1973ع جو آئين ۽ پاڪستان جي مختصر آئيني تاريخ
ھن اھم ڪتاب ۾ مختصر طور گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935ع کان قرداد پاڪستان ۽ 1955ع جي مغربي پاڪستان ائڪٽ ۽ 1973ع جي آئين ۽ ان کانپوءِ جي ترميمن جو ذڪر آھي. ساڳي وقت اھا ڳالھ بہ سامھون اچي ٿي تہ 1973ع جي آئين ۾ سنڌ ڇا ڇا نہ وڃايو آھي. ڪتاب کي ڪل يارنھن حصن ۾ ورھايو ويو آھي جنھن ۾ ڪيئي باب شامل ڪيا ويا آھن.