ٻاراڻو ادب

ڪرڻا ڪرڻا

مقصود گل ٻارن لاءِ گيت ۽ نظم لکندي ٻارن جي ذھني معيار ۽ رجحان جو پورو خيال رکيو آھي. لفظ بہ اھڙا استعمال ڪيا اٿس، جيڪي ٻارن لاءِ اوپرا، اجنبي ۽ ڏکيا ناھن، پر کين سولائيءَ سان سمجهہ ۾ اچي سگهن ٿا. 

  • 4.5/5.0
  • 17
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مقصود گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪرڻا ڪرڻا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر مقصود گُل جو ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جو مجموعو ”ڪرڻا ڪرڻا“ اوھان اڳيان پيش آھي.
مقصود گل ٻارن لاءِ گيت ۽ نظم لکندي ٻارن جي ذھني معيار ۽ رجحان جو پورو خيال رکيو آھي. لفظ بہ اھڙا استعمال ڪيا اٿس، جيڪي ٻارن لاءِ اوپرا، اجنبي ۽ ڏکيا ناھن، پر کين سولائيءَ سان سمجهہ ۾ اچي سگهن ٿا. 
ھي ڪتاب 1985ع ۾ سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتوديرو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي اوھان اڳيان پيش آھي. ٿورائتا آھيون ياسر قاضيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي