تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 106
  • 14
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪالم نگار ۽ ليکڪ منظور سولنگي جو هاڻوڪي سنڌي سماج جي زخميل روح جي روئداد ۽ سنڌ سان ٿيندڙ انيائن بابت ڊاڪيومينٽرين ۽ رپورٽن جي اسڪرپٽن جي وچور تي مشتمل  مجموعو ”سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون منظور سولنگي صاحب جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. مھربانيون سنڌيڪا اڪيڊمي جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو : سنڌ هڪ درد ڪهاڻي آهي
ليکڪ: منظور سولنگي
پهريون ڇاپو: 2016ع
لي آئوٽ: امان الله ڀٽي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 400/= رپيا

Sindh Hik Dard Kahani Aahay
Written by: Manzoor Solangi
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ،   نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ،  -03133692150
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي  فون: 0212214521 ، 0300-343115
ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل -  ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 -  سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- شيريزدان بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه، 0300355729، عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو-  مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس -  مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 -  المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه-   ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ  8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037، 

لکپڙهه لاءِ
سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24،   نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400   
فون:  021-32737290 ،    ويب سائيٽ:    www.sindhica.org
   اي ميل:   sindhicaacademy@gmail.com  

پبلشر نوٽ

سنڌين جا درد ۽ ڪرب ۽ سنڌ جون ڀوڳنائون صدين جو پڙاڏو بڻجي ڪنن ۾ گونجاربيون رهيون آهن. ويجهي ماضيءَ جو هر دور تاريخ جو هڪ وڏو ڪيڏارو آهي جنهن کي سنڌ جي سڄڻن، شاعرن، ليکڪن ۽ ڏاهن پنهنجي زخميل روحن سان لفظن جو ويس ڏئي عام ماڻهن جي آڏو پنهنجي ان درد ۽ ڪرب کي شيئر ڪيو آهي.
اسان جي دور ۾ منظور سولنگي فوجي جنتائن کان وٺي زردارن جي حڪومتن تائين سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کي نه صرف پنهنجي نظمن ۽ تحريرن ۾ قلمبند ڪيو آهي پر ڊاڪيومينٽريز ذريعي انهن دردن جا پاڇولا اسڪرين تي ماڻهن کي ڏيکاري کين انهن اهنجن ۽ ايذائن جي پاتال تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون.
هي اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان وٽ پنهنجي رياست ڪونهي ۽ سنڌ دوست رياستي ادارا ڪونهن جيڪي سنڌ جي هن تمام وڏي اسڪرپٽ رائيٽر جي قابليتن ۽ مهارتن جو فائدو وٺي سنڌ جي انهن نون نسلن تائين پڄائڻ جو بندوبست ڪن جن مٿان نئين سنڌ اڏڻ جو بار آهي.
منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.
سندس قومي شاعري، مضمون ۽ هي ڊاڪيومينٽريز واريون تحريرون هُن جي سنڌ سان وابستگي ۽ فدائيت جون هميشه ساکي رهنديون.
اسان سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران سندس هن يادگار پورهئي کي ڪتاب جي شڪل ۾ محفوظ ڪري موجوده ۽ انهن ايندڙ نسلن لاءِ فائيل ڪري رهيا آهيون، جيڪي سڀني مصلحتن جي قيد ڪڙن کان آزاد ٿي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ پنهنجي قابليتن ۽ مهارتن جو وارو وڄائيندا. ان وقت هي ڪتاب انهن لاءِ ماضيءَ جي درد انگيز داستانن جي پسمنظر مان نڪري مستقبل جي خوشحال سنڌ اڏڻ ۾ بيحد مددگار بڻبو.

نور احمد ميمڻ
چيئرمين، سنڌيڪا اڪيڊمي

منظور سولنگيءَ کي جيئن مون ڏٺو

انساني تاريخ ۾ ڪي ڪي ماڻهو ڪمال جا پيدا ٿيا آهن، جن نه صرف پنهجي ڪردار پر فن ۽ فڪر سان به وطن ۽ قوم کي مهانتا ڏئي، انساني دلين تي راڄ ڪري عزت ۽ احترام ماڻيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ڀٽائي سنڌ جي صدين جي پيڙا، درد، شعور ۽ ضمير جو آواز آهي ۽ ان آواز جا امانتدار اڄ به سونهاري سنڌ ۾ پنهنجي هستي ۽ مستيءَ سان موجود آهن. سنڌ جنهن ڇا ڇا نه ڏٺو ۽ سٺو آهي؟ پنهنجن جون غداريون، ڌارين جون يلغارون، سڄڻن جا سور ۽ ون يونٽ جا وار، قهري آمريتون، پناهگيري سازشون، راڻن ۽ راڻين جا رت ۾ ٻڏل لاش، بک ۽ بيمارين ۾ ٻچڙن جا ساڻا ساڻا ماس ۽ ڪانئرن ۽ زردارن جون ذلالتون،پر پوءِ به سنڌ جا سرفروش سورما ۽ يگانا عاشق بکن ۽ ڏکن ۾ پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ سدائين تيار آهن.
اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي، اچي پئي
متان ايئن سمجهين، مئا مور سارا
(اياز)
1985ع ۾ جڏهن آءُ سنڌ ورسٽيءَ ۾ پڙهڻ آيس ته اتي هڪ قد ۽ رنگ جي پوري ساري همراهه سان ملاقات ٿي. جيئن ته سنڌ ورسٽي ۾ ٻين ملڪن جا شاگرد به پڙهندا هئا ۽ پهرين نظر سان مون سمجهيو ته هي يار به شايد بنگال يا بهار کان پڙهڻ آيو آهي، پر جڏهن تعارف ٿيو ته خبر پئي ته هي سولنگي، نالو منظور اٿس ۽ نج پج دراوڙ نسل جو سنڌي ماڻهو آهي ۽ نه صرف نسلن درواڙ آهي پر مزاجن ۽ افعالن ۾ به ميدن جيان مست آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته حيرت جي حد تائين آءُ هن ساٿيءَ ڏانهن ڇڪبو ويس، مون ڪڏهن به هن ۾ نه محرومي ڏٺي ۽ نه احساس ڪمتري ڏٺي ۽ نه ئي وري ڳوٺاڻو حجاب ۽ حساب. مون اڄ تائين ڪڏهن به منظور کي ڪنهن شهري بابوءَ کان قابو ٿيندي ناهي ڏٺو. جڏهن به ۽ جنهن به ڪچهريءَ ۾ مليو ته محفل جو مور ۽ گفتي ۾ زور رهيو. سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي هٿ جي لڪيرن جيان، هن جي هنيانءَ تي اڪريل آهي. هو ماڻهوءَ جي لوڏ مان سمجهي ويندو آهي ته اهو ماڻهو سنڌ جي ڪهڙي ڪنڊ جو آهي يا ڪهڙي راڄ ڀاڳ جو آهي.
ضياءَ جو سمورو دور سنڌ تي ڪاري ۽ انڌاري رات جيان ڇانئيل رهيو. جوڌن ۽ جوانن پنهنجا سِرَ گهوري جمهوريت جي ويڙهه وڙهي. جتي پيرن، ميرن، سردارن ۽ پاڳارن سنڌ جو سودو ڪري پنهنجا ڀڀ ڀريا ۽ ڪاڻي آمر جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سجدا ڪيا، اتي هن ننڍڙي نوجوان فوجي جنتا کي للڪاريندي جهرجهنگ پنهنجو آواز بلند ڪيو ته:
مَنَهن ڇپرن لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون
فوج پوليس چوي، ڌاڙيل پيا ڳوليون.
سنڌ ۾ ضيائي آمريت ۾ هي جرئت صرف ڪو ميد ” ماڇي“ دراوڙ ۽ سنڌ جو عاشق ئي ڪري سگهي ٿو.
روس جي ٽٽڻ کانپوءِ منظور سولنگي به ٻين ڪامريڊن وانگي صحافت ۾ آيو پر هن اتي به سچ ۽ حق جو نعرو بلند ڪيو. ڪاوش اخبار کي جن بلندين تي منظور پهچايو ان جا گواهه خود اخبار جا مالڪ ۽ ڪارڪن به آهن. جڏهن منظور ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ لکڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هڪ ئي وقت ڪچي ۾ ويٺل ڌاڙيل، راشي ڪامورا، ويڪائو وڏيرا، سياسي ڌاڙيوال، تپيدار ۽ صوبيدار کان وٺي سياسي ڪارڪنن تائين، سڀ اخبار خريد ڪري وڏي آواز ۾ منظور جو سچ پاڻ سان گڏ ٻين کي به ٻڌائيندا هئا ۽ ڪي ته کيس فون ڪري داد به ڏيندا هئا ۽ ڪي ڪي وري ڌمڪيون به ڏيندا هئا.
مان نوڪريءَ سانگي ڪجهه سال لاهور ۽ اسلام آباد جي جلاوطني کانپوءِ جڏهن سنڌ واپس آيس ته سنڌ ٽي وي تي منظور جي ڊاڪيومينٽريز جون تعريفون هر دوست کان ٻڌم. جنهن کان پوءِ مونکي ساڻس ملڻ جو شوق ٿيو ۽ انڊس پيپلز فورم جي هڪ پروگرام ۾ آئون ساڻس 15 سالن جي عرصي بعد مليس ته هن يار مونکي ڪو خاص نه کيڪاريو. ڪيئي وهم ۽ وسوسا کڻي آئون گهر موٽيس پر مداح ڪڏهن به مايوس نه ٿيندو آهي، سو آئون ڪڏهن منظور مان مايوس نه ٿيو آهيان.
سنڌ جي وحدت تي وار ۽ سازشون ته گهڻيون پراڻيون آهن پر ويجهي ماضيءَ ۾ مشرف جي مڪاني حڪومتن کانپوءِ سنڌين جي ”محبوب“ پارٽي جي حڪومت ۾ جڏهن ٻٽي مڪاني نظام جو ڪارو قانون سنڌ جي غدار اسيمبلي ميمبرن کان پاس ڪرائي نه صرف سنڌين جي روح کي رنجايو ويو پر سنڌ جي وحدت تي ون يونٽ کانپوءِ وڏو حملو ڪيو ويو تڏهن سنڌ جا باضمير اديب، شاعر، صحافي ۽ قلم ڪار ميدان تي نڪري پيا ۽ سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم جي پليٽ فارم تان سنڌ کپائڻ واري حڪومت ۽ پارٽي خلاف ”ٻٽو مڪاني نظام ختم ڪيو“ جي تحريڪ شروع ڪئي. ٻٽي مڪاني نظام جي جدوجهد ۾ منظور کي مون هميشه ثابت قدم ڏٺو ۽ هو پنهنجي سر جو سانگو لاهي سنڌ جي عاشقن جي پهرين صف ۾ غدارن کي للڪاريندي چارڻ جي چنگ وانگي جهر جهنگ وڄندو رهيو ۽ وقت جي ويڪائن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيائين.
”سنڌڙيءَ جا پنج هو غدار ڏس
بي نڪا ۽ بي لڄا منهن ڪار ڏس“
سنڌ جو ٻيجل بڻجي منظور پنهنجي شاعري ۽ گائڪيءَ سان سنڌ جي وحدت جو اهڙو ته رنگ ڄمايو جو ماڻهن پنهنجي موبائيل فون جا رِنگ ٽون يا ڌنون به منظور جي ڪلامن جون رکي ڇڏيون. آخر ڪار ٻٽي مڪاني نظام جي ڪاري قانون جي اڇلايل ٿڪ، اڇلائڻ وارن کي چٽڻي پئي. سچ اهو آهي ته ٻٽي مڪاني نظام جي خلاف جدوجهد ۾ سڀ کان گهڻو منظور ڀوڳيو ڇو ته ڪانئر حڪمرانن نه صرف منظور جي سرڪاري نوڪري ختم ڪئي پر هڪ وقت اهڙو به آيو جو منظور کي ٽي ويءَ واري پارٽ ٽائيم نوڪري تان به هٿ کڻڻو پيو. نوڪريءَ کانسواءِ منظور اهي ڏينهن ڪيئن گذاريا ان جا گواهه اسان سڀ دوست آهيون. هو هڪ گهڙيءَ لاءِ به مايوس نه ٿيو ۽ وقت جون سختيون سسئي جي سورن يا ماروي جي قيد وانگي مرڪي گذاريون.
ٿوري قُوت قراريا، رهن سٻر ست
پنهوارڪي پت، پيهي پڇج ملير ۾.
منظور سولنگيءَ جا هن ڪتاب ۾ شامل ڊاڪيومينٽريز جا اسڪرپٽ پڙهي سچ ته مان مداح سان گڏ هن جو عاشق به ٿي پيو آهيان. مان سمجهان ٿو ته منظور جي هنن ڊاڪيومينٽريز کي بغير ڪنهن به فرق ۽ ناغي جي سڀني سنڌي چينلن کي هڪ دفعو روزانو هلائڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي هر ماڻهو ۽ سنڌيءَ تائين هي شاهڪار دستاويزي فلمون پهچن. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ مونکي يقين آهي ته نه اسان جي ٻوليءَ کي خطرو هوندو نه ئي ڪا مادرِ علمي ڪڏهن بند ٿيندي، نه اسان جي ثقافتي ميراث کي ڪو مٽائي سگهندو، نه ئي سنڌ جي وحدت تي ڪو ڪانئر وار ڪري سگهندو، نه ڪو ڪو ڇتو ڪتو، ڪنهن استاد محترم جو قتل ڪري سگهندو ۽ نه وري ڪو راوڻ يا ڊڪٽيٽر اسان کان راڻن ۽ راڻين کي جدا ڪري سگهندو.
منهنجي دعويٰ آهي ته منظور جو اسڪرپٽ ”شهيد راڻي اسين شرمسار آهيون“ جيڪڏهن شرمين عبيد جهڙي ماهر ڊائريڪٽر جي حوالي ڪجي ته هوءَ ان تي آرام سان ٽيون آسڪر ايوارڊ حاصل ڪري سگهي ٿي.
سچ اهو آهي ته پ پ جي 8 سالن جي خراب حڪمراني ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتين کانپوءِ ڀٽا اسان جي دلين مان وسري رهيا آهن پر منظور جي هن ڊاڪيومينٽري ڏسڻ کانپوءِ شهيد بي بي ۽ سندس خاندان کي اسان جا ايندڙ نسل به ياد ڪري لڙڪ روڪي نه سگهندا.
مان جيڪو پ پ ۽ زرداريءَ جي غداريءَ ڪري ڀٽن کان باغي ٿي چڪو آهيان پر جيترا دفعا به هن اسڪرپٽ کي پڙهان ٿو ته لڙڪ روڪي نه ٿو سگهان ۽ ڪالهه کان بي بي منهنجي اندر ۾ٻيهر ديرو ڄمائي ويٺي آهي. ڪمال ته ڏسو ”اڄ جڏهن تنهنجي شهادت کي پنج هزار پهرن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي تڏهن اي شهيد راڻي…. اسين جيڪي ڇورا بڻجي ويل تنهنجا ڀائر ۽ ڀينر آهيون، اهي درد جي مستقل موسم ۾ آهيون. اها سرد شام جيڪا تنهنجي درد جو سنيهو کڻي آئي. اها اسان جي اکين ۾ آکيرو ڪري ويٺي آهي ۽ هاڻي اسان کي پنهنجي لوءِ جو هر لقاءُ، آهه و بقا ۾ پٽيندي ۽ پار ڪڍندي نظر ٿو اچي.“ يا وري هي درد ۽ بي حسي ڏسو. ”اي شهيد راڻي ...... اسان شهيد ڀٽي جو ڏک توسان گڏجي ونڊيو، اسان شاهنواز ۽ مرتضيٰ جي شهادتن جا ماتم توسان گڏ جي ڪيا، پر اسين تنهنجو غم ڪنهن سان ونڊيون؟ اسان تنهنجي تعزيت ڪنهن سان ڪيون...؟؟“
يا حسين ڪربلا! سنڌ هي درد ۽ پيڙا ڪيئن سهندي؟ هي رت ۾ ٻڏل پهر ۽ زهر ڪيئن پيئندي؟ ڇا هن ماتم کي قيامت تائين نڀائي سگهنداسين؟ ڪاش ڪو اسان جي اکڙين مان لڙڪ اگهي ۽ اسان کي مرڪون موٽائي ڏئي!!

مظفر چانڊيو
ڪراچي
اپريل 2016ع

منظور سولنگي-موهن جي دڙي جو دراوڙ

منظور سولنگي موهن جي دڙي جو اهو دراوڙ آهي جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ موهن جي دڙي جي لوڪن جو درد سدائين تازو رهي ٿو. سندس تحقيق ۽ تخليق جو مرڪز ۽ محور اها عظيم سنڌ ۽ ان جا لوڪ آهن جيڪي موهن جي دڙي واري اوج ۽ عروج وڃائڻ کانپوءِ هزارين سالن کان دربدريءَ واري دڳ تي ڀٽڪي رهيا آهن.
ڪولهين،ڀيلن ۽ ميگهواڙن کي هو سنڌ جي اصلوڪن لوڪن يعني موهن جي دڙي جي دراوڙن طور پنهنجي لکڻين ۾ ياد ڪندو رهي ٿو. پنهنجي ئي وطن ۾ جلاوطن بڻيل ۽ دربدريءَ واري زندگي گذاريندڙ ۽ معاشري ۾گهٽ ذات سمجهيا ويندڙ اهي ماڻهو ئي منظور سولنگي جا ڪردار ۽ سورما آهن، جن سان نه رڳو هو پيار ڪري ٿو پر کين پنهنجي وجود جو هڪ ٽٽل حصو به سمجهي ٿو ۽ موهن جي دڙي واري عروج واري سنڌ جي واپسي ۽ بحالي، انهن ئي ڌڪاريل ۽ وساريل لوڪن جي اڳواڻي ۽ سرواڻي ۾ پسي ٿو. ان خيال جو اظهار هن 2000ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ طويل نظم ”ملينيم سانگ“ ۾ ڪيو آهي.
سنڌ جي قسمتن ۾ تلاطم اچي،
ميد، ماڇي دراوڙ ڪو حاڪم ٿئي
ڀيل ۽ باگڙي من اچي ڪو اڳيان،
سنڌ جا نوجوان ، سنڌ جا نوجوان
درد وند ديس ۽ ان جي دربدر لوڪن جا داستان لکڻ ۽ بيان ڪرڻ وقت منطور سولنگي ڪاڪي ڀيرو مل جي ڪتاب ”قديم سنڌ“جو ڄڻ هر ورق ۽ باب بڻجي پوندو آهي ۽ موجودهه سنڌ جي ڳوٺن، شهرن، رستن ، ماڳن ۽ ماڻهن تي سندس ڄاڻ ۽ مهارت ڏسڻ کانپوءِ ائين لڳندو آهي ته منظور سولنگي قديم ۽ جديد سنڌ جو اهڙو سنگم آهي جنهن جي تخليق ۽ تعلق جا وار موهن جي دڙي کان موجودهه دور ۽ جديد سنڌ کان قديم سنڌ تائين وقت جي واٽن تي وڇايل آهن.
”سنڌ هڪ درد ڪهاڻي آهي“ واري سندس شاعري ۾ ڌرتيءَ جي درد، سور ۽ سوز کي چڱي ريت محسوس ڪري سگهجي ٿو. هو نه رڳو پاڻ سنڌ جي درد کي گهرائي سان محسوس ۽ بيان ڪري ٿو پر پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي جسم مان ڀي سيسراٽيون ڪڍرائي ڇڏي ٿو.
جيتوڻيڪ منظور سولنگي سان ويجهڙائپ جو موقعو روزاني الک جي معرفت مهيا ٿيو، جڏهن 1998ع ۾هن مون کي سب ايڊيٽر طور نوڪري ڏني. پر سندس شاعري سان شناسائي 13 سالن جي ڄمار ۾ ان وقت ٿي،جڏهن منهنجي مامي اختر سنديلي( مرحوم) جي گهر ۾ وڏي آواز ۾ سندس لکيل مشهور گيت ”منهن، ڇپرن، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون،فوج پوليس چوي- ڌاڙيل پيا ڳوليون“ گونجندي ٻڌو هو. سڄي پاڙي ۾ هڪ ئي ٽيپ هئي جنهن ۾ اهو گيت وڄڻ سان مايون ۽ مرد توڙي ٻار ناني جي گهر اچي گڏ ٿيا هئا.”وري هلاءِ، وري هلاءِ، اهو ڪلام وري ٻڌاءِ“ جي فرمائش کان پوءِ ماڻهن کي اهو گيت ايترو ياد ٿي ويو جو هر ڪنهن لکي جهونگارڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪيو. شاعر جي خبر ته نه هئي ته ڪير آهي ڇو جو ناليوارو مصرعو ئي نه هو.
هاءِ اسڪول کان پوءِ ڪاليج پهتاسين ته ڊي ايس ايف جي دوستن جي ويهڪ ڏوڪري ۾ مشوري جي نالي سان مشهور هوٽل ۾ ٿيندي هئي. هوٽل ۾ ساڳيو ئي گيت هلڻ وقت علي محمد بروهي( جيڪو ڊي ايس ايف سنڌ يونيورسٽي جو ان وقت صدر هو) ڪيسٽ جو کوکو گهرائي سڀني ڪارڪنن کي منظور سولنگيءَ جو گيت اڳيان لکيل نالو ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته منظور سولنگي به ڊي ايس ايف ۾ آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي پيو. اڳتي هلي خبر پئي ته منظور سولنگي اهڙو غير روايتي شاعر آهي جنهن پنهنجي ڪنهن به شاعري ۾ ڪڏهن به پنهنجو نالو نه وڌو آهي ڇو ته شاعري ڪرڻ وقت هو شعر جي خيال ۾ ايترو گم هوندو آهي جو هن کان پنهنجي نالي ڳڻائڻ واري ڳالهه وسري ويندي آهي. بلڪل ائين جيئن نارائڻ شيام هڪ شعر ۾ لکيو آهي ته ”ڪير ٿو تنهنجي گهر اچي، جنهن جي آمد لاءِ گهر سينگارڻ ويهي رهينءَ پر توکان پنهنجو سينگار وسري ويو“. جيتوڻيڪ، ”منهن ڇپرن لوڙهن“ وارو گيت 1986 ۾لکيو ويو هو پر اهو گيت پوءِ 10 سالن تائين سنڌ جي هر ادبي،سياسي ۽ شعوري محفل جومهمان خاص رهيو،سولي ۽ عوامي ٻولي ۾ لکيل ان گيت سنڌ جي عام ۽خاص لوڪن کي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هڪ جهڙي انداز ۾ متاثرڪيو.
ان کانپوءِ 1990ع ۾ ڪاوش اخبار آئي ته مون کي ياد آهي ته منهنجو چاچو غلام مصطفيٰ سنديلو ( مرحوم) روزانو کيسي مان هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو ڪڍي شام جو گهر ۽ اوطاق ۾ ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندو هو ته پڙهيل ۽ اڻپڙهيل ماڻهو ٻڌڻ وقت کل ۾ ٻُٽجي ويندا هئا. اهو سلسلو ” سچ وڏو ڏوهاري“ هو. ان وقت ڪاوش جي مقبوليت جو وڏو سبب اهو طنز ۽ مزاح سان ڀرپور سلسلو ” سچ وڏو ڏوهاري هو“ جيڪو ” منهن ڇپرن“ وانگر هر عام ۽خاص ۾ مقبول ٿيو هو ۽ صحافتي تخليق جو نادر نمونو هو. 2000ع ۾ نئين صديءَ جي شروعات تي به هن جيڪو ملينيم سانگ ٺاهيو ۽ ڳايو آهي، ان جهڙو مثال به ويجهڙائي واري سنڌي شاعري ۾نه ٿو ملي.
منظور سولنگي سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن، شاعرن ۽ صحافين مان آهي جنهن جي سوچڻ، سمجهڻ، لکڻ توڙي بيان ڪرڻ جو انداز نرالو آهي، ڀٽائي جي سٽ، ”اک الٽي ڌار“ وانگر ڪنهن وڏي اديب، شاعر ۽ صحافيءَ جو نقل ڪرڻ بدران هو پنهنجي ڏات، ڏانءَ ۽ انداز سان لکندو رهيو آهي.
منظور سولنگي ادب توڙي صحافت ۾ ڪيترائي نوان لفظ، محاورا ۽ انداز متعارف ڪرايا آهن. سنڌ ٽي وي تي ڪم ڪرڻ دوران هن ”شهيد راڻي“، ”ڀٽو -صدين جي صدا“، ( Bhutto-The Man of Millennium)،” مها ٻوڏ“، ”ڀٽائي- سنڌ جو فڪري امام“، جهڙا لفظ، محاورا ۽ عنوان متعارف ڪرايا، جيڪي اڳتي هلي ضرب المثل بڻجي ويا. بينظير ڀٽو جي شهادت واري شام تي ئي ” وادي مهراڻ جي شهيد راڻي“ ۽ پوءِ ”شهيد راڻي جا آخري اڍائي مهينا“، ”شهيد راڻي اسين شرمسار آهيون“، ”پهاڙن سان وڙهندڙ پنکڙي“، ”ڳڙهي خدا بخش- شهيدن جو آستان“، ( منظور سولنگي ٻڌايو ته ميرن جي چوياري وانگر ڳڙهي خدا بخش ۾شهيد ڀٽن جي چوياري قائم ٿي آهي ۽ شهيد زندهه هوندا آهن تنهنڪري ڳڙهي خدا بخش قبرستان نه پر شهيدن جو آستان آهي) 12 مئي جي دهشتگردي خلاف ”ميگا شهر ۾ ميگا دهشتگردي“، ”اين جي اوز جي مايا ڄار ۾ ڦاٿل دانشور“، جهڙيون شاهڪار دستاويزي رپورٽون لکي هن پنهنجي قلم جي ادائيگي وارو فرض ايمانداري سان ادا پئي ڪيو آهي،
بيگم نصرت ڀٽو جي وڇوڙي تي هن پنهنجي رپورٽ ۾کيس ”مادر شهداءِ“ جو خطاب ڏنو جنهن کي گهڻو ئي ساراهيو ويو، پر سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي کان شهيدن جو ڳرو بار برداشت ڪرڻ کان چڙهي ويو،جنهن بعد ۾ اشتهارن وسيلي بيگم نصرت ڀٽو کي ”مادرِ شهداءِ“ بجاءِ ”مادر جمهوريت“ طورمتعارف ڪرايو.
روزاني الک کي ايڊيٽر طور هن بنا بقايا جي پاڪستان جي پهرين اخبار طور متعارف ڪرائيندي نئين روايت وڌي. ملان مکڻ، عيدو ڀاڻائي، موسو ڪتائي جي فرضي نالن سان لکيو. باربار وفاداريون تبديل ڪندڙ سياستدانن لاءِ ” سياسي قلابازيون“ سلسلو به ڏاڍو مشهور ٿيو. جڏهن ته معاشري جي متحرڪ ۽ مشهور ڪردارن صوبيدارکان مڱڻهار، تپيدار کان زميندار، ڪنڊيڪٽر کان سياسي ورڪر، مُلي کان موالي تائين وارن سلسلن به الک اخبار کي مقبوليت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. ڪالمن ۾ هن ” سچ وڏو ڏوهاري“ کانسواءِ ”نئين معنيٰ“، ”اڄ ۽ڪلهه“، ”funny and fantastic“ ، ”peep in past“، ”20هين صديءَ کي سنڌين ڪيئن ڏٺو ؟“ به تخليقي ڪمال جا نادر نمونا هئا.
منظور سولنگي سنڌ جي هڪ اهڙي گهڻ رخي۽ گهڻ پاسائين شخصيت آهي،جنهن کي خالق ڏات ۽ ڏانءُ، تخليق ۽ تحقيق،سمجهڻ ۽ سمجهائڻ،لکڻ، ٻڌائڻ، پرکڻ ۽ پرجهڻ،حفظ ۽ حاضر دماغي، طنز ۽ مزاح، رويي ۽ رجحان بيباڪي ۽ برملائي جهڙين کوڙ سارين صلاحيتن جي نعمتن سان نوازيو آهي.
ڀٽائي جي سٽ هن جي وصفن تي ٺهڪي بيهندي آهي ته
”پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان“
هو ڄاڻڻ لاءِ جيترو اڃارو ۽ تاسارو هوندو آهي اوترو ئي سيکارڻ ، سمجهائڻ ۾سخي مرد آهي. مثالن ۽ دليلن سان سمجهائڻ وارو ڏانءُ ڪو منظور سولنگي کان سکي. سقراط کان ڪنهن پڇيو ته ” تنهنجي نظر ۾ وڏو ماڻهو ڪير آهي“ ته سقراط وراڻيو ”منهنجي نظر۾ وڏو ماڻهو اهو آهي جنهن جي اڳيان ڪو ننڍو ماڻهو ويهي ته ان کي پنهنجي ننڍائيءَ جو احساس نه ٿئي“، ڀٽائي ساڳي ڳالهه هيئن ڪئي ته” ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اٻوجهن جو“ سو منظور سولنگي گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ باوجود ٻين کي ٻڌندو آهي ۽ انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندوآهي. عام سان عام۽ خاص سان خاص سلوڪ رکڻ سندس شخصيت جون خوبيون آهن، اعليٰ ۽ زرخيز ذهن رکندڙ منظور سولنگي جي سنگت ۽ صحبت جو سڳو به خاص ماڻهن بدران عام ۽ عوامي ماڻهن سان ٻڌل آهي. هو پنهنجي هر وصف ۽ وَڙ ۾ ڪوڙي وڏائي ۽ تقليد جي ليبل کان آجو آهي. سندس علم، ڄاڻ ۽ ڏات حاڪمن ۽ ظالمن جي خوشنودي بدران محڪومن ۽ مسڪينن جي ملڪيت ۽ ميراث آهي. جيڪا انهن جي بحالي، ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ هر وقت بناڪنهن موٽ ۽ معاوضي جي تحريرن، تقريرن ۽ شاعري وسيلي گهوريندي رهي ٿي.
منطورسولنگي بيباڪ ۽ بهادر ماڻهو آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي چٽو هجڻ سان گڏ قلم۽ زبان وسيلي وڙهندي وڙهندي ذاتي طور گهڻو ڪجهه وڃائڻ باوجود ثابت قدم بيٺو آهي.
وڙهي ويل سڀ ڪهين، لاکو لوءِ به لوءِ
پرهه ڦٽيان پوءِ، ڪرڳل ڪندو ڪڇڙي.
(شاهه)
خدا سنڌ جي ٻين ساڃاهه وندن،اهل قلم ، اڪابرن، دانشورن ۽ صحافين کي به هر ذاتي مفاد کان مٿڀرو ٿي سنڌ ۽ ان جي مظلوم لوڪن سان بهادري سان بيهڻ جي اهڙي توفيق ڏي.

تصوير سنديلو
ڪراچي
اپريل 2016

پنهنجي پاران

سواءِ هڪ ٻن مضمونن جي ، باقي هن ڪتاب ۾ لکيل تحريرون انهن ڊاڪيومينٽرين ۽ رپورٽن جا اسڪرپٽ آهن، جيڪي مون سنڌ ٽي وي تي 2007 ۽ 2015ع جي اٺن سالن واري عرصي ۾ لکيا. اٺن سالن جي ، وقفي وقفي تي ٻڌل عرصي ۾ ، مون سنڌ ٽي وي نيوز لاءِ اٽڪل پنج سئو رپورٽون ۽ ننڍيون وڏيون ڊاڪيومينٽريون لکيون، جن مان ڪن يادگار ڊاڪيومينٽرين ۽ رپورٽن جا اسڪرپٽ هن ڪتاب ۾ شامل نه آهن، جنهنجي گم ٿي وڃڻ جو مون کي به افسوس آهي. انهن مان هڪ ڊاڪيومينٽري اڪبر بگٽيءَ جي قتل تي ۽ ٻي رپورٽ 12- مئي 2007ع واري ڏينهن تي ان وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي استقبالي جلوس کي روڪڻ دوران ڪيل غارتگريءَ تي “ ميگا شهر ۾ ميگا دهشت گرديءَ ” جي عنوان سان لکي وئي هئي. اڪبر بگٽي واري ڊاڪيومينٽريءَ تي اسٽيبلشمينٽ سنڌ ٽي وي انتظاميا کي وارننگ ۽ 12 مئي واري رپورٽ تي ڪراچيءَ جي دهشت گردن سنڌ ٽي وي آفيس کي ساڙڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
هن ڪتاب ۾ 2008ع جي عام چونڊن دوران لکيل سنڌ جي ذري گهٽ سڀني ضلعن جا اهي پروفائيل به شامل نه آهن، جيڪي مون ڊاڪيومينٽرين جي صورت ۾ انهن ضلعن جي نالي پوڻ کان وٺي سندن جاگرافي، تاريخ ۽ رهڻي ڪهڻي بابت اديبن، شاگردن، شاعرن، ڳائڻن، سگهڙن، سالڪن، سخي مڙسن، صوفين، مولوين، مولودين، ذاڪرن، ڌاڙيلن، سياستدانن، شاگرد اڳواڻن کان ويندي ملهن، مشڪرن جي حياتي ۽ مشهوريءَ جي سببن بابت لکيا هئا. ان جو سبب اهو هو ته علي بابا جا لفظ مون کي سدائين ” گمراهه“ ڪندا رهيا ته ” اسان جو ڪم رڳو لکڻ آهي، سهيڙڻ ۽ ڇپرائڻ وري ٻين جو ڪم آهي“.
لکڻ جي شروعات مون 1986ع ۾ ڪئي. ان وقت جي مشهور رسالي ” نئون نياپو“ ۾ جڏهن پهرين لکڻي يعني خط ڇپيو هو ته مان ايترو خوش ٿيو هوس، جيترو اڄ هن ڪتاب جي ڇپجڻ تي ٿي رهيو آهيان. مون زندگيءَ جي پهرين باقاعدهه تحرير 1988ع يا 1989ع ۾ شهيد نذير عباسيءَ جي شهادت تي ، روزاني عوامي آواز ۾ لکي هئي. سنڌ جي سياسي ماڻهن ۾ منهنجي سڃاڻپ ان کان اڳي ان وقت ٿي، جڏهن 1986ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ٻئي مرحلي کانپوءِ سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ پکيڙيل ۽ پکڙائيل بدامني ۽ وري بدامني کي روڪڻ جي بهاني شروع ڪيل فوج ۽ پوليس جي آپريشن ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا پئي ويا. ان وقت منهنجو لکيل ۽ ڳائيل ” منهن، ڇپرن ، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون- فوج پوليس چوي، ڌاڙيل پيا ڳوليون“ منهنجي سڃاڻپ جو سبب بڻيو هو.
اخبارن ۾نوڪري ڪرڻ ذريعي لکڻ جي شروعات مون روزاني ڪاوش کان ڪئي، جنهن ۾ طنزيا تبصرن جو ڪالم ” سچ وڏو ڏوهاري آهي“ نهايت گهڻو مشهور ٿيو. ان ڪالم جي تک ۽ تيزي سبب مون سان ڪيترا ماڻهو ملڻ ۽ مون کي ڏسڻ ايندا هئا. پير پاڳاري ( شاه مردان شاهه) کان ڄام صادق تائين، ڌاڙيل نظرو ناريجي کان ڌاڙيل پرو ڪلهوڙي تائين ڪيترا ماڻهو مون کي داد ۽ دعوتون ٻئي ڏيندا هئا. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ مولابخش چانڊئي جو استاد ۽ اڳواڻ مرحوم اسماعيل اڍيجو ۽ جڳديش ملاڻي تقريبن هر روز فون ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن قائم علي شاهه لاءِ تبصرو ڪرڻ جي فرمائش ۽ ڪڏهن ڪو تبصرو تجويز به ڪندا هئا ته ” هيئن لک“. ڌاڙيل نظرو ناريجو وري ممتاز ڀٽي تي تبصرو ڪرڻ لاءِ فرمائش ڪري چوندو هو ته ” ممتاز صاحب لاءِ هيئن لک“ وغيره.
ڪاوش کان پوءِ سنڌ جي ليجنڊ صحافي علي محمد شيخ جي بقول ته ” اسان اخبارون ڪڍندا وياسين ۽ اخبارون اسان کي ڪڍنديون ويون“. 1995ع ۾ مون، عنبرين هيسباڻي ۽ مهيش ڪمار هڪ نئين اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. بعد ۾ ان ۾ (ڀائو ) محمد خان سولنگي، رشيد راڄڙ، عبدالرحمان سمون (لالو)، ارشاد گلاباڻي، صادقين، امداد چانڊيو ۽ غلام رسول سهتو کي به شامل ڪيو ويو. ان اخبار جو پهريون نالو ”اخبار“ هو، جيڪو بعد ۾ ”سنڌ“رکيو ويو. ان پروجيڪٽ مان امداد چانڊئي جي فيصلي ڪن ووٽ ذريعي مون کي، عنبرين ۽ ڀائو محمد خان کي نيڪالي ڏئي باقي دوستن وڃي اخبار ڪڍي.
1998ع ۾ اسان روزاني الک ڪڍي جيڪا پاڪستان جي بنا بقايا واري پهرين ۽ دلچسپ سلسلن سبب مشهور اخبار هئي. پر ان جي ڪاميابيءَ جي اٺن مهينن کانپوءِ، هڪ ٺيڪيدار پارٽنر جي فرمائش تي مالڪن مون کي ڪڍي ڇڏيو. 2013ع ۾ سنڌ ٽي وي ۾ رهڻ دوران جيجل اخبار نڪتي .ان اخبار جو نالو ۽ خاڪو مون تجويز ڪيو هو پر اخبار جي شروع ٿيڻ کان مهينو اڳ مون کي خارج ڪيو ويو.1990 کان 2015 تائين، وچ وارن 25 سالن ۾مون ڪاوش کانسواءِ بختور، تعميرسنڌ، عبرت، سنڌ ٽائمز ۽ برسات نالي سنڌي اخبارن، انگريزي ڊان ۽ اردو امت نالي اخبار ۾ به ڪالم ۽ فيچر لکيا ۽ 96-1995ع دوران ٻه سال ماهوار سنڌي رسالو'سنڌ لائين' به ڪڍيو. سال 2004 ۾ مون کي يونيسڪو ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن جو گڏيل ”جينڊر ان جرنلزم ايوارڊ “ ڏنو ويو هو.
مون جن جن اخبارن ۽ ميڊيائي ادارن ۾ لکيو ان ۾ سڀ کان وڌيڪ آزادي ۽ قدرداني روزاني ڪاوش، تعمير سنڌ ۽ سنڌ ٽي وي ۾ حاصل ٿي. اخباري سيٺين يا ميڊيا مالڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجهدار ۽ ماڻهن جي دردن جو اونو رکندڙ سنڌ ٽي وي جو مالڪ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر محسوس ٿيو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اشتهارن سميت ميڊيائي ضرورتن کان مٿاهون ٿي ڪري، لکڻ لاءِ چوندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه جملا يا پيرا گراف به شامل ڪرائيندو هو ۽ آءُ اهي متفق ٿيڻ جي صورت ۾ ان اسڪرپٽ ۾ شامل به ڪندو هئس.
فخر جو لفظ مون کي پسند نه آهي پر اها ڳالهه نهايت سرهائيءَ جي آهي ته 25 سالن جي لکڻ جي عرصي ۾ پنهنجي قلم کي مون ڪڏهن به قسطو بڻائي ڪنهن کان ڪجهه پنڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ نه قلم کي آڳيٺي ٺاهي، لفظن جي لبادي ۾ ڪنهن جا عيب ۽ اوگهڙ ڍڪڻ جو سعيو ڪيو آهي. نه ئي وري مون ڪڏهن قلم کي ڏئونڪو ۽ ڪاغذ کي دهل سمجهي ڪنهن جي خوشامدي شان ۾ وڄائي ميڊيا ۾ مڱڻهارڪي ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءُ، غلط يا سهي پر جيئن به سمجهندو يا سوچيندو آهيان ائين لکي سگهندو آهيان.
خشونت سنگهه هڪ هنڌ لکيو آهي ته هن ذوالفقار علي ڀٽي ۽ اندرا گانڌيءَ کان انٽرويو ڪيا هئا. سوال ۽ جواب ٻنهي جا ذري گهٽ ساڳيا هئا، پر ڀٽي جي ٺٺ ٺانگر ۽ اندرا گانڌي جي سادگيءَ مان ائين محسوس ٿيو ته ڀٽو پاڻ وزيراعظم ٿيو هو پر اندرا گانڌي رڳو پاڻ ئي وزيراعظم نه هئي پر وزيراعظم (نهروءَ ) جي ڌيءُ به هئي. ساڳي طرح جڏهن مون کي تصوير سنديلي، مظفر چانڊئي، نور احمد ميمڻ، فياض نائچ، ذوالفقار جيسر، ارباب چانڊئي ، امداد سومري، منصور مغيري، خالق مغيري، سرمد ڪنراڻي، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، شوڪت نوناري، ڌڻي بخش باريچي، خورشيد ٻگهئي، ظفر هڪڙي، الله بخش قريشي، سائين اقبال خواجا،غلام حسين خواجا، جاويد سومري، مختيار چانڊئي، حاڪم ڀٽي، ثنا الله چنڙ، راڻي شير محمد، لالا قادر، ممتاز نهڙئي، کاٽائو جاني، نصير نهڙيئي، ديدار سولنگي، اختيار ڪلهوڙي، حق نواز ميمڻ ۽ حاجن سمنگ جهڙا سوين دوست ۽ مداح فون تي يا پيغام (sms) ذريعي ڪنهن ڊاڪيومينٽري يا رپورٽ جي اسڪرپٽ توڙي خيال جي تعريف ڪندا آهن ته مون کي نهايت گهڻي خوشيءَ ٿيندي آهي، پر مون کي ان کان وڌيڪ خوشي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ماڻهو مون کي پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ استاد محمد خان سولنگي، چاچي در محمد ڪمال، بابي مائل محمد ابراهيم، مامن انجنيئر محمد يعقوب، عبدالحيي يا مولوي عبدالرزاق جا نالا وٺي پڇندا آهن ته تون فلاڻي جو ڀاءُ، ڀائٽيو، ڀاڻج آهين؟ مون کي چڱي طرح ياد آهي ته 1986ع ۾ جڏهن موري ۾ مون ”منهن، ڇپرن، لوڙهن“ وارو گيت ڳايو هو ته راشد مورائي مون کان پڇيو هو ته مائل صاحب ڇا ٿيئي؟ جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مان ان جو پٽ آهيان ته پاڻ ٺهه پهه وراڻيائين ته ڀلي شاعر جو پٽ آهين.
پڙهڻ، پڙهائڻ،ڳائڻ، ڳارائڻ توڙي ڊائريون ۽ شاعريون لکڻ جو شغل منهنجي خاندان ۾ ٽن پيڙهين کان هلندڙ آهي. مان ماستر آهيان، منهنجو پيءُ به ماستر هو ۽ منهنجي امڙ به ماسترياڻي هئي. منهنجو ڏاڏو ۽ نانو به 1930ع جي ڏهاڪي کان ملان مڪتب اسڪول هلائيندڙ استاد هئا. مان ڊائري ان ڪري لکندو آهيان جو منهنجو پيءُ 1943 کان 2002 ۾ هي دنيا ڇڏڻ تائين روزاني ڊائري لکندو هو. بابي اها عادت شايد پنهنجي پيءُ کان سکي هئي. منهنجي ڏاڏي جون لکيل 1930 کان به اڳ واريون ڊائريون اسان وٽ موجود آهن. منهنجا ماما انجنيئر محمد يعقوب ۽ ماستر عبدالحي ڊائريون لکندڙ هئا ۽ آهن. رڳو مرد ئي نه پر منهنجي ماءُ جا ڀائو محمد خان ڏانهن لکيل جيل ۾ خط، منهنجي وڏي پڦي ”حليما خاتون“ جون لکيل روز مرهه جون ڊائريون ۽ منهنجي ناني ” امان نور خاتون“ جون لکيل ترتيبوار ڊائريون به اسان وٽ محفوظ آهن. مون شاعريءَ جو شغل پنهنجي پيءُ کان سکيو، جيڪو مائل جي تخلص سان شاعري ڪندو هو. ڀائو محمد خان ” معصوم“ ۽ چاچي در محمد ”ڪمال“ جي تخلص سان شاعري ڪئي آهي.منهنجو ٻيو ڀاءُ نور احمد به ائين ئي شاعر آهي، جيئن منهنجو ڏاڏو حاجي محمد عيسيٰ، ماسڙ صوفي عبدالرحمان ”سوزل“ ماسات ماستر امير، پڦاٽ- محمد امين، فقير محمد ڀاڻائي ۽ عبدالطيف- ماروٽ شبير احمد ۽ چاچو قاري محمد اسحاق شاعر هئا ۽ آهن.ٻهراڙيءَ جي ٻولي مون کي چاچي شفيع محمد، چاچي علي نواز ۽ چاچي ولي محمد جاڙين واري، چاچي محمد ايوب پڊعيدن واري کان سواءِ ڳوٺ جي ٻن سگهڙن چاچي غلام ماڇي، لالو ماڇي ۽ ننڍي هوندي جي دوستن قابل ٻاٽ ۽ عالم پيرزادي سيکاري. تنهن ڪري آءُ جيڪو ڪجهه لکندو، ڳائيندو يا ڳالهائيندو آهيان، اهو اڀرو يا سڀرو جيڪو به آهي ، ان ۾ منهنجي امڙ- ابي، پڦين - چاچين، چاچن -مامن، ڀينرن - ڀائرن، پڦاٽن ۽ ماروٽن کان پوءِ وڏڙن جي دوستن، استادن ۽ ٻين انهن سڀني جو حصو آهي، جن منهنجي ڪچڙي وجود کي ٺپي، ٺاهي، ڪڏهن پيار ۽ ڪڏهن مار جي آويءَ ۾ پچائي، دنيا جي دهشت ڀرئي درياهه ۾ وقت جي ويرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ موڪليو.

غوراب غريبن جو، پاڻيءَ ۾ پرتوءِ
سيد ساٿ سندوءِ، پور بندر پڄائيين


منظور سولنگي
ڪوڙي جا ڀاڻ – ڪراچي
( وايا ٺاروشاهه ۽ ٺٽ سولنگي )
ضلعو نوشهروفيروز اپريل 2016

ڀُٽا

---

شهيد راڻي اسين شرمسار آهيون!!

اڄ ٻي ورسيءَ جي موقعي تي، جڏهن تنهنجي وڇوڙي کي سوا ست سؤ ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اسين تنهنجي قاتل جو ڪو پيرو به نه کڻي سگهيا آهيون. تڏهن اي شهيد راڻي...!!- اسان جا ڪنڌ ۽ قلم سڀ جهڪيل آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته شرمساري جي ان عالم ۾ اسين ڪهڙي منهن سان تنهنجي اڳيان اچون ۽ ڪهڙن لفظن سان توکي ياد ڪيون؟
اڄ جڏهن تنهنجي شهادت کي پنج هزار پهرن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، تڏهن اي شهيد راڻي اسين جيڪي ڇورا بڻجي ويل تنهنجا ڀائر ۽ ڀينر آهيون. اهي درد جي مستقل موسم ۾ آهيون. اها سرد شام جيڪا تنهنجي درد جو سنيهو کڻي آئي. اها اسان جي اکين ۾ آکيرو ڪري ويٺي آهي ۽ هاڻي اسان کي پنهنجي لوءِ جو هر لقاءَ، آهه و بڪا ۾ پٽيندي ۽ پار ڪڍندي نظر ٿو اچي.
تنهنجي شهادت اسان جي دلين ۾ هڪ دائمي ڪربلا قائم ڪري ورتي آهي. جنهن تي اسان جو هڪ هڪ لمحو گريو ڪندو گذري ٿو.
ڪهڙي يار پڇين ٿو دل جي خبر
هت روز ڏهين آ محرم جي.
اي شهيد راڻي...!! هونئن ته اسين خدابخش جي ڳڙهيءَ جا پراڻا پانڌيئڙا آهيون ۽ سدائين ڀٽن جي بٺين جي مٽي ميڙيندي نه ٿڪبا آهيون پر تنهنجي شهادت کان پوءِ اسان اهو ست به نه ساري سگهيا آهيون ته تنهنجي مزار تي اچي ڪا دعا گهرون. اسان توکي سدائين اوچن اسٽيجن تي ڏٺو، اسان توکي سدائين ڪنڌ ۽ ڪپاٽ مٿي ڪري ٻڌو. اسان توکي هوائن ۽ فضائن ۾ گونجندي ڏٺو. تون جيڪا مسيحائن جهڙي طبيعت ۽ ديوتائن جهڙي قد و قامت رکندڙ سنڌوماٿريءَ جي سڪيلڌي شهزادي هئينءَ- ان کي اسين ڪنڌ جهڪائي قبر ۾ ڪيئن ڏسون؟ اسين نٿا ڏسي سگهون.
هونئن ته هر جيءُ فاني آهي ۽ موت جو زندگي سان هڪ فطري رشتو آهي پر اي شهيد راڻي...!! الائي ڇو تون اسان کي فنائيت کان فاني ۽ بقائيت جي نشاني لڳندي هئينءَ. اسان سدائين ائين سمجهو هو ته تون نه رڳو پاڻ امرت آهين، پر امرتا بخشيندڙ به آهين. تنهنجي جستجو جيئدان جي علامت ۽ تنهنجي گفتگو نرواڻ جي ضمانت هوندي هئي. تون ڏاهپ، ذهانت، محنت ۽ عوام سان محبت ۾ بيمثال هئينءَ، تنهن ڪري تنهنجو بخت ۽ ساعٿ به ڪمال جي هئي. ڏکوئيل ڏيهه جي ڏڪاري موسم ۾، وطن جي سڪل وڻن هيٺان جڏهن تون اچي ويهندي هئينءَ ته بخت آسمان مان اوڙڪون ڪري وسندو ۽ زمين مان ڀاڳ ڦوهارا ڪري نڪرندو هو. اهوئي سبب هو جو ماڻهو توکي ڀاڳ وان يا بخت جي ديوي ڪري سڏيندا هئا.
شهيد راڻي تون نه رڳو پاڻ دلير هئينءَ پر بهادري بخشيندڙ به هئينءَ. توکي ڏسڻ کان پوءِ هيڻين هاٺين وارن لوڪن ۾ هاٿين جهڙن حاڪمن سان جهيڙڻ جي سگهه اچي ويندي هئي. قدرت تو ۾ سڀ خوبيون اهڙي ريت اوتيون هيون جو تون ڪڏهن ديوتا، ڪڏهن فرشتا، ڪڏهن معجزو ڪڏهن حادثو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري سڀني جو گلدستو لڳندي هئينءَ.
اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته تون جيڪا زندگيءَ جي جنگ کٽيندڙ آهين اها ڪڏهن زندگي هارائي به سگهين ٿي؟ اسان ته توسان وچن ڪيا هئا ته اسين سڀ مري به توکي بچائينداسين يا توسان گڏجي جيئڻ ۽ مرڻ ڪنداسين. پر نه اسين توکي بچائي سگهياسين ۽ نه وري توکي ماريندڙن جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي سگهياسين. تون پنهنجي قولن تي قائم رهينءَ ۽ سخن پروريءَ جي جستجو ۾ جهيڙيندي جهيڙيندي ماري به وئينءَ. پر اسان توسان ڪو به واعدو وفا نه ڪري سگهياسين. اسين پنهنجي سخن شڪني تي ۽ ان محسن ڪشيءَ تي ملامت جا حقدار آهيون، گنهگار آهيون، شرمسار آهيون.
اي شهيد راڻي....!! اسان لاءِ ته اهو ڏينهن به محرم جو هو جنهن ڏينهن شهيد ڀٽي کي سنگينن جي ڇانو ۾ ڳڙهي خدا بخش ۾ دفن ڪيو ويو ۽ اسان لاءِ اهي ٻئي ڏينهن به ماتم جهڙا هئا جنهن ڏينهن تنهنجي شهزادن ڀائرن، شاهنواز ۽ مرتضيٰ کي ڌار ڌار نموني شهيد ڪري سندن لاش توکي موڪليا ويا پر اسان لاءِ 27 ڊسمبر جو ڏينهن ڪنهن وڏي ڪربلا کان به وڌيڪ ڪهرامي هو. اسان شهيد ڀٽي جو ڏک توسان گڏجي ونڊيو، اسان شاهنواز ۽ مرتضيٰ جي شهادتن جا ماتم توسان گڏجي ڪيا پر اسين تنهنجو غم ڪنهن سان ونڊيون؟ اسين تنهنجي تعزيت ڪنهن سان ڪيون؟ ڳڙهي خدا بخش ڏانهن ايندڙ اداس رستا به اسان کان سوال ڪن ٿا ۽ شهيدن جي آستان ڏانهن ويندڙ واٽن جا وڻ به اسان کان پڇن ٿا ته اي پٽيندڙ قوم جا پانڌيئڙو..! ڪنهن لاءِ ٿا پٽيو؟ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ ذوالفقار علي ڀٽي جي باغ جا سڀئي گل پنهنجي مکڙي واري موسم ۾ ئي مروڙيا ويا آهن. وقت کان اڳئي ماريا ويا آهن. ڳڙهي خدابخش جي قبرستان شهيدن جو ايترو استقبال ڪيو آهي جو هاڻي اهو قبرستان مان بدلجي شهيدن جو آستان بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻي ان آستان ۾ شهيدن جي چوياري قائم ٿي پئي آهي. اوهين جيڪي راهن جا رولاڪ ۽ روئڻ جا هيراڪ آهيو، اهي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪندا به ڇا آهيو؟ اي شهيد راڻي اسان وٽ انهن سوالن جا ڪي به جواب ناهن، شهيد راڻي اسين تنهنجا ته ڇا پر انهن وڻن۽ واٽن جا به گنهگار آهيون، شرمسار آهيون.
اي شهيد راڻي....!! تون هر غريب ۽ هر شهيد جو خواب به هئينءَ ۽ تعبير به. پر جيڪڏهن ڪو غريب به هجي ۽ شهيد به هجي ته اهو ته تنهنجي سياست جو سورمو بڻجي پوندو هو. توکان جنرل ضياءَ جي آمريت هٿان شهيد ٿيل اياز سمون ۽ ناصر بلوچ ڪڏهن نه وسريا آهن. توکي ادريس طوطي ۽ رزاق جهرنا جهڙا جانباز به سدائين ياد رهيا. پر توکان ته جنرل مشرف جي دور ۾ ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ شهيد نظام سمون به ڪڏهن نه وسريو. لاڙڪاڻي جي عوامي جلسي ۾ شهادت کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ توکي تنهنجي پاڙيسرن جڏهن سون جو تاج پارايو هو ته اهو سونو تاج تو شهيد نظام سمي جي ماءُ جي مٿي تي رکيو هو ۽ ڄڻ ان سٽ جو ورجاءُ ڪيو ته،
”ڀلي ڄايون مائرون، سنديون سورمن“
18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪارساز سانحي جي ٻئي ڏينهن تي جڏهن اڃا شهر تي دهشت جو واسو هو ۽ جڏهن اڃان ڪراچيءَ جي شاهراهن تي وهيل شهيدن جو خون تازو ۽ تر هو، تڏهن تون دهشت گرديءَ کي للڪاريندي لياري ۾ ڪاهي پئي هئينءَ ۽ پنهنجي گهنگهريالن جيالن، ٻروچن ۽ جدگالن، جن تنهنجي مٿان ڪارساز ۾ سرڪپايا هئا، انهن جي روئندڙ مائرن جي اکڙين جا ڳوڙها اگهڻ وئين هئينءَ ته لياريءَ جي جانثارن جي مائرن کان پنهنجي شهيد پٽن جا درد وسري ويا هئا ۽ لياريءَ جهڙي ڳهيلي وستيءَ جون اهي هزارين گهگهيليون توتان گهور ٿيڻ لاءِ ديوانن وانگي مٿين پيرين اگهاڙي تنهنجي پٺيان نڪري پيون هيون. سالن کان ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته لياريءَ ۽ بينظير هڪ وجود جا ٻه نالا آهن.
اي شهيد راڻي....!! تنهنجي والد ذوالفقاري علي ڀٽي رت جو ريج ڏئي جيالن جو جيڪو ٻج پوکيو هو، ان کي توئي ته تاتيو ۽ نپايو هو ۽ هي اهي ئي جيالا هئا جيڪي لالا اسد ۽ لالا اسلم جي روپ ۾ ضياءَ جي هاٿيءَ جهڙي مارشل لا کي سونڊ مان هٿ وجهي هشائڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائيندا هئا. اهي جيالا ئي ته هئا جيڪي آمرن جي اکين جي تارن ۾ تڪي ڏسندا هئا ۽ بندي خانن ۾ ۾ هٿ ٻڌل هوندي به جيئي ڀٽو جا نعرا هڻي انهن کي للڪاريندا هئا. ها هي اهي ئي جيالا هئا جن هر آمريت کي للڪاريو ۽ ملڪي سياست مان آمريت جي دهشت کي ختم ڪيو. هي اهي ئي جيالا هئا جيڪي تنهنجي جلوسن ۾ تنهنجي اڳيان پنهنجا سينا سپر ڪري پاڻ کي پروانن وانگي پيش ڪندا هئا ۽ تنهنجي هر جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ مائرن کان موڪلائي، سرن سان سرخ پٽيون ٻڌي جيئي ڀٽو جي نعرن ۾ جهومندا هئا. اي شهيد راڻي....!! ها هي اهي ئي جيالا هئا جيڪي توکي چلولن ٻارن وانگي چنبڙي پوندا هئا. توسان عقيدت واري محبت ڪندا هئا ۽ تنهنجي اڳيان پنهنجي زندگيءَ جي دردن جون ڪٿائون کولي توکان ئي ان درد ڪشائي جي دوا طلبيندا هئا. انهن جيالن جي گهڻائي اڄ يتيم ٿي وئي آهي. تنهنجي نالي تي ورتل ووٽن تي کٽيندڙ وزير اڄڪلهه انهن چلولن جيالن کي ڇڙٻون ٿا ڏين. مٿن چٿرون ٿا ڪن ۽ کين پنهنجي دربانن کان دڙڪا ٿا ڏيارين. اي شهيد راڻي....!! تنهنجي انهن پيارن سان ٿيندڙ ستم ظريفي تي، دربدريءَ تي، خاڪ بسريءَ تي اسين انهن چلولن ٻارن جا، تنهنجي پيارن جا، گنهگار آهيون، شرمسار آهيون.
اي شهيد راڻي....!! اسان ته سنڌو ماٿريءَ جو سڄو ديس توکي ئي ارپيو هو. ڪشمير جي وادين کان ڪيٽي بندر جي کارين تائين، سپت سنڌوءَ جون سڀ ڌارائون ۽ انهن ڌارائن جي درياهن جي ٻنهي ڪنارن تي آباد سنڌو ماٿري جا سڀئي لوڪ تنهنجا پروانا آهن. رڳو پورب ۽ پڇم ۾ ئي نه پر عرب ۽ عجم ۾ به تون اسان جي سڃاڻپ هئينءَ. رڳو ايترو ئي نه پر انگلستان ۽ ڪرستان جي ملڪ جا ماڻهو به اسان کي ”بينظير ڀٽو جي ملڪ جا ماڻهو“ سڏيندا هئا. اي شهيد راڻي..!! اسان توکي پنهنجو سڄو ديس ۽ ان جو هر آسيس به ارپيو هو ۽ وقت جي رهزنن جڏهن توکي اسان کان الڳ ڪيو ته اسان پنهنجي اڳيان ايندڙ هر شئي کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. تنهنجي وطن گير وجود کي ضلعن تائين محدود ڪرڻ، تنهنجي بي ڪنار شخصيت کي شهرن ۾ سوگهو ڪرڻ، توسان بي انصافيءَ جي برابر آهي. ڪجهه اياڻا سمجهن ٿا ته شهرن يا شاهراهن تي تنهنجا نالا رکڻ سان سندن فرض ادا ۽ قرض لهي ويندا. ڪي وري ائين سمجهن ٿا ته تنهنجي نالي ڪرڪيٽ جون ٽورنامينٽون ڪرائڻ سان توکي ڀيٽا ڏيڻ واري رسم ادا ٿي ويندي. پ پ جي تختي ۽ جهنڊي هڻندڙ ڪجهه وزير ۽ عهديدار نالو ته تنهنجو وٺن ٿا، سڏائين تنهنجي پارٽيءَ جو ٿا، پر سمورا ڪم تنهنجي فڪر ۽ فلسفي جي ابتڙ ڪن ٿا. اي شهيد راڻي....!! تنهنجي عظمت جي معيار مطابق ڀيٽا نه ڏيڻ تي اسين تنهنجا قصور وار آهيون، شرمسار آهيون.
پر اي شهيد راڻي..!! اسان کي سڀ کان وڌيڪ شرمندگي تنهنجي قاتل جي ڳولا جي ناڪامي تي آهي. تنهنجي وطن ورڻ کان اڳ اسان سڀني توکي ڪوفين وانگي خط لکيا، پيغام موڪليا ۽ توسان اقرار ڪيا ته راڻي تون پنهنجي راڄ ۾ موٽي اچ. اسين سڀ توسان گڏ هونداسين، اسان توسان اقرار ڪيا ته اسان تنهنجي آجيان ۾ اکيون وڇائينداسين، تنهنجي بچاءُ ۾ جانيون ڏينداسين. توڏي کڄندڙ هر آڱر وڍينداسين ۽ توڏانهن اٿندڙ هر ميري اک کي انڌو ڪنداسين ۽ اسان تولاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪنداسين جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ جهڙو ناهي، پر اهو سڀ ڪجهه چوڻ باوجود اسين توکي بچائي نه سگهياسين ۽ اڄ جڏهن تنهنجي شهادت کي پورا ٻه سال مڪمل ٿيا آهن ته توکي ڪارساز ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ توڙي پنڊيءَ ۾ شهيد ڪندڙ سڀئي گڏجي وڃي هڪ جاءِ گڏ ٿيا آهن. اسان تنهنجي قاتلن کي گرفتار ته نه ڪري سگهياسين پر اقتدار جي ڄار ۾ اهڙا ڦاٿاسين جو اهي قاتل جن جا نالا تون اڳواٽ ٻڌائي وئي هئين، اسين انهن کي ٻانهن ۾ هٿ به نه وجهي سگهياسين.
اي شهيد راڻي...!! تون جڏهن شهيد ٿي هئينءَ تڏهن اسان سوچيو هو ته اسان تنهنجي شهادت تي تاريخ جوڪو طويل سوڳ ملهائينداسين ۽ نه ڄاڻ ڪيترن سالن تائين سوڳ ۾ رهنداسين. زندگيءَ جي هر ماهه کي محرم ۽ هر ڏينهن کي عاشورو ڪري ملهائينداسين، نه پٽڪو ٻڌنداسين، نه سينڌ ڪڍنداسين، نه سرمو پائينداسين نه ٽهڪ ڏئي کلنداسين ۽ ايتري عرصي تائين ڪاري ويس ۾ رهنداسين جيستائين راولپنڊيءَ جي لياقت باغ کان لاڙڪاڻي تائين تنهنجي وهيل خون جي هڪ هڪ قطري جو حساب نه وٺنداسين. اي شهيد راڻي...!!اسين ته تنهنجي آخري جلسي ۾ پراسرار اشارن واري خالد شهنشاهه کان به سندس خاص اشارن جو مطلب معلوم نه ڪري سگهياسين ۽ جيڪڏهن تنهنجي قافلي ۾ ڪي قاتل ۽ ڪانئر لڪل به هئا ته انهن کي به ڳولي نه سگهياسين.
اي شهيد راڻي...!! اسين تنهنجي قتل کي وساري چڪا آهيون، اسان تنهنجي احسانن کي فراموش ڪري چڪا آهيون، اسان کي توسان ڪيل واعدا به ياد نه رهيا آهن. اسين انڌا، ٻوڙا، گونگا بڻجي چڪا آهيون، تنهنڪري اسان مان شرم جو احساس به سُن ٿيندو ٿو وڃي.
پر اي شهيد راڻي....!! اسين جيڪي تنهنجي ديس جا قلمڪار آهيون، شاعر ۽ گائڪ آهيون، اهي توکي ڪهڙين تشبيهن ۾ توريون؟! تولاءِ الفاظ ڪٿان آڻيون؟ تولاءِ جملا ڪيئن جوڙيون؟ توکي شاعريءَ ۾ ڪيئن پويون؟ ۽ ان شاعريءَ کي ڪهڙي گائڪيءَ ۾ گنگنايون؟ اسين ته چاهيون ٿا ته توکي ”شهيد راڻيءَ“ جهڙا اڻکٽ اعزاز ڏيون ۽ تنهنجي نالن جا ڳانا ٻڌي ڳچين ۾ پايون ۽ ڀٽن جي شهادت تي مهاڀارت جهڙو ڪو رزميا داستان لکون يا خليفي نبي بخش قاسم جهڙو ڪو ڪيڏارو لکون ۽ ان کي سامونڊي يا ڪوهياريءَ جي گاڏڙ سُرن ۾ ڀٽائي جي فقيرن وانگي، رُون رُون جي راڳ ۾ ڳايون ۽ پوءِ پاڻ به روئون ۽ راڄن کي به روئاريون.
اي شهيد راڻي...!! اسين جيڪي قلم ڪار آهيون ۽ سنڌو ماٿري جي صدين جي تهذيب جو پڙاڏو آهيون. اهي توسان وچن ٿا ڪيون ته جيئن لاڙ جا ڀان ۽ ڀٽ دودي چنيسر جي داستان کي پنهنجي لوڪ گائڪين ۾ زندهه رکيو ٿا اچن يا جيئن ڪوهستان ۾ ڳائجندڙ مورا، ڪوهستاني دليري کي دائمي حيثيت ڏيون ٿا اچن، اسين سنڌ جا قلمڪار به ڀٽن جي شهادتن جي المئي کي ۽ ان المئي جي غم ۽ الم کي تيستائين زندهه رکنداسين جيستائين تنهنجا، تنهنجي ڀائرن ۽ بابي جا ۽ تنهنجي ڪارڪنن جا قاتل تنهنجي وارث عوام هٿان نٿا پڪڙجن ۽ جيستائين سنڌوماٿريءَ جي تهذيب جا ماروئڙا خوشحاليءَ جا گيت ڳائي، اوهان جي اوجاڳيل اکڙين جي جاڳيل جاڳيل خوابن کي ڪو تعبير نٿا ڏين.

(27-ڊسمبر 2009ع تي بينظير ڀٽو جي ٻين ورسيءَ جي موقعي تي نشر ٿيل)

شهيد راڻيءَ جا آخري اڍائي مهينا

18 آڪٽوبر جي ڏينهن تي، ماڻهن جي سمنڊ ۾، جڏهن هو ڪونج وانگي اڏري لٿي، ته مورڙي جي شهر ۾ لکين ماڻهو اکيون وڇائي هن جي استقبال لاءِ آيا هئا. پنهنجي قائد جي هڪڙي جهلڪ ڏسڻ کان پوءِ هن جي پرستارن جا منهن ته ٻهڪي پيا هئا، پر هو ڌرتيءَ تي پير رکڻ کان اڳئي روئي پئي. ڇا ؟- هن سمجهيو پئي ته جهاز جي اها سيڙهي هن کي شهيدن جي ان پيڙهيءَ ڏانهن وٺي ويندي، جنهن جي ٻئي ڇيڙي تي هن جا ڀائر ۽ بابو بيٺل آهن؟ يا هن اهو اڳ واٽ سمجهي ورتو هو ته هو هن ڀيري هن ملڪ ۾ مارجي ويندي ؟ ۽ اباڻي ڌرتي سندس لاءِ ڌر تتي بڻائي ويندي ؟ ۽ سندس آجيان لاءِ آيل ڄاڃي، ڪانڌي بڻجڻ تي مجبور ڪيا ويندا؟؟. ڪراچي جي هوائي اڏي تي جڏهن سندس استقبال لاءِ ٽهڪ هئا ته هو رُني پئي، ۽ جڏهن هوءَ مرڪندي مرڪندي شهادت جي رستي ڏانهن گامزن ٿي آهي، تڏهن اسين سڀ روئڻڪار ۾ آهيون
”ڪبيرا، جب هم پيدا هئي، جگ هنسي، هم روءِ،
ايسي ڪرني ڪر چلو، هم هنسي جگ روءِ.“
شهيد راڻي جو اڍائي مهيني جو هي سفر، شهاب الدين غوري جي، ”ڍائي دن ڪا جهوپڙا“ جي نماز وانگي سندس سياست جي سمورن فرضن جي ادائيگي جهڙو هو. اڍائي مهينن جي مختصر عرصي ۾ هو پنهنجي شهيد ڪارڪنن جي تعزيت لاءِ به وئي،۽ پنهنجي وڏڙن جي بٺين تان به ٿي آئي. پنهنجي اباڻي گهر، نئين ديري ۾ به آئي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلسا به ڪري آئي. ۽ آخر ۾ ڪيتريون ئي وصيتون ڪري عوام دشمنن سان وڙهندي وڙهندي مارجي به وئي.
”ڏسو هي قدم، جي مقتل کان عدم ڏي ٿا وڃن،
مٽائي جوڻ نئين روپ جنم ڏي ٿا وڃن،
هي داستان سندا رنج الم ڏي ٿا وڃن،
ڦڙا لهو جا وري ڪنهن جي قلم ڏي ٿا وڃن،
هتان ئي پرک ٿئي ٿي حسين ۽ يزيد جي،
نگاهه راهه تي رهي، هي راهه آهه شهيدن جي“
(گدا خاصخيلي)
واديءَ مهراڻ جي شهيد راڻي جو سياسي سفر هونهن ته 30سالن تي پکڙيل هو، پر گذريل اڍائي مهينن ۾ هن ڄڻ، پنهنجي سياست ۽ زندگيءَ جي سمورن بابن کي سهيڙي ڄڻ ڪتابي شڪل پئي ڏني. اڍائي مهينن جي آخري سفر ۾، شهيد راڻي جون سڀ سرگرميون انوکيون ۽ عجب جهڙيون هيون. دبئي کان واپسي، 18 آڪٽوبر واري سانحي کان پوءِ پهرين پريس ڪانفرنس، ان کان پوءِ وري ايمرجنسي لڳڻ بعد تڪڙي وطن واپسي، ايمرجنسي کان بعد ۾ اسلام آباد جي چونڪن تي ڪيل جلسا، هٽايل چيف جسٽس جي گهر ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش، لاهور مان شروع ڪيل لانگ مارچ ۽ آخر ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيل چونڊ جلسن ۾ محترما بينظير ڀٽو پنهنجي سياست جا پتا، اهڙي ريت پئي کيڏيا جو سندس ڪارڪنن کي رشڪ ۽ سندن دشمنن کي ريس ٿيندي هئي. محترما بينظير ڀٽو جي اهڙن دائن ۽ پيچن سبب سندس مخالف دهلجي پيا. ۽ ان کان پوءِ هنن، محترما جي سفر جو مفاصلو تڪڙ ۾ مختصر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ ان ڏينهن کان ئي سندس پٺيان قاتل بگهڙن جي هڪ ٽولي لڳائي وئي. سندس هر سياسي قدم ۽ سرگرمي اهڙي ته تيز ۽ وقتائتي لڳندي هئي جو سندس نقاد به ائين چوڻ تي مجبور ٿيا هئا ته ”محترما هن ڀيري تبديل ٿي آئي آهي“. محترما بينظير ڀٽو جا سياسي قدم ۽ حڪمت عمليون ته ڄڻ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ رهبري جي رستي وانگي هيون. پر اڍائي مهينن ۾ هن مهمان شهزاديءَ جيڪي تقريرون ڪيون اهي به ڄڻ شامِ غريبان جو اهي مجلسون هيون جيڪي ٻڌڻ کان پوءِ ڪنهن اڻ ڏٺي ڪربلا جون اڳ ڪٿي لڳن ٿيون. ڪراچي جي هوائي اڏي تي سرزمين تي پير رکڻ کان اڳ، هن جڏهن رنو ته سندس اکين ۾ اوتيل آبشار ڪيتري وقت تائين وهندو رهيو ۽ سندس اکين جا لڙڪ ئي نه پئي بيٺا،
”هر هڪ ڳوڙهو درد جو، ڳورو جهڙو پاءُ
سنڌڙي تنهنجي سور جو“
هن ڀيري شهيد راڻي ايترو ته رنو هو جو سندس مهتابي چهرو، سرخ ٿي ويو هو. محترما بينظير ڀٽو جي اکين ۾ ايترا لڙڪ، اڳ ۾ ڪڏهن به نظر نه آيا هئا. ڪٿي ائين ته نه هو ته هن پنهنجو پاڻ سان عوام جي پاران انهيءَ ڏينهن تعزيت ڪري ڇڏي هئي؟
”ڏونگر اوچا مَ ٿيو، وڌو مَ وڻاهه،
ٽمون نه نيڻاهه، ته پسان پير پرينءَ جو “
ايئرپورٽ تي لاڙيل لڙڪن مان هن ڪجهه قطرا، ان لاءِ به روڪي ورتا هئا،ته هو اهي ڳوڙها، قائد اعظم جي مزار تي عوام سان گڏجي ڳاڙيندي پر ڪارساز جي سانحي هن جا اهي ڳوڙها پڻ روڪي ورتا. فيض ڪيئن نه چيو:
”ان سي مل ڪر، همين رونا ٿا، بهت رونا ٿا،
تنگيءَ وقت ملاقات ني روني نه ديا“
شهيد راڻيءَ، جنهن موت جو پاڇو، هوائي اڏي تي محسوس ڪيو، اهو موت هن کي ڪارساز وٽ گڏيو. پر هيءَ ان کان به مرعوب نه ٿي. ۽ ٻئي ڏينهن تي بلاول هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن رات جي رهزنن، چورن ۽ چمڙن کي للڪاريندي چيو ته بم ڌماڪن سان کيس ڪڏهن به ڊيڄاري نٿو سگهجي. هن اتي اها به وارننگ ڏني ته مٿس ٿيل حملو هڪ فرد تي حملو نه پر جمهوريت ۽ ملڪ جي يڪجهتي تي حملو هو. هي اها پهرين پريس ڪانفرنس هئي جنهن ۾ شهيد ڀٽي جي راڄ ڌياڻي ڌيءَ پنهنجي شهيد ڪارڪنن جي ڏک تي ڳالهائيندي، مٿي اگهاڙي ٿيڻ جي به پرواهه نه ڪئي. محترما جي زندگي ۾ اهو به پهريون ڀيرو هو جو ڳالهائڻ دوران هن جو مٿو اگهاڙو ٿي ويو هو ۽ هن کي ان جي ڪا به خبر توڙي پرواهه نه رهي هئي.
”ڪلهي پاتم ڪنجرو، مٿو اگهاڙو
منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هاڻ ڀنڀور ۾“
ڪارساز جي ڌماڪي کان پوءِ راڻي، راڄڌڻياڻي کي عوام کان پري رکڻ لاءِ خود ڪش حملن جا ڊپ ڏنا ويا، پر هو لطيف جي بيت وانگي جنهن رستي سان ڪالهه زخمي ٿي نڪتي، ٻئي ڏينهن به ان سفر ڏانهن رواني ٿي.
”لٺيون، جٺيون موچڙا، گاريون گل سندان،
جٿان ڪالهه لڳان، اڄ پڻ پهريان اوڏهين“
پنهنجي اڍائي مهينن جي سفر ۾ محترما جيڪي تقريرون ڪيون،تاريخ ۾ اڳ، هن ڪڏهن به اهڙيون تقريرون نه ڪيون هيون. ماڻهن جا ميڙ ڏسي ۽ جيئي ڀٽو جي نعرن جا پڙلاءَ ٻڌي سندس جذبات جو جوالا مکي ڀڙڪي پوندو هو. سندس تقريرن جا تيور محسوس ڪري ماڻهو چوڻ لڳا هئا ته ”محترما ايڏو ڪڏهن به جذباتي نه هئي، جهڙي هن ڀيري آهي“. نه رڳو ايترو پر هن ويڳاڻي واديءَ جي شهيد راڻيءَ پنهنجي آخري سفر ۾ ماڻهن کان جيڪي ميثاق ۽ واعدا ورتا اهي به اڳ ۾ شايد ڪڏهن نه ورتا ويا هئا. هن جتي به جلسو پئي ڪيو، اتان جي ماڻهن کان هٿ کڻائي واعدو پئي ورتو. شهيد راڻي جي وچن وٺڻ جي اها ڪهاڻي ڪا هڪ طرفي نه هئي پر شهيد شهزادن جي شهيد پيءُ جي هيءَ سُخن ور ڌيءُ، هر هنڌ عوام سان اهو واعدو پئي ڪيو ته هوءَ ڪڏهن به پنهنجي سينڌ ميري ٿيڻ نه ڏيندي ۽ هن جو جيئڻ ۽ مرڻ پڻ عوام سان آهي. راولپنڊي جي آخري جلسي ۾ پنهنجي سينڌ ۾ رت جو سينڌور ڀرجڻ کان اڳ مهراڻ جي وادي جي شهيد راڻي پنهنجي پيءُ ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت واري جاءِ کان ٿورو پنڌ تي قربان ٿي، پنهنجي انهن وچنن، ورنن ۽ سخنن کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو، جن وچنن جا گڻ مهراڻ جي وادي جا سڀئي لوڪ، ڪشمير کان ڪراچي تائين رت گاڏئن ڳوڙهن سان ڳائي رهيا آهن.
”مسجد ۽ مندرن ۾، تثليث ۽ بتن ۾،
هندو، ٻڌ، سکن ۾، پنڊت، برهمڻن ۾،
مشرڪ ۽ مومنن ۾، رندن ۽ زاهدن ۾،
مستن ۽ عاقلن ۾، محفل ۽ انجمن ۾،
هر هڪ زبان ذهن ۾، بس قيل و مقال تنهنجو،
هر جاءِ جلوه گر آ، حسن و جمال تنهنجو،

جبلن ۽ ماٿرين ۾، صحرا ۽ بر پٽن ۾،
بحرن، رڻن، برن ۾، ريتي سندن ذرن ۾،
ميدان جهنگلن ۾، ويران وستين ۾،
چشمن، نين، ندين ۾، پاڻي جي وهڪرن ۾،
ساري زمين زمن ۾، جاهه وَ جلال تنهنجو،
هر جاءِ جلوه گر آ، حسن و جمال تنهنجو.

(مارچ 2008 ۾ نشر ٿيل)

ڀٽن ڇا ٿي چاهيو؟

ذوالفقار علي ڀٽي کان بينظير ڀٽو تائين، لاڙڪاڻي جي ڀٽن شهادتن جو جيڪو سفر طئي ڪيو آهي، ان مان هڪ اهم سوال اُڀري ٿو ته آخر ڀٽن هن ملڪ ۾ ڇا ڪرڻ پئي چاهيو ؟ جنهن جي پاداش ۾ هنن کي هڪ هڪ ڪري الڳ الڳ نمونن سان شهادتن جي راهه جو مسافر بڻايو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي پاڻ هڪ هنڌ لکيو آهي ته“ مون انهن انسانن جي روحن کي اطمينان ۽ چهرن تي مرڪون موٽائڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون آهن، جيڪي ماڻهو موهن جي دڙي جي دور کان تڪليفن جا ڳوڙها ڳاڙهيندا آيا آهن.”
ها ! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس واديءَ مهراڻ جي شهيد راڻي ڌيءُ محترما بينظير ڀٽو هن ڏکويل واديءَ جي نپوڙيل ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽائڻ ۽ سندن ڳلن تان ڳڙندڙ ڳوڙهن کي گهٽائڻ لاءِ ساهه جي آخري پساهه تائين اڻٿڪ ڪوشش ڪئي ۽ سندن انهن ڪوششن جي ڪري هن ملڪ جي وساريل ماڻهن مٿان ڏکن ۽ بکن جا ڪجهه پاڇا به لٿا، پر اها وري هڪ ٻي درد ڪهاڻي آهي ته موهن جي دڙي جي واديءِ جي ماڻهن جَي جن ڏکن جي ڳالهه ڀٽي ڪئي هئي، انهن ڏکن جي ڳوڙهن ۾ هاڻي ڀٽي خاندان جي المين جا ڳوڙها به شامل ٿي ويا آهن ۽ هي ڏکويل ڏيهه هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ ويتر ڏُکارو ٿي رهيو آهي.
اهو هن ملڪ جي مسڪين ماڻهن جو الميو آهي ته هنن کي ٻه طرفا ڏک مليا آهن. هڪڙا اُهي ڏک جن سان هو صدين کان سلهاڙيل آهن ۽ ٻيا وري اُهي ڏک جيڪي هنن کي سندن درد ڪشا رهبرن جي قتل جي صورت ۾ مليا.
”سرجيس ته سور - سامائيس ته سک ويا
اهي ٻئي پور - مون نماڻي نصيب ٿيا“
پر آخر اهي ڪهڙا سبب هئا جن جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽي، سندس ٻن پٽن ۽ سندس راڄ ڌياڻي ڌيءَ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ؟! ۽ ائين ٿو لڳي ته هر دور جي رهزنن جي راهه ۾ ڀٽا رهبر ٿي اڳيان آيا آهن ۽ پوءِ هر ڀٽي کي چونڊي چونڊي ماريو ويو آهي.
شهيد ڀٽي پنهنجي آخري ڪتاب “ جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو ويو ” ۾ عوام مٿان مڙهيل حاڪمن کي برهمڻن جو نالو ڏنو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته ڏکڻ ايشيا جي المياتي توڙي طبقاتي تاريخ جا اڏيندڙ اهي برهمڻ آهن، جيڪي پهريائين ڌرم ۽ پوءِ سياست جي نالي ۾ هزارها سالن کان گنگا ۽ مهراڻ جي وادي جي ماڻهن مٿان مسلط ٿيل آهن ۽ هنن برهمڻن پنهنجي جسماني طاقت ۽ ذهني چالاڪي ذريعي هن اونداهي کنڊ جي ڪروڙين ماڻهن جي وسيلن کي هڙپ ڪري، کين ڦري ۽ فقير بڻائي ڇڏيو آهي
”جهه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير
ته ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي ؟“
انهن پنڊتن نه رڳو هتان جي ماڻهن کي غريب ۽ فقير بڻايو پر کين اهو احساس پڻ ڏياريو ته غربت هڪ سٺي شيءِ آهي جيڪا سندن مقدر آهي. ذوالفقار علي ڀٽو برِصغير جي اولاهين ڪنڊ جو اهو پهريون ماڻهو هو جنهن مڪاريءَ جي ان سياست کي سڃاتو ۽ رهبري جي پوشاڪ ويڙهيل انهن رهزنن جا چوغا چاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اياز ڪيڏو نه سچ چيو آهي
”ڪوئي آهي ؟ ڪوئي آهي ؟ جيڪو سچ چوي
ڏينهن ڏٺي جو هن ڏانئڻ تان، جيڪو پردو لاهي
سانگ سياست جا سمجهائي،ٺاهه ٺڳي جا ڊاهي
ڪوئي آهي جيڪو سچ چوي؟“
ڇا ائين نه چئجي ته ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس شهزادي ڌيءَ پاڪستان مان غربت جي اونداهي کي ختم ڪرڻ پئي چاهيو ۽ ڪشمير کان ڪيٽي بندر تائين پکڙيل موهن جي دڙي واري مهراڻ جي وادي جي غريب بڻايل لوڪن جي هزارها سالن جي تاريخ تبديل ڪرڻ پئي چاهي؟ ها ائين ئي هو، بلڪل ائين ئي هو.
موهن جي دڙي جي تهذيب جي تباهي کي ساڍا ٽي هزار سال گذريا آهن ۽ جڏهن کان هي اربيلي تهذيب پوياري ٿي آهي تڏهن کان ئي هن جا باشندا ڏکارا ٿيا آهن. موهن جي دڙي جي ناچڻي جنهن جي ٻانهن ۾ ڪلهي کان ڪلائي تائين آج جو چوڙيون پاتل هيون، اڄ اها ٻانهياري عورت ڪم ذات سمجهي وڃي ٿي. ڀيلڻ ۽ ڪولهڻ سڏجي ٿي. ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو خواب ڏٺو هو ۽ سندس بختاور ڌيءَ محترما بينظير ڀٽو ان ڇڏيل خواب جو جيڪو علم اوچو ڪيو هو اُهو اِهوئي هو ته هن ملڪ جي هزارين سالن جي رواج کي الٽ، پلٽ ڪرڻو آهي.شهيد ڀٽي هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته برِ صغير ۾ عوامي تحريڪون اشوڪ اعظم جي دور کان ئي هلندڙ هيون. پر اُهي ڪهڙيون تحريڪون هيون ؟ جيڪي اڍائي هزار سال اڳ اشوڪِ اعظم جي دور ۾ به زندهه هيون. اچو ته ان تي ٿوري نظر وجهون.
عالمن ۽ اڪابرن جو خيال آهي ته گوتم ٻُد جو نظريو، برِ صغير جي برهمڻن جي بڻايل اوچ نيچ واري نظام جي خلاف پهريون آواز هو. پر ان وقت جي سياست مذهب ۾ لڪل هئي تنهن ڪري گوتم جي تحريڪ به مذهبي نظر اچي ٿي. گوتم کان پوءِ ڀڳتن ۽ ڀڪشن جون راڄ ڀڳتيون ۽ عوامي منڊليون به اوچ نيچ جي خلاف هڪ منتشر آواز هيون. سوامي ديا نند سرسوتي جي آريا سماج واري تحريڪ پڻ اوچ نيچ خلاف هڪ وڏو آواز ٿي اُڀري هئي. انهن ئي تحريڪن جي تسلسل طور، جواهر لال نهرو پاڻ کي هندستان جو سوشلسٽ اڳواڻ ڪوٺايو هو. ها اِها ئي اُها اوچ نيچ هئي جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو هو ۽ هِن اهو وچن ڪيو هو ته هن ملڪ جي غريب جي قسمت جي تبديلي سندس منزلِ مقصود آهي. پنهنجي مقصد يا مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ شهيد ڀٽي کي صرف 10 سال مليا. 1967ع ۾ هن پارٽي ٺاهڻ جي شروعات ڪئي ۽ 1977 ع ۾ هن جو تختو اونڌو ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ ڦاهي تي چاڙهيو ويو. پر سندس اوچي ڪيل هن علم کي سندس شهزادي ڌيءَ محترما بينظير ڀٽو 30 سالن تائين ايستائين اوچو رکيو جيستائين کيس پنهنجي پيءُ جهڙو نه بڻايو ويو.
ڀٽي ڪڏهن به ڀٽي هجڻ ته فخر محسوس نه ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته سڄي ملڪ جي محڪوم ماڻهن کي ڀٽي جي ذات تي فخر هو. ڀٽي ڪڏهن به پاڻ کي سردار نه سڏرايو ڇو ته هو هن ملڪ جي انهن ڪروڙين غريبن جي محروم خوابن ۽ سڪاڻل روحن جو به سردار هو جن جي ذاتين جي به هن کي خبر نه هئي. ماڻهو جڏهن هن کي ائين چوندا هئا ته ڀٽا صاحب، توتان اسان جا ٻچا به قربان آهن، يا جڏهن کيس ائين چوندا هئا ته اسان مرشد کي نه پر توکي ووٽ ڏينداسين، ڇو ته هاڻي تون اسان جو مرشد آهين ته هن جي اندر مان خوشيون اُٻري ٻاهر نڪرنديون هيون ۽ هن جون اکيون ۽ نِڙي آليون ٿي پونديون هيون ۽ پوءِ ڀٽو ڳالهائي نه سگهندو هو. ڀٽي جي تقريرن جي روانيءَ ۾ اهڙا عوامي احساس چلولن ٻارن وانگي لڙڪي پوندا هئا ۽ پوءِ هو ڪڏهن ڪڏهن هٻڪي پوندو هو. پنهنجي آخري ڪتاب ۾ هو لکي ٿو ته ”مان عطاءَ الله شاهه بخاري جهڙي تقريرجو فن نٿو ڄاڻان. هو تقرير جي فن جو بيشڪ ماهر آهي پر پوءِ به ماڻهو هن جهڙن تقرير بازن کي ووٽ نٿا ڏين. منھنجي اردو ڀڳل ٽٽل آھي پر پوءِ به ماڻھون مون کي ووٽ ٿا ڏين.ڇاڪاڻ ته ماڻھون به منھنجي اردو وانگي ڀڳل ٽٽل آھن. مون ھنن جون دليون کٽيون آھن مون ھنن جي اعتماد کي ڌڪ نه پٽيو آھي ۽ اڄ به جڏھن مان راولپنڊي جي جيل جي ھڪ ڪال ڪوٺڙي ۾ موت جو منتظر آھيان تڏھن مان انھن ڀڳل ٽٽل ماڻھن سا ن ويساھه گهاتي نه ڪندس. جيڪڏھن ڪنھن کي ايتري وقت گذرڻ کان پوءِ به ھنن جي ويساھه جو ڪو امتحان وٺڻو آھي ته ووٽ ڪرائي ڏسي ۽ پوءِ ڏسو ته مون ھنن سان ويساھه گهاتي ڪئي آھي يا ھنن کي اعتماد جي عظيم چوٽين تي پھچايو آھي.”
جيئن ھن ملڪ جي مسڪين ماڻھن جي قسمت بدلائڻ ڀٽي ۽ سندس شھيد ڌيءُ جو خواب ھو. بلڪل ائين ئي ڀٽو ۽ سندس شھزادي ڌيءُ پڻ ھن غريب ملڪ جي ماڻھن جو خواب ھئا.
“رُڪي نه جو، جھڪي نه جو، مٽي نه جو، دبي نه جو - ھم وه انقلاب ھين، ظلم ڪا جواب ھين، ھر غريب ھر شھيد ڪا ھمين تو خواب ھين.“
شھيد ڀٽو جو دور ھڪ مختصر دور ھو پر پوءِ پنھنجي پي ءُ جي ورثي کي سندس وڏور ڌيءُ اھڙي ته مانائتي ۽ مڻيادار نموني اڳتي وڌايو جو ھن ملڪ جا سڀ ماڻھون اھو ويساھه ڪرڻ لڳا ھئا ته بينظير ڀٽو ئي ھن ملڪ جي مسئلن جي راھهِ نجات آھي.
ھو ذھين پي جي فھيم ڌيءُ ھئي. ھوءِ بخت جي ميزبان ھئي ۽ ھوءَ سگهه جو سرچشمو پڻ ھئي. ھن جي سياست جا گُر ڪنھن عظيم رھنماءُ جو ڏيک ڏيندا ھئا ۽ ھن جو بختاور وجود آسمان مان نازل ٿيندڙ منوسلوا جھڙي روزي لڳندو ھو ۽ ھن جون تقريرون ماڻھن ۾ سگهه جي سور ڦوڪي ڇڏينديون ھيون. ھن کي مھراڻ جي وادي جا لوڪ پنھنجي حياتي جي اھڙي ٽمورتي سمجھندا ھئا جھڙا گنگا ۽ جمنا جا لوڪ سرسوتي، لڪشمي ۽ ڪالي ماتا کي سمجھندا آھن.
جيئن ڀٽائي جا فقير چوندا آھن ته اسين لطيف جي لب مبارڪ مان پيدا ٿيا آھيون، بلڪل ائين ڀٽو به چوندو ھو ته مان ماڻھن مان پيدا ٿيو آھيان. ڪال ڪوٺڙي مان لکيل پنهنجي آخري ڪتاب ۾هو ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته “ مان عوام جي تخليق آھيان.” تخليق جو ھي تصور صرف ڀٽي جھڙو ماڻھو ئي ڏئي سگھي ٿو.
لاڙڪاڻي جي سردار ۽ زميندار گھراڻي مان صدين جو ڳوھيل، موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو ھي ماڻھون موئن جي دڙي مان ڌڪاريل دراوڙن لوڪن تائين پڻ پھتو ھو. پنھنجي آخري تحرير ۾ ھو لکي ٿو ته ”مان ڀنگين جي جُڳھين تائين پھتو آھيان. مان نادار ماڻھن جي ڪکاون گھرن تائين رسيو آھيان. مان ھر گھر ۾ ڳالھايو ويندڙ لفظ آھيان ۽ مان ھر ٽمندڙ ڇت جي ھيٺان موجود آھيان .“ حيدرآباد جي ٻاھران ڄامشورو روڊ تي ڪولھين جو اھو پڪو ڳوٺ اڄ به موجود آھي جيڪو شھيد ڀٽي پکن ۾ رھندڙ ڪولھين کي ٺھرائي ڏنو ھو.
موهن جي دڙي جي تھذيب اُجڙڻ کان پوءِ جيئن ئي بر صغير برھمڻن جي قبضي ھيٺ آيو.
تڏھن کان نه رڳو برھمڻن جي طاقت پر انھن جو علم پڻ ھن ملڪ جي مظلوم ماڻھن خلاف استمعال ٿيو آھي.
”علم جنھن سان ھر دو جڳ روشن به ٿئي
ڏس ته سو رھبر به ٿئي، رھزن به ٿئي.“
پر ھزارين سالن جي ھن سفر کان پوءِ ڀٽي ۽ پوءِ سندس بختاور ڌيءُ ھن ملڪ جي عزت ۽ عظمت جا پيمانا تبديل ڪري ڇڏيا. ڀٽو جڏھن پنھنجي وزيرن کان ڪوٽ لھرائي سيءُ ۾ ڏڪندڙ غريب ماڻھن کي پارائيندو ھو ته سندس اھڙي انداز ۾ غريبن لاءِ بي پناھه محبت لڪل ھوندي ھئي. سندس اھڙو انداز تاريخ جي سرحد تي بيٺل ان ڦلاڻي لاکي جھڙو لڳندو ھو جنھن لاءِ لطيف چيو ھو.
”ريٻاڙي ريجهاءِ لاکو لولهيٽين سين
ساھو من سندياءِ ٺٽ مٽائي ٺاڪرو“
ھن ملڪ جي غريب ماڻھن ۾ اھو ويساھه ڪنھن اڻ لُڏندڙ ايمان وانگر ھو ته جيڪڏھن ڀٽا حڪومت ۾ ايندا ته سندن قسمت بدلبي ۽ سندن ويھڻ جي جاءِ تبديل ٿيندي. يعني برھمڻ مان باغي ٿيل ھي بادشاھه کين پٽ تان اٿاري پٽ راڻن سان گڏ ويھاريندو.
برھمڻن جي ھن ملڪ ۾ ڀٽو ۽ سندس شھزادي ڌيءُ ھڪ نئين ريت جا اڳواڻ آھن. ھن ملڪ جي روايت آھي ته ڪارڪن مرندا آھن ۽ انھن جا اڳواڻ ھنن جي سرد لاشن مٿان سندن سرخ رت سان پنھنجي سياست جي تاريخ رقم ڪندا آھن.پر ذوالفقار علي ڀٽي، سندس پٽن شاھنواز ۽ مرتضيٰ ۽ آخر ۾ سندس شھزادي ڌيءُ شھيد ٿي اھو ثابت ڪيو ته مقصد جي مشعل کي ٻاري رکڻ لاءِ جڏھن سڀ ڪجھه جلي ويو ته آگ کي زندهه ۽ ٻاري رکڻ لاءِ ھنن پنھنجي حياتي کي به آڙاھه جي حوالي ڪيو.
”جوڳيئڙا جھان ۾، نوري ۽ ناري
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري.“
شھيد ڀٽي جڏھن اھو چيو هو ته مان ھر گھر م ڳالھايو ويندڙ لفظ آھيان ته نه ڄاڻ تڏھن کيس ڪيترو اندازو ھيو ته کانئس پوءِ سندس پٽ ۽ آخر ۾ سندس شھزادي ڌيءِ به قربانين جي انھن قافلي جي سرواڻي ۾ ايترو اڳتي وڌي ويندا. شھيد ڀٽي جڏھن ائين لکيو ھيو ته مان ھر گھر ۾ ڳالھايو ويندڙ لفظ آھيان تڏھن سندس اڳيان پنھنجي شھادت ھئي. پر اڄ جڏھن انھن چئوڏس شھادتن جو سلسلو شھيد راڻي بينظير ڀٽو تي پورو ٿيو آھي، تڏھن ڀٽو رڳو ھر گھر ۾ ڳالھايو ويندڙ لفظ ناھي، پر ڀٽو ھر گيت ۽ بيت، ھر نوحي ۽ قصيدي، ھر تحرير ۽ تقرير، ھر خوشي ۽ غم، ھر محفل ۽ انجمن ۾ روئڻ، ڳائڻ ۽ ڳالھائڻ جو موضوع آھي. ڀٽو لفظ ھڪ ذات مان نڪري ھڪ سوچ، ھڪ رويو، ھڪ ڪيفيت، ھڪ قرباني ۽ ھڪ وڏي تبديلي جو اهڃاڻ بڻجي ويو آھي. شھيد ڀٽي، ان جي پٽن ۽ ان جي شھزادي ڌيءُ ھن ملڪ کي ڇا ڇا ڏنو ۽ ھنن ھن ملڪ جي مسڪين ماڻھن جي قسمتن جو نقشو ڪيئن تبديل ڪرڻ پئي چاھيو ؟ - اھو انھن ھزارين ڪتابن ۽ مضمونن جو موضوع آھي، جيڪي نه ڄاڻ ڪيترن ايندڙ ايامن تائين لکيا ويندا .
شھيد ڀٽو 5 جنوري تي پيدا ٿيو ۽ سندس مھراڻ جي وادي جي شھيد راڻي ڌيءُ 27 ڊسمبر تي شھيد ٿي. شھيد ڀٽي جو قتل 4 -اپريل تي ٿيو ۽ شھيد راڻي جو جنم 21 جون تي ٿيو. شھيد شاھنواز 18 جولاءِ تي ماريو ويو ۽ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو 20 سيپٽمبر تي قتل ڪيو ويو. اڄ جڏھن سال جي ڪيلينڊر تي نظر وجھجي ٿي شايد ئي ڪو اھڙو مھينو ھجي جنھن ۾ ھن بادشاھي خاندان جي المئي جي تاريخ شامل نه ھجي.
ھن ملڪ ۾ اھو ڪھڙو گھر ۽ دفتر آھي جنھن ۾ ڀٽي جو ذڪر نٿو ٿئي ؟ ھن ملڪ ۾ ڪھڙي اخبار، ريڊيو ۽ ٽي وي آھي جتي ھي لفظ نه لکيو، نه پڙھيو ۽ نه اچاريو وڃي ؟ ھن ملڪ ۾ اھڙو ڪھڙو ماڻھو آھي جيڪو ڀٽي کي نٿو سڃاڻي ؟ ڀٽو لفظ ھن ملڪ جي اھا حقيقت ۽ اھو فسانو آھي، جيڪو حال جو حدون ٽپي ايندڙ زمانن ۾ پيھي ويو آھي. ڀٽو ملڪي سرحدن مان نڪري ستن سمنڊن جي پراھن ڪنارن تي پھتو آھي. ڀٽو زمينن ۽ زمانن مان نڪري، پاتالن ۽ پولارن ۾ گونجي ٿو. ڀٽو مسيح جي وقت مان نڪري قبل از مسيح جي دور تائين پڳو آھي ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ھن ملڪ ۾ ان شھيد راجا جو اھو عوامي راڄ قائم ٿيندو جنھن جو ھن ڪال ڪوٽڙي جي اونداهي ۾ هڪ ترورو ڏٺو هو ۽ موهن جي دڙي جي ماٿري جي ماڻهن جي اکين ۾ هزارين سالن جي درد جي لوڻاٺيل ڳوڙهن کان پوءِ خوشيءَ جا، مرڪن سان گڏ مٺا ڳوڙها نڪرندا.
اکين مان نڪرندڙ ڳوڙهن عرف لڙڪن جو ذائقو جيتوڻيڪ لوڻياٺو آهي پر هتي مٺا ڳوڙها ان ڪري ٿو چئجي جو ڀٽو لفظ نا ممڪن کي ممڪن بڻائڻ واري ڪيميا آهي.
”کيتي ۽ باغ بن ۾، سبزي ۽ ساوڪن ۾
گاهن، ڪکن پنن ۾، ميون وڻن ٽڻن ۾،
پوشاڪ پوپٽن ۾، سورج مُکي گلن ۾
رابيل ۽ رتن ۾، سئوسن سرو سمن ۾
برگ و ۽ گل چمن ۾، جانب جمال تنهنجو
هر جاءِ جلوه گر آ، حُسن و جمال تنهنجو.“

(5 جنوري 2009ع تي نشر ٿيل )

مهراڻ جي واديءَ جي شهيد راڻي

مهراڻ جي واديءَ جي راڻي محترما بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو آهي. کيس راولپنڊيءَ جي ان ئي شهر ۾ شهيد ڪيو ويو، جنهن راولپنڊيءَ جي شهر ۾ 28 سال اڳ واديءَ سنڌ جي محبوب شهزادي ۽ بينظير ڀٽو جي والد ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو هو. پنڊيءَ جي بدنصيب شهر ان عظيم ليڊر جو موت به ڏٺو، جنهن کي اسلامي دنيا توڙي ٽين دنيا جي غريب ملڪن جو سورمو سڏيو ويو هو ۽ راولپنڊي جي غريب نصيبن واري شهر ان سورميءَ جو سرد لاش به وصول ڪيو جنهن کي دنيا جي پهرين چونڊيل مسلمان وزيراعظم بنجڻ جو اعزاز حاصل هو.
راجا راءِ سهيرس کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو، واديءَ مهراڻ جو اهو اڳواڻ هو، جيڪو سنڌ جي سامونڊي ڪنارن کان وٺي ڪمشير جي ڪوهسارن تائين، سنڌو ماٿر جي سمورن ماڻهن جو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو سورمو هو. راجا راءِ سهيريس کان ڏيڍ هزار سال پوءِ، لاڙڪاڻي جي مٽيءَ اهڙو ماڻهو پيدا ڪيو، جيڪو سنڌين، بلوچن، سرائڪين، پنجابين، پٺاڻن توڙي ڪشميرين ۾ هڪ جهڙو مقبول هو ۽ ڀٽو جڏهن پاڻ شهيد ٿي ويو، ته سندس نياڻي محترما بينظير ڀٽو شيخ اياز جي هن بيت،
”جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ
هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ“
جي مصداق، پنهنجي پيءَ جو ورثو سنڀاليو.شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۾ پنهنجي شهيد پيءَ وانگي، ڪرشماتي شخصيت جون اهي سموريون وصفون موجود هيون، جيڪي ماڻهن کي پتنگن وانگي پاڻ مان ڪڍي نچڻ ۽ پچڻ تي مجبور ڪنديون هيون. سندس قداور شخصيت، غيرمعمولي ذهانت ۽ جذبي سان ٽمٽار عوامي محبت جڏهن ڪنهن تقرير ۾ ظاهر ٿيندي هئي ته اها تقرير ڪنهن وڄ جو وراڪو لڳندي هئي. لطيف ڄڻ ان لاءِ چيو هجي ته:
”پکي ۾ ائين پد مڻي، جيئن ڏئي وراڪا وڄ
جيڪا صورت سج، سائي مورت مارئي“
محترما بينظير ڀٽو رڳو هن ديس جي ڄائي ۽ هتان جي راڄن جي راڻي نه هئي ۽ نه ئي هوءَ رڳو موجودهه دور جي اڳواڻ هئي پر هو موهن جي دڙي جي مادرانا نظام جي علامت ۽ ايشيا جي ان ماياڻي تهذيب جو تسلسل پڻ هئي، جنهن تهذيب جون حدون ماٺاري پيسفڪ سمنڊ جي ڪنارن وارن ملڪن تي سنڌ کان سوماترا جي ٻيٽن تائين پکڙيل آهن، هوءَ سنڌ جي سسئي، سهڻي، مومل، مارئي لاڏي، ٻاگهي سڀ هئي.
محترما بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي جنم ورتو. سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان واري علائقي سان هو ۽ سندس پيءَ ذوالفقار علي جو ناتو لاڙڪاڻي سان هو. اصفهان برفن ۽ سردين جو علائقو آهي ۽ لاڙڪاڻو هاڙهن ۽ ڪاڙهن جو ملڪ آهي. تنهن ڪري بينظير ڀٽو جي شخصيت ۾ ابي ۽ امڙ واريون ٻئي خوبيون اوتجي آيون هيون. هو ڪڏهن ڪڏهن ٿڌي طبيعت واري معتدل مزاج سياستدان به لڳندي هئي ته ڪڏهن وري ٽهڪندڙ طبيعت جي مالڪ به محسوس ٿيندي هئي. پر ڇاڪاڻ ته هن جو جنم 21 جون جي گرم موسم ۾ ٿيو هو، تنهن ڪري سندس مهتابي چهري مان سدائين سورج واري تپش ٻهڪندي هئي.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو پنهنجي شروعاتي تعليم ڪراچي ۾ ورتي. جنهن کان پوءِ هو آمريڪا جي ريڊ ڪلف ڪاليج ۽ هار ورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهي. آمريڪا کان پوءِ هن لنڊن جي جڳ مشهور آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتي کيس آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگرد سنگت (يونين) جو صدر چونڊيو ويو. محترما بينظير ڀٽو پهرئين ايشيائي ڇوڪري هئي جنهن کي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو اهو اعزاز مليو هو. اپريل 1979ع ۾ پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ، محترما بينظير ڀٽو پنهنجي والدهه سان گڏ سياست ۾ آئي. جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي شروعاتي سالن ۾ هوءَ جيل ۾ ۽ پوءِ جلاوطن رهي. پر 10 اپريل 1986ع تي جڏهن لاهور جي هوائي اڏي تي لٿي ته ملڪ جي لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. ان کان اڳ لاهور جي شهر جي تاريخ ۾ ايترا ماڻهو ڪڏهن به گڏ نه ٿيا هئا، جيترا ماڻهو بينظير ڀٽو کي ڀليڪار چوڻ لاءِ آيا هئا. 10 اپريل 1986ع تي لاهور جي موچي گيٽ تي جلسي کان پوءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، ملڪ جي جن جن شهرن ۾ به جلسا ڪيا، اهي ان شهر جي تاريخ جا سڀ کان وڏا عوامي ميڙ هئا. محترما بينظير ڀٽو جا اهي جلسا ان ڪري به تاريخ جا وڏي ۾ وڏي جلسا هئا جو پاڪستان جو عوام بينظير ڀٽو کي بخت جي اها ديوي سمجهڻ لڳو هو جنهن جي اچڻ سان سندن ڀاڳ ڀڙڪو کائي اٿيو هو. ان وچ ۾ شهيد ڀٽي جي نياڻي جڳ جهڙي به ٿي ۽ 18 ڊسمبر 1987ع تي هن آصف زرداريءَ نالي شخص سان شادي به ڪئي، جنهن مان کيس ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو.
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي زندگيءَ ۾ ڊسمبر مهيني کي اهم حيثيت رهي. ڊسمبر 1976ع ۾ هوءَ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگرد يونين جي صدر ٿي. 18 ڊسمبر 87ع تي هن جي شادي ٿي، 2 ڊسمبر 88ع تي هو پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿي ۽ 27 ڊسمبر 2007 تي هن پنهنجي حياتي جو آخري ڏينهن گذاريو.
هن ملڪ جي بي رحم سياست، راڻن جي ملڪ لاڙڪاڻي جي هن خاندان کان جيڪي قربانيون ورتيون آهن، ايتريون قربانيون ملڪ جي ٻئي ڪنهن به خاندان نه ڏنيون آهن. اوڻٽيهه سالن جي مختصر عرصي ۾ ڀٽي خاندان جي ٽن راجائن ۽ هڪ راڻيءَ کي شهيد ڪيو ويو. 79 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، ڇهن سالن کان پوءِ سندس فرزند شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي مارايو ويو، 11 سالن کانپوءِ مير مرتضيٰ کي قتل ڪيو ويو ۽ ٻين 11 سالن کان پوءِ بينظير ڀٽو کي به ساڳئي رستي جو راهي بنايو ويو. پاڪستان جي تاريخ جي هنن پراسرار قتلن مان سواءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ جي، ٻئي ڪنهن به قتل جو اسرار معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
قائداعظم کان پوءِ قائدعوام ذوالفقار علي ڀٽو اهو پهريون ليڊر هو، جنهن هن ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جا بنياد فراهم ڪيا. اسٽيل ملز کان وٺي ائٽمي طاقت تائين، ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ کي انمول تحفا ڏنا، پر هن ملڪ جي بي رحم سياستڪارن ذوالفقار علي ڀٽي جي گهرن ڏانهن سندن لالن جا لاش موڪليا. اصفهان، جنهن لاءِ اتان جا شاعر ”اصفهان- نصف جهان“ جو محاورو استعمال ڪندا آهن، ان اصفهاني پسمنظر رکندڙ بيگم نصرت ڀٽو جو ته سڄو جهان ئي اجڙي ويو.
محترما بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا اقتدار ۾ آئي ۽ ٻئي ڀيرا کيس صدارتي آمريت جو ڌڪ سهڻو پيو. اسٽبلشمينٽ هن کي ڪڏهن به مڪمل طرح حڪومت ڪرڻ نه ڏني. لڪل هٿ سدائين هن جي شخصيت توڙي سياست تي ڪارا ڇنڊا هڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر پوءِ به هو عوام جي سدابهار سورميءَ طور مقبول رهي. بينظير ڀٽو کي هر جلسي ۽ جلوس ۾ سندس پرستار ڪجهه اهڙن لفظن سان پڪاريندا هئا جنهن جومطلب اهو هوندو هو ته هوءَ هتان جي عوام جي هزارها سالن جي سڪايل خوابن جي تعبير آهي.
سنڌو درياهه وانگي شهيد راڻي بينظير ڀٽو، پاڪستان جي قومن کي ڳنڍيندڙ اهو واحد سڳو هو، جيڪو هن ملڪ جي سالميت جي اڪيلي علامت هو. سندس دردناڪ قتل هن ملڪ جي سياست ۽ وحدت ۾ اهي خال پيدا ڪيا آهن، جيڪي شايد ئي ڪڏهن ڀرجي سگهن.محترما بينظير ڀٽو جي المناڪ قتل تي نه ڄاڻ ڪيترين صدين تائين سومرن جي سوءَ وانگي سنڌوماٿريءَ جا لوڪ ماتم جا ڪارا ڪپڙا پهري سوڳ ڪندا رهندا.
ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پہ روتی ہے
بڑی مشکل سے ہوتا ہے، چمن میں دیدور پیدا

(هي رپورٽ 27 ڊسمبر 2007 تي بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکي وئي ۽ هن ئي رپورٽ ۾ کيس شهيد راڻي جو خطاب ڏنو ويو. ليکڪ)

ڀُٽي هن ملڪ کي ڇا ڇا ڏنو؟

اڄ جڏهن هن جو جنم اسي ورهين کان مٿي جو عرصو گذاري چڪو آهي تڏهن هن ملڪ جي مت کسي سياست جا ماڻهو اهو مڃڻ تي مجبور ٿيا آهن ته ذوالفقار علي ڀٽو هزارين ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ سنڌوماٿري جي مٽيءَ مان پيدا ٿيل اهو آواز آهي جيڪو اسان جي صدين جي صدا بنجي ماضيءَ جي سڏ ۽ مستقبل جي پڙاڏي وانگي ايندڙ وقتن جي ڪيترن زمانن تائين گونجندو رهندو.
82 سالن کان پوءِ، شهيد ڀٽي جي جنم ڏينهن کي ياد ڪندي، اڄ جڏهن اسين سنڌوماٿري جي سوين سالن جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ۽ وري جڏهن ڀٽي جي ايڪيهين سالن جي سياست ڏانهن ڏسون ٿا تڏهن اسان کي اندازو ٿئي ٿو ته ڀٽو هن ڏکوئيل وادي جي ماڻهن جي ڏهاڳ ڀري زندگيءَ ۾ پنهنجي خون سان، سهاڳ جو اهو سينڌ ور ڀري ويو، جنهن کان پوءِ هن ملڪ ۽ ان جي مسڪين ماڻهن ماڻهپي جو ڪو گيت ٻڌو آهي، ڪو سک جو ساهه کنيو آهي، ڪو خوشيءَ جو ترورو ڏٺو آهي ۽ منجهن اهو احساس اڀري پيو آهي ته هو جيڪي ستم گيريءَ ذريعي گداگر بنايا ويا هئا، اهي ڀٽي جي دستگيري کان پوءِ گداگر مان شاهه گر يعني بادشاهه بڻائيندڙ بنجي پيا آهن.
ڀٽي جي ايڪيهن سالن جي سياست ۽ 31 سالن جي وڇوڙي کان پوءِ اڄ جڏهن اسين ليکو ڪيون ٿا تڏهن اندازو ٿئي ٿو ته هن ملڪ جو عوام، سياست ۽ رياست ٽئي ان عظيم اڳواڻ جا احسان مند آهيون، جنهن هن ملڪ جي عوام کي سياست سيکاري، جنهن ملڪ جي سياست جا عوام دوست پيمانا مقرر ڪيا ۽ جنهن هن ملڪ جي رياست کي نوان بنياد فراهم ڪيا. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڀٽي جا مخالف به اهو مڃڻ تي مجبور آهن ته سنڌوماٿريءَ جي هن ملڪ کي جهڙي ريت قائداعظم اڪيلي سر ٺاهيو، بلڪل اهڙيءَ ريت ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد ماڻهو هو، جنهن هن ملڪ جي سياست ۽ رياست جا حقيقي بنياد رکيا.
نوجوان دانشور انعام شيخ جو خيال آهي ته سنڌ جي سياست گذريل ڏيڍ هزار سالن ۾ ٻه عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آهن جن مان هڪ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو آهي. ها ائين ضرور آهي ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ جي ان وقت جي رياست جون حدون وڌائي، سنڌ ۾ پوليس ۽ فوج کي باقاعدهه منظم ڪري، واهه کوٽائي ۽ کاٽيون کڻائي سنڌ جي زرعي معيشت کي نهايت مضبوط ڪيو پر غلام شاهه ڪلهوڙي جي سياست ۽ رياست کي سندس اولاد اڳتي وٺي وڃي نه سگهيو. جڏهن ته ذالفقار علي ڀٽي رياست، سياست توڙي معيشت جا هن ملڪ ۾ اهي بنياد وڌا، جنهن جي هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ اهميت وڌندڙ ۽ افاديت اجاگر ٿيندڙ آهي.
ملڪي سياست تي شهيد ڀٽي جو سڀ کان وڏو احسان 73ع وارو آئين آهي. ڀانت ڀانت جي سياسي کوپڙين کي 73ع جي آئين جي چوڌاري گڏ ڪرڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي ڪاميابي هئي. سياست جي ميدان جا اهي ٽٽون گهوڙا جيڪي هن جي تازيءَ واري تيز رفتار کان سدائين ڊڄندا ۽ ٽهندا هئا، اهي ڀٽي جا اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾ به مخالف هئا ۽ پوءِ به دشمن ئي رهيا پر هو 73ع جي آئين ٺاهڻ واري ڀٽي جي آڇ کي پٺي نه ڏئي سگهيا ۽ چاهيندي نه چاهيندي به ان آئين تي صحيحون ڪرڻ تي مجبور ٿيا. پاڪستاني سياست جو اهو عجيب اتفاق ۽ انداز آهي ته پيپلزپارٽيءَ جا مخالف ۽ ڀٽي جا دشمن اڄ به 73ع جي دستور جي ڳالهه ڪندي نه ٿا ٿڪجن ۽ ان ئي آئين کي پارلياماني سياست جي رَٿ جي سڀ کان وڏي واڳ ٿا سمجهن.
بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ، پاڪستاني علائقن تي هندستان جي قابض ٿيڻ ۽ بنگلاديش ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ فوجين جي جنگي قيدي بڻجڻ کان پوءِ پاڪستان جي رياست توڙي حڪومت، ڪمتري جي احساس ۾ ڪريل هئي. ويتر راجستان جي پوکراڻ واري علائقي ۾ 1974ع ۾ هندستان جڏهن ائٽمي ڌماڪو ڪري، جوهري توانائي واري ملڪ بنجڻ جو اعلان ڪيو ته ڪمتري جو اهو احساس ڪمزوري ۾ بدلجڻ لڳو. ملڪ کي احساسن جي انهن سمورين ڪمترين ۽ ڪمزورين مان ڪڍڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جو بنياد وڌو ۽ سنڌوماٿريءَ جي لوڪن کي گنگا جي ماڻهن سان گڏائي بيهاريو. هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ اڄ جيڪو جوهري طاقت وارو توازن آهي، اهي ڀٽي جي ائٽمي پروگرام جي صدقي سبب ئي ممڪن ٿيو آهي.
پاڪستان ٺهڻ بعد قائداعظم جي بيماري ۽ هڪ سال بعد وفات جي نتيجي ۾، پاڪستان جي سياست ۽ رياست تي نوڪر شاهي جو قبضو ٿي ويو، جنهن سبب رياست ۽ جمهوريت جا ادارا پنهنجا پير پختا نه ڪري سگهيا. مسلم ليگي سياستدانن، نوڪر شاهيءَ جي پولٽري فارم مان نڪتل نون سياستدانن جا رستا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوڪر شاهيءَ مارشل لا نافذ ڪئي. نوان سياستدان متعارف ڪرايا، نيون پارٽيون ٺاهيون، نوان آئين ٺاهيا يا ائين کڻي چئجي ته ملڪ غلام محمد، اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان هن ملڪ جي سياست ۾ نيون بدعتون متعارف ڪرايون جنهن جي ڪري ملڪي سياست ۽ رياست جي شڪل ئي بگڙي وئي. آمرن جي ان اڻ مندائتي سياست دوران ملڪ ۾ ڪيتريون ئي آڙهاڙي پارٽيون پيدا ٿي پيون ۽ مسلم ليگ ويچاري کي ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ جي مثال وانگي ڀاڱا ڀاڱا ڪيو ويو.
پنجاهه وارو سڄو ۽ سٺ وارو اڌ ڏهاڪو، پاڪستان اندروني سياسي ويڙهه جو آماجگاهه رهيو. نتيجي طور پاڪستان اندروني توڙي بيروني محاذن تي هڪ نئين آزاد ٿيل ملڪ جي ناتي ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري سگهيو. ان وچ ۾ هندستان سياسي توڙي معاشي ميدانن ۾ نهايت مضبوط ٿيو ۽ جواهر لال نهرو، يوگو سلاويا جي مارشل ٽيٽو ۽ انڊونيشيا جي احمد سوئيڪارنو جهڙن عالمي پائي جي اڳواڻن سان گڏجي غيرجانبدار تحريرڪ جو بنياد وڌو. حاصل مطلب ته ستر جي ڏهاڪي شروع ٿيڻ تائين، 23 سالن جي مختصر عرصي ۾ هندستان عالمي سياست جي افق تي نهايت نمايان طور اُڀري چڪو هو ۽ پاڪستان مارشلائن، جنگين ۽ بنگلاديش جي علحدگي سبب عالمي ڪردار ته ٺهيو پر داخلي، انتشار جو زبردست شڪار رهيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عالمي سياست ۾ به مائوزي تنگ جي خيال A great leap Forward وانگي هڪ وڏو ڇال ڏنو ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي. پاڪستان کي عالمي اتحادن جي اڳين صف ۾ آڻي بيهاريو. هڪ اهڙو ملڪ جنهن وٽ نه آئين هو نه پارليامينٽ هئي، ۽ نه ئي ان وقت رياست ۽ معيشت جا ڪي مضبوط ادارا هئا ۽ نه ئي وٽس دفاع جا ڪي هٿيار ۽ اوزار هئا ۽ اهو ملڪ جيڪو عالمي ۽ علائقائي سياست ۾ ڪنهن ڪردار ادا ڪرڻ کان ته عاجز هو پر پنهنجي وجود جي جنگ ۾ ڦاٿل هو. ان ملڪ کي ڀٽي 73ع جي آئين ذريعي اندروني استحڪام ڏيڻ کان پوءِ جڏهن عالمي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ذريعي اڳتي آندو ته عالمي سياست جا جمعدار ڀٽي جا دشمن بنجي پيا ۽ هنن ڀٽي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
عالمي سياست جي افق تي ڀٽو اهو اڏند پکي هو جيڪو وقت جي سمورن پرمارن جي نشاني تي هو. اولهه وارن هن کي سرخن ڪميونسٽن جو دوست پئي سمجهيو. ڪميونسٽن هن کي مسلمانن جو اڳواڻ پئي سمجهو ۽ پاڙيسري هندستان جي برهمڻن هن کي اڇوت باغين جو ترجمان پئي سمجهيو. عالمي توڙي پاڙيسري پرمارن جي ڀٽي بابت اها راءِ ڪا غلط به نه هئي ڇاڪاڻ ته سنڌوماٿريءَ جي انهيءَ ملڪ، جنهن تي ذري گهٽ اڄوڪو پاڪستان پکڙيل آهي، ان تي سدائين اولهه، اتر ۽ اوڀر کان حملا ٿيندا رهيا آهن. جيڪي ڪڏهن مغربين ۽ فرنگين جي نالي ۾، ڪڏهن قنڌارين ۽ افغانين جي نالي ۾ ۽ ڪڏهن ڀارتين ۽ برهمڻن جي نالي ۾ هئا. پر ڇاڪاڻ ته ڀٽو تاريخ جو شاگرد هو ۽ کيس خبر هئي ته تاريخ ۾ سنڌو ماٿريءَ جو ڏيهه انهن ڏسائن کان ڏنگبو رهيو آهي، تنهن ڪري، هن پنهنجي وطن جي خوشحاليءَ جو هڪ نئون ۽ اهو رستو اختيار ڪرڻ پئي چاهيو، جيڪو برهمڻن ۽ فرنگين جي تنگ نظر ۽ رنگ توڙي ڀنگ کان آزاد هجي ۽ جنهن ۾ مذهب يا نظرئي جي نالي ۾ ڪنهن به آمريت جي جاءِ نه هجي. شهيد ڀٽي، سنڌوماٿريءَ جي هن ملڪ ۾ غالبن زندگيءَ جو اهو دستور دهرائڻ ۽ متعارف ڪرائڻ پئي چاهيو، جنهن جو خاڪو سنڌوماٿريءَ جي موهن جي دڙي واري زماني جي تاريخ پڙهڻ کان پوءِ هن جي عالي دماغ ۾ اڀريو هو. سنڌوماٿريءَ جي ان سڀيتا ۾ جنگ ۽ غربت حرام هئي. خوشحالي عام هئي، محنت، صلاحيت ۽ هڪ ٻئي جي راءِ رکڻ يعني جمهوريت قابل احترام هئي، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار جا اصول پروان چڙهيل هئا. سنڌوماٿريءَ جا اهي لوڪ ڏينهن جو اوڏن وانگي ڪمائيندا هئا ۽ سانجهيءَ جو بادشاهن وانگي سر ۽ سنگيت کي سرور ۾ اوتي ڳائيندا ۽ ملهائيندا هئا ۽ ان سڄي تهذيب ۾ ماءُ ديوتا جي حيثيت رکندي هئي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن دکياري ديس جي عوام جي دردن کي سمجهندڙ اهو اڪيلو ماڻهو هو، جيڪو سنڌوماٿريءَ سوين سالن کان پوءِ پيدا ڪيو هو. هو سدائين ان سوچ ۽ جستجو ۾ رهندو هو ته هن ڏيهه مان ڏکن کي ڪيئن نيڪالي ڏجي ۽ مرجهايل ماڻهن جي منهن تي مرڪون ڪيئن موٽائجن؟
”ڪاٺيءَ جهڙي ٺوٺ سڪل جي منهن تي ماس وري،
ته منهنجو هيانءُ ٺري.“ (مير محمد پيرزادو)
شهيد ڀٽي جڏهن هن ملڪ جون واڳون سنڀاليون هيون، تڏهن پاڪستان نالي ماتر ملڪ هو. سياست، معيشت، انتظام ۽ اقتدار جو ڪوبه سڙهه سنئون نه هو. ذوالفقار علي ڀٽي ملڪي نظام جي هر شعبي کي جنگي بنياد تي بهتر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪئي. هو ارڙهن ارڙهن ڪلاڪ محنت ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن سڄو لوڪ سمهي پوندو هو ته وري، پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ ڪتاب پڙهندو ۽ چار ڪلاڪ مَس سمهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو سڄي رات نه سمهندو هو ۽ صبح جو جڏهن غريبن جي هجوم ۾ هلي ويندو هو ته ماڻهن جا مسئلا ٻڌي موقعي تي حڪم جاري ڪندو هو يعني ماڻهن جي دردن جي دوا ڪندو هو ته عوام هن جا هٿ چمڻ شروع ڪندو هو. عوام جي اها بي پناهه محبت، ڀٽي کي اوجاڳيل اکڙين جي جاڳيل جاڳيل خوابن جي تعبير وانگي لڳندي هئي. عوام جا هجوم هن تي موکيءَ جي مڌ جهڙو اثر ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن هو ڇڇوري عوام جا ڇلڪندڙ نعرا ٻڌندو هو تڏهن هن جي عوامي نينهن جو نشو به چوٽيءَ چڙهندو هو ۽ پوءِ هو اهو ڪجهه ڳالهائيندو هو، جيڪو، هن وقت تائين هن ملڪ جو ٻيو ڪو به سياستدان نه ڳالهائي سگهيو آهي.
ڀٽي جي سياست جا اهي پڙلاءَ پاڙيسري برهمڻن ۽ پرڏيهي پرمارن کي پريشان ڪري وجهندا هئا ۽ ان سبب جي ڪري ئي، عالمي سياست جي حڪمرانن هن باغي بادشاهه کي هميشه لاءِ چپ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ شهيد ڀٽي رات ڏينهن ڪم ڪيو ۽ نه ڄاڻ ته ڇا ڇا ڪيو. هن ائٽمي پروگرام جو بنياد رکيو، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ فرانس کان ائٽمي ري ايڪٽر ورتو، سوويت روس کان اسٽيل مل ورتي، بنيادي صنعتن جي 31 ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو. بئنڪن، انشورنس ڪمپنين، گيهه ۽ سامان ڍوئيندڙ جهازن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو، غريبن جي تعليم لاءِ خانگي تعليمي ادارا سرڪاري تحويل ۾ آندا. پوليس ۽ مزدون جون پگهارون وڌايون، تعليم ۽ صحت جي پاليسين جا اعلان ٿيا، زرعي سڌارا متعارف ٿيا، رستن جا ڄار وڇايا، ميڊيڪل ڪاليجن جون سيٽون ۽ ادارا وڌايا ويا، مڊل تائين تعليم مفت ۽ لازمي قرار ڏني وئي، عدليا ۽ انتظاميا کي الڳ ڪيو ويو، قانوني سڌارا آندا ويا، تيل، گئس ۽ ٻين معدني ذخيرن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا ويا، نوان ٽي وي ۽ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪيا ويا، شاگردن لاءِ ڀاڙي جي رعايت عام ڪئي وئي، يونيورسٽين جو تعداد وڌايو ويو، تعليم لاءِ بجيٽ وڌائي وئي، ٻاهرين ملڪن ۽ خاص ڪري عرب ملڪن ڏانهن روزگار لاءِ لکين ماڻهو موڪليا ويا ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڳوٺن مان ڪڍي وڏن شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويو، پر انهن سمورين خدمتن کان وڌيڪ شهيد ڀٽي جي اها خدمت آهي ته هن سياست تان چند خاندانن جي هڪ هٽي ختم ڪري، عام ماڻهوءَ لاءِ سياست ۽ حڪومت ۾ داخل ٿيڻ جا دروازا کوليا. هن ملڪ جي سياست تي برهمڻن جو درجو رکندڙ چند گهراڻن جو جيڪو قبضو هو، اهو شهيد ڀٽي جي دور ۾ ختم ٿيو ۽ هاڻي عام آدمي لاءِ سياست شجر ممنوعا نه رهي آهي.
نه رڳو ايترو پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ اندر پارٽي جي بنياد تي سياست ڪرڻ جو رواج وڌو ۽ پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان سياست جو اهڙو انداز متعارف ڪيو جو هاڻي ڀٽو هن ملڪ جي سياست جو معيار يا بينچ مارڪ آهي. ڀٽي کان پوءِ هر ايندڙ سياستدان جيڪو هن جو پوئلڳ هجي يا مخالف، اهو هن جو نقل ڪري ٿو. هن وانگي تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هن وانگي عوام ۾ پيهي وڃڻ جي جستجو ڪري ٿو ۽ هن جهڙن سياسي داون پيچن کي کيڏڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن ملڪ ۾ اڄ جيڪا به سياست آهي اها ڀٽي جي چوڌاري ڦري ٿي ۽ ملڪ جي سياستدانن کي ٻن گروهن يعني ڀٽو دوست ۽ ڀٽو مخالف يا ”پرو ڀٽو ۽ اينٽي ڀٽو“ ۾ تقسيم ڪري ٿي. اهي مذهبي ۽ قوم پرست پارٽيون، جيڪي ڀٽي جي حڪومت ۽ سندس رت جون پياسيون بنجي ويون هيون ۽ جن ڀٽي جي حڪومت کي علائقائي ۽ عالمي پرمارن سان ڳٺ جوڙ ڪري ختم ڪرايو، اهي اڄ به ڀٽي جي قائم ڪيل سياسي معيارن تي سياست ڪن ٿيون، هو ڀٽي جي آئين، ڀٽي جي ائٽمي پروگرام، ڀٽي جي خارجا پاليسي، ڀٽي جي آمريڪا بابت پاليسيءَ کي ٽيهن سالن کان پوءِ مڃڻ ۽ ان جي پيروي ڪرڻ تي مجبور آهن.
شهيد ڀٽي نه رڳو سياست جا نوان انداز متعارف ڪرايا پر سياست جي مارڳ منجهه مرڻ جي به نئين ريت قائم ڪئي. گنگا جي ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ نهرو خاندان به ڪافي قربانيون ڏنيون آهن پر سنڌوماٿريءَ جي ڀٽن جي ڀيٽ شايد ئي دنيا جي ڪنهن خاندان سان ڪري سگهجي. پاڪستان ته 14 آگسٽ 1947ع تي ٺهيو پر ڪجهه نالي ماتر شين کانسواءِ پاڪستان جون پاليسيون، ادارا، سياست، معيشت، صنعت، زراعت، تعليم، صحت گويا زندگيءَ جي هر شعبي جي نئين تشريح ۽ ترقي ڀٽي جي دور کان پوءِ شروع ٿي. تنهن ڪري جيڪڏهن ائين چئجي ته جيئن روم جي قديم سياست جولس سيزر کان اڳ ۽ پوءِ وارن دورن ۾ ورهايل آهي يا جيئن برطانيا جي جديد سياست وڪٽوريا دور کان اڳ ۽ پوءِ وارن زمانن ۾ تقسيم ٿيل آهي. بلڪل ائين پاڪستان جي سياست توڙي معيشت ڀٽي کان اڳ ۽ ڀٽي کان پوءِ وارن دورن ۾ ورهايل آهي.
ڀٽي هن ملڪ کي مجموعي طرح ۽ سنڌين کي خاص طرح جيڪو وڏي ترقيءَ جو ڇال ڏياريو، اڄ انهيءَ جي بدولت سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ عوام ٻهراڙين مان نڪري شهرن ۽ پرڏيهن ۾ پهتو آهي، خوشحال ۽ آسودو ٿيو آهي ۽ ترقي جي نين منزلن تي رسيو آهي. نه رڳو سنڌ پر پاڪستان اڄ ترقي جي جنهن شاهراهه تي روان دوان آهي، ان جي پٺيان به شهيد ڀٽي جي اها اڻ ٿڪ فڪري، ذهني ۽ جسماني جستجو شامل آهي، جنهن هن حسين بادشاهه کي 49 سالن جي عمر ۾ ئي وقت کان اڳ ۽ عمر کان وڌيڪ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو. ڀٽو دراصل هن پوئتي پيل ملڪ ۽ ان جي مسڪين ماڻهن جي هزارين سالا محرومين ۽ مجبورين جي انهن دردن جي دوا جو نالو آهي، جنهن جو رڳو نالو وٺڻ يعني ذوالفقار علي پڪارڻ سان سندن دردن جون دريون بند ٿي، بخت جا باب کلي پوندا آهن. ڀٽي جي سياست هن ملڪ جي مسڪين ماڻهن لاءِ ائين مبارڪ نانءُ آهي، جيئن قديم رومين لاءِ جينوس ديوتا ۽ هندن لاءِ گڻيش ڀڳوان جو وجود آهي. سنڌ جي عظيم دانشور ۽ محقق ڪاڪي ڀيرو مل پنهنجي آفاقي تحرير ”قديم سنڌ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته هندن جو گڻيش ۽ رومن جي جينوس هڪ ئي ديوتا آهن. قديم رومي توڙي هندو ڪوبه ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ جينوس ۽ گڻيش جو نالو ڳنهيندا آهن، قديم رومي لوڪن پوءِ جينوس ديوتا جو نالو پهرئين مهيني يعني جنوري تي رکيو. عجيب اتفاق آهي ته ڀٽي جو جنم به 5 جنوري تي ٿيو آهي.

(5 جنوري 2010ع تي نشر ٿيل)

بينظير جو خون ڪنهن ڪنهن کي ٻوڙيندو؟

شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي وفادار ساٿي ۽ ناليواري قانوندان بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته جيڪڏهن موجودهه حڪومت محترما جا قاتل گرفتار نه ڪيا ته هيءَ حڪومت پ پ جي آخري حڪومت هوندي ۽ بي بيءَ جو خون مستقبل ۾ ڪنهن به پ پ حڪومت جي امڪان کي ٻوڙي ڇڏيندو.
اعتزاز احسن جي اها ڳالهه درست آهي ته جيڪڏهن موجودهه پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار، پنهنجي عظيم قائد جا قاتل گرفتار نه ڪيا ته پوءِ مستقبل ۾ پيپلزپارٽي ڪڏهن به ڪا حڪومت ٺاهي نه سگهندي.
پرويزن جي اها جوڙي جنهن تي محترما جي قتل جو الزام آهي، جيڪو ٻئي ڪنهن به نه پر شهيد راڻيءَ پاڻ چيو هو ته جيڪڏهن هو رات جي رهزنن جي هٿان مارجي وڃي ته سندس ان شڪ کي پڪ سمجهي، قتل جو ڪيس ان ٽولي تي داخل ڪرايو وڃي، اهو پرويزي جوڙو، اڃا به قانون جي گرفت ۾ نه آيو آهي. هڪڙو پرويز، مشرف جي روپ ۾ ملڪ کان ٻاهر ڀڳل آهي ۽ ٻيو پرويز، الاهيءَ جي نالي ۾ گرفتاريءَ کان ڀڳل آهي، ملڪ کان ٻاهر ويهي پرويز مشرف ڦڙڪيون هڻي رهيو آهي ته هو ملڪ واپس ايندو ۽ سياست اچي ڪندو. ساڳيءَ ريت پرويز الاهي پنجاب جي سياست مان ناپاس ٿيڻ کان پوءِ هاڻي وري سرائيڪين جي سياست ۾ داخل ٿي، سرائيڪي صوبي جي ڳالهه ڪري، اهي خواب ڏسي رهيو آهي ته هن ڀيري هو سادي سوچ وارن سرائيڪين جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ ايندو. پر ٻنهي پرويزن کي اڃا ان ڳالهه جو اندازو نه ٿيو آهي ته اڃا بينظير جي خون جي کستوري کلي ئي نه آهي ۽ جڏهن به ان خون جي خوشبو کلي ته اها ٻڌائيندي ته مون کي ڪنهن قتل ڪيو ۽ ڪرايو آهي. سازش جا اهي راز پڌرا ٿيڻ کان پوءِ اهي پرويز سياست ته ڇا ڪندا پر ڪٿي لڪڻ جي جاءِ به نه لڀندا ۽ بي گناهه ماريل هن شهيد شهزاديءَ جو خون سندن سياست ۽ شخصيت ٻنهي کي ٻوڙيندو.پر شهيد راڻيءَ جو خون رڳو ٻنهي پرويزن کي ئي نه ٻوڙيندو پر ان صورت ۾ پيپلزپارٽي کي به ٻوڙي سگهي ٿو جيڪڏهن اعتزاز احسن جي بقول پيپلزپارٽي جي حڪومت محترما بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ڪيا.
اعتزاز احسن جا خدشا درست آهن ۽ پ پ حڪومت جي مزي ماڻيندڙ وزيرن ۽ عهديدارن کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن جو سڀ کان وڏو نعرو شهيد راڻيءَ جي خون هوندو.
ايندڙ چونڊن کان اڳ جيڪڏهن شهيد راڻيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته ملڪ جون سڀ پارٽيون شهيد راڻيءَ جي خون جي نعري تي عوام کان ووٽ گهرنديون. ان صورت ۾ پيپلزپارٽي يقينن پاڻ کي شهيدن جي وارث پارٽي قرار ڏيندي پر پ پ کي اهو به يقين هئڻ گهرجي ته پ پ جا مخالف به اهو ئي نعرو هڻندا ته جيڪا پارٽي پنهنجي حڪومت ۾ پنهنجي قائد جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي، اها عوام يا عام ماڻهو لاءِ ڇا ڪندي؟ مخالفن جي ان سوال جو پ پ اڳواڻن ۽ اميدوارن وٽ يقينن ڪو جواب ئي نه هوندو ۽ ان صورت ۾ کين ڏکي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو.
پيپلزپارٽيءَ جي عهديدارن ۽ اميدوارن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ۽ کين اندازو هئڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ شهيد راڻيءَ جي شهادت 2007 واري اها ساڳي شام کڻي ايندي، جڏهن ماڻهن پهريون ڀيرو ٻڌو هو ته هنن جي شهزاديءَ کي شهيد ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽيءَ جي عهديدارن ۽ اڳواڻن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته بينظير جي قتل جو قصو، ڪڏهن به پراڻو نه ٿيڻو آهي ۽ ان جو درد تيستائين دائم رهڻو آهي، جيستائين گهٽ ۾ گهٽ ان جرم جا حقيقي جوابدار گرفتا نه ٿا ٿين، پر جيڪڏهن موجودهه پ پ سرڪار ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ٿئي ۽ بينظير جا قاتل انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه ٿا اچن ته ايندڙ چونڊن ۾ بينظير جو قتل پ پ قيادت مٿان قهر وانگي ڪڙڪي نازل ٿيندو ۽ شايد ئي ڪو پ پ اڳواڻ عوام جي ان ڏک جي ڏِکَ برداشت ڪري سگهندو.
اهي پ پ اڳواڻ ۽ عهديدار جيڪي اڄڪلهه تيل ڦليل ڪيو ۽ ڪنگا ڦڻيون ڏيو، وزارتون وٺيو ۽ گاڏين ۾ چڙهي گهمندا ٿا وتن ۽ حاڪميءَ جا مزا پيا وٺن ۽ ائين پيا سوچين ته ماڻهن وٽ پ پ کي ووٽ ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي، تنهن ڪري هو کين ئي ووٽ ڏيندا- اهي عوام جي سگهه، عقل ۽ اجتماعي طاقت جو درست اندازو نه پيا لڳائين. حڪومت ۾ ويٺل پ پ عهديدارن ۽ اڳواڻن کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته عوام اڳ ۾ کين بار بار ان ڪري ووٽ ڏيندو هو جو بينظير ڀٽو جهڙي ڪرشماتي شخصيت جڏهن عوام اڳيان ايندي هئي ته ماڻهو پ پ جي ميڙ ٿي اچڻ ڪري پ پ عهديدارن جون بديون به بخشي ڇڏيندا هئا. ان کان پوءِ عام ماڻهوءَ کي شهيد راڻيءَ جي شخصيت ۾ ايمان جهڙو ويساهه هوندو هو ته بينظير جڏهن به حڪومت ۾ ايندي ته سندن حقن جي حفاظت ڪندي، اصولن تي سوديبازي نه ڪندي، ووٽرن سان ويساهه گهاتي نه ڪندي، عوام سام ڪيل وچن نڀائيندي ۽ سڄي خلق کي ماءُ ۽ مرشد وانگي ساڳي دعا ۽ سخا سان نوازيندي.
پ پ عهديدارن ۽ اڳواڻن کي اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته شهيد راڻي پنهنجي شهيد قائد پيءُ توڙري ڪارڪنن جي قربانيءَ کي ڪڏهن به نه وساريو هو ۽ سندن قاتلن سان سدائين جهيڙي ۾ رهي هئي. ماڻهن کي اهو ويساهه هو ته محترما بينظير ڀٽو ڪڏهن به پنهنجي پيءُ جي منزل ۽ مشعل کي نه ڇڏيندي ۽ ان لاءِ ساهه جي آخري پساهه تائين وڙهندي. ويڙهه جو اهو ويساهه، ماڻهن ۾ به بغاوت جو اهو ڀڀڙ ڀڙڪائيندو هو ۽ پوءِ ماڻهو محترما جي ڀڙڪايل ان بغاوت جي باهه ۾ پروانن وانگي اچي مچ کي مٿو ڏيندا هئا. اهڙين ويڙهين ۽ قربانين سبب ئي پيپلزپارٽي عظيم پارٽي هئي ۽ عوام ۾ مقبول هئي.
شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو پنهنجي سڄي سياسي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن آمر ۽ جابر سان سوديبازي ڪري نه ويٺي هئي. هو سياست جي راند جي سياڻي کيڏارڻ هئي ۽ کيس پوريءَ ريت پروڙ هئي ته عوامي حمايت جي گهور ۽ موٽ ان رانديگر کي ملندي آهي، جيڪو هميشه ميدان ۾ وڙهندو رهندو آهي. محترما کي ان ڳالهه جو چڱي ريت احساس هو ته ڪڏهن به ٿڪل ۽ هارايل رانديگر کي ڪا گهور، ڪا واهه واهه ۽ ڪا سلامي نه ملندي آهي، تنهن ڪري هو سدائين مقابلن ذريعي معرڪا کٽڻ ۾ ايمان رکندي هئي. اهوئي سبب هو جو سندس مخالف سازشن جا سدائين انيڪ ڄار اڻيندا هئا پر هوءَ سدائين انهن کي ٽوڙي، وري ڪاميابين جي ڪنارن تائين رسندي هئي.
پيپلزپارٽي جي موجودهه اڳواڻن کي اعتزاز احسن جي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هاڻي انهن وٽ شهيد راڻيءَ جهڙي ديومالائي قيادت نه رهي آهي تنهن ڪري عوام کين ايندڙ وقت ۾ ووٽ ڪم ۽ ڪارڪردگي ڏسي پوءِ ڏيندو. پر پ پ اڳواڻن جو ڪم ۽ ڪارڪردگي ته پري جي ڳالهه آهي عوام هن ڀيري پهريائين کانئن شهيد راڻيءَ جي قاتلن بابت پڇا ڪندو. وقت اڃا به نه ويو آهي تنهن ڪري قيادت کي وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي شهيد قائد جي قاتلن کي پڪڙڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي. جيڪڏهن قيادت تر جيتري به غفلت ڪئي ته شهيد راڻيءَ جو خون سندن حڪومت ۽ شخصيت ته ڇا پر سندن سڄو آئيندو به ٻوڙي ڇڏيندو. پ پ اڳواڻن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته گذريل سمورين چونڊن ۾ ڀٽن شهيدن جون قبرون چونڊ مهم ۾ سندن مددگار ثابت ٿينديون هيون ۽ ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور ڪنديون هيون پر هن ڀيري جيڪڏهن انهن پ پ اڳواڻن شهيد راڻيءَ جي خون جي بها عوام کي وٺي ڏيڻ ۾ ڪا دير، ڪا سستي يا ڪا سازش ڪئي ته ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن جون اهي بٺيون سندن مٿان دانهينديون ۽ کين چونڊن کٽرائڻ بجاءِ هارائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون.
جنرل ضياءُالحق 1979ع ۾ شهيد ڀٽي کي قتل ڪيو هو پر ڀٽي جي شهادت کان چار سال پوءِ بيگم نصرت ڀٽو جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ هلائي هئي. عوام جڏهن ڏٺو ته شهيد ڀٽي جي بهادر بيواهه پنهنجي ور جو پلئه ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿي آهي ته ماڻهو سر ترين تي رکي رستن تي نڪري آيا ۽ ضياءَ جي فوجي ٽولي کي هنڌين ماڳين للڪاريو. ساڳيءَ ريت محترما بينظير ڀٽو جي هڪ ڀاءُ شاهنواز کي شهيد ڪيو ويو ۽ پوءِ ٻئي ڀاءُ مير مرتضيٰ کي ماريو ويو، سندس ٻن جمهوري طرح چونڊيل حڪومتن کي برطرف ڪيو ويو پر هن ڪڏهن به جدوجهد جو جهنڊو هيٺ نه ڪيو ۽ سدائين بغاوت جا عَلم بلندي ڪري، آمرن سان وڙهندي رهي. شهيد راڻي جي اها اڻ ورچ ۽ ارڏي جدوجهد جيالن ۾ جان وجهندي هئي ۽ هيڻن ماڻهن کي هٺيلن حاڪمن سان وڙهڻ تي آمادهه ڪندي هئي. شهيد راڻي وهندڙ پاڻيءَ جيان سدائين سفر ۾ هوندي هئي، تنهن ڪري ئي سندس سياست ۽ جدوجهد سدائين جوان ۽ تازي نظر ايندي هئي.
اهو ساڳيو فيصلو پ پ جي موجودهه اڳواڻن کي ڪرڻو آهي ته هو پنهنجي عظيم قائدن جي پيروي ڪندي جدوجهد جاري رکي ۽ شهيد راڻيءَ جي قاتل گرفتار ڪري کين انجام تي پهچائي، پاڻ کي عوام جي اڳيان سرخرو ڪن ٿا يا مصلحت ڪري ماٺ ڪري ويهي رهن ٿا ۽ پاڻ کي تاريخ جي طوفان ۾ شهيدن جي خون ۾ ٻوڙائڻ پسند ڪن ٿا.

(جون 2009ع ۾ نشر ٿيل)

شهيد ڀُٽي جي ڪيس جو رڪارڊ درست ٿيڻ گهرجي

خبر ناهي ته پ پ قيادت کي اهو خيال ڪيئن آيو ۽ ڇو آيو؟ پر سببن جي اونهائيءَ ۾ وڃڻ کانپوءِ به اهو سوال تاريخ ۽ رڪارڊ جي درستگي لاءِ ضروري آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس تي ٻيهر غور ڪيو وڃي ۽ انصاف پسندي جي هن دور ۾ مهراڻ جي واديءَ جي هن شهيد بادشاهه کي شهادت کان 32 سال پوءِ ئي سهي پر انصاف ڏنو وڃي ۽ ملڪ جي موجودهه آزاد ۽ اعليٰ ترين عدالت جي رڪارڊ روم ۾ پيل عدالتن جي غلاميءَ واري زماني جي هڪ فائيل ۽ قانون جي رواجي ڪتابن ۾ ڇپيل قصوري ڪيس ۾ ڄاڻايل قصور وار شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نالي اڳيان مجرم ذوالفقار علي ڀٽي بجاءِ معصوم ذوالفقار علي ڀٽو لکيو وڃي. جيتوڻيڪ روايت کان هٽيل فيصلن جي سمورن مرڪزن، ڪچهرين، جلسن، جلوسن، محفلن توڙي مباحثن ۾ گذريل 32 سالن دوران ڀٽي جي ڦاسيءَ واري ڪيس بابت دليلن جا جيترا به دور هليا آهن، انهن ۾ ڀٽي جي مخالفن به هن کي معصوم يعني بي ڏوهي قرار ڏنو آهي پر پوءِ به عدالتي تاريخ جي رڪارڊ جي درستگي لاءِ ضروري آهي ته وقت جي آمر جي مرضيءَ سان ڪرايل هن عدالتي فيصلي تي غور ڪري ان کي درست ڪيو وڃي.
حالانڪ اها وري هڪ ٻي حقيقت آهي ته عدالتي حلقن ۾ به ڀٽي ڪيس کي آمر جي قلم سان لکرايل عدالتي فيصلو سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به عدالتي وهنوار ۾ شهيد ڀٽي جي سزا واري ڪيس کي حوالي طور نه ٿو ڄاڻايو وڃي. ان لحاط کان ڀٽو ڪيس ڄڻ ته عدالتي رڪارڊ مان اڻ اعلانيا طور خارج ۽ غائب ڪيو ويو آهي. پر جيئن عظيم سائنسدان گليلو کي عيسائي پاپائيت طرفان ڏنل موت جي سزا کي سال 1992ع ۾ 360 سالن کان پوءِ غلط قرار ڏئي، پادرين کي غلط ۽ گليلو جي دعوا کي حقيقت قرار ڏنو ويو يا جيئن ترڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عدنان مندريس جي ڦاسي کان 29 سال پوءِ 1960ع ۾ کيس بيڏوهي قرار ڏئي، سندس پونئيرن ۽ پوئلڳن کان معافي ورتي وئي يا جيئن بنگلاديش ۾ بنگالين جي ابي شيخ مجيب جي قتل کي قومي ڏوهه قرار ڏئي، سندس قاتلن کي سزا ڏني وئي، بلڪل اهڙيءَ ريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي اڄ کان 32 سال اڳي عدالتي قتل تي ٻيهر غور ڪرڻ ۽ رڪارڊ ۾ ان کي مجرم بجاءِ معصوم لکڻ ۽ قرار ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان جي 64 سالن جي عمر ۾ ڀٽي جو موت پوري اڌ يعني 32 سالن تي بيٺل آهي ۽ وقت جي واٽ جي وچ تي بيهي تاريخ، عوام ۽ اعليٰ عدالتن کان انصاف طلب ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو ته مون هن ملڪ لاءِ ڇا ڇا ڪيو ۽ وقت جي آمر، هن سان، هن جي خاندان سان، هن جي پارٽيءَ سان ۽ سڀ کان وڌيڪ سڄي ملڪ ۽ سموري عوام سان ڇا ڇا ڪيو؟!
هاڻي ان ڳالهه تي ڪي به ٻه رايا نه آهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سنڌو ماٿريءَ جي هن ملڪ کي هڪ جديد، روشن خيال، ترقي ڪندڙ ۽ مذهبي آزاديءَ وارو جمهوري ملڪ بنائڻ پئي چاهيو. بلڪل اهڙو ملڪ، جنهن جا نقش ۽ تصور قائداعظم محمد علي جناح جي ان مشهور تقرير ۾ جهلڪن ٿا، جنهن ۾ هن چيو هو ته ”اڄ کان پوءِ هن ملڪ ۾ سڀني کي مذهبي آزادي هوندي ۽ اڄ کان پوءِ رياست جو مذهب سان ڪو تعلق نه هوندو.“ مذهب، رياست ۽ سياست بابت شهيد ڀٽي جا اهي خيال ان وقت جي ڪيترن ئي جنونين کي پسند نه هئا. هارين کي خوشحال بنائڻ ۽ ترقيءَ جي فائدن کي عام ماڻهو تائين لاهڻ جا خواب، ان وقت جي ڪيترن سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي ننڊ ۾ ڇرڪن جو سبب بڻجندا هئا. پاڪستان کي هڪ مضبوط، ايٽمي ۽ علائقائي طاقت بنائڻ جون ڪوششون ڪيترن پاڙيسري ملڪن ۽ پرڏيهي پرمارن کي پسند نه هيون ۽ نتيجي طور سڀني گڏجي هڪ اهڙي ماڻهو کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو هن ڏکايل واديءَ جي درد ورتل عوام جي مشڪلن جي ڪشائي جو نسخو کڻي آيو هو ۽ پوءِ ڏکن جي ڊگهي وٽ ۾ ويڙهيل ۽ جنم جنم کان جلندڙ عوام سان پتنگ جيان عشق ڪندڙ شهيد ڀٽي کي هٽائڻ ۽ مارائڻ لاءِ ”ڪي تخت گهڙن، ڪي نوڙ وٽن، مجرم کي سزائي عشق ڏيو.“ جي چواڻي سڀني پنهنجي پنهنجي حصي جو سازشي ڪردار ادا ڪيو ۽ آخرڪار 4 اپريل 1979ع تي ڄامڙن ۽ ٻچاپڙن، سياستدانن، اخباري مالڪن ۽ ڪجهه جنرلن پرڏيهي پٺڀرائي سان شهيد ڀٽي کي ڦاسيءَ تي چاڙهائي ڇڏيو. اڄ جڏهن ڀٽي جي شهادت کي 32 سال مڪمل ٿيا آهن ۽ هن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ پيدا ٿيل نسل به شعور جي سمڪ سنڀالڻ لڳو آهي تڏهن ڀٽي جي مخالفن به اهو مڃڻ شروع ڪيو آهي ته واقعي ڀٽي جي سخنن جهڙا خيال ئي هن ملڪ جي دردن جي دوا ۽ دائمي اڪسير آهن.
راولپنڊيءَ جي اونداهي جيل ڪوٺڙي ۾ دورانديشيءَ جي سوجهري سان لکيل پنهنجي آخري تحرير، ”جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو“ ۾ شهيد ڀٽي افغانستان جي آئيندي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امڪاني طور اڀرندڙ جنونيت پسنديءَ بابت جيڪي ويچار 32 سال اڳ لکيا هئا. اڄ اهي هوبهو ان اسڪرپٽ وانگي لڳن ٿا، جنهن تي تيار ڪيل واقعاتي فلم اڄ ملڪ جي اترين ۽ اولهائين علائقن ۾ هلي رهي آهي. اڄ اندروني طرح جڏهن ملڪ غربت جي گهيري ۾ آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۾ معاشي ۽ سماجي اڻ برابري وڌي رهي آهي. مذهبي جنون جو جن وڏي شدت سان ڪنڌ هڻي، سماج کي ڪنبائي رهيو آهي ۽ اڄ جڏهن اسين بيروني طرح ويجهين توڙي وکاندرن طاقتن جي ڌمڪين ۽ دهمانن ۾ ورتل آهيون، تڏهن 32 سال اڳ، قتل جي هڪ ڪيس ۾ ماريل ۽ مجرم قرار ڏنل موهن جي دڙي جو هي منش مسيحا جو مجسمو نظر اچي ٿو ۽ سچ پچ ۾ محسوس ٿئي ٿو ته اڄ اسين جيڪو ڪجهه ڀوڳي رهيا آهيون، اها ڄڻ محسن ڪشيءَ جي سزا ڪاٽي رهيا آهيون.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست ۽ ان جي عوام تي آيل اثرن، شهيد ذوالفقار ڀٽي جي ڪارنامن سبب ملڪ ۾ آيل تبديلين تي الڳ تحقيق جي ضرورت آهي. پر هن جي 32هين ورسيءَ جي موقعي تي جڏهن اسين هن جي وسايل عضون جو تصور ڪريون ٿا ته هن جون ٻوٽيل اکيون، اسان کي ڇرڪ ڀرائي جاڳائن ٿيون ۽ اسان کان اهوئي سوال ڪن ٿيون ته مون کي ڪنهن ڪنهن ماريو ۽ ڇو ماريو؟ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حقيقي پوئلڳي، رڳو ان جي نالي تي عمارتن جا نالا لکرائڻ، ٽورنامنٽون ڪرائڻ ۽ اڄڪلهه جي رواج وانگي اشتهار ڇپرائڻ ۽ ثواب واريون محفلون ڪرائڻ ناهي. پر ڀٽي کي حقيقي طرح خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو طريقو آهي ته ان جي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهيو وڃي. ان جي محبوب ڪردارن ۽ مسڪينن توڙي نادارن سان محبت ڪئي وڃي ۽ ڀٽي جي محبوبن يعني هن ملڪ جي غريب ماڻهن جي قسمت بدلائڻ لاءِ سچي معنيٰ ۾ ولوڙ ۽ جاکوڙ ڪئي وڃي.
اڄ 32 هين ورسيءَ جي موقعي تي پيپلزپارٽي جي قيادت جڏهن شهيد ڀٽي جو ڪيس اٿلائڻ لاءِ ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ڀٽي ڪيس جون حقيقتون پڌريون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن ان ڳالهه جي پڻ ضرورت آهي ته رڳو ان ڊرامائي حقيقت جا نظر ايندڙ ڪردار ئي وائکا نه ڪيا وڃن پر انهن سمورن ڪردارن ۽ مددگارن کي به وائکو ڪيو وڃي جيڪي ڀٽي جي حڪومت خلاف ڊالر تحريڪ هلائڻ جا مهندار هئا. اهي پارٽيون ۽ ڪردار به نروار ٿيڻ گهرجن، جن ضياءُالحق کي اها صلاح ڏني هئي ته ڀٽي کي بار بار ڦاسي ڏيڻ گهرجي. نئين نسل جي سامهون اهي مهانڊا به وائکا ٿيڻ گهرجن، جن جنرل ضياءَ کي ائين چيو ته ڀٽي جي موت جي اپيل رد ڪري کيس ڦاسيءَ جو حقدار قرار ڏيڻ واري فيصلي لکڻ لاءِ استعمال ٿيل پين کين تحفي ۾ ڏني وڃي.
يوناني فاتح سڪندراعظم هٿان سنڌ جي ماڇڪي واري علائقي جي بادشاهه جي ڦاسي، ايراني نمروز جي بادشاهه هٿان راءِ سهيرس جي قتل کان پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت سنڌوماٿريءَ جي هن ملڪ جو ٽيون وڏو قتل آهي. شهيد ڀٽي جي شخصيت کي اها به فضيلت آهي ته هو هن ملڪ جي ماڻهن جو چونڊيل نمائندو هو ۽ هو راءِ سهيرس وانگي ڌارين هٿان نه پر ديس جي دروهين ۽ آئين کي ٽوڙيندڙ هٿان قتل ڪيو ويو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل ڪيس جون حقيقتون اڳيان آڻڻ وقت انهن هٿن کي به وائکو ڪرڻ جي گهرج آهي، جيڪي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان بظاهر گڏ هئا پر اهي اندروني طرح آئين ٽوڙيندڙ آمرن جا ساٿاري بنجي چڪا هئا ۽ ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ وقت اهي ماٺ جا مُڱ چٻاڙي اشارن سان عوام کي صبر جون تلقينون ڪري رهيا هئا.
ڀٽو جيڪو هن ملڪ جي محروم ماڻهن جي صدين جي صدا ۽ درد جي دوا هو، ڀٽو جيڪو هن ملڪ جي نئين سياسي رواج جو رهبر هو، ڀٽو جيڪو
ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری پے روتی ہے
بڑی مشکل سے ہوتا ہے، چمن میں دیدور پیدا
جهڙين سٽن جي سچي پچي صورت هو، ان ڀٽي کي ڪهڙين حالتن، ڪهڙين طاقتن، ڪهڙن ادارن ۽ ڪهڙن ڪردارن، مات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهي سڀ رڪارڊ تي اچڻ گهرجن.
ڳڙهي خد ابخش جي شهيدن جي آستان ۾ شهيدن جي چوياري قائم ڪيو ويٺل اهو مٿير اڄ به ڄڻ قبر مان ڳالهائي ٿو ۽ پڇي ٿو ته:
منهنجي قتل جي جاچ ڪير ڪندو؟
مون سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟

(4 اپريل 2011 تي نشر ٿيل)

18 آڪٽوبر- پاڪستان جو يوم جمهوريا

سٺ سالن جي تجرباتي عمر گذارڻ کان پوءِ، پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم جي ڌيءَ، محترما بينظير ڀٽو جڏهن هن ملڪ ۾ جمهوريت جا حقيقي بنياد رکڻ پئي گهريا تڏهن آمريت هن جا رستا روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. پر جڏهن هوءَ آمريت جي لعنت جا سڀئي لڪ لنگهي پار اچي پهتي تڏهن کيس ڪراچيءَ جي ڪارساز واري علائقي ۾ هڪ بم ذريعي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ڪارساز واري ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ هن جي سوين ساٿين جي مارجڻ ۽ هن جي ذري تان بچي وڃڻ کان اڳ آمريتي شهنشاهه جي شڪرن ائين چوڻ شروع ڪيو هو ته 18 آڪٽوبر جي تاريخ ختم ٿيڻ کان اڳ بينظير ڀٽو جو سياسي سفر ختم ٿي ويندو پر دنيا ڏٺو ته 18 آڪٽوبر کان پوءِ هن پنهنجو سفر وڌيڪ تيز ڪيو. 18 آڪٽوبر واري ڪارساز جي رات جي رهزنن جي حملي هن جي جرئت جي جوالا مکيءَ کي ايڏو ته ڀڙڪايو جو 18 آڪٽوبر کان 27 ڊسمبر تائين، ستر ڏينهن جي سفر ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هو وڄ ۽ مينهن جيان گجندي ۽ وسندي رهي. هونئن ته هن جي جستجو جو هر هڪ باب، ڪنهن مقدس ڪتاب جيان ماٿي ٽيڪڻ ۽ اکين تي رکڻ جهڙو آهي. پر 18 آڪٽوبر کان شروع ٿي 27 ڊسمبر تي شهيد ٿيل جدوجهد جا اڍائي مهينا بينظير ڀٽو جي زندگيءَ ۾ نهايت منفرد مقام رکن ٿا.
ڪارساز جي ناڪام حملي کان لياقت باغ جي ڪامياب سازش تائين، ستر ڏينهن واري سياسي سفر ۾ شهيد راڻي ڄڻ هن ملڪ جي سياست جا نوان بنياد رکيا. موتمار حملن جي باوجود هو زخمي ڪارڪنن وٽ وئي. قاتلاڻن خدشن باوجود شهيد ڪارڪنن جي فاتحا ڪئي. هن مرين ۽ مينگل جهڙن رٺل بلوچن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نواز شريف جهڙن سياسي مخالفن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن ملڪ جي لاءِ جمهوريت جي هڪ ميثاق تي صحيح ڪئي ۽ جمهوريت جو اهو وچن پاڙڻ لاءِ، پتوڙيندي پتوڙيندي مارجي وئي ۽ پوءِ پاڻ هڪ وچن بنجي وئي. اها جدوجهد جيڪا هن 18 آڪٽوبر جي واقعي کان پوءِ شروع ڪئي، اها نئين، نرالي، همه گير ۽ ناقابل تخسير جدوجهد هئي. تنهن ڪري ان جدوجهد جي شروعات واري ڏينهن کي جيڪڏهن جمهوريت جي ڏينهن عرف ”يوم جمهوريا“ طور ياد ڪجي ته به شايد غلط نه ٿيندو.
هونئن ته هن ملڪ جي کوٽي قسمت ۾ مارشل لا جا وٽ سدائين ڳورا رهيا آهن پر پرويز مشرف پاڪستان جي آمرن جي تاريخ جو هڪ عجيب غريب ۽ ڍيٽ قسم جو آمر هو، جنهن جهڙي اک ۽ نڪ جي پڪائي اڳ ۾ ڪنهن به آمر ۾ نه ڏٺي وئي آهي. سندس وصفن جي وضاحت ڪندي پير پاڳاري (شاهه مردان شاهه) هڪ ڀيري کيس ”دهليءَ جو ٺڳ“ قرار ڏنو هو. نواز شريف جي چونڊيل حڪومت ختم ڪرڻ ۽ اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ جنرل پرويز مشرف هن ملڪ ۽ ان جي اقتدار کي مالِ غنيمت سمجهي لٽڻ ۽ ورهائڻ لڳو هو. ظفرالله جمالي، چوڌري شجاعت، شير افگن نيازي، علي محمد مهر ۽ ارباب غلام رحيم جهڙا سياستدان، جن مان اڪثريت ڳالهائڻ جي سياسي رنگ ڍنگ کان به واقف نه هئي، اهي ڪرسين تي رکيا ويا ۽ پوءِ انهن سياستدانن پتلين جي ٻولين وانگي اهو چوڻ شروع ڪيو ته هاڻي نواز شريف ۽ بينظير ڪڏهن به ملڪ واپس نه ايندا.
وفاقي ڪابينا ۾ نيب جي جوابدارن جي اڪثريت کي شامل ڪرڻ کان پوءِ پرويز مشرف نيب زدهه وزيرن کي وري مڪاني ادارن جو نئون نظام تحفي ۾ ڏنو ۽ انهن نون وزيرن کي ضلعي حڪومتون حوالي ڪيون ويون. نتيجو اهو نڪتو جو اهي ماڻهو جيڪي صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ به وڏي زور سان کٽندا هئا، اهي ضلعن جا مالڪ بنجي ويا ۽ اهي سياستدان جيڪي سڄي ملڪ ۾ چونڊون کٽندا هئا، انهن کي ملڪ کان ٻاهر رکيو ويو. آمر هن ملڪ ۾ ٻيا به هئا ۽ انهن به پنهنجي مخالفن کي چونڊن کان پري رکيو پر پرويزمشرف اهو واحد ڊڪٽيٽر هو جنهن پنهنجي ملڪ جي مقبول اڳواڻن کي سياست سان گڏوگڏ ملڪ کان به ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو هن ملڪ مان آمريت جون پاڙون سدائين پٽڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاهي، ۽ ان جي پهرين ڪڙي طور ملڪ جي مکيه سياسي پارٽين کي گڏائي جمهوريت جي ميثاق يا ”چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ“ تي متفق ڪيو. ان کان پوءِ محترما بينظير ڀٽو پاڪستان اچڻ جي تياري ڪئي. محترما جي پاڪستان اچڻ مان پرويز مشرف ۽ ان جي رنگ به رنگي رفيقن مان ڪوبه خوش نه هو. دستارون مٿي تي رکندڙ مولوين کي پنهنجي اقتدار وڃڻ جو خدشو هو ۽ پاجامو پهريندڙ ڀائين کي پنهنجو حصو گهٽ ٿيڻ جو خطرو هو. پيپلزپارٽيءَ مان پيٽرياٽ ٺاهيندڙن کي پنهنجي شڪست جو اونو هو ۽ ارباب، مهر توڙي جماليءَ جهڙن کي وري پنهنجي ٻڏي وڃڻ جو انديشو هو. نتيجي طور سڀئي ڪورس جي انداز ۾ چوڻ لڳا ته ”محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي پاڪستان اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.“ پرويز مشرف قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ پنهنجي هٿ جي پاليلن کي ڀرتي ڪرايو ۽ پوءِ وري ضلعا به سندن خاندانن حوالي ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي هڪ سؤ ڏهن ضلعن ۾ نوان سياسي خاندان پيدا ڪيا ويا. ضلعي حڪومتن ذريعي نون خاندانن جي پولٽري فارمنگ ڪرڻ کان پوءِ پرويز مشرف ميڊيا ۽ عدالتن ۾ به هٿ وجهڻ شروع ڪيا. ملڪ، ميڊيا ۽ اعليٰ عدالتن جو اهڙو حشر ڏسڻ کان پوءِ محترما بينظير ڀٽو پاڪستان ورڻ جو اعلان ڪيو. پر سندن اعلان کان اڳ ۾ کيس اهڙا پيغام ۽ رپورٽون پهچايون ويون ته جيڪڏهن هوءَ هن ملڪ ۾ آئي ته پهرئين ڏينهن حملي جو شڪار ٿيندي.
جيتوڻيڪ محترما بينظير ڀٽو تي ڪنهن به مخالف کي مارائڻ جو الزام نه هو، نه وري مٿس ڪنهن مخالف جو ڪو مائٽ اغوا ڪرڻ جو ڪيس هو. هن جي قافلي مان ڪڏهن به غير قانوني هٿيار نه نڪتا هئا ۽ نه ئي وري هن جي باڊي گارڊن ۾ گنجا، شيرا، ڪاڻا ۽ لنگڙا شامل هئا. هن ڪڏهن به ڪنهن جي جلسي ۾ بم نه ڦاڙايو هو ۽ نه ڪنهن پارٽيءَ جي قائد تي ڪو قاتلاڻو حملو ڪرايو هو پر پوءِ به هن کي ملڪي سياست مان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي.
2002ع جي چونڊن کان پوءِ جڏهن سرحد صوبو عملي طرح طالبان جي حوالي ڪيو ويو ۽ بلوچستان ۾ جڏهن بلوچن کي ڇڙوڇڙ ۽ ويران ڪيو ويو. ڊي ايس پين کي نِوڙي هٿ ڏيڻ وارا چوڌري جڏهن پنجاب ۾ ڊئريڪٽ ڊي ايس پي ڀرتي ڪرڻ لڳا ۽ جڏهن ڏيپلي کان ٻاهر نه ڏسندڙ ارباب لٺ جي زور تي لاڙڪاڻي مان به پنهنجا ماڻهو چونڊرائڻ لڳو، تڏهن محترما بينظير ڀٽو “بس هاڻي گهڻو ٿي ويو. انف از انف ” چئي. سر جو سانگو لاهي، وطن اچڻ لاءِ تيار ٿي. پر پيپلزپارٽي محترما کي سلامتي جي خطري سبب ملڪ اچڻ کان روڪيندي رهي. 2005ع جي بلدياتي چونڊن کان اڳ جڏهن حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر جي ضلعن ۽ تعلقن کي ٽوڙي هڪ ڌر کي فائدو پهچايو ويو ۽ ٻئي پاسي وري ڪراچيءَ جا پنج ضلعا گڏائي ان ئي ڌر کي فائدو ڏنو ويو ته محترما جي صبر جو پيالو پُر ٿي ويو ۽ هوءَ سڀني خطرن باوجود ملڪ اچڻ لاءِ تيار ٿي وئي ۽ آخرڪار 18 آڪٽوبر 2007 جو ڏينهن هن جي آمد جي آجيان لاءِ مقرر ڪيو ويو.
وطن اچڻ کان اڳ هن کي زندگيءَ جي کسجڻ جا ايترا ته خطرا ٻڌايا ويا جو هوءَ فيصلي جي ٻه واٽي تي اچي بيٺي. هن سوچيو پئي ته جيڪڏهن وطن نه ويندي ته هوءَ عوام کان وڇڙي ويندي ۽ جيڪڏهن عوام ڏانهن ويندي ته کانئس زندگي وڇڙي ويندي. آخرڪار شهيد راڻي پنهنجي حياتي مٿان عوام کي ترجيح ڏني ۽ ساهه جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ساڻيهه ڏانهن نڪري پئي. پنهنجي وطن جي سرزمين تي پير رکڻ کان اڳ جهاز جي سيڙهيءَتي هن ڪارساز وٽ منتظر موت جو منظر ڏسي ورتو هو. جنهن هن جي اکين ۾ ڏک جي اوت به آندي هئي. پر پوءِ پنهنجي مارن جون مرڪون ڏسي، هوءَ روئندي به مرڪي پئي ۽ اهڙيءَ طرح هن جي ارڙهين آڪٽوبر جو سفر شروع ٿيو.
18 آڪٽوبر جو ڏينهن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ نئين سفر جو ڏينهن يا يوم جمهوريا آهي. هن سفر جي شروع ٿيڻ کان اڳ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير (ارباب غلام رحيم) اهو بيان ڏنو هو ته محترما جي استقبال جو کيل رات جو ٻارهين وڳي کان اڳ ختم ٿي ويندو. رات جو ٻارهين کان اڳ شاهراهه فيصل جون بتيون بند ڪيون ويون. ان کان پوءِ پهريون ڌماڪو، جنهن بعد ٻيو وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ شهيد راڻيءَ جي آجيان ۾ هلندڙ 175 پروانا مارجي ويا ۽ محترما ٿوري فرق سان بچي ويئي. ان وقت جي وڏي وزير کي اهو پتو ڪيئن پيو ته شهيد راڻيءَ جو استقبالي جلوس رات جو 12 وڳي کان اڳ ختم ٿيندو؟ پنهنجي عظيم قائد جي استقبال ۾ جڏهن لکين ٻهڪندڙ چهرا چمڪي رهيا هئا تڏهن شاهراهه فيصل جي بتين کي ڪنهن وسايو؟ اتي موجود ڪجهه اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته آخري وڏو ڌماڪو پوليس جي گاڏي ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ محترما جي گاڏيءَ سان گڏ هلندڙ پوليس جي گاڏيءَ ۾ سوار سڀ پوليس وارا سڙي ڪوئلو ٿي ويا. محترما کي مارڻ واري ان پلان جو ڪراچيءَ ۾ ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ سيڪورٽي پلان ڇا هو؟ انهن سمورن واقعن جي جاچ ٿيڻي آهي. جيڪڏهن شهيد راڻي زندهه هجي ها ۽ اقتدار ۾ هجي ها ته ڪارساز سازش جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي وڃن ٿا، پر جمهوريت جي مڪمل بحاليءَ جو اڃا به انتظار آهي.

(18 آڪٽوبر 2008 تي نشر ٿيل)

ڇا پ پ به پنهنجي قائد وانگي 51 سالن جي عمر ۾ ماري ويندي؟

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ ٿيل دبئي واري اجلاس ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي مقبوليت گهٽي آهي. دبئيءَ ۾ ٿيل ان اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه، فريال ٽالپر، قمرالزمان ڪائرا، سهيل انور سيال، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي جنهن ۾ اهو اعتراف ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ هاڻي اها ڪا عجب جي ڳالهه نه رهي آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ حڪومت کي توڙي پيپلز پارٽي کي دبئيءَ مان ويهي هلائي رهي آهي، ۽ سراسري طرح هفتي ۾ هڪ ڏينهن اهڙو ضرور هجي ٿو جڏهن سنڌ جا هڪ يا ٻه وزير ضرور دبئي وڃن ٿا ۽ اتان تازيون هدايتون وٺي واپس اچن ٿا. سنڌ جي وزيرن ۽ وڏي وزير جي انهن دبئي ياترائن جو خرچ ڪيترو آهي ۽ اهو خرچ ڪٿان اچي ٿو؟ ان جي به پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن ۽ اڳواڻن کي وضاحت ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي عوام جي عام راءِ اها آهي ته اهو خرچ به سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي قومي خزاني مان وڃي ٿو. تنهنڪري ان سوال جي چٽائي ضرور آهي. جيڪڏهن اهو خرچ سنڌ جي صوبائي بجيٽ مان وڃي ٿو ته اهو نه وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌ جي عوام جو ڪو به ڏوهه نه آهي جنهن ۾ پ پ قيادت ٻاهرين ملڪن ۾ ويهي حڪومتون ۽ پارٽيون هلائي رهي آهي. ڪجهه پ پ اڳواڻ اهو چوندا رهن ٿا ته سندن قيادت کي صوبي ۾ سيڪيورٽي جو خطرو آهي ان لاءِ هي جواب عرض آهي ته اها سنڌ حڪومت جيڪا اگر پنهنجي قيادت کي ئي سڪيورٽي فراهم نه ڪري سگهي ته ان حڪومت کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟
خبر نه آهي ته پ پ قيادت توڙي وزيرن کي اها ڳالهه ڪيئن سمجهه ۾ آئي آهي ته سنڌ ۾ خاص طرح ۽ ملڪ ۾ عام طرح سندن مقبوليت ۾ گهٽتائي آئي آهي. پر مقبوليت جي گهٽتائي کان وڌيڪ اهم سوال هي آهي ته پ پ اڳواڻن جي اندازي مطابق سندن مقبوليت ڪيتري گهٽ ٿي آهي؟ اها ڳالهه سنڌ جي عام پ پ جي ووٽر کان وٺي قومپرست اڳواڻن تائين ۽ ويندي عمران خان جهڙن مقبول ٿيندڙ اڳواڻن تائين، سڀڪو چئي رهيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي زرداري صاحب جي قيادت سنڀالڻ کانپوءِ جيڪو نقصان پيو آهي اهو نقصان هن پارٽيءَکي ضياءَ الحق جي دور ۾ به نه پيو هو. اهڙي صورتحال ۾ پ پ اڳواڻن وٽ خبر نه آهي ته پ پ کي پيل نقصان ۽ مقبوليت جي گهٽتائيءَ واري گراف جو نقشو ڇا آهي؟ ڪجهه پ پ اڳواڻ ان راءِ جا آهن ته جيڪڏهن سنڌ ۾ آزاد چونڊون ٿين ته پيپلز پارٽي 20 کان 25 سيڪڙو سيٽون هارائيندي. ٻين جو خيال آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ چونڊن ۾ امڪاني طرح 30 کان 40 سيڪڙو نقصان ٿيندو. ٽين جو خيال آهي ته پيپلز پارٽي کي ايندڙ اليڪشن ۾ اڌ تي اڌ يعني 50 سيڪڙو نقصان ٿيندو. جڏهن ته پ پ جي مخالفن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ غير جانبدار چونڊون ٿيون ته پيپلز پارٽي موجوده سيٽن جي ڀيٽ ۾ 25 کان 30 سيڪڙو سيٽون مس کٽي سگهندي.
پر آزاد ذريعن ۽ مبصرن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي تڏا ويڙهه 2013ع واري اليڪشن کان اڳ ۾ ٿي چڪي هئي. پر 2013ع وارين فڪس ميچ وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ کٽرايو ويو. هاڻي جڏهن گلگت بلتستان ۾ چونڊون ٿيون ته اتي به پ پ هارايو آهي. پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جا تمام گهڻا ڪارڪن توڙي اڳواڻ پارٽيءَ کان روئي موڪلائي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي چڪا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ته پارٽيءَ جو 2013ع واري اليڪشن ۾ جنازو نڪري چڪو آهي. جيتوڻيڪ خيبرپختونخواهه ۾ پ پ جو اهو جنازو 2013ع واري اليڪشن ۾ کڄندي نظر آيو پر خيبرپختونخواهه جي صورتحال تي گهري نظر رکندڙ صحافين جو چوڻ آهي ته 2008 ۾ جڏهن پ پ سرحد ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي حمايت ڪئي تڏهن پ پ اتان ختم ٿيڻ شروع ٿي، ڇاڪاڻ ته اڳوڻي صوبي سرحد يعني هاڻوڪي خيبرپختونخواهه ۾ پ پ کي اهو ئي ووٽ ملندو هو جيڪو اي اين پي يا پٺاڻ قومپرستي جو مخالف ووٽ هو. پر جڏهن 2008ع ۾ پ پ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي نه رڳو صوبائي حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي پر پنهنجو سمورو ووٽ بينڪ اي اين پي جي هنج ۾ وجهي ڇڏيو تڏهن کان پ پ جو ووٽر بدزن ٿيڻ شروع ٿيو. ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ پ پ جي خيبرپختونخواهه ۾ بدترين شڪست اهو ثابت ڪيو ته پ پ هاڻي ان صوبي جي پارٽي نه رهي آهي. تازين بلدياتي چونڊن ۾ ڪجهه ضلعن ۽ تعلقن اندر پ پ جي ناظمي تي ڪاميابي اتان جي اڳواڻن جي سياست جو مقامي اثر آهي. جيستائين بلوچستان جو تعلق آهي ته پيپلز پارٽي اتي اسلم رئيساڻي جهڙي اهليت کان وانجهيل ماڻهوءَ کي حڪومت جو سربراهه بڻايو. بلوچستان اندر پارٽيءَ جي موت جي وارنٽ تي صحيح ڪئي هئي. بلوچستان جي مخصوص حالتن ۾ رئيساڻي جي حڪومت ايتري ناڪام ٿي جو 2013ع جي چونڊن کان اڳ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار کي مجبورن پنهنجي ئي بلوچستان حڪومت ختم ڪرڻي پئي. ۽ اڃا 2013ع جون چونڊون نه آيون هيون ته بلوچستان جا رئيساڻي به پ پ کي خدا حافظ چئي نواز ليگ ۾ شامل ٿي ويا.
جيستائين سنڌ جو تعلق آهي ته سنڌ ۾ به پ پ کي 2008ع وارين چونڊن کانپوءِ خطرا لڳي ويا هئا. 2008ع جي چونڊن کانپوءِ پ پ جي سڀ کان وڏي غلطي سيد قائم علي شاهه جي وڏي وزير طور چونڊ هئي. هڪ وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي سنڌ جهڙي صوبي جي انتظام جو بار رکي نه رڳو حڪومت لاءِ پر قائم علي شاهه جهڙي شريف مزاج واري ماڻهوءَ لاءِ به امتحان آندو ويو. قائم علي شاهه کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي ٻي وڏي غلطي پير مظهرالحق کي پارلياماني پارٽي جو سربراهه بنائڻ جي هئي. تعليم جي کاتي جو وزير هئڻ دوران پير مظهرالحق سنڌ ۾ جيڪي هزارين نوڪرين وڪڻڻ وارو داغ پيپلز پارٽي مٿان هنيو اهو اڄ ڏينهن تائين ڌوپجي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ نوڪريون ته ذري گهٽ سمورن کاتن ۾ وڪيون ويون پر تعليم کاتي ۾ اهو وڪرو وڏي پئماني تي ٿيو جنهن مان اربين روپين جي ڪرپشن ڪمائي وئي. سنڌ ۾ وزيرن جي رڪارڊ ڪرپشن ۽ پنهنجن جي نوازڻ واري پاليسي پ پ کان سندس ڪارڪن توڙي اهي ووٽر پري ڪيا جيڪي ڏهاڪن کان پ پ کي غير مشروط طور ووٽ ڏيندا ۽ چونڊيندا پئي آيا. رهي کهي ڪسر وري 2012ع ۾ تڏهن پوري ڪئي وئي جڏهن سنڌ ۾ رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ معرفت ٻٽو بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي سنڌ ۾ 2008ع کان ئي پنهنجي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم کي عملي طرح ڪراچي تحفي ۾ ڏئي ڇڏي هئي جنهن تي پڻ سنڌ جو عوام پ پ کان ناراض هو. پر 2012ع ۾ ٻٽي مڪاني نظام پاس ڪرڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو قانوني بنياد رکيو. ٻٽي بلدياتي نظام وارو بل پاس ڪرڻ کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ خلاف سنڌ ۾ آگسٽ جي مهيني ۾ پهرين ۽ ڪامياب هڙتال ٿي. مبصرن جو خيال آهي ته آگسٽ 2012ع ۾ پيپلز پارٽي خلاف ٿيل اها ڪامياب هڙتال سنڌ مان پيپلز پارٽي جي خاتمي جي شروعات هئي. ان هڙتال کان پيپلز پارٽي خود ايترو ڪنبي وئي جو پيپلز پارٽي ٻٽن ڏينهن اندر ان بل تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي اهو پاس ڪيل ٻٽي مڪاني نظام وارو قانون واپس ڪيو. ان کان اڳ 2010ع واري مها ٻوڏ جنهن سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن کي دربدر ڪيو ان ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگي به عوام کي مايوس ڪيو. 2010ع واري ٻوڏ ۾ پيپلز پارٽي نه رڳو ٻوڏ کي منهن ڏئي نه سگهي پر ٻوڏ جي ٿيل نقصانن جو ازالو به نه ڪري سگهي. نتيجي طور اهي ٻوڏ جا هڪ ڪروڙ متاثر پنجن سالن تائين ڀٽڪندا رهيا.
2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ 2011ع ۾ سنڌ جي اڀرندي ۽ ڏکڻ وارن لاڙ جي ضلعن ۾ زبردست برساتون پيون جنهن سڄي لاڙ کي ٻوڙي ڇڏيو. پيپلز پارٽي جي سنڌ توڙي وفاقي سرڪار انهن برساتن کي به منهن ڏئي نه سگهيون. نتيجي طور ماڻهو مهينن جا پاند برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل رهيا. 2012ع ۾ وري جيڪب آباد ۽ ڪشمور سميت انهن ضلعن سان لڳندڙ بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جعفرآباد، ڊيرا الهيار ۽ صحبت پور ۾ زبردست برساتون پيون جنهنجي ڪري پڻ علائقي ۾ وڏي تباهي آئي. پر پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار انهن برساتي تباهڪارين کي به منهن نه ڏئي سگهي، نتيجي طور عوام پاڻ لوڙيندو ۽ پ پ جي مقبوليت کي لوڙهيندو رهيو. 2013ع ۾ سنڌ ۾ ارڙيءَ جي وبا منهن ڪڍيو جنهنڪري پڻ سنڌ ۾ هزارين ٻارڙا موت جو شڪار ٿيا. 2014ع ۾ ٿر اندر آيل ڪاري ڏُڪار سبب هزار کان وڌيڪ ٻارڙا پنهنجو ساهه بچائي نه سگهيا پر پيپلز پارٽي جي حڪومت توڙي قيادت ان کي به قدرت جو ڏمر چئي پنهنجي فرض ۽ ڪردار کان ڪن لاٽار ڪندي رهي. اهي سڀ اهي سبب آهن جن جي ڪري پيپلز پارٽي سنڌ مان پنهنجي مقبوليت وڃائي آهي.
هاڻي سنڌ جي ماڻهن جي اها پختي راءِ بڻجي چڪي آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ هاڻي ڪا به اهڙي ٿوم نه رهي آهي جنهن کي نظر ۾ رکي کيس ووٽ ڏجي يا سندس حمايت ڪجي. پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ امن به قائم نه ڪري سگهي ۽ ايم ڪيو ايم کي به ڪنٽرول ۾ نه رکي سگهي. پ پ سنڌ ۾ گذريل ستن سالن دوران ڪو به وڏو ترقياتي پئڪيج ته نه ڏئي سگهي پر سنڌ ۾ ننڍن شهرن جي روڊن ۽ نالين کي به ٺيڪ ڪرائي نه سگهي. ساڳئي ريت گذريل ستن سالن دوران هڪ طرف سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي رهي ته ٻئي طرف بيروزگارن کان نوڪرين جي بهاني پئسا ورتا ويا. گذريل ستن سالن دوران پيپلز پارٽيءَ پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هوءَ نه قدرتي آفتن کي منهن ڏئي سگهي ٿي نه ئي وري سياسي بحرانن سان نبري سگهي ٿي. نه رڳو ايترو پر پيپلز پارٽيءَ پنهنجي ڪارڪردگيءَ مان اهو به ثابت ڪيو آهي ته هن وٽ عوام جي خدمت ۽ ان جي ووٽ جي قدر ڪرڻ واري نه صلاحيت رهي آهي نه اوليت. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽيءَ مان هاڻي مڪمل طور بيزار ٿي چڪو آهي تنهنڪري ان کي سنڌ جو عوام هاڻي وسارڻ لڳو آهي جنهن جو اندازو هن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن ۾ اختلاف چوٽ تي چڙهيل آهن. انهن سمورين ڳالهين کي يقينن پ پ جي قيادت ۽ اڳواڻن به محسوس ڪيو هوندو تنهنڪري هو چئي رهيا آهن ته پيپلز پارٽيءَ جي مقبوليت گهٽجي رهي آهي. آزاد مبصرن جو هاڻي اهو پختو خيال اچي بيٺو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي طبعي عمر پوري چڪي آهي ۽ 2018ع جي اليڪشن کان اڳ هوءَ 51 سالن جي عمر ۾ ائين ئي ختم ٿي ويندي جيئن سندس قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 51 سالن جي عمر ۾ قتل ڪيو ويو هو.

(سيپٽمبر 2015ع ۾ نشر ٿيل)

تعليم

---

سنڌ جي شعور کي 34 ڏينهن کان لڳل تالا

سنڌ يونيورسٽي جا ڪتاب گذريل 34 ڏينهن کان بند آهن ۽ ڪلاسن کي تالا لڳل آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي پاڙي ۾ آباد سنڌ يونيورسٽي جي ڌيءَ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي به ايترن ئي ڏينهن کان بائيڪاٽ جي ور چڙهيل آهي. سڏ پنڌ تي قائم سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ٻي ڌيءَ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي پڙهائيءَ ۾ به رنڊڪ پيل آهي. ٽنهي يونيورسٽين تي لڳل احتجاج جا ڪارا جهنڊا هاڻي مهيني گذرڻ کان پوءِ اونداهه جا الم محسوس ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جي نوجوان نسلن جي امنگن سان جرڪندڙ ڄامشوري جو تعليمي پهاڙ، هاڻي هڪ اهڙو اونداهو غار محسوس ٿيڻ لڳو آهي. جنهن ۾ رڳو ويراني جا چمڙا اڏرندي نظر اچن ٿا.
ڪجهه ڏينهن اڳ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ هڪ تنظيم جو اڳواڻ قتل ٿي ويو. مقتول جي سياسي وارثن قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو پر چوٽيهه ڏينهن گذرڻ باوجود قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن. قاتلن جي گرفتاريءَ جي بهاني سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ بائيڪاٽ جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿيل آهي. بائيڪاٽ جو اثر ڪڏهن ڪڏهن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي تي به پوي ٿو. جڏهن ڄامشوري جي ٽنهي وڏن تعليمي ادارن، سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ بائيڪاٽ ٿئي ٿو ته 30 هزار شاگرد ڪلاسن کان ٻاهر اچن ٿا ۽ ٽنهي يونيورسٽين جي استادن سميت پنج هزار ملازم بيڪار ٿي وڃن ٿا.
ڄامشوري جي تعليمي ادارن ۾ بائيڪاٽ جي بدعت نهايت پراڻي آهي. جڏهن کان سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان لڏي اچي ڄامشوري جي سون ولهار ديهه ۾ آباد ٿي آهي ۽ جڏهن کان ان جا انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليج هتي قائم ٿيا، جيڪي بعد ۾ يونيورسٽين ۾ تبديل ٿيا، تڏهن کان هنن عظيم درسگاهن کي بائيڪاٽ جي وبا چنبڙيل آهي ۽ انهن بائيڪاٽن جو ڪارڻ سنڌي شاگرد تنظيمون آهن. ڪڏهن ڪنهن کي آزاد ڪرائڻ جي مطالبي تي ۽ ڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪرائڻ جي گُهر سبب اسان جا ادارا بائيڪاٽ جي ور چڙهيل رهن ٿا. نتيجي طور ڄامشوري جا تعليمي ادارا، جيڪي ستر واري ڏهاڪي کان اڳ دنيا جا مڃيل ۽ پاڪستان جا مثالي ادارا هوندا هئا، اهي هاڻي پنهنجو معيار ۽ مڃتا وڃائي رهيا آهن ۽ هاڻي ڄامشوري جي ڊگرين کي عزت جي اعليٰ نگاهه سان نه ٿو ڏٺو وڃي.
پاڪستان ۾ ڄامشوري جهڙو مقدس ۽ مهانتا وارو مقام شايد ئي ڪو اهڙو هجي جتي هڪ ئي جاءِ تي ٽي يونيورسٽيون هجن ۽ انهن جي فضا ۽ ماحول به تعليمي هجي، پشاور ۾ پشاور يونيورسٽي، انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ اسلاميا ڪاليج يونيورسٽي به هڪ جاءِ تي آهن، پر اهي شهر جي شور ۽ مرڪز ۾ آهن. ان جي ابتڙ ڄامشوري جون يونيورسٽيون اهڙي هنڌ تي واقع آهن جتي هي يونيورسٽيون درسگاهن سان گڏوگڏ عبادتگاهون پڻ لڳنديون آهن.
خبرناهي ته علامه آءِ آءِ قاضي ڄامشوري جي هنن پهاڙين کي درسگاهن جي مسڪن لاءِ ڪيئن چونڊيو؟ ممڪن آهي ته سنڌ جي هن فلسفي کي ڄامشوري جون پهاڙيون گنڌارا جي جوليان جهڙي ان ٽڪريءَ جهڙيون لڳيون هجن جتي عيسوي سن کان اڳ يونيورسٽي قائم هئي ۽ جتي هندستان جي سياسي ڏاهپ جو ابو ۽ ارٿ شاستر جو ليکڪ ڪوتليا چاڻڪيا اچي پڙهيو هو. ممڪن آهي ته ڄامشوري جون غيرهموار پهاڙيون علاما آءِ آءِ قاضيءَ کي يونان جي گاديءَ واري شهر اٿينس جهڙيون لڳيون هجن، جنهن شهر جمهوريت، فلسفي، سقراط ۽ سوفاڪلس سڀني کي جنم ڏنو هو !! اهو به ممڪن آهي ته ڄامشوري جي هنن پهاڙين تي چڙهي علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ جي ڏور مستقبل ڏانهن اهڙي ئي ڪا نهار ڪئي هجي، جهڙي نگاهه حضرت موسيٰ اردن ۾ واقع نيبو پهاڙ تي چڙهي ميثاق واري سرزمين لاءِ ڪئي هئي. ڳالهه ڪهڙي به هجي بهرحال ڄامشوري جي درسگاهن جي سرزمين سنڌ واسين ۽ خاص ڪري علم جي طالبن لاءِ ڪهڙيءَ ريت به ڪنهن مقدس مقام کان گهٽ نه آهي.
اڄ نه سهي پر سوين ۽ هزارين سال پوءِ ڄامشوري جي انهن درسگاهن جي سرزمين جو سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ اهو مقام هوندو جيڪو مقام هندن جي مذهب ۾ ڪيلاش جي عظيم پربت جو آهي ۽ سنڌ جي ايندڙ نسلن جي شعور ۾ ڄامشوري جون علمي ڌارائون کير ٿر جي جهرڻن مان گڙگاٽ ڪري نڪرندڙ نئين وانگي نظر اينديون.
ڄامشوري جي انهيءَ عظيم سرزمين ۽ مقدس درسگاهن جو اسان ڪهڙو حشر ڪيو آهي؟
جيتوڻيڪ درسگاهن ۾ قتل ۽ جهيڙا، علم تدريس جي بنياد ۽ فلسفي جي ابتڙ آهن. پر اهڙا اڻ وڻندڙ واقعا لاهور، ڪراچي، اسلام آباد ۽ پشاور جي يونيورسٽين ۾ به ٿين ٿا. اتي به ويچارا ۽ مسڪين شاگرد مارجي وڃن ٿا، پر انهن واقعن جي ڪري ڪوبه ادارو 34 ڏينهن بند نه ٿو ٿئي.
اڄ کان ويهه سال اڳ 1989ع ۾ به سنڌ يونيورسٽي جي هڪ شاگرد اڳواڻ جي آزادي لاءِ احتجاج جي نالي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڇهه مهينا بند رهي ۽ هڪ شاگرد تنظيم، صرف ان ڪري امتحان ٿيڻ نه ڏنو ته جيڪڏهن شاگرد اڳواڻ آزاد نه ٿيو ۽ امتحان گذري ويا، شاگرد هليا ويا ته پوءِ سرڪار ۽ انتظاميا تي ڪوبه دٻاءُ نه پوندو ۽ شاگرد اڳواڻ جيل ۾ رهجي ويندو. ان ڪري ان شاگرد تنظيم امتحان جا رستا روڪڻ لاءِ بائيڪاٽ سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي تالن ۾ ايلفيون وجهڻ جو رواج به وڌو ۽ هڪ سيمسٽر جو امتحان اٺ مهينا ڊگهو ٿي ويو.
اهڙي حالت کي ڏسي شاگردن جي والدين سنڌ يونيورسٽيءَ جو نالو بند يونيورسٽي رکيو هو.
جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي جي اک سان ڏٺو وڃي يا جيڪڏهن ڪنهن وسيع تناظر ۾ تجزيو ڪيو وڃي ته درسگاهن ۾ مرندڙ توڙي ماريندڙ سڀ اسين پاڻ آهيون. اسين پنهنجي علمي مستقبل جي اونداهي جا ذميوار به پاڻ آهيون. تاريخ ۾ علم سان جيڪو ظلم هلاڪو خان ڪيو اهڙو ئي قهر اسين پاڻ پيا ڪيون، بغداد جون لئبرريون هلاڪو خان ساڙايون هيون ۽ اسان پنهنجو لئبرريون بند ڪري اڏوهيءَ کان کارائي رهيا آهيون.
سنڌ جي شاگرد تنظيمن کي ۽ انهن شاگرد تنظيمن جي سرپرستي ڪندڙ سياسي پارٽين کي سمجهڻ گهرجي ته درسگاهن ۾ تالابندي ۽ پڙهڻ جو بائيڪاٽ نه احتجاج آهي، نه سياست آهي ۽ نه ئي دانائي آهي، سنڌ جي پنج هزار سالا تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين پڙهڻ يا ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي ته علم جي طالبن ڪڏهن ڪنهن ڪتاب کي پٺي يا ٺپي ڏني هجي. تنهن ڪري اچو ته 34 ڏينهن کان بند پيل ۽ بحران جي ور چڙهيل ڄامشوري جا ادارا کولايون. اچو ته هاڻي بائيڪاٽ کي پنهنجي حڪمت عملين ۽ لغتن مان ڪڍون. اسان جا مادر علمي ادارا ڪيترا نه مظلوم آهن جو انهن کي هر بهاني بند ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن زندهه رهبر جي سالگرهه آهي ته به اسان جا ڪتاب بند ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن ڪنهن شهيد قائد جي ورسي ملهائي وڃي ٿي ته به اسان جا ڪتاب بند ٿين ٿا. سنڌ يونيورسٽي ته يوسف جکراڻي هٿان مارجي ويل علي مردان شاهه رقصم جي قتل تي به بند ٿي ۽ وري جڏهن خود يوسف جکراڻي قتل ڪيو ويو تڏهن به بند ٿي.
ڇا اهو ممڪن آهي ته اسين سنڌ جي عظيم درسگاهن بابت پنهنجي راءِ ۽ روش ۾ ڪا تبديلي آڻيون ۽ علم جي نور کي منهن سان مناڙڻ بجاءِ اندر جي اک سان ڏسون؟ ڇا اسين ڄامشوري کي هٿيارن ۽ فسادن کان پاڪ ڪرڻ جو سوچي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن سوچيون ته ان تي عمل به ڪري سگهون ٿا؟ ڇا اسان ڄامشوري جي ڪيمپس ڏانهن ويندڙ رستي کي صراط مستقيم سمجهي سگهون ٿا ۽ يونيورسٽي ڏانهن قدم کڻندي پنهنجا سيس نوائي ان جي مٽيءَ کي مٿي سان لڳائي سگهون ٿا؟ ڇا اسان ڄامشوري جي ٽڪرين تي قائم درسگاهن کي علامه آءِ آءِ قاضي جي عقيدت واري اک سان ڏسي سگهون ٿا؟ جيڪڏهن اسان پنهنجي سالم حواسن کي بحال ڪريون، جيڪڏهن اسان پنهنجي محبتن ۽ عقيدن کي ٻيهر اجاگر ڪيون، جيڪڏهن اسان علم ۽ وديا جو احترام ٻيهر پيدا ڪيون ۽ ڄامشوري جي مقدس درسگاهن ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪنڌ جهڪائي، جسم ۽ روح پاڪ ڪري، ان ۾ ائين ئي داخل ٿيون جيئن مسلمان مسجد ۾، هندو مندر ۽ ڪرستان ڪليسا ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ پوءِ انهن درسگاهن ۾ دل ۽ دماغ جي يڪسوئيءَ سان علم حاصل ڪرڻ جي عبادت ڪيون ته پوءِ درسگاهن ۾ ڪابه رنجش پيدا نه ٿيندي، ڪوبه جهيڙو نه ٿيندو، ڪو به قتل نه ٿيندو.
ڄامشوري جا درسگاهه ۽ انهن جا پهاڙ اسان لاءِ ائين ئي مهان هجڻ گهرجن، جيئن ڀٽائي جي کاهوڙين لاءِ گنجي ٽڪر جو پهاڙ هو.
پيو جن پرو، گنجي ڏوگر گام جو
ڇڏي کيٽ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا
سنڌ جي اعليٰ ادارن ۽ درسگاهن ۾ اثر رکندڙ سمورن ڌرين کي سمجهڻ گهرجي ته ڪابه قوم ۽ ڪوبه معاشرو ترقي ۽ خوشحالي جو معراج تيستائين نه ٿو ماڻي سگهي، جيستائين اها تعليم ۾ اڳڀري نه آهي. دنيا جي سڀني قومن ۽ معاشرن جي ترقي جو راز ڪتابن جي صفحن ۾ رکيل آهي. تنهن ڪري ڪتاب راهه نجات آهن ۽ درسگاهه منزل حيات آهن. عالمي تاريخي ۾ ڄاڻايل آهي ته رومي شهنشاهيت جڏهن پنهنجي عروج تي هئي ۽ اولهه توڙي اوڀر ۾ رومي فوجن جو ڌاڪو ڄميل هو تڏهن روم جي سلطانن کي محسوس ٿيو ته هو طاقتور ضرور آهن، پر يونانين جهڙا پڙهيل نه آهن، ان احساس کان پوءِ رومي حاڪمن يونانين کي آڇ ڪئي ته جيڪڏهن يوناني استاد رومين کي پڙهائين ته ان جي بدلي م رومي فوج يونان جي سلطنت جي تحفظ جو ذمو کڻندي.
جيڪڏهن رومي شهنشاهيت فوجي طاقت جي بدلي علمي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه هزار سال اڳ يونانين کي آڇ ڪري سگهي ٿي ته اسين هڪ ٻئي کي لاشن جا تحفا ڏيندڙ هڪ ٻئي کي ڪتاب جا تحفا نه ٿا ڏئي سگهون؟ سوچڻ جو مقام آهي.

( فيبروري 2010 ۾ نشر ٿيل )

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر بشير احمد چنڙ جو قتل

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ پروفيسر کي قتل ڪيو ويو آهي. قتل ٿي ويل پروفيسر بشير احمد چنڙ، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شاگردن جي مامرن جو انچارج مقرر ٿيل هو. عدالتن ۽ پوليس ۾ پيش ڪرڻ جهڙيون حقيقتون اڃان تائين اڳيان نه آيون آهن پر واقعن جي زنجير جيڪا شاهديون پيش ڪري ٿي، ان مطابق اهو قتل اتان جي شاگردن ئي ڪيو آهي. سمورا هٿ انهن شاگردن ڏانهن کنيا پيا وڃن، جن کي ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽيءَ ۾ ڦشري ڪرڻ جي الزام ۾ يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو، يعني رسٽيڪيٽ ڪيو ويو هو.
پروفيسر بشير احمد چنڙ جو قتل سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجودهه ڪيمپس جي باني ۽ سنڌ جي ويجهڙائي واري ماضيءَ جي مفڪر علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ڀرسان ڪيو ويو ۽ ڄڻ علامه آءِ آءِ قاضي کي اهو پيغام ڏنو ويو ته بنگال جي برن ۾ شانتي نڪيتن جهڙو علمي ادارو قائم ڪندڙ فلسفي رابندر ناٿ ٽئگور کان متاثر ٿيندڙ علامه آءِ آءِ قاضي يا گنڌارا جي پهاڙين مٿان عيسوي سن کان اڳي قائم ٿيل يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد ڪوتليا چاڻڪيا جي علمي چاهت کان اثر وٺندڙ علامه آءِ آءِ قاضي، اڄ تنهنجي بُٺيءَ جي ڀر ۾ هڪ استاد کي قتل ڪري ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌ جا اعليٰ علمي درسگاهه ٻيلن جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن، جن ۾ شاگرد سياست جي نالي ۾ هٿياربند ڌاڙيلن جو راڄ آهي. انهن ادارن جا وائيس چانسلر يونيورسٽين جي ڪيٽين جا اهي وڏيرا آهن، جيڪي انهن ڌاڙيل شاگردن سان گڏجي شاگردن، استادن ۽ عملي کي دٻائي، دهشت زدهه ڪري شاگردن، استادن ۽ عملي جو رت پيئن ٿا.
اي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب...!! تنهنجي سنڌ يونيورسٽي ۽ ان مان نڪتل ذري گهٽ سڀ يونيورسٽيون، هينئر انهن بگهڙن جي حوالي آهن، جن جا ڏند تکا ۽ نظرون ڪمزور آهن.
اي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب...!! ڪاش انهن بگهڙن ۾ ڪي سنڌي پهاڪي واريون صفتون هجن ها ۽ هڪ پوڙهي استاد کي گولي هڻڻ وقت کين ياد اچي ها ته ڇتو ڪتو به مالڪ سڃاڻندو آهي ۽ پوءِ هنن جي اکين ۾ ڪو شرم جو ڪڪر اڀري ها ۽ هو پنهنجي جانوري جبلت کي ٿورو لغام ڏين ها ۽ پوءِ سنڌ جي تاريخ پنهنجي مٿان اهو طعنو نه کڻي ها ته، ”سنڌ ۾ ته استاد به قتل ڪيا وڃن ٿا.“
سنڌ جي اعليٰ درسگاهن ۾ دهشت جو اهو ديؤ ڪڏهن داخل ٿيو، ڪيئن داخل ٿيو ۽ ڪنهن داخل ڪيو؟ ان تي سنڌ جي سڀني ساڃاهه وندن کي گڏجي سوچڻو ۽ فيصلو ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن شاهدين جي ڪسوٽي ۽ انصاف جي اک سان ڏسجي ته ڪراچيءَ کان ٻاهر واري سڄي سنڌ ۾ هٿيارن جي سياست کي متعارف ڪرائڻ جو ڏوهه 70 واري ڏهاڪي ۾ ان وقت جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي ۽ پوءِ سنڌ جي ڪجهه قوم پرست پارٽين شروع ڪيو، ڪراچيءَ ۾ اهو الزام جماعت اسلاميءَ جي شاگرد تنظيم تي لڳو ۽ پوءِ هٿياربندن جي ان سياست ۾ علمي ادارن اندر شاگرد مارجڻ لڳا. خاص ڪري گذريل چئن ڏهاڪن ۾ رڳو سنڌ اندر هڪ سؤ کان وڌيڪ شاگرد قتل ٿيا ۽ 2 جنوري 2010 جي بدنصيب ڏينهن تي سنڌ يونيورسٽي کي هڪ وڏو داغ لڳو ۽ ان ۾ هڪ استاد کي به قتل ڪيو ويو.
سنڌ جي علم ۽ عرفان جون اهي مقدس جايون، جنهن کي اعليٰ علمي ادارا يا يونيورسٽيون چيو وڃي ٿو، اهي دهشت جي ڌنڌي ۾ ڇو ڌڪيون ويون آهن؟ سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ زمانن جي سکي زندگيءَ جي بشارت ڏيندڙ عافيت جي انهن ادارن کي ته اسان کي مقدس مقام جو درجو ڏئي، احترام ڪرڻ گهرجي پر ائين نه ٿي سگهيو. سبب شايد هيءُ آهي ته سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن کي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ علامه دائود پوٽي جهڙا عالم ۽ استاد ته مليا پر جيڪڏهن مليا به ته انهن کي ايترو وقت نه مليو جو هو، هنن درسگاهن جو ڪُل ۽ ڪامل نظام جوڙي سگهن ۽ ماڻهن خاص ڪري شاگردن کي ٻڌائي سگهن ته استاد جو احترام ڇا ٿيندو آهي ۽ جتي علم پرائجي ان تڪئي جي تعظيم ۽ تڪريم ڪيتري هوندي آهي؟
اڄ سنڌ جي اعليٰ تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهڻ جي ضرورت آهي ۽ اها ڪميشن ڪنهن جج ۽ ڪاموري بجاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن، ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين ۽ سنڌ دوست پارٽين جي اڳواڻن تي ٻڌل هجي. جيڪا سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن لاءِ ضابطه اخلاق طئي ڪري ۽ ان ضابطي کي مڃڻ لاءِ سڀئي ڌريون پابند هجن. استاد به ان ضابطي کي تسليم ڪن، ملازم به قبول ڪن ۽ شاگرد به عمل ڪن. سنڌ جي اعليٰ ادارن لاءِ جيڪو ضابطهءِ اخلاق ٺهي ان تي وقت جي حڪومت به عمل ڪري. ڇاڪاڻ ته اعليٰ تعليمي ادارن جي صورتحال بگڙڻ ۽ بهتر ٿيڻ جي گهٽ ۾ گهٽ ذميواري به حڪومت تي عائد ٿئي ٿي. جيڪڏهن حڪومت قابل ۽ اهل وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ بجاءِ، گورنر هائوس جي ڪٻاڙ واري لسٽ ۾ لکيل ڏيتي ليتي وارا رينٽ اي ڪار جهڙا مسواڙي وائيس چانسلر مقرر ڪندي، ته انهن جي ساک ۽ ڪارڪردگي به وقتي ۽ مسواڙي هوندي. جيڪو وائيس چانسلر شاگردن جي ڪنهن هڪ يا ٻن تنظيمن جي اڳواڻن کي گهرائي سندس خوشامدي آڌرڀاءُ ڪندو، کين گڏ مانيون کارائيندو، سرڪاري فنڊ مان چندا ڏيندو ۽ کين داخلائن جي ڪوٽا ڏيندو ۽ ٻين تنظيمن کي وري انهن مراعتن کان محروم رکندو ته يقينن شاگرد تنظيمن وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيندو. سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اڄڪلهه جيڪي شاگردن وچ ۾ هلندڙ تڪرار آهن انهن جو وڏو سبب اتان جا مسواڙي وائيس چانسلر آهن. اهي مسواڙي وائيس چانسلر، پنهنجي بدعنوان ۽ نااهل انتظاميا ذريعي هڪڙن شاگردن کي ڇوٽ ڏئي کين هر رعايت ڏين ٿا ۽ ٻين کي وري جائز حق به نه ٿا ڏين، جنهن ڪري تڪرار ۽ ٽڪراءَ پيدا ٿين ٿا.
امپورٽ ڪيل يا اسپيئر پيل اوزارن جهڙا وائيس چانسلر سنڌ جي تعليمي بگاڙ جا بنيادي ذميوار آهن. تنهن ڪري سرڪار کي وائيس چانسلرن جي مقرري به شفاف، علم دوست ۽ معياري بنائڻي پوندي. اعليٰ تعليمي ادارن لاءِ تجويز ڪيل ڪميٽيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته سنڌ جي ادارن ۾ هٿيار کڻي اچڻ تي مڪمل پابندي هوندي ۽ جنهن به پارٽيءَ سان لاڳاپيل شاگرد ان جي ڀڃڪڙي ڪندو، ان خلاف سندس پارٽي ۽ يونيورسٽي انتظاميا گڏيل قدم کڻندي. اسان کي اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته شاگردن کي يونيورسٽي انتظاميا طرفان ملندڙ رشوتي مراعتون ختم ڪيون وينديون ۽ يونيورسٽي جون سهولتون سڀ شاگرد هڪ جهڙي نموني استعمال ڪري سگهندا. اسان کي اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته ڪنهن به تنظيم سان لاڳاپيل شاگرد،جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي دٻائيندو، ڊيڄاريندو يا غيرضروري طور پريشان ڪندو ته ان خلاف لاڳاپيل انتظاميا ۽ يونيورسٽي انتظاميا گڏيل قدم کڻندي.
اسان کي اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته انهن سمورن، ڪمن ۽ سرگرمين تي پابندي هوندي جن کي اخلاقي طور سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي يا عالمي انساني حقن جي ابتڙ سمجهيو ٿو وڃي. اسان کي استاد جو احترام بحال ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ته جيئن سنڌ جي استاد جو روائتي احترام موٽي اچي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ استاد کي احترام جي مورت سمجهيو ۽ قبول ڪيو وڃي. سنڌ جي تعليمي ادارن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، علي مردان شاهه رقصم جي قتل کان وٺي پروفيسر بشير چنڙ جي قتل تائين، اسد عباسي جي قتل کان بابر سنديلي جي خون تائين، عاشق جوڻيجي جي پرتشدد موت کان وٺي محمد خان ڳنڀير جي مارجڻ تائين، احسان ميمڻ جي شهادت کان وٺي ڪمال راهمون جي قتل تائين، اسان انهن ٻانهن تي نوجوانن جا لاش ڍويا آهن، جن تي اسان کي لاشن بجاءِ ڪتاب کڻڻا هئا.
اچو ته سنڌ جا سڀئي گهڻ گهرا سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ڏانهن تاڻيل هٿيارن جي نالين اڳيان هٿ ڏيون. مقدس ادارن ۾ ڀؤن ڀؤن ڪندڙ بندوقن کي خاموش ڪرايون. اچو ته ناسمجهيءَ جي نشي ۾ چور ٿيل پنهنجي انهن شاگردن جي اکين تي چڙهيل انڌ جا اهي کوپا لاهيون ۽ کين سمجهايون ته علمي درسگاهه مسجد، مندر ۽ ڪليسا جهڙو مقدس ٿيندو آهي. استاد رهبر ۽ امام جو رتبو رکندو آهي. اچو ته پنهنجي ڀٽڪيل نسل کي ادارن ۾ وضو ڪري پيرين پنڌ هلڻ ۽ استادن جي احترام ۾ کين سِيس نوائڻ سيکاريون. اچو ته ڀٽڪيل نسل کي ڪتاب اکين تي رکي چمي ڏيئي پڙهڻ جي عادت وجهون. اچو ته علم، استاد ۽ درسگاهه جو مشرقي ۽ قديم سنڌي قدر ٻيهر زندهه ڪيون.
پروفيسر بشير احمد چنڙ جو قتل جيتوڻيڪ نهايت قابل مذمت ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نهايت ڪاري باب جو اضافو آهي پر اسين سنڌ جا ساڃاهه وند هڪ ڀيرو ٻيهر اهو وچن ورجايون ٿا ته استاد جو قتل قطعي طور سنڌ جي روايت ۽ تاريخ نه آهي. جيئن گوڊسي نالي هڪ هندو انتها پسند طرفان مهاتما گانڌي جو قتل، هندستان جي اهنسا جي تاريخ ۽ روايت جي ترجماني نه ٿو ڪري، بلڪل ائين پروفيسر بشير احمد چنڙ جو قتل سنڌ جي شاگردن، علم ۽ درسگاهن جي روايتن جي ترجماني نٿو ڪري.
اسين سنڌ جا عالم، اديب، شاعر، دانشور، صحافي، قلمڪار، سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ توڙي عام ماڻهو پروفيسر بشير احمد چنڙ جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا، ان تي افسوس ڪريون ٿا ۽ ان سان لاتعلقي جو اظهار ڪندي سنڌ جي تاريخ ۽ ايندڙ نسل سان اهو وچن ڪريون ٿا ته سنڌ جي درسگاهن ۽ سرزمين تان دهشت جو هر قسم ۽ ٻج ختم ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي سانوري، سونهاري ۽ ٻاجهاري سرزمين تي علم لاءِ احترام ۽ امن هر صورت ۾ بحال ڪرايو ويندو. چاهي ان ڪوشش لاءِ اسان کي پروفيسر بشير احمد چنڙ جهڙيون قربانيون ڇو نه ڏيڻيون پون.

(4 جنوري 2010ع تي نشر ٿيل)

سنڌ يونيورسٽيءَ جي بحران جو ڪير ڪير ذميوار آهي؟

پروفيسر بشير احمد چنڙ جي قتل کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي هڪ ڀيرو ٻيهر بند آهي. ان کان اڳ بابر سنديلي، رميز سهاڳ ۽ اسد عباسي جي قتل تي به سنڌ جي ڪيترن علمي درسگاهن جي ماءُ سڏي ويندڙ هيءَ مادر علمي مهينن جا پاند بندش جو شڪار رهي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين جي ويران ۽ بنجر مزاجن ۽ دماغن کي سرسبز ۽ آباد ڪندڙ هن پوتر ڌارا جهڙي درسگاهه ۾ سالن بلڪ ڏهاڪن کان هلندڙ اهو رواج ڄڻ هتان جو قانون بنجي ويو آهي ته پهريائين هڪ شخص جو قتل ٿيندو آهي ۽ پوءِ ان جي سوڳ جي نالي ۾ ٿيندڙ بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ هزارين شاگردن جي تعليم جو قتل ٿيندو آهي. نظر ايندڙ قتل جي سوڳ جي نالي ۾ اسين جيڪو اڻ ڏٺن نسلن ۽ ايامن جو قتل ڪيون ٿا انهن جو ڪٿي به ڪو ليکو چوکو، ڪو حساب ڪتاب نه آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن شاگرد، استاد يا ملازم جو قتل ٿئي تڏهن به اها بند ٿيندي ئي ٿيندي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن ڌر سان ڪو جهيڙو ٿيندو آهي، يا ڪا ٻي بدنظمي ٿيندي آهي ته به اسان جي يونيورسٽي بند رهي ٿي. انتظاميا، استادن، شاگردن يا ملازمن مان مسئلو ڪنهن سان به ٿئي پر نتيجو سنڌ يونيورسٽيءَ جي بند ٿيڻ جي صورت ۾ نڪري ٿو. چاليهه سالن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود سنڌ يونيورسٽيءَ جا مسئلا ذري گهٽ ساڳيا آهن. آخرڪار سنڌ يونيورسٽيءَ جي انهيءَ بحران جو ذميوار ڪير آهي؟ ان جو پيرو کڻڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيئن سسئي جي سر ۾ سسئي جا ويري ڳڻائيندي چيو آهي ته،
اٺ ويري، اوٺار ويري، ٽيا ويري ڏير
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ پير
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اوير
ڇهون ويري چنڊ ٿيو، جو کڙيو نه وڏيءَ وير
ستون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سنوان ڪيا نه سير
واهيري جي وير، ٿي ڇلون ڪريان ڇپرين
بلڪل ائين انتظاميا، شاگرد، استاد، ملازم، والدين، سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽيون توڙي ميڊيا سڀئي ان بحران جون ذميوار آهن. هڪڙيون ڌريون سڌيءَ ريت ان گهوٽالي جون ذميوار آهن ته ٻيون ڌريون وري اڻ سڌي طرح ان بحران جون جوابدار آهن.
سنڌ جي سڀني يونيورسٽين جي بحران جي سڀ کان وڏي ذميواري ان جي انتظاميا تي پوي ٿي جنهن انتظاميا جي پهرين ڪڙي اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر ۽ آخري ڪڙي چانسلر، يعني سنڌ جو گورنر آهي.
سنڌ جي 12 سرڪاري يونيورسٽين مان 4 يونيورسٽين جا وائيس چانسلر اهي رٽائر ۽ ڪراڙا ڪامورا آهن جيڪي پنهنجي طبعي ۽ دماغي صحت وڃائڻ کان پوءِ هاڻي اسپتالي زندگي گذاري رهيا آهن. انهن وائيس چانسلرن جي گهڻائيءَ جي کيسن ۾ لکڻ واري پين بجاءِ پين ڪلر ۽ ايمر جنسيءَ ۾ کائڻ واريون گوريون هجن ٿيون. اهي وائيس چانسلر پنهنجا پراڻا تعلقات ۽ نوان تحفا استعمال ڪري بار بار پوسٽنگون وٺي اچن ٿا. نتيجي طور وائيس چانسلر ٿيڻ بعد، سندن پهرين ترجيح تعليم جي بهتري نه پر کين مقرر ڪرائڻ وارن جي ٽانڊو ٽوپي ڪري کين خوش رکڻ هجي ٿو. سنڌ جي گورنر جي انهن يونيورسٽين ۾ دلچسپي ان ڳالهه مان ئي ظاهر آهي ته گورنر، جيڪو صوبي جي يونيورسٽين جو چانسلر به آهي، اهو سال ۾ هڪ ڀيرو ان ڪنووڪيشن ۾ به نه ٿو وڃي، جنهن ۾ وڃڻ هن جي اولين فرضن ۾ شامل آهي.
”رينٽ اي ڪار“ جهڙا اهي مسواڙي وائيس چانسلر وري پنهنجون بدعنوانيون ۽ بدفضيلتائيون لڪائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا جو ڍانچو اهڙو ٺاهين ٿا، جيڪو پڻ کين وانگي اهليت بجاءِ سفارشي، جڳاڙي ۽ ڪاٻاڙي هجي ٿو. نتيجي طور سنڌ جي ذري گهٽ سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ انتظاميا نالي ڪا شيءِ نظر نه ٿي اچي ۽ ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽيون ٿاڻن يا جوا خانن جهڙا ڏيک ڏين ٿيون، جتي هر ڪو ڏاڍو پنهنجي زور تي هلي ٿو ۽ هرڪو مٿيون پنهنجي پنهنجي ڪميشن وصول ڪري ٿو.
پيپلزپارٽي جي موجودهه سرڪار جو سنڌ جي يونيورسٽين ڏانهن لاتعلقي جو اهو روئيو سنڌ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن لاءِ نهايت خطرناڪ آهي. سنڌ جي يونيورسٽين جي بحران جي ٻي وڏي ذميواري شاگردن جي سياسي تنظيمن تي عائد ٿئي ٿي، ڌاڙيلن وانگي عجيب غريب پوشاڪون پهري، شڪليون ٺاهي، هٿيار کڻي، مقدس درسگاهن ۾ شهري دادن يا ٻهراڙيءَ جي ڌاڙيلن وانگي هلندڙ ۽ پنهنجي دهشت جو ديرو ڄمائيندڙ شاگرد تنظيمن جا اڳواڻ پنهنجو اثر وڌائڻ ۽ وڌيل اثر ڏيکارڻ لاءِ ٽرڙائپ ۽ هلڪڙائپ جو مظاهرو ڪندي اهڙا ڪم ڪن ٿا جن جو آخري نتيجو جهيڙن ۽ قتلن جي صورت ۾ نڪري ٿو.
گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌ جي يونيورسٽين ۾ انهن شاگرد رهنما سڏجندڙ ماڻهن جو حڪم هلي ٿو، جن جي انهن يونيورسٽين ۾ داخلا ئي نه آهي. ماضيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مختلف شاگرد تنظيمون، جهيڙي ڪار ۽ بد شڪل دهشت گردن کي بهادر اڳواڻ جي نالي ۾ يونيورسٽي اندر وٺي اينديون آهن. انهن کان جهيڙي ۽ دهشت جا ڪم وٺي انهن کي اڳواڻ طور مشهور ڪنديون آهن. وقت بوقت يونيورسٽيءَ جي انتظاميا به سدائين اهڙن غير شاگردن کي اڳواڻ قبول ڪري کين رعايتون ۽ چندا ڏيندي رهي آهي. جنهن ڪري يونيورسٽي جي معصوم، سهڻن ۽ پڙهندڙ شاگردن مٿان سدائين وحشي، بدڪردار، تعليم دشمن نانءَ ڪٺين اڳواڻن جي دهشت رهي آهي. ماضيءَ ۾ اهو ڪم گهڻي ڀاڱي قوم پرست ڪندا هئا ۽ هاڻي وري اها جاءِ به سرڪاري شاگرد تنظيم سنڀالي آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڄ جي حالت اها آهي ته پيپلزپارٽي جي شاگرد ونگ جا ڪجهه دهشت پسند اڳواڻ کلي عام هٿيار کڻي هلن ٿا ۽ شاگردن ته ٺهيو پر استادن تي به تشدد ڪن ٿا، پر انهن دهشت گردن تي ڪوبه سرڪاري کاتو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. غيرقانوني هٿيار کڻڻ جي ڏوهه ۾ کين ڪيترائي ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو آهي پر حيدرآباد جو هڪ ايماندار طور مشهور ڊي آءِ جي (ثناءُالله عباسي) سدائين انهن کي آزاد ڪرائي، پنهنجي ميڊيائي ايمانداريءَ جو مظاهرو ڪندو آهي.
سنڌ جي يونيورسٽين جي بحران جا ڪجهه ذميوار اتان جا استاد به آهن. ڪنن پتن جهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهي گوسڙو، ڪم چور ۽ منافعي خوري توڙي مفاد پرستيءَ ۾ ريسرچ جون اعليٰ ڊگريون رکندڙ اهي استاد، استادن جي سڄي کاريءَ کي ڪنو ڪن ٿا ۽ گندو ڪوٺرائين ٿا. يقينن سمورا استاد اهڙا نه آهن پر ڪلاس وٺڻ کان ڪيٻائيندڙ ۽ بحران ۾ بلي بلي ٿيندڙ اهي استاد پاڻ ته سدائين ڪلاس کان پري يعني بائيڪاٽ تي هجن ٿا پر ڪنهن مامري کي بنياد بنائي، هو ڪڏهن ڪڏهن مهينن جا پاند پڙهائي کي پٺي ڏئي، ادارا بند رکن ٿا. استاد تنظيمن کي يونيورسٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ضرور ڪرڻ گهرجي پر استاد کي ادارن جي تالابندي ۽ ڪتابن کي ٺپي رکڻ جي ڪڏهن به حمايت نه ڪرڻ گهرجي.
يونيورسٽيءَ جي بحران وڌڻ جو هڪڙو حصو اتان جي ملازمن جي سياست به آهي. شل نه ڪنهن ملازم کي ڪنهن جو پاسو لڳي يا ڪنهن کي اهو سمجهه ۾ اچي ته هن جي بيعزتي ٿي آهي ان کي بنياد بنائي به هيٺين ملازمن جون تنظيمون هڙتالون ڪرائين ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن استاد ۽ ڪڏهن ملازم اهو سمجهندا آهن ته يونيورسٽيون يا اعليٰ تعليمي ادارا کوليا ئي کين روزگار ڏيڻ لاءِ ويا آهن. هو اهو وساري ٿا ويهن ته جيئن اسپتال مريضن جي علاج لاءِ ٺاهي ويندي آهي بلڪل ائين تعليمي ادارا به شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن، تنهن ڪري انهن ادارن تي سڀ کان پهريون ۽ وڏو حق شاگرد جو آهي.
انتظاميا استاد، شاگرد ۽ ملازم ته سنڌ جي يونيورسٽين جي اندرئين ڍانچي جو حصو آهن پر سنڌ جي يونيورسٽين جي بحران جي هڪڙي ذميواري ادارن کان ٻاهر ويٺل والدين، سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين توڙي ميڊيا تي به عائد ٿئي ٿي. جيڪي ان بحران جي حل لاءِ گهربل ڪوشش ۽ ڪردار ادا نه ٿا ڪن. ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي والدين، يونيورسٽيءَ جي بندش سبب، پنهنجي ٻارن جي پڙهائي جي حق متاثر ٿيڻ خلاف ڪو آواز اٿاريو هجي يا ڪو احتجاج بلند ڪيو هجي. جيڪڏهن جبري پورهئي يا گم ٿيل ماڻهن لاءِ احتجاج ڪري سگهجن ٿا ته پڙهائي جي گمشدگيءَ بابت والدين جا احتجاج به ٿي سگهن ٿا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ شاگردن جي والدين، پنهنجي ٻارن جي پڙهائي جي حق تلفيءَ خلاف پنهنجي زبان بند رکي، ”خاموشي- نيم رضا“ واري چوڻيءَ جي تصديق ڪندي، ڄڻ علم دشمنن کي اهو موقعو ڏنو آهي ته هو جيئن وڻين تيئن ڪندا رهن.
سنڌ جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جي بحران جو هڪ حصو سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جي حصي ۾ به اچي ٿو. جيڪڏهن سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سنڌ جون سياسي پارٽيون اعليٰ تعليمي ادارن جي بندش خلاف ائين هلچل هلائين، جيئن اهي پنهنجي ڪارڪنن جي آزادي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ هلائينديون آهن ته شايد سنڌ جي يونيورسٽين جي اها ايتري خراب حالت نه هجي جيتري اڄ آهي. سنڌ جي يونيورسٽين جي خراب حالت جي ذميواري جو هڪ وڏو حصو ان ميڊيا تي به اچي ٿو، جيڪا ميڊيا خاص ڪري سنڌي سماج جي ترجماني ڪري ٿي.
جيڪڏهن اسان جون اخبارون، رسالا ۽ ريڊيو توڙي ٽي وي سنڌ جي تعليم جي مسئلن کي اوليت ڏئي ان جي نشاندهي ڪن، شاگردن جو استاد لاءِ احترام، استادن ۾ فرض جي ادائگيءَ جو جذبو، ملازمن جي اختيارن جي حدن ۽ انتظاميا جي فرضن جي سرحدن جي نشاندهي ڪندا رهن ته به شايد اسان جي تعليم جو ٻيڙو ائين نه ٻڏي ها جيئن اڄ ٻڏي رهيو آهي. اسان جي ميڊيا صحت مند، علم دوست ۽ انسان دوست موضوعن کي ڇڏي، جيڪڏهن ڌاڙيلن، خوني ماڻهن، نانءَ ڪٺين ۽ بدبودار موضوعن کي شايع ڪندي ۽ نشر ڪندي ته پوءِ تعليم جي موضوعن لاءِ يقينن وقت ۽ جاءِ نه ملندي. جيڪڏهن اسان جي ميڊيا معاشري کي فوڪس ڪرڻ بجاءِ رڳو مالڪن جي پاڻ پڏائي ۽ خوشامد ۾ مصروف رهندي ته به ميرٽ تي آيل مسئلن جي نشاندهي نه ٿيندي ۽ ميڊيا سماج بجاءِ سيٺين جي ترجمان ٿي ويندي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو بحران اڄ اسان سڀني کان پنهنجي پنهنجي فرض جي ادائگي جي طلب ڪري ٿو. انتظاميا کان، استادن کان، شاگردن کان، ملازمن کان، والدين کان، سول سوسائٽي ۽ سياسي تنظيمن کان ۽ آخر ۾ ميڊيا کان. ڇو ته جيڪڏهن اسين سڀئي هٿ هٿ ڪري وجهون ته ڪنن جي ور چڙهيل سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليم صحيح سلامت نڪري ۽ ٻيهر ساهه کڻي سگهي ٿي. اچو ته پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

(جنوري 2012 ۾ نشر ٿيل)

