سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ علي احمد بروھيءَ جي لکيل افسانن، سوانحي ۽ طنز و مزاح تي لکيل مضمونن جو مجموعو ”ڪک پن“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھي ڪتاب ٽن حصن ۾ ورھايل آھي. پھرين حصي ۾ 6 افسانا شامل آھن، ٻئي حصي ۾ پنجن شخصيتن جي سوانح حيات جڏھن تہ ٽئين حصي ۾ عثمان حجم ۽ عدو موچيءَ تي لکيل چار طنز و مزاح وارا ڪالم شامل آھن.
ھن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 1996ع ۾ سنڌي ساھت گهر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي