لطيفيات

شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا

ھن ڪتاب ۾ عابد مظھر تصوف جي تشريح،  تصوف جي اسلامي سلسلن چشتيہ، سھرورديہ، قادريہ ۽ نقشبنديہ جو ذڪر ۽ سنڌ ۾ انھن صوفي سلسلن جي شخصيتن جو احوال، شاھہ لطيف جي شخصيت ۽ سوانح، شاھہ لطيف جي دور جي ھمعصر صوفي بزرگن ۽ شاعرن جو احوال پڻ ڏنو آھي. ساڳي وقت ھو لکي ٿو تہ ڀٽائيءَ جو تعلق قادريہ سلسلي سان ھيو.

Title Cover of book شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر عابد مظھر جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جي تحقيق تي ٻڌل ڪتاب ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ عابد مظھر تصوف جي تشريح،  تصوف جي اسلامي سلسلن چشتيہ، سھرورديہ، قادريہ ۽ نقشبنديہ جو ذڪر ۽ سنڌ ۾ انھن صوفي سلسلن جي شخصيتن جو احوال، شاھہ لطيف جي شخصيت ۽ سوانح، شاھہ لطيف جي دور جي ھمعصر صوفي بزرگن ۽ شاعرن جو احوال پڻ ڏنو آھي. ساڳي وقت ھو لکي ٿو تہ ڀٽائيءَ جو تعلق قادريہ سلسلي سان ھيو.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ  پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ثقافت کاتي جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي