مذهب

دعاءِ مجير

دعاءِ مجير پاڻ سڳورن صہ جن کان منقول وڏي فضيلت واري دُعا آھي. روايت ۾ ملي ٿو تہ رسول اڪرم صہ جن مقام ابراھيم وٽ نماز پڙھي رھيا ھيا تہ ان وقت جناب جبرائيل عہ پالڻھار جي طرفان ھي دعا کڻي نازل ٿيو.

  • 4.5/5.0
  • 17
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book دعاءِ مجير

سنڌسلامت پاران

دعاءِ مجير پاڻ سڳورن صہ جن کان منقول وڏي فضيلت واري دُعا آھي. روايت ۾ ملي ٿو تہ رسول اڪرم صہ جن مقام ابراھيم وٽ نماز پڙھي رھيا ھيا تہ ان وقت جناب جبرائيل عہ پالڻھار جي طرفان ھي دعا کڻي نازل ٿيو. دعاءِ مجير پاڻ سڳورن صہ جن کان منقول وڏي فضيلت واري دُعا آھي. روايت ۾ ملي ٿو تہ رسول اڪرم صہ جن مقام ابراھيم وٽ نماز پڙھي رھيا ھيا تہ ان وقت جناب جبرائيل عہ پالڻھار جي طرفان ھي دعا کڻي نازل ٿيو.

سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو: دعاءِ مجير
سنڌيڪار: ساجد علي سبحاني
نظر ثاني:حجة الاسلام مولانا نظير احمد بهشتي
ڪمپوزنگ: المجتبى فائونڊيشن
ڇاپو پهريون: شوال 1439ه، 2018
تعداد:500
ناشر: المجتبى فائونڊيشن

رابطي لاءِ:
1. قم: مدرسه حجتيه، مولانا نظير احمد بهشتي، فون: 09194524198
2. قم: مدرسه امام خميني (ره) ساجد علي سبحاني، فون: 09107546787
3. نجف اشرف عراق، مولانا عبد المالڪ محسني، فون: 009647725995427
4. مدرسه سفينه اهل بيت مولانا عبد الرشيد محسني، فون: 00923022949194

ارپنا

آءُ پنهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي پنهنجي والد بزرگوار مرحوم دادن خان چانڊيو جن جي نانءَ نهايت ئي اُتساھ سان ارپيان ٿو، پالڻهار کيس معصومين  جي جوار ۾ جاءِ عطا فرماءِ.
۽ گڏوگڏ پنهنجي شفيق ۽ مهربان استاد مدرسه سفينه اهل بيت ميهڙ جي پرنسپل حجة الاسلام والمسلمين مولانا عابد علي عرفاني کي ارپيان ٿو، پروردگار کيس وڏي ڄمار نصيب فرماءِ ۽ دين اسلام لاءِ وڌيڪ خدمت ڪرڻ جي توفيق ۽ سگھ عطا فرماءِ، جنهن جي ڪاوشن ۽ نيڪ نيتن جي آڌار بنده کي هن سعادت ڀري خدمت جي سگھ نصيب ٿي.

شڪريي ادائي

”من لم یشکر المخلوق لم یشکر الخالق“
مان پنهنجي شفيق ۽ مهربان ڀاءُ حجة الاسلام مولانا نظير احمد بهشتي جن جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي هن ڪتاب جي نظرثاني فرمائي ۽ هن هيڻي جي حوصله افزائي فرمائي رب پاڪ سائينءَ جن کي وڏي ڄمار نصيب ڪري ۽ اسان کي سندس علم مان فائدو ماڻڻ جي توفيق عطا فرمائي.
۽ انهن سڀني مهربانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هن ڪاوش جي پڌري ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو. پالڻهار سڀني سهڪار ڪندڙن جي توفيقاتِ خير ۾ اضافو فرمائي.

والسلام
ساجد علي سبحاني
شوال 1439 هجري، 2018.

دعاءِ مجير

هي دعا پاڻ سڳورن  جن کان منقول وڏي فضيلت واري دعا آهي.
روايت ۾ ملي ٿو ته رسول اڪرم  جن مقام ابراهيم  وٽ نماز پڙهي رهيا هئا ته ان وقت جناب جبرائيل امين  پالڻهار جي طرفان هي دعا کڻي نازل ٿيو.
شيخ ڪفعمي جن پنهنجن ڪتابن بلد الامين ۽ مصباح ۾ هن دعا جو ذڪر ڪيو آهي ۽ حاشيه ۾ هن دعا جي فضيلت جو به ذڪر ڪيو آهي لکن ٿا ته: جيڪو شخص هن دعا کي رمضان المبارڪ جي ايام بيض يعني 13، 14 ۽ 15 رمضان ۾ پڙهندو ته سندس تمام گناھ بخش ڪيا ويندا، چاهي اهي مينهن جي قطرن، وڻن جي پنن ۽ واري جي ذرن برابر ئي ڇو نه هجن. ۽ پڻ هن دعا جي پڙهڻ سان بيمار کي شفا ملندي، مقروض جو قرض ادا ٿي ويندو، غم ۽ پريشانيون دور ٿي وينديون.

بِسم اللهِ الرَحمنِ الرَحيم
الله جي نالي سان شروع ڪريان ٿو جيڪو وڏو مهربان ۽ نهايت رحم ڪندڙ آهي.

سُبْحانَكَ يا اَللهُ تَعالَيْتَ يا رَحْمنُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي الله! تون مٿانهون آهين اي ڏاڍو مهربان! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا رَحيمُ تَعالَيْتَ يا كَريمُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي نهايت رحم وارا! تون مٿانهون آهين اي ڪرم ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مَلِكُ تَعالَيْتَ يا مالِكُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي بادشاھ! تون مٿانهون آهين اي مالڪ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا قُدُّوسُ تَعالَيْتَ يا سَلامُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي پاڪيزه! تون مٿانهون آهين اي سلامتي ڏيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُؤْمِنُ تَعالَيْتَ يا مُهَيْمِنُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي امن ڏيندڙ! تون مٿانهون آهين اي نگهبان! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا عَزيزُ تَعالَيْتَ يا جَبّارُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي عزتدار! تون مٿانهون آهين اي تمام گهڻي طاقت وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُتَكَبِّرُ تَعالَيْتَ يا مُتَجَبِّرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ڪبريائي وارا! تون مٿانهون آهين اي بهترين طاقتور! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا خالِقُ تَعالَيْتَ يا بارِئُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي خلقڻهار! تون مٿانهون آهين اي عدم کان وجود ڏيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُصَوِّرُ تَعالَيْتَ يا مُقَدِّرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي تصويرون ٺاهيندڙ! تون مٿانهون آهين اي تقدير ٺاهيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا هادى تَعالَيْتَ يا باقى اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي هدايت ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي هميشه رهندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا وَهّابُ تَعالَيْتَ يا تَوّابُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين بخشڻهار! تون مٿانهون آهين اي توبه قبول ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا فَتّاحُ تَعالَيْتَ يا مُرْتاحُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي کوليندڙ! تون مٿانهون آهين اي سڪون ڏيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ ياسيِّدي تَعالَيْتَ يامولاي اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي منهنجا سردار! تون مٿانهون آهين اي منهنجا مولا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا قَريبُ تَعالَيْتَ يا رَقيبُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي مخلوق جي ويجهو! تون مٿانهون آهين اي نگهبان! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُبْدِئُ تَعالَيْتَ يا مُعيدُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي شروع ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي موٽائيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا حَميدُ تَعالَيْتَ يا مَجيدُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ساراھ جوڳا! تون مٿانهون آهين اي شان وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا قَديمُ تَعالَيْتَ يا عَظيمُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي سدائين رهڻ وارا! تون مٿانهون آهين اي بزرگيءَ وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا غَفُورُ تَعالَيْتَ يا شَكُورُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي بخش ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي لائق شڪر! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا شاهِدُ تَعالَيْتَ يا شَهيدُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي شاهدي ڏيندڙ! تون مٿانهون آهين اي مشاهدو ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا حَنّانُ تَعالَيْتَ يا مَنّانُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ڏاڍو مهربان! تون مٿانهون آهين اي گهڻو احسان ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا باعِثُ تَعالَيْتَ يا وارِثُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي اٿارڻ وارا! تون مٿانهون آهين اي وارث! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُحْيى تَعالَيْتَ يا مُميتُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي جيئاريندڙ! تون مٿانهون آهين اي ماريندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا شَفيقُ تَعالَيْتَ يا رَفيقُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي شفقت ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي هر وقت گڏ رهندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا اَنيسُ تَعالَيْتَ يا موُنِسُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي دوست! تون مٿانهون آهين اي مخلوق جا ورونهيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا جَليلُ تَعالَيْتَ يا جَميلُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي بزرگوار! تون مٿانهون آهين اي خوبصورت! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا خَبيرُ تَعالَيْتَ يا بَصيرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مَجيرُ.
تون پاڪ آهين اي خبردار! تون مٿانهون آهين اي ڏسندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا حَفِىُّ تَعالَيْتَ يا مَلِىُّ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي مهربان! تون مٿانهون آهين اي احسان ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مَعْبُودُ تَعالَيْتَ يا مَوُجُودُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي معبود! تون مٿانهون آهين اي هميشه حاضر! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا غَفّارُ تَعالَيْتَ يا قَهّارُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي بخشڻهار! تون مٿانهون آهين اي غلبي وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مَذْكُورُ تَعالَيْتَ يا مَشْكُورُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ذڪر ڪيل! تون مٿانهون آهين اي شڪر ڪيل! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا جَوادُ تَعالَيْتَ يا مَعاذُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ڏاڍو سخي! تون مٿانهون آهين اي پناھ جي جاءِ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا جَمالُ تَعالَيْتَ يا جَلالُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي حسن وارا! تون مٿانهون آهين اي بزرگيءَ وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا سابِقُ تَعالَيْتَ يا رازِقُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي سڀ کان پهريان! تون مٿانهون آهين اي رزق ڏيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا صادِقُ تَعالَيْتَ يا فالِقُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي سچار! تون مٿانهون آهين اي چيريندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا سَميعُ تَعالَيْتَ يا سَريعُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ٻڌندڙ! تون مٿانهون آهين اي جلدي ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا رَفيعُ تَعالَيْتَ يا بديعُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي مٿانهين مرتبي وارا! تون مٿانهون آهين اي پيدا ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا فَعّالُ تَعالَيْتَ يا مُتَعالُ اجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ڪندڙ (جيڪو ڪجھ چاهين)! تون مٿانهون آهين اي وڏي مان مرتبي وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا قاضى تَعالَيْتَ يا راضى اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي فيصلو ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي راضي ٿيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا قاهِرُ تَعالَيْتَ يا طاهِرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي غلبي وارا! تون مٿانهون آهين اي پاڪيزگيءَ وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا عالِمُ تَعالَيْتَ يا حكِمُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ڄاڻيندڙ! تون مٿانهون آهين اي حڪم هلائيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا دآئِمُ تَعالَيْتَ يا قآئِمُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي هميشه رهندڙ! تون مٿانهون آهين اي پائيدار! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا عاصِمُ تَعالَيْتَ يا قاسِمُ اِجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي محفوظ رکندڙ! تون مٿانهون آهين اي تقسيم ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا غَنِىُّ تَعالَيْتَ يا مُغْنى اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي بي نياز! تون مٿانهون آهين اي بي نياز ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا وَفِىُّ تَعالَيْتَ يا قَوِىُّ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي وفا ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي طاقتور! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا كافى تَعالَيْتَ يا شافى اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ڪفايت ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي صحت ڏيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُقَدِّمُ تَعالَيْتَ يا مُؤَخِّرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي سڀ کان اڳيان! تون مٿانهون آهين اي سڀ کان آخر! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا اَوَّلُ تَعالَيْتَ يا آخِرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي سڀ کان پهريان! تون مٿانهون آهين اي سڀ کان پوءِ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا ظاهِرُ تَعالَيْتَ يا باطَنُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ظاهر! تون مٿانهون آهين اي لڪل! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا رَجآءُ تَعالَيْتَ يا مُرْتَجى اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي اميد گاھ! تون مٿانهون آهين اي مرجعِ خلائق! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا ذَا الْمَنِّ تَعالَيْتَ يا ذَا الطَّوْلِ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي احسان جا مالڪ! تون مٿانهون آهين اي بخشش جا مالڪ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا حَىُّ تَعالَيْتَ يا قَيّوُمُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي زندھ! تون مٿانهون آهين اي قائم رکندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا واحِدُ تَعالَيْتَ يا اَحَدُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي يگانا! تون مٿانهون آهين اي يڪتا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا سَيِّدُ تَعالَيْتَ يا صَمَدُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي سردار! تون مٿانهون آهين اي بي نياز! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا قَديرٌ تَعالَيْتَ يا كَبيْرٌ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي قدرت وارا! تون مٿانهون آهين اي وڏائي وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا والى تَعالَيْتَ يا مُتَعالى اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي بادشاھ! تون مٿانهون آهين اي وڌيڪ بلند! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا عَلِىُّ تَعالَيْتَ يا اَعْلى اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي بلند! تون مٿانهون آهين اي اُتم! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا وَلِىُّ تَعالَيْتَ يا مَوْلى اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي سرپرست! تون مٿانهون آهين اي مالڪ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا ذارِئُ تَعالَيْتَ يا بارِئُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ظاهر ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي پيدا ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا خافِضُ تَعالَيْتَ يا رافِعُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ذليل ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي بلند ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُقْسِطُ تَعالَيْتَ يا جامِعُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي انصاف ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي گڏ ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُعِزُّ تَعالَيْتَ يا مُذِلُّ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي عزت ڏيندڙ! تون مٿانهون آهين اي ذلت ڏيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا حافِظُ تَعالَيْتَ يا حَفيظُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي نگهبان! تون مٿانهون آهين اي سنڀاليندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا قادِرُ تَعالَيْتَ يا مُقْتَدِرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي قدرتمند! تون مٿانهون آهين اي زور آور! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا عَليمُ تَعالَيْتَ يا حَليمُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي وڏو دانا! تون مٿانهون آهين اي وڏو بردبار! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا حَكَمُ تَعالَيْتَ يا حَكيمُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي فيصلو ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي حڪمت وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُعْطى تَعالَيْتَ يا مانِعُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي عطا ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي روڪيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا ضآرُّ تَعالَيْتَ يا نافِعُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي نقصان پهچائيندڙ! تون مٿانهون آهين اي فائدو پهچائيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُجيبُ تَعالَيْتَ يا حَسيبُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي قبول ڪندڙ (دعائن جا)! تون مٿانهون آهين اي حساب وٺندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا عادِلُ تَعالَيْتَ يا فاصِلُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي انصاف ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي جدا ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا لَطيفُ تَعالَيْتَ يا شَريفُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي مهرباني ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي عزت وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا رَبُّ تَعالَيْتَ يا حَقُّ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي پالڻهار! تون مٿانهون آهين اي حق! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا ماجِدُ تَعالَيْتَ يا واحِدُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي بزرگوار! تون مٿانهون آهين اي يگانا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا عَفُوُّ تَعالَيْتَ يا مُنْتَقِمُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي معاف ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي بدلو وٺندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا واسِعُ تَعالَيْتَ يا مُوَسِّعُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي پکيڙيندڙ! تون مٿانهون آهين اي وسعت ڏيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا رَؤوُفُ تَعالَيْتَ يا عَطوُفُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي مهربان! تون مٿانهون آهين اي رحم وارا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا فَرْدُ تَعالَيْتَ يا وِتْرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي يڪتا! تون مٿانهون آهين اي يگانا! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُقيتُ تَعالَيْتَ يا مُحيطُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي نگهبان! تون مٿانهون آهين اي گهيرو ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا وَكيلُ تَعالَيْتَ يا عَدْلُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي وڪالت ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي انصاف ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُبينُ تَعالَيْتَ يا مَتينُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي ظاهر ظهور! تون مٿانهون آهين اي ثابت قدم! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا بَرُّ تَعالَيْتَ يا وَدُودُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي نيڪ! تون مٿانهون آهين اي محبت ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يارَشيدُ تَعالَيْتَ يا مُرْشِدُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي هدايت وارا! تون مٿانهون آهين اي هدايت ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا نُورُ تَعالَيْتَ يا مُنَوِّرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي حقيقي نور! تون مٿانهون آهين اي روشن ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا نَصيرُ تَعالَيْتَ يا ناصِرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي مددگار! تون مٿانهون آهين اي مدد ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا صَبُورُ تَعالَيْتَ يا صابِرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي وڏو بردبار! تون مٿانهون آهين اي صبر ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُحْصى تَعالَيْتَ يا مُنْشِئُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي شمار ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي پيدا ڪندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا سُبْحانُ تَعالَيْتَ يا دَيّانُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي پاڪيزه! تون مٿانهون آهين اي جزا ڏيندڙ! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا مُغيثُ تَعالَيْتَ يا غِياثُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي دانهن ٻڌندڙ! تون مٿانهون آهين اي داد رس! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا فاطِرُ تَعالَيْتَ يا حاضِرُ اَجِرْنا مِنَ النّارِ يا مُجيرُ.
تون پاڪ آهين اي پيدا ڪندڙ! تون مٿانهون آهين اي هميشه حاضر! اسان کي دوزخ جي باھ کان پناھ ڏي اي پناھ ڏيندڙ.

سُبْحانَكَ يا ذَا الْعِزِّ والْجَمالِ تَبارَكْتَ يا ذَا الْجَبَرُوتِ وَالْجَلالِ.
تون پاڪ آهين اي عزت ۽ خوبصورتي جا مالڪ تون برتر آهين اي قدرت ۽ بزرگيءَ جا مالڪ.

سُبْحانَكَ لا اِلـهِ اِلاّ اَنْتَ. سُبْحانَكَ اِنّى كُنْتُ مِنَ الظّالِمينَ.
تون پاڪ آهين تو کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. تون (هر عيب کان) پاڪ صاف آهين، بيشڪ آءُ قصور وار آهيان.

فَاسْتَجَبْنا لَهُ وَنَجَّيْناهُ مِنَ الْغَمِّ وَكَذلِكَ نُنْجىِ الْمُؤمِنينَ.
نيٺ اسان سندس دعا قبول ڪئي پڻ کيس رنج کان نجات ڏياري ۽ اسان مومنين کي اهڙي طرح نجات ڏيندا آهيون.

وَصَلَّى اللهُ عَلى سَيِّدِنا مُحَمَّد وَآلِهِ اَجْمَعينَ، وَالْحَمْدُ للهِ رَبِّ الْعالَمينَ
۽ الله اسان جي سردار محمد() ۽ سندن سموري آل(ٰ) تي رحمت نازل فرمائي. ۽ سڀ حمد الله لاءِ ئي آهي (جيڪو) سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.

وَحَسْبُنَا اللهُ وَنِعْمَ الْوَكيلُ وَلا حَوْلَ وَلا قُوَّةَ اِلاّ بِاللهِ الْعَليِّ العَظيمِ.
۽ الله اسان لاءِ ڪافي ۽ ڀلو وڪيل آهي ۽ ڪا قوت ۽ طاقت نه آهي سواءَ الله جي جيڪو بلند ۽ عظيم مرتبي وارو آهي.