
اوجاڳن جو سوڳ
”بيوس“ محرم مغيري مٽيءَ جو ڪهاڻيڪار آهي. هو پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان ڪميٽيڊ ڪھاڻيڪار آهي. هن جي ڪھاڻين جا ڪردار آسماني، الھامي، خيالي ۽ ڏند ڪٿائي نہ آهن، پر اهي مٽيءَ مان ليٽي پيٽي نڪرن ٿا. اهي اسان جي ماحول ۽ سماج جا جيئرا جاڳندا ۽ ساهه پساهه کڻندڙ ڪردار آهن. ان ڪري هن جي ڪهاڻين مان مٽيءَ جو هڳاءُ اچي ٿو. هن وٽ موضوعاتي ڪوالٽي آهي. وٽس ڇرڪائيندڙ ۽ ذري گهٽ اڻ ڇھيا موضوع آهن. هو پنهنجي سوچ ۽ تحريرن ۾ بي باڪ ۽ روشن خيال آهي. اها بيباڪي ۽ روشن خيالي، سندس ننڍڙين ڪھاڻين ۾ وڌيڪ نيشانبر آهي.