شاعري

ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون

ھن ڪتاب ۾ شامل نظمن کي نظمن واري صنف ۾ معراج سان ڀيٽي سگهجي ٿو. شيخ اياز جي اها lyrical  شاعري اصل ۾ نظمن واري صنف ۾ اياز جي سڀ کان مٿاهين چوٽي هئي ۽ اياز جا انهيءَ مجموعي ۾ سمورا نظم اندروني ترنم جو شاهڪار نمونو آهن. حالانڪ اياز جا نظم اڳ بہ بينظير آهن ۽ ”چنڊ چنبيلي ول“، ”رڻ تي رم جهم“ ، ”وڄون وسڻ آيون“ ۾ لازوال نظم آهن

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي نظمن جو مجموعو ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل نظمن کي نظمن واري صنف ۾ معراج سان ڀيٽي سگهجي ٿو. شيخ اياز جي اها lyrical  شاعري اصل ۾ نظمن واري صنف ۾ اياز جي سڀ کان مٿاهين چوٽي هئي ۽ اياز جا انهيءَ مجموعي ۾ سمورا نظم اندروني ترنم جو شاهڪار نمونو آهن. حالانڪ اياز جا نظم اڳ بہ بينظير آهن ۽”چنڊ چنبيلي ول“، ”رڻ تي رم جهم“، ”وڄون وسڻ آيون“ ۾ لازوال نظم آهن.
ھي ڪتاب 1993ع ۾ مڪتبہ دانيال، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي