ڪتاب گهر کي آف لائين ھلائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن انسٽال ڪريو | ✖ ٻيھر نہ ڏيکاريو
شاعري
دل جو شهر
سائين راشد مورائي، سنڌ جي ادبي دنيا جو اهو روشن ستارو آهي،جنهن ڏات جي ڏيھ ۾ ”مان باغي هان مان باغي هان“ ، ”ضمير چهنڊڙيون هنيون“، ”هن قوم جي ڪن ڪن ڳالهين تي جي ڏيندو آهيان ڪن، پڄرندو منهنجو آهي من!“ سميت سوين اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن جي شعري پختگي، رواني، ۽ خود سائينءَ جي پڙهڻ جو انداز ٻڌڻ سان ڏاڍو حز حاصل ٿيندو.
پنهنجي والد محترم
سيد سعيد علي شاھ خادم
جي نالي، جنهن جي شفقت ۽ صحبت ۾
ٿي شاعري نصيب.
ــــ راشد مورائي
• دِل جو شهر گهمايان توکي
مُنهنجي خوابن جا شهزادا!
دِل جو شهر گهمايان توکي.
• ٻه اکر
سائين راشد مورائي، سنڌ جي ادبي دنيا جو اهو روشن ستارو آهي،جنهن ڏات جي ڏيھ ۾ ”مان باغي هان مان باغي هان“ ، ”ضمير چهنڊڙيون هنيون“، ”هن قوم جي ڪن ڪن ڳالهين تي جي ڏيندو آهيان ڪن، پڄرندو منهنجو آهي من!“ سميت سوين اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن جي شعري پختگي، رواني، ۽ خود سائينءَ جي پڙهڻ جو انداز ٻڌڻ سان ڏاڍو حز حاصل ٿيندو. اهڙي قومي شعر جي هن شعري مجموعي کي ڇپائڻ جي سعادت حاصل ڪندي مون کي تمام گھڻي خوشي حاصل ٿي رهي آهي.
سائين راشد مورائي نه رڳو اعليٰ پائي جو شاعر آهي پر هڪ اهڙو عظيم انسان آهي جنهن سنڌ جي سوين نوجوانن کي زندگيءَ سان منهن مقابل ٿيڻ جو دڳ پئي ڏسيو آهي. مون ناچيز تي سندس جيڪي به نوازشون رهيون آهن، اهي لاهڻ کان ته ڳريون آهن پر انهن کي ڳائڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿو. مون ڪجھ عرصو اڳ جڏهن المهراڻ فائونڊيشن نالي ادارو قائم ڪري ٻين ڪمن سان گڏ ڪتابن ڇپائڻ جي شروعات ڪئي تڏهن اهو سوچيو هيم ته پهريون ڪتاب پنهنجي محسن سائين راشد جو ئي ڇپائيندس ليڪن ائين نه ڪري سگھيس. ۽ پهريون ڪتاب حُر تحريڪ جي مشهور ليکڪ ملهار فقير خاصخيلي جو لکيل ”تاريخ حُريت سنڌ“ جيڪو سائين الهورائي اداسي جي خاص مهربانيءَ سان ڪمپوز ٿيل مليو اهو ڇپايم.
پنهنجي ڪجھ ڪوتاهين سبب سائين راشد جي هن شعري مجموعي کي آڻڻ ۾ به دير ٿي وئي آهي. بهرحال ”دير آيد درست آيد“ جي مصداق سندس شاعريءَ جي هن مجموعي ”دل جو شهر“ جو ٻيو ڇاپو ڇپائي پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيان ٿو. منهنجي اها ڪوشش رهندي ته سنڌ واسين کي اهڙيون ڪاوشون پهچائجن جن جي پڙهڻ سان قومي سوچ نه رڳو پختي ٿئي پر ان لاءِ لوچ ۽ پوچ به ٿئي. اوهان جي مثبت راين ۽ رٿن جو انتظار رهندو.
عاجز منگي
چيئرمين
المهراڻ فائونڊيشن، سانگھڙ
• راشد مورائي- انسان دوست شاعر
راشد مورائي، منهنجو دوست، منهنجو ساٿي، منهنجو همسفر، منهنجو من پسند شاعر آهي.مون راشد جي شخصيت، فن ۽ ان جي فڪر جي تمام ويجھو مطالعو ڪيو آهي. هن شاعر جي فڪر جي پختگي ۽ ان جي فن جي ارتقا ۾ جيڪي لاها چاڙها، گھٽيون گھيڙ، مرحلا ۽ مقام آيا، آئون انهن سڀني کان واقف آهيان. ساڻس منهنجي فطري هم آهنگيءَ کان سواءِ هڪ ٻي اهڙي ڪشش هئي، جنهن مون کي هن سڄاڻ شاعر کان بيحد متاثر ڪيو آهي ۽ اُهو آهي سندس صوفياڻو مزاج -! راشد هڪ اهڙي گھر ۾ جنم ورتو آهي، جتي اڇا اجرا، پاڪ ۽ پوتر روح هئا. راشد جو والد بزرگوار هڪ سچو، سپيتو صوفي هو ۽ صوفين جون دليون هر طرح جي ڪدورت، ڪيني، بغض ۽ مير مديءَ کان پاڪ هونديون آهن. راشد جي سرشت ۽ طبيعت تي ان ماحول، تربيت ۽ وسيع فڪر جو اثر ائين جرڪي رهيو آهي، جيئن صاف ۽ شفاف آئيني تي چنڊ جو اولڙو ۽ عڪس جرڪندو نظر ايندو آهي. محبت، پيار، انسانيت جو احترام ۽ ”سک رمز وجود وڃاوڻ دي، نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي.!“ صوفين جو دين ڌرم ۽ بنيادي متو آهي. جيتوڻيڪ ورهين کان راشد انهيءَ ماحول مان ٻاهر نڪري، علم فن ۽ فڪر جي کليل فضا ۾ تجربي تي تجربا حاصل ڪندو رهيو آهي، پر ڪڏهن به انهيءَ بنيادي عقيدي تان سندس ايمان ۾ لغزش نه اچي سگھي آهي. هو پاڻ انهيءَ عقيدي تي اٽل ويساھ جو اظهار هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:
فتويٰ نه ڏيو، ڪافر نه چئو، مومن کي ميان منڪر نه سڏيو،
سچ پچ ته اسان جـو سونـهـن مـٿي ايــمان سلامت آھ اڃـا.
پهريون ڀيرو جڏهن راشد هڪ ادبي گڏجاڻيءَ ۾ اسان کي اِهو شعر ٻڌايو ته ڪيتريءَ دير تائين مان انهيءَ شعر جي تاثر ۾ ٻڏل رهيس ۽ منهنجي ذهن تي مصري شاھ جي هيءَ عارفاڻي سِٽ سِرجي آئي ته:
”عشق سڄوئي اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ.!“
سچ پچ ته راشد جي پنهنجي زندگي به محبت واري مذهب جو ڪامل نمونو آهي ۽ سندس پيشانيءَ تي سونهن مٿي ايمان ۽ عرفان جو اِهو نور ۽ جوت ۽ جمال ئي کيس پنهنجي سمورن ساٿين ۽ رفيقن ۾ هر دلعزيز بنائڻ جو ڪارڻ آهي---- ۽جڏهن منهنجي دل تي ڪو بوجھ ۽ ذهن تي مونجھ تري ايندي آهي ته هن انقلابي، صوفي ۽ سماج جي غلط ريتن، رسمن، ٻنڌڻن ۽ بندشن کان باغي شاعر سان سور سلي پنهنجي اڃايل روح کي تسڪين ڏيندو آهيان.
راشد سان منهنجي پهرين ملاقات، 14 جون 1967ع تي منهنجي هڪ دوست علي گل عباسيءَ جي معرفت ٿي ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين ساڻس روحاني تعلق قائم آهي. ان وقت مون کي راشد جھڙن باضمير، حساس ۽ انسان دوست ساٿين جي تلاش هئي. مون بقول شمشير جي ’راشد جوپيڇو ڪيو‘ ۽ اڃا تائين سندس پيڇو ڪندو ٿو رهان. هن جي آواز کي سمجھڻ، پروڙڻ، پرکڻ ۽ پرجھڻ جي ڪوشش ڪندو ٿو رهان. هن جي ڪوتا منهنجي دل جي ترجمان آهي. هن جي شاعري منهنجن احساسن، اڌمن، جذبن ۽ جولانن جي لفظي عڪاسي آهي. مون کي سندس ڪلام ۾ نه رڳو فني پختگي ۽ رواني نظر ٿي اچي، پر سندس ڪلام ۾ ڌرتيءَ جو درد ، زندگيءَ جي مسئلن ۽ مونجھارن جي پيڙا، سونهن ۽ سچائي جي سرهاڻ، امن ۽ ايڪتا جي بي لوث تڙپ ، انسانيت سان پيار، وطن سان بي انتها محبت ۽ پورهيت سان پنهنجائپ جي مقصد جو روح به شامل آهي ــــ ۽ مان صاف لفظن ۾ ۽ نهايت کليءَ دل سان اهو به چوندس ته راشد اسان جو جوڙ ۽ اسان جي سٿ جو هوندي به اسان کان ڪن ڳالهين ۾ اڳرو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي شاعريءَ جي عمر، راشد جي شاعريءَ جي عمر کان ڪجھ سال وڌيڪ آهي. راشد 1957ع کان مستقل طور ۽ مسلسل لکندو پيو اچي. اهو دور سنڌي ادب لاءِ سخت آزمائش ۽ امتحان جو دور هو. پاڪستان جي نقشي تان سنڌ جو نانءُ مٽائي (خاڪم بدهن) سنڌي ادب تي ڏاڍ، ڏهڪاءَ، دهشت ۽ دٻاءَ واروظالمانه طريقو مسلط ڪيو ويو هو. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن وڏا وڏا استاد الشعراءَ به مصلحتن جي آڏو سر تسليمِ خم ڪري، چپن تي چُپ لائي، پنڊ پهڻ بنجي ويا هئا. ”چشم بندو لب به بندو گوش بند!“ سنڌ جي حساس، با ضمير، ترقي پسند ۽ محب وطن دانشورن لاءِ اهو دور سخت گھٽ، ٻوسٽ، اضطراب، بي يقينيءَ جي ڪيفيت جو دور هو. ذهنن تي زنجير ويڙيا ويا، سوچون صليبن تي رقصان هيون، سڄو تخليقي ادب سخت کان سخت پهرن هيٺ پلجي رهيو هو. هن سڪوت ۽ سناٽي کي سنڌ جي محب وطن شاعر اياز جي سرمستي صدائن ٽوڙيو، اياز کان سواءِ حيدربخش جتوئي، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير، شمشير ۽ ٻين هڪ نئين ۽ ڀرپور عزم ۽ اتساھ سان اڳتي وڌيا ته موت هٿان مات کاڌل زندگيءَ ۾ حرڪت اچي ويئي. سنڌوءَ اٿل کاڌي، وستيءَ وستيءَ، واهڻ واهڻ اميدن جا نوان گونچ ڦلاريا. اياز هن سناٽي ۾ جو صور ڦوڪيو، سچ پچ ته اسين سڀ ان جو پڙاڏو آهيون. ادب جا اقدار بدليا، تخليق جا موضوع ۽ ڪردار بدليا، فڪر جو انداز بدليو، گل ۽ بلبل---- عارض ۽ گيسو، جام ۽ مينا جون علامتون هميشه هميشه لاءِ سنڌي شاعريءَ مان نڪري ويون --- ڌرتي، انسان، پورهيت ۽ انسانيت سنڌي شاعريءَ جا موضوع بنجي ويا. اوچتو نوان آواز اڀريا، اهي آواز الهامي آواز نه هئا، پر ڌرتيءَ جي پاتال مان اڀري آيل لهرون هيون--- ڇوليءَ ڇوليءَ جو پنهنجو ڇوھ ۽ لهر لهر جي پنهنجي لئي هئي. راشد جي شاعري به ان ڪاريءَ رات جي رئي تي آس ۽ اميد جي جرڪندڙ ستارن منجھان هئي. راشد جي شاعريءَ جي شروعات به حسن مجازيءَ کان ٿي ۽ ان جي انتها هن ڌرتيءَ جي محبت ۾ فنائيت تي ٿي آهي:
راشد ۽ استاد بخاري، جيتوڻيڪ اسان جي سٿ جا شاعر آهن، پر انهن ۾ هڪ اهڙي خوبي آهي، جنهن سبب هو اسان سڀني کان سَرها آهن ۽ اُها آهي لکڻ ۾ سندن مستقل مزاجي---! مون ڏٺو آهي ته اسان جي رفيقن مان اهي ٻه شاعر تمام گھڻو ٿا لکن. حالتون ڪهڙيون به هجن، انهن جي سدابهار سوچن تي اسان ڪڏهن به اداسي ڇانيل نه ڏٺي. هي لڳاتار لکندا ٿا رهن. لکڻ، هنن جي روحاني غذا بنجي چڪو آهي. لکڻ، هنن جي جبلت آهي، لکڻ، هنن جي زندگي بنجي چڪو آهي. الائي ڇو؟ ڏات هنن کان ڪڏهن به رُسي نٿي؟ هنن ڏات کي ڪي اهڙا ته ڏانوڻ وجھي سوگھو ڪري ڇڏيو آهي، جو جڏهن چاهين، لکي سگھن ٿا. شاعريءَ جي اها پالوٽ اسان پنهنجي سانڀر ۾ فقط انهن ٻن شاعرن تي ڏٺي. ’راشد‘ جو هيءُ مجموعه ڪلام سندس سڄي شاعريءَ جو جزو مس آهي. سندس بهترين ڪلام سندس انقلابي شاعري ۽ اهي نظم، جن راشد کي هند - سنڌ ۾ مشهور ڪيو آهي ۽ نون توڙي پراڻن اديبن، شاعرن ۽ نقادن کان دل کولي داد ورتو آهي، سي هن مختصر مجموعي جي زينت بنجي نه سگھيا آهن. هن مجموعي ۾ لکيل مواد جو گھڻو حصو سندس شروعاتي ڪلام تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪافي شيون پوءِ جون به آيل آهن. هي مواد اسان کي هن شاعر جي ذهني ارتقا، سندس سوچ ۽ ادب ۾ سندس نظرياتي وابستگيءَ جي تسلسل جي نشاندهي ٿو ڪري. ’راشد‘ ڪلا کيتر ۾ پنهنجي جگر جو رت ڏيئي، تخليق ۽ فن جا جيڪي سدابهار ڦول لڳايا آهن؛ هي مجموعو ان جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ پورهيئي جو نچوڙ آهي. راشد ۽ استاد بخاري، جيتوڻيڪ اسان جي سٿ جا شاعر آهن، پر انهن ۾ هڪ اهڙي خوبي آهي، جنهن سبب هو اسان سڀني کان سَرها آهن ۽ اُها آهي لکڻ ۾ سندن مستقل مزاجي---! مون ڏٺو آهي ته اسان جي رفيقن مان اهي ٻه شاعر تمام گھڻو ٿا لکن. حالتون ڪهڙيون به هجن، انهن جي سدابهار سوچن تي اسان ڪڏهن به اداسي ڇانيل نه ڏٺي. هي لڳاتار لکندا ٿا رهن. لکڻ، هنن جي روحاني غذا بنجي چڪو آهي. لکڻ، هنن جي جبلت آهي، لکڻ، هنن جي زندگي بنجي چڪو آهي. الائي ڇو؟ ڏات هنن کان ڪڏهن به رُسي نٿي؟ هنن ڏات کي ڪي اهڙا ته ڏانوڻ وجھي سوگھو ڪري ڇڏيو آهي، جو جڏهن چاهين، لکي سگھن ٿا. شاعريءَ جي اها پالوٽ اسان پنهنجي سانڀر ۾ فقط انهن ٻن شاعرن تي ڏٺي. ’راشد‘ جو هيءُ مجموعه ڪلام سندس سڄي شاعريءَ جو جزو مس آهي. سندس بهترين ڪلام سندس انقلابي شاعري ۽ اهي نظم، جن راشد کي هند - سنڌ ۾ مشهور ڪيو آهي ۽ نون توڙي پراڻن اديبن، شاعرن ۽ نقادن کان دل کولي داد ورتو آهي، سي هن مختصر مجموعي جي زينت بنجي نه سگھيا آهن. هن مجموعي ۾ لکيل مواد جو گھڻو حصو سندس شروعاتي ڪلام تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪافي شيون پوءِ جون به آيل آهن. هي مواد اسان کي هن شاعر جي ذهني ارتقا، سندس سوچ ۽ ادب ۾ سندس نظرياتي وابستگيءَ جي تسلسل جي نشاندهي ٿو ڪري. ’راشد‘ ڪلا کيتر ۾ پنهنجي جگر جو رت ڏيئي، تخليق ۽ فن جا جيڪي سدابهار ڦول لڳايا آهن؛ هي مجموعو ان جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ پورهيئي جو نچوڙ آهي.
ڀوڳي ڀوڳي جس هجيئي، برپٽ ڪيئي باغ،
محنت جو ڦل آهي مالهي! ساوڪ ۽ سرهاڻ!
پنهنجي پورهئي جي ڦل تي سندس اٽل ويساھ جو اظهار هيئن ڪيو اٿس:
ڦل منهنجي محنت جو منهنجي پونير کي مليو ته به ٺيڪ ٿيو؛
مون پنهنجي حياتيءَ منجھه ڏٺو، ميوو نه سهي ڪو ٻور سهي!
زندگيءَ جي اداس ۽ تاريڪ راهن تي هو هڪ سچي پورهيت وانگر محبت، وفا، اخلاص، سچائيءَ ۽ سونهن جا سرها سرها ڦول سجائيندو رهيو. هن ڌرتيءَ کي جنت بنائڻ جي عشق ۾، بهتر کان بهتر جي تلاش ۾---! هو هميشه اڳتي وڌندو رهيو آهي. انهيءَ عزم ۽ اتساھ سان ته:
ڏئي سر حسن تي ساٿي! سلامت سونهن کي رکبو،
اسان جي عشق تي آ حيف، جي سهڻن جو دم گھٽجي!
جيئن داڻو ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي ۽ پاڻ مٽائي گل و گلزار بنبو آهي ـــــ راشد انهيءَ جنت جي تخليق جي عشق ۾ ’سک رمز وجود وڃاوڻ دي‘ جو قائل آهي:
ٻنيءَ ۾ اَنَ ٻيجيءَ جيان، اچو پکڙي پئون راشد!
پڙن جانڊه جي ڳورن ۾، پيو داڻن جو دم گھٽجي!
مقصد جي راھ ۾ اها فنائيت، مقصد سان عشق جي انتها آهي. هو پنهنجي منزل جي تلاش ۾ هن راھ جا سڀ ڪنڊا هٽائيندو، دنيا و مافيها کان بيخبر، پنهنجيءَ ڌن ۾ مست جھومندو جھومندو اڳتي وڌندو رهيو آهي. هو پنهنجي آئيڊيل مقصد سان هيئن مخاطب آهي:
مان گلڙن خاطر ڪنڊن جو ويندس اي سڄڻ ! سڀ سور سهي،
يادن جي سهاري جيئندس پيو، ويجھو نه سهي تون ڏور سهي !
بيداد نگر ۾ داد گھري، مان ٻٻرن کان ڇو ٻير گھران؟
مان تاريڪين ۾ تاتيل هان، گھر تنهنجو روشن نور سهي!
دنيا جي خبر آ، منهجو قدر هوءَ ڪونه ڪندي، پر پوءِ به صبر،
مون عشق ڪيو انسانيت سان، صدمن کان چڪناچور سهي!
کيس يقين آهي ته جن ماڻهن لاءِ هو سوچي ۽ لوچي ٿو، هڪ ڏينهن سندس ڪلام انهن جي دلين جي ڌڙڪنن جو آواز بنجي ويندو:
ڪو دانشور جي دوست نه ٿيو، ڪو ميت مفڪر ڪين مليو،
ڪو شاعر ساٿي ڪين بڻيو، هاري ئي سهي، مزدور سهي!
ڪنهن پورهيت مون کي پيار ڏئي، پنهنجو سمجھيو ته خوشي ٿيندي،
ڀل زاهد نــفـرت ڌاري ۽ واعظ به به وڃي وهلور سـهـي.
اهو شعور، اهو فڪر، اها ساڃھ، اهو جذبو ۽ جنون، اها پيڙ، جهد ۽ جاکوڙ، مان سمجھان ٿو راشد جي نظرياتي، فني ۽ تخليقي ارتقا جو محرڪ آهي. اهو روح آهي راشد جي ان پيغام جو، جو هو اسان کي ڏيڻ چاهي ٿو. راشد جي هن پورهئي کي انهيءَ ئي سگھاري سوچ جي پس منظر ۾ پرکڻ گھرجي. راشد جو هيءُ ڪلام هڪ اهڙي وقت روشنيءَ جي لاٽ بنجي پڙهندڙن جي آڏو اچي رهيو آهي، جڏهن ’ادب جي غير نظرياتي‘ هئڻ جي وڪالت زور ۽ شور سان جاري آهي. اڄ سنڌ جو هر ننڍو ۽ وڏو اديب، پنهنجو پاڻ کي سارتر جو روحاني وارث ۽ جانشـــين سڏائڻ ۾ فخــــــــر محسوس ڪري رهيو آهي--- اها مهم ۽ اها پرچارڪ هڪ وڏي پلاننگ ســان ســـنڌي ادب ۾ جاري آهي--- وڏن شهرن کان ننڍن شهرن تائين اهو زهر پکيڙيو پيو وڃي ته اديب لاءِ ڪنهن به نظرئي سان وابستگي ضروري ناهي. اخبارن جا ادبي صفحا، ڪتابي سلسلا ۽ مختلف اديبن سان ملهائجندڙ شامن جا اسٽيج، مري ويل ڪن اديبن جي روحن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ لکيل تعزيتي ليک ۽ انهن جي ياد ۾ گھرايل تعزيتي گڏجاڻيون شاهد آهن ته ڪيڏي نه پلاننگ سان سارتر جي وجوديت واري فلسفي جي نانءَ تي سنڌي ادب ۾ فراريت جي پٺڀرائي جي پرچار ڪئي پئي وڃي! سنڌي ادب ۾ ’ادب براءِ زندگيءَ‘ جي ٻاريل نظرياتي لاٽ، ناموافق حالتن جي سهڪار ۽ سامراجي ذهنن جي پٺڀرائيءَ سبب هڪ دفعو وري ’ادب براءِ ادب‘ جي اٿاريل طوفان جي زد ۾ آهي! سنڌي ادب ۾ اهو نئون رجحان ادب ۾ ترقي پسند نظرئي جي بجاءِ، جدت ۽ نواڻ جي نانءَ تي ڪر کڻي رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ اهو رجحان تڏهن کان وٺي آيو آهي، جڏهن کان اسان جي ڪن لکيل پڙهيل ۽ باشعور دانشورن پنهنجو پاڻ کي عوام کان ڪٽي، انهن جي مسئلن کان منهن موڙي، پنهنجي خيالي خول جي قيدخاني ۾ پنهنجو پاڻ کي بند رکي ڇڏيو. اديب جڏهن پنهنجو پاڻ کي ڪجھ وڌيڪ فلسفي سمجھي، پنهنجي فڪر کي پورهيت جي سگھارن هٿن جي پورهئي سان منسلڪ ڪرڻ جي بجاءِ، پاڻ کي ڪجھ مٿانهون سمجھڻ لڳندو آهي، تڏهن نواڻ جي نانءَ تي هر اها بڪواس، جا ڪنهن جي به سمجھ ۾ نه اچي سگھي، سا وٽس اعلى تخليق ۽ ابدي ادب بنجي ويندي آهي. شيخ اياز جي لفظن ۾ :
”ڪوڙهئي سماج جو روح به ڪوڙهيو ٿيندو آهي.جو اديب،
زندگيءَ جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان منهن موڙي، اهو ڪانئر ۽ ڪميڻو
آهي. هو پنهنجي فرار جي باوجود ادب تخليق ته ڪري ٿو،
باقي وٽس آهي ٽڪي جو ٽامون! سرجڻهار جوٺي جڳ سان دل
نه بهلائيندو آهي. فراري ادب، زندگيءَ جي کاري کوھ ۾ ڪوڙ
جي ڪنگري آهي، جنهن ۾ وسوڙل آب حيات تلاش ڪن ٿا. اهڙو
ڪو اديب ناهي، جو دلي طرح مادي زندگيءَ کي اهميت نه ڏيندو
هجي، پر مادي زندگيءَ لاءِ انقلاب جي ڪوشش ڳڀروءَ جي راند
ناهي۽ سسي نيزي پاند اڇلائڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي.“
اهوئي سبب آهي جو 1936ع ۾ هندستان جي ترقي پسند مصنفين، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي پهرين ڪانفرنس جي صدارتي خطبي ۾، برک اديب منشي پريم چند، ادب جي ترقي پسند قدرن جي وضاحت ڪندي چيو هو ته ؛
”اسان جي ڪسوٽيءَ تي اهوئي ادب، سچو ادب آهي، جنهن ۾ تفڪر،
آزاديءَ جو جذبو، حسن جو جوهر، تعمير جو روح ۽ زندگيءَ جي حقيقتن
جي روشني هجي؛ جو ادب اسان ۾ حرڪت، هنگامو ۽ بيچيني پيدا ڪري،
نه اسان کي وڌيڪ سمهاري.“
اياز جنهن جوٺي جڳ جي نشاندهي ڪئي هئي، ان مان سندس مراد يقيناً اديب جي غير جانبداري ۽ غير نظرياتي وابستگيءَ واري اُها خيالي دنيا آهي، جنهن جي انڌاري کوليءَ ۾ هو پنهنجو پاڻ کي انسانيت، زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي ڇڪتاڻ کان ڪٽي، هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. مها ڪوي ٽيگور ورهين جا ورهيه انهيءَ خيالي خول ۾ پاڻ کي بند رکي جا گھٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪئي، ان جو اظهار انهيءَ ئي ڪانفرنس ڏانهن موڪليل سندس هن پيغام مان ٿئي ٿو:
عوام کان ڪٽجي اسين اوپرا بنجي وينداسين. اديبن کي انسانن ۾رهي، انهن کي سمجھڻو آهي. مون وانگر زندگيءَ جي مسئلن جي ڇڪتاڻ کان ڪنڊ پاسائتو رهڻ مان ڪجھ به نه ورندو. مون هڪ عرصي تائين سماج کان ڪٽجي جيڪا رياضت ڪئي آهي، هاڻ مون تي ان جي غلط هجڻ جيسمجھ اچي ويئي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو مان نصيحت ٿو ڪريان ته اوهين به ايئن نه ڪجو. منهنجي شعور مون کي هن نتيجي تي پهچايو آهي ته سماج ۽ انسانيت سان محبت ڪندا رهو. جيڪڏهن ادب انسانيت سان هم آهنگ نه ٿيندو ته ڪامياب نه ويندو ۽ نه پنهنجو مقصد ماڻي سگھندو. اها حقيقت (سچائي) منهنجي دل ۾ سچ جي ازلي جوت وانگر جرڪي رهي آهي ۽ انهيءَ کي ڪوبه دليل وسائي نٿو سگھي.“
ان بيان ۾ اڳتي هلي مهاڪوي ٽيگور ادب جو صحيح ڪارج هيئن ٿو بيان ڪري:
”اڄ اسان جو ملڪ هڪ ويران رڻ پٽ آهي. جنهن ۾ شادابي ۽ زندگيءَ جو ڪوبه نالو نشان ڪونهي. ملڪ جو ذرو ذرو دک درد جي تصوير بنيل آهي. اسان کي کپي ته هن غم ۽ اندوھ کي مٽائي، زندگيءَ جي چمن جي نئين سر آبياري ڪريون. اديب جو فرض هئڻ گھرجي ته هو ملڪ ۽ قوم ۾ نئين زندگيءَ جو روح ڦوڪي. سجاڳيءَ جا جوشيلا گيت ڳائي. هر انسان کي اميد ۽ مسرت جا سنيها سڻائي ۽ ڪنهن کي به نااميد ۽ ويچارو ٿيڻ نه ڇڏي. ملڪ ۽ قوم جي ڀلائيءَ کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏيڻ جو جذبو هر ننڍي ۽ وڏي ۾ پيدا ڪرڻ، اديب جو فرض آهي. قوم، سماج ۽ ادب جي بهبوديءَ جو قسم، جيستائين هر انسان نه کڻندو، تيسين دنيا جو مستقبل روشن ٿي نٿو سگھي.“
مها ڪوي ٽيگور جي مٿئين اقتباس مان واضح ٿي اچي ٿو ته ادب ۾ غير جانبداري ۽ غير نظرياتي وابستگيءَ جو نظريو، سراسر بڪواس آهي. ڇو ته زندگيءَ جي هن ٻه- واٽي تي، جتي ٻه نظريا، ٻه مختلف طاقتون، سڌي يا اڻ سڌيءَ طور تي هڪ ٻئي سان آمهون سامهون جنگ ۾ رڌل آهن. هڪ راھ ڏاڍ، ڏمر، ڏهڪاءَ، جبر- استحصال، پر ماريت ۽ استبداد جي راھ آهي ۽ ٻي راھ امن، آسودگيءَ ۽ آزاديءَ جي مسرتن ڀري منزل ڏانهن وٺي ويندڙ آهي. هڪ راھ سماجي تباهيءَ ۽ برباديءَ جي راھ آهي، ٻي راھ انسان ذات جي ڀلائيءَ،
خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي راھ آهي، هڪ راھ پيڙيندڙ طبقي جي راھ آهي ۽ ٻي راھ ڏانهن قدم قدم تي مظلوم، محڪوم ۽ پيڙيل طبقي جي پيڙ پڪاري آهي؛ ان ٻه واٽي تي زندگيءَ سان وفادار ۽ قلم جي سچي سپيتي سپاهيءَ کي پاڻ لاءِ هيءُ فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو انهن ٻنهي متضاد ۽ مخالف طاقتن ۽ قوتن مان ڪنهن جو ساٿ ڏئي ٿو؟ هن جي تخليق جا ڪردار ڪير آهن؟ ۽ هو انهن کي ڪهڙي ساڃاھ ۽ شعور ڏئي ٿو؟ ظاهر آهي ته انفرادي طور تي مان ڪابه شيءِ ناهيان. منهنجو هر عمل، هر سوچ ۽ ويچار ڪنهن نه ڪنهن طبقي سان لاڳاپيل آهي ۽ منهنجو شعور ڪنهن نه ڪنهن لاڙي ڏانهن رهنمائي ڪندو هوندو! مون کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته منهنجون همدرديون، منهنجو ساٿ ۽ سهڪار، انهن ٻن راهن تي ويندڙ قافلن مان ڪهڙي قافلي سان آهي؟ محض ائين چئي مان جند ڇڏائي نٿو سگھان ته ’منهنجو ڪوبه نظريو ناهي!‘ يا زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۾ منهنجو ڪنهن به ڌر سان واسطو ناهي، مان غيرجانبدار آهيان يا انهيءَ سڄيءَ ڇڪتاڻ کي وهم/ خواب خيال ۽ فريب نظر سمجھي، نظرانداز ڪري ڇڏيان: ائين به ته منهنجو عمل سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح سان ڪنهن نه ڪنهن لاڙي جي ترجماني ڪري ٿو. غيرجانبداري دوکو آهي، فراڊ آهي، فرار آهي، منافقي آهي ۽ اها منافقي سڌيءَ طرح استحصالي طبقي جي حق ۾ وڃي ٿي. سنڌ جي فراريت پسند اديبن کي ياد رکي ڇڏڻ گھرجي ته سندن هر سوچ، هر عمل، هر قدم، سندن قلم ۽ قلمي ڪاوشون، وقت جي ڪسوٽيءَ تي پرکجن پيون ۽ وقت هڪ اهڙو منصف آهي، جو ڪنهن جي به ڪاڻ نه ڪڍندو آهي.
اها هڪ لازمي ڳالھ آهي ته جو اديب تاريخ جي ارتقائي فلسفي ۽ وهڪري کي شعوري طور تي سمجھي ٿو ۽ سماج ۾ نت نون اڀرندڙ تضادن تي جنهن جي ڪرڙي نظر آهي، ساڳئي وقت، جو اديب پنهنجو پاڻ کي هن ڇڪتاڻ واري ماحول ۾، انسانيت جي اجتماعي ضمير آڏو جوبدار ٿو سمجھي، ان جون لکڻيون، ان جي سوچ ۽ ان جي عمل، ان جو قلم توڙي قدم، پيڙل طبقي يا پيڙيل قوم جي اجتماعي جدوجھد سان ضرور لاڳاپيل ۽ ڳانڍاپيل هجي، ڇو ته هو پنهنجي طبقي جي لحاظ سان انهن جو ئي ترجمان آهي. ادب پورهيت جي پيڙا جي ترجماني ڪري ته اديب ۽ پورهيت عوام مان وڇوٽي ختم ٿي وڃي. جڳ مشهور ۽ دنيا جي نامياري انقلابي اديب ميڪسم گورڪيءَ جي لفظن ۾ ته:
”انسان جي سماجي ۽ تهذيبي ارتقا صرف انهيءَ صورت ۾ ئي صحيح سالم رهي سگھندي، جڏهن هٿ (پورهيت عوام)، دماغ (پورهيت، فلسفو) جي تربيت ڪندڙ هجن ۽ سکيا پاتل دماغ هٿن جي تربيت ڪن ۽ اڃا به وڌيڪ سکيا حاصل ڪيل هٿ، چڱيءَ طرح دماغ جي تربيت ڪن. پورهيت انسانن جي تهذيبي ترقيءَ جو اهو صحتمند ۽ معمولي عمل جڏهن اڳئين زماني ۾ رڪجي ويو ۽ دماغ هٿن کان جدا ٿي ويا، سوچ ڌرتيءَ کان ڇڄي ڌار ٿي ويئي، تڏهن پورهيتن منجهان ڪي برک ڏاها پيدا ٿيا، جي ماڻهن کي دنيا ۽ فڪر جي ارتقا جا اصول مجرد (محض تصوراتي) ۽ هوائي طريقن سان سمجھائڻ لڳا.“
هٿ ۽ دماغ جي انهي لطيف ربط، تسلسل، اٽوٽ ڳانڍاپي ۽ مقدس رشتي جو عملي نمونو اسان کي چليءَ جي مشهور انقلابي شاعر پبلونرودا جي هن شاهڪار تخيل مان ملي ٿو، جنهن ۾ شاعر پنهنجو پاڻ کي عوام جي وچ ۾ بيهاري، پنهنجي سڃاڻپ هيئن ٿو ڪرائي:
اها آهي زندگيءَ جي مقصد سان هن شاعر جي محبت ۽ عشق جي انتها! جنهن جي اپٽار سندس هن مجموعه ڪلام ۾ جابجا ٿيل آهي. هاڻي اسان کي راشد جي محبت جو فلسفو آسانيءَ سان سمجھ ۾ اچي ويندو ۽ سندس آئيڊيل محبوب جو تخيل چٽو ئي چٽو ٿي اسان جي آڏو آيو آهي، اهو آهي انسانيت جي خوشحالي! راشد هن مجموعي ۾ جابجا انهيءَ عزم کي ورجايو آهي! اهو پنهنجي وطن جي هر ماڻهوءَ جي دل جو دروازو ٺڙڪائي ٿو:
ڏس ته ڪٿي کان پهتو آهيان، آنءُ ڪٿي تو ڪاڻ،
ماڻهوءَ مان سڃاڻ پرين! ڪُجھ ماڻهوءَ مان سڃاڻ!
پن ڇڻ موسم وانگر آهي تنهنجي سونهن اداس،
پنهنجا سور مون کي ڏئي ڇڏ، تون منهنجون خوشيون ماڻ!
منهنجي تصور ۾ آ تنهنجي صورت جواڻ جماڻ.
سپنن توڙي جاڳ ۾ جاني! توسان روح رهاڻ!
راشد! پنهنجي جنت آهي، چاهت ۾ چانڊاڻ،
موٽي آئي آھ چمن ۾ ساوڪ ۽ سُرهاڻ!
زندگيءَ جي ميرانجھڙي مهانڊي ۾ سونهن ۽ سندرتا جا رنگ رچڻ جي عشق ۾ هو سچ پچ ته ٻڏل آهي. انهيءَ عشق کي هو ساھ سان سانڍيندو رهيو آهي ۽ حالتن جو ڪوبه طوفان سندس دل ۾ انهيءَ جرڪندڙ جوت کي وسائي نه سگھيو آهي:
آيا گھڻا اوچتا، طاقتور طوفان،
روشن رهيا عشق جا، راشد! شمعدان،
دهلي ويا دهمان، دردن ڀري دل کان!
ـــــــــــــــــــــــــ
دردن جي ڀرمار سان، بڻي دل درياھ،
آيو عشق اٿاھ، ٻوڙيئين ٻن ٻيائيءَ جا.
ــــــــــــــــــــــــــ
محبت بخشيو ماڻهپو، انس ڪيو انسان،
هيس اڳي حيوان، عشق بنايو آدمي!
مقصد سان انهيءَ عشق، راشد جو چين ڦٽائي وڌو آهي. ستي لوڪ هو پنهنجي مقصد جي تڪميل جي بي پناھ آرزوءَ ۾ اٿي، ڪجھ رت رُئي ٿو، انهيءَ جا پور پچائي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان هيئن ٿو مخاطب ٿئي:
پريت جي هت ڪو ريت نه ڄاڻي، ماڻهو ماڻهوءَ کي نه سڃاڻي،
آب اکين ۾ پنهنجي آڻي، گيت لکين ٿو آڌيءَ ٽاڻي،
لوڪ سمهي پيو چادر تاڻي، ڪيسين تائين رئندين هاڻي،
ڇو نه وڃي ٿو ننڊ ڪرين، ڪنهن لئي ويٺو گيت لکين؟
انهيءَ عشق جي ڪاڙهي ۾ ڪڙهندي ڪڙهندي هن جو رت سُڪي ويو آهي. عشق جي اڙانگين راهن تي رلندي رلندي ڪڏهن ڪڏهن سوچي ٿو ته:
ڏينهن سڄوئي ننڊ ڦٽائي، شام صبح ڦيرا پارائي،
رڻ ۾ منجھند ٽاڪ رلائي، ڪاڙهي ۾ مون کي ڪاڙهائي،
راتين جو آرام ڦٽائي، ٿيندي ننڊ حرام ته آخر ڇا ٿيندو؟
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو؟
جان جو ويري جاني آهي، ها پر دل ديواني آهي،
راشد مجنون ثاني آهي، ليلى جي نيشاني آهي،
عاشق ۾ رت ڪاٿي آهي،خون جو ڏيندو جام ته آخر ڇا ٿيندو؟
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو؟
راشد حالتن کان مايوس ناهي، ڇوته پنهنجي محبوب آئيڊيل (مقصد) سان سندس لڳاءُ جذباتي رومانيت جو نتيجو ناهي، بلڪه اهو عشق، ڪنهن اونهي فهم، بصيرت، سوچ ۽ ڏاهپ جو منطقي نتيجو/ ردعمل آهي. جذباتي رومانيت فقط حرص ۽ هوس آهي، پر شعوري لڳاءُ ۽ عشق جي حد تائين ان جي انتها زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي. هن اهي پٽيون/ سور سبق ۽ عشق جا اونها اسرار ڪنهن اهڙي عارف وٽ وڃي سکيا آهن، جنهن جي مهر نظر هن کي منزل جي قريب آندو آهي:
هلو، هلو يار کان، سبق سور سکون،
باقي چار وکون، پنڌ نه آهي پرڀرو!
ان يار، هن کي جذباتي رومانيت بجاءِ عشق جو ادراڪ ڏسيو آهي ته:
گويا راشد ائين چوڻ ٿو چاهي ته پنهنجي آئيڊيل سان هن جي محبت عليٰ وجہ البصيرت آهي. اهو فقط ڪو ازل جو لکيل ليک نه هو، پر اها پسند هن وڏي جھد، جاکوڙ، فڪر، بصيرت، سرت ۽ شعور سان ڪئي آهي. اها فقط دل جي دل ڏانهن ڇڪ ناهي، پر ذهني فيصلو به آهي ۽ جڏهن عشق جي انتها انهيءَ منزل تي پهچي وڃي ته:
جان تون جئين جيءُ، جيئڻ سک جنسار ۾،
پيالو وھ جو راشدا! پاڻي ڄاڻي پيءُ،
عشق جو گولو ٿيءُ، ٻانهپ ڇڏ ٻين جي!
انهيءَ عشق راشد جي دل ۾ پنهنجي آئيڊيل لاءِ فنائيت، ارادي ۾ پختگي ۽ سوچ ۾ ايڏي ته شڪتي پيدا ڪئي آهي، جو ’راشد‘ پنهنجي مقصد جي راھ ۾ هر طرح جي طوفانن سان ٽڪر کائڻ جي پنهنجي اندر صلاحيت محسوس ڪري ٿو. هو حالتن جي آڏو سر تسليم خم ڪرڻ بجاءِ، ڪر کنيو بيٺو آهي. هو پنهنجي بي پناھ قوت اراديءَ جي آڌار تي وچ سمنڊ ۾ لهر لهر کي للڪاري رهيو آهي:
مان اهو آهيان جبل،
جو سمنڊ جي وچ تي اٽل
بيٺو هجي.
حادثا دنيا جا،
طوفاني ڇتين ڇولين جيان
مون ڏانهن ڌوڪيندا اچن،
مون سان لڳن،
پٺتي هٽن،
۽ بحر دنيا جي ۾ گم ٿيندا وڃن ـــــ
مان اهو آهيان جبل،
جو سمنڊ جي وچ تي اٽل،
بيٺو هجي ــ ـــ ـــ !
ڪيڏو نه عزم، استقلال، جرئت، سورهيائي، ارادي جي پختگي ۽ مقصد ۾ ڪاميابيءَ جو اتساھ ڀريل آهي،انهيءَ نظم ۾.! اهو عزم اڀاري ٿو، هڪڙيءَ هلچل، جدوجهد ۽ جاکوڙ ڏانهن، جنهن جو روح سنڌ ۽ نتيجي ۾ سڄي عالم جي آسودگي، خوشحالي ۽ مسرت آهي.
هو پنهنجو آئيڊيل مقصد پنهنجي وطن ۾ پورو ڏسڻ ٿو چاهي. هو سنڌ کي امن، عافيت ۽ ايڪتا جي جنت بنائڻ ٿو گھري. ’راشد‘ هونئن به قوم پرست شاعر آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جو مزاج هونئن به وطن جي محبت تي ٻڌل آهي.
وطن جي محبت اسان جي شاعريءَ جو هر دور ۾ بنيادي مقصد رهيو آهي. پر اها محبت جارحانه انداز جي ناهي، اها محبت فطري محبت آهي، جا اولاد کي پنهنجيءَ جيجل ماءُ سان هوندي آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ قوم پرستيءَ جوتصور سڄي عالم جي آسودگيءَ تي ٻڌل آهي. راشد سنڌ ۾ زندگيءَ جي سونهن ڀرڻ جي جدوجهد جي آس، پيغام ۽ نيڪ تمنائن جو ذڪر هن مجموعي ۾ نهايت ڀرپور انداز سان ڪيو آهي. هو فقط ڌرتيءَ جو پوڄاري ناهي، پر هو هتي جي عوام، پورهيت، هاري، مزدور ۽ ماروئڙن کي سکيو ستايو ڏسڻ ٿو چاهي. وٽس سنڌ جي خوشحاليءَ مان مراد سنڌ جي عوام جي خوشحالي آهي. هُو عوام دوست آهي:
منزل ٿيندي ويجھڙي،جئن جئن پنڌ ڪبو،
ڪاميابي حاصل ڪري، اوچو ڪنڌ ڪبو،
هڻي هنڌ ڪبو، سج اڀاري سچ جو!
منزل ماڻڻ ۽ سچ جو سج سنڌ تي اڀارڻ لاءِ هو چوي ٿو ته وڏي جھد ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي :
گھر ۾ گھاريندي ڪيو، سڪڻ جون نه سڌون،
سڀ ڪجھ گھوري سنڌ تان، اڳتي وک وڌون،
اچ ته قول ٻڌون، قسم کڻي ڪڙم جا.
هو پاڻ به انهيءَ جدوجھد ۾ شرڪت جو اظهار هيئن ٿو ڪري :
راشد جي اها آس، اها آرزو ۽ اها امنگ هڪ ڏينهن ضرور پوري ٿيندي. فقط عشق جي درڪار آهي. هي ساڻيھ سک جو ساھ کڻندو. خدا ڪندو ته هن ڌرتيءَ تان سڀ ڏک ۽ ڏولاوا ڏور ٿي ويندا ۽ سنڌ دنيا لاءِ امن ۽ آسودگيءَ جي جنت بنجي ويندي!
مان سمجھان ٿو، راشد ايترو ته سٺو لکيو آهي، جو مان سندس مڪمل تعارف نه ٿو ڪرائي سگھان. هن جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ لاءِ جنهن بصيرت ۽ صلاحيت جي ضرورت آهي، مان پنهنجي اندر نهايت شدت سان ان جي ڪمي محسوس ڪيان ٿو. ڇو ته بنيادي طور تي مان نقاد ناهيان. بهرحال راشد جي هن مجموعي جو اڀياس ڪرڻ بعد مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته :
• راشد جي شاعري سڌي سنئين شاعري آهي. هيءَ شاعري لفظن جي اجائي ۽ بي مقصد جوڙجڪ، خيالن جي بي ترتيب ۽ پرتڪلف سٽاءَ کان پاڪ، صاف ۽ سج جھڙي چٽي شاعري آهي.
• راشد، جو آيو، ڳايو جو قائل ۽ سچ جو شاعر آهي. هن جي سٽ سٽ ۾ ڌرتيءَ جو درد ، پورهيت جي پيڙ، مقصد سان بي پناھ عشق سمايل آهي. هو پنهنجي فن تي ابهام جي زره ويڙهي، کل بچائڻ بجاءِ سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ ٿو چوي. هو ڪوڙ جي مخملي پردي ۾ سچ جو سج لڪائڻ جو قائل ناهي.
• مون محسوس ڪيو آهي ته زندگيءَ جي ڇڪتاڻ، ڪوڙ ۽ سچ جي ابديءَ ويڙھ ۾ راشد سچ جو ساٿاري آهي. هن جي شاعري سندس سجاڳ ذهن ۽ ضمير جو آواز آهي.
• راشد جي شاعري ان جي نظرياتي ارتقا ۽ سگھاري سوچ، پوهيت سان پنهنجائپ جو عڪس. راشد جي دل ۾ امنگ، هڪ آرزو، هڪ سوچ ۽ لوچ آهي، هو بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ آئيڊيل سماج جي تخليق جي جنون ۾ اڳتي وڌندو رهيو آهي.
• ’راشد‘ هن ڌرتيءَ سان پنهنجو نينهن نڀايو آهي، هو هن ڌرتيءَ کي امن ۽ آسودگيءَ جي جنت بنائڻ واريءَ جدوجھد ۾ شريڪ آهي، نه رڳو ايترو پر اها جدوجھد سندس زندگيءَ جو مقصد ۽ سندس تخليقي ارتقا جو روح بنجي ويئي آهي.
• راشد جيئن ته پاڻ به هڪ پرائمري استاد آهي، انهيءَ ڪري سندس اڪثر معاشرت، هن ڌرتيءَ جي پورهيت ماڻهن (جن جا ٻچا وٽس پڙهن ٿا) سان ٿيندي رهي آهي ۽ انهن جي زندگيءَ جو هن قريبي اڀياس ڪيو آهي، انهن جي دُکن، دردن کان هو سڌيءَ طرح واقف آهي ۽ اهوئي سبب آهي، جو هن پنهنجي ڪلام جو مخاطب مفڪرن، ڏاهن ۽ برک اديبن کي ڪرڻ جي بجاءِ هارين، مزدورن، ڪڙمين، ڪاسبين ۽ عام پورهيتن کي ئي ڪيو آهي. جنهن آئيڊيل سماج جو تصور سندس ذهن ۾ آهي، ان جي تڪميل لاءِ هو انهيءَ ئي طبقي ۾ اميد رکيو ويٺو آهي، اهي ماڻهو ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن ساڻس ساٿ ڏيندا. ٻين لفظن ۾ راشد فقط تصوراتي شاعر نه آهي، پر هو هڪ آدرشواري شاعر آهي.
• راشد مجموعي طور تي اسان کي نيڪي، نيڪ نيتي، انسان دوستي،قرباني، پراپڪاري ۽ ٻين لاءِ جيڻ جي سکيا ڏني آهي.
• راشد محبت جو شاعر آهي، هو ڪلجڳ جو خير گھرندڙ، سچو سپيتو صوفي انسان آهي ۽ حضرت مسيح فرمايو هو ته ” محبت خدا آهي، خدا محبت آهي ۽ جيڪوشخص محبت ۾ قائم آهي، سو خدا ۾ قائم آهي!“
• راشد جي زندگي قول ۽ عمل جو سنگم آهي. هو خود به پورهيت آهي،ان جو مخاطب به پورهيت آهي ۽ ان جو فڪر به پورهيت طبقي لاءِ آهي. هو عوام
منجھان آهي، انهن مان شعور حاصل ڪري ٿو ۽ ان شعور کي انهن تائين ئي پهچائي ٿو. عوام، هن جو استاد آهي. عوام جي زندگي هن جي فڪر جو سرچشمو آهي ۽ عوام ئي هن جو ميدانِ عمل آهي.
• راشد اسان کي جيڪي ڪجھ ڏنو آهي، سو ان جي بي لوث محنت ۽ عمل بلامعاوضه جو ڀرپور نتيجو آهي. ممڪن آهي ته وڏن شهرن جا وڏا اديب ۽ نقاد هن غريب استاد جي محنت کي نظر انداز ڪري ڇڏين، ممڪن آهي ته وڏن شهرن جا وڏا اديب راشد جي سوچ مان سرجندڙ سچ جو تاب سهي نه سگھن ۽ شاعريءَ ۾ راشد کي اهو مقام نه ملي سگھي، جنهن جو هو حقدار آهي، پر مون کي يقين آهي ته سنڌ جا نوجوان، سنڌ جا هاري، پورهيت ۽ مزدور؛ هن پنهنجي شاعر جي آواز کي نه رڳو پاڻ لاءِ مشعل راھ بنائيندا، پر راشد جا گيت ڳائيندا، زندگيءَ جي راھ تي وڌندا رهندا.
• راشد جيڪو سپنو ڏٺو آهي، سو هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ٿيندو. راشد جي سوچ عمل جو روپ وٺي، سج سمان جرڪندي سنڌ تي اڀرندي. جڏهن سنڌ سائي، سکي ۽ ستابي ٿيندي، تڏهن هن گمنام، بي لوث مخلص سپاهيءَ جو روح پڪاريندو ته :
مــون ڏاڍ جـــا ڏونگــر ڪــٽي، جـا واٽ آ ٺـاهي،
ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
جـوکي ۾ وڌم جـيءَ، ڪـيم جـنگ امــن لاءِ،
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
هــر گھاءُ مــٿان گھاءُ سهــي، اف نه ڪئي مـون،
جي ويڙھ ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
ڦٽايئي يار چؤ ياري، ته ڳڻتين جانِ آ ڳاري،
مريض-عشق جي اڄ ڪلھ، وڌي وئي آھ بيماري،
آ منزل موت جي آئي، تون واپس آءُ!
مٺا اڄ موت آيو آ، مون کي پورڻ جو سعيو آ!
عزيزن ڄاڻُ راشد جو جڏهن توکي ڪرايو آ،
ٿجان ڀيڙو ڀتر ڀائي، تون واپس آءُ!
***
آ پهچ سگھو دلدار! ڏي آڌار،
وڇوڙو ماري وجھندو.
رات به روئي توکي پڪاريم،ڦٿڪي ڪيم فرياد،
شاد هجين آباد او مٺڙا! دانهنِ جو ڪر داد،
ٿــــا وڌنـــــدا وڃــــــــــــن آزار، او مـــنــــــٺــار!
وڇوڙو ماري وجھندو.
هيڻي من جو حال ڏسي وڃ، آھ ضعيفي زور،
تون ئي منهنجي طاقت آهين، توريءَ مان ڪمزور،
ڪيئن جيئندا هــــــي بيمـــــــار، تـــــــــوکان ڌار،
وڇوڙو ماري وجھندو.
آءُ وري هڪوار، اچي ڏي، دلداري دلدار!
موت جدائيءَ ۾ ٿيو منهنجو، سهندين لوڪ ميار،
ٻُـــــــــڌ راشــــــــد جا اشعـــــار، ڪر ويچــــــــــار،
وڇوڙو ماري وجھندو.
***
هاءِ زمانا! ٿو آڪڙجين، مون کي هاءِ سماج نه سمجھين ،
ڌوڙ جي ڍيريءَ ۾ ٿو وهنجين، ڦلهيارن ۾ ڦوڪون ٿو ڏين،
اڏري پوندو سانءِ اکين ۾، راشد! مچ جي ڇاري آهيان !
آءٌ وڏو ڏوهاري آهيان!
***
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!
ڏينهن سڄوئي نينهن نچائي، شام صبح ڦيرا پارائي،
رڻ ۾ منجھند ٽاڪ رلائي، ڪاڙهي ۾ مون کي ڪاڙهائي،
راتين جو آرام ڦٽائي، ٿيندي ننڊ حرام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!
هڪڙي ئي مجنونءَ سان جھيڙي، شهر سڄو پيو پٿر ميڙي،
واڇون ٽيڙي، ڏند پکيڙي، هرڪو ديواني کي ڇيڙي،
باقي دوست رهيو هو، تنهن به مڙهيو الزام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!
عشق حدون اورانگھي ويو آ، بحر جو پاڻي تانگھي ويو آ،
جھنگ سڄي کي ڇانگي ويو آ، ڏانهن گلاجي گھانگھي ويو آ،
عزت وارو هوس دنيا ۾، بره ڪيو بدنام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!
جان جو ويري جاني آهي، ها پر دل ديواني آهي،
راشد مجنون ثاني آهي، ليلى جي نيشاني آهي،
عاشق ۾ رت آهي ڪاٿي، خون جو ڏيندو جام ته آخر ڇا ٿيندو؟!
سوچيان ٿو انجام ته آخر ڇا ٿيندو!!
***
پريت جي هت ڪو ريت نه ڄاڻي، ماڻهو ماڻهوءَ کي نه سڃاڻي،
آب اکين ۾ پنهنجي آڻي، گيت لکين ٿو آڌيءَ ٽاڻي،
لوڪ سمهي پيو چادر تاڻي، ڪيسين تائين رئندين هاڻي؟
ڇو نه وڃي ٿو ننڊ ڪرين؟
ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!
هي ڇا هي؟ هي آهي سُرندو! او سائين! هي سُرندو چرندو؟
ها، چرندو پر ڪي ڪجھ گھرندو، سِر گھرندو، ٻوليندو، ٻُرندو،
توڙي حقُ هنئين ۾ هُرندو، پوءِ به ڀاڙي ڀڄندو ڀرندو:
ڇو ٿو سِر جي آس رکين؟
ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!
ڪنهن سان ديد لڙائي ويٺين، ڪنهن سان دِل ڦاسائي ويٺين؟
پنهنجا سُک ڀُلائي ويٺين، هيڏا سُورَ پرائي ويٺين!
دل ۾ سوز سمائي ويٺين، پنهنجي ننڊ ڦٽائي ويٺين:
ڇو نه سبق ٿو يار سکين؟
ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!
خود کي تو بيمار ڪيو آ، بر سر بدين بار ڪيو آ،
ڪڏهين تو ويچار ڪيو آ؟ پٿرن سان تو پيار ڪيو آ!
پاهڻ ڪو اقرار ڪيو آ؟ ڪنهن تي تو اعتبار ڪيو آ؟
راشد ويٺو روز رڙين!
ڪنهن لئه ويٺو گيت لکين!
***
زمانو مٽجي ويو آهي
ڏک ۾ ڪو به نه ڏَڍُ ڏِئي ٿو، سُک ۾ سڀ شامل،
اڙِي او دل! سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.
هتي آ قيمت وارو ڪچُ، اَگھامِي ڪونه سگھي ٿو سَچُ،
اڙِي دِل! بي ترسيءَ کان بَچُ، اجاين پُورن ۾ ته نه پچ،
وري آ، ماڳين موٽي اچ!
قرب ڪسيري ڪونه وِڪامي، محبت جو به نه مُل،
اڙي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.
اڳي جي مصريءَ جي ها تڙ، اهي ٿيا وِهُ جي هاڻي هَڙَ،
ڪَٽي وَئي پيار پرت جي جَڙ، الا! هي هَٿَ هَٿَ منجھ امڙ،
ويا سڀ ڀُلجي يارَ ڀَلڙَ !
ماکيءَ کان وڌ مٺڙا ماڻهو، زهر ٿيا قاتل،
اڙي او دل، سنڀالي هل! زمانو مٽجي ويو آهي.
مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽِي، جا واٽ آ ٺاهِي،
ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
کٽڪو نه هُجي ڏينهن جو يا رات جو الڪو،
بي خوف ٿي نڪرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
جوکي ۾ وڌم جيءُ ڪيم جنگ امن لئه؟
انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
هر گهاوَ مٿان گهاوَ سهي، اف نه ڪئي مون؟
جي ويڙه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
هر جاءِ جدوجهد، هر جاکوڙ ۾ شامل،
ڪم ڪار کان وِرچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
راهي ! تو ڏٺو آھ مون ساهي نه کنئي آ،
جي راھ ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
پنهنجا به جڏهن توسان رکن ويرُ ۽ ڪينو،
ڪنهن سور کان سڏڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
ڀوڳي مون جنهين درد جي پيڙا آ عمر ڀر،
تنهن درد کان ڦٿڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان،
ڀُلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آھ مون راشد!
سو سبق جي سمجھين ته مون کي ياد ڪندو ڪر!
***
راشد ٿي نه اُداس!
پنهنجي محنت جو مَنَ ڪنهن کي پيدا ٿئي احساس،
سرهو باغ لڳايون، وٺندا ايندڙ ويندڙ واس.
پنهنجي پورهئي تي پلجي ٿي پيئي دنيا ساري،
پوءِ به پنهنجي گھر ۾ غربت جي آهي انڌاري،
صبح چٽي کي جنم ڏئي ٿي، هر هڪ رات اماس.
لايا نيٺ سجايا ٿيندا، پوريون ٿينديون آسون،
پرندا ٽرندا ڪونه ڪڏهن هي جيڪي قول ڪياسون،
دل دل ۾ ڪا جوت ٿي جرڪي، اک اک ۾ الماس.
دل کي ڪر درياه پيارا، گھار بڻي وڏ-گردو،
مايوسيءَ کي مات ڪري ڇڏ، ڏک تي هيري هردو،
وقتي گھٽ ۽ ٻوسٽ تي تون راشد ٿي نه اداس!
سرهو باغ لڳايون، وٺندا ايندڙ ويندڙ واس.
***
چؤُ ڇا لکان!
چئو ڇا لکان، ڪنهن تي لکان،
جيڪي چوين، منهنجا پرين،
جنهن تي چوين، تنهن تي لکان،
چئو ڇا لکان؟
ڪنهن ڌيءُ جي اوگھڙ تي لکان، تربت مٿان پَڙَ تي لکان،
ڏَنَ لاءِ ڏوڪڙ تي لکان، يا پِيرَ جي وَڙَ تي لکان،
ڪنهن خون جي ڌڙ تي لکان، يا جُرم جي جَڙَ تي لکان،
چئو ڇا لکان؟
ڀُونگر جي ڀُونگيءَ تي لکان، رئيسن جي ماڙيءَ تي لکان،
پورهيت جي پيڙا تي لکان، ڪمدار ڀاڙيءَ تي لکان،
هاريءَ جي ٻچڙن جو لڇڻ، ڏسڪڻ ڏِهاڙيءَ تي لکان،
چئو ڇا لکان؟
مزدور محنت تي لکان، يا ان جي اجرت تي لکان،
ڪنهن مِل جي مالڪ تي لکان، ماڻهن جي غربت تي لکان،
ڪنهن عيش عشرت تي لکان، نيلام عزت تي لکان،
چئو ڇا لکان؟
ڳاڙهن ڳلن، چاندي بدن، ڪارن يا ڪوجھن تي لکان،
ڪي پيٽ پُٺين سان لڳل يا ڀڀ ڀرين تي لکان،
چؤ! ست رڇي ڪنهن طعام تي يا رُکن ڍوڍن تي لکان،
چئو ڇا لکان؟
ڪنهن تي لکان؟
***
اي چنڊ توکي ڇا چوان!
ڪين ٿو ڄاڻين اسان جي درد دل کي اي ميان!
اڀ تنهنجو آستانو، ڌوڙ ڌرتيءَ جي اسان،
تون به ٿو ڏورئون ڏسين ۽ مان به ٿو ڏورئون ڏسان،
جي هجين ويجھو ته پو ڏاڍا ڪي ڏوراپا ڏيان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!
روشنيءَ جو شهر تون، اونداه جو هان بحر مان،
منهنجا ويري کوڙ آهن، تنهنجا تارا رازدان،
زندگيءَ جو زهر مان، سقراط بنجي ٿو پيان،
ڪونه ڪجھ توکان پڇي ڪو، مون تي هر هر امتحان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!
تون سدا خوش ٿو رهين، خوش ٿي کلين منهنجي مٿان،
ٿو سڙان دل ۾ پچان، پر ڪونه ٿو ڪنهن سان ڪُڇان،
جي نه چڙ توکي لڳي، مان سوال هڪ توکان پڇان،
ڪڏهن ڪو ڳوڙهو ڳڙيئي،ٿيو ظلم مظلومن مٿان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!
آءٌ صدين کان پيو ٿو بي رُخي تنهنجي ڏسان،
مان سهان ٿو ڏاڍ ڏاڍن جا ته تون چُپ بي زبان،
ڪين ٿو توکي ٻڌايان، دردِ دل جو داستان،
حالِ دل اوريان نٿو جو بزدلي سمجھين متان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ! توکي ڇا چوان!
ٿي سگھي ٿو منزل- مقصود کان اڳ ئي مران،
دل چوي ٿي توکي پنهنجي پيار جو شاهد ڪيان،
حال راشد جو وڃي محبوب کي چؤ، مهربان!
ڄڀَ مون پنهنجي ڪَٽائي، ٻيا ٿين اهلِ زبان،
اي چنڊ! توکي ڇا چوان- اي چنڊ توکي ڇا چوان!
***
پگھارون نوڪريءَ وارن جون پوريون ڪونه ٿيون پسجن،
ادا يونين وارا ڏيھ ڏاتارن سان ڳالهايون،
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
حقن جي ڳالھ هئي ڪهڙي، ويا ڇو جيل ۾ ماڻهو،
انهن سرڪار جي قيدي، گنهگارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
چون ڇا ٿيون سسئيون، سهڻيون ۽ مارويون موملون سنڌ جون،
ذرا هن ديس جي زنده، ته ڪردارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
هُشيءَ ڪنهنجيءَ تي ماڻهو پاڻ ۾ پنهنجا وڙهن ٿا پيا،
هلي هن قوم جي اڳواڻ، سردارن سان ڳالهايون،
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
ڦرون ڌاڙا ۽ چوريون هي وڌي ويون وارداتون ڇو؟
ورن ٿا ڀُنگ تي ماڻهو ڇو؟ ڀوتارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
بٽئيءَ ويلي غريبن جو ويو اَنُ سڀ ڇو ليکي ۾،
وڏيرن جي وڏن مُنشين ۽ ڪمدارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
هي هيڻن جا ته هڏ ڏوکي، وٺڻ جي ووٽ آيا ها،
تباهي ڇو ٿي قومي بار بردارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
هي بدامني، غريبي، مفلسيءَ، جو راڄ آ ڇا لئه؟
هلو يارو حڪومت جي اهلڪارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
پنهنجي فرياد مان ئي پاڻ ڀاڳيا ٽيپ پيا کائن،
جمعدارن سان ڳالهايون، صوبيدارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
وڪيو زر تي ضمير آ جن، انهن سان ڳالھ ٿئي ڪهڙي،
وڃايون وقت ٿا پنهنجو، جي زردارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
گنهگارن سان ڳالهايون، دڪاندارن سان ڳالهايون،
وڏيرن ساڻ ڳالهايون، يا ڪمدارن سان ڳالهايون.
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
جمعدارن سان ڳالهايون، صوبيدارن سان ڳالهايون؟
يا سردارن سان ڳالهايون، ۽ ڀوتارن سان ڳالهايون؟
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
وڃايون وقت ٿا پنهنجو، جي منهن ڪارن سان ڳالهايون،
چڱو آهي غريبن ساڻ، نادارن سان ڳالهايون!
پنهنجي پيارن سان ڳالهايون.
***
جوان ٿي، اي جوان جا پٽ، جوان ٿي!
امن جي لئه جيڪڏهن ڪا جنگ ٿي،
ڪين سورهيه جي ڪڏهن دل تنگ ٿي،
هل ٻين سان تون به هم آهنگ ٿي،
ديس جي دردن سندو درمان ٿي،
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!
ستن پيڙهين کي زخم پُٺ ۾ نه هو،
ڪو جِئو اڍ مان اڳي جُٺ ۾ نه هو،
مشڪلن ۾ ساه ٿيو مُٺ ۾ نه هو،
تون به ٻاٻاڻن جيان ٻلوان ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!
ڪِٿ جھُڪيو تنهنجو ابو ڏاڏو نه هو،
اڻ ٿيڻ جهڙو ڪو ڪم آڏو نه هو،
ڪير ٿو چئي گھلبو گاڏو نه هو،
گھل گاڏو ڪين هيئن حيران ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!
سر ڏئي ويو قوم تي تنهنجو ابو،
خلق جي خدمت ڪيئين ٿي بي لبو،
قول ڪر تان قوم جي لئه ڪم ڪبو،
قوم قرباني گھري، قربان ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!
واهرو واهيرڙن جو يار ٿيءُ !
پُٽ ڀلي جو آن ڀلو بڻجانءِ پيءُ !
پُٽ کي پاڙهج سبق، اي دوست ايءُ !
”قوم جي آهي شمع، پروان ٿي“ !
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !
قوم تي جي وقت آيو آ ڪٺن،
رام ٿي سيتا جي ڪارڻ ڀوڳ بن !
دل ٻَڌي اٿ تون ته راوڻ ٿئي دفن،
ظالمن جي لاءِ ڪو طوفان ٿي!
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !
ملڪ جو مردن سان اوچو مانُ آ،
ماڻهپو ماڻهوءَ جو مانُ ۽ شانُ آ،
جس انهيءَ کي جنهن جو جذبو جوان آ،
سوچ سڀ ڪجھ ۽ صحيح انسان ٿي !
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي !
ڪارگر جي قوم جي لئه ڪم ڪرين،
خال پنهنجي پيءُ جو جيڪر ڀرين،
قوم جي لئه ويرين هٿان وڙهندي مرين،
شعر جو راشد! اچي عنوان ٿي،
جوان ٿي، اي جوان جا پُٽ، جوان ٿي!
***
نئون جھان جوڙجي
جسم جي ولوڙجي، ته ذهن ٿو نچوڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جهان جوڙجي.
انڌير ۾ نظر ڪٿي، اچي ٿو کڙ کٻيتڙو،
مگر سڄي ئي جڳ کي، ڏئي نه جوت جيتڙو،
ڦري ٿو گول گول هي دماغ آھ چيچڙو،
دماغ آھ چيچڙو، ته ذهن آھ چيچڙو،
پيو ٿو رت چوسجي ته ماس پيو ٿو روڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جهان جوڙجي.
اَچو! ته ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڏونگرن کي ٽوڙجي،
عياشَ لَعنتيءَ اڳيان، نه لوئجي نَه لوڙجي،
اٿو ته ظالمن کي هاڻِ باھِ ٿي وِڪوڙجي،
غريب کي جھنجھوڙجي ۽ ننڊ کي نهوڙجي،
بُجو ڪو ٻُوٿَ ڏاڍَ جي تي، راشد! گھروڙجي،
اچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جھان جوڙجي.
***
احسان نه کڻ!
ڪر محنت جيئن انعام کٽين، انعام ڇڏي تون دان کڻ!
احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!
ڪنهن سور سٽيئه؟ احسان نه کڻ! ايذاءُ رسيئه؟ احسان نه کڻ!
ڪنهن ڏنجھ ڏڌيئه؟ احسان نه کڻ! ڪو درد وڌيئه؟ احسان نه کڻ!
تڪليف آ روح حياتيءَ جو، سک سهنج سندو سامان نه کڻ!
احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!
هي بار ڳڻن جو ڳورو آ، هٿ لاءِ نه زهر ڪٽورو آ،
جنهن ٿورو سمجھيو ٿورو آ، سو ڀورو آ ڄَٽ ڪورو آ،
پوءِ هٿ مهٽي جو پڇتائين، تون پنهنجي سِرِ ارمان نه کڻ!
احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!
جو گھُرجون ڪين گھٽائي ٿو، سو آخر هٿ وڌائي ٿو،
خود ليلائي، ٻاڏائي ٿو، ۽ ارڏو ڳاٽ جھڪائي ٿو،
اڄ آزاديءَ امڪان ڇڏي، تون ذلت جو زندان نه کڻ!
احسان نه کڻ، احسان نه کڻ!
***
تنهنجي نظرن نينهن ورهايو، لوه کي تو آ سون بنايو،
زهر منجھان ترياق ٺهايو، تنهنجيءَ حڪمت فيض رسايو،
بيمارن کي چاڪ ڪرايو، دَرُ هي دارالشفا سلامت!
عشق سلامت، سدا سلامت!!
تنهنجو دعاگو آھ ڀٽائي، جنهن جي تو تعليم وڌائي،
شعرن جي تشريح ٻُڌائي، سِٽ سِٽ سڀ ڪنهن کي سمجھائي،
ڀونءِ مٿان هي آھ ڀلائي، سنڌڙيءَ تي هي سخا سلامت!
عشق سلامت، سدا سلامت!
ڏينهن به آخر تپڻو آهي، سج منجھند تي اچڻو آهي،
منزل تي به ته پڄڻو آهي، بچڻو آھ ته ڊڪڻو آهي،
ڏينهن ٿڌي ۾ نڪري هَلجي، ڀورل ڀاءُ ڀلوڙ، او ساٿي!
اچ ته پڄايون ڊوڙ!
ڇڏ ته ڪوئي نئون نظم ٺاهي وٺان،
قرض ڌرتيءَ ماءُ جو لاهي وٺان.
خيال جا تازا توانا هِن ڍڳا،
ڏينهن جا هوندا اڃان نَوَ، ڏھ لڳا،
ڇو نه مان جاٽون ٻه ٽي ڪاهي وٺان!
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.
ڏور ٿي ويندو مڙئي ڏک ۽ ڏجھو،
اَنُ خوشين جو اي پرين ملندو جھجھو،
ڳاھ ڳڻتين جو رڳو ڳاهي وٺان!
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.
منهنجي من جا مور توسان سر لڳي،
توکي ڀاڪر ۾ ڪرڻ کان ڪجھ اڳي،
ڏيج موڪل ملڪ کي چاهي وٺان!
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان!
راشدا ! ظالم نه من مستي ڪري،
هوڏ جي هيڻن مٿان هستي ڪري،
ڊوھ دنيا جا سڀئي، ڊاهي وٺان!
قرض ڌرتي ماءُ جو لاهي وٺان.
*
• آزاد نظم
زندگي ۽ خوشبوءِ
زندگي منهنجي آ،
سرهي گل جيان.
منهنجو ڪم آهي ته مان،
خوشبو ڏيان،
پانهنجن کي، ڌارين کي،
دوستن کي دشمنن کي، پر
نڪ کي ئي بوءِ ٿي محسوس ٿئي،
بي نڪي کي بوءِ جي ڪهڙي خبر؟
جيڪڏهن ڪو چئي ته
خوشبوءِ ڪانه آ،
تنهن ڪيان انڌي عقل کي آءٌ ڇا؟
پنهنجي پر ۾ آءٌ پورو پيو رهان،
منهنجو ڪم آهي ته مان خوشبو ڏيان،
زندگي منهنجي آ سرهي گل جيان!
***
اٽلتا!
مان اهو آهيان جبل!
جو سمنڊ جي وچ تي اٽل
بيٺو هجي!
حادثا دنيا جا،
طوفاني ڇتين ڇولين جيان
مون ڏانهن،
ڌوڪيندا اچن،
مون سان لڳن،
پٺتي هٽن،
۽ بحر دنيا جي ۾ گم
ٿيندا وڃن.
مان اهو آهيان جبل،
جو سمنڊ جي وچ تي اٽل،
بيٺو هجي!
***
اتساھ!
جيڪڏهن تون ايترو،
روز، قرب جو ذرو،
ڏيندي رهين!
زندگيءَ جي ويڙه ۾،
هارجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿئي.
تون جڏهن ويجھو اچي،
پيار سان منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي،
حال دل جو ٿي پڇين،
ڄڻ ته منهنجا بند ٿا آجا ٿين،
ڄڻ ته مان ٿو قيد کان ٻاهر اچان.
پيار تنهنجو ٿو ٻَڌائي منهنجي دل،
قرب تنهنجو ٿو وڌائي منهنجو من.
ما، نئين جذبي سان اڳتي ٿو وڌان.
ڪاش! مان توکي سدا ريڌل ڏسان،
اڄ جيان!
***
سگريٽن جا
خالي پاڪيٽ
ميڙي چونڊي
بال پين سان
تن تي لکندو
کيسي ۾ وجھندو ٿو وڃي
شايد ڪوئي
شاعر آهي.
***
جاکوڙ
عام ماڻهو
در دريون پوري
اندر ويهي رهن
تيز ٿئي طوفان ته
ڏسجان پرين!
روڊ ۽ رستا هجن
سنسان سڀ
اک نه گوڏي کي ڏسي
پاڻ کي اهڙي سمي
خوابن جي تعبيرب جي لئه
جذبن سندي تڪميل لئه
نڪري پوڻ گھرجي.
***
ڪڏهن ڪڏهن ڪي
پيارا ماڻهو
من پرڀائي
ويندا آهن.
جي نه ته، اڪثر
ڪنڊ ۾ ويٺو
پڙهندو آهيان
تنهائيءَ تي
ڪڙهندو آهيان
وهمن سان پيو
وڙهندو آهيان
خيال جي چاڙهي
ڏاڪو ڏاڪو
چڙهندو آهيان.
پر پوءِ ڪڏهين
ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو آهيان
چوٽيءَ کان پَٽِ پوندو آهيان
چوندو آهيان
ڪو ته هجي جو،
ڏئيم سهارو
تنهائيءَ جو هيئن گذارو
ڪيسيتائين؟
***
مون کان پوءِ
هو جو مون کان پوءِ
پڄي.
ساڳئي تڙ تان پاڻي پئي
مارين کان نه ڊڄي
آزاديءَ سان گھمندي
ات منهنجا
پير پسي
سمجھي شال سگھي
ذات ڀلاري ناهي
پر ڏات ڀلاري آهي
ماريءَ کي ماري
جذبات ڀلاري آهي.
***
منزل ڏانهن
چنڊ اڀريو، مگر
رات روشن نه ٿي
هي چؤ طرف اونده
انڌوڪار آ
اٿو دوستو!
پنهنجي هٿ ساڻ
شمعون، جلائي کڻو!
اڄ ته اڀ تي به آهين
ڪارا ڪڪر.
ڪڏهن ڪڏهن وڄ جو
ڪو چمڪاٽ آ
خبر ٿي پوي
آهيون پهتا ڪٿي
اوهان، اڄ به مايوس
ڏسجو پيا!
نيٺ هلڻو ته آ،
مڃان ٿو ته هي راه آ
پُر خطر
۽ طوفان جو ڀي ته
امڪان آ
مگر ماٺ ويهي رهڻ ۽
ڊڄڻ، روا ڪونه آ.
هيئن ته آسان، مشڪل
نٿو ٿي سگھي.
اسان ڏانهن منزل
نه ايندي هلي.
اسان کي ئي هلڻو آ
منزل طرف
ذرا سوچيو!
نا اميدي ڇڏيو.
اوهان جيڪڏهن
حق جي راه ۾
جان پنهنجي ڏيو
تا، امر ٿي وڃو
هلندا هلو
ڪجھ ته هلندا هلو
پنهنجي منزل طرف
پنهنجي منزل طرف!
***
ٿڌڙا ساھ
هئه هئه هي مسڪيني حالت
منهنجا چارئي ٻار تپيا پيا آهن
مون وٽ ايڏا پئسا ڪونهن
جو مان ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي
کين وڃان!
روئي روئي، ڦٿڪي ڦٿڪي
منهنجو روح رنجائن پيا ٿا
منهنجي جان جلائن پيا ٿا،
مون کي خود ڦٿڪائن پيا ٿا.
ٻارن جا ڪيهاٽ هوا ۾
منهنجا ٿڌڙا ساھ هوا ۾
گڏجي اڄ پرواز پيا ڪن--
رات سڄي مون ننڊ نه ڪئي آ
مان ۽ منهنجي گھرواري ٻئي
معصومن سان گڏجي سڏجي
لڇيا، ڦٿڪيا جاڳيا آهيون
هئه هئه هي مسڪيني حالت
منهنجا چارئي ٻار تپيا پيا آهن!
*
• وايون
ڀوڳيون پيا پيڙا،
اڻٽيهين اڌرات جو!
چئني طرف چُرن پيا، ڪارنهن جا ڪيڙا،
اڻٽيهين اڌرات جو!
هڪ ته پري آ مون کان، پيارن جو پاسو،
ٻيو ته آهي پيار جو، پنڌ به وارياسو،
ٽيون دکيءَ دل ۾، وهمن جو واسو،
قربن ڪاسي تي نه ملي، محبت جو ماسو،
راشد دلاسو، من ڪو ملي دوست کان.
***
جن جي پرت اڇاتري، تن کي حال چوان؟
ماٺي محبت جن سندي، مائٽ سي نه مڃان،
اگھاڙو ٿي راشدا! آڏو عام اچان،
اهڙي جُوٺي جيئڻ کان، ٻڏي ڇو نه مران،
ڪرڻو آھ اڃان، پيار لڪائي لوڪ کان.
***
وري ڌرتيءَ تي ڪو سقراط نه ماريو ويندو،
ڀڃي هر زهر ڀرئي جام کي هاريو ويندو،
ڊڄو ان ڏينهن کان نفرت کي پکيڙڻ وارا!
جڏهن انسان جي عظمت کي اڀاريو ويندو.
***
وري ڌرتي تي ڪو سقراط نه ماريو ويندو،
ڀڃي هر زهر ڀرئي جام کي هاريو ويندو،
ڊڄو ان ڏينهن کان نفرت کي پکيڙڻ وارا!
جڏهن انسان جي عظمت کي اڀاريو ويندو.
***
اسان سقراط ٿي وِھَ جو وٽو پي وينداسين،
اسان منصور ٿي سُوريءَ تي چڙهي وينداسين،
لبن تي ڪلمه حق جاري سدائين رَهندو،
اسان سرمد ٿي راهِ حق ۾ ڪُسِي وينداسين.
***
اسان به عشق جي ٻارڻ ۾ ٻري ڏسنداسين،
اسان به درياھِ محبت ۾ تري ڏسنداسين،
عشق فرهاد ۽ مجنونءَ جو مقاطعو ناهي،
اسان بلال و عنايت ٿي مري ڏسنداسين.
***
پنهنجن تي ڪڏهن وار ڪيو ٿئون نه ڪبو،
بيواجبي تڪرار ڪيو ٿئون نه ڪبو،
سنڌوءَ جي ڄڻين ساڻ ڪو ليکو نه اٿئون،
پر بخش ڪو غدار ڪيو ٿئون نه ڪبو!
***
ڪم ظرف جي تائيد ڪئي ٿئون نه ڪبي،
انصاف جي اميد ڪئي ٿئون نه ڪبي،
چوندن کي نه آ جھل، نڪا پرواه ئي آهي،
الزام جي ترديد ڪئي ٿئون نه ڪبي.
***
رڳوئي غير جي ظلمن ته ستايو ناهي،
مگر افسوس جو پنهنجن به گھٽايو ناهي،
اسان کي آس هُئي ٺارڻ جي، مگر ٻاري ويا،
اهو آ ڪير جهين درد دُکايو ناهي.
***
سچي تي ڪوڙ جي ڪاهيو ته ڇا ٿيو؟
وري بهتان ڪنهن ٺاهيو ته ڇا ٿيو؟
نمڪ جو حق ادا ڪرڻو هو هن کي،
ڪُتي مون تي اگر باهيو ته ڇا ٿيو؟
***
هِن ديس ۾ دستورجو نالو نه هجي ها،
ڪاراڻ هجي ها ۽، اجالو نه هجي ها!
هيءَ قوم انڌيرن ۾، ڌِڪا کائي ها هر دم،
راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
***
تهذيب جو ڪنهن جي به هَٿ، ڀالو نه هجي ها،
غيرن جي زبانن تي به تالو نه هجي ها،
لولي آ ملي جنهن ۾، سا ٻولي نه هجي ها،
راشد! جي ڀٽائيءَ جو رِسالو نه هجي ها.
***
دستور مئه نوشن جو نرالو نه هجي ها،
هر لب تي جيئي سنڌ جو پيالو نه هجي ها،
تهذيب، ثقافت به اسان جي نه رَهي ها،
راشد! جي ڀٽائي جو رسالو نه هجي ها.
***
سنڌيءَ ۾ ڪو مضمون، مقالو نه هجي ها،
ڪو لوڪ گيت، بيت، جمالو نه هجي ها!
ڪو نثر، نظم قوم کي، زنده نه رکي ها،
راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
***
سسئيءَ جو ڪٿي ياد ڪشالو نه هجي ها،
سهڻيءَ جي ترڻ سيرَ جو، نالو نه هجي ها،
مارئيءَ جي وطن لاءِ حُب، معلوم نه ٿئي ها،
راشد! جي ڀٽائي جو رِسالو نه جي ها.
***
جي شاه جو قوميت لئه، حوالو نه هجي ها،
سنڌيت جو ڪو مستان موالو نه هجي ها،
نه ڏات رَهي ها، نه ڪائي بات ٿئي ها،
راشد! جي ڀٽائيءَ جو رسالو نه هجي ها.
***
ڦِٽي ڪين اس تي گلابن جو رنگ،
ڪڙهي ٿئي ٿو ڪارو ڪبابن جو رنگ،
ٽِمي نور ٿو پِيرَ جي مُنهن منجھان،
کڻن هَرُ ته ڏسجي نوابن جو رنگ.
***
ڪنڌ تي ڪاتي ڏسي ڪانئر ڪُڌو ڪُرڪِي پيو،
لالچي ڳِجھَ وانگيان آ، ڍُونڍ تي ڍُرڪي پيو،
خوش نصيبي آھ سر ٿو قول تي قربان ٿئي،
مون کي مقتل ۾ ڏسي، محبوب اڄ مُرڪي پيو.
***
ڀري پيٽ پنهنجو ڪتا ڀي سگھن ٿا،
ڪو چوندو ڪُتي لئه ته حيوانُ ناهي؟
جو ڏک ۾ ڏسي ٻين کي خوش رهي ٿو.
اهو سمجھ انسان، انسان ناهي.
***
جگر چاڪ ٿي پيا گلن جا خزان ۾،
۽ مالهيءَ جي دل تي ڪو داغ ئي نه آهي،
آ غدار جنهن باغ جو باغبان ٿيو،
اهو باغ سمجھو ته باغ ئي نه آهي.
***
غريبن کي ظلمن جو گھيرو ڏسو ٿا،
هي چؤطرف ڄڀين جو ڄيرو ڏسو ٿا،
مصيبت ۾ هاري ۽ مزدور آهن،
رڳو خوش سِرائي، وڏيرو ڏسو ٿا.
***
چون ٿاظلم هي ختم ٿي نه سگھندو،
غريبن تي رحم ۽ ڪرم ٿي نه سگھندو،
چوان ٿو نسل نئون سجاڳيءَ ۾ آهي،
ڪنهن جو مال هاڻي هضم ٿي نه سگھندو.
***
گذريون جي اوهان ساڻ گھڙيون، ياد ڪنداسين!
مکڙيون جي محبت جون ٽِڙيون، ياد ڪنداسين!
ڪن ٽوڙي ڇڌيون ٿي، ڪنين مضبوط ڪيون ٿي،
سي قرب ۽ الفت جون ڪڙيون، ياد ڪنداسين.
***
وڻ جنهن به هيٺ ويهجي، ان کي به ڪجي ياد،
ساٿين جي ذڪر ساڻ، سدائين رَهي دل شاد،
ڪنهن سک ته ڪنهين سور ڏنا، پو به اي راشد!
منهنجي ته دعا آھ ته سڀ خوش هجن آباد.
***
انسان آهيون، دوست هر انسان اسان جو،
هندو به اسان جو ته مسلمان اسان جو،
ماڻهن ته اسان کي گھڻن ڪافر به چيو آ،
پر امن ۽ محبت ۾ آ ايمان اسان جو.
***
زندگيءَ ۾ شعر هن جو ڪنهن ڇپڻ چاهيو نٿي،
مرڻ کان پوءِ چون ٿا، واقعي وڏو شاعر هئو،
محب وطنيءَ جو مليو مرحوم کي سرٽيفڪيٽ،
جڏهن جِئرو هو تڏهن غدار هو، ڪافر هئو!
***
محفل ۾ اڄ راشد جو ڪو گيت ڪنهين آ ڳاتو،
واتُ وڏيري جو گِڦ ڀريو آھ چڙيو چؤ واتو،
نانءِ جنهين جي ملڪيت ناهي، ناھ جهين جو کاتو،
مُلڙن جي لئه مِهڻو آهي، پيرن لئه پاراتو.
***
شاعر؛ فطرت جو عڪاس ۽ سونهن ۽ سچ جو پارکو آهي. سماج جي ڪوجهائيءَ کي ڏسي ۽ محسوس ڪري، ان ۾ سونهن ڀرڻ شاعر جو ڪم آهي. شاعر، جنهن سماج ۽ جنهن ماحول ۾ اک پٽي ٿو، ان سماج ۽ ماحول ۾ ئي هن جي شاعري سرجي ٿي. ان ڪري، ضروري آهي ته شاعر کي پنهنجي سماج جي سڌاري ۽ سنوار لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي وسيلي طور ڪم آڻڻ گھرجي. هڪڙن جي راءِ آهي ته شاعر، پنهنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ ۽ سماج جي اصل تصوير پيش ڪري ٿو، پر ٻين شاعريءَ کي زندگيءَ ۽ سماج جي تنقيد ڪوٺيو آهي. سندن نظر ۾ شاعريءَکي رڳو سماج جي آرسي نه ٿيڻ گھرجي، پر بهتر سماج ۽ بهتر زندگيءَ جا چٽ چٽڻ ۽ تخليق ڪرڻ به شاعريءَ جو ئي ڪم آهي.
شاعريءَ لاءِ قائم ڪيل پوئين راءِ ئي بهتر ۽ موزون آهي، ۽ اڄ جي هر شاعري، اِن ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گھرجي. سماج ۾ موجود تضادن ۽ انساني درد ۽ پيڙا کي محسوس ڪري، انساني زندگيءَ ۾ سک، سانت ۽ امن جي آڻڻ لاءِ جدوجھد جو سبق ڏيڻ هڪ صحيح شاعر جو ڪم آهي. شاعر جيئن ته عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور ۽ ساڃاھ جو مالڪ هوندو آهي، ان ڪري انساني درد ۽ پيڙا کي به ٻين کان وڌيڪ محسوس ڪندو آهي. شاعر کي پاڻ لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئڻ گھرجي، ٻين جا ڏک ۽ سور، پنهنجا ڏک ۽ سور سمجھڻ گھرجن. سائين محمد ابراهيم جويي هڪ ڀيري چيو هو ته ”جيڪو ٻين لاءِ جيئڻ جو سنيهو ڏئي ٿو، اهو ئي سچو شاعر آهي.“
منهنجي نظر ۾ راشد جي شاعري، محمد ابراهيم جويي جي پيش ڪيل مٿئين نقطي جي وضاحت ۽ تفسير آهي.
راشد سان منهنجي سڃاڻپ 1966ع کان آهي ۽ راشد، شاعريءَ ۾ منهنجو استاد به آهي. سندس ذاتي زندگيءَ ۽ عملي ڪردار کي به مون تمام ويجھڙائيءَ کان ڏٺو آهي. سندس گھڻي ڀاڱي سموري شاعري به پڙهي اٿم. ان ڪري، مون لاءِ راشد ۽ سندس شاعريءَ محمد ابراهيم جويي جي راءِ جي روشنيءَ ۾ پرکڻ ڏکيو مسئلو نه آهي.
راشد، هڪ سادو، سٻاجھو ۽ صوفي منش ڳوٺاڻو ۽ ٻين جو هڏ ڏوکي شاعر آهي. ذاتي طرح به هڪ نيڪ ۽ ڀلو ماڻهو آهي، ان ڪري ٻين لاءِ پڻ نيڪيءَ ۽ ڀلمانسيءَ جا جذبا رکي ٿو. هن پنهنجيءَ توڙي عام ماڻهن جي زندگيءَ کي گھرائيءَ ۽ ويجھائيءَ کان ڏٺو آهي، ان ڪري هڪ شاعر جي حيثيت ۾ زندگيءَ ۾ سونهن ڀرڻ جو جذبو هن جي دل ۾ سدائين موجود رهيو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ کي پڻ اِن پس منظر ۾ سرجيو آهي ته زندگيءَ ۾ سونهن ڪيئن ڀرجي. هن جيترو پنهنجي داخلي زندگيءَ ۽ جذبن کي شاعريءَ ۾ پرٽايو آهي، ان کان وڌيڪ خارجي زندگيءَ ۾ مشاهدن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. راشد جي شاعري، شمشيرالحيدريءَ چواڻي ”موجوده سنڌي شاعريءَ وانگر داخلي- خارجي ميل جو نمونو آهي. ”پاڻ-پرک ۽ جڳ-پرک، راشد جي شاعريءَ جو مرڪزي نقطو آهي. راشد جي اک، هڪ پارکو شاعر جي اها روشن اک آهي، جيڪا وقت کان اڳ جاڳي ٿي ۽ زندگيءَ ۽ سماج ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ ڪردارن کي اصل روپ ۾ ڏسي ٿي. راشد جي شاعريءَ مان سماجي زندگيءَ جي عڪس سان گڏ ان زندگيءَ جي مقصد جو ڏس ملي ٿو. سماج ۾ رهندي، هن جي شاعراڻي اک، جيڪي ڪلور ۽ انساني درد ۽ پيڙا جون تصويرون ڏسي ٿي، ان جو احساس ٻين کي به ڏياري ٿو. ٻين کي به ٻڌائي ٿو ته عام ماڻهوءَ تي سماج ۽ ان جا ٺيڪيدار، مذهب، رسمن ريتن، نظرين، چڱمڙسيءَ ۽ ٻين ٻنڌڻن جي نالي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪن ٿا، ۽ انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ڇو ۽ ڪيئن ضروري آهي؟
راشد جي شاعري، بي مقصد نه آهي، پر مقصد سان ڀرپور آهي. راشد رڳو ڇپر ۾ ڇڙهيون، ڪونه ٿو هڻي، پر هڪ مقرر مقصد ۽ واٽ تي هلي ٿو، جا سچ ۽ سونهن جي ماڳ ڏانهن وڃي ٿي. سندس مقصد، معاشري، قوم ۽ ڌرتيءَ جي ڀلائيءَ سان واڳيل آهي. ان مقصد لاءِ نه رڳو ڏس ڏئي ٿو، پر راشد جو عملي ڪردار پڻ ان جو واضح ثبوت آهي.
راشد جي شاعري، لفظن جي هيرا ڦيريءَ ۽ خيالن جي ورجاءَ واري نه آهي، جيئن اڄڪلھ جي ڪيترن شاعرن جي شاعري ائين محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن وٽ خيالن جي نواڻ ۽ موضوعن جي جھجھائي آهي. سندس شاعري بيٺل پاڻيءَ جو دٻو نه پر مست سنڌوءَ جو وهڪرو آهي. سندس شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ روح ۽ جان آهي. لفظن ۾ جان وجھڻ، هڪ پختي شاعر جو ئي ڪمال آهي.
راشد، 1957ع کان شاعري ڪري پيو. سندس سموري شاعريءَ جي ڳوڙهي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته ڪيئن نه حالتن جي ارتقا سان گڏ سندس شاعري پڻ ارتقا ڪندي رهي آهي.
راشد جيئن ته مذهبي (سيد) گھراڻي ۾ جنم ورتو آهي، ۽ سندس ڏاڏو نورشاھ توڙي والد سعيد علي شاھ خادم پڻ شاعر هئا، جن جي شاعري، مذهب ۽ مجاز جو ميل هئي، ان ڪري جڏهن 1957ع ۾ راشد شاعري شروع ڪئي ته اباڻي ورثي موجب سندس شعر تي مذهبي اثر غالب رهيو. ان وقت طرحي مشاعرن ۽ ”بزم صابر“ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ ڪري، سندس شاعريءَ، زماني سازيءَ ۽ مجازي شاعريءَ طرف موڙ کاڌو. هن جي ابتدائي شاعريءَ مان مذهبي رنگ ۽ حضرت عشق جي تذڪري جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا:
چاڙهي چڙهي مجازي، حاصل ڪيم حقيقت،
هئي اڳ ۾ بت پرستي، پائي آ حق پرستي،
حق هر جا آھ شهود، جوئي عبد، اهو معبود!
راشد ٻيو موجود نه آ، حق موجود آ، حق موجود!
ــــــــــــــــــ
دڪان دل جي ۾ دردن جو ثمر ڪافي آ،
ڪو خريدار هجي، ڏيانس، وکر ڪافي آ.
ـــــــــــــ
راشد، 1962ع کا ماستري ڪري رهيو آهي، اِن سلسلي ۾ گھر کان ٻاهر رهڻ ڪري، عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي ويجھي کان ڏسڻ جو کيس موقعو مليو. ان زماني ۾ هن جي شاعريءَ، مذهبي رنگ ۽ ”فڪر يار“ کان ٿورو ٻاهر نڪري، عام زندگيءَ جو معائنو ڪيو. هن کي عام سنڌي ماڻهو، وڏيرڪي ۽ پيرڪي سماج ۾ ڦاٿل نظر آيو. هن ڏٺو ته پورهيو هڪڙي ڌر ڪري ٿي ۽ ان پورهيي جو ڦل، ٻيا ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو کائي ٿا وڃن.اِن ڏاڍ جي نظام، هن جي ذهن ۾ بغاوت پيدا ڪئي، ۽ هن جي شاعريءَ عوامي شاعريءَ طرف موڙ کاڌو. 67 ـــ 1966ع وارو زمانو ايوبي آمريت ۽ ون يونٽ خلاف عوامي اُڀار جو دور هو. 4 مارچ 1967ع واري واقعي سنڌ ۾ سجاڳيءَ جي تحريڪ کي نوان لاڙا ڏنا. راشد جي سوچ جيئن ته عوامي رنگ ۾ رنگجي چڪي هئي. ان ڪري هن جي شاعري، آسانيءَ سان قومي سوچ سان هم آهنگ ٿي وئي. ان دور جا ڪجھ مثال ٻڌو:
اپيل آ نوجوان کي ۽ سنڌ جي پاسبان کي،
وري چوريو زبانن کي، ڏڪايو آسمانن کي،
ڀڄــــايو بدگــــمانـــن کي، رهايو رازدانن کي.
ته جيئي سنڌ، ته جيئي سنڌ!
موجوده دور ۾ راشد جي شاعري پراڻن ماپن، جذباتي ۽ هنگامي اظهار کان وک وڌائي، فني پختگيءَ، نواڻ ۽ حقيقت جي ويجھو پهچي چڪي آهي. راشد جي هن دور ۾ فني اوسر ايتري ته تيز رفتاريءَ سان ٿي، جو سندس شمار هن وقت سنڌ جي جديد شاعرن جي سٿ ۾ ٿئي ٿو.
مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته راشد جي شاعريءَ جو مرڪزي نقطو، ”ٻين لاءِ جيئڻ“ پئي رهيو آهي. هن جي سوچ، سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سلهاڙيل پئي رهي آهي. هو پنهنجي جيوت کي وطن ۽ قوم کان جدا تصور ئي نه ٿو ڪري. ضمير جي خوشي، قوم جي خوشيءَ ۽ ڀلي لاءِ سوچڻ ۾ لڪل آهي. ان موضوع تي سندس هيٺيون نظم بهترين آهي.
جڏهن به سوچيم ته قوم لئه لکان ته ڇو لکان؟
۽ باھ ۾ ٻين جي پاڻ کي وجھان ته ڇو وجھان،
رڳو نه مون تي بار آ، جي سچ چوان ته ڇو چوان،
جڏهن به سوچيم، مصيبتون سهان ته ڇو سهان؟
ته ذهن ۾ سيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
ـــــــــــــــ
جڏهن به سوچيم ته آءٌ ڇو ڪيان ۽ ڇا ڪيان،
جي قوم آھ بيوفا ته مان به ڇو وفا ڪيان،
غريب پاڻ، پاڻهئي پيدا نه ڪربلا ڪريان،
چيم ته ڪنڊ ۾ رهي، رڳو خدا خدا ڪريان!
ته ذهن ۾ سيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون!
ـــــــــــــــــ
۽ جڏهن سوچيم: ٻين جي لاءِ مصيبتون سهان،
ڀلي ته مان سڙان،پچان، ٻين کي سک ڏئي سگھان،
ڀلي ته سر وڃي سندم، ڀلي ته آءٌ دم ڏيان،
ٻيو اچي اچي نه ڪو ته مان ئي راشدا اچان،
ته ذهن ڄڻ ٽڙي پيو، ضمير واھ واھ ڪئي!
راشد، سونهن ۽ سچ جو تذڪرو، پنهنجي شعر جو موضوع بنايو آهي ۽ خوب نڀايو آهي:
سونهن تي سچ جي ٿيا سڀ سوچ جا دفتر ختم،
پيار ان ۾ ٿي ويا ڪئين پير، پيغمبر ختم!
سونهن تي تنهنجيءَ سڀئي تشبيھ جا دفتر کُٽا،
عشق جن توسان ڪيو، سي دين،دنيا کان ڇٽا!
راشد، سونهن ۽ سچ ڇاکي ٿو سمجھي ۽ وٽس سونهن ۽ سچ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا، ان جو جواب سندس شاعريءَ مان ئي ملي ٿو. راشد ڌرتيءَ جي سونهن کي ئي سچ ٿو سمجھي. هن جي سوچ، ڌرتيءَ (سچ) کي پنهنجو مرڪز بنايو آهي. هن سچ کي ڏٺو ۽ ان جي سونهن کي پسيو آهي. اِهوئي سبب آهي جو هن گل ۽ بلبل جي قصي ۽ حسين تصور کي ٺڪرائي، پنهنجي شعر کي ڌرتيءَ جي محبت سان واڳيو آهي:
گل ۽ بلبل جي قصي تي پاڻ ڇو جھومي اٿون،
دانهن جي ڌرتيءَ جي هوندي، شعر تي وهوا ڪبي!
اڃا آ ساھ جان ۾، اڃا نظر نشان ۾،
۽ تير آ ڪمان ۾،اي سنڌ تنهنجي شان ۾،
نه ڳالھ بد سٺي اٿم، اڃا ته زندگي اٿم!
راشد سمجھي ٿو ته ڌرتيءَ جو آواز، سچ جو آواز آهي، ۽ ان تي وقت جي آمرن طرفان پهرا ۽ بندشون وڌيون وينديون. پر بندش جي کيس پرواه نه آهي:
ساٿ سان اورڻ سورتي بندش،
ٻڙڪ ڪڍڻ ٻاڦور تي بندش،
هاري ۽ مزدور تي بندش،
ڪوڏر ۽ چنجور تي بندش،
نئين ٽهي، نئين تور تي بندش،
سرمد ۽ منصور تي بندش،
اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ !
ـــــــــــ
ڪنهن دل جي ايوان تي بندش،
نظرن جي نيشان تي بندش،
شمعن کان پروان تي بندش،
ڀونئرن کان گلدان تي بندش،
مانجھي مرد مهان تي بندش،
”حب وطن ايمان“ تي بندش،
اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ !
•