شاھ لطيف جي شرح (فقيراڻي انداز ۾), مصنف : فقير يار محمد پيرزادو

شاھ لطيف جي شرح (فقيراڻي انداز ۾)

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : شاھ لطيف جي شرح (فقيراڻي انداز ۾)
مصنف : فقير يار محمد پيرزادو
ڪيٽيگري : لطيفيات
ڇپيندڙ : سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي
شايع ٿيڻ جو سال : 1999
شامل ڪيو ويو : 2021-03-19
ڏِٺو ويو : 26 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 283 ڀيرا

 فقير يار محمد پيرزادي جو لکيل ڪتاب ”شاھ لطيف جي شرح (فقيراڻي انداز ۾)“ اوھان اڳيان پيش آھي. زندگيءَ جي آخري سالن ۾ بيمار هوندي بہ فقير يار محمد، شاھ جي رسالي جي شرح لکي هئي، جيڪا ستار پيرزادي، مرتب ڪري ان جا ڪجهه سر ڇپرايا ۽ ڪتاب کي بدر ابڙي جي صلاح سان ”فقيراڻي شرح“ جو نالو ڏنو ويو. فقير يار محمد، عام ٻھراڙيءَ جي هڪ غريباڻي گهر جو فرد هجڻ ناتي جيئڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪيا. اَڌُ وهي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪهول لاءِ ڪيترائي ڌنڌا ۽ ڪرتون ڪري، عيش عياش ڪري، جڏهن پنجاهه سالن جو سفر طئہ ڪيو تہ ڪنهن موڙ تي هن کي عشق جي ڪاري ڪَانَ گهايل ڪري ورتو. جنهن درد ۽ الم جي عالم ۾ هن شاھ جي رسالي ۾ پناھ ڳولي لڌي.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري لطيفيات مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