شاعري

سمونڊ ٿو مونکي سڏي

ايوب گل پنھنجي پنجڪڙي ۾ جيڪا شاعراڻي فضا جوڙي ٿو اھا غزل جي ڏاڍو قريب آھي. ايوب گل پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي تخليقي استعمال لاءِ لفظن ۾ لڪل تخليقي امڪانن کي پروڙي ٿو وٺي ۽ ٻوليءَ جو اھڙو تہ دلڪش استعمال ٿو ڪري جو سندس شاعري سنڌي قوم جي اجتماعي احساسن جو آواز بڻجي پوي ٿي.

  • 4.5/5.0
  • 44
  • 37
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ايوب گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سمونڊ ٿو مونکي سڏي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر خوبصورت شاعر، ڊراما نگار ۽ ليکڪ ايوب گُل جي پنجڪڙن تي مشتمل شاعريءَ جو ڪتاب ”سمونڊ ٿو مونکي سڏي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھن ڪتاب جي ترتيب عزيز راج ڪئي آھي. 
سعيد ميمڻ لکي ٿو تہ ”ايوب گل پنھنجي پنجڪڙي ۾ جيڪا شاعراڻي فضا جوڙي ٿو اھا غزل جي ڏاڍو قريب آھي. جيئن غزل جو واسطو خارجيت سان گهٽ پر شاعر جي داخليت سان وڌيڪ ھوندو آھي. شاعر منظرڪشي ڪرڻ بجاءِ ان ڪيفيت جي بيان تي گهڻو زور ڏيندو آھي جيڪا ڪيفيت ڪنھن سھڻي منظر کي ڏسي شاعر جي مَن تي طاري ٿيندي آھي. ايوب گل پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي تخليقي استعمال لاءِ لفظن ۾ لڪل تخليقي امڪانن کي پروڙي ٿو وٺي ۽ ٻوليءَ جو اھڙو تہ دلڪش استعمال ٿو ڪري جو سندس شاعري سنڌي قوم جي اجتماعي احساسن جو آواز بڻجي پوي ٿي.“
ھي ڪتاب 2012ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ڪرزمہ ويب جي ٿورن سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي