سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي ڊائريءَ جي ورقن ۽ نثري نظمن تي مشتمل ڪتاب ”سر لوھيڙا ڳڀيا“ اوھان اڳيان پيش آھي.
شيخ اياز لکي ٿو تہ مون ھي ڪتاب جيڪو ڇھن ڊائرين تي مشتمل آھي، سخت بيماريءَ ۾ رات جو اٿي ٻي بجي کان پنجين وڳي صبح تائين لکيو ھو، پر اشاعت لاءِ مون ان کي ٻن حصن ۾ ورھايو آھي. منھنجي ھن ڪتاب ۾ آرٽ، فلسفي، سياست، عشق، دوستي، انساني نفسيات، منھنجي ذاتي تجربي جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالھيون لکيل آھن.
ھي ڪتاب 1993ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي