الوداعي گيت
شيخ اياز لکي ٿو: ھي ڪتاب مون انگلينڊ وڃڻ کان اڳ لکيو ھو. ان جو عنوان ”الوداعي گيت“ مايوسيءَ جي عڪاسي ڪري رھيو آھي، پر مون ان وقت ايئن سمجهھيو ھو تہ مان سچ پچ ھن رنگا رنگ دنيا کي الوداع ڪري رھيو آھيان جا مون روئيندي نہ پئي ڇڏڻ چاھي، ڳائيندي پئي ڇڏڻ چاھي ۽ جيڪي گيت پنھنجي زندگيءَ ۾ پئي ڳائڻ چاھيا ۽ اڃان نہ ڳاتا ھا سي ٻيءَ زندگيءَ لاءِ بچائي رکيا ھا، پر قدرت کي منھنجي شاعريءَ سان ايترو عشق ٿي ويو ھو جو ان مون کي ايتري توانائي ڏني جو مون چئن ھارٽ اٽيڪن جي وچ ۾ چار ڪتاب لکي ورتا.“