مھاڳ
پويان پيرا مُند جا...
ھي اياز امر شيخ جا نظم آھن يا ڪنڌيءَ تي ڪپيل ڪانھن آھن يا ڦاسي گھاٽ ۾ ويٺل ڪنھن انقلابي جي محبوبا جي دانھن آھن ھي نظم جن ۾ راجستاني دوھن جھڙو درد آھي سنڌي مرثين جيترو سوز آھي ھي نظم جن ۾ پراڻ درياهه جي شڪل وھڪرن جو صدمو به آھي ھي نظم جن ۾ سڏونت ۽ سارنگا جي اڌوري عاشقي به آھي ھي نظم جن ۾ ڪجلاسر به آھي ته انچلاسر به آھي ھي نظم جن ۾ ڪينجھر جي رات به آھي ته ٽيمس ندي جي ڌيمي وھڪ به آھي ھي نظم جن ۾ وليم ورڊس جي فطرت نگاري به آھي ته غالب جي مئه نوشي به آھي ھي نظم جن ۾ لطيف جي حب الوطني به آھي ته امراءِ القيس جي گيتڪاري به آھي نظم جن ۾ مارجي ويل پکين جي آکيرن جي اُداسي آھي ھي نظم جن ۾ اُن گوگ جي سنگتراشي جي سين آھي ھي نظم جن ۾ ڀٽ شاھ جي وياڪل شام ۾ طنبوري جي تنوار آھي ھي نظم جن ۾ ڀڳت سنگھه جي ڦاسي جو ڪرڀ آھي ھي نظم جن ۾ مرکان شيخڻ جي لوڪ اتھاس جا رنگ آھن ھي نظم جن ۾ اُن دراوڙ پروھت جا پير آھن جيڪو وحشي ناچ ڪندو ھو ھي نظم جن ۾ جنوني درندن ھٿان ڪسندڙ دعا جو ڪفن آھي ھي نظم جن ۾ پبلو نرودا جي چلي جا شگفته گلاب آھن ھي نظم جن ۾ ايران جي شھيد باغي حڪيم ماني جي زندگي جا زخم آھن ھي نظم جن ۾ روپلي ڪولھي جي ڪاتر آھي ھي نظم جن ۾ ارشاد ساگر جي تلاش آھي ھي نظم جن ۾ ٺٽي جي صبحن جو حسن آھي ھي نظم جن ۾ صدين جي جاڳ آھي ھي نظم جن ۾ ھڪ زخمي دل آھي ٻه نراس نيڻ آھن ھڪ تڙپندڙ ديس آھي سوين مقتل آھن ھي نظم جن ۾ جلندڙ جاگرافي آھي وڃايل وطن آھي ھي نظم جن ۾ ٽارچرسيل جا ستم آھن ھي نظم جن ۾ فلسطين جي ابو جھاد جي اڻپوري ننڊ آھي ھي نظم جن ۾ ھڪ دؤر سُتل آھي ھي نظم جن ۾ عرفان مھدي جي موت جي سينا ڪوبي آھي ھي نظم جن ۾ ڏاھر جي شھادت جو کھنڀو آھي ھي نظم جن ۾ راڻي لاڏي جي پڇاڙڪي پڪار آھي ھي نظم جن ۾ دودي شھيد جو رت ھاڻو مولھيو آھي ھي نظم جن ۾ جي ايم سيد جون اکيون آھن ھي نظم جن ۾ شھيد بشير قريشي جي ڀاڪرن جو لمس آھي ھي نظم جن ۾ سجاول جون سرمئي سانجھڙيون آھن ھي نظم جن ۾ اياز جي ڌار ٿيل وجود جون وارتائون آھن ھي نظم جيڪي اياز امر اُداس عورتن جي اکين مان چونڊيا آھن ھي نظم جيڪي اياز ان ازلي پيڙاھ جي پھر ۾ لکيا آھن جڏھن تقدير ڪنھن شڪاري وانگر سندس ھٿ ترين تان ميندي جا رنگ چورائي وئي اھو اياز امرشيخ جنھن جي چھري تي معصوميت جي موسم ڏسي چيني چوڻي ٺھڪي اچي ٿي ته، ھڪ يگ ۾ رھڻ کان وڌيڪ ڪوئي سراپ ٿي نٿو سگھي، ان اياز پنھنجي نظمن ۾ ڪائنات پلٽائي آھي اياز جي شاعري تي ھي اڻ مڪمل مھاڳ لکڻ وقت مون پنھنجي ڪيفيت کي آرٽ جي ٻي ڪنڌي طرف وٺي وڃڻ لاءِ امير خسرو جي ايجاد ڪيل، بھار راڳڻي، جا ٻول، ڪلين سنگ ڪرت رنگ رلين، ٻڌا ته منھنجي حواس ڪنھن مارواءِ فطرت خمار ۾ وٺجي ويا ۽ مون ھڪدم اياز امر جو ھي نظم کڻي ورتو
تون ڪٿي آهين...!؟
آئون اکين مان درياھ ٿي اٿلي پيو آهيان
منھنجي سڪ جي سمنڊ کي
تنھنجي ڇڪ جون ڇوليون سمھڻ ئي نٿيون ڏين
آئون پنھنجي مري وڃڻ جو اطلاع
پنھنجو پاڻ ۾ کڻي رُلي رهيو آهيان
دل جي دفن ٿي وڃڻ جا ڏينھن
تنھنجي وڃائجي وڃڻ کانپوءِ
مون پنھنجو پاڻ تي لھندي ڏٺا آهن
افلاڪ جي اک مان ته ڪو به ڳوڙھو ئي ناهي ڳڙيو
پر مون تنھنجي آيتن جھڙين اکين ۾
ڪيترائي خدا جھڙا خواب ڏٺا هئا
جن جي ساڀيان لاءِ تنھنجو هجڻ ئي لازم هئو
موسيقي ۾ ھڪڙو رس آھي، شرنگارس، معنيٰ محبت ۽ ٻيو رس آھي شانتارس معنيٰ پرسڪون ۽ سانت منھنجو دوست اياز امر انھي ٻنھي رسن جو نچوڙ آھي اياز مونسان ان زماني ۾ مليو جڏھن ڇتي پن ڇڻ جا ڏينھن ھئا (اڄ به ساڳي پن ڇڻ جا ڏينھن آھن) ائين لڳندو ھو زندگي الائي ڪنھن ٻي جاءِ تي آھي (زندگي اڄ به الائي ڪھڙي جاءِ تي آھي) انھن ڏينھن ۾ اياز جا ٽھڪ چانورن مان ٺھيل شراب جيان منھنجي حواسن تي ڇانئجڻ لڳا ۽ مون محسوس ڪيو آئون ڪنھن ڊگھي مسافت تان موٽي تتل ڏينھن جي لڱ ساڙيندڙ لڪ ۾ ڪنھن ٿڌي چشمي وٽ پھچي ويو آھيان تن ڏينھن ۾ کلندي کلندي ھڪ ڳوڙھو اڪثر اياز جي کاٻي اک وٽ ائين اچي بيھندو ھو جئين ڪو لاڏائو مسافر آخري ڀيرو پنھنجي ڳوٺ جي بس اسثاپ تي اچي بيھندو آھي گھڻو پوءِ مون ڊسڪور ڪيو ته ان ڳوڙھي ھڪ خوبصورت شڪل اختيار ڪئي آھي ان شڪل کي شاعري چئجي ٿو اياز جي سڄي شاعري ان ڳوڙھي جو سفر آھي آئون سمجھان ٿو اياز ان ڳوڙھي کي جڏھن به ڳل تي ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي ته اتان يا ته ڪو غزل ڦٽو آھي يا وري ڪنھن وائي جو ورلاپ اڀريو آھي اياز وٽ شاعري ڇن ڇن ڇن ڪندي آئي آھي آئون ايمانداري سان چئي سگھان ٿو ته جنھن دؤر ۾ ماڻھو شاعري ٺاھي رھيا آھن ائين جئين اڳٺ وجھڻي ٺاھبي آھي ائين جئين چانهه ٺاھبي آھي ائين جئين سنگتياڻي ٺاھبي آھي ائين جئين دولت ٺاھبي آھي ائين جئين تلوار ٺاھبي آھي ائين جئين پلاننگ ٺاھبي آھي ائين جئين زنجير ٺاھبي آھي پر اياز تي شاعري سدائين لٿي آھي ائين جئين نريڙي تي ڊگوش لھندا آھن ائين جئين نبين تي نزول لھندو ھو ائين جئين اکين ۾ خواب لھندا آھن ائين جئين سمنڊ تي بادل لھندا آھن ائين جئين چيٽ تي ڪونجون لھنديون آھن ائين جئين زندگي تي جواني لھندي آھي ائين جئين خطيب تي وجد لھندو آھي ائين جئين ساحل تي سيگل لھندا آھن ائين جئين گلاب تي ماڪ لھندي آھي ائين جئين ڪارونجھر تان مور لھندا آھن ائين جئين عثمان مير جي گلي مان گيت لھندا آھن اياز امر جي شاعري لکڻ وقت ڪيفيت اھڙي ھوندي آھي جھڙي ڪيفيت بيدل مسرور جي شيخ اياز کي ڳائڻ وقت ھوندي آھي مون محسوس ڪيو آھي ته شاعري اياز ڏانھن مرگھه ترشنا ٿي ايندي آھي ۽ ساڻس ملي ترپت ٿي ويندي آھي شاعري جي وش ڪنھيا جي آرزو ھوندي آھي ته ھن جي سلوڻي سيني جي اڀار مان اياز پنھنجي پسند جا لفظ کڻي خيال کڻي ۽ انھن مان رنگ رتا نظم لکي غزل لکي ۽ زندگي جي نيڻن ۾ نئين موسم جا خواب پوکي
مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن...!
مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن
پاڻ کي دفنائڻ کان وٺي
پاڻ کي زندھ رکڻ تائين
رات کي ڏينھن ڏانھن وٺي ويندڙ رستن کان وٺي
سج ۽ چنڊ سان روبرو ملڻ تائين
اياز امر ڇاھي
ھڪ شاعر
ھڪ عاشق
ھڪ ديش ڀڳت
ھڪ صوفي
ھڪ اھل ذوق
رھي ڳالھه شاعري جي ته
شڪر خدا جو
جو شاعر ته ھندين ماڳين ٽڙيا پکڙيا پيا آھن
پو اياز جي انفراديت ڇا آھي
اياز مختلف ڇا ۾ آھي
اياز زندگي تخليق ڪندڙ ھڪ نئون انسان پيدا ڪرڻ جي ڳالھه ڪندڙ ھڪڙي حسناڪ دنيا ٺاھڻ جي راھ ڏسيندڙ شاعر آھي. جنھن وٽ تاريخ جو گھرو ادراڪ ۽ شعور به آھي
جنھن وٽ ھن دور جي نسبت سان بنهه نظر انداز ڪيل وساريل نماڻي ٿيل پر پنھنجي نج مٽي سان جڙيل روح کي سيراب ڪرڻ جي سگھه رکندڙ ٻولي به آھي
اياز آرٽ جي وجد کي سمجھي ٿو
اياز زماني جي رفتار کان اڳتي نڪرڻ چاھي ٿو ڇو ؟
ان ڪري ته سخت اونڌاھي واري ماحول ۾
ذلت ۽آپيشاھي واري وقت ۾
ھن وٽ ٽھڪ به پنھنجا آھن
ھن وٽ لڙڪ به پنھنجا آھن
ھن وٽ ڌرم به پنھنجو آھي
ھن وٽ ديوتا به پنھنجا آھن
ھن وٽ درد جي شدت به آھي
ھن وٽ خوشي جي ڪيفيت جو خالص پڻو به آهي
ھن جي عظمت اھا ناھي ته ھو رُتبي ۾ ڪيڏو وڏو آھي ناھي
ھن جي عظمت اھا ناھي ته ھو رڳو شاعر آھي
ھن وٽ صرف سطحي رومانويت ۽ خيالي آدرش نه آھن
ھن وٽ وطن آھي
ھن وٽ زبان آھي
ھن وٽ قوم آھي
ھن وٽ تاريخ آھي
ھن وٽ ڪلچر آھي
ھن وٽ غلامي خلاف چِڙ آهي ڌڪار آھي
ھو آزادي پسند آھي
ھو عاشق آھي
ھو مئه نوش آھي ھو اسٽيٽسڪو جو مخالف آھي
ھن وٽ پوري انسان ذات جي آزادي ۽ آبادي جو پيغام آھي
ھن جا آئيڊيل ۽ فڪري ماخذ سڀ باغي ھئا
پر ھو نمائشي گيڙو مفلر اوڍيندڙ سڌڙيو صوفي به ناھي
ھن وٽ نعريبازي واري شاعري ناھي
پر ھن جي شاعري جيڪا پنھنجي دور جي
سمورن دقيانوسي قدرن سان بغاوت ڪرڻ تي اتساھي ٿي
اھا ھن وقت قبضاخورن جابرن مذھبي مھندارن مولوين پنڊتن سامراجي ايجنٽن ۽ بزدل ويڪائو قلم ڌڻين سان ٿڪل ستل ھارايل وطن واسين جي جذبن جي نمائندگي ڪندڙ ھڪ سچيت قلمي توڙي عملي جنگ به آھي
اھا سندس ان زماني جي مروج بادشاھي نظام سان
کلي بغاوت پڻ آھي
جو اڄ به جديد نيو ڪالونيل سسٽم ۾ ڦاٿل غلام سنڌ
فقط اياز جھڙن ٿورڙن وطن جي باخبر شاعرن جي شاعري جي صورت ۾
دور حاضر جي، قابض اسٽيبلشمنٽ، سان وڙھي رھي آھي
بُک جو اسٽال
واپار جو عالمي ڏينهن تي
ماڻھون پنھنجون خوشيون نئين سر خريد ڪرڻ لاءِ
اميدن جا اسٽال لڳايو ويٺا آهن
ميڊيا ڪيميرا جي اک سان جائزي جي جهان ۾ گم آهي
وقت پنھنجي پراڻي لباس کي لاهي
اروڙي تي اڇلائي ڇڏيو آ
جنھن کي پوئتي مڙي ڏسڻ جي به کيس فرست ناهي رهي.
اياز امر شيخ تاريخ ڏانھن ذميوار ليکڪ آھي جنھن وٽ کوکلا لفظ ناھن پر ھو جاندار واضعدر لڄارن خوبصورت ۽ آتش نوائي ڪندڙ لفظن جو تخيل نگار آھي ھن سڀ حسين لفظ ھڪ لڙي ۾ پوئي ھڪ حسين ھار ٺاھي پنھنجي سنڌ وطن جي ڳچي ۾ پائڻ جو جنون پاليو آھي ھو ڄاڻي ٿو ته سنڌ اسان جي ليلان به آھي ته مجنون به آھي سنڌ اسان جي اجنتا به آھي ته ايلورا به آھي سنڌ جيڪا اسان جي خوابن جي مومل آھي
سنڌ جنھن جي جر جي پاڻي تي
لٿل پکي اسان کي شاعرن جون ڪوتائون ڀاسندا آھن
سنڌ جنھن جي ھر نينڍ نياپي جھڙي صبح ۾
اسين صدين کان ھر ھڪليندا ان اپائيندا آيا آھيون
سنڌ جنھن کي اسان سجدن ۾ سوچيو آھي
سنڌ جنھن جي سرمئي سانجھڙين م اسان سمبارا
جي ڇير جو ڇمڪو ٿيا آھيون
سنڌ اسان لاءِ ڇپر به آھي ڇانءُ به آھي
ھي جڳ جڳاندر ڳالھڙي آھي ته
اسين ڌرتي جي ڪيترين ڪنڊن کان ڊڪندا ڍوڙندا
سنڌو جل جھڙي سندر سينڌ رکندڙ ھن سنڌ
جي سام پياسين
۽ ھن مٽي جي مھڪ اسان جا زخم ڌوئي
غم ريٽي اسان کي پنھنجي ھنج ۾ ائين ورتو
جئين جنم وٺڻ وقت ماءَ پنھنجي ابھم ٻار کي
سيني لائيندي آھي
سنڌ اسان جيءَ جي جھروڪن جھاتڙين جي
لاک رتي لوئي آھي
جنھن ۾ اسين ڏکن جا ماريل مارو لوڪ گھڙي پل
گھاءُ وساري پنھنجو دامن سمائي درد کان دور ٿيڻ
جي ڪوشش ڪندا آھيون
سنڌ فطرت جو آئيڊيل پورٽريٽ به آھي
ته حسن ازل جو انمول عڪس به آھي
سنڌ مرڪندڙ محبوبا جي سوني ڳچي جو نو لکو ھار به آھي
ته ارڏي عاشق جي موڪري ڇاتي جو موھ به آھي
سنڌ پيار آھي سنڌ روشني جو دڳ آھي
سنڌ رني ڪوٽ جي رات آھي
سنڌ لطيف جو سر سھڻي آھي
سنڌ سچل جي من خدايم واري صدا به آھي
ته ڪنور رام جي ڪافي به آھي
سنڌ سيد جي ساھ جو سڳنڌ آھي
ته سنڌ ھيمون ڪالاڻي جي فاتحانه مرڪ به آھي
سنڌ بشير خان قريشي جو ڀاڪر به آھي
ته سنڌ سرمد جي سين به آھي
سنڌ ڀاڳو ڀان جي ڪلاسڪ شعر جو مفھوم به آھي
سنڌ مرکان شيخڻ جي گيت جي گونج به آھي
سنڌ ڏاھر جي عظمت جو دليل آھي
سنڌ ڪپھه مان تخليق ڪيل ڪپڙي جو اوڇڻ آھي
سنڌ مقصود قريشي جي سڙيل رک به آھي
سنڌ شھيد سرائي قربان جي سورھيائي جي ساک به آھي
سنڌ آريسر جي خطابت جو چندن ھار
ته پليجي جي تقرير جو شعلو به آھي
سنڌ حفيظ قريشي جي ھڪل
ته جلال چانڊئي جي يڪتاري جي تند به آھي
سنڌ براعظم ۾ اھنسا جو اھڃاڻ
ته اولهه وارن لاءِ عشق جي تاريخ جي تشريع به آھي
سنڌ سڌارٿ جي ويراڳ جو واس
ته سنڌ مھاوير جي مھانتا به آھي
سنڌ عربي ڄام جي آل لاءِ ابر
ته سنڌ دراوڙن لاءِ دلاسو به آھي
سنڌ استاد گلزار علي خان جي ڳايل غزل جو جوڀن رس به آھي
ته استاد شفاعت علي جي ڪوھياري ۾ ڳايل ٺمري به آھي
سنڌ صادق جو سوز شفيع فقير جي صدين جي صدا به آھي
سنڌ رفيق فقير جي واتان چيل اياز جو گيت آھي
سنڌ استاد حنيف لاشاري جو بي چين آلاپ به آھي
سنڌ حسن درس جي پرين جو پاڇو به آھي
سنڌ چوڙيو مندر جي اداسي
سنڌ لڇمڻ ڪومل جو آخري ٽھڪ به آھي
سنڌ جاڙن جبلن جو ديس آھي
سنڌ سفيد مٽي واري ريگستان جو روح آھي
سنڌ ڍنڍن ڍورن ندين پرين پکين ۽ پنھوارن جي پريت
جو پيمانو آھي
سنڌ اياز جي انسان شناسي جو اھڃاڻ آھي
سنڌ منھنجي محبوب جي ذلفن ۾ رقص ڪندڙ ھير جو ھڳاءُ آھي
سنڌ منھنجي نسلن جي نيپاڄ جو نالو آھي
سنڌ منھنجي وڃايل دوستن جي آخري ايڊريس آھي
سنڌ وڇوڙن جي رُت ۾ روئندڙ اکين لاءِ آسيس آھي
سنڌ جنھن جي نالي تي نوخيز جوانيون اڏي تي
به اوچي ڳاٽ اينديون آھن
سنڌ جنھن جي شامن جو حسن ڏسي موت نيچ لڳندو آھي
۽ زندگي سان عشق ٿي ويندو آھي
سنڌ اسان لاءِ سخت سيارن م ڦاٽل ساٽل رلي
جو ٽڪر آھي جنھن مان اسين پوھ جا پارا گذاريندا آھيون
سنڌ جي ڌنارن جون سينڍون سڻي صحرا جا وڻ
جھومي اٿندا آھن
سنڌ جا کيت ڦلارجڻ وقت ڪنھن وينگس جي پور وھي
جھڙا لڳندا آھن
سنڌ جنھن جا شھيد پٽ مرڻ ويلي به مرڪندا آھن
سنڌ جنھن جون دادليون ڌيئرون حيا جو ڇلو ھٿ مان
ڪرڻ ناھن ڏينديون
سنڌ جنھن جا بزرگ پيري ۾ به پشيمان ناھن ٿيندا
سنڌ جنھن جا ٻار پوپٽن جا پر ناھن پٽيندا ڇو ته کين
مائرون اھو سيکارينديون آھن ته
پر پٽڻ پاپ آھي
راڳ رقص ڇير گھڙولي ڳيچ سھرا منھنجي سنڌ جا سونا زيور آھن
ھي سنڌ جنھن جي سارين جاسنگ به سر پکيڙيندا آھن
ھي سنڌ جيڪا بارود جي ڍير تي بيٺل سنسار لاءِ شڪار جو سنديس آھي
سنڌ جيڪا ڊپلوميسين جي ڊينگھر ۾ ڦاسندي آھي
ته ڦٿڪي پوندي آھي
سنڌ جيڪا ڀلي سياست جي صليب تي لٽڪائي وئي ھجي
پر ان پنھنجي شاعري راڳ ۽ آرٽ جو دامن ڪڏھن به
ھٿان ناھي ڇڏيو
اھا انتھاپسندي سان الجھندي اچي
وحدانيت جون وايون ورجائيندي اچي
اھا آمريتن سان وڙھي آھي
ته جاگيرداري جھموريت جي جابرانه نظام کان به کيس بڇان ايندي آھي
ھن جي ذھن ڪڏھن به شڪست ناھي قبولي
ھن جڳ جي جياپي ڪاڻ نوان نياپا ڏنا آھن
سنڌ ثقافتن جي صدوري سرزمين آھي جنھن
جي رنگن منجھاران آسماني ديوتا انڊلٺون جوڙيندا آھن ان ڪري اياز جا سڀ نظم جيڪي انگريزي عربي ھندي اسپينش چائينيز ۾ ترجمو ڪجن ته به سندن فڪري مٺاس اھو ھوندو جيڪو سنڌ ڪمند جي رس ۾ آھي جيڪو سنڌ جي ڄاڱرين ٻيرين ۾ آھي جيڪو سنڌ جي ٿري پيروئن ۾ آھي جيڪو سنڌ جي پستي ڳڙ ۾ آھي اياز پنھنجي ھڪ نظم ۾ چئي ٿو .
آئون چاهيان ٿو ته
مون وٽ پنھنجو سج هجي
پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجو ٻج هجي
آئون چاهيان ٿو ته
منھنجو آسمان منھنجي ئي مٿان تارن سان ڀريو بيٺو هجي
جنھن کي آئون جنھن به وقت چاهيان ته ڏسي وٺان
آئون چاهيان ٿو ته
مونکي پنھنجي ڌرتي جي والار جيڏو وطن ھجي
جنھن ۾ آئون پنھنجي چنڊ کي
اکين جي اڱڻ تان ويهي ڏسي سگھان
آئون پنھنجو پاڻ کي ڳولي رھيو آھيان، ماءُ غير شرعي، ھمبستري، آخري رات اعتبار جي موسم ؛ ھي اياز جا ڪجهه نظم کنيا اٿم جن ۾ ايترو لاپرواهي جو لباس جيترو درد اٽي جي لپ لاءِ مرلي وڄائيندڙ جوڳي جي جيءَ ۾ ھوندو آھي جيترو درد ميگھا رُت جو اوسيئڙو ڪندڙ ڪوئل جي ڪوڪ ۾ ھوندو آھي جيترو درد راوي جي ڪناري محبوب لاءِ ماھيو ڳائيندڙ نينگري جي دل ۾ ھوندو آھي جيترو درد استاد اسد علي خان جي ڳايل خيال ؛ لاگي نين موري پيا ڪي دواري، ۾ ھوندو آھي جيترو درد لاھيارڻ جي ھٿن ۾ ھوندو آھي ھٽلر جي نازي گيسٽابو جي سربراھ ھرمن گوئرنگ ھڪ دفعي چيو ھو ته : آئون جڏھن به آرٽ جو نالو ٻڌان ٿو ته منھنجو ھٿ پستول ڏانھن کڄي وڃي ٿو ؛ اھو آھي آرٽ جي سگھه جو اعتراف آرٽ ھن ڪائنات جو مڪمل سچ آھي شيخ اياز پنھجي شاعري جي ڪتاب ؛ ڪپر ٿو ڪن ڪري ؛ ۾ لکيو آھي ته ٿامس مئن ھڪ جرمن يھودي ھو ھن ٻي عالمي جنگ کان ڪجھه وقت اڳ ھٽلر کي ھڪ ھند لکيو ھو ؛ تون پنھنجي پوري قوم کي تباھي ڏانھن ڌڪي رھيو آھين، اھو خط دنيا جي عظيم خطن مان ھڪ آھي پر ٿامس مئن ھٽلر جي ڀئو کان آمريڪا ڀڄي ويو ھو ۽ اتان اھو خط لکيو ھئائين کل جھڙي ڳالھه آھي لکين يھودي گئس چيمبر ۾ ماريا ويا پر ٿامس مئن نه فقط ڀڄي ويو پر ھن کي نوبل پرائيز پڻ مليو .
آئون سمجھان ٿو ٿامس مئن وانگر شيخ اياز به جي جلاوطن ٿي وڃي ھا ته کيس به اھڙا نوبل پرائيز ملي وڃن ھا پر جيڪا مھانتا کيس مٽي کان ملي اھا نصيب نه ٿئيس ھا ائين ائني فرئنڪ به ڪري ھا ته اڄ وڏي ناول نوس ليکي وڃي ھا ڀٽائي به جيڪڏھن مغلن ۽ ڪلھوڙن کان خائف ٿي ڪڇ يا گجرات وڃي وسائي ھا ته اڄ وانگر ئي راجستان جي قلعي ۾ ڳايو وڃي ھا پر اھا عظمت نه پائي سگھي ھا اياز امر شيخ به ھن ديس جي نرمل چانڊوڪين جو چاھيندڙ آھي جيڪو سنڌو دريا جي کاٻي ڪپ کان ساين ٻنين جي جھڳٽي ۾ جنميو جتي صبح ويلي وڻن تي جڏھن پکي فطرت جا گيت آلاپيندا آھن ته ھي خدائي خدا سميت جھومڻ لڳندي آھي قدرتي ھوائن ورندڙ مال جي چڙن جي موسيقي گھري مشاھداتي سگھه ۽ سماجي ڀوڳنائن گڏجي اياز امر شيخ کي تخليق ڪيو آھي جيڪو پنھنجي ذات ۾ بنهه من موجي ماڻھو آھي جنھن کي دريا وارا پور آھن جنھن وٽ دوستي ۽ شاعري ٻنھي جو رتبو اعلي آھي پنھنجي ھڪ حسناڪ نظم ۾ اياز چئي ٿو.
پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي...!
پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
ان جبل جيان
جيڪو پاڻ مٿان گرميون ۽ سرديون
راتيون ۽ ڏينھن طوفان ۽ مينھن وسائڻ کانپوءِ
هڪ ئي جاءِ تي بيٺو رهي ٿو
سندس رنگ ۽ روپ ۾ ڪو ب فرق نٿو اچي
سندن ويڪر ۽ اوچائي کي ڏسڻ لاءِ
ماڻھوءَ کي خود پنھنجو ڪنڌ مٿي کڻڻو پوي ٿو
پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
ان پُل جيان
جيڪا ٻن ڪنارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي
وقت جي وڏي انتظار کي سوڙهو ڪري
ملڻ جي منزلن کي ويجھو ڪري ٿي
هڪ ڪناري کان ٻي ڪناري تائين نظر رکي ٿي
پاڻ کي مضبوط ٿيڻو آهي
اُنھن پکين جيان
جيڪي سياري ۾ گرم ڪپڙا ناهن پائيندا
۽ گرمين ۾ گنجا ناهن ٿيندا
جن کي وڻن جيڏو وڏو وطن مليل آهي
جن کي ننڊ ڪرڻ لاءِ ڪو به گھر ناهي ٺاهڻو پوندو
جن کي اڏامڻ جي لاءِ
ڪا به تياري ناهي ڪرڻي پوندي
عورت بسنتي گلاب وانگر آھي جيڪا شاعري ۾ رچي وڃي ٿي اھا اياز جي شاعري ۾ به راج گھاٽ تي چنڊ وانگر ليئا پائي رھي آھي اھا عورت جيڪا اياز جي شاعري ۾ آھي اھا رڳو سندس محبوبا ناھي اھا ھن سماجي بي راھ روي جي ٽو ڪاپي آھي اھا ڪٿي مقدس مريم به آھي ته ڪٿي چيڙھ وٽيل چوٽا به آھي ته ڪٿي جسم کپائيندڙ وئشيا به آھي ته ڪٿي ديوداسي به آھي ان عورت جي انيڪ روپن اياز جي شاعري جي صورت ورتي آھي.
شاعري ۽ زندگي ٻنھي گڏگڏ سفر ڪيو آھي ٻئي ساڳين رستن تان ھليون آھن ڪريون آھن ٿڙيون آھن وري اٿيون آھن ڪڏھن شاعري کي معض تفريح سمجھيو ويو آھي ته ڪڏھن شاعري باغين جي تلوار جو ڪم ڏنو آھي اڳي عرب قبيلن ۾ شاعري صدين تائين محاذ آرائي جو مرڪز ھئي اھا شاعري ڪڏھن بابل ۽ نينوا جي ڪنارن تي وڙھي ته ان شاعري ڪڏھن دلي جي دربارن ۾ قصيده گوئي به ڪئي ۽ مڪر مڪر جي لڙاٽيل ھوڪرن جو شڪار به ٿي اڄ اھا شاعري فنون لطيفا جو مقدس پيشو ٿي پئي آھي اڄ سياسي ادبي سماجي مذھبي مجلسون شاعري جون شڪر گذار ٿي پيون آھن رسول حمزه توف پنھنجي شاھڪار: ميرا داغستان ۾ لکيو ته ؛ اسين شاعرن کان باھ جو ڪم وٺندا آھيون يقينن اھا باھ جيڪا ستل ھيڻي نٻل ٿڪل قوم ۾ نئون روح ڦوڪي کيس آزادي جي امنگن سان سرشار ڪري ميدان ڪارزار ۾ وٺي اچي سنڌ ۾ اھو پھريون اعزاز لطيف سائين ڏانھن وڃي ٿو جنھن جي شاعري شعلو به ھئي ته شبنم به ھئي ان روايت جو سگھارو آواز شيخ اياز ھئو جنھن ڪوڙ جا ڪوٽ ڪنگرا شاعري سان لرزايا اياز امر به ان تاريخي تسلسل ۾ پنھنجي فن ۽ ڏات کان اھو ڪم وٺي رھيو آھي جيڪو نذرل اسلام بنگال ۾ ورتو ناظم حڪمت ترڪي ۾ ۽ مالال زئي افغانستان ۾ ورتو آئون ان کان انڪار نٿو ڪريان ته اياز تي پنھنجي ھم عصر شاعري جو اثر ڪونھي پر اياز پنھنجو مڌ پاڻ چڪايو آھي ورھ وھاٽيو آھي سندس ڪلام جو ذائقو گھڻو پنھنجو بنهه نڪور صفا تازو بنهه دلڪش آھي عرب جئين ھدي ڳائي اٺن کان ھفتي جو پنڌ ٽن ڏينھن ۾ ڇڏائيندا ھئا اياز جي شاعري ڳائڻ وقت اسان جا لانگ مارچ پھرن جا پنڌ پلن ۾ پڄائيندا آھن.
نظم جيڪي ننڊ ناهن ڪندا...
هو منھنجي مرڻ جا ڏينھن ڳڻي رهيا آهن
۽ آئون نظم لکي رهيو آهيان
نظم جن جي عمر زندگيءَ جيڏي آهي
نظم جن جون اکيون
ڌرتيءَ تان بيھي آسمانن جا تھه ڳڻي وٺنديون آهن
هو چاهين ٿا ته آئون رات ٿي وڃان
پر هي منھنجا سج جيڏا وڏا نظم
جيڪي هر روز هڪ نئين تپش سان اڀري رهيا آهن
جن کي ڏسندي ئي هو پاڻ سڙي ٿا پون
اياز صاحب لکيو ته ھر سچل سرمست، نٿو ٿي سگھي ائين آئون ڀانيان ٿو ھر اياز ؛ امر؛ ناھي ھوندو اھو اسان جي ھن بانوري پرين جي شخصيت جو خاصو آھي ته ھن جي شاعري ۽ ھن جو سراپا ٻئي ايترا ڀرپور حوالا آھن جو اھو فيصلو ڪندي ڏکيائي ٿي ٿئي ته اياز جي شاعري لاءِ ڪھڙي تشبيھه جو انتخاب ڪجي ۽ سندس زندگي لاءِ ڪھڙو استعارو ڪتب آڻجي سڀني وصفين سھڻو اياز منھنجي لاءِ گھگھه انڌيري ۾ ڳوٺ جي پيچري وانگر آھي جنھن تي ھلندي ماڻھو ٿڙي ٿاٻڙي ته سگھي ٿو پر امالڪ وڃي گھر ڀيڙو ٿيندو اياز جي تخليق ۾ وطن آھي وطن جا حسناڪ زاويا آھن اياز جي شعر ۾ فطرت جون چاندنيون ساھ کڻن ٿيون ھن جي نظمن جو روح، عشق، آھي ھن جي اکين جي ماڻڪين ۾ سن وٽان سنڌو جي سامھون اڀرندڙ باک جا ڪنوارا ڪرڻا آھن اياز بنيادي طور ؛ آزادي جو شاعر ؛ آھي ھن جي دل جي ڏسائن ۾ سيد جي پيغام جو پڙ لاءِ آھي ان ڪري ھن جي لفظن ۾ شھيد بشير خان قريشي جي آخري تقرير جيترو درد آھي مون جڏھن به اياز جي واتان مزاحمت ۽ سار جا نظم ٻڌا آھن ته آئون پنھنجي يار غار ساگر حنيف بڙدي جي ياد جي سنگھرن ۾ ايترو سوگھو ٿي ويندو آھيان جو چاھيندو آھيان ته ساڻس ڀاڪر پائي ائين روئان جئين ڳوٺن ۾ ڪراڙيون عورتون پنھنجي جواڻ پٽن جي جدائين تي ھڪ ٻي سان اوسارا ڪنديون آھن اڄ سنڌي شاعري جي ھن منفرد لھجي واري شاعر جو نثري نظمن جو ڪتاب ”تُنھنجي وڃڻ کانپوءِ“، پڌرو ٿي رھيو آھي شال فطرت، قدرت سندس قلم جي جواني قائم رکي ھو ڌرتي جي اونداھن گوشن ۾ روشني جو نور پکيڙڻ لاءِ پنھنجا رنگ رتي آڪاس جھڙا گيت سرجيندو رھي ؛اسين وڃايل سنڌ شاعري جي ڏنل ڏس پتي تي ھلي حاصل ڪرڻ چاھيون ٿا ادب قومن جو متحرڪ روح ٿيندو آھي افسانو ناول ڪھاڻي تقرير ڪالم راڳ به پنھنجي جوھر ۾ قومي تشخص جي حاصلات واري جھدوجھد جا ريڊار آھن پر شاعري ايفل ٽاور آھي جتان گھڻو ڪجهه ڏسي سگھجي ٿو ان ڪري شاعري کي تاريخ ۽ شاگردن کي رحمان جا شاگرد سڏيو ويو آھي.
مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن
پاڻ کي دفنائڻ کان وٺي
پاڻ کي زندھ رکڻ تائين
رات کي ڏينھن ڏانھن وٺي ويندڙ رستن کان وٺي
سج ۽ چنڊ سان روبرو ملڻ تائين
مونکي مسلسل ئي ڪم ڪرڻو آهي
اخبار جي سرخين کان وٺي
پروف جي غلطي ۾ لکجي ويل
سُنڍ لفظ جي نقطن کي سڌو ڪري
سنڌ لکڻ تائين
ھن ديس جي تاريخ قبضاخورن جي گھوڙن جي سنبن ھيٺ لتاڙجندي اڄ ھن سائيبر ايج ۾ اچي پھتي آھي ھن مٽي جا وارث ڪڏھن ويد منتر ڳائيندا ان اپائيندا ھئا ھتي ڪيئي مصور ۽ رشي خوابن جو سرمو عشق جي اکين ۾ اوتيندا ھئا ڪڏھن دراوڙ نينگري ؛ ڊانگ فلور ؛ تي رقص ڪندي ھئي ته ڌرتي ڌٻندي ھئي پروھت سنڌو در ٻاڏائيندا ھئا عجيب ۽ پراسرار زميني مذھب ۽ ريتون رکندڙ ھي ڌرتي جنھن جا کيت ڏسي خدا جي وجود جو احساس ٿيندو آھي ان جي ذري پرزي کي پنھنجي خيالن جا کيس اوڍائي اڏام کٽولي تي جڳ جڳ جو سير ڪرائڻ رڳو شاعرن جو ڪمال آھي رگ ويد آٿر ويد سڀ ان ڪماليت جا چشم ديد گواھ آھن اسين اھي سڀ منظر پسمنظر اياز امر شيخ جي شاعري ۾ به ڏسي سگھون ٿا جنھن ۾ سورج ونسي جي ساک آھي جيڪا اوڀر جي اک به آھي جيڪا سھڻي جو گھڙو به آھي جيڪا سسئي جو پنڌ به آھي جيڪا ڏياچ جو ڪنڌ به آھي جيڪا موکي جو مڌ به آھي جيڪا عالمي به آھي ته علائقائي به آھي.
