جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪھاڻي
ادريس جتوئيءَ جو ھي مجموعو اصل ۾ ايم اي سنڌي جو مونوگراف آھي، جيڪو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ جمال ابڙي جي ڪھاڻيءَ جي فن ۾ موضوع، ڪردارنگاري، ٻولي ۽ سماجي شعور جو جائزو ورتو آھي. ھن ڪتاب ۾ جمال ابڙي جو ھڪ انٽرويو، ڪھاڻيون ۽ بايوڊيٽا پڻ شامل ڪئي وئي آھي.