ڪھاڻيون

زندگيءَ جي ٻي تصوير

پراڻين روايتن کي نئين وقت جي تقاضائن تحت ڏسندي، بيوس محرم مغيريءَ جون گھڻيون ڪهاڻيون مادي ترقي پويان ڊڪندڙ، روحاني ڀڃ ڊاهه جو شڪار اڄوڪي سماج جو اُهو تلخ عڪس آهن، جيڪو شايد ڪوئي ماڻهپي وارو منُ ڏسڻ چاهيندو. پر اها المياتي حقيقت آهي تہ اسان جو سماج اهڙن اُبتڙ روين جو مظاهرو فخر جوڳي انداز ۾ عام جام ڪرڻ لڳو آهي، جن جو ڪجهه اظهار هنن ڪهاڻين ۾ رقصان آهي. شديد سچ جو شائق رائيٽر بيوس محرم مغيري پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڏنل موضوعن کي نفسياتي لحاظ کان نئين معنيٰ ارپي رهيو آهي. سندس ڪهاڻيون گواهي ڏين ٿيون تہ اُهي ٽئين دؤر جي نفسياتي/مايائي/ٻُچيپڙائي جھڙن وائرسن جون اگھاڙيون تصويرون آهن، جن کي پرکي ڪيرُ پنهنجو پاڻ سڌاري تہ جيڪر تباهيءَ ڏانهن وڌندڙ سماج صحيح رُخ ۾ ترقي ڏانهن سفر ڪري.

  • 0/5.0
  • 6
  • 0
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book زندگيءَ جي ٻي تصوير
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان ليکڪ بيوس محرم مغيريءَ جي مختصر ڪھاڻين جو مجموعو ” زندگيءَ جي ٻي تصوير“  اوهان اڳيان حاضر آهي. سعيد سومرو لکي ٿو:
”پراڻين روايتن کي نئين وقت جي تقاضائن تحت ڏسندي، بيوس محرم مغيريءَ جون گھڻيون ڪهاڻيون مادي ترقي پويان ڊڪندڙ، روحاني ڀڃ ڊاهه جو شڪار اڄوڪي سماج جو اُهو تلخ عڪس آهن، جيڪو شايد ڪوئي ماڻهپي وارو منُ ڏسڻ چاهيندو. پر اها المياتي حقيقت آهي تہ اسان جو سماج اهڙن اُبتڙ روين جو مظاهرو فخر جوڳي انداز ۾ عام جام ڪرڻ لڳو آهي، جن جو ڪجهه اظهار هنن ڪهاڻين ۾ رقصان آهي. شديد سچ جو شائق رائيٽر بيوس محرم مغيري پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڏنل موضوعن کي نفسياتي لحاظ کان نئين معنيٰ ارپي رهيو آهي. سندس ڪهاڻيون گواهي ڏين ٿيون تہ اُهي ٽئين دؤر جي نفسياتي/مايائي/ٻُچيپڙائي جھڙن وائرسن جون اگھاڙيون تصويرون آهن، جن کي پرکي ڪيرُ پنهنجو پاڻ سڌاري تہ جيڪر تباهيءَ ڏانهن وڌندڙ سماج صحيح رُخ ۾ ترقي ڏانهن سفر ڪري.“
ھي ڪتاب 2010ع  ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي. ڪتاب جي ڪاپي عباس ڪوريجو جي ويب تان ورتل آهي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌ سلامت پاران

2m 10s


ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف بيوس محرم مغيري
  • ڇپيو ويو 2010
  • ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 20/Mar/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 0 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون