سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” عالمگيريت ۽ سنڌي سماج“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيو آھي.
هي ھڪ اھم ڪتاب آهي جنھن ۾ عالمگيريت Globalization جي وصف، ان جي فائدن، نقصانن ۽ عالمگيريت ۾ سنڌي معاشرو ۽ سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺي آهي، ان کي سولي نموني سمجهايو ويو آهي. ڪتاب ۾ نيشنلزم کان عالمگيريت، عالمگيريت ۽ سرمائيداراڻو نظام، ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ عالمگيريت، عالمگيريت جي دور ۾ آءِ ٽي جي ڪردار، سوشل ميڊيا جي اوسر، عالمگيريت ۽ ثقافت، عالمگيريت ۽ ٻولي، لنگا فرئنڪا، عالمگيريت جي ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ۽ درپيش مسئلن ۽ عالمگيريت ۽ سنڌي سماج جھڙن مضمونن ۽ مقالن ذريعي اسان کي سمجهاڻي ڏني وئي آهي.
ھي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيي جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ مھربانيون پيڪاڪ پبلشرز جون جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي