مذهب

دعاءِ ڪميل

دعاءِ ڪميل تمام گهڻو مشھور دعائن منجهان ھڪ آھي. علامہ مجلسي لکن ٿا تہ ”ھي دعا بھترين دعائن منجهان آھي ۽ حضرت خضر عليہ سلام جي دعا آھي. حضرت علي عہ جن ان دعا جي تعليم ڪميل کي ڏني ھئي. ھي دُعا گناھن کي بخشڻ لاءِ فائديمند آھي.

Title Cover of book دعاءِ ڪميل

شڪريي ادائي

مان پنهنجي شفيق ۽ مهربان ڀاءُ حجة مولانا غلام قاسم تسنيمي جن جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي هن ڪتاب جي نظرثاني فرمائي ۽ هن هيڻي جي حوصله افزائي فرمائي رب پاڪ سائينءَ جن کي وڏي ڄمار نصيب ڪري ۽ اسان کي سندس علم مان فائدو ماڻڻ جي توفيق عطا فرمائي.
۽ پنهنجي ڀاءُ ساجد علي سبحاني جن جو به شڪرگذار آهيان جن هن ڪتاب جي تصحيح فرمائي پالڻهار کيس وڏي ڄمار عطا فرماءِ.
۽ انهن سڀني مهربانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هن ڪاوش جي پڌري ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو ۽ سهڪار ڪيو. پالڻهار سڀني سهڪار ڪندڙن جي توفيقاتِ خير ۾ اضافو فرمائي ۽ پڙهندڙ حضرات کي هن ڪتاب منجهان وڌ مان وڌ فيض حاصل ڪرڻ جي سگھ نصيب فرماءِ. (آمين)

والسلام
نظير احمد بهشتي
رمضان المبارڪ1439ه