تصوف

گوھر شاھ جو گيان

سيد علي گوھر شاھ جي شاعريءَ جو ھيءُ پھريون مجموعو آھي، جيڪو ڇپايو ويو آھي پوءِ بہ اڃان سندس گهڻي شاعري رھيل آھي. ڪتاب ۾ سيد علي گوھر شاھ جي شاعري جنھن ۾ ڪافيون، وايون ۽ بيت شامل آھن. سيد علي گوھر شاھ جي زندگي ۽ شاعري بابت مواد ڏيڻ کانسواءِ ”تصوف“ بابت تاج پور جي صوفي بھاول فقير جي فرزند نواب امداد علي لغاريءَ جو مضمون پڻ ڏنو ويو آھي. 

Title Cover of book گوھر شاھ جو گيان

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران صوفي شاعر سيد علي گوھر شاھ جي شاعريءَ جو مجموعو ”گوھر شاھ جو گيان“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جي سھيڙ ادريس جتوئي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر غلام قاسم چانڊيو، انورالدين جتوئي، امير بخش عمراڻي ۽ حاجن جانوري آھن.
سيد علي گوھر شاھ جي شاعريءَ جو ھيءُ پھريون مجموعو آھي، جيڪو ڇپايو ويو آھي پوءِ بہ اڃان سندس گهڻي شاعري رھيل آھي. ڪتاب ۾ سيد علي گوھر شاھ جي شاعري جنھن ۾ ڪافيون، وايون ۽ بيت شامل آھن. سيد علي گوھر شاھ جي زندگي ۽ شاعري بابت مواد ڏيڻ کانسواءِ ”تصوف“ بابت تاج پور جي صوفي بھاول فقير جي فرزند نواب امداد علي لغاريءَ جو مضمون پڻ ڏنو ويو آھي. 
ھي ڪتاب 2004ع ۾ سنڌي ادبي سنگت نوان جتوئيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي دوستن جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي