مذهب

دعاءِ مجير

دعاءِ مجير پاڻ سڳورن صہ جن کان منقول وڏي فضيلت واري دُعا آھي. روايت ۾ ملي ٿو تہ رسول اڪرم صہ جن مقام ابراھيم وٽ نماز پڙھي رھيا ھيا تہ ان وقت جناب جبرائيل عہ پالڻھار جي طرفان ھي دعا کڻي نازل ٿيو.

Title Cover of book دعاءِ مجير

ارپنا

آءُ پنهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي پنهنجي والد بزرگوار مرحوم دادن خان چانڊيو جن جي نانءَ نهايت ئي اُتساھ سان ارپيان ٿو، پالڻهار کيس معصومين  جي جوار ۾ جاءِ عطا فرماءِ.
۽ گڏوگڏ پنهنجي شفيق ۽ مهربان استاد مدرسه سفينه اهل بيت ميهڙ جي پرنسپل حجة الاسلام والمسلمين مولانا عابد علي عرفاني کي ارپيان ٿو، پروردگار کيس وڏي ڄمار نصيب فرماءِ ۽ دين اسلام لاءِ وڌيڪ خدمت ڪرڻ جي توفيق ۽ سگھ عطا فرماءِ، جنهن جي ڪاوشن ۽ نيڪ نيتن جي آڌار بنده کي هن سعادت ڀري خدمت جي سگھ نصيب ٿي.