اياز امر سان مون زندگي جا ڪڙا مٺا گڏ پيتا آھن اسان راتيون گڏجي چنڊ سان چارا رليا آھيون ھن ۾ ھڪ مانوس ڪندڙ وجداني ڪيفيت مون سدائين دريافت ڪئي آھي اھو وقت به ڄڻ ڪالهه جو قصو آھي اسين سجاول جي گھٽين ۾ پنھنجو پاڻ کي ائين ڳوليندا ھئاسين جئين قيس صحرا ۾ ليلان کي ڳوليندو ھو سجاول جي ٺرندڙ راتين ۾ شھر ۾ ڪرفيو جھڙي سانت کي اياز جا نظم ٽوڙيندا ھئا اوچتو اياز وجداني ڪيفيت ۾ شاعري جي آنچل ۾ ويڙھجي ويندو ھو اسين سڀ محو حيرت ٿي کيس ٻڌندا ھئاسين اياز جا ھن وقت تائين ڇهه شاعري جا آيل ڪتاب به ھڪ ڊاڪيومنٽيشن آھن جن ۾ زندگي جون تلخ ڪھاڻيون مدفون آھن سجاول جيڪو پنھجي فطري بيھڪ ۾ جيترو حسين آھي اوترو حسين سندس ارگرد جون زرخيز زمينون آھن جيتوڻيڪ پاڻي جي شديد بحران زمينن جي ساڳوڻي بيھڪ ته بدلائي ڇڏي آھي پر ھتي شاعري جا واھڙ ڪڏھن به سڪا ناھن سرويچ جي پورھيت پيڙاھ واري شاعري محمد خان مجيدي جي آزادي لاءِ اٿندڙ للڪار جھڙا گيت ارشاد ساگر جي ڪوتا قطار ويندي دور جديد جي شاعراڻي پکيڙ اياز امر جي روپ سروپ ۾ اڄ پنھنجا جلوا پسائي رھي آھي.
سج ڪٿي آهي...!؟
هيءَ هيڏي وڏي ڪاري رات جنھن جا ڇيڙا
منھنجي ٻانھن جي اوچائي کان به مٿي ٿي ويا آهن
مونکي ننڊ جي نيئرن ۾ ڪير ٻڌي ويو آهي!؟
ڪٿ آئون
تاريخ جي انڌي اک جو خواب ته ناهيان ٿي ويو!؟
سنڌ جي تھذيبي شاعراڻي فڪري ۽ تمدني تاريخ جا پنھنجا گرھ آھن اپگرھ آھن ستارا آھن سج آھن اسان کي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھندو ڪو به مذهب ناهي. پر اهو سناتن تهذيب آهي. هندو لفظ سنڌو لفظ جي بگڙيل صورت آهي. پراڻن ويدن ۾ هندو لفظ جو ڪٿي به ذڪر نه ٿو ملي. دنيا جي پراڻي ڪتاب رگ ويد ۾ سنڌو ندي جي تهذيب کي “سناتن” ڪوٺيو ويو آهي جنھن جي معني آهي “آڳاٽي يا اوائلي”
سنڌو دريا جي ٻنهي ڪنارن تي آباد جيڪي به قومون هيون تن کي سنڌي ڪوٺيو ويو آهي. ائين سنڌو دريا ۽ سنڌو تهذيب جو ذڪر ويدن ۾ هزارين سال اڳ ڪيو ويو آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌو کي “هندو” چوڻ جي شروعات ان دور ۾ ٿي جڏهن آرين سنڌ ڏانهن رخ ڪيو، آريه يعنيٰ ٻئي پاسي کان آيل ماڻهو ، آريه صرف واپار ۽ ڪاروبار جي سلسلي ۾ ايندا هئا، آرين جي زبان ۾ (س) جو اچار نه هئڻ ۽ ان جي جاءِ تي (هه) جو اچار استعمال ڪرڻ ڪري سنڌو لفظ مان “هندو” لفظ پئجي ويو.
اڄ جنھن ڌرم کي ”هندو ڌرم“ سڏيو ٿو وڃي ، اهو اصل ۾ ”سناتن ڌرم“ آهي. رگ ويد ۾ لفظ ”ڌرم“ جي معنيٰ ٻڌائي وئي آهي ”قاعدو“ يعني اهڙو جوڙيل قاعدو، جنھن جي بنياد تي هن ساري سنسار جو چرخو هلي. ”سناتن“ معنيٰ آڳاٽو يا اوائلي. ”سناتن ڌرم“ ڪنهن جاري ڪيو يا ڪڏهن وجود ۾ آيو، تَنهن بابت اڃا تائين ڪنهن وٽ صحيح علم نه آهي، پر سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته هيءُ ئي ابتدائي مذهب/ڌرم آهي.ائين قديم آمريڪا جا وارث ريڊ انڊين به اصل انڊ / ھند ،سنڌ جا رھاڪو ھئا جيڪي تاريخ جي وھڪري ۾ لڙھي ويا ھي زمانن جي سچ کي جتي تاريخدانن جي قلمي سچائي کي پڌرو ڪرڻو آھي اتي شاعري کي به ان سان مکاميلو ڪرڻو پوندو.
اياز اميد جو شاعر آھي ھن جي موجودگي ۾ زندگي جھومندي آھي وقت ڳائيندي محسوس ٿيندو آھي ھو کلندو آھي ته ٺٽي جا گلاب مھڪندا آھن ۽ ڪينجھر تي شام نورا پائي نچندي آھي اسين جنھن غليظ سوسائٽي جي گندي گپ م ڦاٿل آھيون اتي اياز جھڙا دوست گاڊ گفٽيڊ آھن جيڪي دل جي شھر ۾ آيل درد جي طوفان جا آواز ڏور کان ٻڌي ائين ڊڪي ايندا آھن جئين دريا ۾ ٻڏندڙ مسافر کي ڏسي مھاڻا ڪشتيون تيز ڪاھي ھيڪلي شخص جي حياتي بچائڻ جا جتن ڪندا آھن دنيا مايا جو موھ آھي گورک ڌنڌو آھي اياز جھڙا ماڻھو ان ڌنڌي جھڙي دنيا ۾ دل جو ساز ھٿن ۾ کڻي محبت جا گيت آڇڻ لاءِ ماڻھن جي روحن ڏانھن ائين وڃن ٿا جئين بھار جي مند ۾ سنڌ اندر ڪو عرصو اڳ آرائين گلن جا جھول ڀري در در سين ھڻندا ھئا ۽ گل ورھائيندا ھئا اياز مون کي انھن آرائين جو تسلسل لڳندو آھي ھن وٽ ڏيڻ لاءِ ھرک جي تاڪن جھڙو اجرو پيار آھي جيڪو ھن مسلسل بنا ڪنھن فرق جي سڀني ۾ ورھايو آھي ھو جتي به ھوندو آھي سندس آسپاس ھڪڙو ميلو ھوندو آھي اياز امر جي وسيع ڀاڪرن ۾ سڀني لاءِ مون ساڳي اڪير ۽ احساس ڏٺا آھن شايد اھا سندس ڪاميابي آھي جو ھن جي دوستن جي قطار ايتري تيزي سان پئي وڌي جيتري تيزي سان خوف جي حالت م گھٽي جي موڙ تي ملندڙ محبوب کي ماڻھو پھرين چمي ڏيندو آھي آئون اھو به چئي سگھان ٿو ته ھو رڳو منھنجو دوست آھي يا سڀني کان ويجھو منھنجو دوست آھي پر جڏھن سندس سڀني سان ساڳيو سلوڪ ٿو ڏسان ته چوان ٿو ائين ناھي اياز سڀني جو ساڳيو دوست آھي دوست ٿيندا به ھڪ جھڙا آھن ھڪ جيڏا آھن دوستن ۾ رنگ نسل ذات پات مذھب عمر ناھي ڏسبي اياز زندگي جو مقصد سمجھي ويو آھي ان ڪري ھن ڌن ٺاھڻ وارو ڌنڌو ٻين کي ڏئي ڇڏيو آھي ڪنھن ڏاھي چيو مون شاعري کنئي راڳ کنيو رقص کنيو ادب کنيو باقي دنيا ٻين جي حوالي ڪري ڇڏي ائين اسان جي ھن محبوب دوست دوستي پيار اخلاق ادب عشق پاڻ کڻي باقي سڀ شيون جڳ جي جوارين حوالي ڪيون آھن ان ڪري ايڏي عزت ماڻي اٿس منھنجا ھي لفظ تاريخ لکي پئي مون کي ماڪ جي ڪنوارن قطرن جو قسم ھي ڪا خوشامدي يا واڌاءُ واري ڊکاڻڪي ناھي جنھن ۾ رڳو ھڪ دوست جي دوستي جي ناتي تعاريف ٿي رھي آھي پر اھو سچ اياز سان جيلسي ڪندڙ به تسليم ڪندا ته ھن بنا ڪنھن پارٽي عھدي اقتدار دولت يا ڪنھن ٻي عمل جي صرف سنگت سان سچائي ساک پت ۽ وفائن جي ڪري پنھنجي اردگرد ھڪ پوري ڪائنات جوڙي ڇڏي آھي ٻين کي ته الائي اندازو آھي يا نه پر مون ھن ماڻھو جا لڙڪ به ھٿن ۾ کنيا آھن ته سندس ڪلھي تي پنھجا لڙڪ رکيا به اٿم ھن منھنجو ڀروسو بحال رکيو آھي دنيا ۾ اعتماد کان وڏي دولت ٻي ٿي نٿي سگھي اياز کي سنڀالڻ اچي ٿو ڀر رکڻ ڄاڻي ٿو ھو دوستي جو آرٽسٽ آھي وٽس رشتا نڀائڻ جي قدرتي ڏات آھي جيڏي دل اوڏو دستر خوان نه ايڏي عمر نه ايترو تجربو نه شھرت جو شوق نه وري دنيا داري پو ڇا آھي بس اندر ۾ ڪا بي قراري اٿس جيڪا رڳو تڏھن ختم ٿيندي ٿس جڏھن يارن جي ميڙ ۾ ھجي يا ڪنھن جي مدد ڪري يا راڳ جي رنگن ۾ ھجي يا ڪنھن لانگ ڊرائيو تي ھجون اياز واقعي به اھو شخص آھي جنھن جي وس ۾ ھجي ته سڄي سنڌ ۽ سنگت جا سور پاڻي ڪري پي وڃي آئون ڪنھن به ڊگھي ڄمار جي دعا ڪونه ڪندو آھيان باقي اھو ضرور چوندس ته اياز جي اسان کي اکيون بند ٿيڻ تائين ضرورت آھي جيسين اسان جون اکيون ٻوٽجن تيسين اياز جا ھٿ اسان جي ھٿن ۾ ھجن اياز ھر قيمت ڪٿڻ کان وڏو آھي ھتي وڏا ماڻھو ٽڪي جي انھن بشنين کي چيو ويندو آھي جن وٽ رشوت جي لٽيل پاپ جي پئسي مان اڏيل اجگر عمارتون وڏيون گاڏيون گارڊ ۽ غنڊا ھوند آھن پر اصل وڏا ماڻھو ايازامر وانگر ھوندا آھن جن جو دامن آسمانن کان ويڪرو دل سمنڊ کان گھري ھوندي آھي ڏيڻ لاءِ بي پناھ محبتون ھونديون آھن اياز شال ستارن وانگر روشني جي انڊلٺ بڻيل رھي والدين جا خواب ۽ وطن جي آزادي جون آسون مڪمل ڪري مون کي منجھانئس اڻ ميون اميدون آھن منھنجو ڀاءُ آھي ته ساھ سريکو دوست به آھي ساڻس زندگي جي ساٿ جاسڀ تعلق آھن جن تي مون کي فخر به آھي.
اياز جي ڪوتا ڪتاب تي لکندي جڏھن آئون سندس نظمن جي روح مان گذريو آھيان تڏھن سوچيان پيو ته شديد سنگباري ۾ صليب ڪلھي تي کڻي درد جي شھر مان اڪيلو گذرڻ ڪيترو ڪٺن آھي اياز جنھن کي سندس رابيل جھڙو پٽ زندگي جي اٿاھ غم ۾ ڇڏي افق پار اڏي ويو ھي نظم ان ياد جا ديپ آھن ھي ڪنھن ٿرلر فلم جھڙي سوسائٽي جتي مخالفن ته ٺھيو دوستن جي ھٿن ۾ ايترا پٿر آھن انگ انگ خون آلود ٿي وڃي ٿو ڪڏھن سوچيان ٿو ناتمام خواھشن جي اڻ کٽ دٻاءَ ۾سوسائٽي ۾ منھنجي ھن نفيس دوست جي دل ڪيتري ھيڪلي ٿي رني ھوندي ڪڏھن سوچيان ٿو ته اياز ۽ اسان سدائين خاموش اکين ۾ پنھنجا الڪا لڪائڻ جي آرزو ڇو ڪئي ڪڏھن سوچيان ٿو ته پوئين سال جنوري جي پڇاڙڪي شام ۾ ان پوڙھي راھب جي مئل ڌيءَ جي ڀرسان اسان مسيع واگر رت ڳاڙڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي ھئي جنھن راھب جو ھتي ان اڪيلي ڌيءَ کان سوا ڪير ڪونه ھو جيڪا خوني بگھڙن جي ھٿان مارجي وئي ڪڏھن سوچيان ٿو ته بيوسي جي مسافري ۾ مارجي ويل ماڻھن جي قبرن جا نشان به ڪٿي ڪونه ملي سگھندا آھن ڪڏھن سوچيان ٿو ته خانه بدوش جوڳي اڪثر رات جي آخري پھر ۾ لڏ پلاڻ ڇو ڪندا آھن ڪڏھن سوچيان ٿو ته ھڪڙي دفعي اياز ۽ آئون ”آڪاش کان اڳتي“ ناول پڙھڻ وقت ڪيتري دير تائين رناھئاسين اڪثر مون ڀري شھر ۾ پاڻ کي صفا اڪيلو تن تنھا پاتو ھو پو آئون بي تحاشا سگريٽن جي دونھين سان دم گُھٽي صبح جا پھريان ڪرڻا ڏسي ٿڪل قدمن سان ڦٽ پاٿ تي ڪريو ھوس تڏھن به اياز مون کي آٿتيو ھو سوچيان ٿو ھٿن جي رحل ۾ منھن رکي اکين کي روئاڙيندڙ ھن ماڻھو زندگي جي اڪيلي راھ ۾ ڪيئن ۽ ڪنھن سان ڏک ونڊيا ھوندا ڪڏھن سوچيان ٿو ته حد کان وڌيڪ حساس ماڻھو اندر ۾ ڪيترو ڀڄندا ۽ ڀرندا آھن پيارن کان پوءِ سڀ رستا ماڻھو لاءِ فوجي ڇانوڻين ۾ بدلجي ويندا آھن جن تي ھلندي ڪڏھن اياز پنھنجي پياري پٽ کي انتھائن منجھان ياد ڪيو ھو جڏھن چھرا نا شناس ۽ اوپرا ٿي ويندا آھن تڏھن محبوبه جو شھر به اذيت گھر جيان لڳندو آھي آئون امرتا پريتم جھڙو رچناڪار ته ڪونه آھيان جو اياز جي ڏک تي مين ڦر آوانگي جھڙو نظم لکي سگھان نه مون وٽ ايترا لفظ آھن جو ً ايک ٿي سارا ً جيان ھن گلاب تي ڪا يادگيرين جي سرمئي ڊائري تحرير ڪري سگھان نه آئون پنھنجي ذھني پيڙاھ کي ”اب تیرے شھر میں مجھے ڈ ھونڈ و‘ً جھڙي ڪتاب ۾ بدلائي ٿو سگھان نه ان ڏک جي رات کي چترا جي آلاپن جو روپ ڏئي ٿو سگھان نه آئون استاد وحيد علي خان وانگر ”ڪيچي قول ڪري ويا ھئي نه ويل وڃڻ جي“ جھڙي وائي ٿو ورنائي سگھان آئون ڪالهه وانگر اڄ به پنھنجي دوست سان سار جي موسمن ۾ اتي ئي ڀنو ڀنو بيٺو آھيان جتي ھن کي تقدير بي ترتيب ۽ بي رنگ ڇڏي وئي آھي ھاڻ اياز کان وڌيل شيو تي ڪير به سوال نٿو ڪري ھاڻ اياز کان ڪير به پنھنجي پسند جي ڪتابن جو نٿو پڇي ھاڻ اياز جي حد کان وڌيڪ مٺي چانھن پيئڻ تي ڪنھن کي به ڪو اعتراض ڪونھي ھاڻ اياز ھائوس فل سينيمائن ۾ گيٽ ڪيپر کان منٿون ڪري ٻه ڊبل ٽڪيٽون وٺڻ ناھي ويندو ھاڻ ھن جي ڊگھين آوارگين سان ڪنھن جو به واسطو ڪونھي ھاڻ ته عرصو ٿيو آھي ھن جي الجھيل وارن کي ڪنھن سلجھايو ڪونھي ھاڻ ته ھو بھار کي پن ڇڻ خزان کي بھار سمجھي ويھندو آھي ڪڏھن ڪڏھن سمنڊ تي ويندو آھي پر حسابن جو ڪچو ماڻھو لھرون ڳڻي ناھي سگھندو ھو چنڊ جي پار ھلي ويو آھي ھتي خدا جي زمين تي الائي ڪيتري گندگي ڦھليل آھي اڳي رڳو نزلي جي ڪري ماڻھن جي نڪ مان ڌپ ايندي ھئي ھاڻ ته سڀني جي سوچن ۾ ڌپ ٿي وئي آھي کلن ڌپ روئڻ ڌپ لکڻ ڌپ ملڻ ڌپ ايتري ڌپ آھي جو ساھ ٻوساٽجي ٿو ھي ديس ھاڻ مٺي ٿلهن چنبن وڏن ڏندن وارن عجيب جانورن جو ديس ٿي ويو آھي ان ڪري سمورا پکي آسمان جي پولارن ڏانھن لڏي وڃي رھيا آھن اپاھچ ڇوڪريون رڳو ان خوف جي ڪري ٻاھر نٿيون نڪرن ته متان کين ڇتا ڪتا کائي وڃن ٻارڙين ٽافيون وٺڻ گھٽ ڪري ڇڏيون آھن گل ويچارا بھار ۾ به اٻاڻڪا ٿا ڀاسن ديس جون شاعرائون اڀين تلوارن جي ھيٺان ترانا لکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون پر فتويٰ پوش غنڊا شاعري کي به ڏنڊا ٻيڙين ۾ جڪڙڻ جي ڪوشش ۾ آھن فنڪارن جي زبانن کي ساڙڻ جا سانڀا ٿين پيا مسجدون ڌنڌ جي لپيٽ ۾ آھن مندر اداس ۽ گرجا جا گھنڊ ايندڙ سمي کان سراپيل ٿاڏسجن غم جي اٿاھ بيگانگي گسن ۾ ستل آھي ڏس اھڙين حالتن ۾ زندهه رھڻ رڳو شاعري جو معجزو آھي ڪا ڪرامت ڪونھي.
اياز امر جو ھي ڪتاب مڪمل نثري نظمن جو ڪتاب آھي نثري نظم جيتوڻيڪ خالص يورپ جي صنف آھي پر ھتي سنڌ ۾ ان صنف تي ايتري محويت سان لکيو ويو آھي جو ھن صنف سنڌي صورت اختيار ڪري ورتي آھي جتي جديد غزل کي پنھنجي زمين سان موزون ڪرڻ جو ڪريڊٽ شيخ اياز ڏانھن وڃي ٿو ائين نثري نظمن جي پيڙھ به جديد آھنگ ترنگ سان شيخ اياز رکي پوءِ ان نثري نظم ۾ موسيقيت ڊاڪٽر آڪاش انصاري وڌائي جو پھريون دفعو اھي ڳائڻ جھڙا ٿيا ان جو مثال آڪاش جو نظم ؛ تون پڇين ٿو پرين مان ھليو ڇو ويس ؛ آھي جيڪو الھڏني خاصخيلي ڪمپوز ڪيو ڪنھن زماني ۾ مصطفي ارباب به بلا جا نثري نظم لکيا اھڙي ريت فراق ھاليپوٽو نثري نظمن جو خوبصورت نالو آھي حسن درس به سھڻا نثري نظم مترنم انداز ۾ لکيا جيڪي ڪنھن به وزن تي ناھن احمد سولنگي اعجاز منگي حسن مجتبي سعيد ميمڻ وغيره به ان صنف جا قابل داد حوالا آھن پر اياز ان صنف سان پنھنجي ڀرپور ۽ منفرد لھجي سان خوب نڀايو آھي اياز جي ھنن نظمن ۾ توڙي جو ڳائجي سگھڻ جيتري موسيقيت ناھي پر منجھن رڌم ۽ نغمگي آھي جيڪا ٻڌندڙن ۽ پڙھندڙن تي ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي پاستر ناڪ جي ناول ڊاڪٽر زواگو جي پوئين باب ۾ آھي ته جڏھن ڊاڪٽر زواگو بس ۾ وڃي رھيو ھو تڏھن ھن پنھنجي محبوبا لارا کي پيهه مان ويندي ڏٺو جيستائين بس بيٺي لارا گم ٿي وئي ۽ زواگو جئين ئي بس مان لھي رھيو ھو ته کيس دل جو دورو پيو ۽ ھو زمين تي ڪري پيو ھن لارا کي ٽن سالن کان پوءِ ڏٺو ھو ان تي مون کي ائنا اختموفا جو ھي نثري نظم ياد آيو ته :
چمن ۾ موسيقي جا سر ناقابل
بيان غم سان لبريز ھيا
برف تي رکيل ٿالھي
ڪالو مڇي سان ڀريل ھئي
ان مان ھڪ تکي ۽ تازي سامونڊي ھوا اچي رھي ھئي
ھن مون کي چيو
مان تنھنجي باوفا دوست آھيان
۽ منھنجي لباس کي ڇھيائين
ھٿن جو ڇھاءُ ھم آغوشي کان
ڪيترو نه مختلف آھي
ائين ئي ته ماڻھو
بُج وارين سيامي ٻلين
۽ پکين کي ڇھندا آھن
ائين ئي ته ماڻھو
سرڪس ۾ سوار ٺاھوڪين
ڇوڪرين کي ڏسندا آھن
اڄ جڏھن پراڻيون رفاقتون وسارڻ جو دور آھي ھي دور جنھن کي آئون سخت بيوفائين جو دور سڏيندو آھيان تڏھن دل چئي ٿي پنھنجي دوست اياز امر کي چوان ته پيارا تون ان دور کي ضرور مڙي ڏسجان جنھن ۾ اسان جي اڻ مڪمل تمنائن جي سڄي تاريخ اڄ به ڪنھن زخمي چيتي جيان چينگھاڙي رھي آھي ۽ جنھن دور ۾ رھيل آھن اسان جي المناڪ اڪيلائين جا دردناڪ داستان جن جي صفحي صفحي تي اسان جو ماضي ڪوراڙ جي ڪکيل ماڻھو جي دل وانگر ڌھلجي رھيو آھي تڏھن تنھنجي تخيل م پھاڙي ندي جو آھنگ پيدا ٿي سگھندو ۽ ماڻھو تنھنجي تخليق مان پنھنجي مرضي جو ماحول جوڙڻ جا جتن ڪندا خبر اٿئي ته جيڪڏھن ماڻھو کي سندس مرضي جو ماحول نٿو ملي ته سندس ماڻھپو مري ختم ٿي ويندو آھي ۽ ھتي اڪثريت انھن انسانن جي آھي جن جون اکيون پنھنجون خواب پرايا آھن جيڪي روح کولي ڪٿي نه روئي سگھن ٿا نه کُلي دل سان کلي سگھن ٿا اتي توکي ڪردار سازي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو توکي انھن ماڻھن سان ملڻو پوندو جن جا جوڀن جلي خاڪ ٿي ويا آھن سندن نڙين تي ننھن ڏئي کين خاموش ڪرايو ويو آھي جيڪي راتين جي رڃ ۾ سُڃ جھڙيون ستم گريون سموئي جيئن ٿا ھي نڪور صبح جھڙو سچ آھي پرين ته پاڻ وحشتن جي اڀي ترار تان اگھاڙن پيرن سان گزاريا ويا آھيون اسان جي پنڌ ۾ ککي جا کارا رکي اسان کي رسوائين جي رڻ ۾ بيھاريو ويو آھي پر اسين ھن درد جي ديوار اڳيان شڪست قبولڻ ڪفر ٿا ڀانيون ان ڪري ھر سمي ويڙھ جا وچن ڦلاري رکيا اٿئون تون آرٽسٽ آھين تنھنجي اکين ان سموري ڪرڀ جي ڪوڙاڻ چکي آھي جنھن ڪرڀ تنھنجي نئين نسل جي نيڻن کان ننڊ کسي انھن ۾ ٻرندڙ اماڙيون رکيون آھن مون تنھنجي شرير آتما کي اداسائي جي ڀاڪر ۾ ائين ڀرندي ڏٺو آھي جئين ڪنھن ڪنواري چيلھه تان ڪريل ڪچو گھڙو ڀڄي ڀور ٿيندو آھي تنھنجي آڱرين ۾ ازل جو ٿڪ آھي تون صحرا جو ھرڻ آھين جنھن کي ڪنھن پلر پالوٽ جي تلاش آھي تون پيڙاھ جا پنڌ ڪيا آھن ان ڪري تنھنجي تحرير جا سمورا رنگ رتو رت آھن ۽ ياد رھي ته اھا لھو جي لالاڻ ئي تخليق جي تاريخ جو حسن ھوندي آھي شل تنھنجي خوابن ۾ شھيدن جي رت جي سرخي رھي ۽ تنھنجي ننڊ ڪڏھن ميري نه ٿئي.
اياز جي نظمن مان اکيون پسائيندي سچ کي ڪنن ۾ اوتيندي مون ائين محسوس ڪيو آھي ته ھي تخليقي سگھه مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ سئين دڳ اچي رھي آھي سنڌي نئين نسل اکيون کوليون آھن ان ادبي اسٽيبلشمنٽ جي خوني چنبن مان سنڌي ادب کي آجو ڪرائڻ جو پڪو پھه ڪري ورتو آھي ان ڪري ان ۾ نت نوان گلاب ڦٽي سڄي وايو منڊل کي مھڪائي رھيا آھن اھو وقت پري ناھي جڏھن سنڌي شاعري اياز وانگر ڦلڙيون ڦلڙيون ڏات ٿي ويندي سھين سھين سانگ ٿيندا ان آئيندي جي عظمت جا گس ۽ گھيڙ اياز امر جي شاعري ۾ ھندين ماڳين ملندا بشرط ڪه اسين پنھنجي اکين تان انڌ جي عينڪ لاھي ڏسون اسين پنھنجي ذاتي انائن جي قئنچي سان فنڪار جي فن ۽ فڪر جا ريشمي تاڪيا ڪاٽي ڇڏيندا آھيون ان ڪري اسان وٽ ھڪڙي ادبي مافيا اياز امر جھڙن باک جي ڪنوارن ڪرڻن جھڙن شاعرن جو انڪار ڪندي آئي آھي پر ھر جينيس سان ان جي دور ۾ ائين ٿيندو آھي ھڪڙا مٿس تھمتون ھڻندا آھن ٻين کي وڻندو ناھي سي وسارڻ جي ڪوشش ڪندا اٿس ٽيان وري جھلون ڪندا جلندا اٿس پر جي آرٽسٽ جي ڪم ۾ فولادي جذبات ۽ خيالات جي فراواني ھوندي آھي ته ھو ان سڄي اسٽيٽسڪو جو مقابلو ڪري اڳتي نڪري ويندو آھي ۽ ان جي تيز رفتار پيرن مان اٿندڙ ڌوڙ پويان بيٺل سمورن ڪوتاھ نظرن جي اکين ۾ گھڙي ويندي آھي پو اھي پنھنجي تاريخ سان نيڻ ملائي مرڪي به ناھن سگھندا اياز دؤرِ حاضر جو اڇوتو آواز آھي مسلسل وڇوئن جي ڏنگڻ باوجود ھو اسٿر پھاڙ لڳو بيٺو آھي اھا اڏولتا کيس ايندڙ سنڌ ۾ به صديون جيئرو ۽ جاويد رکندي ھن ڪلاسڪ ۽ جدت جي روايتن کي گڏي جيڪا مڌ چڪائي آھي ان جا ڪيف ۽ سرور سنڌ جا ساڃاھ وند نوجوان پنھنجي تيز حواسن سان محسوس ڪري رھيا آھن سنڌ اڄ به شاعري جي جديد فن سان سرشار دنيا جي سگھارين قومن سان ڪلھو ملايو بيٺي آھي سينئر ٽھي کي ڇڏي ڪري نئين نسل جي شاعرن جي به ھڪ ڊگھي قطار پنھنجو زبردست ڪم ڪري رھي آھي حسن درس پنھجي رومانوي ۽ احساساتي ڪلام جي صورت ۾ ھر وقت ٻيا ڪيئي نوجوان ھن مھل جديد شاعري جي ميدان جا شھسوار آھن اھڙي اھڙي ريت اياز جو وري جدا انداز اظھار ۽ پنھنجو ڊڪشن آھي جنھن سنڌي شاعري کي مور جا پر ڏنا آھن اسان کي ذاتي گروھي اختلافن کان مٿي ٿي ادبي ايمانداري جو مظاھرو ڪرڻ کپي تڏھن ئي ھي نمبر گيم ڄنڊاپٽ ۽ دشمني جو خاتمو ايندو فنڪار ڀلي ڪيڏو وڏو ھجي پر ذاتي ڪردار اخلاق ڪمينمينٽ يا اعليٰ ڳڻ نه ھوندس ته سماج کيس قبول ڪونه ڪندو اياز طور به ڀلو ماڻھو پنھنجي روايتن جو امين تڏي منھه وارو خوش اخلاق دور انديش دشمن جو به خير گھرندڙ شخص آھي سنڌ جو شعور ۽ قومي تحريڪ کيس پنھنجو حصو ۽ اثاثو سمجھي ساڻس پيار ڪيو آھي ۽ ھو به برملا پنھنجي حقيقي اسڪول آف ٿاٽ ڏانھن پنھنجي جوابداري تسليم ڪري ٿو ان ڪري سندس فن ۽ خدمتن جو اعتراف ڪرڻ ھن وقت سان انصاف جي مترادف آھي پر خدا شل اھا ساڃاھ سڀني کي ڏي جيڪي پاڻ کي ادب جو پوپ پال جان سمجھيو ويٺا آھن اسين سيد جا پوئلڳ ته گھٽ ۾ گھٽ انھن پوپن مان بيزار آھيون اسين پنھنجي فنڪارن جي فني مھانتا کي الٽي اک سان ڏسون ٿا ڀلا اياز امر جو ھي نظم تاريخ ڪٿي رکندي فيصلو پڙھندڙ ڪن.
مونکي سيڙهيءَ تي چڙهڻ ناهي ايندو..!
مونکي سيڙهيءَ تي چڙهڻ ناهي ايندو
سيڙهي جيڪا ماڻھوءَ کي
زمين کان مٿي کڻي ويندي آهي
سيڙهي جيڪا
آسمان ڏانھن اُڀي رکيل هوندي آهي
مون جڏھن به
سيڙهيءَ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
ته منھنجي ماءُ
مونکي قميض جي پوئين پاند مان ڇڪي
هيٺ لاهي وٺندي آ
۽ آئون چڙهيل ٻن ڏاڪن کان واپس
پٽ تي ڪري پوندو آهيان
سيڙهيءَ تان ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا آهن
بابا جي حاثي
امان جي اکين ۾ خوف ڀري ڇڏيو آهي
امان جيڪا هاڻ مونکي
سيڙهيءَ جي آخري ڏاڪي تائين پڄڻ ئي نٿي ڏي
ڪاٺ جا ڪوازا ٻڌي
وڏيون جايون ٺاهيندڙ ماڻھو
آخر امان کي ٿو نٿا نظر اچن
ڇا اُنھن جون مائرون مري ويون آهن ...!؟
جو اُنھن کي سيڙهيءَ تي چڙهڻ کان روڪين نٿيون
هو جيڪي سيڙهين تي چڙهي
سج کي سامھون ڏسي رهيا آهن
سيڙهي جيڪا آسمان ڏانھن اُڀي رکيل آهي
آئون به امان جي مري وڃڻ کانپوءِ
سيڙهي رکي آسمان تي چڙهي ويندس
۽ وري ڪڏهن به هيٺ نه لھندس
اياز جا ھن ڪتاب ۾ شامل نظم پڙھڻ کان پوءِ مون کي شدت سان عرب باغي شاعر محمود درويش ياد آيو آھي ڇو ته محمود ۽ اياز جي مٽي ڀلي الڳ ھجي پر سندن درد ساڳيو آھي ٻئي لٽيل قافلن جا مسافر آھن محمود وٽ صحرا عرب جي سنگريز راھن جو غم ھو اياز وٽ به پنھنجي زمين جو ڏک آھي سنڌي شاعري جي ھڪ وڏي خاصيت آھي ته اھا سموري دنيا جي وڇوڙن وارداتن ۽ ستم گرين ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھي آھي ڪالھه حسن درس، ايران جي خانم گگوش جي نالي نظم ڪيو ھو اڃ اياز امر ايرانڻ ريحانا الجباري جي سوڳواري کي نظم جو ڪفن اوڍايو آھي
رت جنھن جو نئون نالو ريحانا الجباري آهي ...!
ميوزم ۾ رکيل تلوار مان رت ڳڙي رهيو آهي
جُبن ۾ ويڙهيل مُلڪ جا ملائڪ
فتوائن جا ڪتاب پڙهي رهيا آهن
ماڻھو جيڪو هاڻ پنھنجن هٿن سان
زهر پيئڻ جي به قابل ناهي رهيو
انگريزن جي قبضي وقت ھڪ افغان ڇوڪريءَ پنهنجو رئو ڪنهن ڪاٺيءَ تي ويڙهي هڪ شعر پڙهيو هو، اُن ڇوڪريءَ جو نالو ملالا هو، ۽ اُهو شعر هي هو:
افغانستان جون مائرون!
توهان ڪڏهن،
اهڙا بزدل پُٽ ڄڻڻ شروع ڪيا آهن.
جن جي ڌرتين تي قبضو ٿي ويو آهي،
پر هو اڃا تائين اسان جي طرف ڏسن ٿا
شاعري جئين ته شعلو به آھي شاور به آھي ماني لاءِ روئندڙ ٻار جي اذيت به آھي ته مقتل ۾ ڪٺل سپاھي جي وني جو خط به آھي اياز جو ھي نظم کنيو اٿم
وڪرو ٿيندڙ نظم
آئون جڏهن به
شاعريءَ جي منڊيءَ ۾
پنھنجا نظم وڪرو ڪرڻ ويندو آهيان
ته سڀ کان پھرين
توتي ئي لکيل منھنجا نظم
بنا واڪ جي ئي وڪرو ٿي ويندا آهن
نظمن جي پگھر جي پئسن مان
آئون ڪچو گھر به ناهيان ٺاهرائي سگھيو
منھنجا نظم
روز طوائفن جيان وڪرو ٿين ٿا
منهنجا نظم
جن وٽ پنھنجو گھر به ناهي
اياز جي سڄي شاعري واقعاتي آھي لينن چيو ھو ته پروپيگنڊا تاريخ ۽ جماليات گڏجي وڃن ته خوبصورت شاعري جنم وٺي ٿي ٿرڊ انٽرنيشنل ۾ اھي ٽئي شيون موجود آھن اياز امر جي شاعري ۾ به جماليات آھي تاريخ آھي ۽ پروپيگنڊا آھي ھن جا نظم ڪاٺير جي ڪيفيت جا ترجمان آھن جيڪو پيٽ جي بک خاطر جون جي ٻپھري ۾ ديوين جا ٽار وڍي وڪڻي ٿو اياز جا نظم سفاڪ سماج جي ھٿان عصمت پامال ڪندڙ نياڻي جي جسم جي تڪليف جي شدت به آھن اياز جا نظم بارش ۾ ڀاڪر ڀري ستل جوڙي جي رومانويت جا عڪاس به آھن ڇو ته بحرحال شاعر وٽ اھي سڀ شيون ھجڻ کپن اياز جو هي نظم
ماڻھو اڪثر توکي منھنجي شاعريءَ ۾ ڳولھي وٺندا آهن...!
ماڻھو اڪثر توکي
منھنجي شاعريءَ ۾ ڳولھڻ ايندا آهن
آئون جيڪو توکي
پنھنجي اکين ۾ لڪائي به نٿو سگھان
ھن قسم جا انيڪ نظم اياز جي ھن ڪتاب ۾ آھن جن جي ڪيفيت ڊاڪٽر زواگو جي ھارٽ اٽيڪ ۽ ائنا اخمتوفا جي نظمن جھڙي آھي جيڪڏھن اياز جا اھي نظم اقوام متحده کي موڪليا وڃن ته اھا جنگ ڪندڙ ملڪن کي موڪلي ته ھوند امن جون فاختائون ائين بمن جي گوڙ ۾ مارجي نه وڃن ھونءِ به ھٿن ۾ وزني بم جھلڻ کان ڪنھن خوبصورت عورت جا ارھ جھلڻ وڌيڪ بھتر آھي.
تنھنجو ھي ڪتاب تنھنجي ازلي تنھائين جو دستاويز آھي تنھنجا ھي نظم ڀلي کڻي ڪنھن سلطنت جي آئين جو حصو نه ٿين پر يقين ڪر ھي نظم ڪيترين ئي دوشيزائن جي دل جي ڌڙڪڻ ضرور ٿيندا
نواز شاھه ڀاڏائي