻي عقيدت نه ھوندي به گوبند مالھي سندس واکاڻ ڪندي لکي ٿو ته ياترين ۽ عقيدتمندن سان بابا ھريرام جو وھنوار ڏاڍو وڻندڙ ھوندو ھو ـ
ورھاڱي سنڌ جا شھر، وستيون واھڻ ته خالي ڪرائي ڇڏيا پر مندر ۽ گُردوارا به ويران ٿي ويا ـ ڀائي ھريرام جي درٻار جو به ڪو والي وارث ڪونه رھيو ڇو ته ڀائي شيوارام به وڃي راجسٿان جا وڻ وسايا جتي ھن پنھنجي گُرو ڀائي ھريرام جي نالي پٺيان درٻار تعمير ڪرائي ـ ڀرين ۾ ڀائي ھريرام جي درٻار شھر جي وچ ۾ (موجوده راجپوت پاڙي ۾) پوسٽ آفيس جي عمارت جي سامھون ھوندي ھئي ـ پوسٽ آفيس جي عمارت ته اڄ به موجود آھي پر ڀائي ھريرام جي درٻار جي عمارت ھڪ ڏينھن ھندستان مان آيلن منجھان ھڪ شخص کِنوءَ کي ڪليم ۾ ملي وئي جنھن ان جي جاءِ تي نئين رھائشي عمارت جوڙي ورتي ـ درٻار ڀرسان ھڪ وڏو کوھه به ھوندو ھو جنھن ۾ ھيٺ لھي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ به لڳل ھوندي ھئي ـ وقت گذرڻ سان گڏ اھو کوھه به لَٽجي ويو ـ
ڀائي ھريرام جي درٻار جڏھن غيرآباد پئي ھئي ته ماڻھو انھيءَ عمارت مان قيمتي ڪاٺ، پٿر ۽ ٽائيلون به ڪڍي ويا ۽ پڇاڙيءَ ۾ رُڳو کنڊر وڃي بچيا ـ
ڀائي ھريرام جي درٻار واري ھنڌ ھاڻي ڀرين واري ٽائون ڪميٽيءَ جي ڪائونسلر حاجي صغير رائو جو گھر تعمير ٿيل آھي، جيڪو کِنوءَ جي اولاد منجھان آھي ـ
سال 2007 يا 2008 ۾ انڊيا مان ھڪ وفد آيو ھو جيڪو صغير رائو وٽ ترسيو، ان علائقي جي وڊيو رڪارڊنگ به ڪئي ۽ وڃڻ وقت درٻار واري ھنڌ جي ڪچي مٽي ۽ نلڪي جو پاڻي به کڻي ويو ـ ھنن اجمير ۾ تعمير ڪيل ڀائي ھريرام درٻار جو فوٽو به آندو ھو ـ
ڀرين جا ڪيترائي بزرگ ڀائي ھريرام جي درٻار جو ذڪر ڪندي ٻڌائن ٿا ته درٻار پوسٽ آفيس جي ويجھو ھوندي ھئي جتي پپر جو ھڪ وڏو وڻ به ھوندو ھو ۽ درٻار ويجھو ڳئون به بيٺل ھونديون ھيون ۽ ڀائي ھريرام پاڻ سِک ياترين کي کير پياريندو ھو ـ پِپر جي وڻ ڀرسان ئي وڏو کوھه به ھوندو ھو جنھن تي نار لڳل ھو ـ ڀرپاسي جي رھواسين جي بزرگن کان ان زماني ۾ ڀائي ھريرام جي درٻار مان صبح شام ٽليون وڄڻ جا آواز اڄ به ڪونه وسريا آھن ـ بزرگن جو چوڻ آھي ته ورھاڱي جي نتيجي ۾ ھتان جا سنت لڏي ويا ۽ درٻار جي عمارت خالي ٿي وئي پر ان عمارت جي ھڪ ڪمري کي ڪافي وقت تائين تالو لڳل ڏٺو ويو ـ ھڪ ڀيري ھندستان مان ان درٻار جا ڪي پوئلڳ آيا جن ان ڪمري کي کولڻ جي خواھش ڏيکاري ۽ موٽ ۾ انھيءَ جي ھر قيمت ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر نون مالڪن اجازت نه ڏنن ـ چيو وڃي ٿو ته بعد ۾ اھو ڪمرو کوليو ويو ته ان منجھان ڪيترائي سونا زيور نڪتا جيڪي شايد ڀائي ھريرام جي حياتيءَ ۾ ماڻھن امانت طور رکرايا ھئا ـ ڳالھه پراڻي آھي، اصل خبر خدا کي ۽ نَون مالڪن کي ـ

ڀِريا کان ڀوپال تائين سنڌ جي ساڌوءَ جو سفر

ايڪھتر ورھيه اڳ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي سان جيڪا لڏپلاڻ ٿي، تنھن جي نتيجي ۾ علم، ادب، وڻج واپار ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن جي لکين ماڻھن سان گڏ سنڌ جي ساڌُن کي به اباڻا پَٽ ڇڏي ھندستان جي مختلف ھنڌن تي وڃي وڻ وسائڻا پيا ھئا ـ اھڙن ساڌُن ۾ ساھتي پرڳڻي جي تاريخي شھر ڀِرين جا ڪجھه سنت به شامل ھئا ـ
ڀرين ۾ ٻيا ته کوڙ مندر ھئا پر سِک ڌرم جي ناليواري سنت ڀائي ھريرام جي درٻار گھڻي مشھور ھئي ـ گذريل باب ۾ ٻڌايل آھي ته ڀائي ھريرام جو ديھانت 19 جون 1947 تي ڀريا ۾ ٿيو ھو جنھن کانپوءِ جلد ئي ورھاڱو ٿيو ۽ ھتان جا سنت به لڏي ويا ـ انھن ساڌُن بابت پاڻ وٽ لکت ۾ ڪا گھڻي معلومات نٿي ملي ـ
انھيءَ موضوع تي لکڻ مھل منھنجي آڏو سوال ھو ته ورھاڱي جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ ٿيڻ بعد ڀائي ھريرام جي درٻار جا ٻيا ساڌُو ڪيڏانھن ويا؟ ٿوري گھڻي معلومات موجب انھن ساڌُن مان درٻار جي گادي نشين وڃي راجسٿان جا وڻ وسايا ھئا جنھن جو ذڪر گوبند مالھيءَ به پنھنجي ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ ۾ ڪيو آھي ـ انٽرنيٽ تي ڳولا موجب ھندستان ۾ ڀائي ھريرام جي نالي سان کوڙ درٻارون نظر آيون جن مان پتو ئي نٿي پيو ته سنڌ جي ٻائي ھريرام جا پونئير ڪھڙا ٿي سگھيا ٿي ـ ايئن ئي ويب سائيٽن تي ڳولا ڪندي معلوم ٿيو ته ھڪ سنت ھِردارام به ھيو جيڪو ڀائي ھريرام جو پوئلڳ ھو جنھن جو جنم 1906 ۾ ڀريا ۾ ۽ لاڏاڻو 2006 ۾ ڀوپال ۾ ٿيو جتي سماجي ۽ تعليمي ڪمن لاءِ سندس ھڪ اين جي او به ٺاھيل ھئي ۽ اڄ به سنت ھِردارام جا عقيدتمند اھا تنظيم ھلائيندا پيا اچن ـ ايئن معلومات جو رستو کُلي ويو ۽ اِي ميل تي ان تنظيم سان رابطو ڪرڻ سان ڀَڳوان ٻاٻاڻيءَ نالي ھڪ شخص کوڙ معلومات موڪلي ڏني ـ
ڀَڳوان ٻاٻاڻيءَ موجب شِري آئلداس ھيمناڻي، جيڪو سنت ھِردارام جي گھڻو ويجھو ھو ۽ ساڻس گڏ سندس ڪُٽيا ۾ ئي نواس ڪندو ھو، تنھن سنت ھِردارام جي سوانح به لکي آھي، جنھن ۾ ھن سندس حياتيءَ جا حال احوال سانڍيا آھن ـ شِري آئلداس موجب سنت ھِردارام ۽ سندس وڏا آھُوجا گھراڻي جا ھئا ۽ سندن جنم ڀريا جي ڀرسان تڏھوڪي خيرپور رياست جي ڳوٺ بَنگُو بِھڻ ۾ ٿيو ھو پر سنت ھريرام جي درٻار ڀريا ۾ قائم ڪيل ھئي ـ
آھُوجن جي گھراڻي ۾ جيڪي سنت پيدا ٿيا تِن ۾ ڀائي تنورام ولد جيسارام چنچلداس (جنم 1835 ۽ لاڏاڻو 13 اپريل 1910)، ڀائي ڌنورام ولد ڀائي ڀاڳچند چنچلداس (جنم 1836)، سنت بابا ھريرام ولد بابا تنورام جيسارام (جنم 1869 ۽ لاڏاڻو 19 جُون 1947)، سنت پھلو ڀڳت ولد آسودو مل (جنم 1891)، سنت ھِردارام ولد شِري سھجرام آسودومل (جنم 21 سيپٽمبر 1906 ۽ لاڏاڻو 21 ڊسمبر 2006) ۽ سنت شيوارام ولد پيسومل منگھومل (جنم 11 آڪٽوبر 1916) شامل ھئا ـ
انھن سنتن مان ڀائي ھريرام سِک برادريءَ جي اھم روحاني شخصيت ھئي ـ جڏھن سال 1947 ۾ ورھاڱي کان ٿورو اڳ ئي 19 جُون تي ڀائي ھريرام وفات ڪري ويو ته سندس جاءِ تي سندس پوٽي سنت ھِردارام کي گدي نشين ٿيڻ لاءِ چيو ويو پر ھن ڪونه مڃيو جنھنڪري سنت شيوا رام کي گديءَ تي ويھاريو ويو ـ سُتت ئي سندن قسمت ۾ لڏپلاڻ لکيل ھئي ـ
سنت شيوارام وڃي راجسٿان جي شھر ڀيلواڙيءَ ۾ وڻ وسايا جتي ھن ڀرين واري ڀائي ھريرام جي درٻار جھڙي نئين درٻار ٺاھي ورتي جڏھن ته سنت ھِردارام 1948 ۾ ڀريا ڇڏي جوڌپور ۾ وڃي رھيو جتان جلد ئي اجمير ھليو ويو ۽ نيٺ 1950 ۾ راجسٿان جي علائقي پُشڪر تيرٿ راڄ ۾ پنھنجي ڪُٽيا (جھُڳي) اَڏي ـ
جڏھن سنت ھِردارام جو جنم 21 سيپٽمبر 1906 تي سھجرام آهوجا ۽ ماتا روچلٻائيءَ جي گھر ۾ ٿيوته سندس ڏاڏي سنت ڀائي ھريرام اڳڪٿي ڪئي ته ھيءُ ٻالڪ وڏو ٿي هِڪ تياڳي سنت سڌ پرش ٿيندو ۽ ھنن سندس نالو رکيو ”رام“ ـ ٻالڪ رام جا پِتا ۽ ڏاڏو گُرٻاڻيءَ جو پاٺ ڪندا هُئا۔ هوُ به ننڍي ھوندي کان ئي ڌيان سان پاٺ ٻُڌندو هو ـ ٿورو وڏو ٿيڻ تي گھر ۾ ئي گُرمکي سکي پاڻ به روز گرٻاڻيءَ جو پاٺ ڪرڻ لڳو۔ جڏھن هو رڳو چئن سالن جو هُئو ته پنھنجي پڙڏاڏي سنت تنوُرام ساڻ ٻنيءَ تي ئي سماڌي لڳائيندو هو۔
هوُ اسڪولي تعليم ٽئين درجي تائين ئي حاصل ڪري سگهيو۔ سندن من اَصلي گيان طرف مائل هو۔ چوڏھن سالن جي عُمر ۾ سنه 1919ع ۾ هو سڀ ڪجهه وِساري، ڏينھن رات گروءَ ھريرام جي سيوا ۾ مگن رھندو هو جنھن کيس برھمچاريه جو پالن ڪرڻ ۽ ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موه، اهنڪار تي ضابطو رکي پورو وقت پرڀو سِمرن ڪرڻ جي سکيا ڏني ـ نتيجي ۾ ھن دنياوي خواھشن کي تياڳي ڇڏيو ـ گروءَ کيس پنج سکيائون ڏنيون (1) سادو کاڌو، (2) سادگيءَ ڀريو جِيون ۽ سادا وستر پھرڻ، (3) پنھنجا روزاني جا ڪم پاڻ پنھنجن هٿن سان ڪرڻ (4) ڌن گڏ نه ڪرڻ ۽ (5) سنسار جو سنگ نه ڪرڻ۔
اھڙي طرح سنت ھردارام جو سموري حياتي پنھنجين اندرين خواھشن مٿان ضابطو رھيو۔ جھڙو سندس نالو رام ھو، تھڙو سندس من رام سان ريجھيل ھو جنھنڪري مٿس نالو ئي پئجي ويو ھِردارام يعني جنھن جي من ۾ رام ھجي ـ
”هو چوندا هُئا پھراڻ ڪنھنجي سُڃاڻپ نه ٿيندو آھي، گيروُ پھراڻ سان ڪو ساڌو ڪونه ٿي ويندو آھي۔ اِھا ته من جي اوسٿا آھي۔ هِڪ گرھسٿ شخ‍ص به پنھنجي سوچ ۽ ڪمن سان ساڌوُ بڻجي سگهي ٿو۔ جنهن ماڻھوءَ کي اِنسان ذات جي سيوا ڪرڻ جي لگن ھجي انکي ته گيروُ رَتا ڪپڙا بلڪل ئي نه پائڻ گھرجن، ڇو جو گيروُ ڪپڙا پھرڻ سان ٻيا ماڻھو ھُن کان سيوا وٺڻ نه چاهيندا ۽ اُلٽو سندس سيوا ڪرڻ جي اِڇا رکندا“، ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ ٻڌايو۔
سال 1960 ڌاري سنت ھِردارام مڌيه پرديش رياست جي گادي ڀوپال جي ويجھو ننڍڙي شھر بئراڳڙھه ويو جتي سنڌ مان لڏي آيل ڪافي سنڌي آباد ھئا ـ ٻي مھاڀاري جنگ ۾ انگريزن ان شھر کي جنگي قيدين جي ڪئمپ طور استعمال ڪيو ھو ـ بئراڳڙھه ۾ سنڌين جي پيار ۽ محبت سنت ھِردارام کي گھڻو متاثر ڪيو، جن مٿس زور وڌو ته ھُو مستقل طور اُتي رھي پئي ـ سنت ھِردارام سنڌين جي خواھش ڏسي سال جا اٺ مھينا پُشڪر ۽ چار مھينا بئراڳڙھه ۾ رھڻ شروع ڪيو ۽ نيٺ 1965 ۾ ھُو پُشڪر مان بئراڳڙھه منتقل ٿي ويو ـ
”سنت ھِردارام جو جيون هميشهه سادگيءَ وارو رھيو۔ ڪاٺ جي صندل تي سمھندا هُئا، پنھنجي گُرن جي آگيا سان ڌارڻ ڪيل گيرو رنگ جا سوٽي ڪپڙا پھريند هُئا، سالن کان ھڪ ئي جُوتن جي جوڙي۔ ڪپڙا ڦاٽي پوندا هُئن ته پاڻ ئي ٽوپو ڏيندا هُئا۔ ڪپڙا به ڇا هُئن! ھڪ بنڊي، گوڏ نُما ڌوتي ۽ مٿي تي انگوڇو۔ ٻارھن ئي مھينا ھڪ ئي پهراڻ۔ سندن ڪٽيا جو رنگ به نرالو هو، ڀتين تي پلاسٽر به ڪيل ڪونه هو۔ سموري ڪُٽيا انب ۽ نِم جي وڻن ۽ تلسيءَ جي ٻوُٽن سان ڀريل رھندي ھئي۔ چئن ئي پاسي مينديءَ جي ڪياري، فرش بلڪل سادو۔“
”تندرستي ھوندي به کنڊ، لوڻ ۽ کٽاڻ کان پاسو ڪندا هُئا۔ کاڌي ۾ گھڻو ڪري لوڪيءَ جي ڀاڄي واپرائيندا هُئا۔ ڪريلا، توُريون، ميھا، پالڪ وغيره سايون ڀاڄيون اوٻاري، بنا تيل، لُوڻ جي کائيندا هُئا۔ حَواسن تي سخت ضابطو هُئن۔ تلسي ۽ نِم جا پن چٻاڙي کائيندا هُئا ۽ اُنھن جو رس به پيئندا هُئا“، ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ ٻڌايو ـ
سندن پنھنجي زندگي ته سادگيءَ سان ڀريل ھئي پر عام ماڻھن جي ڀلي لاءِگھڻو فڪر ھوندو ھئن ـ سندن درشن لاءِ ايندڙ ماڻھن کي چوندو ھو:”منھنجو درشن ڪرڻ سان توھان کي ڇا ملندو؟ پِرڀوءَ جو درشن ڪرڻو اٿئي ته وڃي غريبن جي سيوا ڪر ـ“ سندن فلسفو ھو ته ”ٻار، ٻڍا ۽ بيمار، آھن پرميشور جا يار، ڀاونا سان ڪريو سيوا تِن جي، پائيندا لوڪ پرلوڪ ۾ سُک اَپار ـ“ ان فلسفي تحت سنت ھِردارام صرف انھن ماڻھن سان ملندو ھو جيڪي غريبن جي مدد ڪرڻ گھرندا ھئا ـ سندن ڪوششن سان ئي بيراڳڙھه ۾ ”جِيوِ سِوا سنسٿا“ نالي سان ھڪ اين جي او جو بنياد وجھي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم شروع ڪرڻ سان گڏ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون قائم ڪيون ويون ـ سنت ھِردارام جي خدمتن کي مڃتا ڏيندي مڌيه پرديش حڪومت ڀوپال جي گاديءَ کان ڏھه ڪلوميٽر پري بئراڳڙھه شھر جو نالو مٽائي ھِردارام نگر رکي ڇڏيو ۽ ايئن 1995 کان مڌيه پرديش جو اھو شھر ڀرين مان ويل ساڌُوءَ جي نالي پٺيان سڏجڻ لڳو ـ بئراڳڙھه جي ريلوي اسٽيشن به انھيءَ نالي سان سڏجي ٿي جتي روزانو 18 ٽرينون بيھن ٿيون ـ
ھن وقت به ھڪ اين جي او ”سنت ھِردارام شڪشا اِيوام سماجڪ وِڪاس سميتي“ جي نالي سان سرگرم رھي ڀرين جي ساڌوءَ جي فلسفي تحت صحت ۽ تعليم جا ادارا ھلائي رھي آھي جن ۾ ڇوڪرين جو ھڪ وڏو ڪاليج، سائنس ڪاليج، ڪامرس ڪاليج، ساڌو واسواڻي ميڊيڪل ڪاليج، ڪيترائي اسڪول، مٺي گوبند رام پبلڪ اسڪول، اکين جي اسپتال، آڊيٽوريم، آشرم ۽ ٻيا ادارا شامل آھن ـ سنت ھِردارام جي ھڪ عقيدتمند ۽ سندن اين جي او جي سرگرم ميمبر سِڌ ڀائوءَ جي رھنمائيءَ ۾ ”شھيد ھيمون ڪالاڻي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي“ به قانون تحت رجسٽر ڪرائي تعليمي سرگرميون جاري رکيون ويون آھن ـ مٺي گوبندرام پبلڪ اسڪول ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت به پروگرام ٿيندا رھندا آھن ـ غريب ۽ مستحق ٻارن جي تعليم ۽ مالي مدد لاءِ سنت ھِردارام جي ھدايتن تي ”سنڌو ڀَوَن“ نالي سان ھڪ ٽرسٽ به قائم ڪئي وئي ھئي ـ
ڊسمبر 1984 ۾ يونين ڪاربائيڊ جي جيت مار دوائن جي ھڪ ڪارخاني مان زھريلي گئس خارج ٿيڻ سان ھزارين ماڻھن جي موت سبب مشھور ٿيل ڀوپال شھر جي ڪڇ ۾ قائم ھِردارام نگر ھاڻ ته ڄڻ ھندستان ۾ سنڌين جي گاديءَ جو شھر بڻجي ويو آھي جتي ڪاروبار ۽ صنعت تي سنڌي ڇانيل آھن ۽ سندن وڏا شاپنگ مال قائم ٿيل آھن ـ
ڪجھه عرصو بيمار رھڻ کانپوءِ سال 2006 ۾ 21 ڊسمبر تي رات جو 9 وڳي جڏھن سنت ھِردارام ھڪ سئو ھڪ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو ته ماڻھن ڏُک ۾ سڄي شھر جون بتيون بند ڪري ڇڏيون ۽ ٻئي ڏينھن شھر مڪمل طور بند رھيو ـ
گذريل سال سنت ھِردارام جي ورسيءَ تي ھڪ پروگرام ۾ مڌيه پرديش جي وڏي وزير شِوِراج سنگھه چوھاڻ نه رُڳو سنڌ جي ھن ساڌوءَ جي خدمتن کي واکاڻيو پر ھنن لفظن سان سنڌوءَ جي تھذيب کي به ڀيٽا ڏني :”سنڌوءَ جي ڪناري جنم وٺندڙ تھذيب ئي انڊيا کي جنم ڏنو“ـ

باليووڊ جي راڻي شيلا راماڻي

ڀِريا جي تاريخ جي تھخانن ۾ لھندو ٿو وڃان جتي لِڪل خزانن تي وقت جي دَز ڄمي وئي آھي ـ وقت جي دَز کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترائي موتيءَ داڻا ملندا ٿا وڃن ـ انھن موتيءَ داڻن منجھه ھڪ موتي شِيلا راماڻيءَ جي شڪل ۾ مليو آھي ـ
جھونن ماڻھن کي ضرور ياد ھوندو ته ھندستان جي فلمي صنعت تي 1950 ۽ 1960 واري ڏھاڪي ۾ شيلا راماڻيءَ نالي ھڪ اداڪارا راڄ ڪندي ھئي ـ کين ممڪن آھي ته اھا به ڄاڻ ھجي ته اھا اداڪارا سنڌياڻي ھئي ـ سنڌ جي نئين نسل مان ڪن ٿورن ماڻھن کي شيلا راماڻيءَ بابت خبر ھوندي، پر اھا خبر شايد آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن کي ئي ھوندي ته شيلا اصل ۾ ڪيولراماڻي گھراڻي منجھان ۽ سِک ڌرم سان تعلق رکندڙ ھئي جنھن جو جنم 1932 ۾ سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي ننڍڙي شھر ڀريا ۾ ٿيو ھو ـ سندس جنم جي تاريخ ڪِن ھنڌن تي 2 مارچ ته ڪن ھنڌن تي 2 اپريل لکيل آھي پر جنم جو سال 1932 ئي آھي ـ
شِيلا جي عمر اڃان پندرھن ورھيه ھئي جو ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ِ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪن ھنڌن تي فساد ڪرايا ويا ـ اھڙو ئي ھڪ خوني واقعو نوابشاھه ۾ ان وقت جي پنجابي ڊپٽي ڪليڪٽر مسعود (کدرپوش) به ڪرايو ھو جنھن ۾ ھندستان لڏي ويندڙ سنڌي سِکن سان ڀريل ريل گاڏيءَ تي حملو ڪري سندن قتلام ڪرايو ويو ـ انھيءَ واقعي جي دھشت ڀريا جي ڪيولراماڻي گھراڻي کي به سنڌ ڇڏي ھندستان لڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو ـ شيلا جو والد ايف ايم ڪيولراماڻي پنھنجي ٻارن ٻچن کي ته وٺي ھندستان ھليو ويو پر سندن ڪي مائٽ ڪراچيءَ ۾ ئي اسلام قبول ڪري رھي پيا جن ۾ شِيلا جو ھڪ مامو شيخ لطيف عرف لَڇُو به شامل ھو جيڪو اڳتي ھلي پاڪستاني فلمي صنعت جو مشھور ڊسٽريبيوٽر ۽ پروڊيوسر ٿيو ـ
ھندستان جي ٻين علائقن مان ٿيندي نيٺ آخر ۾ شِيلا جي خاندان دھليءَ جي اُتر ۾ 290 ڪلوميٽر پري ھماليائي جبلن واري علائقي مسُوريءَ ۾ رھڻ پسند ڪيو جتي ھنن مسواڙ تي ھڪ ڪاٽيج ورتو ھو ـ مسُوريءَ جي پُر فضا ماحول ۾ شِيلا پنھنجي سونھن ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1948 ۾ حُسن جي مقابلي ۾ حصو وٺي ”مِس مَسُوري“ جو اعزاز ماڻي ورتو ۽ وري جلد ئي مَسُوريءَ جي حدن مان نڪري پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ۾ 1950 ڌاري ”مِس شِملا“ واري حُسن جي مقابلي ۾ شريڪ ٿي اھو اعزاز به کٽي ورتائين ـ ايئن ڀريا ڄائي شِيلا ڪيولراماڻيءَ پنھنجي ڌرتيءَ کان ڌِڪجي ڌار ٿيڻ باوجود ھمت نه ھاري ۽ ھندستان جي ان ڏورانھين علائقي ۾ ھڪ حيثيت ماڻي ورتي ـ
انھن ئي ڏينھن ۾ ڪيولراماڻي خاندان جي ھڪ ويجھي دوست شِري ناٿ جِيءَ شِيلا جي سونھن ۽ صلاحيتن کي پرکي ورتو ۽ کيس ھندستان جي فلمي صنعت ۾ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ـ ڪيولراماڻي خاندان جو شِري ناٿ جِيءَ تي وڏو ڀَروِسو ھو ـ مَسُوريءَ ۾ رھندڙ سندن انھيءَ دوست جي ڪوششن سان چَيتن آنند شِيلا کي فلمن ۾ متعارف ڪرايو ـ شِيلا جي پھرين فلم ”بدنام“ ھئي جيڪا 1952 ۾ رليز ٿي ـ ھن فلم ۾ سندس نالو ھو ”چمپا“ ـ انھيءَ کانپوءِ ھن لاءِ فلمي دنيا جا در کُلي ويا ۽ ھُوءَ نھايت حسين ۽ پُرڪشش اداڪارا ھجڻ جي ڪري ھندستان جي فلمي صنعت تي ڇانئجي وئي ـ ساڳئي سال ئي سندس ھڪ ٻي فلم ”آنند مٿ“ به رليز ٿي ۽ 1953 ۾ به ٻه فلون ”سُرنگ“ ۽ ”تين بتي چار راستي“ رليز ٿيس ـ ھدايتڪار شانتارام جي فلم ”تين بتي، چار راستي“ ۾ شِيلا ھڪ سنڌي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو جنھن تي سنڌي ڪلام ”سِڪ ۾، او سِڪ ۾“ پڪچرائيز ڪيو ويو ھو ـ اھو گيت رام پنجواڻيءَ جو لکيل ھو ۽ باليووڊ جي مشھور موسيقار گلشن صوفيءَ ڌُن ڪمپوز ڪئي ھئي ـ گلشن صوفي پاڻ به سنڌي ھو ـ پر شِيلا کي سڀ کان وڌيڪ مڃتا ۽ مشھوري 1954 ۾ رليز ٿيل اداڪار ديوآنند جي فلم ”ٽيڪسي ڊرائيور“ سان ملي جنھن ۾ ديوآنند سان ھيروئن طور ته ڪلپنا ڪارتڪ ڪم ڪيو ھو پر شِيلا کي ھيروئن کان به وڌيڪ پسند ڪيو ويو جنھن ان فلم ۾ ھڪ اينگلو انڊين ڪلب ڊانسر جو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ انھيءَ فلم ۾ سندس نالو ھو سِلوِي ـ ساڳئي سال ئي سندس ٽي ٻيون فلمون ”نوڪري“، ”منگو“ ۽ ”مينار“ مارڪيٽ ۾ اچي ويون ـ سال 1955 ۾ سندس فلم ”ريلوي پليٽفارم“ ۽ 1956 ۾ ”فنٽوش“ رليز ٿي ۽ انھيءَ سال ئي شِيلا جي پاڪستاني فلم ”انوکي“ به رليز ٿي جنھن لاءِ ھوءَ پنھنجي مامي شيخ لطيف جي چوڻ تي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ آئي ھئي ـ شِيلا انھن چند فلمي اداڪارائن مان ھڪ ھئي، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ وري پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪرڻ آيون ھيون ـ فلم ”انوکي“ ھاليووڊ جي فلم ”فيبيولس سينوريٽا“ جي ڪھاڻيءَ کان متاثر ٿي ٺاھي وئي ھئي، پر پاڪستان ۾ ان وڏو بزنيس ڪيو ـ فلم ۾ زبيده خانم جو ڳايل گانو ”گاڙي ڪو چلانا بابُو ذرا ھلڪي ھلڪي ھلڪي، ڪھين دل ڪا جام نه ڇلڪي“ تمام گھڻو مشھور ٿيو ھو ـ فلم جي موسيقي حسن لطيف ۽ ھڪ بنگالي موسيقار تِمر بارن ڪمپوز ڪئي ھئي ـ شِيلا جو مامو شيخ لطيف مشھور پروڊيوسر ھو جنھن جون فلمون رتن، خزان ڪي بعد ۽ دربارِ حبيب مشھور ھيون ـ
شِيلا ڪيولراماڻيءَ کي اھو به اعزاز حاصل ٿيو ته ھن ھندستان ۾ ٺھيل پھرين سنڌي فلم ”اباڻا“ ۾ ھيروئن جو ڪردار ادا ڪيو ـ ”اباڻا“ فلم ورھاڱي سبب سنڌ مان سنڌي ھندن جي لڏپلاڻ واري موضوع تي ٺھيل ھئي ـ ھيءَ فلم 1958 ۾ رليز ٿي جنھن ۾ شِيلا ھڪ وچولي طبقي جي ڪُٽنب ۽ ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ پيءُ جي ڌيءَ ۽ ھڪ معصوم پريميڪا جو ڪردار ادا ڪيو ھو، جيڪا شڪ جو شڪار ٿئي ٿي ۽ نيٺ ورھاڱي کانپوءِ ان شڪ جو نبيرو ٿئي ٿو ـ ساڌنا شِوداساڻي، ھڪ ٻي سنڌياڻي، جيڪا پاڻ به اڳتي ھلي باليووڊ جي مشھور اداڪارا ٿي، ھن فلم ۾ شِيلا جي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ ان حوالي سان به ھڪ دلچسپ ڳالھه مشھور آھي ته ساڌنا فلم جي شُوٽنگ وقت شِيلا کان جڏھن آٽوگراف گھريو ته ھن اھو چئي انڪار ڪيس ته ”ھڪ وقت ايندو جڏھن مان توکان آٽوگراف وٺنديس“، ۽ سندس چوڻ صحيح ثابت ٿيو جو ساڌنا باليووڊ جي وڏي اداڪارا بڻجي وئي ـ شيلا جي ٻين فلمن ۾ جنگل ڪِنگ (1959)، دي رٽرن آف مسٽر سُپرمئن (1960) ۽ آوارا لڙڪِي شامل آھن جڏھن ته 1962 ۾ رليز ٿيل فلم ”مان بيٽا“ سندس آخري فلم ھئي جنھن کانپوءِ 1963 ۾ شادي ڪري شِيلا فلمي دنيا کان ھميشه لاءِ ڪناره ڪش ٿي وئي ـ ايئن ھوءَ ھڪ طوفان جيان ھندستاني فلمي صنعت تي ڇانئجي سورھن (ڪجھه اخباري رپورٽن موجب 18 فلمون) فلمن ۾ ڪم ڪري 1950 ۽ 1960 واري ڏھاڪي کي يادگار بنائي گُم ٿي وئي ۽ وڏي عرصي تائين ڪنھن کي به خبر ڪانه ھئي ته شِيلا ڪٿي آھي ـ
شِيلا ڪيولراماڻيءَ ھڪ پارسي صنعتڪار جال ايڊي ڪائوسجي Jall Edi Cowasji سان شادي ڪئي ھئي جنھن بعد ڪجھه وقت ھنن ممبئيءَ ۾ گذاريو ۽ پوءِ نيويارڪ ۾ به رھيا ـ شِيلا شاديءَ کانپوءِ فلمي صنعت کان انھيءَ ڪري پري ھلي وئي جو ھن پنھنجي ڪُٽنب کي ئي فلمي دنيا کان پري رکڻ ٿي گھريو ـ کيس ٻه پُٽ ڄاوا جن مان ھڪ راھُل وڏو ٿي پائلٽ ٿيو ـ
راھُل جي چوڻ موجب شِيلا 31 مارچ 1963 تي صنعتڪار جال ايڊي ڪائوسجيءَ سان پرڻو ڪيو جيڪو رنگساز ڪمپني بمبئي ڊائنگ جو مالڪ ھو ـ شاديءَ کانپوءِ ھُو ممبئي ۾ رھيا جنھن کانپوءِ ٽي سال خرطوم ۽ ٽي سال سريلنڪا ۾ رھيا ـ سال 1984 ۾ مُڙس جي وفات کانپوءِ شِيلا پنھنجي ٻارن کي وٺي آسٽريليا ھلي وئي جتي ھُوءَ سڊني ۽ سرفرس پئراڊائيز ۾ رھي ـ نئين صديءَ جي ابتدا ۾ سندس طبيعت خراب رھڻ لڳي ته ھوءَ ڀارت جي مڌيه پرديش رياست جي شھر اندور ۾ مَھو Mhow واري علائقي (ھڪ اڳوڻي ڇانوڻي، جنھن کي 2003 ۾ ڊاڪٽر امبدڪر نگر جو نالو ڏنو ويو) ۾ پنھنجي مڙس جي گھر ۾ اچي رھڻ لڳي ۽ اُتي ئي 15 جولاءِ 2015 تي وفات ڪري وئي ـ
شِيلا جو فرزند راھل ٻڌائي ٿو ته سندس امڙ راندين جي شوقين ھئي ۽ فٽبال ۽ سُئمنگ گھڻو پسند ھيس ـ ”بال روم ڊانسنگ جي ته وڏي ھَير ھيس ۽ اڪثر ڊانس لاءِ ھلي ويندي ھئي،“ ھن ھڪ ھندستاني اخبار کي انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو ـ پنج فُٽ چار انچ قد واري ھيءَ حسين عورت ڪپڙن لٽن جي به وڏي شوقين ھئي ۽ وٽس ايترا ته وڳا ھوندا ھئا جو ھڪ وڳي جو ٻيھر پائڻ جو وارو ڇھن مھينن کان اڳ ڪونه ايندو ھو ـ شِيلا جي نشيلن نيڻن ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڪشش ھئي ۽ ھوءَ ھندستان ۾ وڏگھراڻي جي فيشني نخريلي ڇوڪريءَ طور مشھور ھئي ـ فلمن ۾ ھيروئن توڙي سائيڊ ھيروئن طور به اڪثر کيس ماڊ گرل وارا ڪردار ملندا ھئا ـ
ڀريا جا ڪي جھونا اڄ به ٻڌائن ٿا ته جڏھن فلم ٽيڪسي ڊرائيور رليز ٿي ھئي تڏھن سندس گھراڻي کي سڃاڻيندڙ ھندو سنڌين ٻڌايو ھو ته شِيلا ڀريا جي آھي ـ ڪِن بزرگن موجب شيلا ڪيولراماڻي ھجڻ ڪري حشو ڪيولراماڻيءَ جي خاندان جي ھئي ـ پر ڀرين جي زميندار ۽ بزرگ سيد انور علي شاھه جو چوڻ آھي ته شيلا ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جي مائٽياڻي ھئي جنھن جي ثابتي نٿي ملي ـ
ڀرين جي سيد مراد علي شاھه، جنھن جون ڇھه سئنيمائون ھيون، به تازو شيلا بابت پنھنجون ساروڻيون شيئر ڪندي ٻڌايو ته ھوءَ پاڪستان ۾ ڪافي ڀيرا آئي ھئي ـ ”شيلا جو مامو لطيف نه رُڳو پروڊيوسر پر فلم ڊسٽريبيوٽر به ھو جنھن سان اسان جو واسطو ھو ـ انوکي فلم ۾ ڪم لاءِ اچڻ کان اڳ به ھوءَ ڪراچيءَ آئي ھئي ۽ اسان واري بنگلي تي ترسي ھئي ـ وري جڏھن انوکي فلم ۾ ڪم ڪرڻ آئي ته به ملڻ ٿيو ھو ـ جيستائين سندس مامو شيخ لطيف حيات ھو، ايستائين ھوءَ ڪراچيءَ ايندي رھي ـ“
جڏھن سيد مُراد علي شاھه پنھنجي والد سيد نور محمد شاھه جي وفات کانپوءِ سندس سيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ته ڪجھه ورھين بعد 1975 ڌاري پنھنجي گھر واريءَ سان گڏ ھندستان گھمڻ ويو ھو جتي بمبئيءَ ۾ شيلا راماڻيءَ وٽ مھمان ٿيو ـ ”اسان بمبئيءَ ۾ سمنڊ ڪناري شيلا جي گھر ۾ ترسياسين جتي ھوءَ پنھنجي پارسي مڙس ۽ پُٽن سان رھندي ھئي ـ مان ساڻس ڪچھريءَ ۾ کانئس سندس فلمي زندگيءَ بابت سوال ڪندو ھئس پر ھُوءَ ان موضوع تي ڳالھائڻ کان لنوائي ويندي ھئي،“ مُراد علي شاھه ٻُڌايو ـ بمبئيءَ ۾ شيلا جي والده به سندن دعوت ڪئي ته دھليءَ ۾ رھندڙ سندس ھڪ ماسيءَ وٽ به وڃڻ ٿين ـ شيلا جي گھراڻي پُونا ۾ به سيد مُراد علي شاھه جي مان ۾ ھڪ وڏو پروگرام رٿيو ھو جيڪو برساتن پوڻ ڪري نه ٿي سگھيو ھو ـ
ممبئي ياترا جون ساروڻيون شيئر ڪندي سيد مُراد علي شاھه ٻڌايو ته شيلا جي گھر ۾ پھرين رات گذرڻ تي صبح ساڻ فونون اچڻ شروع ٿيون ـ ”حيران ٿيس ته منھنجي اچڻ جي خبر ماڻھن کي ڪيئن پئي ـ پوءِ معلوم ٿيو ته ڀرين جي ھڪ دوست ڪنئي پنھنجي ھندستان ۾ پرڻيل ڌيءَ لاءِ خط ڏنو ھو، جيڪو ھوائي اڏي تان ئي مون ٽپال ۾ موڪلي ڇڏيو ھو ـ ان خط ۾ ڪنئي منھنجو شيلا وٽ مھمان ٿيڻ جو به ذڪر ڪيو ھو ۽ خط ملڻ شرط ھنن اخبار ۾ به خبر ڇپرائي ڇڏي ھئي ـ“
”تِن ڏينھن ۾ بمبئيءَ ۾ سنڌي مزاحيه اسٽيج ڊرامو ”گھر ڄوائي“ ھلي رھيو ھو ـ ڊرامي جون پنجاھون شو ھو جنھن ۾ مونکي خاص مھمان طور گھرايو ويو ـ ڊرامي جي ڪھاڻيءَ ۾ سنڌ ۽ ھتان جي شھرن جو ذڪر ھو ـ مون اُتي نھايت جذباتي تقرير ڪئي جيڪا ڏاڍي پسند ڪئي وئي ـ بمبئيءَ ۾ ڀرين جو ھڪ دوست جھمٽ مل به مليو ۽ دعوت ڪيائين ـ طوطو مل ۽ جھمٽ مل ڀرين ۾ روز ملندا ھئا پر پوءِ ھندستان لڏي ويا ھئا ـ جھمٽ مل جي گھر سڄو ڏينھن گذاريم جتي سندس ڌيءَ مون کان منھنجي پسند جو کاڌو پڇيو ته سنڌيءَ ۾ جواب ڏيڻ تي ھن دانھن ڪري پيءُ کي ٻڌايو ته بابا ھيءُ ته سنڌي ڳالھائي ٿو ـ“

شھرين جون ساروڻيون: جڏھن ڀِرين جي بازار ۽ ماڙيون خالي ٿي ويون

ايڪيھين صديءَ جي اُڻويھين سال ۾ به ڏسبو ته ڀرين جي بازار ذري گھٽ ويران ٿي وئي آھي ۽ شھر جون ڪاروباري سرگرميون، دڪان ۽ ھوٽلون، بئنڪون ۽ ٻيون رونقون گھڻو تڻو قومي شاھراھه واري پاسي نظر اينديون، پر ھن بازار جو اوج ھڪ ڀيرو 1947 ۾ به ختم ٿيو ھو ـ
ورھاڱي کان اڳ ڀرين جي بازار ۾ رونقون ھونديون ھيون ۽ ڪاروبار اوج تي ھوندو ھو جتان خريداريءَ لاءِ ساھتيءَ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان آيل ماڻھن جا ميڙ ھوندا ھئا ـ اھا ئي بازار جتي ختم ٿيندي ھئي، اُتي ٽانگا بيٺل ھوندا ھئا، جتان ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ ڏانھن رستو نڪرندو ھو جنھن کي ٽپالي رستو سڏبو ھو ـ انھيءَ رستي جي حوالي سان ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو: ”سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ايامن کان واپار ھلندڙ ھو ۽ انھيءَ واپار سانگي تڏھن کان ئي ملتان کان وٺي حيدرآباد تائين ھڪ شاھي رستو ٺھيل ھو جيڪو اڄ تائين آھي ـ اھو ملتان وارو رستو روھڙيءَ کان سڌو ئي سڌو خيرپور رياست مان لنگھي نوابشاھه ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي ڏي اچي ٿو ـ سيٺارجا رياست (اڳوڻي خيرپور رياست) ۾ آھي ۽ دنگ تي ڪوٽڙي ڪبير جو ڳوٺ آھي ـ ڪوٽڙي کان ھالاڻي اٽڪل پنج ميل پري آھي ـ اھو رستو ڪوٽڙي ۽ ھالاڻيءَ کانپوءِ ڪنڊياري شھر ڏانھن نٿو وڃي پر ڪنڊياري شھر ۽ ڀريا روڊ جي وچ ۾ سيد شجاع جو ڳوٺ آھي جتان ھلي بازيدپور ۽ لاکن جي پاسي اچي ٿو ـ لاکن وٽ ڪنڊيارو تعلقو پورو ٿئي ٿو ۽ پوءِ نوشھرو فيروز تعلقو شروع ٿئي ٿو ـ اھو رستو لاکن کان ھلي ڀرين ۽ نوشھري ڏي وڃي ٿو جتان موري تعلقي جي ڳوٺ سڌوجا ۽ دولتپور ۽ اڳتي وڃي ٿو ـ ان سڄي رستي کي ملتان وارو رستو ڪوٺيندا آھن ـ“
ڀريا شھر ۽ ڀريا روڊ جي وچ ۾ واريءَ جون ڀِٽون آھن جيڪي اصل ۾ سنڌو نديءَ جي پراڻي وھڪري جا آثار آھن ـ جيئن جيئن درياھه وھڪرو مٽائيندو ويو تيئن تيئن ان جي ڪنڌيءَ تي آباد شھر ۽ ڳوٺ به اُجڙندا ويا ۽ جڏھن ريلوي سرشتو شروع ٿيو ته انھن وسندين کي ويتر وڌيڪ ڌڪ لڳو ۽ اھي شھر وڻج واپار ۾ ترقي ڪندا ويا جيڪي ريلوي اسٽيشنن کي ويجھا ھئا ـ ساڳيو حال ڀريا سٽيءَ سان به ٿيو ـ
سال 1896 ۾ پڊعيدن ۽ ڀريا روڊ واري ريلوي لائين شروع ٿي ته ڀريا روڊ ۾ ڪاروباري سرگرميون تيز ٿيون ـ ڀرين جو ڪاروبار 1922 کان وٺي اڃان به جھڪو ٿيڻ لڳو ھو جڏھن ٽنڊي آدم کان نڪتل ريلوي لائين ٺاروشاھه آئي جتان وري نوشھري فيروز کان ٿيندي پڊعيدن سان لڳي ۽ ٻي ٺاروشاھه کان محرابپور ھلي وئي ۽ ايئن ٺاروشاھه کي جنڪشن جي حيثيت ملي وئي ـ ٺاروشاھه ڄائو مشھور سنڌي اديب گوبند مالھي پنھنجي جيون ڪٿا ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ ۾ ڀرين جو اوج ختم ٿيڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ٺاروشاھه مان ريل جي لنگھڻ کان اڳ ويجھي ۾ ويجھي اسٽيشن ھئي لاکا روڊ، جنھن کي پوءِ ڀريا روڊ چوندا ھئا ـ اھا ڀرين کان ٽي ميل پري ۽ ٺاروشاھه کان سڄا سارا نَو ميل پري ھئي ـ پڊعيدن کان محرابپور لُوپ لائين نڪتي جنھن سان ٺاروشاھه مُکيه اسٽيشن بڻيو ـ ان ريلوي لائين کانپوءِ ڀرين جو اوج ختم ٿيڻ لڳو ۽ ٺاروشاھه ساھتيءَ جو واپاري مرڪز بڻجڻ لڳو ھو ـ“
پر ڀرين جي اھا ڀريل بازار ۽ سندس آسپاس پڪسرايون ماڙيون ۽ وڏي تعداد ۾ ٻيا گھر ان وقت صفا خالي ٿي ويا جڏھن ورھاڱو ٿيو ۽ سنڌي ھندن ۽ سِکن کي پنھنجا اباڻا پٽ ڇڏي ھندستان لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ـ ”اسان جڏھن 1948 ۾ ڀرين ۾ پھتاسين ته ھتان جي بازار ۽ وڏي تعداد ۾ جايون خالي پيون ھيون،“ مرحوم عبدالمجيد راجپوت، جنھن نوي ورھين جي ڄمار ۾ سال 2018 ۾ وفات ڪئي، پنھنجي پُٽ راڻي شيرمحمد کي پنھنجي حياتيءَ ۾ اڪثر ٻڌائيندو ھو ـ ورھاڱي جي نتيجي ۾ ھندستان مان ھڪڙا ماڻھو اوڀر پنجاب جي علائقي ڪرنال (ھاڻي ھريانه صوبي جو حصو) مان ۽ ٻيا اُتر پرديش مان اردو ڳالھائيندڙ ڀرين ۾ اچي آباد ٿيا ـ عبدالمجيد راجپوت ۽ ٻين راجپوت خاندانن جو تعلق ڪرنال جي ڳوٺ کيڙِيءَ سان ھو ـ ”بابا پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي اچڻ جون ڳالھيون ڪندي روئي پوندو ھو ـ بابا ٻڌائيندو ھو ته ڪرنال مان پورو ھڪ مھينو پنڌ ڪري ھُو لاھور پھتا ھئا جتي کين پناھگير ڪئمپ ۾ ھڪ سال رھائڻ بعد 1948 ۾ ٽرين ۾ چاڙھي سنڌ روانو ڪيو ويو ھو،“ راڻي شير محمد، جيڪو نه رُڳو ھڪ سنڌي ٽي وي چئنل جو نمائندو پر سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر به آھي، ٻڌايو ـ ”ٽرين جڏھن ڀريا روڊ تي بيٺي ته اُتي ڀرين جو زميندار ۽ ايم پي اي سيد نورمحمد شاھه موجود ھو جنھن ھندستان مان آيلن کي ڀرين ۾ ھلي آباد ٿيڻ جو چيو ـ ”ڀرين ۾ گھر خالي پيا ھئا، پر جيستائين اھي الڳ الڳ ڪليم ۾ ملن ايستائين ھڪ ھڪ گھر ۾ پنج ڇھه ڪٽنب گڏ رھيا پيا ھوندا ھئا،“ راڻي شير محمد پنھنجي والد جي حوالي سان ٻڌايو ـ
اُتر پرديش جا اردو ڳالھائيندڙ ماڻھو ڪرنال جي راجپوتن کان ڪجھه دير سان ڀرين پھتا ھئا جن ۾ ڪجھه پڙھيل لکيل ماڻھو به شامل ھئا جن ڪليمن ۽ نيلام ۾ وڌيڪ زمينون حاصل ڪيون ۽ ٻين کي اڻپڙھيل ھجڻ ڪري گھٽ زمين ملي ـ ڀرين جي بازار ۾ خالي دڪانن تي به اتر پرديش جي ماڻھن ديرو ڄمايو ـ راڻي شير محمد پنھنجي والد جي حوالي سان جيڪي ڳالھيون ٻڌايون، تن جي تصديق سندس مامي فخرالدين راجپوت به ڪئي، جنھن جي عمر ھڪ سئو ورھين کان به مٿي آھي ـ حافظو ڪمزور ھجڻ جي باوجود ھن به اھو ئي ٻڌايو ته لاھور جي ڪئمپ مان ڪڍي کين ريل گاڏيءَ ۾ چاڙھيو ويو ـ ”ڀريا روڊ تي لھي ماني پيا کائون ته فيصلو ٿيو ته ھاڻ ھتي (ڀرين ۾) رھبو ـ ان مھل علائقي جو تحصيلدار به موجود ھو ـ اسان کي ھتان جي ٻولي به ڪانه ايندي ھئي ۽ ”ماني“ لفظ جي معنى به ڪانه ٿي آئي ـ “
فخرالدين، جنھن جي عمر ورھاڱي وقت به ٽيھن ورھين جي ويجھو ھئي، ٻڌائي ٿو ته ھُو پرڻيل ھو پر سندس گھرواري ھندستان مان لڏي اچڻ دوران رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي ھئي ـ ھن ٻي شادي ڀرين ۾ ئي ڪئي ـ ڀرين ۾ روزگار سان لڳڻ تائين کين روزانو راشن ملندو ھو ـ
قومي شاھراھه کي پڪو ڪرڻ جو ڪم پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ شروع ٿيو جنھن تي ھندستان مان آيل راجپوتن به مزدوري ڪئي ـ انھن ۾ راڻي شير محمد جو والد به شامل ھو ـ پراڻي ٽپالي رستي کي به تڏھن ئي ڦيرائي ڪنڊياري کان آندو ويو جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان علائقي جي بااثر ماڻھن جو ھٿ ھو ـ
موجوده قومي شاھراھه اُتر ۾ ڪنڊياري واري پاسي کان موجوده باءِ پاس وٽان سڌو شھر اندران ٿيندي وڃي ڏکڻ ۾ نوشھري فيروز ڏانھن ويندڙ باءِ پاس جي ٻئي ڇيڙي تي ملي ٿي ـ ڪجھه ڏھاڪا اڳ تائين باءِ پاس ڪانه ھئي ۽ ڪنڊياري توڙي نوشھري فيروز کان ايندڙ ويندڙ ھر بس، ٽرڪ ۽ ڪار توڙي ٽانگن کي ڀرين جي وچ مان لنگھڻو پوندو ھو ـ پر ڀرين جا جھونا ٻڌائن ٿا ته انھيءَ کان به اڳي ڀرين جو نقشو ڪجھه ٻيو ئي ھو ـ
ڀرين جي وچ مان لنگھندڙ قومي شاھراھه اصل ۾ قديم زماني وارو لنگھه ھو، جتي ڪن جھونن موجب پڪو رستو پاڪستان کان پوءِ ٺھيو ۽ ڪي چون ٿا ته پڪو رستو اڳ ئي تعمير ٿيل ھو ۽ صرف ڀرياروڊ ۽ ٺاروشاھه ويندڙ رستا ڪچا ھئا ـ ان قديم لنگھ وارو سمورو علائقو ويران ھوندو ھو ۽ رستي تان ايڪڙ ٻيڪڙ سواريون لنگھنديون ھيون ـ جڏھن 1896 ۾ ڀريا روڊ کان ريلوي لائين وڇائي وئي ۽ ريل گاڏين جو سلسلو شروع ٿيو تڏھن ان ويران ھنڌ تي ريلوي بُڪنگ ايجنسيءَ جو بنياد پيو، جتان ٻاڦ تي ھلندڙ لاريءَ ۾ مسافر ڀريا روڊ اچڻ وڃڻ لڳا ـ انھيءَ وقت تائين به ڀريا جو شھر مُکيه بازار تائين محدود ھوندو ھو ۽ جتي ريلوي بُڪنگ ايجنسي کُلي ته چانھه جون ڪي ھڪ اڌ ھوٽلون ۽ ٻه ٽي دُڪان به کُلي ويا ـ پر ورھاڱي کان گھڻو اڳ ئي 1928 ۾ ڀريا روڊ ويندڙ دڳ تي روھڙي ڪئنال کان پھرين ساڄي ھٿ تي اِريگيشن بنگلو تعمير ٿيو ھو جنھن جي مُکيه عمارت ۽ نوڪرن چاڪرن جي رھائش جا ڪمرا اڃان به زبون حالت ۾ موجود آھن ـ اِريگيشن بنگلي جي سامھون کاٻي ھٿ تي 24 ايڪڙن ۾ پکڙيل پارڪ به پاڪستان کان اڳ ۾ تعمير ٿيل ھئي جنھن ۾ ٽينس راند جون سھولتون، ھر قسم جا وڻ، ھر رنگ جا گلاب ۽ ٻيا گُلن جا ٻُوٽا، ڇٻر وغيره ھوندا ھئا ـ ”ھن پارڪ ۾ ڀرين جا ماڻھو، ھندو توڙي مسلمان، گھمڻ ۽ راند ڪرڻ ايندا ھئا،“ ايم پي اي سيد مراد علي شاھه ٻڌايو ـ سندن سئوٽ سيد انور علي شاھه موجب پارڪ ھندن جي قائم ڪيل ھئي جيڪا ورھاڱي کانپوءِ سيد نورمحمد شاھه سيٽلمينٽ کاتي کان خريد ڪئي ـ بزرگ استاد سيد فتح علي شاھه جو چوڻ آھي ته ھندن جي زماني ۾ ان پارڪ کي لال باغ سڏيو ويندو ھو ـ
ورھاڱي بعد سيد نورمحمد شاھه پارڪ کي اڃان ترقي وٺرائي ۽ سال 1964 ۾ پارڪ اندر بنگلو تعمير ڪرائي اُتي ئي رھڻ لڳو ھو ـ اھا عمارت شڪارپور مان گھرايل ڪاريگرن تعمير ڪئي ھئي ـ ”پارڪ ۾ گيراجن ڀرسان ٽينس ڪورٽ ھئي جتي بابا سيد نورمحمد شاھه به کيڏندو ھو جيڪو پاڻ ٽينس جو سٺو کيڏاڙي ھو،“ سيد مراد علي شاھه ٻڌايو ـ ھن ٻڌايو ته پارڪ ۾ ماڻھن جي ويھڻ لاءِ رکيل بئنچون پُونا مان گھرايل ھيون ۽ اھي ايتريون ته مضبوط ھيون جو انھن مان ڪي اڄ به سندس ڪراچيءَ واري بنگلي تي صحيح سلامت موجود آھن ـ پارڪ جي سارسنڀال لاءِ ڀيا ذات جا مالھي رکيل ھوندا ھئا ـ
سيد نورمحمد شاھه ئي موجوده عيدگاھه جي پٺيان واري علائقي ۾ ھوزريءَ جو ڪارخانو ٺھرايو ھو جيڪو 1942 ۾ مھاڀاري جنگ سبب ڪچو مال نه ملڻ سبب بند ٿي ويو ـ ”اسان پاڻ ان ڪارخاني ۾ تيار ٿيل ٽوال، گنجيون، سُئيٽر ۽ جوراب استعمال ڪيا،“ مُراد علي شاھه ٻڌايو ـ انھيءَ ڪارخاني جي عمارت ۾ ئي پوءِ نور محمد شاھه مسلمان شاگردن لاءِ ھاسٽل کولي ـ
ساھتيءَ جي ڳوٺ دليپوٽا ۾ جنم وٺندڙ صحافي عمرالدين بيدار (مرحوم)، جيڪو ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پڙھڻ دوران ان ھاسٽل ۾ رھيو، پنھنجي شاعريءَ جي ھڪ ننڍڙي ڪتاب ”حال حقيقت“ (1988 ۾ ڇپيل) ۾ ان ھاسٽل جو ذڪر ڪندي لکي ٿو :” ڊاڪٽر احمد علي آرائين 1946 ۾ ھاسٽل جو ھائوس سپرنٽينڊنٽ مقررٿي آيو ھو ـ آرائين صاحب 1945 _46 واري تعليمي سال جو مئٽرڪ جو شاگرد ھو ۽ 1946 جي مارچ ۾ امتحان ڏئي، ان وقت جي بزرگ سياسي ليڊر ۽ زميندار سيد نورمحمد شاھه جي گھُر ڪرڻ تي ايڇ ايم خواجا (نوابشاھه جي ناليواري تعليمدان) جي ھدايت تي سڌو ان عھدي جي چارج سنڀالڻ پھچي ويو ھو ـ “
ڀرين ۾ ھندن جا کوڙ مندر ھئا ـ ورھاڱي کانپوءِ اھي سڀ لاوارث ٿي ختم ٿي ويا ـ ھن وقت جتي امام بارگاھه معصومي آھي، اُتي به ھڪ مندر ھوندو ھو ـ حاجي ڦڪر مرحوم جي پاڙي ۾ توڙي وارڊ نمبر 2 ۾ خواجا عليءَ جي گھر جي سامھون واري علائقي ۾ به مندر ھئا ـ ھڪ مندر پراڻي سرڪاري اسپتال ڀرسان به ھو ـ جتي ھن وقت راجپوتن جو پاڙو سڏجي ٿو، اُتي اولھه پاسي ديوان ڪوڙيمل جو رھائشي گھر ۽ اوطاق ھئا جنھن کانپوءِ ھڪ مندر به تعمير ٿيل ھو ـ انھيءَ مندر (گردواري) ڀرسان ئي ديوان ڪوڙيمل جي سماڌي به ھئي جتي ھاڻ ھڪ ننڍو گھر تعمير ٿيل آھي ـ
شھر ۾ ھر پاڙي ۾ پاڻيءَ جي سھولت لاءِ کوھه ھوندا ھئا جيڪي پوءِ نلڪا لڳڻ جي ڪري ختم ٿيندا ويا ـ اڪثر گھرن ۾ به ماڻھن جا پنھنجا کُھيون ۽ کوھه کوٽرايل ھوندا ھئا ـ
ڀرين جي پراڻن ماڻھن ھندستان مان آيلن جي وڏي مھمان نوازي ڪئي ـ ھنن نه رُڳو سندن آڌُر ڀاءُ ڪيو پر کاڌي پيتي جي شين سان گڏ کين سمھڻ لاءِ کٽون به ڏنيون جنھن جو ذڪر سئو سالا فخرالدين راجپوت به ڪيو ـ
جڏھن ڪليمن جو سلسلو شروع ٿيو ته شاھي بازار جي اُترئين ڇيڙي کان پھريائين (موجوده وارڊ نمبر 6 ۾) واقع ريلوي آفيسر واڌومل پي ڪيولراماڻيءَ جو گھر اردو ڳالھائيندڙ روشن عليءَ کي الاٽ ٿيو جنھن اڳتي ھلي 1970 ڌاري ڪراچيءَ لڏڻ مھل ٽيھه ھزار رُپين ۾ اُھو حاجي شريف راجپوت کي وڪرو ڪيو ـ ان وقت گھر جي صفائيءَ مھل واڌو مل جا ڪيترائي دستاويز ساڙيا ويا ڇو ته حاجي شريف راجپوت وارن کي انھن جي اھميت جو احساس يا علم ڪونه ھو ـ اڳتي ھلي شريف راجپوت به اھو گھر سٺ ھزار رُپين ۾ ھڪ بئنڪ آفيسر عبدالرشيد ميمڻ کي وڪرو ڪيو جنھن اُتي رھائش اختيار ڪئي ـ ھن وقت اھو گھر سندس ملڪيت آھي ۽ گھر ٻاھران در جي ڀرسان واڌومل جي نالي وارو پٿر اڃان لڳل آھي ـ
ھڪ ٻيو بزرگ سائين فتح علي شاھه پنھنجون ساروڻيون بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ان وقت ٿيو جڏھن سندس عمر ست ورھيه ھئي ۽ کيس ڀرين جي بازار جو تڏھوڪو نقشو اڃان ياد آھي ـ ”اونھاري جي سخت تپش جي ڪري سنڌ جي اڪثرشھرن جيان ڀرين جي شاھي بازار به ڍڪيل ھوندي ھئي ـ مونکي بازار ۾ ٿانورداس سوناري ۽ ويڙھو مل پڪوڙن واري جا دڪان اڄ تائين ڪونه وسريا آھن ـ بازار جي ڇيڙي تي لھندي ئي ٽانگا اسٽينڊ ھئي جتان ڪنڊياري ۽ ھالاڻيءَ ڏانھن رستا ويندا ھئا ـ بازار جي ڇيڙي تي ئي ھڪ ديوان جو دُڪان ھوندو ھو جتي ڪوڏرون، ڪُھاڙيون ۽ اھڙو ٻيو سامان مسواڙ تي ملندو ھو ـ ماڻھو پنھنجي گھرج وارو سامان وٺي ڪم تي ويندا ۽ شام جو واپس رکي ويندا ھئا ـ“
فتح علي شاھه به ڀرين جي کوھن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ڪن کوھن تي ته نار ھلندا ھئا جن کي ڏاند يا اُٺ ڇڪيندا ھئا ـ جن گھرن ۾ ماڻھن جا پنھنجا کوھه نه ھئا، اھي پخالين کان پاڻي ڀرائيندا ھئا جيڪي پخالن ۾ يا ڪانواٺين تي دٻا ڀري پاڻي گھرن ۾ پھچائيندا ھئا ـ ”ڀرين کي عمارتن جو شھر سمجھيو ويندو ھو جتي خوبصورت جايون اڏيل ھونديون ھيون ـ انھن ۾ پنھون مل جي ماڙي مشھور ھئي جنھن ۾ اصل ۾ ست ماڙيون شامل ھيون جيڪي ھن پنھنجي ست ڌيئرن لاءِ تعمير ڪرايون ھيون،“ ڀرين جي ماضيءَ کي ساريندي ھو ٻڌائي ٿو ـ
فتح علي شاھه ٻڌائي ٿو ته موجوده وقت جتي بيڪري ٺھيل آھي، اُتي ورھاڱي کان اڳ ريلوي بُڪنگ ايجنسي قائم ھئي ۽ مسافرن کي ڀريا روڊ پھچائڻ لاءِ ڪوئلي ۽ ٻاڦ تي ھلندڙ لاري اُتي موجود ھوندي ھئي ـ اُھا پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به ڪجھه وقت ھلندي رھي ـ پوءِ واري وقت ۾ به ايڪڙ ٻيڪڙ بس ھلندي ھئي ـ اڳتي ھلي جلباڻي بس سروس شروع ٿي جنھن جون بسون ڀريا روڊ کان ٺاروشاھه تائين ھلنديون ھيون ـ قومي شاھراھه تي وري سرڪاري بسون ھلڻ لڳيون جن جا به وقت مقرر ھئا ـ ڀريا کان ڀريا روڊ ۽ ٺاروشاھه توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏانھن اچڻ وڃڻ لاءِ عام سواري ٽانگن جي ھوندي ھئي، جن جي اھميت ان وقت تائين رھي جيستائين سوزوڪيون ۽ چنگچيون مارڪيٽ ۾ نه ھيون ـ
سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي عملدار حاجي بشير احمد ميمڻ کي ته ڀرين جي بازار جو ھڪ دڪاندار پنجومل اڃان ياد آھي جيڪو روزانو صبح ساڻ دال پوريون ٺاھيندو ھو ـ ”ڀرين جي بازار اڳي سُٺي ھوندي ھئي،“ ھُو ٻڌائي ٿو ـ
ھڪ ٻئي بزرگ استاد غلام حسين عباسيءَ به سال 2018 ۾ پنھنجي وفات کان ڪجھه ڏينھن اڳ ڪچھريءَ ۾ ٻڌايو ته جيتوڻيڪ سندس جنم مارچ 1948 تي ٿيو، پر ننڍپڻ جي سار مطابق اڃان نه قومي شاھراھه تعمير ٿي ھئي ۽ نه ئي بسون ھلنديون ھيون ـ اڪثر ماڻھو بگين تي سفر ڪندا ھئا ـ ھن به سنت ھريرام جي درٻار ۽ مندرن کي ڦٽل حالت ۾ ڏٺو جن مان قيمتي ڪاٺ ۽ ٽائيلون ماڻھو ڪڍي چُڪا ھئا ـ
ڀرين جا رستا توڙي گھٽيون اڳي ڪچيون ھونديون پر انھن کي صاف رکيو ويندو ھو ۽ ميونسپلٽيءَ جا مقرر ماڻھو انھن تي ڇڻڪار ڪندا ھئا ته جيئن دز نه اُڏي ـ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو ھودين تي مشتمل ھوندو ھو ـ ھر گھر ٻاھران ھودي ٺھيل ھوندي ھئي يا ڪن گھرن جون ناليون اچي ھوديءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون ھيون ۽ ٻالو گڏھه گاڏي تي ڊرم کڻي دٻن سان ھوندين مان پاڻي ڀري شھر کان ٻاھر وڃي ھاريندو ھو ـ ”ھن وقت شھر کي گھيرو ڪندڙ کڏ ۾ شھر جو سمورو گندو پاڻي نالين ذريعي ڇڏيو وڃي ٿو، پراڳي اھا سُڪل ھوندي ھئي جنھن کي گرائونڊ طور استعمال ڪري ڪرڪيٽ ۽ ٻيون رانديون ڪبيون ھيون ـ ڪڏھن ڪڏھن سرڪس وارا به ايندا ھئا جيڪي ڪرتب ۽ ناٽڪ ڏيکاريندا ھئا ـ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به ڪافي وقت اھا سُڪل رھي،“ فتح علي شاھه ٻڌايو ـ
پر 72 سالا عبدالقادر ڌوڪي، جنھن جو والد شھر ۾ شمعدان ٻاريندو ھو، ٻڌائي ٿو ته آبڪلاڻيءَ جي مُند ۾ ڀر واري واٽرڪورس مان کڏ ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو ھو جنھن سان ان کڏ ۾ مڇيون، بِھهَ ۽ پَٻڻ به ٿيندا ھئا ۽ ميربحرن کي مڇيون ماريندي ھن پاڻ به ڏٺو ۽ پٻڻ ۽ بِھَ به پاڻ کاڌا ـ ان وقت جي سستائيءَ جي ڳالھه ڪندي ھُو ٻڌائي ٿو ته ٻاڪرو گوشت چئين آني سير، کنڊ ھڪ آني سير ۽ ڪڻڪ پنج روپيا مڻ ملندي ھئي ـ عبدالقادر موجب شھر جي اُترئين پاسي ڪنڊياري روڊ وٽ ھندن جو مساڻ ۽ موجوده سرڪاري ھيلٿ سينٽر واري زمين تي ھندن جي ٻارن جو قبرستان ھوندو ھو ـ مرحوم استاد غلام حسين عباسيءَ به کڏ ۾ مڇين، بِھن ۽ ٻين ڳالھين جي تصديق ڪئي ـ
ڀرين ۾ ڪڏھن به ڪا مذھبي ڇڪتاڻ ڪانه ٿي ۽ سڀئي برادريون ڀائپيءَ واري ماحول ۾ رھنديون ھيون ـ ”ھتي ڪوبه ھندو مسلم فساد ڪونه ٿيو ـ ھڪ ته ھتان جي ھندو توڙي مسلمانن ۾ ڀائيبندي ھئي ۽ ٻيو ته ڳوٺ جي چڱي مڙس سياستدان ۽ ايم پي اي سيد نورمحمد شاھه جو مڪمل ڪنٽرول ھوندو ھو ـ ھڪڙو افسوسناڪ واقعو ڀريا روڊ جي ڀرسان ھڪ ڳوٺ ۾ ٿيو ھو جنھن ۾ ڪجھه ڌارين جي حملي ۾ ھڪ سک مارجي ويو ھو ـ اھو ڳوٺ پوءِ چوڌري ولي محمد جي نالي سان سڏجڻ لڳو،“ فتح علي شاھه ٻڌايو ـ
ڀرين جي پُرامن ھئڻ جي ڳالھه راڻي شير محمد به ڪئي ـ پنھنجي مرحوم والد جي ساروڻين توڙي پنھنجي سانڀر جو ذڪر ڪندي ھن ٻڌايو ته ڀرين ۾ ڪڏھن لساني يا نسلي فساد به ڪونه ٿيو ـ سال 1990 ڌاري ايم ڪيو ايم جي ڪري ڪجھه ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ته مرحوم سيد نورمحمد شاھه جي فرزند ايم پي اي سيد مراد علي شاھه جي ڪوششن سان ماحول وري بھتر ٿي ويو ـ ”ھتي ته ڪڏھن شيعه سُني فرقيواريت به نظر ڪانه آئي ۽ سڀ ماڻُھو عيد نماز به گڏ پڙھندا رھيا آھن ـ ڀرين جي پُرامن ھجڻ جو مثال اھو به آھي ته سال 2007 جي ڊسمبر ۾محترمه بينظير ڀُٽو جي شھادت وقت به ھتي نه ڪنھن دُڪان ۽ نه ڪنھن ٻيءَ ملڪيت کي ڪو نقصان ٿيوـ“
سن 1933 ڌاري بھرحال ھڪ پلاٽ تان سيدن ۽ ھندو برادريءَ وچ ۾ ٿوري ڇڪتاڻ پيدا ٿي ھئي ـ سيدن جي پاڙي ۾ ھڪ وڏي پلاٽ تي ھندو برادريءَ توڙي سيدن جي مالڪيءَ جي دعوى ھئي ـ اھو معاملو ايترو وڌيو جو تنھن وقت جي حيدرآباد جي انگريز ڪليڪٽر پاڻ اچي سرزمين ڏسي فيصلو ڪرڻ جو سوچيو ـ ڪليڪٽر جي اچڻ جو ٻڌي ھندو برادريءَ تڙ تڪڙ ۾ پلاٽ تي کوھه کوٽرايو ۽ ڪچا گھر ٺاھي مايون، ٻار ۽ مرد ويھاري ڪجھه ٻُوٽا به پوکي ڇڏيا ـ انگريز ڪليڪٽر، جيڪو ٿوري گھڻي سنڌي به ڳالھائي ٿي سگھيو، سرزمين ڏسي معاملو سمجھي ويو ته اصل ماجرا ڇا آھي ـ ھن سيد مُراد علي شاھه (موجوده سيد مراد علي شاھه جي ڏاڏي) کي چيو:”علاءُالدين جي ڏيئي جو مثال اڄ سمجھه ۾ اچي ويوـ“ اھو چئي ھن پلاٽ جي مالڪيءَ لاءِ سيدن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو ـ
”ان واقعي کانسواءِ اڳي يا پوءِ وري ڪا اڻوڻندڙ ڳالھه نه ٿي ـ اھو سُٺو زمانو ھو ـ ھندو برادري ھتان نه وڃي ھا ـ بابا (سيد نورمحمد شاھه) ته کين سندن تحفظ لاءِ ڀرين جي سڄي شھر کي ڪوٽ ڏيارڻ جي به آڇ ڪئي، پر نوابشاھه ۾ مسعود کدرپوش سنڌي ھندو ۽ سک مارايا ته ھتي به ھُو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجھڻ لڳا ھئا،“ مراد علي شاھه چيو ـ سندس سئوٽ سيد انور علي شاھه ته ورھاڱي وقت لڏپلاڻ جو منظر ياد ڪري اُداس ٿي ويو ـ ”مون پاڪستان ٺھندي ڏٺو ـ ان وقت ھر پاسي روڄ راڙو ھو ـ ھندو برادريءَ جا ماڻھو توڙي مرد پنھنجا اباڻا پَٽ ڇڏيندي روئي رھيا ھئا ـ“
”اھو ڏاڍو غلط ٿيو ـ ھندو ھجن ھا ته ڀريا گھڻي ترقي ڪري ھا“، سيد انور علي شاھه چوي ٿو ـ

ڀرين ۾ ھندستان جي سنڌي اديبن جي آمد

ڀرين ۾ سنڌ ۽ ھند جا ڪيترائي اديب ۽ دانشور به اچي چُڪا آھن ـ سن 1989 جي 29 نومبر تي اديبن جو ھڪ وڏو قافلو ھڪ رات ھتي ترسيو ھو ـ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچيءَ جي ھڪ فائيو اسٽار ھوٽل ۾ نومبر جي آخري ڏينھن ۾ ٽن ڏينھن واري سچل انٽرنيشنل ڪانگريس ڪوٺائي ھئي جنھن ۾ دھليءَ مان ڊاڪٽر مُرليڌر جئٽلي، شھدادڪوٽ ڄائي وينا شرنگي ۽ سندس وڏي ڀيڻ پروميلا شرما، ممبئيءَ مان ٺاروشاھه ڄائو گوبند مالھي، اُلھاس نگر مان ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي ۽ ڀوپال مان قيمت ھريسنگھاڻي جھڙا ناميارا اديب شريڪ ٿيا ھئا ـ نومبر جي 26 کان شروع ٿيل سچل ڪانگريس جي پُڄاڻيءَ تي سنڌ ۽ ھند جي اديبن کي بسن ۾ سوار ڪري ٻه ڏينھن سنڌوءَ جي ٻنھي ڪپن وارن شھرن جو کين سير ڪرايو ويو ھو ـ قافلو ڪراچيءَ کان نڪتو ته ڄامشورو، حيدرآباد، ڀٽ شاھه، ھالا ۽ موري کان ٿيندو رات جو ڀرين ۾ ترسيو ھو ـ ان سفر جون ساروڻيون وينا شرنگيءَ پنھنجي سفرنامي ”ڪُڇان ته ڪافر“ ۾ لکيون جيڪو 1992 ۾ دھليءَ ۾ ڇپيوـ انھيءَ ۾ ھڪ الڳ دلچسپ باب ڀرين بابت ھو جنھن جو عنوان آھي ”دل جو دلبر ھڪڙو“ ـ
ھُوءَ لکي ٿي ته ”ھالن کان پوءِ رات ڀرين ۾ رھڻ جو پروگرام ھو ـ جڏھن دھليءَ ۾ سِگا طرفان سچل ڪانگريس جي پروگرامن جا تفصيل مليا ته انھن ۾ رات ڀرين ۾ گذارڻ جو پڙھي پريشان ٿي ويس ـ سوچيم ته ڀرين ۾ رات ڪيئن گذرندي ـ ڀرين جو ننڍڙو ڳوٺ ھوندو جتي چوڌاري ٻنيون ٻارا، مَنھه ۽ جھوپڙا؛ الائجي ڪھڙو بندوبست ھجي، خبر ناھي ـ سفر دوران ڪھڙو ساٿ ھجي، ڪا پرائيويسي به ھوندي الائي نه ـ وري پاڻ ئي چوندي ھيس ته بس ھڪ رات جي ڳالھه ئي ته آھي، گذري ويندي ـ ٻي رات ته سکر ۾ گذارڻي آھي ۽ پوءِ آھي ڏينھن شينھن جيڪو سفر ۾ گذرندو ـ دھليءَ ۾ قافلي جو پروگرام پڙھي ساڙھين جو تعداد به اڌ ڪري ڇڏيم جو سفر ۾ ساڙھيون ڪيئن پائجن ھا ـ“
”ڀرين ۾ پھچڻ وقت رات جو پھريون پھر لتاڙي چُڪا ھئاسين ـ ھڪ ته اوندھه ٿي چُڪي ھئي ۽ ٻيو وري ٻاھرين ماحول کي ڏسڻ لاءِ ھروڀرو ڪو اونو ڪونه ھو ـ مون ته فڪر ۽ پريشاني من مان ڪڍي ڇڏي ـ بس جڏھن ھڪ روڊ تي پھتي ته ڪجھه بتيون نظر آيون ۽ موڙ تي گيٽ اندر داخل ٿيڻ تي جيئن ئي لٿاسين ته اول نگاھه بندوقن تي پئي ـ ڪيترائي ھمراھه موجود ھئا ، اصل ڳڻڻ کان ٻاھر جيڪي بندوقون جھلي بيٺا ھئا ـ ڀرين ۾ لھڻ وقت آجيان ۽ مرحبا جو ته تصور ئي نڪري ويو پر سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف وارداتن، حادثن ۽ ماحول گھيري ورتو ـ ايئن ٿي لڳو ڄڻ بندوقن جي پھري ۾ ٻُٽ ٻڌلن قافلي کي يرغمال ڪري ڪوٽ اندر باندي بنايو ھجي ـ ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڀُنگ ته سِگا وارن کي ئي ڀرڻو پوي ھا ـ ان پھري ۾ سڀئي عورتون مٿي تي چادر ڍڪينديون پاڻ ويڙھينديون ڪنڌ جھڪائي قطار ۾ ھڪٻئي پٺيان اندر وِکون کڻنديون ويون ـ جڏھن قطار ۾ اڳتي وڌڻ جو منھنجو وارو آيو ته آڳنڌ ۾ کٽون پيل ڏٺم ـ ٻنھي پاسي اٽڪل سئو کن کٽون وڇايل ھيون ـ انھن جي وچ مان لنگھندي ڳُڻ ڳوٽ ڪندي ڪنڌ جھُڪائي عمارت جي ورانڊي ۾ داخل ٿياسين ـ پھرين غاليچن سان سينگاريل بيٺڪ جنھن ۾ صوفه سيٽ رکيل ۽ ان ڪمري جي اوسي پاسي ۽ سامھون ٻيا ڪمرا ـ مردن کي ھدايت ڪئي وئي ته ڪمرا صرف عورتن لاءِ آھن ـ ڀارتي مرد جيڪي سنڌ جي ماحول کان ناواقف ھئا تن ڪمرن ۾ داخل ٿي about turn ڪيوـ ڪمرا جديد طرز تي سنواريل ھئا ـ دھليءَ ۾ ڀرين جي ڳوٺ ۽ ماحول لاءِ منھنجي ذھن ۾ جيڪي انديشا ۽ خوف ھئا سي ته پکيءَ وارا پر ڪري اُڏامي ويا ـ ڪمرن جي پُٺيان شاھي پڌر ۾ تنبو ھڻي مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو ھو ـ ڦُلڪن ۽ ڀاڄيءَ جو ته ذائقو ئي نرالو ھو ـ مٿان وري مھمان نوازي ڪرڻ وارن جو انداز ـــــ حاضر، حاضر بابا ، حاضر حڪم ڪريو ـ اتي ھڪ نوجوان بيٺو ھو، تنھن ٻڌايو ته جتي اسين لٿا آھيون اھا سائين مراد علي شاھه جي اوطاق آھي ـ سندن حويلي به سامھون آھي ـ مون نوجوان کان پڇيو: گھڻيون زالون اٿن؟ ھن وراڻيو: ھڪڙي ـ مونکي حيراني لڳي ـ وڏيرو، زميندار، وزير ۽ صرف ھڪ گھر واري! بس منھنجو ته بيگم مراد علي شاھه کي ڏسڻ ۽ ملڻ لاءِ اشتياق وڌي ويو ته اھا ڪھڙي عورت آھي جنھن مراد علي شاھه جي واڳ سوگھي جھلي آھي ـ سنڌ جي وڏيري صرف ھڪ نڪاح ڪيو آھي ـ

دل جو دلبر ھڪڙو، گھڻان تان نه ڪجن
دل ڏجي ھڪ کي، توڙي سَوَ سِڪن
سي چِلولا چئجن، جي در در لائن دوستي (شاھه)

مانيءَ کانپوءِ سليم ميمڻ چيو ”توھان جو ھن پھرين ڪمري کانپوءِ وارو ڪمرو آھي ـ اَٽيچڊ باٿ روم وارو بيڊروم، جنھن ۾ ڊريسنگ ٽيبل ۽ آئيني وارا ڪٻٽ ھئا ـ ڀرين ۾ رات ڪيئن گذرندي، تارا ڳڻيندي يا اکيون مھٽيندي ، اھي ڀرم ته ويا مِٽجي ـ اسان لاءِ نويڪلو ڪمرو رکيو ويو ھو ـ ڪن ڀينرن چيو:”اسين توھان جي ڪمري ۾ اچڻ چاھيون ٿا ـ“ مون چيو:”ڀلي ڀلي، خوشيءَ سان ـ ـ ـ“ پوءِ ته لت ڏئي رلھي پائي بالم بڻجي سمھي پياسين ، تان جو وڃي صبح جو اک کُلي ـ اصل ٿڪ ئي لھي پيا ـ چانھه جا پيالا حاضر ھئا ـ سيد مراد علي شاھه جي ڪامدارن واھه جي خدمت ۽ خاطر توازن ڪئي ـ ـ ـ چانھه کنڊ واري يا الڳ کپي، کير الڳ ھجي يا نه ـ مطلب ته ھر چيز حاضر ھئي ـ ھنن ٻڌايو ته ٽيليفون به آھي ته ڪپڙن لاءِ استري به ـ قافلي وارن لاءِ ته واھه واھه ٿي وئي ـ ڪپڙا استري ڪرڻ لاءِ وڏي لائين لڳي وئي ـ وري ڊاڪٽر سليمان شيخ جي گھرواري واھر نه ڪري ھا ته وھنجڻ لاءِ به وارو نه ملي ھا ـ نيٺ نيرن ڪري ڪوٽڙي ڪبير لاءِ نڪري پياسين ـ“
وينا شرنگي اصل شھدادڪوٽ جي آھي ۽ ڏھاڪن کان دھليءَ ۾ آباد آھي ـ جن ڏينھن ۾ ھوءَ سنڌ آئي تڏھن سندس امڙ، ھڪ ڀيڻ ۽ ڀاءُ ساڻس گڏ دھليءَ ۾ جڏھن ته والد ۽ ھڪ ڀاءُ شھدادڪوٽ ۾ رھندا ھئا ـ وينا آل انڊيا ريڊيو تي 1970 واري ڏھاڪي کان سنڌي پروگرام ڪندي رھي آھي ـ سِگا جي سچل ڪانگريس ۽ سموري سنڌ جي دوري ۾ سِگا جي باني چيئرمن ڊاڪٽر سليمان شيخ، آخوند گھراڻي جي نثار حافظ ۽ ٻين مرڪزي عھديدارن سميت ھن ڪتاب جو ليکڪ سِگا ڪراچي شاخ جي اطلاعات سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ساڻن گڏ ھئا ـ ڀريا ۾ وفدن جي رھائش ۽ دعوت جو انتظام نثار حافظ جي گذارش تي سيد مراد علي شاھه ڪيو ھو ـ

ڀريا جا گھراڻا ۽ شخصيتون

ڀريا شھر جنھن خطي ۾ آھي، تنھن ورھاڱي کان اڳ توڙي پوءِ وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آھن جن ۾ سياستدان، تعليمي ماھر، عالم، اديب، آرٽسٽ، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، جج، ڪامورا ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھو شامل آھن ـ انھن مان ھڪڙا ڀريا شھر جا رھواسي آھن ته ٻيا ڀرپاسي جي ڳوٺن جا، جن مان ته ڪيترائي پڙھيا به ڀرين ۾ ڇو ته سندن ڳوٺن جو گھڻو وھنوار ڀرين سان ئي رھيو ـ ھتي انھن مان ڪجھه گھراڻن جي مشھور شخصيتن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ ٻين شخصن جا تفصيل ڏجن ٿا ـ

سيد گھراڻو

ڀرين جو سيد گھراڻو مٽياريءَ مان اچي آباد ٿيو ـ سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکي ٿو ته اھي مٽياريءَ جي ميان پوٽي قبيلي مان آھن ـ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپرايل ڪتابڙي ”نسب نامه ساداتانِ متعلوي“ موجب مٽياريءَ جي سيد ميرڻ جو اولاد سيد پوٽو ثاني ٿيو جنھن مان وري سيد ميرڻ ثاني ٿيو، جنھن جي اولاد مان ڪي گھاري ته ڪي راڻيپور ۽ ڪي ڀرئن ۾ وڃي آباد ٿيا ـ اھي ڪڏھن ڀرئن (ڀرين) ۾ آباد ٿيا، تنھن جو ڪو علم ڪونھي پر سيد گھراڻي موجب اھي يارھن پيڙھين کان ھتي آباد آھن ۽ سيدن جي ان گھراڻي مان آھن جنھن ۾ شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جنم ورتو ھو ـ سندن خاندان جي روايتن موجب حجاج بن يوسف جي ظلمن سبب سيد گھراڻا عراق مان لڏي سنڌ ۾ پناھه وٺي مٽياريءَ ۾ اچي آباد ٿيا ھئا ـ ڀرين ۾ آباد يارھن پيڙھين مان صرف ڪجھه پيڙھين جي نالن جي خبر پئجي سگھي آھي جنھن موجب سيد غلام نبي شاھه جو فرزند ھو سيد امام علي شاھه جنھن جي فرزند جو نالو ھو سيد مراد علي شاھه ـ سيد مُراد علي شاھه کي وري ٻه فرزند ٿيا _ ھڪ سيد امام علي شاھه ۽ ٻيو سيد نورمحمد شاھه ـ سيد امام علي شاھه (ثاني) کي ٽي فرزند سيد انور علي شاھه، سيد اعجاز علي شاھه ۽ سيد احتشام شاھه ٿيا جڏھن ته سيد نور محمد شاھه کي ھڪ فرزند سيد مراد علي شاھه (موجوده ايم پي اي) ٿيو ـ سيد مراد علي شاھه کي ٻه فرزند سيد حسن شاھه ۽ سيد نورمحمد شاھه ۽ سيد انور علي شاھه کي به ٻه فرزند سيد امير علي شاھه ۽ سيد مُريد علي شاھه آھن ـ سيد اعجاز علي شاھه کي ھڪ پُٽ عباس علي شاھه آھي جڏھن ته سيد احتشام علي شاھه کي ٻه پُٽ سيد امام علي شاھه ۽ سيد امام حيدر شاھه آھن ـ

سيد نور محمد شاھه
سيد نور محمد شاھه ولد سيد مراد علي شاھه جو جنم پھرين جنوري 1911 تي ڀرين ۾ ٿيو جتي ھن ڳوٺ جي ئي پرائمري اسڪول ۾ ابتدائي تعليم ۽ ڪي سي اڪئڊميءَ مان سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي ـ سال 1929 کان 1933 تائين ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پرھيو ـ مئٽرڪ کان گريجوئيشن تائين امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڏنائين ـ جلد ئي ھن سياست ۾ پير پاتو ۽ 1937 ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ نوشھري فيروز جي پير قربان عليءَ کي شڪست ڏئي ميمبر چونڊيو ته سر غلام حسين ھدايت الله جي حڪومت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري مقرر ٿيو ـ شھيد الھه بخش سومري جي وزارت ٺھي ته ھو جي ايم سيد گروپ جي مددگارن ۾ ھو ۽ جڏھن ڍلن جي مسئلي تي جي ايم سيد وارن جا وزارت سان اختلاف ٿيا ته ساڻن مخالفت ۾ گڏ ويٺو ـ انھيءَ کانپوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ـ سال 1938 ۾ سيد نور محمد شاھه ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاھه جي اسڪول بورڊ جو چيئرمن چونڊيو ويو ۽ بعد ۾ لوڪل بورڊ جو ميمبر رھندو آيو ـ سال 1931 ڌاري کيس سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ڪراچيءَ جو ڊائريڪٽر به چونڊيو ويو ھو جنھن تي ھو گھڻي وقت تائين رھيو ـ سال 1945 ۾ جڏھن نوابشاھه زمينداري بئنڪ قائم ٿي ته کيس ان جو چيئرمن چونڊيو ويو ـ ھُو لاڳيتو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به رھندو آيو ۽ جڏھن جي ايم سيد گروپ جا مسلم ليگ ھاءِ ڪمانڊ سان اختلاف ٿيا ۽ اھي الڳ ٿي ويا تڏھن به ھُو مسلم ليگ ۾ شامل رھيو جڏھن ته ڊڀري جو سيد محمد علي شاھه سيد گروپ سان گڏ نڪري آيو ـ
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ 1949 ۾ سيد نور محمد شاھه خوراڪ، زراعت ۽ امدادِ باھميءَ جو وزير ٿيو ـ سال 1953 ۾ سنڌ سيمبليءَ جون نئين سر چونڊون ٿيون ته ھُو وري به مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي ويو ـ پيرزاده عبدالستار جي وزارت ۾ کيس وري وزير ڪري کنيو ويو ـ سال 1954 ۾ 9 نومبر تي جڏھن پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد ون يونٽ واري مسئلي تي اختلافن سبب پيرزادي عبدالستار جي وزارت کي ڊسمس ڪري، محمد ايوب کھڙي تي مڙھيل پابنديون ختم ڪري سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ته کھڙي وري سيد نور محمد شاھه کي پنھنجي ڪابينا ۾ وزير طور شامل ڪيو پر اھا ڪابينا گھڻو وقت نه ھلي سگھي ڇو ته سگھوئي ون يونٽ مڙھي اولھه پاڪستان حڪومت ٺاھي وئي ـ اولھه پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون 19 جنوري 1956 تي ٿيون ته سيد نور محمد شاھه نوابشاھه جي سيد خير شاھه گروپ مان اولھه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويو ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ جو ميمبر ٿي رھيو ـ کيس وزارت به ڏني وئي جيڪا ڏھه مھينا ھلي ـ ھُو پنھنجي سياسي زندگيءَ ۾ ٽي ڀيرا وزير ٿيو ۽ ٽئي ڀيرا کيس زراعت، خوراڪ ۽ لائيو اسٽاڪ جا کاتا مليا ـ آخري وزارت جو حلف کيس اولھه پاڪستان جي گورنر ممدوٽ کڻايو ھو ـ
انھيءَ وقت ڌاري سيد نورمحمد شاھه کي فقيريءَ جي لھس لڳي وئي ۽ سياست ۾ دلچسپي گھٽجي ويس ـ ايتري قدر جو اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به ورلي ايندو ھو ـ مٿس ھالن جي ھڪ بزرگ جو اثر ھو جيڪو خاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ رھندو ھو ـ شاھه صاحب ان بزرگ وٽ رھڻ لڳو ھو ـ ھن شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مزار تي به ڪجھه جايون ٺھرايون ۽ اُتي خيرخيرات ڪرڻ لڳو ـ
سائين جي ايم سيد موجب سيد نور محمد شاھه سياسي طرح نظرياتي بنيادن تي تحريڪن ۾ رھي جماعتن ذريعي ڪم ڪرڻ جو عادي نه ھو بلڪ لاڳاپن، دوستي، مڪاني سھولتن ۽ مصلحتن آڌار ئي سياست ۾ حصو وٺندو رھيو ـ نور محمد شاھه آرام طبع ۽ سياست ۾ گھٽ دلچسپيءَ جي ڪري وزارت ۾ رھڻ جي باوجود پنھنجا ڪي پوئلڳ يا گروپ ٺاھي نه سگھيو ـ ”نور محمد شاھه طبيعت ۾ ڪم آزار، يار ويس، رلڻو ملڻو رھيو آھي ـ خاموش طبع ۽ محبتي ماڻھو آھي ـ ڊڀري ۽ ڀرين جي سيد ۾ ڪڏھن اتفاق ته ڪڏھن مخالفت پئي رھندي آئي آھي جنھنڪري اڪثر نقصان به رسيا اٿن ـ مڪاني حالتون ڪجھه اھڙيون پئي رھيون آھن جو سندن اختلاف وري وري پئي اُٿيا آھن،“ جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکي ٿو ـ خوش لباس ۽ سنجيده طبيعت رکندڙ سيد نور محمد شاھه سال 1972 ۾ وفات ڪئي ـ (سيد نور محمد شاھه بابت وڌيڪ احوال ڀرين جي سياسي تاريخ واري باب ۾ ڏنل آھي)

سيد امام علي شاھه
نائين جنوري 1909 تي جنم وٺندڙ سيد امام علي شاھه ولد سيد مراد علي شاھه ڀرين جي ئي اسڪول ۾ پرائمري تعليم ورتي ۽ سيڪنڊري تعليم ڪي سي اڪئڊميءَ مان حاصل ڪيائين ـ مئٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڏنائين جنھن کانپوءِ وڌيڪ نه پڙھيو ۽ زمينداريءَ تي ئي ڌيان ڏيندو رھيو ـ پر کيس ڪتابن سان وڏو چاھه ھوندو ھو ـ تاريخ، سياست ۽ دنيا جي ٻين موضوعن تي ڪتاب سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ موجود ھوندا ھئا ـ سندس لائبريريءَ ۾ گانڌيءَ جا يا گانڌيءَ تي لکيل ٻه ڊزن کن ڪتاب ۽ اينسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جا ويھه واليوم ان وقت به موجود ھئا ـ ”ڪراچيءَ ۾ بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ جي ڀرپاسي ۾ بندر روڊ تي ڪتابن جا دُڪان ھوندا ھئا ـ ھُو اڪثر اسان کي ڪار ۾ ٿوري دير ويھڻ جو چئي ويندو ھو ته ٻه ٻه ٽي ٽي ڪلاڪ ڪتابن جي دُڪانن ۾ گُم ھوندو ھو ۽ اسان گاڏيءَ ۾ ويٺا پگھر ڳاڙيندا ھئاسين،“ سندس فرزند سيد انور علي شاھه ۽ ڀائٽي ايم پي اي سيد مراد علي شاھه ٻڌايو ـ
سيد امام علي شاھه جي وڏي ھاڪ ھوندي ھئي ۽ ڪوئٽا توڙي ٻين ھنڌن تان ماڻھو ريسرچ جي خيال کان سندس لائبريريءَ مان فائدو وٺڻ ايندا ھئا ـ ھُو کين ڪتاب پاڻ سان کڻي وڃڻ نه ڏيندو ھو پر انھن کي ڏينھن جا ڏينھن رھائش ۽ کاڌي پيتي جي سھولت ڏيندو ھو ـ مرحوم ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ به وٽس ريسرچ لاءِ ايندو ويندو رھيو ـ سياسي طور سندس تعلق ڪانگريس سان ھو جنھنڪري اھڙو سياسي مواد به وٽس ھو جيڪو ھن ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ کانپوءِ ساڙائي ڇڏيو ـ سيد امام علي شاھه پنھنجي ننڍي ڀاءُ سيد نور محمد شاھه کان پوءِ 1973 ڌاري وفات ڪئي ۽ وصيعت ڪئي ھئائين ته سندس لائبريريءَ کي سنڀاليو وڃي ۽ تحقيق لاءِ ايندڙن کي ان مان لاڀ وٺڻ ڏنو وڃي پر سندس وفات کانپوءِ ايئن ٿي نه سگھيو ـ
سيد امام علي شاھه جيئن ته آل انڊيا ڪانگريس پارٽيءَ جو ميمبر ھو تنھنڪري ساڻس ڪيترن ئي سياسي ماڻھن جا ويجھا تعلقات ھئا ـ (امام علي شاھه جي سياسي لاڳاپن بابت وڌيڪ تفصيل ڀرين جي سياسي تاريخ واري باب ۾ ڏنل آھن) ـ ڪانگريس جو ميمبر ھجڻ ڪري ھُو انگريزن کان لقب وٺڻ جو به مخالف ھو انھيءَ ڪري جڏھن انگريزن سندس والد سيد مُراد علي شاھه کي 1928 ڌاري خانبھادر جو لقب ڏنو ته ھن پنھنجي والد کي زور ڀريو ته لقب قبول نه ڪري پر جڏھن ھُن نه مڃيو ته سيد امام علي شاھه ناراض ٿي گھر ڇڏي ڀرين مان ئي ھليو ويو ۽ سرحد (موجوده خيبر پختونخواھ صوبو) ۾ سرخپوش اڳواڻ خان عبدالغفار خان وٽ وڃي رھڻ لڳو ـ ان وقت غفار خان سيد امام علي شاھه جي والد جي پريشانيءَ جو خيال ڪندي کيس خط لکي اطلاع ڪيو ته سندس فرزند وٽس رھيل آھي ـ بعد ۾ ھن سيد امام علي شاھه کي به سمجھائي واپس موڪليو ھو ـ
ايوب خان جي زماني ۾ جڏھن ”بنيادي جمھوريت“ جي نالي ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون ته ڀرين جي ميونسپلٽيءَ کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو مليو ۽ سيد امام علي شاھه انھيءَ جو پھريون چيئرمن ٿيو ـ
امام علي شاھه عوامي قسم جو ماڻھو ھو ۽ اڪثر ڀرين جي بازار ۽ ايجنسيءَ واري علائقي ۾ گھمندو وتندو ھو ـ دڪاندارن سان عليڪ سليڪ سان گڏ شھر ۾ ايندڙ ماڻھن تي به سندس نظر ھوندي ھئي ـ

سيد مُراد علي شاھه
سيد مُراد علي شاھه ولد سيد نورمحمد شاھ جو جنم ڀرين ۾ 1938 ۾ ٿيو ـ پرائمري تعليم ڀرين جي سرڪاري اسڪول ۾ ورتائين ۽ پوءِ اٺين درجي تائين ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پڙھيو ۽ مئٽرڪ ٺاروشاھه مان 1956 ۾ پاس ڪيائين ڇو ته تن ڏينھن ۾ ڀرين ۾ مئٽرڪ جا ڪلاس ڪونه ٿيندا ھئا ـ گريجوئيشن لاءِ کيس ھالا جي ڪاليج ۾ خانگي طور داخلا وٺڻي پئي ھئي ـ سندس والد مئٽرڪ کانپوءِ وڌيڪ تعليم جي خلاف ھو تنھنڪري ھن لِڪ ڇُپ ۾ ھالا ۾ داخلا ورتي ھئي جتي ھُو ڪي سي اڪئڊميءَ جي ھيڊ ماستر آخوند جميل احمد سان گڏ ويندو ھو ـ ھالا ڪاليج ۾ محبوب علي چنه استاد ھوندو ھو ـ سندس والد جو خيال ھو ته جيڪڏھن نان مئٽرڪ ايوب کُھڙو سنڌ جو وڏو وزير ٿي سگھي ٿو ته پوءِ گھڻو پڙھڻ جي ڪھڙي ضرورت ـ نيٺ ھُن والد کي چِٺي لکي ته وڌيڪ پڙھڻ سندس قسمت جو سوال آھي، تنھنڪري کيس اجازت ڏني وڃي ـ سيد نور محمد شاھه ھڪ ڏينھن کيس اھو چئي ملڻ لاءِ گھرايو ته سندس قسمت جو فيصلو ڪرڻو آھي، ۽ پوءِ کيس وڌيڪ پڙھڻ جي اجازت ڏنائين ـ سيد مراد علي شاھه امتحان ڏيڻ سکر ويو ھو ۽ جڏھن موٽيو ته سيد نور محمد شاھه کيس ٻڌايو ته فڪر ۾ ھن سڄي رات رُنو ھو ـ ”مان ان ڳالھه تي حيران ھئس جو بابا مونکي ڪڏھن به پنھنجي ويجھو نه ڪيو ھو ـ ان حد تائين جو ڪڏھن اھو به نه پڇيائين ته اسڪول وڃين ٿو يا نه، پڙھين ٿو يا نه؟ پر پوءِ استاد آخوند جميل ٻڌايو ته اسڪول مان ھر پندرھين ڏينھن کيس رپورٽ موڪلي ويندي ھئي ۽ جيئن ته رپورٽ اطمينان بخش ھوندي ھئي، تنھنڪري ھُو مونکي ڪجھه نه چوندو ھو ـ سکر وڃڻ تي بابا ان ڪري رُنو ھو جو ڪنھن زماني ۾ پاڻ به ٻاھر ويل ھو ۽ جڏھن موٽيو ته سندن والد آخري پساھن ۾ ھو، “ مراد علي شاھه ٻڌايو ـ
سيد مُراد علي شاھه سياست ۾ ان وقت کان پير پاتو جڏھن 1958 ۾ جنرل ايوب خان واري بيسڪ ڊيموڪريسي (بي ڊي) چونڊن ۾ ڪوٽ بھادر يونين ڪائونسل جو بنا مقابلي ميمبر ٿيو ـ سال 1972 ۾ سندن والد جي وفات کانپوءِ ان سيٽ تي ضمني چونڊ ۾ به پاڻ بنامقابلي اچي سنڌ اسيمبليءَ جو پھريون ڀيرو ميمبر ٿيو ـ وري 1977 ۾ سينيٽر ٿيو پر سينيٽ ۽ اسيمبليون فقط ٽي مھينا ھلي سگھيون جو مٿان جنرل ضياءَ واري مارشل لا لڳي وئي ـ
سيد مراد علي شاھه ان کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊبو آيو آھي سواءِ 1990 وارين چونڊن جي جڏھن صرف 29 مھينا سنڌ اسيمبليءَ کان ٻاھر رھيو جڏھن سندس چوڻ موجب چونڊن ۾ بيقاعدگيءَ سان کيس ھارايو ويو ـ سيد مُراد علي شاھه پنج ڇھه ڀيرا سنڌ جو وزير رھي چُڪو آھي ـ ھُو ٻه ڀيرا جيل ياترا به ڪري چُڪو آھي، جنھن مان ھڪ ڀيرو 1983 واري ايم آرڊي ھلچل دوران ۽ ٻيو ڀيرو جنرل مُشرف واري فوجي حڪومت ۾ ڪرپشن جي ھڪ ڪيس ۾، جيڪو ڪُوڙو ثابت ٿيو ھو ـ (سندس باري ۾ وڌيڪ احوال ڀرين جي سياسي تاريخ واري باب ۾ ڏنل آھي)

سيد انور علي شاھه
سيد امام علي شاھه ولد سيد مراد علي شاھه جي ٽن فرزندن مان سيد انور علي شاھه سڀ کان وڏو آھي ـ سندن جنم ستين آڪٽوبر 1940 تي ٿيو ـ پاڻ ڀرين جي ئي پرائمري اسڪول ۽ ڪي سي اڪئڊميءَ مان تعليم حاصل ڪيائين ـ ان وقت جي سرشتي ھيٺ سنڌيءَ جو چوٿون درجو پاس ڪري ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ انگريزي پڙھڻ لاءِ داخلا ورتي ھئائين جتان ھن 1958 ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو جنھن جي رزلٽ 1959 ۾ آئي ھئي ـ مئٽرڪ کانپوءِ ھن ھالا جي سروري ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي صرف پھريون سال پڙھيو ۽ پوءِ واپس اچي پنھنجي والد سان گڏ زمينداري ڪرڻ لڳو ـ پنھنجي والد وانگر سيد انور علي شاھه کي به ڪتابن ۽ رسالن پڙھڻ جو شوق رھيو ۽ ان شوق تحت 1950 واري ڏھاڪي کان 1960 واري ڏھاڪي جي ڪافي ورھين تائين ڪراچي توڙي آمريڪا مان انگريزي رسالا گھرائيندو رھيو ـ پنھنجي زماني جي تعليمي معيار جي واکاڻ ڪندي ھُو چوي ٿو ته ان وقت جا مئٽرڪ پاس اڄ جي ماسٽرس جي ڊگري رکندڙن کان وڌيڪ بھتر ھئا ـ
يار ويس طبيعت وارو سيد انور علي شاھه پارليامينٽري سياست کان ته پري رھيو پر سندس والد جيان پاڻ به ڀرين جي ٽائون ڪميٽيءَ جو چيئرمن رھيو ـ ايوب خان واري بي ڊي اليڪشن وقت جڏھن ڀرين کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو مليو ته ان جو پھريون چيئرمن سيد امام علي شاھه ۽ ان کانپوءِ سيد انور علي شاھه چيئرمن ٿيو ھو ـ
جيتوڻيڪ ورھاڱي وقت سيد انور علي شاھه جي عمر ست ورھيه ھئي پر کيس حشو ڪيولراماڻيءَ جو سندس والد وٽ اچڻ وڃڻ، ھندن جي لڏپلاڻ توڙي ان وقت جي ڀرين شھر جا منظر اڄ به ياد آھن ـ

سيد احتشام علي شاھه
ارڙھين مئي 1948 تي ڀرين ۾ جنم وٺندڙ سيد احتشام علي شاھه مئٽرڪ تائين ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پڙھيو جنھن کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين جتي اسلاميه ڪاليج مان ئي بي اي ۽ پوءِ 1971 ڌاري ايل ايل بي جي ڊگري ورتائين ـ ھُو مڪاني ادارن واري سياست ۾ سرگرم رھڻ ڪري ڀرين جي ٽائون ڪميٽيءَ جو ٻه ڀيرا چيئرمن ٿيو ۽ اڳوڻي نوابشاھه ضلعي ڪائونسل جو به ٻه ڀيرا ميمبر رھيو ۽ جڏھن 1989 ۾ نوشھري فيروز کي نوابشاھه کان ڌار ڪري ضلعي جو درجو ڏنو ويو ته ان وقت به ھو نوابشاھه ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ھو ـ سندس چوڻ موجب ايم آر ڊي ھلچل وقت کانئس ڀرين جي ٽائون ڪميٽيءَ جي چيئرمن وارو عھدو کسيو ويو ھو ـ مجموعي طور ھُو پندرھن سال مڪاني ادارن ۾ رھيو ـ سندس وڏي پُٽ امام علي شاھه ڪراچيءَ مان بي بي اي ڪرڻ بعد ڪجھه وقت بئنڪنگ واري شعبي ۾ ڪم ڪيو پر پوءِ زمينداري سنڀالڻ لڳو ـ سندن ٻيو پُٽ امام حيدرشاھه شھيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچيءَ ۾ قانون پڙھي رھيو آھي ۽ انسٽيٽيوٽ جي اوورسيز پروگرام تحت لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿيل اٿس ـ

سيد فتح علي شاھه
سيد فتح علي شاھه ڏسڻ ۾ ته صفا نحيف ۽ نٻل پر جڏھن ڪنھن فنڪار سان ڪلام تي سنگت ڪري گھاگھر وڄائڻ شروع ڪندو ته سندس سنھڙين آڱرين ۾ ڄڻ جان پئجي ويندي آھي ـ فنڪار جي آلاپ سان گڏ سندس ھٿ به ايتري ئي تيزيءَ سان ھلڻ لڳندا آھن ـ ڀريا جي ميمڻ پاڙي لڳ قديمي لونگ شاھه جي مزار جي احاطي اندر ٺھيل ھڪ ڪچي ڪمري ۾ سندس آستان آھي جتي پٽ تي رليون وڇايل، ڀتين تي صوفي بزرگن جون تصويرون لڳل ۽ ڪمري جي ھڪ پاسي ٿلھي تي ڪتاب رکيل آھن جن ۾ صوفي شاعرن جي ڪلام ۽ ڪجھه ٻين موضوعن تي ڪتاب شامل آھن ـ اھا اپريل 2014 جي گرم شام ھئي جڏھن ڪيترن ئي ورھين کانپوءِ شاھه صاحب سان ملاقات ٿي ـ شاھه صاحب خاص مون سان ڪچھريءَ لاءِ محرابپور جي ھڪ راڳيءَ امداد سومري کي گھرايو ھو جيڪو وٽس ئي سنگيت جي سکيا به وٺندو رھيو ھو ـ ”ھيءَ ڀريا جي نوجوانن لاءِ لائبريري به آھي ته ميوزڪ اڪئڊمي به آھي،“ سائين فتح علي شاھه پنھنجي شفقت ڀرئي نماڻي انداز ۽ آواز ۾ ڪچڙي ڪمري ڏانھن اشارو ڪندي چيو ھو جتي سندس زندگيءَ جو گھڻو حصو گذريو ھو ۽ ھاڻ به ھو سيدن جي پاڙي ۾ پنھنجو گھر ۽ ٻار ٻچا ھوندي به روازانو اُتي ڪيترائي ڪلاڪ گھاري ٿو ـ ڀريا جا ڪي ادب دوست توڙي ڀرپاسي جا ڪلاڪار به اُتي اچي گڏ ٿيندا اٿس ـ
سال 1940 ۾ سيد علي محمد شاھه جي گھر ۾ جنم وٺندڙ فتح علي شاھه پنھنجي شاگرديءَ وارو زمانو ياد ڪندي تاريخي اسڪول ڪوڙو مل چندن مل اڪئڊمي ھاءِ اسڪول ۽ ان وقت جي اسٽيج ڊرامن جو ذڪر ڪيو ـ ”مون ست ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ھو جن ۾ انارڪلي ۽ ٻيا ڊراما شامل ھئا ـ“
فتح علي شاھه مئٽرڪ ڀريا مان ڪرڻ کانپوءِ انٽر تائين تعليم سروري ڪاليج ھالا مان حاصل ڪئي جو تڏھن ڀريا ۾ ڪاليج ڪونه ھو ـ ھُو بي اي حيدرآباد جي سچل ڪاليج مان پڙھيو ۽ پوءِ 1967 ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين پر انھيءَ وچ ۾ ھن نوڪري به شروع ڪري ڏني ھئي ـ ”حيدرآباد ۾ 1964 ۾ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن حافظ محمد صادق (ڀريا جي آخوند خاندان سان تعلق رکندڙ سنڌ جو مشھور تعليمي ماھر) جي آفيس ۾ ڪلارڪي ڪرڻ کانپوءِ سندن ئي ڪوششن سان نئين ديري ۾ ماستري ورتم پر پوءِ 1965 ۾ جڏھن جنگ لڳي ته پنھنجي آفيسر کي درخواست ڏئي ڳوٺ جي ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ٺري ميرواھه بدلي ڪرايم ـ ايئن پوءِ ڀريا ۽ پڊعيدن جي اسڪولن ۾ نوڪري ڪندي سال 2000 ۾ رٽائر ڪيم،“ شاھه صاحب پنھنجي نوڪريءَ جو قصو ٻڌايو ـ ”مون نئين ديري مان بدليءَ واري درخواست ۾ آفيسر کي لکيو ھو ته سائين مان درياھه جي ھِن پار ۽ منھنجا مِٽ مائٽ ٻئي پار آھن ـ جنگ ۾ الائي ڪھڙيون حالتون پيدا ٿين تنھنڪري مونکي گھر جي ويجھو بدلي ڪريو،“ ھن کلندي ٻڌايو ـ
”طبيعت ۾ شروع کان ئي سادگي ھئي ۽ حق ۽ سچ سان لڳاءُ ھو ـ ڪنھن سان بي واجبي ٿيندي ڏسي دل کي تڪليف ٿيندي ھئي“، ھن چيو ۽ ٻڌايائين ته ڀريا جو رئيس ۽ مشھور سياستدان سيد نور محمد شاھه مرحوم سندن مائٽ ھو، پر تنھن ھوندي به ھن کيس خط لکيو ھو ته ھارين ۽ پورھيتن کي حق ڏيو ـ
فقيري طبيعت ۽ مزارن تي زندگي گذاريندڙ شاھه صاحب چوي ٿو،”جڏھن عشق جي چوٽ لڳي ته زندگي مٽجي وئي ـ مون ٽي عشق ڪيا ۽ ٽئي ناڪام ٿيا ـ“
تصوف ڏانھن لاڙي بابت چوي ٿو:”مذھبن منجھائي ڇڏيو ھو پر صوفين مونکي سنڀالي ورتو ـ سال 1966 ۾ پڊعيدن کان ھتي بدلي ٿي آيس ته لونگ شاھه جي مزار تي نشست شروع ڪيم پر مان جتي به رھيس ته اھو ئي انداز رھيو ـ“
”مان جڏھن ٺري ميرواھه ۾ ھئس ته اُتي مينگھو فقير شر جي فولاد فقير جو مونتي گھڻو اثر ٿيو“، ھن چيو ـ
لونگ شاھه جي مزار مٿان ننڍڙو گُنبذ ٺھيل آھي ۽ جھنگ کي ڪپي اندر وڏي ايراضيءَ ۾ ڇٻر پوکي وچ مان ھلڻ لاءِ فٽپاٿ ٺاھي وئي آھي ۽ چوديواريءَ جي ھڪ ڪنڊ ۾ ٻه ڪچيون ڪوٺيون تعمير ڪيل آھن ـ ڪوٺين جي ٻاھران ميوزڪ اڪئڊميءَ جو نالو لکيل آھي ۽ ڪوٺين جي ڀت سان لڳ پڌر ۾ ننڍو چبوترو آھي ـ ”سياري ۾ گھڻو ڪري ڪوٺيءَ اندر سنگيت جون محفلون ٿينديون آھن ۽ اونھاري ۾ ٻاھر چبوتري تي ويھي راڳ رنگ ڪبو آھي،“ شاھه صاحب ٻڌايو ـ ”شروع ۾ ھتي ڪجھه ڪونه ھو سواءِ وڻن جي جھڳٽن ۾ لڪل قبرن جي ـ تن ڏينھن ۾ بس ھڪ عورت ھتي اچي ڏيئو ٻاريندي ھئي ـ“
فتح علي شاھه سنڌ جي روايتي نموني عملي زندگي ڇڏي مڪانن تي ويھي وقت وڃائڻ وارو شخص ناھي ـ ھن لونگ شاھه جي درگاھه کي نوجوانن جي علمي ادبي سکيا جو مرڪز بنائي ڇڏيو ـ ڀريا ۾ پرنٽنگ پريس جو وجود ڪونه ھو پر ھن ھٿ سان مضمون لکي ۽ لکرائي ھڪ رسالي جي شڪل ڏئي فوٽو ڪاپيون ڪرائي ورھائڻ جو به سلسلو شروع ڪيو ـ ان رسالي ۾ شاعري به ھوندي ھئي ته ڀريا جي تاريخ ۽ مشھور شخصيتن تي مضمون به شامل ھوندا ھئا ـ نوجوانن ۾ ادب جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ھن پنھنجي ذاتي ڪتابن مان به کوڙ ڪتاب ورھائي ڇڏيا ـ
”سنگيت اڪئڊمي اسان ڪاميابيءَ سان ھلائي رھيا آھيون ـ اسان کوڙ نوان راڳي تيار ڪيا جن روايت کان ھٽي مقامي شاعرن جا ڪلام ڳايا ۽ مارڪيٽ ۾ موجود گانن جي ڪاپي ڪرڻ بدران نيون ٺاھيون“، فتح شاھه وڏي فخر سان ٻڌايو ـ
ھيءُ جھونو جوڳي، جنھن جي سيني ۾ ڀريا جي تاريخ، تاريخساز شخصيتن ۽ واقعن جو ڀنڊار سمايل آھي، اڄ به پيرسنيءَ ۾ سيدن جي پاڙي مان پنڌ ئي پنڌ ميمڻ پاڙي لڳ لونگ شاھه جي مزار تي روزانو اچي ٿو ۽ رات جو دير تائين ويھي ھر ايندڙ کي علم ادب ۽ سنگيت بابت پنھنجي ڄاڻ مان فيضياب ڪري ٿو ـ
سندن ھڪ پُٽ آرميءَ جي ڪمپيوٽر شعبي ۾ ۽ ٻيو پُٽ ڊاڪٽر آھي ـ سيد فتح علي شاھه جو ھڪ ڀاءُ سيد نثار علي شاھه ڊاڪٽر ۽ ٻيو ڀاءُ غلام حيدر شاھه عرف مختيار شاھه رٽائرڊ انجنيئر آھي ـ
سيدن جي خاندان مان سيد مدد علي شاھه ناليوارو استاد ھو ـ مرحوم ڀرين جي پرائمري اسڪول جو ھيڊماسٽر به رھيو ـ سندس اولاد مان ھڪ پُٽ غلام سرور علي شاھه سنڌ جي خوراڪ کاتي مان رٽائر ٿيو جڏھن ته ٻيو پُٽ رياض علي شاھه اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽيڪس ۽ ٽيون پُٽ سرفراز علي شاھه پاڪستان ريلويز ڪراچيءَ ۾ سينئر آڊيٽر آھي ـ سيد مدد علي شاھه جو ڀائٽيو سيد حيدر علي شاھه ولد پيرل شاھه ضلعي ڪائونسل نوشھري فيروز ۾ چيف آفيسر آھي ـ
سيد خاندان ۾ 25 اپريل 1949 تي جنم وٺندڙ سيد ورند علي شاھه ولد سيد بچل شاھه، جنھن ڪي سي اڪئڊميءَ مان تعليم حاصل ڪئي ۽ اسڪول جي ڊرامن ۾ به بھرو ورتو، سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ آفيسر ھو جتان ھو 2009 ۾ رٽائر ٿي چُڪو آھي ـ علم ادب سان چاھه سبب وٽس به ڪتابن جو ڀنڊار آھي ـ اڻلڀ شيون گڏ ڪرڻ جي شوق سبب ڀريا جي قديم آثارن مان لڌل ڪيتريون ئي شيون سنڀالي رکيون اٿن ـ سنگيت سان بيحد چاھه سبب ھارمونين، طبلو، کنجري، ٽليون ۽ اھڙا ٻيا ساز به وٽن موجود آھن ـ سيد ورند علي شاھه جو چوڻ آھي ته اھو سڀ صرف پنھنجي دِلي سڪون ۽ روح جي راحت لاءِ آھي ـ

آخوند گھراڻو

ھتان جو ھيءُ ميمڻ گھراڻو تعليم جي پيشي سان واڳيل رھيو آھي، ان حوالي سان کين صدين کان حافظ ۽ آخوند جو لقب مليل آھي ـ سنڌ جي ميمڻن لاءِ ڀيرومل مھر چند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته لُھاڻا جڏھن مسلمان ٿيا ته کين مومن سڏيو ويو جيڪو اکر ڦري ميمڻ ٿي ويو ـ انگلش ڊڪشنريءَ ۾ مئمن Mammon لفظ ملي ٿو جنھن جي معنى آھي دنياوي دولت پر اھا تشريح آخوند ميمڻن سان لاڳو نٿي ڪري سگھجي ـ ڀرين ۾ آخوند ميمڻن جو گھراڻو ڪڏھن کان آباد آھي، تنھن جي ڄاڻ ڪانھي پر بزرگن موجب سندن وڏا نوشھري فيروز کان لڏي ھتي اچي آباد ٿيا ـ نوشھري کان اڳ ٻئي ڪنھن ھنڌ رھندا ھئا يا اصل کان اِتي جا ھئا، اھا به خبر ڪانھي پر ايتري ڄاڻ آھي ته سندن مٽي مائٽي سنڌو درياھه جي ھن پار ميھڙ پاسي ڳوٺ ونگن ۾ به ھئي ۽ ٺاروشاھه جي پريان ڀورٽيءَ واري پتڻ وٽان اچڻ وڃڻ ٿيندو ھئن ـ نوشھري ۾ سندن مڪتب ھئا جتي ھو ماڻھن کي تعليم ڏيندا ھئا ـ ڀريا جي رھواسين جي زور ڀرڻ تي آخوند نوشھري مان لڏي آيا جو ڀريا ۾ کين پڙھائڻ وارو ڪونه ھو ـ اھا پڪي ڄاڻ ڪانھي ته ڪھڙي پيڙھيءَ مھل لڏپلاڻ ٿي پر چون ٿا ته 1957 ڌاري لاڏاڻو ڪندڙ آخوند اسماعيل جي به ڏاڏي جي ڏينھن ۾ لڏپلاڻ ٿي جنھن جو نالو به آخوند اسماعيل ھوندو ھو ـ ڀريا ۾ آخوندن جو مڪتب سندن گھر سان لڳ ئي ھوندو ھو جيڪو آخوند اسماعيل جي وفات (1957 ) تائين جاري رھيو ـ آخوند اسماعيل جي بينائي حياتيءَ جي آخري ورھين ۾ ختم ٿي وئي ھئي پر تڏھن به ھو مڪتب ۾ ٻارن کي قرآن پڙھائيندو ھو ـ جيئن ته آخوند اسماعيل جو تڙ ڏاڏو آخوند محمد اسماعيل (اول) به ڀريا ۾ زندگي گذاريندو رھيو ۽ سندس آخري آرامگاھه به ميمڻ پاڙي لڳ لونگ شاھه جي مزار واري احاطي ۾ آھي، تنھنڪري سمجھه ۾ اچي ٿو ته ڀريا ۾ سندن آباد ٿيڻ کي گھٽ ۾ گھٽ ٽي صديون ٿي چُڪيون آھن ـ آخوند محمد اسماعيل (اول) جي والد جو نالو آخوند ارشاد ھو ـ آخري آخوند اسماعيل کي سندن ڪيترين ئي پيڙھين تائين بزرگن جا نالا ياد به ھئا ۽ ھن اھي لکي به رکيا پر خاندان جي حسب نسب بابت لکت ۾ معلومات ڪنھنجي ھٿ چڙھڻ کان اڳ ئي گم ٿي چڪي ـ آخوند گھراڻي وٽ موجود معلومات موجب آخوند گھراڻي جون پيڙھيون ھن ريت آھن: آخوند ارشاد، آخوند محمد اسماعيل (اول)، آخوند سچيڏنو، آخوند ڀليڏنو، آخوند محمد صادق ۽ آخوند محمد اسماعيل ـ آخري آخوند اسماعيل جي والد آخوند محمد صادق کي محمد پڃيل جي نالي سان به ياد ڪندا ھئا. سندس ھڪ ننڍو ڀاءُ آخوند محمد عالم ھو ـ
آخري آخوند اسماعيل جون ٻه گھرواريون ھيون جن مان پھرين گھرواريءَ مان ھڪ پُٽ آخوند حاجي فيض محمد ۽ ٻي گھرواريءَ مان ٻه پٽ حافظ محمد صادق ۽ حامد علي ھئس ـ کيس ھڪ نياڻي به ھئي جيڪا ڳوٺ ونگن ۾ پرڻيل ھئي ۽ جنھن کي ٻه پٽ دوست محمد ۽ پير محمد ھئا، جيڪي درياھه پار کان ڀريا ايندا ويندا ھئا ـ گھراڻي ۾ اھي چاچو دوسو ۽ چاچو پيرو جي نالي سان مشھور ھئا ـ چاچي دوسي جو اولاد به بعد ۾ ايندو ويندو رھيو ـ

آخوند حاجي فيض محمد
آخوند فيض محمد ولد آخوند محمد اسماعيل جو جنم 1894 ۾ ٿيو ـ ڀرين ۾ پرائمري تعليم ورتائين ۽ نوشھري فيروز مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ عليڳڙھه ويو پر خراب مالي حالتن سبب موٽي آيوـ ھن پھرين ته ڀريا جي تاريخي اسڪول ڪي سي اڪئڊ مي (ڪوڙو مل چندن مل) اسڪول ۾ ماستري شروع ڪئي ۽ پوءِ لوڪل بورڊ نوابشاھه (اڳي ڀريا ۽ نوشھرو فيروز نوابشاھه ضلعي ۾ ھئا) جي تعليم کاتي ۾ بيٽ آفيسر ۽ پوءِ ايڊيوڪيشن سپروائيزر مقرر ٿيو ـ ھن 55 ورھين جي عمر ۾ 1949 ۾ رٽائر ڪيو جو ان وقت رٽائرمينٽ جي عمر اھا مقرر ھئي ۽ پينشن به ڪانه ھوندي ھئي ـ رٽائرمينٽ کانپوءِ آخوند فيض محمد ٻيھر ڪي سي اڪئڊمي اسڪول سنڀاليو جيڪو ورھاڱي وقت لڏپلاڻ ڪندڙ سنڌي ھندو ڀائر آخوند گھراڻي جي حوالي ڪري ويا ھئا ـ آخوند فيض محمد 16 سيپٽمبر 1954 تي پنھنجي والد آخوند اسماعيل جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو ـ مرحوم آخوند فيض محمد پنھنجي سرڪاري نوڪري توڙي ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ نھايت محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو ـ ھُو بيٽ آفيسر توڙي ايجوڪيشن سپروائيزر ھجڻ دوران اڪثر پنھنجي حد ۾ انسپيڪشن لاءِ اُٺ يا گھُوڙي تي سفر ۾ رھندو ھو ـ ھن پنھنجي محدود آمدنيءَ مان ذاتي لائبريري به ٺاھي ھئي جنھن ۾ ڪيترائي ناياب ڪتاب موجود ھوندا ھئا ـ
آخوند فيض محمد نيڪ نمازي ھو ۽ 1932 ۾ حج به ڪري آيو ۽ موٽڻ تي پنھنجو حج جو سفرنامو ”ڀلي پار ڏي سفر“ لکيائين ـ سندس ھٿ اکر لکيل سفرنامو اٺھتر سال بنا ڇپجڻ پيل رھيو ۽ نيٺ 2010 ۾ محمد لائق زرداريءَ بلاول انسٽيٽيوٽ آف ھسٽاريڪل ريسرچ نوابشاھه پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو پر اھو پروف جي سوين چُڪن سان ڀريل ھو ـ ان جي ڀيٽ ۾ ھٿ اکر لکيل ڪتاب جديد پريس جي ڇپائيءَ کان به سئو ڀيرا بھتر آھي ـ آخوند فيض محمد ڪجھه ٻيا ڪتاب به لکيا جن مان ھڪ ”قاديانيءَ جي چئلينج ۽ ان جو جواب“ آھي جيڪو1939 ۾ ڇپيو ھو ـ اھو ڪتاب ھڪ رٽائرڊ ھيڊ ماستر محمد پريل قاديانيءَ جي کيس لکيل خطن جي جواب تي مشتمل آھي ـ ھن اھو ڪتاب 1938 ۾ لکي پورو ڪيو ھو جيڪو ھن پنھنجي ذاتي خرچ تي ڇپرايو ـ سندس ٽيون ڪتاب ”تاريخ القرآن“ آھي ـ پاڻ ڪتابن ۾ پنھنجي نالي سان ”ڀريائي“ به لکندا ھئا ـ
قرآن جي حافظ آخوند فيض محمد جا وڏن اسڪالرن سان ويجھا ۽ دوستاڻا تعلقات ھوندا ھئا جن ۾ ڪراچيءَ ۾ رھندڙ مولانا دين محمد وفائي به شامل ھو ـ ڪراچيءَ جڏھن به سندس وڃڻ ٿيندو ھو ته مولانا وفائيءَ وٽ رھندو ھو ـ سندن پاڻ ۾ خط ڪتابت به جاري رھندي ھئي ـ مولانا وفائيءَ جو 1948 ۾ کيس لکيل خط اڄ به محفوظ آھي ـ آخوند حاجي فيض محمد انگريزي، فارسي، عربي ۽ اردو ٻوليون به ڄاڻندو ھو ـ انگريزي ۽ فارسيءَ تي ته عبور ھئن ـ
آخوند فيض محمد جا چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون ھيون ـ وڏو پٽ قادر بخش، ان کانپوءِ جميل احمد، ٽئين نمبر تي ڊاڪٽر رفيق احمد جڏھن ته چوٿون پٽ غلام سرور اٺن سالن جي ڄمار ۾ بيماريءَ وگھي گذاري ويو ـ

حافظ محمد صادق
آخوند فيض محمد جو ڀاءُ حافظ محمد صادق اعلى تعليم جي زيور سان سينگاريل ھو ۽ پاڻ به سموري حياتي تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رھيو ـ ھو شڪارپور جي اسڪول ۽ اين جي وي اسڪول ڪراچيءَ جو ھيڊ ماستر به ٿي رھيو ـ (تاريخي اين جي وي اسڪول جي بورڊ تي اڄ به سندن نالو لکيل آھي) ـ ھو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپال به رھيو ۽ ڊائريڪٽر اسڪولس سنڌ جي عھدي تي به فائز رھيو ـ سن 1907 ۾ جنم وٺندڙ حافظ محمد صادق 9 اپريل 1966 تي 59 ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي ـ کيس ڀرين جو چمڪندڙ علمي ھيرو سڏيو ويو آھي ـ حافظ صادق پنھنجي نيڪ نيتي، خوش خلقي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري مشھور ھو ۽ سندس ايترو ته احترام ڪيو ويندو ھو ۽ ساڻس سندس ماتحت ملازمن ۽ آفيسرن جو ايترو ته پيار ھوندو ھو جو سندس بدلي ٿيڻ تي سندن اکين ۾ لُڙڪ ھوندا ھئا ـ حافظ محمد صادق جا چار پٽ سعيد حافظ، نثار حافظ، ڊاڪٽر ظفر حافظ ۽ منير حافظ آمريڪا ۾ آباد آھن ـ سندن والده، مشھور ليکڪ ۽ تعليمي ماھر اسماعيل عرساڻيءَ جي ڀيڻ، به آمريڪا ۾ ئي گذاري وئي ۽ اتي ئي دفن آھي ـ سعيد حافظ کي ھڪ جوان پٽ شايان ۽ ھڪ نياڻي آھي ـ نثار حافظ، جيڪو ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ ايگزيڪيوٽِو انجنيئر ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي شاخ جو صدر به رھيو ۽ پوءِ آمريڪا لڏي ويو، تنھن کي ھڪ پٽ شھزاد ۽ ٽي نياڻيون آھن ـ شھزاد سنڌ مان پرڻيل ۽ سندس ٻه ڀينر آمريڪا ۾ پرڻيل آھن ـ ايل ايم سيءَ جو گريجوئيٽ ڊاڪٽر ظفر حافظ آمريڪي عورت سان پرڻيل آھي ـ کيس ڪوبه اولاد ڪونھي ـ منير حافظ کي ھڪ پٽ خرم ۽ ٽي ڌيئر آھن جن مان ٻه نياڻيون پرڻيل اٿس ـ

آخوند حامد علي
آخوند فيض محمد ۽ حافظ صادق جو ٽيون ڀاءُ حامد علي جج ھو ۽ حيدرآباد، ڪراچي، سکر ۽ ٻين ھنڌن تي ذميداريون سنڀاليندي دادوءَ ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنس جج جي عھدي تي ھجڻ وقت لاڏاڻو ڪيائين ـ ھن 1913 ۾ جنم ورتو ھو ـ ڊسمبر 29، 1966 تي وفات مھل سندس عمر 53 سال ھئي ـ آخوند حامد علي قانوني معاملن جو ماھر ۽ قابل جج ھو ـ يار ويس ۽ ڀوڳائي طبيعت جو ھئڻ ڪري ھُو جتي به رھيو، سدائين وٽس سنگت ساٿ جي آمد رھندي ھئي ـ سندس اولاد ۾ مرحوم فاروق احمد ، مرحوم طفيل احمد، ڊاڪٽر منصور احمد، ڊاڪٽر شفيق احمد، انجينيئر شاھد علي ۽ ساجد علي ۽ پنج نياڻيون شامل آھن ـ مرحوم فاروق به سڄي عمر ڪي سي اڪئڊمي اسڪول ۾ توڙي بعد ۾ سرڪاري اسڪول ۾ اُستاد رھيو ۽ 1989 ۾ وفات ڪيائين ـ مرحوم فاروق احمد کي ٻه پٽ زاھد علي، راشد علي ۽ ھڪ نياڻي آھن ـ مرحوم طفيل احمد بينڪ مئنيجر ھو. کيس ٻه پٽ عدنان ۽ رضوان ۽ چار نياڻيون آھن ـ ڊاڪٽر منصور (رٽائرڊ) کي ٻه پٽ فرھاد احمد ۽ مصطفى ۽ ٽي نياڻيون آھن جن مان ٻه نياڻيون به ڊاڪٽر آھن جڏھن ته مصطفى مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار آھي ـ شاھد علي سرڪاري نوڪريءَ ۾ سول انجينيئر جي عھدي تان رٽائر ٿيو ۽ کيس ٻه پٽ بلال احمد ۽ عاصم علي ۽ ٻه نياڻيون آھن ـ ھڪ نياڻي ڊاڪٽر اٿس. بلال احمد ايم بي اي ڪرڻ بعد ھڪ خانگي ڪمپنيءَ ۾ نوڪريءَ سان لڳو آھي. ساجد علي ٻن پٽن ھالار (سِول انجنيئر) ۽ سيف عليءَ جو پيءُ آھي ـ

آخوند قادر بخش
سن 1915 ۾ جنم وٺندڙ آخوند قادر بخش ولد آخوند فيض محمد کي ڇھه پٽ ارشاد احمد، رياض احمد، نصير احمد (ھن ڪتاب جو ليکڪ نصير اعجاز)، ڊاڪٽر انيس احمد، نذير احمد (ماتا جي بيماريءَ وگھي ٻن ٽن ورھين جي عمر ۾ ئي گذاري ويو) ۽ وحيد احمد ۽ چار نياڻيون ٿيون ـ ھن ورھاڱي کان اڳ مختلف نوڪريون ڪيون، اسڪولن ۾ به پڙھايو ۽ پوءِ وڪالت ڪيائين ـ ھن 11 نومبر 1986 تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ـ سندس وڏي پُٽ مرحوم ارشاد احمد کي اولاد ڪونه ٿيو ـ ھو1985 کان وٺي مارچ 1999 ۾ وفات تائين سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ (سازدا) ۾ نوڪري ڪندو ھو ـ ان کان اڳ ھو ڀريا جي ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول ۽ ڪوٽڙيءَ جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ ٽيچر، حيدرآباد جي سيشنس ڪورٽ ۾ ڪلارڪ ۽ حبيب بينڪ ۾ سيڪنڊ آفيسر رھيو جتان ھو نوڪري ڇڏي 1977 ۾ پھريائين سعودي عرب ويو ۽ اتان تُرڪي ۽ آسٽريا ھليو ويو جتان 1982 ۾ واپس آيوـ ھن 1947 ۾ جنم ورتو ۽ 9 مارچ 1999 تي حيدرآباد ۾ پاڻ کي ٽرين ھيٺان ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي ـ سندس قميص جي کيسي مان ھڪ خط مليو ھو جنھن ۾ ھن سازدا آفيسرن ۽ يونين عھديدارن جا نالا لکي کين سندس موت جو ذميوار ڪوٺيو ھو ڇو ته وٽس سندن ڪروڙين رُپين جي بدعنوانين جا ثبوت ھجڻ ڪري نه رُڳو ھڪ ڀيرو يرغمال ڪري رکيو ويو پر کيس ڪوڙن الزامن ھيٺ نوڪريءَ تان معطل ڪرائي شوڪاز نوٽيس ڏياريو ويو ھو ـ ٻيو نمبر پُٽ رياض احمد 29 فبروري 1952 تي ڄائو ۽ 28 فبروري 2012 تي سکر جي تعليمي بورڊ مان اسسٽنٽ ڪنٽرولر جي عھدي تان رٽائر ڪيائين ۽ ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو ـ کيس پنج پٽ شيراز احمد، عبدالرحمان، عبدالله، عبدالمنان ۽ عمير احمد ۽ ٽي نياڻيون آھن ـ چار پٽ پرڻيل اٿس جن مان ٽي اولادي آھن ـ
نائين آگسٽ 1954 تي جنم وٺندڙ نصير احمد ميمڻ (نصير اعجاز) کي ٻه پٽ ۽ ھڪ نياڻي آھن ـ وڏي پٽ راھل اعجاز 2014 ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچيءَ مان ميڊيا سائنسز ۾ چئن سالن جي بي ايس ڊگري ورتي ۽ بعد ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ ڏيڍ ورھيه اُتان جي ھڪ خبر ايجنسي ۽ ماھوار رسالي ۾ ڪم ڪيو ـ سال 2016 ۾ واپس ڪراچيءَ اچي انگريزي اخبار ايڪسپريس ٽربيون ۾ اسٽاف رپورٽر طور صحافت شروع ڪيائين ـ ھن ڪراچيءَ جي ھڪ خانگي يونيورسٽي سِي بي ايم ۾ به وزيٽنگ فيڪلٽيءَ طور فلم ميڪنگ بابت پڙھائڻ شروع ڪيو آھي ـ ھن فوٽوگرافيءَ ۾ به پاڻ مڃايو ۽ سندس فوٽو۽ ان سان لاڳاپيل آرٽيڪل انڊيا، آمريڪا ۽ ڪن ٻين ملڪن ۾ نمايان طور ڇپيا آھن ـ سندس ڪجھه تصويرن کي آمريڪا جي ھڪ وڏي اداري نيويارڪ ۾ نمائش لاءِ به رکيو ھو ـ ٻيو پٽ ڊاڪٽر روھيل اعجاز چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جو گريجوئيٽ آھي ـ
آخوند قادربخش جو چوٿون پُٽ ڊاڪٽر انيس احمد جيڪو ايل ايم سي ڄامشوري جو گريجوئيٽ آھي، سرڪاري نوڪريءَ تان سيپٽمبر 2017 ۾ رٽائر ٿيو ـ ھو 1956 ۾ ڄائو ھوـ ھو به ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو ۽ سندس ھڪ پٽ شايان آھي جيڪو اڃان اسڪول ۾ پڙھي ٿو ـ پنجون پُٽ وحيد احمد به سرڪاري نوڪريءَ ۾ آھي ـ پھريائين ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ ھو پر ٽن سالن لاءِ اسلام آباد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪئمپ آفيس ۾ سيڪشن آفيسر طور رھي واپس پنھنجي کاتي ۾ آيو ـ کيس ھڪ پٽ راصم حسين ۽ ٽي نياڻيون آھن جيڪي اسڪول ۾ تعليم ھيٺ آھن ـ
پھرين مھاڀاري ويڙھه واري زماني ۾ جنم وٺندڙ آخوند قادربخش حياتيءَ جو وڏو عرصو ڳوٺ کان ٻاھر گذاريوـ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ھو ٽنڊي آدم ۾ 1940 ڌاري روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ھوـ 1942 ۾ ٻي مھاڀاري ويڙھه ختم ٿيڻ کانپوءِ ھنِ ڪراچيءَ ۾ نوڪريون شروع ڪيون ـ ھن ڪڏھن ماڙيپور ۾ سامونڊي پاڻيءَ مان لوڻ ٺاھيندڙ ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪي ڪئي ته ڪڏھن ماڙيپور واري ھوائي اڏي تي ڪم ڪيو، جيڪو ننڍي کنڊ جو واحد ۽ پھريون ھوائي اڏو ھو ـ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ 1948 ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح کي بلوچستان جي زيارت واري علائقي مان بيماريءَ جي حالت ۾ جنھن جھاز ۾ آندو ويو، اھو به ان ھوائي اڏي تي لٿو ھو، جنھن کي پوءِ پاڪستان ايئر فورس جو اڏو ٺاھي پي اي ايف بيس مسرور جو نالو ڏنو ويو ـ سال 1947 ۾ ورھاڱي جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ ٿي ته ڀرين مان به وڏي تعداد ۾ ھندو برادريءَ جا ماڻھو انڊيا لڏي ويا ته سندن انتظام ھيٺ ھلندڙ تاريخي ڪي سي (ڪوڙو مل چندن مل) اڪئڊمي اسڪول ھلائڻ جي ذميواري سندس خاندان مٿان اچي پئي ـ اسڪول ھلائڻ لاءِ ورھاڱي کان اڳ واري ٺھيل ايڊيوڪيشنل سوسائٽيءَ کي سرگرم ڪيو ويوجنھن جو سرپرست ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ مشھور سياستدان سيد نور محمد شاھه ھو ـ آخوند جميل ان وقت ڳوٺ ۾ ھو جنھن اسڪول سنڀاليو پر کيس تعليم لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ وڃڻو پيو ته آخوند قادر بخش ھيڊ ماستر طور ذميواري سنڀالي جنھن کي ھن 1953 تائين نڀايو جنھن کانپوءِ سندن والد آخوند فيض محمد ذميواري سنڀالي جيڪو 1949 ۾ رٽائر ٿيو ھو ـ ان وقت اسڪول ۾ فقط چار درجا ھئا ۽ آخوند قادربخش اڪيلو استاد به ھو ته ھيڊ ماستر به ـ ڪجھه وقت کانپوءِ مرحوم عبدالفتاح ميمڻ (جيڪو بعد ۾ نوابشاھه ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏينھن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر به ٿيو) ۽ ھڪ ٻيو استاد مقرر ڪيا ويا ـ عبدالفتاح ميمڻ ٿورو وقت اسڪول ۾ رھيو ـ آخوند قادر بخش چئني ڪلاسن جي شاگردن کي پڙھائيندو ھو ـ ھندن جي لڏپلاڻ سبب شاگردن جو وڏو تعداد وڃي چڪو ھو، پر تڏھن به ھڪ سئو کن مسلمان شاگرد اسڪول ۾ داخل ھئا ـ ٻه ٻه ٽي ٽي مھينا مھينا پگھار نه ملڻ جي باوجود ھُو اسڪول ھلائيندو رھيو ـ اسڪول ۾ پگھارن لاءِ فنڊ نه ھجڻ سبب ھُو سيد نور محمد شاھه کي خط لکندو ھو، جنھن کانپوءِ وڃي ڪجھه پگھارون ملنديون ھيون ـ سال 1953 ۾ ھُن استعيفى ڏئي ڇڏي جو کيس سڏائي اسڪول جو رڪارڊ اڻپورو ھجڻ جا اعتراض اُٿاريا ويا ۽ کيس سسپينڊ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي ـ آخوند قادربخش کي ان روش تي افسوس ٿيو جو مڃتا بدران مٿس الزام ھنيا ويا ـ سندن استعيفى کانپوءِ سندن والد آخوند فيض محمد کي اسڪول سنڀالڻ لاءِ چيو ويو جن اعزازي طور پرنسيپال طور اسڪول ھلايو جنھن کي وري 1954 ۾ سندن وفات کانپوءِ سندس فرزند آخوند جميل ٻيھر اچي سنڀاليو ـ
سال 1954 ۾ آخوند قادربخش ميرپور خاص جي ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي قائم ڪيل اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ھو. سينئر صحافي ۽ ھلالِ پاڪستان اخبار جو موجوده ايڊيٽر اقبال دل به ان اسڪول ۾ وٽس پڙھيو ـ ساڳئي سال سندن والد گذاري ويو ته کين ڊينگاڻ ڇڏي وري ڳوٺ موٽڻو پيو ـ سال 1955 ۽ 1956 ڌاري ھن ڪنڊياري ۾ به سرڪاري اسڪول ۾ پڙھايو ـ اکين جو ماھر ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ سندن ڀائر به وٽس پڙھيا ۽ اڄ تائين سندن نالو احترام سان وٺندا آھن ـ آخوند قادربخش گريجوئيٽ اڳ ئي ھيو پر ان عرصي ۾ ھن ايل ايل بي به ڪري ورتي ـ قانون جي ڊگريءَ لاءِ ھو ھڪ سال ڪراچيءَ ۾ رھيو جنھن دوران ھن طفيل علي عبدالرحمان ايڊووڪيٽ (بعد ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو جسٽس) وٽ ڪم به ڪيو جيڪو لا ڪاليج ۾ سندن استاد ھو ـ کين ڳوٺ ۾ خاندان جي ڪري وري موٽڻو پيو ھو جتان ايل ايل بي جو آخري سال ايڪسٽرنل اسٽوڊنٽ طور سکر جي ڪاليج مان 1955 ڌاري پاس ڪين ـ سال 1957 ۽ 1958 جا ورھيه ھن نوشھري فيروز جي تاريخي مدرسه اسڪول ۾ ھائوس ماسٽر طور گذاريا جتي اسڪول جي احاطي اندر گيٽ لڳ کين گھر مليل ھو ـ تن ڏينھن ۾ ھن نيٺ ماستري ڇڏي وڪالت جو پيشو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو ۽ ان لاءِ ڪراچيءِ ۾ ٻن وڪيلن وٽ ڪجھه عرصو جونيئر طور ڪم ڪرڻ کانپوءِ موٽي آيو ۽ 1959 کان نوشھري فيروز ۾ رھندي باقاعده وڪالت شروع ڪيائين ـ سال 1960 ۾ پاڻ مورو لڏي ويا جتان وري 1966 جي شروع ۾ ٽنڊي آدم ۽ وري 1967 ۾ شھدادپور ۽ 1970 ۾ حيدرآباد ھليا ويا جتي وڪالت ڪندي 1975 ڌاري سخت بيمار ٿي پيا ۽ ڊاڪٽرن جي مشوري تي وڪالت ڇڏي گھر ۾ وقت گذارڻ لڳا ـ سال 1980 کان ڪراچيءَ ۾ پنھنجي پُٽن وٽ رھڻ لڳا جتي وفات ڪيائون ـ آخوند قادر بخش نه رُڳو ھڪ استاد طور پاڻ مڃايو پر ھڪ قابل وڪيل به ھئا ـ انگريزي ٻوليءَ تي سندن عبور ھيو ـ ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ ھجڻ دوران توڙي پوءِ پاڻ ڪيترائي ناٽڪ لکيائون (ناٽڪن جا تفصيل ڪتاب جي الڳ باب ۾ ڏنل آھن) جڏھن ته حيدرآباد ۾ وڪالت دوران انگريزي ادب مان ترجمو ڪيل سندن ڪجھه ڪھاڻيون ان وقت جي مشھور ماھوار رسالي ”سھڻي“ ۾ ڇپيون ـ

آخوند جميل احمد
آخوند فيض محمد جي ٻئي نمبر پُٽ آخوند جميل احمد به سڄي عمر تعليم ڏيندي گذاري ـ حيدرآباد مان تعليم وٺڻ بعد ھو پھريائين تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو جتان 1954 ڌاري ڀرين جي ڪي سي اڪئڊمي اسڪول جي ھيڊ ماستر طور ذميداريون سنڀالين جنھن لاءِ اسڪول جي انتظاميا تعليم کاتي کي درخواست لکي ڊپوٽيشن تي سندن خدمتون حاصل ڪيون ھيون ـ ھُو سال 1966 تائين اسڪول کي ڪاميابيءَ سان ھلائيندو رھيو ـ سال 1960 ۾ آخوند جميل ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ ئي ساھتي انٽرميڊئيٽ ڪاليج جو بنياد وڌو ـ ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول ۽ ساھتي ڪاليج 1966 تائين ھلندا رھيا جڏھن سرڪار اسڪول کي قومي تحويل ۾ وٺي کيس پھريائين شڪارپور ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جو ھيڊماسٽر ڪري موڪليو ۽ پوءِ ترقي ڏئي انسپيڪٽر آف اسڪولس جيڪب آباد ۽ بعد ۾ حيدرآباد لاءِ مقرر ڪيو ھو ـ ان عھدي تي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ھيس ته آفيس ۾ ويٺي دل جو دورو پوڻ سبب جُون 1968 ۾ 38 سالن جي جوانيءَ ۾ دنيا کي ڇڏي ويو ـ سندس وفات تي ڀريا جو سمورو ڪاروبار ڏک ۾بند ٿي ويو جو ھو تمام ھر دلعزيز شخص ھو ـ مرحوم کي ٽي پٽ ڊاڪٽر اشفاق احمد، تسنيم احمد، نديم احمد ۽ ٻه نياڻيون ٿيون ـ سندس ھڪ نياڻي مسز نادره نصير اعجاز اسسٽنٽ پروفيسر (پوليٽيڪل سائنس) جي عھدي تي آھي ـ

ڊاڪٽر رفيق احمد
ڊاڪٽر رفيق احمد ولد آخوند فيض محمد 22 سپٽيمبر 1938 تي جنم ورتو ـ ھن پرائمري تعليم ڀرين جي سرڪاري اسڪول مان پڙھي ۽ اٺين درجي تائين ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پڙھڻ بعد مئٽرڪ شڪارپور جي ھاءِ اسڪول مان ڪئي جتي سندن چاچو حافظ محمد صادق ھيڊ ماسٽر ھو ـ ھُو ايل ايم سيءَ مان ايم بي بي ايس ڪري ڀرين جو پھريون ڊاڪٽر ٿيو ۽ نوشھري، لاڙڪاڻي، ٽنڊي ڄام، ڏوڪري، جيڪب آباد، دادو، بدين ۽ ٻين ھنڌن تي ميڊيڪل آفيسر، سينئر ميڊيڪل آفيسر، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر، سول سرجن ۽ ٻين مختلف عھدن تي ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر رفيق 1998 ڌاري رٽائر ٿيو ۽ ڪافي ورھيه بيماريءَ بعد ٻين جنوري 2018 تي وفات ڪيائون ـ ھُو پنھنجي دور جو قابل ڊاڪٽر ھو ـ رٽائرمينٽ کانپوءِ جيتوڻيڪ ھُو طبيعت ۾ ناسازيءَ سبب ڊاڪٽريءَ جي پرئڪٽس کان پري رھيو پر ڪيترائي ماڻھو ھر بيماريءَ جي علاج لاءِ ساڻس ئي مشورو ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا ھئا ـ کيس ٻه پٽ طارق احمد، ذيشان احمد ۽ پنج نياڻيون آھن ـ
آخوند گھراڻي جي ئي ويجھن مائٽن مان ھڪ مرحوم الھه بخش ميمڻ ھو جنھن 1912 ۾ جنم ورتو ۽ ڊسمبر 1968 ۾ نوابشاھه جي ڊپٽي ھيلٿ آفيسر جي عھدي تي ھوندي وفات ڪيائين ـ سندس، بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميڊيڪل سان لاڳاپيل امتحان پاس ڪيل ھو ـ سندس اولاد مان وڏو پٽ مرحوم اقبال استاد ھو ـ ٻيو پُٽ عبدالھادي به مختلف اسڪولن ۾ استاد رھيو ۽ پوءِ مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو ـ انگريزي ٻوليءَ جي سکيا جي موضوع تي سندس چار پنج ڪتاب ڇپيل آھن ـ عبدالھادي ميمڻ جو ھڪ پُٽ مسرور اياز ۽ نياڻي الماس به ڊاڪٽر آھن ـ مرحوم الھه بخش جو ٽيون پُٽ مختيار عرف عبدالرشيد بينڪ مان آفيسر گريڊ ۾ رٽائر ٿيو ۽ سندس ھڪ پُٽ امتياز روڊس کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آھي ـ ٻئي پُٽ ڪاشف به سِول ۾ بي اِي ڪئي اٿس ۽ ٽيون پُٽ پڙھي رھيو آھي ـ نياڻين مان ھڪ بينڪ ۾ آفيسر، ٻي ليڪچرار ۽ ٽين ڊاڪٽر آھي ۽ چوٿين سنڌيونيورسٽيءَ ۾ پڙھي رھي آھي ـ

ميمڻ گھراڻا

ڀريا جي ميمڻ پاڙي ۾ ميمڻن جا مختلف گھراڻا آباد آھن ـ انھن مان ھڪڙا ميمڻ اصل ڀرين ويجھو ”بوگره“ جا آھن پر وڏي عرصي کان اھو گھراڻو ڀرين جي ميمڻ پاڙي ۾ آخوندن جي گھرن لڳ ئي آباد ٿي ويو ـ ان گھراڻي جي پھرين مشھور شخصيت حاجي محمد ھاشم آھي جنھن جو والد حاجي محمد ميمڻ ڳوٺ بوگري ۾ ٻني ٻارو ڪندو ھو ـ ڀرين جي آخوند حاجي فيض محمد سان حاجي محمد ميمڻ جا ويجھا لاڳاپا ھئا، جنھن سندس پُٽ محمد ھاشم کي ٻنين تي ڪم ڪرڻ بدران پڙھائڻ تي زور ڀريو ۽ ننڍڙي محمد ھاشم کي وٺي اچي ڀرين ۾ رھايو جتي ھُو پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ۾ نھايت ھوشيار ثابت ٿيو ـ محمد ھاشم ڪراچيءَ جي اين اِي ڊي ڪاليج مان انجنيئرنگ جي ڊگري ورتي ۽ پوءِ سڄي عمر سرڪاري نوڪريءَ ۾ رھيو ـ سن 1925 ۾ جنم وٺندڙ حاجي محمد ھاشم وڏي عرصي تائين سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ مختلف عھدن تي ۽ پوءِ چيف انجنيئر طور خدمتون انجام ڏيڻ بعد 1985 ۾ رٽائرمينٽ ورتي ـ سندس سُٺي ساک ھجڻ جي ڪري کيس رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به مقرر ڪيو ويو، جنھن عھدي تي ھو ڪجھه ورھيه فائز رھيو ـ ھن 2003 ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ـ
حاجي محمد ھاشم وري پنھنجي ڀاءُ حاجي محمود کي پڙھايو، جنھن ڀرين جي اسڪولن مان تعليم وٺي اين اِي ڊي ڪاليج ڪراچيءَ مان سِول انجنيئرنگ ۾ بِي اِي ۽ لنڊن مان سِول انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ـ حاجي محمود ميمڻ مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ (جيڪو اڳي ڪاليج جو درجو رکندو ھو) ۾ ليڪچرار طور پڙھائڻ شروع ڪيو ۽ ڊين، فيڪلٽي آف سِول انجنيئرنگ جي عھدي تان رٽائر ڪيائين ـ حاجي محمود، جنھن 2013 ۾ وفات ڪيو، سنڌ جي انجنيئرنگ يونيورسٽين جي سنڊيڪيٽ جو تاحيات ميمبر ھو ـ
حاجي محمد ھاشم جو وڏو پُٽ علي اڪبر ميمڻ به مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشوري جو ناليوارو استاد رھيو ـ ھن اتان ئي سِول انجنيئرنگ ۾ بي اِي ڪئي ھئي ۽ پوءِ لنڊن مان سِول انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪري آيو ـ رٽائرمينٽ وقت ھُو مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو چيئرمن، فيڪلٽي آف سِول انجنيئرنگ ھو ـ علي اڪبر ميمڻ 2013 ۾ 64 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ـ
حاجي محمد ھاشم جو ھڪ ٻيو پُٽ حزب الله ميمڻ به مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ آھي ـ
مرحوم علي اڪبر ميمڻ جي ھڪ پُٽ عبدالاحد مھراڻ يونيورسٽيءَ مان بِي اِي ڪرڻ بعد سنگاپور مان انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ۽ ملائيشيا مان ٽرئفڪ انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، جنھن کي سندس صلاحيتن جي ڪري ٻين ملڪن ۾ نوڪريءَ جون آڇون مليون ـ ھن دبئيءَ ۾ سمارٽ سگنل سسٽم ڊزائن ڪيا ۽ ڪجھه ورھين بعد آفريڪي ملڪ ايٿوپيا ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿيس ته اوڏانھن ھليو ويو جتي اڃان ڪم ڪري رھيو آھي ـ
حاجي محمد ھاشم جي ئي خاندان جي ھڪ ٻئي نوجوان ڊاڪٽر طيب ولد محمد ڇُٽل ميمڻ مھراڻ يونيورسٽيءَ مان بِي اِي ڪرڻ بعد آسٽريليا مان اليڪٽرانڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ اڄڪلھه مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ئي ائسوسيئيٽ پروفيسر آھي ـ
حاجي محمد ھاشم جي ٽئين پُٽ عبدالله جو ھڪ پُٽ عبدلواحد به مھراڻ يونيورسٽيءَ مان بِي اِي ڪرڻ بعد فرانس مان ڪمپيوٽر سسٽم ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو ۽ اڄڪلھه قائدِعوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھه ۾ سينئر عھدي تي آھي ـ
ساڳئي خاندان جو صفيع الله ميمڻ مھراڻ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ آھي ۽ اتان ئي مائننگ انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪئي اٿائين ۽ اتي ئي اسسٽنٽ پروفيسر ھجڻ سان گڏ يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جو ميمبر به آھي ـ سندس وڏو ڀاءُ نصرالله ميمڻ گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج وحدت ڪالوني حيدرآباد جو پرنسيپال رھي چُڪو آھي ـ
انھيءَ گھراڻي جو سراج احمد ميمڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٿاميٽڪس ۾ ايم ايس سي ڪرڻ بعد ساڳيءَ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ پروفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿيو ـ سندن ئي خاندان جو ٻيو شخص محمد سليمان انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن کانپوءِ ڪجھه ورھيه زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ليڪچرار رھيو پر پوءِ مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ آيو جتان پروفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿيو ـ سندس ھڪ پُٽ ڊاڪٽر ڪاشف سِول اسپتال حيدرآباد جي آءِ سي يو جو انچارج آھي ۽ ٻيو پٽ رضوان، جنھن سِول انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر ايڊميشنس آھي ـ سندن ئي ھڪ مائٽ ڊاڪٽر فضل ڀرين جي ابتدائي ڊاڪٽرن منجھان آھي جيڪو وڏي عرصي کان جھٽ پٽ واري علائقي ۾ آباد آھي ـ
ساڳئي پاڙي مان مولانا محسن جو فرزند صابر علي ميمڻ مھراڻ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گھڙيو ۽ سب ڊويزنل انجنيئر جي عھدي تي پھتو ـ
ميمڻن جي ھڪ ٻئي خاندان مان محمد موسى عرف حاڪم ميمڻ واپڊا مان ايس ڊي او جي عھدي تان رٽائر ٿيو ـ سندس ڀاءُ شرف الدين ميمڻ به انجنيئر آھي جڏھن ته ھڪ ٻيو ڀاءُ اياز ميمڻ ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري ٿو ـ
ميمڻن جي ھڪ ٻئي زميندار گھراڻي منجھان به ناليوارا شخص پيدا ٿيا جن ۾ مرحوم علي نواز ميمڻ جا فرزند عبدالفتاح (مرحوم)، حاجي بشير احمد ۽ قربان علي (مرحوم) شامل آھن ـ عبدالفتاح ميمڻ، جنھن جو جنم 31 آگسٽ 1932 تي ٿيو ۽ 19 سيپٽمبر 2000 تي وفات ڪيائين، پرائمري ۽ مڊل تائين ڀرين جي اسڪولن ۾ پڙھيو، مئٽرڪ نوشھري مان ڪيائين جڏھن ته ايل ايل بي ڪراچيءَ جي ايس ايم لا ڪاليج مان پاس ڪيائين جتي ھُو مٺارام ھاسٽل ۾ رھندو ھو ـ اھو ڪاليج ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ھو جتي ھن ٻئي سال فرسٽ پوزيشن سان امتحان پاس ڪيو ـ ذوالفقار علي ڀٽو به ان ڪاليج ۾ سندس استاد رھيو ـ مئٽرڪ ڪرڻ بعد ھن ڪجھه مھينا ڪي سي اڪئڊمي ڀريا ۾ پڙھايو جنھن بعد ھو گورنمينٽ ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ به ٽي چار سال استاد رھيو ـ عبدالفتاح ميمڻ نوابشاھه ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ اُتي ئي آباد ٿي ويو ـ ھن سياست ۾ به حصو ورتو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي زماني ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري رھيو جڏھن ته 1977 جي چونڊن ۾ ڀُٽي صاحب جتوئين جي موري واري تڪ جي سيٽ کيس ڏياري جنھن تي ھُو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پوءِ کيس قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر به چونڊيو ويو پر ٽن مھينن کانپوءِ جنرل ضياءَ جي مارشل لا لڳڻ سبب اسيمبلي ئي ختم ٿي وئي ـ مرحوم عبدالفتاح جو اولاد به تعليم يافته آھي جن ۾ ھڪ پُٽ ظفر علي مھراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرانڪس ۾ بِي اِي ڪئي ۽ نياڻين مان ھڪ ڊاڪٽرياڻي ٿي پر پوءِ وفات ڪري وئي ۽ ٻي پروفيسر آھي ـ ظفر کي ڪراچيءَ ۾ پيٽرول پمپ آھي ـ سندس گھرواري به ڊاڪٽر آھي ـ ظفر کي ٽي پُٽ آھن جن مان ھڪ ملائيشيا ۾، ٻيو ڪئناڊا ۾ ۽ ٽيون ڪراچيءَ ۾ پڙھي رھيو آھي ـ
سن 1937 ۾ 21 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ حاجي بشير احمد ميمڻ ڀرين جي پرائمري اسڪول ۽ ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پڙھڻ کانپوءِ مئٽرڪ نوابشاھه مان، گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ وري ايل ايل بي نوابشاھه مان ڪئي جتي صرف ٻن سالن کانپوءِ ايل ايل بيءَ جا ڪلاس بند ٿي ويا ـ حاجي بشير ميمڻ پھريائين پراسيڪيوٽنگ سب انسپيڪٽر (پي ايس آءِ) مقرر ٿيو جنھن کانپوءِ جج ٿيو ۽ پوءِ اٽڪل ڏھه ورھين تائين سنڌ جي قانون واري کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري رھيو جتان سيشنس جج طور ترقي ملڻ تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي آفيشل اسائينيءَ جي عھدي تي رھڻ بعد رٽائر ٿيو ۽ ھن وقت ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو ـ سندس اولاد مان ھڪ پٽ ڪامران سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڊپٽي رجسٽرار، ٻيو پٽ ڊاڪٽر عبيد ۽ ٽيون پُٽ ذوالفقار ايڊيشنل سيشنس جج آھي ـ اھي سڀ ڪراچيءَ ۾ رھن ٿا ـ سندن ٽيون نمبر ڀاءُ قربان علي ميمڻ، جنھن جو جنم 1950 ۾ ٿيو، سنڌ جي تعليم کاتي ۾ سيڪشن آفيسر طور گھڙيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي عھدي تي پھتو ـ سندس پوسٽنگ چيف منسٽرس سيڪريٽريٽ ۾ به رھي ـ رٽائرمينٽ کان ٿورو اڳ ئي جڏھن کيس سنڌ پراونشل اليڪشن اٿارٽيءَ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو ھو ته نوشھري فيروز ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 16 مئي 2010 تي وفات ڪري ويو ـ سندس فرزند علي عباس ايم بي اي ڪئي ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل ۾ آفيسر آھي جڏھن ته نياڻي ايم بي اي ڪرڻ بعد سنڌ روينيو بورڊ ۾ آفيسر مقرر ٿي ـ انھيءَ گھراڻي جا ٻيا ڪيترائي خاندان لنڊن ۾ آباد آھن ـ سندن ھڪ مائٽ ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ ولد محمد صالح ميمڻ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس پڙھڻ بعد فوج جي ميڊيڪل ڪور ۾ ويو جتان سينئر عھدي تي پھچي رٽائر ڪيائين ۽ پوءِ آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڪيترائي ورھيه ڪم ڪيائين ـ ڪراچيءَ جي ڪاليج آف فزيشنس اينڊ سرجنس مان سندس ايم سي پي ايس ڪيل آھي ـ سندس ٻه پُٽ به ڊاڪٽر آھن ـ مرحوم علي نواز ميمڻ جي ٻي گھرواريءَ مان ھڪ پُٽ احسان علي سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ۾ آفيسر آھي ـ
ميمڻن جو ھڪ ٻيو گھراڻو مان حاجي محمد ڪامل ميمڻ جو آھي جن جا وڏا ڪنھن زماني ۾ دادو ضلعي جي پاٽ واري علائقي ۾ ٻوڏ اچڻ سبب لڏي ڀريا ۾ اچي آباد ٿيا ـ ميمڻن ۾ اھي شاھداڻي ميمڻ سڏيا وڃن ٿا ـ حاجي محمد ڪامل ڪاروباري ماڻھو ھو ۽ ڀرين جي شاھي بازار ۾ دُڪان ھلائيندو ھو ـ کيس ٻه فرزند ٿيا جن مان ھڪ حاجي صاحبڏنو ۽ ٻيو محمد يوسف ھو ـ حاجي صاحبڏني 1937 ۾ جنم ورتو ۽ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڀرين ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ حيدرآباد مان ڪئي جنھن ۾ سڄي سنڌ ۾ ھن ٽين پوزيشن حاصل ڪئي ـ ھن ڪراچيءَ جي اين اِي ڊي ڪاليج مان انجنيئرنگ جي ڊگري ورتي ۽ ون يونٽ واري زماني ۾ اولھه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري تڏھوڪي ڪميونيڪيشن ۽ ورڪس کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر طور نوڪري شروع ڪيائين جنھن بعد سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رھندي 1990 ۾ چيف انجنيئر جي عھدي تي پھتو جتان کيس ڊائريڪٽر جنرل، چيف منسٽرس انسپيڪشن ٽيم جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ انھيءَ عھدي تان 1997 ۾ رٽائر ڪيائين ـ ھن 10 آڪٽوبر 2003 تي وفات ڪئي ـ حاجي صاحبڏني جا ٻه فرزند جنيد احمد ۽ نفيس احمد آھن ۽ ٻئي ڊاڪٽر آھن ـ ڊاڪٽر جنيد ميمڻ ڀرين جي سرڪاري اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آھي ۽ ٻئي پُٽ جي پوسٽنگ به اُتي ئي آھي ـسندن ھڪ ڀيڻ محترمه رابعا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آھي ـ
ڀريا جي ھڪ ٻي ذڪر جوڳي شخصيت آھي مرحوم عطا محمد ميمڻ ولد خاوند ڏنو ميمڻ، جنھن 1922 ۾ جنم ورتو ـ ڀرين ۾ ابتدائي تعليم پرائمري ۽ ڪي سي اڪئڊميءَ مان وٺڻ بعد ھن مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ بي اي ۽ ايل ايل بي عليڳڙھه يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ـ شروع ۾ ھن پبلڪ پراسيڪيوٽر طور وڪالت ڪئي جنھن کانپوءِ پوليس کاتي ۾ ويو ۽ سھالا پوليس سينٽر مان ٽريننگ ڪرڻ بعد پوليس پراسيڪيوٽنگ انسپيڪٽر مقرر ٿيو پر 1962 ۾ خيرپور ۾ پوسٽنگ کانپوءِ ھن استعيفا ڏئي زمينداري شروع ڪري ڇڏي ـ ڀرين ۾ زمينداري ڪندي عطا محمد ميمڻ ڪي سي اڪئڊمي جي انتظامي بورڊ جو سيڪريٽري به رھيو ـ ان حيثيت ۾ ھو اسڪول جي مستحق شاگردن جي پنھنجي کيسي مان مالي مدد به ڪندو ھو ـ ھن 1986 ۾ 64 ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي ـ کيس چار فرزند ٿيا جن ۾ ھڪ رٽائرڊ ڪئپٽن ڊاڪٽر جاويد اختر، مرحوم امجد ميمڻ، ڊاڪٽر فدا حسين ۽ ڊاڪٽر نعيم الدين مرحوم شامل آھن ـ ڊاڪٽر فدا حسين 2019 غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر جي چيف ميڊيڪل سپرنٽينڊينٽ جي عھدي تان رٽائر ٿيو آھي ـ
سندن ئي خاندان جي ٻي سماجي شخصيت حاجي انور ميمڻ ولد وڏيرو نيڪ محمد ميمڻ آھي، جيڪو ڀرين جي ٽائون ڪميٽيءَ جو ڪائونسلر به رھيو ـ ھن وقت بيماري ۽ پيرسنيءَ سبب گوشئه نشين آھي ـ
ساڳئي پاڙي جو مير محمد ميمڻ به مشھور شخصيت ھو جنھن نوابشاھه ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ سموري عمر اُتي گذاريائين ـ ھن 1982 ۾ 58 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ـ سندس ٽي پُٽ آھن جن ۾ ھڪ ڊاڪٽر سُھيل مير 19ھين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو ـ سندس ٻيو پُٽ ڊاڪٽر شعيب مير سي ايس ايس ڪري ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ ۾ ويو ۽ 22ھين گريڊ ۾ اعلى عھدي تان رٽائر ٿيو جڏھن ته ٽيون پُٽ ڊاڪٽر واصف مير به سي ايس ايس ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ ويو ۽ موجوده وقت ڪسٽم کاتي ۾ اعلى عھدي تي آھي ـ
خوبصورت شخصيت جو مالڪ امداد علي ميمڻ (مرحوم) جنھن ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ ابتدائي تعليم ورتي ۽ پوءِ حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪئي، شروع ۾ ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ استاد به رھيو ـ ھن ڪراچيءَ مان ايل ايل بي ڪئي ۽ ٻئي سال سڄي سنڌ مان پوزيشن سان امتحان پاس ڪيائين ـ سال ڏيڍ وڪالت ڪرڻ بعد ھن جج جو امتحان پاس ڪيو پر ون يونٽ سبب جج طور مقرري نه ٿيس ته ھُو پراسيڪيوٽنگ سب انسپيڪٽر مقرر ٿيو پر پوءِ ون يونٽ ختم ٿيڻ تي جج جو عھدو مليو ۽ آخر ۾ سيشنس جج جي عھدي تان رٽائر ٿيو ـ انگريزيءَ جو نھايت ھوشيار ھو ـ سڄي عمر انتھائي ايمانداريءَ سان نوڪري ڪيائين ـ سندس ھڪ ڀاءُ فيروز احمد ميمڻ واپڊا ۾ انجنيئر ھو ۽ اعلى عھدي تان رٽائر ٿي حيدرآباد ۾ رھي ٿو ـ مرحوم امداد علي ميمڻ جو ھڪ پُٽ سجاد امداد لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ آفيسر رھيو ۽ ٻيو پُٽ عبدالحليم جج ۽ ٽيون پُٽ شمشاد ڪراچيءَ ۾ گارمينٽ جو ڪاروبار ڪندو آھي ـ
خادم حسين ميمڻ ولد ڀليڏنو ميمڻ، ڪي سي اڪئڊميءَ ۾ پڙھيو، اُتي ئي استاد به رھيو جنھن بعد پنھنجي زمينداري ڪرڻ لڳو ـ ھن وقت پيرسني ۽ بيماريءَ سبب گوشئه نشين آھي ـ سندس ھڪ پُٽ عرفان پي آءِ اي ۾ ۽ ٻيو پُٽ شفقت ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر آھي ـ خادم حسين ميمڻ جو ٻيو ڀاءُ مرحوم ارشاد ميمڻ نارڪوٽڪ ڪنٽرول اداري ۾ آفيسر ھو ـ
مظھر علي ميمڻ زرعي ترقياتي بينڪ جو رٽائرڊ آفيسر آھي ـ سندس والد مرحوم يارمحمد ميمڻ ٽائون ڪميٽي ڀريا جو سيڪريٽري رھيو ۽ انگريزي ادب سان نه رُڳو چاھه ھيس پر پاڻ به انگريزيءَ ۾ شاعري ڪندو ھو ـ
ڊاڪٽر خان محمد ميمڻ ولد عبدالقادر عرف حاجي ۽ سندس گھرواري (ڊاڪٽر) سرڪاري نوڪريءَ ۾ رھڻ بعد نوشھري فيروز ۾ پنھنجي اسپتال ھلائن ٿا ـ سندن ھڪ ڌيءَ به ڊاڪٽر آھي جيڪا اسرى يونيورسٽيءَ مان ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد لنڊن مان ڊپلوما ڪري آئي آھي ـ ڊاڪٽر خان جو والد آبپاشي کاتي ۾ اوورسيئر ھو ـ
ڊاڪٽر اشرف ولد وڏيرو صادق ميمڻ ڀريا ۾ ئي خانگي اسپتال ھلائي ٿو ـ سندس ھڪ ڀاءُ عارف ميمڻ انجنيئرنگ گريجوئيٽ آھي ـ
پروفيسر عبدالرئوف ولد مرحوم عالي شير ميمڻ، ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر رھيو ـ سندس پُٽ سي ايس ايس آفيسر آھن ـ سندس ھڪ ڀاءُ الھه ورايو ميمڻ ڊاڪٽر آھي ـ
مرحوم مظفر ميمڻ، بينڪر ھو، جنھن جي ڪافي سال لنڊن ۾ پوسٽنگ ھئي ـ سندس ٻن پٽن مان ھڪ افضل لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ لاھور جي ھڪ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائي ٿو ـ

حڪيم غلام محمد سومرو ”عرشي“

سرڪاري رڪارڊ موجب ھڪ صديءَ مان رُڳو ھڪ ورھيه گھٽ پر سندس پنھنجي چوڻ موجب ھڪ صديءَ کان به وڌيڪ ڄمار ماڻيندڙ حڪيم غلام محمد سومرو ھڪ فقير طبع انسان ھئڻ سان گڏ ھڪ وڏو عالم ھو ـ پاڻ سال 1904 ۾ اڳوڻي ڪنڊياري تعلقي ۽ ھاڻوڪي تعلقي ڀريا جي ڳوٺ ”تڳر پُراڻا“ ۾ فقير ڏاتر ڏني سومري جي گھر ۾ ڄائو ـ سندن خانداني ڪِرت رڱائي ڇپائي (ڇُر جون چادرون ۽ ڪپڙا رڱڻ) ھئي ـ سندن گھراڻو غريب پر پنھنجن پيرن تي بيٺل ھو ـ تڳر پراڻا سنڌو درياھه جي ڪنڌيءَ تي ھڪ وسندڙ آباديءَ تي مشتمل ھڪ پتڻ ھو جتي سکر ۽ ٺٽي کان تجارتي ٻيڙا اچي لنگر کوڙيندا ھئا ۽ ساھتيءَ جي مختلف شھرن لاءِ سامان پيو لھندو چڙھندو ھو ـ درياھه ۾ ٻوڏن جي ڪري مختلف وقتن تي ھن ڳوٺ مان لڏپلاڻ به ٿيندي رھندي ھئي ـ جيئن جيئن درياھه زمين کي پائيندو ھو ته ھتان جا ماڻھو به گھرڙا پوئتي سيريندا ويندا ھئا ۽ جڏھن پراڻو ڳوٺ درياھه جي ور چڙھي ويو ته بچاءَ بند کان ٻاھر موجوده نئون ڳوٺ تڳر آباد ڪيو ويو ـ ڪجھ وقت اُتي رھڻ کانپوءِ ھنن 1925_1930 ڌاري لڏي اچي ڀرين ۾ سڪونت اختيار ڪئي ـ ڀريا ڏانھن لڏپلاڻ جو ھڪ سبب سيد مراد علي شاھه (اول) سان تعلقات ھو، جنھن جون زمينون ڪچي جي علائقي سونا ٻنڊيءَ ۾ ھونديون ھيون ـ ٻيو ڪارڻ ھيءُ ھو ته سندن ناناڻا به ڀريا جا ھئا ـ
حڪيم غلام محمد عرشيءَ سنڌي ست درجا ڳوٺ تڳر پراڻا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙھيا ۽ پوءِ ان اسڪول لڳ ئي مدرسي ۾ قاضي ميان غلام محمد کان عربي، فارسي، سنڌي، اردو، ھندي ۽ علم طِب جي تعليم ورتائين ـ قاضي صاحب جي صحبت مان سندس طبيعت تي ادب ۽ اخلاق جو رنگ چڙھيو ـ نوشھري جي وڏي حڪيم ۽ فقير پير عبدالحئي عرف پير نَول گھوٽ وٽان حڪمت جي تعليم ورتائين ـ مثنوي مولانا روم، ديوان حافظ شيرازي، رُباعيات عمر خيام، رُباعيات سرمد شھيد، منصور بن حلاج، شمس تبريز، قلندر شھباز، بيدل، ڀٽائي، سچل، روحل فقير، ڀڳت ڪبير، ڪاليداس، تلسي داس، ميران ٻائي، داغ دھلوي، بيکارام، غالب، مومن، امير مينائي ۽ ٻين شاعرن جا ڄڻ ته حافظ ھئا ـ
تڳرن مان لڏي اچي ڀرين ۾ رھڻ کانپوءِ شروع ۾ ھُو پنھنجو اباڻو ڌنڌو رنگائي ڇپائي ڪندو رھيو ۽ بعد ۾ مطب شروع ڪيائين ـ سال 1967 ۾ بورڊ آف يوناني آيورويدڪ جو امتحان ڏئي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائون ـ ڳوٺ تڳر ۾ ته ايندڙ ويندڙ مسافرن ۽ ٻيڙائتن کي دوا درمل پيا ڏيندا ھئا پر ڀرين ۾ سيدن جي چئن پيڙھين جي به خدمت ڪندا رھيا ـ
حڪيم غلام محمد جي سموري حياتي ھر فن جي ڪتابن خريد ڪرڻ ۽ پڙھڻ ۾ گذري ـ پاڻ پنھنجي مطب جي ورانڊي ۾ رِلي وڇائي ويٺو مطالعو يا لکڻ پڙھڻ جو ڪم ڪندو ھو ـ مطالعي مان ٿڪبا ھئا ته اُتي رليءَ تي ئي سمھي پوندا ھئا، جنھن کي ھُو ”تختِ سليماني“ سڏيندا ھئا ـ وٽس نادرالوجود ڪتبخانو موجود ھو ـ سندس حياتي فقيرن درويشن سان صحبت ۽ سنگت يا اڪيلي ڪُنڊڙيءَ ۾ ”نه رنج ۽ نه رنجاءِ“ واري عقيدي سان گذري ـ کيس شاعريءَ جو ذوق ھو ۽ ان ڪري ھُو ”عرشي“ تخلص رکندو ھو ـ
حڪيم غلام محمد ڀرين ۾ پرائمري اسڪول جي پنجين درجي جي ٻارن کي مفت ڪلام پاڪ پرھائيندا ھئا، جتان پوءِ کين پھريائين ساڍا ست رُپيا ۽ پوءِ ويھه رُپيا ماھوار وظيفو ملندو ھو ـ ڀرين جون ڪيتريون ئي وڏيون شخصيتون وٽس قرآن شريف پڙھيون جڏھن ته فارسيءَ تي عبور ھجڻ ڪري ڪي سي اڪئڊميءَ جو استاد محمد اسحاق انصاري اسڪول ۾ پڙھائڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ وٽس سبق سکڻ ايندو ھو ـ سنڌ جي مختلف ضلعن مان عالم، اديب، شاعر، محقق، درگاھن جا سجاده نشين وٽن ايندا رھندا ھئا ۽ سندن انھيءَ رليءَ تي ئي علم ادب جون ڪچھريون ٿينديون ھيون ـ ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به وٽن ايندو ھو ـ
حڪيم غلام محمد سير سفر جو به شوقين ھو ـ سموري سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب کانسواءِ پاڻ ھندستان به گھمي آيا جتي امرتسر ۾ سکن جي گردواري، عليڳڙھه يونيورسٽي، دھليءَ ۾ حڪيم اجمل ۽ ھمدرد دواخانو، فتحپور سيڪري، آگرو، دھلي، قطب مينار، تاج محل، خواجا نظام الدين اولياءَ جي خانقاھه ۽ ٻيا ھنڌ ڏسي آيا ۽ ھڪ مختصر سفرنامو به لکيائون ـ
ٻاجھاري طبيعت وارو حڪيم غلام محمد ننڍن سان پيار ۽ وڏن جو احترام ڪرڻ جو قائل ۽ ڏُکِي سُکِيءَ ۾ خوش رھي حياتي گذاريندڙ انسان ھو ۽ اڪثر پنھنجو ئي ھڪ ڪلام پيا جھونگاريندا ھئا:

خوش ٿي گذار خوش رھه، آھي زندگي خوشيءَ ۾
ماحول کي تون خوش رک، آھي زندگي خوشيءَ ۾ ـ

ھن فقير منش انسان چوٿين جولاءِ 2003 تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو ـ کين سندن خواھش موجب 1983 ڌاري پنھنجي گھرواريءَ ھٿان آڏاڻي جو ٺھرايل ڪفن ڏئي درگاھه سيد پريل شاھه واري ڀرين جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو ـ سندن اولاد ۾ ٽي پُٽ ساجد علي، رٽائرڊ سِول انجنيئر ماجد علي، واجد علي ۽ ڇھه نياڻيون شامل آھن ـ
سندن ادبي پورھئي ۾ سترھن ڪتاب شامل آھن، جن مان چار ڪتاب ڇپيل ۽ باقي اڻ ڇپيل آھن، جيڪي عرشي پبليڪيشنس ڇپرائڻ جو ارادو رکي ٿي ـ

ڪتابن جي فھرست
1 ـ ڪتابِ مثنوي بُو علي قلندر“_ منظوم سنڌي ترجمو _ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري پاران 1974 ۾ ڇپيل ـ
2 ـ خودشناسي (تصوف جي موضوع تي منشي نجم الدين جي ڪتاب آئينه خودشناسي جو سنڌي ترجمو) عرشي پبليڪيشن ڀريا جو 2001 ۾ ڇپرايل ـ
3 ـ منقبت (قلندر شھباز جي فارسي منقبت جو سنڌي ترجمو) عرشي پبليڪيشن ڀريا جو 2001 ۾ ڇپرايل ـ
4 ـ يوناني علاج مجرباتِ عرشي (مرضن جي تشخيص ۽ نسخا سنڌيءَ ۾) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جو ڇپرايل 2006 ـ
5 ـ رُباعيات حڪيم عمر خيام (فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو) اڻ ڇپيل
6 ـ رباعيات سرمد شھيد (فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو) اڻ ڇپيل
7 ـ ديوان حضرت علي عليه السلام _ سنڌي ترجمو (اڻ ڇپيل)
8 ـ دعاءِ صباح (حضرت علي عليه السلام جن جي دُعا، جنھن جو فارسي ترجمو مرزا غالب ڪيو، ان جو منظوم سنڌي ترجمو (اڻ ڇپيل)
9 ـ ڪريما (فارسيءَ مان منظوم سنڌي ترجمو) اڻ ڇپيل ـ
10 ـ مامقيما (فارسيءَ مان سنڌي منظوم ترجمو (اڻ ڇپيل)
11 ـ مثنوي مولانا رومي (فارسيءَ مان منظوم سنڌي ترجمو) اڻ ڇپيل ـ
12 ـ قرآن شريف جي ڪجھه آيتن جا منظوم سنڌي ترجما (اڻ ڇپيل)
13 ـ پيغام پنھوارن جا (مختلف ٻولين مان مختلف اديبن جي مضمونن جو سنڌي ترجمو) اڻ ڇپيل ـ
14 ـ لُغاتِ عرشي (اردو سنڌي لُغت) اڻ ڇپيل ـ
15 ـ الھاماتِ عرشي (شاعري) اڻ ڇپيل
16 ـ ابياتِ عرشي (شاعري) اڻ ڇپيل
17 ـ مثنوي سيرِ قبرستان (سنڌي شاعري) اڻ ڇپيل ـ

ماجد علي سومرو
حڪيم غلام محمد ”عرشي“ جي فرزند ماجد علي سومري 21 جنوري 1959 تي جنم ورتو ـ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڀريا جي اسڪولن ۾ وٺڻ بعد بِي اِي سِول جي ڊگري مھراڻ يونيورسٽيءَ جي نوابشاھه انجنيئرنگ ڪاليج مان حاصل ڪيائين ۽ 1985 ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشن ورڪس کاتي ۾ انجنيئر طور نوڪري شروع ڪري 20 جنوري 2019 تي رٽائر ٿيو ـ پنھنجي والد جي اثر ھيٺ نه رُڳو ادب سان وڏو چاھه پر شاعريءَ ۾ به دلچسپي اٿن ۽ ”ماجد“ تخلص سان شاعري به ڪندو رھي ٿو ـ سندن ھڪ ڀاءُ ساجد علي صحت کاتي مان نوڪريءَ تان رٽائرڊ آھي ۽ ٻيو ڀاءُ واجد علي ڪراچي پورٽ تي سنڌ جي ايڪسائيز کاتي ۾ اسسٽنٽ ايڪسائيز ۽ ٽئڪسيشن آفيسر آھي ـ

علي اظھار سومرو
علي محمد سومرو المعروف علي اظھار سومري پنھنجي ناني حڪيم غلام محمد سومرو ”عرشي“ جي اڱڻ تي ڀريا ۾ 16 آگسٽ 1970 تي جنم ورتو ـ ايم ايس سي ايگريڪلچر ڪرڻ بعد زراعت کاتي ۾ آفيسر ٿيو ۽ ھن وقت حيدرآباد ۾ رھي ٿو ـ شعر ۽ ادب سان گڻو چاھه اٿس ـ سندس شعري مجموعو ”اُڃايل آبشار“ ڇپجي چُڪو آھي ـ ھن ڪافي ڪتاب ترجمو به ڪيا آھن جن ۾ گُرو رجنيش اوشو جي ليڪچرن تي مشتمل ڪتاب ”سونو سج ڪبير“ ۽ علاما نياز حسين فتحپوريءَ جو ڪتاب ”شھوانيات“ به شامل آھن ـ

ڊاڪٽر محمد عثمان
ورھاڱي وقت ھندستان کان اچي ڀريا ۾ آباد ٿي ھتان جي سماج جو حصو ٿيڻ وارن ۾ ھڪ درويش صفت ڊاڪٽر محمد عثمان به ھڪ ھو جنھن جو اصل تعلق اجمير سان چيو وڃي ٿو جتي ھُو جيل کاتي ۾ ڊاڪٽر ھوندو ھو ـ چيو وڃي ٿو ته سندن تعلق درگاھه اجمير شريف جي چاٻي بردار گھراڻي سان ھو ـ ادب ۽ خاص طور شاعريءَ سان نه رُڳو لڳاءُ ھئس پر ”سُھيل“ جي تخلص سان شاعري به ڪندو ھو ۽ اردو غزل توڙي ٻيءَ شاعري پُرڪيف مستي، تشبيھه، استعاري، وصل ۽ فراق جي موجن سان ڀريل ھوندي ھئي ـ اديب ۽ فلسفي ڊاڪٽر عثمان چوٿين مئي 1972 تي وفات ڪئي ۽ ڀريا جي ميمڻ پاڙي واري قبرستان ۾ مدفون آھي ـ سندس اڪثر ڪچھريون حڪيم غلام محمد سومري ”عرشي“ سان ٿينديون ھيون ڇو ته سندن گھر ھڪ ٻئي جي ويجھو ھئا ـ کيس سودائي ڊاڪٽر طور ياد ڪيو ويندو ھو ڇو ته ڀلو ڊاڪٽر ھجڻ ڪري مريضن کي دوائون لکي ڏيڻ مھل نسخن تي تمام گھڻو ڌيان ڏيندو ھو ـ ڀريا ۾ پرائمري اسڪول ڀرسان ھندو سنڌين جي ڇڏيل عمارت ۾ سندس رھائش ھئي ـ سندس نياڻيون باجي مُجيبا ۽ باجي متينا ڀريا جي نياڻين واري ھاءِ اسڪول ۾ ماسترياڻيون ھيون ۽ پوءِ ھيڊماستياڻين جي عھدن تان رٽائر ٿيون ـ ڀريا جي اسڪول ۾ پڙھائينديون ھيون ـ ھڪ نياڻي ڀريا جي وڏيري حاجي انور ميمڻ جي گھرواري ھئي ـ ڊاڪٽر عثمان جو ھڪ پُٽ محمد علي ھو، جيڪو پڻ وفات ڪري چُڪو آھي ـ مرحوم محمد علي به شعر، منطق، فلسفي، عمرانيات ۽ پامسٽريءَ جو ڄاڻو ھو ـ

پروفيسر غلام حسين جلباڻي
مرحوم پروفيسر غلام حسين جلباڻي ڀرين ڀرسان ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾ سال 1914 ۾ ڄائو ـ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم کانپوءِ عربي ادب ۾ ماسٽرس ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي عربي شعبي ۾ پروفيسر ٿي پينشن تي لٿو ـ پاڻ جنرل ضياءَ جي فوجي حڪومت ۾ ٺاھيل پاڪستان مجلسِ شُورى ۾ سنڌ جو ميمبر به رھيو ـ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان سندس خدمتون ذڪر جوڳيون آھن ـ ھن فلسفي، اسلاميات، لسانيات، علم نجوم ۽ شخصيات جي موضوعن تي ڪافي ڪتاب لکيا جن ۾ اڪثر ترجما شامل آھن ـ سندس ڪتابن جا تفصيل ھن ريت آھن:
1 ـ ڪاميابي 1959ع؛ 2 ـ ڇوٽڪارو 1959ع؛ 3 ـ ڪيميائي سعادت 1960ع (ٽئي ڪتاب فلسفي بابت)؛ 4 ـ شاھه ولي الله جي تعليم 1961ع؛ 5 ـ سلامان و ابسال 1962ع؛ 6 ـ خواب نامو (ڇھه ئي ڪتاب ترجمو)؛ 7 ـ حسن العقيده (اسلاميات) 1963ع؛ 8 ـ النھج الجديد (لسانيات) 1972 ۽ 9 ـ شاھه ولي الله جي زندگي (شخصيات) 1973 ـ

حاجي عبدالله خان ”شاد“ جلباڻي
پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جي فرزند حاجي عبدالله خان جلباڻيءَ 1939 ۾ ڀريا ڀرسان ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾ جنم ورتو ـ شروع ۾ مُلان مڪتب ۾ پڙھڻ بعد سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ به ڪجھه وقت پڙھيو ۽ پوءِ ڪي سي اڪئڊمي ڀريا ۾ تعليم حاصل ڪيائين پر ھن مئٽرڪ ھالا جي اسڪول مان پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪئي ۽ زمينداري ڪرڻ لڳو ـ سال 1960 ڌاري ادب سان چاھه سبب شاعري شروع ڪيائين ۽ ”شاد“ جي تخلص سان اخبارن رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجڻ لڳي ـ سال 1989 ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو ۽ ڪيترن ئي اجلاسن جي صدارت به ڪيائين ـ سال 2010 ۾ سندس شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ”سِڪ مڙئي سُور“ ڇپيو جنھن کانپوءِ ھيل تائين شاعريءَ جا ست ٻيا ڪتاب چپجي چُڪا ۽ نائين ڪتاب جي تياري اٿن ـ سندن ڇپيل شاعريءَ جي ڪتابن جا نالا ھن ريت آھن: لُڙڪ لاڙين متان؛ ٽڙيا گُل گلاب؛ اوسيئڙا تنھنجا؛ مُرڪون محبوبن جون؛ آئينو ڇو جرڪيو؛ دل صحرا، سمنڊ اکيون؛ تون جِيل ڪنول ـ عبدالله شاد جي ڪتابن ۾ سرائڪي شاعري به شامل آھي ڇو ته سندن مادري ٻولي سرائڪي آھي ـ

نور محمد ”نور عباسي“
نور محمد ولد حاجي محمد ھاشم عباسي 26 جُون 1927 تي ڀرين ۾ ڄائو ـ سندس والد ٺيڪيداري ڪندو ھو ـ ابتدائي تعليم ڀرين ۾ حاصل ڪيائين ۽ ڀرين ڀرسان جلباڻين جي مُلا مڪتب مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ـ جڏھن سندس والد ٺيڪيداريءَ سبب ڀرين مان لڏي نوابشاھه وڃي ويٺو ته نور عباسيءَ جي به باقي حياتي اُتي ئي گذري ـ سن 1959 ۾ شاعري شروع ڪيائين ۽ پنھنجي طبيعت سان ٺھڪندڙ طنز ۽ مزاح جي موضوعن تي شاعري ڪندو ھو ـ ”نور“ تخلص لکڻ جي ڪري نور عباسيءَ جي نالي سان مشھور ٿيو ـ سندس طنز ۽ مزاح واري شاعري حقيقت ۾ ڏاڍ ڏھڪاءَ ۽ پرماريت خلاف آواز ھئي ـ پاڻ ڪالم نويس سان گڏ ڪھاڻيڪار به ھو جن ۾ زندگيءَ جي ڪوڙاڻ سان ڀريل حقيقتن جي عڪاسي ٿيل ھئي جنھنڪري کيس سنڌي ادب جو سعادت حسن منٽو ۽ ابنِ انشا سڏيو ويندو ھو ـ نور عباسيءَ جي افسانن جو مجموعو ”چمڙي جا واپاري“ سنڌي ادبي سنگت نوابشاھه ڇپايو ھو ـ پاڻ ڪيترائي ورھيه سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به رھيو ـ
نور عباسي ”آوازِ سنڌ“ ھفتيوار اخبار جو ايڊيٽر به رھي چُڪو جڏھن ته سندس ڪالم ھفتيوار ”آزاد سنڌ“، روزاني ”مھراڻ“ حيدرآباد (ڀير تي ڏونڪو ڪالم) ڇپبا ھئا جنھن کانپوءِ حياتيءَ جي آخري گھڙين تائين روزاني ”عبرت“ اخبار ۾ ”واٽ ويندي“ عنوان سان ڪالم لکندو رھيو ـ سندس طنز مزاح سان ڀريل ٻه نظم ”تنھنجو ڇا، تون ھل مسافر، ھنڌ کٽولو ماڙيءَ تي“ ۽ ”ڀينگ ٿي وئي آھي دلبر، ٻيو مڙئي خير آھي“ گھڻو مشھور ٿيا ـ نور عباسيءَ جولاءِ 1982 ۾ پنجونجاھه ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي ـ

آخوند قاضي اسماعيل
آخوند قاضي ميان اسماعيل اصل ۾ ذات جو ”صدر“ ھو پر علمي گھراڻي جي ڪري قاضي ۽ آخوند سڏبا رھيا آھن ـ پاڻ اصل نوشھري فيروز ڀرسان ڪلھوڙا اسٽيشن لڳ ڳوٺ ”صدر“ جو ويٺل ھو جتان پوءِ لڏي اچي ڀرين ڀرسان ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾ آباد ٿيو ـ ھن دريا خان جلباڻي ڳوٺ ۾ ديني مدرسي جو بنياد وڌو جتي درس تدريس جي ڪم ۾ رُڌل رھندو ھو ـ قاضي صاحب وقت جو وڏو عالم ھو۽ سندس مدرسي جي ھاڪ سموري ساھتي پرڳڻي ۾ ھوندي ھئي جتي پري پري کان شاگرد وٽس پڙھڻ ايندا ھئا ـ پاڻ اعلى درجي جو خوشخط به ھو ـ

قاضي محمد سليمان
قاضي ميان محمد سليمان، قاضي ميان اسماعيل جو فرزند ھو جنھن پنھنجي والد کانپوءِ سندس مدرسي کي جاري رکيو ـ سنڌ ۾ ٽالپرن جي صاحبي ختم ٿيڻ کان ڪجھه ورھيه پوءِ به اھڙا مدرسا قائم ھئا جتي انگريزن جي راڄ ۾ نئين دور جا اسڪول قائم ٿيڻ تائين مسلم توڙي ھندو شاگرد تعليم حاصل ڪندا ھئا ـ ھن مدرسي ۾ به مسلم ۽ ھندو شاگرد عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم وٺندا ھئا ـ ڀرين ڄائو سنڌ جو مشھور اسڪالر ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي به پورا ڇھه ورھيه ھن مدرسي ۾ پڙھيو ـ ڀرين ۽ ڀرپاسي جي شھرن ۾ سرڪاري اسڪول کُلڻ کانپوءِ قاضي صاحب جو مدرسو ڦٽي ويو ـ

احمد خان تڳيو خان جباڻي
احمد خان تڳيو خان جلباڻي به ڀر واري جلباڻين جي ڳوٺ جو ويٺل ۽ انگريزن جي زماني جي ابتدائي دور جو وڏو عالم ۽ نثرنويس ھو ـ ھن آخوند لطف الله جي ”گُلِ خندان“ ۽ قاضي عبدالغفور ھالائيءَ جي ”امير حمزي“ کان متاثر ٿي ”مقفى نثر“ ۾ ڪتاب لکيو ھو ـ

شير محمد عباسي ”شيرل“
شير محمد ولد سومر خان ڪلھوڙو سن 1894 ۾ ڀريا لڳ ڳوٺ حسين ڪلھوڙي ۾ ڄائو ۽ ابتدائي ۽ ديني تعليم ڳوٺ مُراد علي لاکي ۾ ورتائين ـ ڪجھه زماني جي حالتن سبب پنھنجي ڳوٺ کي ڇڏي داليءَ ۾ رھڻ لڳو ـ سنڌي ۽ اردو ٻولين جو ڄاڻو ھو ـ سن 1934 کان شاعري شروع ڪيائين ـ شاعريءَ جو شوق پنھنجي روحاني مرشد محمد فقير ڦَرڙَي جي صحبت ۾ ٿيس ـ سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪيائين جنھن ۾ ”شيرل“ تخلص اختيار ڪيائين ـ سندس شاعريءَ ۾ بيت، ڪافيون ۽ غزل شامل آھن ـ سندس ھڪ شاعريءَ جو مجموعو ”ديوانِ شيرل“ اڻ ڇپيل آھي ـ شيرل عباسيءَ شاعريءَ جي ميدان ۾ پنھنجا ڪي شاگرد به تيار ڪيا ـ پاڻ پنھنجي ھمعصر محمد صالح ھيسباڻيءَ سان گڏ ادبي محفلن ۾ به شريڪ ٿي داد حاصل ڪندو ھو ـ

سومر خان ڀاٽي ”ثناگر“
سومر خان ولد ڌڻي بخش ڀاٽيءَ (ڀٽي) جو جو جنم سن 1900 ۾ ڀرين جي ڀرسان ھڪ ڳوٺ ۾ ٿيو جنھن کي حامد علي خانائيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ”پنورو ڌُڪڙ“ ۽ خاصخيلي جمال الدين مومن پنھنجي ڪتاب ۾ نڀوڙو ڌُڪڙ لکيو آھي ـ ابتدائي تعليم ڀرين ۾ ورتائين ۽ پوءِ 1914 ڌاري سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو ـ وڏو محنتي، ايماندار ۽ جفاڪش استاد ھو ـ سن 1954 ۾ڀرين ڀرسان دالي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي ھيڊماستر جي عھدي تان پينشن تي لٿو جنھن کانپوءِ ڪي سي اڪئڊمي ھاءِ اسڪول ڀريا ۾ استاد ٿي 1961 تائين ڪم ڪيائين ـ بعد ۾ 1968 تائين کاھي راھُو جي مڊل اسڪول ۾ پڙھايائين ـ پاڻ شاگردن کي سنڌي، سوشل اسٽڊيز، اردو، فارسي ۽ عربيءَ سان گڏ ميٿاميٽڪس ۽ سائنس به پڙھائيندو ھو ـ سنڌي ٻوليءَ تي عبور ھئس ۽ شاعري به ڪندو ھو جنھن جي شروعات ھن 1930 کان سيد ھمت عليءَ جي صحبت ۾ ڪئي ھئي ـ شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”ثناگر“ ھو ـ سندس وڏا اصل جيسلمير جا رھاڪو ھئا جتان 1899 ڌاري ھتي اچي آباد ٿيا ھئا ـ

علي اصغر خاصخيلي ”اصغر“
علي اصغر ولد عبدالڪريم خاصخيلي 14 جولاءِ 1937 تي ڀرين ۾ ڄائو جتي ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ انگريزي تعليم ڪي سي اڪئڊمي ڀريا مان حاصل ڪري مئٽرڪ جو امتحان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ (ڊي سي) ھاءِ اسڪول نوابشاھه مان پاس ڪيائين ـ ھن مسلم ھسٽري ۽ انگريزيءَ ۾ ماسٽرس جون ڊگريون وٺڻ سان گڏ بي ٽي به ڪئي ـ ھن ڪي سي اڪئڊمي ڀريا ، گورنمينٽ پائلٽ اسڪول دادو، مڊل اسڪول پڪا چانگ، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڀريا ۾ استاد طور خدمتون ڏنيون ۽ بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھه ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو ـ علي اصغر خاصخيليءَ کي سروري ڪاليج ھالا ۾ پڙھڻ دوران ھالن جي ادبي ماحول سبب شاعريءَ جو شوق جاڳيو ـ کيس غزل، نظم ۽ گيتن تي عبور حاصل ھو ـ شاعريءَ ۾ ”اصغر“ تخلص اختيار ڪيائين ـ ھن نثر ۾ ڪھاڻيون ۽ مضمون به لکيا جڏھن ته تقرير جوبه کيس وڏو ڏانءُ ھو ـ سندس شاعري سنڌ جي معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبي رھي آھي ـ

الھه بچايو سمون
استاد الھه بچايو سمون ولد صفرالدين سمون ستين ڊسمبر 1930 تي ڀرين ۾ ڄائو جتي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ تائين ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاھه ۾ پڙھيو ـ ھن 1950 ۾ استاد طور ڪي سي اڪئڊمي ڀريا ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو جنھن کانپوءِ 1951 ۾ کيس ميرپور خاص ۾ پوليس ۾ اي ايس آءِ جي نوڪريءَ جو آرڊر مليو پر دل نه لڳس ۽ نوڪري ڇڏي آيو ـ سن 1955 ۾ ھن بي اي پاس ڪئي ۽ سيڪنڊي استاد طور وري خدمتون ڏنائين ـ اڳتي ھلي ھن مسلم ھسٽريءَ ۾ ماسٽرس ۽ ايل ايل بي به ڪئي ـ سن 1969 ۾ ھاءِ اسڪول نوابشاھه جو ھيڊماسٽر ٿيو ۽ 1972 ۾ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس نوابشاھه بڻيو ـ کيس آمريڪن يونيورسٽي آف بيروت، لبنان ۾ تعليمي شعبي جي انتظام بابت سکيا وٺڻ جو به موقعو مليو ـ سن 1973 ۾ کيس سب ڊويزنل ايڊيوڪيشن آفيسر ڪنڊيارو مقرر ڪيو ويو جنھن کانپوءِ سانگھڙ ۾ ڊپٽي ايڊيوڪيشن آفيسر به رھيو ۽ پڊعيدن، نوشھري فيروز ۽ مٺياڻيءَ جي ھاءِ اسڪولن ۾ ھيڊماسٽر جون ذميواريون به سنڀاليائين ـ مٺياڻيءَ ۾ ئي استادن جي ٽريننگ اسڪول جو ھيڊماسٽر به رھيو ـ اڻويھه سئو اسيءَ واري ڏھاڪي ۾ نوابشاھه ۽ نوشھرو فيروز ۾ وري ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيو ـ

سڪندر علي ڪيريو ولد غلام حسين ڪيريو
جنم: 22 فبروري 1949 ڳوٺ ڍينگو شريف، تعلقو ڀريا، پڙھيل لکيل زميندار ۽ مذھبي گھراڻو
تعليم: پرائمري اسڪول ڍينگو شريف، مڊل ڀريا روڊ، مئٽرڪ ڪي سي اڪئڊمي ڀريا سٽي، انٽر ساھتي ڪاليج ڀريا سٽي، بي اي سچل ڪاليج نوابشاھه، ايم اي اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ليڪچرار: سنڌ يونيورسٽي 1972 کان 1975
سي ايس ايس امتحان: 1974 (ڪامرس ۽ ٽريڊ گروپ _ سول سروس اڪئڊمي لاھور ۾ ٽريننگ)
عھدا: اسسٽنٽ سيڪريٽري ٽيرف ڪميشن؛ ڊپٽي مئنيجر ڪاٽن ٽريڊنگ ڪارپوريشن؛ اسسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ پوءِ ڊپٽي ڪنٽرولر امپورٽس ايڪسپورٽس؛ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ پروموشن بيورو؛ پنجاب جو پھريون ۽ آخري سنڌي ڪنٽرولر امپورٽس ايڪسپورٽس؛ سنڌ ۽ بلوچستان جو ڪنٽرولر امپورٽس ايڪسپورٽس؛ ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ پروموشن بيورو؛ ڪمرشل قانصلر پيرس، فرانس ۽ تاشقند؛ ھانگڪانگ ۾ پاڪستان جو قانصل جنرل؛ جنرل مئنيجر ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان؛ ڊائريڪٽر جنرل ايڪسپورٽ پروموشن بيورو؛ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز سنڌ، سيڪريٽري چيف منسٽر سنڌ؛ سيڪريٽري اوقاف، مذھبي ۽ اقليتي معاملا سنڌ؛ سيڪريٽري رٿابندي ۽ ترقي سنڌ؛ 35 سال نوڪريءَ بعد 21 فبروري 2009 تي سيڪريٽري سنڌ حڪومت جي عھدي تان رٽائرمينٽ ـ
پرڏيھي دورا ۽ تعليم: نوڪريءَ دوران آءِ ٽي ڊي سي ميلبورن، آسٽريليا ۾ ايڪسپورٽ پروموشن ۽ مارڪيٽنگ جي تعليم؛ جاپان ۾ ٻه ڀيرا ڪنزيومر مارڪيٽنگ ۽ ٽيڪسٽائل مارڪيٽنگ جي تعليم؛ اقوام متحده جي اداري يو اين ڊي پي جنيوا، سئٽزرلينڊ ۽ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جي اشتراڪ سان انڊسٽريل اپريزل جي تعليم؛ سرڪاري ۽ غير سرڪاري وفدن سان آمريڪا، آسٽريليا، جرمني، فرانس، گڏيل عرب امارات، چين، سعودي عرب، ترڪي، جاپان، ڪوريا، فلپائين، ملائيشيا، انڊونيشيا، تائيوان، ھانگ ڪانگ، مڪائو، نيدرلينڊس ۽ اٽلي وغيره ـ

ڊاڪٽر غلام رسول ڪيريو ولد حاجي جان محمد ڪيريو
جنم: پھرين آڪٽوبر 1946 ڳوٺ جيئندو ڪيريو، تعلقو ڀريا؛ والد ھاري ۽ ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام
تعليم:پرائمري تعليم 1953 کان 1958 ڳوٺ جو پرائمري اسڪول؛ سيڪنڊري تعليم ڪي سي اڪئڊمي ڀريا سٽي 1963 جتي ھو پنج سال لاڳيتو روزانو چار ڪلوميٽر پنڌ ايندو ويندو ھو؛ بي ايس سي (پلانٽ بِريڊنگ ۽ جينيٽڪس) 1963 کان 1968 فرسٽ پوزيشن، سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام؛ ايم ايس سي (آنرس) ايگريڪلچر 1970، سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام؛ ايم ايس سي (فاريسٽري) 1974 کان 1976، پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ پشاور (پشاور يونيورسٽي)، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان ڊويزنل فاريسٽ آفيسر جي پوسٽ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ؛ پي ايڇ ڊي (ايگرو فاريسٽري) 1989 کان 1991، ڪاليج آف فاريسٽري، وائلڊ لائيف اينڊ رينج سائنسز، يونيورسٽي آف اِداھو، آمريڪا ـ
اسڪالرشپ: سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊوڄام ۽ اِداھو يونيورسٽي، آمريڪا (يو ايس ايڊ تحت)
ملازمت: ريسرچ اسسٽنٽ (ڪاٽن سيڪشن)، ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ، سنڌ بلوچستان، ٽنڊوڄام (1969)؛ سائٽيفڪ اسسٽنٽ، ائٽمڪ انرجي ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر، ٽنڊو ڄام (پاڪستان ائٽمڪ انرجي ڪميشن) 1970؛ اسسٽنٽ ڪاٽن بوٽنسٽ، پاڪستان طينترال ڪاٽن ڪميٽي، منسٽري آف ايگريڪلچر، پاڪستان (انچارج، سنڌ سِيڊ ملٽيپليڪيشن اسڪيم، سنڌ)؛ ليڪچرار(پلانٽ بِريڊنگ ۽ جينيٽڪس)، سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام 1973؛ ڊويزنل فاريسٽ آفيسر (سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ذريعي)، 1976 (مقرري: گُڊو بئراج افوريسٽيشن ڊويزن، سنڌ باراني لينڊ مئنيجمينٽ ڊويزن سکر، سوشل فاريسٽري ڊويزن سکر، ڊي ايف او پلاننگ ڊويزن (فاريسٽس) حيدرآباد، يوٽيلائيزيشن ڊويزن ٺٽو ۽ فاريسٽري ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ڪراچي، ٺٽو، نوابشاھه ۽ حيدرآباد (1977 کان 2001)؛ ڪنزرويٽر آف فاريسٽس، افوريسٽيشن سرڪل سکر (2002 کان 2006)؛ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، سنڌ ڪوسٽل ڪميونٽي ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ، سنڌ ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ڪراچي (2006 ۾ رٽائرمينٽ تائين جنھن بعد آڪٽوبر 2006 کان نومبر 2007 تائين ساڳئي عھدي تي ٻيھر رکيو ويو) ـ
ايوارڊ: آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دوران کيس بھترين ڪارڪردگيءَ تي ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو يونيورسٽيءَ جي ھڪ سئو سالا تاريخ ۾ ڪنھن پرڏيھي شاگرد کي پھريون ڀيرو ڏنو ويو ـ
ملڪ جي نمائندگي: يونائيٽيڊ نيشنس ڪنوينشن آن بايولاجيڪل ڊائِوَرسٽي، مانٽريال، ڪئناڊا 2001 ۽ 2003 ـ
تصنيف: فاريسٽ، ماحوليات، بايوڊائورسٽي، ڪوسٽل ڊيولپمينٽ، اسٽڊي رپورٽس، ڊيولپمينٽ ڊاڪيومينٽس (ھڪ سئو کان وڌيڪ)؛ مختلف پينلن جو فوڪل پرسن، ريسورس پرسن، پريزينٽر، ٽيم ليڊر، ملڪي ۽ پرڏيھي ادارن جي تصنيفن جو شريڪ ليکڪ ۽ آرگنائيزر ـ
رٽائرمينٽ کانپوءِ جون ذميواريون: ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ، انٽرنيشنل فنڊ ايگريڪلچر فنڊ (آءِ ايف اَي ڊي)، يو اين ڊي پي، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ ٻين ادارن جا پروجيڪٽ جن ۾ سنڌ ايگريڪلچر گروٿ پروجيڪٽ، ڪوسٽل ڪميونٽي ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ، پنجاب ۾ اينوائرمينٽل امپيڪٽ اسيسمينٽ آف ڊرنڪنگ واٽر سپلائيز ۽ ٻيون رٿائون، خيبر پختونخواھ ۾ ڪوھستان ضلعي جي سُپت ماٿريءَ ۾ اينوائرنمينٽل امپيڪٽ اسيسمينٽ، آزاد ڪشمير ۾ رستن ۽ پُلين جي تعمير جا ماحول تي اثر، گلگت بلتستان ۾ واٽر مئنيجمينٽ ۽ زراعت جو اڀياس ۽ بلوچستان ۾ مختلف اڀياس ـ

محمد ابراھيم سومرو
ڀرين جي غالباڻي پاڙي ۾ خير محمد سومري جي گھر ۾ 2 فبروري 1967 تي جنم وٺندڙ محمد ابراھيم سومرو ڀرين جي ادبي حلقن ۾ اھم حيثيت رکندڙ آھي ـ محمد ابراھيم سومرو پنھنجي شھر جي سرڪاري اسڪول جي ھوشيار شاگردن ۾ ڳڻيو ويندو ھو جتي ھن امتحانن ۾ اڪثر پوزيشن کنئي ـ ھن پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ ڪجھه وقت استاد طور خدمتون ڏيندو رھيو ـ محمد ابراھيم سومرو بھترين چترڪار ھئڻ سان گڏ شاعر ۽ ڪھاڻيڪار به آھي ـ کيس چترڪاريءَ سان جنون جي حد تائين لڳاءُ ھو جنھن جي ڪري ھن اُستاد واري نوڪري ڇڏي ڏني ۽ ڪجھه وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ماڊلر ڪم آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين جنھن بعد 1990 کان نوشھري فيروز جي روينيو کاتي ۾ اچي ويو ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار ۽ ٻين عھدن تي رھيو ـ ڪافي وقت کان ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو جي آفيس ۾ سپرنٽينڊنٽ جي عھدي تي آھي ـ سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا اڻ ڇپيل آھن پر ڪجھه شاعري ۽ ڪھاڻيون ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو اخبارن ۾ شائع ٿيندا رھيا آھن ـ ھن ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ به نمائندي طور ڪم ڪيو ـ ڀريا جي تاريخ سان سندس خاص دلچسپي رھي آھي ۽ ان ڏس ۾ ھن ڪافي تحقيق به ڪئي آھي ـ سندس ھڪ فرزند مصور علي سومرو ڊاڪٽر آھي ـ

پروفيسر اصغر ڀٽي ”ڀريائي“
نوشھري فيروز جي ڳوٺ ڏاتو مُنگيو ۾ 1968 ۾ جنم وٺندڙ علي اصغر ولد محمد عمر ڀٽي بي ايس سي، ايم اي ۽ ايم ايڊ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ۽ 1988 کان 2000 تائين جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي استاد طور خدمتون ڏيڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پھرين پوزيشن ۾ پاس ڪرڻ تي ليڪچرار مقرر ٿيو ـ بنيادي طور شاعر ھجڻ سان گڏ پروفيسر اصغر ڀٽي مذھب، روحانيت، تصوف، فلسفي، نفسيات ۽ سماجيات جي موضوعن تي ڳُوڙھو ڀياس رکي ٿو ۽ انھن موضوعن تي لکندو رھي ٿو ـ ڪتاب ”ھينئڙي سڄڻ ساريا“ خطن جو ڪتاب به ڇپيل اٿس جنھن ۾ سندس ٻاھتر ادبي خط شامل آھن ـ پاڻ ڇاھٺ سنڌي ڪتابن ۽ ٻن اردو ڪتابن جا مُھاڳ به لکي چُڪو آھي جن ۾ مزاحمتي شاعر راشد مورائيءَ جي ٻن ڪتابن ”ديوانِ راشد“ ۽ ”درد ۾ دلجوئي“ جا مُھاڳ به شامل آھن جڏھن ته ڀريا جي ھڪ عالم حڪيم غلام محمد عرشيءَ جو ”ديوانِ عرشي“ به سندس ئي ترتيب ڏنل آھي ـ ان کانسواءِ ھن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه لاءِ ٻاھٺ سوانح عمريون به لکي چُڪو آھي ـ

خليق الرحمان ڪيريو
ڀريا ڀرسان ڳوٺ جيئندو ڪيريو ۾محمد عيسى ڪيريو جي گھر ۾ جنم وٺندڙ خليق الرحمان ڪيرئي پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ وٺڻ بعد ڀريا جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ ھائر سيڪنڊري اسڪول مان انٽرميڊئيٽ ۽ شاھه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي پي اي ۽ ايم پي اي جون ڊگريون ورتيون ـ يونيورسٽيءَ ۾ رھندي علم ادب ڏانھن لاڙو ٿيس ۽ پنھنجي ڳوٺ واري گھر ۾ سندس ڏاڏا استاد الھه ورايو ڪيريو جي نالي سان لائبريري قائم ڪيائين ـ ھن حيدرآباد مان ايل ايل بي پھرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي پر سمورو ڌيان شاھه جي رسالي کي پڙھڻ، سمجھڻ ۽ ريسرچ ڪري تفسير لکڻ شروع ڪيائين ـ سندس چوڻ موجب ھيل تائين ان ڏس ۾ ھُو اڌ ڪم ڪري چُڪو آھي ـ سندس لائبريريءَ ۾ ڀٽائيءَ تي مختلف محققن ۽ ليکڪن جا ڇپيل 93 ڪتاب ۽ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جا مختلف ادارن ۽ محققن جا ڇپرايل 28 رسالا موجود آھن ـ ڀريا سان سندن ويجھو لاڳاپو آھي جتي سندس ڏاڏو الھه ورايو ڪيريو پرائمري اسڪول ۾ 1980 کان 1981 ۽ 1982 کان 1986 تائين ٻه ڀيرا ھيڊماستر رھيو ـ
ڀرين ۽ داليءَ جا ٻيا به ڪيترائي رھواسي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندا رھيا ۽ ڏئي رھيا آھن، جن مان ڪي ھن ريت آھن: ڊاڪٽر ممتاز علي ڪلھوڙو ـ سندس گھرواري به ڊاڪٽر آھي (ڀريا)، شمس الدين ڪلھوڙو، آفيسر نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي (دالي)، محمد صديق ڪلھوڙو، ڊائريڪٽر فنانس، سنڌ يونيورسٽي ـ ھُو لاڙ ڪئمپس جو پرووائس چانسلر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وقتي وائس چانسلر به رھيو (دالي)، سينئر سول جج غلام عباس ميمڻ (دالي)، ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، وائيس چانسلر، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاھه (دالي)، رٽائرڊ ميجر خالد فاروق ميمڻ، مينيجر، سڪيورٽي پرنٽنگ پريس ڪراچي (دالي)، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ، ڪالم نويس، ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ ھئس ۽ ھاڻي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر (ڀريا)، پروفيسر ڊاڪٽر محمد حسن خاصخيلي (ڀريا) شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (سندس ھڪ پُٽ ڊاڪٽر آھي) ـ ڀريا جي ئي ٻين شخصيتن ۾ڊاڪٽر غلام حيدر ميمڻ، ڊاڪٽر آفتاب ملاح ولد غلام حسين مختيارڪار، ڊاڪٽر سيد شاھد حسين، رٽائرڊ انجنيئر تنوير شاھه، فرھاد خان ايس ڊي او واپڊا، محمد حنيف رٽائرڊ چيف انجنيئر واپڊا، محمد نواز راجپوت رٽائرڊ انجنيئر واپڊا، محمد اقبال راجپوت آفيسر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، ڊاڪٽر اسلم راجپوت، ڊاڪٽر انور راجپوت، ڊاڪٽر انور رائو، ڊاڪٽر محمد رمضان راجپوت ۽ محمد اشرف جويو پروفيسر ڊگري ڪاليج مورو، ڊاڪٽر عامر ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ڊاڪٽر خالد جماڻي، داليءَ جا غلام مصطفى ٻُرڙو وڪيل، سينئر سول جج ڪراچي سليمان ٻُرڙو، پرنسيپال ڀٽائي ڪاليج حيدرآباد ابصار احمد ٻُرڙو، پروفيسر زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام الاھي بّخش عباسي ۽ سندس نياڻي اسسٽنٽ پروفيسر، انجنيئر طفيل ميمڻ، سب انجنيئر آبپاشي ارشاد ميمڻ، او جي ڊي سي انجنيئر قربان عباسي، مئنيجر عسڪري بينڪ ممتاز علي عباسي، ليڪچرار آءِ بي اي سکر ڪاشف علي عباسي، ڀريا جواصغر ميمڻ ولد منظور، ايس ڊي او ايڊيوڪيشن ورڪس ڪراچي، ۽ ٻيا کوڙ ماڻھو پوليس، تعليم کاتي ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ شامل آھن ـ ڪجھه نوجوان فوج ۾ به آھن جڏھن ته ھڪ سعيد ميمڻ آمريڪا ۾ واپار ڪري ٿو ـ فوج جو ھڪ جوان محمد اسماعيل ولد محمد ابراھيم سومرو، ڀريا جي غالباڻي پاڙي جو رھواسي، پھرين مئي 2017 تي قرم ايجنسيءَ ۾ دھشتگردن سان مقابلي ۾ شھيد ٿي ويو ھو جيڪو ميمڻ پاڙي جي قبرستان ۾ مدفون آھي ـ
ڀرين جو مشھور انجنيئر شفيع محمد لاکو به آهي، جنهن اسڪول کان وٺي انجنيئرنگ جي ڊگري تائين سڄي سنڌ ۾ پوزيشن کنئي ۽ پوءِ ملڪ کان ٻاهر خدمتون انجام ڏيڻ کانپوءِ هن حيدرآباد ۾ پنهنجو ادارو قائم ڪيو آهي ـ سندس ھڪ ڀاءُ روشن لاکو ۽ ھڪ ڀيڻ ڊاڪٽر آھن جڏھن ته ٻيو ڀاءُ شمس الدين لاکو انجنيئر آھي ـ ڀرين جي ڀرسان ڳوٺ غلام محمد لاکي جا ٽي نوجوان به ڊاڪٽر آھن جن ڀرين جي سرڪاري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ـ ڊاڪٽر احسان علي لاکو ولد محمد مٺل لاکو، جنھن 2013 ۾ ايل ايم سي ڄامشوري مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچيءَ مان ميڊيسن ۾ ايف سي پي ايس ڪئي، ھاڻ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو وئسڪيولر ڊزيزز ڪراچيءَ ۾ ايڊلٽ ڪارڊيولاجيءَ ۾ ايف سي پي ايس ڪري رھيو آھي ـ سندس وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر اشرف علي لاکو ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ سندس پوسٽنگ پنجاب جي علائقي راڄڻپور ۾ آھي ـ سندن ھڪ سئوٽ ڊاڪٽر ارشد علي لاکو ولد محراب علي لاکو PIMS اسلام آباد ۾ پِيڊس ميڊيسن ۾ ايف سي پي ايس ڪري رھيو آھي ـ سندن ڀريا سان ويجھو لاڳاپو ان ڪري به آھي جو سندن ڏاڏي احمد خان لاکي جو ڀرين جي مارڪيٽ ۾ دُڪان ھوندو ھو ـ ڀريا روڊ جي پاسي جو محمود لاکو به ڀرين ۾ پڙھيو ۽ ايڊيوڪيشن ورڪس کاتي ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ھو ته ڪجھه ورھيه اڳ وفات ڪيائين ـ سندس شادي ڀرين جي لاکا خاندان مان ٿيل ھئي ـ سندس ھڪ پُٽ آصف ھن وقت انگلنڊ ۾ چيو وڃي ٿو ـ
ڀريا شھر جا ٻيا به ٽي جھونا انجنيئر ھئا جن ڪراچيءَ جي اين اِي ڊيِ انجنيئرنگ ڪاليج مان بِي اِي (سِول) ڪئي ھئي ۽ سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ نوڪري ڪندا ھئا ـ انھن ۾ ٻه ڀائر حاجي محمد رمضان ۽ عزيزالله ولد خالق ڏنو ڪلھوڙو ۽ علي محمد ڪلھوڙو ولد الله بخش ڪلھوڙو شامل ھئا ـ ان کانسواءِ موجوده وقت شھر جا ٻه شخص جج آھن جن ۾ آصف علي ولد عبدالرشيد ميمڻ، سِول جج ڄامشورو ۽ اسدالله ولد عبدالڪريم عرف مُلو ميمڻ، سِول جج حيدرآباد شامل آھن ـ تازو ڀريا جي ھڪ سيد خاندان جي نياڻي به جج ٿي آھي ـ ھن ڪتاب جي ليکڪ جي گھرواري نادره نصير اعجاز ڪراچيءَ جي سرڪاري ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ سندن نياڻي پِرھه اعجاز ايم فِل ڪري چُڪي آھي ۽ بئنڪ جي نوڪري ۽ ڪجھه ٻين خانگي نوڪرين کانپوءِ فري لانس صحافت ڪري رھي آھي ۽ سندس ھڪ سئو کان وڌيڪ مضمون اردو ۽ انگريزي مضمون اخبارن ۽ ويب بلاگس تي ڇپجي چُڪا آھن ـ شھر جون ٻيون ڪيتريون ئي نياڻيون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مختلف ادارن ۾ ڪم ڪن ٿيون ـ
ڀرين ۾ ورھاڱي کان اڳ ھڪ پٺاڻ خاندان به آباد ھو ـ انھن مان ھڪ نياز محمد جو جنم 1944 ۾ ٿيو جنھن جي اولاد مان حسين شاھه ۽ سندس ڀاءُ حضرت ڀرين جي اسڪول مان پڙھي 2006 کان دبئيءَ ۾ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪن ٿا جڏھن ته سندن ٽيون ڀاءُ محمد شاھه ڀرين ۽ نوشھري مان پڙھي لنڊن ويو جتي ھن ميڊيڪل جي ڊگري ورتي ۽ اُتي ئي رھي ٿو ـ ھنن سنڌي پٺاڻن جو ڀرين سان جيءُ جُڙيل آھي ـ
مٿي ڄاڻايل نالن کانسواءِ ٻيا ڪيترائي شخص مختلف شعبن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪري رھيا آھن جڏھن ته وڏي تعداد ۾ نوجوان ۽ نياڻيون يونيورسٽين ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر ۽ ٻين شعبن ۾ زيرِتعليم آھن ـ

ليکڪ جو تعارف

نالو: نصير احمد ميمڻ
ادبي نالو: نصير اعجاز
جنم: 9 آگسٽ 1954، ڀريا سٽي
تعليم: ابتدائي تعليم نوشھروفيروز ۽ مورو؛ سيڪنڊري تعليم ٽنڊوآدم ۽ شھدادپور؛ بي ڪام، سچل ڪامرس ڪاليج حيدرآباد (1975)
ادبي زندگيءَ جي شروعات: 1973 کان حيدرآباد ۾ ”سُھڻي“ رسالي لاءِ انگريزي ادب مان ڪھاڻين جي ترجمي سان ـ
صحافتي زندگي: پھرين جنوري 1976 کان اڄ تائين ـ
اخباري ادارا: روزاني ھلالِ پاڪستان ڪراچي (سب ايڊيٽر، مئگزين ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ اسٽاف رپورٽر)؛ روزاني سرواڻ حيدرآباد (بيورو چيف ڪراچي)؛ انگريزي اخبار پاڪستان آبزرور اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر، ڪراچي بيورو)؛ روزاني برسات ڪراچي (مئگزين ايڊيٽر، ايڊيٽر، مئنيجنگ ايڊيٽر)؛ پاڪستان پريس انٽرنيشنل (پي پي آءِ) خبر ايجنسي ڪراچي (بيورو چيف، ايڊيٽر)؛ انگريزي ماھوار رسالو انڊس ڪرانيڪل (چيف ايڊيٽر)؛ ڏکڻ ڪوريائي خبر ايجنسي AsiaN ۽ ان جو رسالو (پاڪستان لاءِ نمائندو)؛ انگريزي اخبار Daily Techno Times Karachi (ايڊيٽر)؛ روزاني اخبار ”سچ“ ڪراچي (ڪالم نگار) ـ اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ جي انگريزي سنڌي ڊڪشنريءَ جي ايڊيٽرن مان ھڪ ـ
تصنيفون: اَٺ ڪتاب (ٻه ناول دِل جو بندر Haven of the heart ۽ نيگرو، عشق ۽ بغاوت Ratoon _ انگريزي ادب مان ترجمو؛ زندگي اَي زندگي (ڪامن جو مجموعو)؛ جنرل ھوش محمد شيدي (ٻاراڻو ادب)؛ سفر ڪھاڻيون (مختلف ايشيائي ملڪن جو سفرنامو)؛ Hur – The Freedom Fighter حُر ھلچل تي انگريزي تحقيقي ڪتاب (ايوارڊ يافته)؛ سنڌي ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت (تحقيقي ڪتاب) ۽ بھراور کان ڀريا _ تاريخ جو سفر (تحقيقي ڪتاب) ـ سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ مضمون ـ انگريزي مضمون سنگاپور، انڊيا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ ڇپيا جن مان ڊزن کن جو عربي ۽ ڪوريائي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيا ـ مختلف ڪتابن جا مُھاڳ ـ
اليڪٽرانڪ ميڊيا: پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرام ”واءُ سواءُ“ ۽ ”حال احوال“ جو ڏھه سالن تائين ميزبان؛ عام چونڊن بابت خاص نشريات ۽ ٻين مختلف پروگرامن جو ميزبان؛ ريڊيو پاڪستان ۽ مختلف ايف ايم ريڊيو توڙي سنڌي ٽي وي چئنلن جي حالاتِ حاضره جي ھڪ سئو کان وڌيڪ پروگرامن ۾ تجزيه نگار طور شرڪت؛ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رھندڙ سنڌين جي لاءِ ٽيليفون تي ٽال فري خبرن جي پروگرام InTouch جو ست سال اينڪر پرسن ـ
پرڏيھي دورا: افغانستان (ٻه ڀيرا)، ھندستان، سنگاپور، سريلنڪا، ڪمبوڊيا، مالديپ، نيپال (ٽي ڀيرا)، بنگلاديش ۽ ڏکڻ ڪوريا (پنج ڀيرا) ـ بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ـ
عالمي ادارن سان لاڳاپا: ڏکڻ ڪوريا ۾ قائم ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان ھڪ (سال 2007 کان) ۽ ٽن سالن کان ان جو صلاحڪار ـ
صحافين جي سکيا: پاڪستان پريس انٽرنيشنل ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن تحت ملڪ جي چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ صحافين جي سکيا لاءِ چوڏھن سال وڏي تعداد ۾ ورڪشاپن ۾ ٽرينر طور شرڪت؛ عالمي ادارن پاران صحافين جي سلامتي ۽ ٻين موضوعن تي سکيا وارن پروگرامن ۾ شرڪت ـ ڪراچي پريس ڪلب جي سينئر ميمبر ۽ صحافين جي سکيا واري ڪميٽيءَ جي سربراھه طور ٽريننگ ورڪشاپ منعقد ڪرائڻ ـ
متفرق: سال 2005 ۾ زلزلي دوران ميڊيا جي نقصان جي ڪاٿي واري وفد جي ميمبر طور اُترين علائقن جا دورا؛ سال 2010 ۾ برساتن جي نقصان جي جائزي لاءِ ڪميونٽي ريڊيو جي حوالي سان عالمي وفد جي ميمبر طور سڄي ملڪ جو دورو؛ ملڪ جي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن ۾ نيوزروم قائم ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ جو دورو ۽ پوءِ پاڪستان پريس انٽرنيشنل نيوز ايجنسي ڪراچي ھيڊڪوارٽر ۾ ريڊيو سروس قائم ڪري ملڪ جي ايف ايم ريڊيوز لاءِ نيوز سروس قائم ڪرڻ ؛ شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تصوف ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سورھيه بادشاھه جي موضوع تي سيمينارن کي خطاب ـ
ايوارڊ: سنڌيءَ ۾ بھترين رپورٽنگ ڪرڻ تي سنڌ گورنرس گولڊ ميڊل (1988) ۽ آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي ايوارڊ (1989) ؛ ماحوليات ۽ ٻين موضوعن تي رپورٽنگ لاءِ مختلف ادارن جون شيلڊون ـ
سماجي ڪم: صدر، شانتي نگر ويلفيئر ائسوسيئيشن ڪراچي (1993)، جنھن تحت شاھه عبداللطيف گرامر اسڪول جو قيام؛ سيڪريٽري اطلاعات، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي شاخ (1989) ۽ صدر، سنڌ فرينڊس فورم ڪراچي (2018) جنھن تحت سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه، سنڌي مصنوعات جي خريداري ۽ سماجي جاگرتا لاءِ مھم ھلائي وئي ـ سال 1985 ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊيءَ جي چونڊيل ميمبر ۽ ثقافتي ڪميٽيءَ جي سربراھه طور ڪلب جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌي ثقافتي ۽ سنگيت محفلون ڪوٺائڻ ـ

ساھتيءَ جي سنڌي ٻولي ۽ پھاڪا

ڀرين جي ٻولي، انھيءَ جا لفظ، پھاڪا ۽ اصطلاح ساھتي پرڳڻي جي معياري ٻوليءَ جي عڪاسي ڪن ٿا ڇو ته ھيءَ قديم وسندي ساھتيءَ جو اڻٽُٽُ حصو رھي آھي جتان وڏا عالم ۽ اديب پيدا ٿيندا رھيا آھن ـ اھڙن عالمن منجھان ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي به ھڪ آھي جنھن جي پنجاھي کن ڪتابن مان ھڪ ڪتاب ته آھي ئي سنڌي ٻوليءَ جي پھاڪن ۽ اصطلاحن متعلق ـ ڪنھن به انساني سماج ۾ جيئن عام زندگيءَ ۾ ڳالھائڻ يا لکڻ ۾ پھاڪن جو استعمال ٿئي ٿو، تيئن سنڌي سماج ۾ به ايئن ئي ٿئي ٿو ۽ انھيءَ ڪري سنڌي ٻولي پھاڪن ۽ اصطلاحن ۾ به شاھوڪار آھي ـ ڀرين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ اصطلاح مُروج رھيا آھن ـ ڪي پھاڪا ۽ اصطلاح ته عورتن جي عام ۽ گھريلو زندگيءَ واري نوعيت جا ھوندا آھن ۽ ڪي وري ھر مرد توڙي عورت ڳالھائڻ مھل استعمال ڪندا آھن ـ
ذاتي مشاھدن، ساروڻين، بزرگن جي واتان ٻُڌل ڳالھين ۽ ڪتابن آڌار چئي سگھجي ٿو ته ڀرين ۽ ڀرپاسي ۾ توڙي ساھتي پرڳڻي جي ٻين علائقن ۾ ڪيترائي پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح اھي ئي آھن جيڪي باقي سموري سنڌ ۾ مروج رھيا آھن پر ڪي اھڙا پھاڪا ۽ اصطلاح به آھن جن جو بنياد خالص ڀرين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ آھي يعني جيئن ھر علائقي جا پنھنجا پھاڪا ۽ اصطلاح آھن تيئن ڀرين جا به آھن جيڪي پوءِ سموري سنڌ ۾ به عام ٿي چُڪا آھن ـ انھن ۾ ڪي چوڻيون ۽ پھاڪا اھڙا آھن جيڪي ھندو جاتيءَ جي ماڻھن ۾ عام جام استعمال ٿيندا رھيا آھن ـ
ڀرين ۾ پراڻي وقت ۾ مُروج پھاڪن ۽ اصطلاحن جا ڪجھه مثال ھن ريت آھن:
1 ـ جتي پاڙا، اُتي ڍيڍواڙا ـ 2 ـ جتي ماکي تِتي مَک ـ 3 ـ جھڙو راجا تھڙي پرجا ـ 4 ـ جھڙو سنگ تھڙو رنگ (يعني جھڙي سنگت، اھڙيون ئي عادتون يا حرڪتون) ـ 5 ـ جھڙي سٺ تھڙيون ٽي ويھون ـ 6 ـ جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي ـ 7 ـ جھڙي نيت تھڙي مراد ـ 8 ـ جنھنجو کائجي تنھنجو ڳائجي ـ 9 ـ جَوَ ڍيرِي، گڏھه رکپال ـ 10 ـ ڏاڍو سو گابو ـ 11 ـ ڪُوڙي جي ڊوڙ کُڏ (ڪوٺي) تائين ـ 12 ـ اڱر ڪوسا ته ھٿ ساڙين، جي ٿڌا ته ھٿ ڪارا ڪن ـ 13 ـ اَڪ ڪارا ڪرڻ يعني ڪو خاص ڪم نه ڪرڻ (مثال : سموري حياتي تو ڪھڙا اڪ ڪارا ڪيا) ـ 14 ـ اڇو مُنھن، نيرا پير (ڪنھن غلط ڪم ڪرڻ تي ملامت ڪرڻ ـ خاص طور عورتون اھو جملو استعمال ڪنديون رھيون آھن) ـ 15 ـ چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪَکُ ـ 16 ـ ککر ۾ کڙو ھڻڻ (ڪنھن کي مڇرائڻ) ـ 17 ـ ڏينڀُن وانگر ورائي وڃڻ (ڪنھن ڳالھه تي ڪنھن کي وٺ ڪرڻ) ـ 18 ـ اَڪ جي ماکِي لاھڻ (ڪو سَوَلو ڪم ھجڻ پر اھو مُحاورو ڪنھن ڏُکئي ڪم لاءِ ھن نموني استعمال ٿيندو رھيو آھي ته ”اھو ڪم ڪو اَڪ جي ماکي لاھڻ ڪونھي“) ـ 19 ـ ڌُڌِڙ ۾ پير ھڻڻ (اجايون ڳالھيون ڪرڻ، ڌُڪا ھڻڻ) ـ 20 ـ ھٿن ۾ ھريڙيون ھجڻ (ڪنھن کان ھٿن مان ڪا شئي ڪِرڻ تي اڪثر عورتون اھڙا طعنا ھڻنديون آھن) ـ 21 ـ ڌڻُ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي ـ يعني ته ڌڻ جو ڌڻي سائين ڪونه ھوندو ته ڌڻ پيو لاوارث رلندو ـ 22 ـ اُٺ تڏھن ئي پي رڙيا جڏھن ٻورا پي سِبيا ـ 23 ـ چريا ڏئي چار، سياڻو وٺجي ھڪڙو ـ 24 ـ جتي اُٺ ترندو، اُتي پُڇ به تري ويندو ـ 25 ـ شيرو ٻلو شاھه جو، نه پيءُ جو نه ماءُ جو ـ 26 ـ گنجي جي مٿي ۾ نه جُون نڪا لِيک ـ 27 ـ ڀَرِي ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو ـ 28 ـ تڪڙي ڪُتي انڌا گُلر ڄڻي (تڪڙ ڪرڻ سان غلطين جو امڪان) ـ 29 ـ مُلي جي ڊوڙ مسيت تائين (محدود سوچ ھئڻ) ـ 30 ـ کاٽِي کڻڻ ( واھن جي کاٽي کڻبي آھي جيڪو وڏي محنت وارو ڪم ھوندو آھي ـ پر جڏھن ڪو ماڻھو ٿوري گھڻي ڪم تي ٿڪجي پوڻ جا بھانا ڪري تڏھن چئبو آھي ته ”ڪھڙي کاٽي کنئي اٿئي يا وڏي ڪا کاٽي کڻي آيو آھين) ـ 31 ـ ڦاڙھا مارڻ (ڪھڙا ڦاڙھا ماريا اٿئي يعني ڪھڙو وڏو ڪم ڪيو اٿئي) ـ 32ـ بيڪار کان بيگار ڀلي (يعني بيڪار ويھڻ کان بيگار ۾ ڪم ڪرڻ به چڱو) ـ 33ـ اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار (ھن چوڻيءَ ۾ وڏو سبق سمايل آھي ته ٻني ٻارو ڪرڻ اُتم آھي ۽ ڪاروبار به سدائين پيو وڌندو ۽ نفعو ڏيندو جڏھن ته نوڪري نيچ ۽ پنڻ بيڪار ڪم آھي) ـ 34 ـ اَسي مت کسِي ـ 35 ـ اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيوئي ـ 36 ـ ادي مُئي ادو ڄائو، اسان اھڙي جا اھڙا ـ 37 ـ گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿُو کٽا ـ 38 ـ پَڪي گھڙي کي ڪنا وجھڻ ـ 39 ـ اڳيان باھه، پُٺيان پاڻي ـ 40 ـ انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا ـ 41 ـ اڇي ڏاڙھي اٽو خراب (پيريءَ ۾ غلط ڪم ڪرڻ) ـ 42 ـ انبن جون سِڪون انبڙيون نه لاھين ـ 43 ـ انڌو ھاٿي لشڪر جون زيان ـ 44 ـ انڌي گھوڙي ڪَلُ ۾ ـ 45 ـ انڌي جھڙي پيڪين تھڙي ساھرين ـ 46 ـ انڌن وڃي مُلتان لڌو ـ 47 ـ انڌي کي جھڙو تئو، تھڙي آرسي ـ 48 ـ اربعا خطا ٿيڻ (ڪھڙو غلط ڪم ڪيم ـ ڪھڙي اربعا خطا ٿي) ـ 49 ـ اول پيٽ پنجُوءَ جو، ٻار ٻچا پوءِ ـ 50 ـ اھڙو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني ـ 51 ـ ايئن مار کائڻ جيئن پتڻ تي اُٺ ڪُٽجي ـ 52 ـ ساڳيا گڏھه، ساڳيا آٿر ـ 53 ـ ايئن ڀڄڻ جيئن کاري ھيٺان ڪانءُ ڀڄي ـ 54 ـ اُھو ڪِي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي (آئيءَ ويل ڪم اچي) ـ 55 ـ ٻه گدرا مُٺ ۾ نه اچڻ ـ 56 ـ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ ـ 57 ـ بي عقل بازار ۾ سنگتي نه کڻجي ساڻ، اَول ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سمر ڏئي ساٿين کي ـ 58 ـ ٻه جَوئي (ٻن زالن واري) کان وري به سُکيو ھجڻ ـ 59 ـ ٻُڏيِ ٻيڙيءَ جون ھريڙون به چڱيون (يعني ٻڏندڙ وٽان جيڪو به ملي) ـ 60 ـ ٻائي جو ٻائو، واڱڻ جو واڱڻ (سدائين بي عقل، ڇسو ئي ھجڻ) ـ 61 ـ ٻلي سئو ڪُئا کائي حج تي ھلي ـ 62 ـ ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا ـ 63 ـ ڀِتين کي به ڪن ھجڻ ـ 64 ـ پاڻ نه پاري ڪُتا ڌاري ـ 65 ـ پاڻي ولوڙڻ ـ 66 ـ پاڻھي سُئي سڳي کي سيريندي ـ 67 ـ پُڇڻا نه مُنجھڻا ـ 68 ـ پُٽ ٻٽيھه لکڻو، موچڙو (پادر) ڇٽيھه لکڻو ـ 69 ـ پرائي دھلين احمق نچي ـ 70 ـ پرائي ماڙي ڏسي پنھنجي ڀُنگي نه ڊاھجي ـ 71 ـ پڙھيو آھي پر ڪڙھيو ناھي ـ 72 ـ حرڪت ۾ برڪت ـ 73 ـ دائيءَ کان پيٽ ڳجھو نه ھجڻ ـ 74 ـ دل کوٽي، عذر گھڻا ـ 75 ـ پنج ئي آڱريون گيھه ۾ ھجڻ ـ 76 ـ پنھنجو مُنھن، پنھنجو موچڙو (جڏھن پنھنجو ئي ڪو غلط ڪم ڪري ته ٻئي کي ڇا چئجي) ـ 77 ـ پوڙھو اُٺ ٻه ڪنواٽ لھي ـ 78 ـ پنھنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب ـ 79 ـ پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لُٽائي ـ 80 ـ ڦُڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ـ 81 ـ چَرين جا پُور، مٿي جا سُور ـ 82 ـ چريءَ کي پُٽ ڄمي ته چُميون ڏئي ماريس ـ 83 ـ جيڪي چُلھه تي، سي ئي دِل تي ـ 84 ـ جيءُ خوش ته جھانُ خوش ـ 85 ـ جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا ـ 86 ـ جيري لاءِ ٻڪري ڪُھڻ ـ 87 ـ جيسين سائو کڻي ساھه، تيسين بُکئي جو وڃي پساھه ـ 88 ـ جِت پُڄڻ ناھي وس، اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو ـ 89 ـ جتي لوڀي ھوندا، اُتي ٺوڳي بُک نه مرندا ـ 90 ـ جتي وڻ نه ھجي، اُتي ڪانڊيرو به درخت ـ 91 ـ جھڙا روح تھڙا ختما ـ 92 ـ جھڙا ڪانگ تھڙا ٻچا ـ93 ـ جو اڳي سو تڳي ـ94 ـ جِن کاڌا پلَي جا پيٽارا، تِن جا ھينئڙا ويچارا ـ 95 ـ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ـ 96 ـ لڀي لوڻڪ به ڪانه، سَڌون مريئڙي جون ـ 97 ـ سَکڻي ڪُني گھڻو اُڀامي ـ 98 ـ دوست اُھو جو اوکيءَ ويل ڪم اچي ـ 99 ـ ھڏُ به ڏي، ھَڙَ به ڏي ـ 100 ـ ڪنھن کي واڱڻ وائي، ڪنھن کي بصر بادي، ڪنھن کي ٿُوم سوادي ـ 101 ـ لوڪ لڏڻ ۾ چري اڏڻ ۾ ـ 102 ـ سونٽي ھجي ساڻ ته گڏھه گوھي نه ڪري ـ 103 ـ ڪٿي چور سُڃا ته ڪٿي ڍور سُڃا ـ 104 ـ چنڊو چنڊي کي سئو ڪوھن تان ڳولي لھي ـ 105 ـ نانگ کي کير پيئارڻ ـ 106 ـ جتي ويڙھا، اُتي جھيڙا ـ107 ـ ڪِني رن جا يار به گھڻا ته ٻار به گھڻا ـ 108 ـ وڙھن سانھَن، لتاڙجن ٻُوڙا ـ 109 ـ سَير مٿان سَوا سير ـ 110 ـ اک لڀي ڪونه، دٻ سُرمي تي ـ 111 ـ کاڌي کُوھه کُٽي وڃن ـ 112 ـ اَڪن کان انب گھُرڻ ـ 113 ـ ڀلي بُک ڀرم جي، شال نه وڃي شانُ ـ 114 ـ اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن ليکي مُلڪ جو والي ـ 115 ـ پنھنجي مُٽ ۾ پاڻ تِرڪڻ ـ 116 ـ ڳوھ کي کڻي کُٽي ته ڳولي شڪارين جا گَھر ـ 117 ـ تِر جي گُٿي، سئو چوٽون کائي ـ 118 ـ ڪچيون ٻُوٽيون کائڻ (ڪنھن تي سخت ڪاوڙ ۾ ڇوھه ڇنڊڻ)
اھڙا ٻيا به ڪيترائي پھاڪا ۽ اصطلاح آھن جيڪي اڳي ڀريا ۽ سموري ساھتيءَ ۾ مُروج رھيا آھن ـ ڪاڪي ڀيرومل مھرچند اڏواڻيءَ 1956 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپرايل سندس ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ به سنڌ جي وچولي واري علائقي جي سنڌي ٻوليءَ بابت لکندي خاص طور ساھتي پرڳڻي جي ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آھي جنھن ۾ ڀريا به شامل آھي ـ ھن ڀريا ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان مليل سنڌي پھاڪن ۽ اصطلاحن جا به ڪجھه مثال ڏنا آھن ـ ڪاڪي ڀيرومل پنھنجي زماني جي حساب سان ساھتي پرڳڻي ۾ ڳالھائجندڙ سنڌي ٻولي، لھجن ۽ لفظن جي اُچارن جي اُپٽار ڪئي آھي ـ جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان گڏ ٻين علائقن وانگر ساھتي پرڳڻي ۾ ڳالھائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا اُچار به ڪنھن حد تائين مٽجي ويا آھن، پر تڏھن به سندس ڏنل معلومات کي بنيادي اھميت حاصل آھي ۽ موجوده توڙي ايندڙ نسلن، تاريخ نويسن ۽ ٻولين تي تحقيق ڪندڙن لاءِ رھنمائيءَ جو ذريعو ثابت ٿيندي ـ سندس ڪتاب جي انھيءَ حصي مان ڪي خاص ڳالھيون ھيٺ پيش ڪجن ٿيون ـ
ڪاڪو ڀيرومل سري، وچولي ۽ لاڙ جي سنڌي لھجن جي ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته سري وانگر ساھتي پرڳڻي ۾ ڪاٿي، ڪاڏي، جاڏي، تاڏي، جاتي ۽ تاتي چون ٿا پر سيوھڻ پاسي ڪٿي، ڪيڏي، جيڏي، تيڏي، جتي ۽ تتي به چون ـ ساھتيءَ ۾ چون ”پھرو“ پر ڪتابي سنڌيءَ ۾ لکن ”پھريون“ ـ لفظن ۾ نڪ جي اُچار گڏڻ جي عادت ساھتي پرڳڻي ۾ گھٽ آھي جنھنڪري ”پھريون“ بدران چون ”پھرو“ ـ ساڳي طرح منھنجو، تنھنجو ۽ پنھنجو بدران مھنجو، تھنجو ۽ پھنجو چون ٿا ـ (ڪاڪي ڀيرومل جو اھو مشاھدو پراڻو آھي ڇو ته وڏي عرصي کان ساھتيءَ ۾ نڪ وارا اُچار مُروج آھن) ـ ھُو لکي ٿو ته ڪتابي سنڌيءَ موجب ”چيو اٿس“ معنى ”ھن چيو آھي“ پر ساھتيءَ ڏي ان جي بدران چون ”چيو اٿائين“ يا .چيوٿائين“ ـ سندس ان ڳالھه کي به صرف ٻھراڙين ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ جي حد تائين مڃي سگھجي ٿو ڇو ته ساھتيءَ جي ليکڪن جي ڪتابي ٻوليءَ ۾ ايئن ناھي ـ
ھن ساھتي پرڳڻي جي ڪجھه الڳ قسم جي لفظن ۽ پھاڪن جا به مثال ڏنا آھن جيڪي سندس چوڻ موجب ٻين ھنڌن تي عام نه آھن ـ مثال طور ”اڄ اُڪرس ڪيو اٿس يعني اڄ گھُٽ يا گرمي آھي ـ اُڪرس معنى ھوا بند ٿيڻ جي ڪري گرمي يا گھُٽ ـ (اُڪرس لفظ موجوده وقت ايئن ئي استعمال کان ٻاھر آھي جيئن ڪيترائي خالص سنڌي لفظ وقت سان گڏ استعمال مان نڪري چُڪا آھن ۽ انھن جي جاءِ ٻين ٻولين جي لفظن والاري ڇڏي آھي) ـ ٻيو مثال آھي جاءِ کي راڳو ڏيارڻ جنھن جي معنى آھي گاري سان لنب يا ليپو ڏيارڻ ـ ساھتيءَ وارا پئسن بدران چون ڏوڪڙ ۽ جھجھو بدران چون کوڙ ـ وڏي ڀاءُ يا پاڻ کان وڏي کي چون ”ڀائو“ جيڪو نھايت مٺو لفظ آھي ۽ سري ڏي به چالو آھي ـ
ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو ته ساھتي پرڳڻي جي موري تعلقي ۾ گوال نالي ھڪ واڻيو وڏو ڌاڙيل ٿي گذريو آھي، تنھنڪري گوال لفظ به عام طور ڌاڙيل لاءِ استعمال ٿيندو ھو ـ ھُو ساھتيءَ جي خاص اصطلاحن ۽ پھاڪن جا مثال ھن ريت ٻڌائي ٿو:
1 ـ ڊڀڙي جو ڪُمي معنى بيگر ۾ وھندڙ يا مفت ۾ ڪم ڪندڙ ـ ڊڀڙو يا ڊڀرو کي درٻيلو به چون ٿا جيڪو ڪنڊياري تعلقي ۾ آھي ـ
2 ـ پنجُوءَ جي پِڻ سان ھڻڻ معنى واجبيءَ کان وڌيڪ وٺڻ يا دگھي ڳالھه ڪرڻ ـ ساھتي پرڳڻي ۾ پنجوءَ نالي ھڪ واڻئي وٽ ھڪ وڏو پِڻ (اَن جو ماپو) ھو جنھن تان اھو اصطلاح ٺھيو ـ
3 ـ پنج پنجوءَ جا کُٽا ئي پيا آھن يعني ٻارھوئي کُٽل آھي ـ
4 ـ اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ ـ
5 ـ چَٽي چنيجن جي پرن تي پيئي ـ چنيجا ۽ پرن نالي ٻه ڳوٺ موري تعلقي ۾ ھڪٻئي جي آمھون سامھون ٻن وڏن دڙن تي ٻڌل آھن ـ ھڪ ڀيري ڪي ڌاڙيل چنيجن کي ڌاڙو ھڻڻ ويا پر رات جي وڳڙي ۾ ڀُلجي وڃي پرن کي ڌاڙو ھنيائون، جنھن تان اھو پھاڪو مشھور ٿي ويو ـ
6 ـ ڦُلوءَ واڻئي رات وھاڻي، ڳالھين ڪندي ڳوٽي کاڻي ـ ڦُلوءَ نالي ھڪ واڻيو ڀرين ۾ ٿي گذريو آھي جنھن بابت ھڪ گيت به مشھور ھو”ڦُلو ھڪ ڳوٺاڻو ھو، مزي جھڙو واڻيو ھوـ“
7 ـ اھڙي جُٺ ڪيائينس جھڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان ـ ٻُرڙن جي ذات وارا نوشھري ۽ ڪنڊياري تعلقن ۾ گھڻا آھن ـ ڀرين جي پاسي ۾ به ٻرڙن جا ڳوٺ آھن جن مان ھڪ ڳوٺ ”ٻرڙا“ سڏجي ٿو ـ ھن پھاڪي جو بنياد اتان جي ھڪ واقعي تي ٻڌل آھي ـ چون ٿا ته ڪنھن لڱا ڪي ٻرڙا پنھنجا ٻار پنھنجي ڪنھن ذات ڀائيءَ جي سنڀال ھيٺ ڇڏي پاڻ لاباري تي ويا ـ پٺيان ٻارن ڏاڍو ھلاک ڪيس ته ٻرڙي اھڙو ڪم ڪيو جو ٻارن کي اَن جي گُنديءَ ۾ بند ڪري سندن مائٽن کي وڃي چيائين ته پنھنجا ٻار وڃي پاڻ سنڀاليو ڇو ته مونکان سنڀاليا نٿا وڃن ـ
8 ـ ٻُرڙي پوي نه ٻاجھه، ڀرِ ۾ ٿو ڀاءُ مري ـ جڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي ڪنھن غريب ڀاءُ ڀرائي جو قياس نه ڪندو آھي، تڏھن ايئن چئبو آھي ـ اھو پھاڪو به ڪنھن ٻُرڙي جي پٿردليءَ سبب عام ٿيو ھوندو ـ
9 ـ ٻيو ھرڪو اچڻو وڃڻو، پمون ٿانائي ـ پمون (پمن) نالي ساھتيءَ جو ھڪ واڻيو لڳڻي ٻيڙي ھو يعني ھڪ ھنڌ ويٺو ئي ھوندو ھو، تنھنڪري جڏھن ڪو ماڻھو ھڪ ھنڌ گھڻو وقت کُپ کوڙي ويٺو ھجي تڏھن ھن لاءِ ايئن چئبو آھي ـ
ساھتيءَ جي ٻوليءَ جي حوالي سان ڀرين جي چڱي مڙس ايم پي اي مُراد علي شاھه جو چوڻ آھي ته اھا معياري ٻولي آھي، جنھن کي ڪتابن ۾ لکڻ جي مڃتا مليل آھي ـ سڄي سنڌ ۾ ڳالھائجندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور ۽ ساھتيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طور ھڪ ئي لفظ جي زيرُن زبرن مٽجڻ سان کوڙ معنائن بابت به ھن خيالن جو اظھار ڪيو ـ ھن ھڪ ڪچھريءَ ۾ ان جو مثال ڏيندي چيو ته وَرُ لفظ جي معنى مُڙس به آھي ته وَڪڙُ به ـ مثال طور رستي جو وَرُ يا ڪنھن نوڙيءَ کي وَرُ ڏيڻ ـ ايئن ئي ان ھڪ اکر کي وَرَ کنجڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو ـ اھو ئي اکر سُٿڻ جي وَرَن لاءِ استعمال ٿئي ٿو ـ اُن کي وِرُ ڪري پڙھبو ته معنى ٿيندي اُونھو يا گھرو _ مثال طور ڦٽ يا زخم جو وِرُ ٿي وڃڻ ـ
سيد مُراد علي شاھه کي افسوس آھي ته اڄڪلھه ڪيترائي اديب توڙي ڳائڻا سنڌي ٻوليءَ کي کاري رھيا آھن ۽ ايتري قدر جو لفظن تي زَيرُن زبرُن جو خيال به نٿا رکن جنھن سان لفظن جي نه رُڳو شڪل ئي کري پوي ٿي پر معنى به مٽجي وڃي ٿي ـ ”ماسٽر چندر ساھتيءَ جي شھر ٺاروشاھه جو ھو ۽ توھان سندس ڳايل ڪلام ٻڌندو ته ھر لفظ جو تلفظ يا اُچار بلڪل صاف ۽ معياري ملندو ـ مثال طور سندس ھڪ ڪلام ڳايل آھي ”رُٺا ئي رھن پر ھُجين حياتي“ ـ ان ڪلام کي ڪن ٻين ڳائڻن ”ھُجن حياتي“ ڪري ڳايو آھي جيڪو بلڪل غلط آھي ـ جيڪڏھن ”ھُجن“ ڪري ڳائبو ته ان کانپوءِ ”حيات“ لفظ استعمال ٿيندوـ ايئن ئي ٻيا گھڻائي لفظ آھن جن ۾ زبر جي بدران زير ڏئي ڳايو وڃي ٿو يا زير جي جاءِ تي زبر ڏني وڃي ٿي،“ سيد مُراد علي شاھه چيو ـ

گھوٻاٽي کان راڪيٽ لانچر تائين

ساھتي پرڳڻي جي ننڍڙي شھر ڀريا توڙي ڀرپاسي ۾ ننڍي ھوندي اسان ڌاڙيلن جو نالو به ڪونه ٻُڌو ھو ـ اھا به خبر ڪانه ھئي ته ڌاڙيل ڪنھن کي چئبو آھي ـ ڇٺي ڇھ ماھيءَ چوريءَ جي ڪا ھلڪي ڦلڪي واردات ٿي وئي ته بس، باقي مڙئي خير ـ اھا چوري به پَيريُن ذريعي پيرا کڻائي ۽ تَر جي چڱن مڙسن کي وچ ۾ آڻي ورائي وٺبي ھئي ـ ماڻھو وڏي بي فڪريءَ سان پيا پنھنجا ڪم ڪاريون ڪندا يا گھمندا ڦرندا ھئا ـ ننڍڙن ڳوٺن جا رھاڪو ٻنين ٻارن ۾ سڄو ڏينھن ڪم ڪار ڪري سانجھيءَ ويل ويجھي شھر وڃي ھوٽلن تي چانھه پي ڊاڙا ٺڪاءَ ھڻي رات جو دير سان ڳوٺن ڏانھن موٽندا ھئا ـ جھنگ ۽ ٻنين وچ مان ڳوٺ ويندي نه کين ڦُرجڻ جو ڊپ ھوندو ھو ۽ نه اغوا ٿيڻ جو انديشو ـ تن ڏينھن ۾ منھنجو ڏاڏاڻو ڳوٺ ڀريا شھر ھُيو ته بنھه ننڍڙو جنھن ۾ پنج ھزار کن ماڻھو وسندڙ ھئا، پر اُن جي وچ مان لنگھندڙ قومي شاھراھه واري مُک چونڪ تي، جنھن کي ورھاڱي کان اڳ واري ريلوي بُڪنگ ايجنسيءَ جي ڪري “ايجنسي” سڏيو ويندو ھو، ڪجھ ھوٽلون ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن لاءِ وندر جو وڏو وسيلو ھيون جتي ھندستاني گانا پيا وڄندا ھئا ـ انھن مان چاچي والوءَ جي ھوٽل گھڻو مشھور ھئي جتي گراموفون ۽ ان جا کوڙ رڪارڊ رکيل ھوندا ھئا ۽ ڪاٺ جي بينچن تي ويٺل ماڻھو چانھه جو ڪوپ پيئندي پنھنجي پسند جا ھندستاني گانا فرمائش تي پيا ٻڌندا ھئا ـ چاچو والُو ميمڻ ھو ۽ ميمڻ پاڙي ۾ اسان جو پاڙيسري ھوندو ھو ـ منھنجو ناناڻڪو ڳوٺ ڪوڙو ميمڻ ڀريا کان ٻه ميل کن ڏکڻ اولھه ۾ ھو جنھن ۾ ڏھه ٻارھن گھر مس ھوندا ھئا ـ اھو ڳوٺ عام طور ڪوٽ بھادر جي نالي سان به سڏبو ھو جيڪو اصل ۾ الڳ ڳوٺ ھو ۽ ھڪ واٽر ڪورس جي ٻئي ڀر بلڪل ويجھو ۽ قديم ڳوٺ ھو ـ منھنجا ٻه ماما به ٻين ڳوٺاڻن جيان روزانو ٻني ٻاري جي ڪم کان واندا ٿي ريشمي گوڏ ۽ ڪاٽن جي قميص پائي والوءَ جي ھوٽل تي اچي پھچندا ھئا ـ ڪوٽ بھادر ڏانھن وڃڻ لاءِ ھاڻي ته پڪو روڊ ٺھيل آھي پر تن ڏينھن ۾ ڪچا پيچرا ھوندا ھئا ـ ھڪ پيچرو ميمڻ پاڙي کان نڪرندو ھو ۽ باغن ۽ ٻنين جي وچ مان ٿيندو سڌو ڪوڙو ميمڻ ۽ ڪوٽ بھادر ويندو ھو ـ ٻيو پيچرو قومي شاھراھه تان ڀريا جي سيدن جي باغ منھجان ٿيندو پراڻي ڦٽل آباديءَ جي دڙن تي آباد سيدن جي گھرن وٽان لنگھندو ھو ـ چون ٿا ته ڪنھن زماني ۾ ڀريا جي وستي اتي آباد ھئي جتي اھي دڙا ھئا ـ ھڪ ٻيو پيچرو ٿورو اڳيان ٻنين مان ئي سڌو ڪوڙي ميمڻ ڳوٺ ويندو ھو جڏھن ته قومي شاھراھه تي واٽر ڪورس جي موريءَ وٽان ويڪرو ڪچو رستو ڪوٽ بھادر ويندو ھو جنھن تي ٽانگا به ھلندا ھئا، جيڪا انھن ڏينھن ۾ اھم عوامي سواري ھوندي ھئي ڇوته رڪشائن ۽ چنگچين جو اڃان ڪو تصور ئي ڪونه ھو ـ مان انھن پيچرن تان پنڌ توڙي ٽانگي ۾ ڏينھن توڙي رات جو مٽن مائٽن سان بنان ڪنھن خوف جي ناناڻڪي ڳوٺ ويندو ھئس ـ ٻاراڻڪي وھيءَ ۾ سواءِ جنن ڀوتن جي ٻيو ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونه ھوندو ھو ـ ناناڻن ۾ رھندي ماروٽن سان گڏ ٻنين تي به ويندو ھئس جيڪي گھر جي ٻاھران گھٽيءَ جي بلڪل ڀرسان ئي شروع ٿينديون ھيون ـ ٻنين مان تازا ڪچا بصر ۽ ٽماٽا پٽي لوڻ وجھي کائڻ، ڄاڱريا ٻير پٽڻ، ڪنڊيءَ جي وڻن مان ماکي لھرائي مزا وٺڻ ۽ وري گھرن ڀرسان سرنھن جي گھاٽي وڻ ھيٺان ويھي راند ڪرڻ جو پنھنجو رومانس ھو جيڪو اڄ تائين نه وسريو آھي ـ ياد اٿم ته ھڪ ڀيري شام ڌاري امڙ ۽ اسان ڀيڻ ڀائر موري وڃڻ لاءِ (1960 کان 1965 تائين مورو شھر ۾ رھائش وارو زمانو) ڳوٺ ڪوڙي ميمڻ کان پنڌ ئي پنڌ اچي قومي شاھراھه تي ويٺا ھئاسين جتان سرڪاري لاري لنگھڻي ھئي ـ لاريءَ اچڻ ۾ ايتري دير ڪئي جو اونداھي ٿي وئي پر اسان کي ڪو ڊپ محسوس نه ٿيو ـ فڪر بس اھو ھو ته موري پھچڻ کانپوءِ رات جو کاڌو پچائڻ لاءِ ڪا ڀاڄي ڀُتي ڪانه ملندي ـ انھيءَ فڪر ۾ ھئاسين ته ھڪ ٽرڪ تيزيءَ سان لنگھي جنھن کي موريءَ تان گذرڻ جي ڪري جھٽڪا لڳا ته ان مان ڪي شيون روڊ تي ڪرنديون ويون ـ کڻي جو ڏسون ته اھي پٽاٽا ھئا جيڪي ٽرڪ ۾ ڀريل ٻورين مان ڪريا ھئا ـ اسان به انھن کي غيبي امداد سمجھي گڏ ڪري ورتو ۽ رات جو دير سان لاريءَ ۾ بي فڪرا ٿي وڃي موري لٿاسين ـ
ناني جي گھر سان لڳ سندن ھڪ مائٽ جو گھر ھو جنھن ۾ ھڪ پيرسن ڌڻي بخش ناني ڌني جي نالي سان مشھور ھو ـ پِيريءَ سبب قد بُت ۾ صفا گانڌيءَ جھڙو سيپڪڙو لڳندو ھو ـ وڏو ڀوڳائي ۽ ڳالھين جو ڳڙھه ھوندو ھو ـ ڪڏھن ڪڏھن اسان ٻارڙا ناني ڌني کي ورائي سندس جوانيءَ جون ڳالِھيون ٻڌندا ھئاسين ـ نانو ڌنو ڪنھن زماني ۾ چور ھوندو ھو ـ ”مان چوپايو مال چوري ڪندو ھئس ـ رات جو سھي سنڀري ڪنھن ڏورانھين ڳوٺ وڃي لوڙھا ٽپي مال ڪاھڻ جي ڪوشش ڪبي ھئي،“ ھُو جوانيءَ کي ياد ڪندي ٻڌائيندو ھو ـ نانو ڌنو پيشه ور چور نه ھو، پنھنجيون ٻنيون ۽ مال به ھئس پر جوانمردي ڏيکارڻ لاءِ شوق پورا ڪندو ھو ـ ”ڪڏھن به پنھنجي تر ۾ چوري نه ڪيم اَبا ڇوته چورن جا به ڪي اُصول ھوندا آھن ته اوڙي پاڙي ۾ ڪا واردات ڪانه ڪبي،“ ھو فخر سان چوندو ھو ـ مونکي پھريون ڀيرو ناني ڌني جي واتان خبر پئي ته چوپائي مال جي چوري به ٿيندي آھي ۽ چورن جا به ڪي اُصول ھوندا آھن ـ ”ھڪ ڀيري ڪنھن ڳوٺ ۾ مال ڪاھڻ ويس ـ لوڙھو ٽپي اندر وڃي مال پئي ڇوڙيم ته ڀاڳيا جاڳي پيا ۽ مان وٺي ڀڳس ـ ٻاھر نڪرڻ لاءِ لوڙھي تان ٽِپ ڏنم ته ڀاڳين گھوٻاٽو مون ڏانھن اُڇلايو ـ بس سائين ڇا ٿيو جو گھوٻاٽي ڪيو سر(تيزيءَ سان ايندڙ گھوٻاٽو سرڙاٽ ڪندو ٿي آيو)، منھنجي سلوار ڪيو چَر (گھوٻاٽو سلوار کي چيريندو ويو) پر ڌنو ھن ڀَرِ(ڌنو لوڙھو پار ڪري ويو)“ ناني ڌني ڏاڍي مزي سان اداڪاري ڪندي اھو قصو ٻڌايو ھو ـ ڪاٺيءَ جي ٽُڪرن کي ھڪ پاسي گَھڙَي تکي چنھب ٺاھيل گھوٻاٽن جي به مون کي تڏھن خبر پئي ـ گھوٻاٽو ڄڻ ته ان دور جو راڪيٽ لانچر مان فائر ٿيندڙ راڪيٽ ھو جيڪو ڦرڙاٽ ڪندو وڃي نشاني تي لڳندو ھو ـ
ناني ڌني جو ئي ھڪ ٻيو مائٽ به ڪنھن زماني ۾ چور ھو ۽ اسان جي سانڀر کان گھڻو اڳ ڀاڳين ھٿان مارجي چڪو ھو ـ ”مرحوم وڏو دلير ھو ـ ھُو تر ۾ ڪڏھن به واردات نه ڪندو ھو ۽ اھڙو ته نياز نئڙت وارو ھو جو ھر ماڻھو سندس عزت ڪندو ھو ـ ڳوٺ جي ٻارن سان ايترو پيار ھئس جو ھُو گھوڙو ٿي ٻارڙن کي پُٺيءَ تي کڻي گھمائيندو ھو،“ ناني ڌني ٻڌايو ھو ـ سندن چوريءَ جي قصن تي اسان کي ڪو فخر ڪونه محسوس ٿيندو ھو، پر ناني ڌني جي ڳالھين مان مون جھڙن ٻارن کي ٻاراڻي مزي سان گڏ ڪا نه ڪا ڄاڻ پئي ملندي ھئي ـ گھوٻاٽي جھڙي ھٿيار جي خبر به تڏھن پئي ـ
اُڻويھه سئو سٺ واري ڏھاڪي ۾ايوب خان جي حڪومت ھئي ۽ ياد اچي ٿو ته تن ڏينھن ۾ ھٿيارن تي بندش ھڻندي حڪم جاري ڪيو ويو ھو ته غير قانوني ھٿيار جمع ڪرايا وڃن ـ حڪم جي تعميل نه ڪرڻ واري لاءِ سزا جو اعلان ٿيل ھو ـ ان وقت ماڻھن کي ھٿيارن جو نالو ٻڌندي ئي ذھن ۾ تلوار، ڪھاڙي ۽ ديسي پستول ۽ بندوقن جو تصور ٿي آيو ـ ديسي پستول ۽ بندوقون به اھڙيون جو فائر ڪرڻ مھل پڪ نه ھوندي ھئي ته ڪارتوس ڇُٽندو به يا نه ! اسان جي ناني وٽ قديم زماني جي ھڪ تلوار ھئي سان ھن حڪومتي اعلان کانپوءِ زمين ۾ پوري ڇڏي جيڪا وري ڪڏھن نه ڪڍي وئي ـ
ڪجھه ورھين کانپوءِ ڪوڙي ميمڻ ڳوٺ جو ھڪ نوجوان ساماڻو جنھن کي الائي ڪيئن نوشھري فيروز شھر جي بازار مان ڦُر ڪرڻ جو خيال آيو ـ ھمراھه کي ڪٿان ديسي پستول ھٿ آيو سو کڻي وڃي پھتو بازار ۾ ۽ ھڪ مانڊڻيءَ تي ويٺل ھمراھه کان ريڊيو ڦريائين، جيڪو گانا ٻڌي رھيو ھو ـ ريڊيو ڦرجڻ تي ھمراھه وٺي دانھون ڪيون ته ڀرپاسي جا دڪاندار ۽ ٻيا ماڻھو گڏ ٿي ويا ـ نوجوان ڦوروءَ ڏٺو ته ھاڻي سوگھو ٿي ويندو ته ديسي پستول ڪڍي فائر ڪيائين جيڪو ڇُٽو ئي ڪونه ۽ نتيجي ۾ ھمراھه ريڊئي جي ناڪام ڦُر ۾ ٻڌجي پيو ـ اھو ننڍڙو واقعو ھو پر ان زماني جي حساب سان وڏي ڳالھه ھئي ۽ گھڻو مشھور ٿيو ـ ڀرين ۾ ڪي ماڻھو ڳنڍيڇوڙ به مشھور ٿيا ۽ ڪنھن کي خبر ئي ڪانه پوندي ھئي ته سندن کيسو ڪنھن ۽ ڪيڏي مھل ڪپيو ـ
اڻويھه سئو سٺ واري ڏھاڪي ۾ ڀرين جي ميمڻ پاڙي مان گھر ٻاھران ويٺل ھڪ زميندار پھريون ڀيرو ڪجھه ڏينھن لاءِ اغوا ٿيو ھو پر چيو وڃي ٿو ته اھو به ڪنھن ذاتي دشمنيءَ جي ڪري ٿيو ـ پر اڳتي ھلي 1980 واري ڏھاڪي کان سنگين ڏوھ شروع ٿيا جڏھن افغان جھاد جي نالي ۾ ايندڙ موتمار ھٿيارن جو رُخ سنڌ ڏانھن ٿي چُڪو ھو ۽ ڌاڙيلن جا ڪيترائي منظم ٽولا وجود ۾ اچي ويا ھئا ـ چَون ٿا ته ان وقت جي سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ ھٿيارن جي رسد سنڌ جي گھاٽن ٻيلن تائين ٿيندي ھئي ـ سنڌ جي ڀوتارن به پاٿاريون قائم ڪري ورتيون ھيون ـ اصل خبر خدا کي پر ماڻھن کي ته ڌاڙيلن جي ھٿن ۾ اھڙا ھٿيار نظر ايندا ھئا جن کي ڏسڻ سان ئي ڊپ ٿئي ـ سنڌ جي ڪابه شاھراھه محفوظ نه رھي ـ ڀُنگ لاءِ اغوا ۽ ڦُرون عام ٿي ويون، پئسي وارن ماڻھن کي ڌاڙيلن جون چٺيون ملڻ لڳيون ۽ گھريل رقم نه ملڻ تي ڌاڙيل کين گھرن ۽ اوطاقن تان کنڀي کڻي وڃڻ لڳا ـ شاھراھن تي قائم پيٽرول پمپ به سندن نشاني تي اچي ويا جتي بچاءَ لاءِ چوڪيون به ٺاھيون ويون ـ اخبار جي نوڪري ڪندي ڪا رات ڪو ڏينھن اھڙو نه ھوندو ھو جڏھن پيٽرول پمپن تي ڪلاشنڪوف ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملن جي خبر نه اچيـ
تن ڏينھن ۾ ڀرين جا ماڻھو رات جو ڪلاشنڪوف بردار ڌاڙيلن جي ٽولن کي شھر جي رستن تان پيدل لنگھندي به ڏسندا ھئا ـ وڏي وقت کانپوءِ ڀرين مان پھريون ڀيرو ڀُنگ لاءِ اغوا جي واردات 1988 ۾ ٿي جنھن ۾ ميمڻ پاڙي جي ئي ھڪ معزز کي ڌاڙيل کڻي ويا ھئا ـ ساڳيو زمانو ھو يا ڪي ورھيه گذريا ته ڀرين جي ڀرسان واري ھڪ ڳوٺ جو رھواسي ھڪ شخص چوريون ڪندي نامي گرامي ڌاڙيل بڻجي ويو ۽ پنھنجو ٽولو به ٺاھي ورتائين ـ ڀرين جا ماڻھو ٻڌائن ٿا ته ھن ھڪ ئي وقت يارھن خُون ڪيا ھئا ـ ڀرپاسي جي ڪن ٻين ڳوٺن جي به ٻن شخصن ڌاڙيل طور مشھوري ماڻي جن مان ھڪ اڃان تائين جيل ۾ چيو وڃي ٿو ـ ھڪ ٻي سنگين واردات 1992 ۾ ٿي ھئي جڏھن ڪي ڌاڙيل ڀرين ۾ مالبرداريءَ جو ڪاروبار ڪندڙ راڻي رياست عليءَ، سندس پُٽ ۽ ھڪ دڪاندار حاجي اشفاق کي ڀُنگ لاءِ اغوا ڪري ويا ـ ڌاڙيل کين وٺي شھر کان ٻاھر باغن ۾ پھتا ته راڻي رياست جي مزاحمت ڪرڻ تي ڌاڙيلن کيس گوليون ھڻي ماري ڇڏيو ـ ھنن اڳتي وڃي حاجي اشفاق کي بُت ۾ ٿُلھو ھجڻ ڪري ڇڏي ڏنو پر مرحوم رياست عليءَ جي پُٽ کي کڻي ويا جنھن کي بعد ۾ آرميءَ وارن مقابلي کانپوءِ ڇڏايو ھو ـ
اھو ئي زمانو ھو جڏھن سنڌ جون رونقون تباھه ٿي ويون ـ ڳوٺن مان ايندڙ چانھه ۽ گانن جي موالين جو ڀريا ۽ ڀرپاسي اچڻ بند ٿيو ته اھي ھوٽلون به بند ٿيڻ لڳيون ـ سانجھيءَ کان اڳ ئي ماڻھو ڪم ڪاريون ختم ڪري ڳوٺن ڏانھن موٽڻ شروع ڪندا ھئا ۽ سانجھيءَ کانپوءِ ھاءِ وي تي سفر ڪندڙن جو ساھه مُٺ ۾ ھوندو ھو ـ ڀرسان لنگھندڙ ھر گاڏيءَ وارو ھڪ ٻئي کي شڪ جي نظر سان ڏسندو ھو ـ ڀريا ۾ به تڏھن ئي پھريون ڀيرو مختلف پاڙن ۾ پاڙي وارن گڏجي چوڪيداري سرشتو شروع ڪيو ـ ھڪ رات ميمڻ پاڙي جا نوجوان گھرن ٻاھران ڪچھريءَ ۾ ويٺا ھئا ته عجيب آواز ٻڌن ـ ڄڻ ته ڪي فوجي سپاھي ھٿيار ھٿن ۾ جھلي پريڊ ڪندا ايندا ھجن ـ نوجوان ساھه بند ڪري ويٺا رھيا ـ جڏھن ھٿياربند اُتان لنگھيا ته خبر پئي ته اھي ڌاڙيل ھئا جيڪي شھر جي ڪنھن مالدار ماڻھوءَ کي اغوا ڪري وڃي رھيا ھئا ۽ سندن اڳواڻي تر جو ئي ڄاتل سُڃاتل ڌاڙيل ڪري رھيو ھو جنھن کي نه رُڳو نوجوانن سڃاتو پر ھن پاڻ به نوجوانن کي سڃاڻي اُتي ئي ماٺ ڪري ويھڻ جو اشارو ڪيو ـ ان ساڳئي ٽولي ۾ وري ھڪ ٻيو ڌاڙيل به شامل ٿي ويو ھو جنھن شھر جي چڱي مڙس کي نياپو ڪيو ھو ته ”مٿي اٿئي الله ۽ ھيٺ اٿئي ملاح، ھاڻ ڏسون ته ڪير ٿو توکي اسان کان بچائي“ ـ انھن ئي ڏينھن ۾ ميمڻ پاڙي جو ھڪ معتبر گھران اغوا ٿيو ۽ ھڪ ٻئي واقعي ۾ ھڪ معتبر کي اغوا کان بچائيندي پاڙي جو ھڪ شخص مارجي ويو ـ پر ڌاڙيلن جي حياتي به ڪا گھڻي ڪانه ھوندي آھي، سو اھي ڌاريل به مقابلن ۾ مارجي ويا ـ ڪجھه ورھيه اڳ ته ھڪ اھڙو سلسلو ھليو جو ساھتي پرڳڻي مان اغوا ڪيل ماڻھو وڃي اُتر سنڌ مان نڪرندا ھئا ـ اھڙي ئي واردات اسان جي پاڙي ۾ ٿي جتان اوطاق تان اغوا ٿيل معتبر شخص وڃي گھوٽڪي ضلعي جي ٻيلن ۾ نڪتو ۽ پئسا ڏئي جان ڇڏائي آيو ـ
ھيءَ ڪھاڻي رُڳو ساھتي پرڳڻي جي نه پر سڄي سنڌ جي آھي ۽ ڪا گھڻي پراڻي به ڪانھي ـ سموري سنڌ گھوٻاٽي کان ڪلاشنڪوف ۽ راڪيٽ لانچرن وارو زمانو ڏٺو ۽ ڀوڳيو آھي ـ ڌاڙيلن جا ڪيترائي ٽولا جنم وٺندا رھيا، ڪي رابن ھُڊ وانگر پاڻ کي غريبن جا يار سڏائيندا رھيا، پر ھيا ڌاڙيل ۽ سندن انجام به اھو ئي ٿيوـ پوليس جي ذريعن موجب جھونن جي جاءِ تي نوجوان ڌاڙيلن جون کيپون تيار ٿينديون رھيون آھن ۽ سنڌ ۽ سنڌي ڀوڳيندا رھيا آھن ـ پر شُڪر آھي ته موجوده وقت ڀرين ۽ ڀرپاسي ۾ ڏوھه نه جي برابر ٿين ٿا ۽ مال جي چوري يا ڦُر ۽ ڌاڙي جو واقعو نٿو ٿئي يا ورلي ڪو ٻُڌجي ٿو ـ

شمعدانن جو شھر

ڀرين جي نئين نسل کي ڄاڻ ئي ڪانه ھوندي ته سندن شھر ۾ ڪنھن زماني ۾ اسٽريٽ لائيٽن جو اھڙو نظام ھو جنھن ۾ گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گاسليٽ وارا شمعدان ٻرندا ھئا، پر ھتان جي جھونن کان اھا ڳالھه اڃان ڪانه وسري آھي ـ حقيقت ۾ اڄ به ھڪ اھڙو ڪردار حيات آھي جنھن جي ذميواري ھئي ته روزانو شام جو سج لھڻ مھل شھر جي سمورن شمعدانن کي ٻاري ـ
ھاليووڊ ۽ باليووڊ جي پراڻين فلمن ۾ اڳئين زماني جي اھڙن شمعدانن جا منظر ڏسڻ ۾ ايندا ھئا ـ ھاليووڊ جي اھڙين فلمن مان ھڪ فلم Their eyes were watching God ڏسڻ سان ڀرين جو ماضي ياد اچي ويندو جڏھن اُتي گھٽين ۾ روشنيءَ لاءِ شمعدان ٻرندا ھئا ـ ھاليووڊ جي فلم ۾ آمريڪي رياست فلوريڊا جي اورلينڊو شھر ويجھو ڪارن باشندن جي ھڪ وستيءَ ۾ اسٽريٽ لائيٽ لاءِ لوھي ٿنڀوھڻندي ڏيکاريو ويو آھي جنھن ۾شمعدان لٽڪيل ھو ـ شمعدان لڳل ٿنڀي جي باقاعدي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي ھئي جنھن ۾ وستيءَ جا ڪارا باشندا شريڪ ٿيا ـ
ھاڻ ته ڀرين ۾ ڪجھه ورھين کان سولر سسٽم تي ٻرندڙ اسٽريٽ لائيٽون آھن ـ ان کان اڳ 1960 واري ڏھاڪي ۾ بجلي اچڻ سان ٿنڀا کوڙي اسٽريٽ لائيٽون ھنيون ويون، پر انھيءَ وقت تائين گاسليٽ وارا شمعدان رات جو شھر کي روشن رکندا ھئا ـ
ڀرين ۾ شمعدانن جو لڳڻ انگريزن جي زماني ۾ 1861 ۾ مڪاني ادارن جو نظام سنڌ ۾ رائج ٿيڻ کان به گھڻو اڳ ٿيو ھو جڏھن ڪجھه چونڊ ڳوٺن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ سينيٽري ڪميٽيون قائم ڪيون ويون جن جي ذميواري ھئي صفائي، پاڻيءَ جي فراھميءَ لاءِ کوھن، گندي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ گھٽين ۾ روشنيءَ جو انتظام ڪرڻ ـ ڀرين ۾ شمعدانن جي لڳڻ کي ڏيڍ سئو ورھين کان به مٿي عرصو ٿي ويو آھي تنھنڪري پڪ سان ته نٿو چئي سگھجي پر اندازو آھي ته جڏھن شھر جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ٿنڀا کوڙي روشندان ٽنگڻ جو ڪم ڪيو ويو ھوندو ته ضرور شھر وارا گڏ ٿيا ھوندا ۽ صدين کان اونداھه ۾ ٻڏل شھر کي رات جو به روشن ٿيندي ڏسي خوشيءَ ۾ بلڪل ايئن ئي تاڙيون وڄايون ھوندن جيئن انگريزي فلم ۾ ڪارن باشندن وڄايون ھيون ـ
ڀرين ۾ شمعدانن جي لڳڻ کان اڳ اسٽريٽ لائيٽ جو ڪو تصور ھو يا نه، انھيءَ بابت ڪجھه نٿو چئي سگھجي، پر ھڪ روايت تمام گھڻي پراڻي ھئي جنھن تحت ماڻھو پنھنجي پاڙي جي مسجدن ۾ روزانو سرنھن جو تيل ڪُپين ۾ وجھي موڪليندا ھئا جنھن سان مسجدن ۾ روشنيءَ لاءِ ڏيئا ٻاريا ويندا ھئا ـ مسجدن ۾ ڏيئن لاءِ تيل موڪلڻ جي روايت 1965 ۾ شھر ۾ بجلي اچڻ تائين جاري رھي ـ اھڙي طرح عيد ميلاد توڙي ڏياريءَ جي موقعن تي به گھر گھر ۾ ڇتين جي اولن تي ڏيئا ٻاري رکيا ويندا ھئا ـ
ڀرين جي گھٽين ۾ شمعدان ٻرندي اسان به پنھنجي سانڀر ۾ ڏٺا ـ ھڪ ٻه شمعدان اسان جي ميمڻ پاڙي واري گھٽيءَ ۾ به لڳل ھوندا ھئا پر ڪجھه وڏو ٿيڻ کانپوءِ ڏٺوسين ته بجليءَ جا ٿنڀا انھن جي جاءِ والاري چُڪا ھئا ـ
جيتوڻيڪ انگريزن واري زماني جي سينيٽري ڪميٽي توڙي بعد ۾ شھر جي ٽائون ڪميٽيءَ جي ڪا خاص آمدني ڪانه ھوندي ھئي پر تڏھن به روزانو سانجھيءَ مھل شمعدان ٻارڻ لاءِ ھڪ ملازم پگھار تي رکيل ھوندو ھو ـ موجوده ٽائون ڪميٽيءَ ۾ جيئن ته پراڻي وقت جو ڪوبه رڪارڊ محفوظ ڪونھي جنھن مان ان وقت جي اھڙن ڪردارن جي خبر پوي پر تڏھن به ھڪ اھڙو ڪردار اڄ به حيات آھي، جنھن جي والد مٿان شمعدان ٻارڻ جي ذميواري ھوندي ھئي ۽ انھيءَ کانپوءِ ھن پاڻ توڙي سندس ڀاءُ به شمعدان ٻارڻ جو ڪم ڪيو ـ
”منھنجو والد الھڏنو ڌوڪي نوي ورھين جي ڄمار ۾ 1977 ۾ گذاري ويو ـ ھن انگريزن واري زماني کان پندرھن سورھن ورھين جي عمر ۾ شمعدان ٻارڻ جي ڊيوٽي سنڀالي ھئي ـ ھُو اصل ۾ ڏينھن جو رازڪو ڪم ڪندو ھو ۽ سانجھيءَ ٽاڻي ڀرين جي گھٽين ۾ شمعدان ٻاريندو ھو،“ عبدالقادر ڌوڪيءَ ٻڌايو، جنھن جي پنھنجي عمر به ٻاھتر ورھيه ٿي چُڪي آھي ـ ”بابو غريب ھجڻ ڪري اسڪول ۾ ته ڪونه پڙھي سگھيو پر ڀرين جي آخوند اسماعيل وٽ قران جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ باقي وقت روزي ڪمائڻ ۾ لڳي ويس ـ“
”بابو روزانو شام جو گاسليٽ جي ٻاٽلي، ڪُپي ۽ ڏاڪڻ کڻي نڪرندو ھو ۽ مختلف پاڙن جي گھٽين، بازار ۽ چونڪن تي لڳل شمعدانن ۾ گاسليٽ وجھي انھن کي ٻاريندو ويندو ھو، جيڪي فجر وقت گاسليٽ سڙي ختم ٿيڻ تائين ٻرندا رھندا ھئا ـ ھُو شمعدانن جا شيشا به باقاعدگيءَ سان صاف ڪندو ھو“، عبدالقادر ٻڌايو ـ ڀرين جي چڱي مڙس ۽ سياستدان سيد نورمحمد شاھه جي پارڪ ۾ به شمعدان لڳل ھوندا ھئا جيڪي ھن پنھنجي خرچ تي ھڻايا ھئا ـ
ورھاڱي کان گھڻو اڳ پنھنجي ڦُوھه جوانيءَ ۾ شمعدان ٻارڻ جي شروع ڪيل ڊيوٽي الھڏني ڌوڪيءَ کي 1960 ڌاري ڇڏڻي پئي جڏھن سينيٽري ڪميٽيءَ مان ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو ملڻ تي مقرر ٿيل سيڪريٽريءَ کيس تنگ ڪيو ۽ ھن نوڪري ئي ڇڏي ڏني ـ ”والد صاحب کانپوءِ مون به شمعدان ٻارڻ جو ڪم ڪيو ـ مونکي 1961 ۾ چاليھه رُپيا ماھوار پگھار تي ٽائون ڪميٽيءَ ۾ پٽيوالي جي نوڪري ملي ته مونتي به اھا ذميواري رکي وئي ـ ڪڏھن ڪڏھن منھنجو ڀاءُ يوسف به شمعدان ٻاريندو ھو،“ عبدالقادر ٻڌايو ـ
ڀرين ۾ 1962 يا 1963 ڌاري بجليءَ جا ٿنڀا، تارون ۽ بلب لڳڻ شروع ٿيا ھئا ـ ڀرين جي چڱي مڙس ايم پي اي سيد مراد علي شاھه کي چڱيءَ طرح ياد آھي ته شھر کي بجلي 28 سيپٽمبر 1965 تي ڏني وئي ـ ”بجلي انھيءَ کان اڳ ملي ھا پر سيپٽمبر ۾ ھندستان سان جنگ شروع ٿيڻ ڪري دير ٿي ۽ نيٺ ساڳئي مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ بجلي ملي وئي،“ ھن ٻڌايو ـ
ان وقت تائين گاسليٽ وارا شمعدان ٻرندا رھيا ـ ”جيئن ته ٽائون ڪميٽيءَ وٽ بجليءَ جا بل ڀرڻ جيترو پئسو ڪونه ھو، تنھنڪري ڪجھه وقت ته بجليءَ ھوندي به شمعدان ٻاربا ھئا،“ عبدالقادر چوي ٿو ـ
ڀرين ۾ ڪي جھونا اڃان به حيات آھن جن کان عبدالقادر ڌوڪيءَ جو والد الھڏنو اڄ به نه وسري سگھيو آھي ـ ”اسان کي الھڏنو ڌوڪي اڄ به ياد آھي ـ ھُو روزانو شام ٿيندي ئي شمعدانن جا شيشا صاف ڪرڻ ۽ انھن ۾ گاسليٽ وجھي ٻارڻ لاءِ ڏاڪڻ سميت گھربل سامان کڻي نڪري پوندو ھو ـ حقيقت ۾ ڀريا جي تاريخي ڪردارن منجھان الھڏنو به ھڪ ھو،“ صوفي بزرگ ۽ جھوني استاد سيد فتح علي شاھه ٻڌايو جنھن جو جنم 1940 ۾ ٿيو ھو ـ ساڳي ڳالھه رٽائرڊ استاد غلام حسين عباسي ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ جي رٽائرڊ آفيسر ميمڻ پاڙي جي مظھر ميمڻ به ڪئي جنھن جو جنم 1944 ۾ ٿيو ھو جنھن جو والد مرحوم يار محمد 1960 واري ڏھاڪي ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رھي چُڪو ھو ـ
ڀرين ۾ شمعدانن جي تاريخ جي ثابتي ھتي جنم وٺندڙ سنڌ جي ھڪ وڏي ھستي ديوان ڪوڙيمل چندن مل جي حياتيءَ جو احوال پڙھڻ سان به ملي ٿي، جنھن موجب ھُو رات جو گھٽيءَ ۾ شمعدانن جي روشنيءَ ۾ پڙھندو ھو ـ وڏڙا ٻڌائيندا ھئا ته ديوان ڪوڙومل دريا خان جلباڻِي ڳوٺ ۾ آخوند سليمان جي مڪتب ۾ توڙي پوءِ ڀرين جي اسڪول ۾ ڏينھن جو جيڪو ڪجھه پڙھندو ھو، رات جو شمعدانن جي روشنيءَ ۾ انھيءَ جو دور ڪندو ھو ـ ننڍو ھجڻ ڪري ديوان ڪوڙومل شمعدان جي ٿنڀي ھيـان سِرون رکندو ھو ته جيئن شمعدان جي روشنيءَ جي ويجھو ٿي سگھي ـ ڀرين جو چرنداس ٺاڪرداس گُرسھاڻي، جيڪو ورھاڱي سبب ھندستان لڏي ويو، پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ديوان ڪوڙو مل شھر جي شمعدانن تي به پڙھندو ھو ـ جمال الدين مومن جي ڪتاب ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۾ 1927 جي ڇپيل ڪنھن ڪتاب مان کنيل مضمون ۾ به لکيل آھي ته ديوان ڪوڙو مل سقيم حال ھوندي وقتي طور شھر جي شمعدانن تي پڙھندو ھو ـ

ڀرين جا کير پَيڙا

ميھڙ جي مائَي وانگر ڀرين جاکير پَيڙا به مُلڪان مُلڪ مشھور رھيا آھن ـ مشھور ته ھتان جا سِڱر بوندي ۽ پڪوڙا به ھئا، پر کير پيڙن جي ته ڳالھه ئي ٻي ھئي جيڪي فرمائش تي مختلف ملڪن ڏي موڪليا ويندا ھئا ـ اسان به ننڍي ھوندي کان ڀرين جي پيڙن جي ھاڪ ٻُڌي ۽ جڏھن به ڳوٺ وڃڻ ٿيندو ھو ته پيڙن کائڻ بنا سمجھبو ھو ته ڳوٺ ته ڄڻ گھميوسين ئي ڪونه ـ پيڙا وٺڻ لاءِ به سوير ئي وڃي بيھبو ھو نه ته دير ٿيڻ جي حالت ۾ مايوس موٽڻو پوندو ھو ـ
اڳي ته اسان ڪڏھن ڪونه سوچيو يا ڪنھن کان ڪونه پڇيو ته کير پيڙا ڪير ٿو ٺاھي، ڇو ته اسان جو ڌيان ھوندو ھو پيڙن کائڻ تي، پر ھاڻ جڏھن ڀرين بابت لکڻ شروع ڪيم ته معلوم ڪرڻو پئجي ويو ته ڏيھان ڏيھ ويندڙ ڀرين جي ان سوکڙيءَ جا خالق ڪير ھئا ـ حقيقت ۾ اھي پيڙا ٺاھيندڙ به ڀرين جي تاريخ جا اھم ڪردار آھن جن جو ھتي ذڪر ڪرڻ نھايت ضروري آھي ـ
ڀريا تاريخي طور مالوَندن جو علائقو رھيو آھي جتي نه رُڳو شھر جي رھائشي وسندين اندر چوپائي مال جون لانڍيون ھونديون ھيون پر ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ به جام مالوَند رھندا ھئا جتان تازي کير جي رسد ٿيندي ھئي ـ اڄڪلھه ڀرين ۾ تازي کير جي اڻھوند آھي ڇو ته مالوند سمورو کير ڊيئري ڪمپنين کي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا ـ پراڻي زماني ۾ انھن ڪمپنين جو وجود ئي ڪونه ھو تنھنڪري مائو، پيڙا ۽ ٻيون مٺايون ٺاھڻ لاءِ کير جي اڻھوند وارو مسئلو ئي ڪونه ھوندو ھو ـ
ڀرين ۾ کير پيڙا ٺاھڻ جي تاريخ به پاڪستان ٺھڻ کان گھڻو اڳ جي آھي جڏھن ھتي ديوان وڏي تعداد ۾ رھندا ھئا ۽ ھتان جي شاھي بازار ۾ سندن ڪاروبار جي ڪري وڏي رونق ھوندي ھئي ـ ڀريا جي پيڙن جو ذڪر ھندستان جي مشھور سنڌي اديب سرڳواسي گوبند مالھيءَ به پنھنجي ڪتاب ”سنڌڙي منھنجي جندڙي“ جي پھرين ڀاڱي ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ ۾ ڪيو آھي، جنھن جو اباڻو شھر ٺاروشاھه آھي ـ گوبند مالھي لکي ٿو ته ”مائي جا پيڙا ته وري ڀرين جا مشھور ھئا، خاص طور کودڙي حلوائيءَ جا ـ ھن جي سنگن واري مصري به مشھور ھئي ـ مڱڻي ۾ مصري سڄي ساھتيءَ ۾ ھن جي ھلندي ھئي ـ “
گوبند مالھيءَ ڀرين جي ڪاروبار تي ريلوي سرشتي جي ناڪاري اثر جو به ذڪر ڪيو آھي جنھن سان پيڙن جو ڪاروبار به متاثر ٿيو ھو ـ ”پڊ عيدن _ محرابپور ريلوي لائين پوڻ ۽ ٺاروشاھه کان سڪرنڊ تائين ريل جاري ٿيڻ ڪري ڀريا ڀينگ ٿي وئي ـ کودڙو به وڃي ساسين سکالي ٿيو ـ ڀولو، جيڪو ڪنھن وقت ھن وٽ پيڙا ٻڌندو ھو، تنھن به اچي ٺاروشاھه ۾ شاھي بازار جي منھن وٽ منھنجي سائوٽي چاچي ڏيپچند کان ھڪ دڪان مسواڙ تي وٺي کير ڪاڙھڻ، مائو ٺاھڻ ۽ ان مان پيڙا ٻڌڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو“ ھو لکي ٿوـ
پر حقيقت ھيءَ آھي ته ڀولوءَ جي ٺاروشاھه لڏي وڃڻ سان ڀرين ۾ پيڙن ٺاھڻ جو ڪاروبار بند ڪونه ٿي ويو ـ ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي لکيل ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ موجب 1922 ۾ ٺاروشاھه کان سڪرنڊ تائين ريل جو رستو جاري ٿيو، جنھن جو مطلب ته گوبند مالھيءَ جنھن کودڙي حلوائيءَ جو ٺاروشاھه لڏي وڃڻ جو ذڪر ڪيو آھي، اھو ايترو پراڻو ھو ـ ڀريا ۾ ان کانپوءِ به حلوائي موجود رھيا جن ۾ اُتان جا ھندو به شامل ھئا ـ اھڙي ئي ھڪ حلوائيءَ کان واحد بخش ميمڻ به حلوائڪو ڪم سکيو جڏھن ته سندس سھرو محمد صفر ميمڻ به اھو ئي ڪم ڪندو ھو ـ ”اسان اصل نوشھري فيروز جا ويٺل ھئاسين جتان پاڪستان ٺھڻ کان گھڻو اڳ منھنجو والد لڏي اچي ڀريا ۾ ويٺو ۽ اُتي ئي شادي به ڪيائين ـ بابا پنھنجي روزگار لاءِ ٽانگو به ھلايو ۽ ھندن واري زماني ۾ڳوٺ جي ڪوڙو مل چندن مل اسڪول ۾ پٽيوالي جي نوڪري به ڪئي، پر پوءِ ٺاروشاھه جي ھڪ ديوان کان حلوائڪو ڪم سکي پيڙن ۽ حلوي جو دُڪان کوليائين ـ ٺاروشاھه جي ديوان جو ڀريا ۾ پيڙن جو ڌنڌو ھو،“ فقير حبيب الله ميمڻ ٻڌايو، جنھن سندس والد جي وفات کانپوءِ اھو ڪاروبار سنڀاليو ھو ـ
”ڀريا ۾ ٺاروشاھه وڃڻ واري بس اسٽاپ وٽ سيد نورمحمد شاھه چار دڪان ٺھرايا ھئا، جن مان ھڪ ۾ اسان جو حلوائڪو دڪان ھو،“ ھن ٻڌايو ـ ”منھنجي ننڍپڻ ۾ ئي بابا گذاري ويو، پر منھنجي نانا محمد صفر جو به حلوائڪو دڪان ڀريا جي بازار ۾ھو، جنھنڪري اسان به اھو ئي ڪم جاري رکيو ـ نانو صرف پيڙا ٺاھيندو ھو ۽ اسان جي دڪان تي پيڙا ۽ حلوو ٺھندا ھئا ـ“
سال 1951 ۾ جنم وٺندڙ فقير حبيب الله جو والد 1958 ۾ پنجاھه کن ورھين جي عمر ۾ گذاري ويو ـ سال 1966 کانپوءِ ھنن پيڙن ٺاھڻ سان گڏ ريزڪي دُڪان کوليو ۽ نيٺ ڪجھه ورھيه اڳ پيڙن جو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو ـ ”اڳي پنھنجون مينھون به ھونديون ھيون ته وڌيڪ گھربل کير به سولو ۽ سستو ملندو ھو ـ مھانگائي ٿيندي وئي ته پيڙن جو ڪاروبار به متاثر ٿيندو ويو ـ اُڻويھه سئو سٺ واري ڏھاڪي ۾ کير چار آنا لِٽر ملندو ھو ۽ اسان پيڙن جو ھڪ ڪِلو ٽن رُپين ۾ وڪڻندا ھئاسين ـ سال 1970 واري ڏھاڪي ۾ رُپئي جو مُلھه ڪِرڻ شروع ٿيو ته ھر شئي مھانگي ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ پيڙا به وِيھه رُپيا في ڪلو وڪڻڻ لڳاسين ـ ھاڻي ته کير به سولو ڪونه ٿو ملي ته خرچ به وڌي ويا آھن ۽ نتيجي ۾ پيڙن جو ھڪ ڪلو 600 رُپين ۾ وڪامي ٿو،“ حبيب الله ٻڌايو ـ ”اڳي روزانو پندرھن کان ويھه ڪلو پيڙا وڪرو ٿيندا ھئا ۽ اسان فائدي ۾ ھوندا ھئاسين ـ اڳي نج کير ھوندو ھو جنھن ۾ کنڊ وجھي ڪاڙھي مائو ٺاھي ان مان پيڙا ٺاھبا ھئا جيڪي ٻن ٻن مھينن تائين خراب ڪونه ٿيندا ھئا پر ھاڻي کير به صحيح ڪونھي جنھنڪري پيڙا گھڻو وقت نٿا رکي سگھجن ـ“
”اسان جي پيڙن جي ڪاروبار کي ڇڏڻ کانپوءِ اسان جي خاندان جي شاگرد يعقوب ڪيرئي ۽ پوءِ سندس پونئيرن پيڙن جو ڪاروبار جاري رکيو آھي“، حبيب الله ٻڌايو ـ
ڀرين جي پيڙن جي ڏيھان ڏيھه ھاڪ بابت فقير حبيب الله ٻڌايو ته وٽن پيڙن لاءِ ڏيساور مان فرمائشون اينديون ھيون ـ ”ھتان جو ڊاڪٽر شھاب پيڙا ٺھرائي آمريڪا کڻي ويندو ھو ۽ مقامي ھندو زميندار ٽھلرام به اڪثر ھندستان ويندو رھندو ھو ته پيڙا وٺي ويندو ھو ـ ڀرين جي پيڙن جي فرمائش سعودي عرب ۽ دبئيءَ مان به ٿيندي ھئي ۽ ڏيساور موڪلڻ لاءِ پيڙن جي پئڪنگ پِيش مان ٺھيل ڇٻين ۾ ڪئي ويندي ھئي ته جيئن اھي نه ڀڄن ڀُرن ۽ تازا به رھن ـ“
ڀريا جي پيڙن جي اھميت جون ڳالھيون اتي ئي ختم نٿيون ٿين ـ ”جڏھن محترما بينظير ڀُٽو بلاول کي جنم ڏنو ھو، تڏھن به ان خوشيءَ ۾ ڀريا جا پيڙا وڏين شخصيتن ڏانھن موڪليا ويا ھئا،“ حبيب الله چيو ۽ وڌيڪ ٻڌايو ته سيد مراد علي شاھه جي معرفت ٻه مڻ پيڙا ٺاھي بينظير صاحبه ڏانھن موڪليا ويا ھئا ـ پيڙن جو آرڊر به سيد مراد علي شاھه ڏنو ھو ـ بھرحال سيد مراد علي شاھه ان جي ترديد ڪندي چوي ٿو ته ھن بلاول جي ڄمڻ تي پيڙا ڪونه ٺھرايا ھئا بلڪ مختلف موقعن تي پيڙا ٺھرائي دوستن يارن کي سوکڙيءَ طور موڪليندو رھيو آھي ـ
ڀريا جي پيڙن جي باري ۾ ھيءَ حقيقت به شايد گھڻن ماڻھن لاءِ حيران ڪندڙ ھوندي ته انھن پيڙن جو ذڪر درسي ڪتابن ۾ به ھوندو ھو ـ ”مان جڏھن ڪوڙي مل چندن مل جي ڪوششن سان ڀريا ۾ قائم ٿيل پرائمري اسڪول ۾ پڙھندو ھئس ته ان وقت درسي ڪتابن ۾ ڀريا جي پيڙن جو ھڪ سبق ھوندو ھو ـ اھو سبق ٽئين درجي جي ڪتاب ۾ نوشھري فيروز جي جاگرافيءَ ۾ شامل ڪيو ويو ھو،“ حبيب الله ٻڌايو ـ
فقير حبيب الله جي ڳالھه جي پڪ ڀريا جي جھوني استاد ۽ صوفي بزرگ سيد فتح علي شاھه به ڪئي جنھن ٻڌايو ته نوشھري فيروز تعلقي بابت سبق ۾ تعلقي جي مختلف شھرن ۽ اُتي جي مصنوعات جي احوال ۾ ٺاروشاھه جي نارنگين ۽ ڀرين جي کير پيڙن جو خاص طور ذڪر ڪيل ھوندو ھو ـ ”ڀرين جي کير پيڙن جي خاص ڳالھه ھيءَ ھئي ته اھي مختلف قسمن جا ھوندا ھئا ـ ھڪڙا عام پيڙا، ٻيا وري گھڻو ڀُڳل مائي جا پيڙا ۽ ٽيان خاص فرمائش وارا پيڙا جن ۾ قيصر پيل ھوندي ھئي جنھنڪري اھي مھانگا ھوندا ھئا ـ عام پيڙن تي به بادام ۽ پستن جو چُورو پيل ھوندو ھو،“ فتح علي شاھه ٻڌايو ـ
پاڪستان کان گھڻو اڳ ڀرين جي اھا مشھور مٺائي ٺاھڻ جو سلسلو اڄ به جاري آھي ـ
جڏھن ڀرين جي کير پيڙن جو ذڪر ٿيندو ته ھتان جي سِڱر بونديءَ ۽ پڪوڙن کي ڪيئن ٿو ڪير وساري سگھي ـ ورھاڱي کان اڳ ته ھتي مٺاين جا دُڪان ھيا پر جڏھن ھتان جا ديوان ھليا ويا ته ھندستان مان لڏي آيلن اھو خال ڀريو جن مان ھڪ شخص محمد شريف ولد محمد ديوان راجپوت ڀرين جي بازار ۾ سڱر بونديءَ جو دڪان کوليو ھو جتي ٺاھيل مال ھُو وري شام ڌاري تاج محل سئنيما جي ٻاھران اسٽال تي به اچي رکندو ھو ـ اھو سلسلو اڄ به محمد شريف مرحوم جو پُٽ محمد اسلم جاري رکيو اچي ـ محمد اسلم جو چوڻ آھي ته سندس والد محمد شريف ٽن ورھين جو ھو جڏھن ورھاڱو ٿيو ۽ پنھنجي والد سان گڏ ھتي آيو ۽ وڏو ٿيڻ تي پيءُ سان گڏ مٺائيءَ جي دڪان تي لڳي ويو ـ
ھڪ ٻيو ڪردار ھو چاچو خميسو جنھن ڀرين جي سئنيما جي ڏکڻ ۾ ٺاروشاھه ويندڙ دڳ جي مُنڍ ۾ پڪوڙن جو دُڪان کوليو ھو، جتي ھر قسم جا پڪوڙا، بِھهَ، گوشت جا پڪل ٽُڪر وغيره ملندا ھئا ۽ اھي ايترو ته مشھور ٿيا جو قومي شاھراھه تي سفر ڪندڙ ماڻھو خاص طور اتي اسٽاپ ڪري پڪوڙن ۽ ٻين پسند جي شين جو آرڊر ڏيندا ھئا ـ شھر جي ماڻھن لاءِ ته چاچي خميسي جي پڪوڙن ۽ گوشت جي ٽُڪرن جي روزاني خريداري ھڪ روايت بڻجي وئي ھئي ـ ڀرين ۾ پڪوڙا اڄ به ٺھن ٿا پر چاچي خميسي مرحوم جي پڪوڙن سان ڪير پُڄي ـ

ڀرين ۾ سئنيما جو عروج ۽ زوال

ڀرين جي تاج محل سئنيما ته ويھارو سال ٿيڻ وارا آھن ته بند ٿي چُڪي آھي پر انھيءَ سان لاڳاپيل گھڻيون يادون اڄ به تازيون آھن ـ مرحوم سيد نور مُحمد شاھه جي قائم ڪيل ھيءَ سئنيما ڪنھن زماني ۾ بنا ڇت جي ھوندي ھئي جنھن ۾ پروجيڪٽر روم جي آڏو ڪجھه مٿانھينءَ تي ٻه گئلريون ھونديون ھيون _ ھڪ اولھه پاسي زناني گئلري ۽ ٻي اوڀر پاسي سئنيما جي مين گيٽ واري پاسي کان مرداڻي گئلري ـ ان کانپوءِ ٿورو ھيٺ ڀرو فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڪلاس وارن لاءِ ڪاٺ جون بئنچون لڳل ھونديون ھيون ـ ٿرڊ ڪلاس وارن جي جاءِ پردي جي بلڪل ويجھو ھوندي ھئي ـ سئنيما ھال ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج ڇھه سئو ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش ھوندي ھئي ـ سئنيما جي اوڀر واري پاسي وڏي گيٽ کان اندر لنگھبو ھو ته ساڄي پاسي ٽڪيٽن وارو ڪمرو ۽ کاٻي پاسي مئنيجر جي آفيس ھوندي ھئي ـ انھيءَ عمارت جي مٿان اوڀر مُنھن ھر نئين فلم جو وڏو پوسٽر لڳل ھوندو ھو جيڪو پري کان پڙھي سگھبو ھو ـ ٽڪيٽ گھر ۽ مئنيجر جي آفيس جي آڏو خالي پڌر کانپوءِ ڇٻر ۽ گُلن جو ڪجھه ٽُڪر ھوندو ھو ـ پروجيڪٽر رُوم ۾ داخل ٿيڻ جو در ڏکڻ پاسي ۽ مرداڻي گئلريءَ ۾ وڃڻ وارا ڏاڪا توڙي ھال جي مختلف ڪلاسن ۾ وڃڻ جا در اوڀر پاسي ھوندا ھئا ـ زناني گئلريءَ ۾ وڃڻ لاءِ در ۽ ڏاڪا اولھه پاسي ھوندا ھئا، جتان شھر جون عورتون مختلف گھٽين مان اينديون وينديون ھيون ۽ بيپردگي به ڪانه ٿيندي ھئي ـ ميمڻن جي پاڙي جون عورتون جنھن گھٽيءَ مان اينديون ھيون، اُھا ٽھلرام (حشو ڪيولراماڻيءَ جو والد نه) جي گھر آڏو لنگھندي ھئي ـ سئنيما جي ٻاھران اوڀر پاسي دڪانن جي قطار ۽ سِڱر بوندي ۽ ٻين مٺاين ۽ پڪوڙن جا گاڏا بيٺل ھوندا ھئا ـ ڀرين ۾ وِندر وِرونھن جو ٻيو ڪو وسيلو نه ھجڻ ڪري نه رُڳو شھر پر ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻھو به ڪم ڪارين توڙي ٻني ٻاري جي ڪمن مان واندا ٿي شام ٽاڻي سئنيما تي اچي ڳاھٽ ٿيندا ھئا ـ ڪيترائي ماڻھو فلم شروع ٿيڻ جي وقت تائين ڀرپاسي جي ھوٽلن تي ويٺا چانھيون پيئندا ھئا ـ فلم جو شو ختم ٿيڻ تائين.ڀرين ۾ ڄڻ ته وڏي رونق لڳي پئي ھوندي ھئي ـ
شروع ۾ ته تاج محل سئنيما اوپن ايئر ھئي ۽ سج لٿي کانپوءِ فلم جو ھڪ شو ٿيندو ھو پر اڳتي ھلي عيد يا ٻين ڪن خاص موقعن تي سئنيما جي مٿان شامياني وانگر ٿُلھو ڪارو ڪپڙو ڏئي ھڪ کان وڌيڪ شو ھلايا ويندا ھئا ـ اڃان به اڳتي ھلي سئنيما تي مستقل ڇت وجھرائي وئي جنھن کانپوءِ ڏينھن جو توڙي برساتن وسندي به فلمن جا شو جاري رھندا ھئا ـ جڏھن به ڪا نئين فلم ايندي ھئي ته ٽانگي تي فلم جو پوسٽر رکي لائوڊ اسپيڪر ذريعي سڄي شھر ۾ نئين فلم جو پڙھو گھمايو ويندو ھو ـ فلم جو پڙھو به ڄڻ ته شھر وارن لاءِ وڏي وندر ھئي ڇو ته مايون توڙي ٻار به درن تي گڏ ٿي پڙھو ٻڌندا ھئا ـ اڳي رُپئي جو مُلھه به ھو ته سئنيما جي ٽڪيٽ به ان حساب سان گھٽ ھئي ـ ننڍي ھوندي جي سانڀر موجب ھڪ رُپيو ٽڪيٽ ھوندي ھئي جيڪا پوءِ ٻن اڍائي رُپين ۽ پوءِ ڪجھه وڌيڪ تائين پھتي ـ سيد گھراڻي سان دُعا سلام وارن ماڻھن لاءِ ته ٽڪيٽ لازمي ڪانه ھوندي ھئي بلڪ انھن فئملين کي ھر نئين فلم ڏسڻ لاءِ دعوت ڏئي گھرايو ويندو ھو ـ ان کانپوءِ به جيڪڏھن ڪو واقفڪار فلم ڏسڻ ويندو ھو ته صرف ٽيڪس جا چار آنا ڀرڻا پوندا ھئا ـ
ڀرين ۾ سئنيما 1953 ۾ قائم ٿي ۽ انھيءَ کان اڳ ھتان جا ماڻھو ٽانگن تي چڙھي ٺاروشاھه جي سئنيما ۾ فلم ڏسڻ ويندا ھئا ـ ٺاروشاھه ۾ سئنيما ڪنھن مُھاجر جي ھئي جنھن کان پوءِ اُھا ڏھراجن خريد ڪئي ھئي ـ پر جڏھن ڀرين جي تاج محل سئنيما شروع ٿي ته ٺاروشاھه وڃڻ جو سلسلو بند ٿي ويو ـ جيتوڻيڪ ڪجھه ماڻھن جو خيال ھو ته ڀرين ۾ سئنيما ڪانه ھلندي ۽ بقول سندن ھتي سئنيما ھلائڻ لاءِ گھربل ماڻھو به ڪونه ملندا، پر سئنيما ھلي پئي ۽ مقامي ماڻھو گھڻو خوش ٿيا ڇو ته کين پنھنجي ئي شھر ۾ وندر جو وسيلو ملي ويو ھو ـ
ڀرين ۾ پھرين فلم پھرين جُون 1953 تي لڳي ۽ اُھا ھئي باليووڊ جي فلم ”ديدار“ جنھن ۾ دليپ ڪمار، نرگس ۽ اشوڪ ڪمار مُکيه اداڪار ھئا ـ ھر نئين فلم گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڏينھن ھلندي ھئي پر ڪي فلمون ماڻھن کي گھڻو پسند ھجڻ ڪري وڌيڪ ڏينھن به ھلنديون ھيون ـ تاج محل سئنيما جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏينھن ھلندڙ فلم ھئي ”ڀائي ڀائي“ جيڪا پڻ باليووڊ جي فلم ھئي جنھن ۾ اشوڪ ڪمار ۽ سندس ڀاءُ ڪشور ڪمار (مشھور سنگيت ڪلاڪار) مُکيه اداڪار ھئا ـ ھيءَ فلم 1956 ۾ ٺھي ھئي جنھن جا گانا ”اس دنيا ۾ سب چور چور، ڪوئي ڇوٽا چور ڪوئي بڙا چور“، ”اي دل مجھي بتادي تُو ڪِس پي آگيا ھي،“ ”شرابي جا جا جا“، ”ميرا نام عبدالرحمان“ ۽ ڪجھه ٻيا گانا تمام گھڻو مشھور ٿيا ھئا ـ ھيءَ فلم ٽي ھفتا ھلي ھئي ۽ انھيءَ کانپوءِ ٻئي نمبر تي يارھن ڏينھن ھلندڙ پاڪستاني اردو فلم ”سسئي“ ھئي جنھن ۾ اداڪار سُڌير ۽ صبيحه ھيرو ھيروئن ھئا ـ ٽئين نمبر تي سنڌي فلم ”عمر ماروي“ ھئي جيڪا ڏھه ڏينھن ھلي ـ ھتي ڪاميابيءَ سان وڌيڪ ڏينھن ھلندڙ فلمن ۾ ھڪ حج بابت فلم ”ديارِپيغمبران“ به ھئي جيڪا ڪراچيءَ ۾ ته بزنيس نه ڪري سگھي پر ڀرين ۾ گھڻو پسند ڪئي وئي ۽ انھيءَ جي ڪري ھتي ان فلم جا ليڊيز لاءِ خاص ٻه شو ھلايا ويا ھئا ـ اداڪار محمد علي ۽ شميم آرا جي فلم ”آگ ڪا دريا“ به ھتي گھڻو پسند ڪئي وئي ۽ ڪافي ڏينھن ھلي ـ ھندستاني فلمون اچڻ 1965 جي جنگ کانپوءِ بند ٿي ويون ھيون، جنھن بعد رُڳو پاڪستاني فلمون ھلڻ لڳيون جن ۾ اردو، پنجابي ۽ سنڌي فلمون شامل ھونديون ھيون ـ آمر جنرل ضياءَ جي زماني ۾ وري ھڪ ھندستاني فلم ”نورجھان“ لاءِ پاڪستان ۾ نمائش جي اجازت ملي ته اھا به ڀرين جي سئنيما ۾ ھلائي وئي ـ ڪڏھن ڪڏھن ڪا انگريزي فلم به ھلندي ھئي پر اھي فلمون ڪو گھڻو بزنيس نه ڪري سگھنديون ھيون ـ
ڀرين واري سئنيما جي ڪاميابيءَ کانپوءِ مرحوم سيد نور محمد شاھه 1959 ۾ ٺاروشاھه ۾ به ھڪ سئنيما لڳائي جنھن جو نالو ھو ”نُور محل“ ۽ پوءِ سندس فرزند سيد مُراد علي شاھه به سئنيمائن جي بزنيس ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ته ڪنڊياري ۾ ”وِينَس“ سئنيما خريد ڪئي وئي ـ انھيءَ کانپوءِ دريا خان مريءَ ۾ ”ناز“، پڊعيدن ۾ ”مھراڻ“ ۽ نوابشاھه ۾ ”ريگل“ جي نالي سان سئنيما لڳائي وئي ـ اھي سموريون سئنيمائون پھريائين بنا ڇت ھيون پر گھڻو پوءِ انھن تي ڇت وجھرائي وئي، پر اھڙي نموني جو فلمن جا شو متاثر نه ٿيا ۽ صرف ٽن ڏينھن لاءِ سئنيمائون بند ڪيون ويون ـ سئنيمائن جو اوج تڏھن ختم ٿيڻ لڳو جڏھن مارڪيٽ ۾ وي سي آر اچي ويون ۽ ماڻھن گھر ۾ ويھي فلمون ڏسڻ شروع ڪيون ـ ڀرين توڙي ٻين سئنيمائن کي اڳي ھڪ ٻن سالن لاءِ ٿورو نقصان ۾ ھلڻو پيو جڏھن سرڪار ٽيڪس وڌايو ھو، پر وي سي آر ھڻي انھن جي چيلھه ڀڃي ڇڏي ۽ نيٺ انھن کي بند ڪيو ويو جيئن ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ ٿيو ـ جڏھن ھتي سئنيما شروع ٿي ته ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ ڇھه آنا، سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ ٻارھن آنا، فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ھڪ رُپيو ۽ گئلريءَ جي ٽڪيٽ ڏيڍ رُپيو ھوندي ھئي ـ تاج محل سئنيما جي آخري ورھين ۾ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ ڏھه رُپين تائين پھتي جيڪا عيد يا ڪِن خاص موقعن تي پندرھن رُپيا ڪئي ويندي ھئي ـ آخري ورھين ۾ فلم ڏسندڙن جو تعداد ايترو ته گھٽجي ويو جو روزانو ھڪ ھزار رُپين جي حساب سان مھيني جو خرچ ٽيھه ھزار پر آمدني ارڙھن ھزار ٿيندي ھئي ـ ڀرين جي تاج محل سئنيما ۾ آخري فلم پنجابي ٻوليءَ جي ”جَگ دا ميلا“ سال 2000 ۾ ھلائي وئي ـ سيد مراد علي شاھه نوابشاھه واري سئنيما ته وڪڻي ڇڏي پر باقي پنج سئنيمائون اڄ به بند پيون آھن ـ
سيد مُراد علي شاھه جو زمينداري ۽ صنعتڪاريءَ سان گڏوگڏ سئنيما ۽ فلمن سان ايترو چاھه ھو جو ھن پنھنجي حويليءَ ۾ الڳ ھڪ ننڍي سئنيما قائم ڪئي جنھن ۾ پنجونجاھه سيٽن جو انتظام ھو ۽ ان سئنيما ۾ فلم به پاڻ ھلائيندو ھو ـ شاھه صاحب نه رُڳو پنھنجي فئمليءَ سان اُتي فلمون ڏسندو ھو پر اڪثر شھر جي معزز ماڻھن جي فئملين کي به اُتي فلم ڏسڻ جي دعوت ڏني ويندي ھئي ـ ڪڏھن ڪڏھن ته حويليءَ اندر کليل اڱڻ تي وڏو پردو ھڻي پروجيڪٽر ذريعي فلم ھلائي ويندي ھئي جنھن لاءِ وڏي تعداد ۾ واسطي وارين فئملين کي دعوت ڏني ويندي ھئي ـ ھڪ ڀيري اُتي ھندستان جي مشھور فلم ”تانسين“ به ھلائي وئي ـ
سيد مُراد علي شاھه وٽ فلمن جي تمام وڏي لائبريري ھئي جن ۾ پراڻي زماني جون خاموش فلمون به شامل ھيون ـ وقت گذرڻ سان گڏ پراڻي زماني وارا فلمن جا رول رکي رکي ڳري ختم ٿي ويا پر ھن پنھنجي شوق خاطر ڊي وي ڊي ۽ ھارڊ ڊسڪن ۾ فلمن جي وڏي لائبريري اڄ به محفوظ رکي آھي ـ
سئنيمائن ۽ فلمن سان دلچسپيءَ سبب شاھه صاحب جو واسطو نه رُڳو فلم ڊسٽريبيوٽرن پر فلمي اداڪارن، موسيقارن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻھن سان به پوندو رھيو ۽ اھوئي ڪارڻ ھو جو ڀرين ۾ توڙي ڪراچيءَ ۾ وٽس اداڪارن ۽ اداڪارائن جو اچڻ وڃڻ ھوندو ھو ـ ڪن فلمن جي شُوٽنگ سندن ڪراچيءَ واري بنگلي تي به ٿي ته ھڪ اڌ فلم جي شُوٽنگ ڀرين ۾ به ٿي ـ ڪراچيءَ واري بنگلي تي فلم جي شُوٽنگ ۾ اداڪار محمد علي ۽ شبنم حصو ورتو ھو ـ اداڪاره شبنم کي سنڌي کاڌا ڏاڍا وڻيا ھئا ۽ شاھه صاحب کي چيو ھئائين ته اھڙا لذيذ کاڌا ھن پنھنجي سڄي حياتيءَ ۾ ڪڏھن ڪونه کاڌا ھئا ـ ڀرين ۾ شُوٽنگ لاءِ وري اداڪارا نِشو ۽ قربان جيلاني آيا ھئا ۽ ڏھه يارھن ڏينھن مھمان ھئا جن کي ڏسڻ لاءِ دادو ۽ ٻين پري پري جي علائقن مان ماڻھو ايندا ھئا ـ انھيءَ زماني ۾ سندن مھمانيءَ تي شاھه صاحب جو اسي ھزار رُپين جو خرچ اچي ويو ھو ـ ڪجھه ٻيا اداڪار به ڀريا ۾ آيا ھئا ـ
ملڪه ترنم نورجھان به ڀرين ۾ اچڻ گھريو ٿي ـ ھوءَ 1985 واري سندس وزارت جي زماني ۾ ڪراچيءَ جي ھڪ فائيو اسٽار ھوٽل ۾ ترسيل ھئي ته شاھه صاحب کيس پلا کارايا ھئا ـ نورجھان کيس چيو ته ”توھان پنھنجي پُٽن جي خوشي ڪندو ته مان پورو ھفتو ڀرين ۾ اچي بنا پئسي جي ڳائينديس ـ“
اڄ ڀريا شھر جون اُھي رونقون جيڪي سئنيما ۽ فلمن جي ڪري ھيون، اُجڙي چُڪيون آھن ـ ملڪ جي فلمي صنعت ۾ به گھڻو چاڙھو ڪونھي ـ وڏي وقت جي ماٺار کانپوءِ ڪجھه فلمون ٺھي رھيون آھن پر وڏن شھرن ۾ قائم ڊجٽل سئنيمائن تائين محدود آھن ـ سيد مُراد علي شاھه جو خيال آھي ته ڀرين ۾ اھڙي جديد سئنيما ڪامياب ويندي پر ان جي قائم ڪرڻ جو خرچ ڪروڙن ۾ آھي ـ

واپار، صنعت، زراعت ۽ آبپاشي

ڀرين جي موجوده زراعت ۽ وڻج واپار حقيقت ۾ سوين سالن جي قديم معاشي سرگرمين جي تاريخ جو تسلسل آھي ـ گذريل 29 ورھين کان ڀرين کي نوشھري فيروز جي ھڪ تعلقي جي حيثيت حاصل آھي جنھنڪري ڀرپاسي جا ڪيترائي شھر ۽ وستيون واھڻ انتظامي طور ان جي حدن ۾ آھن، پر واپار ۽ زراعت جي لحاظ کان ڀريا توڙي اھي علائقا تاريخي طور ھڪٻئي سان واڳيل رھيا آھن ـ جيئن انگريز واپاري نِير ۽ ٻيون شيون خريدڻ لاءِ ھن علائقي ۾ ايندا ھئا، تيئن اڄ به ملڪ جي مختلف ھنڌن تان ڪاروباري ماڻھو ھتي ڪَھي اچن ٿا يا پنھنجي گماشتن ذريعي لھه وچڙ ۾ اچن ٿا ـ
ھتان جي واپار ۾ وڏو حصو زرعي جنسن يعني اناج، تازن ميوون ۽ ڀاڄين جو آھي ـ ڀرين ۽ آسپاس وڏي ايراضيءَ ۾ ڪڻڪ جو فصل ٿئي ٿو ۽ ھر سال ايتري اُپت ٿئي ٿي جو تعلقي مان وفاقي حڪومت جو ادارو پاڪستان ايگريڪلچر سپلائيز ڪارپوريشن (پاسڪو) ٻه لک ٽن ۽ سنڌ حڪومت جو خوراڪ کاتو اڍائي لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪري ٿو ـ انھيءَ کانسواءِ ڪپھه جو فصل به ٿئي ٿو ـ ھتي دالِي شھر جي نالي ڦٽين جي ھڪ جنس جو ٻج پوکيو وڃي ٿو جنھن جي في ايڪڙ اُپت ھائبرڊ ٻجن کان به وڌيڪ آھي پر انھيءَ ۾ ڌاڳو ٺاھڻ وارو تناسب گھٽ آھي ـ ڀريا روڊ واري علائقي ۾ وري ڪمند جام ٿئي ٿو جنھنڪري اُتي ڪمند مان ڳُڙ ٺاھڻ واري صنعت زور آھي ـ ڀريا روڊ ۾ ھر سال سيپٽمبر کان فبروريءَ تائين ڳُڙ جون پنج ڇھه پِڙيون لڳنديون آھن ـ ھتان جو ڳُڙ ۽ مُستي ايران، افغانستان ۽ انڊيا تائين وڃن ٿا ـ ڳُڙ جي صنعت جي ڪري ھتي مقامي طور اھڙي مشينري به تيار ٿئي ٿي جيڪا ڊيزل جنريٽر ذريعي ھلائي ڳُڙ جي ٻورين کي ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ پھچائي ٿي ـ
ڀرين ۽ ڀرپاسي جي زراعت ۽ زرعي ڪاروبار ۾ ڀاڄين جو به مُکيه حصو آھي ـ ھتي ٽماٽا، واڱڻ، ڀينڊيون ۽ ٻيون سموريون ڀاڄيون اُپايون وڃن ٿيون پر انھن ۾ خاص طور واڱڻ، ڀينڊيون ۽ ڪَدُو ذڪر جوڳيون ڀاڄيون آھن جيڪي ملڪ جي مختلف شھرن ڏانھن موڪليون وڃن ٿيون ـ ڀريا جي اُتر ۾ ٿوري پنڌ تي داليءَ واري علائقي ۾ اعلى قسم جون ڀينڊيون ٿين ٿيون جتان روزانو اُھي وڏي تعداد ۾ ٽرڪن ۾ ڀري حيدرآباد توڙي ٻين شھرن ڏانھن موڪليون وڃن ٿيون ـ واڱڻ به اعلى معيار جا ٿين ٿا جن جو وزن ھڪ ڪلوتائين به ھوندو آھي ـ اھڙي طرح ڪَدُوءَ جو واپار خيبر پختونستان تائين ٿئي ٿو ـ
ڀرين جي اولھه ۾ ٺاروشاھه جو علائقو وري مينديءَ جي ڪري مشھور آھي جتي پنجاھه کن ميندي پيھڻ جا ڪارخانا آھن ـ ٺاروشاھه جي مينديءَ جو روانگي واپار به ٿئي ٿو ـ ٺاروشاھه نارنگين، موسمين ۽ گريپ فروٽ جي باغن ڪارڻ به مشھور آھي جنھن جو ذڪر ھندستان لڏي ويل برک اديب سرڳواسي گوبند مالھيءَ به پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ ۾ ڪيو آھي ـ ٺاروشاھه جو سمورو ڪاروبار 1990 ڌاري ريل گاڏين جي بند ٿيڻ کانپوءِ ڀرين رستي ٿئي ٿو جتي باءِ پاس وٽ گُڊس ٽرانسپورٽ وارن جا اڏا قائم آھن ـ اھڙا اڏا ڀرين شھر جي وچ مان لنگھندڙ قومي شاھراھه تي به آھن ـ ماسٽر چندر جھڙي ڪلاڪار ۽ سنڌيءَ جي ڪن ٻين وڏن اديبن ۽ شاعرن جي جنم ڀومي ٺاروشاھه ۾ انبن جا باغ به جام آھن ـ
ھڪ ڪاٿي موجب ڀرين جي ڀرپاسي ۾ انبن جا 30 کان 35 باغ ۽ زيتونن جا 40 کان 50 باغ آھن ـ انبن جون تمام ڀليون جنسون ھتي ٿين ٿيون ۽ زيتونن جون ته ڪي اھڙيون به جنسون آھن جن جي ميٺاڄ ۽ سواد سان ڪو مقابلو ئي ناھي جڏھن ته بھترين معيار جا سوادي ڪيلا به ٿين ٿا جيڪي ٻاھرين ملڪن ۾ به وڪرو ڪيا وڃن ٿا ـ ڪيلن جي باغن جو تعداد به پنجاھيءَ جي ويجھو آھي ـ ھتي ڀرين ۾ لِيمن جا باغ گھٽ پر ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ وڌيڪ تعداد ۾ آھن ـ
ڀرين، ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪڻڪ جي بھترين فصل ٿيڻ جي ڪري انھيءَ سان لاڳاپيل صنعت به موجود آھي ـ رُڳو ڀريا روڊ ۾ بُھَه جا ويھه ڪارخانا آھن جنھنڪري اُتي بُھَه جون ڳٺڙيون ٺاھڻ وارين مشينن جو به وڏو مارڪيٽ موجود آھي ـ ھتان نه رُڳو ملڪ جي مختلف علائقن کي بُھُه موڪليو وڃي ٿو پر عرب ۽ ٻين ملڪن ڏانھن بُھَه جو روانگي واپار به ٿئي ٿو ڇو ته بُھُه چوپائي مال جي چاري طور استعمال ٿئي ٿو ـ زرعي علائقو ھجڻ ڪري ڀريا روڊ ۾ زراعت لاءِ استعمال ٿيندڙ ھر قسم جي مشينريءَ جو مارڪيٽ آھي جتان ٿريشر ۽ ٻي مشينريءَ جي خريداريءَ لاءِ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن مان به خريدار ايندا آھن ـ زرعي مشينريءَ جي دستيابي ۽ استعمال سبب ڀريا روڊ ۾ مڪينڪ، ويلڊر ۽ ٻيا فني ڪاريگر جام آھن ـ
ڀرين توڙي ڀريا روڊ جي ٻي اھم معاشي سرگرمي چوپائي مال جو ڪاروبار آھي ـ ھن سموري علائقي جا مالوند دريا خان جلباڻي ۽ ڀريا روڊ ۾ ھر ھفتي لڳندڙ وڏين مال پِڙين ۾ چوپايو مال کڻي پھچن ٿا جتي پنجاب ۽ ٻين صوبن جا واپاري به مال خريدڻ ايندا آھن ـ اھڙي طرح ڀريا روڊ اليڪٽرنڪ سامان جو به وڏو مارڪيٽ آھي جتي ان سان لاڳاپيل ڪاريگر به موجود ھوندا آھن ـ ڀريا روڊ جي ڪاروباري اھميت ڪراچيءَ کان پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ڏي ويندڙ مُکيه ريلوي لائين تي ھجڻ جي ڪري آھي جڏھن ته ڀرين شھر جي اھميت قومي شاھراھه تي ھجڻ سبب آھي جنھن سان ھيءُ تاريخي ۽ اھم علائقو سڄي ملڪ سان ڳنڍيل آھي ـ ھن شاھراھه تان روزانو سوين ٽرڪون ۽ بسون ڀريا وٽان لنگھي ڪراچيءَ تائين توڙي ٻين صوبن ڏانھن وڃن ٿيون ـ
ڀرين جي آسپاس ڏھن کان پندرھن مڇيءَ جا فارم به آھن جتان نه رُڳو مڇيءَ جي مقامي کپت جي ضرورت پوري ٿئي ٿي پر اھا ٻين علائقن ڏانھن به موڪلي وڃي ٿي ـ مڇيءَ جا فارم گھڻو ڪري اھڙين زمينن تي قائم ٿيل آھن جيڪي سِم جي ڪري زراعت لاءِ استعمال جوڳيون نه آھن ـ مڇيءَ جي انھن تلائن ۾ بِھَ به ٿيندا آھن جنھن کي سنڌ جي منفرد ۽ لذيذ ڀاڄيءَ طور ڄاتو وڃي ٿو ـ
ڀرين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اڳي کير، مکڻ ۽ ديسي ڪڪڙيون جام ھونديون ھيون جيڪي ماڻھو نه رُڳو پنھنجي گھريلو کپت لاءِ رکندا ھئا پر مقامي ھوٽلن توڙي اوڙي پاڙي ۾ وڪرو به ڪندا ھئا ـ ھاڻي مالوند گھڻو ڪري سمورو کير مختلف ڪمپنين کي ۽ ڪجھه ھوٽلن کي وڪرو ڪن ٿا جڏھن ته ديسي ڪڪڙين پالڻ بدران سمورو زور فارمي ڪڪڙين تي آھي ـ
زراعت لاءِ آبپاشي سرشتو اھميت رکي ٿو ـ پراڻي زماني ۾ ته سنڌو درياھه ڀرين جي ڀرسان ئي وھندو ھو ۽ انھيءَ مان نڪرندڙ واھن ذريعي ھيءُ پرڳڻو سيراب ٿيندو ھو ـ سنڌ تي ڪلھوڙن جي صاحبيءَ ۾ ڪي نوان واھه به کوٽيا ويا جن ۾ نصرت ڪئنال به شامل آھي ـ سنڌ جي ھڪ وڏي محقق ايم ايڇ پنھور موجب ڪلھوڙن جي صاحبيءَ ۾ نورمحمد ڪلھوڙي جي زماني ۾ نصرت چانڊئي اھو ڪئنال کوٽايو ھو ـ اھو واھه گنگام ڍنڍ مان گُل شاھه واري علائقي مان ڪڍيو ويو ھو ـ سنڌو درياھه تڏھن ھن علائقي مان وھندو ھو ـ جڏھن درياھ ۾ ٻوڏ ايندي ھئي ته پاڻي ان ڪئنال ۾ وھي پوندو ھو جنھن کي سدا واھه به سڏيو ويندو ھو ـ سرڪاري دستاويزن ۾ ممڪن آھي ته نصرت ڪئنال لکيل ھجي پر عام طور اھو سدا واھه سڏيو ويندو رھيو آھي ـ ويھين صديءَ ۾ (1932 ۾) جڏھن انگريزن سکر بئراج تعمير ڪيو ۽ انھيءَ مان ڪڍيل روھڙي ڪئنال ھن علائقي مان گذاريو ويو ته ساھتي پرڳڻي جي زراعت جو سمورو دارومدار انھيءَ تي ٿي ويو ـ ڪِن جھونن موجب روھڙي ڪئنال کي شروع ۾ ”سنڌ آباد واھه“ سڏيو ويو ھو ـ روھڙي ڪئنال مان ڪنڊياري وٽان ريگيوليٽر ذريعي نصرت ڪئنال کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو جنھن مان وري سانگي شاخ، ڍِينگو شاخ، پنھواري شاخ ۽ چانھين شاخ نڪرن ٿيون جيڪي ڀريا روڊ ۽ ڀرپاسي جي زمينن کي سيراب ڪن ٿيون ـ چانھين شاخ تي وري ھڪ ٻيو ريگيوليٽر لڳل آھي جتان ٻي شاخ نڪري ٿي ـ چانھين شاخ تي نالو ھڪ تاريخي شھر چانھين منومل جي حوالي سان پيل آھي جيڪو ھندو سنڌين جو وسندڙ شھر ھو جتي اڄ به ھڪ مندر جا کنڊر موجود آھن جنھن ۾ مال جا واڙا ٺھي ويا آھن ـ اڃان به اڳتي گَجُو (گھيڙ گجُو) شاخ آھي جڏھن ته ڀرين واري پاسي روھڙي ڪئنال جي اولھه ۾ ڀريا ڊسٽري علائقي کي سيراب ڪري ٿي جنھن مان به مختلف ھنڌن تان شاخون نڪرن ٿيون ـ ٻين شاخن ۾ ظفر شاھه شاخ، سرھل ھڪ ۽ سرھل ٻه شاخ شامل آھن ـ
انگريزن جي زماني ۾ 1876 ۾ ايڇ ڊبليو ھِيوز جي ڇپيل گزيٽيئر موجب ڀرين جي بازار ۾ ھڪ سئو دُڪان ھوندا ھئا پر ھاڻي اھا بازار ذري گھٽ ڦِٽي وئي آھي ۽ ڪاروباري مرڪز شھر مان لنگھندڙ قومي شاھراھه واري علائقي ۾ ٺھي ويو آھي جتي سَوين دُڪان قائم آھن ـ ڀرين جي مُکيه چونڪ تي بيھي نظر ڪبي ته اُتر ۾ ڪنڊياري ۽ ڏکڻ ۾ نوشھري فيروز ڏانھن ويندڙ شاھراھه توڙي اوڀر ۾ ڀريا روڊ ۽ اولھه ۾ ٺاروشاھه ويندڙ رستي تي دُڪانن جون قطارون نظر اينديون جتي ھر وقت خريدار ڳاھٽ ھوندا ـ ايئن ئي پراڻي تاج محل (بند پيل) سئنيما جي آڏو واري گھٽيءَ توڙي ان ۾ پوندڙ ٻين گھٽين ۾ به دُڪانن جون قطارون آھن ـ پراڻي شاھي بازار ڏانھن ويندڙ گھٽين توڙي مختلف پاڙن ۾ الڳ دُڪان قائم آھن ـ پراڻي بازار ۽ مُکيه ڪاروباري مرڪز وارن علائقن ۾ ھوٽلون به جام آھن ـ
ڪاروباري سرگرمين جي ڪري ھتي بئنڪون به قائم آھن جن ۾ جَي ايس (جميل صديقي JS) بئنڪ، مسلم ڪمرشل بئنڪ، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ جون شاخون شامل آھن ـ اڳي ھتي الائيڊ بئنڪ، حبيب بئنڪ ۽ يونائيٽيڊ بئنڪ جون شاخون به ھيون جيڪي بند ٿي ويون ـ ڪنھن زماني ۾ شھر جي مُکيه ڪاروباري مرڪز وٽ سيدن جو پيٽرول پمپ به ھوندو ھو جيڪو بند ٿي ويو ۽ انھيءَ جي جاءِ تي شاپنگ سينٽر ٺھي ويو ـ
شھر جي وچ ۾ بازار ڏانھن ويندڙ گھٽيءَ ۾ اٽي پيھڻ جو ڪارخانو ھوندو ھو جيڪو ڊيزل تي ھلندو ھو ـ ھاڻي اھو ڪارخانو ته بند ٿي ويو پر اٽڪل ڇھه ٻيا اٽي پيھڻ جا ڪارخانا قائم آھن ـ ٺاروشاھه ويندڙ دڳ تي توڙي ڪن ٻين ھنڌن تي آرا مشينون به لڳل آھن ـ اڄ کان ڪجھه ڏھاڪا اڳ مقامي زميندار عطا محمد ميمڻ داليءَ مان آرا مشين تي ڪاٺ ڪپرائي ڀرين ۾ پنھنجي اوطاق تي ٽماٽن ۽ ٻين ڀاڄين ۽ فروٽ جي پئڪنگ لاءِ کوکا ٺھرائيندو ھو ـ کوکا ٺاھڻ لاءِ پاڙي جا بيروزگار نوجوان ڪم سان لڳل ھوندا ھئا ـ
ڀرين ۾ ڪنڊياري واري دڳ تي برف جو ڪارخانو قائم آھي ـ اھو برف جو ڪارخانو سيد نور محمد شاھه 1956 ۾ نوشھري فيروز جي ڊاڪٽر عبدالخالق ميمڻ کان خريد ڪري ھتي ھڻايو ھو ـ تِن ڏينھن ۾ برف ٽڪي سير وڪامندي ھئي ـ برف ٺاھڻ جا پلانٽ پراڻا ٿي وڃڻ ڪري سيد مراد علي شاھه ٻه سال اڳ (2016 ۾) ساڳي عمارت ۾ ڏيڍ ڪروڙ رُپين جي خرچ سان ٻه نوان پلانٽ ھڻايا آھن ـ سندن ئي ھڪ ڪاٽن جِننگ فيڪٽري ڀريا روڊ واري رستي تي ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ جي پريان ۽ ٻي جننگ فيڪٽري ڀريا روڊ ۾ آھي ـ
ڀرين جي وچ شھر مان ته پيٽرول پمپ ختم ٿي ويو پر قومي شاھراھه تي ڪنڊياري توڙي نوشھري فيروز ڏانھن ويندڙ رستي تي وڏا نوان پيٽرول پمپ قائم ٿي چُڪا آھن جن سان گڏ ريسٽورنٽون به آھن جنھنڪري اُتي ھر ايندڙ ويندڙ بسن، ٽرڪن ۽ ڪارُن جي بيھڻ، چانھه پاڻي ۽ ماني کائڻ جو ڏينھن رات انتظام آھي ـ ھاڻ ته نوشھري واري رستي تي ڀرين کان ھڪ ڪلوميٽر کن پري پيٽرول پمپ سان گڏ ايئرڪنڊيشنڊ ريسٽورنٽ به کُلي آھي ـ ان جي ويجھو ئي نئين گِرڊ اسٽيشن جو ڪم مڪمل ٿي چُڪو آھي ۽ انھيءَ جي سامھون ئي ڀرين جي سيدن جي ھڪ پيٽرول پمپ ۽ ريسٽورنٽ جو ڪم ھلي رھيو آھي ـ
ڀرين ۾ ورھاڱي کان گھڻو اڳ سيد نورمحمد شاھه مرحوم ھوزريءَ جو ڪارخانو به ھڻايو ھو جيڪو پوءِ 1942 ڌاري ٻي مھاڀاري جنگ وقت خام مال ملڻ ۾ ڏکيائيءَ سبب بند ٿي ويو ھو ـ ان ڪارخاني ۾ امپورٽ ٿيل مشينري لڳل ھئي ـ ھتي ٽوال، گنجيون، جوراب ۽ سُئيٽر تيار ٿيندا ھئا ـ ڀرين توڙي تعلقي جي ٻين شھرن ۾ روايتي ڊکڻن ۽ لوھارن جا دُڪان به آھن، پر مشينري ۽ فرنيچر جو مرڪز ڀريا روڊ ۾ آھي ـ

ڀريا ۽ صحافت

ڇھه ست ڏھاڪا اڳ ڀرين ۾ ڪنھن اخباري نمائندي جي ھجڻ جي ته خبر ڪانه ھئي پر 1960 واري ڏھاڪي جي ايتري سانڀر آھي ته ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ڊان سانجھيءَ ڌاري پھچندي ھئي ۽ ايئن ئي سنڌي توڙي اردو اخبارون به دير سان پھچنديون ھيون ـ ڪڏھن ڪڏھن ته اخبارون ٻئي ڏينھن صبح جو گھرن تي ملنديون ھيون ـ ورھاڱي کان اڳ جي اخبارن بابت ته وڏڙا ٻُڌائيندا ھئا ته اخبارون پھچنديون ئي ٻئي ڏينھن ھيون ـ ورھاڱي کان اڳ وارن ڏينھن ۾ سنڌي اخبار الوحيد ڪراچيءَ مان نڪرندي ھئي جنھن لاءِ اھو ئي ٻڌندا ھئاسين ـ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به الوحيد اخبار ھتي پھچندي رھي ۽ پوءِ عبرت، ھلالِ پاڪستان، مھراڻ، آفتاب ۽ ٻيون اخبارون به اچڻ لڳيون ـ انگريزي اخبار ڊان پڙھندڙ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ھوندا ھئا جن ۾ ڀرين جا سيد ۽ آخوند گھراڻا شامل ھئا، تنھنڪري ان جون ٻه ٽي ڪاپيون اينديون ھيون ـ ڪراچيءَ مان ھارون فئمليءَ جو ھڪ ھفتيوار انگريزي رسالو اِلسٽريٽيڊ وِيڪلي آف پاڪستان Illustrated Weekly of Pakistan ڇپجڻ لڳو ته ڀرين جي زميندار سيد امام علي شاھه جي فرزند سيد انور علي شاھه اھو به گھرائڻ شروع ڪيو جيڪو 1958 کان 1962 تائين ايندو رھيو ـ ان رسالي ۾ افغان ۽ ايران جي صورتحال توڙي ٻين عالمي واقعن بابت به تفصيلي رپورٽون ۽ تصويرون ڇپبيون ھيون ـ ايئن ئي 1950 واري ڏھاڪي ۾ انور علي شاھه آمريڪا جو رسالو لائيف مئگزين به گھرائيندو ھو جيڪو ٽپال ۾ سڌو وٽس پھچندو ھو ـ اڳي مواصلات جي ايتري ترقي ڪانه ھئي ۽ اخبارن جا بنڊل ٽرين ۾ چاڙھيا ويندا ھئا جيڪي ھر اسٽيشن تي مقامي ايجنٽ لاھي شھرن ۾ ورھائيندا ھئا ـ تِن ڏينھن ۾ ڀريا روڊ تي صرف ھڪ پئسينجر ٽرين بيھندي ھئي جيڪا صبح جو ڪراچيءَ کان نڪرندي ھئي، تنھنڪري ھتي شام ڌاري اخبارون پھچنديون ھيون ـ ڀرين ۾ ايندڙ اخبارون ڀريا روڊ اسٽيشن تي لاٿيون وينديون ھيون جتان ھاڪر جلباڻي سروس جي بس ۾ يا ٽانگي ۾ ۽ ڪڏھن سائيڪل تي کڻي ڀرين ۾ گھرن تي پھچائيندا ھئا ـ
ڀرين ۾ پھريون اخباري نمائندو محمد صالح ڪيريو (مرحوم) ھو جيڪو حيدرآباد جي اخبار .”عبرت“ جي نمائندگي ڪندو ھو ۽ اخبارون به وڪرو ڪندو ھو ۽ جيئن مٿي ٻڌايل آھي ته ڀريا روڊ اسٽيشن تان بنڊل بس ۾ يا سائيڪل تي کڻي ڀرين ۾ سيد نور محمد شاھه، سيد امام علي شاھه ۽ ٻين گراھڪن جي گھرن تي پھچائيندو ھو ـ اڳتي ھلي اھا ذميواري محمد سومر ڪيرئي سنڀالي ـ سال 1972 کان ڪراچيءَ مان سراج ميمڻ جي ادارت ھيٺ ھلالِ پاڪستان اخبار جديد بنيادن تي نڪرڻ شروع ٿي ـ تمام جلد ان پنھنجي جاءِ ٺـاھي ورتي ۽ ڀرين ۾ به ان جا کوڙ پڙھندڙ پيدا ٿي پيا ـ ھيءَ اخبار پھريائين حيدرآباد مان نڪرندي ھئي جنھن جو ايڊيٽر شيخ علي محمد ھوندو ھو پر پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب اُھا خريد ڪئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان طور ان کي ڪراچيءَ مان شائع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو ـ ڪراچيءَ ۾ ان لاءِ جديد پرنٽنگ پريس لڳائي وئي ھئي ـ جڏھن جنرل ضياءَ جي مارشل لا لڳي ته ھن اخبار جي سموري سنڌ جيان ڀرين ۾ به گھرج وڌي وئي جو فوجي حڪومت خلاف ان ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو ھو ـ
انھيءَ زماني ۾ ھتي اخباري نمائندن جو انگ وڌڻ لڳو ـ حيدرآباد مان شيخ علي محمد مرحوم ”آفتاب“ نالي سان اخبار شروع ڪئي ته 1980 ۾ بخشل جماڻي انھيءَ جو نمائندو ٿيو جنھن کانپوءِ پنڃل ڪلھوڙي نمائندگي ورتي ـ انھن ڏينھن ۾ آفتاب اخبار چڱي ھلندي ھئي ۽ ڀرين جي ويجھو داليءَ جھڙي ننڍي شھر ۾ ئي انھيءَ جون چاليھه پنجاھه ڪاپيون وڪرو ٿينديون ھيون ـ ھي اھي ڏينھن ھئا جڏھن قومي شاھراھه تي خانگي بسون چڱي تعداد ۾ ھلڻ لڳيون ھيون ۽ اخبارن جا بنڊل بسن ۾ چاڙھي موڪليا ويندا ھئا ـ انھن ئي ڏينھن ۾ ڪراچيءَ جي اردو اخبار امن لاءِ نوشھري فيروز جو امان الله قريشي ڀرين ۾ نمائندو ٿي ڪم ڪندو ھو ڇو ته ڀرين ۾ تاج محل سئنيما ڀرسان سندس فوٽوگرافيءَ جو دُڪان ھوندو ھو ـ بعد ۾ ھن اھا نمائندگي غلام سرور راجپوت کي ڏياري جيڪو بجليءَ جي پکن جو مستري ھو ـ وقت گذرندي ڪجھه وڌيڪ ماڻھو ھن شعبي ۾ ايندا ويا جن ۾ دالي شريف جو رھواسي مير محمد سھتو به شامل ھو ـ سال 1996 کان آيل مير محمد سھتي 1999 ۾ حيدرآباد جي اخبار ڪاوش لاءِ ڀرين ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ اڄ تائين ڪاوش سان گڏوگڏ ڪي ٽي اين ٽي ويءَ جي نمائندي طور به سرگرم آھي ـ جيئن جيئن نيون اخبارون نڪرنديون ويون، تيئن تيئن ھتي نمائندن جو انگ به وڌڻ لڳو ـ سال 1997 ڌاري حيدرآباد مان سنڌ اخبار نڪتي ۽ پوءِ جلد ئي تعميرِسنڌ اخبار شروع ٿي جن لاءِ ترتيبوار راڻا شيرمحمد راجپوت ۽ آبپاشي کاتي جي ھڪ ملازم نويد ميمڻ ڪم شروع ڪيو ـ سنڌ اخبار ڀرين ۾ چڱي ھلندي ھئي ۽ اٽڪل چاليھه پنجاھه اخبارون روزانو وڪرو ٿينديون ھيون ـ جڏھن ڪجھه صحافي گڏ ٿيا ته ھنن 1997 ۾ ھڪ مسواڙي دڪان ۾ پريس ڪلب جو به بنياد وڌو ـ ٿوري ئي وقت کانپوءِ ڳوٺ الھه ورائي وسطڙي جو نظام وسطڙو حيدرآباد جي اخبار ”سنڌو“ جو نمائندو ٿيو جنھن کانپوءِ عبدالستار راجپوت ڪراچيءَ جي اردو اخبار جُرائت لاءِ ڪم شروع ڪيو ـ سال 1998 ڌاري سرفراز جعفري (ميمڻ) ڪراچيءَ جي سنڌي اخبار عوامي آواز ۽ عبدالحميد قريشيءَ اردو اخبار رياست جي نمائندگي شروع ڪئي ـ جيڪي ٻيا نوجوان اخباري دنيا ۾ آيا تن ۾ مجيد ڪيريو، ارشد پٺاڻ، افضل قادري (اُمت اخبار ڪراچي)، سرور شريف (ايڪسپريس ڪراچي)، عبدالطيف ڀٽي (ڪوشش حيدرآباد)، غلام شبير راجپوت (خبرون) ۽ ڪي ٻيا شامل آھن ـ ھن وقت به ڀرين ۾ اخباري ۽ ٽي وي نمائندن جو تعداد چاليھن کان مٿي آھي جن ۾ نديم منگي (ڌرتي ٽي وي)، شاھد مير سھتو (پنھنجي اخبار ڪراچي)، عطاءُالرحمان ۽ وحيد ميمڻ (ھفتيوار ساھتي آواز محرابپور)، ساجد چنو (ھلچل ڪراچي)، شاڪر علي راجپوت (جيجل)، غلام سرور راجپوت (مھراڻ ٽي وي)، عبدالستار راجپوت (سوڀ اخبار ۽ آواز ٽي وي)، نثار احمد لھراڻي (ھلالِ پاڪستان ڪراچي)، آفتاب ڪيريو ( دنيا _ اردو اخبار ۽ ٽي وي)، ابراھيم ميمڻ (ايڪسپريس اردو)، غلام مرتضى ڪلھوڙو (سُڪار اخبار سنڌي)، عبدالجبار (ايم ٽي وي)، صوفي سجاد (ٽائيم نيوز)، راجا ڪلھوڙو (رائل ٽي وي)، ڪرشن مل اوڏ (سنڌ ڌرتي اخبار)، رفيق عمراڻي (مھراڻ اخبار) ۽ ارشد پٺاڻ (پاڪ سنڌ اخبار) شامل آھن جڏھن ته راڻا شير محمد راجپوت سنڌ ٽي ويءَ جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر آھي ـ
ھنن اخباري نمائندن کي سھولتن جي اڻھوند ۽ ڪنھن به اخباري يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اداري پاران پگھار يا ٻيو ڪو اُجورو نه ملڻ جي باوجود پنھنجون صحافتي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي آھي ـ اڳي ته خبرون اخباري ھيڊڪوارٽرآفيسن ڏانھن موڪلڻ جا به ذريعا ڪونه ھئا ۽ خبرون پني تي لکي پارسل ٺاھي ريل ذريعي موڪلي وينديون ھيون ـ وري ڪو وقت آيو ته ٽيليفون تي خبرون لکرايون وينديون ھيون پر انھيءَ لاءِ به نمائندن کي ٽيليفون ايڪسچينج ۾ وڃي ويھڻو پوندو ھو جتان ڪال نوابشاھه رستي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ سان ملائي ڳالھايو ويندو ھو ـ جڏھن فيڪس مشينن جو زمانو آيو ته ڀرين جي صحافين کي روزانو شام جو نوشھري فيروز وڃڻو پوندو ھو جتي فيڪس جي ھڪ صفحي جا چاليھه رُپيا ڀرڻا پوندا ھئن ـ اخبارن کي فوٽو موڪلڻ اڃان به ڏکيو ھو ڇو ته ان وقت ڊجٽل ڪئميرائون ڪونه ھيون ۽ حادثن ۽ واقعن جا فوٽو ڌوئاري، پرنٽ ڪڍرائي ٽرين ذريعي موڪلڻا پوندا ھئا ـ جڏھن فيڪس جو دور آيو ته ھنگامي طور تصويرن جا فوٽو اسٽيٽ ڪڍرائي فيڪس ذريعي موڪلڻا پوندا ھئا ـ ڀرين جي صحافين جو مسئلو ڀر واري ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ جي سرنديءَ واري زيد احمد جلباڻيءَ حل ڪيو جنھن کين سال 2001 ۾ فيڪس مشين وٺي ڏني ـ
ڀرين جي صحافين ۽ صحافت جو ابتدائي زمانو ماٺو ھيو ڇو ته کين ان وقت ڪنھن قسم جي سياسي ۽ اخلاقي پٺڀرائي حاصل ڪانه ھئي ۽ عوامي مسئلن، پوليس توڙي وڏيرن جي زيادتين تي لکڻ ڄڻ ته ڏوھه سمجھيو ويندو ھو ـ بقول صحافين جي، کين دڙڪا دھمان به ملندا ھئا جنھن ڪري اھي ھيسيل رھندا ھئا ـ پوليس توڙي ڪن ٻين طرفان سندن خلاف انتقامي ڪارروايون به ٿيون ۽ ان حوالي سان ڪجھه مثال به ملن ٿا ـ
ھتان جي صحافين جو حوصلو تڏھن وڌيو جڏھن سال 2002 ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جنم ورتو ۽ ھنن بي ڊپائيءَ سان عوامي اھنجن تي لکڻ ۽ ٽي وي چئنلن لاءِ رپورٽون ٺاھڻ شروع ڪيون ۽ پوليس توڙي ٻين حلقن جي دٻاءَ خلاف مزاحمت به شروع ڪئي ـ ايئن ئي وقت گذرڻ سان گڏ آيل شعوري بيداريءَ سبب سماجي ۽ ادبي حلقن توڙي ٻين ساڃاھه وندن پاران سندن اخلاقي پُٺڀرائي به شروع ٿي ـ انھيءَ مزاحمتي دور ۾ بزرگ استاد سيد فتح علي شاھه، ليکڪ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ، سُگھڙ محمد حسين ھڪڙو، فنڪارن شمن لنجار ۽ شھمير سولنگيءَ ۽ آرٽسٽ نصير ملاح جو ساڻن ڀرپور ساٿ رھيو ـ اڄ ھتان جا صحافي جڏھن ھرسال سنڌي ثقافتي ڏھاڙي تي پروگرام ڪندا آھن ته اھي سمورا اديب ۽ فنڪار ساڻن گڏ ھوندا آھن ـ آرٽسٽ نصير ملاح ته سندن پروگرامن جا بئنر ۽ پوسٽر ٺاھي ساڻن جلوسن سان گڏ پيو ھلندو آھي ـ ڪجھه ورھيه اڳ (سال 2013 ڌاري) ڀرين جي ٽائون ڪميٽيءَ پريس ڪلب جي تعمير لاءِ اٺ لک رُپيا منظور ڪيا ھئا، جن جي ملڻ سان ھاڻي شھر جي سرڪاري اسپتال جي سامھون ھڪ پلاٽ تي ڪلب جو ھڪ ڪمرو تيار ٿي چُڪو آھي ۽ پريس ڪلب جون ساليانيون چونڊون به ٿيڻ لڳيون آھن ـ

ڀٽائيءَ کي گلابن جي ڀيٽا ڏيندڙ ڀريا جا حال

سال 2015 واري ڊسمبر جي آخري ھفتي ۾ صبح ساڻ ڪراچيءَ کان ڳوٺ لاءِ نڪري پيو ھئس ته جيئن ڏينھن جي روشنيءَ ۾ ڀريا پھچي ڪجھه ڏسي وائسي سگھجي ـ پنھنجي جنم ڀُومي ڀريا ۾ ڪنھن بھتر تبديليءَ جي اُميد ۽ دل ۾ سُٺي خواھش سدائين رھي آھي ـ جڏھن باءِ پاس وٽان گاڏي شھر پاسي موڙيم ته سج جي توانائيءَ تي ٻرندڙ اسٽريٽ لائيٽن وارا ٿنڀا پري پري تائين نظر آيا ـ ”واھه بابا، وڏي تبديلي اچي وئي آھي ڳوٺ ۾“ منھنجي پُٽ ٿنڀن کي ڏسندي چيو ھو ـ ”ھا، پر الله ڪري ته رات جو اھي بلب ٻرندا ھجن،“ منھنجو جواب ھو جنھن کي ٿوري دير کانپوءِ ڳوٺ جي ھڪ دوست ڪنھن حد تائين صحيح سڏيو ـ دوست جو چوڻ ھو ته اسٽريٽ لائيٽون ناقص آھن جو رات جو ٻارھين کانپوءِ نٿيون ٻرن ـ ”حقيقت ڇاھي، خدا کي خبر، پر چون ٿا ته ھڪ سنڌي ٽي وي چئنل جي مالڪ کي سڄي سنڌ ۾ سولر اسٽريٽ لائيٽون ھڻڻ جو ٺيڪو مليو ھو جنھن ناقص ڪم ذريعي مال ڪمايو،“ دوست ٻڌايو ھو ـ سندس ڳالھه به ان رات ئي سچ نڪتي جڏھن ڏٺوسين ته سانجھي ٿيندي ئي روشنين ۾ جرڪندڙ ڀريا شھر ٺيڪ اڌ رات جو اونداھيءَ ۾ ٻڏي ويو ـ رات جو ٻارھين وڳي سولر لائيٽون بند ٿيڻ لڳيون ھيون ۽ روشنين ۾ جرڪندڙ شھر ٿوري دير ۾ ئي اونداھين ۾ ٻُڏي ويو ـ سنڌ ۾ تبديليءَ جون ڳالھيون ڪندڙ ٽي وي مالڪ سولر لائيٽن جي چارجنگ جي گنجائش ئي ايتري رکي ھئي ـ
ڳوٺ ۾ پھرين ڏينھن پھچڻ شرط ئي مان بازار ۽ ٻين گھٽين ۾ رُلندو رھيو ھئس ـ اسان جي پاڙي کان شروع ٿيندڙ ڊگھي بازار ٻئي ڇيڙي تائين ساڳي ھئي ـ اھي ئي پراڻا دُڪان جيڪي سٺ ستر ورھين کان به اڳ جا ٺھيل ھئا ۽ ھن وقت زبون حالت ۾ موجود ھئا پر بازار اڳي جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي سوڙھي پئي لڳي ـ ننڍپڻ ۾ موڪري لڳندڙ بازار ھاڻي ڪنھن ڦٽل شھر جي تنگ گھٽيءَ جيان محسوس ٿي رھي ھئي ـ بازار ۾ فرش نالي ڪا شئي ڪانه ھئي ۽ ٻنھي پاسي گندي پاڻيءَ جون ناليون بدبوءِ جا ڀڀڪا ڇڏي رھيون ھيون، جن جي آسپاس اڪثر ھنڌن تي گند جا ڍير پيل ھئا ـ بازار مان ٻنھي پاسي رھائشي علائقن ڏانھن نڪرندڙ گھٽين جو به ساڳيو حشر ھو ـ اڪثر گھٽيون والار جي ڪري ايتريون سوڙھيون ٿي ويون ھيون، جن مان گندگي ۽ نالين جي ڪري پيدل ماڻھن جوگذرڻ به ڏکيو ھو ـ اھڙي ئي ھڪ سوڙھي گھٽي تاريخي پرائمري اسڪول ڏانھن وئي ٿي، جنھن جو بنياد 1902 ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ جي ڪوششن سان پيو ھو ـ سيدن جي حويليءَ سامھون ھڪ ننڍڙي پارڪ به ڦٽل حالت ۾ موجود ھئي ـ ورھاڱي کان اڳ اُتي ھڪ عمارت ۾ نياڻين لاءِ ھنري سکيا گھر (ڪنيا پاٺشالا) قائم ھوندو ھو ۽ ورھاڱي کانپوءِ عمارت کي سرڪاري اسپتال ۾ بدلايو ويو ھو ـ سن 2002 واري ضلعي حڪومتن جي زماني ۾ ضلعي نائب ناظم حسن شاھه جي ڪوششن سان ھتي پارڪ ٺھرائي وئي ھئي جنھن جي وچ ۾ ماربل جي وڏين تختين تي ڀريا جي مختصر تاريخ به لکرائي وئي، پر ھاڻي پرگھور نه ھجڻ ڪري پارڪ ڦٽل حالت ۾ پئي آھي، جتي ڪو اوڙي پاڙي جو ماڻھو به ڪونه ٿو اچي ـ
مان ٻئي ڏينھن صبح جو سوير ئي اڪيلو گھران نڪري پيو ھئس ـ پنھنجي جنم ڀوميءَ ۾ سج اُڀرئي جو منظر ڏٺي به ڏينھن ٿي ويا ھئا ـ اسان جي گھر جي اولھه ۾ گندي پاڻيءَ جي وڏي کڏ آھي جيڪا اسان پنھنجي ٻالڪپڻي کان وٺي ڏٺي ـ شھر کي ٻن پاسن کان وڪوڙي بيٺل ان کڏ ۾ تن ڏينھن ۾ انساني گند ايترو ڪونه پوندو ھو جو ھرپاسي بدبوءِ پکڙيل ھجي ـ انھن ڏينھن ۾ سائبيريا جا لاڏائو پکي ۽ آڙيون به نظر ايندا ھئا، پر وقت گذرڻ سان گڏ ڍنڍ ۾ غلاظت وڌڻ سان لاڏائو پکين به اچڻ بند ڪري ڇڏيو ھو ـ ڍنڍ جي ٻئي ڀر ساوڪ سان ڀريل وڻ ۽ ٻنيون نظر ايندا ھئا، سي به ھاڻ اڻلڀ ٿي چُڪا ھئا ـ مون ڍنڍ جي ڪپ تي پنھنجي خاندان جي ڊھي پٽ ٿي ويل لانڍيءَ جي ڍيرن تي بيھي اھي لڪاءَ به ڏٺا جيڪي گھڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ ڏسندا رھيا آھيون ـ ھتي به ماڻھن سمنڊ کي پوئتي ڌِڪي زمين حاصل ڪرڻ واري چڪر جيان ڍنڍ کي لَٽي سوڙھو ڪري گھر، لانڍيون ۽ اوطاقون ٺاھي ورتيون ھيون ۽ باقي بچيل ڍنڍ ۾ انساني غلاظت جو ڇوڙ ٿي رھيو ھو ـ
مان ننڍپڻ ۾ لانڍيءَ ۾ ضد ڪري ڪُتر جي مشين ھلائڻ وارين ٻاراڻين حرڪتن، مينھن جي ٿڻن مان کير جا گُوھا ھڻڻ ۽ ڍنڍ ۾ ڀتر اُڇلائي پاڻيءَ جون لھرون ٺاھڻ توڙي ڍنڍ جي پريئن ڀر گيدوڙن جي وڻ جو ميوو پٽڻ واريون ساروڻيون من ۾ سانڍي پنھنجي ڊٿل گھر جي اوڀارئين در مان پاڙي جي سوڙھيءَ گھٽيءَ ۾ نڪتس ـ ڀرين جي ٻين گھٽين جيان ھن گھٽيءَ جي ھڪ خاص ڳالھه اڃان تائين قائم ھئي ـ ھتي ڊرينيج سرشتو کليل نالين جي شڪل ۾ ھو، جيڪو اڄ به موجود آھي ـ فرق بس ايترو ھو ته اڳي روز ٻالا انھن نالين کي ڌوئندا ھئا ۽ ھاڻ ھتي ٻالن جي ھجڻ جو ڪو تصور ئي نظر نه آيو ـ مٿانھينءَ کان لانھينءَ ڏانھن ويندڙ اھي ناليون وري لونگ شاھه جي قبرستان ڀرسان لنگھي وڃي ميمڻ پاڙي ۽ آسپاس جي ٻين علائقن جي وڏي قبرستان ڀرسان ڇوڙ ڪن ٿيون جتي پڻ گندي پاڻيءَ ۽ نتيجي ۾ پيدا ٿيل سم تباھي مچائي ڇڏي آھي ـ ڊرينيج جو باقاعده سرشتو نه ھجڻ ڪري ڀريا شھر ايئن گندي پاڻيءَ جي ڍنڍن ۽ کڏن ۾ جڪڙيل آھي جتي زنده توڙي مُرده سڀ ساڳئي عذاب ۾ آھن ـ
لونگ شاھه جي مزار ۽ قبرستان ڀرسان ٿيندو پڪو روڊ وٺي مان شھر جي مکيه چونڪ ڏانھن وڌيس جنھن کي ورھاڱي کان اڳ واري ريلوي بُڪنگ ايجنسيءَ جي نالي پٺيان اڄ به ايجنسي ڪوٺجي ٿو ـ اڳي ھن علائقي ۾ تاج محل سئنيما ھوندي ھئي، جتي فلمون ڏسڻ لاءِ ڀريا ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان ايندڙ شوقينن جي ڪري شام کان ئي وڏي رونق ھوندي ھئي ـ اسان به اڪثر سئنيما جي ٻاھران بيٺل گاڏن تان سڱر بوندي وٺڻ يا فلمون ڏسڻ ھتي ھليا ايندا ھئاسين ـ سئنيما جي آفيس واري ڪمري مٿان شھر ڏانھن مُھاڙ ڪري ھنيل سئنيما جو بورڊ پري کان ئي شوقينن کي ڇڪيندو ھو ـ جڏھن ٽانگي تي ھر نئين فلم جو پوسٽر ھڻي لائوڊ اسپيڪر تي سڄي شھر ۾ پڙھو ڏنو ويندو ھو ته ھر گھر مان مايون توڙي مرد نئين فلم ڏسڻ جي موڊ ۾ اچي ويندا ھئا ـ اھي ڏينھن ياد ڪري مون ان بورڊ ڏانھن نھاريو جتي ڪنھن به فلم جو ڪو پوسٽر لڳل ڪونه ھو ـ سئنيما جي گيٽ وٽ بلڪل اندرئين پاسي چانھه جو دِڪو ھو جنھن تي ھڪ ھمراھه گرما گرم چانھه ٺاھي رھيو ھو ۽ گيٽ جي ٻئي پاسي گراھڪن لاءِ ڪرسيون رکيل ھيون ـ سامھون سئنيما ھال ۽ پروجيڪٽر روم کي تالا لڳل ھئا ـ چانھه ٺاھيندڙ جو نالو اشرف علي ھو ـ اسان ٻئي ھڪٻئي کان اڻ واقف ھئاسين جو ٻن ٽن ڏھاڪن کان منھنجو ڳوٺ سان ڪوبه رابطو ڪونه ھو ـ ”مان ھن سئنيما جو اڳوڻو مئنيجر آھيان ۽ سن 2000 ۾ سئنيما بند ٿيڻ کانپوءِ چانھه جو اسٽال ھلائي گذرسفر ڪريان ٿو،“ منھنجي پڇڻ تي ھن ٻڌايو ھو ـ (سئنيما بابت تفصيل الڳ باب ۾ ڏنل آھن)
سئنيما کان ٿورو ئي اڳتي پراڻي ٽيليفون ايڪسچينج جي جاءِ تي ھڪ نئين عمارت ڏسڻ ۾ آئي جيڪا ڀريا جي تاريخ جي پھرين پبلڪ لائبريري ٻڌائي وئي، جيڪا پڻ ضلعي حڪومت واري دور ۾ ٺھي ۽ ھن وقت سوشل ويلفيئر کاتي جي ماتحت آھي ـ ٿورو اڳتي پراڻي زماني جي گوشت ۽ ڀاڄي مارڪيٽ جي وڏي ڍڪيل عمارت جي جاءِ تي دڪانن جي قطار نظر آئي ـ
مان سئنيما جي گيٽ مان نڪري مکيه چونڪ لڳ ٻاڪڙا ھوٽلن ٻاھران وھندڙ گندن نالن ۽ گندگيءَ جي ڍيرن کي افسوس سان ڏسندو وچ چونڪ تي اچي بيٺس جتان ھڪ رستو اُتر ۾ ڪنڊياري، اوڀر ۾ ڀريا روڊ، اولھه ۾ ٺاروشاھه ۽ ڏکڻ ۾ نوشھري فيروز ٿي ويو ـ اڳي کڻي اھي روڊ مثالي ڪونه ھئا پر ھاڻي ته لڳو ئي نٿي ته ورھين کان انھن جي ڪا مرمت ٿي ھجي يا ڪا صفائي به ٿيندي ھجي ـ مان اوڀر منھن ڪري ڀريا روڊ ويندڙ رستي جي تباھي ڏسڻ لڳس جتان اسان روھڙي ڪئنال ۽ سندس ڀر ۾ وھندڙ شاخ تي وھنجڻ ويندا ھئاسين ۽ ان کان اڳ واٽ تي ايندڙ شاھي پارڪ ۾ گھڙي پوندا ھئاسين ـ
اسان پنھنجي سانڀر کان وٺي انھيءَ پارڪ کي “شاھن جي پارڪ” جي نالي سان ٻُڌو ۽ ڏٺو جتي وسيع ايراضيءَ ۾ لان، ھر قسم ۽ رنگن جا گلاب، موتيو ۽ ٻيا گل ٻُوٽا، تُوتن جي شاھي وڻن سميت انيڪ وڻ فضا ۾ ھُڳاءُ ڪيو بيٺا ھوندا ھئا ـ اونھاري جي مُند ۾جڏھن به ڳوٺ وڃڻ ٿيندو ھو ته شاخ تي وھنجڻ لاءِ دوستن يارن سان گڏ ويندي ان پارڪ ۾ گلن جي سُرھاڻ جو واس ۽ وڻن مان ڇڻيل تازن تُوتن جو مزو ضرور وٺندا ھئاسين ـ مونکي ياد ناھي ته آخري ڀيرو ان پارڪ ۾ ڪڏھن ويس، پر پڪ اٿم ته ان کي ٽيھارو کن ورھيه ٿي ويا آھن ـ ورھاڱي وقت ڀريا مان ھندستان لڏي ويل سنڌين جو اھو “لال باغ” مشھور سياستدان سيد نور محمد شاھه خريد ڪيو ھو، جتان پوءِ ھن پنھنجي عقيدت موجب روزانو تازا گلاب پٽرائي پنھنجي ڪار ۾ ھڪ ڏينھن ڀٽائيءَ جي درگاھه تي ته ٻئي ڏينھن سيوھڻ قنلدر جي درگاھه تي موڪلڻ شروع ڪيا ھئا ۽ اڄ تائين سندس فرزند ايم پي اي سيد مراد علي شاھه ان روايت کي برقرار رکندو پيو اچي ـ (ان مقصد لاءِ اڄ به ڇھ ماڻھو مقرر آھن)
مان سوچڻ لڳس ته ڀريا، جنھن کي 1989 ۾ نوشھرو فيروز ضلعو ٺھڻ سان تعلقي جو درجو مليو، ۽ جتي 1960 کان ٽائون ڪميٽي وجود ۾ آھي، اھو شھر ورھاڱي واري وقت جي ميونسپلٽيءَ جھڙين خدمتن کان ڇو وانجھيل آھي ـ
سال ٻن کانپوءِ ڀرين جو ٻيھر چڪر لڳو ۽ شھر جا ٻيا پاڙا ۽ علائقا گھمي ڏٺم ، خاص طور ڍنڍ جي ڪناري وارا پاڙا ـ کڏ اولھه کان پراڻي زماني جي بورڊنگ ھائوس جي ڀرسان شروع ٿي اُتر کان ٿيندي اُتر اوڀر ۾ ڪنڊياري ويندڙ قومي شاھراھه جي ڀرسان دنگ ڪندي ھئي جڏھن ته قومي شاھراھه جي ٻئي پاسي اوڀر ۾ اڌ ڪلوميٽر کن ايراضيءَ ۾ فصلن کانپوءِ شاخ ۽ ان جي متوازي روھڙي ڪئنال لنگھي ٿو جنھن کي مقامي طور بئراج سڏيو ويندو آھي ـ روھڙي ڪئنال ۽ شاخ ڀريا جي سونھن ھئا جتي ڀريا روڊ اسٽيشن ويندڙ رستي تي پُل وٽ ماڻھو اونھاري جي مُند ۾ پڪنڪ ملھائڻ لاءِ گڏ ٿيندا ھئا پر پوءِ بدامني ۽ ٻين ڪارڻن اھي رونقون ئي ختم ڪري ڇڏيون ـ اونھاري ۾ وڏي جوڀن سان وھندڙ شاخ به ڪنھن گندي پاڻيءَ جي ڪسيءَ ۾ بدلجي وئي آھي ـ
ڪي سي اڪئڊميءَ جي سامھون بورڊنگ ھائوس ھوندو ھو جنھن جي ڀرسان ھاسٽل زمين جي ٿوري بچيل پٽيءَ کانپوءِ ھڪ ننڍڙي ويران مسيت ھوندي ھئي پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ان مسيت ۽ زمين جي پٽيءَ تي پاڙي جي ڪن ماڻھن والار ڪري لانڍي ٺاھي ڇڏي ـ کڏ جي شروعات وٽ ئي اوڀر واري ڪنڌيءَ تي اسان جي وڏن جي لانڍي ٺھيل ھئي جنھن جو ذڪر مٿي ڪيل آھي ـ لانڍي ۽ اسان جي گھر وچ ۾ رستو ڪي سي اڪئڊميءَ وٽان لنگھندڙ ٺاروشاھه واري دڳ وٽان نڪري ٿو ـ اسان جا گھر دڙي تي ٺھيل ھجڻ ڪري، اڱڻ مان ئي لانڍي، کڏ ۽ ان کانپوءِ باغن ۽ ٻنين توڙي ٺاروشاھه ويندڙ دڳ تي پري پري تائين نظر پوندي ھئي ـ گھر جي اڱڻ ۽ ڪوٺي تان ڳاڙھي ٿالھه جي شڪل ۾ لھندڙ سج جو سحر انگيز منظر به ڏسڻ ۾ ايندو ھو ته کڏ ۾ ترندڙ آڙيون، ٻگھ توڙي ٻيا پرديسي پکيئڙا به نظر ايندا ھئا ـ گھرن وٽان لنگھندڙ دڳُ کڏ جي ڪنڌيءَ سان گڏ ڦرندو اُتي وڃي دنگ ڪندو ھو جتي کڏ جو آخري ڇيڙو ھو ـ انھيءَ دڳ تي ئي ديوان ڪوڙيمل جي اوطاق ۽ ڀرسان گھٽيءَ ۾ گھر ھوندو ھو جتي ھاڻ 1947 ۾ ھندستان کان لڏي آيلن جا گھر آھن ـ
کڏ ۾ انھيءَ وقت به ڳوٺ جي گھرن جي گندي پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو ھو پر آبادي گھٽ ھجڻ ڪري اِھا گندي پاڻيءَ جي کڏ کان وڌيڪ سِم جي پاڻيءَ جي کڏ نظر ايندي ھئي ـ ھن چڪر ۾ انجنيئر ماجد سومري سان گڏ انھيءَ کڏ جي ڪنڌيءَ سان سموري علائقي کي گھمڻ جو موقعو مليو ته حيران ٿي ويس ـ شھر وارن توڙي ٻھراڙين مان لڏي آيلن کڏ کي لٽي والار ڪري سموري ڪنڌيءَ تي گھر ۽ واڙا ٺاھي ڇڏيا ھئا ۽ سِم واري پاڻيءَ بدران اِھا گٽرن جي گندي پاڻيءَ جي کڏ جو ڏيک ڏئي رھي ھئي ـ
کڏ جتي اُتر اولھه ۾ ڪنڊياري ويندڙ نيشنل ھاءِ وي لڳ باغن وٽ دنگ پئي ڪري اُتي وڏي ايراضيءَ ۾ ٺھيل ھڪ سرڪاري عمارت نظر آئي جيڪا 1990 واري ڏھاڪي جي اوائل ۾ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي پاران تعمير ٿيل پمپنگ اسٽيشن ھئي جيڪا ھن کڏ جي پاڻيءَ کي ڇڪي شاخ يا ڪئنال ۾ خارج ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي ھئي پر اھا اڏاوت کان وٺي ھن مھل تائين ھڪ ڏينھن به ڪانه ھلي ۽ ھاڻ ته نه رڳو عمارت زبون حالت ۾ آھي پر ان ۾ لڳل پمپنگ مشينون به ڪَٽُ لڳي سڙي بيڪار ٿي چُڪيون ھيون ـ گندو پاڻي واھه ۾ ڇڏڻ ته غلط فيصلو ھو ـ انھيءَ بدران گندي ۽ سِم واري پاڻيءَ کي صاف ڪري پوکيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ وارو پلانٽ ھڻڻ کپي ھا، پر ان غلط فيصلي تي به عمل نه ٿيو ۽ ناقص رٿابندي ۽ بدعنوان ڪامورن جي ڪرتوتن سبب ٻن ٽن ڪروڙن جي عمارت ۽ مشينون ضائع ٿيڻ سان گڏ شھر ۽ اُن جي ماڻھن لاءِ مسئلو وڌندو ئي ويو ـ ھاڻ ته پمپنگ اسٽيشن جي سموري عمارت ۽ چوديواري کڏ جي پاڻيءَ جي گھيري ۾ نظر آئي ـ
زمانن کان وٺي جيئن پيئڻ جي پاڻيءَ جو مکيه وسيلو کُوھه ۽ کُھيون ئي ھيون، تيئن ڀريا ۾ به ھر پاڙي ۾ توڙي ڪن سرنديءَ وارن جي پنھنجي گھرن ۾ به اھو ئي سرشتو ھوندو ھو ۽ ماڻھو جَرَ جو صاف پاڻي واپرائيندا ھئا ـ ستر واري ڏھاڪي کانپوءِ ڀريا ۾ ھوريان ھوريان کُوھن ۽ کُھين جو پھريائين ته پاڻيءَ جو ذائقو سِم وڌڻ سبب مٽبو ويو ۽ پوءِ نيٺ اھي لٽبا ويا ۽ انھن جي جاءِ تي ھٿ وارا نلڪا ۽ پوءِ بجلي اچڻ تي پاڻيءَ جون موٽرون لڳڻ شروع ٿي ويون ـ ھن وقت ڪن ھنڌن تي اڃان به نلڪا (ھينڊ پمپ) لڳل آھن پر کوھن جو ڪو نالو نشان ڪونھي ـ اسان جي گھر ۾ به کُھي ۽ ميمڻ پاڙي ۾ وڏو کوھه ھوندو ھو ـ ڀريا جي مختلف پاڙن مان لنگھندي ٻڌايو ويو ته انھن ھنڌن تي اڳي کوھه ھوندا ھئا ـ جن پاڙن ۾ اڳي ھندو سنڌي رھندا ھئا، انھن مان ڪن وٽ ته کوھه تي نار لڳل ھوندا ھئا ـ
کڏ جي ڇيڙي تائين سمورو علائقو گھمندا، بئراج واري پاسي نڪري وياسين جتي روھڙي ڪئنال جي ٻه اڍائي ڏھاڪا اڳ تعمير ٿيل نئين پُل جي زبون حالت ۽ ڪسيءَ جي شڪل ۾ موجود شاخ ۽ باقي شھر جو حال ڏسندي مُڙي پياسين ـ ان شاخ سان ننڍپڻ جون يادون وابسته ھيون جتي سنگتين سان ھر اونھاري ۾ ٽاڪ منجھند جو مائٽن کان لڪي وھنجڻ ايندا ھئاسين ۽ ايئن ھڪ ڀيري شاخ ۾ ٻُڏندي ٻُڏندي بچيو ھئس ـ بئراج ڏانھن ويندڙ رستي تي ٻنھي پاسي دڪانن جون قطارون ھيون ۽ ڪاروباري سرگرمين ۽ گاڏين جي اچ وڃ سبب رستو سوڙھو پي لڳو ـ شھر ڪنھن پراڻي زماني جو ڏيک پي ڏنو جنھن ۾ پراڻا دڪان ۽ چانھ جون ٻاڪڙا ھوٽلون ھيون جڏھن ته گندگيءَ جا ڍير گدلائپ جو احساس ڏياري رھيا ھئا ـ ھڪ اڌ چڱي تبديلي صرف اھا نظر آئي ته باءِ پاس جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين شھر جي وچ مان لنگھندڙ قومي شاھراھه، جيڪا اڳي تباھه حالت ۾ ھئي، اھا نئين سر تعمير ٿي چُڪي ھئي ـ انھيءَ شاھراھه تي ئي نيشنل بئنڪ جي جديد عمارت نظر آئي ۽ ٻي ڪا نئين عمارت ھئي ته سيدن جي پارڪ ڀرسان بئراج واري روڊ تي ٿاڻي جي شاھي عمارت جنھن تي ”رُورل پوليس اسٽيشن“ جو بورڊ ٽنگيل ھو ـ پارڪ ۾ به ڪجھ نئين اڏاوت نظر آئي جن ۾ ثقافتي نموني جا ڇاپرا به شامل ھئا ـ ٿاڻي جي بلڪل سامھون آبپاشي کاتي جو کنڊرن ۾ تبديل ٿيل ريسٽ ھائوس ڏسڻ ۾ آيو جنھن کي انسپيڪشن بنگلو سڏيو ويندو ھو ـ ھيءُ انسپيڪشن بنگلو 1928 واري زماني ۾ تعمير ٿيو ھو جنھن تي انھيءَ سال جو پٿر اڄ به لڳل آھي پر لڳو ته ان کنڊر جو ھاڻ ڪو اوھي واھي ڪونھي ـ تعلقي ھيڊڪوارٽر ھجڻ جي باوجود ڀريا شھر ۾ جڏھن مونکي ڪي سرڪاري آفيسون ڏسڻ ۾ ڪونه آيون ته دوست ھڪدم گاڏي ڦيرائي شھر جي ڏاکڻي ڇيڙي تي ڪجھه سرڪاري عمارتن وٽ ھلي پھتو جتي سِم سبب بدحال عمارتن ۾ ايس ڊي ايم، مّختيارڪار ۽ ڪن ٻين آفيسرن جون آفيسون قائم ھيون ـ انھن عمارتن جي وچ ۾ ھڪ سرڪاري بنگلي جھڙي عمارت تي عورتن جي پناھگاھه جو بورڊ نظر آيو پر لڳو ته عمارت ۾ ڪو ماڻھو ڇيڻو ڪونھي ـ
انھن ئي سِم جي سيڪ وارين عمارتن جي پٺيان واٽر سپلاءِ واري شاھي قسم جي اوورھيڊ ٽينڪ ڏسڻ ۾ آئي ته حيرت ٿي ڇو ته شھر ۾ ته ڪٿي به ڪنھن گھر کي پائيپ لائينن ذريعي پاڻي مُھيا ڪونه پي ٿيو ـ ”ھيءَ گھٽ ۾ گھٽ ويھه پنجويھه ورھيه پراڻي ٽانڪي آھي ـ شھرين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ وڏي خرچ سان اسڪيم ٺھي، پائيپ لائينون وڇايون ويون ۽ مشڪل سان ھڪ مھينو ڪجھه گھرن کي پاڻي مليو پر انھيءَ کانپوءِ اھو سلسلو بند ٿيو ته اڄ تائين بند آھي ـ ڪارڻ ڇا ھو ۽ وري اڄ تائين ڇو ڪنھن به ان تي ڌيان ڪونه ڏنو، نه ڪنھن کي خبر آھي ۽ نه ئي ڪو ان معاملي ۾ دلچسپي وٺي ٿو،“ دوست انجنيئر ٻڌايو ـ حيرت ٿي ته ھڪ تعلقي ھيڊڪوارٽر واري ھن شھر ۾ واٽر سپلاءِ توڙي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو به سرشتو ڪونھي ـ
سرڪاري آفيسن واري پاسي کان نڪرندي سامھون قومي شاھراھه جي ٻيءَ ڀر رُورل ھيلٿ سينٽر ڀريا جو بورڊ لڳل ۽ گيٽ ڀڳل زبون عمارت نظر آئي جيڪا 1989 کان به اڳ جي تعمير ٿيل ھئي ـ ڀريا کي 1989 ۾ نوشھري فيروز جي ضلعي ٿيڻ سان تعلقي جو درجو مليو پر اڄ تائين ھن اسپتال کي تعلقي اسپتال جو درجو نه ملي سگھيو ـ ڪافي ورھيه اڳ ان اسپتال جو دورو ڪرڻ وقت موجود ڊاڪٽرن سھولتن جي اڻھوند ۽ غيرمعياري دوائون مھيا ڪرڻ جي شڪايت ڪئي ھئي ـ (تازن اطلاعن موجب ھن اسپتال کي ھڪ اين جي او انٽيگريٽيڊ ھيلٿ سروسز Integrated Health Services حوالي ڪيو ويو آھي ـ ھن اين جي او کي ضلعي نوشھري فيروز جا يارھن رُورل ھيلٿ سينٽر ۽ ڪنڊيارو ۽ مورو واريون ٻه تعلقي اسپتالون حوالي ڪيون ويون آھن پر ڪجھه مھينا گذرڻ باوجود ڪا به بھتري ڪانه آئي آھي) ـ
پنھنجي گھرن ڏانھن موٽندي ڏکڻ پاسي به گندي پاڻيءَ جي کڏ جھڙو ڏيک مليو ـ انھيءَ نئين کڏ جي ٻئي پاسي قبرستان آھي ـ ننڍي ھوندي ٻڌندا ھئاسين ته اِتان اوڀر کان اولھه به ھڪ واھه وھندو ھو جنھن ڪري واھه جي ٻيءَ ڀر واري آباديءَ کي ”واھه جي ھن ڀَر“ وارو پاڙو سڏبو ھو جنھن جو اصل نالو ”غالباڻين وارو پاڙو“ ھو ـ ھاڻي نئين وڌندڙ کڏ نه رُڳو قبرستان کي سِم جو سيڪ ڏئي تباھه ڪيو آھي پر چوڌاري پکڙيل کَڏُن سموري شھر جي عمارتن کي نقصان ڏيڻ سان گڏ زيرِزمين پاڻيءَ کي به زھريلو ڪري ڇڏيو آھي ـ
ڀريا شھر جي بيھڪ ايئن آھي جو اُتر کان ڏکڻ ڏانھن لانھين آھي ۽ ڏاکڻي آباديءَ جو گندو پاڻي کليل نالين ذريعي وھي نئين کڏ جي شڪل اختيار ڪري ويو آھي ـ شھر ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو نه ھجڻ ڪري ھن وقت ڀريا مڪمل طورگندي پاڻيءَ جي کَڏُن جي گھيري ۾ آھي ـ
ڀرين جي وڌيڪ دورن ۾ اڃان ڪجھه ٻيون ڳالھيون مشاھدي ۾ آيون ـ شھر جي گھٽين ۾ گھرن ٻاھران ٽائون ڪميٽيءَ پاران وڏي رٿابنديءَ سان گند ڪچري وجھڻ جا دٻا لڳل ڏسڻ ۾ آيا پر سمورا دٻا خالي ۽ گندگيءَ جا ڍير انھن جي ٻاھران، اھو احساس ڏئي رھيا ھئا ته پنھنجي شھر کي پنھنجو سمجھي صحت ۽ صفائيءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي سوچ ماڻھن کان اڃان گھڻو پري ھئي ـ ساڳئي وقت شھر جو گند ڪچرو ڀريل ٽريڪٽر ٽرالين کي به کڏ ۾ خالي ڪندي ڏٺو ويو ـ تاريخي عمارتن جي ميسارجڻ جو منظر به مليو جنھن ۾ ٽھلرام جي حويليءَ جي جاءِ تي نئين دور جي حساب سان نئين عمارت تعمير ڪئي وئي ھئي ـ
پر سڀ کان گنڀير قسم جي صورتحال ھئي زيرِزمين پاڻيءَ جو زھريلو ٿي وڃڻ، جنھن جي ڪري شھرين ھٿ جي نلڪن توڙي موٽرپمپن ذريعي نڪرندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ھو ـ روزانو وڏي تعداد ۾ ماڻھن کي سائيڪلن، موٽرسائيڪلن ۽ چنگچين تي پلاسٽڪ جا وڏا ڏول کڻي روھڙي ڪئنال جي ڪپ ڏانھن ويندي ڏٺو ويو جتي ڪنھن سرنديءَ واري پنج ڇھه ھينڊ پمپ لڳرائي ڇڏيا ھئا ـ ڪئنال جي ڪنڌيءَ تي جر جو پاڻي بھتر ھجڻ سبب شھرين اُتان پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو ھو ـ ٻڌايو ويو ته ان قسم جي صورتحال نوشھري ۽ ضلعي جي ٻين شھرن ۾ به آھي ـ اڳتي ھلي ڪِن ماڻھن ڪئنال وارن نلڪن جو پاڻي پلاسٽڪ جي ڏولن ۾ ڀري، موٽرسائيڪل ٽراليءَ ۾ کڻي گھرن تي پھچائڻ شروع ڪيو ۽ ايئن سندن روزگار جو وسيلو پيدا ٿي ويو ـ ھڪ ٻئي سرنديءَ واري غالباڻين جي پاڙي ڏانھن ويندڙ گھٽيءَ ۾ ماڻھن جي سھولت لاءِ ننڍو فلٽر پلانٽ ھڻائي ڇڏيو جتان پڻ پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريو وڃي ٿو ـ
شھر جي ڊرينيج ۽ صفائيءَ سميت سموري صورتحال تي ايم پي اي سيد مراد علي شاھه ۽ ٻين شھرين سان به ڳالھه ٻولھه ٿي ـ ورھاڱي کان ٽي ورھيه اڳ جنم وٺندڙ مظھر علي ميمڻ، جنھن جو والد يارمحمد ميمڻ 1960 واري ڏھاڪي ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ھوندو ھو، ٻڌائي ٿو:”اڳي شھر جون گھٽيون ڪچيون ھونديون ھيون ـ گھٽين ۾ فرش پوءِ لڳا ـ تِن ڏينھن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون ته اڄ وانگر کُليل ھيون پر ھوديون به ٺھيل ھونديون ھيون ۽ ٻالا گڏھه گاڏن تي وڏا ڊرم کڻي روزانو ٽين جي دٻن سان ھودين مان گندو پاڻي ڪڍي ڊرمن ۾ وجھي شھر کان ٻاھر ويراني ۾ ھاري ايندا ھئا ـ“ اھائي ڳالھه سيد مراد علي شاھه به ڪئي ـ ھتان جي ماڻھن کي ياد آھي ته ڀرين ۾ گھرن اندر ڪاڪوسن جي صفائي به ٻالا ڪندا ھئا ۽ سمورو گند کڻي شھر کان ٻاھر اُڇلائيندا ھئا ـ ٻالن ھٿان گھرن جي ڪاڪوسن جي صفائيءَ جو سلسلو 1970 وارو ڏھاڪو شروع ٿيڻ سان ختم ٿيو جڏھن ماڻھن ڊبليو سي ۽ ڪموڊ لڳل باٿ روم ٺھرائي سمورو ڇوڙ کڏ ڏانھن ڪري ڇڏيو ـ
”ڪوششون ڪري کڏ جو گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پمپنگ ھائوس ٺھرايوسين پر انھيءَ جو حشر ٻين سرڪاري رٿائن جھڙو ئي ٿيو ڇو ته سرڪاري بجيٽ ۾ ان رٿا لاءِ ھر سال ٿورا پئسا رکڻ جي ڪري نه رُڳو ڪم ڍِلي رفتار سان ھليو پر ٻئي سال پئسا اچڻ تائين اڳ ۾ ٿيل ڪم به رُلندو رھيو ـ واسطيدار انجنيئرن ۽ ٻين ڪامورن ڪميشنن جي چڪر ۾ ڪم جو معيار به برقرار ڪونه رکيو ۽ نتيجي ۾ اڄ پمپنگ ھائوس ناڪاره ٿيو پيو آھي“، سيد مراد علي شاھه ٻڌايو ـ
پاڻيءَ جي مسئلي تي ڳالھائيندي شھر ۾ واٽر سپلاءِ رٿا جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ به ھن اھو ئي ٻڌايو ـ ”زيرِزمين پاڻي زھريلو ٿي وڃڻ جي ڪري اسان روھڙي ڪئنال جي ڪنڌيءَ تي نلڪا ھڻايا، جتان ھاڻي ماڻھو پاڻي ڀرين ٿا ـ مون سوچيو ته شھرين کي پاڻيءَ جي سھولت ڏيڻ لاءِ آر او Reverse Osmosis پلانٽ ھڻايان ـ اتفاق سان آصف علي زرداري صاحب جو ڀرين ۾ اچڻ ٿيو ته ساڻس به اھا ڳالھه ڪيم جنھن تي ھن چيو ”اھو ثواب مان ڪمائيندس ۽ ٽي آراو پلانٽ ھڻائي ڏيندس“، پر ٽي سال گذرڻ کانپوءِ به ان تي عمل نه ٿيو ـ ڀرين لاءِ ٻه آراو پلانٽ اڳئي منظور به ٿيل آھن،“ ھن ٻڌايو ـ سندس خيال ۾ پائيپ لائينن ذريعي پاڻي فراھم ڪرڻ واري واٽر سپلاءِ رٿا کان آراو پلانٽن واري رٿا بھتر آھي ـ

مددي ڪتاب ۽ مواد

انگريزي

1. Sheikh Sadiq Ali Sher Ali Ansari, “Short Sketches of Musalman Races found in Sindh, Balochistan and Afghanistan, 1901(Re-printed by Indus Publications 1996)
2. Dr. H. T. Sorley, The Gazetteer of West Pakistan – The Former Province of Sindh (Including Khairpur State), published by West Pakistan Government 1968
3. Muhammad Salahuddin, Sindh-ATime Capsule of Heritage, Zyan Publications Karachi, 2012
4. Suhail Zaheer Lari, A History of Sindh, Oxford University Press Karachi, 1994
5. Federal Bureau of Statistics – Online
6. District Administration Naushehro Feroze Report 2010
7. Edward Thornton, A Gazetteer of the Countries adjacent to India on the North-West (Sinde, Afghanistan, Baloochistan, the Punjab, and the neighbouring States, 1844 London
8. M. H. Panhwar, Groundwater in Hyderabad and Khairpur, 1964
9. H. T. Lambrick, History of Sindh before Muslim Conquest – Vol 1, Sindhi Adabi Board, 1964
10. Captain George Grenville Malet, History of Sindh – 710 to 1590 (English translation of Persian history book ‘Tareekh-e-Masoomi’ (Online)
11. R. Hughes Thomas, Memoirs on Sindh – Selection from the records of Bombay Government – Notes by Lt. R. F. Burton 1855
12. Adrian Duarte, A History of British Relations with Sindh – 1613-1843, National Book Foundation 1976
13. A. W. Hughes, A Gazetteer of Sindh Province – 1876 (Online)
14. Imperial Gazetteer of India Vol II – 1881 (Online)
15. James McMurdo, ‘McMurdo’s Account of Sindh’, Oxford University Press Karachi 2007
16. History of Ismaily Community (Online)
17. Mathew A. Cook, ‘East India Company and Growth of Sindhi Multinational Trade (Online Research Paper)
18. Alexander Innes Shand, ‘General John Jacob – Commander of the Sindh Irregular Horses and Founder of Jacobabad’, London 1901
19. Prof. Dr. Qazi S. Ahmed and Prof. Zafar Hassan, ‘Evolution of Boundaries in Sindh -1843-1977’ Research Paper, book ‘Studies on Sindh’ compiled by Prof. Dr. M. Yaqoob Mughal, Pakistan Study Center, Sindh University Jamshoro, 1988
20. M. H. Panhwar, ‘Heroic Struggle of Sindh against Feudalism (1500 to 1843)’ Online
21. Collins English Dictionary (Online)
22. Macmillan Dictionary (Online)
23. Merriam-Webster Dictionary (Online)
24. Wikipedia
25. P. D. Jethwani, Article ‘Rai Bahadur Dewan Kauromal Chandanmal Khilnani – A grand old man of Sindh’ – website sindhishan.com
26. Samina Iqbal, ‘Sindh Muslim League in Provincial Politics – 1937-1947 (Ph.D thesis), International Islamic University Islamabad
27. Freedom Movements in Sindh (SCRIBD.Com)
28. Dayal N. Harjani, Book ‘Sindhi Roots and Rituals’ Part-I & II (Online)
29. Dr. Dur Muhammad Pathan, Chronology of Sindh Khilafat Committee, Notes, Gul-e-Hayat Institute (Online)
30. Home Department (Special) Sindh Secretariat Karachi, 19 May 1937, Fortnightly Report – (Gul Hayat Institute Collection Online)
31. History of Freedom Movements Vol 5 (Collection from Maharashtra State Record) E-book Edition August 1977
32. Dada Kewalram Ratanmal Malkani, The Sindh Story – A Great Account on Sindh, first published 1984, online publisher Sunny Panhwar
33. C. B. Dalal, Gandhi 1915-1948 – A detailed chronology, New Delhi, Gandhi Peace Foundation, first published 1960 (Online)
34. National Assembly of Pakistan website www.na.gov.pk
35. Provincial Assembly of Sindh website www.pas.gov.pk
36. ـ Website http://jworldtimes.com/jwt2015/magazine-archives/jwt-2014/nov2014/local-government-in-pakistan-a-historical-perspective
37. Encychlopedia of Sindhi website sindhiwiki.org
38. Who is Who of Indian Writers – 1999, Amazon (Online)
39. The Sindhu World website thesindhuworld.com
40. Bhagwan Bhagchandani, Promoters & Preservers of Sindhyat, Shiela Gopal Foundation Mumbai, 2003 (Online)
41. Dayo Nathaney, Karachi students on the march : a chronicle of students' movement in Karachi from 1905 up to the present day- publisher: Mohan Panjabi for Hindustani Sahitya Astan, 1946
42. Website Nav Yuvak Parishad https://www.justdial.com
43. Website Bhopale.com
44. Jeev Sewa Sansthan website jeevsewa.in
45. Website http://naidunia.jagran.com/madhya-pradesh/indore-the-famous-actress-sheila-ramani
46. Website http://hhshribholanathjimemories.blogspot.de/2012/07
47. Sheila Ramani - Profile". Cine Plot
48. Website http://www.thesindhtimes.com/entertainment
49 ـ T. Postans, Personal Observations on Sindh, (originally published in 1843), Indus publications 1973

سنڌي ۽ اردو مواد

1 ـ لوڪ رام ڏوڏيجا، ڪتاب منھنجو وطن، منھنجا ماڻھو“، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد 1993
2 ـ حامد علي خانائي، ڪتاب ”نوابشاھه ضلعو _ تاريخي شھر ۽ شخصيتون“، ڊسٽرڪٽ نوابشاھه ڪلچرل سوسائٽي 1987
3 ـ پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، ڪتاب”تاريخِ بازيدپور“، بازيدپور پبليڪيشنس بازيدپور 2017
4 ـ اسلم عباسي، ڪتاب”ضلعو نوشھرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾“، نوشھرو فيروز سيمينار ڪميٽي 2007
5 ـ فقير محمد ميمڻ، ڪتاب”سئو ساله جشن گورنمينٽ مدرسه ۽ ھاءِ اسڪول نوشھرو فيروز“، روشني پبليڪيشنس ڪنڊيارو 2018
6 ـ گوبند مالھي، ڪتاب”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“، سُڳنڌ پبليڪيشنس لاڙڪاڻو 1987
7 ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي،ڪتاب”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“، روشني پبليڪيشنس ڪنڊيارو 2006
8 ـ خيرمحمد ٻُرڙو سيوھاڻي، ڪتاب”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“، مراد پبليڪيشنز سيوھڻ، 2015
9 ـ مولانا سيد ابو ظفر ندوي، ڪتاب”تاريخِ سندھه“(اردو)، دارالمصنفين اعظم ڳڙھه، انڊيا، 1947
10 ـ مترجم مخدوم امير احمد، تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڪتاب ”فتحنامه سنڌ _ چچنامو“، سنڌي ادبي بورڊ ٽيون ڇاپو 1976
11 ـ مترجم مخدوم امير احمد، ڪتاب ”تاريخِ معصومي“، سنڌي ادبي بورڊ 1953
12 ـ چرنداس ٺاڪرداس گُرسھاڻي، ڪتاب ”ڪوڙومل چندن مل کلناڻي“، پبلشر ڪوڙومل سنڌي ساھتيه منڊل حيدرآباد 1927
13 ـ مير علي شير قانع ٺٽوي، مترجم مخدوم امير احمد، ڪتاب ”تحفته الڪرام“، سنڌي ادبي بورڊ 1957
14 ـ خيرمحمد ٻُرڙو سيوھاڻي، خط، روزاني اخبار ڪاوش جي ھفتيوار (آچر) مئگزين ۾ ڇپيل
15 ـ خاصخيلي جمال الدين مومن، ڪتاب ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ (ديوان ڪوڙيمل بابت 1927 ۾ ڇپيل ڪتاب تان ورتل ھڪ مضمون)، مومن پبليڪيشن، جتوئي نوان 1987
16 ـ اعجازالحق قدوسي، مترجم خالد ويسر، ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“، مھراڻ اڪئڊمي 2007
17 ـ خانبھادر خداداد خان، ڪتاب ”لُبِ تاريخِ سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ 2009
18 ـ يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين، ڪتاب ”تاريخِ مظھر شاھجھاني“ (اردو ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ 2009
19 ـ ٽھلرام آسودومل وڪيل، ڪتابڙو ”سرڳواسي راءِ بھادر ديوان ڪوڙيمل چندنمل جا مختصر جيون چرتر“، ڇپيندڙ ڪوڙو مل سنڌي ساھتيه منڊل حيدرآباد سال 1945
20 ـ جي ايم سيد، ڪتاب ”جنم گذاريم جن سين“، ڇپيندڙ ناز سنائي، سال 2004
21 ـ لائق زرداري، ڪتاب ”تحريڪِ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“، سال 1984، سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ (آن لائين)
22 ـ ـ مولانا غلام رسول مھر، ڪتاب ”تاريخِ سنڌ ڪلھوڙا دور“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
23 ـ ـ اعجازالحق قدوسي، ڪتاب ”تاريخِ سنڌ“، ترجمو خالد ويسر، مھراڻ اڪئڊمي
24 ـ رکيل مورائي _ ”سنڌ جي سرحدن کان ٻاھر ضلعي نوشھري فيروز جا اسڪالر، اديب ۽ شاعر (ڪتاب ”ضلعو نوشھرو فيروز _ تاريخ جي آئيني ۾“ شامل مضمون _ مرتب اسلم عباسي، نوشھروفيروز سيمينار ڪميٽي، سال 2007
25 ـ محمد عثمان عباسي _ مضمون”ضلعي نوشھري فيروز جا غيرمسلم اديب“ (مٿي ڄاڻايل ڪتاب ۾ شامل مضمون)
26 ـ ٽيڪم مٽائي _ ڪتاب”سچ جي ڳولا“ _ مرتب نصير مرزا، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد 2018
27 ـ ڊاڪٽر پارس نواز، ڪتاب ”سنڌي سرويچ حشو ڪيولراماڻي“، روشني پبليڪيشنس ڪنڊيارو، 2016
28 ـ مدد علي سنڌي، ڪتاب ”حشو ڪيولراماڻي _ نه وسرندڙ شخصيت“، ڪويتا پبليڪيشنس حيدرآباد 2017
29 ـ شيخ اياز، ساھيوال جيل جي ڊائري، نيوفيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، 1986
30 ـ ڀيرومل مھرچند، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ورھاڱي کان اڳ پھريون ڇاپو
31 ـ عمرالدين بيدار، ماھوار انڊس ڊائجسٽ ڪراچي، جنوري 2002
32 ـ ٽھلرام آسودومل گُربخشاڻي وڪيل، ڪتاب ”سنڌ جي ھندو ڌرمي آسٿانن جي تاريخ“، 1947، چيتن دَيو ڪي ورما، امر اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، ڇوڏڪي بازار حيدرآباد
33 ـ وينا شرنگي، ڪتاب ”ڪُڇان ته ڪافر“، سفرنامو، پبلشر پروميلا پبليڪيشن، اندرپوري، نئين دھلي، انڊيا 1992
34 ـ سيد مٺن شاھه، ڪتاب ”نسب ناما ساداتانِ متعلوي“، سنڌي ادبي بورڊ 1991
35 ـ حاجي فيض محمد، سفرنامو ” ڀلي پار ڏي سفر“، (لکيل 1932)، ڇپيل 2010، بلاول انسٽيٽيوٽ آف ھسٽاريڪل ريسرچ نوابشاھه
36 ـ انجنيئر ماجد علي سومرو، ڪتاب ”ديوانِ عرشي“ (ڇپائيءَ ھيٺ)
37 ـ جمال الدين مومن، ڪتاب ”ساھتيءَ جا استاد“، مومن پبليڪيشنس، جتوئي نوان
38 ـ بيراڳڙھه (ھردارام نگر) ڀوپال مان ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ جو موڪليل مواد جنھن ۾ شري آئلداس جي ڪتاب جا ڪجھه حصا به شامل آھن
39 ـ ديوان ڪوڙيمل چندن مل جي پڙپوٽي وِجي کلناڻيءَ جو ديوان ڪوڙيمل جي پونئيرن بابت موڪليل مواد
40 ـ سنيل کلناڻيءَ بابت ويب سائيٽن تان مليل مواد ۽ انسٽي ٽيوٽ آف سنڌالاجي احمدآباد، انڊيا جي ڊائريڪٽر لَکمي کلاڻيءَ جي ڏنل معلومات
41 ـ دادي لِيلا بابت نئين دھليءَ مان وِينا شرنگيءَ جي موڪليل معلومات
42 ـ آخوند قادر بخش (مرحوم) جي ھٿ اکر لکيل ڊرامن جي مُھاڳ ۾ ڏنل تاريخي معلومات
43 ـ غلام رسول ڪيريو، رٽائرڊ آفيسر، ٻيلو کاتو، سنڌ ۽ سڪندر علي ڪيريو، رٽائرڊ سيڪريٽري، سنڌ حڪومت جو ڏنل مواد
44 ـ ڪراچي ۽ ڀريا جي فيلڊ وزٽس دوران ايم پي اي سيد مراد علي شاھه، سندن سئوٽ سيد انور علي شاھه، سيد احتشام علي شاھه، بزرگ استاد سيد فتح علي شاھ، اڳوڻي آفيشل اسائيني سنڌ ھاءِ ڪورٽ حاجي بشير احمد ميمڻ، رٽائرڊ آفيسر خوراڪ کاتو، سنڌ سيد ورند علي شاھه، ڀريا ۾ کير پيڙا ٺاھيندڙ خاندان جي بزرگ حبيب الله ميمڻ، مٺائي ٺاھيندڙ محمد اسلم راجپوت، تاج محل سئنيما جي آخري مئنيجر اشرف علي، صحافي ميرمحمد سھتي، صحافي راڻا شيرمحمد راجپوت، واپڊا جي رٽائرڊ چيف انجنيئر سڪندر لاڙڪ، ٺاروشاھه جي علي شير ڪيريو جي ڏنل معلومات، مرحوم استاد غلام حسين عباسي، مرحوم چاچا ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، ھڪ سئو ورھين کان مٿي عمر واري فخرالدين راجپوت، شمعدان ٻاريندڙ عبدالقادر ڌوڪي، مظھر ميمڻ، اديب ۽ شاعر محمد ابراھيم سومري، ڀرين واري پارڪ جي جھوني مالھي علي حسن راجپوت، پنھون مل جي ماڙين ۾ رھندڙ ارشاد، اشرف، ممتاز ۽ رياض، سراج مير سھتي، پڊعيدن جي محترم عبيدالله راڄپر ۽ آمريڪا ۾ رھندڙ آخوند گھراڻي جي نثار حافظ ۽ ٻين ڪيترن ئي سڄڻن کان روبرو ۽ فون تي ورتل معلومات ۽ تصويرون ـ
45 ـ آخوند گھراڻي جي بزرگن جي ڏنل معلومات ۽ ليکڪ جا پنھنجا ذاتي مشاھدا ۽ معلومات
46 ـ نامعلوم ليکڪ جو پراڻو انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون Brief History of Sahiti، ھِندواسي، ھفتيوار ادبي ۽ سماجي اخبار، ممبئي، شمارو 28 اپريل ۽ 5 مئي 2019 (ھيءَ اخبار 1917 کان شائع ٿي رھي آھي)

عرشي پبليڪيشن ڀريا جا ڇپايل ڪتاب

1ـ خُدا جو قسم (شاعري) نُور محمد سومرو
2 ـ خود شناسي _ (تصوف) مترجم حڪيم غلام محمد سومرو عرشي
3 ـ منقبت _ از حضرت لعل قلندر شھباز مترجم حڪيم غلام محمد سومرو عرشي
4 ـ ڄام ھٿ ۾ ڄار _ ڀٽائيءَ جو سُر ”ڪاموڏ“ تحقيق الھنواز رُڪڻائي
5 ـ دِيوانِ عرشي (زيرِ اشاعت) حڪيم غلام محمد سومرو عرشي

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

1 ـ دل جو بندر (انگريزي ناول Haven of the Heart جو ترجمو) ليکڪ Averil Ives
ڇپيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد 1980
2 ـ نيگرو، عشق ۽ بغاوت (انگريزي ناول Ratoon جو ترجمو)، ليکڪ Christopher Nichol، ڇپيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشنس، پھريون ڇاپو جُون 1984، ٻيو ڇاپو آڪٽوبر 1996، ٽيون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2017
3 ـ زندگي اَي زندگي (ڪالمن جو مجموعو)، ڇپيندڙ ڪلاچي پبليڪيشنس مئي 1984
4 ـ جنرل ھوش محمد شيدي (ٻاراڻو ادب)، ڇپيندڙ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو 1990
5 ـ سفر ڪھاڻيون (سفرنامو)، ڇپيندڙ سچائي اشاعت گھر دڙو، 2013
6 ـ انگريزي ڪتاب Hur - The Freedom Fighter، ڇپيندڙ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو آگسٽ 2015
7 ـ سنڌي ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت، ڇپيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو آگسٽ 2018