سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاريءَ جي نوٽبڪ يا ڊائريءَ جي ورقن تي مشتمل ڪتاب ”مان اڪيلو اواڪ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هي ڪتاب هڪ منفرد ڪتاب آ جنهن ۾ اخلاق انصاري پنهنجي ماضيءَ جي ڪجهه وکريل يادن کي هڪ هنڌ سھيڙيو آ. اُهي يادون نہ صرف هڪ ليکڪ جون يادو آهن پر انهن يادن ۾ ان دور جو سياسي ۽ سماجي عڪس بہ چِٽيل نظر اچي ٿو. ايئن کڻي چئون تہ هي ڪتاب تاريخ ڏانھن هڪڙي دري کولي ٿو جنھن مان اسين ڏسي سگهون ٿا اخلاق جي شاگرديءَ وارو زمانو. ان وقت سنڌ ورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جي سياسي سماجي سرگرميون ۽ ان سان گڏوگڏ انھن شاگردن جي سياسي سماجي ذهني ۽ دلي ڪيفيتن کي پڻ هن ڪتاب مان پروڙي سگهجي ٿو.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون اخلاق انصاريءَ ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ سعيد سومري جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي