ٻاراڻو ادب

نياريون وِٿون

ھن ڪتاب ۾ عرساڻي صاحب شاندار نموني روز مرہ جي زندگيءَ ۾ وساريل/غير اھم ڄاڻائي نظر انداز ڪيل  شين جي اھميت نصيحت آموز انداز ۾ بيان ڪندي 100 مضمون لکيا آھن. ڪتاب ۾ ڌارين ٻولين جي اثرن جي گدلاڻ کان آزاد نج سنڌي ٻولي ڪتب آندل آھي، سواءِ اسم خاص، پھاڪن يا بيتن جي. ھن ڪتاب ۾ اسان کي اھي سنڌي لفظ ملندا جيڪي اسان ھاڻي وساري ويٺا آھيون يا استعمال ۾ ئي نٿا آڻيون. ھي ڪتاب آھي تہ ٻارن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ پر سچ تہ اڄڪلھ جي ھر ليکڪ، صحافي، استاد ۽ وڏڙن کي پڻ ان مان گهڻو ئي لاڀ ملندو. 

Title Cover of book نياريون وِٿون

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، محقق ۽ تعليمي ماھر محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ٻارن لاءِ لکيل ھڪ سئو ننڍن مضمونن تي ٻڌل ڪتاب ”نياريون وِٿون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ عرساڻي صاحب شاندار نموني روز مرہ جي زندگيءَ ۾ وساريل/غير اھم ڄاڻائي نظر انداز ڪيل  شين جي اھميت نصيحت آموز انداز ۾ بيان ڪئي آھي. ڪتاب ۾ ڌارين ٻولين جي اثرن جي گدلاڻ کان آزاد نج سنڌي ٻولي ڪتب آندل آھي، سواءِ اسم خاص، پھاڪن يا بيتن جي. ھن ڪتاب ۾ اسان کي اھي سنڌي لفظ ملندا جيڪي اسان ھاڻي وساري ويٺا آھيون يا استعمال ۾ ئي نٿا آڻيون. ھي ڪتاب آھي تہ ٻارن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ پر سچ تہ اڄڪلھ جي ھر ليکڪ، صحافي، استاد ۽ وڏڙن کي پڻ ان مان گهڻو ئي لاڀ ملندو. 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1980ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي