سُڪو سنڌو ڪنارا رُنا
ٽنڊي باگي سان تعلق رکندڙ صحافي ۽ ليکڪ عثمان راهوڪڙي جو لکيل ڪتاب ”سُڪو سنڌو ڪنارا رُنا“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. هن ڪتاب ۾ عشقيه قصا به آهن ته ماڳ مڪانن تي لکيل مضمون به شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪجهه لازوال ڪردارن جو ذڪر به آهي ته ڪجهه تاريخي ۽ تحقيقي مضمون پڻ شامل آهن. ھن ڪتاب ۾ عثمان رھوڪڙي جي شاعري پڻ شامل آھي.