سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن مجموعي ۾ ٻہ منظوم ڊراما، جن کي مغربي ادب ۾ اوپيرا (opera) سڏجي ٿو ”دودي سومري جو موت“ ۽ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“، 19 وايون ۽ گيت، 37 غزل ۽ 18 نظم آيل آهن.
محمد ابراھيم جويو لکي ٿو تہ ”هن مجموعي جي سڄي شعر ۾ اياز سوين نوان قافيا استعمال ڪيا آهن، جي هُن اڳ ڪڏهن بہ ڪم نہ آندا آهن. اياز پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ڪتابي ٻوليءَ مان ڪڍي ۽ عوامي ٻوليءَ سان مالامال ڪري، ان کي ايڏي وسعت ۽ تازگي ڏني آهي، جو سنڌي شاعري سمورا بند ڀڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳتي وڌي آهي، ۽ اُن مان نوان لفظ، نيون ترڪيبون ۽ نوان قافيا هاڻي کُٽڻا ئي نہ آهن ۽ ان جي فڪر ۽ جذبي جي اجهل پالوٽ هاڻي بيهڻي ئي نہ آهي. شايد ئي ڪنهن شاعر پنهنجي شعر ۾ فن ۽ انقلاب ٻنھي کي ايترو هڪ وقت اُڀاريو ۽ اُجاگر ڪيو هجي، جيترو اياز ڪيو آهي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1970ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1987ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي