ڪالم / مضمون

واٽ ويندي

سنڌي ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ علي احمد بروهي هڪ مقبول ۽ برجستہ ليکڪ ۽ نقاد جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. بروهي صاحب روزنامہ هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ”واٽ ويندي“ جي عنوان سان مستقل ڪالم لکندو رهيو آهي. سندس انھيءَ عنوان تحت لکيل ڪالم سنڌي زبان ۽ ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. انهن ڪالمن کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙي ۽ سموھي ڇپايو ويو آھي. ”واٽ ويندي“ عنوان سان پنھنجن صحافتي ڪالمن وسيلي ڪڙن ۽ مٺن لفظن ۾ ڏيھي ۽ پرڏيھي حالتن جو جائزو ورتو آهي ۽ ان سان گڏ سياسي، ثقافتي ۽ معاشي فڪرن ۽ لاڙن جو اظھار پنھنجي انوکي انداز ۾ ڪيو آهي، انڪري هي ڪتاب اسان لاءِ هڪ ”تاريخي رڪارڊ“ جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو ايندڙ نسل لاءِ نھايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.

Title Cover of book واٽ ويندي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ علي احمد بروھيءَ جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو ”واٽ ويندي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سنڌي ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ علي احمد بروهي هڪ مقبول ۽ برجستہ ليکڪ ۽ نقاد جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. بروهي صاحب روزنامہ هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ”واٽ ويندي“ جي عنوان سان مستقل ڪالم لکندو رهيو آهي. سندس انھيءَ عنوان تحت لکيل ڪالم سنڌي زبان ۽ ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. انهن ڪالمن کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙي ۽ سموھي ڇپايو ويو آھي. 
”واٽ ويندي“ عنوان سان پنھنجن صحافتي ڪالمن وسيلي ڪڙن ۽ مٺن لفظن ۾ ڏيھي ۽ پرڏيھي حالتن جو جائزو ورتو آهي ۽ ان سان گڏ سياسي، ثقافتي ۽ معاشي فڪرن ۽ لاڙن جو اظھار پنھنجي انوکي انداز ۾ ڪيو آهي، انڪري هي ڪتاب اسان لاءِ هڪ ”تاريخي رڪارڊ“ جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو ايندڙ نسل لاءِ نھايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.
ھي ڪتاب 1986ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي