لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ  ۽ اوسر  بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، بيدل (قادر بخش بيدل)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 32
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر“ اوهان اڳيان حاضر آهي. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ سال 2020ع ۾ ايم أي MA سنڌيءَ جي لاءِ لکيل ھي تحقيقي مونوگراف نازش نور سومرو جو لکيل آھي.
ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ ۽ اوسر بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، . بيدل (قادر بخش بيدلؒ)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.
ٿورائتا آهيون ادي نازش نور سومرو جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

 محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
 سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

 sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

اهلبيت جي فدائي .....!
محترم انجينئر سيد عبدالحسين موسوي جي نانءُ

پنهنجي پاران

سونهاري سنڌ ۾ ڪيترائي دانشور، اديب، شاعر ۽ نالي وارا عالم ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي قول، فعل ساڃاهه ۽ ڌڻي سائين جي حمد واري شاعري ذريعي نه رڳو سنڌ پر پوري عالم انسانيت کي فيض رسايو آهي. انهن منجهان حضرت سچل سر مست به هڪ اهڙو عارف ڪامل صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي جنهن جو سمورو ڪلام انسان ذات جي ڀلائيءَ جي پيغام تي ٻڌل آهي.
ابتدائي طور سچل سائين جي ڪلام جي سهيڙڻ جو ڪم سچل سائين جي وفات کان پوءِ اٽڪل 55_56 سالن کان پوءِ 1883ع کان شروع ٿيو جيڪو مرزا علي قلي بيگ محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ هڪ ضخيم رسالي ”رسالو ميان سچل فقير جو“ جي نالي سان ٻن حصن ۾ شايع ڪرايو. ان ڪتاب جي مقدمي ۾ مرزا صاحب ٽن مرثين جو ذڪر ڪيو پر رسالي ۾ ڪو به مرثيو شامل نه ڪيو آهي. . . . سچل سائين جو سمورو ڪلام تمام گهڻن محققن شايع ڪرايو پر سچل سائين جي مرثين بابت خاموشي اختيار ڪئي وئي. شايد ان جو سبب سچل سائين جي نسبت فاروقي هجڻ آهي جنهن سبب مرثيي تي ڪو خاص ڪارائتو ڪم نه ٿيو آهي.
سچل سائين سان عقيدت رکندڙ محترم محمد علي حداد پنهنجي ٿيسز ۾ سچل سائين جي مرثيي بابت گفتگو ڪئي آهي ان بعد 2014ع ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاري پنهنجي ڪتاب ”سچل سرمست جو مرثيو شايع ڪرايو ان ۾ ڊاڪٽر صاحب سچل سائين جو هڪ مرثيو شامل ڪيو آهي جنهن جا 109 بند آهن پران ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاري سچل سائين جو ٻيو شامل ڇو ڪو نه ڪيو؟ سچل سائين جو ٻيو مرثيو جيڪو محترم اختر درگاهي پنهنجي ڪتاب ”سچل سائين ۽ درازي فيض“ ۾ مقالي جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي جيڪو سچل چيئر (خيرپور) پاران شايع ٿيو.
سچل سائين جي مرثين بابت ڪم اڃا تحقيق طلب آهي، اميد ته اهڙا ٻيا گهڻا مرثياگو شاعر هوندا جن جو رثائي ڪلام ڪنهن بياض يا قلمي نسخي ۾ قيد هوندو. سچل سائين جي ٻنن مرثين ۽ سندس دور جي ڪجهه همعصر مرثياگو شاعرن جو ذڪر مان پنهنجي مونوگراف ۾ ڪيو آهي.
محترم سائين انجينئر عبدالحسين موسوي صاحب روهڙي جي عزاداري بابت پنهنجي تحقيقي ڪتاب ”روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون“ ۾ ص نمبر 170 تي سچل سائين ۽ سيد ثابت علي شاهه جي همعصر شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي جهڙوڪ؛ سيد عظيم الدين ٺٽوي، مير منور علي، مهر علي “علوي”، ميرزا مراد علي بيگ ”سائل“ ۽ ننڍن معامرن مان سيد همت علي شاهه رضوي مهدوي، سيد مشرف علي شاهه رضوي مهدوي ۽ لکيو آهي ته سائين سچل جي دور ۾سنڌ جي ڪيترن ئي برک ناميارن شاعرن مرثيي تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
رثائي ادب ۾ گهڻن قسمن جي شاعري جو شمار ٿئي ٿو اثاثي شاعري ۽ عروضي شاعري مطابق ڪيڏاري جا دوها، مرثيا، سلام، زاري ۽ اوسارن جا تمام گهڻا شاعر ملن ٿا جن انهن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. . . .
مان ٿورائتي آهيان سنڌي شعبي جي محترم استادن جي جن منهنجي مونوگراف لکڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي. ان سان گڏوگڏ محترم انجينئر عبدالحسين موسوي ۽ محترم نوشاد علي جعفري جي پڻ دلي شڪر گزار آهيان جن پنهنجي هر قدم تي رهنمائي ڪئي. . . . .

آءُ درازا هـل . . . .
تــنـهـنـجــا ســارا مـولـوي
منهنجو هڪ سچل. . . !!!

(شيخ اياز)


نازش نور سومرو
ايم اي سنڌي
۱۰ رجب المرجب
۱۴۴۲هه

ليکڪ جو تعارف

ھوءِ جنھن جي دل درازا آھي، جنھن جي رت ۾ سچل جو مرثيو آھي، ھوءِ جنھن جي پيرن جا نشان لطيف يونيورسٽي سنڌي شعبي مان لڀن ٿا، ھوءِ ريشمي وارن واري ڇوڪريءِ جنھن جو قد پورو آھي، ۽ طبيعت م زلزلو، ھوءِ جيڪا بک کان وڌيڪ ماڻھن جي احساسن کي محسوس ڪندي آھي، دل جي سدا بھار ڇوڪريءَ جنھن جي خوابن جون پاڙون ڊگھيون آھن، ھن جڏھن لطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ پير رکيو ھيو، مونکي سنڌي لھجي کان وڌيڪ اردو لھجي جي لڳندي ھئي، جنھن جي اکيون تنھا ھيون، جنھن جي دل تنھا ھئي، جنھن جا پير تنھا ھيا، ھوءِ سڄي پنھنجو پاڻ ھوندي به، پاڇي کان به تنھا ھئي، ان وٽ خواب ھيو، اھو خواب جيڪو ھن جي ھمت بڻيو، ھوءِ جنھن پڪو پھ ڪيو ته ”سھڻي يار دي گھڙولي ڀردي ھان“ سچل جي مرثيي تي مقالو لکڻو آھي، جنھن سکر جي سوڙھين گھٽين م ڊگھا پنڌ ڪيا، جنھن ننڍپڻ کان ئي معصوم شاھ مناري تي درياءِ بادشاھ کي پنھنجي اکين سان وھندي ڏٺو آھي، ھن لطيف يونيورسٽي جي گلن کي خوشين ۾ لڏندي ڏٺو آھي، ھن ڏٺو آھي ته ڪنھن جي دل دوزخ، ڪنھن جي جنت آھي، ڇوڪرين جي اکين کي ورسٽي جي رستن تي ساوڻ جيان وسندي ڏٺو آھي ته ڪنھن جي ٽھڪن کي يونيورسٽي جي ديوارن ۾ جذب ٿيندي ڏٺو آھي، ھوءِ جنھن مشاھدا ڪيا آھن، ھوءَ جيڪا منھنجي وڏي ڀيڻ، آئون ان جو ننڍو ڀاء آھيان، منھنجي ھن سان شناسائي مشڪي رنگ، دل جي اڇي کير جھڙي دوست وقار ذريعي ٿي، جڏھن ھوءِ اڃا تنھا ھئي، پر ان جي کاٻي پاسي ھڪڙي دوست ھئي، اھا جيڪا ان جي ڏک، سک سان گڏ ڳوڙھن، ٽھڪن سان به ڀائيوار ھئي، ان جي اک ڦتڪندي ھئي جڏھن ان جي دوست ڪلاس ۾ نه ايندي ھئي، ھوءَ انھيءَ اولڊ ڪينٽين تي وڃڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيندي ھئي، سنڌي شعبي جي سيڙھين تي بينڪ واري پاسي ڏانھن اداس ويھي رھندي ھئي، جيتري طبيعت ۾ زلزلو آھي، اوتري ئي رشتن جي معاملن م سيريس رھندي ھئي، ھوءِ جنھن جي دل ”کل جا سم سم“ جو خزانو آھي، ھن صرف اخلاق سچائي، محبت، کي پاليو آھي، ھوءِ ڪوڙ سان نفرت ڪندي آھي ايتري نفرت جيئن جنگجو عورتون ھار سينگار کان نفرت ڪنديون ھيون، ھوءِ دل جي دلير آھي، ھوءَ مردن جيان اکيون اکين سان ملائي ڳالھائي سگھي ٿي، ھوءِ دودي جي خاندان مان آھي، مون اھو به ڏٺو آھي ته ڇوڪريون پنھنجا ڳوڙھا پنبڻين ۾ سنڀالي رکنديون آھن، استاد جي ٿورڙي ڌڙڪي تي الوٽ ٿي وھائي ڇڏينديون آھن، پر ھي ڇوڪري اولڊ ڪينٽين تي ويٺل ناليوارن ڪامريڊن جو بولتيون بند ڪري چڪي آھي، شايد ھي ڪنھن زماني ۾ عورتن جي سپھ سالار ھئي، مون چار سالن ۾ يونيورسٽي ۾ اھڙي بيباڪ دلير جنگجو پڙھاڪو ڇوڪري ناھي ڏٺي، مون پھرين ڇوڪري ھيءَ ڏٺي ھئي، جنھن جي کاٻي پاسي ۾ شينھن جھڙي دل ھئي، ڪجھ ڏينھن پھرين ميسج ڪري ان چيو ته منھنجي مقالي جي تعارف ۾ منھنجي باري ۾ توکي لکڻو آھي، پر ڇا لکڻو آھي، اھو سوچي وايون بتال ٿي ويون، مون سوچيو جنھن سچل جي مرثيي تي مقالو کنيو آھي انھيءَ تي لکڻ به ضروري آھي، آئون ء منھنجو سچل، جنھن جي بيتن مون کي موھيو آھي.

نڪي شيخ مشائخ يارو ـ نڪي مخدوم ٿياسين
نڪي ملان نڪي قاضي ـ نڪي معلم پير بڻياسين
نڪي ٺاھ ٺڳي جا ٺاھي ـ رنگ ساڻ رکياسين
سچل سوا عشق "الله" جي ڪو به ھنر نه سکياسين
”سچل سرمست“


اشفاق ٽانوري

باب پهريون

---

سچل سرمست

فاروقي خاندان جو چشم و چراغ ميان عبدالوهاب عرف سچيڏنو سچل سائين سنڌ جي خيرپور رياست جي شهر درازا ۾1152هه بمطابق 1739ع ۾ڄائو.

1. سچل سائين جو شجرو
”مولوي حافظ عبدالوهاب "سچل" بن ميان صلاح الدين بن ميان محمد حافظ عرف صاحبڏنو بن مخدوم عبدالوهاب بن مخدوم محمد حافظ بن مخدوم بن مخدوم عبدالوهاب بن مخدوم شرف الدين بن مخدوم موسي بن حافظ علم الدين بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم سليمان بن مخدوم خواجه ابو سعيد بن مخدوم نورالدين بن مخدوم محمود بن ابوالفتح بن محمد اسماعيل بن محمد يوسف بن سليمان بن احمد بن برهان الدينبن عبدالعزيز بن عبدالوهاب بن عبدالمطلب بن برهان الدين بن احمد بن عبدالله بن يونس بن محمد بن شيخ اسحاق بن شيخ عبدالطيف بن محمد باقر بن محمد بن شهاب الدين بن عبدالعزيز بن عبدالله بن عمر بن الخطاب فاروقؓ سان وڃي ملي ٿو تنهن ڪري سندس فاروقي خاندان جي لقب نالي سان سڏيو ويندو آهي. . . . . . “(1)

2. سچل سرمست جو ننڊپڻ ۽ ابتدائي تعليم

2. سچل سرمست جو ننڊپڻ ۽ ابتدائي تعليم
سچل سائين جي ننڊپڻ ۾ ئي سندس والد ميان صلاح الدين گذاري ويو ان وقت سچل سائين جي ڄمار فقط ڇهه سال هئي ان بعد پرورش سندس چاچي خواجه عبدالحق جي بحر معرفت ٿي، قرآن شريف جي تعليم حافظ عبدالله قريشي صديقي کان حاصل ڪيائون، قرآن شريف حفظ ڪرڻ کانپوء فارسي جي تعليم چاچي خواجه عبدالحق کان حاصل ڪيائون.

3. سچل سرمست جي شخصيت
سچل سرمست جنون ۽ سرمستي جو خالق هو مٿس نينهن جو نشو غالب رهندو هو جنهن ڪري هو ڪيف جي حالت ۾ عروج تي پهچي اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جن تي اختلاف ۽ اعتراض ٿيندو هو. سچل سائين شريعت جو وڏو عالم هو، عالم انسانيت جو وڏو مبلغ هو، انساني مساوات جو انتهائي قائل هو ۽ ذاتي توڻي ڪنهن انساني مڌ ڀيد کان بيزار هوندو هو. سچل سائين شريعت جي باريڪين کان بخوبي واقف هو، مٿس تصوف جو وڏو اثر هو، هو صوفي بزرگن جو عاشق ۽ سنائي جو به وڏو مداح هو.
”هفت زبان شاعر هجڻ سان گڏ، سچل ئي غالبا پاڪستان جو سڀ کان بسيارگو شاعر آهي، سندس ڪلام گهٽ ۾ گهٽ 9 لک 36 هزار 6 سو 36 شعرن تي مشتمل آهي، سندن ڪلام ۾بيتن، واين، غزلن، مثنوين، سي حرفين، مرثين، مدح ۽ جهولڻا شامل آهن.“...(2) (جن مان موضوع مطابق مرثيي جوذڪر اڳتي ڪيو ويندو.)
سچل سائين جو فلسفو، انسان جي قديمي جستجو جو نچوڙ آهي. سچل سرمست رح، صغيري کان وٺي عمر جي آخر تائين ڪنهن دنياوي لوڀ، لالچ ۽ زندگي جي آسائش جا متلاشي نه رهيا ۽ جستجو ۽ فڪر جي گهرائن ۾غوطه زن رهيا.. سچل سرمست جواني جي ڏينهن ۾ به نماز جا پورا پابند رهيا. سندن شخصيت ۾ سادگي ۽ وقار جا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا. سچل سائين جو سمورو ڪلام سڪ، سوز، دلگدازي، انتظار، بيقراري، جوش، جولان، موج مستي، حيرت، عبرت، جستجو، حقيقت ۽ معرفت جي فلسفي سان سرشار آهي.

4. سچل سرمست جي وفات
سچل سائين گهڻيءَ رياضت جي باوجود آخري عمر تائين نهايت تندرست رهيو. پڇاڙيءَ ۾ خلوت نشيني اختيارڪيائون. اهڙيءَ طرح آخرڪار 14 رمضان المبارڪ سنه 1442 هجريءَ (1829ع) ۾ وفات پاتائين. سچل سرمست جي وفات وقت عمر 90 سال ھئي پاڻ پنهنجي ڏاڏي خواجه محمد حافظ، پنهنجي مرشد چاچي خواجه عبدالحق ۽ سخي ميان قبول محمد سان گڏ هڪ ئي مقبري هيٺان مدفن آهن. ”هي مقبرو رياست خيرپور جي واليءَ مير رستم خان ٺهرايو. تنهن کان پوءِ سخي ميان قبول محمد جي ڏينهن ۾ گنبد تي نيل ۽ چئن ئي ڪنڊن تي نيلون ۽ ڪاشيءَ جو سمورو ڪم سردار محمد بخش جي اهتمام سان ٿيو.“..(3)

سچل سرمست جو مرثيو

سچل سرمست جي مرثين جو تعداد

جڳ مشهور . . . . . . يا ام المسلمين . . . وارو مرثيو 109 بندن تي مشتمل آهي.

مرثين جو قلمي بياض
”هن جو مرتب ۽ ڪاتب فقير محمد موسي آهي جيڪو سخي قبول محمد دوئم جو مريد هو. (مرثين جو هي بياض فقير صاحب 8 ذوالحج 1316 هه، 1899ع تي لکي مڪمل ڪيو. ان بياض ۾ ڪيترن ٻين شاعرن جي مرثين سان گڏ سچل سائين جو يا امام المسلمين. . . . وارو مرثيو ۽ ڪيڏاري جا مسلسل دوها شامل آهن) جن کي به مرثيو لکيو ويو آهي“ ...(4)

سچل سرمست جي ڪلام جو بياض (قلمي)
”هن بياض ۾ سچل سائين جو ڪلام سندن وڏي طالب نانڪ يوسف جي خليفي فقير غلام حيدر شر گودڙيي جو جمع ڪيل آهي، زباني روايتن موجب کيس سچل سائين جو مرثيو نانڪ يوسف وٽان مليو. هن بياض جي فقير عبدالرحيم عابد شر ولد استاد نبي بخش ولد فقير خداداد خان ولد فقير غلام حيدر گودڙيي نيئن سر مرتب ڪري ڪتابت ڪئي.
سچل سائين جي ڪلام جي بياض مان سائين جو مرثيو فقير محسن علي شر محسن 19 جون 2012ع تي الڳ سان اتاريو.
سچل سائين جا ٻه مرثيا، قنبر علي شاھ (سکر واري)جي بياض سنڌي مرثين جو (ڀاڱو 3 ) ۾ ڏنل آهن.(5)

سچل سائين جي مرثيي جو جائزو
سچل سرمست جو مرثيو جيڪو 109 بندن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ امام حسينؑ جي ولادت باسعادت کان سندن شهادت تائين جا مختلف واقعا آندل آهن، جن ۾ سلاست، رواني، جذبات نگاري، منظرنگاري کان ويندي ٻولي جي سادگي جو حسن موجود آهي.
محمد علي حداد، پنهنجي ايم اي (سنڌي) جي مونوگراف ۾ لکي ٿو؛
”سچل سرمست جتي ٻين صنفن جو موجد آهي، اتي سنڌي مرثيي جي ميدان ۾ به کيس پيشوائيءَ جي سعادت حاصل آهي.
پروفيسر عطا محمد حاميءَ پنهنجي ڪتاب ”منصور ثاني سچل سرمست“ جي تحقيقي مقدمي ۾ سندس مرثيه گوئيءَ بابت لکي ٿو ته، مرثيي جي ميدان ۾ سچل سائين، سنڌ جو پهريون شاعر آهي، هن کان اڳ دوهيڙن ۽ بيتن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، احسان فقير ۽ ٻين شاعرن سر ڪيڏارو آلاپيو آهي، مگر سنڌي مرثيي جي صنف شخن جو موجد سچل سائين آهي. جنهن کان پوءِ ثابت علي شاهه، عالم ڪربلائي ۽ ٻين شاعرن هن فن ۾ پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکارا آهن.“..(6)
(1)
اي امام المسلمين ڪر يار ياري يا حسينؐ
ملڪ ۾ ماتم پيا هئي بقراري يا حسينؐ
بلبلان ڇوڙي ڇڏيئون باغ وبهاري يا حسينؐ
هاءِ حورن کي ڏسڻ جي انتظاري يا حسينؐ
(2)
ٿئين تولد تون جڏهن اي سيدا سرور امام
منهن نبي منهن تي رکيئي تنهنجيون خوبيون خير الانام
جوش مون جبرئيل آندا ڏانهن سائين هي سلام
دوستي لايئي اوهان تي ياري يا حسينؑ
(3)
سر مبارڪ تي تراريون وهنديون ويرين سنديون
شاهه کي شمشيريون منجهه ڪربلا ڪاهل ڪبنديون
رت ريلا ٿيندا هتي نيرا جون وهنديون نديون
اصل کان آهي اوهان تي امر واري يا حسينؑ
(4)
ڏينهن هڪ ٻاهر مديني مون هليو سيلان تي
هيٺ هڪڙي وڻ وڃي آرام ڪيو ويران تي
ماڳ ميڪائيل چوري ڍار ٿيو توجان تي
وڃي پاسي هيٺ تنهنجي ڏيئي ٻهاري يا حسينؑ
(5)
کڻي ڪلهي تي پانهنجي ناني چڙهي هسوار ٿيئن
سو نبي المرسلين جنهن سر گهمين بازار ٿيئن
وحي ميوا ٿي ڏنا منجهه جيءَ نبي جنسار ٿيئن
شرف تنهنجا شان آهن بي شماري يا حسينؑ
(6)
اصل کون موڙهو مٺو مروان هو ماويه فساد
آل عمران مون بڻيا هو آل مروان جي بنياد
ڪئي عداوت آل سان آخر تهين جھوٺي جلاد
لک لعنت آءُ تنهن تي بارباري يا حسينؑ
(7)
ڪئي عداوت آل سان مروان ۽ ويري وليد
ٻيا ڪيئي اهڙا هئا بيشڪ شيطاني شديد
چو مڙني لعنت انهن تي جي هئا حاضر يزيد
هر دو عالم ۾ انهن کي ٿي خواري يا حسينؑ
(8)
هو اتي حاڪم مديني جو مٺو مروان ٿيو
ٻيو پٽس وليد ويري شد سو شيطان ٿيو
پيءُ پارون آيو چڙهي هئي هئي وڏو طوفان ٿيو
مومنن ۾ ٿي مڙيائي وٺ واري يا حسينؑ
(9)
ڏس مٺن ماڻهون مڪا سرتاج رنهن سردار ڏي
هڪ دفعو هيڪر هلي تون آءُ اسان جي پار ڏي
ڪر اسان سان گفتگو بيعت سندو اقرار ڏي
ٿي اڳهين معلوم مڙيائي ڳالهه ساري يا حسينؑ
(10)
جذب ڏاڍي سان هليو تنهن جاءِ ڏي جولان سان
هئي پنجاهي پٺ ۾ سرتاج تون سلطان سان
هوا مڙني مومن مصطفي جا عشق جي ارمان سان
پيا ڪچهريءَ ڪافرن جي گهر اجاڙي يا حسينؑ
(11)
ٿيون زبانون بند جون هئي مٺا حيران ٿيا
خام خو خارج سڀيئي ترڪ کون طولان ٿيا
بست بازو سڀ ڪري آڏو اڳيون سلطان ٿيا
شان آڏو تا تنهنجي سي هئا چڪاري يا حسينؑ
(12)
هي زبانون ظاهر ڪيائون ڳالهه ابن المعاويه
يا وٺو بيعت اچي يا راهه سر روانيه
تڏهن ضرب سان زابر چيو کل من کان به في الحاويه
شير شهزوري ٿيو ڪيئين حڪم واري يا حسينؑ
(13)
ويونبيءَ جي در اتي پاڻون پيرين پيرا ڀري
ٻاجهه هئي ٻيڻي اسان تي پيءُ ڪنان توکي جڏهن
واءِ ويلا اڄ اسان تي ڇو هاڻي ڇورا ڇڏهن
ٿيو اندرون آواز هي قادر قهاري يا حسينؑ
(14)
هئي اصل نانا نپايئي ٿي اسان کي تو ڪڏهن
ٻاجهه هئي ٻيڻي اسان تي پيءُ ڪنان توکي جڏهن
واءِ ويلا اڄ اسان تي ڇو هاڻي ڇورا ڇڏين
ٿيو اندرون آوازهي قادر قهاري يا حسينؑ
(15)
جن چيو ڪلمون اوهان تي، هئي انهن ڪيڏي ڪئي
هيءَ ٻڌي ٻولي اها سڀ روهه ٿيا روئي رئي
مير تو معلوم مڙيائي ڇا ٻڌايا مان چئي
آهه ۾ درگاه داور زاور زار و زاري يا حسينؑ
(16)
نور نرمل ڏانهن وري اسرار ۾ آواز ٿيو
اي اکين جا ٺار منهنجا رب جوهي راز ٿيو
تان پرين توسان الاهر سوز سورن ساز ٿيو
دقت او تصديع ڪر سر اختياري يا حسينؑ
(17)
دقت ۽ تصديع جي توسر اها تقدير ٿي
ٿي رضا راضي رهج ٻي نه هت تدبير ٿي
هي پرين پرکا اصل تو مٿئي مير ٿي
هيءَ لکي آهه لوح ۾ توسر سواري يا حسينؑ
(18)
وڃ پرين پرتين الله کي هي سفر تو سر ٿيو
هئي اسان تنهنجي وچون ڏاڍو وڇوڙو ڪو پيو
قرب لڳ قادر اوهان جي قتل جو سعيو ڪيو
قافلي سان ڪربلا ڏي تياري يا حسينؑ
(19)
اوڇنگاري هيئن رنو عارف انهي ايوان ۾
عرش ڪر سي ۾ پيو آواز سڀ آسمان ۾
پيا ڏري ڏونگر اتي درياهه پيا دوفان ۾
منهجهه مديني آهه تنهنجي باهه ٻاري يا حسينؑ
(20)
تو وٺي موڪل نبيءَ کون اسلام عليڪ ڪئي
وير وعليڪ والسلام نور نافع ڏانهن ٿي
تنهن پلڪ ۾ ڇا چوان هيهات روضه منجهه هئي
آهه هنجن عينن منجهئون ٿيو جر جاري يا حسينؑ
(21)
هئي مديني مون ٿيو ٻاهر پرين لعلن لڏي
جي هوا عاشق اوهانجاسي کنيا سالڪ سڏي
سر اتي سانول سهايو هي هليو ڇانوان ڇڏي
عرش تي اظهار تنهنجي برد باري يا حسينؑ
(22)
هو جي مالڪ هئا مديني جا ازل جي روز کون
سي وطن پنهنجو ڇڏي سنبري هليا ڪنهن سوز کون
هو پرين پر ڏيهه ٿيا ڪنهن ظالمن جي زور کون
شاميان ڪوفي يزيدي نحس ناري يا حسينؑ
(23)
منزلان منزل کڻي مالڪ مڪي داخل ٿيا
گاهه پاڻيءَ جا تنهن ڪارون امامن سان ڪيا
سي پرين سڀ پيشوا پيرين مڪي وارا پيا
پر هلڻ ۾ ڪنهن نه ڪئي توسان تياري يا حسينؑ
(24)
هئي ڪوڙن ڪوفين مڪا هنئين خط لکي هٿ خابرن
جي امام العاشقين هيڪر اسان پاڙي اچن
وير اوهان جي وار تون سڀ سر صدقي هي ڪجن
هي دغا دل ۾ رکي ڪيائون دوست داري يا حسينؑ
(25)
قاصدن هڪ ٻئي پٺيان ٿي رهبرن رستو لائيو
ته چڙهه امام المومنين ڪر تون سواريءَ جو سعيو
خرچ ۾ لشڪر اوهان کي شهر ڪوفي ڪو آئيو
پر ڪوفي لا يوفي ٿيا جي اعتباري يا حسينؑ
(26)
شاهه بو مسلم مڪو ڏي خارجن موجب خطن
وڃ هدايت ڪر تنئي کي مون محبت جي مڃن
موڪلائي مير کان ڪامل هليو سان قاصدن
شهر ڪوفي ۾ رسائي سر سواري يا حسينؑ
(27)
شاهه جي تشريف جي خبر پهچائي پري
گهر آندوسين گهوٽ پنهنجي هي مڙني مصلحت ڪري
هئي مبارڪ يا ابن المعاويه ظاهر ۾ ذري
چاڙهه تون ڪو ڪٽڪ پنهنجو سپهداري يا حسينؑ
(28)
امر ابن المعاويه ڪيو تان ابن زياد کي
ڪر وڃي همراهه پنهنجو اول عمر سعد کي
ڪاهي تون ڪوفي وڃج جي ٿي گهرين امداد کي
وقت تنهن ڳوري ڪٽڪ کي ڪوٺ ڪاري يا حسينؑ
(29)
اڙد سان امڙد چڙهيو ڪوڙو ڪوفي بي پار تي
روز شب ڪاهي برابر هئي هليو سردار تي
چپ چپاتي ۾رسيو ڪوفن سندي اقرار تي
پٺ پغمبر کي ڏيئي ڪيائون ڪوڙ واري يا حسينؑ
(30)
شاهه بو مسلم وٺي هٿ سان ڏنو تن خارجن
امر ڪيو تنهن قتل جو ناريءَ اتي ڪل نوڪرن
ڪو نه ڪو ڪامل اتي هر گزاٿيو مون چاڪرن
شر شيطاني انهن ڪئي ڏهر واري يا حسينؑ
(31)
شاهه بو مسلم جو حارث نانءُ تي قاتل ٿيو
قهر ڏس قهار جو نارن مٿي نازل ٿيو
دين احمد جو ڇڏيائون دين تن بادل ٿيو
ڏک ٿيو سڀ ڏيهه کي هيءُ ڳالهه باري يا حسينؑ
(32)
شاهه جا فرزند محمد عون، ابراهيم ٻيو
ٻئي جدا ٿيا بابا کون تن راهه ۾ رولو پيو
گهر اچي قاضي ڪوفيءَ جي لائقن پاتوليو
هئي اتي آهي امامن حشر واري يا حسينؑ
(33)
هئي وٺي قاضي وهاريا خاص پنهنجي خانه ۾
ماٺ ۾ ويهي رهيا عارف وڏي ارمان ۾
ته پيءَ کون ڪيئن پاسي ٿيا سي درد جي دامان ۾
هنئينچئي ٿا زار روئن گلعذاري يا حسينؑ
(34)
هي؛قاضي شرع جي کي ٿا ڳالهه روئي هي چون
ڪئين نبيءَ جي آل تي هي ڪوفيان ڪاهي پون
ساڻ معصومن منافق راند ٿارڪ جي رهن
ڪئين هتئون نڪري وڃون چوڌاري چاري يا حسينؑ
(35)
ظلم جون زيلان ڪرن دارو سندو درگاه ۾
ڪئين وڌئي اسان کي هي انهن انباهه ۾
ڪئين رهي بابي کان وياسون قتل جي جنگاهه ۾
تڏهن ڏسئون هي ڏک اسين گرفتاري يا حسينؑ
(36)
منجهه تنين فرزند عليءَ عه جي هيءَ اسان پهچاءِ تون
دشمن جي دور مون قادر سگهو ڪڍاءَ تون
ٿئي راضي يارب هنن ٻانهن اُتي ٻاجهاءِ تون
ٿي هيڪاندا هوت سان وڃي هڪوار يا حسينؑ
(37)
هنئين چئي نروار ٿي نڪري ٻئي ٻاھر ھليا
ملھ وٺي رستو مڪي جو چست سي چاھؤڻ چليا
واٽ تي ھنئين وھندڙ امراجل جھلڪي جھليا
دشمنن جي دست پيا، فرياد واري يا حسينؑ
(38)
ھيءَ ھيو حارث اتي، پاڪن سندو قاتل ٿيو
ازل کؤن تا ابد تائين، لعنتي ات لعنت ڪيو
ھي ٽيئي پٽ زياد جي سان دوزخي وڻواند ويو
دم بدم موچڙاتن سر ڪاپاري ياحسينؑ
(39)
ھي ھليو قاصد مڪي ڏي، ھيء وٺي ساري خبر
نيئي رسيو مالڪ مديني جي، اڳئون سالڪ سٻر
دانھن ڪيائين در اتي، ھت ھاء ٿيا ڪيڏا حشر
شاھ شھادت کي رسيا، اي ڪھل واري ياحسينؑ
(40)
ھئي ابن زياد ظالم گاھ ڪوفي م لٿو
دز دمشقي آڻيو ٻيو ناھ ڪو لشڪر مٿو
سڀ ڦريو ڪوفو، تھين تھن تاب توڙون تتو
مثل ماڪڙاڙد تنھن سان بي شماري ياحسينؑ
(41)
ھي دغابازن رکي دل م دغا پيرين پيا
ويھ ڪي ايڪيھ ھزارن شاھ جي بيعت ٿيا
پوء دنيا جي دام م ھاوي ھچارا سڀ ھيا
ٻنھي جھانن م تنھن کي ٿي خواري ياحسينؑ
(42)
شاھ بو مسلم شھادت کي رساڻيو خارجن
سي ڪٺل ڪاٺيون ڪري منجھ باھ دوزخن ٻارجن
شاميان ڪوفي مڙيئي مرندي سي مارجن
چڙھ امام المسلمين ڪر، پوئواري ياحسينؑ
(43)
ھيءَ حڪايت ھنينن سڻي سي مير ماتم م پيا
منزلان منزل کڻي منجھ دشت ھڪ داخل ٿيا
ھئي وڏي افسوس سان، چؤگرد چوٽان ڏئي چڙھيا
ويا ويھي ويرن سندا، چوداري چاري ياحسينؑ
(44)
پير گھوڙي جو کتو، پٽ پڌري م ھلي
تڏھن يار يارن کئون پڇيو ٿي وھندڙو وارث ولي
نانء ھن پٽ جو نہ ڄاڻان سورھيو ڏجو سلي
ھينئن چیائون، ڪربلا ھيء نام باري ياحسينؑ
(45)
ھنئين اتي امام العاشقين فائق ائين فرمايو
اٺ جھوڪيو ۽ ڪجاوا لاڏئيو هتلاھيو
ھيءَ شھيدن جاءِ آھي ڪونہ ڀولو ڀانئيو
آھ عزرائيل اڳ م شھ شڪاري ياحسينؑ
(46)
ھئي پيو تنھن جوء م ساٿ سرور جو لھي
ڪربلا جي پڙ ڪيو ھي سور ھن سڀني صحيحي
قتل جي ھي جاء آھي ڪيئن وڃون ڪاڏي ڪھي
آل علي جي بنا ٿيا ٻيا فراري ياحسينؑ
(47)
رات گذري ڏينھن ٿيو لشڪر اچانڪ آئيا
چؤطرف شامين چڙھي لوئین لوارا لائيا
ھيءَ ڪتن ڪوفين ڪمينن تير تيغون تائيا
ھئين لڱن م لس تنھنجي ڪان ڪاري ياحسينؑ
(48)
ٿيا شروع نوبت نغارا موت جا مارو وڄن
دف دھل ڌم ڌم ڌما ڪٽڪ چاڙھيا ڪافرن
فوج فوجان فاسقن جون چوطرف چؤڌر چڙھن
ھئين اچي جبرائيل چيو ڪر جنگ جاري ياحسينؑ
(49)
ھئي ڪٽڪ ڪفار جي سوگھي ڪئي وادي فرات
آل علي تشنہ لب ھا ڪربلا م ھاءِھات
آب ريءَ اطفال روئن ھيئي برابر ڏينھن رات
ڪين اڳيان آئون چوان آھ ڳالھ باري ياحسينؑ
(50)
ھيءَ ملڪ ساري جو مٺو ھو اصل عمر سعد تي
لعنت الله آھ انھي تي ٻي ابن زياد تي
جن لکين لشڪر آندا علي سندي اولاد تي
عهھي دمشقي دز سڀيئي لک ھزاري ياحسينؑ
(51)
ٻاھتر ماڻھن ھئي حاضر ڪل ئي منجھ ڪربلا
ھر وقت ويرن ھو پوي ٻولي مڙيئي الا الله
دوست منجھڌنڌڪار م وارث وسيلا ھئي ولھا
ڪين ٿي ڪوفين ڪمينن شرمساري ياحسينؑ
(52)
اڙد ابن زياد سان ھو پرش م اسي ھزار
تن سوا پٽ سعد جي سان ڀي ڪٽڪ ھو بي شمار
خر سڀ خاطي ھوا خارج خرابي م خوار
لعنتي لعنت ڪيا سي ھو مڪاري ياحسينؑ
(51)
ابن ريا جي فضل بن عباس سر ميدان جي
ڪوند ٻئي ڪاھي پيا دانھو اندر دوفان جي
سر ڏئي سر ھا ٿيا سورھيہ اڳئون سلطان جي
نت قوم ڪوفين جي اڳيان ھو جڪاري ياحسينؑ
(52)
جنگ جي جانگاھ م ھي حر جو حملو ڪيو
چئين لنڱان جلوا ڪري پيرين وري شاھ کي پيو
پوءِ مٿي تنھنجي وڏوئي جھڙ ترارين جو ٿيو
مينھن ڦرن وانگي ٿي ان تي وسڪاري ياحسينؑ
(53)
ھئي آندو عباس حملو منجھ ڪٽڪ ڪفار جي
اول ڪيئي ڪوفي ڪٺائين جوان مون جولان جي
سيف جا شڪار ڪيائين ڪش ھنيائين ڪان جي
قتل ٿيو ھي ڪونڌ تان ٿي فوجداري ياحسينؑ
(56)
سيف جا سڻڪا رڪياء ڪشي ھنائين ڪان ٿي
سي اچي لعني وڙھيا، دين ڇڏي بي ايمان ٿي
جن کي ازل م ھئي بي نصيبي سي وري موٽن ڪڏي
سي ھليا حاوي اندر جاءِ تن جي آ تڪراري ياحسينؑ
(57)
ھيءَابوالقاسم اڳ ۾ مير جا مارو ڪيو
وير ورنہ سر بسر سر ويريان وار ڪيو
جنگ م جولان مؤن ھي نر جو نعرو ڪيو
ڏيھ م ڏھڪاءُ سان ٿي انڌڪاري ياحسينؑ
(58)
اصغرءِ، اڪبر اڙد ڪفار جا ابتر ڪيا
جلوي سان دؤن جوانن نحس ڪيئن نبتر ڪيا
شامين ڪوفين، دمشقن لس ڪيئي لشڪر ڪيا
ظالمن زخمي ڪيا ھي سر سواري ياحسينؑ
(59)
شاھزادن پئيل ڪئي ھڪ ٻئي پٺيءَ سر ويريان
منجھ ڪٽڪ ڪفار جي تن گھاءَ تيغون گھيريان
پر اچي مٺير گھير پيا جن ڦير فوجان ڦيريان
ڪربلا ۾ ڪيس جو ٿيو قھر ڪاري ياحسينؑ
(60)
ابن حنظل اوچتو ڪاھي پيو ڪفران ۾
تنھن وڏو تلوار جو چمڪو وڏو چؤگان م
ھٿ کڻي شمشير شائق ملھ گھريو ميدان ۾
ڦيھ ڦھڪارون وڌائين مار ماري ياحسينؑ
(61)
ڌوڙ ڌرتي تي اٿي اڄ ڏينھن جو ڌنڌڪار ٿيو
عاشقن جي آھ جو آسمان م انڌڪار ٿيو
ضرب ضرب ٿي لسان سيف جو شڪار ٿيو
ياعلي ع ياعلي ع ٿي پڪاري ياحسينؑ
(62)
وچ منجھ ميدان جي ٿيو غازين جو غلغلو
پھلوانن جو پيو تان چؤطرف چلچلو
عرش ڪرسي آسمان ۽ سر زمين جو زلزلو
ڪانہ اھڙي ٻڌي سين حشر واري ياحسينؑ
(63)
شوق پنهنجي شرط سان هي شاهزادا ٿيا شهيد
سي هيا سورهيه سڀيئي سروارا سيد سعيد
آل عليء جي اتي ڪيڏو ڪيو سر سان يزيد
لغت الله آهي انهن تي با باري يا حسينؑ
(64)
شاهزادن جون اچي هي شاهه کي خبران پيون
ٿي شهادت شهسوارن هئين ٻڌائين ٿا چون
ٿي سنڀاليائون اوهان کي دل بدل بابا ڪيون
چڙهه امام المسلمين ڪر پوئواري ياحسينؑ
(65)
تڏھن مير قاسم شان وڏي ڪاھي پيو ڪفار ۾
ملڪ فلڪن مؤن اچي حاضر ٿيا اسرار ۾
جي اسان تي امر ٿي ھئين رھون ھت ڪار ۾
آھ اڳيان سڀ اوھانکي اختياري ياحسينؑ
(66)
لا چئي لعلن ھليو جلدؤن مٿي جنگاھ جي
يار يارکي چوي ٿوسر ڪفارن ڪاھجي
ريءَ تماشي تيغ جي ٻيو ٺاھ نہ ڪو ٺاھجي
ھي فنا مؤن ٿيو بقا ڏي ھڪواري ياحسينؑ
(67)
هيءَ وڃي پاڻي ڇڏايو، ڪاهه سان کينو ڪافرن
پيو پاڻيءَ جي پيئڻ جو خاص خالص خيال من
حق ڏانهن الهمام ٿيو پيارا نٿا تنهنجا پين
تو پيئڻ ٿو ڪئين سهائي آب جاري يا حسينؑ
(68)
سان ٻڌڻ گهوڙو ورايو وير جابر جنگ ۾
تير ۽ تيغون کتيون ۽ خار نيره خشڪ ۾
تان پيو ڪاهي اُمالڪ تاب تيزون تنگ ۾
هيءَ مشقت پاڻ تي گهوڙي گذاري يا حسينؑ
(69)
شاهه جو گهوِڙو پيو ڪاهي گهڻي گهمسان ۾
سو ترارين تار ڪيو هو جنگ جي جولان ۾
هئي اسب جي اک انهيءِ ئي نيري جي نشان ۾
آسمان ڌرتي برابر ڌنڌڪاري يا حسينؑ
(70)
گهوٽ جي گهوڙي ۾ تلواريون هيون تان بيشمار
جاءِ ڪا زخمن نه واندي هئي سامونڊي شهسوار
ڪيئي کُتا ها ڪا نه تنهن ۾ ڇا چوان لس لک هزار
رت وهيو هو رتولو جي قرارييا حسينؑ
(71)
سنب گهوِڙي جا سراسر جنگ ۾ جلوه ڪرن
هي کٿوري خون مان خوشبوءِ جون موجان ملن
سي رت ۾رنگين ٿيا راوي ڪتابن ۾ لکن
لال ڳاڙها لاک کون ٿا ڏين ڏيکاري يا حسينؑ
(72)
وات مان تنهن باهه جا شعلا اچي ٻاهر پيا
هيءِ گهوڙي ڪفار ڪئي، هئي هاءِ هڪ ٻي تي هنيا
ڪٽڪ ۾ ڪوفين سندا سب گهڻا گهمرا ڪيا
هي ڪئي تڙڦڙهه تلوارن چوڌاري يا حسينؑ

(هن بند ۾ هڪ اضافي سٽ آيل آهي؛
مينهون جا واڪو ڪيو تيرن چوڌاري يا حسينؑ
(73)
خيال ۾ ياقوت گهوڙي جي لکين لعلان لڏن
پڇ تي موتي مڙيئي پر زريءَ سان زمردن
زين تي هيرا هنيائون مشڪ جون واڳا وجهن
پوتا تنهين جي عطر سان پاڻيءَ پگهاري يا حسينؑ
(74)
ساز گهوڙي جو سمالهه هو جواهر ۾ جڙاءُ
ٿيا وڏا طالع گهوڙي جا جنهن چڙهيو هو بادشاهه
پڙمٿي پهلوان آيو شير شهزوري شجاع
صاحب ثقيلن جي ڏاتر ڏياريئي يا حسينؑ
(75)
منجهه سواري گهوٽ جي گهوڙي گهڻا گهمرا ڪيا
ساڻ سامونڊيءَ گراگرد سڀ چنبري پيا
ڪوفيان قتال ڪيائون شاميان ٿاڻين ٿيا
رُڪ رڻوس لوهه جي برسات باري ياحسينؑ
(76)
(هي بند سنڌي مجموعه مرثيه ۾ هن طرح آيل آهي؛)
ڪوفي گهڻان قتال ڪيا ۽ شاميا شومي مُٺا
مرتد حرامي ڪتيرا ڪفار سي ڪامل ڪُٺا
تنن جي مٿوموچڙا ۽ تير مينهن جا ٿي وٺا
رڪ ۽ لس لوهه جي برسات باري يا حسينؑ

سنڌي مجموعه مرثيه ۾ هي سٽ اضافي آندل آهي؛(1)
مينهن جا واڪو ڪيو تيرن چوڌاري يا حسينؑ
(77)
سر گهوڙي سردار جي سيفن سندا سٽڪار ٿيا
ڪٽڪ ڪفاران جا چوڪي سڀئي چوڌار ٿيا
ڌوڙ ۾ ڌنڌڪار جي نيزب وارا نروار ٿيا
وٺ، وٺ هڻ، هڻ مڙيائي وار واري يا حسينؑ(2)

سنڌي مجموعه مرثيه ۾ هي سٽ اضافي آندل آهي؛
تيرن سندا وسڪار ٿيا چوڌاري يا حسينؑ (3)
(78)
لک تراريرن ناخچه نيزه اچي گهوڙي کُتا
ڪان ڪاري زهر جا رهوار رڳ رڳ ۾ رتا
ڦيهه ڦهڪارو وڌائون جنگ ۾ جُوٺا جتا
ٻي گهوڙي کي تانهنجي هوئي ڳل ڳاري يا حسينؑ
(79)
ٿيو ذره پرزه ترارين سان اسب اول ۾
پيو وڃي سر پٽ منجهه جهڙ ترارين جهول ۾
هي اتي پيرن پيو سو ڀوءُنه ٻئي ڪنهن ڀول ۾
وير لنگهائي يانهنجي سواسب واريياحسينؑ
(80)
سڏ ڪيو سڪرات مون پوءِ سخن چئي سلطان هيءَ
هي اوهان گهرجي گهڻو ڪو ڪوفيان ارمان هيءَ
ڪو نه ڪيو سون ڏوهه اوهان جو ڇو ڪيو جولان هيءَ
هنئين چئي منجهه ضرب جي ڪيو هوشياري ياحسينؑ
(81)
هي اسان جي شرف جا واقف هيا تڪرار تان
هيو مڙيئي لشڪر بابي جو، ڪئين ڦريو چوڌار تان
ڪئين اکيون کڻندو سڀاڻي سڀ اڳيون سردار تان
پئي اڳي ڪاٿي اسان کون رنج واري يا حسينؑ
(82)
هيءَ اوهان افسوس ناهي هن اسان جي حال جو
آهه واقف مصطي ۽ مرتضي احوال جو
ڪئين اوهان سعيو ڪيو هئي هئي اسان جي قتال جو
جُنگ تنهن جاگير ۾ هي هُوا خماري ياحسينؑ
(83)
هنئين چئي هن شاهه جي ڀي ڪوفيان ڪو نه ٿيو اثر
سڀ ڦريا سردار کون ترسيانه ڪوڙهيا هڪ قطر
هئي ڪيائون تيغون اڀيون ٻيا تراريون ۽ خنجر
هئي ڪڍي ڊوڙيا اوهان ڏي سر ڪٽاري ياحسينؑ
(84)
تڏهن پير پيرين پانهنجي منجهه ڪوفيان ڪاهي پيو
سيف ساجن هٿ ڪري الله اڪبر اُت چيو
شاميان جي اڙد ۾ هئي شام جو حملو هيو
ڪيئي ڪوفي شامي هڪل سان ٿيا فراري يا حسينؑ
(85)
تير ۽ تيغون کتيون هيون جنگ جي هر جان ۾
هر طرف نيزا نرالا سڀ هڻن سلطان ۾
بحررت جا پلٽجي پيا هيءَ انهيءَ ايوان ۾
هاءِ هئي هئي هوءِ ٿي قيامت قراري ياحسينؑ
(86)
شاهه ڪيئن حملا ڪيا ڪوڙين جوان ۾ ڪافرن
صف بصف سر سي ڪيون موٽي يتمين ۾ اچن
پر اڙد انڌوڪار ها جنهن ۾ چورسون پيون چلن
پر حق اوهانجي ۾ لکي هئي گير واري يا حسينؑ
(87)
هي لنڱن ۾ لعل جي هوا زخم نوسوءُ هڪ هزار
۽ ڪٽڪ ڪفار جي هيءِ ٿي شاهه ڀانيو ٿي شڪار
ڪينڪي موڙهو مُڙيون ٿي سعد جوپٽ بي اعتبار
ٻيوابن زياد ظالم نابڪاري يا حسينؑ
(88)
ڪربلا جي دشت ۾ هئي هئي ٿيا آغا شهيد
عالمن ۾ پيو آوار هو مگر سر هو يزيد
ابن زياد ابن سعد، شمر هو شوريو شديد
ڪيئن تن کي هُت ٿيندي رستگاري يا حسينؑ
(89)
سر مبارڪ شاهه جو مُوني اتي جبرئيل ڪيو
هاءِ ميڪائيل، اسرافيل ۾ سووري ماتم پيو
ڪُل مُلڪ گراگرد ٿي واءُ ويلا ۾ پيو
عرش ڪرسي تان سراسر روڄ واري يا حسينؑ
(90)
سر مبارڪ مُهڙڪئي هئي مديني پار ڏي
ڏس اچي احوال هي ٿو چوي سردار ڏي
کڻ اکيون ڏس يا نبي تون مرتضي جي پار ڏي
گرد سان گڏجي پياسي خاڪساري ياحسينؑ
(91)
هئين ڪڏهن منهنجي ڪلهي تي ٿي کنيو سردار جي
سهنج مون اسان کي نپايو سيدا سالار جي
اڄ اسان ۾ خاڪ غلطان سڻ اچي لهه سار جي
ٿي اسان جي حال تي قيامت قراري يا حسينؑ
(92)
هيئن چئي حضرت نبي تون اسان جو داد ڪر
ڪوفين اسان تي قهر ڪيو تون تني ناشاد ڪر
جي آهن شامي حرامي سي تون ماري ماد ڪر
سي وڃن تهت الثري جي آهن ناري ياحسينؑ
(93)
تون نبي الله جا هاني ڏس اسان جي حال ڏي
تنهنجي امت ٿي وڙهي لالڄ دنيا هن ڌوڙ جي
دنيا مٿي ٿا دين وڪڻن هڪ تورڙي ڄڻ ڀور جي
ڪو نه تنهن کي ترس پيڙو جي ها شڪاري يا حسينؑ
(94)
منهن نجف ڏي سر مبارڪ تي ڪري هئي هئي چيو
هيءَ بابا ڪوفيون اسان سان قهر ڪيڏو تان ڪيو
حال تان اولاد پانهنجي پسوپٺتي پيو
ڪوفين سڀ قتل ڪئي تنهنجي قطاري ياحسينؑ
(95)
رت آلوده اسان جا وار ۽ اندام ٿيا
پس مٿي اولاد پنهنجي هي ڪيڏا حشام ٿيا
هي مٿي نيزي اسانجا سر سندا انجام ٿيا
حال هِهڙويا علي ڏس هيڪواري يا حسينؑ
96)
دشت ۾ هيءَ ڪربلا جي موت جي هئي مار مار
منجهه تنين تاءِ صف گهڻيون بيبيون روئڻ رت زار زا
سڏ ڪرن سردار کي بيراڳ مون هي بار بار
قافلي ڪوفين کون ٿئي ڪو ڇو ٽڪاري يا حسينؑ
(97)
هيءَ بي بي زينب روئي ٿي ڪوفيان ظاهر ڪيو
هيءَ هن جا مون رت اهلبيت جي ڍاوا ناهيو
اي شاميواي ڪوفيو توهين پاڻ ۾ محڪم ٿيو
سڀ شهادت کي رسيانئون تاجداري يا حسينؑ
(98)
هيءَ مٿي مظلوم جي، تي ظلم ڪيو هو ڪافرن
هيءَ خوشي گهر ڪافرن جي رنو ٿي طالبن
هيءَ انهيءَ جا ڏوهٽا سردار سڀني مرسلن
آل نبي ۽ علي عه کون ٿيا هوا اصل واري يا حسينؑ
(99)
سونهن صورت سهڻو سرتاج هو سلطان هو
جاءِ درجبرئيل جنگ جي دوستي دربان هو
هيءَ مديني ۾ منور نر وڏو نشان هو
شاهه شهادت کي رساڻيو گلعذاري يا حسينؑ
(100)
جي وڙهيا هن وير سان قادر قهر تنهن تي ڪيو
دارين ۾ سي خوار ٿيا نالو نشان تنهن جو ويو
جو وڙهيو آهي امامن دوزخ اندر سوئي ويو
قادر تنهن تي قهر آيو آهي آر آري يا حسينؑ
(101)
جي وڙهيا آهن امامن سچ پچ آهن لعين
مرتد مري سي خراب ٿيا سي سيگھ ۾ ويا آهن
رنج تنهن تي مصطفيجو رنج تنهن تي نورعين
دوزخ اندر تن تي ڪن ٿا سنگباري يا حسينؑ
(102)
ڪربلا جي ڏيهه ۾ هئي سير مٿن سانگو ڪيو
جي ڦريويا مير آڏوطفل ئي تالان ڪيو
پوءِ پرين کون “سڇيڏنو”ڇا ڪندو تن جو چيو
هي ڪجي تن کي سمالهه منگساري يا حسينؑ
(103)
ڳالهه آڳيان آهه ڳوري واقعو آهي وڏو
سو چوڻ واجب نه آهي ٿو ٿئي جئڙو جڏو
ڪافر هٿ پانهنجي ڪيو ڍونڍ دنيا جو هڏو
پاڻ ڏي پرور اوهان کي ڪوٺ ڪاري يا حسينؑ
(104)
مير جا مشتاق باقي پوتي جيڪي رهيا
سي مٿي پاهڻ هئي سڀ مونجهه ۾ مونس مئا
ڪي اهڙا مستان ٿيا سي ملڪ ۾ سالڪ سئا
ڪئين جاني کون جيان پوءِ پلڪواري يا حسينؑ
(105)
ڪي ڇڏي تڙڀڳا ڪي غوث ٿيا ها غار ۾
ڪي قطب ابدال ۽ ٻيا اوليا اوتار ۾
ڪي مري پڙتي پيا ڳالهيو سڻي سنسار ۾
ڪي پسي پرزا ٿيا هيءَ زار زاري يا حسينؑ
(106)
ڪن ٻڌي ٻولي اهائي پاڻ ڏونگر ۾ وڌو
دوست ريءِ ديوانه ٿيا روان مديني ۾ ٻڌو
آءُ ٻانهون آل جو سچيڏنو ريءَ ملهه ڳڌو
ساڻ هن بندي بنچاري ڪر ستاري يا حسينؑ
(107)
رمز هن ۾ روز شب ڏس شيخ تا منصور هو
شمس تبريزي جو ساڻ ملڻ اهو مذڪور هو
شيخ سو عطا ڏس مستي منجهون مخمور هو
سڀ هئا ڏک تنهنجي ۾ جي جلائين يا حسينؑ
(108)
عاجز پر تواحمدا عاصي گهڻو جو هي حقير
ڏي دوا ديدار جي دلشاد ڪر اي ابن امير
آءُ اوهانجي پيش پيڙس داد ڪر تون دستگير
شافع احمد ڪر حمايت وير واهري يا حسينؑ
(109)
ازل کون تا ابد تائين آهي حب مون حسنين جو
صدق مون سمجهي رهيس دارو اٿم دارين جو
آءُ هي عاشق اصل کون صاف دل سبطين جو
شوق جي شراب مون پيالو پيارين يا حسينؑ

سچل سائين جو هي مرثيو جيڪو مان ڊاڪٽر مخمور بخاري جي تحقيق ٿيل ڪتاب “سچل سرمست جو مرثيو تان نقل ڪيو آهي . . . . هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب سچل سائين جو هڪ طويل مرثيو پيش ڪيو آهي جنهن جا 109 بند آهن، جڏهن ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم (سچل چيئر) ۾ هڪ قلمي بياض ۾ سچل سائين جي ساڳي مرثيي اي امام المسلمين جا 107 بند شامل آهن. . . .
ڊاڪٽر مخمور بخاري جي ڪتاب ”سچل سرمست جو مرثيو“ ۾ سچل سائين جي مرثيي جو بند نمبر 21 جيڪو هي آهي

هئي مديني مون ٿيو ٻاهر پرين لعلن لڏي

جي هڪ سٽ موجود آهي بقيه 03 سٽون ناهن موجود ۽ ان کان علاوه بند نمبر 72 به بياض ۾ موجود نه آهي جيڪو جي آهي.


وات مان تنهن باهه جا شعلا اچي ٻاهر پيا
هيءِ گهوڙي ڪفار ڪئي، هئي هاءِ هڪ ٻي تي هنيا
ڪٽڪ ۾ ڪوفين سندا سب گهڻا گهمرا ڪيا
هي ڪئي تڙڦڙهه تلوارن چوڌاري يا حسينؑ


ان بند کان علاوه به ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب ۽ سچل چيئر واري بياض ۾ لفظن جي تمام گهڻي ڦير ڦاڙ ٿيل آهي.... اڪثر بندن کي اڳتي پوئتي به ڪري نقل ڪيو ويو آهي.


محترم محمد علي ”حداد“ ٻنهي شاعرن جي فڪري اڏام جو فرق هن ريت لکي ٿو: ”سچل ۽ سيد ثابت علي شاهه مان مرثيه گوئي ۾ اوليت ڪنهن کي آهي؟ انهيءَ معمي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي حضرات جي مرثين جي تقابلي اڀياس بعد هيٺيان نقطا نروار ٿين ٿا؛


1. مرثيه نگاريءَ جي لوازمات مان ربط ۽ تسلسل جو هجڻ تمام ضروري آهي. سچل سرمست جي مرثين ۾ ربط ۽ تسلسل ناپيد آهي. جڏهن ته سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا مسلسل آهن.
2. سچل سرمست پنهنجن مرثين ۾ ڪربلا جي سمورن واقعن کي کٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته سيد ثابت علي شاهه هر هڪ حسيني فرد تي عليحده عليحده مرثيا لکيا آهن
3. سيد ثابت علي شاهه پنهنجن مرثين ۾ حسيني افراد جو جنگ جي ميدان طرف وڌڻ، جنگي هٿيارن جي واکاڻ، رجز خواني ۽ شهادت تي ماتم جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سچل سرمست جا مرثيا انهيءَ چئن مرحلن کان خالي آهن.
4. سچل سرمست جا مرثيا هئيت جي لحاظ کان صرف چو مصرع آهن. جڏهن ته سيد ثابت علي شاهه جا گهڻا مرثيا مسدس ۾ آهن. دراصل مسدس ئي مرثين جي ڍول لاءِ نهايت مفيد آهي، اهوئي سبب آهي جو اردو ۽ سنڌي جا شاهڪار مرثيا مسدس ۾ ئي منظوم ٿيل آهن.
(خيرپور رياست جي شاعرن جي مرثيه گوئي، ص 48، 49)

سچل سائين جو ٻيو مرثيو

هائي هائي !سوزٿيو سردارجو
سڀ ملڪ ۾ ماتم پيو مختيار جو
عرش حورن ۾ ٿيو ديدار جو
عرش اعظم ۾ پيو اسرار جو
(1)
سر مٿي نيزي ڪفارن چاڙهيو
هئه اکين مان آب حورن هاريو
ڪئين ڪفارن محب اهڙوماريو
درد ٿيو درمان آ دل يار جو
(2)
هئه ڪيون زايون جو زين العابدين
هئه جيڏو ئي ظلم آيو سر زمين
ڪيئن ٿيا قتل دوستسي دلدار دين
آهه صد افسوس يڪ دل يار جو
(3)
راز روئي ٿي ڏنائين اوڇگار
هئه اهي ڪاٿئون لهان يا ربيار
خاڪ ۾ غلط شائق شهسوار
آهه الله ڄاڻيندڙ اسرار جو
(4)
هئه ابو قاسم اڳيان رويون چوي
دانهن ڪيو هر درد مان پيرن پوي
خاڪ سان اچ ڪيئن گڏيو هاء!هئي!
ڪيئن اسانکي ڪيو پاڻئون ڌار جو
(5)
هئي ادا تو پوء جيئڻ مون ڇا ڪندو
آهين تون اولاد تنهن سرور سندو
ڀي آهيان آ ءُتا تنهنجو بيشڪ بندو
آه تاسف ڳالهه هن تڪرار جو
(6)
ٿي جدائي وچاسان تنهنجي وڏي
ڪربلا جي دشت مون لالڻ لڏي
پاڻ ڏي پرور اها تان صف سڏي
جئين ڏسي تيئن ڪٽڪ سڀ ڪفار جو
(7)
هي ادا يارو اسان سان ڇا ٿيو
ڪربلا۾ قهر تان ڪيڏو ٿيو
پوءِ اوهان کان ڪندو منهنجو جيئو
غم وڏو آهي سندو غمخوار جو
(8)
ضرب مُون زاريون وڏيون زيلان ڪيون
زار زاريون بادشاه چوڏس چيون
هاءِ ملڪن جي ڪنين دانهون پيون
هئي اوراتو پيو منجهه مختيار جو
(9)
ٿي کنيا هئي سر ڪڏهن سردار ٿي
ڀي ڪلهن تي چاڙهيا مختيار جي
خاڪ سان آلود اڄ سالار سي
سر لنگهيو اڄ ڏينهن هي اعتبار جو
(10)
اي ادا يارو مونکي هيڪل ڇڏيو.
وقت ۽ تصديح کئون لائق لڏيو
جيئڻ هن کئون ڇو نه پاڻ سان گڏيو
هن ڏکن ۾ هڪ آيس سردار جو
(11)
هائي باقي آهيان اولاد آنءُ
ڪيئن ڪفارن کئون ٿيان آزاد آنءُ
هئي اوهان کئون پوءِ ٿيس اختاد آنءُ
ڪيم ڪشالو سر مٿي هموار جو
(12)
هاءِ بيٺي رنائين زار و زار ٿي
هئي ڀريائين شوق مون شوڪار ٿي
هئي وڃي ڪاڏهئون لهان سردار سي
هئي جيڪس هو هئين حڪم ڪرتار جو
(13)
هڪٻئي جي منهن مٿئون دانهون ڪري
اثر ۽ افسوس جون آهون ڪري
هئي قتل جي جاءِ تي ڪيهون ڪري
هائي هئي هئي ۾ پيو هوشيار جو
(14)
. . . . . . .
. . . . . .
. . . . . . .
. . . . . . .
(15)
هئي هئي گهوماٽ ۾ گهوريو گهمي
پيرشهدائن جا چاهئون چمي
خاڪ سر هڻي سوزئون هر هر سمهي
عالمن ۾ آهي ڏک اظهار جو.
(16)
زين العابد شاه کي ڀاڪر پيو
جان ۾ جامو سندس ڳاڙهو ٿيو
خاڪان جي خون ۾ پيهي ويو
ٿيو سچو طالب انهيءَ ديدار جو
(17)
عرش اعظم۾ اچي دانهان ٿيو
هئي قتل جي جاءِ تي ڪهيان ٿيو
هئي اکيون ملڪن جون پاڻيءَ سان پسيون
ڪربلا۾ غضب ٿيو غفار جو
(18)
رت جو هئي ويس ملڪ نڪيو ٿي
هئي وڏو افسوس ماتم ٿيو ٿي
زلزلو هئي هئي زياده ٿيو ٿي
نانهه مٿو گرد ۽ غبار جو
(19)
ٿيو امر الله ڏهون ميڪائيل کي
حڪم عزرائيل جبرائيل کي
ڪل ملڪ سان حڪم اسرافيل کي
سڀ وڃي ماتم ڪيو مختيار جو.
(20)
خاڪ تي ڪل ملڪ سڀ ويهي رهيا
زين العابد جي اڳيان ماتم پيا
عرض تن احوال ڪوڙئين ڪيا
حڪم ٿيوهي اصل کئون قهار جو
(21)
هئي اٿي تون خاڪ تئون هوشيار ٿي
امر الله ڏهون ٿيو اظهار ٿي
يار آيو يار ڏي آڌار ٿي
ڪين ڪر واسواس تون هڪ وار جو
(22)
تون منهنجو آن، تنهنجو ئي آهيان
ٻاجهه توتئون ڪونه لحظو لاهيان
تو جيهو ٻيو ڪونه آئون ڀانئيان
تون آهين يار اسانجي يار جو
(23)
زين العابد هن خوشي خوشحال ٿيو
ذات جو ظاهر مٿس پر تو پيو
پوءِ تان سڀ عمر خماري رهيو
اصلهو واقف انهيءِ خمار جو
(24)
هئي جي دانهون ٿي ڪيون زين العباد
ٿي ٻڌيون ات لعنتي ابن زياد
ڏمر مان آيو اٿي سان عمر سعد
آل تي ڪيائين اهڙي ڀلڪار جو.
(25)
هئي وٺڻ ڪاڻ ڪيو ڪافر شتاب
هئي ڏيکاريو حر کي تنهن تيز تاب
قهر مون ڪي جو چيائين نا ثواب
(26)
ناز تنهنجو ڪير ٻيو کڻندو اتي
سخن تنهنجو ڪنهن ته بي وڻندو
روئڻ تنهنجو ڪير ٻيو سڻدو اتي
ماٺ ڪر تون خاص خبردار جو
(27)
اي نينگر روئڻ تنهنجو افراط ويو
چوڻ آکڻ سڀ تنهنجو برباد ويو
صبح تنهنجو شام ڏي تيار هو
آهين تون اولاد تان ڪرار جو
(28)
قتل ڪياسي سڀ سندوءِ سردار جي
آءُ لهي اول اهي گلزار جي
جي جماعت تا تنهنجي لهه سار جي
تون وڃي باقي رهين هڪ ٻار جو
(29)
خارجيءَ کي هئين چيو جاني جواب
هئي سگها ٿيندءُ اوهين خاطي خراب
ڪئين پيدا ٿيندءُ سڀئي يوم الحساب
منهن ڪارو ڪافر مئي منهن ڪار جو
(30)
آءُ اهو ئي آهيان سردار جو
سو علي سوئي حسن هوشيار جو
سو حسين آئون آهيان سالار جو
جي هئين طالب انهيءَ ديدار جو
(31)
دين دنيا لڳ اسان اظهار ٿيو
عرش ڪرسي آسمان تڪرار ٿيو
ڪل موجودات سڀ سنسار ٿيو
آءُ آهيان سردار سڀ سنسار جو
(32)
ملڪ ماڻهو ڪل موجودات ٿي
لڳ اسانجي ظاهرا ئي ذات ٿي
ديو جن بر بحر ڏينهن رات ٿي
ڪيئن اوهانکي پلڪ پيو پندار جو
(33)
ڪانه ٿو ساڃاه اوهان کي شاه جي
ناه ڪا هيبت اوهان الله جي
ڪانه ٿو محبت محمد ماه جي
آءُ آهيان ساري ملڪ سردار جو
(34)
آخر الامر سڀئي همسوار ٿيا
ڪل چونڪي شاه جي چوڌار ٿيا
سڀ روانا شام ڏي تڪرار ٿيا
ويا وٺي سرور سڀئي سالار جو.
(35)
سچيڏنه ان ڳالهه کئون خاموش ڪر
روز شب تون ڪو هئين جو هوش ڪر
ابن معاويه جي مٿان پاپوش ڪر
آه دشمن ست پيڙهيو سردار جو
(36)
آه لعنت اول ابن زياد تي
شمر ذلجوشن ۽ عمر سعد تي
سو يزيدن جي سندن اولاد تي
گل ڇنو جن شاه جي گلزار جو.
(37)
ڳالهه ڳوري ۽ مختصر ڪيم ڪلام
سو چئون واجب ناهي والسلام
ڪيم ايهو مرثيو تيلان تمام
هو ازل ۾ حڪم حڪمدار جو
(38)
ڏينهن هي جي شاه جي شوقئون روئي
سو نبيءَ عليءَاڳيون هر دم هووي
سو ڪندوواهر مٿس مالڪ مئي
قول آهي هي سندن اقرار جو
(39)
آل تئون هي جند تصدصق جان ڪر
جند جان سو ڪلئي قربان ڪر
زلزله جي ڏينهن جو ارمان ڪر
جوش جيءُ ۾ رک تهين جهونجهار

سچل سرمست جي مرثين جو تعداد

1. يا امام المسلمين وارو مرثيو. . . . . 109 بندن تي مشتمل آهي.
2. ڪيڏاري جي دوهن جو تعداد . . . 21 آهي.
3. هائي هائي سوز ٿيو سردار جو. . . . . . 39 بندن تي مشتمل آهي.

سچل سرمست جي مرثيي تي شايع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب

(تحقيق ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، قلمي بياض، مونوگراف، ٿيسس)
1954ع ۾ سڀ کان پهرين احسان بدوي سنڌي مرثيي جو هڪ اجمالي اڀياس پيش ڪيو.
1967ع ۾محمد علي ”حداد“ پنهنجي ايم اي جي ٿيسز ۾”خير پور رياست جي شاعرن جي مرثيه گوئي“ ۾ سچل سرمست جي مرثيي تي به تحقيقي ڪم ڪيو آهي.
سچل سرمست جو مرثيو (تحقيق: ڊاڪٽر مخمور بخاري)
سچل سائين ۽ درازي فيض، تحقيق: اختر درگاهي

حواله؛
1. مرتب: مولانا حڪيم محمد صادق راڻپوري ”رسالو سچل سرمست“ (سرائيڪي ڪلام)، سنڌي ادبي بورڊ، ص
2. مرتب مصنف: مشتاق مسرور باريچو، ڪتاب جنرل سنڌي، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، سال 14-2013، ص95.
3. ايضاً، ص382.
4. تحقيق: ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست جو مرثيو، سنڌ ثقافت کاتو، سال 2014، ص19.
5. ايضاً، ص21.
6. عبدالقيوم صائب، سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري، محفل شاهه نجف روشن جو پڙ، ٽنڊو ولي حيدرآباد سنڌ، ص

باب ٻيون: سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن

---

1. سنڌي مرثيي جي وصف

مرثيو رزميه شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، هن قسم واري شاعريءَ جي وڏي خوبي انداز بيان آهي. مرثيه جو لفظ لغوي لحاظ کان “رثا ” مان نڪتل آهي جنهن جي معني آهي مرڻ (واري) جي خير ۽ خوبين جو ذڪر.
مرثيو رثائي ادب جي خاص صنف آهي جيڪو مسدس (ڇهه سٽو) يا مربع (چوسٽو) جي صورت ۾ لکيو ويندو آهي. مرثيو اٺن جزن تي ٻڌل هوندو آهي جن ۾ ٽي جزا هر صورت ۾ لازمي هوندا آهن انهيءَ کانسواءِ مرثيو مرثيو نه چئبو.

2. سنڌي مرثيي جو گهاڙيٽو

مرثيو اصل ۾ ڪنهن مرڻ واري جي شخصيت جا گڻ منظوم انداز ۾، ۽ جيڪڏهن اهو مرحوم مقتول آهي ته ان سان گڏ وگڏ سندس مظلوميت به بيان ڪرڻ جو نالو مرثيو آهي
”مرثيي جي جوڙجڪ هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿي؛
1. مرثيي جو آغاز يعني “مهاڙي”.
2. مرثيي منجهه ماجرا ۽ سربستو وال
3. مانجهيءَ جي پيارن کان موڪلائڻي
4. مانجهيءَ جو ڪيڏاري ۾ ڪلي ڪڏڻ
5. مانجهيءَ جو قد ڪاٺ
6. مانجهيءَ پاران دشمن کي هڪل
7. مانجهيءَ جو سورهيائي سان راڙو ۽ رڻ ڪرڻ
8. مانجهيءَ جو ڪسجي وڃڻ
9. مانجهيءَ لاءِ وارثن جا پار
10. مانجهيءَ جي شهادت جي برڪت سان مرثيا نگار جي پاڻ سميت سڀني سوگوارن لاءِ دعا ۽ پڄاڻي.“...(1.)
روح انيس جي ص نمبر 14 سيد مسعود حسن رضويءَ لکي ٿو ته ”مرثيه گوئي هڪ ڏکيو فن آهي، مرثيو لکڻ جا به ڪجههّ خاص اصول آهن، جن جي پٽاندڙ ۾ مرثيو لکيو ويندو آهي.
(الف) ممدوح جنهن جي تعريف ۾ مرثيو چيو وڃي، ان جي عظمت ۽ شان شوڪت جو ذڪر ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ ته ان مان عبرت جو سبق حاصل ٿئي، ته اهڙيءَ هستيءَ وارو ماڻهون پنهنجو وارو وڄائي ويو.
(ب) ممدوح جي ايثار ۽ قرباني جي تعريف ڪئي وڃي ۽ سندس شهادت مرڻ سبب ملڪ ۾ ڏک ۽ ماتم ڇانئجي ويو هجي، ان جو ذڪر ڪجي.
(ج) ممدوح کي مخاطب ٿي مرثيي ۾ اهڙا خيال پيدا ڪيا وڃن، هي ثابت ٿئي ته مرثيي چوندڙ کي ممدوح جي شهادت يا مرڻ جي ئي ڪانهي ۽ هو اڃا سوڌو هن کي مخاطب ٿي ائين ڳالهائي رهيو آهي، جيئن جيئري سان ڳالهائيندو هو. “
”مرثيي ۾ ٻين شعري صنفن جون سموريون خوبيون هونديون آهن؛(هي هڪ مرڪب صنفآ هي، جنهن ۾ قصيدي وانگر مختلف انسانن ۽ شين جي واکاڻ ڪئي ويندي آهي.مثنويءَ وانگر واقعا بيان ڪيا ويندا آهن.“(2)

سنڌي مرثيي جي تاريخ

مرثيي جي قديم دور تي نظر وجهجي ته خبر پوندي، ته ڪلهوڙا دور جي ڪلاسيڪل ۽ مذهبي شاعرن، شاه لطيف رح، ميان عبدالروف ڀٽي ۽ مخدوم ابوالحسن جي شعرن ۾ ڪربلا جي قضيي بابت شعر ملن ٿا. شاه لطيف رح جو سر ”ڪيڏارو“ ان جو بهترين نمونو آهي.
سنڌي عروضي شاعري جي حوالي سان ڏسجي ته سنڌي ٻولي ۾ مرثيي جو باني سيد ثابت علي شاه کي سڏيو ويوآهي.

سنڌي مرثيي جي اوسر

مرثيو اصل ۾ عربي شاعري جي صنف آهي، عربستان کان بعد مرثيي پهرين ايران ۽ پوءِ هندوستان ۾ پير پاتو. ايران جو ناميارو شاعر مقبل اصفهاني، جيڪو پوءِ ٺٽي ۾ آيو، تنهن سنڌ ۾ فارسي مرثيي کي وڏي اوج تي رسايو.(3)
سنڌ ۾ مرثيا نويسي/ گوئي ڪڏهن شروع ٿي، اهو معاملو اڃا تحقيق طلب آهي سنڌي مرثيي بابت مرزا عباس علي لکي ٿو؛
”سنڌي مرثيي جي ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن سنڌي شاعري وجود ۾ آئي. سنڌي مرثيي جي ابتدا به بيتن ۽ ڏوهيڙن سان ٿي. جنهن جو مثال شاه عبداللطيفؒ جو سر ڪيڏارو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان درد ۽ غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. . . . . ليڪن علم عروض جي حدن اندر عربي بحرن تي، جنهن مرثيي جي ابتدا ڪئي اهو سهرو سيد ثابت علي شاه جي سر تي ئي سنهي ٿو، سيد ثابت علي شاه پهنجي “زيارت نامي” ۾ هڪ هنڌ فرمائي ٿو؛
مرثيو سنڌي اڳي هو ڪونه اصلي سنڌ ۾،
جي ڪو هو تان پڻ نه هو مشهور هن پرڪجا.

سنڌي مرثيي جا جزا، قسم

1. چهرو يا مکڙو؛
هي مرثيي جي تمهيد آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري قدرت جو نظارو، حمد، ۽ نعت، منقبت ۽ مناجات يا پنهنجي شاعريءَ جي ساراه بيان ڪئي وڃي ٿي.

2. ماجرا؛
مکڙي کان پوءِ ڪجهه شعر آندا ويندا آهن جيڪي ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ جي ذهن کي مرثيي جي موضوع ۽ مطلب ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا آهن. جئين قصيدي ۾ گريز جي صورت ٿيندي آهي، بلڪل ائين“ ماجرا ” به مرثيي جو گريز آهي.

3. سراپا؛
مرثيي جي مکيه شخصيت جي ڏيل، قد ۽ ڪاٺ توڙي ٻين خوبين جو ذڪر اچي وڃي ٿو.

4. رخصت يا موڪلاڻي؛
مرثيي جي مکيه شخصيت جنگ جي ميدان ۾ لهڻ لاءِ، پنهنجن بزرگن يا عزيزن کان اجازت گهرندا آهن.

5. آمد؛
مرثيي جي مکيه شخصيت، جڏهن جنگ جي ميدان لهندي آهي ان وقت ان جي شان و شوڪت، ڏيک ۽ هن جي بي نيازيءَ، بيڊپائيءَ ۽ بهادري جو بيان مرثيي جي هن جزي ۾ اچي وڃي ٿو.

6. رجز؛
هن ۾ جنگي ميدان ۾ لهڻ وارو شخص، پنهنجو حسب نسب بيان ڪري، پوءِ پنهنجي بزرگن جي جنگي ڪارنامن ۽ جنگ جي فن ۾ پنهنجي وڏن توڙي پنهنجي جنگي مهارت جو بيان ڪري دشمن کي مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

7. جنگ يا ويڙهه؛
هن ۾ مرثيي جي مکيه شخصيت يا جنگي جوڌي جي بهادري، همت، جنگي ڪرتب، هٿيارن يا سواري وغيره جو بيان اچي وڃي ٿو.

8. شهادت؛
هن ۾ مرثيي جي جنگي جوڌي جي شهيد ٿيڻ جو بيان اچي ٿو.

9. بين ڪرڻ يا پار ڪڍڻ؛
هن ۾ جنگي جوڌي جي شهادت تي، هن جا مٽ مائٽ ۽ ٻيا لاڳاپيل ماتم ڪري پار ڪڍي ڏک جو اظهار ڪندا آهن
سنڌي مرثيي جي آخر ۾ مرثيه نگار منهنجي مغفرت لاءِ دعا گهرندو آهي اهو به ڄڻ مرثيي جو هڪ آخري جزو هجي. .(4)

زاري

”اهو لفظ فارسي لفظ”زاديدن“ مان نڪتل ڀانئجي ٿو، جنهن جي معني آهيروئڻ يا درد مان دانهون ڪرڻ. ازانسواءِ ”فرهنگ آنند راج“ ۾ زاري لفظ جي معني ڏنل آهي؛ گريه، ناله، اندوه، غم الحاج يعني منت سماجت ونيز به معني دعائيه آمده است. ”ممڪن آهي ته سنڌيءَ ۾ زاري نيزاري ڪرڻ، زار زار روئڻ ۽ ٻيا اهڙا اصطلاح منجهائس نڪتا هجن. . . . .(5)
”زاري“ پڻ سنڌي شعري روايت ۾ هڪ اهم ۽ قديم گهاڙيٽو آهي. شعري گهاڙيٽي جي لحاظ کان زاري وائي يا ڪافيءَ جي قالب ۾ چئي وڃي ٿي.
جيئن ته ”زاري“ هيئت ۾ ”وائي“ يا ”ڪافي“ آهي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ”زاري“ تڏهن کان رائج ٿي جڏهن کان ”وائي“ وجود ۾ آئي.
سنڌ ۾ ”زاري“ جو قديم ترين نمونو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي رسالي ۾ سندن چيل سر ڪيڏاري ۾ ملي ٿو.

حواله

1. تحقيق ۽ ترتيب: نوشاد علي جعفري، تون درد ٻڌاءِ مان دانهن ڪريان، موج وحدت پبليڪيشن روهڙي، ص12 ۽ 13.
2. مشتاق گبول، شاعري جون صنفون، روشني پبليڪيشن، ص222.
3. عبدالقيوم صائب، سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري، محفل شاهه نجف روشن جو پڙ، ٽنڊو ولي حيدرآباد سنڌ، ص54.
4. ايضاً، ص55.
5. تحقيق ۽ تصنيف: انجينئر سيد عبدالحسين موسوي، روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتون صديون، موج وحدت پبليڪيشن روهڙي، سال 2013، ص385.

باب ٽيون: سچل سرمست ۽ ان جا همعصر، مرثياگو شاعر

---

1. سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)

سوانح حيات

ڄم؛ سيد ثابت علي شاه جو جد امجد جو نالو سيد عيسي ولد سيد مدار شاهه هو.
سيد ثابت علي شاهه جي ولادت 1153 هه بمطابق 1740ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي.
سيد ثابت علي شاهه جو گهراڻو هڪ اعليٰ علمي گهراڻو هو، سائين سيوهڻ ۾جنهن ماحول ۾ننڊپڻ گذاريو سو پيرن فقيرن ۽ اميرن توڙي سجاده نشينن جي سنجيدگيءَ ۾ مذهبي ماحول ۾ سائين حمد، نعت، منقبت ۽ مرثيي جا ڪتيرائي شعر ياد ڪيا. سيد ثابت علي شاهه جي ابتدائي مذهبي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي، فارسي جي تعليم آخوند الياس محمد صوفي کان حاصل ڪئي.
سيد ثابت علي شاهه، سنڌي مرثيه گو شاعرن جو سرواڻ، عالم فاضل ۽ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي.
”مرزا عباس عليءَ مطابق، سنڌي شاعريءَ ۾ انقلاب پيدا ڪندڙ ۽ موزون سنڌي شاعريءَ جو موجد سيد ثابت علي شاهه هو. “
سيد ثابت علي شاهه 27 جمادي الثاني سن 1225هه 1810ع ۾ وفات ڪئي، سائين جي آخري آرام گاه به سندس اباڻي شهر سيوهڻ شريف ۾ آهي.“(1)

رثائي ڪلام
سيد ثابت علي شاهه جو ڪليات مرثين، مسدسن، مخمس، نوحا، زيارت نامو، ظفرنامو، قصيدن، سلامن، مناجاتن، نعتن ۽ منقبتن سان مالامال آهي.
سائين جو سمورو ڪلام سنڌي، اردو، ۽ فارسي زبانن ۾ آهي.
سنڌ ۾ سڀ کان پهرين سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام مڪمل سوانح حيات سان گڏ سنڌ جي محقق ۽ اديب ميرزا عباس علي بيگ مرتب ڪيو، جيڪو 1984ع ۾ سنڌ اسلامڪ اسٽڊي ڪراچيءَ سينٽر طرفان شائع ٿيو.
سيد ثابت علي شاهه جو ڪلام 2008ع ۾ ”رڻ گجيو راڙو ٿيو“ جيڪو مرزا نجم الحسن ترتيب ڏنو ڪتاب ڇپيل آهي.

سيد ثابت علي شاهه جو سنڌي ڪلام (مرثيو)

سيد ثابت علي شاهه الله جو نالو وٺي جيڪو پهريون مرثيو چيو سو هي آهي؛

”اي خدا جا لاڏالا سردار سرور يا حسينؑ“
هيءُ مرثيو مربع جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ امام حسين عه جي ننڊپڻ جي واقعن، فضائل اهلبيت ۽ مصائب ڪربلا جو ذڪر، ترتيبوار ۽ مفصل طرح سان ڪيو ويو آهي ۽ شهادت سيدالشهدا امام حسين جو ذڪر نهايت پر اثر نموني ۾ ڪيل آهي. سيد ثابت شاهه هن سنڌي مرثيي ۾ ڪجهه فارسي بند به نهايت خوش اصلوبيءَ سان ڪم آندا آهن.
(1)
اي خدا جا لاڏلا، سردار، سرور، ياحسينؑ
مصطفيٰ جا سَاهه نيڻن ٺار دلبر ياحسينؑ
مرتضيٰ سهنجونپايئي، جيءَ برابر، ياحسينؑ
ظالمن ناحق رنجايئي، واءِ ٻر ٻر ياحسينؑ
(2)
تُنهنجو نانو مُصطفيّ سردار جمله مُرسلن
مُرتضي پيءُ تنهنجو شيرِ حق امام انس و جن
قدر تنهنجو ڪربلا ۾ ڪين ڄاتو ڪافرن
وَئي مڙي چوڌار قهري ڪار لشڪر ياحسينؑ
(3)
هڪڙي ڏينهن توکي نبي پنهنجي ڪلهي تي چاڙهيو
مَنجهه مديني ٿي گهميو تو شاهه کئون دِلشاد ٿيو
جابر انصاري ڏسي هن حال ۾ توکي چيو
وَه ڀلي گهوڙي چڙهين اي نيڪ نينگر ياحسينؑ
(4)
منهن ڪري تنهن ڏي نبي فرمايو جابر نهار
آئون ڀلو گهوڙو آهيان هي ڀلو آهي سوار
هي پرين آهي گهڻو پيارو اڳيئون پروردگار
هي شرف تنهنجا اول کئون تا به آخر ياحسينؑ
(5)
ترڪ دنيا راس ڪُل عبادت اختيار ڪيو
فقر ۽ فاقو مڙيوئي پاڻ تي هموار ڪيو
ٿي مجاور مصطفي جو دين ٿي اظهار ڪيو
ٿي گذاريو گوشئه خلوت ۾ يڪسر ياحسينؑ
(6)
دشمنن جي دور ۾ تت ڀي رهڻ دشوار ٿيو
ظالمن جي ظلم کئون وطنئون لڏڻ لاچار ٿيو
طرف مڪي جي مسافر ٿي هاڻ اختيار ٿيو
رت رنو توکي ڏسي ملڪن مسافر ياحسينؑ
(7)
تنهنجي وڇڙڻ کئون مديني ۾ قيامت ٿي قيام
روڄ پيو گهر گهر ۾ غمگين ٿيا مڙئي خاص و عام
جڏ اچي روضي ۾ ناني جي ڏنوءِ روئندي سلام
مصطفي چو آءُ دل جا دوست دلبر ياحسينؑ
(8)
اي جگر جاني خدا جا لاڏلا پيارا پسر
وير کئون ويرن جي ويچارا مسافر خون جگر
دشمنن جي دور ۾ تون سر لکايو هي سفر
مڙس ٿي هن محنتن ۾ رهج صابر ياحسينؑ
(9)
نور نيڻن ٺار ناني ٿي نپايئي ناز سين
رات ڏينهن تنهجون رضائون ٿي رکئين سڀ زار سين
ظالمن جي ظلم کئون سنڀرين سفر جي ساز سين
الوداع هيءِ هي ءِ نبي جا پٽ مسافر ياحسينؑ
(10)
موڪلائي مڙني کئون مانجهي مسافر ٿي هليو
مير مڪي مئون مديني کئون مهاجر ٿي هليو
ٿي رضا تي راضي ڪعبي جو مجاور ٿي هليو
خلق خوش ٿي چوڪ آءُ سردار سرور ياحسينؑ
(11)
ڪوفين ڪوڙا نياپا پئي به پئي توڏي مڪا
ڪُ اي امام المسلمين ڏهٽا نبي جا هيڏي آ
تنهنجي قدمن جي اسان کي آرزو آهي سدا
تون امير آهين اسين سڀ تنهنجو لشڪر ياحسينؑ
(12)
قاصدن جو قاصدن تي هو مڙئي رستو لڳو
پئي به پئي نامن تي نامن جو اچي انبوه ٿيو
توکي جو رتبو شهادت جو ازل کئون هو لکيو
هي جفائون هي بلائون ٿيون مقدر ياحسينؑ
(13)
ٿي رضا تي راضي ۽ سيد سفر جو ساز ڪيو
هي دغابازن جي دعوت جو مڃڻ لاچار ٿيو
اهل ۽ اطفال سڀ هادي ڪري همراه هليو
اڳ ۾ عزرائيل ٿيو سونهون مقرر ياحسينؑ
(14)
قافلا سالار امت قافلو ڪاهي هليو
هن طرف ڪوفن ۽ شامن جي ڪٽڪ ۾ميڙ ٿيو
موت ۽ تقدير هيءَ حالت ڏسي هڪ ٻي کي چو
هئي ڪنهن ٿا ڪوٺي ڪعبي جو ڪبوتر ياحسينؑ
(15)
شاهه باز آشيان جسم و جان مصطفي
مرغ دست آموز حيدر گوهر خيرالنسا
بلبل دستان باغ انبيا و اولياءَ
ظلم جي ڦاهيءَ ۾ ڦاٿو واءِ ٻر ٻر ياحسينؑ
(16)
هئي هليا ڪوٺيا ولهن جي واعدن تي ور ڪري
هو سڀئي سنبريا مير تي لشڪر ڪري
هي هليا هنجي هدايت ڪاڻ ڏک برسر ڪري
هو اٿيا هنجي عداوت ڪاڻ يڪسر ياحسينؑ
(17)
منزلن تي منزلون ڪاهياون ٿي تا از قضا
ٿيو گذارو قافلي جو برزمين ڪربلا
شاهه جو گهوڙي جو اٽڪيو پير پٽ ۾ هئي بلا
شور پيو ارض وسما ۾ مثل محشر ياحسينؑ
(18)
شاهه چو هن پٽ جو ڇاهي نانءُ اي يارو چئو
عرض ڪيو يارن ڪ آهي ڪربلا نانءُ هن سندو
شاهه جڏهن ڪربلا جو ناءُ يارن کئون ٻڌو
پيو لهي گهوڙي تئون چئين الله اڪبر ياحسينؑ
(19)
اوٺيو جهوڪيو اٺن کي ساٿيو سنڀري وهو
هن اسان جي قافله جو پير هن پٽ ۾ پيو
جنهن ۾ سر وڍبا ۽ سڀ اسباب لٽبا جوبجو
پيءُ پٽن جا مرندا، ڀائن جا برادر ياحسينؑ
(20)
هاءِ هن پٽ ۾ رفيقو رت اسان جا هاربا
مير ٿي مظلوم هن موذن هٿئون هت ماربا
واءِ سر وڍبا ۽ گهر لٽبا ۽ تنبو ٻاربا
ٻار ٻاڪاري ڪندا هت خاڪ برسر ياحسينؑ
(21)
مصطفي جي باغ جا وڻ هت وڍيندا هي وڍيل
مرتضي جا من موهن سڀ ڪوٺي ڪهندا هي ڪٺل
طفل پاڻيءَ کي سڪائي تير هڻندا هي تڙيل
هي ڪندا قتلعام هت اولاد حيدر ياحسينؑ
(22)
مسلم مظلوم جا معصوم هت مرندا تمام
جعفرطيار جي پيارن جا هت ٿيندا مقام
ڪور ڪوفي هت ڪندا هن قافله تي قتلعام
شوم شامي هت ڪندا سردار بي سر ياحسينؑ
(23)
بار بڪشائيداڪ اينجا خون ما خواهند ريخت
آبروئي ما به خاڪ ڪربلا خواهند ريخت
هر گل ڪز باغ دين است از جفا خواهند ريخت
از تگرگ تير و برق تيغ و خنجر ياحسينؑ
(24)
پيو لهي گهوڙي تئون سرور الرضا بقضا ڪري
موت جو مهمان ويٺو خيمي کي برپا ڪري
ڪور ڪوفي شوم شامي سڀ اٿيا حملا ڪري
هي هليا موذي مڙي مارڻ مسافر ياحسينؑ
(25)
وير کي ويڙهيائون وچ ۾ جنگ تي ٿيا جائگير
سامهان ٿيا شير جي ڪوفي ڪنا شامي شرير
موت جا مارو وڳا جنگي نقارا ۽ نفير
ڪربلا ۾ ٿيو ڪسڻ جو ڪوس اڪبر ياحسينؑ
(26)
يا ستم جا سيلهه ڄاڻن يا رنجاين جا جگر
يا جثا ڄاڻن شهيدن جا و يا تيغ و تبر
آئون نه ڄاڻان ڪيئن چوان هن ماجرا جي سربسر
ناهي طاقت تا لکان هي حال يڪسر ياحسينؑ
(27)
خابرو ٿيا موت جا خبرون رسائڻ شاهه کي
انما جي باغ جي نخل يريد الله کي
گلشن ايمان جي ريحان رسول الله کي
ڪائي نبي جا نور نيڻن ٺار دلبر ياحسينؑ
(28)
هنطرف قاسم ڪٺو هن هنڌ علي اڪبر ڪٺو
هنطرف عباس مو، هت عون ۽ جعفر ڪٺو
هت ڪريا مسلم جا پٽ هت احمد ۽ اصغر ڪريو
سڀ لڏيا ساٿي اٿي تون ڀلي سفر ڪر ياحسينؑ
(29)
ڀائن ڀائٽين ڀاڻجن سڀني لڏيو اٿ تون به لڏ
سر وڍائي پاڻ کي پنهجن پيارن ساڻ گڏ
ڪربلا ٿي شهر خاموشان اچي هت تون به اڏ
شهر ري سردار ڪونهي آءُ سرور ياحسينؑ
(30)
جڏ لنگهائي پنهجا وارا ٿيا سڀيئي سرخرو
هيڪلو ٿيو شاهه حملو ڪيو ڪتن از چار سو
مينهن ۾ تيرن جي جڏ ٿيو شاهه زخمي مو به مو
ضعف ٿي پٽ تي ڪريو گهوڙي تئون سرور ياحسينؑ
(31)
هر طرف نگريست جز حق آشنائي را نديد
خويش را مي ديد تنها زار آه مي ڪشيد
تادم آخر شد و شمر بد اختر در رسيد
از پئي قتلش ڪشيده تيغ و خنجر ياحسينؑ
(32)
آخر ان مظلوم جو سر شمر ظالم ڪيو جدا
چاڙهي نيزي تي ڪيائون قوم جو قبله نما
سر شهيدن جا جڏهن نيزن مٿي چاڙهڻ لڳا
حشر ٿيو نيزي چڙهيو خورشيد انور ياحسينؑ
(33)
وار گرد آلوده زلفن جا ڪري لوهو ۾ لال
رت ڀريو منهن ڪيو مديني ڏي نبيءَ جي نونهال
يا رسول الله ڏس پنهجن پيارن جو حوال
ٿي لکيئي جن جي وصيت ڪاڻ دفتر ياحسينؑ
(34)
پاڪ پيشاني ڪ جنهن کي ٿي چميئي نت چاهه سان
پرزه پرزه ٿي رهي تيرن تکن جي تاءَ سان
رت ڀريا چپ جي ڪڏهن چمندو نه ڍائين ڍاءَ سان
ظالمن ڪيا ضايع وخسته به خنجر ياحسينؑ
(35)
هي جثو جنهنکي ڍڪايئي خلعتون ٿي خوب تر
سر لٿي لاشي کي نيئي ڪامل ڪفن ڏئي دفن ڪر
مينهن جا قطرا ڪ جنهن تي ڪين سهندو هئين مگر
تير باران تنهن تي ڪيو ڪوفي جي لشڪر ياحسينؑ
(36)
هي سهارو سرڪ سينو تنهجو جنهجي جاءِ هو
هٿ حمايت جو سندئي جنهن سر سدا ڦرندو رهيو
هاڻ خولي خر ٻچي جي نيزي سو جهلندو ڏسو
يا محمد ّ ماڙ ڪر ٻي ڪانهي واهر ياحسينؑ
(37)
صبر ڪر ”ثابت علي“ هي واقعو آهي وڏو
مير جي مظلوم کي نيزي تي معراج ٿيو
هي ذبيح الله گر هن ڪافرن ڪوٺي ڪٺو
ٿيندو سڀ امت جو شافع روز محشر ياحسينؑ
(38)
راه مهوش رو ڪ بس باشندا ترا اين رهنون
هر ڪجا ذڪرش بود از ديده بڪشاجوئي خون
از دل بريان بگو انا اليه الراجعون
تا دهد از دست خوشت جام ڪوثر ياحسينؑ
(هي مرثيو ”رڻ گجو راڙو ٿيو“ ڪليات ثابت علي شاهه ”ڪربلائي“ مرتب: مرزا نجم الحسن تان نقل ڪيو ويو آهي.)

سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام گهڻو وسيع آهي
• مرثيا( 66)
• منقبت ( 117)
• جنگناما (08)

فارسيءَ ۾ ”هجويه نظم“ ۽ ٽي مذهبي مباحثي جا منظوم ڪتاب لکيا
• ردالخوارجت
• شهاب ثقات
• ردالمواث
• زيارت نامو

سنڌي هجويه ڪلام (جنهن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آهن)
هن ۾ سيوهڻ جي پڙهيلن جي هجو (ٽوڪبازيءَ وارو شعر) ڪئي اٿس.
سيد ثابت علي شاهه مرثين ۾ لسي ۽ دلچسپ سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي.

2. بيدل (فقير قادر بخش بيدل)

سوانح حيات

فقير قادر بخش بيدل عرف ”بيدل فقير“ 1231هه بمطابق 1815ع ۾ روهڙيءَ ۾ فقير محمد حسن قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو.
فقير بيدل 16 ذوالقعد 1289هه بمطابق 15 جنوري 1873 ع ۾ وفات ڪئي، سندس مزار روهڙيءَ ۾ آهي، هر سال ميلو ۽ عرس منعقد ڪيو ويندو اهي ۽ ان موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي.

رثائي ڪلام

ٿلهه؛
ڪربلا ۾ شاھ جڏهن مھمان ٿيو
درد غم جو اتي وڏو گھمسان ٿيو

(1)
ڪربلا ۾ آيو جڏھن ابن رسول
جانشين مولا جگر گوشه بتول
ورھ جي واديء ۾ ڪيو نرمل نزول
سوز سورن جو سڀو سامان ٿيو
(2)
وير سان اچي وري ٿيا سامهان
ڪافرن ڪاهيو نبيء تي ناگهان
قربدارن سان وڏا ٿيا امتحان
ڪاملن تي قتل جو فرمان ٿيو
(3)
شاه مائٽن ۽ يارن کي چيو
سالڪو سر ڏيڻ لاء سنڀري ويهو
هي اسان سان عهد منجھ ميثاق هو
شوق وارن جو شهادت شان ٿيو
(4)
سڀني اڳتون عرض ڪيو روحي فداڪ
نيهن جو نعرو هنيو ان نور پاڪ
رت سان ٿيو رنگين فورن فرش خاڪ
عارفن سر برھ جو باران ٿيو
(5)
برھ جي برسات سانئن در جھلي
سر واڍائي سر خرو ٿيا ھت ھلي
مقبلن منصب لڌو قربئون ڪلي
ان مٿام عشقون عطا احسان ٿيو
(6)
ڪيو سونھارن سير في الله نيزي سر
واء اهو واقعو ٻڌي خون ٿيو جگر
هاء ڪيا فردوس ۾ حورن حشر
ملڪ ۽ ملڪوت ۾ طوفان ٿيو
(7)
يا امام العارفين نيهئون نهار
شاه! بيدل کي بره بهرو ڏيار
سوز سڪ جي سيدا سرڪي پيار
درد تنهنجو دل سندو درمان ٿيو.
(هي ”ديوانِ بيدل“ تان کنيل آهي جيڪو اختر درگاهي صاحب جو مرتب ٿيل آهي)

”بيدل جي ڪلام تي ”مجاز“ جو رنگ ڇانيل آهي، بيدل سائين تصنيف ۽ تاليف جو وڏو ڪم ڪيو آهي، نظم ۽ نثر جا 30 ڪتاب تصنيف ڪيا جيڪي سنڌي، اردو، فارسي، سرائيڪي ۽ عربي زبانن ۾ آهن.“(2)

3. محمد يوسف (نانڪ يوسف)

سوانح حيات
فقير محمد يوسف عرف نانڪ يوسف ولد مولوي محمد هاشم کوکر اصل شهر جهل جي ڀرسان هڪ ننڊي ڳوٺ ڪنڊي کوکر(بلوچستان) ۾ رهندو هو. پاڻ به ذات جا کوکر هئا. محمد يوسف 1208هه بمطابق 1792ع ۾ ڄائو.
فقير نانڪ يوسف، سچل سرمست جي اهم خليفن مان هو. سندس ڪلام سچل سائين جي ڪلام جو آئينو آهي.
نانڪ يوسف جي وفات 09 جمادالاول 1269هه بمطابق 1853ع ۾ ٿي. سندس مزار درگاه تعلقي گنبٽ جي ڳوٺ اڳرا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. 08 جمادالثاني تي هر سال عرس ملهايو ويندو آهي.
رثائي ڪلام ادبي نيپاج لاءِ سچل سرمست جو رندي ۽ بي باڪ شاعراڻو مڪتبه فڪر ڪافي آهي. فقير نانڪ يوسف جو ڪلام سنڌي سرائيڪي ۽ هندي ۾ آهي.

رثائي ڪلام

مرثيو

آغاز مرثيه حضرت امام حسين ع (تصنيف نانڪ يوسف)
اُمت کي سردار والي جهانکي
غم کا درد هاءِ هي هي کهانکي
خدائي مين جلجل جبل چل روانکي
اندوه مين مومنون دل پوکاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکا هاءِ ري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

تولد بهئي جب تو سردار ميري
پيغمبر رکيئي لب لبون پر جو تيري
مبارک خوش خلق حوران مين سيهري
بهاري هوئي فلک ملکون مين ساري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاءِ ري
حضرت امامِ پغمبر کي پياري

پلک تس وحي لئي کي پيغام آيا
خاوند کي طرفون نبي سين سڻايا
ڌرو تهان سيتي تم ايسا پيار پايا
اسي پل مين مرسل هنجون هاءِ هاري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري
حضرت امامين پغيمبر کي پياري

شمشير ايک دن اپرستر پاکون
ويري وهاسن حکم حق ميثا قون
خونريزن رڻ مين هوسي هي هلا کون
جبرئيل دکهه مين پڙا کههُ سٺاري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري
حضرت امامين پغيمبر کي پياري

ايک دن مديني مون چليئي سيلاني
ڪردوبرادريکي نورجا ني
درختون کي سائي مين هوئي آرامين
ملک چنوري ڍهارڻ مغرب پهاري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري
حضرت امامين پغيمبر کي پياري

ايک دن محمد موندهي پر چڙها يا
هردو امامون سين بازو کهلا يا
خذمت مين جبرئيل تها جيوين دايا
کوچي ڳلي مشک عطر هار هاري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري
حضرت امامين پغيمبر کي پياري

انکي اپر راز رب رحما ني
صدقي خلق ملک هردو جهاني
پئيزار پاکون کي نهين عور (اور) ثاني
قربان صدبار دل زار زاري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري
حضرت امامين پغيمبر کي پياري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري

اصل تهي خرابي مين ملان مروان منکر
عمر سعد بن آل شيطان منکر
لعنت کهو هر يزيدان منکر
مردو دموڻ هي منافق منه کاري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري
حضرت امامين پغيمبر کي پياري

ابن ماويه طوق لعنت کا پا يا
شمرسميا خوم گڏجي کا جا يا
دمدم تنها نون مارو ٿو تحڙا يا
حاوي مين جلتي هميشه هچاري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري
حضرت امامين پغيمبر کي پياري

اصلون منافق تها مروان وليدي
لهکون لاکهه لعنت اپرسر يزيدي
کوفي کفر شوم شامي ووگهيدي
هوس خرابي مين اونده اندهاري
ماتم دوجڳ مين شهيد ونکا هاري
حضرت امامين پغيمبر کي پياري

آدم کفارو ني کوڙا بچا يا
آءُ کراما مين سون اس بلايا
چلو قول ساچا کرو تم بجايا
وگرنه کفارونکي گهر مين خواري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

اٽها کر کي هونگار ملکار راجا
کينا فلک چؤ کونڏئين عشقي کا باجا
جذب جوش جولان مون شير گاجا
پڙي تهر رتهلي مومنون دل بيچاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري
پنجاه مومن قدم سين يگاني
غازي پهلوان يک نور يعني
شملي شهادت انون سر شهاني
جناب عالي علي کي نظاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

چلئي کرکي هئي هئي جو حملا شتابي
پکڙ کي وو شمشيريان تيز تالي
کفر قوم سين کل پڙي آءُ خرابي
ويران حولئي چلي شرمساري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

راوت گهڻي رڻ مين تلوار کي جي
دروهي نبي نور سردار کي جي
فرزند حيدر و کرار کي جي
هئي هئي بجولان جنگ کيي جونخاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ابن ماويه يون کهي بي وقوفي
شامي حرامي ملاحي ٿئي کوفي
پکڙا مر ميرا تمين مرد صوفي
اٿي جابري مون جبرسين مون ري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پيغمبر کي حاضر حضوري سد هاڻين
چائوٺ اُوپر کي کڙي جو نماڻين
کرون کي جائون کس طرف حال جاڻين
رو رو پو کارن سونهاري سچاري
ماتم دو جڳ مين شهيد و نکاهاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

آواز آيا نبي مصطفى کا
راضي رضا مين رهو رب رضا کا
عجب لاؤبالي هي فرمان خدا کا
روئني کي هاءِ هيرا هيرا مناري
ماتم دو جڳ مين شهيد و نکا هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

افسوس پاکو نکا دهرتي فالک مين
حورو پري جن انسان ملک مين
هرهاسات برسنو کل خلق مين
گردان بهي سيج چاندن ستاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

رند وه مين مومنون تم سدائي
دم دم رهو رات ڏيهان پجائي
هارو غم الم مين نينون نير پائي
کيسا کيس هويا انهون سايه داري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

تيري بي نيازي کي هئي هئي کي گمنان
فرياد هئي هئي کي زاري مين زهنان
روتي پسون پکه بر مين هر حنان
پاکون کي دکه مين وو دردي بيچاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

عرض مير مرسل سنو لڳ خدايا
کئي دست اپني تو نانا نپايا
مهر باجهه شفقت تمار اسا يا
ابي کيون ڇهٽه و هاءِ هئي هئي بيچاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

دو جڳ کي هو ولي فتحيات پيارري
جو مختار سردار تم هو سو جاري
کاٽو سر ڪفارون کي کوپر کپاري
شافع امت کي تمين من اجاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ڪلمي گو ڪافر جنانق ملاقي
يزيدي تولد زنا کي حرامي
خرابي ۾ خارج پڙي فتر خامي
لعنت اٿون پر کهو بار ياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

الهام فهر بهي پيغمبر مون هويا
حضرت اميران امامين سو يا
مومن پڙي و کبه مين رو رونجويا
درد مين دلاور حويلي هاءِ هاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ايلاج نهين رب کي تقدير کاجي
ڇڏو خيال تقررار تدبير کاجي
سيه رو هميشه وو شرير کاجي
پتر جو سر ڪفارون کرو تم سواري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

خواهش خدا کي ٻئي فرمان آيا
شهادت قتل کا رضا رب آيا
کرو سر جفا جوڙ منظور آيا
ميري نور عين امامين اپاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

کرو ڪربلا جاگي جنگ کي تياري
چڙهو سر ڪفارون کرو جبر واري
فتح دو جهان مين تماري جي ساري
ڪٽنگ ڪافرون کي اوپر مار ماري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

روئين لگي پاڪ عارف سونهاري
پائي جبل آسمان دوند ڪاري
پڙا جبر جلا شور هرمين چودهاري
ملڪ مين مديني پيادز دساري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

اجاز اليا پاکون السلام عليڪم
ولاڻين نبي نور کهيا وا عليڪم
سلام امامين لک لاکيه پر تم
الله کي امالت سلامت سپاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

مرسل سين کهيا امامين رو تين
وڇوڙا هوا هئي بڙا جيوکا هونين
سفر هيل سلامت چڙهو جنگ جهونين
درد سين کهيا يون قراري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

مناري مين مرسل پڙيئي کنبي هئي
خلق ملڪ آتش لڳي لنبي هئي
چڙيئي سر ڪفارون قهر ومني هئي
مروان بي ايمان کافر چکاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

کرکي چلئي حال حالو توار ان
نماز ۾ طرف ڪربلا ڪرهو نگاران
فرياد بن پن مين کرتي پوکاران
روتي جبل نين بادل بيچاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

آيا آئي يزيدي تو گبدي اصل کي
مروان مردود سوري شڪل کي
خارج بر افض کوڙي ڪم عقل کي
لعنت ڪفر پر گهو بار باري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

داخل مکي مين تهئي منزل اٽها کي
قدمين پڙي کل تلي خلق آءِ کي
کردي خوشامد وڌ کوڙي خدا کي
چلڻ وقت سنک نا چليئي شرمساري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

منافق لکي کي رهي خلق کوڙي
صدحيف ان پر مارو ڏهوڙ ڊهونڙي
اسي پل امامين سنگت سنبوڙي
روان ڪافلا ڪربلا تها جباري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

کوڙي ڪوفين کيتي رهبر والي
امامين آوؤ ميري پاس يعني
صدقي کرون سيس تم پر بحاني
دغلي دغلباز کوفي ڪفاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

قاصي پياري رسيئي رهه سين راهي
کرون کل خرچ کي همت هرام هي
ايرل تو مومن چڙهو شاهه شاهي
کهيا کوفيان يون دغاسين دو ياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

دغابازي دگري دويئي مين دولايي
جهنم مين جا ان هميشه اعذا بي
هکي باب تن مين بڙي هي خرابي
ڪوفي لايو في روسيه ختر واري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

عرض بو مسلم کها شه بجائي
کرو جا هدايت انون سين صفائي
چڙهيئي لئي کي رخصت کوفي سر جداهي
شهر کوفيون مين رسئي سر سواري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

عمر بهي چڙهيا ڪوفي صرف کوڙا
قتل ڪرڻ خاطر اميرون کي موڙا
اقار جون کي پهلي پاڙ پوڙا
ڪوفي سين رسي جا ڪفاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پوتري پيغمبر سين منکر تهي جيي
جيلي وزد داور کي دوزخ مين سئي
سيه رو دو جڳ مين وو هوس سڀيئي
مردواني مردود کل بي و قاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

افغان بي ايمان تولد وليدي
خرو فرز ادي يئي آکيه يزيدي
نخم کي حرامي گڏهه پوت گيدين
هاوي مين هوسن ملا مين مکاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پکڙ دست شه بومسلم سين ديا
قتل کا امر ڪفر ناري ني کيتا
قهر خارجون سر خدا کا تو پيا
کوڙ مرڪب نهوتي لباسي سماري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

طاقت چڱي نوکران کي بجا کر
اپر شاهه حملي ڪرڻ کي کجا کر
بي همت بهئي لا کهه الکي جو چاڪر
شرمسار هويئي وو شيطان شراري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

قاتل تها شهه پوءِ مسلم کا حارث
حديثا هويا مونون سين تو حادث
نبي بن يتيمون کا نا ڪوئي وارث
خدائي مين هئي هئي درد کي پوکاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

تها نازل قهر ناريون پر خدا کا
ڦهريلي دين محمد سون جئي هاءِ هاکا
بچي ٻال ان پر غضب حق بجا کا
لعنت انهون پر جهانگي چماري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

شهادت رسيا بو مسلم
رب کي رضا مين فتحياب پايا
کڙهتا درد مومنون دل خدايا
مٿون خارجون کيس هويا بيماري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

امير المسلمين چڙهو دير ناهين
شامين کوفيان سر لگا بهرک بهامين
تيري ڪافلي کون پيغمبر پناهين
چلو ڪربلا مين هي ياور کي ياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پئي سن کي حڪاي درد مين پري گل
امرمين تو ايثار عاشق کڙي کل
توڪل ڪمر ٻاند حق کي چڙهيئي کل
چلي ڪربلا پاس سيد سونهاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

اچانڪ گهڻا پير گهوڙي کا اوهان
پويا يار يارون سين منه رکه کهوهان
بٽاڌو خبر دشت اس کي کو ساهان
مگر ڪربلا هئي ندا کي سنواري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

فرمان سرور نبي کها شا
قتل ڪربلا مين هويا سنا تها
هئي دشت اهي اجل کا بجا تها
کا وو کجاوي قراري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

اسي دشت مين هئي شهيد و شهادت
سو خان آڳ مين عزرائيل آئي جماعت
کاري هئي درد کان بيان دل خايت
اجل هئي شڪاري سنو دوستداري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

رهئي رڻ کچاوي توکل الله کي
فرزند اولاد علي شائشه کي
مبارڪ اميرون سين جنگ کي فتح کي
آواز هفت و زمين طبق تاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

جبي دن هوا تب ويکائي مين آيا
لشڪر اچانڪ چو طرفان قهر آيا
تلواريان تيز تاتا بتا يا
پڙ پهلوان کڙي نر نياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

گردا گرد و پڙهه کي شوم شامي
مروان يزيدي ڪوفي گلي حرامي
بهڙڇيان ووٺيڙي چؤطرفون تيرامي
امامين سون ان سموهين سوڌ هاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

لڳي ساز مارو کهن جنگ جنگان
عجب جنگ جهوٽي تورڻ مين ننگان
پهلوان پيلان کرن پڙ پلنگان
ويکهو بجليان کي جهلڪ جهلڪاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

انکاس دهرتي فلڪ رو منايا
فرش عرش کرسي منار اکنيا
درد تها زهر زهر جل تهل دهپايا
ماتم کي هئي هئي سنو پئي کيداري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

نوبت نفاري مارو موت با جن
دهاني دهان دف و ماميين سوين شرساجن
رڻ سنگ بهکن بهيرين ابهه گا جن
هويا آسمان گرد اوندههِ غباري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

فوجان کر چؤ فهيرون آئي چڙهه کي فاسق
بي ايمان بيدين مرو ان منافق
کري قوم مروان خراب خالق
جت الشرامين هوئي طرق غاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

وحي لئي کي فرمان رب کا جو آيا
امامين سون با ادب کهه سنايا
کرو جنگ جاري حضوري پئي رايا
نصر من الله فتح بشاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

هئي هئي کئي بولون درد کان بيانان
دل سوز شپ روز و کبه کا کهانان
اکئين آب بيتاب نس دن روا نان
نين نور حسين عارف او جاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

کٽک قوم کفار ڪافر چڙها يا
چلئي شه کي اولاد اوپر بنايا
دو عالم مين مردان سين نهو هڙايا
ڀاڱي نهوتي رنهاگي نحس شرمساري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

آدم پاهتر گلي ڪربلا مين
امامين سون لا اله الا الله سين
روتي وو بهتي اک جبر مصلا مين
ماهي جل مين تڙفي ڪررت وهاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

اسي هزار ابن ضياد سين تها
کيتي کٽک دو جها بن سعد سين تها
لعنت خدا کي بي بنيادون سين تها
ڀنو تي دو ڀيٽو تو هينئري هچاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

فضل بن عباسي وتو ميدان سين جي
ابن يار رياحي تو چؤگان سين پي
دوني جنگ جولان دوفاني سين جي
هتر کافرون سين ديا شيروارين
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

وي ڪرسيس شرهي ٻئي پهلوان جي
قتل هويئي کافر بهت کي ريحان جي
شهيدون کي همت کي دو جڳ نشان جي
آگي شه شهان قوم کا خرچه کاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

جنگ جاءِ مين حتر کيا جو حملا
پکين لڳ چهاري چڙيئي شهه بغملا
چيرا باندسر پر ويکهو شاهي شملا
جهولي هل پڙ مين جهويا جهڙ نمايون
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

بار ان طرح رڻ مين مين وسکارها نين
علي و علي نعرا جبار تها نين
درد کان بحر موج موجدار ها نين
هئي هئي لهن سرور هاءِ هاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

اول ابو القاسم کيا مير مار
اوپر سر ويري کيا وا کهه وارا
جهولا جنگ مين کر نشر را نعرا
سنا ملڪ فلکين پيا درد دهاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

اصغر تو اکبر چڙئي شير همسر
ارد ڪافرون کا ڪيا انتي ابتر
هويا ڌنڌ کا رابهر جامين ٻرٻر
سرداري مروان نحس ناس ماري
مين شهيد و نکاري
پيغمبر کي پياري

شامي بدمشق وو ڪوفي ڪميني
بدو بد بي سانحه نحس تهي نابيني
زخمي کئي ظالمون هي حسيني
روتي نور اطهر محمد کي پياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

جلو پر جلو شاهزادان اهائي
کٽک ڪافرو مين جا بجلي لگائي
پتري کرکي حملا کٽک مين عظائي
ڪفر فوج توتي وچهوٽي چوڏهاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ڪاري ڪربلا مين هويا کيس ايسا
جيسا سنا مومنون تم ني تيسا
بتاؤون درد کا کئي احوال کيسا
قلم سو زمين لوح جلئي جگاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

انها ابن مقتل با کستون مستونان
پڙا کاهه کفران مين کرسهونان
ماري شاهه شمشير دهان دهان دهو دهونان
پڙي راڙ کل ڪافرون مين کيکاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

سکيلا پکڙها تمه شائق ملول
ميدان مين جا کڙا پڙ ملو
ماري سيفيان سهه ڪفر کر پهلو بهل
ڦاٽي جگر ڪفار کي سيس ساري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پڙي ڪربلا مين تو غازيان کي غافل
پيلان پهلوان ڪرتي وو چل چل
آگي انهاتي قدم زور زلل
نه ديکهيا کسي حشر ايسا پياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

شهزادي شوق اپني بهئي شهيدان
سبهي سوار سورهه وو سيد سعيدان
لعنت خدا کي کهو بريز يدان
خزان مين پڙي کل مرمد مداري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پڙي آڙ خبر شاهزاديان کي شه سين
علي شاه اولاد هر دم فتح سين
شهادت رسيئي شاهه عارف الله سين
معراج لهايا اميرون سين ياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

امام المسلمين چڙيا کر کي نصرا
گڙ گڙ گجا آسمان کر دهوکا را
چوچک درد کا لکانو نغارا
خارج هويئي کل حيران هزاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

توڪل الله کي پکڙها تهه بهالا
کرکي جلو طرف کفران چلياري
سوسين شهيد نونکا هاري
پيغمبر کي پياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

فلڪ مون ملڪ بهئي تو حاضر ناسين نين
حڪم تو ديو وهرا مريون ربي نين
قتل کل کهڙڪي ڪرون بيخ بيسنين
ملڪون کي سنت نه ميرا اختياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

جلدي چڙهي طرف نگاهه کي جي
گلي رڻ مين هئي هئي تو نگاه کي جي
مارو تيغ چل کر اچنگاه کي بي
قتل مون بقا مين چلو ايک واري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

فنا کي ملڪ مين نهين کس کا تها ٽان
بقا مين بهاري هئي جنت لگا ٽان
جفا جور مجه پر جيوين رب کا جاڻان
رضا مين تو رضي خد مئين منياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پاني تلا کي اوپر شاهه پياسا
ڪمر کي زبر زور حملا ورهايا
ڪفر مار کي توتلا وون سين ٽهليا
جبي پيني پاني لکي شه سواري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

فرمان غيبي آيا يون شهيني
پياري تماري تشنه دل ڪبيني
پيون بات آب اوس سچي سون رهيني
درد مين پڙاو اويلا کهياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

کيا دور پاني طرف جنگ ڪا ها
الله اڪبر کا شير شاها
زلزل زمين پر فلڪ هاءِ ها ها
دردمين تو برسي سماجل جوهاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

سن ڪر امامين ڪا ها اسب سين
الله اڪبر تو ڪهه کي جذب سين
طرف جنگ جولان غازي غضب سين
پڙي جا ڪفارون مين مالڪ مياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

اول تيغ گهوڙي کي جند مين وويٺ کي
سوين ستر و اهيان وو چوڦير چٽ کي
گهوڙي بهي سوين ماريئي که کي گٽ کي
بوراق سين صد زخم بهئي بجاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ياقوت موتي و مرجان بل بل
گيتي لعل هيري تو دلدل سين دل دل
عطر مشڪ سين پوٽهه گهوڙي گهاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

سبي ساز کندن جڙي شاه گهوڙي
عجب جلوه گهوڙي کان ڏوري سون ڏوري
اسب پر چڙيا بادشه جنگ جوڙي
بڙا کي طالع گهوڙي کا خداري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

همين کسکون رنجا نجايا کهو تم
رکهو کوجهه سانچه هي خارج هو تم
جهوني دو جڳ مين تو پيدنهن تم
دغل بازو لمين تمهين کون دغا
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

محرم شرن شان کان مصفا هي
حضرت علي و ولي مرتضا هي
شهادت کان منصب ويا دم خدا جي
سني کان فرد تم سيه رو مڪاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

سامان کيون کرکري تم تياري
اميرون اگر هرگر کي لشڪر ڪون ري
هماري بهي هئي با کفر جنگ جاري
مارون تيغ ڪفار کو پر مين کاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

هو آکهي شاهه سين کجهه اثر لي
خارج سبي بهي منشيات خر ئي
مروان منکر وومرتد مکرلي
لڳا موچڙا سر ڪفارون هزاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

کيا مکيه مبارڪ مديني سونهاري
سردار سين خاڪ کهيا پوکاري
کيسي درد سين پڙي هون بيچاري
تمهين نه تها يا نبي دل آزاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

چشم چانکي ديکهو علي هور يهان
هئي هئي که احوال رڻ مين همارا
آواز پني آيا آشڪارا
سنيا کوفيان شاميان ڪل ڪفاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

فرمايا سرور نبي مصطفا يون
نهين اختياري تو رب کي رضايون
دو جڳ دردو نهين هماري پڙيون
بچوري کا هئي هئي کهون کي آزاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

کلهي پر کبهي چاڙهه سمجهه سيني کهيلاتي
ايسي رحم تيري روتي رها تي
پيغمبر کرم کر چاتي پر تو چاتي
غاطان هون آب خاڪ مين خاڪساري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ڪيا مکيه نجف طرف سيد سچاري
بولي مبارڪ لبون لعل هاري
بابا ڪيا کيس کيسا لغاري
عجب لاؤ بالي خدا کي رضاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ديکو حال هئي هئي پڙي هون جوپٽ مين
قيامت قراري ناهو يگا الٽ مين
حشر گاهه همني ديکها جو جڳت مين
امت کي کارڻ ديئي سيس چاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ميري لعل رت مين تو اندام جبي هئي
اولاد تج پر تو حشام هئي هئي
کٽک ڪافرون کي به ها نما وئي وئي
سنو جي يتيمون کي فرياد واري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

انجام تيري اوپر سيس کاني
ايسا واقعا کي کهون کيس کاني
مروان مردود ابليس کهاني
نظر يا علي کر ديکهو ايک باري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

روتي وو معصوم ڪرتي پوکاران
سختي مين سد کرسنا تي تواران
علي مصطفا سين درد کي اوبهاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

ظلم کوس کي سون چهوتي پاک نوري
سيد سدائين عفت حضوري
رضا حق مين راضي رهي کر عبوري
روتي هي خاتون هئي هائي پياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

شامي ڪوفي کلي آپس مين بولا تي
سمالح سور پون هڪ ٻئي سنا تي
سيد حيف ان پر کهونکه لعنا تي
روو يگابي بي ڪفر سين بولاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

فرزند خاتون حضرت کي چائي
گون ڪوفي شامي يون رب کي رضا کمي
شهادت رسئي شير جنت بجائي
قيامت کي تا ان کان دکهه دل خداري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

مظلوم اوپر ظلم ظالمان کا
ظالم جهنم مين هوشي جهان کا
خوشي گهر ڪفارون خبيثون مين کانکا
بدل طالبان درد مومن ميلاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

دور تهي پيغمبر کي سردار سائين
سبهي مرسلون کي وو مالڪ شمائين
سيد سونهاري ئين کيا گهه سنائين
رسي جا لقامي مني مصطفاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

صورت امامين سورج سون نياري
خود شمس مهتاب مالڪ شعاري
هر چال حضرت اميرون اپاري
سرتاج سلطان صاحب هماري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

دربان تما جائي جبرئيل در کا
جبرئيل کا جوش جلتا جگر تها
کرتا تو هئي هئي دوکهنا بدر تها
علم تهي مديني منور نشان دهي
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

رسئي شهه شهادت رضا مين رباني
ماتم کيا ياعلي مصطفا ني
دهرتي ملڪ فلڪ دو فان تهاني
روتي جوهر مين هئي هئي الله ري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

قتل يا ان مين اگرجي نا هو تا
ظهورا خدائي خدا کا نا هوتا
اسي کيس ارمان مين رب بهونا
خالق کهي خود ني مجه پر مياري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

حضرت پياسين پيغمبر کي پياري
حسنين کي هڪل همت هونگارا
جهڪر جبور شمشيريان سر ڪفار
گهچي بهت جون گرگري شير نعصري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

کليجي پٽي ڪفر بکيان هيان کا
جگر ٽوٽا شاهي و مروا نياز کا
هويا روسيه ديکهو حرا ميان کا
انصاف امامين کيا بي بيان ري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

حضور مين عرض محبت پيالا
هو وئي ذوق حق کا سدا شوق مالا
سچئي حب پنجتن کي لون لون سنبالا
هويگا هميشه مهربار باري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پنجتن کي درگاه مين هون سوالي
مرشد کي محبت هويگا ڪمالي
اولاد ارکل فقر مين بحالي
رکهي عاقبت عاقبت مين بيچاري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

شهيدون کي اسرار سون بيخبرني
بهوت خلق منکر تو اب ني مکرني
بهتي بي ايمان بدوکر بشر في
شناس حق کي نهين بخني کوئي هانيري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

پهچي يهي قتل ڪرتي ڪرتي ملامي
حيفي تخم پورٽ سور حرامي
افغان مروان ڪوفي توشتامي
لعنت انون پر لکهون لاکهه واري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

امامين کي درد مين هائي هاءِ ري
عشاقون ديئي سرا چهل چاءِ چاءِ ري
فلڪ اور ملڪ مين پري هاءِ هاءِ ري
قيامت کي تائين النبي بجا ري
ماتم دو جڳ مين شهيد ونکاري هاري
حضرت امامين پيغمبر کي پياري

(هي مرثيو موسى فقير جي بياض تان نقل ڪيو ويو آهي جيڪو محترم انجنيئر عبدالحسين موسوي صاحب جن جي ٿورن سان دستياب ٿيو.) (ٽالپر دؤر ۾ فارسي زبان جو عروج هيو تنهن سبب مرثيي ۾ ٻولي جي حوالي سان سنڌي توڻي اردو ۽ فارسي لهجو ملي ٿو. هتي نقل ٿيل بندن جي تعداد 119 آهي اڃان به الائجي ڪيترائي بند آهن جيڪي اڻپورا هجڻ جي نقل نه ٿي سگهيا ۽ آءُ انهن جي مڪمل تعداد جي اڻڄائي ڄاڻايان ٿي.)

4. فقير غلام حيدر شر گودڙيو

سوانح حيات

طالب نانڪ يوسف جو مريد هو. فقير غلام حيدر ولد قائم الدين شر، 24 رمضان 1215هه بمطابق 08 فيبروري 1801ع تي ڳوٺ مينگھو فقير شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. فقير غلام حيدر 07 محرم 1294هه بمطابق 22 جنوري 1877ع ۾ وفات ڪئي.
فقير غلام حيدر شر جا وڏا اصل ۾ ميرن جي صاحبيءَ دوران سنڌ اندر آيا، فقير غلام حيدر گودڙي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ عربي ۽ فارسي جي تعليم هنڱورجه جي هڪ مدرسي مان حاصل ڪئي

رثائي ڪلام

(مرثيو)

مالڪ تون ملڪ مولا وارث والي حسينؑ،
ظاهري ۾ ظلم هوءِ باطني سڀ نور عين.
(1)
ٿئين تولد تون جڏهن يا سيدا سالار تون،
منهن نبيءَ منهن تي رکيو امت سندا آڌار تون،
نور نوري سر سرتي ابتدا اسرار تون،
تون خدا جو لاڏلو خيرالنساءِ جو نورعين.
(2)
شائق کڻي شمشيريون ڪاهي پيا ڪفران ۾،
ڌڙ ڌڙن تي سڀ هنيائون درد جي دوران ۾،
سڀ هياباڪا بهادر برهه جي باران ۾،
وير سڀ وطنئون جدا ٿيا تنهنجي خاطري يا حسينؑ.
(3)
مير تون معراج ڪيو يا سدا سرور حسينؑ،
تون پيارو مصطفيِ جو جگر جاني نور عين،
راز رب جو تنهنجي سر عاصين آڌر حسينؑ،
جي لڳا لڙه لعل ٿياسي نور نوري يا حسينؑ.
(4)
جان جاني جگر تون آن مصطفي حضرت امام،
ڪڏهن نبيءَ جي هئين ڪلهي تي شاه تنهنجو شير شان،
خون تنهنجي سڀ ڇڏايا امتي جي خاص و عام،
ساٿ پنهنجو سڀ ڪهايئي پٽ ۽ ڀائر يا حسينؑ
(5)
نر هڻي نعرو سي منجهه گهڙيا ڪٽڪ ۾ ها جڏهن،
ملڪ فلڪن تان لهي آيا امالڪ ها تڏهن،
عرش ڪرسي ۾ اوراتو محب ٿيو مالڪ تڏهن،
بيڪسي تي ٿي رنا سڀ ساه سراسر يا حسينؑ.
(6)
ڪربلا ۾ ڪوس ٿيو هو عرش ڪرسيءَ سڀ طوفان،
ناگهان نعرو لڳو تقدير لکيو بي گمان،
شاه ٿي شڪران ڪيا اي يار يارالامان،
حيدري ڪرار جي پياري پسرات يا حسينؑ.
(7)
واقعو آهي وڏو تنهن کي ڪرڻ واجب تمام،
هن بنده کي ناه طاقت جو لکي ڪربل ڪلام،
روز شب رب جا رسن سيد مٿي سهسين سلام،
تنهنجي سرور سام غلام حيدر يا حسينؑ.

5. خير شاهه

سوانح حيات

خير شاهه سچل سرمست جو عقيدتمند هو، رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هيو. خير شاهه جو جنم 1190هه 1776 عڌاري ٿيو. . .
مشهور صوفي شاعر غمدل فقير جي فرزند لطف علي فقير جي روايت موجب خير شاهه گهڻو ڪري پردي ۾ رهندو هو، سواءِ ڪن ويجهن عزيزن ۽ دوستن جي ڪنهن سان ظاهر طرح نه مليو.....
خير شاهه جي ڪلام ۾ سورمين جو ذڪر ملي ٿو. خير شاهه کي سچل سائين کان فقيري ۽ شاعريءَ وارو ونڊ مليو ۽ سچل سائين جي صحبت ۾ رهي رچي ريٽو ٿيو.
خير شاهه جو ڪلام تصوف، عشق، محبت ۽ نصيحت سان ڀريل آهي. خير شاهه جو ڪلام گهڻو ۽ وسيع هو، جيڪو هينئر ناياب آهي، سندس ڪلام مان ڪجهه ڪافيون مير حسين علي واري بياض ۾ موجود آهن، اهو بياض حيدرآباد جي ميرن جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي.
خير شاهه جي وفات 1260 هه بمطابق 1844 ع ڌاري ٿي. کيس دفن به اوتاري واري جڳهه ۾ هي ڪيو ويو آهي.
رثائي ادب جي لحاظ کان سائين خير شاهه جي زاري هيٺ ڏجي ٿي؛


رثائي ڪلام

(زاري)

مومن ڳالهه ٻڌو پنهنجي پير جي
اصغر بني ته صغير جي
کٽ تان ويو کهنبا ڇڏي
دلڙي ويو غمن ۾ گڏي
گهوٽ قاسم ٿو لڏي
منهجي مهل آئي کير جي
علي اصغر اربيلو پليو
حسينڻ کڻي هنجتي هليو
ڪوفن آڏو آڻي جهليو
تقدير وتئون تنهن پير جي
ڍَڍَ جو دهل وڳو
قهر جو ڏوڪو لڳو
سڀ ڪو مومنن اوڏاهين ڀڳو
پهريئون پوشاڪ نير جي
”خير شاهه“ امامن انصاف آءَ
سينو تنن جو صاف آءَ
ڪوهه تنن لاءِ ڪاف آءَ
سرڪي پيتائون اَڪِ سير جي

حوالا:

1. عبدالقيوم صائب، سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري، محفل شاهه نجف روشن جو پڙ، ٽنڊو ولي حيدرآباد سنڌ، ص25.
2. مرتب مصنف: مشتاق مسرور باريچو، ڪتاب جنرل سنڌي، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، سال 14-2013، ص387.

باب چوٿون: خيرپور جي عزاداري ۽ مرثيي جو مقام

---

خيرپور جي عزاداري جو جائزو

”سنڌ ۾ محبت اهلبيت ۽ عزاداري اهلبيت جي پکيڙ جو جديد سفر ميرن جي دور۾ شروع ٿيو، جيڪو حيدرآباد کان پوءِ اتر سنڌ خيرپور رياست تائين پهتو. اتر سنڌ ۾ خيرپور رياست جي ميرن، خيرپور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ عزاداري امام حسين عه کي زور وٺرايو. اتر سنڌ ۾ مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان ٽالپر ۽ سندس جانشينن مذهب اهلبيت کي فروغ ڏياريو.
رياست خيرپور جي مير ٽالپرن جي تخت نشينيءَ جي رسمن ۽ سندن خاص عقيدي بابت ؛سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ” ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ لکي ٿو ته؛ خيرپور وارن تخت نشينيءَ جون ته سموريون رسمون کهڙن جا سني مخدوم بجا آڻيندا هئا، ۽ انهيءَ حد تائين ٽالپر، مخدومن تي پاس خاطري ڪندا هئا، جو کهڙن جي ڳوٺ ۾ محرم جو ماتم به سرڪاري طرح ممنوع هو.
ميرن جي صاحبيءَ ۾ کهڙن ۾ عزاداري شروع ڪرائڻ جي جرم ۾ ٻه سال ڪوٽ تي چاڙهيل سيد ڇتن شاهه (ٻيو) بابت پروفيسر منظور حسين کهڙو پنهنجي سهيڙيل ڪتاب ڪلام سيد ريجهه علي شاهه“ ۾ لکي ٿو ته؛ ”دين محمد شاهه جي (ٻيو) جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ درگاهه جو متولي سيد ڇتن شاهه (ٻيو) ٿيو. کهڙا شهر ۾ هيءُ پهريون شخص هو، جنهن ماتم داريءَ ۽ مجلس جي شروعات ڪري علم نسب ڪيو، جنهن تي مخدومن اعتراض ڪيو، جنهن جي ڪري هن سادات کي ڪوٽڏيجيءَ قلعي ۾ ٻه سال قيد ڪاٽڻو پيو. آخرڪار شاهه صاحب جي سچي حب، اهل بيت مير فيض محمد کي مجبور ڪيو هو جو هو ڪوٽ تي آيو ۽ شاهه صاحب کي آزاد ڪري کهڙا شهر ۾ ساڳيو علم هڻي ڏنو، اهو علم اڄ ڏينهن تائين قائم آهي“.(1)
ٽالپرن جي مذهبي فرقي بابت جيتريون به روايتون ملن ٿيون ته هو اصل، ڪلهوڙن جي دور کان وٺي شيعا هيا ۽ ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته، رياست جي حڪمراني ملڻ بعد ايراني ۽ عراقي عالمن جي صحبت ۾ فڪر اهلبيت جا حامي بڻيا.
(ان بابت پروفيسر عطا محمد حاميءَ پنهنجي ٿيسز ڪتاب؛ ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۽ حصو“ ۾ لکي ٿو ته؛ ”ميرن جي مذهبي مڪتب فڪر متعلق متضاد روايتون ملن ٿيون. ڪن ماڻهن جي خيال موجب هو اصل سني فرقي جا هئا. پر پوءِ ايراني عالمن ۽ درٻارين جي ذريعي شيعت اختيار ڪيائون. سنڌ جو آخري ٽالپر تاجدار مير نصير خان لکي ٿو، ته ٽالپرن جو وڏو مير شهداد خان ٽالپر ڪلهوڙن جي صحبت ۾ شيعو بڻيو ۽ ڪلهوڙا اصل ۾ سيد ميران شاهه جونپوري جا مريد ۽ شيعا هئا. حالانڪ ميان نور ۾محمد ڪلهوڙي پنهنجي وصيت ۾ پنهنجي خاندان کي حنفي فقهه جو قائل سڏيو آهي. مير علي مراد خان خيرپوريءَ جو پڙ پوٽو صاحبزادو مير حاجي غلام حسين روايت ٿو ڪري ته؛ ٽالپر اصل کان وٺي شيعا هئا. ۽ پنهنجو مذهب ڪڏهن به ڪو نه مٽايو هئائون. بهرحال سنڌ جي اوائلي ٽالپرن جو مذهبي مڪتب فڪر ڪهڙو به هجي، پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي، ته خيرپور جا ٽالپر مير سهراب خان کان وٺي شيعا رهيا آهن ۽ اڄ تائين شيعه آهن.“(2)
اتر سنڌ جي عزاداريءَ ۾ ميرن جي ذاتي دلچسپيءَ سبب اضافو آيو.
اتر سنڌ ۾ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ خيرپور جي ميرن ڪوٽڏيجيءَ ۽ رياست جي ٻين شهرن ۾ عشري محرم جي ٿيندڙ پروگرامن کي زينت بخشڻ ۽عوام کي معرفت اھلبيت جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پهرين ايران، عراق پوءِ هندستان ۽ ان بعد پنجاب جي مختلف شهرن مان وڏا وڏا مفتي، عالم، مولوي ۽ ذاڪر گهرايا. جن جي پرچار کانپوءِ خيرپور کانسواءِ آس پاس ۽ محرابپور تائين معرفت اھلبيت ۽ عزاداري اھلبيت جو پيغام پهتو. جتان ساهتيءَ تائين پکڙيو.
سچل سائين جو مرثيو يا ام المسلمين وارو مرثيو . . . .
”فقير غلام حيدر جي خاندان جا فرد گذريل سوءِ سالن کان نائين محرم جي رات جو سرمست سائين جو مرثيو اٺ يا ڏهه ماڻهو ياد پڙهندا آهن. ۽ باقي اتي موجود ماڻهو وراڻي ڏيندا آهن.
هن مرثيي کي پڙهڻ جا ٻه انداز مقرر ٿيل آهن، هڪته گول صورت ۾ فقير جي خاندان جا اٺ يا ڏهه فرد ويهي مرثيو پڙهندا آهن ۽ هر بند کان پوءِ پنهنجي سٿر(ٽنگ) تي ٿپڙ هڻندا آهن ۽ ٻئي طريقي موجب گول انداز ۾ بيهي اهو مرثيو ياد پڙهندا آهن.“(3)

روهڙي جي عزاداري

سچل سائين جا ٻه مرثيا جڳ مشهور آهن. . . . . يا ام المسلمين ۽ ٻيو هائي هائي سوز ٿيو سردار جو. . . . .
بلڪل انهي طرح جيئن فقير غلام حيدر جي خاندان جا فرد يا امام المسلمين وارو مرثيو پڙهندا آهن
سچل سائين جو ٻيو ”مرثيو هائي هائي سوز ٿيو سردار جو“ روهڙي ۾ پڙهيو ويندو آهي سچل سائين جو جو اهو مرثيو اختر درگاهي پنهنجي ڪتاب “سچل سائين ۽ درازي فيض ” ۾ شامل ڪيو آهي ان مرثيي بابت اختر درگاهي لکي ٿو ته ؛
روهڙي شهر ۾ پڙهيو ويندڙ سچل سائين جو مرثيو ٻارهن مصرعن تي مشتمل آهي ۽ اسان کي اها روايت به شروع کان ٻڌڻ ۾ پئي آئي ته انهيءَ مرثيي جا تمام گهڻا مصرع آهن، جيڪي گم ٿي ويا آهن.
جڏهن ته عام پڙهيو ويندڙ انهيءَ مرثيي جو ٿلهه وائيءَ ۽ ڪافيءَ جي ٿلهه وانگر ڏيڊ سٽو آهي، اهو مڪمل مرثيو سچل چيئر خيرپور مان دستياب ٿيو. ان قلمي نسخي ۾ 39 مصرعا شامل آهن
اختر درگاهي جو اهو ڪتاب سچل چيئر خيرپور پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
روهڙي سکر جي عزاداري جي حوالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي زاري پڻ مشهور آهي جيڪا هي آهي:
اڄ پير مؤمنن جا مديني ڇڏ هليا
مدينو ڇڏي هليا سي مدينو لڏي هليا
سچ چنڊ مصطفى ڏي يڪدل گڏي هليا
هئي هئي انڌارو ٿئو ان ري تارا لڏي هليا
اڄ مير مومنن جا مدينو ڇڏي هليا

سکر ۽ حيدرآبادي لهجي جي فرق جي ڪري هر ڪو پنهنجي علائقي ۾ پنهنجي انداز سان هي زاري پڙهندا آهي.

سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا

شاعري، جيڪڏهن جذبات نگاريءَ جو نالو آهي، ته مرثيه کان وڌيڪ حزن ۽ درد و غم جي ترجماني ٻيو ڪوبه شعر نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن، اسين انگلستان جي فلسفي شاعر( مل MILL) جو رايو ڪتب آڻيون، ته انساني جذبات، ۽ احساسات شاعريءَ جا روح روان آهن، ته پوءِ مرثيه کان وڌيڪ ٻيو ڪو شعر، موثر ٿي نٿو سگهي.
(1) شايد اهوئي سبب آهي جو محترم لطف الله بدويءَ مرثيه بابت لکيو آهي ته؛ ”جذبات غم، جنهن کي شاعريءَ جو اصلي روح چئجي، اسان کي ٻين قسمن ۾ گهٽ، ۽ مرثيه ۾، اول کان آخر تائين ملي ٿو. “(4)
محترم لطف الله بدوي
(2) مرثيي جي صنف عربي مان فارسي ۽ فارسي مان اردو توڻي سنڌي ۾ آئي آهي پر اردو توڻي سنڌي مرثئي جي صنف اهلبيت اطهار ۽ معرڪه ڪربلا لاءِ مخصوص ٿي چڪي آهي. جديد مرثيي جا جزا قديم مرثيي کان مختلف آهن. جديد مرثيي ۾ تمهيد، مُکڻو، سراپا رخصت، آمد، رجز، شهادت ۽ آخر ۾ دعا تي اختتام ٿيندو آهي.
واقعهءِ ڪربلا جي ذڪر کي بيان ڪرڻو هجي يا آئمه اطهار قربانين جي دين اسلام خاطر قربانين جو تفصيلي ويڻ يا حريت پسندي ۽ ظالم خلاف مظلوم کي همٿائڻ ۾ مرثيو بهترين ذريعو بڻجي سامهون آيون آهي. سو انڪري اهيو چوڻ به واڌارو نه هوندو ته مرثيو پاڻ اندر ۾ هڪ لاجواب فن بڻجي چڪو آهي.
محترم برادر دانش عباس سومرو

حوالا

1. مولائي ملاح، محراپور جي عزاداري (مختصر جائزو)، مولائي پبليڪيشن محرابپور، سال 2017، ص127.
2. ايضاً، ص130.
3. تحقيق: ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست جو مرثيو، سنڌ ثقافت کاتو، سال 2014، ص21.
4. تذڪره لطفي، ج2.

نتيجا

منهنجي هي ٿيسز اميد آهي ته سنڌي مرثيي جي تحقيق ڪندڙن محققن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي جنهن ۾ مان سچل سائين جي ٻن مرثين کي شامل ڪيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سچل سائين جي همعصر شاعرن جي رثائي ڪلام پڻ شامل ڪيو آهي. سچل سائين جو هڪ مرثيو ڊاڪٽر مخمور بخاري شايع ڪرايو ۽ ٻيو محترم اختر درگاهي صاحب جن شايع ڪرايو آهي. منهنجي هن ڪم ۾ نانڪ يوسف صاحب جو ڪلام واڌاري طور شامل ڪيو آهي.

ببلو گرافي

• مرتب: مولانا حڪيم محمد صادق راڻپوري ”رسالو سچل سرمست“ (سرائيڪي ڪلام)، سنڌي ادبي بورڊ.
• مرتب مصنف: مشتاق مسرور باريچو، ڪتاب جنرل سنڌي، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، سال 14-2013.
• تحقيق: ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست جو مرثيو، سنڌ ثقافت کاتو، سال 2014.
• عبدالقيوم صائب، سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري، محفل شاهه نجف روشن جو پڙ، ٽنڊو ولي حيدرآباد سنڌ.
• تحقيق ۽ ترتيب: نوشاد علي جعفري، تون درد ٻڌاءِ مان دانهن ڪريان، موج وحدت پبليڪيشن روهڙي.
• مشتاق گبول، شاعري جون صنفون، روشني پبليڪيشن.
• عبدالقيوم صائب، سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري، محفل شاهه نجف روشن جو پڙ، ٽنڊو ولي حيدرآباد سنڌ.
• تحقيق ۽ تصنيف: انجينئر سيد عبدالحسين موسوي، روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتون صديون، موج وحدت پبليڪيشن روهڙي، سال 2013.
• عبدالقيوم صائب، سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري، محفل شاهه نجف روشن جو پڙ، ٽنڊو ولي حيدرآباد سنڌ.
• مرتب مصنف: مشتاق مسرور باريچو، ڪتاب جنرل سنڌي، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، سال 14-2013.
• مولائي ملاح، محرابپور جي عزاداري (مختصر جائزو)، مولائي پبليڪيشن محرابپور، سال 2017.
• 3. تحقيق: ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست جو مرثيو، سنڌ ثقافت کاتو، سال 2014.
• 4. تذڪره لطفي.
• سنڌ سلامت ويب سائيٽ
• اختر درگاهي، سچل سائين ۽ درازي فيض، سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
• مرتب: الطاف اثيم، فقير غلام حيدر گودڙي جو رسالو، سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سال 2016.