الطاف شيخ ڪارنر

خبرون کيڙائن جون

الطاف شيخ اٽڪل  پندرهن سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾جهاز هلائڻ بعد اٺ سال کن ملائيشيا جي شھر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي ۾ جھازن جي “ڪئڊٽن،  انجنيئرن ۽  ڪئپٽنن کي پڙهايائين.  هن ڪتاب  (خبرون کيڙائن جون)  جا گهڻا تڻا ليک ملاڪا (ملائيشيا)  وارن ڏينھن جون يادون آهن. ڪتاب ۾ ليکڪ ملائيشيا جي اهم ماڳن، مڪانن، هنڌن جو ذڪر نھايت سھڻي پيرايي ۾ معلوماتي مواد سان درج ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خبرون کيڙائن جون

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” خبرون کيڙائن جون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي ملائيشيا جي سفر تي مشتمل آھي.
الطاف شيخ اٽڪل  پندرهن سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾جهاز هلائڻ بعد اٺ سال کن ملائيشيا جي شھر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي ۾ جھازن جي “ڪئڊٽن،  انجنيئرن ۽  ڪئپٽنن کي پڙهايائين.  هن ڪتاب  (خبرون کيڙائن جون)  جا گهڻا تڻا ليک ملاڪا (ملائيشيا)  وارن ڏينھن جون يادون آهن. ڪتاب ۾ ليکڪ ملائيشيا جي اهم ماڳن، مڪانن، هنڌن جو ذڪر نھايت سھڻي پيرايي ۾ معلوماتي مواد سان درج ڪيو آهي.
هي ڪتاب 1998ع  ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.  ٿورائتا آھيون سائين الطاف شيخ جا جنھن ھي ڪتاب  نئين سر ڪمپوز ڪرائي  سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب

پنهنجي پياري دوست ۽  پاڙيسري، سنڌ جي اهم اديب، شاعر، ڪالم نويس،  ڊرامه نويس،  مزاح  نگار ۽  دل جي مريض قمر شهباز لاءِ.

_ الطاف شيخ 

 


موڙي ويا مڪڙيون، ڪاڏي ڪشتيبان

موڙي ويا مڪڙيون، ڪاڏي ڪشتيبان
نه سي، دؤر درياهه جا، نه سي سڙهه  سکان
لٽيا اتر واءُ ۾،  ناتاريون، نيشان
ڪنهن  تڙ ملي ڪانه،  خبر کيڙائن جي

                 (تاجل بيوس)

 


ڪتاب جو ليکڪ

الطاف شيخ جو  جنم  تاريخ 14 نومبر 1944ع تي ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان حاصل  ڪرڻ بعد  ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ميٽرڪ ۽ انٽر ڪيائين. ان بعد چٽاگانگ_بنگلاديش (تن ڏينهن ۾مشرقي پاڪستان)  مانمئرين انجنيئرنگ  (جهاز جي  مشينن جي انجنيئري)   ۽  مالمو سئيڊن جي “ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي” مان مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن (انجنيئرنگ)  ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪيائين.
اٽڪل  پندرهن سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن ۽ بندرگاهن ۾جهاز هلائڻ بعد اٺ سال کن ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي ۾جهازن جي “ڪئڊٽن،  انجنيئرن ۽  ڪئپٽنن کي پڙهايائين.  هن ڪتاب  (خبرون کيڙائن جون)  جا گھڻا تڻا ليک ملاڪا (ملائيشيا)  وارن ڏينهن جون يادون آهن. 
الطاف اڄڪلهه PNSC طرفان ڊيپوٽيشنتي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ Post Sea (جهازي آفيسرن) کي پڙهائي ٿو. الطاف گذريل ٽيهن سالن کان لڳاتار لکندو اچي.


2 مارچ 1998ع

ادارو

 


پيش لفظ : جمال ابڙو

الطاف شيخ تي مون هميشه رشڪ ڪيو آهي ته  هو  ڪيئن محض سفرنامن ذريعي  مسلسل ترقي پسند ادب ڏئي رهيو آهي. ترقي پسند ادب  تي ڪنهن وڏي نامياري جگادري قسم جي  اديب جي نڪي هڪ هٽي آهي ته نه ميراث. نه وري ترقي پسندي ڪو مشڪل افلاطوني فلسفو آهي جنهن تي ڪنهن خاص گروهه يا ڪنهن مخصوص آئڊيالاجي جو  ٺپو لڳل هجي.  بس سڌو سنئون معلوماتي ادب،  جو  سوچڻ تي مجبور ڪري،  بهتريءَ جيچاهنا پيدا ڪر ي  ۽ ان لاءِ راهون کولي ڏئيته اسان جهڙي ملڪ  ۾ ان کان وڌيڪ  ترقي پسند ادب ڪهڙو چئبو.  انڪسوٽيءَ  تي الطاف شيخ جو ڏنل ادب  نج سون ثابت ٿيندو. سندس نگاهه تمام گھري،  خلوص واري،  ڇنڊ ڇاڻڪرڻ واري،  ميٺاج  ۽ مزاح سان ڀلائي ۽ برائيءَ جون آنڊا گجيون ڪڍڻ واري ۽  پيار  سان ڏاهه ۽ ڏس ڏيڻ واري آهي. 
ڪو دؤر  هو جو ڪيئي کنڊ کائو مجنون ٻرن مان نڪري ترقي پسند جو ٺپو هڻائي هنبوڇيون هڻندا وتندا هئا. نه علم نه ڄاڻ،  نه  مسئلن تي نظر،  نه عوام سان ڳوڙهي وابستگي، نه ايثار ۽ قربانيءَ  جو  جذبو. پنجاهه ۽  سٺ  واري ڏهاڪي ۾ حقيقي ترقي پسند  ته وڃي جيلن  ۾پيا يا عذاب ڏيئي ماريا  ويا. پوءِ مڪو متو هٿرادو ليڊر پسند، شهرت پسند ۽ ناماچار پسند ڄامڙن جو جن جي پيداوار اڄڪلهه جا ڌاڙيوال يا خوشامندي سرڪاري صلاحڪار آهن. لفاظي ۽ نعري بازي ڪري، پئسا ڪمائيندا،  ڏاڪڻ چڙهندا وڃي ليڊري ۽ صلاحڪاريءَ  تي پهتا. انهن جا به ڪيئي  نمونا هئا.  ڪي مهذب، ڪي بڪواسي،  ڪي  چرچائي۽ گاريل. مقصد سڀني جو  هو سرڪار سان سنمک ٿيڻ ۽ ماڻهن ۾  معتبر بڻجڻ.  سچو ترقي پسند ۽ انقلابي ٿيڻ  ته سندن پهچ کان  ٻاهر هو ڇو ته ان لاءِ قرباني، تڪليفون، عذاب، مفلسي ۽  پڪڙ پڇاڙ کانسواءِ  ڪجھه پلئه نٿي پيو.  ان  لاءِ سولو بنهه  آسان طريقو ايجاد ڪيائون ته مذهب ۽ الله تبارڪ تعاليٰ  جي شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهايو ته هڪدم ترقي پسند ۽ جي  ڪنهن سرڪاري کاتي يا سپاهي صوبيدار کي هيسائڻ  لاءِ مٿس جلهه ڪيو يا ڪنهن شريف جي ڏاڙهيءَ پٽ ڪيو ته توهان انقلابي. انهيءَ دور ۾ مولوي نذير حسين جتوئي جا ٽوٽڪا ڏاڍا مقبول ٿيا ۽ مولوي صاحب لٺ کنيو ڏاڍائي ۽ زبان جي زور تي ڪليڪٽري ۽  انجنيئري کاتي جي آفيسن ۽  ماڻهن لاءِ لانڍ وٺيو ڪم ڪرائيندو وتندو هو. ٻئي پاسي ڪامريڊ عبدالقادر،  ڪامريڊ حيدر بخش، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ ڪامريڊ رسول بخش پليجو جهڙا سلجھيل، سمجھدار، چيڙهالا ورڪر ورهين جا ورهيه جيلن ۾ پيڙجندا رهيا. ٻيا ته ٺهيو  پر شيخ اياز جهڙو  نج اديب  ۽ پيارو  ماڻهو  پڪاري اٿيو ته “سچ وڏو ڏوهاري آهي”، “سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو ڄڻ ڪاريءَ تي پير پيو”. ٻاٻري ڪنڊ تي هلندي رتو ڇاڻ ٿي گھرٻار ڌنڌو ڌاڙي رلائي وڃي جيلن جو واسي ٿيو. هن صديءَ جو ههڙو عظيم اديب  ۽  عجب انسان  به  اهو  مقام ئي پائي نه سگھيو جيڪو ٻيا سڌڙيا پائي ويا. مٿيان سڀ عظيم ۽ سچا ترقي پسند اڄ تائين لعن طعن جو شڪار آهن ۽ هرڪو کانئن ڇرڪي ٿو. ڪامريڊ عبدالقادر ۽ حيدر بخش ته الله کي پيارا ٿي ويا ته به اڄتائين لوئجن پياته اٻوجھه هئا، چنده خور هئا وغيره وغيره. اها وڏيڪاسرڪاري چال هئي جا اسان سمجھي نه سگھياسين.  اهڙيون قداور شخصيتون مشڪل سان ڪنهن ملڪ ۾ پيدا ٿينديون آهن. قادر بخش نظاماڻي غضب جو ذهين ۽ با عمل انسان ته ماڳهين ملڪ ڇڏي ٻارين ٻچين وڃي لنڊن جي ڪنهن ڪنڊ ۾  لڪو. جمال الدين بخاري به چريو ٿي مري ويو. اڄلاڙڪاڻي پريس ڪلب تان سندس نالي جي تختي به لاٿي وئي آهي. عثمان بلوچ روهه رلا مٿي کلا، برڪت آزاد گمنامي، گوشه نشينيءَ ۽  بيماريءَ ۾ گھاري رهيو آهي. محترم محمد ابراهيم جويو ته  هڪ مثالي ڪردار آهي جنهن کي مان ۽ اياز ڪرائسٽ  (Christ) چوندا آهيون. 
هند ويل انيڪ  ساٿين جو ذڪر ڪري پاڻ کي ٻوهي ۾ وجھڻ  وارو مان به ناهيان. ڪامريڊ غلام محمد لغاري جنهن کي اسين نانگو  سڏيندا هئاسين، بک ڏک  ۾ برن برپٽن۾، جھنگن نانگن بلائن ۾ غريبن ۽ هارين نارين جو ساٿاري ٿيو بيٺو هوندو  هو. گھڻن فرعونن قارونن سان مهاڏا ڏنائين ۽  نيٺ هٿين خالي هليو ويو. تاج صحرائي انگريزن جا جيل ڪاٽي اڄ به صحرا بيابان ۽  جيل پيو جھاڳي. 
آزاديءَ کان پوءِ ادب جي ميدان ۾  پختو ۽  پائدار جاکوڙي محنت جو سهرو آهي ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ مرحوم پير حسام الدين ۽  پير علي محمد راشديءَ تي. انهيءَ بڻ بڻياد کي ڇڏينداسين ته يتيم ٿي  رلي وينداسين.  انهن نئون رخ ۽  نئون موڙ ڏنو. انهي کان  انڪار مورکيائي آهي. ڪن جوانڙن جو چوڻ  آهي ته انهن صاحبن تخليقي ادب نه ڏنو. اهو بحث طلب معاملو آهي. انهيءَ  بحث کي  سنڌيءَ ۾ چوندا آهن بنئش. انهن پهاڙ جهڙين هستين تي بنئش ڪرڻ آهي، جبل سان مٿو ٽڪرائڻ. مٿي ذڪر ڪيل صاحبن کي ترقي پسند اديب ئي چئبو. اهي صاحب توڙي ڪاڪو ڀيرو مل ۽  ڪشنچند بيوس (انهن ٻن جا نالا نه کڻان ها ته پاڻ کي ڪڏهن معاف ڪري نه سگھان ها.)   ترقي پسند ادب جو  بڻ بڻياد وجھندڙ آهن. اها ٻي ڳالهه آهي جو مٿن  ڪڏهن عتاب نازل نه ٿيو ۽  هميشه  معزز رهيا. انهن جو سبب اهو آهي ته انهن مزاحمتي ادب  پيش نه ڪيو.  پوءِ  ائين ته ڪونه چئبو ته ترقي پسند ادب صرف  مزاحمتي ادب آهي. ائين سوچڻ ۽  چوڻ سان ڏاڍا عجيب نتيجا نڪرندا. مثال طور: پوءِ ائين چئبو  ته  هوندراج  دکايل ترقي پسند شاعر هو ۽  ڪشنچند بيوس رجعت پسند. اها مورکپائي آهي.پوءِ ته والٽ  وٽمن جهڙو عظيم اديب به جڏهن چوي ٿو ته  “آئون ويٺو آهيان ۽  ماٺ ڪري ويٺو ڏسان” به معيار کانڪري پوندو. ائيننهآهي، سندس ان “ويٺو ڏسان”  ۾ به وڏو انقلابي نياپو آهي. شاهه سائينءَ به چيو ته “سي ستا ئيسونهن، ننڊ عبادت جن جي.” يا ملٽن به چيو ته “جي چپ  بيٺا  آهن ۽ ترسيا پيا آهن سي به ڪرت سان آهن.”(They also serve who only stand and  wait )سچل سائينءَ چيو ته “ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر”. سڀني عظيم انسانن جي سوچ هڪ ٿيندي آهي. 
ٻيو ته اڄڪلهه ائين به سمجھيو وڃي ٿو ته  هراديب دانشور آهي، ائين ناهي. اديب ته سونهن پسي وٺي ٿو ۽ ان جي جھلڪ ٻين کي پسائي ٿو. اڄ جنهن صاحب جي ڪا تخليق اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي ٿي  ته هو  اديب ۽ دانشور ٿيو پوي.  مان ته پاڻ لاءِ اعلان  ٿو ڪريان ته ڀائي مان دانشور ڪونه آهيان.  اسان  علم جي راهه  جا پانڌيئڙا آهيون. شل الله علم زياده ڪري. ها ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ اياز، رسول بخش  پليجو، محمد ابراهيم جويو ۽ سوڀو گيانچنداڻي وڏا اديب ۽ دانشور آهن. ڇو ته هو عالم ۽ اسڪالر به آهن. پويان چار ساٿاري آهن. سچو اديب آهي ئي اهو جيڪو عوام جو آواز ۽ ضمير  بڻجي ۽ سندن جدوجهد جو ساٿاري هجي ۽ عوامي تحريڪن کي صحيح لاڙا ۽ موڙ ڏئي. ڪجھه ڏينهن اها گونج ٻڌڻ ۾ آئي ته جيڪا به سٽ لکجي ٿي سا ادب آهي ۽ لکندڙ اديب.هاڻي ڏيو منهن!هو بندش کان آزاد جيڪو وڻيوَ سو لکو. جانسن چيو هو ته ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن هر جاهل کي لکڻ اچي ويندو. الحمدلله هاڻ اهو رجحان ختم ٿيڻ لڳو  آهي.هاڻ وري نئون چوٻول هليو آهي ته هر اديب لٺڙيو هئڻ گھرجي. ڄڻ سندس لفظ لٺ،  بندوقيا گوليءَ کان گھٽ  آهن.  امر جليل ته چوي ٿو  ته ڌاڙيل سان  منهن به  اديب ڏين. ڀائي ڏاها ٿيو. پوءِ ته هاري هر ڦٽو ڪري، پورهيت مترڪو  هٿوڙو ڇڏي ڏئي. ڪامورو نوڪري ڇڏي نعريباز يا سياستباز ٿئي. ٻيلي هرڪو  وس ۽ وت آهر پنهنجي مخصوص دائري ۾ ڪم  ڪندو ته  هو اتي ڪارائتو ۽  لاڀائتو آهي. سياستدان جڏهن ڄنڊا پٽ ڪري ناڪام ٿا ٿين ته رُخ موڙين ٿا اديبن ڏانهن.  ادب ۽ ترقي پسنديءَ جو مطلب فوجي سپاهي يا بندوق باز ٿيڻ نه آهي. هو سڀ ڪجھه هوندي  به محض اديب آهي.
مون ڳالهه پئي  ڪئي الطاف جي لکڻين جي. سفرناما ٻين به گھڻا لکيا پر انهن مان پڏڻپائي ۽ پنهنجي ذات جو  اظهار ٽپڪا  پيو ڏئي.الطاف وٽ اها ڳالهه نه آهي. هو اجايو عالماڻو اظهار به  ڪونه ڪري. هو ٻين ماڻهن ۽ ٻين ملڪن جون اوڻايون خوبيون چڱيءَ طرح جاچي پرکي پنهنجا نتيجا  ڪڍي اسانکي چڱائي مٺائي جا ڏس پتا پيو ڏئي. معمولي  موضوع  مان اهڙا سبق ڪڍي ٿو ڏئي جو واڄٽ وڄي وڃن. سندس “ڪجھه  ڪاڪوسن بابت” پڙهي ڏسو  پوءِ چئو ته، ڪپاٽ کلي وڃن ٿا ڪهِ نه. 
الطاف هڪ منفردليکڪ آهي.هو منهنجي ديرينه ۽ معزز دوست گل محمد شيخ جو فرزند آهي. شيخ صاحب به هر ڳالهه ۾ منفرد. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ “گڏهه” تي هڪ معلوماتي ڪتابڙو لکيو ته شيخ صاحب ڪاليج جي زماني ۾  ئي “ماکيءَ جي مک” تي اهڙو ئي معلوماتي ۽ لاجواب ڪتابڙو لکي ڇپائي ڇڏيو ۽  ان بعد “ماڪوڙي” ۽ “ ڪوريئڙي”  تي پڻ. شيخ صاحب نهٺو، ٿورو ڳالهائو، ڳوڙهي سوچ رکندڙ، خوش مزاج ۽ سچ  جو ساٿاري هئو ۽ آهي. سادي طبيعت ۽ سادگي پسند. آفيسري ۾ به گيڙي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو. مونکي  الطاف ۾  شيخ  صاحب  واريون سڀ جھلڪيون نظر اچن ٿيون. سندس زور قلم اڃا به  زياده آهي. 

هن سڄي پٽاڻ جو مقصد آهي ته الطاف جون لکڻيون_ ترقي پسند ادب جو لاجواب حصو آهن.

جمال ابڙو 

ڪراچي 1992-7-27
House no. 70th Street 
Off Khayaban  e Badban
Phase V. Defence Society
Karachi. (Tel. 5777333)

ايمان جو جذبو

دنيا جي مختلف هوائي ڪمپنين مان روس جي ايئروفلوٽ جو ڀاڙو سڀ ۾ گھٽ آهي. مثال طور ڪوالالمپور کان ڪراچيءَ تائين KLM، PIA يا سنگاپور جي SIA ۽ ملائيشيا جي MAS هوائي جهازن جو اوٽ موٽ ڀاڙو اڄڪلهه (1989ع ۾)، ڏهه هزار رپيا کن آهي پر ايئروفلوٽ جي جهاز جو ساڳي فاصلي لاءِ ڀاڙو فقط ڇهه هزار رپيا آهي. ڪجهه سال اڳ تائين ته اڃا به گھٽ هو. ان ڪري هتي جو عام ماڻهو ۽ شاگرد ان روسي ڪمپنيءَ کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. اها کڻي ٻي ڳالهه آهي ته ٻين ملڪن جي هوائي جهازن جون سيٽون وڌيڪ آرام واريون آهن. ماني ٿوري گھڻي سٺي آهي پر چند ڪلاڪن جي سفر ۾ اسان جهڙن غريب ماڻهن کي ڪهڙو فرق ٿو پوي جن کي ايئر پورٽ تي لهي وري بس يا ٽئڪسيءَ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اس ۾ سڙڻو ۽ انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
روسي هوائي ڪمپنيءَ جي اها پڻ خوبي آهي ته سندس هوائي جهاز مقرر وقت تي اڏامن ٿا ۽ مقرر وقت اندر سفر پورو ڪري منزل تي پهچائين ٿا. انهيءَ ڪري ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي ڪيترن ئي پاڪستاني دوستن ايئروفلوٽ ذريعي هر سال پنهنجي خرچ تي وطن جو چڪر پئي هنيو. پنهنجي خرچ تي ان ڪري جو هن پاسي (ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي، سنگاپور) نوڪري ڪندڙ ڌارين کي ٽن سالن ۾ فقط هڪ دفعو پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ سرڪار ٽڪيٽ مهيا ڪري ٿي. سعودي عرب، ڪويت، دبئي، دوحا ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ اها سهوليت هر سال ملي ٿي.
گذريل هفتي ڪوالالمپور کان PIA جو مئنيجر اسرار شاهه مون وٽ ملاڪا گهمڻ آيو ۽ اچڻ سان ٻڌايائين ته روس جي هوائي ڪمپني ايئرو فلوٽ پنهنجي اڏام ڪوالالمپور کان ڪراچيءَ تائين بند ڪري ڇڏي آهي.
“يار ڏاڍي ٻڌايئي،” مونچيومانس. “اها غريب نواز هوائي سروس ته بند نه ٿئي ها. جهڙي به هئي پاڻ جهڙا ان ۾ سواري ڪري کيس دعائون پيا ڪندا هئا. هاڻ ڀلا ٻي ڪهڙي هوائي ڪمپني سستي آهي؟”
“ڪا به اهڙي سستي ڪانهي.” اسرار شاهه وراڻيو.
“ڀلا پنهنجي ملڪ جي پي آءِ اي؟” مون پڇيومانس.
“اها ته مڙني ۾ مهانگي آهي.”
“پوءِ ڀلا ريل، بس يا پنڌ هلڻ جوئي سوچجي. هتان ٿائلنڊ، ان بعد برما ۽ پوءِ بنگلاديش ۽ انڊيا مان ٿي هلي ڳوٺ پهچبو.” مون چرچي ڪارڻ اسرار کي چيو.
“يار چرچو نه سمجھجانءِ. ڪي ڪي اهڙا مڙس مانجھي ۽ خدا جا نيڪ ٻانها به اٿئي جيڪي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پيرين پنڌ وڃيو نڪرن.” اسرار چيو ۽ پوءِ هڪ واقعو ٻڌائڻ لڳو. “ ڪجھه سال اڳ جڏهن آئون ڪراچي آفيس ۾ هوس ته عطا محمد مري صاحب ڪجھه ڳوٺائي موڪليا جن جو حج وڃڻ لاءِ پُکو نڪتو هو ۽ هوائي جهاز رستي اوڏانهن وڃڻا هئا. ويچارا پيرسن ڳوٺاڻا پهريون دفعو ڪراچي آيا هئا ۽ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان پڇائيندا اچي مون وٽ آفيس کان نڪتا. حج جي سيزن هئي، آئون به سخت مشغول هوس. پر دل ۾ چيم ته ڪجھه به ٿي پوي ته هنن غريب ڳوٺاڻن جي هن نيڪ ڪم ۾ رهنمائي ڪبي. سو سڀ فارم وغيره ڀرائي، ٽڪيٽون، پاسپو ٽ۽ ٻيا گھربل ڪاغذ پٽ ۽ پرڏيهي ناڻو وٺرائي کين هٿيڪا ڪري ڏنم ته جيئن ڀلي پٽ ڏي روانا ٿي وڃن ۽ اسان گنهگارن کي به دعائن ۾ شامل ڪن.
“جنهن ڏينهن سندن هوائي جهاز کي جدي وڃڻو هو ان کان سمجھه ته هفتو سوا کن بعد ڏسان ته اهي ساڳيا مهانڊا آفيس ۾ پيا اچن. ڏسي وائڙو ٿيويس. “ابا ڪريو خبر؟ آهي ته خير؟” مون حيرت مان پڇيومانِ. “حج لاءِ نه ويائو ڇا؟”
هنن غريبن جو ڪو شاهينگ ڪراچيءَ ۾ کيسو ڪٽي ويو هو ۽ سڀ ڪجھه غائب ٿي وين. ٽڪيٽون، پئسا، پاسپورٽ، ڪاغذ پٽ، سڀڪجھه. گم ٿيل ٽڪيٽ جا ڪجھه پئسا ملي سگھيا ٿي جنهن لاءِ هو هاڻ مون وٽ آيا هئا. اهو ڪم ڪو ڏکيو نه هو پر اهو سوچي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته غريب ويچارا، جن سڄي عمر جنهن ڀلي ڪم لاءِ پئسو پئسو ڪري گڏ ڪيو اهو ٿي نه سگهين.
ٽڪيٽ جي پئسن جو ڪجھه حصو واپس حاصل ڪرڻ لاءِ مون سندن فارم ڀريا ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن دوستن کي ان جي جلد اڪلاءُ لاءِ پارت جا فون ڪري کين آفيسن جا پار پتا ٻڌائي اوڏانهن روانو ڪيم- جيئن کين ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ رهي اجايو خرچ پکو ڪرڻو نه پوي. ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ انهن لاءِ دعائون گھرندو اچي پنهنجي ڪم ۾ لڳس.
“ان ڳالهه کي ٽي چار ڏينهن گذري ويا. هڪ ڏينهن آفيس ۾، فائلن مان ڪنڌ مٿي کڻي دروازي ڏي ڏٺم ته سامهون وري سڀ بيٺا هئا. ’چاچا! گم ٿي ويل ٽڪيٽن جا پئسا مليا؟‘ مون اٿي بيهي، اڳيان بيٺل هڪ ڪراڙيَ سان هٿ ملائي پڇيو. ’ها، سائين‘ هن وراڻيو، ’بروبر مليا. بس هاڻي آيا آهيون موڪلائڻ. شاهه صاحب دعا ڪجو.‘ “
“موڪلائڻ! چاچا ڪيڏانهن وڃڻلاءِ؟” مون پڇيو مان.
“سائين، ان ڀلي پار ڏي جنهن جو اِرادو ڪري ڳوٺان نڪتا آهيون.”
“ پر پوءِ هاڻ ته نه اٿانو ٽڪيٽون ۽ نه هوائي جهاز ۾ خالي سيٽون. ويندئو ڪيئن؟”
“بس سائين هاڻ دعا ڪجو. هتان پنڌ ئي پنڌ وينداسين.”
“پنڌ ئي پنڌ؟ ڪهڙو رستو وٺي ويندائو. ڪا ميل ٻن تي ته منزل ناهي.” مون اچرج مان کانئن پڇيو، پر ادا الطاف! مان ڇا ٻڌايانءِ انهن نيڪ انسانن جو جذبو- سچ ته هنن جي همٿ کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگھجي، چيائون: “بس سائين هتان اهو ڪيچ مڪران وارو رستو وٺي هلياوينداسين ايران. جتان پوءِ عراق جي بغداد بصري ۽ ڪويت کان ڦري اچي سعوديه جي عرب کان نڪرنداسين. اسان سان گڏ ٻيا به همراهه هلڻ لاءِ تيار ٿيا آهن. بس پوءِ بکون ڪاٽيندا، جبل جهاڳيندا، جنهنجو جيڪو نصيب هوندو اهو وڃي آخر ته اتي ڀلاري پَٽ تي پهچندو. باقي هاڻ ڳوٺ وري ڪهڙا موٽڻ، جتان هر هڪ کان موڪلائي نڪتا آهيون.”

جانورن سان وير نه اٿم

پنهنجي ملئي دوست ڪمال سان گڏ ڪوالالمپور کان ملاڪا موٽي رهيو هوس. ڪمال “گٿري ايگريڪلچر ڪمپني” ۾ ڪم ڪري ٿو. ملائيشيا ۾ گٿري، سائيم ڊربي، فلچرا جهڙيون ڪيتريون ئي ڪمپنيون آهن جن جو ڌنڌو ۽ واسطو پوک سان آهي. ملائيشيا جي وڏي ڪمائي رٻڙ، پام آئل، ناريل ڏونگھي ۽ ڪوڪا چاڪليٽ مان آهي. مٿيون ڪمپنيون پوک جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ريسرچ ڪري نه فقط سٺا سٺا ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون تيار ڪن ٿيون، پر ملائيشيا جي مختلف رياستن ۾ جاگيرن جون جاگيرون خريد ڪري ان ۾ سٺو فصل اپائي اهو فصل ۽ ان سان واسطو رکندڙ شيون By-Products ٺاهي ٻاهرين ملڪن ۾ وڪڻن ٿيون. مثال طور پهانگ رياست ۾ گٿري وارن جي هزارين ايڪڙ رٻڙ ۽ ناريل جي پوک آهي. ۽ پوءِ اهي نه فقط رٻڙ ۽ ناريل ڪچي مال جي حيثيت ۾ وڪڻن ٿا پر رٻڙ ۽ ناريل جون ٻيون شيون جهڙوڪ: رٻڙ جا رانديڪا، رٻڙ جا بوٽ، ڦيٿا وغيره ۽ ناريل جو تيل، کير ۽ ڏونگھي جي ڪاتر پڻ ٺاهي وڪڻن، ان سڄي ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ هنن وٽ هارين نارين، ڪمدارن ڪڙن کان وٺي ريسرچ ورڪ لاءِ ايگريڪلچر جا ۽ واپار هلائڻ لاءِ مارڪيٽنگ ۽ بزنس ائڊمسنٽريشن جا ڄاڻو ڪم ڪن ٿا.
ڪمال گذريل چوڏهن سالن کان گٿري وارن وٽ ڪم ڪري ٿو. هينئر هڪ ئي هنڌ آفيس ۾ مارڪيٽنگ جو وڏو عملدار آهي نه ته هن کان اڳ ڪيترا سال هن فيلڊ ۾ پڻ ڪم ڪيو. تڏهن هن کي ڏينهن جا ڏينهن گھاٽن جهنگلن ۾ رهڻو پوندو هو. ميلن جا ميل پام آئل ۽ ڪوڪا جي پوک ۾ هلي فصل جي رپورٽ وٺڻي پوندي هئي.
ڪوالالمپور کان ملاڪا جو ڏيڍ سئو ڪلوميٽر کن سفر پورو ڪرڻ لاءِ اسين ڪڏهن ڪهڙي عنوان تي ته ڪڏهن ڪهڙي تي ڳالهائيندا رهياسين. بانگي شهر لتاڙڻ بعد رستي تي هڪ هنڌ ڪار هيٺان چيڀاٽيل نانگ ڏسي پڇيومانس : “يار تنهنجو ڪڏهن نانگن سان واسطو پيو؟”
“ڪيترائي دفعا.” هن وراڻيو.
“ ضرور پيو هوندءِ. هتي ملائيشيا ۾ ايترا نانگ آهن جو آفيسن جي پڪين عمارتن ۾ ئي گھڙيو اچن. خاص ڪري هڪ سائي رنگ جو نانگ ته ڏاڍو نظر ٿو اچي. مارڻ لاءِ مالهي يا ملئي نوڪر کي جڏهن به گھرائيندو آهيان ته هر دفعي ماري چوندو آهي: “سائين ڪو خاص وڏو ته نه هو.” يعني هتي ته الائي ڪهڙا ڪهڙا نانگ پيا هلن. بهرحال هتي نانگن کان بچڻ لاءِ ڏينهن ڏٺي جو به هلڻ وقت هيٺ مٿي ڏسي وائسي هلڻو پوي ٿو. توسان جھنگلن ۾ ته نسورو ويل هوندو.”
“نه يار، نانگ کي مون ڪڏهن به نقصانڪار نه سمجهيو آهي. ڏٺو وڃي ته نانگ نه هجن ته ڪوئا هڻي فصل کي چٽ ڪري ڇڏين. نانگ ماڻهوءَ کي فقط تڏهن نقصان رسائي ٿو جڏهن هن کي پنهنجي جان جو خطرو لڳي ٿو، نه ته نانگ جي پاسي کان لنگھي وڃو تڏهن به هو ڪجھه نه ڪندو. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس پڇ تي لت اچي ٿي تڏهن به ڪڇي نٿو جيسين ڪا گھڻي چِپَ رسيس. يا بند ڪمري ۾ جڏهن هن کي ڀڄڻ جي ڪا واهه نٿي ملي ته پوءِ ڏنگي ٿو_ سو به اسان جي ڊپ ڪري. جيڪڏهن اسان ڊڄڻ بدران نارمل ٿي ويٺا هجون يا پنهنجو ڪم ڪندا رهون ته نانگ به ماٺ ڪري ويٺو هوندو يا پنهنجو گس وٺي هليو ويندو. پر جنهن وقت نانگ کي ڏسي اسان ڊڄون ٿا ته نانگ کي خبر پئجيو وڃي ۽ نانگ ڇا پر ٻيو ڪو جانور به پوءِ ان صورت ۾ حملو ڪري ٿو. جيئن ڪتو آهي، ماٺ ڪري لنگھي وڃڻ تي ڪجھه نه ڪڇندو پر جنهن وقت توهان جي اندر ۾ خوف پيدا ٿيندو ته پوءِ هو توهان کي ضرور ڏاڙهيندو ۽ چڪيندو.”
“نانگ يا ڪتي کي اسان جي اندر جي جذبات جي ڪهڙي خبر؟” مون ڪمال کان پڇيو.
“خوف جي وقت انسان جو جسم ڪجھه اهڙيون رتوبتون پيدا ڪري ٿو جنهن جي بوءِ نانگ ۽ ٻيا ڪيترائي جانور هڪدم سونگھي اندازو لڳايو وڃن. هڪ دفعي منهنجو نوڪر ٽوائليٽ ۾ ويٺو هو ته اوچتو سندس نگاهه ڪنڊ ۾ ويٺل نانگ تي پئي جيڪو رات جي وقت ٽوائليٽ جو در کليل هجڻ ڪري ڪنهن وقت اندر اچي ويو هو. نوڪر نانگ کي ڏسي نارمل رهيو ۽ پوءِ واندو ٿي آرام سان ٻاهر نڪتو ۽ بانٺو کڻي نانگ کي ماري ڇڏيائين. اهو به ان ڪري جو گھر ۾ گھڙي آيو هو باقي ٻاهر نانگ نظر اچي ته ان کي ڇو مارجي؟”
“ڇو نه مارجي؟” مون تعجب مان پڇيو.
“هڪ ته ڪيترائي نانگ- خاص ڪري وڏا Python جيڪي سڄو ٻڪر، رڍ ڳهي وڃن، ان جي نسل کي ملائيشيا جو Wild Life کاتو بچائڻ چاهي ٿو ۽ انهن کي مارڻ ڏوهه جو ڪم آهي پر جي حڪومت طرفان بندش نه به هجي ته به نانگ کي ڇو مارجي. خاص ڪري جھنگ ۾، جتي هن جو پنهنجو منهن آهي اسان جو پنهنجو! هو پنهنجي ڪم سان چُري پُري ٿو اسان پنهنجي ڪم سان! نانگ اسان تي ڪڏهن به هروڀرو حملو نٿو ڪري. ها، فقط هڪ قسم جو نانگ آهي جيڪو تمام ڏنگو آهي ۽ ڏوهه ٿو ڏڪائي- اهو آهي ڪنگ ڪوبرا- نانگن جو مهاراجا. سندس چُرَ نه ڪر ته به مڇرجيو وڃي ۽ پڇ تي اڀو ٿي ماڻهوءَ جي مٿي ۾ چڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. منهنجو هڪ دفعو ٻيلي ۾ ڪنگ ڪوبرا سان مهاڏو ٿيو هو. هن حملو ڪيو پر آئون بچي ويس. باقي ٻيا ڪيئي نانگ ڪيئي دفعا ڏٺا هوندم. پاسن کان لنگھندي، وڻن تان لڙڪندي، دريائن جي ڪناري تي سرندي- پر هنن جو منهن هنن ڏي منهنجو منهن مون ڏي. هونءَ ته نانگ ڪوبرا (واسينگ نانگ) سان به جن کي پيار سان هلڻ اچي ٿو انهن جو هو نالو نٿو وٺي. هينئر ڪوالالمپور ۾ ته ڏٺئي نه ڪيئن دستگير هڪ ئي وقت هڪ سئو زهريلن واسينگ نانگن سان رهيو پيو آهي”.
ڪمال جنهن دستگير جو ذڪر ڪيو اهو ملائيشيا ۾ نانگن جو راجا سڏيو وڃي ٿو. هو شيشي جي هڪ بند ڪمري ۾ پنڌرهن ڏينهن کان هڪ سئو زهريلن نانگن سان رهيو پيو آهي. چوويهه ڪلاڪن ۾ فقط اڌ ڪلاڪ ٽوائليٽ پاڻي لاءِ نڪري ٿو ، هيستائين هو دنيا جو رڪارڊ ڀڃي چڪو آهي ۽ رات ٽي وي تي پڻ اها خبر هئي ته سندس نالو هن سال جي Guinness Book of Records جي نئين ڇاپي ۾ ايندو. ڪمري جي ٻاهران هر وقت هشام ماڻهن جا دستگير کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. هو اڃا به چار پنج ڏينهن ان ڪمري ۾ رهندو.
“ڀلا ٻئي ڪنهن جانور سان ڪڏهن مهاڏو ٿيو اٿئي؟” مون ڪمال کان پڇيو.
“اسان جو ملڪ ملائيشيا ته سڄو جانورن ۽ پکين سان ڀريو پيو آهي.. جھنگلن ۾ ڪيترائي جانور هلن پيا. پر هرهڪ پنهنجي موج ۾ رهي ٿو. ڪو به ٻئي سان تيسين نٿو وڙهي جيسين کيس پنهنجي جان جو خطرو محسوس نه ٿئي. پوءِ انسان ئي آهي جو وتي حدون لتاڙيندو. هنن کي ماري ٿو. سندن گھر (جھنگل) ساڙي کين هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏي ڀڄائي ٿو. مطلب ته جڏهن جانورن جو جيئڻ جنجال ٿيو پوي ته پوءِ هو به ڇتا ٿي ماڻهن کان بدلو وٺن ٿا. هاڻ جيئن هاٿي آهي هن کي کائڻ لاءِ تمام گھڻو جھنگ کپي. هرهڪ هاٿي روزانو اٺ نو مڻ پن ۽ گاهه کائي ٿو ۽ ٽيهن کان پنجاهه گيلن تائين پاڻي پيئي ٿو. ايتري کاڌي لاءِ هن کي وڏو جهنگ کپي ۽ هو پنهنجي مناسب جاءِ تي سالن کان ديرو ڄمايو ويٺو آهي، جتي هن کي کائڻ، پيئڻ ۽ رهڻ جي آزادي مليل آهي. هاڻ انسان پنهنجين وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو ٻين جا گھر تباهه ڪندو. جھنگل هاٿي ۽ ٻين جانورن جو “گھر” ئي ته ٿيو. پر اسان پوک خاطر يا عمارتي ڪاٺ حاصل ڪرڻ لاءِ وڃون جهنگلن جا وڻ ڪپيندا ۽ گاهه ساڙيندا. نتيجي ۾ پوءِ هاٿي به ڇتا ٿين ٿا ۽ جٿن جا جٿا اسان جي پوکن ۽ گھرن ڏي ڪاهيو پون. ملائيشيا ۾ هر سال هاٿي لکين ڪروڙين ڊالرن جو فصل تباهه ڪن ٿا. هڪ هڪ هاٿي روزانو پنج سئو کن پام آئل جا لڳل ڪچڙا وڻ کايو وڃي. پوءِ ڪنهن جي فصل ۾ اٺ ڏهه سگھارا هاٿي گھڙي پون ته ڇا ٿا ڀانيو ته ڪيڏو نقصان ڪري وجهندا.”
”مون ٻڌو آهي ته هاٿيءَ جو يادگيرو تمام گھڻو چِٽو ٿئي ٿو.”
“بس سندن ٻچن کي يا کيس نقصان رسائجي ٿو ته پوءِ هو ڇڏي نٿو. يادگيرو چٽو هجيس يا نه، آئون ته چوندس ته هو تمام ذهين جانور آهي، ان جهڙو سياڻو جانور مون نه ڏٺو آهي. بچاءُ لاءِ اليڪٽرڪ لوڙهو ڏبو ته لوهي تارن مان به اندر هليو ايندو. ڇا ڪندو جو ڊگھو بنڊ يا سڪل وڻ جو ٿڙ کڻي تارن کي هڻي شارٽ سرڪٽ ڪري، پوءِ مٿان ٽپي فصل جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندو آهي. يا پنهنجي نيشن (Tusks) سان تارون ڇني ڇڏيندو. کيس اها سمجھه آهي ته سندس بدن ۾ نيش ئي آهن جن مان اليڪٽرسٽيءَ جو ڪرنٽ نٿو لنگھي. ڇو جو عاج Bad Conductor of Electricity آهي.
ڪي زميندار وري پنهنجي ٻنيءَ جي چوڌاري اونهي کاهي (خندق) کوٽي ڇڏيندا آهن. ايڏي وڏي جنهن ۾ سڄي ڪار به پورجي وڃي. پر هاٿي اهڙو هوشيار جانور آهي جو هڪدم سمجيو وڃي ته ائين وڃڻ سان ان ۾ ڪري پئبو. سو اوسي پاسي کان ڍينگر ۽ وڻن جون ٽاريون ۽ ٿڙ ريڙهي ريڙهي ان کاهيءَ کي ڪنهن هڪ هنڌ تي ڀري، پوءِ ان مٿان ٽپي ويندو. هاٿي ورلي ڪو اڪيلو نظر اچي نه ته هو هميشه ٽولن ۾ هلن ۽ هڪٻئي جي مدد ڪن. سندن ڪو ٻچو اهڙي کڏ ۾ يا اونهي درياهه ۾ ڪري پوي ته هڪٻئي جون سونڍون ملائي کيس ڇڪي وٺن.”
“ڀلا ائين پوک ۾ يا ڳوٺ ۾ هاٿي گھڙي اچن ته ڇا ڪجي؟” مون پڇيو.
“جيئن پوليس اسٽيشنون آهن جتي چور ڌاڙيل جي رپورٽ ڪري سگھجي ٿي، تيئن ملائيشيا ۾ وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ جون آفيسون جتي ڪٿي آهن. انهن کي اطلاع ڪرڻ سان هنن جا ڄاڻو ماڻهو هڪدم پهچيو وڃن ۽ انهن جانورن کي پوکن ۽ ڳوٺن مان ڀڄائي اهڙي جھنگ ۾ موڪليو ڇڏين جتي هو به سک چين جي زندگي گذارين ته ڳوٺاڻا ۽ هاري ناري به بي فڪر ٿي پنهنجي ڪِرت ۾ لڳا رهن.”
“ڀلا سڀ ته نه پر ڪي ڪي_ خاص ڪري چيني، جانورن جي پرگهور لهندڙ کاتي کي ٻڌائڻ بدران ٿي سگھي ٿو اتي جو اتي هاٿيءَ کي ماري، وڏي کڏ کوٽي پوري ڇڏيندا هجن. ڪنهن کي ڪهڙي خبر.”
منهنجي دماغ ۾ ان وقت شايد نسيم کرل جو افسانو “پهرين مراد” ڦري رهيو هو جنهن ۾ چوريءَ جي مينهن کي ڪُهي، گھر اندر ئي کڏ کوٽي پوريو ٿو وڃي ۽ ڀاڳين کي خبر به نٿي پوي. هاٿي کڻي مينهن کان وڏو آهي، پر ههڙن گھاٽن ۽ اٿاهه ٻيلن ۾ ڪنهن کي ڪهڙي خبر پوندي.
“ٿي سگھي ٿو” ڪمال وراڻيو، “پر جي حڪومت کي خبر پئجي وڃي ته وڏي سزا آهي. پهريون دفعو ڳرو ڏنڊ آهي ۽ ٻئي دفعي جيل پڻ. ٻيو ته هاٿي جهڙي وڏي جانور کي مينهن وانگر نه سير وجهي سگھجي ٿي ۽ نه ڪنهن عام بندوق سان ماري سگھجي ٿو. عام بندوق جي گولي هن کي فقط معمولي زخم رسائي ٿي”.
“ڀلا وائيلڊ لائيف وارا رکي رکي اخبارن ۾ اها خبر ڏيندا آهن ته فلاڻي جانور جو نسل گھٽبو وڃي. هيترا يا هيترا جانور وڃي بچيا آهن. هنن کي اها ڄاڻ ڪيئن ٿي پوي؟” مون پڇيو.
“ملائيشيا جي هرهڪ رياست ۽ ان جي هر ضلعي جو هر هڪ حصو ان کاتي جي عملدارن ۾ ورهايل آهي جيئن روينيو کاتي طرفان ٺهيل تعلقا، تپا ۽ ديهون مختيارڪارن، تپيدارن ۽ داروغن جي هٿ ۾ آهن، تيئن وائيلڊ لائيف جا عهديدار پنهنجي علائقي ۾ هلندڙ جانورن جي چُر پر تي نظر رکن ٿا. گھڻي خبر هنن جي پيري مان پوي ٿي. وڏو پير معنيٰ هاٿي وڏي عمر جو آهي. ننڍو پير معنيٰ ٻچو آهي. وڏو ۽ اونهون کتل پير معنيٰ ڪنهن ڍُڪي (پيٽ سان) ماديءَ جو ڳرو پير آهي ۽ ڪجھه مهينن بعد ڦَرُ ڏيڻ تي هاٿين جو هيترو تعداد ٿي ويندو. اهڙي طرح ٿلهي ليکي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ هاٿين جو ڳاڻيٽو ڪيو وڃي ٿو ۽ ان مان سال ۾ ٿيندڙ واڌ يا کوٽ جو سيڪڙو ڳڻي سگھجي ٿو.”
“ڀلا توهان جو هاٿيءَ سان ڪڏهن مهاڏو ٿيو؟”
“گذريل سال ملائيشيا جي اوڀر واري رياست ٽرينگانو وڃي رهيو هوس. رستي تي بيٺل هاٿيءَ سان ڪار جو ٽڪر ٿي پيو. هاٿيءَ جي کل ۽ ڏامر واري پڪي رستي جو رنگ هڪ جهڙو ٿئي ٿو. خاص ڪري سج لٿي مهل مينهن يا هاٿي سڃاڻي نٿو سگھجي. منهنجي ڪار جو ساڻس آمهون سامهون ٽڪر ته نه ٿيو پر تڏهن به چڱو گهڪو آيو. جيتوڻيڪ منهنجي گاڏي ان هاٿيءَ جي پاسي کان لنگهي وئي پر سندس ٻاهر نڪتل نيش (Tusk) منهنجي گاڏيءَ جو کاٻو پاسو سڄو چيري ڇڏيو. شيشي مان پٺيان ڏٺم، کيس ڄڻ ڪجھه به نه ٿيو. پر مون کي گاڏي مرمت ڪرائڻ جي راهه ويندي پنج هزار رِنگِٽَ (ملائيشيي ڊالر) چٽي پئجي وئي.
“هڪ ٻئي دفعي هڪ جھنگل جي ٽوئر دوران منهنجي ڪار کي هڪ ڀيرو وري هاٿيءَ کان نقصان رسيو. ٿيو ائين جو منهنجي ڪار لاڪ هجڻ ڪري ڊرائيور پنهنجي ڳوٺان آندل ڪيلن جي کاري، ڪار هيٺيان ڍڪي رکي. هن پنهنجي خيال کان ڀولڙن باندرن جي حملي کان ته بچائي رکي، پر نه ڄاڻ اتان ڪي هاٿي اچي لنگھيا. کين سونگھڻ جي تمام گھڻي قوت آهي. ويندي ماڻهوءَ جي پيري مان ان ماڻهوءَ جي خوشبوءِ به سمجهيو وڃن. سو کين ڪيلن کائڻ جو شوق ٿيو، پر ڪار هيٺان ڪيئن گھڙي ڪڍن؟ سو هڪ هاٿيءَ ڪار کي نيشن تي مٿي کڻي اونڌو ڪيو. ڪيلا ته ويا پر ڪار جي ڇت سڄي چٻي ٿي پئي.سو اهڙن نقصانن هوندي به مون کي ڪنهن جھنگل جي جانور سان وير ناهي.”

جِنَ سان نڪاح

گذريل مهيني، ملائيشيا جي شرعي ڪورٽ ۾، جڏهن نور سياح نالي هڪ غير شادي شده مسلمان ملئي ڇوڪريءَ کان سندس حرام ٻار بابت پڇيو ويو ته هن وراڻيو: “منهنجي شادي انسان ذات سان نه پر “اورانگ بونيئان” سان ٿي آهي. جيڪو هن وقت به موجود آهي، پر توهان هن کي ڏسي نٿا سگھو.”
اورانگ بنيئان (Orang Bunian) ملئي زبان جو لفظ آهي جيڪو جِنَ، ڀوت، پريت، پاڇي، روح، غيبات وغيره لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
نورسياح وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي جِنَ گھوٽ سان ٻن سالن کان زال مڙس واري سکي زندگي گذاري رهي آهي. بهرحال ڪورٽ کيس زنا ۽ حرام جو ٻار ڄڻن جي ڏوهه ۾ ڇهه مهينا جيل يا پنج سئو ڊالر ڏنڊ ڀرڻ جي سزا ٻڌائي.
پاڻ پنج سئو ڊالر ڏيڻ قبول ڪيائين.
روحن، غيباتن ۽ جنن ڀوتن سان مري ويل چينين جون شاديون ۽ دوستيون ياريون هانگ ڪانگ توڙي چين ۽ تائيوان ۾ ڪڏهن ڪڏهن ضرور ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، جو اهو سڀ ڪجهه چينين جي مذهب توڙي ڪلچر جو حصو آهن، پر مسلمانن لاءِ ان قسم جي ڳالهه بيحد نرالي آهي. اڄ ڪلهه اهو واقعو هتي جي اخبارن جي گرما گرم خبر آهي. آفيس توڙي گھرن، دڪانن ۽ بس اسٽاپن تي ان جو ذڪر هلندو رهي ٿو. هر هڪ جي وات تي Orang- Bunian بابت بحث آهي.
پهرين پهرين اها ڳالهه، مهينو کان اڳ، هتي جي هڪ انگريزي اخبار ٽي ڪالمي خبر ذريعي عام ڪئي. خبر جو عنوان هن ريت هو:
ڪوالاڪنگسار جي ڇوڪري جنهن غيبات سان شادي ڪئي.
”آئون پنهنجي ڌيءُ کي ٻئي ڪنهن سان شادي ڪرڻ لاءِ نه چوندس”. پيءُ جو بيان.“
۽ خبر هن ريت هئي:
ڪوالاڪنگسار: هڪ ماڻهوءَ اها دعويٰ ڪئي آهي ته هن پنهنجي ڌيءَ اورانگ بونيئان (جن) سان پرڻائي آهي ۽ هو نٿو چاهي ته سندس ڌيءَ جِن کان طلاق وٺي ڪنهن انسان ذات سان شادي ڪري.
الياس مت شاهد نالي هن سٺ ورهين جي همراهه ڪورٽ ۾ بيان ڏنو ته هن جي ايڪيهن ورهين جي ڌيءَ نور سياح هڪ جن سان خوش ازدواجي زندگي گذاري رهي آهي. جيڪو جِنُ ديواهنگ ساتريا جي نالي سان سڏجي ٿو.
مسٽر الياس ٻڌايو ته سندس ناٺي، يعني جِنُ، هنن جي گهر ۾ باقاعدگيءَ سان ايندو رهي ٿو. عام طرح هو رات جو ئي اچي ٿو، پر سندس ڌيءُ کيس ٻڌايو ته هو ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جو به اچي ٿو. اها غيب جي هستي فقط نور سياح ۽ کيس نظر اچي ٿي.
الياس جيڪو اٺن ٻارن جو پيءُ آهي ۽ ڪوالاڪنگسار شهر جي ويجھو رهي ٿو تنهن ٻڌايو ته هن جي ديوا هنگ ساتريا (جِن) سان ملاقات، سندس ڌيءُ جي شاديءَ کان مهينو کن اڳ ٿي. هنن جي شادي باقاعدي انسانن وانگر ٿي. هڪ رات، جنن جو هڪ نمائندو ساڻن اچي مليو ۽ کيس ٻڌايو ته سندس دوست ديوا هنگ ساتريا سندس ڌيءَ نور سياح سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
“منهنجي ڌيءَ ان وقت ستون درجو پاس ڪري هاڻ گھر جو ئي ڪم ڪار ڪيو ٿي. کيس وڌيڪ پڙهڻ جو شوق نه هو ۽ نه هن نوڪريءَ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن رلڻ چاهيو ٿي. هوءَ سڄو ڏينهن پنهنجي ماءُ کي گھر جي رڌ پچاءُ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ منجھس (نور سياح ۾) ٻين وانگر اجائي سجائي بَڪ ۽ گِلا جي عادت ناهي.
“شايد اهي گڻ اهڙا آهن جن تي ديوا هنگ جهڙي جِنَ موهت ٿي هن سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. ان بعد جِنَ جي نمائندي مون سان گھوٽ کي ملايو.”
ڇوڪريءَ جي پيءُ ٻڌايو ته سندس ناٺي ديوا هنگ ساتريا ڏسڻ ۾ چڱو خاصو سهڻو آهي. عمر ستاويهه ورهيه ٿينديس. هو هڪ مسلمان جِنُ آهي جيڪو انڊونيشيا جي ٻيٽن کان هتي ملائيشيا آيو آهي.
“منهنجي ڌيءُ جو به ساڻس شادي ڪرڻ جو اِرادو هو. ان ڪري مون ان رشتي لاءِ هائوڪار ڪئي. ان بعد اسان جي گھر ۾ ئي نڪاح پڙهايو ويو. عقد نڪاح ٽن شاهدن اڳيان ٿيو جيڪي مڙيئي غيب جي دنيا جا هئا. مون پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي ان ڪري نه گھرايو جو هو نه گھوٽ کي ۽ نه شاهدن کي ڏسي سگھن ها.
“شاديءَ بعد منهنجي ناٺي منهنجي ڌيءُ کي انڊونيشيا وٺي وڃڻ چاهيو ٿي پر منهنجي دل اهو نه مڃيو. مون کين هتي ئي رهڻ لاءِ چيو.”
الياس ٻڌايو ته هي جِنُ نه فقط شڪل شبيهه ۾ پر اٿڻي وهڻيءَ ۾ پڻ اسان عام انسانن وانگر پيش اچي ٿو. کيس کاڌو پيتو ڏنو وڃي ٿو ته وٺي ٿو نه ته ان بنا به گذارو ڪريو وڃي.
شرعي ڪورٽ ۾ الياس کان جڏهن جنن ڀوتن جي زندگيءَ بابت وڌيڪ تفصيل پڇيا ويا ته هن وراڻيو ته هن کي وڌيڪ خبر ناهي جو هو جِنن جي دنيا بابت گھڻي کوٽ کوٽ ڪرڻ نٿو چاهي ۽ نه هو پنهنجي ناٺي جِنَ جي خاندان جي وڌيڪ معلومات رکڻ گھري ٿو.
کانئس جڏهن پڇيو ويو ته جيڪڏهن نور سياح وري پيٽ سان ٿي پيئي ته هو ڇا ڪندو؟ تنهن تي هن وراڻيو ته اهو هو وقت کان اڳ چئي نٿو سگھي.
بهرحال هتي جي مذهبي کاتي کيس تنبيهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن ائين وري ٿيو ته نور سياح کي ڳري سزا ڏني ويندي.
انسان جي ڪنهن جِن سان شادي ٿيڻ ۽ ان مان پيٽ ۽ ٻار ڄمڻ ۽ ڪورٽ طرفان ان ڳالهه کي قبول نه ڪرڻ ۽ زنا قرار ڏيئي ڏنڊ وجھڻ تي اڄڪلهه هتي ملائيشيا ۾ ڪافي چؤ ٻول آهي.
جنهن ڳوٺ ۾ اها واردات ٿي آهي ان رياست پيراق جي مذهبي پيشوا مفتي حاجي هاروساني بن حاجي ذڪريا عوام کي تلقين ڪئي آهي ته هو جنن ڀوتن جي ڳالهين مان گھڻو اثر نه وٺن. رب پاڪ انسان ذات کي جنن ڀوتن کان اتاهون خلقيو آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي. ان قسم جون ڳالهيون ته جن ڀوت انسان تي حاوي آهن، اسان جي ايمان کي ڪچو بڻائين ٿيون. ان ڪري مسلمانن کي ڪنهن جن، ڀوت، روح پريت کان ڊڄڻ نه جڳائي. هڪ مسلمان، قرآن جون آيتون لڳاتار پڙهڻ سان جِنَ ڀوت يا شيطان جي شر کان – پاڻ کي هر وقت محفوظ رکي سگھي ٿو. حاجي صاحب ان ڳالهه جي به اميد رکي ته اسان جون اخبارون اهڙين ڳالهين کي حد کان وڌيڪ اشاعت ڏيڻ کان پاسو ڪنديون. ڇو جو اهڙيون خبرون_ حقيقي يا هٿ گھڙيون هر هر پڙهي انسان جو انهن ۾ پڪو يقين ٿي سگھي ٿو جيڪا ڳالهه اسان مسلمانن جي ايمان کي ڪمزور بڻائي ٿي.
هن جنن جي موجودگيءَ کان انڪار ته نه ڪيو، پر اهو چيو ته ان کان وڌيڪ طاقتور رب پاڪ مٿي ويٺو آهي.
شرعي ڪورٽ جي چيف قاضي حاجي حسب الله بن حاجي احمد هن ڪيس جي ڏوهارڻ نور سياح جي سزا جو اعلان ڪرڻ وقت ٻڌايو ته ڪا به مسلمان عورت ائين ٻار ڄڻي جيڪڏهن چوي ٿي ته هن جِنَ سان شادي ڪئي آهي ته ان جو اهو قدم زنا جي خاني ۾ شمار ڪيو ويندو.ڇو جو Muslim-Law ۾ اهڙين شادين جو وجود ناهي. حاجي حسب الله اهو پڻ ٻڌايو ته، عقل اهڙين ڳالهين کي نٿو مڃي. ڏوهارڻ نور سياح پيراق رياست جي اسلامي ڪوڊ جي قانون نمبر (3) 155 جي ڀڇڪڙي ڪئي آهي. هونءَ به اهڙي معاملي ۾ ڍر ڏيڻ سان بڇڙائي وڌي ويندي ۽ پوءِ جيڪا اڻ شادي شده ڇوڪري غلط ڪرتوتن ڪري پيٽ سان ٿيندي ته اها به ان لاءِ جوابدار ڪنهن جنَ کي ئي بڻائيندي.
جنهن ڳوٺ ۾ اهو واقعو ٿيو آهي ان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ان واردات تي سخت ڪاوڙ لڳي آهي ته سندن ڳوٺ جي ڇوڪري (نورسياح)سان هڪ جِنَ شادي ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي پيئي. هنن کي ان ڳالهه جو سخت ڏک آهي ته اهڙو واقعو سندن ڳوٺ ۾ ڇو ٿيو جنهن ڪري ظاهر آهي ته سندن ڳوٺ جي بدنامي سڄي ملڪ ۾ ٿي. پر نورسياح ۽ سندس پيءُ الياس جي اها دعويٰ آهي ته نور سياح کي اهو ٻار ديوا هنگ ساتريا نالي انڊونيشيا کان آيل هڪ مسلمان جِنَ مان آهي- جيڪو اڃا تائين هفتي ۾ ٽي يا چار ڀيرا نور سياح سان رات جو ملڻ چاهي ٿو. جنهن جِنَ کي فقط نور سياح ۽ سندس پيءُ الياس ڏسي سگھي ٿو. گذريل هفتي پينانگ ويندي ڪوالاڪنگسار-(جيڪو رستي تي اچي ٿو)، جي هڪ هوٽل ۾ چانهه پيئڻ لاءِ گهڙيس جتي ڪجھه ماڻهن کان جڏهن ان قصي جي حقيقت جو معلوم ڪيم ته سڀني اهو ئي چيو ته هنن جي خيال موجب نورسياح کي پيٽ ٿيڻ جو جوابدار ڪو اورانگ بونيئان (جِنُ) نه پر انسان جو ئي ٻچو آهي، جنهن جو هوءَ ڍَڪُ ڍَڪَي رهي آهي.
يونيورسٽي ملايا جي ملئي پروفيسر محمد تائب بن عثمان کان جِنَ ڀوت غيبات_يعني Orang Bunian بابت خيال پڇيم.
“ملئي زبان ۾ اورانگ معنيٰ ماڻهو ۽ بونيئان معنيٰ جيڪو نظر نه اچي_ غيبات”، هن ٻڌايو، “اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ان قسم جي غيبات هتي موجود آهي يا نه. ڇو ته ان بابت نه ته ڪي پڪيون حقيقتون ملن ٿيون ۽ نه وري ٺوس بيان، جن ذريعي ثابت ڪري سگھجي. پر ملئي ماڻهن ۾ گھڻي عرصي کان ڪي قدر اهو وهم يا عقيدو هلندو اچي. نه فقط ملائيشيا ۾ پر برونائي، انڊونيشيا، فلپين، ڏکڻ ٿائلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ -جتي جتي تهذيب جو اثر رهيو آهي.”
هڪ ٻئي پڙهيل، ڳڙهيل همراهه ٻڌايو:
“غيبات جي موجودگي کي ثابت ڪري ڏيکارڻ جو جيتوڻيڪ ڪو سائنسي طريقو نه آهي، پر اهڙيون ڪيتريون ئي شيون هن دنيا ۾ ٿينديون رهن ٿيون جن کي سائسني نموني ثابت نٿو ڪري سگھجي. جيئن اڻ شادي شده بي بي مريم کي حضرت عيسيٰ جو ڄمڻ. ”
اسان جي شهر ملاڪا کانپنجاهه کن ميل ڪوالالمپور ڏي هڪ شهر “لنگي” آهي جنهن ۾ميگات عباس نالي هڪ مشهور يوناني طبيب حڪيم رهي ٿو. جتي ٻين نور سياح ۽ سندس پيءُ جي ڳالهين کي خيالي، من گھڙت ۽ ڪوڙو پئي سڏيو اتي هن ان ڳالهه کي سچائيءَ تي مبني قرار ڏنو آهي.
هڪ ڏينهن ڪوالالمپور ويندي رستي تي لنگيءَ ۾ هن حڪيم کان ان بابت پڇيم:
“جيڪڏهن تون مون کانغيبات بابت ڪا ثابتي گھرندي ته آئون ڪا به ڏيئي نه سگھندس. پر اها حقيقت آهي ته آئون انهن سان ملي چڪو آهيان.” هن ٻڌايو.
1961ع جي ڳالهه آهي ته هي حڪيم هتي جي هڪ گھاٽي جهنگل ۾ پنهجين دوائن لاءِ ڪي ناياب ٻوٽا ۽ ڇوڏا گڏ ڪري رهيو هو ته هن کي هڪ جھوني وڻ جو ڪريل ٿڙ نظر آيو. جنهن مان کيس هڪ مٺي خوشبوءِ اچڻ لڳي.
“مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ آئون خوابي دنيا ۾ هليو ويو هجان. ايتري ۾ هڪ ڪراڙو ماڻهو منهنجي اڳيان اچي بيٺو، جيتوڻيڪ مون کي اها سڌ نه پيئي ته هو ڪٿان آيو. چوڻ لڳو ته ان ٿڙ کان هٽي پري ٿي بيهه ۽ جيڪڏهن هن جو چوڻ نه مڃيم ته مون کي ڪجھه ٿي پوندو. مون هن جي ڳالهه کي بلڪل ڪٿ ۾ نه آندو ۽ پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهيس. ايتري ۾ مون کي گھوماٽي آئي ۽ ان ٿڙ تي وڃي ڦهڪو ڪيم.”
حڪيم صاحب ٻڌايو ته پوءِ هن جي جڏهن اک کلي ته هن پنهنجو پاڻ کي هڪ ٻي دنيا ۾ محسوس ڪيو_ جيڪا غيبات جي دنيا هئي. ميگات عباس کي جنهن پراڻي ٿڙ کان پاسو ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو اهو جنن جي سردار جي محلات جو حصو هو. کيس سزا طور سردار جي ڌيءُ- يعني جنڙيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو ويو.
حڪيم ميگات عباس ان جنڙيءَ سان شادي ڪئي ۽ ڪجھه عرصي لاءِ پاڻ کي بيحد خوش محسوس ڪيو. ان عرصي دوران هي پاڻ به غيبات وانگر ماڻهن کي نظر نه ايندو هو.
“ڪڏهن ڪڏهن آئون تنغقق (ملاڪا ۽ جاسن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو شهر) جي مارڪيٽ ۾ شيءِ شڪل لاءِ ويندو هوس. خريداريءَ وقت دڪاندار مون کي ڏسي سگھندو هو پر دڪان تان لهڻ بعد آئون هن جي نظرن کان اوجھل ٿي ويندو هوس.”
بهرحال ڪجھه عرصو ان غيب جي دنيا ۾ رهڻ بعد هن کي اوچتو پنهنجي اصلي زندگي ۽ گھر ٻار ياد اچڻ لڳو. سندس جنڙي زال ان کي محسوس ڪري ورتو ۽ کيس آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي دنيا ۾ پنهنجي پهرين زال وٽ هليو ويو ته پوءِ وري هن دنيا ۾ اچي نه سگھندو ۽ نه ساڻس ملاقات ٿي سگھندي. پوءِ جڏهن حڪيم صاحب گھڻو زور ڀريو ته سندس جنڙي زال ۽ اها دنيا سندس اکين اڳيان آهستي آهستي ائين ميسارجي ويئي جيئن پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿيڻ سان اولڙو. هڪ دفعو وري حڪيم صاحب پنهنجو پاڻ کي ساڳي جھنگل ۾ ڏٺو. پر ائين ٿيڻ کان اڳ هن جنڙيءَ کان ڪنن جا ايئرنگ کسي ورتا.
“اڄ ڏينهن تائين مون وٽ هن جا ايئرنگ موجود آهن.” حڪيم ميگات عباس ايئرنگ ڏيکاريندي وڌيڪ ٻڌايو ته هن کي ان جنڙي زال مان ٻه ٻار آهن ۽ انسان زال مان چار ٻار. جنن جي زندگي اسان انسانن جي زندگيءَ سان گھڻو ملي ٿي. اهي اسان انسانن وانگر لڳن ٿا ۽ اسان وانگر زندگي بسر ڪن ٿا. جنن ۾ ڪي مسلمان آهن ته ڪي ڪافر يا ٻين مذهبن جا. اهي گھرن ۾ رهن ٿا ۽ ڪارون هلائين ٿا. شادي مرادين جا ڪاڄ ۽ ڪندوريون (دعوتون) ڪن ٿا. ويندي اسان وانگر رڌين پچائين ٿا ۽ سندن اسان وانگر پوليس ۽ فوج آهي.”
اڄ جي اخبار ۾ ضلعي قاضي حاجي احمد بخاريءَ جو بيان آيو آهي ته نور سياح تسليم شده شاديءَ بنا جيڪڏهن وري پيٽ سان ٿي ته اسان جو مذهبي کاتو سندس خلاف سخت قدم کڻڻ کان هرگز نه ڪيٻائيندو. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسلام جنن، شيطانن جهڙين Super Natural شين کان انڪار نٿو ڪري، پر هو ساڻن شادي ڪرڻ لاءِ نه اجازت ڏئي ٿو، نه همٿ افزائي ڪري ٿو ۽ نه وري اهڙي شادي اسلامي نقطه نگاهه کان قابل قبول آهي.

مشرق منهنجي لاءِ سڀ ڪجھه آهي

ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏينهن ٽاڪ منجھند جو اوچتو هڪ انگريز “ليڊيءَ” سان ملاقات ٿي. ڪوالالمپور ۾ سير سپاٽي لاءِ آيل ڪيترائي انگريز نظر اچن ٿا، پر ڏُور اوڀر جي هن ملڪ ملائيشيا تان “پنهنجو اباڻو ملڪ انگلنڊ قربان ڪندڙ هيءَ پهرين “مئڊم” ملي جيڪا ڪڏهوڪو هتي جي ٿي ويٺي آهي. ائين به نه آهي ته ڪو سندس مڙس هتي جو ملئي آهي جنهن ڪارڻ هن انگلينڊ کي ڇڏي ملائيشيا کي پنهنجو وطن بڻايو. سندس مڙس به هن جهڙو نج انگريز هو. (هو ڪجھه سال اڳ گذاري ويو) جنهن کي پاڻ چوٿو صدي سالَ اڳ ڇڪي هتي وٺي آئي هئي ۽ هاڻ هن ٽراپيڪل، ٻارهوئي گرم ملڪ ۾ هلي ٿي ته پگھر وڃيو کڙيون کڻيس. ان هوندي به هوءَ هتي جي ملڪ، ماڻهن، ماحول ۽ موسم مان خوش آهي.
آئون هيڪاندو وائڙو ٿي ويس ۽ هوءَ مون کي بيحد نرالي ۽ دلچسپ شخصيت لڳي، جڏهن هن پاڪستان جي ڪيترن ئي پراڻن فوجي آفيسرن، سياستدانن ۽ اهم شخصيتن جي خبر چار پڇي جن مان ڪيترن کي مون ئي نٿي سڃاتو.
“ڇا توهان پاڪستان ۾ به رهيون آهيو؟” مون پڇيو مانس.
“آئون پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهي آهيان، پر ان وقت جڏهن اڃا ننڍي کنڊ جو ورهاڱو نه ٿيو هو ۽ اهو يڪو برٽش انڊيا سڏبو هو.”
“توهان جي قوميت ڇا آهي؟”
“آئون ملائيشين آهيان. 1952ع کان جڏهن آئون 30 سالن جي هيس هتي ملائيشيا ۾ رهان ٿي ۽ هتي جو ئي پاسپورٽ اٿم. منهنجا ماءُ پيءُ ضرور انگلنڊ جا هئا، پر آئون هن ملڪ کي پنهنجو وطن سمجھان ٿي.”
تنهنجي معنيٰ ته هيءَ مئڊم داتن پيگي ٽيلر، 1923ع ڌاري ڄائي ۽ هن وقت ڇاهٺ سالن جي ٿيندي- مون دل ئي دل ۾ سندس عمر جو حساب ڪري سندس صحت ۽ ڦڙتائي جو کيس داد ڏنو.
کلندي وراڻيائين: “گھڻو مٺاڻ کائڻ ڪري هاڻ ٿلهي ٿي پئي آهيان، نه ته ڪجھه سال اڳ تائين ته پاڻ کي بنهه سنهو رکندي آيس.”
مون کانئس انگلنڊ ۾ گذاريل ننڍپڻ جي ڏينهن جو پڇيو:
“منهنجو ننڍپڻ انگلنڊ جي شهرن ۾ نه پر ايشيا ۽ هن ڏُور اوڀر جي گھٽين ۾ گذريو”، هن وري زور زور سان کليو، ۽ پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي چيو، “آئون برما ۾ ڄايس ۽ اتي ئي شروع جي تعليم حاصل ڪيم.”
ان ڏينهن داتن پيگي سان وڌيڪ خبرچار ٿي نه سگھي. هن تي ڪجھه لکڻ لاءِ هڪ دفعو وري ساڻس مليس. تيسين مون کي خبر پئي ته هو واقعي نه فقط ملائيشيا پر برما، سنگاپور ۽ ننڍي کنڊ جي هڪ اهم ۽ رنگين شخصيت آهي. هوءَ سياست ۾ به رهي آهي ته فوج جي آفيسر پڻ. هن کي آرٽ سان به دلچسپي آهي ته خدمت خلق جهڙي نيڪ ڪم سان به.
ملائيشيا ۾ داتن (Datin) ان عورت کي سڏبو آهي جنهن جي مڙس کي داتڪ(Datuk) جو خطاب مليل هجي. اهو خطاب ڪنهن اهم ڪم يا ملڪ جي خذمت ڪرڻ جي اجوري ۾ ملڪ جي بادشاهه يا ڪنهن به رياست جي سلطان طرفان ملندو آهي. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ انگريز بادشاهه کان ننڍي کنڊ جي هندن مسلمانن کي راءِ بهادر يا خان بهادر جهڙو خطاب ملندو هو.
گذريل هفتي عيد جون موڪلون هيون. سو پنهنجي شهر ملاڪا کان هلي ملي ڪوالالمپور ساڻس ملڻ ويس. پاڻ ائمپنگ روڊ تي هڪ پراڻي انگلش نموني جي گھر ۾ رهيٿي جنهن جي چوڌاري ڪافي خالي پٽ ۽ پراڻا گھاٽا وڻ آهن. ڪوالالمپور جي ائمپنگ روڊ جهڙي مشغول رستي تان لنگھندڙ ٽرئفڪ جي آواز بدران سندس گھر اڳيان جھرڪين ۽ ڳيرن جي تنوار اچي ٿي. پاڻ ٻن نوڪرياڻين سان گڏ رهي ٿي، جن مان هڪ آح_ لان (Ah- lan) نالي چينياڻي ته ويهن سالن کان هن وٽ ڪم ڪري ٿي جيڪا گھر جي ڪم ڪار کان علاوه سندس ڪاغذ پٽ ۽ روزمره جي مشغولين کي پڻ ترتيب ڏئي.
شاديءَ کان اڳ داتن پيگي ٽيلر جو نالو پيگي ليما هو.
“منهنجي ڏاڏاڻي خاندان جو جهازن سان گھڻو واسطو رهيو آهي”، هن ٻڌايو،“منهنجو پيءُ B.I.S.M ڪمپنيءَ ۾ مرچنٽ نيويءَ جو ڪيپٽن هو ۽ منهنجو ڏاڏو انگلنڊ جي رايل نيويءَ ۾ Pay – Master چيف هو. منهنجي پيءَ جي نالي سان Lima ۽ ڏاڏاڻي آڪهه جو جهازرانيءَ سان گھڻو تعلق هجڻ مان لڳي ٿو ته اسان جا وڏا پورچوگالي هئا، جيڪي ڪنهن دور ۾ پورچوگال کان لڏي انگلنڊ آيا هوندا.”
داتن ٽيلر ٻڌايو ته سندس ماءُ جو وري سياست سان واسطو رهيو آهي. 1920ع ڌاري انگلينڊ ۾ جيڪا Women – Suffrage جي تحريڪ هلي هئي ان ۾ سندس ماءُ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن بعد عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو.
“سو شايد ان ڪري منهنجي رت ۾ به سياست شامل آهي ۽ سياست جو اهو شوق ماءُ طرفان مليو اٿم.”
ملائيشيا جي ائڊمو پارٽي Alliance Direct Member Organization Party جيڪا 1960 ۾ ٺهي انجي داتن پيگي ٽيلر پهرين ۽ اڃا تائين واحد عورت ميمبر آهي. ان کان اڳ ۾ حڪومت جي Alliance پارٽيءَ ۾ فقط ملئي ماڻهن جي UMNO، انڊين جي MIC ۽ چينين جي MCA پارٽيون هيون.
“اسان جهڙا انگلنڊ ۽ يورپ کان آيل يا يوريشين، جن جو مٿين ٽن پارٽين سان ڪو به واسطو نه هو ۽ هو فقط ملائيشين هئا ۽ سندن وفاداريون حڪومت سان هيون، انهن لاءِ اسان جي نئين ٺهيل پارٽي ADMO اهم ڪردار ادا ڪيو. آئون ان پارٽيءَ جي قومي ليول تي وائيس چيئرپرسن ۽ سلينگور رياست جي پارٽي چيئرپرسن ٿي رهيس. رڳو سلينگور ۾ اسان جي پارٽيءَ جا پنج هزار ميمبر هئا. جيتوڻيڪ اسان جي پارٽي ڪا وڏي ڄمار نه ماڻي سگھي ۽ سياسي پارٽيءَ بدران اها هڪ قسم جي سوشل آرگنائيزيشن ٿيندي ويئي. پر جيترو وقت آئون رهيس، مون اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته نه فقط مرد پر عورتون پڻ ملڪ ۽ عوام جي خذمت ڪري سگھن ٿيون.
“Politics is a Greek word meaning ‘To Care’ & if you do, it is simple.”
هن مون کي ڪيترن ئي غريب ماڻهن جا تعريفي خط ڏيکاريا جن جي ڏُورانهن ڳوٺن ۾ هن وڃي سندن مسئلا ٻڌا ۽ حڪومت تي زور آڻي اهي مسئلا ۽ ڏک ڏُور ڪيا.
داتن پيگي ٽيلر برما ۾ ڄائي، جتي سندس پيءُ انهن ڏينهن ۾ نوڪري ۾ هو. ٻي وڏي لڙائيءَ تائين هن رنگون (برما) ۾ ئي تعليم ورتي. لڙائيءَ ۾ سندس پيءُ مارجي ويو ۽ سندس ماءُ کي سرڪاري گھر ڇڏي پنهنجي ذاتي گھر ۾ رهڻو پيو، جنهن ۾ داتن پيگيءَ جنم ورتو هو.
“برما ۾ اسان جو اهو Hill House ائين مٿائين ۽ ٿڌي جڳهه تي هو جيئن هتي ملائيشيا ۾ ڪئمرون هاءِ لئنڊس يا پاڪستان ۾ ڪوهه مري يا نٿيا گلي وغيره آهن. آئون تن ڏينهن ۾ ڪاليج ۾ هيس ۽ ڪاليج جي هاسٽل ۾ ئي رهندي هيس. برٽش چيو ته جپان ڇهه مهينا کن به مقابلو ڪري نه سگھندو. هو کين رستي تان ئي ڀڄائي ڪڍندا، پر پوءِ هرهڪ ڏٺو ته ائين نه ٿي سگھيو. هو ويو هڪ ٻئي پٺيان ملڪ فتح ڪندو ۽ برما تائين ڌوڪي آيو. انگريز ۽ سندس سپاهه-جنهن ۾ برما ۽ ملايا جي ماڻهن سميت ننڍي کنڊ جا سولجر پڻ هئا، سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. ان سان گڏ شهري آبادي پڻ. اسان کي ماءُ جي ۽ ماءُ کي اسان جي خبر نه پيئي. هر ڪو پنهنجو سر بچائي سلامتيءَ جون واهون ڳولڻ لڳو.
“اسان جي ڪاليج جي ڇوڪرين جي هڪ جٿي کي انگريز سرڪار هڪ پاڻيءَ جي آگبوٽ ۾ چاڙهي هندستان روانو ڪيو. هندستان جپان جي جنگي باهه ۽ ڄڀين کان اڃا بچيل هو.”
“پوءِ آرميءَ ۾ توهان ڪڏهن ڀرتي ٿيون؟” مون پڇيومانس.
“انڊيا پهچي مون 1941ع ۾ Women’s Auxiliary Service ۾ داخلا ورتي. ان وقت آئون ارڙهن سالن جي هونديس. جتان پوءِ مون کي ملٽري تعليم لاءِ ڪوئيٽا جي اسٽاف ڪاليج ۾ موڪليو ويو. ملٽري سکيا دوران بلوچستان ۽ سنڌ جا ڪافي حصا گھميس.”
ڪوئيٽا (پاڪستان) جي اسٽاف ڪاليج بعد کيس ليفٽيننٽ بڻائي چٽنگانگ (هاڻ بنگلاديش) جي آرمي ڪئمپ ۾ رکيو ويو. جتي پوءِ ڪجھه عرصي بعد هن جي پروموشن ٿي ۽ ليفٽيننٽ مان ڪئپٽن ٿي.
“مرد آفيسرن ۾ ان وقت آئون واحد عورت هيس. ڊيوٽي جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته نيپال ۽ ڀوٽان کان به وڃي نڪرڻو پوندو هو. بس يا ريل تي جيڪي منهنجي آڌر ڀاءُ لاءِ ايندا هئا اهي مون کي ڳولڻ بدران ڪنهن مرد ملٽري آفيسر کي ڳوليندا وتندا هئا. يا ڪڏهن ڪڏهن دهليءَ کان لاهور تائين يا ڪوئيٽا کان ڪراچيءَ تائين ريل جي ساڳي دٻي ۾ مرد فوجين سان سفر ڪرڻو پوندو هو.
“انهن ڏينهن ۾ هندستان ۾ سڀ کان تڪليف وارا آفيس جا ٽوائليٽ هوندا هئا. اهي اڪثر آفيس پٺيان ليچي يا گيدوڙي جي وڻ هيٺيان تختن جا ٺهيل هئا. مرد آفيسرن لاءِ ته مڙيئي خير هو پر مون کي موڪل تائين پنهنجو پاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکڻو پوندو هو.”
“ڀلا توهان جي شادي ڪڏهن ٿي ۽ مڙس سان ملاقات ڪٿي ٿي؟”
“منهنجو مڙس ايرڪ ٽيلر آرميءَ ۾ ميجر هو. هو انهن ڏينهن ۾ هندستان جي ڪوسٽ گارڊ سروس ۾ هو. پوءِ اتان هن جيڪا ريجمينٽ ڀرتي ڪئي ان کي مشرقي بنگال (اڄ جي بنگلاديش) ۾ رکيو ويو. اتي هن ان مشهور جنگ “انفال” ۾ حصو ورتو جنهن ۾ جپاني انگريزن کي وڪوڙي ويا هئا. اتان ڀڄڻ بعد هن کي چٽگانگ ۾ رکيو ويو. جتي انهن ڏينهن ۾ آئون پاڻ بدلي ٿي آئي هيس. اسان جو چٽگانگ ۾ عشق ٿيو ۽ پوءِ 1946ع ۾ ڪلڪتي ۾ شادي ٿي.”
چٽگانگ ۾ هنن جي پوسٽنگ ۽ رهائش پتنگا علائقي ۾ هئي جتي هينئر چٽگانگ جو ايئرپورٽ به آهي. اهو علائقو چٽگانگ شهر کان ڪجھه ميل پري ڪرنا ڦلي نديءَ جي ساڄي ڪپ تي آهي جتي اها ندي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، اتي ئي ٻئي ڪپ تي جُلديا نالي هڪ ٻيٽ آهي جتي تن ڏينهن جي انگريز فوج جا فوجي نوعيت جا ڪيترائي يادگارآهن. مارڪنگ ٽاور، لائيٽ هائوس کان وٺي رهائش جون بئرڪون ۽ ڪلب وغيره. ان ٻيٽ تي 1962ع ۾ پاڪستان حڪومت ملڪ جي پهرين مئرين اڪيڊمي ٺهرائي جيڪا پوءِ بنگلاديش ٿيڻ بعد ڪراچيءَ ۾ الڳ ٺهرائي ويئي. شروعاتي شاگردن مان آئون پڻ هڪ آهيان جنهن ان مان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم ورتي. چٽگانگ جي هن ٻيٽ جُلديا ۽ پتنگا بابت داتن پيگي ٽيلر جي يادگيري قابلِ داد آهي. ان کان علاوه هوءَ ڀر وارن علائقن: چندرگنا، ڪپتائي پهاڙتلي، رنگا مٽيءَ جو پڻ ذڪر ڪندي رهي. مون کي سندس وقت جو خيال ٿيو جو هن وٽ ويٺي مون کي ڪافي دير ٿي ويئي هئي.
“ آئون اتفاق سان اڄ بنهه واندي آهيان. مون کي هڪ يوريشين ساهيڙيءَ ملڻ لاءِ چيو هو، پر اتفاق سان اڄ ئي هن جي مڙس رچرڊ ڊالائلا کي ملائيشيا جو جج مقرر ڪيو اٿن، ان جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ ايندڙ مهمانن ۾ هوءَ بزي آهي. هن کان اڳ هو آسٽريليا جي شهر پرٿ ۾ ٻارن جي تعليم ڪارڻ، سترهن سال رهيا جتي سندس مڙس سينئر رجسٽرار هو. هن جو ڀاءُ البرٽ واشنگٽن ۾ ملائيشيا جو سفير آهي، سو تنهنجي اچڻ کان اڳ هن مون سان رکيل ملاقات ڪئنسل ڪري ڇڏي.”
ٿڌي ٿي ويل چانهه کڻي وڃڻ ۽ ٻي گرم آڻڻ لاءِ هن پنهنجي نوڪرياڻيءَ آح_ لان کي سڏيو:
“فرينچ چوندا آهن ته چانهه ٺاهڻ بعد ڪٽليءَ ۾ ڪلاڪ کن ضرور رکجي. خبر ناهي ايتري دير چانهه ڪيئن ٿي گرم رهي سگھي.” داتن ٽيلر ڳالهه بعد پنهنجا روايتي ٽهڪ ڏيندي رهي. نوڪرياڻيءَ کي تيسين ڪئميرا ڏنم ته اسان جا فوٽو ڪڍي.
“جلدي ڪرو، جلدي ڪرو” داتن ٽيلر هن کي اڙدوءَ ۾ چيو.
“So, You can speak Urdu Also?”
مون کانس پڇيو.
“ٿوڙا ٿوڙا اردو هندي سب بول ليتا هَي.” داتن چيو. ۽ پوءِ ٻڌايائين ته هوءَ جڏهن به ڪنهن دعوت يا فنڪشن ۾ افتخار سان ملندي آهي ته هن سان اڙدوءَ ۾ ڳالهائيندي آهي. افتخار ڪرڪيٽ جو مشهور ڪمينٽري ڪندڙ ڪجھه سالن کان هتي ڪوالالمپور ۾ سنگر سلائي مشين واري ڪمپنيءَ ۾ هڪ وڏيءَ پوسٽ تي آهي.
“افتخار جتي به ملندو آهي ته رڙ ڪري کيڪاريندو آهي. ’ميم صاحب، ڪَيسا هَي؟‘ ۽ آئون به جواب ڏيندي آهيانس ’ٺيڪ هَي، ٺيڪ هَي. تم اپنا خبر ڪرو‘.“ هوءَ وري کلڻ لڳي. مون محسوس ڪيو ته هن عمر ۾ ايترو صحتمند رهڻ جو راز نه فقط کاڌو پيتو ۽ ورزش آهي پر هر حال ۾ خوش رهڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪِرت ۾ رڌل رکڻ پڻ ضروري آهي. جنهن تي داتن ٽيلر پورو پورو عمل ڪري ٿي.
“ڀلا پوءِ هتي ملائيشيا ڪيئن اچڻ ٿيو؟” مون پڇيو.
“ها. اهو هن ريت. پاڪستان هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ سگھو ئي اسين انگلنڊ هليا وياسين. منهنجي مڙس کي آرڪيٽيڪٽ ٿيڻ جو شوق هو، پر اسان کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته آيا هو ائين ڪري يا آرميءَ ۾ ئي رهي. پر پوءِ جيئن اسان ٻڌو ته هن جي فلسطين بدلي ٿيڻ واري آهي ته پوءِ آرمي ڇڏي آرڪيٽيڪچر پڙهڻ ۾ لڳي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ آئون پيٽ سان ٿيس. انگلنڊ ۾ جيڪو وقت رهياسين مزو نه آيو. اتي جي هڻ هڻان واري زندگي ۽ مشرق جي پرسڪون زندگيءَ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيوسين. آئون مشرق جي پيداوار هيس. مشرق منهنجي لاءِ سڀ ڪجھه هو. رنگون، ڪوئيٽا، چٽگانگ، ڪلڪتو، کٽمنڊو، دهلي، لاهور- ڪنهن شهر ۾ ڄايس ته ڪنهن ۾ پڙهيس. ڪٿي پنهنجي نوڪريءَ جي ابتدا ڪيم ته ڪٿي عشق جو آغاز ۽ شادي رچايم. هن مشرق سان منهنجو اول کان چاهه هو. منهنجي مڙس ايرڪ جو به هاڻ مشرق سان من لڳي چڪو هو ۽ کيس مشرق ۾ رهڻ پسند هو. 1948ع ۾ هن سنگاپور ۾هڪ نوڪريءَ لاءِ درخواست موڪلي ۽ کيس اها نوڪري ملي وئي.”
اهڙي ريت ايرڪ سنگاپور آيو ۽ هن اتي عمارتن جا نقشا ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو. ان دوران سندس زال داتن پيگي ٽيلر ماڊلنگ ڪئي. سهڻي ۽ سنهي جسم ڪري هوءَ ان ۾ تمام گھڻو ڪامياب رهي.
ان بعد 1952ع ۾ اٺن مهينن جي موڪل تي جڏهن هو وري انگلنڊ ويا ته اتي کين خبر پئي ته ڪوالالمپور جي ميونسپل ڪائونسل ۾ آرڪيٽيڪٽ جي جاءِ خالي آهي. هن ان نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو. “ ۽ اهڙي طرح اسين ان وقت کان هتي ملائيشيا ۾ آهيون. ڪوالالمپور پهچي پهريان ڏينهن مون کي سنگاپور ڏاڍو ياد ايندو هو پر پوءِ آهستي آهستي هن شهر ڪوالالمپور سان به دل لڳي وئي. انهن ڏينهن ۾ هتي سڀ کان بهترين جاءِ Griffin Inn هو جتي ڊانس کان علاوه انهن ڏينهن جي مشهور ڳائڻي ٽوني شوليانو (Tony – Sollano) سان ڳائيندا هئاسين. اها جاءِ هاڻ به آهي پر ان کي هاڻ Intan – Bow سڏين ٿا.”
داتن پيگي ٽيلر ۽ سندس مڙس داتڪ ايرڪ ٽيلر کي ملائيشيا جي آزاديءَ کانپوءِ سگھو ئي 1960ع ۾ هن ملڪ جي شهريت Citizenship ملي.
“اسان لاءِ ملائيشيا انگلينڊ کان وڌيڪ هئي جتي جي ماڻهن ۽ ماحول سان اسان کي پيار ٿي ويو هو. منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان اڻ وسرندڙ گھڙي اها آهي جڏهن 31 آگسٽ 1957ع تي ملائيشيا کي خودمختياري ملي ۽ آڌي رات جو سلينگور ڪلب جي ميدان Padang تي اسان انگلنڊ جو جھنڊو لهندو ۽ ملايا جو چڙهندو ڏٺو.”
“اولاد ڇا اٿانوَ؟” مون پڇيومانس.
“مون کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. مڙس جو 1977ع ۾ انتقال ٿي ويو. وڏو پٽ انگلنڊ ۾ رهي ٿو ۽ اتي ئي شادي ڪئي اٿس. هڪ ٻار به اٿس. منهنجي ڌيءَ کي ميوزڪ ۽ راڳ جو شوق هو. هوءَ جھانسبرگ (ڏکڻ آفريڪا) ۾ رهي ٿي ۽ ڪمپوزر آهي. هو ٻئي ايندا رهن ٿا يا خبرچار لهڻ لاءِ آئون هنن وٽ ويندي آهيان.”
داتن ٽيلر کي جھوني جڳ جون شيون Antique گڏ ڪرڻ جو شوق آهي ۽ اهڙين شين سان سندس گھر ڀريل آهي. مٽيءَ جون مورتيون، پٿر جا بت، پتل ۽ ٽامي جون هٿ جون ٺهيل شيون، تصويرون ۽ گلدستا- جن مان ڪيتريون شيون ته خود انهن جي آرٽسٽن کيس تحفي طور ڏنيون آهن. انهن شين ۾ برما ۽ ڪمبوڊيا آرٽ جون سڀ کان گھڻيون ۽ تواريخي شيون شامل آهن- خاص ڪري Angkor Wat جي ڪپڙي تي ٺهيل تصوير جيڪا سندس گھر ۾ گھڙڻ سان سامهون نظر اچي ٿي.
انهن آرٽ جي شين وانگر هن وٽ اهم ماڻهن کان مليل ڪيترائي سرٽيفڪيٽ، خط ۽ فوٽو آهن جيڪي ڳالهين دوران غور سان ڏسندو رهيس. هڪ سرٽيڪفيٽ جيڪو سڀ ۾ اهم چئي سگھجي، اهو آرميءَ ۾ سٺي طرح ڊيوٽي ڏيڻ جي عيوض فيلڊ مارشل ويول (Wavell) جي حڪم سان 1946ع ۾ انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ کيس ڏنو ويو هو. انگريز بادشاهه طرفان تن ڏينهن ۾ ڏنل ان قسم جو سرٽيفڪيٽ مون به پهريون دفعو ڏٺو، جنهن جي شروعات گلن وارن اکرن ۾ ڪجھه هن طرح آهي:
“جارج ڇهون جيڪو الله جي فضل سان عظيم برطانيا، آئرلينڊ ۽ ست سمونڊ پار حڪومتن جو بادشاهه، مذهب جو رکوالو ۽ هندستان جو شهنشاهه آهي...” وغيره وغيره.
سبحان الله! بلي بلي! اڄ به ان قسم جا سرٽيفڪيٽ هند سنڌ جي ڪيترن ئي خان بهادرن ۽ راءِ بهادرن وٽ سونن فريمن ۾ محفوظ آهن، پر هن متوالي عورت داتن ٽيلر جي چينياڻي نوڪرياڻيءَ ان کي هڪ پلاسٽڪ جي فائل ۾ وجھي هيڏانهن هوڏانهن پئي رلايو.
داتن ٽيلر جڏهن برما ۾ پڙهندي هئي ته هن جي ڪلاس ۾هڪ برمي ڇوڪري سندس تمام سٺي ساهيڙي هئي. اڳتي هلي اها ڇوڪري برما جي انقلابي ڪائونسل جي چيئرپرسن ٿي ۽ سندس مڙس فوج جو جنرل ۽ برما جو ليڊر ٿيو. منهنجو اشارو برما جي جنرل ني ون (Ne – Win) جي زال مئڊم ني ون ڏي آهي. 1968ع ۾ جڏهن جنرل ني ون ملائيشيا جي سرڪاري دوري تي ڪوالالمپور آيو ته سندس زال تن ڏينهن جي ملائيشين پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان کان پنهنجي ڪلاس ميٽ داتن ٽيلر جو پڇيو ۽ هن سان ويهن سالن بعد ملاقات ٿي. اها خبر ان ڏينهن جي اخبارن تفصيل سان ڇپي هئي. داتن کان اها اخبار ۽ ڪجھه فوٽو به ورتم. هڪ ۾ هوءِ اڳوڻي ملائيشيا جي بادشاهه کان سند وٺي رهي آهي. هڪ ۾ مشهور نيپالي گائيڊ شيرپا تانزنگ سان بيٺي آهي. ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ جن پهرين ماڻهن فتحيابي حاصل ڪئي، اهي آهن: سر اڊمنڊ هلاري Sir Edmund Hillary ۽ هي گورکو گائيڊ شيرپا تانزنگ.
تانزگ ان فتحيابي بعد جڏهن ملائيشيا گھمڻ آيو ته هتي جي وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان کيس تحفي طور هڪ خنجر ڏنو. وزيراعظم سان ملڻ بعد هو داتن پيگي ٽيلر سان ملڻ آيو جيڪا آرمي وارن ڏينهن ۾ سندن علائقي جي آفيسر رهي چڪي هئي. هڪ فوٽوءَ ۾ هو وزيراعظم طرفان مليل اهو تحفو داتن پيگي کي ڏيکاري رهيو آهي. ٻئي ۾ هنن سان گڏ آسٽريليا جو هاءِ ڪمشنر پڻ آهي. داتن ٽيلر جي ان وقت جي جسم ۽ سونهن مان چئي سگھجي ٿو ته هوءَ واقعي ماڊلنگ جھڙي پروفيشن ۾ ڪامياب رهي هوندي.
منهنجي ان چوڻ تي ته “آرمي بدران توهان کي هالي ووڊ وڃڻ کپي ها،” هن وڏو ٽهڪ ڏنو. سندس انهن سرٽيفڪيٽن ۽ خطن مان هڪٻئي خط جي فوٽو ڪاپي کنيم. جيڪو ان وقت اهم وقت جي ياد آهي جڏهن سنگاپور ملايا کان ڌار ٿيو. هي خط 23 آگسٽ 1965ع جو لکيل آهي جيڪو تن ڏينهن جي پرڏيهي وزير مسٽر راجا رتنام پنهنجي نئين ملڪ سنگاپور مان داتن ٽيلر کي لکيو هو. ان ۾ هن سنگاپور جي عليحدگيءَ بابت لکيو آهي ته اها جدائي اهڙي شيءِ آهي جيڪا هنن (سنگاپورين) هرگز نٿي چاهي، پر ملايا جي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ هنن مجبوريءَ ۾ قبول ڪئي ۽ اميد ته اهو وڇوڙو عارضي رهندو.
داتن پيگيءَ سان موڪلائڻ وقت مون سندس گھر ۾ وڇايل هڪ جھوني ۽ سهڻي غاليچي بابت پڇيو:
“ها، اها ڳالهه توکي ٻڌائڻ وسري ويئي. منهنجي مڙس ڪوالالمپور شهر جون ڪيتريون ئي عمارتون ڊيزائن ڪيون. “پاڪستان مسجد” به انهن مان هڪ آهي جيڪا جالان راجا مودا (Raja Muda Road) تي آهي. ان مسجد جي نقشي ٺاهڻ جو هن ڪو به اجورو نه ورتو. ان جي بدلي ۾ هتي جي رهندڙ پاڪستانين اسان کي هي ڪارپيٽ سوغات طور ڏنو، جنهن کي دل سان سانڍي رکيو اٿم.
پاڪستان ايمبسيءَ جو جيڪو هتي پهريون سفير نواب شير علي خان هو اهو پڻ اسان جو فئملي فرينڊ هو. هن جي لاهور واري گھر جو نقشو پڻ منهنجي مڙس دوستيءَ ۾ ٺاهيو هو. اسان جي ڀٽي صاحب سان به ڪافي عليڪ سليڪ هئي. آخري دفعو هن سان 1962ع ڌاري U.N.O ۾ ملاقات ٿي جهن هو ايوب خان جي ڏينهن ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير هو. مون کي مئڊم بينظير سان ملڻ جي ڏاڍي سڌ آهي. مون کي اهو پڙهي خوشي ٿي ته هوءَ ان ملڪ جي وزيراعظم ٿي آهي، جيڪو اسلامي رياست آهي. منهنجي خيال ۾ مارگريٽ ٿيچر جو انگلينڊ جو پرائم منسٽر ٿيڻ ايڏي وڏي ڳالهه ناهي جيترو بينظير لاءِ. مون کي مارگريٽ لاءِ به چاهت آهي پر جهڙو مسلمان ملڪ، جتي مرد جي مٿاهين حيثيت آهي، اتي اهو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ بينظير کي ضرور گھڻي محنت ڪرڻي پيئي هوندي، ان ڪري هن جي آئون مارگريٽ کان به وڌيڪ واکاڻ ڪريان ٿي.”
“ايندڙ مهيني هتي ڪوالالمپور ۾ ڪامن ويلٿ جي وزيراعظمن جي گڏجاڻي آهي. ٿي سگھي ٿو ته هوءَ هتي اچي ۽ توهان جي ساڻس ملڻ جي تمنا پوري ٿي وڃي.” مون کانئس موڪلائيندي، ياد ڏياريو.
“ضرور. شل حياتي ساٿ ڏئي.” هن وراڻيو ۽ پوءِ هڪ مشهور ملئي چوسٽي جون آخري ٻه سٽون چيون:
Kalau Ada Umur Panjag, Bloeh Kita Berjimpa Lagi.
“ڪلائو ادا عمر پنجانگ بوليح ڪيٽا برجمپا لاگي.”
(جيڪڏهن عمر ڊگهي رهي ته ضرور هڪدفعو وري ملاقات ٿي ويندي.)

لاش کي ڳجھن حوالي ڪرڻ

ڪوالالمپور کان ڪراچي MAS هوائي جهاز جي اڏام ڪلاڪ ٻن لاءِ دهلي به ترسي ٿي. مون سان گڏ ان ڏينهن سفر ۾ گھڻي ڀاڱي سک هئا، جن کي دهليءَ جي “اندرا گانڌي” هوائي اڏي تي لهي پنهنجي وطن امرتسر وڃڻو هو. ڪجھه پنجاب پاسي جا پاڪستاني پڻ هئا. منهنجي بلڪل اڳئين سيٽ تي هڪ پارسي ويٺل هو جنهن کي دهليءَ ۾ لهي، پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاءِ بمبئي وڃڻو هو.
“توکي ڪوالالمپور سٺو لڳي ٿو يا بمبئي؟” ڀر ۾ ويٺل سک، شايد وقت گذارڻ خاطر کانئس سوال ڪيو. اسان پڻ پنهنجو ڌيان ان ڏي ڌريو.
“نوڪري يا ڪمائڻ لاءِ سنگاپور، ڪوالالمپور جهڙا هنڌ سٺا آهن، پر رهڻ ۽ مرڻي پرڻي لاءِ بمبئي يا ڪراچي سٺو لڳي ٿو.” پارسيءَ ٻڌايو.
“اهو ڀلا ڪيئن؟ اسان سکن کي ته هِتي توڙي هُتي هڪجهڙو ئي مزو اچي ٿو.”
“ان ڪري جو توهان سک جتي به رهو ٿا ته سون هزارن جي حساب سان گڏ رهو ٿا. ولايت ۾ به توهان جا پنهنجا عبادت گھر آهن جتي خوشيءَ توڙي غميءَ جون جملي ڌرمي ريتون رسمون پوريون ڪيون وڃن ٿيون. اسان پارسين جو هتي پرديس ۾ ڪو مري وڃي ته اسان لاءِ وڏو مسئلو ٿيو پوي. توهان وانگر نه ساڙي سگھون ٿا ۽ نه مسلمانن وانگر زمين اندر دفن ڪري سگھون ٿا...”
سوال پڇندڙ سک کي شايد اها ڄاڻ نه هئي ته پارسي ڌرم جا ماڻهو لاش کي دفن ڪرڻ بدران ڳجهن حوالي ڪندا آهن جنهن جو بندوبست بمبئي ۽ ڪراچيءَ جهڙن شهرن ۾ سالن کان آهي.
پارسي هڪ ننڍڙو ڌرمي فرقو آهي جيڪو باهه جي پوڄا ڪري ٿو. اسلام کان اڳ ايران جو اهو سرڪاري مذهب هو. هنن جو نبي (زورو هسٽر) حضرت عيسيٰ کان ٻه ٽي هزار سال اڳ ڄائو هو. اسلام جي اثر ۽ ايران تي عربن جي ڪاهن بعد، پارسي مذهب ايران جي فقط هڪ ٻن شهرن تائين وڃي رهيو. ٻارهين صديءَ ڌاري، گھڻي ڀاڱي پارسي، ايران ڇڏي هندستان جي الهندي ڪناري وارن شهرن ۾ اچي رهيا، خاص ڪري گجرات ۾. ان ڪري هنن تي گجراتي زبان ۽ ڪلچر جو اثر ٿيو. اڄ تائين هندستان ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ ڪيترائي پارسي گجراتي ڳالهائين ٿا.
شروع شروع ۾ پارسي ايترو امير نه هئا. هو ٻني ٻارو ڪندا هئا. انگريزن جي اچڻ بعد هنن انگريزي زبان، انگريزي پوشاڪ ۽ ڪلچر کي پنهنجو ڪيو. اوائلي ايران کي پرشيا سڏبو هو. پرشن گلف، پرشن ڪارپيٽ يا ڪراچيءَ جي پرشين بيڪري ان نالي تان آهن.
ڪراچيءَ ۾ به هن وقت پنج هزار کن پارسي رهن ٿا ۽ صدر ۾ يونائيٽيڊ هوٽل واري رستي ۽ پاڪستان چوڪ ۾ ميٺارام هاسٽل سامهون سندن باهه جي پوڄا جا مندر آهن. هو اڄ به پنهنجيون ڪيتريون ئي جھونيون رسمون قائم رکندا اچن. باهه جي پوڄا ڪرڻ انهن مان هڪ آهي. پر سڀ مان عجيب رواج- يا ڌرمي ساٺ سوڻ، پارسيءَ جي مرڻ تي ٿئي ٿو، جنهن ۾ مئل پارسيءَ جو لاش ڳجھن کي کارايو وڃي ٿو.
هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ مٿئين پارسي همراهه ٻڌايو ته بمبئي شهر ۾ (جتي هو رهي ٿو) روزانو چار يا پنج کن پارسي مرن ٿا جن جا لاش صبح جو ستين ڌاري يا شام جو چئين وڳي مينار (Tower) تي پهچايا وڃن ٿا. ڳجھن کي ٽائيم ٽيبل جي خبر آهي ۽ صبح ۽ شام جو انهن وقتن تي بمبئي شهر مٿان انيڪ ڪاريون ڳجھون پَر ڦڙڪائينديون نظر اينديون.
انهن مينارن مان هڪ مالابار ٽڪريءَ تي آهي جيڪو اڄڪلهه بمبئيءَ جو خوبصورت رهائشي علائقو آهي. بمبئيءَ ۾ پارسين جا اهڙا نَو مينار آهن، جن مان پنج اڄ به استعمال ۾ آهن. اهي ماٺ جا مينار “Tower of Silence” سڏبا آهن. اتي پارسين کان علاوه ٻئي ڪنهن کي وڃڻ جي اجازت نه آهي.
پارسيءَ جي موت تي کيس وهنجاري سهنجاري سوٽي اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهي، ماٺ جي هن مينار وٽ آندو وڃي ٿو. اتي، لاش کي پهرين مينار جي منهن وٽ ٺهيل هال ۾ رکبو آهي جنهن جي اڳيان ڪجھه ٻاوا ڌرمي گيت ۽ منتر پڙهي لاش جي چوڌاري ست ڦيرا ڏيندا آهن، جيڪي جادوءَ جا ست ليڪا ٿيا جنهن مان ڪو به بدروح ٽپي نٿو سگھي. ان بعد لاش کي اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ هڪ گھٽ ذات جا شڪاري ايندا آهن. پوءِ پارسين جي پاڪ باهه، ان لاش جي ڀرسان رکي ٻاوا وري ڪجھه پڙهي چؤطرف شوڪاريندا آهن. مائٽن مٽن، دوستن يارن کي ان لاش جو پري کان آخري دفعو ديدار ڪرايو ويندو آهي. ان بعد کين هٿ لائڻ جي به اجازت نه هوندي آهي.
هڪ ڪتي کي ان لاش جي ويجھو آندو ويندو آهي جنهن بابت پارسي ٻاون جو چوڻ آهي ته ان سان لاش مان نڪرندڙ شيطاني چقمقي ڪرڻا فقط ڪتي جون اکيون ڏسي سگھن ٿيون ۽ کين زنده انسان ڏي پکڙجڻ کان جهلين ٿيون.
پارسين جو اهو به عقيدو آهي ته ڪتي کي اها خبر پوي ٿي ته آيا ماڻهو واقعي مري چڪو آهي يا نه. اهو تمام ضروري آهي ڇو جو لاش کي وچ مينار ۾ آڻڻ بعد وري موٽائي نٿو سگھجي. پوءِ ڀلي اتي پهچي خبر پئي ته اهو جيئرو آهي.
بمبئيءَ ۾ اهڙن ڪيترن ئي لاشن جون ڪهاڻيون آهن، جن کي جنهن وقت ڳجھن حوالي ڪيو ويوته اهي جيئرا ٿي پيا. پر پوءِ کين واپس موٽڻ بدران، لاش ڍوئيندڙ شڪارين خنجر هڻي پورو ڪري ڇڏيو. ڇو جو هڪ دفعو مينار جو اندريون حصو ڏسڻ بعد ڪو به ٻاهر جي دنيا سان تعلق نٿو رکي سگھي.
ڪتي جي سونگھي وڃڻ بعد، لاش کي اڳتي کڻي وڃڻ لاءِ، ان کي هڪ لوهي کٽ تي ليٽايو وڃي ٿو ۽ مئل پارسي ان بعد پنهنجي عزيزن دوستن کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويندو آهي. ويندي ويجھن عزيزن کي به اڳتي وچ مينار ڏي وڃڻ جي موڪل نه هوندي آهي. مڙدي کي کٽ سوڌو کڻي وڃڻ لاءِ ٻيا شڪاري ايندا آهن، جن جو سڄي عمر اهو ڪم هوندو آهي. اهي رهن به ان مينار جي آس پاس ۾. سندن مري وڃڻ بعد، اهو ڪم سندن اولاد ڪري. اهي ماڻهو نيچ درجي جا سمجھيا ويندا آهن. اهي نه مندر ۾ اچن ۽ نه ڪنهن پارسيءَ جي شادي مراديءَ ۾ حاضر ٿين.
مينار جي اندر، ڳجھن حوالي لاش ڪرڻ لاءِ، چوٽيءَ تي ٽي گول ٿلها هڪ ٻئي اندر ٺهيل آهن. مٿانهون ۽ ٻاهريون گھيرو مرد ماڻهن جي لاشن لاءِ آهي. ٿورو هيٺاهون ۽ وچ وارو گھيرو عورتن لاءِ، ۽ بنهه وچ وارو ۽ آخري ڏاڪي وارو، ٻارن لاءِ. اهي ڏاڪا گھڻو اونها نه آهن. ڇو جو ڳجھه هڪ ڳرو پکي آهي. لاش کائڻ بعد ويتر ڳرو ٿيو پوي ۽ هن کي اڏام لاءِ سنوت وارو پٽ هجڻ ضروري آهي. جيئن هوائي جهاز وانگر ٽيڪآف ڪري سگھي. گھڻو اونهو کوهه ٺاهڻ تي هن کي ٻاهر نڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي.
لاش هنن ٿلهن تي پهچائي، شڪاري به پري ٿي ويندا آهن. پوءِ لاش کي چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ فقط ڳجهون هونديون آهن، پارسين وٽ مرڻي جون رسمون ۽ روڄ راڙو چار ڏينهن هلندو آهي. چوٿين ڏينهن مئل جو دلپسند کاڌو ٺاهي غريبن ۾ ورهايو ويندو آهي. تيسين انهن چئن ڏينهن اندر لاش جو ذرو ذرو کاڄي ويندو آهي. لاش جي چوڌاري ويڙهيل ڪپڙو، ڳجھون پنهنجين طاقتور چنهنبن سان ڦاڙي، لاش جون پهريناکيون ڪڍنديون آهن. ان بعد لاش سان جيڪو حشر ٿيندو آهي اهو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.
ڳجھون جڏهن پنهنجو ڪم پورو ڪري وينديون آهن ته ان بعد بچيل هڏا وغيره، اس ۾ ڏينهن ٻه سڪائي پوءِ وچ ۾ ٺهيل کوهه ۾ اڇليا ويندا آهن. ان وچئين کوهه نما کڏَ ۾، وقت به وقت چُن ۽ گندرف وڌو وڃي ٿو جيئن انسان جا بچيل وکا، ڇيڇڙا ۽ آنڊا، گجيون سڙي کپي وڃن ۽ چوڌاري گھٽ کان گھٽ ڌپ رهي. سانوڻيءَ جي ڏينهن م، جيڪا بمبئي ۾، جون کان سيپٽمبر تائين هلي ٿي، مينهن جو پاڻي ان سڄي بچيل مال کي پاڻ سان کڻي گٽرن ۽ زمين دوز پاڻيءَ جي تهن تائين پهچايو ڇڏي.
پارسي، جيڪي امن پسند چيا وڃن ٿا، پنهنجن وڏن جي لاشن سان هن قسم جو وحشي برتاءُ ڇو ٿا ڪن؟ هڪ سوال.
اسان سان هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ پارسيءَ موجب:
“ڳالهه ساڳي آهي. هر صورت ۾ لاش جيت جڙن، جانورن پکين ۽ مڇين جو کاڄ ٿئي ٿو. زمين ۾ دفن ڪرڻ سان هن کي ڪينئان کائين ٿا، سمنڊ ۾ اڇلڻ سان مڇيون. انهن کان وري به پکين جو کاڄ ٿيڻ بهتر آهي. ڪينئان ته لاش کي ختم ڪرڻ ۾ مهينا لڳائين ٿا، پر ڳجھون ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ڪريو ڇڏين.”
ڪراچيءَ جي هڪ پارسي ٻائي ان جو جواب هن ريت ڏنو: “پارسي ماڻهن کي هن ڌرتيءَ سان پيار آهي. هو لاش کي ان ۾ دفن ڪري ڌرتيءَ کي خراب ڪرڻ نٿا چاهين ۽ نه وري لاش کي ساڙي ان ڌرتيءَ جي هوا (Atmosphere) خراب ڪرڻ گھرن ٿا ۽ نه سمنڊ يا درياهه ۾ لاش کي اڇلي پاڻي خراب ڪرڻ گھرن ٿا.”
پارسين جو اهو يقين آهي ته ڳجھن کي قدرت ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو آهي. ٻين لفظن ۾ هو “آسماني ڀنگياڻيون” آهن جن جو ڪم آهي ڌرتيءَ تي انسانن ۽ جانورن جي لاشن جي صفائي ڪرڻ. ساڳي وقت انهن بکايل پکين حوالي لاش ڪرڻ، هڪ خير جو ڪم آهي. جيڪو ثواب مري ويل، آخري وقت تي ڪمائي ٿو.
پارسي پنهنجي پيغمبر Zoroaster جي نصيحتن تي عمل ڪن ٿا. هو جڏهن ايران کان هندستان جي اولهه ڪناري ڏي، ننڍڙين ٻيڙين ۾ آيا ته پاڻ سان پنهنجي پاڪ باهه به کڻي آيا ۽ ان کي ٻرندو رکندا اچن. هنن جو ان ڳالهه ۾ اعتماد هو، ۽ اڄ به آهي ته باهه سچائي، پاڪائي ۽ عقلمنديءَ جي علامت آهي. اها خراب خيالن ۽ خواهشن کي هضم ڪريو ڇڏي.
پارسين جا ٻار ستن سالن جي ڄمار تي پهچڻ بعد پارسي مذهب ۾ داخل ٿين ٿا. جنهن لاءِ هنن کي هڪ خاص فنڪشن ۾ ٻائي پٺيان ڪجھه منتر پڙهڻا پوندا آهن. ان بعد ڍڳيءَ جي پيشاب جو ڍُڪ پيئڻو پوندو آهي جنهن کي هڪ قسم جو Purifier صاف / پاڪ ڪندڙ سمجيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ رهندڙ پارسي اها رسم ادا نه ٿا ڪن- يا گھٽ ۾ گھٽ هو ان کان انڪار ڪن ٿا.
پارسي هڪ ختم ٿيندڙ قوم آهي جنهن جو لک کن هندستان ۾ رهي ٿو ۽ اڌ لک کن ٻين ملڪن ۾. ۽ ان اڌ لک جو به اڌ ايران جي شهر يزد (Yazd) ۾. باقي بچيل اڌ پاڪستان، اوڀر آفريڪا، يورپ ۽ آمريڪا ۾ آهي.
سندن تعداد ۾، هر سال پنج ڇهه هزار ماڻهن جي کوٽ اچي ٿي. ڇو ته هي اهو ڌرم آهي جنهن ۾ ڪو ڌاريون اچي نٿو سگھي. پارسيءَ جو اولاد ئي پارسي ٿي سگھي ٿو. اڄڪلهه جا ڪيترا پارسي نوجوان يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهي، پنهنجي مذهب کي وساري ويٺا آهن. هو لامذهب يا عيسائي (ڪرسچن) ٿيڻ کي فئشن سمجھن ٿا. ان کان علاوه ڪو پارسي ڇوڪرو ٻاهران شادي ڪري ٿو ته هو پارسي رهي ٿو پر پارسي ڇوڪرِي ڌارئين سان شادي ڪرڻ سان پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ مڙس جي ميمبرشپ وڃايو ڇڏي.
انڊيا ۾ (۽ پاڪستان ۾ پڻ) پارسي واپار ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ هڪ وڏي طاقت رکن ٿا. هو پنهنجن کي ئي ورسائين، همٿائين، خير خيرات ڏين ۽ ٻي جي مدد ڪن ٿا. نتيجي ۾ غريب کان غريب پارسي به عام مڇي ماني واري کان خوشحال نظر اچي ٿو. پارسين جا پنهنجي قوم لاءِ ٺهيل مسافر خانا، اسپتالون، غريب گھر، اسڪالرون ۽ خيرات جا ڪم عام جام ٻڌڻ ۾ ايندا. ڪجھه پارسين جو اهو به خيال آهي ته خير خيراتن غريب پارسين کي هڻي سست ۽ ڪاهل بڻائي ڇڏيو آهي.ڪيترائي ترقي پسند پارسي لاش جي ان بي حرمتي- يعني “ماٺ جي مينار” کي پڻ ختم ڪرڻ چاهين ٿا، پر پارسي ڌرم جا ٻاوا ان کي مذهب سان لازم ملزوم سمجھن ٿا. هو لاش کي ختم ڪرڻ جو اهو تيز ترين طريقو سمجھن ٿا. ان کان علاوه ان کي جمهوري نمونو پڻ سمجھن ٿا. جنهن ۾ امير توڙي غريب کي، ڳجھن جي کاڄ لاءِ، هڪ ئي ٿلهي تي رکيو وڃي ٿو. ڳجھون صحيح معنيٰ ۾ Levelers آهن جيڪي سڀني کي ائين سڌو ڪريو ڇڏين جيئن ڳرو رولر کڙ کٻڙ واري رستي کي.
بهرحال ماٺ جي مينار جي وحشانيت ۽ خوف پنهنجي جاءِ تي، پر هن مرڻي جي رسم جا ڪجھه مسئلا پڻ آهن. مالابار هِل (ٽڪري) واري مينار کي ڇڏي، بمبئيءَ جي ٻين مينارن جو گھير ايترو ته سوڙهو آهي جو ڳجھن کي واپس اڏامڻ ۾ سخت ڏکيائي ٿئي ٿي. جيڪي اڏامڻ وقت، جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هيليڪاپٽر وانگر نه پر هوائي جهاز وانگر سڌو ڊوڙي ۽ پوءِ مٿي چڙهن ٿيون. نتيجي ۾ تمام گھٽ ڳجھون انهن مينارن (ٽاورن) تي لهن ٿيون ۽ لاش مان ڏينهن جا ڏينهن بدبوءِ نڪرندي رهي ٿي.
۽ هيڏانهن ڪراچيءَ جو شهر ۽ ان جي ٽرئفڪ ايڏي وڌي ويئي آهي جو ڊفينس مارڪيٽ وارو “ماٺ جو مينار” وچ شهر ۾ ٿي پيو آهي. گوڙ گھمسان ڪري ڪيتريون ئي ڳجھون هيٺ لهڻ جي همت ئي نٿيون ڪن ۽ هوائي حادثن بعد، هوائي ڪمپنين ڪراچيءَ جي آس پاس جون ڪيتريون ئي ڳجھون مارائي ڇڏيون آهن. جنهن جي ڪري پڻ، ڳجھن جي سخت کوٽ ٿي پيئي آهي ۽ لاش کي کائڻ لاءِ فقط ڪانگ ڪٻرون ئي اچن ٿيون جيڪي اهو ڪم ان اڇتائيءَ سان نٿيون ڪري سگھن- جنهن سان ڳجھون ڪن ٿيون.

پاڪستان جو هيرو ملائيشيا جي هيروئن

ايشيا ۾ ننڍي کنڊ (بنگلاديش، پاڪستان ۽ هندوستان) ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن تي انگريزن جو راڄ رهيو، جهڙوڪ: هانگ ڪانگ، سنگاپور، برما، برونائي، سلون، ملائيشيا وغيره. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جهن جپانين انگريزن جي انهن بيٺڪن تي حملو ڪيو ته اسان جي کنڊ جا ماڻهو-گورکا، سک، پنجابي، پٺاڻ- جيڪي انگريز فوج ۾ هئا- هانگ ڪانگ، برما، سنگاپور ۽ ملائيشيا کي بچائڻ لاءِ جپانين سان وڙهيا. جنگ دوران ڪيترائي مارجي ويا، ڪيترا ڦٽجي پيا.
هوڏانهن يورپ پاسي جرمني ۽ هيڏانهن جپان، انگريزن جي قبضي ۾ آيل ملڪ هڪٻئي پٺيان حاصل ڪندا ويا. پر پوءِ انگريزن کي وري سندن بيٺڪون ملي ويون. پوءِ انگريزن سگھو ئي هندستان کي آزاد ڪيو ۽ پاڪستان جنم ورتو. ان بعد سنگاپور ۽ ملائيشيا کي به آزادي ملي. انگريزن جي فوج، پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ اسان جي طرف جا ڪم ڪندڙ ماڻهو موٽي پنهنجي آزاد ملڪن: هندستان، پاڪستان ۾ آيا. پر ڪيترائي پنهنجن اباڻن ڳوٺن ۾ اچڻ بدران هتي ملائيشيا ۾ ئي ترسي پيا. هڪ ته تن ڏينهن ۾ سفر ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو جهڙو اڄ آهي. ٻيو ته ننڍپڻ کان فوج ۾ رهڻ ڪري هنن لاءِ جهڙو هي ملڪ تهڙو اباڻو ديس. ڪيترا پاڪستاني ۽ هندستاني هتي ملائيشيا ۾ ان ڪري به ترسي پيا جو وڏي جنگ، بيماري، ڏڪار ۽ هندستان جي ورهاڱي مهل ٿيل ڪوس، ظلم، لڏپلاڻ (جنهن ۾ پنجاب صوبو هيڪاندو گھڻو اثر هيٺ اچي ويو) ۾ مائٽ مٽ دربدر ٿي ويا. نتيجي ۾ هاڻ هو ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ موٽي وڃن. ان ڪري ڪيترائي پنجابيمسلمان توڙي سک، ۽ پٺاڻ هتي جي ملئي ۽ چيني عورتن سان شادي ڪري، هتي جي ئي ماحول ۾ رچي، بسي ويا. ڪي وري پنهنجي وطن وڃي شاديون ڪري ڪجھه عرصو رهي، پوءِ هميشه لاءِ ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ زالن، ٻارن ۽ ٻين مائٽن کي وٺي آيا.
سو اهڙيءَ طرح ملائيشيا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ پاڪستان جي پنجاب صوبي جا ماڻهو ملندا جن مان ڪيترا ته اڄ به پنهنجي اصلوڪي ديس جوچڪر هڻندا رهن ٿا. ڪي وري هڪ دفعو به واپس ان وطن ۾ نه ويا آهن جتي هو ڄاوا نپنا. هو هتي رهي هتي جي ملئي زبان کان علاوه پنهنجو پاڻ ۾ اڃا تائين پنجابي ڳالهائين ٿا- جيتوڻيڪ سندن اولاد ملئي مائرن جي ڪري پنجابي ايتري سٺي نٿو ڳالهائي، پر سمجھي چڱيءَ طرح ٿو جنهن جو مڌر لهجو هنن کي ڏورانهين ڌرتيءَ جي ياد ڏياري ٿو، جنهن جو نالو پاڪستان آهي ۽ جنهن جي سرسبز ۽ دريائن جي ديس واري صوبي پنجاب ۾ سندن پيءُ ڏاڏو ڄائو ۽ وڏو ٿيو ۽ پوءِ “انگريز بهادر” جي نوڪريءَ ۾ هجڻ ڪري ملايئشيا کان اچي نڪتو- جيڪو تن ڏينهن ۾ پنجاب جي مقابلي ۾ هر لحاظ کان پٺتي پيل هو- تهذيب ۾، ٽيڪنالوجي ۽ سائنس ۾، لوڪ ادب ۾، شعر و شاعريءَ ۾.
ملائيشيا ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ هندستان جي تامل ناڊو ۽ ڪيرالا رياستن جا سڀ کان گھڻا آهن جن جي مادري زبان تامل، مليالم، ڪنهڙ ۽ تيلگو وغيره آهي. پر اهي سڀ هڪ ٻئي سان تامل زبان ۾ ڳالهائين ۽ پرائمري ليول تائين ٻارن کي تامل اسڪولن ۾ موڪلين. ان بعد ننڍي کنڊ جا سک، پنجابي مسلمان، گجراتي، بنگالي، بهاري، سنڌي هندو ۽ پٺاڻ آهن. اهي هڪ ٻئي سان اڙدو (يا کڻي چئجي ته هنديءَ) ۾ ڳالهه ٻولهه ڪن. ٻارن کي پرائمري ليول کان ئي ملئي ۽ انگريزي پڙهائين جو هتي پرائمري تعليم جا اسڪول چيني، ملئي، انگريزي ۽ تامل ۾ آهن. تامل ۽ چيني اسڪولن جو ڪو خاص اسڪوپ نه رهيو آهي. اهي ٻئي ٻوليون ملئي ۽ انگريزيءَ کان ڏکيون پڻ آهن.
بهرحال ڳالهه انهن ماڻهن جي پئي ڪئيسين جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ پاڪستان کان هتي نوڪري ۽ پورهئي خاطر آيا ۽ ان بعد واپسيءَ جي ڏکئي سفر ڪري، سُستيءَ ڪري يا هتي جي ڌرتي يا ان جي ڪنهن دوشيزه سان دل لڳائڻ ڪري ويهي رهيا- جنهن جي نگاهن جي تيرن سندن پيرن ۾ سنگهرون وجھي ڇڏيون ۽ هتي ئي قابو ٿي ويا.
اهڙي ڪنهن پاڪستاني فئملي جي ڪهاڻيءَ تي اسان جو يار انور اقبال فلم ٺاهڻ جي موڊ ۾ آهي. انور اقبال بلوچستان جو آهي. سنڌي، اڙدو، پنجابي ۽ بلوچي سٺي ڳالهائي ٿو. بنيادي تعليم ڪراچيءَ جي مئري ڪلاڪ اسڪول ۽ اسلاميا ڪاليج مان ورتي اٿس ۽ ڪراچي ٽي. وي جي سنڌي ۽ اڙدو ڊرامن مان کيس مشهوري حاصل ٿي ۽ هاڻ پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو ائڪٽر ۽ پروڊيوسر آهي. مون سان هارون رند ۽ محمود صديقي وارن ٽي وي اسٽيشن تي سندس ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي هئي، جڏهن هو اڃا ٽي وي جو آرٽسٽ هو.
تازو ٻه چار ڏينهن اڳ، هو ان سلسلي ۾ هتي ڪوالالمپور آيو هو. مون کي پڻ ڪوالالمپور کان اڏيري لعل جي اسرار شاهه فون تي اهو ٻڌايو ته هڪ پاڪستاني همراهه فلم ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ملائيشيا آيو آهي.
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ سندس تصوير هتي جي هڪ فلم ائڪٽريس لينا فيروز شاهه سان گڏ انگريزي اخبار ۾ ڏٺم. تصوير سان گڏ اها خبر هئي ته ملائيشيا جي ائڪٽريس لينا کي پاڪستاني پروڊيوسر انور اقبال، پاڪستان ۾ مستقل طور اداڪار ٿي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڏني آهي.
جيسين انور اقبال وارن سان ملاقات ٿئي تيسين لينا جو فون نمبر هتي جي هڪ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ کان ملي ويو جنهن ان سلسلي ۾ وڌيڪ تبصرو ڪرڻ نه چاهيو، پر هوءَ خوش ضرور هئي ۽ تمام گھڻو ته هاڻ هوءَ ملائيشيا کان علاوه، هڪ ٻئي ملڪ- پاڪستان جي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪندي ۽ ڄاڻ ته بين الاقوامي شهرت جي اداڪاره ٿي. لڳي ٿو ته کيس مون وانگر پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي گھٽ ڄاڻ آهي. پاڪستاني فلمن جو چيو وڃي ٿو ته معيار ايترو ڪري پيو آهي جو خود پاڪستان جا ماڻهو وڏي پڙدي جون فلمون ڇڏي ٽي وي تان ڪرڪيٽ مئچون پيا ڏسن. ڪنهن زماني جا چوٽيءَ جا اداڪار ۽ اداڪارائون پڻ فلمون ڇڏي ڪراچيءَ جي سوڙهين گھٽين ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺڻ لاءِ واجھائي رهيون آهن. پاڪستاني فلمون ته هاڻ سنجھورو، سانگھڙ، کپرو، ميهڙ جهڙن ڳوٺن ۾ به نٿيون هلن. پر جيڪا پر اميد ڳالهه آهي اها انور اقبال جي ذات آهي. هو محنتي، ذهين ۽ پئسي وارو آهي. چاهي ته هن قسم جي فلم کي هو نه فقط پاڪستان ۾ پر ٻين ملڪن ۾ پڻ هلائي پنهنجو ۽ ملڪ جي فلمي دنيا جو نالو مٿاهون ڪري سگھي ٿو. جنهن قسم جي ڪهاڻي سندس من ۾ آهي ان قسم جي فلم گھڻن ملڪن ۾ نه ته دبئي، دوحا، ملائيشيا، سنگاپور، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، مالديپ ۽ فجي جهڙن ٻيٽن تي ضرور هلي سگھي ٿي، جتي ڪيترائي پاڪستاني ۽ ملئي ماڻهو رهن ٿا. آخر ته ان پئٽرن جون شميم آرا جون فلمون مس هانگ ڪانگ، پلي بواءِ وغيره به ته ڪافي مارڪيٽ حاصل ڪري ويون هيون ۽ انور اقبال ته پڪ شميم آرا کان وڌيڪ اڄ جي فلمي مسئلن ۽ مارڪيٽنگ کان ڄاڻو آهي. پر شميم آرا اهي فلمون ٺاهڻ مهل اها عقلمندي ضرور ڪئي ته انهن جي هيروئن پاڻ نه ٿي. پر هن فلم ۾ انور اقبال پاڻ هيرو ٿيڻ چاهي ٿو ... ڀلي ٿئي ... ڪو خاص اعتراض ناهي، بس فقط ٿورو ورزش ڪري ڪجھه جسم تان ماس هلڪو ڪري وٺي ته سٺو، نه ته هتي جا ماڻهو اهوئي چوندا ته پاڪستان جا ائڪٽر به هندستان جي تامل فلمن جهڙا آهن. جيڪي ائڪٽر گھٽ ڌونئرو ڏڌ وڪڻڻ وارا ميهار وڌيڪ لڳن ٿا. يا وري سَڀرن مندرن جا صحتمند ٻانڀڻ.
انور اقبال سان گڏ پاڪستاني ڊائريڪٽر محبوب علي ۽ ڪهاڻي نويس جلال افغاني پڻ ملائيشيا آيو آهي. هو ڪنهن ملائيشين پئسي واري جي ڳولا ۾ آهن، جيڪو هن فلم جي خرچ ڀرڻ ۾ ساڻن ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگھي- جنهن جي ستر سيڪڙو شوٽنگ هتي ملائيشيا ۾ ئي ڪرڻ جو سوچيو ويو آهي.
هن پاڪستاني گروپ هتي جي مشهور ملئي ڪهاڻي نويس ۽ فلمي نقاد حمزه حسين سان پڻ ملاقات ڪئي آهي ۽ ٻئي سال جي شروع ۾ ان فلم جو ڪم شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
“ان فلم جي ڪهاڻي مسٽر افغاني لکندو جيڪا ٻن وڇڙيل خاندانن جي وچ ۾ ڳانڍاپي جي هوندي- جن مان هڪ پاڪستان ۾ ئي آهي ۽ ٻيو پاڪستان ڇڏي ملائيشيا ۾ اچي رهيو آهي.” حمزي ٻڌايو.
هن وڌيڪ چيو ته ان قسم جي ڪهاڻي نه فقط حقيقت تي مبني هوندي پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ وڌيڪ دوستي ۽ سڃاڻپ پڻ ڪرائيندي.
انچڪ حمزي جي اها ڳالهه صحيح لڳي ٿي. ان جي اميد مون کي پڻ نظر اچي ٿي. اسان جا پاڪستاني - خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد جا مسلمان پنجابي ۽ پٺاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن. آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن کان وٺي يورپ جي ٿڌن ۽ برفاني ملڪن ۾. گلف ۽ عرب رياستن جي تپندڙ وارياسن ملڪن کان هندي ۽ پئسفڪ سمنڊن جي ٻيٽن تي. پر ملائيشيا اهڙو ملڪ آهي جتي پاڪستانين جي سڀ کان گھڻي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ هن قسم جي فلمان مقصد ۾ اڃا وڌيڪ اضافو آڻي سگھي ٿي.
ملائيشيا کان علاوه هن فلم جي شوٽنگ پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ پڻ ڪئي ويندي ۽ ڪجھه آرٽسٽ انهن ملڪن جا به کنيا ويندا.
انور اقبال ٻڌايو ته ان قسم جي فلم راس ڪرڻ تي پنج لک آمريڪي ڊالر خرچ ايندو- يعني هڪ ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ- جيڪو هالي ووڊ يا اڄ جي انڊين هندي فلمن جي مقابلي ۾ ڦلن مٺ آهي، پر پاڪستاني فلم تي ايترو ناڻو لڳائڻ منڊي گھوڙي تي شرط لڳائڻ آهي. ڇو جو اڄڪلهه وي سي آر جي دنيا ۾ جڏهن هرڪو گھٽيءَ جي ڪنڊ واري دڪان تان فقط ڏهه رپيا خرچيو، چوريءَ جو ڪئسٽ (Pirated Tape) هڪ کان هڪ اعليٰ فلم جو وٺيو عزيزن دوستن سان گڏ گھر ويٺي ڏسيو ڇڏي. اتي وقت وڃائي، سئنيما هال تائين پهچڻ لاءِ ويهه رپيا ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو ڀري، پوءِ ٻيا ڏهه رپيا فلم جي ٽڪيٽ جا ڏيئي، سخت ڪرسين تي ٽي ڪلاڪ ويهي ڪهڙو بيوقوف فلم ڏسندو- پوءِ اها فلم کڻي پاڪستان جي هيرو جي هجي، ملائيشيا جي هيروئن جي- يا سندس پنهنجي مڱڻي شاديءَ جي.
في الحال فلم ٺاهڻ ۽ هلائڻ جي ڏيتي ليتيءَ جو هن ريت حساب رکيو ويو آهي ته اڌ پئسا پاڪستان وارا ڀريندا ته اڌ ملائيشين ڀائيوار. فلم جو هيرو پاڪستاني_ يعني انور اقبال پاڻ ٿيندو ۽ هيروئن ملائيشيا جي ڪا ملئي يا چيني ڇوڪري- گھڻو ڪري لينا فيروز شاهه ٿيندي. پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ هن فلم مان ٿيندڙ اپت پاڪستاني ڀائيورا کڻندو. سنگاپور، ملائيشيا ۽ برونائي مان ٿيندڙ ڪمائي ملائيشين پارٽنر کڻندو. انهن ملڪن کان علاوه ٻين ملڪن ۾ جيڪڏهن فلم هلي ته اها ڪمائي اڌو اڌ ڪئي ويندي.
پاڪستاني ڊائريڪٽر محبوب عليءَ ٻڌايو ته جهڙي طرح ان قسم جون ٻين ملڪن بابت ڪيتريون ئي فلمون ٺهي ويون آهن، اهڙي طرح ملائيشيا ۽ پاڪستان جي گڏيل ڪوشش ۽ ائڪٽرن جي فلم پڻ وقت جي اهم تقاضا آهي ۽ ان ريت ٻنهي ملڪن جي فلمن جي مارڪيٽ پڻ وڌائي سگھجي ٿي.
اهي مڙيئي ڳالهيون هن دور ۾ هڪ فلم ڏسندڙ کي عجيب لڳن ٿيون. پر انور اقبال، افغاني ۽ محبوب علي جهڙا ماڻهو ٿي سگھي ٿو ته پنهنجي ان سپني کي ساڀيان بڻائي ڏيکارين ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ ڪيترائي ملائيشين شاگرد ۽ ملائيشيا ۾ نوڪريون ڪندڙ اسان جهڙا پاڪستاني هن فلم جي ڪاميابيءَ تي اوچو ڳاٽ کڻي هلن.

ڇا توهان به فيشني نالي جي ڳولا ۾ آهيو

ڏاڏي جو نالو “نالو” نه پر “نمبر” هو.

اڄ کان ڏهه پنڌرهن سال کن اڳ هڪ دور هو جنهن ۾ رضيه بٽ جهڙين ليکڪائن جا ناول تمام گھڻو Hit هئا. نه فقط شهرن جون پر ڳوٺن جون سنڌي ڇوڪريون پڻ اهي شوق سان پڙهنديون هيون جيئن اڄڪلهه اخبار جهان جو ڪالم “تين عورتين تين ڪهانيان” پڙهن ٿيون. انهن ناولن جا ڪردار وڏن گھراڻن جا ڏيکاريل هوندا هئا. هيروئن جو آئيڊيل هڪ عدد خوبصورت ۽ امير نوجوان هوندو هو جيڪو وڏي نوڪري ۽ مال ملڪيت جو مالڪ هجڻ سان گڏ خوش اخلاق، خوش پوشاڪ، وڏي گاڏي ۽ وڏي بنگلي وارو هوندو هو. ڇوڪريون اهي ناول گھرن جي پينگھن ۾ ليٽي پڙهنديون هيون يا ڪلاس روم ۾ ڪنهن ڪاپي نوٽ بڪ اندر لڪائي. گھر جي صفائي، رڌ پچاءُ ۽ سبڻي ڀرڻي جهڙي پورهئي يا ڪلاس روم جي حسابن ۽ فزڪس ڪيمسٽري جهڙن بور سبجيڪٽن کان اهي ناول وڌيڪ دلچسپ لڳندا هئا، جن کي پڙهڻ وقت ڇوڪريون هڪ خيالي دنيا ۾ گم ٿي وينديون هيون ۽ اهڙي آسائشي ۽ عياشيءَ واري زندگي جي سڌ ۾ آسائتن سپنن جي اُڻت ۾ رڌل رهنديون هيون.
انهن ناولن ۾ نه فقط نرالي دنيا هئي پر ناولن جي ڪردارن جا نالا پڻ چونڊي چونڊي نرالا رکيل هوندا هئا. پوءِ اهي نالا، ناول پڙهندڙ ڇوڪريون وڏي فخر سان پنهنجي ڪٽنب يا پاڙي ۾ ڄمندڙ ٻار تي رکڻ جي صلاح ڏينديون هيون. ڪاشف، عاشي، فريال، ارسلان، نومي جهڙا نالا- جيڪي هاڻ ته عام ٿي ويا آهن پر انهن ڏينهن ۾ اهي پهريون دفعو ٻڌا ويا ۽ ماڻهن کي بي حد فئشني لڳا. ٻار ڄمڻ تي ان جو نالو رکڻ لاءِ، ٻار جا مائٽ گھر يا پاڙي جي وڏي کان ڪو نيڪ اسلامي نالو پڇڻ بدران اِنهن ڇوڪرين کان پڇندا هئا جيڪي درسي ڪتاب نه پڙهڻ ڪريامتحانن ۾ ته فيل ٿينديون هيون، پر اي آر خاتون، رضيه بٽ، شاهينه وغيره جا ناول ضرور پڙهنديون هيون.
۽ پوءِ ٻار جي مبارڪ ڏيڻ وارا اهڙي نئين نالي رکڻ تي داد ڏيئي پڇندا هئا ته اهو نالو ڪٿان هٿ ڪيانوَ؟
“فلاڻيءَ ڏسيو. هن فلاڻي ليکڪا جي فلاڻي مشهور ناول ۾ پڙهيو هو. ان ناول تي فلم به ٺهي رهي آهي.”
۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اڙدوءَ سان گڏ اسان جا ڪجھه سنڌيءَ جا نوجوان ليکڪ پڻ- خاص ڪري ليکڪائون، پنهنجن افسانن ۾ ڳولي ڳولي نوان نالا ٽنبڻ لڳيون. افساني جي ڪردارن، پلاٽن يا منظر ڪشي ۽ بيهڪ تي محنت ڪرڻ بدران هنن جو سڄو زور نوان نالا ڳولڻ تي هوندو هو. اهي نوان نالا گھڻو ڪري ايران ۽ عرب ملڪن کان امپورٽ ٿيندا هئا، جيڪي انهن ايراني ۽ عرب رياستن کان گھمڻ يا پورهئي بعد موٽڻ تي اسان جي ماڻهن جي واتان ٻڌبا هئا. ٻاهر رهڻ ڪري، ڪجھه منهنجا واقفڪار، اهڙا نِت نوان نالا مون کان به پڇندا هئا. جهاز جو سفر پورو ڪري موٽڻ تي منهنجو هڪ ڳوٺائي اديب ته هڪدم چوندو هو: “يار افسانو تيار آهي، بس ڪي چند ماڊرن نالا ٻڌاءِ.”
“ تن ڏينهن ۾ منهنجو گھڻو وڃڻ روس، رومانيا ۽ بلغاريا جهڙن ملڪن ۾ ٿيندو هو جتي جا خروشيف ۽ برزنيف جهڙا بدهضمي پئدا ڪندڙ ۽ غير رومانوي نالا، ڀلا ڪير پنهنجن افسانن جي ڪردارن کي عطا ڪندو. يا وري جپان ويندو هوس جتي جا ڪميڪو، تائيڪو ۽ مچيڪو جهڙا نالا کڻي رومانوي آهن پر کنڊ يا ڳڙ جهڙا ڳرندڙ به نه آهن جيڪي سنڌي يا اڙدو افساني جي شربت ۾ ملي وڌيڪ ميٺاج پيدا ڪن. ٻيراڻي يا ٻٻرلوءِ ڳوٺ جي نار تي جيڪا ميهارن جي نينگري پنهنجي ڪاٺير محبوب جو اوسيئڙو ڪري رهي آهي ان ٻهراڙيءَ جي ڇوڪريءَ جو ڀلا اهڙو جپاني نالو ڪيئن ٿو رکي سگھجي! اهڙو نالو ته ان ڇوڪريءَ لاءِ به نٿو ٺهڪي جيڪا بيحد ماڊرن آهي ۽ لاهور جي خوبصورت علائقي جي خوبصورت بنگلي ۾ رهي ٿي- جيڪا پنهنجي ڪارڊ ليس (بنا تار واري) فون تي ڳالهائي رهي هئي ته هيٺ ڪار جو هارن وڳو. هن پنهنجي ڪمري جي دريءَ جي ٽنٽيڊ شيشي مان هيٺ ڏٺو ته پورچ ۾ سليٽي مرسيڊيز ڪار بيٺي هئي ۽ سندس ساهيڙي گچي ڪمپنيءَ جو پرس لوڏي کيس کيڪاري رهي هئي.
“چلو ڀي يار ڊولي! ان ڪا برٿ ڊَي هَي. هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل مين،”
“ اوه، آئي ايم سوري! عنبر، مجھي تو اس وقت P.I.A ڪَي فلائيٽ نمبر پَي ڪَي 241 سي پنڊي پهنچنا هَي.”
_ هاڻ سائين ڏيو منهن.
بهرحال ڊولي يا عنبر وغيره ته ضرور هلي سگھي ٿو، پر ڪميڪو ۽ مچيڪو جهڙا اوپرا نالا ته مٿئين سيٽ- اپ ۾ به جذب نه ٿي سگھندا ۽ پڙهندڙ هاضمي خراب ٿيڻ جي دٻ جھلي نه سگھندا.
ملائيشيا (جتي گذريل چئن پنجن سالن کان ٽڪيل آهيان) جي هڪ ڳالهه آهي ته هتي جي مسلمان ملئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪيترا اهڙا نالا آهن جيڪي اسان وٽ عام نه آهن ۽ نه وري ڪي اوپرا آهن. اسان جي ماحول ۾ نه فقط هلي سگھن ٿا پر نواڻ جو احساس به ڏين ٿا. ٿي سگھي ٿو ڪنهن ناول نويس يا افساني نگار کي پنهنجي ڪردارن لاءِ اڄ به هي نالا ڪم اچي وڃن.

ڪجھه ڇوڪرين جا نالا:
جيلتا JELITA
ماهنوم MAHNOM
عذيله AZILA
عيدا IDA
زئني ZAINI
لينا LINA
مارلينا MARLINA
عذورا AZURA
ممتاز MUMTaz
نورمالاوتي NOOR MALA WATI
ليزاوتي LIZA WATI
سيتي حوا SITI HAWA
سيتي ذوليخا SIT ZULEKHA
روزناح ROSNAH
روزلينا RIS LINA
سالاسيا SALASIA
روگيا ROGAYAH
زيتون ZAITUN
عائيدا AIDA

جليتا نج ملئي نالو آهي جنهن جي معنيٰ آهي خوبصورت. اهو نالو ائين آهي جيئن سنڌ ۾ ڇوڪرين جو نالو ملوڪان يا سهڻي آهي.
ماهوم، مزيلا، عدا، زائني، لينا، مرلينا ۽ عذورا روايتي ملئي نالا آهن جنهن جي ڪا به معنيٰ نظر نٿي اچي. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ عزيلا ۽ عذورا تمام مشهور نالا آهن. ويجھڙائيءَ ۾ هڪ ملئي فلم ٺهي آهي جنهن جو ته نالو ئي هيروئن جي نالي پويان “عذورا” رکيو ويو آهي.
ملائيشيا ۾ ممتاز نالو پڻ مشهور آهي. پر پاڻ وٽ ممتاز ڇوڪريءَ جو نالو به ٿئي ته ڇوڪري جو به. پر هتي اهو نج زنانو نالو آهي. نتيجي ۾پاڪستان جي فٽ بال ٽيم جڏهن هتي ملائيشيا جي شهر اپوح ۾ کيڏڻ آئي هئي ته هتي جي ماڻهن کي اهو معلوم ڪري تعجب لڳو ته پاڪستان جي هڪ مرد رانديگر جو نالو ممتاز آهي. ايتريقدر جو اها ڳالهه هتي جي اخبارن ۾ خبر طور پڻ ڇپي هئي.
ممتاز نالو هتي جي ماڻهن لاءِ ائين مادي نالو آهي جيئن پاڻ وٽ راڻي. پر هتي ملائيشيا ۾ راڻي وري نج نَر آهي. يعني اهو نالو مرد رکائين. شروع شروع ۾ مردن جا مسٽر راڻي ۽ ڪمانڊر راڻي نالا ٻڌي اسان کي به اوترو ئي تعجب لڳو هو. هتي جي ڇوڪرين جو ٻيو مشهور نالو آهي_ نور عاشقين_ جيڪو اسان وٽ مرداڻو لڳي ٿو.
نورجهان ۽ نوربانوءَ وانگر هتي نور نالي واريون ڪيتريون ئي ڇوڪريون نظر اينديون. نور زيني، نوريجا، نور عاظمي، نورزلينا، نور ميمي وغيره. نور ميمي يا ٺلهو ميمي به مشهور ملئي نالو آهي. اسان جي اڪيڊمي جي پرنسپال داتڪ ڪئپٽن حمزي جي زال جو نالو پڻ ميمي(Mimi) آهي. پڇڻ تي نور جي معنيٰ اها ئي پاڻ واري ٻڌائينديون- يعني روشني، جنهن کي ملئي زبان ۾ ڇايا (Chaya) چون، باقي نالي جي ٻئي حصي جي معنيٰ جي خبر شايد ڪنهن کي هجي.
ملائيشيا ۾ هڪ ٻيو نالو “نورمالا وتي” پڻ مشهور آهي. ملائيشيا، برونائي، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ جي ڪيترن ئي مسلمان ڇوڪرين جي نالي جو آخري حصو “وتي” (Wati) ٿئي ٿو. ڪن نالن جي اڳيان وري سيتي (Siti) آهي، جيئن ته ليزا وتي، سيتي حوا، سيتي ذواليخا وغيره. سيتي ته ائين آهي جيئن پاڻ وٽ بيبي، يعني بيبي ذواليخا، بيبي بصران وغيره.
راس (Ros) پڻ هتي جي ڇوڪرين جو عام نالو آهي. اهو راس انگريزي لفظ وارو روز (Rose)- يعني گلاب جو گل آهي. جيئن پاڻ وٽ بصر، ٿوم، عربي لفظن تان کنيل آهن تيئن ملئي دنيا ۾ راس يا “اپول” (Apol)انگريزي لفظن روز ۽ ائپل تان کنيل آهي. گلاب جي گل سان گڏ صوف (Apple) پڻ انگريزن ملايا آندو جنهن کي ملئي زبان ۾ هاڻ Apol سڏين. پاڻ وٽ ماڻهن جا نالا: گلاب، بصر، بادام، ٽوهه ايترا مشهور نه آهن جيترو هتي راس (Ros) آهي. پر راس نج زنانو نالو آهي. ڪن ملئي ڇوڪرين جي نالي ۾ راس سان گڏ ٻيو به نالو ٿئي جيئن ته روسناح يا راسناح، راس لينا، راس مالا وغيره.
سلاسيا نالو پڻ ڇوڪريءَ جو آهي جيڪو شايد ڏينهن جي نالي تان کنيل آهي. احد، اثنين، سلاسا، ربو، خميس، جمعت ۽ سبتو هتي ڏينهن جا نالا آهن جيڪي عربيءَ تان کنيل آهن. اثنين، خميس ۽ سبتو هتي جي مردن جا نالا آهن جيئن پاڻ وٽ خميسو، آچر، جمعو مردن جا نالا مشهور آهن.
هتي جي ڇوڪرين جو نالو روگيا ۽ عافيضا پڻ آهي جيڪو لڳي ٿو ته اصل ۾ رقيا ۽ حفيظا هوندو پر ڳوٺن جي پوليس اسٽيشن تي ٻار ڄمڻ وقت نالو رجسٽر ڪرڻ وارو منشي گھٽ پڙهيل هجڻ ڪري غلط لکي ويو هوندو. شناختي ڪارڊ توڙي اسڪول جي سرٽيفڪيٽ تي ٻار جو نالو اهو ئي لکيو وڃي ٿو جيڪو ڄمڻ وقت پوليس اسٽيشن تي لکجي ويو. بعد ۾ جيتوڻيڪ نالي جي درستي ٿي سگھي ٿي، پر ان تي وڏو خرچ ۽ وڏي ڪاغذي ڪاروائي ٿئي ٿي. ان ڪري ڪيترا ئي ماڻهو وڏي پوسٽ تي پهچڻ بعد به ساڳيا نالا هلائين. اهو غلط نالو ڪڏهن ڪڏهن ايڏو مشهور ٿيو وڃي جو ٻيا ماڻهو به پنهنجن ٻارن تي اهو ئي نالو رکن. هتي جا شريپا، زينپ، يوسپ، زالحا، مصطپا جهڙا عام نالا ان غلطيءَ جو مثال آهن جيڪي اصل ۾ شريفان، زينب، يوسف، صالحان ۽ مصطفيٰ هئا. هونءِ به ملئي نالن ۾ ف، پ، ب ته هڪ ٻئي سان بدلبا رهن ٿا. پر وري به زينب جي ب جيڪڏهن پ يا ف ۾ بدلجي وڃي ٿي ته مڙيئي خير آهي پر ابوبڪر لاءِ ته سراسر ناحق ٿيندو جي ب بدلجي ف ٿئي. اپوح شهر جي انڪگو عمر پوليٽڪينڪ جي هڪ مئرين انجنيئرنگ شاگرد سان اهو ويل هو. هو چوندو هو: “سائين منهنجو اصل نالو ته بڪر آهي پر هاڻ ڇا ڪريان، ڳوٺ ۾ ته وري به ايڏي خواري نٿي ٿئي پر هتي جهاز تي جڏهن ولايت وڃان ٿو ته ڪنهن کي پنهنجو نالو ٻڌائيندي شرم اچيم ٿو.”
ملائيشيا جي ڇوڪرين جا عربي نالا پڻ آهن. جهڙوڪ: زيتون، قمريا، حياتي، شمسيا، ذبيحا، ايمان، ثانيا، حديبا، بصران، سلوا وغيره. ان کان علاوه حسلينا، مزناح، انيتا، انتان (معنيٰ هيري جي ڪڻِي)، حليزا، آئيداح، نازما پڻ عام نالا آهن.
مردن جا نوي سيڪڙو عربي نالا آهن جن ۾ اڳيان عبداچي ٿو. مثال طور: عبدالله، عبدالڪريم، عبدالقادر وغيره يا نبين ۽ اصحاب سڳورن جا نالا آهن. جيئن ته : ابراهيم، موسيٰ، عيسيٰ، عثمان، علي، ابوبڪر- جيڪي اسان وٽ به عام آهن. ڪجھه اهڙا نالا جيڪي اسان وٽ عام نهآهن يا بنهه ڪونه آهن، پر هتي ملائيشيا ۾ آهن: سفيا، حارث، عبدالقهار وغيره. راملي ۽ ذوالقفلي پڻ هتي جي مشهور نالن مان آهن. ان کان علاوه بحر دين، قمر دين، شمس دين، خالد ۽ طارق پڻ آهن. مرزوڪي، سهيني، مَر اَسود، شُڪري، حِل مي، عظمن، مهت، مهنات پڻ عام نالا آهن. ساعت پڻ مرد جو نالو آهي. ساعت لفظ پاڻ وٽ به آهي، معنيٰ ٿوري دير.
ٻه نالا جيڪي هتي تمام عام آهن پر پاڻ وٽ بنهه نه آهن اهي آهن: يتيم ۽ يزيد. پاڻ ڪريم صلعم جن يتيم هئا ان ڪري هتي جا ماڻهو پاڻ کي يتيم سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. ۽ ٻيو نالو يزيد اهڙو آهي جيڪو انڊونيشيا، برونائي توڙي آفريڪي عرب ملڪ: لبيا، ماريطينيا، الجزائر وغيره م ته ضرور آهي پر پاڻ وٽ ڪنهن ٻار جو ته ڇا پر افساني جي ڪردار تي رکڻ بابت به سوچي نٿو سگھجي. پر هتي ملائيشيا ۾ يزيد نالو عام آهي. اسان جي ڀر واري “بئنڪ بوميپترا ملائيشيا برحد” جي مئنيجر جو نالو پڻ يزيد آهي. کيس پاڪستان گھمڻ جو ڏاڍو شوق آهي. چوندو آهيانس “ايران ۽ پاڪستان جا پڪچر ڪارڊ ڏسي شوق پورو ڪري ڇڏين ته سٺو. ڀلا جي هروڀرو اچڻ چاهين ٿو ته محرم ۾ اچڻ کان پاسو ڪجانءِ.”
انهن مڙني نالن کان علاوه جيئن پاڻ وٽ ادل، عدلو، پوڙهو، گھوٽ، شمون، شمس جهڙا نالا مشهور آهن جيڪي اصل ۾ ڪوٺائڻ جا ٿين تيئن هتي ملائيشيا ۾ پڻ عبدال، بجانگ (ڪنوارو)، مات (خاص ڪري محمد احمد تاج دين بدران مات سڏين)، جنتان (نر)، حطام (ڪارو)، پوتيح (گورو) وغيره آهن.
اسان وٽ ته ڪوٺائڻ جا نالا کڻي ڇا به هجن پر پاسپورٽ يا اسڪول جي رجسٽريشن تي صحيح سبتا هوندا. پر هتي ڪوٺائڻ جا نالا به اهي ٿيا ته اصل به. ڪوٽا ڪنابالو ۾ هڪ ملئي همراهه- جيڪو چيف منسٽر جي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي- جڏهن ڄائو ته سندس والد بزرگوار (داتو زين العابدين) ٻانگ ڏئي نالو رکيس “تيرهن” - يعني نمبر 13 (داتو هتي ائين آهي جيئن پاڻ وٽ مير، پير يا خان) سو هي همراهه هتي اڄ ڏينهن تائين نمبر سان مشهور آهي ۽ جتي ڪٿي 13 بن زين العابدين لکائي. هتي ملائيشيا ۾ هر آفيس توڙي فئڪٽري ڪارخاني ۾ نوڪر ڪلارڪ کان وٺي چيف منسٽر ۽ پرائم منسٽر کي پنهنجي نالي جو ٽئگ کيسي مٿان هڻي اچڻو پوي ٿو. سو هي اسان وارو ڊائريڪٽر صاحب D-13 جو ٻلو هڻي ايندو آهي. همراهه پنهنجي نالي مان بلڪل مطمئن آهي. ڪي ماڻهو ملئي ۾ نمبر تيرهون- يعني “داتو تيگا بلاس” سڏين ته ڪي انگريزيءَ ۾ داتو ٿرٽين. ته ڪي وري فقط ڊي ٿرٽين.“
هونءَ ته تيرهون نمبر نڀاڳو سمجھيو وڃي ٿو، پر داتو تيرهن جو چوڻ آهي ته هن لاءِ اهو نمبر ڀلارو ثابت ٿيو آهي. کيس نوڪري ان تاريخ تي ملي. پروموشن ان تاريخ تي ٿي. پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ ولايت 13 تي ويو. هن کان اڳ هو تعليم کاتي ۾ هو ۽ ان نوڪريءَ جو آرڊر به 13 تاريخ تي نڪتو. پاڻ همراهه چرچائي به آهي. پڇيومانس: “توتي اهو نالو ڪيئن پيو. تيرهن تاريخ ڄائو هئين ڇا؟”
“ڄائو ارڙهين تاريخ هوس، ڄمڻ ۾ سو ٽي ڏينهن دير ڪري ورتي هيم.” هن ٻڌايو.
“مسلمان جو اهڙو نالو-نمبر وارو، ٻڌي عجيب ٿو لڳي.”
“يار ڪمال ٿو ڪرين. مسلمانن ۾ ته نمبرن وارا نالا تمام عام آهن. اثنين، خميس، جمعون، سبتو- اهي ڇا آهن؟ اهي ڏينهن جا نالا در اصل نمبر ته آهن-يعني ٻه، پنج، ڇهه، ست وغيره. باقي اها ٻي ڳالهه آهي ته عربيءَ ۾ ڪنهن کي نمبر سان سڏ ته اهو مسلمان ٿيو باقي ملئيءَ ۾ ڪنهن کي نمبر ڏيڻ معنيٰ غلط ٿيو ڇا؟”
ڳالهه ته لاجيڪل ڪيائين. رهيو سوال ته اهو نمبر وارو نالو اسان واري يار تي ڪيئن پيو. ان لاءِ داتو 13 ٻڌايو:
“اسين ڪل پنڌرهن ڀائر ڀينر هئاسين، اٺ ڀائر ۽ ست ڀينرون جن مان فقط آئون ئي بچيو آهيان. باقي ٻيا ڄمڻ کان پوءِ ڪو ڏينهن ٻه جيئرو رهيو ته ڪو سال ٻه مس. آئون جڏهن ڄائس ڪوٽا بلوڊ شهر جي ڊسٽرڪٽ اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر منهنجي پيءُ کي صلاح ڏني ته ٻار جيئري نه رهڻ جهڙي ان نڀاڳ ۽ برائيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ اهو ئي سوڻ وڃي رهيو آهي ته ٻار جو نالو نمبر وارو رک. سوجيئن ته آئون ماءُ پيءُ کي تيرهون ٻار هوس سو بابي منهنجو نالو داتو 13 بن داتو زين العابدين رکيو. ان کان علاوه مون کي گھر ۾ رکڻ بدران نيپاج لاءِ هڪ چيني فئمليءَ ۾ رکيو ويو جتي آئون ست سال رهيس. ان بعد پنهنجي فئملي ۾ آيس. مون کان پوءِ ٻه ٻار ٻيا به ڄاوا جيڪي پڻ گذاري ويا. انهن تي عام نالا رکيا ويا هئا.”
“ڇا توهان سمجھو ٿا ته نالي بدران نمبر هجڻ ڪري جيئرا آهيو؟” مون پڇيومانس.
“ آئون پڪو مسلمان آهيان.” داتو تيرهن وراڻيو. “منهنجو انهن وهمن ۽ ٽوڻن ڳنڍن ۾ ڪو يقين ناهي. سڀ ڪجھه رب جي اختيار ۾ آهي.”
D-13 جو پوڙهو پيءُ داتو زين العابدين ۽ ماءُ ويجھڙائي ۾ گذاري ويا آهن. داتو 13 کي ملئي ۽ انگريزيءَ کان علاوه چيني زبان به سٺي اچي ٿي جو هو ننڍپڻ جو چڱو عرصو چيني گھر ۾ رهيو هو. پاڻ هن وقت پنجٽيهن سالن جو آهي ۽ چار ٻار اٿس. ٻه ڇوڪرا: داتو محمد فارس ۽ داتو محمد نذردين ۽ ٻه ڇوڪريون: دايانگ نورلين ارداواتي ۽ دايانگ نور فاريسا. منهنجي خيال ۾ پنهنجي ننڍي نالي جي ڪسر هن پنهنجي ٻارن جا وڏا نالا رکي پوري ڪئي آهي. کانئس پڇيم ته سندس ٻار پنهنجي نالي سان گڏ “ولد ڊي تيرهن” لکائيندي ڇا ٿا محسوس ڪن.
“هو خوش آهن،” ڊي 13 وراڻيو. “ اسان جي ڪٽنب جي سڃاڻپ هاڻ منهنجو نمبر وارو نالو آهي. باقي اها خبر نه اٿم ته انهن جو اولاد ڇا محسوس ڪندو جڏهن هنن کي ڄاڻ پوندي ته سندن ڏاڏي جو نالو “نالو” نه پر “نمبر” هو.

جت نانگن جا ديرا

ملائيشيا اچڻ کان اڳ مون نانگ فقط چڙيا گھر ۾ ڏٺا هئا يا فٽپاٿ تي بازيگرن وٽ- جيڪي دوائن وڪڻڻ دوران هڪ يا ٻه پاليل، ڏند ڀڳل نانگ پنهنجي ڪکن جي پنڊي مان ڪڍي، گڏ ٿيل ميڙ کي ڏيکاريندا آهن.
پر ملائيشيا ۾ نانگ بلائون توهان کي ائين عام طرح نظر ايندا جيئن پاڻ وٽ ڪانگ ڪبوتر.
هڪ ڏينهن آفيس ۾ آيس ته در مٿان ڀت تي هڪ سائي رنگ جو ٻه فوٽ کن ڊگھو نانگ چچيءَ وانگرسُري رهيوهو. خبر پيئي ته اهو اڏامندڙ نانگ آهي. هونءَ ته نانگ مارڻ لاءِ ڪو نه ڪو مالهي هليو ايندو آهي پر هن نانگ کي مارڻ لاءِ خاص تجربيڪار مالهي ڊگھي لٺ کڻي آيو ۽ اسان سڀني کي پري ٿي بيهڻ لاءِ چيو ويو.
هڪ ڏينهن چئين بجي ڌاري آفيس مان نڪري ڪار پارڪنگ ڏي وڃي رهيا هئاسين ته ڏسون ته هڪ ٿلهو متارو ڀوري رنگ جو نانگ اسان جي اڳيان پيو وڃي. ڳالهين ۾ اسان جي مٿس نظر ئي نه پئي. اوچتو کڻي ڏسون ته اسان کان فقط پنج ڇهه قدم اڳيان اسان جي رفتار سان اسان سان گڏ گڏ نانگ پيو سُري. هيڏانهن هوڏانهن ڪافي هَڪلون ڪيونسين ته ڪنهن وٽ بانٺو هجي ته ان کي ماري، پر اسين هئاسين ٻاهرين ملڪ جا ليڪچرر.اسان کان علاوه هتي جا ملئي ۽ چيني شاگرد پڻ هئا، پر انهن لاءِ ڪو نانگ بلا ڪا اهميت نٿو رکي. مئو ته مئو نه ته اهڙا نانگ هتي، جتي ڪٿي پيا هلن. جيئن پاڻ وٽ ڳوٺن ۾ ٽنڊڻ ۽ شهرن ۾ ڪاڪروچ. هتي سڄو ملائيشيا گھاٽن وڻن ٽڻن ۽ ڊگھن ٻوڙن سان ڀريو پيو آهي. ايتري قدر جو ملائيشيا کي دنيا جو جھنگل سڏجي ٿو ۽ دنيا جا سڀ کان گھڻا نانگ هتي ملائيشيا ۾ چيا وڃن ٿا. ان ڏينهن، ان سرندڙ نانگ کي ائين اکين اڳيان ويندو ڏسي ڪجھه خوف ٿيو. ظاهر آهي اسان جي آفيس جي ڀرپاسي کان نڪتو هو، يعني وري اتي ئي پيو هلندو ۽ هر وقت احتياط رکڻ ضروري ٿي پيو. چوڌاري وڏا وڏا پٿر پيا هئا. پر هتي نانگ به ته سوين قسمن جا آهن. اڏامندڙ، اکين ۾ پچڪاري هڻندڙ، حملو ڪندڙ، مري وڃڻ بعد به ماريندڙ کان بدلو وٺڻ جو بندوبست ڪندڙ- سو ائين پٿر هڻڻ سان نانگ نه مري يا فقط زخمي ٿي پوي ته اهو ويتر وڌيڪ خطرو سمجھيو وڃي ٿو.
هڪ ڏينهن ته ڪار جو دروازو کوليان ته ڪار ۾ پوئين سيٽ تي نانگ ويٺو آهي. ڏاڍي ڳالهه ٿي. چڱو جو ويهڻ کان اڳ مٿس نظر پيئي. پوءِ کڻي هو چڪ نه هڻي ها پر جي ڊرائيونگ وقت نظر اچي ها يا پيرن ۾ اچي پوي ها ته في الحال ڪيترو به قابل ڊرائيور هجي منجھي پوي ها ۽ ڪار ڪنٽرول مان نڪري وڃي ها.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪار ۾ نانگ ڪيئن آيو؟ بنگلاديش هجي ها ته سڀڪو چوي ها ته ڪنهن جونيئر آفيسر دشمني پارڻ لاءِ هٿ سان نانگ وڌو هوندو يا ڪنهن بنگالڻ عشق جو بدلو وٺڻ لاءِ ائين ڪيو هوندو يا هوءَ پاڻ دوشيزه نانگ بڻجي آئي هوندي. پر هتي ملائيشيا ۾ ڪار مان نانگ نڪرڻ به هڪ عام ڳالهه آهي. هتي ڪار جا شيشا چوريءَ کان گھٽ، پر نانگ جي ڏنگ کان وڌيڪ چاڙهيا وڃن ٿا. ان ڏينهن فٽ بال مئچ دوران پارڪنگ جي جاءِ نه ملڻ ڪري، پري وڻن جي جھنڊ هيٺيان پنهنجي ڪار بيهاري آيس. پويون شيشو ڪو اڌ گابرو بند ٿيل هو. اهڙي حالت ۾ گاهه ۾ سرندڙ يا وڻن تي هلندڙ نانگ بلائون ڪار ۾ به گھڙيو پون. نه فقط نانگ بلائون پر چچيون، سانڍا ۽ ٻيا جيت پڻ.
پوءِ ڪار مان نانگ کي ڪئين ڪڍيو ويو؟- پوئين ڊڪي ۽ پارٽيشن کولي.
ملائيشيا ۾ نانگ نه فقط رات جو پر ڏينهن ڏٺي جو رستن ۽ کلئي ميدانن تي پيا هلن. هڪ ڏينهن ٽاڪ منجھند جو، آفيس اڳيان پڪي رستي تان، هڪ وڏو ڪارو نانگ- جنهن لاءِ ٻين جو چوڻ هو ته واسينگ نانگ (Cobra) ٿي سگھي ٿو، رستو ٽپي رهيو هو. مون ڪار تيز ڪري ان مٿان چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ آرسيءَ ۾ ڏٺو. هو اڃا جيئرو هو. ڦيٿن جي وچ ۾ اچڻ ڪري بچي ويو هو ۽ ساڳي آرام ۽ رفتار سان چري رهيو هو. گيئر بدلائي ڪار کي هڪدم پويان ڪيم ۽ وري اڳيان جيئن هو منهنجي ڪار جي ڦيٿن هيٺان اچي مري وڃي. پوءِ دريءَ جو شيشو کولي ٻاهر ڏٺم. پر نانگ نظر نه آيو- نه مئل، نه جيئرو! خبر ناهي رستو ٽپي ويو يا بقول ڪنهنجي ڪار جي هيٺان لڪي ويو. بهرحال هتي جي ماڻهن ائين دري کولي ڏسڻ کان منع ڪئي. ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن نانگ پڇ تي اڀو ٿيو وڃي ۽ چڙ ۾ ڏنگي سگھي ٿو. يا وات مان زهر جو ڦوهارو هڻي سگھي ٿو. هتي ڪيترا اهڙا ڪيس ٿيا آهن جن ۾ نانگ زهر جي پچڪاري هنئي هوندي. ان پچڪاريءَ سان اکيون خراب ٿيو پون. ان ڪري چوندا آهن ته نانگ کي سنهيءَ ڄاريءَ پويان به نه ڏسجي. چڙيا گهرن ۾ به انهن کي شيشي جي ڪٻٽن ۾ رکيو وڃي ٿو.
رستو ٽپندي، هتي ڪيترائي دفعا نانگ، ڪميون، ڳوهه، سانڍا، ڀولڙا ۽ اگوانا نظراچن ٿا. پوءِ ڪي ڪار هيٺان اچيو مريو وڃن ته ڪي رستو اُڪريو وڃن. نانگ جي صورت ۾ ڪار هلائيندڙ جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته ڪار جا ڦيٿا ان جي مٿان چڙهي وڃن. هڪ رات، هتي جي ڀر واري هوٽل تجنگ بدارا مان موٽڻ وقت جنهن نانگ کي ڏٺم اهو وساري نه سگھندس. نانگ ته نه هو پر ازدها (Python) هو- جيڪو نانگ ڏنگ هڻڻ بدران پنهنجي شڪار کي وڪوڙي، چيڀاٽي، ماري پوءِ سڄو ڳهي ڇڏيندو آهي. ڪار جي بتين تي پري کان ائين لڳو ڄڻ جهاز تي تيل سپلاءِ ڪرڻ وارو منو فوٽ ڊايا ميٽر وارو، ٿلهو، ڪارو پائپ هجي جيڪو چري رهيو هجي. ساڄي پاسي کان رٻڙ جي پوک مان نڪتو هو ۽ رستو ٽپڻ لڳو. سندس پيٽ هڪ ٻن هنڌان تمام گھڻو اڀاميل هو. يعني هو هينئر هينئر ڪنهن ڳوٺاڻي جون بدڪون يا ڇيلو پيٽ اندر ڳهي نڪتو آهي. يا ٿي سگھي ٿو ڪو جھنگ جو رول جانور کاڌو هجيس. بهرحال هو آهستي آهستي چري رهيو هو ۽ مون کي سندس مٿان ڪار چاڙهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي. منهنجي پويان ايندڙ نيول آرڪيٽيڪٽ جي ليڪچرار ٻڌايو ته نانگ زخمي ضرور ٿي پيو پر رستو ٽپي گھاٽن ٻوڙهن ۾ غائب ٿي ويو. هن جي ڪار منهنجي پٺيان پٺيان پئي آئي.
اهڙا وڏا نانگ (Python) پڻ هتي ملائيشيا ۾ جام نظر اچن ٿا، خاص ڪري جتي ڪڪڙيون، بدڪون يا انهن جا آنا يا ٻچا ٿين ٿا ته اتي سندن خطرو گھڻو آهي. پکين جي آنن تي ته ننڍا نانگ بلائون به اچيو نڪرن. هڪ ڏينهن لئبريري وڃان ته زردي رنگ جا ٻه پکي- نر مادي دانهون ڪري ڀر واري وڻ تي هليا وڃن، وري اتان لئبريري جي در تي اچيو ويهن. آئون ڀر ۾ بيٺو هوس ته به پکي نه پئي ڊنا ۽ منهنجي ڀر مان لنگھي ٿي ويا. آئون اڃا اهو تماشو ڏسي رهيو هوس ته هنن پکين کي ڇا ٿيو آهي جو ائين رڙيون ڪري وڻ کان لئبريريءَ جي در تائين چڪر پيا هڻن ته ايتري ۾ هڪ ملئي ليڪچرر-جيڪو اتان اچي لنگھيو، تنهن مون کي لئبريريءَ جي در وٽان هڪدم ڇڪي کڻي پري ڌڪو ڏنو. خبر پيئي ته ڇت تي هڪ نانگ ويٺو هو جيڪو ڪام ۾ پکين جي آکيري مان بيدا يا ٻچا کائڻ جي نيت سان آيو هو، پر پکين هن کي ٺونگا هڻي منجھائي رکيو هو ۽ هاڻ سندس هيٺ ڪرڻ يا حملي ڪرڻ جو انديشو هو.
جانورن جي ڄاڻن مطابق فقط نانگ ئي هڪ اهڙو جانور آهي جيڪو شروع کان پنهنجي ساڳي شڪل قائم رکندو اچي. نانگ جو ذڪر سڀني آسماني ڪتابن ۾ ملي ٿو. هندن جي مذهبي ڪتابن ۾ ته هن کي ديوتا جي حيثيت ڏني ويئي آهي ۽ هو هن جي پوڄا به ڪن ٿا.
بائيبل مطابق “نانگ حضرت آدم ۽ حوا کي جنت مان ڪڍائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ابليس حضرت آدم تائين پهچڻ چاهيو ٿي، پر جنت جي دروازي تي سخت پهرو هو. هن مور اڳيان پنهنجي ڏکيائي بيان ڪئي ته هن کيس نانگ وٽ وڃڻ جي صلاح ڏني. نانگ ڪجھه تن من هنيو ته ابليس چيس ته تون رڳو پنهنجو وات کول ته آئون ان ۾ گھڙي وڃان. جنت جي اندر پهچي مون کي ٻاهر ڪڍي ڇڏجانءِ. نيٺ نانگ شيطان کي پنهنجي وات ۾ وجھي، جنت جي چوڪيدار کان لڪائي، هن کي جنت اندر پهچايو.
“شيطان اندر پهچي حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي منع ٿيل وڻ جي ميوي کائڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ پوءِ وري نانگ ذريعي جنت کان ٻاهر نڪري آيو. نڪرڻ وقت هن اجوري خاطر نانگ جي وات ۾ کڻي پيشاب ڪيو جنهن پوءِ زهر جي صورت اختيار ڪري ورتي. منع ٿيل وڻ جو ميوو کائڻ جي ڪري حضرت آدم ۽ حوا کي جنت مان نڪرڻو پيو. ان موقعي تي هنن نانگ کي اهو پاراتو ڏنو ته اسان جو اولاد هميشه تنهن جو منهن چچريندو رهندو.”
موجوده تحقيقاتن موجب نانگن جا ڏهه هزار کن قسم ۽ جنسون دنيا جي هن گولي تي موجود آهن. سواءِ نيوزيلنڊ ۽ آئرلينڊ جي، نانگ دنيا جي هر ملڪ ۽ هر ٻيٽ تي نظر اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي سمنڊ ۾ پڻ ٿين. سڀ کان گھڻا نانگ آفريڪا کنڊ ۾ آهن پر جيترا ملائيشيا، برما ۽ ٿائلينڊ ۾ آهن اوترا ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ نه آهن. بنگلاديش جي ڪن حصن ۾ پڻ ننڍا ۽ سنها نانگ جام چيا وڃن ٿا پر اتي ڪڏهن به هنن ملائيشيا وانگر جتي ڪٿي، رستن ميدانن تي ۽ ڏينهن ڏٺي جو نظر نه آيا. بنگلاديش ۾ هڪ شاپوريا قبيلو آهي جنهن جون سهڻيون عورتون نانگ کڻي گھر گھر ۾، ريل گاڏين ۽ اسٽيمرن ۾ مسافرن کي ڏيکاري پئسا پننديون آهن. هنن جو چوڻ آهي ته سندن جادو نانگ جي ڏنگيل کي بچائي سگھي ٿو. ٽٽل عشق جوڙي سگھي ٿو، خانداني جھيڙا ختم ڪري سگھي ٿو، وغيره وغيره.
چون ٿا ته نانگ کي نه ٻاهريان ڪن ٿين نه وري اندريان. ان ڪري هو آواز هوا جي لهرن ذريعي هرگز ٻڌي نٿو سگھي. باقي زمين تي ڪنهن جي پيرن يا لٺ جو آواز هن جي جسم جي کل محسوس ڪري ٿي. مرليءَ جي آواز تي نانگ جي مست ٿي نچڻ ۾ ڪا حقيقت ناهي.
نانگ جي اکين مٿان ڇپر ٿين ئي ڪونه. ان ڪري اهي هر وقت کليل رهن. ڪن ڪن نانگن جي اکين ۾ هئپناٽزم واري ڪشش پڻ چئي وڃي ٿي. وڻ تي ويٺل ننڍا جانور ۽ پکي اهڙن نانگن جي اکين جو تاب نه جھلي اچي سندن اڳيان ڦهڪو ڪن ٿا. ڪيترا دفعا اهو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته فلاڻو ماڻهو جھنگل مان اڪيلو پئي ويو ته هن کي ڪاري نانگ ڏسي ورتو. هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر نانگ هن کي ڄڻ پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيو. آخر ۾ نانگ هن کي ڏنگ هڻي ڪيرائي رکيو. چون ٿا ته حقيقت ۾ ائين ممڪن آهي. ڪوبرا نانگ جي اکين ۾ قدرت هڪ خاص قسم جي هئپناٽزم رکي آهي. هو شڪار جي اکين ۾ اکيون وجھي هن کي اهڙو ته منڊيو رکي جو هيڏانهن هوڏانهن چرپر نٿو ڪري سگھي، ۽ پوءِ هو هن تي آسانيءَ سان حملو اچيو ڪري. اهڙي وقت تي اهو ئي هڪڙو طريقو آهي ته انسان نانگ جي اکين سان اکيون ملائي هرگز نه ڏسي يا وري جيڪڏهن ٿي سگھيس ته مٿي تي رکيل ٽوپي، رومال يا ڪا ٻي شيءِ نانگ ڏي اڇلائي جيئن نانگ جو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن هليو وڃي ۽ کيس گهورڻ ڇڏي ڏئي.
اڪثر اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته نانگ کي مارڻ بعد سندس اکيون چڱيءَ طرح ڦيهي ڇڏجن- خاص ڪري ماديءَ جون. ڇو جو هوءَ مرندي وقت پنهنجي قاتل جو چهرو پنهنجي اکين جي پتلين ۾ محفوظ ڪريو ڇڏي. ۽ پوءِ نر جڏهن هن کي مئل ڏسي ٿو ته سندس اکين مان قاتل جو چهرو پڙهيو وٺي. پوءِ ان جي ڳولا شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ جڏهن به ۽ جتي به کيس اهو قاتل نظر اچي ٿو ته هن کي ڏنگي بدلو ضرور وٺي ٿو.
خبر ناهي انهن ڳالهين ۾ حقيقت آهي يا فقط افسانوي رنگ پر هتي ملايئشيا ۾ اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته فلاڻي شخص کي هر سال نانگ اچي ڏنگ هڻي ٿو، پر اهو ماڻهو مري نٿو. ڳالهه هن ريت آهي ته ڪجھه نانگن کي قدرت هڪ خاص وصف عطا ڪئي آهي، اها هيءَ ته مادينانگ، شهواني حالت ۾ ماڻهوءَ کي ڏنگڻ وقت زهر سان گڏ پنهنجي شهواني خوشبو پڻ انسان جي جسم ۾ داخل ڪريو ڇڏي. پوءِ جيڪڏهن اهو ڏنگيل انسان بچيو وڃي ته هر سال مقرر موسم ۾ سندس جسم مان “مادينانگ” جي جنسي خوشبوءِ ايندي رهي ٿي، جنهن کي ڪو نه ڪو نانگ سونگھي ان ماڻهوءَ تائين پهچيو وڃي ۽ پوءِ جڏهن هو اهو ئي ڏسي ٿو ته ماديءَ بدران اها خوشبوءِ انسان جي هٿ يا پير مان اچي پيئي ته هو فقط سونگھي موٽيو وڃي. هن کي ڏنگ هرگز نٿو هڻي- جيتوڻيڪ خوف ۽ هراس ۾ اهو ماڻهو اهو ئي سمجھي ٿو ته کيس نانگ ڏنگ هڻي ويو.
نانگ جي وات جون ڄاڙيون انسان يا جانورن وانگر مقرر ماپ جون نه آهن. ان جي هڏين جو ڳنڍ ڍرو ۽ نرم هجڻ ڪري هو تمام وڏو وات کولي سگھي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي قد بت کان به وڏيون شيون ڳهيو وڃي. گهريلو هر قسم جا نانگ ڏيڏرن ۽ جھرڪين کان علاوه ڪڪڙين ۽ بدڪن کي به آسانيءَ سان ڳهيو وڃن. ڏکڻ آمريڪا ۽ ملائيشيا جا ازدها (وڏا نانگ) ماڻهوءَ ۽ هرڻ کي به سڄو ڳڙڪايو وڃن. هنن جو هاضمو ايڏو طاقتور ٿئي ٿو جو سخت کان سخت کاڌو به ڪلاڪن ۾ هضم ٿيو وڃين.
ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ جتي چيني رهن ٿا، ٻين شين سان گڏ، هوٽلن ۾ نانگن، نوريئڙن ۽ ڪُمين جو گوشت عام طرح پچائي گراهڪ اڳيان پيش ڪيو وڃي ٿو. ڪوالالمپور، جوهور بارو ۽ پينانگ جهڙن شهرن جي ڪن خاص هوٽلن ۾ جيئرا نانگ نظر ايندا. وڏا نانگ (Pythons) ملڻ تي اهي پڻ گراهڪن اڳيان حاضر ڪيا وڃن ٿا. انهن جو اطلاع خاص ماڻهن کي اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو. نانگ جا ڪجھه حصا جسماني ۽ شهواني طاقت لاءِ ڪارگر چيا وڃن ٿا. مثال طور نانگ جو تازو نڪتل رت، جيرو، مثانو (Gall Bladder) وغيره، جيڪي چيني نانگ ڇلڻ وقت ڪچا کائين.
نانگ جي وات ۾ ڇهه ڏند ٿين ٿا. ٻه مٿي، ٻه هيٺ ۽ ٻه تارونءَ ۾ جيڪي ڊاڪٽر جي سئيءَ وانگر سوراخ وارا، چهنبدار ۽ اندرين پاسي مڙيل ٿين ٿا. نانگ اهي ٻه ڏند شڪار کي فقط بيهوش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. جيئن اهو پوءِ ڀڄي نه سگھي. نانگ جي وات جي ڇت ۾ لڳل ڳوٿرين ۾ زهر ٿئي ٿو جتان انهن تارونءَ وارن ڏندن ذريعي جسم ۾ انجيڪشن وانگر داخل ٿئي ٿو ۽ پنهنجينوعيت موجب دماغ، رت جي دوري ۽ دل وغيره تي اثر ڪري موت جو سبب بڻجي ٿو.
نانگ جي چڪ پائڻ ۽ ڏنگڻ ۾ فرق آهي. نانگ جلدي ۾ جڏهن ڪنهن کي چڪ هڻي ٿو ته زخم مان فقط ٿورو رت نڪري ٿو جيڪو بعد ۾ سُڪي وڃي ٿو ۽ ڳالهه ختم ٿيو وڃي، يعني انساني جان بچيو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مريض نانگ جي دهشت کانبيهوش ٿي وڃي، يا دل جو ڌڙڪو ٿي پويس، پر اها انسان جي پنهنجي نفسياتي نستائي آهي. جيڪڏهن نانگ پنهنجو زهر ڪنهن جي جسم ۾ داخل ڪري ته ان کي ڏنگڻ چئجي ٿو. ان جي نشاني اها آهي ته ان هنڌ تي نانگ جي ٻن ڏندن جا اونها نشان هوندا. جيڪڏهن نانگ تمام گھڻو زهريلو آهي ته پوءِ هڪ ئي نشان هوندو. زخم سڄي پوندو. سور ٿيندو۽ اها جاءِ ڪاري يا نيري ٿي پوندي.
اهڙي صورت ۾ زخم کان گرانٺ کن مٿي ڇڪي ڪپڙو ٻڌجي جيئن زهر مٿي دل تائين نه پهچي. پوءِ سڻڀي پني يا چمڙي جي ٽڪر ۾ ٽنگ ڪري ان زخم مٿان رکي وات سان زهر چوسڻ کپي ۽ ان سان گڏ اهو ٿوڪاريندو رهجي. اهو ضروري آهي ته چوسڻ واري وات ۾ ڪو ڦٽ ڦرڙي نه هجي. مريض کي روئڻ هرگز نه ڏجي ۽ کيس جاڳائي رکڻ کپي. دل جي تقويت لاءِ شراب جهڙي شيءِ هرگز نه ڏجيس. جيسين مريض ڪنهن اسپتال تائين پهچي يا ڊاڪٽر اچي، اهي فرسٽ ايڊ جون ڳالهيون اهڙيون آهن جن کان هتي جا ماڻهو چڱيءَ طرح واقف آهن.
نانگ جو زهر دوائن ۾ پڻ ڪم اچي ٿو. نانگ جي وات مان زهر نپوڙي ڪڍڻ کي ڏهڻ (Milking) سڏجي ٿو. زهر ڏهڻ وارا ڪاريگر نانگ کي وات کان جھلي مٿي تي زور ڏيندا آهن ته تارونءَ وارن ڏندن مان ٽيپو کن زهر جو ڳڙي اچي گلاس ۾ پوندو آهي. اهو زهر تمام گھڻو مهانگو وڪامي ٿو. فقط چمچو ٻه هٿ ڪرڻ لاءِ پنجاهه سٺ نانگ ڏهڻا پون ٿا.
ملائيشيا جي جھنگلن ۾ رهندڙ ڪي ماڻهو وڏي ۾ وڏا نانگ (ازدها) ڦاسائي شهر جي هوٽلن ۾ وڪڻن. ازدها ڦاسائڻ جو هنن وٽ سولو ۽ اڇت طريقو اهو آهي ته شڪاري ڪنهن ڇيلي يا دنبي جي ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي پاڻ ڪنهن ڳوڻ ۾ لڪي ويهندو آهي. نانگ ڇيلي کي جھلي ڳهڻ شروع ڪندو آهي. پوءِ جيئن ئي اهو سندس نڙيءَ تائين پهچندو آهي ته شڪاري رسيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي نانگ کي جھلي وٺندو آهي. اهو وقت اهڙو هوندو آهي جو نانگ ڇيلي کي نه اندر ڪري سگھندو آهي ۽ نه ٻاهر ٿوڪاري سگھندو آهي. پوءِ شڪاري نانگ کي تکي ڪپ سان چيري ڇيلي کي آزاد ڪري ٻئي Python کي ڦاسائڻ جي ڪندو آهي.

1988 چينين لاءِ ڀاڳن ڀريو سال

جهڙي طرح يورپ ۽ آمريڪا پاسي، پهرين جنوري تي نئون سال وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو وڃي ٿو، اهڙي طرح هن پاسي-ڏُور اوڀر جي ملڪن ۾، چيني ماڻهو پنهنجي نئين سال جا شروعاتي ٻه ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ملهائين ٿا. چينين جي نئين سال جي شروعات فيبروريءَ جي آخر کان ٿئي ۽ ضروري ناهي ته هر سال ساڳي ڏينهن يا تاريخ تي ٿئي پر ان جو مدار عيد وانگر چنڊ تي آهي.
چينين جي نئين سال (New Year) تي هتي اسان وٽ ملائيشيا ۾ پڻ ٻه ڏينهن موڪل ٿئي ٿي ۽ چيني- جن جي آدمشماري تقريباً اڌو اڌ آهي، خوشيون ۽ شادمانا ڪن. مٽن مائٽن سان ملڻ وڃن. سنگاپور، هانگ ڪانگ، تائيوان ۽ ٻين ملڪن ۾ ته ان موقعي تي اڃا به وڌيڪ هڪ ڏينهن موڪل ٿئي- ۽ هيءَ ئي هڪ موڪل آهي جنهن ۾ چيني ماڻهو دڪان ۽ ڌنڌو ڌاڙي بند رکن، نوان ڪپڙا پائين، گھمن ڦرن ۽ نچن ٽپن. نه ته سال جا باقي ڏينهن، هيءَ محنتي قوم، جين جي وڳي ۾، هر وقت پورهئي ۾ ئي رڌل رهي ٿي. هيءَ موڪل ۽ ڪاڄ چينين لاءِ مذهبي حيثيت به رکي ٿو ته تهذيبي ۽ ڪلچرل اهميت پڻ. چينين لاءِ هيءَ موڪل ڄڻ عيد جي موڪل هوندي آهي. چينين جو نئون سال نه فقط انهن ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو جتي چيني رهن ٿا، پر جپان ۽ ڪوريا جهڙا ملڪ ان ڏينهن تي موڪل ڪن. هن سال ته انهن ٻنهي ملڪن ٽڪليون ۽ سڪا پڻ جاري ڪيا.
هڪ ٻي ڳالهه اها آهي تهچينين جو هر سال ڪنهن جانور سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو سال وري ٻارهن سالن بعد اچي ٿو. پوءِ ڪو سال ڪتي جو سڏيو وڃي ٿو ته ڪو سهي جو، ڪو رڍ جو، ته ڪو گھوڙي جو. اهڙي طرح ڍڳي، ڪوئي، سوئر، نانگ، واگھه، ڪڪڙ جا سال پڻ هوندا آهن. هر سال جي ان جانور مطابق، پنهنجي پنهنجي اهميت ۽ ڪرامت سمجھي وڃي ٿي. چينين جو اهو عقيدو آهي ته هر ماڻهوءَ جو ڀاڳ ان جانور جي سال ۾ ڄمڻ مطابق ٿئي ٿو- پوءِ ڪي ڳالهيون ڍڳي جي سال جون سٺيون سمجھيون وڃن ٿيون ته ڪي گھوڙي يا نانگ جي سال جون. پر انهن سڀني ۾ بهتر سال Dragon (پرن واري ازدها بلا) جو سمجھيو وڃي ٿو. هيءُ هڪ خيالي جانور آهي جنهن جو جسم ٿلهي بلا جهڙو ٿئي ٿو. کيس عقاب جهڙا چنبا ٿين ۽ سندس نڪ مان هر وقت باهه جا اُلا ۽ دونهون نڪرندو رهي ٿو. هن آفت (Dragon) جو سال سڀ ۾ بهتر ۽ سڦل سمجھيو وڃي ٿو. هن سال ۾ شادي ڪرڻ يا ٻار ڄڻڻ کي ماڻهو رحمت سمجھن ۽ هن سال ۾ دڪان کولڻ ۽ ڌنڌو ڌاڙي شروع ڪرڻ برڪت جوڳي ڳالهه سمجھي وڃي ٿي.
گذريل پنجن سالن کان آئون به چينين جي نئين سال جا جشن، هتي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ڏسندو اچان. پر هي سال _ جيڪو 17 فيبروري کان شروع ٿيو آهي، سڀ کان وڌيڪ جوش ۽ خروش سان ملهايو پيو وڃي. هن سال کي “چيني دنيا” ۾ اهم سمجھيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو هي سال چينين جو خاص سال (Dragon - Year) آهي. جنهن کي اڳهين ڌڻ ٻارن جو آهي اهو به چاهي ٿو ته کيس هڪ ٻار هن سال ۾ پڻ ٿئي. پنهنجي چيني انجنيئر دوست، جنهن جي شادي ٻه سال اڳ ٿي هئي، کي چيم:
“چئبو ته ٻار لاءِ هن سال جو پئي انتظار ڪيئي؟”
کلي وراڻيائين:“ ها اهو ته آهي ۽ اسان لاءِ ازدها جي سال (Dragon - Year) ۾ ڄميل اولاد وڏي اهميت رکي ٿو پر ان سان گڏ مصيبت اها آهي جو اڳتي هلي اسڪول جو وڏو مسئلو ٿي پوندو.”
“اهو ڪيئن؟” مون پڇيومانس.
“ظاهر آهي، هن سال ۾ ايترا ته ٻار ڄمندا جو هڪ اسپتال ۾ ڊليوري لاءِ داخلا جو مسئلو ٿيندو ۽ ٻيو پنجن سالن بعد اسڪول ۾ داخلا لاءِ مقابلو سخت ٿي پوندو.”
۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چينين جو هي نئون سال شروع ٿئي اڃا ٽي مهينا مس ٿيا آهن ته ملائيشيا، تائيوان، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ ايترا ته ٻار ڄمڻ شروع ٿي ويا آهن جو اسپتال جو عملو جيڪو گذريل سال “سهي جي سال” ۾ آرام ڪري رهيوهو سو هاڻ ڏينهن رات ٻار ڄڻائڻ ۾ مشغول آهي.
ملائشيا ۾ باقي رهاڪو-مسلمان ۽ هندو، جيتوڻيڪ انهن ڳالهين ۾ يقين نٿا رکن، پر سندن ٻار اسڪول ۽ پاڙي ۾ چيني ٻارن کان سندن ان عقيدي جون ڳالهيون ٻڌي اثر ضرور وٺن ٿا- خاص ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ جتي چينين جي آبادي نَوي سيڪڙو تائين آهي. ويجھڙائيءَ ۾ سنگاپور ۾ پنهنجي بنگالي دوست شهاب الدين جي گھر ۾ رهيس، جتي سندس ننڍي پٽ کي اڪثر ماڻس سان ان ڳالهه تي جهيڙو ڪندي ڏٺم ته هن کيس ڪوئي جي سال ۾ ڇو ڄڻيو. “مون کي هر وقت ڪلاس ميٽ اهو ئي چون ٿا ته ڪوئي کي ته ڪڪڙ ۽ رڍ به کائي وڃي.”
شهاب الدين مون سان اندر جو حال اوريندي چيو: “ اهو ئي سبب آهي جو هاڻ آئون هتي سنگاپور ۾ وڌيڪ رهڻ بدران پنهنجي ملڪ بنگلاديش موٽي وڃڻ وڌيڪ پسند ڪيان ٿو، جتي اسان جو پنهنجو مذهب، زبان ۽ ڪلچر آهي. هتي سڄو ڏينهن چينين ۽ عيسائين جي ٻارن سان رهي منهنجي ٻارن جو وڃي دماغ خراب ٿيندو. ننڍو ته ننڍو پر وڏو به چوي ٿو ته ڪرسمس ڊي تي پاڻ ٽرڪي ڇو نٿا رڌيون. چينين وانگر گڊ - لڪ لاءِ پاڻ Lion Dance ڇو نٿا ڪرايون.”
نوڪري يا واپار وڙي پٺيان چيني سڄو سال ڀلي ٻاهر هجي پر نئين سال تي مائٽن مٽن سان اچي گڏ ٿيندو. هو سڄو سال توهان کي اوڌر تي شيون ڏيندو، پر نئين سال شروع ٿيڻ کان اڳ چينيءَ جو قرض چڪائڻ ضروري آهي نه ته هو ان کي وڏو نڀاڳ سمجھندو. نئين سال جي شروع ٿيڻ کان هفتو کن اڳ هرهڪ چيني پنهنجي گھر ۽ دڪان کي صاف ڪري ان کي رنگ روپ ڪندو. باقي نئين سال واري ڏينهن تي ڪو ڪم ڪرڻ بدران نوان ڪپڙا پائي ملڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ کي سٺو سوڻ سمجھي ٿو. چيني تمام گھڻا وهمي، سوڻي ۽ وسوسي وارا آهن. نئين سال واري ڏينهن تي ٻهارو هٿ ۾ کڻڻ يا فرش ڌوئڻ کي هو سخت بدسوڻ سمجھن. ان ڏينهن تي ڪنهن ٿانوَ جو ڀڄڻ معنيٰ برڪت ۾ کوٽ- خاص ڪري آرسيءَ جو ڀڄي پوڻ ته ويتر خراب سمجھيو وڃي ٿو. ۽ نئين سال تي مٿو ڌوئڻ معنيٰ سڄي ڀاڳ کي ڌوئي ڇڏڻ. ساڳي طرح ان ڏينهن تي ڪپڙا ڌوئڻ، سڪائڻ يا ٻارن کي دڙڪا ڏيڻ پڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو. نئين سال جي شروعات جا ٽي ڏينهن مڪمل آرام، خوشي ملهائڻ ۽ ملڻ ملائڻ جا سمجھيا وڃن ٿا.
جيئن عيد واري ڏينهن مسلمانن جي گھرن ۾ ماڻهو عيد مبارڪ چوڻ ايندا آهن تيئن Chinese New Year تي چيني دوستن جي گھرن ۾ سندن نئين سال جي مبارڪ ڏبي آهي- جنهن کي گانگ زي فاءِ چائي (Gong Xi Fi Chai)-يعني ”نئون سال“ مبارڪ چئجي ٿو. چيني ميزبان، آيل مهمان اڳيان بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ شربت وغيره رکندو آهي، جنهن مان هو ڪجھه کائي پوءِ ٻئي گھر وڃڻ لاءِ موڪلائيندو آهي. موڪلائڻ وقت ميزبان مهمانن جي ٻارن کي ڳاڙهن لفافن ۾ ڪجھه خرچي وجھي ڏيندو آهي جنهن کي چيني زبان ۾ آنگ_ پائو (Ang – Pow) سڏجي ٿو. هي چيني لفظ هاڻ رشوت طور پڻ استعمال ٿئي ٿو. هانگ ڪانگ، تائيوان، ڪوريا ۽ هن پاسي ڪو سرڪاري ڪم عام طرح نه ٿي سگھندو آهي ته چيو ويندو آهي ته بابا سرڪاري ڪامورن جي هٿ تي جيسين”انگ پائو“ نه رکندين تيسين اهو ڪم نه ٿيندءِ.
نئين سال شروع ٿيڻ تي چيني سڄي رات وڏن ٺڪائن وارا ڦٽاڪا ٻارين. چيني عقيدي موجب نئين سال واري رات ڪيترائي بدروح ۽ شيطان ڌرتيءَ تي لهن ٿا جن کي هو انهن ٺڪائن ذريعي ڊيڄارين ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته پوءِ سڄو سال انهن ٺڪائن واري گھر جي چائنٺ نه ٽپندا.
منهنجي پاڙي ۾، اڄڪلهه ٻنهي پاسن کانچيني رهن ٿا. ٻنهي گھرن ۾ سڄي رات ڦٽاڪن جا ٺڪاءَ ٿيندا رهيا صبح جو کلي چيو مان:
“هڪ ته ٺڪائن سان سڄي رات مون غريب جي ننڊ ڦٽائي اٿانوَ ۽ ٻيو شيطان به مڙيئي اسان ڏي موڪليا اٿوَ.”
“ اهو ڪيئن؟” پاڙي واري چينيءَ پڇيو.
“ظاهر آهي ته پاڙي ۾ هڪ آئون ئي غير چيني آهيان. هن پاڙي ۾ لٿل شيطانن جو ٽولو توهان جي گھرن ۾ ڦٽاڪن جي ڊپ کان گھڙڻ بدران منهنجي گھر گھڙي پيو هوندو ۽ هاڻ سڄو سال مون لاءِ بدنصيب ثابت ٿيندو.”
چيني ماڻهو گھرن ۽ دڪانن ٻاهران هڪ ننڍڙي گول آرسي به ان خيال کان هڻندا آهن جيئن ايندڙ شيطان يا بدروح گھر يا دڪان ۾ گھڙڻ کان اڳ پنهنجو مُنهن آرسيءَ ۾ ڏسي، ڊڄي ڀڄي وڃي.
هن کان اڳ ازدها بلا جو سال (Dragon Year) ٻارهن سال اڳ 1976ع ۾ ٿيو هو ۽ ان کان اڳ 1964ع ۾. پر Dragon جي انهن مڙني سالن ۾ هي 1988ع وارو سال وڌيڪ بابرڪت ۽ اهميت وارو سمجھيو وڃي ٿو. چيني عقيدي موجب اٺن جو انگ زبردست ڀاڳن وارو ٿئي ٿو ۽ هن سال 1988ع جي انگ ۾ ته هڪ نه پر يڪا ٻه اٺا آهن. هن سال جي مڙني مهينن ۽ ڏينهن ۾ وري اٺين آگسٽ جو ڏينهن وڌيڪ ڀاڳ وارو چيو وڃي ٿو جو ان ڏينهن جي تاريخ ۾ يڪا چار اَٺا هوندا. يعني_ 8-8-1988.

ملائيشيا مان نڪرندڙ پنجابي اخبار

ملائيشيا ۾ ٽي اهم قومون رهن ٿيون. ملئي جيڪي هتي جا اصل باشندا آهن ۽ پنجاهه سيڪڙو کن ٿيندا. ٻئي نمبر تي چاليهه سيڪڙو آدمشماري چينين جي آهي. ٽئين نمبر تي ننڍي کنڊ جا ماڻهو آهن جيڪي انڊين سڏجن ٿا ۽ باقي بچيل نو ڏهه سيڪڙو ۾ اچن ٿا. ان “انڊين” ڪميونٽي ۾ منو حصو ته تامل ڳالهائيندڙ، ڏکڻ هندستانين جو آهي. باقي چوٿي حصي ۾ هندستان جون ٻيون قومون آهن جهڙوڪ: گجراتي، پنجابي، سنڌي، بنگالي، گورکا ۽ پٺاڻ وغيره.
ملائيشيا ۾رهندڙ هنن انڊين جو وڏو حصو انگريزن جي ڏينهن ۾ آيو جڏهن هي ملڪ برٽش ملايا سڏبو هو. هتي جي رٻڙ جي پوک ۽ جھنگلن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تامل، فوج ۽ پوليس لاءِ پٺاڻ، سک ۽ پنجابي مسلمان، واپار لاءِ گجراتي ۽ سنڌي هندن کي انگريز سرڪار آندو.
هن وقت ملائيشيا ۾ ملئي اسڪولن کان سواءِ چيني ۽ تامل اسڪول پڻ آهن ۽ انهن زبانن جون اخبارون به نڪرن ٿيون. منهنجو هن پاسي پهريون دفعو 1970ع جي لڳ ڀڳ اچڻ ٿيو. ان وقت ڪنهن گائيڊ بڪ ۾ ملايئشيا جي اخبارن بابت انگ اکر پڙهيا هيم ته ملائيشيا مان انگريزي، ملئي، چيني ۽ تامل اخبارون نڪرن ٿيون. ايستائين ته ٺيڪ آهي پر اهو پڙهي تعجب لڳو ته ملائيشيا مان پنجابي اخبارون به نڪرن ٿيون ۽ ڪيترن کان اهو به معلوم ٿيو ته پنجابي اسڪول پڻ آهن. جيڪي هتي جي سک ڪميونٽي، پنهنجي خرچ تي هلائي ٿي.
هينئر ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ سک کان پنجابي اخبارن ۽ اسڪولن جو پڇيم.
“پنجابيءَ ۾ اڃا به هڪ اخبار “ملايا سماچار” ڪوالالمپور مان نڪري ٿي، باقي پنجابي اسڪول ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ آهن. هڪ پنجابي اسڪول ته “ملايا سماچار” جي آفيس جي ڀرسان ئي آهي.” هن ٻڌايو.
ان اخبار جي ڇاهتر سال پوڙهي ايڊيٽر مسٽر ترلوچن سنگھه سان مون ملڻ چاهيو ٿي جنهن جي ادارت ۾ اها اخبار 1961ع کان وٺي اڄ تائين هفتي ۾ ٽي ڏينهن _اڱارو، خميس ۽ ڇنڇر_ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندي اچي، پر هاڻ آخري پساهن ۾ آهي.
پنجابي اخبار “ ملايا سماچار” جي آفيس ڪوالالمپور جي مشهور (يا اڄ ڪلهه جي بدنام) علائقي چوڪٽ (Chow-Kit) ۾ آهي. اها هڪ ڇاهٺ سال پراڻي گردواري جي احاطي ۾ آهي جنهن جي ڀر ۾ هتي جو وڏو پنجابي اسڪول پڻ آهي. آئون صبح جو نائين بجي ڌاري پهتس. اخبار جو ايڊيٽر ترلوچن سنگھه اڃا نه پهتو هو. اخبار ۾ ڪم ڪندڙ باقي عملي جي ماڻهن ٻڌايو ته هن جو گھر ڪافي پري ڪلانگ ۾ آهي ۽ هو دير سان سهي پر اچي روز ٿو ۽ شام جو ڇهين وڳي تائين ڪم ۾ مشغول رهي ٿو.
تيسين آئون ڀر ۾ ٺهيل اسڪول ۾ ويس جتي ڇوڪرين کي پنجابي پڙهائي وڃي ٿي. سڄي اسڪول ۾ اٽڪل سئو کن ٻار ٿيندا جن کي پڙهائڻ لاءِ پنج ڇهه ماسترياڻيون آهن. اسڪول جي هيڊ ماستر ۽ سپروائيزر مسٽر مهندر سنگھه سرور سان ملاقات ٿي جيڪو هن اسڪول ۾ لڳاتار ٽيويهه سال نوڪري ڪرڻ بعد هڪ ڏينهن اڳ رٽائرڊ ٿيو هو. ان ڏينهن “خالصا ايڊيوڪيشنل سوسائٽي” طرفان سندس الوادعي پارٽي هئي. هن منهنجو وڏيءَ دل سان آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ اسڪول بابت ٻڌايو ته هو محدود فنڊن ۽ چندي مان هي اسڪول هلائي رهيا آهن.
پنجابي زبان کي پنهنجي لکڻي نه هجڻ ڪري اها اڙدو ۽ گرمکي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي. مسلمانن -خاص ڪري پاڪستان جا ۽ ڪجھه هندو اڙدوءَ ۾ لکن ۽ سک گرمکيءَ ۾- جنهن جي الف ب ڪجھه ڪجھه هندي ۽ بنگاليءَ سان ملي ٿي. سکن جو پاڪ ڪتاب: سري گروگرنٿ صاحب به گرمکي لکت ۾ آهي.
“هونئن اڄڪلهه جي دور ۾ انگريزي زبان عام ٿي ويئي آهي ۽ هنن پنجابي اسڪولن ۾ گھڻا ٻار داخلا نٿا وٺن،” مهندر سنگھه ٻڌايو، “ پر ڪيترائي سک چاهين ٿا ته سندن زالون پنجابي پڙهڻ سکن جيئن گھر ۾ گروگرنٿ صاحب جو پاڻ به دور ڪن ۽ کين به پڙهي ٻڌائين. ان ڪري ڪيترن پنجابي اسڪولن ۾ فقط ڇوڪريونئي داخلا وٺن ٿيون.”
اسڪول مان نڪرڻ وقت پري کان ڏٺم ته هڪ جھور پوڙهو جنهن جي هٿ ۾ بافتي جي ڳوٿري هئي گوردواري جو در ٽپي اندر اچي رهيو هو. مون کي پڪ ٿي ته اهو ضرور اخبار جو ايڊيٽر هوندو. پنهنجي آفيس ۾ گھڙڻ بعد ڏهه پنڌرهن منٽ رکي پوءِ آئون اندر ويس. جيئن هو ڪجھه دير فرحت وٺي سگھي. جيتوڻيڪ ان وقت اڃا ڏهه کن مس ٿيا هئا پر ان ڏينهن صبح کان ئي سخت گرمي ۽ گھم هئي ۽ لڳو ٿي ته ڪي منجھند جا ٻه اڍائي ٿي ويا هجن.
آفيس ۾، منهنجي گھڙڻ کان اڳ، پريس ۾ ڪم ڪندڙ مختيار سنگھه ۽ منجيت ڪور ڇوڪريءَ مون بابت ترلوچن سنگھه کي ٻڌائي ورتو هو جو آئون جيئن ئي گھڙيس ته هن هٿ جي اشاري سان کيڪاري ويهڻ جو اشارو ڪيو. اُس ۾ هلي اچڻ ڪري هن جو اڃا ساهه سامت ۾ نه آيو هو ۽ ڪا گھڙي پوتڙي سان منهن، ڪياڙي ۽ ٻانهن تان پگھر اگھندو رهيو. ڇاهتر ستهتر اها ڄمار آهي جنهن ۾ هر انسان کي آرام ڪرڻ کپي. ان عمر ۾ ڪنهن جي دل ڪم ڪرڻ چاهيندي؟ پر هن تاج صحرائي ۽ علي احمد بروهي صاحب جهڙي همٿ ڀري انسان کي شابس هجي جو بنا ڪنهن پگھار ۽ لالچ جي گھرون وڙئون ڏيئي اخبار هلائيندو اچي. هو هن عمر ۽ ههڙي گرمي (يا هتي جي مينهن جھڙ) ۾ روزانو گھر کان بس ۾ سفر ڪري چوڪٽ جي پيهه پيهان واري بس اسٽاپ تي اچي ٿو، جتان پيرين پنڌ آفيس پهچي ٿو. هن پنهنجي سادي ڳوٿريءَ مان منجھند لاءِ آندل، پني ۾ويڙهيل مانيءَ جو لفافو، ڊائري، پنا پينسلون ڪڍي پاسي کان ميز تي رکيون، ۽ پوءِ پنجابي گاڏڙ اڙدو ۽ انگريزيءَ ۾ منهنجو حال احوال ورتو ۽ منهنجي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا.
“هن وقت ملائيشيا ۾ ستر هزار سک رهن ٿا، پر پنجابي پڙهڻ وارن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گھٽبو وڃي. ان ڪري اسان جي اخبار جيڪا اڄ کان اٺاويهه سال اڳ ڪوالالمپور جي هنن رستن تي گرم پڪوڙن وانگر وڪامندي هئي تنهن جو ڳاڻيٽو هڪ هزار کن وڃي ٿيو آهي.”
ويندي ترلوچن جا ٻه ٻار جيڪي گھر ۾ پنجابي ڳالهين ته ٿا، پر لکي پڙهي نٿا سگھن، ۽ نه وري انهن کي اخبار نويسيءَ سان شوق آهي جو کڻي پوڙهي پيءُ جي مدد ڪن. اشتهار به گھٽ ملن ٿا. سرڪار جي به مدد ناهي ۽ نه ڪو سکيو ستابو ان ڪم کي پنهنجي مٿي تي کڻڻ لاءِ تيار آهي. ترلوچن هن اخبار کي اولاد وانگر پاليو آهي پر هاڻي لڳي ٿو ته اها تواريخ جي ورقن ۾ دفن ٿي ويندي.
“ آئون ان عمر ۾ آهيان جنهن ۾ جيڪو ڏينهن گذري ٿو غنيمت آهي. اڄ نه سڀاڻ هن جهان مان هليو ويندس ته پٺيان اخبار جو ڇا ٿيندو ان بابت ڪجھه چئي نٿو سگان. آئون رب جي هٿن ۾ ان کي ڇڏي ويندس. ضرور ڪو نه ڪو مانجھي مڙس نڪري پوندو جيڪو هن ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي پار لڳائڻ جي ڪندو.” ترلوچن چيو.
سردار ترلوچن سنگهه جو اخبار نويسيءَ سان واسطو هن اخبار ملايا سماچار کان به گھڻو اڳ جو آهي. پاڻ برٽش ملايا جي دور ۾ 1936ع کان، تڏهن جي مشهور اخبار “پرديسي خالصا سيوڪ” جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم شروع ڪيو ۽ رٽائر ٿيڻ تائين، مختلف دورن ۾ نيوز ايڊيٽر، مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ سرڪيوليشن مئنيجر ٿي رهيو. بعد ۾ “پرديسي خالصا سيوڪ” اخبار انگريزن جي ئي دور ۾ ضبط ٿي ويئي هئي. ان بعد هن پنهنجي “ملايا سماچار” اخبار شروع ڪئي، جيڪا اڄ تائين هلندي اچي.
“منهنجا ٻار، جيسين پنجابي لکڻيءَ جو سوال آهي، ته هو اڻپڙهيل آهن. افسوس جو آئون پنهنجي پٽ کي الف ب سکڻ لاءِ به شوق ڏياري نه سگھيس.” هن ٻڌايو.
هونءَ اڄڪلهه جا سک “پنجابي اخبار” بدران انگريزيءَ جي اخبار وڌيڪ شوق سان پڙهن ٿا جو ان ۾ سڄي ملڪ ۽ دنيا جون وڌيڪ خبرون آهن ۽ هن قسم جي پنجابي اخبار کين اهو مزو نٿي ڏئي جيڪو سندن پيءُ يا ڏاڏي کي اڄ کان چوٿو صدي اڳ ڏنو ٿي. انهن ڏينهن ۾ نه هيون ٽي ويون، نه اڄ وانگر عام جام ريڊيا. ڇا پيو وهي واپري - خاص ڪري سندن اباڻي وطن امرتسر، لاهور، چنديڳڙهه ۾- ان جو تفصيلي احوال ههڙيون اخبارون مهيا ڪنديون هيون. پر اڄ جي نئين ٽهي جيڪا ڄائي ئي هتي ملائيشيا ۾، ان کي ڏاڏاڻي ڏيهه جي ايڏي ٻاڙ نه آهي.
“تڏهن به توهان کي شابس هجي جو هيڏي وڏي عرصي تائين پنجابي جرنلزم جي شمع روشن رکندا اچو”. مون چيومانس.
“ڪسي نه ڪسي ڪو تو زبان زنده رکنَي ڪا بوجه اٺانا پڙي گا.”
Otherwise, the Language will die and I am not going to let that happen to my people.
هن سمجھايو.
ملائيشيا جي تواريخ ۾ سردار ترلوچن سنگھه جي “ملايا سماچار“ اخبار سڀ ۾ گھڻو وقت هلي آهي. هن ملڪ، ملائيشيا ۾، پنجابيءَ جون ٻيون به ڪيتريون ئي اخبارون نڪتيون. ڪي ته صديءَ جي بلڪل شروعات ۾- 1913ع ڌاري، پر هرهڪ اخبار ٿورو گھڻو وقت هلي مالي مشڪلاتن يا انگريز سرڪار جي پابندين جي ڪري بند ٿي ويئي.
علي نواز وفائيءَ جي “آزاد” اخبار وانگر هيءَ اخبار به نه ڪنهن نيوز ايجنسيءَ جي ميمبر آهي ۽ نه وري ڪي خبرون موڪلڻ وارا نمائندا اٿس. مڙيئي هتان هُتان جي اخبارن رسالن جي خبرن جو تت ڏنو وڃي ٿو. هن اخبار ۾ هر قسم جا اشتهار به قبول نٿا ڪيا وڃن- خاص ڪري شراب، سگريٽ ۽ ڏاڙهي ڪوڙڻ جي بليڊن جا، جيڪي شيون سک ڌرم ۾ منع ٿيل آهن. هونءَ قيمت جي لحاظ کان ٽيهه سينٽن ۾ هيءَ اخبار سڄي ملائيشيا ۾ سستي سمجھي وڃي ٿي.
“اسان هتي هي ڪاروبار پئسي ڪمائڻ لاءِ نه ڪري رهيا آهيون. اسان جي اخبار کڻي گھٽ ڇپجي ٿي ۽ پئسي جو فائدو نٿي ڏئي، پر اسان جي پنجابي ڪميونٽيءَ لاءِ اها ئي ڳانڍاپو آهي جنهن ذريعي اسان کي هڪ ٻئي جي خبر چار پوي ٿي.” مسٽر ترلوچن سنگھه چيو .
هن جي چوڻ مطابق هيءَ اخبار پنجابي زبان کي زندهه رکي ٿي ۽ ان ريت سک ڌرم جي سلامتي رهي ٿي- ڇو جو سکن جا سمورا مذهبي ڪتابي گرمکي رسم الخط ۾ آهن.
ڏهن ننڍن صفحن جي “ملايا سماچار” اخبار ۾ چونڊي چونڊي اهي خبرون ڏنيون وڃن ٿيون جن ۾ سکن جي دلچسپي هجي. ڪڏهن ڪڏهن قومي خبرون پڙهندڙن جا موڪليل خط، شعر ۽ ڪهاڻيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون. پوڙهن سکن جي موت جون خبرون خاص سرخين سان هونديون آهن جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ فوج يا پوليس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پنجاب کان ملايا گھرايا ويا هئا. ان کان علاوه ڪنهن جي مرڻي پرڻي جو احوال يا ان جي مانيءَ جي نينڍ جو احوال ۽ اطلاع پڻ هن اخبار ۾ هوندو آهي.
اشتهارن مان جيڪا آمدني ٿئي ٿي اها تمام گھٽ آهي. سڄي صفحي جو اشتهار جو اگھه هڪ سئو ملئي ڊالر (ساڍا ست سئو رپيا کن آهي. اڄ ڪلهه ملائيشيا جو ڊالر (رنگٽ) ساڍي ستين روپئي آهي.) اشتهار گھڻو ڪري ملائيشيا ۾ رهندڙ سکن جي ڪاروبار يا ڪمپنين جا آهن. جهڙوڪ ٽريول ايجنسين، وڊيو ايجنٽن، سيڌي جي دڪانن ۽ ڪپڙي جي واپارين جا. ڪڏهن ڪڏهن آسٽريليا جي Queensland Butter Board جي گيهه جو اشتهار پڻ هوندو آهي يا روسي هوائي ڪمپني Aeroflot جو. هيءَ اخبار ملائيشيا کان علاوه انگلينڊ، آسٽريليا ۽ انڊيا ۾ به پڙهي وڃي ٿي.
اهو ضرور آهي ته جنهن کي به هن اخبار جو چسڪو لڳي ٿو اهو باقاعدگيءَ سان پڙهي ٿو. منهنجو هڪ سک شاگرد جيڪو جهازن جو ڪئپٽن آهي ۽ ويجھڙائيءَ ۾ هتان لڏي آسٽريليا ۾ وڃي رهيو آهي تنهن ٻڌايو ته هو اتي به اها اخبار شوق سان پڙهندو آهي.
“ان جي پڙهڻ مان توکي ڪهڙو مزو ۽ معلومات ملي ٿي؟” مون پڇيو هئومانس.
“مون کي پٺيان ڇڏي آيل پنهنجي سڄي ڪميونٽيءَ جي خبر چار پوي ٿي ته ڪوالالمپور يا ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ اسان سکن جا ڪهڙا جلسا جلوس، شاديون غميون ٿينديون رهن ٿيون- جن جو آئون پڻ هڪ حصو هوس ۽ آهيان.”

ملائيشيا وارا ڇا ٿا چون

ڪوالالمپور جي مشهور اخبار New-Straits Times جي آفيس جو ڏس ارشاد عباسيءَ کان پڇيم: ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ننڍو ڀاءُ ارشاد ڪوالالمپور ۾ اسان جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ اڄڪلهه پريس اٽيچي آهي.
“هتان جالان بنگسار وٺي وڃ. ميوزيم نگارا بعد ساڄي ويندڙ رستي جالان ماروپ تي هن اخبار جي عمارت نظر ايندءِ.”
ملئي زبان ۾ روڊ يا رستي کي “جالان” سڏجي ٿو. جالان ماروپ معنيٰ شاهراهه ماروپ يا ماروپ روڊ. اهو ماروپ روڊ در اصل معروف آهي پر ملئي زبان ۾ پ ۽ ف ساڳيو سمجھيو وڃي ٿو.
“N. S T آفيس ۾ مسٽر نئش پڻ آهي.” هلڻ وقت ارشاد وڌيڪ ٻڌايو. “هو بيريٽاهاريئان” ملئي اخبار جو نيوز ايڊيٽر آهي. ان سان پڻ ضرور ملجانءِ.”
مسٽر نئش ملئي آهي سندس پورو نالو نصير الدين آهي پر قلمي نالو فقط Nash اٿس. ٿوري دير ان وٽ ويٺس. پاڪستان ۾ تازو ٿيل اليڪشن ۽ نئين وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو بابت پڇيائين.
“منهنجي خيال ۾ هن جهڙي آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن جو مثال ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ تمام گھٽ ملندو. پاڪستان ۾ هڪ دفعو وري جمهوريت آئي آهي. شل هاڻ قائم دائم رهي.”
“اسان پڻ خوش ٿيا آهيون.” نئش وراڻيو. “هڪ مسلمان ۽ ايشيائي ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي ڏسي اسان ملئي مسلمان خوش ٿيون ٿا.”
“اخبار ۽ ٽي وي ريڊيو تي جيترو اسان جي ملڪ کي توهان ڪوريج ڏئي رهيا آهيو، ان مان پڻ توهان ملائيشيا وارن جو خلوص ظاهر ٿئي ٿو”. مون چيومانس.
“ها سائين، بلڪل. در اصل مغربي پريس کان اسان وٽ ڪيتريون ئي خبرون اچن ٿيون، پر مغرب وارا کوٽي کوٽي اسان جهڙن ملڪن جون ڪمزوريون ئي ڏين ٿا يا ڦڏن فسادن کي گھڻو نمايان ڪن ٿا. هونءَ به اخباري دنيا ۾ A Bad News is A Good News ڪٿي ڪنهن جو جهاز اغوا ٿيو، ڪٿي زلزلو آيو. ڪٿي ڌاڙو لڳو ته ان قسم جي خبرن-يعني خراب خبرن پٺيان اسين اخبار نويس هوندا آهيون. پڙهندڙ ائين سمجندو ته الائي ڇا ٿي ويو آهي. هينئر ملائيشيا جي حڪومت سيڪيورٽي ائڪٽ ۾ ڪجهه ماڻهو اندر ڪيا. جن ۾ ملئي، چيني، انڊين - ملائيشيا ۾ رهندڙ ٽنهي قومن جا ماڻهو هئا، پر مغربي پريس ۽ ريڊيو هر وقت اها رڙ لڳائي ڏني ته ملائيشيا جي حڪومت فقط بي گناهه چينين کي جيل ۾ وڌو آهي، ان ڪري سڄي ملائيشيا ۾ ممڻ مچي ويو آهي. هاڻ ظاهر آهي ان قسم جون خبرون پڙهي ڌارين ملڪن جا ماڻهو اهو ئي سوچيندا ته سڄو ملائيشيا نسلي فسادن ۾ وڪوڙجي ويو آهي، پر پوءِ ڪوالالمپور پهچي اهو ڏسندا هوندا ته هتي ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي. هر ڳالهه نارمل ۽ امن امان هيٺ آهي. ساڳي وقت مغربي پريس فقط چينين کي جيل ۾ وجھڻ جي خبر ڏيئي اهو چاهيو ٿي ته هتي جي چيني آدمشماري پريشان ٿئي ۽ ڪاوڙ ۽ نفرت مان وڌيڪ هنگاما ۽ فساد برپا ڪري. پوءِ اخبارن لاءِ وڌيڪ سوادي مواد ملي سگھي. ساڳي طرح توهان جي ملڪ پاڪستان بابت مغربي پريس اليڪشنکان اڳ هڪ طرف ته اهو چيو ته صدر غلام اسحاق خان ۽ آرمي چيف جنرل بيگ آزادانه ۽ منصفانا اليڪشن ڪرائڻ جو وعدو ڪيو آهي. ساڳي وقت اخبارن اها به ڀرپور قياسآرائي ڪئي ته فوجي اليڪشن هرگز ڪرڻ نه ڏيندا، ۽ جي اليڪشن ٿي به ته بينظير کي ڪڏهن به کٽڻ نه ڏيندا. پوءِ جڏهن خير خيريت سان اليڪشن به ٿي ويئي ۽ بينظير کٽي به ويئي ته پوءِ مغربي اخبارون اهائي اڳڪٿي ڪنديون رهيون ته کيس پاور هرگز نه ملندو. اجھو ٿا ملٽريءَ وارا ٽيڪ اوور ڪن. هاڻ جڏهن آئيني طرح تمام سهڻي نموني سان وزيراعظم ۽ صدر جي چونڊ ٿي ويئي ۽ هر ڪم ائين ٿي رهيو آهي جيئن آمريڪا ۽ يورپ جي سڌريل ملڪن ۾ ٿئي ٿو ته به مغربي پريس کي ڳالهه نٿي وڻي. کوٽي کوٽي ڪا اهڙي ڳالهه ڪڍن ٿا جيئن ماڻهن ۾ بي يقيني ۽ خوف جو احساس پيدا ٿئي ۽ ملڪ ترقي ڪرڻ بدران مُنجھيل رهي. هاڻ وري صبح شام اهو ذڪر آهي ته بينظير لاءِ پاڪستان جهڙو ملڪ هلائڻ سولو ڪمناهي. هوءَ ناتجربيڪار آهي، هوءَ ننڍيءَ عمر جي آهي، هوءَ امير گھر جي آهي جنهن کي غريبن ۽ ڏتڙيلن جو احساس ٿي نٿو سگھي. ملڪ مسئلن سان ڀريل آهي. پاڪستان جو پنجهتر سيڪڙو عوام جاهل آهي. ملڪ قرض ۾ وڪوڙيل آهي. فوج تي تمام گھڻو خرچ ٿيندو رهيو آهي ۽ انهن جي بجيٽ تي سختي ڪندي ته آرمي وارا ڪاوڙجي ويندا ۽ وري مارشل لا ڄاڻ ته لڳو. پر ادا! اسان دعا ڪريون ٿا ته توهان جو ملڪ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري ۽ حڪومت جو نظام صحيح رهي. ڇاڪاڻ جو ملڪ جي خوشحاليءَ جو وڏو دارومدار ملڪ جي سياسي حالتن تي پڻ آهي.”
مون سندس ٿورا مڃي موڪلايو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ ملڻ لاءِ اميد رکيم.
ساڳي بلڊنگ ۾انگريزي اخبار “نيو اسٽرئٽ ٽائيمس” جي ايڊيٽر ذئنون احمد وٽ آيس. هو ان وقت ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو هو.
ذئنون احمد افغانستان ۽ فلپين مان ويجھڙائيءَ ۾ ٿي آيو هو ۽ افغانستان جي مجاهدين ۽ ڏکڻ فلپين جي مسلمان باغين بابت هن جا قسطوار مضمون ڪجھه ڏينهن اڳ تائين اخبار ۾ اچي چڪا هئا. ٻنهي ملڪن جا تفصيلي نقشا سندس آفيس جي ڀتين ۽ نوٽيس بورڊن تي چنبڙيل هئا. ڀتين تي ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن جا پڻ نقشا هئا. انهن جي ڀر ۾ دنيا جي اهم شخصيتن جا ڪئميرا سان نڪتل فوٽو ۽ هٿ جي اسڪيچن جون فوٽو ڪاپيون لڳل هيون. بچيل کچيل جاءِ تي اخبارن جون Cuttings هيون. مکيه ٽيبل، ننڍين ميزن ۽ ڪٻٽن ۾ انهن جي مٿان ملائيشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جون تازيون آيل اخبارون ۽ رسالا هئا. جتي جتي جاءِ بچيل هئي اتي ڪتابن جا ٻڌل ۽ اڻ ٻڌل بنڊل هئا- جيڪي جائزو / تنقيد لکڻ لاءِ پبلشرن ۽ اديبن طرفان موڪليل لڳا ٿي.
فون تي ڳالهائيندي ذئنون مون کي ويهڻ لاءِ ڪرسيءَ ڏي اشارو ڪيو. سندس ڪرسيءَ کان علاوه ٻي اها ئي واحد ڪرسي هئي ۽ اها ئي جاءِ هئي جنهن تي آيل مهمان ويهي سگھيو ٿي. اها ئي هڪ ڪرسي هئي جنهن تي اخبارن يا ڪتابن جا سٿا رکيل نه هئا. ان ڪرسيءَ تي فقط ٽي ڪتاب ۽ چوٿين جو پوش رکيل هو. ڪرسيءَ تان اهي کڻي پنهنجي جهول ۾ رکي ويٺس. خالي پوش بينظير جي تازي ڪتاب “دي ڊاٽر آف ايسٽ” جو ڪور هو. ان ڪتاب جون چار قسطون ڪتاب ڇپڻ شرط هتي جي هن انگريزي اخبار ۾ اچي چڪيون هيون. ملائيشيا جي ماڻهن وڏي شوق سان هيءَ آتم ڪهاڻي پڙهي هئي. گذريل هفتي هن ڪتاب لاءِ مون ملاڪا ۽ ڪوالالمپور جي بڪ اسٽالن تان معلوم ڪرايو هو پر خبر پئي ته اهو ڪتاب اڃا ملائيشيا ۾ نه آيو آهي. آئون ڪتاب جي پوش کي وري اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳس ته اسان واري ملئي يار ذئنون ڪٿان ورتو آهي، پر خبر نه پئجي سگهي.
فون ختم ڪرڻ ۽ کيڪار کڙيءَ بعد ان ڪتاب بابت پڇيومانس.
ذئنون کلندي وراڻيو: “ خبر اٿئي، ڏينهن رات هڪ ڪري سڄو ڪتاب پڙهي ان کي اخبار لاءِ مختصر بڻايم. مون سمجھيو ته ان بعد اهو ڪتاب انعام ۾ ڄڻ منهنجو ئي ٿيو، پر خبر ناهي ڪير کڻي ويو آهي. پٺيان فقط هي ڪور ڇڏي ويو آهي. ڀلا ڪتاب جو اختصار اسان واري اخبار ۾ ڪيئن لڳو؟”
“فوٽن سميت توهان ڏاڍو سٺي طرح پيش ڪيو.” مون کيس داد ڏنو.
“مون ته اخبار ۾ سڄو ڪتاب هلائڻ چاهيو ٿي، پر ڪتاب جي پبلشرن (لنڊن جي اداري) هڪ باب جا هڪ هڪ هزار پائونڊ ٿي گھريا، جيڪا رقم اسان کي تمام ڳري لڳي. پوءِ نيٺ ان ڳالهه تي رضامندو ٿيو ته هو اسان کان ڪو به معاوضو نه وٺندا- جيڪڏهن اسين ان جون فقط چار قسطون ڏيون. انهن ۾ مون مئڊم بينظير جي شادي ۽ پاڪستان ۾ موٽڻ واري باب جي خاص طور چونڊ ڪئي. انهن قسطن جي عيوض اسان ٽي ويءَ تي ان ڪتاب جي اشتهار هلائڻ جو ذمو کنيو.”
ملائيشيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ چيني، ملئي ۽ انڊين- ٽي قومون رهن ٿيون. اخبارن جا نمائندا گھڻو تڻو هتي جا انڊين باشندا آهن- يعني هن ملڪ جا اهي رهاڪو جن جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا اصل انڊيا کان لڏي آيا . اڄ جي ٽهي جيتوڻيڪ هتي جي ملئي زبان ۽ ڪلچر ۾ رسي بسي ويئي آهي ۽ هاڻ واپس هندوستان موٽي وڃي رهڻ ته ڇا پر گھمڻ لاءِ هفتو ٻه به لاچار ڪو وڃڻ لاءِ تيار ٿين، پر ان هوندي به سندن ذهني پاڙون ان پَٽَ ۾ آهن جتان کان هنن جا وڏا آيا. بقول پاڪستان ايمبيسيءَ جي اڳوڻي پريس سيڪريٽري وڪيل ملڪ جي “ملائيشيا جي انڊين جي همدردي هميشه هندستان سان رهي آهي- خاص ڪري جڏهن پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪا ڳالهه اچي ٿي ته هو هندستان جو سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪن ٿا.” پر ان حال ۽ ان ملڪ ۾ ذئنون ۽ نئش جهڙا ملئي مرد مجاهد آهن جي حق جي صدا بلند ڪن ٿا ۽ پاڪستان کي ان جي لائق عزت ڏين ٿا.
هتي جي اخبار ۾ محترمه بينظير جي ان ڪتاب جون قسطون ڇپجڻ بعد ڪيترائي ڏينهن آفيسن، جلسن، بس اسٽاپن، مارڪيٽ، بازارين ۾ هتي جا ماڻهو اڪثر پنهنجا رايا ڏيندا رهيا. اڃا تائين نئون ٿيندڙ واقف ڪار هڪدم اخبار ۾ ڇپيل انهن قسطن ڏانهن اشارو ڪري ٿو: “مون توهان جي وزيراعظم بابت پڙهيو آهي.”
اهي ڳالهيون جن مان هتي جا ماڻهو بيحد متاثر ٿيا آهن، انهن مان ڪجھه هن ريت آهن:
بينظير هڪ مسلمان عورت ٿي تمام گھڻو پڙهيل ڳڙهيل آهي. ۽ هتي جون مسلمان ملئي ڇوڪريون وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ- خاص ڪري ولايت جي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ مائٽن کي هميشه بينظير جو مثال ڏين ٿيون.
بينظير هيڏو پڙهيل ۽ امير گھر جي هجڻ باوجود به مٿي تي پوتي رکي ٿي. (هونءَ ملائيشيا جي نئين ٽهيءَ جون ڇوڪريون جيڪي تمام گھڻيون مذهبي آهن مٿي تي Todong (پوتي يا رومال) رکڻ کي نيڪي سمجھن ٿيون.)
بينظير هيترو پڙهيل ۽ ماڊرن ٿي ڪري مائٽن جي صلاح تي شادي ڪئي.
بينظير ۽ برطانيا جي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر ۾ گھڻي هڪجهڙائي آهي پر سندن مڙسن ۾ نه آهي.
بينظير جيڪا هڪ وڏي خاندان ۾ پيدا ٿي ۽ آرام جي زندگي گذاريائين ان لاءِ جيل ۽ ملڪ بدر رهڻ جون سختيون سهڻ هتي جي ماڻهن لاءِ هڪ عجيب ۽ وڏي ڳالهه لڳي ٿي ۽ اهي ڳالهيون محترمه بينظير کي هتي جي ماڻهن جي نظر ۾ عظيم بنائين ٿيون.
مون سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي ڌارين ملڪن کان آيل جهازن جا ڪئپٽن رهن ٿا. انڊيا جي جهازن جا ماڻهو بينظير جا اندرا گانڌيءَ بابت هي رمارڪ پڙهي بي حد گھڻو کِليا اته اندرا کي ڪانگريس وارن پهرين Goongi – Gaen (گونگي گانءِ) سمجھيو ٿي، پر پوءِ کين خبر پيئي ته هيءَ عورت رڪ ۽ لوهه جي ٺهيل آهي.
هتي رهندڙ هڪ انڊين ڪئپٽن جي زال کي البت بينظير ۽ سندس ڪتاب جي ملائيشيا ۾ هلندڙ هاڪ نه وڻي، تنهن پنهنجي اندر جو ساڙ هڪ فنڪشن ۾ ائين چئي ڪڍيو ته “بينظير اسان جي اِندار کي فالو ڪري ٿي.”
جنهن جي جواب ۾ هتي جي هڪ ملئي عورت چيس: “اندرا به ته ضرور ڪنهن رضيه سلطانه کي فالو ڪيو هوندو.”

نالن جو تڪرار

ملائيشيا ۾ ملسمانن جا ڪي نالا اهڙا آهن جن لاءِ هتي جي ڪن مُلن کي اعتراض آهي ته اهي ائين نه هئڻ کپن. شايد ان کي ڌيان ۾ رکي هتي جي واسطيدار سرڪاري کاتي هڪ اهڙو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ انهن نالن جي فهرست ڏني آهي، جيڪي مسلمانن کي نه رکڻ کپن. ڪن نالن جي چونڊ، لڳي ٿو ته تڪڙ ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ انهن جي رکڻ يا نه رکڻ سان اسلام ڪنهن به طرح خطري ۾ نٿو پوي. بهرحال ملائيشيا ۾ پريس جي آزادي ڪافي حد تائين آهي ۽ ماڻهو پنهنجي خيالن جواظهار آزاديءَ سان ڪن ٿا. مٿئين عنوان تي اخبارن ۾ پڙهندڙن جا ڪيترائي خط ڇپيا آهن. پيتالنگ جايا (ڪوالالمپور جي ڀرسان هڪ شهر ) مان امير عليءَ جو خط ڪافي دلچسپ، معلوماتي ۽ فڪر انگيز آهي. پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ان مان ڪجھه حصو ترجمو ڪري موڪليان پيو، جيڪو هن ريت آهي:
“حڪومت طرفان مسلمانن لاءِ جيڪي نالا نه رکڻ جي فهرست ٺاهي ويئي آهي ان ۾ اهي نالا پڻ آهن جن جي اڳيان يا پويان Nurul نورل يا Wati واتي لفظ اچي ٿو. يا اهي نالا جيڪي جانورن، ڀاڄين ۽ ميون جا آهن يا مزاحيه آهن ... يا شين جا نالا آهن (جهڙوڪ: ڪپڙن،ڳهن وغيره جا.) ۽ خاص ڪري سيد ۽ شريفان جهڙا نالا جيڪي هر هڪ کي رکڻ کان منع ڪئي ويئي آهي.
(ملائيشيا ۾ نورل سان شروع ٿيندڙ ڪيترائي نالا آهن. جهڙوڪ نورل هدا، نور عابده ۽ Wati لفظ پڻ هتي ملائيشيا ۽ انڊونيشي جي مڙني ٻيٽن تي ائين مشهور آهن جيئين پاڻ وٽ بيگم يا بانو.)
عوام کي حڪومت طرفان آگاهه ڪيو ويو آهي تهNurul نورل معنيٰ “دوزخ” آهي ۽ Wati جي معنيٰ “زنا” يا لاڳاپو رکڻ آهي. واسطيدار عملدارن جو چوڻ آهي ته هنن کي ان ڳالهه جو اختيار آهي ته هو ان قسم جا منع ڪيل نالا ڄم جي وقت رجسٽر ڪرڻ کان انڪار ڪن. جيتوڻيڪ ان جي وضاحت نه ڪئي آهي ته اها “اختياري” آيا کين قدرت طرفان ڏني ويئي آهي يا حڪومت طرفان.
ننڍي کنڊ جي مشهور فيلسوف ۽ شاعر علامه اقبال پنهنجي شعر ۾ نوري ۽ ناريءَ جا لفظ “سوجھرو” ۽ “اونداهه” لاءِ استعمال ڪيا آهن. ٽين ملائيشين آرٽلري ريجيمينٽ جي مذهبي استاد محمد تراويس جو چوڻ آهي ته نورل (Nurul) معنيٰ روشني ۽ نارل (Narul) معنيٰ دوزخ. جنهن جي، شهر جي قاضيءَ پڻ تصديق ڪئي آهي.
قرآن ۾ پڻ “النور” (روشني) عنوان سان هڪ ڊگھي سوره (نمبر چوويهون) آهي. پر سرڪاري کاتي ۾ ڪم ڪندڙ اسان جي يارن جو ارشاد آهي ته نورل (Nurul) معنيٰ دوزخ. ۽ هي اهي ماڻهو آهن جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته کين مسلمانن جي رهنمائي ڪرڻ جواختيار مليل آهي.
نور مان ٺهيل لفظ مسلمان دنيا ۾ تمام گھڻو مشهور آهن. آرام پسند مغل شهنشاهه جھانگير پاران جيڪا راڻي صاحبه ٽان ٽان ڪندي هئي اها نورجهان جي نالي سان سڏي ويئي. يعني “دنيا جي روشني” ۽ ڪوالالمپور ۾ تنڪو عبدالرحمان روڊ تي هڪ دڪاندارياڻيءَ جو نالو پڻ نور جهان آهي.
جانورن جا نالا: فخر محسوس ڪندڙ پيءُ، سعودي عرب جي بادشاهه عبدالعزيز، پنهنجي پٽ ٻار کي واگھه (ٽائيگر) چوڻ چاهيو ٿي، ان ڪري هن جو نالو رکيائين فهد. اسين لحاظ خاطر نٿا چئون، پر اها حقيقت آهي ته بادشاهه فهد هڪ نيڪ ۽ سچو مسلمان آهي. ان سان گڏ هو عرب آهي ۽ کيس سندس نالي جي ضرور ڄاڻ هوندي ته اهو جانور جو نالو آهي. اهو نالو جيڪڏهن غير اسلامي هجي ها ته ڪعبته الله جو نگھبان پڪ ٻيو نالو اختيار ڪري ها. پر هن ته ائين نه ڪيو. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي مسلمان آهن جن جا نالا جانورن جا آهن.
اسلام جو پنجون خليفو معاويا (لومڙ) سڏجي ٿو. اسلامي دنيا جو زنده عالم جنهن جو قرآن جو ترجمو ۽ تفسير اڄ جو بهترين سمجھيو وڃي ٿو، محمد اسد جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ “اسد” جي معنيٰ “شينهن” آهي.
اسلام جو ٻيو خليفو، چڙ جو تکو حضرت عمر رضه کي ڌيءَ ڄمڻ وقت شايد قدرتي طور دل ۾ آيو ته سندس ٻار به هن وانگر تکي طبيعت جو ٿيندو جو هن جو نالو حفصه رکيائين- جنهن جي معنيٰ آهي شينهڻ. هوءَ اڳتي هلي اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي گھر واري ٿي، جيڪو کيس مرڪندي ان نالي سان سڏيندو هو.
پر هاڻ اسان کي آگاهه ڪيو پيو وڃي ته جانورن جا نالا مسلمانن کي رکڻ نه گھرجن.
ڪپڙن جا نالا: دنيا جي دولت کان لاپرواهه صوفي ازم جو پرچار ڪندڙ اسان جا مذهبي رهنما پنهنجي جسم کي رڳو کڌر جي ڪپڙي سان ڍڪيندا هئا. عربي لفظ صوفي جي معنيٰ اُن آهي جنهن مان اهو ڪپڙو ٺهيل هوندو هو. ان مان لفظ صوفي ٿيو. هاڻ انهن صوفين کي پڪ اسان کان وڌيڪ اسلام جي ڄاڻ هوندي، پر هنن ته ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي “ڪپڙي” جي نالي سان سڏائيندي عيب يا عار محسوس نه ڪيو ته پوءِ اڄ اسان کي ڇو هئڻ کپي.
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي عربي نالا آهن جيڪي جانورن تان کنيا ويا آهن. جهڙوڪ نون (مڇي)، جلل (هڪ گاهه جو قسم)، قلم (لکڻ جي ڪلڪ)، ويندي اٺ، ڍڳي ۽ ٻڪري- جن جي قرباني ڪئي وڃي ٿي. اسلامي دنيا ۾ ڪيترا ئي نالا پکين جا آهن. ڪبوتر کان باز يا گلن ۽ وڻن جا نالا آهن. سامونڊي سپن ۽ تارن جا نالا آهن .... ۽ جڏهن اهي نالا سڀني اسلامي ملڪن ۾ عام آهن ته پوءِ هتي ملايئشيا ۾ اهڙن نالن تي ڇو هاءِ گھوڙا ڪئي پئي وڃي.
مزاحيه نالا: خدا جو هڪ بندو جنهن جو اصل نالو محمد بن اسماعيل هو. بعد ۾ اسلامي دنيا ۾ امام بخاريءَ جي نالي سان مشهور ٿيو ڇو جو هو بخارا شهر ۾ ڄائو هو. منهنجو هڪ ڀائيٽو جيڪو ڄائو ته هتي ملائيشيا ۾ آهي پر هو پڻ بخاري سڏائي ٿو. اهڙن نالن تي ڀلي ڪي ماڻهو کلن پر ائين سڏائڻ نه غير اسلامي ڳالهه آهي ۽ نه اهو ڪنهن کي نقصان رسائي ٿو.
اٽڪل هزار سال کن اڳ، ايران ۾ ابراهيم نالي هڪ بزرگ پيٽ قوت لاءِ تمبو ٺاهي وڪڻندو هو. ان ڪري ماڻهو کيس ابراهيم خيام يعني ابراهيم خيما ٺاهيندڙ سڏيو. سندس پٽ عمر به پاڻ کي خيام سڏائڻ لڳو، جيڪو دنيا ۾ شاعريءَ ۽ حساب ڪتاب ۾ مشهور ٿيو.
اسلامي دنيا ۾ ڪيترائي عمر خيام آهن جن کي تنبو ٺاهڻ جي بنيادي طريقن جي به ڄاڻ ناهي پر ته به هو ان نالي مان خوش آهن. ماڻهو کڻي اهڙي نالي کي مسخري سمجھن پر جيستائين اهڙن نالن مان ڪا گار يا گناهه مقصود ناهي ته ڪنهن کي ڇو اعتراض هجڻ کپي.
زيور جواهر: ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ملائيشيا جي مذهبي کاتي هيرن جواهرن جي نالن تي پڻ بندش وڌي آهي. مثال طور لعل، جواهر، جوهر، جوهري وغيره. رحمدل خالد جي ماءُ ۽ بادشاهه فيصل جي زال جو نالو جواهره هو. مون کي حڪومت جي ان اوچتي ايجاد تي تعجب لڳي ٿو ته اهي نالا غير اسلامي آهن.
گاريالا نالا: ملائيشيا ۾ جيڪي نالا بليڪ لسٽ ڪياويا آهن انهن ۾ واتي (Wati) پڻ آهي. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جا غير عرب اختياريءَ وارا حاڪم “واتي” لفظ عربيءَ جو تصور ڪري منجھانئس گندو مفهوم ڪڍن ٿا. ان ڪري ملئي مسلمانن کي پنهنجي ڌيءُ جو نالو واتي رکڻ کان جھلين ٿا.
ملئي زبان ڳالهائيندڙ دنيا ۾- جنهن ۾ ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا جا سمورا ٻيٽ اچي وڃن ٿا، سنسڪرت جو تمام اونهو اثر آهي. اڄ جو ڪو مسلمان ان حقيقت کان ڀلي انڪاري ٿئي پر هيءَ سنسڪرت ئي ته آهي: پتالنگ جايا کان ڪوٽا بارو (ملائيشيا جا مشهور شهر) ۽ مڌرا (انڊونيشيا جe شهر) تائين. پرڌان منتري (وزيراعظم) کان لڪسامانا (نيول چيف) تائين. ان کان علاوه بومي پترا، بنگسا، ڀاشا جيوا وغيره سنسڪرت جا ئي thلفظ آهن جيڪي ملئي زبان جو حصو بڻجي ويا آهن. واتي لفظ پڻ انهن مان هڪ آهي جيڪو هتي جي سڀني ٻيٽن ۽ پَٽن تي نالي طور استعمال ٿئي ٿو. رتنا واتي، نور واتي، ثريا واتي، ارينا واتي، سوارگا واتي نالن جو ڪو به اسان جي ملئي دنيا ۾ زنا يا ميلاپ (Intercourse) سان واسطو ناهي- سماجي توڙي جنسي طور. هن پاسي جا ڪيترا مسلمان سلطان ۽ بادشاهه آهن جن جي مقبري تي هيءَ لکڻي عام نظرايندي: Swarga Wati “سرگ جو رهواسي” -جنتي، يعني جنت ۾ جاءِ هجيس.
ڪيترا لفظ مختلف زبانن ۾ مختلف معنائون رکن ٿا. يا ٿوري ڦير ڦار سان اچارڻ سان ساڳي ٻوليءَ ۾ مختلف معنائون رکي سگھن ٿا.
عربيءَ جي لفظ “غائب” ( اڻ ڏٺل)، جي معنيٰ سٺي به آهي ته مختلف حالتن ۾ قبيح پڻ. “علي” عربي زبان ۾ ڀلو، اشراف، اعليٰ آهي پر تامل زبان ۾ ان جي معنيٰ ٻي آهي، ڪويتي فٽبال رانديگر جو صلاح (Salah) هن لاءِ کڻي صحيح هجي پر ملائيشين لاءِ غلط آهي. (ملئي زبان ۾ Salah معنيٰ غلط.)
جڏهن توهان HAI چئو ٿا ته ڪجھه ماڻهو ته ان کي کيڪار سمجھن ٿا، پر ڪيتريون ئي چيني عورتون اهو ٻڌي شرمائجي وڃن ٿيون جو چيني زبان ۾ اها گار آهي. اهڙي طرح ڀٽو پاڪستان جي باعزت خاندان جو نالو آهي پر ملائيشيا ۾ اهو نالو شايد ڪو به نه رکي.
اهڙي طرح واتي اسان وٽ ملائيشيا ۾ سٺو نالو سمجھيو وڃي ٿو جو ان جي هتي سٺي معنيٰ آهي. عربيءَ ۾ پڻ اهڙو لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ ڇا آهي ان سان اسان جو ڪهڙو واسطو. اسان ڪي عرب ته نه آهيون. اسان جو ته اهو حال آهي جو ڪيترائي عربيءَ جا آسان ۽ روزمره جي زبان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ به چڱيءَ طرح ڳالهائي نٿا سگھون. علي، عليم، عالم جهڙا لفظ به صحيح طرح اچاري نٿا سگھون. انهن جي معنيٰ ڄاڻڻ ته ٿي ڏورانهين ڳالهه.
نيوز رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته جن جو سيد يا شريفان لقب (ذات) ناهي اهي پنهنجن ٻارن جو نالو يا ذات اها نٿا رکي سگھن. يعني جيڪي حضور صلعم جن جو اولاد آهن اهي ئي پاڻ کي سيد سڏائين. حضور صلعم جن کي ڪو به پوٽو پڙپوٽو نه ٿيو. ڌيءُ بيبي فاطمه جيڪا اڄ کان چوڏهه سؤ سال اڳ گذاري ويئي ان جو اولاد سيد سڏائي سگھي ٿو. هاڻ ڪنهن لاءِ ڪيئن خاطريءَ سان چئي سگھجي ٿو ته هن جو شجرو واقعي حضور صلعم جن سان ملي ٿو. ڪنهن وٽ ان جو تفصيلي رڪارڊ آهي.
دنيا ۾ انيڪ ماڻهو آهن- مسلمان به ته غير مسلمان به جن جو نالو لقب يا ذات سيد، سعيد، سيدنا، شريفان، شريفاح آهي. ڪيترا ماڻهو آهن جن جي ماءُ، ناني يا ڏاڏي چيني يا جپاني هئي. ويندي انهن جي پيءُ جي به! ته به هو ڇوڪرو پاڻ کي بيبي فاطمه جو اولاد سڏائي ٿو ان ڪري جو هن جي پيءُ يا ڏاڏي جو نالو يا ذات سيد هئي.
ٻي دلچسپ ڳالهه اها ته ڪيترا غير مسلمان پاڻ کي سيد جو لقب يا ذات سان سڏرائي، ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته هو ته حضور صلعم جن جو اولاد آهن، وتن غير اسلامي ڪم ڪندا.
سيد علي محمد اها ئي دعويٰ ڪئي ٿي ته هن جو پيءُ توڙي ماءُ جو شجرو حضور صلعم جن سان ملي ٿو. سادي عقل وارا ماڻهو حضور صلعم جن جي ڪري کين ايڏي عزت ڏيڻ لڳا جو هو ماڳهين مٿي تي چڙهي ويو. پهرين پير درويش ۽ پوءِ ماڳهين “نبي” (توبهه نعوذ بالله) سڏائڻ لڳو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ کي اسلام کان ڌار ڪري هن هڪ نئون مذهب “بهائي (Bahaism) شروع ڪيو. هن جو اولاد ۽ پوئلڳ به پاڻ کي سيد ۽ شريفان سڏائين ٿا.
اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا سيد آهن جن جو شجرو واقعي حضور صلعم جن سان ملي ٿو يا نه پر اسان ماڻهو پنهنجي ڀلاري نبيءَ صلعم جن جي ڪري هنن کي جڏهن عزت ۽ اهميت ڏيون ٿا ته هو ماڳهين ايڏو ٽانءَ ۾ اچيو وڃن جو نماز ۽ روزي جهڙو اهم ڪم به وساريو ڇڏين- جنهن لاءِ اسان جو نبي سڳورو آخر تائين تلقين ڪندو رهيو ته قائم رکو. هو پنهنجن وڏن جي قبرن کي روزگار جو ذريعو بڻائي ماڳهين شرڪ ۽ بِدعتون پکيِڙيو ويٺا آهن.
ملائيشيا هاڻ اهڙن نت نون ۽ Instant مذهبن، ڪوڙن پيغمبرن، پيرن ولين کان پاڪ آهي. حڪومت کي سيد وغيره جي چڪر ۾ وري پراڻا باب نئينءَ سئينءَ اٿلائڻ نه گھرجن.
هونءَ ته ڪنهن به مسلمان لاءِ ڏوهه يا گناهه ناهي جيڪڏهن پنهنجن ٻارن جو نالو يا ذات سيد يا شريفان رکي. اسان جي نبي سڳوري ته مسلمانن جي ايتري قدر همت افزائي ڪئي ته هو ڀلي پنهنجن ٻارن جو نالو محمد رکن. ۽ محمد جي ڀيٽ ۾ سيد يا سيدنا لفظ ڇا حيثيت رکن ٿا.
در اصل اسلام ۾ ته نالن ۽ ذاتين، ريتن ۽ رسمن، رتبن ۽ درجن کان هرهڪ جون پنهنجون نيتون ۽ اعمال وڌيڪ اهميت رکن ٿا. اسلام ۾ اهو حڪم ٿيل ناهي ته پنهنجن ٻارن جا نالا عربي يا ڪنهن ٻي خاص زبان ۾ رکو. اسلام ۾انسان جي عبادت ۽ اعمال اهميت رکن ٿا ۽ اهو انسان الله جي وڌيڪ ويجھو آهي جيڪو چڱا ڪم ڪري ٿو، جيڪو نيڪ ٿي هلي ٿو– جيڪو متقي آهي يعني جنهن جي دل ۾ خدا جو خوف آهي.

نالن جو تڪرار

ملائيشيا ۾ ملسمانن جا ڪي نالا اهڙا آهن جن لاءِ هتي جي ڪن مُلن کي اعتراض آهي ته اهي ائين نه هئڻ کپن. شايد ان کي ڌيان ۾ رکي هتي جي واسطيدار سرڪاري کاتي هڪ اهڙو بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ انهن نالن جي فهرست ڏني آهي، جيڪي مسلمانن کي نه رکڻ کپن. ڪن نالن جي چونڊ، لڳي ٿو ته تڪڙ ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ انهن جي رکڻ يا نه رکڻ سان اسلام ڪنهن به طرح خطري ۾ نٿو پوي. بهرحال ملائيشيا ۾ پريس جي آزادي ڪافي حد تائين آهي ۽ ماڻهو پنهنجي خيالن جواظهار آزاديءَ سان ڪن ٿا. مٿئين عنوان تي اخبارن ۾ پڙهندڙن جا ڪيترائي خط ڇپيا آهن. پيتالنگ جايا (ڪوالالمپور جي ڀرسان هڪ شهر ) مان امير عليءَ جو خط ڪافي دلچسپ، معلوماتي ۽ فڪر انگيز آهي. پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ان مان ڪجھه حصو ترجمو ڪري موڪليان پيو، جيڪو هن ريت آهي:
“حڪومت طرفان مسلمانن لاءِ جيڪي نالا نه رکڻ جي فهرست ٺاهي ويئي آهي ان ۾ اهي نالا پڻ آهن جن جي اڳيان يا پويان Nurul نورل يا Wati واتي لفظ اچي ٿو. يا اهي نالا جيڪي جانورن، ڀاڄين ۽ ميون جا آهن يا مزاحيه آهن ... يا شين جا نالا آهن (جهڙوڪ: ڪپڙن،ڳهن وغيره جا.) ۽ خاص ڪري سيد ۽ شريفان جهڙا نالا جيڪي هر هڪ کي رکڻ کان منع ڪئي ويئي آهي.
(ملائيشيا ۾ نورل سان شروع ٿيندڙ ڪيترائي نالا آهن. جهڙوڪ نورل هدا، نور عابده ۽ Wati لفظ پڻ هتي ملائيشيا ۽ انڊونيشي جي مڙني ٻيٽن تي ائين مشهور آهن جيئين پاڻ وٽ بيگم يا بانو.)
عوام کي حڪومت طرفان آگاهه ڪيو ويو آهي تهNurul نورل معنيٰ “دوزخ” آهي ۽ Wati جي معنيٰ “زنا” يا لاڳاپو رکڻ آهي. واسطيدار عملدارن جو چوڻ آهي ته هنن کي ان ڳالهه جو اختيار آهي ته هو ان قسم جا منع ڪيل نالا ڄم جي وقت رجسٽر ڪرڻ کان انڪار ڪن. جيتوڻيڪ ان جي وضاحت نه ڪئي آهي ته اها “اختياري” آيا کين قدرت طرفان ڏني ويئي آهي يا حڪومت طرفان.
ننڍي کنڊ جي مشهور فيلسوف ۽ شاعر علامه اقبال پنهنجي شعر ۾ نوري ۽ ناريءَ جا لفظ “سوجھرو” ۽ “اونداهه” لاءِ استعمال ڪيا آهن. ٽين ملائيشين آرٽلري ريجيمينٽ جي مذهبي استاد محمد تراويس جو چوڻ آهي ته نورل (Nurul) معنيٰ روشني ۽ نارل (Narul) معنيٰ دوزخ. جنهن جي، شهر جي قاضيءَ پڻ تصديق ڪئي آهي.
قرآن ۾ پڻ “النور” (روشني) عنوان سان هڪ ڊگھي سوره (نمبر چوويهون) آهي. پر سرڪاري کاتي ۾ ڪم ڪندڙ اسان جي يارن جو ارشاد آهي ته نورل (Nurul) معنيٰ دوزخ. ۽ هي اهي ماڻهو آهن جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته کين مسلمانن جي رهنمائي ڪرڻ جواختيار مليل آهي.
نور مان ٺهيل لفظ مسلمان دنيا ۾ تمام گھڻو مشهور آهن. آرام پسند مغل شهنشاهه جھانگير پاران جيڪا راڻي صاحبه ٽان ٽان ڪندي هئي اها نورجهان جي نالي سان سڏي ويئي. يعني “دنيا جي روشني” ۽ ڪوالالمپور ۾ تنڪو عبدالرحمان روڊ تي هڪ دڪاندارياڻيءَ جو نالو پڻ نور جهان آهي.
جانورن جا نالا: فخر محسوس ڪندڙ پيءُ، سعودي عرب جي بادشاهه عبدالعزيز، پنهنجي پٽ ٻار کي واگھه (ٽائيگر) چوڻ چاهيو ٿي، ان ڪري هن جو نالو رکيائين فهد. اسين لحاظ خاطر نٿا چئون، پر اها حقيقت آهي ته بادشاهه فهد هڪ نيڪ ۽ سچو مسلمان آهي. ان سان گڏ هو عرب آهي ۽ کيس سندس نالي جي ضرور ڄاڻ هوندي ته اهو جانور جو نالو آهي. اهو نالو جيڪڏهن غير اسلامي هجي ها ته ڪعبته الله جو نگھبان پڪ ٻيو نالو اختيار ڪري ها. پر هن ته ائين نه ڪيو. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي مسلمان آهن جن جا نالا جانورن جا آهن.
اسلام جو پنجون خليفو معاويا (لومڙ) سڏجي ٿو. اسلامي دنيا جو زنده عالم جنهن جو قرآن جو ترجمو ۽ تفسير اڄ جو بهترين سمجھيو وڃي ٿو، محمد اسد جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ “اسد” جي معنيٰ “شينهن” آهي.
اسلام جو ٻيو خليفو، چڙ جو تکو حضرت عمر رضه کي ڌيءَ ڄمڻ وقت شايد قدرتي طور دل ۾ آيو ته سندس ٻار به هن وانگر تکي طبيعت جو ٿيندو جو هن جو نالو حفصه رکيائين- جنهن جي معنيٰ آهي شينهڻ. هوءَ اڳتي هلي اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي گھر واري ٿي، جيڪو کيس مرڪندي ان نالي سان سڏيندو هو.
پر هاڻ اسان کي آگاهه ڪيو پيو وڃي ته جانورن جا نالا مسلمانن کي رکڻ نه گھرجن.
ڪپڙن جا نالا: دنيا جي دولت کان لاپرواهه صوفي ازم جو پرچار ڪندڙ اسان جا مذهبي رهنما پنهنجي جسم کي رڳو کڌر جي ڪپڙي سان ڍڪيندا هئا. عربي لفظ صوفي جي معنيٰ اُن آهي جنهن مان اهو ڪپڙو ٺهيل هوندو هو. ان مان لفظ صوفي ٿيو. هاڻ انهن صوفين کي پڪ اسان کان وڌيڪ اسلام جي ڄاڻ هوندي، پر هنن ته ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي “ڪپڙي” جي نالي سان سڏائيندي عيب يا عار محسوس نه ڪيو ته پوءِ اڄ اسان کي ڇو هئڻ کپي.
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي عربي نالا آهن جيڪي جانورن تان کنيا ويا آهن. جهڙوڪ نون (مڇي)، جلل (هڪ گاهه جو قسم)، قلم (لکڻ جي ڪلڪ)، ويندي اٺ، ڍڳي ۽ ٻڪري- جن جي قرباني ڪئي وڃي ٿي. اسلامي دنيا ۾ ڪيترا ئي نالا پکين جا آهن. ڪبوتر کان باز يا گلن ۽ وڻن جا نالا آهن. سامونڊي سپن ۽ تارن جا نالا آهن .... ۽ جڏهن اهي نالا سڀني اسلامي ملڪن ۾ عام آهن ته پوءِ هتي ملايئشيا ۾ اهڙن نالن تي ڇو هاءِ گھوڙا ڪئي پئي وڃي.
مزاحيه نالا: خدا جو هڪ بندو جنهن جو اصل نالو محمد بن اسماعيل هو. بعد ۾ اسلامي دنيا ۾ امام بخاريءَ جي نالي سان مشهور ٿيو ڇو جو هو بخارا شهر ۾ ڄائو هو. منهنجو هڪ ڀائيٽو جيڪو ڄائو ته هتي ملائيشيا ۾ آهي پر هو پڻ بخاري سڏائي ٿو. اهڙن نالن تي ڀلي ڪي ماڻهو کلن پر ائين سڏائڻ نه غير اسلامي ڳالهه آهي ۽ نه اهو ڪنهن کي نقصان رسائي ٿو.
اٽڪل هزار سال کن اڳ، ايران ۾ ابراهيم نالي هڪ بزرگ پيٽ قوت لاءِ تمبو ٺاهي وڪڻندو هو. ان ڪري ماڻهو کيس ابراهيم خيام يعني ابراهيم خيما ٺاهيندڙ سڏيو. سندس پٽ عمر به پاڻ کي خيام سڏائڻ لڳو، جيڪو دنيا ۾ شاعريءَ ۽ حساب ڪتاب ۾ مشهور ٿيو.
اسلامي دنيا ۾ ڪيترائي عمر خيام آهن جن کي تنبو ٺاهڻ جي بنيادي طريقن جي به ڄاڻ ناهي پر ته به هو ان نالي مان خوش آهن. ماڻهو کڻي اهڙي نالي کي مسخري سمجھن پر جيستائين اهڙن نالن مان ڪا گار يا گناهه مقصود ناهي ته ڪنهن کي ڇو اعتراض هجڻ کپي.
زيور جواهر: ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ملائيشيا جي مذهبي کاتي هيرن جواهرن جي نالن تي پڻ بندش وڌي آهي. مثال طور لعل، جواهر، جوهر، جوهري وغيره. رحمدل خالد جي ماءُ ۽ بادشاهه فيصل جي زال جو نالو جواهره هو. مون کي حڪومت جي ان اوچتي ايجاد تي تعجب لڳي ٿو ته اهي نالا غير اسلامي آهن.
گاريالا نالا: ملائيشيا ۾ جيڪي نالا بليڪ لسٽ ڪياويا آهن انهن ۾ واتي (Wati) پڻ آهي. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جا غير عرب اختياريءَ وارا حاڪم “واتي” لفظ عربيءَ جو تصور ڪري منجھانئس گندو مفهوم ڪڍن ٿا. ان ڪري ملئي مسلمانن کي پنهنجي ڌيءُ جو نالو واتي رکڻ کان جھلين ٿا.
ملئي زبان ڳالهائيندڙ دنيا ۾- جنهن ۾ ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا جا سمورا ٻيٽ اچي وڃن ٿا، سنسڪرت جو تمام اونهو اثر آهي. اڄ جو ڪو مسلمان ان حقيقت کان ڀلي انڪاري ٿئي پر هيءَ سنسڪرت ئي ته آهي: پتالنگ جايا کان ڪوٽا بارو (ملائيشيا جا مشهور شهر) ۽ مڌرا (انڊونيشيا جe شهر) تائين. پرڌان منتري (وزيراعظم) کان لڪسامانا (نيول چيف) تائين. ان کان علاوه بومي پترا، بنگسا، ڀاشا جيوا وغيره سنسڪرت جا ئي thلفظ آهن جيڪي ملئي زبان جو حصو بڻجي ويا آهن. واتي لفظ پڻ انهن مان هڪ آهي جيڪو هتي جي سڀني ٻيٽن ۽ پَٽن تي نالي طور استعمال ٿئي ٿو. رتنا واتي، نور واتي، ثريا واتي، ارينا واتي، سوارگا واتي نالن جو ڪو به اسان جي ملئي دنيا ۾ زنا يا ميلاپ (Intercourse) سان واسطو ناهي- سماجي توڙي جنسي طور. هن پاسي جا ڪيترا مسلمان سلطان ۽ بادشاهه آهن جن جي مقبري تي هيءَ لکڻي عام نظرايندي: Swarga Wati “سرگ جو رهواسي” -جنتي، يعني جنت ۾ جاءِ هجيس.
ڪيترا لفظ مختلف زبانن ۾ مختلف معنائون رکن ٿا. يا ٿوري ڦير ڦار سان اچارڻ سان ساڳي ٻوليءَ ۾ مختلف معنائون رکي سگھن ٿا.
عربيءَ جي لفظ “غائب” ( اڻ ڏٺل)، جي معنيٰ سٺي به آهي ته مختلف حالتن ۾ قبيح پڻ. “علي” عربي زبان ۾ ڀلو، اشراف، اعليٰ آهي پر تامل زبان ۾ ان جي معنيٰ ٻي آهي، ڪويتي فٽبال رانديگر جو صلاح (Salah) هن لاءِ کڻي صحيح هجي پر ملائيشين لاءِ غلط آهي. (ملئي زبان ۾ Salah معنيٰ غلط.)
جڏهن توهان HAI چئو ٿا ته ڪجھه ماڻهو ته ان کي کيڪار سمجھن ٿا، پر ڪيتريون ئي چيني عورتون اهو ٻڌي شرمائجي وڃن ٿيون جو چيني زبان ۾ اها گار آهي. اهڙي طرح ڀٽو پاڪستان جي باعزت خاندان جو نالو آهي پر ملائيشيا ۾ اهو نالو شايد ڪو به نه رکي.
اهڙي طرح واتي اسان وٽ ملائيشيا ۾ سٺو نالو سمجھيو وڃي ٿو جو ان جي هتي سٺي معنيٰ آهي. عربيءَ ۾ پڻ اهڙو لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ ڇا آهي ان سان اسان جو ڪهڙو واسطو. اسان ڪي عرب ته نه آهيون. اسان جو ته اهو حال آهي جو ڪيترائي عربيءَ جا آسان ۽ روزمره جي زبان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ به چڱيءَ طرح ڳالهائي نٿا سگھون. علي، عليم، عالم جهڙا لفظ به صحيح طرح اچاري نٿا سگھون. انهن جي معنيٰ ڄاڻڻ ته ٿي ڏورانهين ڳالهه.
نيوز رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته جن جو سيد يا شريفان لقب (ذات) ناهي اهي پنهنجن ٻارن جو نالو يا ذات اها نٿا رکي سگھن. يعني جيڪي حضور صلعم جن جو اولاد آهن اهي ئي پاڻ کي سيد سڏائين. حضور صلعم جن کي ڪو به پوٽو پڙپوٽو نه ٿيو. ڌيءُ بيبي فاطمه جيڪا اڄ کان چوڏهه سؤ سال اڳ گذاري ويئي ان جو اولاد سيد سڏائي سگھي ٿو. هاڻ ڪنهن لاءِ ڪيئن خاطريءَ سان چئي سگھجي ٿو ته هن جو شجرو واقعي حضور صلعم جن سان ملي ٿو. ڪنهن وٽ ان جو تفصيلي رڪارڊ آهي.
دنيا ۾ انيڪ ماڻهو آهن- مسلمان به ته غير مسلمان به جن جو نالو لقب يا ذات سيد، سعيد، سيدنا، شريفان، شريفاح آهي. ڪيترا ماڻهو آهن جن جي ماءُ، ناني يا ڏاڏي چيني يا جپاني هئي. ويندي انهن جي پيءُ جي به! ته به هو ڇوڪرو پاڻ کي بيبي فاطمه جو اولاد سڏائي ٿو ان ڪري جو هن جي پيءُ يا ڏاڏي جو نالو يا ذات سيد هئي.
ٻي دلچسپ ڳالهه اها ته ڪيترا غير مسلمان پاڻ کي سيد جو لقب يا ذات سان سڏرائي، ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته هو ته حضور صلعم جن جو اولاد آهن، وتن غير اسلامي ڪم ڪندا.
سيد علي محمد اها ئي دعويٰ ڪئي ٿي ته هن جو پيءُ توڙي ماءُ جو شجرو حضور صلعم جن سان ملي ٿو. سادي عقل وارا ماڻهو حضور صلعم جن جي ڪري کين ايڏي عزت ڏيڻ لڳا جو هو ماڳهين مٿي تي چڙهي ويو. پهرين پير درويش ۽ پوءِ ماڳهين “نبي” (توبهه نعوذ بالله) سڏائڻ لڳو ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ کي اسلام کان ڌار ڪري هن هڪ نئون مذهب “بهائي (Bahaism) شروع ڪيو. هن جو اولاد ۽ پوئلڳ به پاڻ کي سيد ۽ شريفان سڏائين ٿا.
اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا سيد آهن جن جو شجرو واقعي حضور صلعم جن سان ملي ٿو يا نه پر اسان ماڻهو پنهنجي ڀلاري نبيءَ صلعم جن جي ڪري هنن کي جڏهن عزت ۽ اهميت ڏيون ٿا ته هو ماڳهين ايڏو ٽانءَ ۾ اچيو وڃن جو نماز ۽ روزي جهڙو اهم ڪم به وساريو ڇڏين- جنهن لاءِ اسان جو نبي سڳورو آخر تائين تلقين ڪندو رهيو ته قائم رکو. هو پنهنجن وڏن جي قبرن کي روزگار جو ذريعو بڻائي ماڳهين شرڪ ۽ بِدعتون پکيِڙيو ويٺا آهن.
ملائيشيا هاڻ اهڙن نت نون ۽ Instant مذهبن، ڪوڙن پيغمبرن، پيرن ولين کان پاڪ آهي. حڪومت کي سيد وغيره جي چڪر ۾ وري پراڻا باب نئينءَ سئينءَ اٿلائڻ نه گھرجن.
هونءَ ته ڪنهن به مسلمان لاءِ ڏوهه يا گناهه ناهي جيڪڏهن پنهنجن ٻارن جو نالو يا ذات سيد يا شريفان رکي. اسان جي نبي سڳوري ته مسلمانن جي ايتري قدر همت افزائي ڪئي ته هو ڀلي پنهنجن ٻارن جو نالو محمد رکن. ۽ محمد جي ڀيٽ ۾ سيد يا سيدنا لفظ ڇا حيثيت رکن ٿا.
در اصل اسلام ۾ ته نالن ۽ ذاتين، ريتن ۽ رسمن، رتبن ۽ درجن کان هرهڪ جون پنهنجون نيتون ۽ اعمال وڌيڪ اهميت رکن ٿا. اسلام ۾ اهو حڪم ٿيل ناهي ته پنهنجن ٻارن جا نالا عربي يا ڪنهن ٻي خاص زبان ۾ رکو. اسلام ۾انسان جي عبادت ۽ اعمال اهميت رکن ٿا ۽ اهو انسان الله جي وڌيڪ ويجھو آهي جيڪو چڱا ڪم ڪري ٿو، جيڪو نيڪ ٿي هلي ٿو– جيڪو متقي آهي يعني جنهن جي دل ۾ خدا جو خوف آهي.

ڪئپٽن جو غائب ٿيڻ...

ملئي ماڻهن۾ پرائي پچار تمام گھٽ آهي. هروڀرو ڪنهن جي گِلا نه ڪندا ۽ نه ٻڌل ڳالهه کي مرچ مسالا هڻي پيش ڪندا. ڪنهن ڳالهه جي کين خبر هوندي ته به پڇڻ تي نٽائي ويندا. يا جنهن ماڻهوءَ جي ڳالهه هوندي ان کان ئي پڇڻ لاءِ چوندا جيئن هو پنهنجي ڳالهه پاڻ صحيح طرح ٻڌائي. پاڻ پنهنجو تبصرو يا راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪندا.
اها حقيقت آهي ته هڪ جي ڳالهه ٻئي جي واتان ٻڌڻ ۾ ڪجھه نه ڪجهه تبديلي ضرور اچيو وڃي ۽ چوٿين پنجين ڌر تائين پهچڻ ۾ اها ڳالهه اصل شڪل صورت کان ڦريو وڃي.
مثال مشهور آهي ته ڪنهن عورت کي آفيس ۾ اٻڙڪو آيو. ڀر ۾ ويٺل عورت پنهنجي ٻي ساهيڙيءَ کي ٻڌايو: “فلاڻيءَ صبح ساڻ الٽي ڪئي آهي.”
اهڙيءَ طرح ٻيءَ ٽيءَ کي چيو: “فلاڻيءَ ڪاري الٽي ڪڍي آهي.”
ٽيءَ چوٿينءَ کي ٻڌايو: “فلاڻيءَ ڪانگ جهڙي ڪاري الٽي ڪڍي آهي.”
چوٿينءَ پنجينءَ کي ٻڌايو: “فلاڻيءَ جي پيٽ مان ڪارو ڪانگ نڪتو آهي.”
هونءَ جتي اهڙي ڪا ڳالهه هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ مختلف زبانون ڳالهائيندڙن ذريعي پهچي ٿي ته اصل ڳالهه جي شڪل اڃا به وڌيڪ بدلجيو وڃي.
اسان جي آفيس جي هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ پڻ هڪ دفعي ائين ٿيو. جنرل مئنيجر طرفان هتي جي قومي زبان ملئي ۾ هڪ سرڪيولر هر کاتي ۾ موڪليو ويو ته، هر کاتي مان ان ماڻهوءَ جي چونڊ ڪري انعام لاءِ نالو موڪليو وڃي جيڪو سڀ کان گھڻو ڪم ڪري ٿو.
چيني مترجم ڇوڪريءَ اهو ملئي سرڪيولر چيني زبان ۾ ترجمو ڪري چيني هيڊ ڪلارڪ کي ٻڌايو ، جنهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي يورپي باس کي ٻڌايو. هاڻ خبر ناهي ڪنهن ڪٿي غلط ترجمو ڪيو يا غلط سمجهيو جو باس کي اهو نياپو ڪيو ويو ته انعام لاءِ اهڙي ماڻهوءَ جو نالو موڪليو جيڪو آفيس ۾ گھڻو عرصو رهيو آهي يعني سڀ ۾ پراڻو آهي. نتيجي ۾ سڀني کي تعجب لڳو جڏهن ان کاتي ۾ گھڻي ڪم ڪندڙ جو انعام هڪ سست ۽ ڪاهل ماڻهوءَ کي مليو.
هڪ ٻئي تائين نياپو پهچائڻ جو وڏو مسئلو انهن جهاز تي ٿئي ٿو جتي مختلف زبانون ڳالهائڻ وارو عملو آهي. ٻاهران انگريزيءَ ۾ نياپو ايندو، ڪئپٽن ان جو ذڪر اڙدوءَ ۾ پنهنجي چيف آفيسر سان ڪندو. اهو پنهنجن هيٺين آفيسرن کي پنجابي يا سنڌيءَ ۾ ٻڌائيندو ۽ جي اهو نياپو خلاصين لاءِ آهي ته معنيٰ سرنگ (خلاصين جو انچارج) ڪڇي يا مڪراني هوندو ته خلاصي پٺاڻ.
هڪ اهڙو دلچسپ قصو ناروي جي هڪ جهازران ڪمپنيءَ جي نيوز ليٽر ۾ ڇپيو آهي. اتي جي جهازن تي آفيسر۽ خلاصي نارويجن، سئيڊش، جرمن، پوليش ۽ فلپينو وغيره ٿين. نياپي جو ردو بدل هن ريت آهي:
ڪئپٽن جو نياپو چيف آفيسر لاءِ: سڀاڻي صبح ساڻ نائين بجي ڌاري سج گرهڻ ٿيندي. هيءَ هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا ڏهاڙي نٿي ٿئي. سو خلاصين کي اطلاع ڪجانءِ ته هو ڀلي ڪنهن شانائتي ڊريس ۾ ڊيڪ تي اچي بيهن جيئن هو اها ڏسي سگھن. قدرت جو هي هڪ عجيب نظارو کين سمجھائڻ لاءِ آئون پاڻ هلي ايندس. جيڪڏهن ان وقت مينهن پيو ته پوءِ سج گرهڻ چٽيءَ طرح ڏسي نه سگھبي. ان حالت ۾، خلاصين کي ميس روم ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ چئجانءِ.”
چيف آفيسر جو نياپو سيڪنڊ آفيسر ڏي: ڪئپٽن جي حڪم مطابق سڀاڻي صبح جو نائين بجي سج گرهڻ ٿيندي. جيڪڏهن مينهوڳي ٿي پيئي ته پوءِ اسين اوچا ڪپڙا پائي ڊيڪ تان ان کي چٽيءَ طرح ڏسي نه سگھنداسين. ان حالت ۾ سج جي لِڪڻ جو نظارو ميس روم ۾ ويهي ڏسنداسين. هيءَ هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا روز روز نٿي ٿئي.
سيڪنڊ آفيسر جو نياپو ٿرڊ آفيسر ڏي: ڪئپٽن جي حڪم تي اسان اوچا ڪپڙا پائي نائين بجي ميس روم ۾ سج جو غائب ٿي وڃڻ ڏسنداسين. ڪئپٽن مينهن بابت اچي ٻڌائيندو ته آيا اهو وسندو يا نه. هيءَ هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا روزانو نٿي ٿئي.
ٿرڊ آفيسر جو نياپو سرنگ لاءِ: جيڪڏهن سڀاڻي صبح جو ميس روم ۾ مينهن وسيو، بلاشڪ اها هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا هر روز نٿي ٿئي ته، پوءِ ڪئپٽن سٺن ڪپڙن ۾ نائين بجي ڌاري غائب ٿي ويندو.
سرنگ جو نياپو خلاصين لاءِ: سڀاڻي صبح نائين بجي ڌاري پنهنجو ڪئپٽن غائب ٿي ويندو. افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته ائين هر روز نٿو ٿئي.

ملئي _ ڏُور اوڀر جي سولي ۾ سولي ٻولي

ملئي زبان لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ سولي ۾ سولي ٻولي آهي. خاص ڪري اڙدو، سنڌي، هندي، پنجابي ڄاڻندڙن لاءِ، جو انهن ۾ ٻولين ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ آهن جيڪي ملئي زبان ۾ پڻ آهن. بلڪه ملئي زبان لاءِ ته چيو وڃي ٿو ته اها ڌارين ٻولين جي Melting – pot آهي ڇاڪاڻ جو منجھس تمام گھڻا ڌاريان لفظ آهن. اسان جو هڪ ملئي پروفيسر دوست ته ايتري قدر چوندو آهي ته ملئي زبان جا اصل فقط ٽي لفظ آهن: اوبي، بيسي ۽ بابي (گجر، لوهه ۽ سوئر).
گرامر جي لحاظ کان به منجھس ڪو گھڻو مونجھارو ناهي. مذڪر توڙي مونث لاءِ ساڳيو ئي ضمير DIA استعامل ٿئي ٿو. انگريزيءَ وانگر هر هڪ لاءِ ڌار ڌار She, He ۽ It جو استعمال نٿو ٿئي. زمانن جو پڻ گھڻو کٽراڳ ناهي. عورت هجي توڙي مرد، يا ڪو ڪتو ٻلو، اهو فعل ٻڌائڻ ته ”هو هلي ٿو“Dia Pergi چوڻ ڪافي آهي. جنهن جي معنيٰ هو يا هوءَ وڃي ٿي، ويندو، ويو هليو آهي يا ويو. انهن ٻن لفظن ۾ سڀ ڪجھه اچي ويو. انگريزيءَ جي Go, Went, Gone جهڙن مڙني لفظن لاءِ ملئي فقط هڪ لفظ Pergi ڪافي آهي. ان ڪري ملئي زبان سکڻ تمام سولو ڪم آهي. جيتوڻيڪ هڪ بنگالي پروفيسر- ڊاڪٽر مزمل کي ملئي زبان جي اها خوبي ادبي خامي لڳي ٿي ۽ گرامر جي لحاظ کان ملئي زبان کي هو غريب ۽ غير سائنسي سڏيندو آهي.
ملئي زبان جي رسم الخط پهرين عربي نموني جي هئي- جيئن سنڌي، اڙدو، فارسيءَ جي لکڻي آهي. ان پراڻي نموني جي لکڻيءَ کي هتي جا ماڻهو جَوي (Jawi) سڏين ٿا. پر اڌ صديءَ کن کان ملئي زبان جويءَ بدران رومن نموني سان لکي وڃي ٿي، جنهن لاءِ انگريزيءَ واري اي بي سي استعمال ٿئي ٿي ۽ ان لکڻيءَ کي رومي سڏين. هڪ اڌ اخبار ۽ ڪجھه مذهبي ڪتاب اڃا به پراڻي نموني جي لکڻِي Jawi ۾ ڇپجن ٿا باقي ٻيو سڀ ڪجھه روميءَ ۾ هلي ٿو. ان ڪري ڌاريون ماڻهو جيڪو انگريزيءَ کان واقف آهي جھٽ پٽ ملئي پڙهيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپوري شاگرد چيني تامل ۽ ملئيءَ مان هڪ آپشنل سبجيڪٽ کڻڻ وقت گھڻو ڪري ملئي جي چونڊ ڪن ٿا- ڇو ته چيني ۽ تامل زبانن جي ڀيٽ ۾ ملئي لکڻ پڙهڻ سولي آهي. جيڪو انگريزي لکي سگھي ٿو ان لاءِ ملئي لکڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي، پر چيني ۽ تامل زبانن جون لکڻيون بنهه مختلف ۽ بيحد ڏکيون آهن.
هن پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ڏي اسلام ڪافي دير سان آيو. ان کان اڳ هتي هندو ڌرم عام هو. ان ڪري هتي جي ماڻهن جون ڪيتريون ئي ريتون رسمون هندو ڪلچر سان واسطو رکن ٿيون. ساڳي طرح ملئي زبان جا پڻ ڪيترائي لفظ هندي ۽ سنسڪرت سان تعلق رکن ٿا. تنهن کان سواءِ اڙدو ۽ ٻين ڀاشائن جا پڻ ڪيترائي لفظ ملئي زبان ۾ اڃا تائين موجود آهن. جيئن ته:

ملئي لفظ معنيٰ
PERDHAN MENTRI (پرڌان منتري) وزيراعظم
PERTAMA (پرتاما) پهريون
CUTI (چُوٽي) موڪل
CURI (چُوري) چوري
GERHANA (گرهنا) گرهڻ
SASTERA (ساسترا) ادب
RATNA – MANIK (رتنا_ مانيڪ) هيرو_موتي
NERAGA (نرگا) نرڳ_ جھنم
SYRGA (شرگا) سرگ _ جنت
UTAMA (اتاما) اتم_ مٿاهون
MAHA (ماها) مها _ وڏو
RUPA (روپا) روپ
SENJA (سينجا) سانجھي_ شام
PURAANAMA (پورنما) چوڏهين جو چنڊ
PERTIWI (پرتوي) ڌرتي
PUTERA – PETERI (پترا_پتري) شهزادو_ شهزادي
PERIKSA (پريڪشا) پرک _ امتحان
PUSPA (پسپا) گل
MUNSYI (مونشي) منشي _ ماستر
PENJRA (پنجرا) پڃرو _ جيل
SUAMI-ISTERI (سوامي _ استري) مڙس _ زال
CAP (چاپ) ڇاپ
ANAYA (انيا) انياءِ، ظلم، وغيره، وغيره.

هڪ ڳالهه جو خيال رکڻ کپي ته ملئي زبان ۾ “چ” جي اچار لاءِ “C” استعمال ٿئي ٿي ۽ “ش” لاءِ “SY”. ان ڪري مٿي لکيل ملئي لفظ Cap کي “ڪئپ” نه پر “چاپ” پڙهڻ کپي. اهڙي طرح شوال جي ملئي اسپيلنگ Syawal آهي ۽ نه Shawal ۽ Syrga جو اچار شرگا آهي.
هندي ۽ سنسڪرت کان علاوه ملئي زبان ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا پڻ لفظ آهن. فارسيءَ جا کڻي ايترا نه آهن پر عربيءَ جا ته تمام گھڻا آهن. نموني طور ڪجھه لفظ هن ريت آهن:

ملئي لفظ معنيٰ
TAJ تاج، ٽوپي
SAUDAGAR سوداگر، واپاري
NAKHODA جهاز جو ڪئپٽن (فارسيءَ ۾ ناؤ معنيٰ ٻيڙي ۽ خدا معنيٰ هلائيندڙ) ملئي زبان ۾ ناخدا لفظ ته آهي پر خدا ناهي.
MAUSIM موسم
ZAMIN زمين
HAWA هوا
GUSTI ملهه
KAHAT کوٽ، قحط
DOMBA گھيٽو
KABAB ڪواب، وغيره وغيره.

اهڙيءَ طرح ملئي زبان ۾ عربيءَ جا ته ڪيترائي لفظ آهن جيڪي هوبهو ساڳي شڪل ۾ آهن يا ٿوري گھڻي ڦيرڦار سان ملئي ٿي ويا آهن:

لفظ معنيٰ
KANDIL قنديل، ڏيو
MAJLIS مجلس، مير
MAHIR ماهر
KERTAS قرطاس، ڪاغذ
ISYARAT اشارو، نشاني
ZAMAN وقت
ISYTHAR اشتهار، اعلان
ZALIM ظالم
HAD حد
DALAL دلال
YAKIN يقين
HADIR حاضر
MAKLUMAT معلومات

ڪجھه عربي لفظ جن ۾ “غ” آهي انهن لاءِ ملئي ۾ “K” لکجي ٿو، پر اچارجي نٿو. جيئن ملئي ۾ لکجي معڪلومات ٿو پر پڙهجي معلومات ٿو. ساڳي طرح:
ملئي لفظ معنيٰ
LAKNAT لعنت، پٽ پاراتو
TAKLIMAT تعليمات، سبق ڏيڻ.
گھڻي عرصي کان، ملائيشيا ۾ پنجاب جا پڻ ڪافي مسلمان، هندو ۽ سک رهن ٿا. ملائيشيا جي واپار، پوليس، ڪورٽ، بئنڪ ۽ چوڪيداري تي اڌ صدي کان پنجابي ڇانيل آهن، جن جي زبان جو پڻ ملئي ٻوليءَ تي اثر ٿيو آهي. ڪيترائي پنجابي ۽ سرائڪيءَ جا لفظ ملئي زبان جو حصو آهن. جيئن ته: Kadang Kadang معنيٰ ڪڏهن ڪڏهن.
يا Jaga معنيٰ جاڳندڙ، چوڪيدار وغيره.
ملايا تي پورچوگالين جي سوا صدي کن حڪومت رهي (1511 کان وٺي 1641ع تائين.) ڪيترائي پورچو گالي اڃا تائين هتي رهن ٿا. سندن زبان جو پڻ ملئي زبان تي اثر ٿيو آهي. ڪيترائي ملئي لفظ اصل ۾ پورچوگالي آهن، جهڙوڪ:

ملئي لفظ معنيٰ
BOTOL بوتل، شيشي
ALMARI الماري، ڪٻٽ
DODOL مٺو ڪيڪ
SEPATU سپاٽو، چمپل
BENDERA جھنڊو
KAMAR ڪمرو، وغيره.
پورچوگالي زبان جو اثر اسان جي ٻولين تي پڻ آهي ۽ ڪيترائي پورچوگالي لفظ سنڌي اڙدوءَ ۾ پڻ رچي بسي ويا آهن.
1786ع کان وٺي انگريزن ملائيشيا تي قبضو شروع ڪيو ۽ آزاديءَ تائين_ پوڻا ٻه سؤ کن سال انگريزن جي حڪومت رهي. ان دوران انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ ملئي زبان جو حصو بڻجي ويا. پوءِ ڪي ساڳي صورت ۾ آهن ۽ لڳي ٿو ته ڄڻ اصل کان ملئي هجن جيئن پاڻ وٽ گلاس، روڊ، ٿرماس، لاٽري، صورتي، ڊم، بائڪاٽ جهڙا اصل انگريزي لفظ آهن. ڪي ٿوري ڦير گھير سان ملئي ٿي ويا آهن. ڪي ته انگريزيءَ جا بيحد اوپرا لفظ ملئي زبان ۾ايترو ته عام ٿي ويا آهن جو ڳوٺن جون اڻ پڙهيل ۽ پوڙهيون مايون به بنا دقت جي اهي لفظ لس ئي لس ڳالهائي وڃن ٿيون. انهن لفظن مان ڪجھه هن ريت آهن: لاجڪ، انفراسٽرڪچر، انٽيلڪچوئل، پورٽوڪال، انٽروورٽ، ٽرئجڊي، ڪاميڊي، اسڪينڊل وغيره. ڪن جي وري ٿوري اسپيلنگ بدلائي انهن کي ملئي ڪيو ويو آهي. جيئن ملئي لفظ Simpati دراصل انگريزي لفظ Sympathy (همدردي) مان آهي. اهڙيءَ طرح:
ملئي لفظ اصل انگريزي لفظ
AKAUN ACCOUNT
EJEN AGENT
BOM BOMB
LIF LIFT مان نڪتو آهي.
AGRESIF ائگريسو
SIMEN سيمنٽ
OPTIMIS آپٽيمسٽ مان
ASPEK ASPECT مان

ملئي زبان ۾ ڪي ڪي انگريزيءَ جا لفظ هوبهو ساڳي صورت ۾ کنيا ويا آهن. پر انهن جون اسپيلون ملئي نموني جون رکيون ويون آهن. ائين ڪرڻ سان ڏٺو وڃي ته اهي انگريزيءَ جا لفظ ملئي نموني لکڻ ڪري پڙهڻ ۾ وڌيڪ سولا لڳن ٿا ۽ بنا مدد جي ٻار يا ڌاريون به اچاري سگھي ٿو. مثال طور:

انگريزي لفظ ملئي لفظ
BUNGALOW BANGLO
CALORIE KALORI
CAKE KEK
CHEQUE CEK
COLLEGE KOLEJ
PROOF PRUF
EXCISE EKSAIZ
POLICE POLIS
PHOTO FOTO
MICROPHONE MIKROFON
LIEUTENANT LEFTINAN
CYCLONE SIKLON

انگريزيءَ جا اهي لفظ جن جي آخري ۾ شن Tion اچي ٿو ان کي ملئي بنائڻ لاءِ “Tion” کي “SI” ڪيو ويو آهي. جيئن ته انگريزيءَ جو اصل لفظ ايڊيشن ملئيءَ ۾ ايڊيسي ٿي ويو آهي. ڊيڊيڪئشن لاءِ ملئي لفظ ڊيڊيڪيسي آهي. ۽ اهڙيءَ طرح:

ملئي لفظ اصل انگريزي لفظ
KOLESKI COLLECTION
DEMENSI DIMENTION
IMAGINASI IMAGINATION
REAKSI REACTION
REOVOLUSI REVOLUTION وغيره.
پر ضروري ناهي ته هر لفظ لاءِ اهو قاعدو استعمال ڪيل آهي. ڪي لفظ ساڳي اُچار وارا پڻ آهن. جهڙوڪ:

انگريزي لفظ ان مان ٺهيل ملئي لفظ
OPTION OPSYEN
SECTION SEKSYEN
يا وري ٿوري فرق سان:
PENSION PENCEN (پنچن)

ملئي زبان ۾ ڪيترائي انگريزيءَ جا لفظ اهڙا آهن جيڪي ڳالهائڻ وقت ته سمجھيو وڃجن پر ملئي جامو پهرڻ بعد اسان کي پڙهن ۾ عجيب لڳن ٿا. جيئن ته اسان جون نظرون انگريزي اسپيلنگ تي هريل آهن ان ڪري انهن انگريزي لفظن جون ملئي اسپيلون نراليون لڳن ٿيون. مثال طور انگريزيءَ جو سرڪس لفظ ملئي ۾ به سرڪس آهي پر ملئي ۾ سندس اسپيلنگ انگريزي واري Circus بدران Sarkas ٿيو وڃي. اهڙيءَ طرح:

انگريزي لفظ Captain جي ملئي اسپيل Kapten آهي.
GENERAL JANRAL
CONCRETE KONKRIT
GREASE GRIZ
SCIENCE SAINS
PHYSICS FIZIK
PRACTICE PRAKTIS
RAIL REL
TEXT TEKS وغيره.
مٿي لکي آيو آهيان ته ملئي اي بي سي ۾ سي (C) جو اچار “چ” آهي. جيئن “Cat” لفظ انگريزيءَ ۾ “ڪئٽ” ٿيو. معنيٰ “ٻلي”. پر ساڳيو لفظ ملئي ۾ “چاٽ” پڙهبو. معنيٰ “روغن”. ان ڪري ملئي پڙهندڙن کي انگلنڊ، يورپ پاسي ۽ انگريزي ڄاڻندڙ کي ملائيشيا ۾ ان اکر وارن لفظن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مونجھارو ٿئي ٿو. ۽ Cuba ڪيوبا ملڪ کي ملئي ماڻهو چوبا پڙهيووڃن . يا ڌاريو ماڻهو ملئي Cuba چوبا (معنيٰ ڪوشش) کي ڪيوبا پڙهي سگهي ٿو. هڪ دفعي ٽي ويءَ جي ملئي انائنسر Here is Lucy “هيئر از لوسي” پروگرام جو اعلان ڪرڻ دوران “هيئر از لوچي” چئي ويئي.
ڌارين زبانن کان علاوه ملئي جي ٻن لفظن کي ملائي پڻ نوان ملئي لفظ ٺاهيا وڃن ٿا. جيئن فارسيءَ جي لفظ بُز (ٻڪري) ۽ دل کي ملائي بزدل لفظ ٺاهيو ويو آهي. معنيٰ ڊڄڻو. ٻڪريءَ جي دل وارو. اهڙيءَ طرح ملئي ۾ چنڊ کي انڪ بولان سڏجي ٿو. جيڪو ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. Anak معنيٰ ٻار. Bulan معنيٰ مهينو. يعني مهيني جو ٻچو، سو ٿيو چنڊ. اهڙي طرح Hari معنيٰ ڏينهن ۽ Mata معنيٰ اک. پر جي ٻئي لفظ ملائبا ته ٿيندو ماتاهاري معنيٰ سج. اهڙيءَ طرح ڪار کي Kereta چون ۽ ڍڳي کي Lembu . ٻئي لفظ ملائڻ سان ٿئي ڍڳي گاڏي- ڪيريٽا لمبو. ۽ ڪيريٽا آپي ٿي ريل گاڏي. Api معنيٰ باهه. جيئن پاڻ وٽ ٻاڦ تي- يعني باهه تي هلندڙ بوٽ (ٻيڙيءَ) کي آگبوٽ سڏين.
افواهن کي ملئي ٻوليءَ ۾ Khabar _ Angin سڏين. خبر معني خبر، حال چارل ۽ انگن معنيٰ هوا. يعني هوائي ڳالهه، ڊاڙ، ٻٽاڪ، گشو. انٽارڪٽڪ Antarctic کي ملئي ۾ Kutup – Selatan چون. Kutup معنيٰ قطب، ۽ سلاطين معنيٰ ڏکڻ. گاديءَ جو هنڌ (Capital) لاءِ ملئي لفظ Ibu- kot آهي. اِبو معنيٰ ماءُ ۽ ڪوٽا معنيٰ شهر. يعني گاديءَ جو هنڌ ٿيو شهرن جي ماءُ. اهڙي طرح هيڊ آفيس کي چون Ibu – Pejabat معنيٰ آفيس جي ماءُ. گلابي رنگ کي Merah – Jambu سڏين. ميراح معنيٰ ڳاڙهو ۽ جمبو معنيٰ زيتون. يعني زيتوني ڳاڙهو ٿيو گلابي رنگ. جيئن Violet رنگ پاڻ وٽ ٿيو واڱڻائي.
ڪيترين شين جا انگريزي نالا جيڪي اصلي صورت ۾ وڌيڪ مشهور آهن، انهن لاءِ نوان ملئي نوعيت جا نالا گھڙيا ويا آهن جيڪي قبوليت حاصل ڪرڻ بدران اوپرا لڳن ٿا. جيئن ته ريفريجريٽر کي “پيٽي سِجوڪ” سڏجي ٿو. Peti معنيٰ پيتي يا دٻو ۽ Sejuk معنيٰ ٿڌو. اهڙي طرح ٿرماس بدران “بوتل آير پاناس” لفظ گھڙيو ويو آهي. Botol معنيٰ بوتل يا شيشو. Air معنيٰ پاڻي ۽ Panas معنيٰ گرم. يعني گرم پاڻيءَ جو شيشو. ميڊيڪل جي سبجيڪٽ “گائني” جو ملئي نعم البدل لفظ Ilmupenyakit - Puan عِلمو پينياڪت پُئان يعني عورت جي بيماريءَ جو علم، يا جاگرافيءَ لاءِ Ilmu Alam لفظ رکيو ويو آهي- يعني عالم جيڄاڻ.
آنڊي لاءِ ملئي ٻوليءَ ۾Tali Perut (پيٽ جي رسي) لفظ ٺاهيو ويو آهي. Sarong معنيٰ گوڏ. ۽ جيئن ته لفافي لاءِ ملئي ۾ ڪو لفظ ناهي ته ملئي جا ٻه لفظ Sarong –۽ Surat ملائي ٺاهيو ويو آهي. سرونگ معنيٰ گوڏ سورت معنيٰ خط. يعني خط جي گوڏ - سو ٿيو لفافو. هونءَ سرونگ نه فقط ٽنگن کي ڍڪڻ جي ڪپڙي کي چئجي ٿو، پر هر پوش، ڍڪ، جلد، گوڏ، وهاڻي جي ڇَوَ لاءِ اهوئي لفظ Sarong آهي. جيڪڏهن دڪاندار کان سرونگ جي آهستي آواز ۾ گھر ڪندائو ته گوڏ يا وهاڻي جي ڇَو بدران ڪنڊوم ڪڍي ڏيندانوَ. ڇوجو برٿ ڪنٽرول جي رٻڙ لاءِ به ملئي لفظ Sarong يعني گوڏ آهي. اهڙي طرح چٻري کي Burung Hantu- غيبات جو پکي سڏين جو اهو رات جي اونداهيءَ ۾ ڊٺل جاين ۾ نظر اچي ٿو.
پر ريفرجريٽر جهڙن عام مروج لفظن کي زوريءَ ’پيٽي سجوڪ‘ بڻائڻ سان ڪو خاص فرق نه پيو آهي. آسانيءَ بدران ويتر وڏا ۽ ڏکيا نالا ٿي پيا آهن. جيئن ڪجھه عرصو اڳ انڊيا ۾ انگريزي لفظن کي هندي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. پوءِ ڪجھه ته ڪاميابيءَ سان هندي ٿي ويا ڪي اوپرا ئي رهيا. جيئن ٽرين جو هندي نالو ’اگني رٿ‘ رکيو ويو. اگني معنيٰ باهه ۽ رٿ معني ڦيٿن تي هلندڙ گاڏي.
سڀ کان مزيدار نالو ان ريل کي بيهارڻ ۽ هلڻ جو اشارو ڪندڙ لوهي سگنل جو تجويز ڪيو ويو هو، جيڪو هن ريت آهي:
“اگني رٿ، گامن اَگامن، سُوچڪا تامبا ورنا لوها پاتِڪا” - يعني آگ گاڏي جي اچڻ وڃڻ لاءِ اشارو ڪندڙ ٽامي جي رنگ جو لوهي پٽي- يعني سگنل.
ڪنهن چيو گاڏي بيهارڻ لاءِ جيسين ڪنهن کي حڪم ڏجي ته “اگني رٿ گامن اگامن سوچڪا تامبا ورنا لوها پاتڪا” کي مٿي ڪر، تيسين گاڏي ته اسٽيشن به ٽپي ويندي.
ائين به نه آهي ته رڳو ٻين زبانن جا لفظ ملئي ۾ آيا آهن. ڪجھه ملئي جا لفظ ڌارين ٻولين ۾ پڻ جذب ٿي ويا آهن. جيئن انگريزيءَ جو لفظ Compound ملئي لفظ ڪمپونگ (Kampong) مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳوٺ، گھر، چؤديواري. اهڙي طرح انگريزيءَ جو لفظ Amok پڻ ملئي مان نڪتو آهي. وڏو طوطو جيڪو آسٽريليا، انڊونيشيا، پاپا نيوگني ۽ هتي ملائيشيا ۾ جام ٿئي ٿو. ان جو انگريزي نالو Cockatooملئي لفظ Kakak-Tua مان ٺهيو آهي. ڪاڪا(ڪ) معنيٰ ڀيڻ ۽ تئا معنيٰ وڏي يا پوڙهي. اهو آڪسفورڊ جي ڊڪشنريءَ ۾ پڻ ڄاڻايل آهي. اهڙيءَ طرح سان Orang Utan هڪ ڀولڙي جو قسم آهي جيڪو ماڻهوءَ سان ڪافي ملي ٿو ۽ اهو فقط هن پاسي جي جھنگلن ۾ نظر اچي ٿو. انگريزيءَ جو لفظ “اورانگ اُوتان” در اصل ملئي لفظ “اورانگ هُوتان” مان ٺهيو آهي ۽ هتي ان ڀولڙي کي اورانگ- هُوتان ئي سڏين. Orang ملئي لفظ جي معنيٰ آهي ماڻهو ۽ Hutan معنيٰ جھنگل. يعني جھنگل جو ماڻهو.
اهڙيءَ طرح Tiadapa جيڪو ٺيٺ انگريزي لفظ لڳي ٿو پر اصل ملئي لفظ Tidak Apa Apa مان ٺهيو آهي. ان جي معنيٰ آهي ڪجھه به نه. تِداق معنيٰ نه ۽ آپا آپا معنيٰ ڪجھه. ڪو امتحان ۾ فيل ٿي پوي ۽ کيس چئجي ته يار پڙهين ها ته پاس ٿي وڃين ها. هو ان تي بي پرواهي ڏيکارڻ لاءِ چوندو تِداق آپا آپا. يعني مڙئي خير آهي. يا انگريزيءَ ۾ چئجي ته I Damn Care. “تِداق آپا آپا” سڄو لفظ چوڻ بدران ان جو مخفف تاپايا Tapaya پڻ چيو وڃي ٿو.
ان کان علاوه انگريزيءَ جا لفظ: Launch, Criss, Sampan ۽ Gutta Percha پڻ اصل ۾ ملئي جا لفظ آهن.

عورتن ۽ مردن جون ڄمارون

پنڌرهن ڏينهن جو هڪ ڪورس اسان جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن لاءِ رکيو ويو جنهن ۾ نئشنل يونيورسٽي آف ملائيشيا (جيڪا ملئي زبان ۾ يونيورسٽي ڪَبنگساآن ملائيشيا سڏجي ٿي)، UKMجي ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي مختلف پروفيسرن اسان کي سٺو ماستر ٿي پڙهائڻ لاءِ مختلف عنوانن تي ليڪچر ڏنا. جهڙوڪ: گروپ ٽيچنگ، رهنمائي ۽ صلاح مشورو (Counselling)، شاگرد جو بئڪ گرائونڊ معلوم ڪرڻ جي اهميت، ليڪچر ڏيڻ ۽ ٺاهڻ جو طريقو، وغيره وغيره. اهو ان ڪري ته جيئن اسان، جيڪي جهاز ته کڻي سٺو هلائيندا هونداسين پر هاڻ هتي جي جهاز ران اڪيڊمي ۾ ماستر ٿي، سٺو پڙهائڻ جو آرٽ پڻ سکي سگھون. يعني ان ڪورس ۾ اسان ويهارو کن جهونا جهازي ”شاگرد“ ٿي ويٺاسين، جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان ان ڪورس ۾ اسان جا استاد اسان کان ننڍا هئا.
تحقيقاتي ۽ تعليماتي ليڪچرن جي وچ وچ ۾ ڪنهن ڪنهن پروفيسر اسان Sailors (جهازين) کي ڪو چرچو ڀوڳ پڻ ٻڌايو ٿي-جيتوڻيڪ ٻڌائڻ اسان کي کتو ٿي. آخر ۾ نيٺ ٿيو به ائين ئي. موٽ ۾ اسان مان به ڪنهن نه ڪنهن همراهه اٿي ان ئي Wave - Length ۽ فضا جي ڳالهه ٻڌائي ٿي.
نئشنل يونيورسٽي آف ملائيشيا (UKM) جي پروفيسر محمد جفنيءَ چيو شادي هر عورت سان ڪجي، پر ان سان هرگز نه جيڪا ڪنهن ميوزيم ۾ ڪم ڪندي هجي.
“ڇو ڀلا؟” ڪنهن جهازي شاگرد پڇيو.
“ڇو! ان ڪري جو ميوزيم ۾ جنهن به شيءِ کي کڻي هٿ لاءِ ته Don’t Touch ڇهو نه، ڇهو نه جي رڙ ڪندي ڪندي جڏهن گھر پهچندي ته ساڳي رڙ مڙس تي به ڪندي هوندي.” مڙس رڳو هٿ رکندو هوندس ته وات مان نڪري ويندو هوندس ڊونٽ ٽچ!“
سڀ کلڻ لڳا.
انڊونيشيا جي ڪئپٽن صبردين چيو هڪ ٻي نوڪري واري عورت سان به شادي نه ڪجي.
“ماسترياڻي ڇا؟” اسان ۽ پروفيسر ڌُڪا هڻڻ شروع ڪيا.
“نه.”
“ڀلا ڊاڪٽرياڻي؟”
“نه!”
“نرس؟” مئجسٽريٽ؟” ڳائڻي؟”
“نه. نه. نه.”
“ڀلا ڪير ؟”
“ڪسٽم آفيسرياڻي.” ڪئپٽن صبردين آخر ٻڌايو.
“اهو ڀلا ڪيئن؟” اسان پڇيس.
“اهو هينءَ،” ڪئپٽن صبردين پنهنجي عينڪ صاف ڪندي ڄڻ راز جي ڳالهه ٻڌائي، “ته ڪسٽم آفيسرياڻي هر ماڻهوءَ کي چوندي وتندي آهي Please Open مهرباني ڪري پنهنجا ٽپڙ کول. ايئرپورٽ يا بندرگاهه تي سڄو ڏينهن سندس اهو ئي ڪم هوندو آهي_ ماڻهن کي سامان کولڻ لاءِ چوڻ.”
انڊيا جي ڪئپٽن موهندرا چيو: “آئون به ڪجھه چوڻ چاهيان ٿو.” سنگاپور جي چيف انجنيئر دائود چيو: “مهرباني ڪري ڪلارڪ عورت لاءِ ڪجھه نه چئجانءِ جو منهني زال ڪلارڪ آهي.”
“نه آئون عورتن جي خلاف ڳالهائڻ نٿو چاهيان.” ڪئپٽن موهندرا چيو، “آئون اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عورت لاءِ آئيڊيل مڙس ڪهڙو آهي؟”
پروفيسر؟ نه.
جھازي؟ نه.
ڊاڪٽر، انجنيئر؟ نه.
پائليٽ، جج، پوليس وارو؟ .... نه.
“ٻڌو، آرڪالاجسٽ”، ڪئپٽن موهندرا چيو، “آرڪالاجسٽ- جھونيون شيون ڳولڻ ۽ انهن کي سانڍڻ واري جي زال جيئن جيئن پوڙهي ٿيندي ويندي تيئن تيئن هن کي وڻڻ لڳندي.”
Micro۽ Macro ٽيچنگ دوران هرهڪ کي ڪنهن عنوان تي ڏهن منٽن جو ليڪچر ڏيڻو هو جنهن جي وي سي آر ذريعي فلم ڪڍي پوءِ ان کي Replay ڪري پڙهائيندڙ جي اوڻاين تي هڪ ملئيءَ پروفيسرياڻيءَ کي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻي هئي، جيڪا مائڪرو ۽ مئڪرو ٽيچنگ ۾ ماهر هئي ۽ آمريڪا مان ان سبجيڪٽ تي پي. ايڇ. ڊي ڪري آئي هئي.
اسان سڀني پنهنجي جهازي عنوانن تي ڳالهايو. ملئي ڪئپٽن عمر بن ترسائيءَ ماحول کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل سبجيڪٽ بدران هڪ مزاحيه عنوان کنيو_ عورت جون مختلف وهيون.
هن ٻڌايو ته عورت چوڏهن کان ارڙهن سالن تائين آفريڪا کنڊ وانگر ورجن آهي. ڪٿان ڪٿان ڪا ٿورو گھڻو ڇهيل کڻي هجي.
19 کان 26 سالن تائين هوءَ آسٽريليا کنڊ وانگر تمام گھڻو ڊيولپڊ آهي. سندس جبل ۽ ماٿريون تمام گھڻيون نمايان آهن.
27 کان 35 سالن تائين هوءَ آمريڪا وانگر تمام گھڻو ٽيڪنيڪل ۽ ائڊوانسڊ آهي.
36 کان 45 سالن تائين هوءَ ايشيا کنڊ وانگر اڃا به گرم آهي.
46 کان 55 سالن تائين هوءَ يورپ کنڊ وانگر آهي. جنهن جا ڪجھه حصا وڻندڙ آهن.
۽ پوءِ 56 کان اڳتي هوءَ ائنٽارڪٽڪا کنڊ آهي. هر هڪ کي ان جي موجودگيءَ جو ته علم آهي پر ڪو به سندس ويجھو وڃڻ نٿو چاهي.
ڪئپٽن عمر جو مٿيون ليڪچر ٻڌي نه فقط اسين مرد جهازي پر پروفيسرياڻي به محضوظ ٿي_ جيڪا اسان سڀني کان عمر ۾ ننڍي هئي. ويجھڙائيءَ ۾ سندس شادي ٿي هئي. کلي چيائين:
“منهنجي مڙس کي عورت جون اهي وهيون نه ٻڌائجو.”
سريلنڪا جي ڪئپٽن مانيڪ رڍرا چيو: “اهي ته ٿيون عورتن جون وهيون، مرد جي وهين جي خبر اٿانوَ؟”
“اهي ست ڄمارون آهن جنهن ۾ هو پهرين ننڍڙو ٻار آهي. پوءِ ڇوڪرو ٿو ٿئي، پوءِ نوجوان...” ڪنهن چيو.
“نه نه. مرد جي زندگيءَ جا فقط ٽي دور ٿيندا آهن:
هڪ ٽراءِ ويڪلي
ٻيو ٽراءِ ويڪلي
ٽيون ٽراءِ ويڪلي.”
سڀني وٺي گوڙ ڪيو ته اها ڪهڙي بڪواس آهي. ڪئپٽن مانيڪ چيو: “ائين سمجھه ۾ نه ايندو، ترسو ته بورڊ تي انگريزيِءَ ۾ لکان” ۽ پوءِ چاڪ کڻي هن بورڊ تي لکيو:
مرد جو پهريون دور Tri – Weekly آهي. معنيٰ هفتي ۾ ٽي دفعا. ۽ ٻيو دور هفتي ۾Try - Weekly آهي معنيٰ هو هر هفتي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ٽيون ۽ آخري دور Try – weakly آهي يعني هن جي ڪوشش تي ڪمزوري ڇانيل رهي ٿي.

ڪجھه Toilets بابت

اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا جپان نه ٺاهي هجي. ايجاد کڻي آمريڪا، فرانس يا انگلينڊ ڪئي هجي، پر جپان ان ۾ اهڙيون تبديليون ۽ سٺايون آنديون هونديون جو اها شيءِ پهرين کان وڌيڪ جٽادار، کڻڻ ۾ هلڪي ۽ خريد ڪرڻ ۾ سَستي ثابت ٿي هوندي. مثال طور ڪئلڪيوليٽر يا ٽي وي کڻي آمريڪا ايجاد ڪئي هجي، واشنگ مشين انگلينڊ يا موٽر ڪار فرانس جرمنيءَ، پر ان کي هڪ ئي وقت قيمت ۽ وزن ۾ گھٽ ۽ سونهن سوڀيا ۽ ٽيڪنالوجيءَ ۾ اُتم، جپان بڻايو آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڀ کان گھڻيون شيون جپان جون هلي رهيون آهن_ خاص ڪري اليڪٽرڪ، اليڪٽرانڪ، ڪمپيوٽر نموني جون- جن کي High - Tech يعني اتم ٽيڪنالاجي واريون شيون پڻ چئي سگھجي ٿو.
وي سي آر ڏسو! معمولي وي سي آر ۾ اڄڪلهه انيڪ فنڪشن آهن. هڪ ئي وقت، آڱر جي معمولي ڇُهاءُ سان ٽي وي جو هڪ چئنل ڏسي سگھجي ٿو ته ٻيو ٽيپ ٿي سگھي ٿو. ٽي وي ڀلي بند پئي هجي، پر توهان جي غير موجودگيءَ ۾ سڄي هفتي جا گھربل پروگرام ٽيپ ٿي سگھن ٿا. پروگرام ۾ ٽرئڪنگ آهي ته اها به ختم ٿي سگھي ٿي. هڪ طرف اهڙيون ڪيتريون ئي سٺايون شامل ڪيون ويون آهن ته ٻئي طرف ان کي تور، سائيز ۽ قيمت ۾ گھٽ رکيو ويو آهي.
جپاني عام هنڌن بسترن تي سمهندا هئا، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هنن اهڙا ته کڻي پلنگ ۽ سوڙهون ايجاد ڪيون جن ۾ ڪيتريون ئي اليڪٽرڪ / اليڪٽرانڪ جون شيون وجھي ڇڏيائون، ريڊيو، ٽيپ، بتي، نوڪر جي سڏڻ لاءِ بيل، وقت ٻڌائڻ لاءِ گھڙيال ۽ گھربل وقت تي اٿارڻ لاءِ الارم- نه فقط ايترو پر وهاڻي کي ٿلهو ڪرڻ لاءِ هوا ڀرڻ جو بندوبست ۽ بلاڪيٽ کي ڪوسو ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ سپلاءِ گھٽجڻ ۽ وڌڻ لاءِ سوئچ رکيائون. جيئن ستي ستي آڱر جي اشاري سان جيئن وڻي تيئن ڪري سگھجي. مطلب ته هنن هر شيءِ ۾ اليڪٽرانڪ ۽ انٽيگريٽيڊ سرڪٽس (ICs) جو استعمال ايترو ته ڪيو آهي جو هر شيءِ وڌيڪ خوبصورت، سهولت واري ۽ انسان جي خدمت ۽ سک لاءِ هر وقت تيار ٿي پيئي آهي.
جڏهن جپان وڃبو آهي ته جپان جي هر شيءِ مان سائنس ۽ اتم ٽيڪنالوجيءَ جو ساءُ ايندو آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ ساڳي حالت ۾ نظر ايندي آهي ته اهي فقط جپاني ڪاڪوس خانا (Toilets) آهن- سوڙها، بدبودار، ڊٺل ... سياري ۾ ويهه ته ڄڻ ماڻهو برف جي سِر تيويٺو. پر هاڻ اهي به ڏسندي ئي ڏسندي اتم ٽيڪنالاجي High – Tech جو انوکو مثال بڻجي ويا آهن. اڄ جي جپاني ڪاڪوسن ۾ گھڙ ته اهي هوائي جهازن جي ڪاڪ پِٽِ لڳن ٿا ۽ ڪموڊُ(Commode) پائليٽ جي ڪرسيءَ وانگر نظر اچي ٿو جنهن جي ڀر ۾ ڪيترائي سوئچ ۽ بٽڻ نظر ايندا. سڄو ٽوائليٽ ٽِپ ٽاپ ۽ صاف سٿرو نظر ايندو. نه ته جپان جا عام ڪاڪوس خانا سنڌ جي سنداسن کان بدتر هئا. (ساڳيو حال ڪوريا جو هو.) جپان ۾ ٻاهران ايندڙ ماڻهو، جيڪي فقط ڪجھه ڏينهن لاءِ اتي جي وڏين هوٽلن ۾ رهي موٽن ٿا، انهن کي ان ڳالهه تي يقين ئي نه ايندو ته جپان جا پبلڪ ڪاڪوس خانا گندگيءَ کان اهڙا مشهور هئا جو انهن کي چئن ڪافن سان سڏيو ويو ٿي: ڪِيتانائي (گدلا)، ڪُسائي (ڌپ وارا)، ڪُورائي (ڊٺل) ۽ ڪُوائي (ڊپ وارا).
بهرحال هاڻ، دير سان ئي سهي جپانين کي پنهنجن ڪاڪوسن جو خيال ته ٿيو آهي ته جن کي هنن ماڊرن ٽچ ڏني آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بي افعالن ڪاڪوس خانن مان اهي هاڻ فيشني ٽوائليٽ ٿيندا وڃن. هاڻ جپانين جي جنهن به ڪاڪوس خاني ۾ گھڙ ته اوچي پلاسٽڪ جا رنگين ڪموڊ نظر اچن ٿا جيڪي سياري ۾ گرم به رهن ٿا. بٽڻ دٻائڻ سان پاڻيءَ جو وسڪارو سڄي ڪاڪوس کي ميڙيو صاف ڪريو ڇڏي. اهي ڪموڊ Bidet جو ڪم پڻ ڏين ٿا جنهن لاءِ هڪ الڳ بٽڻ کي دٻائڻ سان، ڪموڊ ۾ اندر لڳل نلڪي مان پاڻي جي سنهي ڦوهاري جهڙي لار مٿي اڀري ٿي جيڪا ڪنهن به طرف موڙي سگھجي ٿي ۽ هٿ خراب ڪرڻ بنا جسم جي صفائي ٿي سگھي ٿي. ان بعد ٽئين بٽڻ کي دٻائڻ سان گرم هوا هر شيءِ کي خشڪ ڪريو ڇڏي. ٽوائليٽ مان نڪرڻ وقت توهان جي شلوار يا پتلون اڌ ڏينهن تائين آلي نٿي رهي، جنهن مان هر هڪ کي خبر پئجي وئي ٿي ته توهان واش روم ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ نه پر وڏو معرڪو سر انجام ڏيڻ ويا هئائو.
جپان جي ڪموڊ ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني Toto جو چوڻ آهي ته واندو ٿيڻ بعد، صفائيءَ جي انتظام لاءِ پاڻيءَ جي ڦوهاري کي، هنن انهن ڪموڊن ۾ بلڪل صحيح ڪنڊ تي رکيو آهي جيئن ان کي يا پاڻ کي هيڏانهن هوڏانهن چورڻ بنا، سڄي جسم جي چڱي طرح صفائي ٿي وڃي. ان ڪاميابيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن جي سائنسدانن، جپاني ماڻهن جي هيٺئينڌڙ جي ائناٽاميءَ جي ٻه سال ريسرچ ڪئي هئي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سڀ کان گھڻا ڪموڊ ٺاهيندڙ، هن ٽو ٽو ڪمپنيءَ جو سلوگن آهي:
“Your Bottom will like it after three times”
۽ اهو سلوگن هن ڪمپنيءَ جي ڪموڊن جي اشهتار سانگڏ لکيل هوندو آهي.
ٽوٽو ڪمپنيءَ هينئر جيڪو تازو ڪموڊ مارڪيٽ ۾ آندو آهي، ان کي Washlet - Queen صفائيءَ جي راڻي سڏجي ٿو. ان ۾ آخر ۾ خوشبوءِ واري اسپري جو پڻ بندوبست آهي. جيئن ٽوائليٽ جو در کلي ۽ همراهه ٻاهر نڪري ته چوڌاري آفيس يا گھر ۾ خوشبوءِ جي ٻهه ٻهه ٿي وڃي ۽ ڪنهن کي بهپنهنجي نڪ کي بند رکڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوي.
هر روز ڪموڊن ۾ ترقي اچڻ ڪري جپاني ماڻهن جي نفسيات تي وڏو اثر پيو آهي. اڄ جو جپاني ماڻهو، بيڊ روم کان وڌيڪ ٽوائليٽ تي ڌيان ڏئي ٿو. جپاني تخت تي ويهڻ لاءِ ته فقط هيرو هٽو جو اولاد ئي بادشاهه ٿي سگھي ٿو، پر ٽوائليٽ جي تخت تي ويهڻ جو فيض ته هرڪو جپاني ماڻي سگھي ٿو.
ڪموڊ ٺاهيندڙ، جپان جي هن ”ٽوٽو“ ڪمپنيءَ هڪ ٻي ريسرچ پڻ ڪئي آهي ته جپاني گھرن توڙي آفيسن جون ڀتيون سنهيون هجڻ ڪري، ٽوائليٽ جي اندر جا آواز ٻاهر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. نتيجي ۾ اهي زالون جيڪي طبيعت ۾ شرميليون آهن، هر وقت زنجير ڇڪينديون رهن ٿيون جيئن پاڻيءَ جي بئڪ گرائوڊ واري شپڪي ۾ باقي آواز دٻجي وڃن. هڪ جائزي مطابق هر جپاني عورت ٻه يا ٽي دفعا پاڻي ضايع ڪري ٿي. جيڪو وڏو قومي نقصان آهي- خاص ڪري جپان جهڙي ملڪ لاءِ جنهن جي چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ته جام آهي پر تازو پاڻي تمام مهانگو آهي.
ان ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ جپان جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪموڊن ۾ ٻين شين سان گڏ ميوزڪ جو بٽڻ پڻ ڏئي رهيون آهن. جيئن اهي ماڻهو جن کي دست يا باديءَ جي شڪايت هجي اهي ضرورت وقت بٽڻ دٻائي ٽوائليٽ اندر مار ڌاڙ واري ميوزڪ جو رڪارڊ هلائي سگھن ۽ سندن پيداڪيل گوڙ گڙڪا ان ۾ دٻجي وڃن. اهڙيءَ ريت ٻاهر ويٺل اندر جي اقل بمباريءَ کان بي خبر رهن.
جپان ۾ ڪاڪوس خانن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو مقابلو ايڏو وڌي ويو آهي جو هڪ ڪمپني ڪاڪوس خاني ۾ ڪموڊ سان گڏ ننڍڙو ڪمپيوٽر هڻڻ جو پڻ ارادو رکي ٿي جيڪو ان ئي وقت پيشاب ۽ ڪاڪوس کي ٽيسٽ ڪري ان جي پئٿالاجي رپورٽ ٻڌائي سگھندو. ان کان سواءِ ٽوائليٽ جي ان ڪرسي يعني ڪموڊ تي ويٺي ويٺي پنهنجي دل جو ڌڙڪو ۽ بلڊ پريشر پڻ تپاس ڪري سگھبو.
اها قوم جنهن صديون زمين ۾ ڳڙکا ڪري، مٿان سرون رکي ڪمٽپايو سا هاڻ ڀلي High Tech ڪموڊن مان لست وئي.
آمريڪا جي مشهور ليکڪا ايرڪا جونگ _ جنهن جا ٻه ڪتاب تمام گھڻو مشهور ٿيا: Fear of Flying ۽ ٻيو How to Save Your Own Life. انهن مان هن پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي ته Toilets مان ڪنهن به ملڪ يا قوم جي اٿڻي وهڻي، رهڻي ڪهڻي، ڪردار، ذهني سوچ ۽ صفائي سٺائيءَ بابت اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ايرڪا جونگ، بقول سندس، هڪ دفعي ڪاڪوس خانن(Toilets) جي بنياد تي، ماڻهن ۽ ملڪن جي Classification ڪئي ٿي ۽ ان ڪتاب جو نالو-“The History of the World Through Toilets” رکيو ٿي، جيئن ته :
انگريزن جا ٽوائليٽ ....
اڄ ڪلهه انگريزن وٽ ٽوائليٽ ئي وڃي بچيا آهن. قبضي ۾ آيل آفريڪا ۽ ايشيا جا مڙيئي ملڪ (بيٺڪي راڄ) ته کانئن ڇڏائجي ويا، هاڻ سندن گهرن جا ٽوائليٽ ئي سندن آخري بيٺڪون آهن. پاڻي آهي سو وڪٽوريا آبشار وانگر مٿان ڪٽ لڳل پائيپ مان پيو ٽمي ۽ توهان نوان ملڪ ايجاد ڪندڙ Explorer جي حيثيت ۾ هڪ ڀڳل / چٿريل “ميڊ اِن گريٽ برٽن” ڪموڊ تي ويٺا آهيو. پاڻيءَ جا ڇنڊا توهان جي مٿي، ڪنڌ ۽ جوتن تي پيا پون ڄڻ ته توهان جي جهاز سان سامونڊي ڇوليون ٽڪرائي رهيون آهن. هنگي بس ڪرڻ وقت هڪڙي کن پل لاءِ (جنهن وقت ڪموڊ جي زنجير ڇڪيو ٿا ۽ پاڻي گڙ گڙ ڪري اچي ٿو) توهان جي دل ۾ ستل احساس جاڳي ٿو ته :
Britannia Rules the World … Again!
(برطانيا هڪ دفعو وري، سامونڊي لهرن تي راڄ ڪري رهي آهي.)
جرمنن جا ٽوائليٽ ....
جرمن ڪاڪوس خاناسڄي دنيا ۾ هيٺڀرين ٿلهين کان مشهور آهن. ان مان اهو فائدو آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي لَٿي جا ڇنڊا نٿا لڳن. ان کان علاوه هو ان کي الوداعي نظرن سان چڱيءَ طرح غور سان ڏسي سگھي ٿو جيئن بيماريءَ جي حالت ۾ ڊاڪٽر يا پئٿالاجسٽ کي ان جو رنگ ۽ بوءِ، پٽڙائي يا ڏاڍائي ۽ منجھس شامل شين بابت ٻڌائي سگھي. جرمن ڪاڪوس خانا هيرن جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ پڻ سٺا ثابت ٿيا آهن، جيڪي ويٺي ويٺي سمگل ڪيل هيرا پنهنجي ڪاڪوس مان چونڊي ميڙي سگھن.
اٽليءَ جي ماڻهن جا ٽوائليٽ ....
اٽليءَ جا ڪاڪوس خانا سٺا ٺهيل آهن، پر اگھڻ لاءِ نرم ۽ چُهندڙ ٽوائليٽ پيپر هجڻ بدران اخبارن جا ٽڪرا ملندا. انهن تي لکيل پراڻيون خبرون، اگھوتري، وڃايل جو ڏس وغيره وغيره، گھڻو ڪي ڪجھه پڙهي سگھجي ٿو جنهن جو مدار قبضيءَ تي آهي. زنجير ڇڪڻ سان پريشر سان پاڻي اچي ٿو ۽ جيسين توهان مُڙي پنهنجي لٿي تي هڪ تعريف جوڳي نظر وجھو تيسين هر شيءِ غائب ٿيو وڃي. اهو ئي ته آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهي، جنهن کان اٽلي وارا مشهور آهن.
ڪڪڙين جي بيمارين تي تحقيق ۽ تجربا ڪرڻ واسطي ملائيشيا ۾ هڪ تمام وڏو سينٽر آهي جيڪو Asean Poultry Disease Research & Training سينٽر سڏجي ٿو. هي ٽيويهه ڪروڙ رپين جي خرچ تي ٺهرايو ويو آهي، جتي آسين ملڪن: برونائي، ٿائلينڊ، سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپين جا شاگرد - ڇوڪرا ڇوڪريون، ڪڪڙين بابت علم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.
دنيا ۾، مردن ۽ عورتن جي Toilets ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ انهن جي ٻاهران اڪثر عورت يا مرد جي تصوير هوندي آهي. يا ڪن هنڌن تي مردن جي ڪاڪوس خانن ٻاهران مرداڻو بوٽ ٺهيل هوندو آهي ته زناني ڪاڪوس خاني ٻاهران زنانو سئنڊل. يا وري تصوير بدران “روميو” ۽ “جوليٽ” لکيل ٿئي. Gents۽ Ladies ته جتي ڪٿي عام نظر اچي ٿو. ڪن ڪن هنڌ مرداڻي ڪاڪوس خانيٻاهران تماڪ ڇڪڻ جي سلفي ۽ زناني ڪاڪوس خاني ٻاهران چوٽيءَ ۾ لڳل بڪل پڻ ٿئي. جيئن ڪاڪوس خاني کي ڳولڻ ۽ فرق ڪرڻ سولو ٿئي، پر هن سينٽر ۾ مٿي ذڪر ڪيل نشانين بدران ڪُڪڙ ۽ ڪڪڙِجي تصوير هنئي وئي آهي.
هن سينٽر ۾ نوان آيل ڪيترا مهمان ته اهي نشانيون ڏسي، ڪاڪوس خاني ۾ اهو سوچي اندر گھڙي پوندا آهن ته شايد اتي به ڪڪڙين بابت ڪجھه تحقيقاتي ڪم هلي رهيو آهي. ڪيترا وري ڄاڻ هوندي به ته هي ٽوائليٽ آهن، صحيح ٽوائليٽ ڳولي نه سگھندا آهن ته ڪهڙو مردن جو آهي ۽ ڪهڙو عورتن جو؟ ڇو جو ڪڪڙ ۽ ڪڪڙِ جي تصوير ۾ ٿورو ئي فرق ڏنل آهي.
ان مونجھاري کي منهن ڏيڻ لاءِ واسطيدار عملدارن هاڻ ڪڪڙِ کي وڌيڪ زنانو روپ ڏيڻ لاءِ سندس ڪَنَ ۾ ايئرنگ پارايا آهن ۽ ڪُڪَڙَ کي وري ٽاءِ / بو هنيو آهي. ان کان علاوه انگريزيءَ ۾ انهن مٿان Gents ۽ Ladies پڻ لکرايو آهي.
مارڪس ۽ اينگلز کي خبر هئي ته “ڪميونسٽ” جو مطلب ڇا آهي. “هر ملڪ ۾، مزور طبقي جو اهو ترقي پسند ڪلاس جيڪو ٻين کي اڳتي وٺي هلي، ٻين جي رهنمائي ڪري.”
پر پولينڊ ۾ هاڻ ڪميونسٽ جو مطلب اهو نه رهيو آهي. اتي ڪنهن کي ڪميونسٽ چوڻ عزت افزائي نه پر ڄڻ گار ڏيڻ آهي. اتي جي هاري پارٽي-Peasants پارٽيءَ جي اڳواڻ مسٽر رومن مالينوواسڪي کي، اهو الزام هڻي لاهي ڇڏيائون ته هو ڪميونسٽ آهي- يعني هو پراڻي حڪومت سان مليل آهي.
پولينڊ ۾، ڪو ٻار سادي وڳي ۾ جاسوس کاتي جو پوليس وارو ڏسندو ته گھر اچي ڳالهه ڪندو ته هن ڪميونسٽ ڏٺو. پولينڊ ۾، اڄڪلهه ماچيسن ۽ گوشت جي کوٽ جو ڏوهه پڻ ڪميونسٽن تي مڙهيو وڃي ٿو.
ڪن ڪن ڳالهين ۾ ڪميونسٽ لفظ ڇسي ۽ بيوقوف ماڻهوءَ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪيترن هنڌ ڪميونزم نظام کان پولينڊ جي ماڻهن جي ايڏي نفرت ٿي پيئي آهي جو مشهور ڪتاب -داس ڪئپيٽل، جيڪو هرهڪ لاءِ پڙهڻ ضروري سمجھيو ويندو هو، اهو هاڻ ٽوائليٽن ۾ پني بدران استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان قسم جو هڪ ڪارٽون پولينڊ جي اخبارن ۾ پڻ ڇپيو آهي.
هونءَ ٽوائليٽ ۾ ڪتاب رکڻ ڪا خراب ڳالهه نٿي سمجھي وڃي. ڪيترن جو اهو خيال آهي ته ڪاڪوس خانو ئي اهڙي جاءِ آهي جتي ماڻهو سڪون سان صحيح طرح سوچي سگھي ٿو، ۽ سوچيل ڳالهه ذهن ۾ چڱيءَ طرح رکي سگھي ٿو ۽ ذهن ۾ رکيل ڳالهه تي عمل به ڪري سگھي ٿو. ان ڪري اڄڪلهه جا Toillet Papers (اگھڻ جا پنا)، ڪورا هجڻ بدران ڇپيل ملن ٿا، جن تي مختلف شين جا اشتهار آهن. اهي Toillet Paper جن تي اشتهار ڇپيل آهن، ٻين کان تمام گھڻو سستا ملن ٿا جو ان جو اڌ خرچ اشتهاري ڪمپنين جا مالڪ ڀرين ٿا.
هونءَ ڪنهن کي سڄي ڏينهن ۾ وقت ملي يا نه پر ٽوائليٽ ۾، صفائيءَ لاءِ ان ڦاڙيل پني تي، باٽا جي بوٽ، سيون او ڪلاڪ بليڊ يا لڪس صابڻ جي خوبين جو اشتهار پڙهڻ لاءِ ضرور وقت ملي سگھي ٿو ۽ پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو ته اهي شيون ملڪ جي ڏهن ناليرن فلم ائڪٽريسين مان نو ڄڻيون پنهنجي منهن جي صفائيءَ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، ۽ ڇو نه توهان به؟
دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هاڻ ٽوائليٽ پيپر نه فقط اشتهارن وارا ملن ٿا، پر ڪن تي چرچا ڀوڳ، يا معما، ڳجھارتون پڻ ڏنل آهن جيئن قبضيءَ جا جھونا مريض پنهنجو وقت وندر ۾ گذاري سگھن.
ان قسم جي پنن جي کپت ۽ مشهوري ڏسي جپان جي حڪومت ڪيترائي انتظامي آرڊر ۽ ٽرئفڪ جا قاعدا قانون انهن تي ڇپرائڻ شروع ڪيا آهن، جيئن اتي جي عوام کي اخبار پڙهڻ جو موقعو ملي يا نه ملي، پر صبح ساڻ ٽوائليٽ ۾ هڪ ٻه اهڙيون اهم شيون ته سڪون سان پڙهي وٺن.
اهو پڻ جائزو ورتو ويو آهي ته هر ماڻهو صفائيءَ لاءِ مڙيئي ٻه فٽ کن پنو ڦاڙي ٿو. ان ڪري Toillet Paper تي ساڳي خبر يا نياپو يا اشتهار، هر ٻن ٻن فٽن بعد ورجايو ويو آهي ته جيئن ٻيو ايندڙ همراهه ساڳي ڳالهه مٿان کان پڙهي سگھي.
جپان جي هڪ هوٽل ۾ جپانين لاءِ انگريزيءَ جي ڏکين لفظن جون، ۽ ڌارين لاءِ جپاني لفظن جون اسپيلون ۽ معنائون پڻ ٽوائليٽ پيپر تي نظر آيون.

ملئي ٽوئليٽ

ڪجھه ملائيشيا جي ٽوائليٽن بابت لکڻ به ضروري سمجھان ٿو جتي لڳاتار اٺ سال گذارڻ جو موقعو مليو.
ملائيشيا گذريل ڏهاڪو سالن ۾ زبردست ترقي ڪئي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن يورپ ۽ آمريڪا ٿيندو وڃي، پر هن ملڪ جا “پبلڪ ڪاڪوس خانا” اڃا ان ئي اسٽيج تي آهن جتي پهرين هئا. دڪانن، آفيسن، ريسٽورنٽن ۽ بس اسٽاپن وغيره جا ٽوائليٽ بيحد گدلا ۽ ڀڳل ڀُريل آهن جن جو نه در سڄو نه ڪموڊ صحيح سلامت. نلڪن مان پاڻي ته ڇا سندن نل به غائب ملندا. بجلي جي تار هوندي پر بلب ۽ سوئچ گم. يورپي ٽوئرسٽ جتي ملائيشيا جي ٻين ڳالهين جي تعريف ڪن ٿا اتي ڪاڪوس خانن جي گلا ڪندي اٻڙاڪ ڏين ٿا. پر بقول هڪ ايشين ٽوئرسٽ جي ملائيشيا ۾ وري به جھڙا تهڙا ڪاڪوس خانا به آهن ته سهي! اسان وٽ پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش توڙي برما ۾ ته اهڙا به نه آهن. شل نه ڪنهن کي گس پنڌ تي ٽوائليٽ جي ضرورت پوي. ان کي ڪيڏي نه پريشاني ٿئيٿي. خاص ڪري عورتن لاءِ ته اسان جهڙن ملڪن ۾ ٻاهر نڪرڻ عذاب آهي.
ملائيشيا جي ڪاڪوس خانن جي هڪ تعريف واري ڳالهه ضرور آهي ته ڀتين تي اهي گاريون گند ۽ فاحش قسم جا جملا ۽ ڊرائنگون ٺهيل نه ملنديون، جيڪي اسان جي ملڪن توڙي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ته ڪڏهوڪو عام آهن پر ويندي جپان ۾ به شروع ٿي ويون آهن. ملائيشيا جي آفيسن جي انهن ڪاڪوس خاننن جون ڀتيون به ان شعر شاعريءَ کان صاف نظر اينديون جيڪي مردن ۽ عورتن لاءِ ساڳيا آهن.
بهرحال اهي ته ٿيا پبلڪ ڪاڪوس خانا، باقي ملئي گھرن جا ڪاڪوس خانا گھر کان ٿورو پرڀرو ٿين. ڳوٺاڻن گھرن ۾ ته اهي بلڪل سادا ٿين- انبن جي کوکن واري ڪاٺ جهڙين پٽين جا ٺهيل جن جو در به سنئون سبتو نه ٿئي. ڪيئن خبر پوي ته ان ۾ ڪو پهرين کان ماڻهو موجود آهي؟ ان لاءِ هتي جي وهنوار ۽ اخلاقيات موجب ٻاهرين ماڻهوءَ کي ڪاڪوس خاني جي ٿورو ويجھو پهچي کنگھڪار ڪرڻي پوندي آهي. جيڪڏهن اندر ڪو ماڻهو آهي ته اهو به موٽ ۾ کنگھڪار ڪندو، جي کنگھڪار جو آواز نه آيو ته معنيٰ اندر ڪير ڪونهي. 1958ع تائين هالا جي هاءِ اسڪول جا ڪاڪوس خانا به اهڙا هوندا هئا. پوءِ جي خبر ناهي جو آئون پيٽارو هليو ويس.

ڳالهه دل سان نٿي لڳي...

(ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ بعد ڪراچيءَ پنهنجي آفيس ۾ پهچڻ تي)

آفيس جو وقت جيئن ئي ختم ٿيو ته ڪئپٽن بشير سان گڏ سندس ننڍڙي سوزوڪي ڪار ۾ اچي ويٺس- جيڪا کيس ڪمپنيءَ طرفان ملي آهي. بشير چيو: “ٻه منٽ ترس، ٻه ٻيا به پاسينگر (همراهه) هلڻا آهن. هڪ راڻيپور جو پير احمد شاهه ۽ ٻيو لاڙڪاڻي جو قاضي اشرف، جيڪو ڪمپنيءَ جي گاڏين جو انچارج آهي.”
ڪا دير هيڏي هوڏي لوڻا ڦيري، کين آفيسن جي چوڌاري ڳوليندا رهياسين پر سندن ڪو پَتو نه پئي پيو. آخرڪار ٻئي ڄڻا لفٽ مان ظاهر ٿيا. ساڻن ٽيون همراهه به هو جنهن کي ڏسي اوور لوڊنگ جي خيال کان بشير کي چيم ته تنهنجي ڪار ۾ چار ته ٺهي سگھندا پر پنج ڄڻا ويهارڻ معنيٰ ڪُئي جي ٻِرَ ۾ هاٿي اماڻڻ.
بشير جواب ڏئي ان کان اڳ اهو پنجون همراهه پير صاحب ۽ قاضي اشرف سان ڏاڍا ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي پنهنجي وڏي ڪار ۾ هليو ويو. بچيل هي ٻه ڄڻا اچي اسان سان گڏ ويٺا.
بشير نقلي چڙ جو اظهار ڪري قاضي صاحب کي گھوري ڏٺو.
“ادا معاف ڪجانءِ، ٿوري دير ٿي ويئي.” قاضيءَ سگريٽ دُکائي دربند ڪيو.
“چڱو چڱو، نائو فاسٽن يور سيٽ بيلٽس ۽ اسٽاپ سموڪنگ.”
ڪئپٽن بشير ايئرهوسٽس جي اهل ڪندي چيو.
“صفا ڪو اهڙو اڏام کٽولو اٿئي ڇا؟” قاضي صاحب ٽوڪ هڻندي چيو، “پر مهرباني ڪري هلائجانءِ آهستي.”
“قاضي صاحب! غيرت اچڻ کپيو. ڪمپنيءَ جي گاڏين جا انچارج ته توهان آهيو. ڪهڙي گاڏي مون کي ڏني اٿوَ. نڪو ٿي ڪلچ ڪم ڪري نڪو بريڪ.“
“تڏهن ته چيم ته آهستي هلائجو. اسين لهي وڃون پوءِ جيئن وڻيو تيئن ڌُوڙ پائجو.”
“ڀلا اهو همراهه ڪير هو جنهن کي ڀاڪر پائي جپانين وانگر جھڪي جھڪي پئي موڪلايو؟” بشير برانچ روڊ تان ڪار موڙي مولوي تميز الدين روڊ تي آندي، انگريزن جي ڏينهن ۾ ان رستي جو نالو Queens Road هو.
“ادا اسان جو دوست هو، خيرپور پاسي جو آهي. بئنڪ جو وائيس پريزيڊنٽ آهي.” قاضي اشرف چيو.
“اڇا!” بشير ٿڌو ساهه کڻي چيو، “مون سمجھيو ته ڪمپنيءَ جو نئون ڊائريڪٽر آهي.”
اسان سڀني کان کِل نڪري وئي.
“ڇڏ يار پنهنجا ڊائريڪٽر آهن ڏينڀو،“ قاضيءَ چيو، ” ويجھو وڃين ته ڄڻ ڏنگين ٿا. هي ته هو اسان جو دلبر دوست. اهڙو ڪو ڊائريڪٽر ٿئي ته ٻيو ڇا کپي.”
“پر ادا!” پير صاحب چيو، “اهو به جي ڊائريڪٽر ٿيآيو ته ٻين جيان Behave ڪندو.”
“نه سائين، اها به ڪا ڳالهه آهي. هي ائين هرگز نه ڪري جيئن ٻيا باهه ٻاريو ويٺا آهن.” ۽ پوءِ دريءَ جو شيشو کولي، هوا جو ٿڌو جھوٽو، پاڻ ۽ اسان کي کارائي چيو: “ ادا ڪنهن همراهه ڏينڀوءَ کان پڇيو ته پاڻ ڪير آهين؟”
وراڻيائين، “ڏينڀو.”
“ڀلا ذات ڇا اٿانو؟”
چيائين: ”ککراڻي.”
“همراهه چيس: “وڃ ته سهي! باهه ۾ باهه!” سو اسان جا ڊائريڪٽر به باهه ۾ باهه آهن. الله ڏئي پناهه.”
مون چيومانس: “قاضي صاحب توهان کي Sence of Humor ڏاڍو آهي. هيڪاندو مٿي يارهينءَ ماڙ تي آفيس ٿي پئي اٿوَ. مون واري ٻي ماڙ تي هجيو ها ته هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو چانهه جي بهاني اچي توهان جي ڪچهري ٻڌي وڃان ها. مون کي، توهان کان لکڻ لاءِ ڏاڍو مواد ملي ها.”
“ادا يارهين ماڙ تي ضرور آهيان، پر مون وٽ اچڻ لاءِ ڇا ضروري آهي ته يارهن ڏاڪڻيون چڙهي اچو. هڪ نه ٻه، يڪيون ڇهه لفٽون ڪهڙي ڪم لاءِ آهن.” قاضي وراڻيو.
P.I.D.C هائوس وٽان مڙياسين ته پير احمد شاهه چيو ته جنگ اخبار لکيل هو ته هن سال پنهنجي ڪمپنيءَ کي ڪروڙها رپيا فائدو ٿيو آهي.”
“اها حقيقت آهي.” ڪئپٽن بشير زور ڏيندي چيو.
“واقعي حقيقت آهي يا انگن اکرن جي جادوگري؟” پير صاحب کي يقين نه پئي آيو. ڀلا يقين ڪيئن اچي. اها هن سال ڪيئن فائدي ۾ وئي- ۽ سو به اڻ اعتبار جوڳو فائدو.
“شاهه صاحب!” ڪئپٽن بشير چيو، “اسان ته آهيون ئي ان ڊپارٽمينٽ ۾ جتي ان ڳالهه جي ڄاڻ پوي ٿي ته سچ آهي يا ڪوڙ. اهو سؤ سيڪڙو سچ آهي.”
“پوءِ ڀلا بونس به ملندو يا نه؟” شاهه صاحب پڇيو.
“اهو ملي يا نه ملي - اها ڌار ڳالهه آهي، پر ڪمپنيءَ کي واقعي ڪروڙن جو فائدو ٿيو آهي.” بشير جوش ۾ اچي تقرير شروع ڪئي.
قاضي صاحب جنهن ايترو وقت ماٺ ڪري پئي ٻڌو، تنهن زور سان ٽوڪ واري نموني جو ٽهڪ ڏنو.
“ڇو سائين توهان کي اعتبار نٿو اچي ڇا؟”
بشير کي ڪُمهلو ٽهڪ هرگز نه وڻيو. ان ڪري نه جو اهو ٽهڪ گھٽ هو يا ٽوڪ زياده هئي، پر بشير هرحال ۾ مڃائڻ چاهيو ٿي ته هن کان اڳ کڻي افواهه هجن، پر هن ڀيري اها حقيقت آهي ته ڪمپنيءَ ڪمايو آهي.
“يار دل ته نٿي مڃي.” قاضي صاحب شڪ جو وري اظهار ڪيو ۽ پير صاحب “جي هائو” چئي ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو، “هونءَ ته هميشه نقصان ئي نقصان ۽ هاڻ ايڏو وڏو فائدو! ڪيئن ٿيو الائي، قاضي صاحب!”
اشرف قاضيءَ جواب ۾ هڪ دفعو وري ٽهڪ ڏيندي چيو: “ادا منهنجو وات نه کولرايو ته سٺو. ڪنهن فقير وٽ هڪ کدڙو پهتو، فقير کيس اٿندي ئي چيو: “وڃ بابا توکي پٽ ڄمدو.” کدڙي چيس: ”فقير دعا ته ضرور ڪريو ٿا، پر دل سان ڳالهه نٿي لڳي.” سو سائين ڪمپنيءَ نفعي جو اعلان ضرور ڪيو آهي پر کدڙي وانگر اسان کي پنهنجي ڪمپنيءَ جي ٽپڙ جي خبر آهي. ڳالهه دل سان نٿي لڳي.”
نثار وسطڙو اڄڪلهه حبيب بئنڪ جو وائيس پريزيڊنٽ آهي. 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگلش ايم. اي ڪرڻ بعد سڌو بئنڪنگ ۾ آيو ۽ اڄ تائين حبيب بئنڪ سان وابسته آهي. سندس اڄ به ننڍپڻ واري چرچائي ۽ کل خوشيءِ واري طبيعت هلندي اچي. ان ڏينهن پنهنجي هڪ دوست کي هئڊي رنگ جي سفاري سوٽ ۾ ڏسي چيائين:
“مائٽ! چاشني جي ديڳ ۾ ڪري پيو هئين ڇا؟”
۽ پوءِ مون سان منهنجي هڪ ڳوٺائيءَ جي شڪايت ڪندي چيائين: “يار تنهنجي فلاڻي ڳوٺائيءَ کي جڏهن به پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو ته مون کي ٽوڪي ٿو ته آيا ماني به کارائيندين يا نه؟ سو نيٺ هڪ ڏينهن ماڻهن اڳيان چيومانس ته ابا اسان وٽ ٻن ڄڻن جي ماني هروقت موجود هوندي آهي. هڪ مجاور جي ٻي ڪتي جي. مجاور ته پنهنجو حصو سوير ئي کڻي ويندو آهي باقي ڪتي جي تولاءِ هر وقت حاضر آهي. سو ان ڳالهه تان هاڻ رسي ويو آهي.”
قمر شهباز کي چيم: “يار وسطڙن جون خبرون واهه جون هونديون آهن.”
وراڻيائين: “ڪنهن جون ٿو ڳالهيون ڪرين. آئون ان موري، نوشهري، نوابشاهه پاسي رهيو آهيان ۽ ڪيترا وسطڙا دوست اٿم. سندن ڪچهريءَ جو واقعي جواب ناهي.”
پوءِ ٿوري دير ساهه پٽي چيائين: “ صبح جو سوير واري گاڏي جھلڻي هجئي ته ڪنهن وسطڙي کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏ. سڄي رات ڪچهري ويٺو ڪندءِ، نه پاڻ سمهندو نه توکي سمهڻ ڏيندو جو توکان گاڏي ڇٽي وڃي.”

سئٽزرلئنڊ هڪ نرالو ملڪ

ان کان اڳ فقط ايتري ڄاڻ هيم ته سئٽزرلئنڊ ۾ واچون ٺهن ٿيون ۽ بنئڪون جام آهن- جن ۾ امير ماڻهو راز فاش ٿيڻ کان بي ڊپا ٿي پنهنجو ناڻو رکائين ٿا.
پهريون پاڻيءَ جو جهاز جنهن تي مون سفر ڪيو ان جي انجڻ سئٽزرلئنڊ جي ٺهيل هئي. اها مون لاءِ نئين ڳالهه هئي ته سئٽزرلئنڊ ۾ اهڙيون ڳريون انجڻيون پڻ ٺهن ٿيون ۽ اهو معلوم ڪري ويتر تعجب لڳو ته سئٽزرلئنڊ افغانستان وانگر آهي جنهن جي چوڌاري ڪو به سمنڊ ناهي. سندس اتر ۾ جرمني آهي ۽ ڏکڻ ۾ اٽلي. ساڄي پاسي اوڀر ۾ آسٽرياآهي ته کاٻي پاسي فرانس. ان ڪري سئٽزرلئنڊ باءِ ايئر يا باءِ روڊ ته وڃي سگھجي ٿو پر سامونڊي رستي هرگز نه.
اخبارن رسالن ۾ فرانس، جرمني ۽ انگلنڊ جي مقابلي ۾ سئٽزرلئنڊ جي بنهه گھٽ خبر چار نظر ايندي. شايد ان ڪري جو سئٽزرلئنڊ ۾ ايترو ته امن آهي جو ڪا ڳالهه- چوري چڪاري يا مار ڌاڙ جي واردات بنهه نه برابر ٿئي ٿي.
سئٽزرلئنڊ بيحد سهڻو ملڪ آهي ۽ ڪيترن ٽوئرسٽن لاءِ دلچسپي جو سبب ثابت ٿيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مهانگائيءَ جي ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن جو ماڻهو هيڏانهن ڪو ورلي نظر اچي ٿو. گھڻا تڻا امير ملڪن جا ڦرندا نظر ايندا. هن ملڪ جون ڪجھه اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي کيس ڪيترن ئي ملڪن کان نرالو ۽ نمايان بڻائين ٿيون.
انگلينڊ ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ته فرانس ۾ فرينچ ۽ جرمني ۾ جرمن وغيره. پر سئٽزرلئنڊ جي ڪهڙي زبان آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو فوجي توڙي شهري امتحانن جي عام معلومات ۾ پڇيوويندو آهي.
سنگاپور وانگر سئٽزرلئنڊ اهو ملڪ آهي جنهن جي ڪا به پنهنجي زبان ناهي پر ڀروارن ملڪن جون زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. سئٽزرلئنڊ ۾ هڪ بدران ٽي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، جرمن، فرينچ ۽ اٽلين.
يورپ جي وچ ۾ سئٽزرلئنڊ هڪ تمام ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو اسان جي ٿرپارڪر ضلعي جيڏو مس ٿيندو. سڄو جبلن سان ڀريو پيو آهي ۽ اهو جبلن وارو حصو جيڪر ڪڍي فقط ماڻهن جي رهائش وارو حصو سارجي ته دادو يا شڪارپور ضلعي کان به ننڍو آهي. سڄي سئٽزرلئنڊ جي پکيڙ سورهن هزار چورس ميل آهي (سنڌ جي چوونجاهه هزار کن پاڪستان جي ٽي لک چورس ميل آهي.) ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سئٽزرلئنڊ ڪيڏو ننڍو ملڪ آهي.
سئٽزرلئنڊ ۾ نه هڪ جهڙي زبان آهي نه مذهب. نه ساڳيو ڪلچر آهي نه شڪل شبيهه. ويندي ڌرتي به هڪجهڙي ناهي. ڪٿي رڳو جبل ئي جبل (جن کي Alps سڏجي ٿو) ته ڪٿي ماٿريون ۽ سڌا پٽ. پر اهو سو ڪمال آهي ته سڄي ملڪ جي پاڻ ۾ ايڏي ٻڌي ۽ پيار محبت آهي جو هڪ ٿيو پيو هلي. ايامن کان جمهوريت ۽ امن امان قائم آهي. ڇا اها ڪمال جهڙي ڳالهه ناهي ته ست سؤ سالن کان سئٽزرلئنڊ ڊيموڪريسي قائم رکندو اچي. دنيا توڙي اوسي پاسي جي ملڪن ۾ جنگيون فساد ٿيندا رهيا، پر هن ملڪ جون سرحدون 1815ع کان اهي ئي قائم دائم آهن. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ به سئٽزرلئنڊ نيوٽرل رهيو، نه هن پاسي نه هُن پاسي. اسان جي هڪ پاڪستاني يار کي سئٽزرلئنڊ جي اها ڳالهه نه وڻندي آهي. چوندو آهي: “سئٽزرلئنڊ ڀاڙي ملڪ آهي.”
“ ڇو ڀلا؟” اسان پڇندا آهيونس.
“اها به ڪا زندگي آهي جو ڪنهن سان جھيڙو جھٽو نه ڪجي. ڪنهن اوسي پاسي جي ملڪ جي معاملن ۾ نه پئجي. اسان کي ڏسو اسرائيل ۽ ڏکڻ آفريڪا جهڙن ڏُورانهن ملڪن سان ته جھڳڙا اٿئون پر پاڙي وارن ملڪن کي به نٿا بخشيون. هندستان سان ڦڏو. افغانستان روس سان ڦڏو. ايران سان... ٻيو ڪو عمل ڪري يا نه پر اسان ان چوڻيءَ تي عمل ڪريون پيا ته مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو.”
سئٽزرلئنڊ جي نيوٽرل پاليسي هجڻ ڪري هن ملڪ ۾ انٽرنئشنل ايمنسٽي کان وٺي يونيورسل پوسٽل يونين جهڙا ٽي سئو کان به مٿي بين الاقوامي ادارا آهن.
هونءَ سئٽزرلئنڊ جو آفيشل نالو ڪجھه ٻيو آهي جيڪو اسان جهڙن لاءِ اچارڻ ۾ ڏکيو ته لکڻ ۾ به ڏکيو. اهو آهي Schweizerische- Eidgenossenschaft. انهن ٻن لفظن جي معنيٰ آهي: سويز ڪنفيڊريشن. اسان لاءِ ڏکيو آهي پر سويز ماڻهن لاءِ اهو نالو چوڻ ائين سولو آهي جيئن اسان لاءِ “خدا داد ممڪت پاڪستان” يا ”ڍينگاڻو بوزدار“ چوڻ. (مثال الائي ٺهيو به يا نه).
سئٽزرلئنڊ جي هڪ ٻي ڌيان ۾ ڌرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته جپان وانگر سندس ڌرتيءَ ۾ نه لوهه آهي ۽ نه ٽامون پتل. نه تيل آهي نه ڪوئلو گئس جنهن مان ڪو اپراسو ٿئيس. جپان کي ته وري به سمنڊ آهي جنهن ۾ هو جهاز راني ڪن ٿا. مڇيون مارين ٿا. سرسبز جبل ۽ ٽڪريون آهن جن تي ڪجھه نه ڪجھه پوک ٿئي ٿي. پر سئٽزرلئنڊ جا ٽڪر ٽڪريون حيدرآباد جي گنجي ٽڪر جهڙا آهن- سڪل ۽ خالي خولي. پر ان هوندي به سئٽزرلئنڊ ٽوئرزم ڪري دنيا جو امير ترين ملڪ آهي. ماڻهن جي رهائش جو معيار بلند ترين آهي جيڪي ڪويت ۽ برونائي وارن سان ذري گھٽ ڪلهو ملائي سگهن ٿا.
ملڪ ۾ امن امان ۽ Stability هجڻ ڪري هتي جي ناڻي- سويز فئنڪ جي ساک قائم آهي. ان جو اگھه ڪِري نٿو. هر ڪو ماڻهو حفاظت محسوس ڪري ٿو. ملڪي ماڻهو ته ملڪي پر ڌارين ملڪن جا ماڻهو به هتي جي بئنڪن ۾ پئسو رکائيندي خوف نٿا محسوس ڪن. ماڻهو هتي جي برفاني جبلن تي Skiing لاءِ اچن ٿا. سڄو ملڪ هوٽلن سان ڀريو پيو آهي جن ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو گھمڻ دوران خرچ ڪن ٿا ۽ هتي جا ماڻهو ۽ هوٽلون ڪمائين ٿيون. هونءَ به سويز ماڻهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته خرچ گھٽ ڪن ٿا. هو پئسو ڪمائڻ بعد بچائين ٿا. بچيل پئسي کي واپار ۾ لڳائين ٿا. پوءِ ان مان جيڪو فائدو ٿئي ٿو ان جو فقط ڪجھه حصو خرچ ڪن ٿا.
سئٽزرلئنڊ ۾ رهڻ يا گھمڻ اسان جهڙي ملڪ جي ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي جو اتي هر شيءِ تمام مهانگي آهي. چانهه يا ڪافيءَ جي ڪوپ جي قيمت به چاليهه رپيا کن آهي. ڊبل روٽي مهانگي، ڪپڙو مهانگو، پيٽرول مهانگو. هوٽل جو ڪمرو مهانگو. پارڪ يا مندر ۾ رهڻ جي اجازت نه. ڀڳڙا يا ڇولا ملن نه. تڏهن ته اسان سئٽزرلئنڊ جي ڪنهن به شهر ۾ رات رهي نه سگھياسين. جڏهن به ايندا هئاسين ته جهاز تان ماني کائي صبح ساڻ نڪرندا هئاسين ۽ واپسيءَ تي وري اچي جهاز تي ماني کائيندا هئاسين. جهاز جڏهن به اٽلي يا فرانس ۾ هوندو هو ته ريل يا بس ذريعي سئٽزرلئنڊ جو چڪر ضرور هڻندا هئاسين. جيئن جدي ۾ جهاز بيهڻ وقت جهازي حج ڪرڻ لاءِ مڪي مديني هليا وڃن ٿا. بهرحال سئٽزرلئنڊ ۾ کاڌوسين يا خرچيوسين ڪجهه به نٿي. رڳو اکين جو ڍءُ ڪري موٽي ايندا هئاسين. افسوس جو سئٽزرلئنڊ جي ٽوئرسٽ انڊسٽريءَ جي ڪمائيءَ ۾ اسان ڪو به جوڳو واڌارو ته پري پر جهڙو تهڙو به نه ڪري سگھياسين. وڌ ۾ وڌ ڪافي يا چانهه جو ڪوپ پيتو هوندو سين. سو به وس پڄي ها ته جهاز تان ٿرماس ۾ کڻي سئٽزرلئنڊ اچون ها. هوٽل جو باقي مينو فقط پڙهندا هئاسين.
ڪجھه ڏينهن اڳ هتي ملائيشيا (جتان هي مضمون لکي رهيو آهيان) جي وزير جو هڪ بيان پڙهي پنهنجا هي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن 1968ع ڌاري ساڍا چار سؤ رپيا ماهيانو پگهار تي نوڪريءَ لاءِ جهاز تي چڙهيو هوس. هتي جي وزير موصوف ملائيشيا ۾ ٽوئرزم وڌائڻ بابت زور ڀريندي چيو “ڌارين ملڪن کان ايندڙ ٽوئرسٽن جو اسان آڌرڀاءُ ڪريون ٿا جو انهن مان اسان جو ملڪ ناڻو ڪمائي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ کي يورپ کان ايندڙ انهن “ڪوڪا ڪولا ٽوئرسٽن” مان ڪو به فائدو ناهي جيڪي فقط اسان جي مهيا ڪيل مفت جي سهوليتن مان فائدو وٺن ٿا. پارڪن ۾ گھمن ڦرن ٿا. پبلڪ ٽوائليٽ استعمال ڪن ٿا. ريلوي اانتظار گاهن ۽ هوائي اڏن جي ايئرڪنڊيشن هالن ۾ فرحت وٺن ٿا. باقي پنهنجي هڙ مان خرچ ڪجھه به نٿا ڪن. ماني به پاڻ سان آندل کائين ٿا. هو وڌ ۾ وڌ فقط ڪوڪا ڪولا خريد ڪري پيئن ٿا.”
چئبو ته اهي ڌنڌا فقط اسان جهڙن غريب ايشيائي ملڪن جي ماڻهن جا نه پر هاڻ پيٽرول جو اگھه چڙهڻ بعد يورپين جا به وڃي ٿيا آهن. سبحان الله!
سئٽزرلئنڊ جي ڳالهه پئي هلي ته اسان جهڙن “ڪافي يا چانهه نموني جي ٽوئرسٽن” لاءِ سئٽزرلئنڊ ۾ هر شيءِ مهنگي آهي پر اتي جي ماڻهن لاءِ مهنگائي هوندي به ڪا پريشاني ناهي جو کين پگھار تمام وڏا ملنٿا. عام مزور يا ورڪر به مهيني ۾ ويهه هزار رپيا کن ڪمايو وڃي. انڪم ٽئڪس جو چڪ بگھڙ وارو چڪ ناهي. دوا درمل، اسڪول ۽ ٻيا بار سرڪار کنيو بيٺي آهي. ٻيو ڇا کپي.
سئٽزرلئنڊ جي هڪ ٻي ذڪر جوڳي ڳالهه اها ته کيس ڪنهن به ملڪ کان جنگ جو خطرو ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته بري ۽ هوائي فوج ضرور اٿس. ملڪ جي آدمشماريءَ جو ڏهه سيڪڙو ماڻهو هر وقت فوج ۾ آهن. سئٽزرلئنڊ جهڙي ننڍڙي ملڪ جي ايڏي وڏي فوج هجڻ ڪري اهو مثال مشهور آهي ته سئٽزرلئنڊ کي فوج ناهي پر سڄو ملڪ آهي. فوجي سکيا هر صحتمند ماڻهوءَ لاءِ ضروري ڪئي ويئي آهي ۽ ويهن کان پنجاهه سالن جي ڄمار تائين هر ماڻهو سال جا ٽي هفتا فوج ۾ رهي ٿو.
سئٽزرلئنڊ جي ماڻهن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هرگهر ۾ هڪ کان وڌيڪ بندوق آهي. سئٽزرلئنڊ جي اڄڪلهه آدمشماري ستر لک آهي ۽ سرڪاري انگن اکرن موجب ماڻهن وٽ پنجٽيهه لک بندوقون آهن- يعني هر ٻئي ماڻهوءَ وٽ بندوق آهي. انهن هٿيارن مان ويهه لک بندوقون، رائفلون ۽ پستول شڪار لاءِ آهن يا نشاني بازيءَ لاءِ باقي آٽوميٽڪ فوجي بندوقون آهن جيڪي سرڪار طرفان فوجين ۽ انهن کي مليل آهن جيڪي سال جا ڪجھه ڏينهن شهري دفاع لاءِ فوج ۾ سکيا وٺن ٿا.
خوشقسمتيءَ سان سويز ماڻهو ڦڏيباز نه آهن. ملڪ ۾ ڏوهن جو تعداد نه برابر آهي. هڪ ٻئي سان غلط فهمين، ساڙ ۽ نا انصافين جا فيصلا پنهنجو پاڻ ڪرڻ بدران ڪورٽن ۾ ڪيا وڃن ٿا. پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته هو بندوق نه رکن. هو بندوقون رکن ٿا پر انهن جو غلط استعمال هرگز نٿا ڪن. بقول انگريزيءَ جي هڪ چرچائي ليکڪ جارج ميڪس جي: سويز ماڻهو سال ۾ هڪ دفعو بندوق ڪڍي ٿو- ڪنهن کي مارڻ لاءِ نه - پر ان کي پاليش ڪرڻ ۽ تيل مکڻ لاءِ.

هي ڀنگياڻيون

شروع ۾ هڪ مضمون ۾ ڳجھن جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪي انسانن توڙي جانورن جي لاشن تي اچيو حاضر ٿين ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سواءِ هڏن جي هر شيءِ جي صفائي ڪريو ڇڏين. ان ڪم ڪري ڳجھه پکي ڪنهن به زبان ۾ سٺن لفظن ۾ ياد نٿو ڪيو وڃي. اهي ماڻهو جيڪي مئل جي مال تي مارو ڪن ٿا، ڪڌا ڪم ڪن ٿا، يا حد درجي جي لالچ ۽ حرص ڪن ٿا، انهن لاءِ ڳجھه جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪيترن ملڪن ۽ زبانن ۾ ڳجھه موت ۽ لالچ جي علامت سمجھي وڃي ٿي.
نه فقط افعالن ۾ پر شڪل شبيهه ۾ پڻ ڳجھه هڪ بي ڊولو ۽ بدصورت پکي چئي سگھجي ٿو. ايتري قدر جو هن پکيءَ جي ڳچيءَ ۾ (Syrins) نه هجڻ ڪري، پکيءَ جي ناتي ۾ ڪو مٺو ٻول يا لات به آلاپي نٿي سگھي. ڪانگ جهڙو ڪارو پکي جيڪو سڄو ڏينهن ٽان ٽان ڪري مٿو کائي ٿو اهو به موڊ ۾ اچڻ تي مٺو سر کيانتي جي روپ ۾ ٻوليو وڃي. پر اهڙي قسم جي سُر، سونهن يا سيرت جي ڪا به ظاهري خوبي، ڳجھه پکيءَ سان وابسته نه آهي. ان هوندي به غور ڪيو وڃي ته قدرت هن پکيءَ کي دنيا جي سونهن ، سوڀيا ۽ صفائيءَ لاءِ سوچي سمجھي خلقيو آهي. هي پکي جنهن کي اسان وٽ آسماني ڀنگياڻي ۽ آمريڪا يورپ پاسي Garbage Man (گند ڍوئيندڙ همراهه) سڏيو وڃي ٿو- جيڪڏهن نه هجي ته دنيا ۾ مرندڙ انيڪ جانورن جي نيڪاليءَ جو وڏو مسئلو ٿي پوي ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ بدبوءِ ۽ ڪينئان اوسي پاسي ۾ رهندڙ انسان ذات لاءِ عذاب ٿي پون.
تازوئي ويجھڙائيءَ ۾، سنڌ ۾ سخت گرميءَ ڪري ڪيترائي ڍور ڍڳا ۽ وهٽ مري ويا جن کي ٻيءَ حالت ۾ نيڪال ڪرڻ ڳوٺاڻن لاءِ مسئلو ٿي پوي ها. ڏينهن ٻن جي ڍونڍ بعد جتي انهن جي ويجھو ڪو ڪتو ٻلو يا جھنگلي جانور نٿي ويو اتي هنن پکين منٽ ڪري ورتا. جيڪب آباد پاسي هڪ همراهه ٻڌايو ته ڳجھن جي ميڙ، ٻڪريءَ جهڙي جانور کي ڏهن منٽن اندر هڏائون پڃرو بڻائي ڇڏيو ٿي. ساڳيو حال بنگلاديش ۾ طوفان بعد ٿئي ٿو ۽ آفريڪا ۾ ڏڪار ۽ خشڪ ساليءَ ۾ ٿئي ٿو. يورپ آمريڪا جي اتراهن ملڪن ۾ سخت برفباري ۽ پاري ۾ ٿئي ٿو. پوءِ ڪيترائي جانور مريو وڃن ته هي ڀنگياڻيون، اچيو نازل ٿين ۽ سڀڪجھه هڙپ ڪيو وڃن.
ڳجھه جي مُڙيل چهنب، مضبوط پير ۽ نانگ جهڙي، وارن بناکٿل ڳچي ان ڪم لاءِ ڄڻ خاص ٺاهي وئي آهي. پيرن تي پاڻ کي بئلنس ڪري، ڳجھه پنهنجي ڊگھي ٺوڙهي ڳچي، مردار جانور جي اندر تائين وجھي پنهنجي مُڙيل مضبوط چهنب سان آنڊا گجيون ٻاهر ڪڍيو وٺي. هي بيحد لالچي پکي آهي ان ڪري هڪ اڌ چڪ هڻي ڀڄي وڃڻ بدران کائيندو ئي رهي ٿو.
ڳجھه تي تحقيق ڪندڙ، سنگاپور يونيورسٽيءَ جي هڪ همراهه ٻڌايو ته هي پکي پنهنجي تور جي چوٿين حصي جيترو کائي ٿو. مثال طور ڪا ڳجھه تور ۾ ڏهه سير آهي ته هوءَ اڍائي سير ڍونڍ آرام سان کائي سگھي ٿي. ان بعد هوءَ بس ڪرڻ نٿي چاهي پر ان کان وڌيڪ کائڻ تي هن کي اڏام (Take – Off) ۾ مسئلو ٿئي ٿو.
مٿئين همراهه، ڳجھه جي مردار کائڻ واري خاصيت جي تعريف ڪندي چيو: “توهان جهڙن ملڪن: پاڪستان، سعودي عرب وغيره- جتي مينهن گھٽ ٿو پوي اتي سخت نٽهڻ اس ۾ مئل جانور ٻن ٽن ڏينهن ۾ سڪيو ٺوٺ ٿيو وڃي، پر ڏُور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن: جهڙوڪ ملائيشيا، انڊونيشيا، لائوس، ويٽنام وغيره ۾، جتي هر وقت مينهوڳي ۽ پوسل رهي ٿي اتي ڳجھون نه هجن ته انسان ذات لاءِ مردار جانور عذاب ٿي پوي جو مينهن ۽ آلاڻ ڪري ان جي ڌپ ۽ ان ۾ پيدا ٿيل ڪينئان هفتن جا هفتا هلندا رهن ۽ چؤ طرف سخت بيماري پکيڙين.
“ڀلا ڳجھه اهڙو پکي آهي جيڪو هونءَ ته نظر نٿو اچي پر جيئن ئي ڪو جانور مري ٿو ته هڪدم اچيو سهڙجي. اهو ڪيئن؟ ڇا هن کي ڍونڍ جي ڌپ اچي ٿي؟” ڳجھن تي پي ايچ ڊي ڪندڙ سنگاپوري همراهه کان مون پڇيو.
“ڳجھن کي سونگھڻ جو حواس بلڪل ناهي.” هن وراڻيو، “ڪنهن مردار جانور کي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪري، پوءِ ڀلي ڳجھن جي ويجھو رکو ته به هنن کي خبر نه پوندي. باقي ڳجهه جي نظر عقاب ۽ سرڻ وانگر تمام تکي آهي. هوءَ ٻه هزار فٽن جي بلنديءَ تي اڏامندي، ڌرتيءَ تي هلندڙ ڪوئو ڏسي سگھي ٿي ۽ ان اتائين تان هڪ ئي وقت پنجاهه چورس ميل جي ايراضيءَ کي اک ۾ رکي سگھي ٿي. اهڙيءَ طرح ٻي ڳجھه، جيڪا هن کان چار ميل کن پري اڏامي رهي آهي اها به ايتري ئي پکيڙ کي جانچ ۾ رکي ٿي. ۽ اهڙيءَ طرح ٻيون ڳجھون. مطلب ته هڪ ئي وقت سوين ميل هنن جي اکين ۾ رهن ٿا. پوءِ جيئن ئي ڪنهن هڪ ڳجهه کي هيٺ موت جا آثار نظر اچن ٿا ته هوءِ هڪدم هيٺ گھُت هڻي ٿي. ان اوچتي لاماري مان پاڙي ۾ اڏامندڙ ڳجھن کي شڪ پوي ٿو. اهي به پَرَ ويڙهي هيٺ ٽُٻي هڻن ٿيون ۽ ائين ڏسندي ئي ڏسندي ڪٽڪ ڳجھن جا مئل گڏهه، گھوڙي يا ٻئي ڪنهن جانور کي هضم ڪرڻ لاءِ پهچيو وڃن.
ٻين ڪيترن وڏن پکين ۽ جانورن وانگر، ڳجھه پکيءَ ۾ به واڌارو اچڻ بدران ڏينهون ڏينهن کوٽ اچي رهي آهي. جنهن جو وڏو سبب کاڌي جي ٿورڙائي آهي. جيئن جيئن ملڪ ۽ قومون، صفائي، سٺائي ۽ هائيجن جو خيال رکڻ لڳا آهن تيئن تيئن هنن پکين لاءِ جيئڻ عذاب ٿي پيو آهي. هنن کي ڳوليندي به ڍونڍ نٿو ملي.

گرم گرم حلوو کارايوس

ڊاڪٽر گھاٽي ننڊ ۾ ستو پيو هو ته آڌيءَ رات جو سندس ٽيليفون جي گھنٽي وڳي.
“هيلو” ڊاڪٽر فون کنيو.
“توهان ڪٿان پيا ڳالهايو؟” فون ڪندڙ پڇيو.
“دوزخ مان. ” ڊاڪٽر چڙ مان چيو، “ڪهڙو ڪم آهي؟”
“بس بس، اهو ئي معلوم ڪرڻو هو ته توهان جهڙو بدتميز ڊاڪٽر ڪٿي جنت ۾ ته نه پهچي ويو”.
سنگاپور ۾ Coronet پبلشرن طرفان گرائمي گارڊن جو ڪتاب The best Medicine نالي ڇپيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن تي سوين لطيفا آهن. مٿيون لطيفو پڻ انهن مان هڪ آهي. گرائمي گارڊن پاڻ به ڊاڪٽر آهي ۽ انگلنڊ جو مشهور چرچائي اداڪار پڻ. هن ڪتاب مان ٿيندڙ فائدو، هن عذر وارن ٻارن جي علاج لاءِ ڏيڻو ڪيو آهي.
هونءَ ڊاڪٽر کي آڌيءَ رات جو ننڊ مان اٿاري علاج پڇڻ اجايو آهي. هو ان ٽاڻي ڪڏهن به غور سان ڳالهه ٻڌي توهان کي مرض جو صحيح علاج نه ٻڌائيندو. في الحال ٽارڻ خاطر ائسپرو يا پئناڊال جهڙي سور جي يا وئليم جهڙي ڪا ننڊ جي گوري، ڏَسي ڇڏيندو. جيئنمرض نه ته گھٽ ۾ گھٽ مريض صبح تائين پري هجي. ڏينهن ٿيڻ تي ڏٺو ويندو. هن ڪتاب ۾ هڪ ٻيو لطيفو آهي جنهن ۾ آڌيءَ رات جو ڊاڪٽر جي ننڊ ڦٽائڻ بدران، ڊاڪٽر پاڻ نل ٺاهڻ واري مستريءَ (پلمبر) جو سک ڦٽائي ٿو. لطيفو هن ريت آهي:
رات جو ٽين وڳي ڊاڪٽر پلمبر کي فون ڪيو:
“اسان جي باٿ روم جو گٽر چوڪ ٿي ويو آهي. هڪدم اچ.”
پلمبر ننڊاکڙي حالت ۾ ڀٽڪندو پهتو. کيسي مان ائسپرين جون ٻه گوريون ڪڍي، گٽر ۾ اڇلي، ڊاڪٽر کي چيو:
“صبح تائين نه کلي ته فون ڪجانءِ”. ۽ پوءِ هليو ويو.
هڪ ٻيو لطيفو مريض جي مائٽن بابت آهي جيڪي سندس آخري ديدار لاءِ سيرانديءَ کان اچي گڏ ٿيا.
“تنهنجي مُنهن جي رونق مان لڳي ٿو ته هاڻ بهتر آهين.” هڪ دلداري ڏنس.
“ڊاڪٽر رات ٻڌايو پئي ته تنهنجي رت جا ٽيسٽ به صحيح آيا آهن.” ٻئي چيو ۽ ٽئين نبض ڏسي دلداري ڏنس: “تنهنجي نبض به نارمل ماڻهن وانگر لڳي رهي آهي.”
جواب ۾ مريض چپن تي مرڪ آڻي چيو: “اهو ٻڌي عجيب ڪيفيت طاري ٿي رهي آهي ته آئون بيماريءَ جي حالت ۾ نه پر چڱڀلائيءَ جي حالت ۾ مرڻ وارو آهيان.”
ان سان ڪجھه ملندڙ جلندڙ چرچو ياد ٿو اچي جيڪو جيتوڻيڪ ان ڪتاب ۾ ته نه آهي، پر هتي ڏيڻ بي مهل نه ٿيندو: اهو ان مکر واري مريض بابت آهي جنهن کي ٿيو ڪجھه نه هو پر ساڻو ٿي بستر تي ڪِري پيو هو. پڇڻ وارن مٽن مائٽن مان ڪو چوي ته ڏينهن لڳو اٿس گلوڪوس جي ڊرپ هڻوس. ڪو چوي ته مٿي تي ٿڌو پاڻي وجھوس. ڪو چوي ته فلاڻي دوا گھوٽي پياريوس،
در وٽ بيٺل هڪ همراهه پنهنجي جهيڻي آواز ۾ ذري ذري چئي رهيو هو: “بابا هن کي گرم گرم حلوو کارايوس پاڻهي صحيح ٿي ويندو.” پر ان ڏي ڪنهنجو ڌيان نه پئي ويو. آخر مريض پاڻ رڙ ڪري چيو ته ”ٻيلي هن جي به ته ٻڌو جيڪو در جي ٻاهران بيهي ڪجھه چئي رهيو آهي).
مريض جي وفات بعد، سندس وصيت جي پوئيواري ڪندڙ وڪيل وٽ، ڊاڪٽر پهتو- جيڪو آخري ڏينهن ۾ مريض جو علاج ڪري رهيو هو.
“وڪيل صاحب! منهنجي علاج جي فيءَ لاءِ ضروري سمجھو ته قسم نامون به لکي ڏيانوَ ته مريض مرڻ وقت منهنجي علاج هيٺ هو.”
“ ان جي ڪا ضرورت ناهي.” وڪيل ڌيرج سان وراڻيو، “هن جو موت ئي وڏي ثابتي آهي ته هن ضرورتوکان علاج ڪرايو هوندو.”
هڪ مائيءَ کي ننڊ نه اچڻ جي بيماريءَ جي علاج لاءِ ڊاڪٽرياڻيءَ چيس:
“ڪڏهن به خالي پيٽ تي نه سمهندي ڪر، ڀريل پيٽ تي ننڊ جھٽ اچي ٿي.”
“پر گذريل سال ته تو مون کي کائي سمهڻ کان منع ڪئي هئي.”
ڊاڪٽرياڻي ڪياڙي کنهندي چيو:“ ها اها پَرَ سال جي ڳالهه آهي، ان کان پوءِ ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گھڻي تبديلي آئي آهي”.
هڪ ٻئي لطيفي ۾ آهي ته ڊاڪٽر ان مريض کان پڇيو جيڪو ٻئي ڪن ساڙي، هن وٽ علاج لاءِ پهتو هو:
“توسان اها ويڌن ڪيئن ٿي؟”
“ٽي وي ڏسڻ مهل منهنجي زال استري پئي ڪئي، استري بلڪل فون ڀرسان رکي هئي. جيئن ئي گھنٽي وڳي ته ڀل ۾ مون کڻي استري ڪن تي رکي.”
“ پر پوءِ ٻيو ڪن ڪيئن ساڙيئي؟” ڊاڪٽر پڇيو.
“ ان بعد منهنجي زال پنهنجي پر ۾ عقلمدي ڪري استريءَ کي فون واري جاءِ تي ۽ فون ويجھو ڪري رکيو. مون کي خبر ئي نه. سو جيئن ئي ٻيو دفعو فون جي گھنٽي وڳي ته مون وري پنهنجي عقل جي ڊوڙ ڪري هٿ ڊگھيڙي پري رکيل شيءِ کي فون سمجھي کڻي ڪن تي رکيو ته ٻيو ڪن به سڙي پيو.”
ڊاڪٽر مريض کان پڇيو: “کنگھه جي دوا سڀ پيتئي يا نه؟”
مريض: “نه مون پهرين ئي سُرڪ ڀري اهو فيصلو ڪيو ته اهڙي دوا کان ته کنگھه ڀلي آهي.”
بيمارين، دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي اچي ڳالهه نڪتي. هڪ همراهه چيو:
“ڊاڪٽر وٽ وڃان ٿو ته ٻُڪَ ٽڪن جا هن کي ڏيان ٿو. آخر هن کي به ته جيئرو رهڻو آهي. اهڙي طرح دوا لاءِ ڪيمسٽ وٽ وڃان ٿو، آخر ان کي به ته جيئرو رهڻو آهي. ان کان دوائون وٺي اچيو گند جي دٻي ۾ ڦٽيون ڪريان.آخر مون کي به ته جيئرو رهڻو آهي.”
ڊاڪٽرياڻيءَ پريشان همراهه کي فون تي چيو: “ توهان زال جي علاج جو بلڪل فڪر نه ڪريو. بس ائين سمجھو ته اسپتال مان جڏهن توهان جي گھر ايندي ته بلڪل نئين زال هوندي.”
“سچ” خوش ٿي همراهه وراڻيو، “پر منهنجي زال کي خبر پئجي وئي ته...”
بي وقتو مريض کي ايندو ڏسي ڊاڪٽر چيس:
“توکي خبر ناهي ته منهنجي اسپتال جو وقت صبح جو نائينکان شام جو چئين وڳي تائين آهي؟”
“ها سائين” مريض وراڻيو، “مونکي ته خبر آهي پر پاڻ واري گھٽيءَ جي ڪتي، جنهن مون کي چڪيو آهي، تنهن کي خبر ناهي.”
هڪ عورت ايمرجنسي وارڊ ۾ فون ڪيو:
“ڊاڪٽر صاحب! منهنجو پٽ انڊپين ڳِهِي ويو آهي.”
ڊاڪٽر: “ آئون اوزار کڻي هينئر ئي ٿو پهچان. تيسين تون ڇاٿي ڪرين؟”
عورت: “تيسين آئون کڻي پينسل سان ئي ٿي لکان.”
ڪنهن مريض ڊاڪٽر جي گھر جو بيل وڄايو.
ڊاڪٽر جي زال در کوليو.
مريض: “ڊاڪٽر آهي؟”
زال: “ نه. هليو آءُ”.
ڊاڪٽر گارڊن مٿئين ڪتاب کان علاوه ٻئي ڪتاب The Hypochondriac’s Almanac جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. جنهن لاءِ گھڻن جو اهو رايو آهي ته اهو ڪتاب ان شخص لاءِ بهترين تحفو آهي جنهن وٽ هر شيءِ هجي.
ظاهر آهي هن ۾ ڪيترائي لطيفا ماهر نفسيات Pascyhiatrists تي آهن.
نفسيات جي ماهر هڪ مريض کان پڇيو:
“مون کي پاڻ بابت، مٿان کان وٺي ڪجھه ٻڌاءِ.”
“ها ڊاڪٽر صاحب.” مريض وراڻيو. “پهرين پهرين مون اڀ اپايو، ان بعد هيءُ ڌرتي...”
هڪ ٻئي مريض، نفسيات جي ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته خبر ناهي ڇو هو پنهنجو پاڻ کي هر وقت ڪتو ٿو سمجھي.
ماهر نفسيات: “ڀلا اهو احساس توکي ڪڏهن کان آهي ته تون ڪتو آهين؟”
مريض: “ جڏهن کان آئون پونگڙو هوس.”
ماهرِ نفسيات : ڏاڍي ٻڌايئي. چڱو ڀلا ڪوچ تي ليٽ ته ڪجھه ٻيا سوال پڇيانءِ.”
مريض: “ مون کي ڪرسي، پلنگ يا ڪنهن ٻئي فرنيچر تي ويهڻ جي اجازت ناهي.”
هڪ ماهرِ نفسيات ٻئي کان پڇيو: “ تو Schizophrenics مريض جي علاج ۾ ماهريت حاصل ڇو ڪئي آهي؟”
وراڻيائين: “ ان کان علاوه ٻئي ڪهڙي مريض کي توهان مهيني ۾ ٻه بل موڪلي سگھو ٿا؟”
( ياد رهي ته Schizophrenics وراهيل شخصيت وارن نفسياتي مريضن کي سڏجي ٿو.)
نفسياتي علاج جي ڪلينڪ تي هڪ مريض تمام منڌل حالت ۾ پهتو .
“ڊاڪٽر صاحب! مون کي ڊپ وارا خواب نظر اچن ٿا.” هن پنهنجي پريشانيءَ جو سبب ٻڌايو. “روزانو رات جو خواب ۾ اٺ ڏهه ٿلهيون متاريون ڇوڪريون مون کي ڀاڪرن ۽ چمين سان ورايون وڃن.”
“ سو ان ۾ خوف يا پريشانيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟” ڊاڪٽر پڇيو.
“خواب ۾. آئون به ڇوڪري هوندو آهيان.”
مسٽر گارڊن جي هنن لطيفن جي مجموعي جو گھڻو ڀاڱو آپريشنن بابت آهي.
هڪ مريض آپريشن وقت سرجن کي چيو: “سائين ڏاڍو ڊڄان ٿو. ڇا ڪريان. منهنجي زندگيءَ جو هيءُ پهريون آپريشن آهي.”
سرجن وراڻيو: “تنهنجي پريشاني چڱيءَ طرح سمجھي سگھان ٿو. در اصل منهنجو به هيءُ پهريون آپريشن آهي.”
هڪ ٻي آپريشن وقت مريض سرجن کان پڇيو:
“ ڇا توهان ڊاڪٽرن کي پڪ آهي ته هيءُ آپريشن ڪامياب ويندو؟”
“اهو ئي ته معلوم ڪرڻ لاءِ اسان هيءُ آپريشن ڪري رهيا آهيون.” سرجن ٺهه پهه وراڻيو.
ڪنهن آپريشن بابت ڊاڪٽر مريض کي ٻڌايو ته سرجن ان آپريشن جا ٽي سئو پائونڊ وٺندو.
مريض: “ ڇا اهو ممڪن ناهي ته سرجن ڪجھه گھٽائي ٻه سئو پائونڊ وٺي.”
ڊاڪٽر: “ها ائين ٿي سگھي ٿو، پر ان صورت ۾ هو مڏا اوزار استعمال ڪندو.”
هڪ سرجن ٻئي سرجن کي ٻڌائي رهيو هو:
“فلاڻي سيٺ جو آپريشن، اسان چڱو جو وقت اندر ڪري ورتو. هفتو ڏيڍ به دير ڪريون ها ته هو بنا آپريشن جي ئي ٺيڪ ٿي وڃي ها.”
هڪ شڪي مريض پنهنجي سرجن کي چيو:
“سائين هو فلاڻو ڊاڪٽر ته منهنجي مرض جو ڪجھه ٻيو ئي علاج ٻڌائي ٿو.”
سرجن وراڻيو: “ ها مون کي خبر آهي پر پوءِ تنهنجو پوسٽ مارٽم ثابت ڪندو ته آئون سچ تي آهيان.”
آخر ۾ هڪ دفعو وري نفسياتي ماهر بابت هڪ ٻيو چرچو:
هڪ پوڙهو همراهه پنهنجي نوجوان پٽ کي نفسيات جي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.
ڊاڪٽر پڇيس: “ هن کي ڪهڙي بيماري آهي؟”
پيءُ “ سائين هي سمجھي ٿو ته هي ماڻهو نه پر ڪڪڙ آهي.”
ڊاڪٽر: “اهو وهم هن کي ڪڏهن کان دماغ ۾ ويٺل آهي.”
پيءُ : “ان کي ٽي سال کن اچي ٿيا آهن.”
ڊاڪٽر: “ ٽن سالن بعد هاڻي وٺي آيا آهيوس. هن کي پهرين ئي ڇو نه وٺي آيئو؟”
پيءُ : “ ان ڪري جو هيستائين اسان کي بيضن جي ضرورت هئي.”
مٿيون مضمون لکي هڪ ڳوٺاڻي کي پڙاهيم ته هن به ڊاڪٽر بابت هڪ لطيفو ٻڌايو. جيڪو ڊاڪٽر بابت ته نه پر ان همراهه بابت آهي جيڪو پنهنجي زال مان سخت بيزار هو.
ڊاڪٽر زال جي تپاس ڪري همراهه کي چيو:
“اهو ٻڌي توکي پريشاني ٿيندي ته تنهنجي زال مهيني کان وڌيڪ مس جيئري رهندي.”
همراهه: “مڙيئي خير آهي، ڊاڪٽر صاحب! جتي ٽيهه سال گذري ويا اتي باقي مهينو به گذري ويندو.”