ڇا سنڌ جي تعليمي ادارن کي رينجرز جي حوالي ڪجي؟

سنڌ جي عظيم مفڪر ۽ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي خيرپور ۾ قائم لطيف يونيورسٽي ۾ شاگرد پاڻ ۾ وڙهيا آهن. نتيجي ۾ محمد خان ڳنڀير، نالي هڪ شاگرد قتل ٿي ويو آهي. ڪجهه شاگرد زخمي ٿيا آهن جيڪي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي رهيا آهن. جن شاگردن مٿان انهن حملن جو الزام آهي انهن مان پنجن شاگردن جي داخلا رد ڪئي وئي آهي. لطيف يونيورسٽيءَ جي انتظاميا پنهنجي فرض جي ادائگيءَ لاءِ آڱروڍائي شهادت ماڻڻ واري ڪار ڪئي آهي ۽ حملي آور شاگردن کي يونيورسٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، ان کان پوءِ مارجي ويل شاگرد جي سوڳ ۾ يونيورسٽي هڪ ڏينهن بند ڪري يونيورسٽيءَ جي بند ٿيندڙ ڏينهن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. شهيد ٿيندڙ شاگرد جي روح کي سڪون پهچائڻ لاءِ دعائن ۽ درودن جو انتظام ڪيو آهي وغيرهه وغيرهه.
لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ٿيل ان المناڪ واقعي کان اڳ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ هڪ شاگرد قتل ٿي ويو هو، ان کان پوءِ وري زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هڪ شاگرد ماريو ويو. ان کان پوءِ وري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ هڪ شاگردياڻي کي ڏسي لکڻ جي اجازت نه ڏيڻ تان هڪ استاد کي مارڪٽ ڪئي وئي. انهن سڀني واقعن جي ڪري، ڪڏهن استاد، ڪڏهن شاگرد ۽ ڪڏهن يونيورسٽين جا ملازم احتجاج ۽ بائيڪاٽ ڪندا رهيا. سنڌ جي اميد جا هي آخري ڪرڻا، اعليٰ ۽ عظيم درسگاهه، مهينن جا مهينا بند رهيا. وقت هلندو رهيو، دنيا ڊوڙندي رهي پر سنڌ جا پنجاهه هزار شاگرد بيهي رهيا ۽ سنڌ جي نادان سياست جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ جي ڏوهه ۾ پنهنجي ئي گهرن ۾ بيڪارگي جي سزا ڪاٽيندا رهيا.
سنڌ يونيورسٽي ۾ 26000 شاگرد آهن، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ست هزار شاگرد آهن، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ ٻه هزار شاگرد آهن. زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پنج هزار شاگرد آهن. قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ اڍائي هزار شاگرد ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي نئين ٺهيل يونيورسٽيءَ ۾ 1250 شاگرد آهن. اهي ته سنڌ جا وڏا تعليمي ادارا آهن، سکر ۽ نوابشاهه جا ميڊيڪل ڪاليج الڳ آهن، ميرپورخاص، ٺٽي ۽ بدين ۾ نيون کوليل يونيورسٽيءَ جون ڪيمپسون الڳ آهن، تنهن ڪري ٿلهي ليکي ائين چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ شاگرد اعليٰ درسگاهن ۾ داخل آهن پر انهن درسگاهن جي درد جي ڪهاڻي المين سان ڀريل هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هڪ درد آميز دل جي ضرورت آهي.
اسان جي اڪثر يونيورسٽين جي حالت انهن ڇورن ٻارن جهڙي هوندي آهي، جيڪي عجلت ۾ پيدا ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ غربت ۾ پاليا ويندا آهن. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ واريون يونيورسٽيون يتيم ٻارن وانگي لاوارث ڇڏيل رهن ٿيون ۽ اتي جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو ان کان اسان جا حڪمران لاتعلق رهن ٿا. هو اسان کي ڇيڪ ۽ ڇڙواڳ ان ڪري ڇڏي ڏيندا آهن ته اسين پنهنجي لاعلمي، ناسمجهي ۽ بيوقوفي ۾ جيڪي به چاهيون، اهو ڪريون. اسين پنهنجي جهالت ۽ بيوقوفي سبب ڪو چڱو ڪم نه ڪري سگهندا آهيون، هڪ ٻئي سان وڙهندا آهيون، هڪ ٻئي کي قتل ڪندا آهيون، هڪ ٻئي کان پلاند وٺندا آهيون ۽ پلاند جي باهه ۾ رڳو پنهنجا پَلوَ ئي نه ساڙيندا آهيون پر سڄي مادرِعلمي کي انگهه چاڙهي آڳ لڳائيندا آهيون. اهوئي سبب آهي جو خاص ڪري گذريل چاليهه سالن کان، خاص ڪري 1970 کان پوءِ سياست ۾ جيڪو ويڙهه ۽ دهشت جو عنصر ڪاهي آيو آهي ان سنڌ جي تعليم کي تباهه ۽ تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ انڊس پيپلز فورم طرفان ڪراچيءَ ۾ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ اقبال ترين جي ڪتاب جي جيڪا مهورت ڪرائي وئي هئي، ان ۾ اڳوڻن شاگرد اڳواڻن، امرجليل، امان الله شيخ، مهر حسين شاهه ۽ ٻين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته اڳي شاگرد اڳواڻ پڙهڻ ۾ هوشيار هوندا هئا ۽ هاڻوڪا شاگرد اڳواڻ پڙهڻ لاءِ ته تيار ناهن پر ٻين شاگردن کي به پڙهڻ جي اجازت نه ٿاڏين. هو شاگرد کڻي ايندڙ بسن جا ٽائر پنڪچر ڪن ٿا، ڪلاس رومن جي ڪلفن ۾ ايلفي وجهن ٿا، هلندڙ ڪلاسن ۾ استادن اڳيان بيهي، شاگردن کي ڪتاب ٺپڻ (بند ڪرڻ) ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ ڏٺي وائٺي چون ٿا ته جيڪڏهن سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته هو يونيورسٽي هلڻ نه ڏيندا.
سنڌ جي ماضيءَ واري شاگرد سياست يقينن قابل فخر سياست آهي. ان ماضيءَ جي لکيل پڙهيل علم، عقل ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت واري سياست جي نتيجي ۾ ئي، امرجليل، اقبال ترين، ڄام ساقي، يوسف لغاري، يوسف ٽالپر جهڙا اهي سياستدان پيدا ڪيا، جيڪي اڄ اسان وٽ اثاثن جي شڪل ۾ موجود آهن پر 1970ع کان پوءِ جيڪا سياست شروع ٿي، اها سياسي زندگي اسان لاءِ شرمندگيءَ جو سبب آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي مخالفن کي قتل ڪيو، اختلاف راءِ رکندڙن کي اونڌو لڙڪايو ۽ جنهن جنهن به اسان جي ڳالهه کي نه مڃيو، ان سان نه بيان ڪرڻ جهڙيون جٺيون ڪيون. 1970ع کان پوءِ اسان جي سياست جو اخلاقي معيار جيئن ئي ڪريو آهي ته اهو ڪڏهن به بهتر حالت ۾ بحال نه ٿيو آهي. لطيف يونيورسٽيءَ جو تازو جهيڙو بس جي سيٽ تان ٿيو، ان کان اڳ هاسٽل جي ڪنهن ڪمري جي مالڪيءَ تان، ڪنهن پوسٽر مٿان پوسٽر هڻڻ تان، ڪنهن اڳواڻ جي تصوير ڦاٽڻ تان ۽ ڪڏهن وري ڪنهن گوشت جي ٻوٽيءَ تان جهيڙا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن جهيڙي ۾ وري ڪڏهن ڪڏهن شاگرد به قتل ٿيندا رهيا آهن.
اسان جي شاگرد سياست کي اهي ڄامڙا معيار بڇائڻ ۾ يقينن اسان جي مخالفن جو هٿ به ٿي سگهي ٿو پر رڳو دشمن تي ڏوهه ڏئي، پنهنجي پاڻ کي انهن ذميوارين ۽ فرضن کان آجو ڪرڻ به فراريت ۽ حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ جي نشاني آهي.
جيڪڏهن حقيقت ۽ انصاف جي اک سان ڏٺو وڃي ته سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي سياست هاڻي مڪمل طرح علم دشمن ۽ عوام دشمن ته بنجي چڪي آهي پر هاڻي اها سياست بذات خود انهن شاگرد اڳواڻن لاءِ به مٺو زهر بنجي وئي آهي، جيڪي اڄڪلهه ان کي مصري سمجهي کائي رهيا آهن. گذريل ٽيهن سالن کان سنڌ جي شاگرد سياست ڪهڙا غيرمعمولي شاگرد اڳواڻ پيدا ڪيا آهن؟ انهن مان هڪ به اهڙو نالو ناهي جيڪو اڳ ۾ شاگرد اڳواڻ رهيو هجي ۽ هاڻي سياست، صحافت، علم، فن ۽ حرفت ۾ ڪو وڏو نالو ڳڻيو وڃي. ويجهڙائي واري ماضي جي شاگرد اڳواڻن جي گهڻائي هينئر به، جتي آهي اتي، ڪم چوري، سينازوري، چمچاگيري يا ٺڳيءَ جي ڪرت ۽ ڌنڌي ۾ رڌل آهي. هنن مان گهڻا نه بهترين سياستدان ٿي سگهيا نه موچارا صحافي بنجي سگهيا، نه سٺا ليکڪ ٿي سگهيا نه سماج سڌارڪ بنجي سگهيا. ڪامورا شاهي ۽ ڪاروباري ڌنڌا ته چٽا ڀيٽيءَ وارا آهن، تنهن ڪري انهن ۾ ڪاميابي ته ڇا پر هنن انهن ڌنڌن ۾ ڪڏهن داخل ٿيڻ لاءِ سوچيو ئي نه آهي.
سنڌ جي درسگاهن جي اهڙي حالت ڏسڻ کان پوءِ هر روز مرندڙ شاگردن جا لاش وصول ڪرڻ باوجود پنجاهه هزار شاگردن جي گهرن ۾ واندڪائي جي سزا ڀوڳڻ بعد اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ناسمجهي ۽ جهالت جي ان جن مان سنڌ جي نوجوان جي جان ڪيئن ڇڏائجي؟ ان لاءِ هڪ تجويز اها به آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي رينجرز جي حوالي ڪري تعليمي ادارن کي ڇڙواڳ، ٽرڙن، ڦوشرباز، هلڪڙي ۽ سطحي سوچ رکندڙ نام نهاد شاگرد اڳواڻن کان پاڪ ڪرائجي.
ڇا ان ڳالهه تي ڪڏهن ڪنهن سوچيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ ٻار ڪنهن جا آهن؟ سرڪاري اسڪولن کان سرڪاري يونيورسٽين تائين، جيڪي به سرڪار جي زڪوات جيتري فنڊ مان هلندڙ علمي ادارا آهن، اتي هيٺين وچولي طبقي يا غريبن جا ٻار پڙهن ٿا. خوشحال گهراڻن ۽ مٿين وچولن طبقن جا ٻار پهرئين درجي کان خانگي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڏيساور جا ڏس پڇائين ٿا. پر سنڌ جو غريب ۽ وچولو طبقو، جيڪو هوشيار ۽ اڳتي وڌندڙ ٻار پيدا ڪري ٿو. جيڪو مستقبل جا آفيسر ۽ ليڊر پيدا ڪري ٿو، وڙهندڙ ۽ جاکوڙيندڙ اڳواڻ پيدا ڪري ٿو، اهليت ۽ انصاف جي جنگ وڙهندڙ سپاهي ۽ سالار پيدا ڪري ٿو ۽ اهڙا اڳواڻ پيدا ڪري ٿو، جيڪي روايتي ۽ خانداني رسمن، رواجن ۽ قانونن کي للڪارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تنهن ڪري جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته اسان جو مستقبل قابل، هوشيار ۽ محنتي اڳواڻن جي هٿ ۾ هجي به ۽ بچي به ته پوءِ اسان کي سنڌ جي سرڪاري اعليٰ تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻي پوندي.
سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جو چانسلر ساڳيو ئي سنڌ جو گورنر آهي. جيڪڏهن ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ کي جهيڙن کان بچائڻ لاءِ رينجرز جي حوالي ڪيو ويو آهي ته پوءِ قانون جي اهڙي سختي سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ قائم ادارن تي ڇو نه ٿي لاڳو ڪئي وڃي؟ ڇو نه ٿو سنڌ جي يونيورسٽين ۽ وڏن ڪاليجن کي هٿيارن کان مڪمل طرح پاڪ ڪيو وڃي؟؟
ڇا سنڌ جو عقل، سياست ۽ نازڪ آئيندو ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿو ته سنڌ جي پنجاهه هزار شاگردن کي پنج سو بگڙيل، هلڪن دماغن ۽ ٽرڙن مزاجن وارن انهن لوفرن جي حوالي ڪيو وڃي جيڪي ڳلا کولي ۽ چشما چاڙهي مقدس درسگاهن جي زمينن تي پنجابي فلمن جي دادن وانگي ڦرن ٿا؟

(4 فيبروري 2010ع تي نشر ٿيل )

يونيورسٽيون اسان جو مستقبل آهن

سنڌ جي ڪيترن ئي علمي درسگاهن جي ماءُ سمجهي ويندڙ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، اٽڪل هڪ مهينو بند رهڻ کان پوءِ صرف ٻن ڏينهن لاءِ کلي ۽ پوءِ وري بائيڪاٽ ۽ بندش جي رستي تي آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن الزام هنيو آهي ته 31 جنوري (2012ع) تي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ساڻن ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ سندن جيڪي مطالبا مڃيا ويا هئا ۽ جهڙيءَ ريت کين يقين ڏياريو ويو هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏاڪي به ڏاڪي سنئين واٽ تي آندو ويندو- ائين نه ٿيو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي نذير مغل کي ٽن مهينن جي عارضي موڪل ۽ پوءِ مستقل موڪل تي موڪلڻ بجاءِ کيس واپس ورائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن جي گهڻائيءَ گورنر هائوس ۾ ٿيل معاهدي تان ڦري وڃڻ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، يونيورسٽيءَ لاءِ ٻيهر تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن ان وچ ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير جي ٽپي اچڻ تي به حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته استادن جي تحريڪ ۽ يونيورسٽيءَ جي هڪ مهيني جي بندش دوران، پراسرار نموني خاموش ويٺل وزيرتعليم پير مظهرالحق کي اوچتو اهو خيال ڪيئن آيو ته استادن جو وي سيءَ کي هٽائڻ وار مطالبو غيرقانوني آهي؟
سنڌ جي اعليٰ تعليم ڏانهن پيپلزپارٽي جي سرڪار جو لاتعلقي وارو روئيو نه رڳو افسوسناڪ پر خطرناڪ به آهي. ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ هائرايجوڪيشن صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ آهي. پر ارڙهين ترميم منظور ڪرائڻ جي ڪاميابيءَ تي شادمانا مالهائيندڙ پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار اڃا تائين سنڌ ۾ ارڙهين ترميم تي عمل نه ڪرايو آهي ۽ سنڌ جون سڀئي سرڪاري يونيورسٽيون گورنر جي ڪنٽرول ۾ آهن. پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ سرڪار هونئن ته سمورن کاتن ۾ پنهنجي اتحادين کي حصو پتي ڏئي سرڪار هلائي رهي آهي پر خبرناهي ته کانئس اها ڳالهه ڇو وسري وئي آهي ته ان ونڊ ورهاست واري مال غنيمت ۾ سنڌ جون يونيورسٽيون به آهن. ڪاش جيڪڏهن ائين به ٿئي ها ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ٻهراڙين يا ننڍن شهرن ۾ قائم، سنڌ جي يونيورسٽين جي ٿوري مالڪي ٿئي ها پر ڪراچي کان سواءِ باقي سنڌ جي سمورن علائقن ۾ قائم سرڪاري يونيورسٽين کي بيواهه عورتن وانگي سرڪار جي سالياني گرانٽ ذريعي ساهه تڳائڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي ۽ پوءِ سنڌ جي گورنر هائوس جا هيٺين سطح جا ڪامورا، انهن بيواهه عورتن جهڙن ادارن جا فيصلا ڪن ٿا.
هينئر جڏهن 6 فيبروريءَ تي سنڌ يونيورسٽي ٻيهر کلندي، تڏهن علامه آءِ آءِ قاضي جهڙي مفڪر ۽ عظيم انسان جي هٿن سان آباد ڪيل هن يونيورسٽيءَ ۾ اندروني ويڙهه جو خطرو ٻڌايو پيو وڃي. استادن ۽ ملازمن اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي تحريڪ جاري رکندا، وائيس چانسلر صاحب جي ويجهن آفيسرن شاگردن کي اپيلون ڪيون آهن ته تحريڪ هلائيندڙ استادن ۽ ملازمن جو گهيراءُ ڪيو وڃي. پ پ جي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ هلندڙ هٿياربند شاگرد تنظيمن وري ڪجهه استادن تي تعليمي ماحول خراب ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، تنهن ڪري خطرو آهي ته سنڌ يونيورسٽي کي مصر جو اهو فٽبال گرائونڊ بنايو ويندو، جنهن ۾ هڪڙي ٽيم جا همدرد ٻي ٽيم تي حملي آور ٿيندا ۽ نتيجي ۾ مادر علمي ۾ موجود استاد، شاگرد ۽ ملازم هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهندا.
اهو هڪ سوچڻ جو مقام آهي ته آخرڪار بندش جو اهو بحران رڳو سنڌ جي يونيورسٽين ۽ خاص ڪري ٻهراڙين وارين يونيورسٽين سان ڇو آهي؟ سرڪاري يونيورسٽيون ته ڪراچيءَ ۾ به آهن ۽ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڳوڙ ڪراچيءَ ۾ ٿين ٿا پر پوءِ به ڪراچيءَ جون يونيورسٽيون مهينا ته ڇا پر ڪجهه ڏينهن به بند نه ٿيون رهن. اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ جون يونيورسٽيون سدائين کليل رهن ٿيون پر اسان جي چوڻ جو مطلب آهي ته آخرڪار ائين ڇو آهي ته جڏهن يونيورسٽين جو چانسلر به ساڳيو آهي انتظامي زنجير به هڪڙي آهي پر بندش ۽ بدانتظامي هميشه سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين جي يونيورسٽين ۾ اچي ٿي. اسان پنهنجي ڪيترين ئي رپورٽن ۾ اڳي به ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندا آيا آهيون جنهن ۾ اسان ميڊيا سميت استادن، شاگردن، ملازمن، انتظاميا، والدين، سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي حصي جي فرض ۽ ڪردار جي نشاندهي ڪندا آيا آهيون. بهرحال ان ڏس ۾ سڀ کان وڏو ۽ بنيادي ڪردار وري به سرڪار ۽ يونيورسٽين جي چانسلر جو آهي؟
يونيورسٽي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ ويهاريل رينجرز ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ به آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به پر اهو ڪهڙو سبب آهي جو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ رينجرز سرگرم ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ خاموش ويٺل آهي. گڏوگڏ سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري باشعور حلقا اهو به ڄاڻڻ چاهين ٿا ته آخر ائين ڇو ٿو ٿئي ته سنڌ يونيورسٽي جهڙو ادارو مهينن جا پاند بند رهي ٿو ۽ قانون توڙي انتظاميا مهينن کان به وڏي ننڊ ۽ سستي ۾ رهن ٿا. ان سلسلي ۾ هڪ اهم سوال سنڌ جي گورنر هائوس بابت به آهي. صوبي جي آئيني سربراهه جي دفتر ۾ ڪيل ڳالهين ۽ ٿيل معاهدن تان ڪير، ڪيئن ۽ ڇو دستبردار ٿئي ٿو؟ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن سان ٿيل معاهدي تان آخرڪار ڇو هٿ کنيو ويو؟ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن جي معاهدي کان اڳ سنڌ گورنر هائوس ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ جي مزدور يونين سان به گذريل سال جولاءِ جي مهيني ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو پر ڪي اي ايس سي پورهيتن 3 فيبروري تي هڪ وڏي احتجاجي ريليءَ ۾ اها شڪايت ڪئي ته سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ٿيل ان معاهدي تي عمل نه ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجهه عرصي کان اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي گورنر هائوس ۾ جيڪي به واعدا يا معاهدا ٿين ٿا انهن تي عمل نه ٿو ٿئي ۽ گورنر هائوس ڪجهه عرصي کان واعدا شڪنيءَ جي مرڪز طور مشهور ٿي رهيو آهي. گورنر هائوس ۾ ٿيل معاهدن جي ڀڃڪڙي ۽ واعدا شڪني جنهن مرڪز جي شهه تي رهي آهي اها ڪنهن عهديدار کان وڌيڪ ان آفيس ۽ عهدي جي توهين آهي. تنهن ڪري پ پ سرڪار ۽ واسطيدار ڌرين کي گورنر هائوس بابت ماڻهن جي اها راءِ به ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
سنڌ جا ماڻهو، سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن جي اها افسوس جهڙي حالت ڏسي ڏسي تنگ ٿي پيا آهن ۽ هاڻي هو پنهنجي اعليٰ تعليم جي مرڪزن کي آباد ۽ اڳيان وڌندو ڏسڻ چاهين ٿا تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري پيپلزپارٽي جي سرڪار کان اها گهر ڪن ٿا ته، اڙرهين آئيني ترميم تي عمل ڪندي سنڌ جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليم جا انتظامي اختيار سنڌ حڪومت ڏانهن منتقل ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي يونيورسٽين کي هلائڻ لاءِ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب صوبي وانگي هڪ انتظامي ادارو قائم ڪيو وڃي. سنڌ جا ماڻهو اها به گهر ڪن ٿا ته سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن ۾ رٽائر ۽ ڪمائو ۽ پنهنجي ذهني صحت جو مدو پورو ڪرڻ وارن ڪامورن بجاءِ اهل، ايماندار ۽ علم دوست استادن ۽ آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ يونيورسٽين جي انتظام ۽ ڪاروهنوار کي هلائڻ لاءِ نظام ترتيب ۽ تجويز ڏيڻ واسطي هڪ ڪميشن مقرر ڪيو وڃي. سنڌ جا ماڻهو اها به گهر ڪن ٿا ته سنڌ جي اعليٰ علمي درسگاهن کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن جاهلن ۽ هٿياربند لوفرن کان آزاد ڪرائي سنڌ جي يونيورسٽين کي پرامن ۽ حقيقي مادر علمي بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سڀني باشعور حلقن جي اها گڏيل راءِ آهي ته پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل ڪجهه شاگرد اڳواڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ دهشت پکيڙڻ ۽ هٿيارن جي نمائش جا ذميوار آهن. تنهن ڪري پ پ سرڪار کي انهن دهشت پسند هٿياربندن جي بحيثيت پارٽيءَ جي انهن جي وضاحت ڪرڻ گهرجي ۽ بحيثيت سرڪار جي انهن خلاف قدم کڻڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اعليٰ تعليم ڪنهن به قوم ۽ معاشري جي ترقي لاءِ اڳواڻ پيدا ڪرڻ لاءِ بنيادي جز آهي، تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن جي ان کسيل حق کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليم کي بڇايل اهي سڀئي جيجو ختم ڪري سنڌ جي يونيورسٽين ۾ هڪ اهڙو تعليمي ماحول پيدا ڪيو وڃي جيڪو هن خطي جي ماڻهن جي ترقي، خوشحالي ۽ مثالي امن دوستي ۽ آسودگيءَ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه اسان کي سمجهڻي پوندي ته سنڌ يونيورسٽيءَ سميت سنڌ جون يونيورسٽيون اسان جي ايندڙ نسلن ۽ ايندڙ زمانن جي ترقيءَ سان سڌي نسبت رکن ٿيون. تنهن ڪري اعليٰ تعليم جي هنن ادارن کي جيڪڏهن اهڙي ريت تباهه ڪيو ويو ته اسان جو مستقبل توڙي اولاد به يقينن تباهه ٿيندو. تنهن ڪري يونيورسٽين ڏانهن پنهنجي راءِ ۽ روش کي تبديل ڪرڻو پوندو.
سنڌ جون يونيورسٽيون ڪنهن وي سي ۽ ڪنهن وزير يا ڪنهن پارٽيءَ ۽ تنظيم جي خوشحالي ۽ خوشنوديءَ لاءِ نه پر سنڌ جي ايندڙ ايامن ۽ نسلن جي اعليٰ انساني آدرشن جي حصول جو ذريعو آهي، تنهن ڪري انهن يونيورسٽين کي قدر ۽ اهميت جي ان اک سان ڏٺو ۽ پرکيو وڃي.

(فيبروري 2012ع ۾ نشر ٿيل)

سنڌ جي فڪري امام جي نالي تي قائم يونيورسٽيءَ جي فڪر جوڳي حالت

سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي قائم شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري علائقي جي ٻيو نمبر وڏي يونيورسٽي هئڻ باوجود علم جو آدرشي درسگاهه بنجي نه سگهي آهي ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس ڊپارٽمينٽ کان سواءِ يونيورسٽيءَ جي 22 شعبن ۾ پڙهائي جو معيار هيٺاهين سطح تائين ڪري پيو آهي. يونيورسٽي کان ٻاهر، لاڳاپيل ڪاليجن ۾ جيڪي بيچلرز ۽ ماسٽرز جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون، انهن جي حالت ته ڏهاڪن کان خراب آهي ۽ اڄڪلهه حالت اها اچي بيٺي آهي ته ملڪ جو ڪوبه مالياتي، صنعتي يا حرفتي ادارو شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي ڊگريءَ کي اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. جتي به نوڪريءَ لاءِ شاهه لطيف يونيورسٽي جو سند يافتا اميدوار درخواست ڏئي ٿو، ان کي انٽرويو لاءِ ئي نه ٿو سڏايو وڃي.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪهاڻي لطيف جي ان شعر جي پوري پوري عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ۾ لطيف چوي ٿو ته،
سرجيس ته سور، سامائيس ته سک ويا
اهي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
لطيف يونيورسٽيءَ پنهنجي قيام جي شروعاتي ڏهاڙن کان ئي بدانتظامي ۽ بدعنواني جي طوفانن جي ورچڙهيل رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن يونيورسٽيءَ ۾ اشرافيا سڏائيندڙ طبقن ۽ حلقن جا ٻار نه ٿا پڙهن. تنهن ڪري هيءَ يونيورسٽي وقت جي حاڪمن جو ته ڇا پر ميڊيا جو به ڌيان نه ڇڪائي سگهي آهي ۽ مختلف دورن ۾ هن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شپ، سرڪار جي دادلن ڪامورن کي جنگ ۾ هٿ آيل مال وانگي انعام ۾ ائين ملندي رهي آهي، جيئن هندستان جي مغل شهزادن کي جاگيرون انعام ۾ ملنديون هيون.
شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ڪيمپس شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1974ع ۾ قائم ڪئي هئي ۽ سيد ابراهيم شاهه بخاريءَ کي يونيورسٽيءَ جو پهريون پرو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو ۽ 5 مئي 1987ع تي ممتاز گرائونڊ خيرپور ۾ ان وقت جي وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. پر 25 سالن جو عرصو گذري وڃڻ باوجود لطيف جي نالي تي قائم هي يونيورسٽي حاڪمن جو توجهه طلب نه ڪري سگهي آهي. ان ڪري هر ايندڙ ڏينهن ۾ علم جي هن درسگاهه ۾ روشني بجاءِ اونداهه ۽ انڌيرو وڌي رهيو آهي. نتيجي طور علائقي جي ماڻهن، پڙهندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين ۾ ڳڻتي ۽ پريشاني چوٽ چڙهي رهي آهي.
گذريل پنجويهه سالن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کي ڪو مثالي وائيس چانسلر نه ملي سگهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي ان حساب سان ته خوش نصيب هئي، جنهن جي مسند علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ اياز جهڙن فلسفين، محققن ۽ دانشورن وٽ رهي پر شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جا ڪڏهن به اهڙا بخت نه کليا. ان کان سواءِ لطيف يونيورسٽيءَ کي وڏي ۾ وڏي ڌچڪو، خيرپور شهر ٻاهران ٺهندڙ شادي شهيد واري رٿا ۾ مليو، جتي ان وقت جا 9 ڪروڙ رپيا کاڌا ويا. انهن نون ڪروڙن جي اڄوڪي ماليت 80 ڪروڙن کان وڌيڪ آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان رٿا جا ايترا پئسا ته کاڄي ويا پر سرڪار کي ۽ بدعنواني روڪيندڙ ادارن کي هڪ به جوابدار هٿ نه آيو. اهڙي ريت بدعنوان ڪامورا ۽ انتظاميا ڄڻ سڄي يونيورسٽي ڳيهي هڙپ ڪري ويا. شادي شهيد واري رٿا کان وٺي اڄ تائين لطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شپ، سدائين ڪنهن نه ڪنهن دادلي کي کائڻ ۽ خوش ٿيڻ لاءِ ڏني ويندي آهي. پوءِ جنهن اداري جو سربراهه ئي سفارش تي ڀرتي ٿي اچي اهو هن اعليٰ علمي درسگاهه جا مثالي نظام ۽ انتظام ڇو قائم ڪندو؟ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ اڄڪلهه جيڪو انتظام آهي ان موجب وائيس چانسلر، رجسٽرار، امتحانن جي ڪنٽرولر، ڊائريڪٽر فنانس، ۽ انسپيڪٽر ڪاليجز ۽ برسر جهڙيون اهم پوسٽون رٽائرڊ ڪامورن کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري انهن جي حوالي ڪيون ويون آهن. جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ ۾ ريگولر آفيسر به مقرر آهن پر ڇاڪاڻ ته اهي ”سڀ ڪجهه“ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، تنهن ڪري کين انهن اهم عهدن تي مقرر نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪي استاد انهن آفيسرن جي مقرريءَ جي مخالفت ڪن ٿا انهن کي وري انتظاميا اهم پوسٽون ڏئي خاموش ڪرايو ڇڏي. ڪانٽريڪٽي ملازمن کي اهم عهدا ڏيڻ سبب رڳو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ئي نه پر جٿي ڪٿي بدعنواني وڌي ٿي. اهڙين مقررين سبب ئي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو 72 جعلي ڊگرين وارو اسڪينڊل اڳيان آيو هو، جنهن جي شروعاتي جاچ ڪرائي وئي پر ٿوري عرصي کان پوءِ وري اها جاچ به گم ٿي وئي.
يونيورسٽيءَ جي ملازمن ۽ آفيسرن ڪيترا ڀيرا حتجاج ڪيو آهي ۽ ياد ڏياريو آهي ته رٽائرڊ ٿيل آفيسرن جي بار بار مقرري بدعنوانيءَ جو سبب بنجي ٿي تنهن ڪري اهم عهدن تي رٽائر ٿيل ماڻهو مقرر نه ڪيا وڃن پر انهن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. يونيورسٽي جي موجودهه وائيس چانسلر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي تڏهن هوءَ پاڻ به وري وري ڪانٽريڪٽ جي مخالف هئي پر هاڻي هوءَ جڏهن پاڻ وائيس چانسلر ٿي آهي ته ان نظام جو حصو بنجي وئي آهي.
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه ڇهن هزارن کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائين ٿا ۽ ان ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ استاد ۽ ملازم نوڪريون ڪن ٿا. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ روزانو گهوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ نوشهري فيروز جا شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا جڏهن ته اتر ۽ وچولي سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۽ علائقن جا شاگرد ان جي هاسٽلن ۾ داخل ٿي ۽ رهي تعليم حاصل ڪن ٿا. لطيف يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڊگري ڪاليجن جو تعداد ان کان سواءِ آهي، تنهن ڪري وقت جي ضرورت آهي ته لطيف يونيورسٽيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ۽ لطيف يونيورسٽيءَ بابت اهم ۽ بنيادي فيصلا مصلحت ۽ مجبوري کان مٿانهان ٿي ڪري ڪيا وڃن.
ضرورت آهي ته اداري مان سياست ۽ اقربا پروري کي ختم ڪيو وڃي ۽ استادن کي شعبن جي چارج جي رشوت ڏيڻ بجاءِ کين پڙهائڻ لاءِ وقت ۽ موقعو ڏنو وڃي. ڪانٽريڪٽي ملازمن جا معاهدا، اهم ضرورتن کان سواءِ باقي سڀ ختم ڪيا وڃن ۽ اهم عهدا رٽائر آفيسرن کان واپس ورتا وڃن.
ضرورت آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ وائيس چانسلر کان وٺي هيٺ تائين مقرريون ميرٽ تي ڪيون وڃن. يونيورسٽيءَ ۾ درس ۽ تدريس جا انتظام اهڙا ڪيا وڃن جو هن يونيورسٽيءَ جي ڪيمپس اندر تعليمي ماحول موٽي اچي ۽ يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيندڙ ڊگرين کي مانُ ملي ۽ اهو مان ايترو وڌي جو ملڪي توڙي غيرملڪي ادارا هن درسگاهه تي سند يافتا شاگردن کي سڏي نوڪريون ڏين.
اسان سڀني کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کي پنهنجو تعليمي اوج ۽ عروج ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردارا ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي قائم هي ادارو، لطيف جي ڏاهپ ۽ فلسفي سان پنهنجي ساک ۽ ناماچاري ڀيٽائي سگهي.

( سيپٽمبر 2012 ع ۾ نشر ٿيل )

مهاٻوڏ ۽ برساتون

---

مهاٻوڏ جي مک جوابدارن کي سزا ڏيو

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان گذريل سال واري مهاٻوڏ ۾ ٽٽل يا ٽوڙيل بندن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميشن جيڪي حقيقتون ڳولي لڌيون آهن ۽ جيڪي تجويزون ڏنيون آهن، اهي اسان جي اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهن.
ٻوڏ ڪميشن طرفان نشانبر ڪيل حقيقتن کي معلوم ڪرڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته اسان جي آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي ڪهڙي آهي ۽ آبپاشي کاتي جي نگهباني لاءِ مقرر ڪيل اسان جي ڪامورن جا ڪلور ڪٿي پهتل آهن؟ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گذريل سال واري مهاٻوڏ دوران جيڪي به بند ٽٽا انهن جي سببن معلوم ڪرڻ لاءِ 15 ڊسمبر 2010 تي هڪ انڪوائري ڪميشن مقرر ڪري ان کي بندن ٽٽڻ جون حقيقتون معلوم ڪرڻ ۽ آئندي لاءِ تجويزون ڏيڻ جو اختيار ڏنو هو.ڪميشن ۾ چئن ئي صوبن سان لاڳاپيل ڪامورن کي کنيو ويو جنهن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري فتح خان خجڪ، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري اي ڊبليو قاضي، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري ظهير احمد ۽ خيرپختونخواهه جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري محمد اعظم خان شامل هو. محمد اعظم خان کي ان چار رڪني ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، جنهن چئن ئي صوبن جو دورو ڪري 172 عوامي شاهدن ۽ 64 عوامي نمائندن ۽ سرڪاري نمائندن جون شاهديون رڪارڊ ڪيون، جنهن کانپوءِ ڪميشن 200 صفحن تي ٻڌل پنهنجي هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي آهي. ٻوڏ ڪميشن کي جاچ لاءِ 13 نقطا ڏنا ويا هئا جنهن ۾ ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال ۾ بند ڪٿان ۽ ڪيئن ٽوڙجي؟ ۽ ان جو اختيار ڪنهن وٽ آهي؟ ٽوڙي بند ڪيئن ٽٽو؟ ٽوڙي بند جي ڀڄڻ يا ڀڃائڻ ۾ ڪنهن جو ۽ ڪيترو ڪردار هو؟ بند ٽوڙڻ کان اڳ ۾ بندن مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا هئا يا نه؟ جيڪڏهن نه ته ان نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا بند ٽٽڻ جي صورت ۾ جن کي به فائدو ٿيو، انهن مٿان متاثرن جي مدد جو ڏنڊ ۽ بار وجهي سگهجي ٿو يا نه؟ بند ٽٽڻ کان پوءِ ماڻهن کي امداد ۽ سامان مهيا ڪيو ويو يا نه؟ سنڌوءَ جي بندن جي سالياني مرمت ٿئي ٿي يا نه؟ ۽ جيڪڏهن نه ٿي ٿئي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ وغيرهه
فلڊ ڪميشن پنهنجي تفصيلي جاچ ڪرڻ کان پوءِ ۽ لڳ ڀڳ اڍائي سو سياسي نمائندن، اڳواڻن، ڪامورن، صحافين ۽ شهرين جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ جن نتيجن تي پهتي آهي انهن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي:
ٻوڏ ڪميشن پنهنجي نتيجن عرف فائينڊنگس ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ بندن ٽٽڻ جون ذميوار اهي غيرقانوني ڪم ۽ حرڪتون آهن جيڪي گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻيءَ جي درياهي، بئراجي ۽ ڪئنالي نظام سان ٿينديون رهيون آهن.
ڪميشن پنهنجي نتيجن ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽوڙي توڙي ٺٽي جي 145 ۽ PB بند ٽٽڻ جا ذميوار گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج جا چيف انجنيئر آهن جن عوام کي وقت سر آگاهه نه ڪيو هو. جنهن ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي نقصان پهتو آهي. ڪميشن پنهنجي نتيجن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته سالن کان ٽوڙي بند جي مرمت نه ٿي هئي ۽ ان کي سالن جا سال نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي، جنهن ڪري هي بند ڪمزور ٿي ويو هو. پر ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ بند کي لڳل کڏا کٻا ڀرڻ لاءِ بند جي مٿان مٽي کنئي وئي، نتيجي طور بند ويتر ڪمزور ٿي ويو.
ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان جي موسميات کاتي جي ٻوڏ بابت ڪيل اڳڪٿي، جيتوڻيڪ دير سان جاري ڪئي وئي هئي پر پوءِ به پنجاب جي سرائڪي علائقي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ جي پاڻي کي پهچڻ ۾ ڪافي ڏينهن لڳا تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ پنجاب سرڪار وٽ تياري ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت هو ۽ جيڪڏهن هو ڪوششون ڪن ها ته صورتحال کي خراب ٿيڻ کان بچايو وڃي ها، پر سنڌ ۽ پنجاب جي سرڪار موسيمات کاتي جي اڳڪٿي کان پوءِ به قدم نه کنيا.
ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته بندن جي ٽٽڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميشن جڏهن تفصيل گڏ پئي ڪيا تڏهن انوقت جي سيڪريٽري آبپاشي، گڊو بئراج جي چيف انجنيئر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر ڪميشن کان حقيقتون لڪايون هيون. ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مهاٻوڏ دوران 1855 - ارب رپين جو نقصان ٿيو جنهن مان 65 سيڪڙو نقصان ماڻهن جو ذاتي نقصان آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي نقصان ملڪ جي مجموعي گهرو پيداوار ”جي ڊي پي“ جو 5.8 سيڪڙو آهي، سرڪاري دفاعي ادارن جو نقصان ان کان سواءِ آهي. نقصانن جا تفصيل ڏيندي ٻوڏ ڪميشن ڄاڻايو آهي ته ٻوڏ دوران 1600 ماڻهو مري ويا جن کي 5 لک رپيا في ماڻهو جي حساب سان معاوضو ڏيڻ گهرجي، ٻوڏ دوران 70 لک ٻارڙن جو اڌ تعليمي سال وڃائجي ويو ۽ 45 لک ماڻهن کي روزگار کان محروم ٿيڻو پيو. جنهن ۾ خاص ڪري پوکي راهيءَ سان لاڳاپيل هاري طبقو شامل آهي ۽ ٻوڏ دوران ٻن ڪروڙ ماڻهن کي بکن ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻو پيو.
ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ جي آخر ۾ ڪجهه سفارشون به پيش ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته درياهه جي ڪچي واري علائقي ۾ قبضا ڪيا ويا آهن ۽ اتي خانگي بند ۽ پڪيون اڏاوتون ڪيون ويون آهن تنهن ڪري ٻوڏ جي پاڻيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون آهن. ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سرڪار کي ڪچي يا ٻيلي واريون زمينون خانگي ماڻهن کي نه ڏيڻ گهرجن ۽ گذريل مهاٻوڏ دوران ٻوڏ جي پاڻيءَ جيڪي بند ٽوڙيا يا اڏاوتون ڊاٿيون انهن کي ٻيهر اڏڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
ٻوڏ ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو آهي ته آبپاشي کاتي گذريل ڏهن سالن دوران جيڪي به ڪم ڪرايا آهن، انهن جي آڊٽ ڪرائي وڃي.
سنڌ ٽي ويءَ گذريل سال مهاٻوڏ دوران جن جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي هئي بلڪل اهي ڳالهيون سپريم ڪورٽ طرفان قائم ڪيل ٻوڏ ڪميشن جي رپورٽ ۾ سفارشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. ٻيو ته ٺهيو پر ٽوڙي بند جي ٽٽڻ جي باري ۾ سنڌ ٽي وي جي رپورٽر راهب ٻپڙ ۽ بقا محمد بنگوار تي ٻڌل خصوصي ٽيم، جڏهن 7 آگسٽ کان اڳ ٽوڙي بند جو معائنو ڪيو هو تڏهن ڄاڻايو هو ته ٽوڙي بند کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي، تنهن ڪري هن بند جي ٽٽڻ جا امڪان آهن. سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽنگ ٽيم، پنهنجي ان جڳ مشهور رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو هو ته جيڪڏهن ٽوڙيءَ جو بند ٽٽو ته پوءِ غوثپور، ٺل، جيڪب آباد سميت سڄو علائقو ٻڏي ويندو.
7 آگسٽ 2010ع تي ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ، جيڪا مهاٻوڏ سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي وارن علائقن ۾ ٿي ۽ ان ٻوڏ جيڪا تباهي آندي، ان وقت ماڻهن کي درست معلومات ڏيڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ لاءِ سنڌ ٽي وي نيوز طرفان جيڪو فلڊ ايمرجنسي روم قائم ڪيو ويو هو، ان ۾ بار بار انهن ئي ڳالهين جو ذڪر ڪيو پئي ويو جن جو ذڪر سپريم ڪورٽ جي ٻوڏ ڪميشن جي سفارشن ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌ ٽي ويءَ جي فلڊ ايمرجنسي روم ۾ ويٺل تجزئي نگار ٻوڏ جي وقت ان خيال جا هئا ته جيڪڏهن ڪچي مان خانگي بند ختم ڪيا وڃن ۽ درياهي ٻيلا بحال ڪيا وڃن ته سنڌو درياهه جي ٻوڏ جي نقصان کي گهٽائي سگهجي ها. سنڌ ٽي وي نيوز جي سٿ کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن جون رپورٽون ۽ تجزيا عالمي معيار جي ڪميشن جي رپورٽن سان بَرُ ميچيندڙ آهن.
هاڻي جڏهن اها ڳالهه پڌري ٿي چڪي آهي ۽ ماهر به ان ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين جو رستو روڪڻ لاءِ ڪچي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ ضروري آهن. ڪچي جي ٻيلن جي ٻيهر پوکائي ۽ بحالي ضروري آهي، ڪچي ۾ ٺهيل خانگي بندن جو خاتمو ضروري آهي ۽ بندن، بئراجن، ڪئنالن، شاخن ۽ واهن جي مرمت ۽ سارسنڀال شفاف نموني ٿيڻ ضروري آهي تڏهن اها ڳالهه حڪومت لاءِ لازم آهي ته ٻوڏ ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي ۽ ڪچي جون سموريون ڪيٽيون ختم ڪري اتي ٻيلا پوکيا وڃن. ڪچي مان قبضا ۽ خانگي بند ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي.
ٻوڏ ڪميشن جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اها ڳالهه ضروري ٿي پئي آهي ته ٻوڏ ڪميشن طرفان گذريل سال واري مهاٻوڏ جي ذميوار آفيسرن، خاص ڪري اڳوڻي سيڪريٽري آبپاشي شجاع جوڻيجو، گڊو بئراج جي چيف انجنيئر ظفرالله مهر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر منظور شيخ خلاف قانوني ۽ محڪماتي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مٿن ڪرمنل ڪيس داخل ڪري هڪ ڪروڙ ماڻهن کي دربدر ڪرڻ ۽ اربين رپين جي نقصان جو فرياد داخل ڪيو وڃي. ٻوڏ ڪميشن طرفان ظاهر ڪيل ذميوارن خلاف جيڪڏهن هن ڀيري به ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ايندڙ وقت جي امڪاني نقصانن جو رستو روڪڻ لاءِ ڪوبه ڪامورو ڪوشش نه ڪندو.

( جون 2011ع ۾ نشر ٿيل )

سنڌ کي پکين وارو داڻو نه پر انسانن واري امداد گهرجي

سال 2010ع جي آگسٽ مهيني ۾ آيل سنڌو درياهه جي تاريخي ٻوڏ ملڪ ۾ مجموعي طرح ۽ سنڌ ۾ خاص طرح جيڪا تباهي آندي آهي ان لاءِ گڏيل قومن جي اداري پڻ چيو آهي ته ان ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۽ نقصانن جو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي.
جيستائين سنڌ ۾ ٺٽي جا بند نه ٽٽا هئا ۽ جيستائين حمل ڍنڍ ۽ منڇر جي بندن مٿان پاڻي نه اٿليو هو، تيستائين سنڌ سرڪار چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ستر لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ هاڻي جڏهن حمل، منڇر ۽ ٺٽي ۾ سنڌو دريا جا ساڄا ۽ کاٻا ڪنارا ٻڏي چڪا آهن، تيستائين سنڌ ۾ دربدر ٿيل ماڻهن جو انگ هڪ ڪروڙ تي پڄي چڪو آهي. 1998ع جي آدم شماري مطابق جيڪڏهن سنڌ ۾ ڇهن ماڻهن تي هڪ گهراڻو تسليم ڪيو وڃي ته به تازي ٻوڏ سبب سنڌ ۾ سورهن لکن کان وڌيڪ خاندان دربدر يا بي گهر ٿيا آهن، ان حساب سان سنڌ ۾ رڳو سورهن لکن کانوڌيڪ خاندان بي گهر نه ٿيا آهن پر سورهن لک گهر به تباهه ٿيا آهن.
اها ڳالهه ته سرڪار پاڻ به مڃي ٿي ته سنڌ ۾ ڏهن لکن کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا آهن. ساڳيءَ ريت سنڌ ۾ هڪ لک اوطاقون ۽ هڪ لک دڪان، هوٽلون ۽ مانڊڻيون به تباهه ٿيون آهن. ٻڏي تباهه ٿيل مسجدن، مسافرخانن، سرڪاري اسڪولن، اسپتالن، ٽپال گهرن ۽ ٿاڻن جو تعداد ان کان سواءِ آهي. سرڪار پاڻ ڄاڻايو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 17 ضلعا متاثر ٿيا آهن ۽ انهن مان اٺ ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن جنهن جو مطلب هي آهي ته سنڌ 74 سيڪڙو متاثر ٿي آهي جنهن مان 35 سيڪڙو ڄڻ مڪمل طرح تباهه ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ اهي 16 لک گهراڻا جيڪي مڪمل طرح تباهه ٿيا آهن، انهن ۾ هڪ اندازي موجب هڪ لک گهراڻا خوشحال گهراڻا آهن باقي 15 لک گهراڻا اهي آهن،جيڪي ڏيهاڙي يا مهيني جي ايتري ڪمائي ڪندا هئا، جنهن مان هو مشڪل سان پنهنجو گذر سفر ڪري سگهندا هئا ۽ تازي ٻوڏ کان پوءِ انهن 15 لک گهراڻن جو گهر، زمين، جايون، دڪان، سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي ۽ هاڻي هو رستن تي کلئي آسمان هيٺان يا ڪيمپن ۾ رهڻ تي مجبور آهن سنڌ ۾ دربدر ٿيل انهن 15 لک خاندانن جي بحالي ڪيئن ٿيندي ۽ اها سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ۾ امدادي ڪم يا ڀلائي جو ڪم ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ وڏي للڪار آهي.
سنڌ ۾ هن وقت تائين ٻوڏ ستايلن جي جيڪا امداد ٿي آهي، اها گهربل امداد جو پنج سيڪڙو به مَس آهي، حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ هن وقت تائين ماڻهن کي مليل امداد، ڪنهن مريض کي مليل فوري طبي مدد يا فرسٽ ايڊ جهڙي آهي. جڏهن ته علاج مڪمل طرح اڃا اڳتي ٿيڻو آهي. هن وقت تائين ٻوڏ ستايل ماڻهن کي ڪيمپن ۾ ائين ۽ ايتري امداد ڏني وئي آهي، جيئن ڪراچيءَ جي سنڌ سيڪريٽريٽ واري ڪبوتر چونڪ تي، پکين سان پيار ڪندڙ ماڻهو کين اڇلائي داڻو ڏيندا آهن. سڄي سنڌ جي ٻوڏ ستايل ماڻهن ۾ سمورين ڌرين - حڪومت، ڀلائي وارن ادارن ۽ سخي دل ماڻهن به اهڙي طرح راشن ورهايو آهي.
پر سنڌ حڪومت کي، سنڌ ۾ ٻوڏستايلن جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ فردن ۽ ادارن کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته سنڌ جا هڪ ڪروڙ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهو جهنگ جا پکي نه پر تاريخ ۾ خوشحال رهندڙ سنڌ جا شهري آهن، تنهن ڪري انهن هڪ ڪروڙ ماڻهن کي رڳو هڪ هفتي جي راشن جي ٿيلهي ڏيڻ سان يا هڪ مهيني جي خوراڪ جي ٻوري ڏيڻ سان سندن بحالي جو ڪم ۽ فرض پورو نه ٿيندو. تنهن ڪري سنڌ ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ هڪ پئڪيج جي نه پر ڪيترن ئي پئڪيجن جي ضرورت آهي.
ٻوڏ سٽيل علائقن جي بحاليءَ لاءِ سڀ کان پهريون ۽ وڏو ڪم روڊن، رستن، پلين، ريلن ۽ واهن جي بحالي آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان ماڻهن جي اچ وڃ، پاڻي جي رسد ۽ ٻاهران ايندڙ ضرورت جي مال جي رسد ممڪن ٿيندي. انفرااسٽڪچر جي بحالي کان پوءِ تباهه ٿيل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهرن جي تعمير ۽ مرمت جي ضرورت آهي. گهرن جي تعمير کان پوءِ پوکي راهي لاءِ ۽ چوپائي مال جي خريداريءَ ۽ پالنا لاءِ زرعي ترقياتي بئنڪ ذريعي قرضن جي آسان شرطن جي منظوري ضروري آهي. ان کان پوءِ ننڍن ڪاروبارن لاءِ دڪان، ريڙهي، مانڊڻي ۽ هوٽل ٺهرائڻ ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي خوشحالي بئنڪ يا مائيڪرو فناسنگ بئنڪ ذريعي ننڍا ننڍا قرض ڏيڻ جي ضرورت آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ڪير ڪندو ۽ ڪيئن ڪندو؟
ٻوڏ جي تباهه ڪارين ۾ برباد ٿيل سنڌ جي يتيم ڳوٺن ۽ ڇورن شهرن کي هاڻي ائڊاپٽ ڪرڻ، گود ۾ وٺڻ يا هنج ۾ ڪرڻ جي ضرورت آهي. مثال طور ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ جيڪي فصل تباهه ٿيا آهن ان ۾ وونئڻن جو فصل به شامل آهي. تنهن ڪري ڪپهه ۽ ٻاهرين ملڪن سان ڪپڙي جو واپار ڪندڙ ٽيڪسٽائيل ملن جي مالڪن کي غوثپور ۽ مبارڪپور جهڙن شهرن کي هنج وٺڻ يعني ايڊاپٽ ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ ايپٽما يعني آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن کي غوثپور شهر ۾ نوان گهر تعمير ڪرڻ گهرجن، بازارون بنائڻ گهرجن ۽ اتان جي تباهه ٿيل ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ شهرين ۽ ڪاروباري ماڻهن کي قرض ڏيڻ گهرجن. ساڳيءَ ريت ڳڙهي خيري ۽ خيرپور ناٿن شاهه جهڙن جرڪندڙ شهرن جي بحاليءَ جو ڪم ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جهڙن ادارن کي هٿ ۾ کڻڻ گهرجي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ڳڙهي خيري ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي ائڊاپٽ ڪري يا هنج وٺي ان شهر ۾ ڪي ٻه ٽي هزار گهر ۽ بازارون ٺاهي، اتان جي ماڻهن کي بحاليءَ لاءِ ڪا مدد ۽ قرض ڏئي سگهي ٿي. ڪراچيءَ سميت ملڪ ۾ اهڙا دولت مند ۽ دل جا سخي مڙس به آهن، جيڪي انهن مصيبتن ۾ ڪروڙين رپين جي خيرات ڪڍندا آهن، انهيءَ دل جي سخي انسانن کي جاڳڻ، ميرپور ٻرڙي ۽ دين پور جهڙا شهر ائڊاپٽ ڪرڻ يا هنج ۾ وٺڻ گهرجن ۽ هو انهن شهرن جي بحاليءَ ۽ ماڻهن کي پهتل نقصان جو ازالو ڪري کين زندگيءَ جو وهنوار ٻيهر شروع ڪرڻ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. سڄي دنيا جا فلاحي ادارا ۽ نالي واريون اين جي اوز به اسان جي ڳوٺن کي هنج وٺي انهن ۾ گهر ٺهرائڻ، بازارون اڏرائڻ ۽ ماڻهن کي ڌنڌي ڌاري ۽ ڪاروباري سرگرمي شروع ڪرڻ لاءِ امداد ڏئي سگهن ٿيون.
اسين دعوت ڏيون ٿا ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي واپاري چيمبرن کي ته هو ڪجهه ڳوٺن کي هنج وٺي ائڊاپٽ ڪن ۽ انهن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي کيسي مان ڪجهه خرچ ڪن. اسان دعوت ڏيون ٿا ملڪ جي بار ايسوسيئيشن کي ته اهي ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جي ڳوٺن ۾ اچن ۽ ڪنهن هڪ يتيم بنايل شهر جي مٿي تي اچي هٿ رکن ۽ ان شهر سان بحاليءَ جو وچن ڪري کيس تعمير ڪرڻ شروع ڪن. اسين دعوت ڏيون ٿا ملڪ جي بار ايسوسيئيشن کي ته هو به اڳتي اچن ۽ زخمي ٿيل ڳوٺن جي ڦٽن تي پها رکن ۽ انهن ڳوٺن جي تباهه ٿيل گهرن جي تعمير ڪرائن ۽ جن ڳوٺاڻن جا ڪندڙ ڪمائيندڙ مڙس مري ويا، انهن جي وارثن جي مالڪي ڪن. اسين دعوت ڏيون ٿا چانورن جي پرڏيهه ۾ واپار ڪندڙ وڻجارن کي ته اهي به اڳتي اچن ۽ چانورن جي ان ديس جي ڪن ڳوٺن جي وارثي جو اعلان ڪن ۽ اتي جي تباهه ٿيل معيشيت ۽ زندگيءَ کي ٽيڪو ڏين.
هن مهاٻوڏ ۾ تباهه ٿيل سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بحاليءَ جو ڪم رڳو ٻاهرين ماڻهن، واپارين ۽ ڪاروبارين کي آڇڻ نه گهرجي پر اهو ڪم اسان جي آفيسرن، پروفيشنل تنظيمن، قوم پرست، جمهوريت پسند ۽ مذهبي پارٽين کي به ڪرڻ گهرجي.
مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ڊي سي جي رينڪ جي آفيسر جو ڳوٺ تباهه ٿي ويو آهي ته ان آفيسر کي ڊي ايم جي آفيسرس ايسوسيئيشن کي سرگرم ڪري، پنهنجي دوستن کي قائل ڪرڻ گهرجي ته هر آفيسر هڪ لک رپيا ڪڍي ۽ پوءِ انهن پئسن مان ان تباهه ٿيل ڳوٺ کي نئين زندگي ڏجي. اهو ڪم انڪم ٽيڪس آفيسر ايسوسيئيشن، ڪسٽم آفيسرن، پوليس گروپ جي آفيسرن، آڊٽ اينڊ اڪائونٽس گروپ جي آفيسرن کان ويندي، سيڪريٽريٽ گروپ جي آفيسرن کي پڻ ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت پي ايم اي جهڙيون ڊاڪٽرن جون تنظيمون، انجنيئرن جون تنظيمون، سپلا، پ ٽ الف، گسٽا، ماٽا آپڪا جهڙيون تنظيمون جيڪڏهن هڪ هڪ، ٻه ٻه، ٽي ٽي ڳوٺ ائڊاپٽ ڪن، يعني هنج وٺن ته به ٻوڏ جي مصيبت کي ترقيءَ جي امڪان ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هڪ معتبر نالو رهي آهي، سنڌي ادبي سنگت به آهي، سنڌ سگهڙ تنظيم به آهي، حيدرآباد ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي جا جيم خانا به آهن. مختلف ڪلب آهن، روٽري جون شاخون آهن، مذهبي يا ديني جماعتون آهن، انهن کي به گهرجي ته هو ڪجهه ڳوٺن کي ائڊاپٽ ڪري انهن جي بحاليءَ لاءِ ڪم شروع ڪن.
سنڌ ۾ ڪراچيءَ جهڙي اجگر ۽ وڏي شهر ۾ هزارين اهڙا ماڻهو ۽ ادارا آهن، جيڪي جيڪڏهن چاهين ته انهن تباهه ٿيل شهرن ۽ ڳوٺن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، شهر جي ڊفينس اٿارٽي يا مختلف رهائشي سوسائٽيون ڪي شهر ۽ ڳوٺ ائڊاپٽ ڪري انهن جي بحاليءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. سائيٽ، ڪورنگي، نارٿ ڪراچي سميت ڪراچيءَ ۾ ڇهه وڏا صنعتي زون آهن. انهن صنعتي زونن جون ايسوسيئيشنون ڪجهه تباهه ٿيل شهرن جي مالڪي ڪري انهن کي هنج ۾ وٺڻ جو اعلان ڪن.
پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) مسلم ليگ (ف)، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين چونڊن جي سياست ڪندڙ پارٽين کي ڪجهه ڳوٺ ۽ شهر هنج وٺي انهن جي بحاليءَ جو ڪم پنهنجي هٿ ڪرڻ گهرجي، ساڳيءَ ريت سنڌ جي قوم پرستن جماعتن کي به ڪجهه ڳوٺ گود وٺڻ گهرجن، وڏا صنعتي ادارا اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، مشين ٽول فيڪٽري کي به ڪي ڳوٺ ۽ شهر هنج وٺي انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت تيل جي ڪمپنين، موبائيل فون جي ڪمپنين، مختلف بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کي به اها دعوت ڏئي سگهجي ٿي ته اهي ٻه ٻه، ٽي ٽي ڳوٺ پنهنجي ذمي کڻي اتان جي بحالي جو ڪم شروع ڪن. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بحاليءَ لاءِ عرب رياستن يا اولهه جي ملڪن ۾ رهندڙ وطن واسين کي به اپيل ڪرڻ گهرجي ته هو اجڙيل شهرن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجو حصو ادا ڪن ۽ ڳوٺن يا شهرن جي نئين سر تعمير جو ذمو پنهنجو سر کڻن. ساڳيءَ ريت پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي تنظيمن سانا ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي به پنهنجي اجڙيل ديس جون کسيل بهارون موٽائڻ لاءِ پنهنجي کيسن ۾ هٿ هڻڻ گهرجن. تاريخ جي هن وڏي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي زندگي موٽرائي ڏيڻ لاءِ ميڊيا جي ادارن ۽ اخبارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهي ميڊيا جا ادارا جيڪي انهن ماڻهن جي نالي ۾ ڪمائين ٿا، انهن کي به ڪي ڳوٺ هنج وٺڻ گهرجن ۽ هڙان وڙان ڏئي انهن ڳوٺن جي زندگي موٽائي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
هر اهو شخص، هر اهو گهر، هر اهو ڪارخانو، هر اهو ادارو، هر اها بازار، هر اهو پئسي، ڪاروبار ۽ ڏيتي ليتي جو مرڪز جيڪو خوشحال آهي، ان تي اهو فرض آهي ته هو تباهه ٿيل سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بحاليءَ لاءِ ۽ انهن انساني وسندين کان کسيل رونق ۽ زندگي موٽائي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل ۽ ذڪر کان وسري ويل سڀ سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ ادارا، هٿ هٿ ڪري وٺن ۽ سنڌ جي ڇوري بنايل شهرن ۽ يتيم بڻايل ڳوٺن مٿان ٻاجهه ۽ وارثيءَ جو هٿ رکن ته، هي اجڙيل سنڌ وري ٺهي سگهي ٿي ۽ اسان جي ڏکويل شهرن، ڳوٺن ۽ انهن جي واسين کان ٻوڏ جي تباهيءَ جو ڏک وسري سگهي ٿو.
اچو ته هٿ هٿ ڪيون ۽ پنهنجو پنهنجو تاريخي فرض پورو ڪري وقت جو قرض لاهيون.

( فيبروري 2011ع ۾ نشر ٿيل )

سنڌ ۾ ٻوڏ جي سببن جي گهڻ طرفي تحقيقات ٿيڻ گهرجي

سنڌ حڪومت، سنڌ ۾ ٽوڙي ۽ ٺٽي وارن بندن جي ٽٽڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٽوڙي وارو اهو بند، جيڪو پنهنجي ذري گهٽ سؤ سالن جي تاريخ ۾ ويهن کان وڌيڪ ڀيرا ٽٽي چڪو آهي. اهو هن ڀيري ڪيئن ٽٽو؟ ان جي تازي تحقيقات لاءِ ڪميشن ويهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ساڳيءَ ريت سجاول ۽ سورجاڻي جي پاسي وارو بند به ان کان اڳ 1988ع ۾ ٽٽو هو، ان جي به تازي تحقيق ٿيندي ته اهو بند هن ڀيري ڪيئن ٽٽو؟
ٽوڙي واري ٽٽل بند، سنڌ جا ست ضلعا ۽ بلوچستان جا ڪجهه علائقا تباهه ڪري، جيڪو کربين رپين جو نقصان ڪيو آهي، ان جو اندازو لڳائڻ ان ڪري ممڪن نه آهي جو هن ٻوڏ ۾ ٿيل ڪجهه نقصان ته هاڻي ظاهر ٿيا آهن، جيڪي فصلن ٻڏڻ، گهرن، بازارن، ڪاروبارن ۽ رستن جي تباهه ٿيڻ جي صورت ۾ نظر اچن ٿا پر ان ٻوڏ جا ڪيترائي نقصان ۽ هاڃا ايندڙ وقت ۾، سالن ۽ ڏهاڪن کان پوءِ نظر ايندا. مثال طور ڪيتريون زمينون کاريون ٿي وينديون يا کري وينديون. ڪيترا ڳوٺ ۽ شهر وري آباد نه ٿي سگهندا. ڪيترن شهرن جي ترقي ۽ خوشحالي رڪجي ويندي يا پوئتي ٿي ويندي. ڪيترن خاندانن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا امڪان غربت ۽ بدحاليءَ ۾ بدلجي ويندا. ڪيترا ماڻهو ٿيل نقصان سبب ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۽ مونجهارن ۾ وٺجي ويندا ۽ ذهني طرح معذور ٿيل ماڻهن جي نقصان جي ڪٿ ڪيتري آهي اهو حساب ڪرڻ ممڪن نه آهي.
ٽوڙي وارو بند ڪيئن ٽٽو؟ ٺٽي ۾ ڪوٽ عالم وٽ گهارو ڪيئن لڳو؟ ان جي سببن جي تحقيقات ته ضرور ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اتر سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان جي ماڻهن ۽ سياسي اڳواڻن جو اهو مطالبو آهي پر ان سوال تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته اهو ٽوڙي جو بند جيڪو ويهه ڀيرا اڳ ۾ به ٽٽي چڪو آهي. اهو هن ڀيري به ڇو ٽٽو؟ ڇا سنڌ جي آبپاشي کاتي وارن لاءِ ٽوڙي جي ٽٽل بند جي ويهه ڀيرا اڳ ۾ ڏنل وارننگ ڪافي نه هئي جو آبپاشي کاتي وارا ان بند کي اڳواٽ مضبوط ڪن ها؟ آبپاشي کاتي سان گڏوگڏ هاڻي ته ميڊيا به ان راڳ جي هم نوا بنجي وئي آهي جو جڏهن به پاڻي چڙهندو آهي ته صحافي پاڻي ڏسڻ کان سواءِ ئي اها ڳالهه ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته ٽوڙيءَ وٽان بند کي خطرو آهي؟
ماضيءَ جي ايتري گهڻن تجربن کان پوءِ به ۽ ميڊيا جي ايڏي وڏي واويلا بعد به جيڪڏهن ٽوڙي وٽان بند کي مضبوط نه ڪيو ويو ته آخرڪار ان جو ذميوار ڪير آهي؟ تجويز ڪيل ڪميشن کي ان جي تحقيقات ضرور ڪرڻ گهرجي. جيڪا ڪميشن ٽوڙيءَ ۽ ڪوٽ عالم واري گهاري جي جانچ ڪندي، ان کي اها جاچ به ضرورڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي بندن جي اڄ جيڪا بري ۽ ڪمزور حالت آهي ان جا سبب ڪهڙا آهن ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ آخر ڪيترن سالن کان سنڌ جي بندن جي مرمت نه ٿي آهي ۽ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ان ڪميشن کي اها جاچ به ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ گذريل سالن کان بندن جي مرمت جي نالي ۾ جيڪي اربين رپيا کاڌا ۽ سرڪاري رڪارڊ موجب خرچ ڪيا ويا، اهي ڪنهن کاڌا ۽ ڪيئن خرچ ٿيا؟ اهي ٺيڪا ڪهڙين ڪمپنين کي مليا؟ ڪهڙن انجنيئرن يا اختيارين ان جا ٽينڊر جاري ڪيا ۽ انهن ڪمن لاءِ جاري ٿيل رقمون ڪنهن جي صحيحن سان ڪڍيون ويون؟
سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل ان ڪميشن کي اها جاچ به ڪرڻ گهرجي ته ٻوڏ جي رستي ۾ يعني ڪچي واري علائقي ۾ جتان ٻوڏ جو پاڻي گذرندو آهي، ان ڪچي ۾ جيڪي زمينداري يا خانگي بند ٺاهيا ويا آهن، انهن هن ٻوڏ جي پاڻيءَ جي وهڪري کي روڪي، ٻوڏ جي نقصان کي ڪيترو وڌايو؟ ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه به هاڻي پڌري ٿي چڪي آهي ته سکر ۽ ڪوٽري بئراج جي وچ ۾ ٺهيل ٻن پلين ۽ ڪيترن بندن سبب ٻوڏ جو پاڻي سکر ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ ڪيترن ڏينهن تائين رڪيل رهيو. نتيجي طور گڊو کان ايندڙ پاڻي وڌندو رهيو ۽ جڏهن پاڻيءَ کي درياهي پيٽ مان رستو نه مليو ته ان جي ڪاهه ٽوڙيءَ جي ڪمزور بند ڏانهن ٿي. ماهر توڙي عام ماڻهو هاڻي ائين به چون ٿا ته جيڪڏهن ڪچي جا زمينداري بند نه هجن ها ته ٻوڏ جو پاڻي تيزيءَ سان وهندو رهي ها ۽ پوءِ ٽوڙيءَ جي گهاري مان گهڻو پاڻي خارج نه ٿئي ها ۽ ڪشمور جيڪب آباد، شڪارپور، شهدادڪوٽ، دادو ۽ سيوهڻ ۾ ايترو نقصان نه ٿئي ها.
سنڌ حڪومت جي جوڙيل ان ڪميشن کي اها جاچ به ڪرڻ گهرجي ته ڪچي ۾ ٺاهيل ۽ ٺهرايل اهي خانگي بند ڪيئن ۽ ڪڏهن ٺهيا ۽ انهن خانگي بندن جي تعمير جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ڪچي ۾ بند تعمير ڪرڻ جي اجازت ڪڏهن ورتي وئي هئي يا ڪچي جي قبضي خورن اها ڏاڍ مڙسي ۽ ارهه زورائي پنهنجي پاڻ ڪئي؟ سنڌ حڪومت جي جوڙيل ان ڪميشن کي ان ڳالهه جي به جاچ ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ آيل ان مهاٻوڏ جي وڏن نقصانن جو سنڌ آبپاشي کاتو ڪيترو ذميوار آهي ؟ واپڊا، فيڊرل فلڊ ڪميشن يا ٻيا کاتا ان نقصان ۾ حصي دار طور ڪيترا ذميوار آهن ؟
سنڌ حڪومت جي جوڙيل ان ڪميشن کي جيڪا جاچ ڪرڻ گهرجي اها نهايت تفصيلي ۽ فني حقيقتن تي ٻڌل هئڻ گهرجي ۽ ان ۾ جيڪو به فرد، کاتو يا ادارو جيترو به ذميوار آهي، ان لاءِ گناهه ۽ غفلتي گناهه جي حصي جو تعين ٿيڻ گهرجي.
ڇا هن مهاٻوڏ جي ايڏن وڏن نقصانن ۾ انهن ناتجربيڪار ۽ نقل ڪري پاس ٿيندڙ ۽ سفارشن تي مٿئين گريڊ ۾ مقرريون ڪرائڻ وارن انجنيئرن جو به هٿ آهي، جيڪي ٻوڏ دوران مختلف هنڌن ۽ بندن تي مقرر هئا ۽ هنن ڪو به ڪم يا اهليت نه ڏيکاري ؟
مهاٻوڏ جي هنن نقصانن کي ڏسي لڳي ٿو ته سنڌ صديون پوئتي هلي وئي آهي، هن ڀيري ٻوڏ دوران سرڪاري کاتن کان وڌيڪ، خانگي ماڻهو سرگرم نظر آيا. جتان جتان ٻوڏ جو پاڻي گذريو پئي، اتان جا وڏيرا ۽ چڱا مڙس ٻوڏ کان بچاءَ جا انتظام سنڀاليندا رهيا، ٻوڏ اڪارڻ جو اهو انتظام به صديون ۽ تڏهوڪو پراڻو آهي، جڏهن سنڌ ۾ ميرن ۽ ڪلهوڙن جون راڄوڻي انداز واريون حڪومتون هونديون هيون. تازي ٻوڏ ۾ آبپاشي کاتي جي گمشدگي ۽ ناقص ڪارڪردگي ۽ وڏيرن ۽ زميندارن جي سرگرمين مان به ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ اسين ٽي سؤ سال پوئتي هليا ويا هجون.
سنڌ حڪومت طرفان تجويز ڪيل ان ڪميشن کي گهڻ طرفي جاچ ڪري تازي ٻوڏ ۽ ان جي نقصانن جا سبب پڌرا ڪرڻ گهرجن ۽ ٻوڏ جي ذميوارن جو تفصيلي پڌرنامو جاري ٿيڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ تاريخ جي ههڙي وڏي سانحي کان بچي سگهي.

( آڪٽوبر 2010ع ۾ نشر ٿيل )

ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي؟

سنڌو درياهه ۾ آيل مهاٻوڏ پنهنجي آخري لهرن ۾ لڏي رهي آهي ۽ درياهه توڙي ڪچي جي پيٽ ۾ ۽ ٽوڙي کان سيوهڻ تائين ڇهن ضلعن کي ٻوڙيندڙ پاڻي لهي ۽ سڪي رهيو آهي. ٺٽي ضلعي ۾ پيل گهارن کان پوءِ سجاول، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقن کي ٻوڙيندڙ پاڻي به سُڪي ۽ لهي رهيو آهي. درياهه جي چڙهاين ذريعي ڀاڄ کاڌل هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو ٻوڏ لهڻ کان پوءِ نئين زندگيءَ بابت سوچي رهيا آهن ته ڪيئن ڪجي ۽ ڇا ڪجي؟ ٻوڏ ذريعي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿيل ماڻهن جي گهڻائي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورڻ جو سوچي رهي آهي، جڏهن ته پنج کان ڏهه سيڪڙو اهي ماڻهو جن جا ڳوٺ تباهه ٿي ويا، گهر، فصل ۽ مال لڙهي ويا يا ڪاروبار اجڙي ويا، اهي سوچي رهيا آهن ته هاڻي ڪچي جا پاسا ڇڏي شهرن جي بحرن ۾ زندگيءَ جا ٻيڙا لاهي ۽ اتي آباد ٿي زندگيءَ جي سفر جي نئين شروعات ڪرڻ گهرجي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون، گذريل مهيني سنڌو درياهه جي مهاٻوڏ ڏسڻ کان پوءِ چيو هو ته هن اهڙي ٻوڏ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي. مهاٻوڏ کي حضرت نوح واري طوفان ۽ ٻوڏ سان ڀيٽيندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مُون چيو ته هيءَ ته اها ٻوڏ ٿي لڳي جنهن جو عيسائين جي پاڪ ڪتاب انجيل ۾ ذڪر آهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ خاص ڪري ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي لکيل ڪتاب قديم سنڌ ۾ ان ٻوڏ کي مهاپرلئي ڪري لکيو ويو آهي، تنهن ڪري هن ٻوڏ کي مهاٻوڏ سمجهڻ ۽ سڏڻ ۾ اسين حق تي آهيون.
سنڌو درياهه جي تازي ٻوڏ جيتري وڏي آهي، ان نقصان به ايترا ئي وڏا ڪيا آهن ۽ سنڌ جي يادگيري واري لکيل تاريخ ۾ ڪٿي به اهڙو ذڪر نٿو ملي ته سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪا اهڙي ٻوڏ آئي يا ڪا ٻي مصيبت آئي هجي، جنهن سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن يعني 33 سيڪڙو آباديءَ کي سڌي طرح ۽ سنڌ جي ٻه ڪروڙ ماڻهن يعني 66 سيڪڙو آباديءَ کي اڻ سڌي طرح متاثر ڪيو هجي. تنهن ڪري هڪ ڪروڙ ماڻهن جي بحاليءَ جو بار موجودهه حڪومت جي مٿي تي رکيل آهي.
دربدر ٿيل سنڌ جا ذري گهٽ اهي هڪ ڪروڙ ماڻهو هن ٻوڏ ۾ پنهنجا گهر، زمينون، مال، ملڪيتون، ڪاروبار ۽ وهنوار اهڙي ريت وڃائي چڪا آهن، جو انهن ماڻهن مان ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هڪ مهيني جي ٻوڏ ۾ ڪروڙپتي مان ڪنگلا يا امير مان فقير بنجي ويا آهن. مثال طور اهو ماڻهو جنهن کي ڳڙهي خيري ۾ چانورن ڇڙهڻ جا 5 ڪارخانا هئا، 500 ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل هو، شهرن ۾ مسواڙ تي ڏنل ڏهه گهر ۽ ويهه دڪان هئا. اهو ماڻهو مهيني ۾ ڏهه لک ڪمائيندو ۽ ٻه لک خرچ ڪندو هو پر ان ماڻهوءَ جون اهي زمينون، ڪارخانا، گهر، دڪان مطلب ته سڄو ڪاروبار ختم ٿي ويو، ان کان پوءِ غوثپور، مبارڪپور، دين پور، جاڳڻ، ڳڙهي خيري، قبو سعيد خان، گاجي کهاوڙ، خيرپور ناٿن شاهه، سجاول ۽ جاتي جا اهي دڪاندار جن جي دڪانن ۾ لکن جو پيل سامان لڙهي ويو، اهي پنهنجي زندگيءَ جو وهنوار ڪيئن شروع ڪندا؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مٽ مائٽ وٽان، يار دوست وٽان ڪو قرض کڻي پنهنجو دڪانداريءَ جو ڪاروبار شروع به ڪري ته ان لاءِ گراهڪ ڪٿان ايندا؟ گڏهن ۽ ريڙهن تي رڙهندڙ اتر سنڌ جي شهرن جي غريبن جي زندگيءَ جو اهو گاڏو ڪيئن هلندو، جنهن گاڏي کي ريڙهيندڙ گڏهه ئي لڙهي ۽ مري ويا؟! ننڍا شهر ڇڏي، وري اچو ڳوٺن تي. هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب هاريءَ جي ڪل موڙي ان جو ڪچو گهر، هارپي جا ڏهه ايڪڙ، ٻه پنهنجا ٻه آڌاريا ڍور، هڪ ڏاند گاڏي يا گڏهه گاڏو ۽ هڪ چوڪيداري ڪندڙ ڪتو هوندو آهي. ان غريب جو فصل به لڙهي ۽ سڙي ويو، ڪچو گهر به پٽ پئجي ويو، ڪک ڪانا ۽ ڀتيون يا پڃر به پاڻي لوڙهي ويو، ڪتو بک ۾ مري ويو، گڏهه پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو، گندين ۾ رکيل اناج ڇَرَ جي حوالي ٿي ويو. اهو غريب جڏهن ٻچا ۽ مال جا چار ڍور ڪاهي ڳوٺ مان نڪري روڊ تي پهتو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر پهچڻ لاءِ ڪرائي ڪرڻ واسطي هن پنهنجو پاليل مال به اڌ قيمت تي کپايو، روڊ تي هڪ رات گذارڻ دوران رستي تان گذرندڙ گاڏين جي ٿيل حادثي ۾ هن جو پٽ به چيڀاٽجي مري ويو، سندس تازي ڄاول نياڻي وري گيسٽرو ۾ مري وئي.
هاڻي ٻوڏ جو لڏايل، حادثن جو ماريل ۽ گيسٽرو جو شڪار ٿيل اهو هاري جڏهن پنهنجي ڳوٺ موٽندو ته وٽس کائڻ لاءِ اناج به نه هوندو، نه رهڻ لاءِ گهر هوندو، نه آڳر تي ٻڌڻ ڪو ڀلارو ۽ ڀٽارو مال هوندو، نه انهن جي چوڪيداري ڪندڙ پالتو ۽ وفادار ڪتو هوندو. ان هاريءَ جو نه ڪمائيندڙ پٽ هوندو نه ٻاتائي ڳالهائيندڙ ڌيءَ هوندي. گهر جي آڳر تي بيٺل هڪ نم جي وڻ هيٺان، ڊٺل ڇپرن ۽ ڀڳل کٽولن سان هن کي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻي پوندي. هڪ تباهه ٿيل ڳوٺ جي هاريءَ کي گهر به کپي، گهر جا ٿانوَ به کپن، اوڍڻ ۽ وڇائڻ لاءِ رليون به کپن، پالڻ لاءِ جانور کپن، کير مکڻ ۽ لسيءَ لاءِ سُئا ٻڪريون، ڍڳيون ۽ مينهون به گهرجن، زمين ٺاهڻ لاءِ ٽريڪٽر به گهرجن ۽ ايندڙ فصل پوکڻ لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ به گهرجن. ۽ ايندڙ ڇهه مهينا کائڻ لاءِ ان به گهرجي، تيل تماڪ، کنڊ، پتي، دوا، درمل ۽ ڀاڙي ڪرائي لاءِ پئسا به گهرجن. جيڪڏهن اهي سڀ شيون ۽ اسباب انهن ڳوٺاڻن کي مهيا ڪري ڏنا وڃن پوءِ به انهن ٻوڏ جي ماريل لوڪن کي گهر لڙهڻ جو، فصل سڪڻ جو، مال جي اڌ ملهي وڪڻڻ جو، مري ويل دل جي ٽڪرن جو درد سالن جا سال رئاريندو ۽ جهوريندو رهندو.
تازي ٻوڏ سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن جو رڳو مال، گهر ۽ ملڪيت نه لوڙهي آهي پر هن ٻوڏ ۾ هنن مان ڪيترن جون خود داريون، همٿون ۽ حوصلا به لڙهي ويا آهن. اهي ماڻهو جيڪي غريبن کي کارائيندا هئا، اهي جڏهن پاڻ غريب ٿي، ڪيمپن ۾ ۽ بندن تي کائڻ لاءِ واجهائيندا رهن، تڏهن انهن ماڻهن پاڻ کي يقينن ان ٻوڏ ۾ لڙهندي ۽ ٻڏندي محسوس ڪيو هوندو. جيڪڏهن اسان جي حڪومت، اسان جا خدائي خدمتگار ۽ اسان جا فلاحي ادارا انهن دربدر ٿيل ماڻهن کي ٻيهر گهرن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ کين نئين زندگي جي شروعات ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا ته لکن جي تعداد ۾ ڀٽڪيل ماڻهو برباديءَ جي ٽه واٽي تي بيهي، ڪيڏانهن به وڃي سگهن ٿا. انهن مان ڪي ماڻهو فقير ٿي پنڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا ڪي ماڻهو ٻي واٽ نه ڏسي رهزن ۽ ڏوهاري بنجڻ جو رستو وٺي سگهن ٿا ۽ ڪي ماڻهو جسم فروشيءَ جهڙي غيرانساني ۽ غيراخلاقي جي مجبور رستي جي چونڊ به ڪري سگهن ٿا. اسان جي حڪومت ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻ وارن کاتن NDMA ۽ انساني ڀلائي وارن ادارن کي هڪ ڪروڙ ماڻهن جي زندگيءَ جي بچاءَ ۽ بحاليءَ جو ڇپر جهڙو بار ڪلهن تي کڻڻو آهي. حڪومت ۽ ان جي ادارن کي نهايت ايمانداري، اهليت ۽ سچائي سان اهو انساني الميو درست ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ گهرجي. حڪومت جي ادارن کي به اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هنن جون رٿائون درست هونديون، رٿائن تي عمل مان نتيجا نڪرندي نظر ايندا ته سخي ۽ شاهوڪار ماڻهو، ملڪ ۽ ادار اسان کي ايتري امداد ضرور ڏيندا جن سان اسين هن قدرتي آفت مان آساني سان اُڪري سگهون.
پر جيڪڏهن اسان دربدر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ واري ڪم ۾ سچائي، ايمانداري ۽ هوشياري نه ڏيکاري ۽ امداد کائي کپائي هڙپ ڪئي، يا اها امداد بي ايمان، هڙکائو ۽ ڪڌن سرڪاري عملدارن جي حوالي ڪئي ته پوءِ وڌيڪ ڪابه امداد نه ملندي ۽ لکين دربدر ٿيل ماڻهو وڌيڪ دربد ٿيندا. خدا نه ڪري جو جيڪڏهن اهي ماڻهو دربدر ٿيا ته پوءِ اهي هن ملڪ ۽ معاشري ۾ ڪهڙا ڪهڙا ممڻ مچائيندا؟ ۽ ان ممڻ جي مچ ۾ خبر ناهي ته ڪير ڪير مري ۽ ٻري سگهي ٿو؟
ٻوڏ ستايلن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ سندن پهرين واهر ڪرڻ ۾ سنڌ سرڪار نهايت ڦڙتائي جو مظاهرو ڪيو آهي، گڏوگڏ هن ٻوڏ جي تباهيءَ جي پهرين مرحلي ۾ سياستدانن، ڀلائي وارن ادارن، سخي ۽ نيڪ مردن ۽ ڪجهه اين جي اوز به پاڻ ملهايو آهي.
اسان اميد ٿا ڪريون ته اسان اڳتي به اهڙي همت جا سندرا ٻڌي بيهنداسين ۽ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ هنن ٻوڏ جي ماريل ديس واسين کي اهڙي طرح آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جو اسان جي همدردي ۽ محبت جو ميڻ، سندن اهنجن ۽ ايذائن جو زهر چوسي ڇڏيندو.
”جي هانءُ نه هارين ڪوهياريل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين
ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.“

(نومبر 2010ع ۾ نشر ٿيل)

ٻوڏ جي ماريلن سان مذاقون نه ڪريو

صحت جي وفاقي وزير مخدوم شهاب الدين چيو آهي ته ٻوڏ وارن ڏينهن جي دربدرين دوران سنڌ ۾ ڪوبه ماڻهو گيسٽرو سبب نه مئو آهي. صحت جي وفاقي وزير جي اڻڄاڻائي جو جواب ڏيندي سنڌ صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل وري چيو آهي ته ٻوڏ جي چاڙهه ۽ درياهي هلائن دوران سنڌ ۾ ڪل 62 ماڻهو مري ويا آهن جن مان صرف 31 ماڻهو گيسٽرو سبب مئا آهن. ٽئي طرف وري سنڌ صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽريءَ چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ دوران خميس يعني 2 سيپٽمبر (2010ع) تائين ڪل 67 ماڻهو مئا آهن جن مان صرف 34 ماڻهو گيسٽرو سبب فوت ٿيا آهن.
سنڌ صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جيتوڻيڪ سنڌ ۾ مرندڙ ماڻهن جو ڪل تعداد 67 ٻڌايو آهي پر گڏوگڏ اهو به ڄاڻايو آهي ته ٻوڏ دوران سنڌ صحت کاتي سڄي سنڌ ۾ نو لک اٺ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو علاج ڪيو جن مان ٻه لک ماڻهو گيسٽرو جي بيماريءَ ۾ ورتل هئا. جڏهن ته باقي ست لک ماڻهو دستن، مليريا، ڏينهن يعني گرمي لڳڻ، اکين، ساهه يا دم جي بيمارين ۾ ورتل هئا.
هڪ پاسي صحت جي وفاقي وزير جو اڻڄاڻائي سان ڀريل بيان آهي، ٻئي طرف سنڌ صحت کاتي جي ڊي جي ۽ اسپيشل سيڪريٽري جي دعوا آهي ته هنن هڪ مهيني جي ٻوڏ دوران نو لکن کان وڌيڪ مريض جو علاج ڪيو پر ماڻهو صرف 62 مئا آهن.
هڪ پاسي صحت جو گونگو ٻوڙو وفاقي کاتو آهي ۽ ساڻس گڏ اکين کان نابين سنڌ جو صحت کاتو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي جرڪندڙ جاڳندڙ سنڌي ميڊيا آهي، جيڪا اٺ ئي پهر اکيون پٽيو ويٺي آهي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين کي ڪئميرا جي اکين ۾ محفوظ ڪري دنيا کي ڏيکاري رهي آهي. سنڌي ميڊيا جي معتبر ادارن انگن اکرن، نالن، جاين ۽ واقعي جي وقت سميت ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ صرف آگسٽ جي مهيني دوران بکن ۽ بيمارين ۾ ڇهه سؤ کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگي جا ڏيئا وسامي چڪا آهن. ساڳيءَ ريت سنڌ ۾ سٺ کان وڌيڪ ماڻهو، رستن تي ستل ٻوڏ متاثرن مٿان گاڏين چڙهڻ ۽ کائڻ جو سيڌو وٺڻ جي ڪوشش دوران لتاڙجي مارجي چڪا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ ٻوڏ ستايل ماڻهن مان 85 ماڻهو پاڻيءَ جي تيز لهرن ۾ اهڙي طرح لڙهي ويا جو اڄ تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي ته هنن جا لاش ڪٿي آهن.
سنڌ ۾ ٻوڏ جيڪي ڪلور ڪيا، انهن ۾ اهي ڏهه ماڻهو به شامل آهن جن کي ڪچي مان نڪتل نانگن جي چڪن جي نتيجي ۾ زندگيءَ کي زهر پيارڻو پيو. اهڙي ريت سنڌ ۾ صرف آگسٽ مهيني ۾ بکن، بيمارين، حادثن ۽ نانگن ذريعي ماريل يا زخمي ڪيل ماڻهن جو تعداد هڪ هزار کان مٿي آهي. سنڌ صحت کاتي اها دعويٰ ڪئي آهي ته هن نو لکن کان وڌيڪ ماڻهن جو علاج ڪيو آهي پر عوام کي سرڪار جي ان دعوا تي شڪ آهي، ڇاڪاڻ ته اهو صحت کاتو جيڪو ٻوڏ ۾ بکن ۽ بيمارين ذريعي مرندڙ ماڻهن جو گهڻو تعداد لڪائي سگهي ٿو، اهو صحت کاتو پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڏيکارڻ لاءِ علاج ڪيل 9 لک ماڻهن جو انگ وڌائي بيان پڻ ڪري سگهي ٿو.
سنڌ صحت کاتي کان پوءِ مصيبتن کي منهن ڏيڻ واري کاتي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پڻ حقيقتن جي انگن اکرن ۾ هيراڦيري ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ جا انگ اکر گهٽائي پيش ڪيا آهن. سنڌو درياهه جي هن مهاٻوڏ يا سپرفلڊ، سنڌ ۾ ڪهڙو ڪهڙو ۽ ڪيترو نقصان ڪيو آهي ان تي هڪ الڳ رپورٽ لکي ويندي. ڇاڪاڻ ته هيءُ نقصان پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ ڪشمير ۾ ٿيل سموري نقصان کان به وڌيڪ آهي. ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ اهو نقصان ان ڪري به وڌيڪ آهي جو افغانستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪشمير توڙي گلگت بلتستان جي سمورن درياهن جو پاڻي نيٺ سنڌو درياهه ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو ۽ ڪوٽ مٺڻ کان پوءِ ئي وڏي ٻوڏ جنم وٺي ٿي. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جو حقيقي ڪاٿو ته تڏهن لڳائي سگهبو جڏهن سنڌو درياهه جي ٻوڏ، سمونڊ ۾ ٻڏي ويندي ۽ ڪاڇي ۽ لاڙ جي آخري حدن کي ڇهندڙ پاڻي سنڌ جي سمونڊ ۾ داخل ٿيندو. پر جيستائين اهو وقت اچي، تيستائين ڪڏهن فيڊرل فلڊ ڪميشن، ڪڏهن ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي، ڪڏهن صحت جا وفاقي ۽ صوبائي کاتا انگن اکرن جي نالي ۾ سنڌ ۾ٿيندڙ تباهيءَ جي حقيقتن کان طوطا چشمي ڪندا رهن ٿا.
صحت کاتي کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ بکن ۽ بيمارين جي ڪري 60 نه پر ڇهه سؤ کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن، سرڪار جي کاتن کي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ رڳو ٻوڏ ۾ لڙهي ويل ماڻهن جو انگ 85کان وڌيڪ آهي. کين اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهو نانگ جي چڪن ۽ زهر ۾ کاڄي چڪا آهن ۽ انهن مان ڏهه ماڻهو مري به چڪا آهن سنڌ جي ٻوڏ کي ڏسندڙ ادارن کي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن مٿان چڙهي ويل گاڏين سبب يا ٻوڏ متاثرن جي امداد جي ورهاست دوران ڀاڄ ۽ پيهه ۾ مرندڙ ماڻهن جو تعداد 60 کان وڌيڪ آهي. ٻوڏ متاثرن کي لڳل ڌاڙن ۽ ڦرن ۽ سندن رهجي ويل گهرن جي چورين جو تعداد به پنجاهه کان وڌيڪ آهي. سنڌ جي 23 ضلعن مان 17 ضلعا سڌيءَ ريت ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

(سيپٽمبر 2011ع ۾ نشر ٿيل)

مينهن جي ٻوڙيلن جي ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽرائجي؟

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پيل مينهن سنڌ ۾ جيڪا تباهي آندي آهي ۽ خاص ڪري سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان ۽ بدين جيڪي ڄڻ ته هڪ وڏي ڍنڍ جي صورت ۾ يا درياهه جي پيٽ يا سمنڊ جي حصي ۾ تبديل ٿي ويا آهن، ان تباهيءَ لکين ماڻهن کي تباهه ڪري، هزارين ڳوٺ ۽ ننڍا وڏا شهر برباد ڪري ڇڏيا آهن. انگن اکرن موجب سنڌ ۾ هن سال جيڪو مينهن پيو آهي انهيءَ گذريل پنجاهه سٺ سالن کان رڪارڊ ٿيندڙ مينهن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن بلڪ هن سال جيڪو مينهن پيو آهي اهو سراسري مينهن جي پنجوڻ کان به وڌيڪ مينهن آهي. سنڌ ۾ 2003ع جي سانوڻيءَ ۾ به ڏاڍا مينهن پيا هئا. جن سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي هئي پر هن سال وارن مينهن جو ڪوبه مثال نه ٿو ملي. هن سال مٺيءَ ۾ 1150 ملي ميٽر، ميرپورخاص ۾ 676 ملي ميٽر، ڏيپلي ۾ 779 ملي ميٽر، ڇاڇري ۾ 735 ملي ميٽر، ننگرپارڪر ۾ 792 ملي ميٽر، نوابشاهه ۾ 547 ملي ميٽر، بدين ۾ 512 ملي ميٽر، ڇور ۾ 456 ملي ميٽر، پڊعيدن ۾ 381 ملي ميٽر برسات پئي. جنهن ڪري سنڌ ۾ اٽڪل 37 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ٿي ويو. هي پاڻي ايترو آهي جنهن مان پنجن کان وڌيڪ تربيلا ڊئم ڀرجي سگهن ٿا.
تازين برساتن ۾ جيڪي ست ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، ۽ ٻين ضلعن ۾ جيڪو جزوي نقصان ٿيو آهي، ان ۾ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو دربدر ۽ بي گهر ٿيا آهن ۽ گهرن ڊهڻ، فصلن ٻڏڻ ۽ مال مرڻ توڙي ماڻهن مرڻ جي صورت ۾ کربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. تباهه ٿيل روڊن، رستن، پلين، واهن ۽ سم شاخن يا ريل جي پٽڙين جو نقصان ان کان سواءِ آهي. ماهرن جي اها به راءِ آهي ته جيڪڏهن ايندڙ ٻن مهينن تائين سخت متاثر ستن ضلعن مان پاڻي نڪري به وڃي ته به انهن ضلعن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر يعني روڊ، رستا، پليون سرڪاري عمارتون، واهه ۽ سم نالا ايندڙ ويهن سالن تائين ان حالت ۾ نه اچي سگهندا، جنهن حالت ۾ هو تازين برساتن کان اڳ هئا. زرعي ماهرن وري اهو به شڪ ڏيکاريو آهي ته زمينن ۾ مسلسل پاڻي بيهڻ سبب سم چڙهڻ ۽ لوڻ مٿي اچڻ سبب زمينن کرڻ يا خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن ڪري نه صرف زرعي پيداوار گهٽبي پر لکين ماڻهن جو روزگار به ختم ٿي ويندو.
جيتوڻيڪ تازن مينهن بابت چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ پنجوڻ تي پيل وڌيڪ اهي مينهن بدليل موسمي حالتن جي ڪري آهن ۽ سڄي دنيا ۾ جيڪي موسمي ۽ ماحولياتي تبديليون اچي رهيون آهن ان جي ڪري ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ ٻوڏن، مينهن توڙي ڏڪارن جو خطرو آهي پر سنڌ ۾ هڪ راءِ اها به آهي ته تازن مينهن سبب سنڌ ۾ جيڪو ماهو ۽ موت پيو آهي ۽ جيڪا بي پناهه تباهي ٿي آهي انهيءَ جي گهڻي ڀاڱي ذميواري حڪومت ۽ ان جي ادارن تي به اچي ٿي. تنهن ڪري برسات متاثر يا مينهن جا ماريل اهو سوچي رهيا آهن ته هو پنهنجي پيارن جي موت جي، گهرن ۽ فصلن جي تباهيءَ جي، شهرن ۽ ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ روڊن جي ٻڏي وڃڻ جي يا سمورن علائقن جي ڍنڍ ۾ تبديل ٿيڻ جي ايف آءِ آر ڪنهن جي مٿان داخل ڪرائين؟
سنڌ جا ماڻهو مينهن جي تازين تباهين جو هڪ ذميوار آبپاشي کاتي کي به سمجهن ٿا جنهن جي ڪک مان نڪتل سيڊا جي اها اٿارٽي جيڪا سم نالن جي سارسنڀال جي ذميوار آهي. آبپاشي کاتي ۽ ان جي سيڊا خاص ڪري وچولي کان لاڙ ڏانهن ويندڙ سم نالن جي گذريل ڏهن سالن کان کاٽي نه ڪرائي آهي. جنهن ڪري سم نالا يا ته پورجي ننڍا ٿي ويا آهن يا وري هنڌان هنڌان ڀڳل ۽ ٽٽل آهن. جيڪڏهن سم نالن جي کاٽي ٿيندي رهي ها ۽ جيڪڏهن سم نالن جا ڪنارا وڏا، ويڪرا ۽ مضبوط هجن ها ته مينهن جو پاڻي سم نالن ذريعي نڪرندو رهي ها ۽ نتيجي طور پاڻي گڏ نه ٿئي ها ۽ پوءِ نه فصل ٻڏن ها نه شهر ۽ انهن جا رستا لڙهن ها. پر آبپاشي کاتي ۽ سيڊا سم نالن جي کاٽي به نه ڪرائي، بند به مضبوط نه ڪرايا نتيجي ۾ ڦڙي ڦڙي وسندي تلاءُ بنجندي وئي ۽ آخر ۾ ست ئي ضلعا وڏي ڍنڍ بنجي ويا.
آبپاشي کاتي ۽ سيڊا تي ته سنڌ جي ماڻهن جو اهو الزام به آهي ته سم نالن جو پاڻي کڻندڙ ٽيوب ويلن جي گهڻائي گذريل ڪيترن سالن کان بند آهي پر رڪارڊ ۾ اهي ٽيوب هلايل ڏيکاري، آبپاشي کاتي، سيڊا ۽ واپڊا جا عملدار ملي ڀڳت ڪري انهن جي نالي ۾ ملندڙ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جاڪروڙين رپيا هڙپ ڪري رهيا آهن. آبپاشي کاتي تي سنڌ جي ماڻهن جو ته اهو به ڪيس آهي ته سيڊا جي انتظام ۾ هلندڙ سم نالن جي کاٽيءَ لاءِ قائم ڪيل لوئر سنڌ مڪينيڪل ڊويزن جي 50 کان وڌيڪ مشينن کي ڪيئن ناڪارا بنايو ويو آهي ۽ ٻاهرين ملڪن مان وڏي قومي ناڻي سان خريد ڪيل نين نڪور مشينن جا پرزا وڪڻي، سڄي اداري کي ڪيئن بيڪار بنايو ويو آهي؟
سنڌ جي ماڻهن جو ته آبپاشي ۽ سيڊا کان پوءِ سنڌ جي بلديات واري کاتي مٿان به هڪ ڪيس آهي ته اهو بلديات کاتو، جنهن کي جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف اربين رپين جي فنڊن جا ڏند ۽ ڏاٺون وجهي هڪ کائيندڙ ۽ چٻاڙيندڙ کاتو بنايو ۽ جنهن بلديات کاتي جي هڪ هڪ تعلقي جي ميونسپل ۾ ماهوار هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پئسا اچن ٿا، انهن ٽي ايم ايز گذريل ڏهن سالن ۾ اربين رپين جا فنڊ هڙپ ڪرڻ باوجود سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو سٺو روڊ نه ٺهرايو، ڪو ڪم جهڙو پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو نه جوڙايو ۽ صفائيءَ جو ڪو نظام ترتيب نه ڏنو. نتيجي طور تازين برساتن ۾ سنڌ جو هر شهر پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
بلديات کاتي ۾ ته ٽي ايم ايز معرفت صفائيءَ لاءِ ڀنگي رکڻ بجاءِ سياسي سفارشن تي ماڻهو رکيا ويا آهن. جيڪي پگهارون ته کڻن پيا پر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، نتيجي طور تازن مينهن دوران سنڌ جي ڪنهن به ٽي ايم اي مثالي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ستن ڏينهن اندر پنهنجي شهر مان پاڻي نه ڪڍرايو. گذريل ڏهن سالن دوران ٽي ايم ايز ٻيا فنڊ ته هڙپ ڪنديون رهيون پر مڇرن ۽ رولو ڪتن مارڻ وارين دوائن جا به پئسا هڙپ ٿيندا رهيا. ٻئي طرف مڇر ۽ ڪتا شهرين کي کائيندا ۽ چڪيندا رهيا ۽ ميڊيا ۾ مڇر توڙي ڇتي ڪتي جي چڪ ۾ مرندڙ انسانن جون المين جهڙيون خبرون اينديون رهيون.
سنڌ جي ماڻهن جو ڪيس ته سنڌ حڪومت تي به آهي، جنهن انهن مينهن جي ماريل ضلعن ۾ سٺا ڊي سي او، ڊي اِي او ۽ ٻيا عملدار مقرر نه ڪيا، نتيجي طور جڏهن مينهن منهن ڪڍيو ته سفارشن تي ڀرتي ڪيل آفيسر گهٽين ۽ روڊن تي ڪاهي پوڻ بجاءِ آفيسن ۽ گهرن ۾ ٻوٿ ٻڌي ويهي رهيا. برسات جو پاڻي ڪيتريون آباديون لوڙهيندو ۽ رستا ٻوڙيندو رهيو پر ڪوبه عملدار ڪٿي پاڻي ۾ هلندي ۽ ماڻهن کي دلبا ۽ دلاسا ڏيندي نظرنه آيو. سنڌ جي سخت متاثر ستن ضلعن ۾ جيڪڏهن سٺا ڊي سي اوز ۽ سٺا آفيسر مقرر هجن ها ته انهن ضلعن جي عوام جي اهڙي حالت نه ٿئي ها جيڪا هاڻي نظر اچي ٿي.ائين نه آهي ته سنڌ ۾ ڪا سٺن آفيسرن جي کوٽ آهي پر حڪومت جي ان خواهش ۽ تمنا جي کوٽ ضرور آهي، جيڪا اهل آفيسرن جي مقرريءَ لاءِ گهربل آهي.
سنڌ جي ماڻهن کي هڪڙي شڪايت اتان جي اين جي اوز کان به آهي، جيڪي سنڌ جي غربت جي ڍونڍ تي ڦيرا ڏين ٿيون ۽ غريبن جي امداد جي نالي ۾ ملندڙ مال تي پلجي وڏيون ٿين ٿيون. سنڌ ۾ سوين اهڙيون نانءَ ڪٺيون اين جي اوز آهن جيڪي هڪ هڪ فرد جون ذاتي ملڪيتون آهن. اهي اين جي اوز انهن فردن جي ذاتي ۽ خانداني خوشحالي لاءِ ته ڪم اچن ٿيون پر جن ماڻهن ۽ جنهن سماج جي ڀلائيءَ لاءِ هو امداد وٺي اچن ٿا، ان تي نالي ماتر به خرچ نه ٿا ڪن. سنڌ جي انهن اين جي اوز به اسان جي غريب ماڻهن جي ڀلائي لاءِ اربين رپيا وٺي پاڻ هڙپ ڪيا آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪي هڪ يا ٻه درجن به سٺيون اين جي اوز هجن ها ته تازن مينهن ۾ مرندڙ ماڻهو جو انگ گهٽجي سگهي ها ۽ ماڻهن کي آيل ايذاءَ جي شدت ٿوري هلڪي هجي ها.
سنڌ جي ماڻهن کي هڪڙي شڪايت ميڊيا کان به آهي. ڇو ته ميڊيا به رڍن جي ڌڻ وانگي ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ٻئي پٺيان ريس ڪري ڪن مامرن کي گهڻو کڻي ۽ اڇالي ٿي پر اهي معاملا ۽ مسئلا جيڪي هن ملڪ جي مسڪين ۽ ماريل ماڻهن سان لاڳو آهن ۽ اهي مسئلا جيڪي غريبن جي زندگين ۽ نسلن کي داءَ تي لڳائي ٿا ڇڏين، انهن کي مناسب جاءِ ۽ ڪوريج ڏيڻ بجاءِ ميڊيا ڪڏهن راندين، ڪڏهن شادين ۽ ڪڏهن رڳو هلڪين، مٿاڇرين ۽ مشڪرين وارين خبرن کي ڪوريج ڏئي ٿي. ٻن رانديگرن جي شادي کان وڌيڪ اهم ٻن ڳوٺن جي ٻڏڻ جي خبر ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن ميڊيا جي مئنيجر کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي. ساڳيءَ ريت ڪيترائي ميڊيائي ماڻهو عوام جي اهنجن ۽ ماڻهن جي مسئلن کي جاءِ ڏيڻ بجاءِ رڳو پنهنجي خام خيالن ۽ پاڻ پڏائڻ وارين ڪهاڻين کي پيش پيا ڪن ۽ ڪوريج پيا ڏين. ميڊيا تان جيڪڏهن ذاتي فرمائش ۽ مالڪاڻين مرضين جو ٿورو بار لهي پوي ۽ اها جاءِ يا اهو وقت به عوام جي ڪنهن ايذاءَ جي خبر کي ملي ته به شايد عوام جي اهنجن جو انگ يا مقدار گهٽجي پوي.
مٿين سڄي بحث کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍڻ بجا ٿيندو ته جيڪڏهن اسان جي آبپاشي کاتي ۽ سيڊا جي ساک ۾ ايڏا وڏا گهارا نه پون ها ۽ ان کاتي جا عملدار ڪرپشن جي ڪنن ۾ لڙهي ۽ ٻڏي نه وڃن ها ۽ اسان جي نالن ۽ واهن جون کاٽيون وقت تي ٿين ها ته به اسان ائين نه ٻڏون ها جيئن هاڻي ٻڏا آهيون. پر جيڪڏهن اسان جو بلدياتي کاتو بدعنوانيءَ جي بَر ۾ نه ڀٽڪي ها ۽ اسان جون ٽي ايم ايز سڀ جي سڀ فنڊ هڙپ ڪرڻ جو قسم نه کڻن ها ۽ ٿورو به پئسو عوامي ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪن ها ته شايد اسان ائين نه ٻڏون ها جيئن اسان هاڻي ٻڏا آهيون.پر جيڪڏهن اسان جي حڪومت متاثر ضلعن ۾ ڪي سٺا آفيسر مقرر ڪري ها عوام جو درد ۽ خدمت جو جذبو رکندڙ ڊي سي اوز مقرر ڪري ها ته به اسان جي واهر ٿي پوي ها ۽ اسان سان ڏک ايتريون ڏاڍايون نه ڪن ها جيڪي هنن اسان سان هن هيڻي حال ۾ ڪيون آهن. پر جيڪڏهن اسان جون ڪجهه اين جي اوز هن ٻوڏ کي ڏائڻ جي هڪڙي گهر ٽارڻ واري پهاڪي جيان ٽارين ها ۽ هن ڀيري ٻڏل ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو وچن ڪن ها ۽ مليل امداد کي مينهن جي ماريل ماڻهن تائين پهچائڻ جو پهه ڪن ها ته به شايد اسان جا اهنج ايترو ايذاءُ رسائيندڙ نه هجن ها.
۽ آخر ۾ ايترو ته جيڪڏهن هن ڀيري ميڊيا ۽ خاص ڪري اردو ميڊيا به اسان جي ماڻهن تي ايتري مهربان هجي ها جيتري اسان تي برپا ٿيل قيامت جي قيمت آهي ۽ جيڪڏهن ميڊيا اسان جي دردن جي ايتري تصوير پيش ڪري ها جيترو اسان تباهه ۽ تاراج ٿيا آهيون ته شايد سنڌ جي هنن ست ضلعن جي اها حالت نه هجي ها جيڪا هينئر ٻڌائڻ، ڏيکارڻ ۽ بيان ڪرڻ جهڙي به نه آهي.

(آگسٽ 2011 ۾ نشر ٿيل)

مُهراڻي ۾ مِينهن جون تباهڪاريون

سنڌ جي ڏکڻ ۽ اوڀر وارا اهي علائقا جيڪي گذريل سال جي مها ٻوڏ ۾ بچي ويا هئا. اهي هن سال مينهن ٻوڙيا آهن، فرق هڪڙي سال جو آهي باقي پاڻيءَ جي تک، تيزي ۽ تباهي ساڳي آهي. ٺٽي، بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن ۾ سانوڻ جي ٽن ڏينهن جي لڳاتار مينهن وسي وسي جيڪي رُهيون ڪيون آهن انهيءَ لکين ماڻهن کي بي گهر ۽ دربدر ڪيو آهي. هن وقت تائين سرسري اندازو آهي ته 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن پر اهو انگ وڌي به سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٿر جي ڪَسَ وارو علائقو توڙي ٺٽي، بدين ۽ ٿرپارڪر جو سامونڊي ڪناري ۽ ڪڇ وارو پٽ هينئر مڪمل طرح پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن. ستن ضلعن جو سڀ کان وڌيڪ اوچو روڊ جيڪو ميرپورخاص ۽ مير واهه گورچاڻي وچ ۾ آهي، اهو به ٻڏل آهي. ماڻهن کي مينهن ته ٻوڙيو ئي ٻوڙيو پر واهن ۽ سم نالن جي اٿلڻ ۽ گهارن ان آسماني ٻوڏ کي ويتر ٻيڻو ڪري ڇڏيو. نتيجي طور ٿر ۽ لاڙ جي ڪسن وارو علائقو ۽ پراڻ توڙي پٽيهل درياهه جي پٽن واري پرڳڻي ۾ اٻوجهن ۽ ٻاجهارن لوڪن وارو اهو علائقو جتي ڀٽ جو ڌڻي به سدائين ڀيرا پيو ڪندو هو، اهو ڄڻ هڪ وڏي ڍنڍ ۾ بدلجي چڪو آهي ۽ ان نئين بنيل ڍنڍ مان انسانن کي ٻيڙين ذريعي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي. سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري ان ڪنڊ جي ستن ضلعن ۾ برساتن کان وڌيڪ آبپاشي کاتي جي واهن ۽ واپڊا جي سم نالن تباهي آندي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي پنهنجي حڪومت جي آبپاشي کاتي جي نااهلي ته نظر نه آئي پر واپڊا جي شڪايت هن به ڪئي آهي. مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ سندس اها جزوي حقيقت پسندي به سٺي ڳالهه آهي. ٿر ۽ لاڙ جا اهي پٽ جيڪي مينهن ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيا آهن، اهي سنڌ جي سرزمين جا ڇورن ٻارن جهڙا يتيم ۽ غريب علائقا آهن. هنن علائقن کان ڄڻ روڊ به رٺل آهن جنهنڪري ترقي به هنن سان ڪاوڙيل آهي. نتيجي طور صحت، تعليم ۽ روزگار جو به هن پرڳڻي سان رسامو آهي. نتيجي طور لاڙ ۽ ٿر جي علائقن جي ميڊيا ۾ سدائين المياتي منظر نگاري ٿيندي آهي، ٿر جا ڏڪار هجن يا سامونڊي طوفان، سانوڻ جا سوڪهڙا هجن يا بڊي جون برساتون، ٿر ۽ لاڙ مان سدائين ڏک، ڏڪار ۽ تباهيءَ جون خبرون ۽ تصويرون اڳيان اچن ٿيون.
حاڪمن ۽ حڪومتن جي توجهه ۽ ترقي کان وانجهيل هي علائقو ڏکن جي هڪ دائمي تصوير آهي، جيڪا هر ٻن ٽن سالن کانپوءِ نون نقصانن جي تفصيل سان اسان اڳيان اچي ٿي، نتيجي طور حڪومتون، عالمي امدادي ادارا توڙي اين جي اوز سدائين هتي رليف لاءِ ايندا آهن، ۽ قدرتي توڙي انساني المين جو شڪار ٿيل انسانن کي دفنائي، سندن دردن جي منظرن کي فوٽن ۽ فوٽيجن ۾ محفوظ ڪري، پنهنجو رڪارڊ ٺاهي واپس هليا ويندا آهن ۽ پوءِ المئي جو امتحان پاس ڪندڙ هي علائقو وري ڍڳي جي رفتار سان رڙهڻ شروع ڪندو آهي ۽ زندگي توڙي وهنوار جو گاڏو ڇڪي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي ذخيرن سان ٽمٽار هن علائقي کي آخر ان مصيبت مان ڪير ڪڍندو؟!
مينهن ۽ طوفان، ٻوڏون ۽ زلزلا، باهيون ۽ ڏڪار ته سڄي دنيا ۾ اچن ٿا بلڪه اسان کان به وڌيڪ اچن ٿا پر نقصان اسان وٽ وڌيڪ ڇو ٿو ٿئي؟ شايد ان ڪري جو اسان جي حڪومتن ۽ حڪومتي ادارن قدرت جي امتحانن کي پاس ڪرڻ جي ڪا به تياري نه ڪئي آهي. اسان جي مرڪزي توڙي صوبائي حڪومتن وٽ رليف جو ڪو کاتو ئي نه آهي، اگر آهي ته اهو به نالي ماتر آهي. 2005ع واري ڪشمير جي زلزلي کانپوءِ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ نالي هڪ اٿارٽي ٺاهي وئي آهي پر اها اٿارٽي به مرڪز تائين محدود آهي، ان جو صوبن ۾ ڪو به وجود نه آهي. تنهڪري گذريل سال واري مها ٻوڏ جڏهن هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ڪيا تڏهن اها اٿارٽي متاثر ماڻهن جا علائقا به نشا نبر نه ڪري سگهي. هينئر تازين برساتن ۾ جيڪي ست ضلعا متاثر ٿيا آهن، انهن ۾ اهي ئي شڪايتون آهن ته مينهن جي ماريل ماڻهن جي واهر ڪرڻ وارو ڪير ڪونهي، سفارشن تي مقرر ٿيل آفيسرن ۾ ايمانداري نه آهي، چونڊيل نمائندن کي وري متاثرن کان وڌيڪ ميڊيا ۾ تصويرون ڪڍرائڻ جو خيال آهي ۽ هو تيستائين ديڳ جو دم کولڻ لاءِ تيار نه آهن، جيستائين فوٽو ڪڍڻ وارا نه ٿا پهچن. ٻڏل علائقن جي انتظاميا متاثرن کان وڌيڪ چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن ڪبيرن جي آڳر تي ٽانڊي ٽوپي ۾ مصروف آهي ۽ ان سڄي بدانتظامي جي ڀوڳنا وري به مصيبت جي ماريل ماڻهن کي برداشت ڪرڻي پوي ٿي.
سنڌ جي هنن ستن ضلعن ۾ ته پڪن اسڪولي عمارتن جي به کوٽ آهي، جتي متاثر وڃي مٿي ڇانوَ ڪن. هتي جا ته روڊ به سٺا نه آهن، جتي جي سُوڪهڙي تي ماڻهو وڃي ڪو ساهه کڻي سگهن. آخرڪار هتان جو عوام پنهنجي ان بدنصيبيءَ جو داستان ڪنهن کي ٻڌائي ۽ پنهنجي ان درد جو فرياد ڪٿي ڪرائي؟
لاڙ ۾ سم نالا سدائين ابتا وهي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙيندا آهن. ايل بي او ڊيءَ کي ڪڍڻ کان ڇوڙ تائين درجنين گهارا لڳل آهن. ڪيترائي ماڻهو ڪئي ڀيرا اها ڳالهه ڪري چڪا آهن ته ايل بي او ڊيءَ جي ڊزائين ئي درست نه رکي وئي آهي ۽ ان جو ڇوڙ واهونديءَ جي واءَ جي سامهون رکيو ويو آهي، تنهنڪري ايل بي او ڊي سمونڊ ۾ آساني سان ڇوڙ نه ڪري سگهندي. لاڙ ۽ ٿر جي هنن علائقن کي روز روز جي مصيبتن مان ڇڏائڻ لاءِ ۽ اتان جي آباديءَ کي انسانن جو صحيح درجو ڏيارڻ لاءِ هتي مستقل قسم جي رٿابندي ۽ ان تي عمل جي ضرورت آهي. ايل بي او ڊيءَ جي ٺهڻ ۽ نقصانن تي هڪ ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت آهي. لاڙ ۽ ٿر سميت سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ ترقيءَ جو ڄار وڇائڻ جي ضرورت آهي. هتي سٺن روڊن، اسپتالن، اسڪولن، پڪن واٽر ڪورسن ۽ روزگار جي ذريعن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.لاڙ ۽ ٿر جي زمينن ۽ قدرتي وسيلن ۽ ماڻهن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ خاص اپائن وٺڻ جي ۽ علائقن ۾ گهڻي سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. لاڙ ۽ ٿر جو اهو علائقو جيڪو اڄ برساتن ۾ ٻڏو آهي اهو ان کان اڳ ڏڪارن ۾ به سڪو آهي ۽ طوفانن ۾ سٽيو آهي ۽ هر ڀيري اهي حادثا سوين ماڻهن جي زندگي جو ٻليدان وٺي لکين ماڻهن کي بي گهر ۽ دربدر ڪري اسان جي حڪومتن، حڪومتي ادارن، وس وارن ۽ سمورن لاڳاپيل فردن توڙي ادارن کي تباهيءَ جي چڻگار ڏئي للڪاري هليا ويندا آهن.
لاڙ ۽ ٿر جا هي علائقا حڪومت، عالمي ادارن، اين جي اوز، ميڊيا ۽ اسان سڀني کان فوري امداد ۽ سهائتا ته طلب ڪن ٿا پر سنڌ جا هي پوئتي پيل يتيم ٻارڙن جهڙا ڇورا ڇنا علائقا، اسان کان پنهنجي مصيبت جي بيماري جو مستقل علاج به طلب ڪن ٿا. اچو ته هنن يتيم علائقن جي محرومين جو ڪو علاج ڳوليون.

(سيپٽمبر 2011ع ۾ نشر ٿيل)

ٻولي ۽ ثقافت

---

مهراڻ جي وادي ڇا آهي؟

مهراڻ جي وادي عرف انڊس ويلي سولائيزيشن سنڌو درياهه ۽ ان جي ڏن ڀرو درياهن تي مشتمل علائقن تي وسندڙ ماڻهن جي تهذيب جو نالو آهي، محققن جو خيال آهي ته موجودهه پاڪستان ئي مهراڻ جي واديءَ جو ملڪ آهي. جيتوڻيڪ مهراڻ جي واديءَ ۾ هندستان جي گجرات، راجسٿان ۽ هريانا جا ڪجهه علائقا به شامل هئا جيڪي ورهاڱي کانپوءِ انڊيا ۾ هليا ويا آهن پر لاهور يونيورسٽيءَ جي فلسفي واري شعبي جي پروفيسر قاضي جاويد جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۽ ان ۾ شامل ٿيندڙ درياهن جا علائقائي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب آهن تنهنڪري موجودهه پاڪستان کي ٿوري گهٽ- وڌائين سان مهراڻ جي وادي چئي سگهجي ٿو.
جيئن دنيا جون سموريون تهذيبون، درياهي ڪنارن تي آباد ٿيون آهن بلڪل ائين ئي سنڌو ماٿري جي تهذيب سنڌو ندي ۽ ان جي ڏن ڀريندڙ ندين جي ڪنارن تي آباد هئي. تاريخ جي سڀ کان قديم سمجهيو ويندڙ ڪتابن ۾ ان کي سپت سنڌو جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. سپت سنڌوءَ جو مطلب ته ستن درياهن وارو سنڌو ٻڌايو ويو آهي. جن ۾ پنجاب جا پنج درياهه ۽ ڇهون درياهه ڪابل ڄاڻايو ويو آهي آهي، ستون درياهه سنڌو پاڻ آهي. پر ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته سپت سنڌو جومطلب پنجاب جا پنج درياهه، يعني ستلج، بياس، راوي، چناب، جهلم ۽ ڇهون درياهه سرسوتي آهي، جيڪو ڪجهه صديون اڳ ڪنهن زلزلي سبب بند ٿي ويو. ڏند ڪٿا موجب سرسوتي درياهه اڄڪلهه زمين اندر هليو ويو آهي ۽ زير زمين وهي رهيو آهي.
تاريخ ۾ عام طور تي جيتوڻيڪ سپت سنڌو ڄاڻايو ويو آهي پر جيڪڏهن غور ڪري ڏسبو ته سنڌو هڪ اهو شهنشاهه درياهه آهي جنهن جي وهڪري جي اڳيان رڳو ست نه پر ڪيترائي درياهه پنهنجي وجود جي وهڪري جو ڏن قربان ڪن ٿا.
سنڌوءَ درياهه جهڙي شهنشاهه درياهه جو ڏن رڳو مشرقي نديون يا کاٻي پاسي واريون نديون نه ٿيون ڀرين پر سرحد صوبي ۽ اترين علائقن جا ڪيترائي درياهه به سنڌو نديءَ جي سير ۾ اچي قربان ٿين ٿا. جن ۾ درياهه سوات، درياهه باڙا، درياهه ڪرم، درياهه گومل، درياهه ڪنهار ۽ درياهه چترال شامل آهن، اهي به اڻ سڌي طرح سنڌوءَ ۾ شامل ٿين ٿا. درياهه ڪنهار جهلم نديءَ جي معرفت ۽ درياهه چترال ڪابل نديءَ جي معرفت سنڌوءَ جي وهڪري ۾ اچي پنهنجو سيس نمائين ٿا.
وادي مهراڻ جي تهذيب جي ماءُ سنڌو ندي جنهن ۾ ڪرم، گومل ۽ ڪابل ندي اچي ڇوڙ ڪن ٿيون، ان جو به تاريخ جي پراڻن ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته وادي مهراڻ جي تهذيب کي رڳو سنڌ جي سرسوتي ۽ پنجاب جي پنجن درياهن ئي نه پر سرحد، ڪشمير ۽ افغانستان جي ندين پڻ پنهنجو پاڻي فراهم ڪيو آهي. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته “ اي سنڌو پهريان تون ترشتما سان گڏجي وهين ٿي پوءِ سسرتو، رسا ۽ سواتيءَ سان ۽ ڪڀا، گومتي، ميهنتو ۽ ڪرمو سان گڏجي وهين ٿي. ”
سنڌو نديءَ ۾ڇوڙ ڪندڙ پنجاب، سرحد، ڪشمير ۽ افغانستان جي ندين جو ذڪر ڪندي رگ ويد ۾ آيو آهي ته “ اي سنڌو، جيئن سوئا ڳئون کير سان ڀريل اوهن سان پنهنجي ڦرن ڏانهن ڊوڙن ٿيون، تيئن ٻيون نديون جدا جدا هنڌن مان پاڻي کڻي توڏانهن رنڀنديون اچن ٿيون.” رگ ويد ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته “ اي سنڌو جيئن ڪو راجا جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس تيئن تون به شاهاڻي شوڪت سان ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي ۽ ٻيون نديون به پلٽڻيون ڪري تنهنجي پٺيان هلن ٿيون ڄڻ ته هڪ ئي رٿ ۾ سوار آهيو. ”
جيئن نيل ندي مصر جي تهذيب کي ميکون هڻي بيٺي آهي ۽ جيئن دجلا ۽ فرات، عراق جي ميسو پوٽيما تهذيب کي ٿنڀا ڏيون بيٺيون آهن. يا جيئن گنگا ۽ جمنا هندستاني تهذيب کي بنياد فراهم ڪيا آهن. بلڪل ائين ئي سنڌو درياهه جو وڻ ۽ انجي ڏارن جهڙيون نديون وادي مهراڻ جي تهذيب کي ڇانو ڪيون بيٺيون آهن.
وادي مهراڻ جي تهذيب جو ذڪر ڪندي پنجاب يونيورسٽي جي فلسفي جي پروفيسر ۽ دانشور قاضي جاويد لکيو آهي ته موجودهه پاڪستان ٿورين جاگرافيائي گهٽ وڌائين سان وادي مهراڻ جي قديم ۽ عظيم تهذيب ۽ نقشي جو تسلسل آهي.
تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌو درياهه ڪڏهن ڪڏهن ڪن حاڪمن جي حڪومت جي حد طور ضرور ڳڻايو ويو آهي پر اهو نهايت ٿوري عرصي لاءِ رهيو آهي. هندستان جي اشوڪ اعظم درياهه سنڌ جي کاٻي ڪناري کي پنهنجي حڪومت جي حد ڄاڻايو هو. جڏهن ته ايرانين وري سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ کي پنهنجي حاڪميت جي سرحد بڻايو هو.
نه ته تاريخ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌو درياهه اهو سڳو ثابت ٿيو آهي جنهن نه رڳو وادي مهراڻ جي جاگرافيءَ کي پر هتان جي ماڻهن کي به هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي رکيو آهي. راءِ گهراڻي جي دور ۾ واديءَ مهراڻ جون حدون ڪشمير کان ڪيٽي بندر تائين ۽ مڪران کان گجرات تائين پکڙيل هيون. ملڪي سرحدن جو اهو سلسلو برهمڻن جي دور ۾ به ساڳيو ئي رهيو. غزنوين، غورين، غلامن، تغلقن، لوڌين ۽ مغلن جي تاريخدانن تنهنڪري ئي سنڌو ندي ۽ ان جي ساڄي کاٻي وارين ندين جي علائقن کي سنڌو ماٿري يا مهراڻ جي واديءَ جو نالو ڏنو آهي. سنڌو ماٿري عرف واديءَ مهراڻ موجودهه پاڪستان کانسواءِ هندستان جي گجرات، راجسٿان، هريانا ۽ افغانستان جي ڪجهه علائقن تائين پکڙيل هئي. واديءَ مهراڻ جي تهذيب جو پاڇو اتر ۾ افغانستان جي آمو درياهه کي ۽ اوڀر ۾ اتر پرديش جي شهرن ۽ اولهه ۾ مڪران جي جبلن ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمونڊ جي ويرن کي ڇهندو هو. واديءَ مهراڻ جي ان تهذيب کي ڪن مورخن سنڌو سرسوتي تهذيب جي نالي سان به پڪاريو آهي.
وادي مهراڻ جي ان تهذيب بابت اڳ ۾ محققن جو اهو خيال هو ته هيءَ تهذيب ميسوپوٽيما يا بابلي تهذيبن جو تسلسل هئي پر بعد ۾ ان راءِ جا ٿيا ته وادي مهراڻ جي تهذيب، بابلي تهذيب جي به امام ۽ اڳواڻ آهي. وادي مهراڻ جي ان تهذيب 3500 قبل مسيح ۾ اسرڻ شروع ڪيو ۽ 1500 قبل مسيح تائين ان جو عروج رهيو. نيشنل جيو گرافڪ سوسائٽيءَ جي محققن موجب سنڌو ۽ سرسوتي جي ڪنارن تي آباد هن تهذيبن جي وڏن شهرن ۾ موهن جو دڙو، هڙاپا، راکي ڳڙهي،گڻ ويري والا ۽ ڍولا ويرا مشهور شهر هئا.
مهراڻ لفظ بابت ڀيرو مل ڄاڻايو آهي ته ايرانين سنڌو درياهه کي مهرا سڏيو آهي، جنهن جو ذڪر پارسين جي مقدس ڪتاب زندا وستا ۾ آيو آهي، بعد ۾ سنڌو نديءَ جي اها شاخ جيڪا موجودهه سکر جي ٻاهران قديم اروڙ وٽان لنگهندي هئي، ان کي اڀرندو نارو به چيو وڃي ٿو، جيڪو ناري ۽ پراڻ جي پيٽ مان لنگهي، ونگي پتڻ کان ٿيندو، دونهائين وٽان گذرندو، ڪڇ وٽان وڃي ڪورو کاري ۾ پوندو هو. جيستائين غلام شاهه ڪلهوڙي ان پراڻ اڳيان بند نه ٻڌرايو هو، تيستائين ڪڇ جو رڻ آباد ۽ سرسبز علائقو هو. چچ نامي ۾ به سنڌو درياهه جي اڀرندي شاخ عرف اڀرندي ناري کي مهراڻ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. ڀيرو مل اهو به ڄاڻايو آهي ته سنڌوءَ جو ذڪر عيسائين جي مقدس ڪتاب انجيل ۾ به آيو آهي.
مهراڻ جي وادي عرف سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جيڪا ڪشمير کان ڪراچيءَ تائين ۽ مڪران کان لوٿل يعني هندستان جي گجرات تائين پکڙيل هئي. اها نهايت سرسبز ۽ آباد هئي، ان ڪري ان جا لوڪ سکيا ستابا ۽ خوشحال هوندا هئا. رگ ويد ۾ سنڌو ۽ سرسوتيءَ جي وچ واري علائقي کي ديوتائن جو جوڙيل ملڪ ڪري ڪوٺيو ويو آهي. بلڪل اهڙي ريت جيئن نصرپور وٽان لنگهندڙ سنڌو درياهه جي ڪنارن ۽ ان جي سرسبزيءَ کي ڏسي هتان جي ماڻهن ان جو نالو سماواتي پرڳڻو يعني آسماني يا بهشتي پرڳڻو رکيو هو. هر دور ۾ جيتوڻيڪ مهراڻ جي واديءَ جون سرحدون انتظامي طور ٿوريون تبديل ٿينديون رهيون پر سنڌو درياهه ۽ ان جون ڏن ڀرو نديون ماڻهن جي يڪجهتيءَ جو سبب رهيون. ساڳي نديءَ جي پاڻي پيئڻ ۽ ساڳين ميدانن جا اناج کائڻ سبب هتان جي ماڻهن جي نه رڳو طبيعت، مزاج، مذهب ۽ رهڻي ڪهڻي هڪجهڙي آهي پر سندس روئيا، رجحان ۽ سياسي سوچ به ذري گهٽ هڪ جهڙي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايران جي علائقي نمروز جي بادشاهه جي هٿان راءِ سهيرس جي قتل تي وادي مهراڻ جي ماڻهن جيئن ڏيڍ هزار سال اڳ اجتماعي سوڳ ڪيو هو، بلڪل ائين ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس شهزادي ڌيءَ جي شهادت تي وادي مهراڻ جي ماڻهن ڪشمير کان ڪراچيءَ تائين گڏيل سوڳ ڪيو آهي.
مهراڻ جي وادي جي هن ملڪ پاڪستان جي ماڻهن جي پسند ۽ ناپسند جي هڪ جهڙن ماڻن ۽ معيارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تهذيب جون پاڙون ڪيتريون نه اونهيون ۽ مضبوط آهن.

(آڪٽوبر 2010ع ۾ نشر ٿيل)

اچو ته پنهنجي ثقافت کي پنهنجايون

سنڌ جي تاريخ ۾ ثقافتي ڏهاڙو هڪ نئين تهوار طور اڳيان آيو آهي ۽ جهڙي طرح هن ڏينهن کي سنڌ جا ماڻهو ملهائي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن سندن جذبات جي جوالا سدائين جوان به رهي ته ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ جي ثقافتي تاريخ ۾ هزارين سالن کان پوءِ هڪ نئين وار جو واڌارو هوندو.
ڏينهن، ڏڻن ۽ تهوارن جي تاريخ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انسان ذات سڀ کان اڳ ۾ موسمي تهوار ملهايا.ان کان پوءِ عقيدن جي مذهبي ڏينهن جو وارو آيو ۽ ان کان پوءِ فصلي تهوارن جو نمبر آيو. پوءِ گرهن جي گرڻن مان پيدا ٿيل موسمن، موسمن جي مٽ سٽ سبب پيدا ٿيندڙ عقيدن، خيالن ۽ زمين جي زرخيزي مان انگورجي نڪرندڙ فصلن جي الڳ الڳ ڏينهن ۽ وارن کي جن جن رنگن، انگن، آوازن، اندازن،سرن ۽ سرورن سان ملهايو ويو ان کي ثقافت جو نالو ڏنو ويو.ثقافت رڳو ڪنهن لٽي جي ليڙ جو نالو ناهي. نه ئي ثقافت ڪنهن جهمر ۽ جهومر جو نانءُ آهي. ثقافت ڪنهن به قوم جي عقيدن، خيالن، خوابن، خوشين، امنگن، ڏکن ۽ جذبن جي اظهار لاءِ اختيار ڪيل طريقن، رواجن ۽ رسمن جو گڏيل نالو آهي. ڪابه قوم جڏهن پنهنجن عقيدن، خيالن، آسن، احساسن ۽ روز مرهه جي زندگي جي وهنوارن کي ادا ڪرڻ ۽ بيان ڪرڻ لاءِ جيڪا زبان، ريتون ۽ طريقا ايجاد ۽ اختيار ڪري ٿي ان کي ان قوم جو عقيدو، فن، ادب ۽ رسم توڙي رواج چئجي ٿو.تنهن ڪري جيڪڏهن ائين چئجي ته ثقافت ڪنهن به قوم جو سماجي لباس ٿئي ٿو تڏهن به شايد غلط نه ٿيندو.
ثقافت، تهذيب جي ننڍي پر جاڙي ڀيڻ آهي.تنهن ڪري تهذيب جي هر قدم پويان ثقافت جو پيرو آهي.سنڌ جي ثقافت به سنڌو ماٿري جي تهذيب جي هندوري ۾ لُڏي، ڪُڏي ۽ وڏي ٿي آهي. تنهن ڪري سنڌي ثقافت به ايتري عظيم ۽ قديم آهي جيتري وڏي ۽ وڏاندري سنڌي تهذيب آهي.ان ڪري سنڌ کي پنهنجي ثقافت تي، پنهنجي تهذيب جيترو ئي فخر ۽ ناز آهي.
ماڻهن جا مزاج رڳو وڏڙن جي هڏڙن جي رت ۽ ماس مان ئي نٿا ٺهن ۽ نه ئي رڳو ماڻهن جون طبيعتون پنهنجي پنهنجي ڌرتي جي دز مان ڦٽي نڪرن ٿيون.پر وڏڙن جو رت، ڌرتي جي ڌوڙ ، سمنڊ جي گِهم، درياهن جا پاڻي، زمينن جي جرن ۾ پوريل ڌاتو، هلچليون هوائون، سج جون شعائون،مختلف سيارن جي گردشي اثرن سان گڏجي ماڻهن جو مزاج ڳوهين ٿا ۽ پوءِ انهن گڏيل اثرن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ماڻهو جيڪي انساني رويا اختيار ڪري ٿو ۽ اظهار جا ذريعا ايجاد ڪري ٿو ان کي ڪلچر يا ثقافت چئجي ٿو.اڄ جڏهن اسين ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون تڏهن اسان کي رڳو اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي جهمريون هڻڻيون ناهن،پر ان ڏهاڙي تي اسانکي پنهنجي پنج هزار سالا تهذيبي زندگي ۾ اُسريل ۽ نسريل انهن سمورن ثقافتي قدرن ۽ رواجن جو به ويچار ۽ ورجاءُ ڪرڻو آهي جيڪي اسان جي ابن ۽ امڙين جي هزارين سالن جي فڪر ۽ پگهر جي پورهئي جو نچوڙ آهن.افسوس جي ڳالهه اها آهي ته انهن رواجن کي اسان اڄڪلهه وساري ڇڏيو آهي.جنهن ڪري اسان زوال ۽ تباهي ڏانهن وڌي رهيا آهيون.
سنڌي ثقافت جي گڻن ۽ لڇڻن ۾ هڪ گڻ رواداري ۽ درگذري به آهي. اڄڪلهه سنڌ ۾ درگذر ڪرڻ، مڙي وڃڻ يا معاف ڪرڻ جو رواج تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي.نتيجي طور ٻارن جي ڳالهه، مال جي ڀيل يا پاسي لڳڻ جهڙين ننڍڙين ڳالهين تي به جهيڙا ٿين ٿا ۽ انهن جهيڙن ۾ ڏهه ڏهه ماڻهو قتل ٿين ٿا. اسان جا وڏڙا چوندا هئا ته مُڙيو، جُڙيو آهي ۽ ٻيا چوندا هئا ته وڙهڻ ڪم ماڻهن جو ناهي پر وڙهڻ ڪم جانورن جو آهي. سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ ارهه زورائي ۽ هوڙهيائي کي ننديو آهي ۽ چيو آهي ته
”کم کمندن کٽيو - هارايو هوڙهن،
چکيو نه چوندن - هو جو ساءُ صبر جو“
سنڌيءَ ۾ ڪس کائڻ، مڙي وڃڻ يا معاف ڪرڻ جي ان روايت جا ٻيا ڪيترائي مثال موجود آهن جن تي عمل ڪندي اسان جا وڏڙا، ننڍين ننڍين ڳالهين تي ٿيندڙ تڪرارن جو نبيرو ڪندا هئا.
اڳي جيڪڏهن ڪو ماڻهوڪنهن ڳالهه تي ضد ڪندو هو يا نه مڙندو هو ته ٻيو کيس چوندو هو ته “ ادا مون ان ڳالهه کي ڇڏيو، مون توکي معاف ڪيو، ڀلي تنهنجو ئي ڀت گهاٽو هجي ” ثقافت جي هن ڏهاڙي تي اسان کي سنڌي سماج جو اهو درگذر ڪرڻ، معاف ڪرڻ ۽ مڙي وڃڻ وارو لڇڻ موٽائڻ لاءِ وچن ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن ۾ سهپ ۽ برداشت جو معدو موٽي اچي ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تان خوني تڪرارن جو خاتمو ٿئي.
سنڌي ثقافت جو هڪ ٻيو گڻ تڏي تي هلي آيل کي مان ڏيڻ ۽ معاف ڪرڻ به آهي.اسان جا وڏڙا تڏي تي هلي آيل يا نياڻيون ميڙ ڪري وٺي اچڻ واري کي وڏي ۾ وڏو گناهه ۽ غلطي به معاف ڪري ڇڏيندا هئا. پر اڄڪلهه اسان جي رواجن مان اها سلڇڻائي به گُم ٿيندي پئي وڃي ۽ ڪيترن هنڌن تي تڏي تي آيل مهمانن تي حملا ۽ هلائون ڪيون وڃن ٿيون. هلي آيل کي مان ڏيڻ ۽ پنهنجي تڏي جي لڄ رکڻ سنڌي ثقافت جي اهم گڻن ۽خاصيتن منجهان هڪ آهي.ثقافت جي ڏهاڙي تي اسان کي تڏي تي ميڙ ٿي آيل کي معاف ڪرڻ وارا وڏڙن جا رواج ياد ڪرڻ ۽ ورجائڻ گهرجن ۽ پوءِ اهي رواج پنهنجائڻ به گهرجن. سنڌ جي ثقافت ۾ نياڻي جو مان ۽ مرتبو سدائين مٿانهون رهيو آهي. قديم زماني کان اهو رواج چالو رهيو آهي ته جڏهن ۽ جيڪڏهن، نياڻي هلي آئي يا ميڙ ٿي آئي ته سڀ اختلاف ختم ڪيا ويندا ۽ سڀ ڏوهه معاف ڪيا ويندا هئا.قديم زماني کان سنڌي ثقافت جو اهو رواج به رهيو آهي ته ڪيڏا به جهيڙا ٿين، ڪيڏي به ويڙهه ٿئي ، پر عورت ۽ نياڻي کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو هو.پر اڄڪلهه جي جهيڙن جي شروعات ئي مخالفن جي عورتن کي اغوا ڪرڻ سان ٿئي ٿي.اُهو سنڌي سماج جيڪو نياڻيءَ کي امن جي نشاني سمجهندو هو ۽ عورت کي ست قرآنن جو درجو ڏيندو هو، اهو اڄڪلهه ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي ؟
دنيا جا عالم ۽ اڪابر ان ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿا ته موهن جي دڙي وارو سماج ماءُ جي حاڪميت وارو ۽ عورت جي احترام وارو سماج هو. ثقافت جي هن ڏهاڙي تي اسان کي عورت جي عزت وارو اهو دور ۽ اسان کي پنهنجي ماءُ سان محبت وارو اهو وقت موٽائڻ لاءِ ڪوششن جو وچن ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي عورت مٿان لڙڪندڙ ڪارنهن جي ڪهاڙي کي هٽائڻ لاءِ عهد ڪرڻ گهرجي. سنڌي ثقافت ۾ سامن مٿان سر ڏيڻ جي جيڪا تاريخ رهي آهي.اڄڪلهه اسان جي معاشري مان ان جا نشان به گم ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ سامن تي سر ڏيڻ جا قصا رڳو سمي ابڙي جا ناهن پر سنڌ ۾ ته اهڙيون روايتون به ملن ٿيون.ته جيڪڏهن ڪنهن جي گهر ڪنهن جانور به اچي پناهه ورتي ته انجو به تحفظ ڪيو ويندو هو.سامن تي سر ڏيڻ ۽ امن لاءِ آيل عورتن جو احترام سنڌي معاشري مان ختم ٿيندو پيو وڃي !ثقافت جي هن ڏهاڙي تي اسان کي سامن جي سلامتي وارو سنڌي سخن به ياد رکڻ ۽ ورجائڻ گهرجي.
سنڌي ثقافت ۾ پاڙي جو خيال ۽ احترام صدين کان قائم رهندو آيو آهي.سنڌ جي رواجن ۾ ته اها ڳالهه به شامل رهي آهي ته پاڙي وارا ڪٿي ڪٿي ته مائٽن کان به وڌيڪ ويجها هوندا آهن.وڏڙا چوندا هئا ته ماڻهو جڏهن مري ٿو ته سڀ کان پهريائين پاڙي وارو اچي ان جو منهن ڏسي ٿو.يا ماڻهو جڏهن مصيبت ۾ اچي ٿو ته سڀ کان اڳ ۾ پاڙي وارو پهچي ٿو. تنهن ڪري پاڙيسري سڀ کان معزز ۽ قابلِ احترام هجي ٿو.“ پاڙو پيغمبرن کي به پيارو آ” جهڙا پهاڪا ٻڌائين ٿا ته سنڌي ثقافت ۾ پاڙي جو ڪيترو مان آهي پر اڄوڪي سنڌي معاشري ۾ پاڙو سڀ کان وڌيڪ ۽ سڀ کان وڏي خطري جو سبب بڻجي ٿو. اڳين زمانن ۾ ته ڏوهاري به پاڙي ۾ ڏوهه نه ڪندا هئا.پر اڄڪلهه انهن عذابن جو پاڙو ئي سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿئي ٿو. اسان جي ثقافت جو ڏهاڙو اسان کان ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته سنڌ ۾ پاڙي جو پن ۽ پروڙ موٽائي وڃي ۽ پاڙي جو لحاظ ۽ احترام بحال ڪيو وڃي.
عدل ۽ انصاف به سنڌي سماج جي بنيادي خاصيتن ۾ شامل رهيا آهن. وڏڙا چوندا هئا ته لٺ کڻبي ڀاءُ ڪارڻ ۽ شاهدي ڏبي الله ڪارڻ. ڄام نظام الدين سمي کان شاهنواز جوڻيجي تائين ۽ غلام محمد مهر کان عبدالحميد جتوئي تائين،سنڌ جا ڪيترائي حاڪم ۽ چڱا مڙس پنهنجي انصاف ۽ بي ريائي سبب مشهور هئا.انهن حاڪمن ۽ چڱن مڙسن جي انصاف ڀرئي ڪردار سبب سندن وقتن ۽ علائقن ۾ مثالي امن رهيو آهي. زباني قصا توڙي لکيل تاريخون سندن تعريف ۾ اڳيان اڳيان آهن. پر سنڌ ۾ اڄ ڪلھه راڄوڻي انصاف وارو ڏيئو وسامڻ وارا آخري جھٽڪا ھڻي رھيو آھي. ڇا اھو ممڪن ناھي ته اسان جا پريا مڙس ۽ برادرين جا اڳواڻ انصاف جو اھو تاريخي ۽ مثالي نمونو پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ بحال ڪن ته جيئن ماڻھن کي تڪڙو ۽ جٽادار امن ۽ انصاف ملي سگھي ؟ ثقافت جي ھن ڏھاڙي تي جيڪڏھن اسين سنڌ جي راڄن جي چڱن مڙسن کي سندن وڏڙن جو اُھو انصاف پسنديءَ وارو ورثو ياد ڏياريون ۽ سندن تعريف ۽ تعظيم ۾ ٻه جملا ڳالھايون ته سنڌ ۾ انصاف پسنديءَ وارو لڇڻ ۽ رواج به بحال ٿي سگھي ٿو. ۽ اسان جا تڪ ۽ تر ٻيھر ڀائيچاري ۽ سلامتي جو مرڪز بڻجي سگهن ٿا.
ثقافت جي ڏھاڙي کي اسان کي سنڌ مان لڏي ويل انصاف ۽ عدل وارو اھو جذبو موٽائڻ لاءِ ڪوششن ۾ گذارڻ گھرجي. سنڌو ماٿريءَ جي مٽي، پاڻي، هواءِ ۽ موسمي حالتن ھن واديءَ جي ماڻھن جي مزاج ۾ جيڪو پيار ۽ رحم اوتيو آھي ان ڪري ھتان جو ماڻھو ٻاجھاري طبيعت جو مالڪ رھيو آھي. مينھن ۽ درياهن جي گِهم ۽ پاڻي ۾ اسرندڙ ھن تھذيب جي ماڻھن کي فطرت ۽ انھن جي ساوڪن تي پلجندڙ سمورن ساھه وارن سان محبت ۽ رغبت رھي آھي. سنڌو ماٿري جا ماڻھو جانورن، پکين بلڪه سمورن ساھه وارن کي ھڪ جھڙو زندگيءَ جو درجو ڏيندا رھيا آھن. ھندن جي زماني جا گھوڙن ۽ گڏھن لاءِ ٺھيل پاڻي پيئڻ جا حوض ۽ اڄوڪي دور ۾ ڪراچي ۾ ڪبوتر چورنگي جھڙيون نشانيون ٻڌائين ٿيون ته اسان جي ثقافت ۾ پکين سميت سمورن ساھه وارن لاءِ پيار ۽ زندگي جي بخشش وارو جذبو رھيو آھي. سنڌي شاعري، لوڪ ادب توڙي پھاڪن ۾ ڪاسائي ۽ شڪاري ٻئي قابل نفرت ڪردار رھيا آھن. ديسي جانورن ۽ پرديسي پکين سان پيار ڪندڙ سنڌي ثقافت جو علمبردار ھي ماڻھون ٽنڊڻ کي به خدا جي مينھن سڏيندو آھي. ساھه وارن سان پيار ڪندڙ طبيعت وارو سنڌي سماج اڄ ڪلھه شڪارين جو گھر بڻجي ويو آھي ۽ اسان جا وات ۽ پيٽ جانورن ۽ پکيئڙن جي موت جي دٻن ۾ تبديل ٿي ويا آھن.
اھا ڳالھه طب جا ماھر ھزارين سالن کان چوندا پيا اچن ۽ ھاڻي ته ميڊيڪل سائنس به چوي ٿي ته سايون ڀاڄيون کائڻ سان صحت سٺي ۽ زندگي سوائي ملي ٿي. ثقافت جي اڄوڪي ڏھاڙي تي اسان کي پنھنجي وڏڙن جي اھا ريت ورجائڻي آھي ته اسان کي رڳو شڪاري ۽ گوشت خور جانور نه بڻجڻو آھي ۽ اسان کي جانورن ۽ پکين لاءِ اُھو پيار ۽ اُھا زندگي ٻيھر موٽائي انھن جي ضمانت ڏيڻي آھي.
مھمان نوازي سنڌي سماج جو اُھو گڻ آھي جنھن جو تاريخ جي ڪتابن ۽ ڏيساورن جي قصن ۾ وڏو چرچو رھيو آھي. غربت، لالچ ۽ ڪم چوري سبب اسان جي مھمان نوازي سخت متاثر ٿي آھي ۽ ھاڻي ته مھمانن کي ڦرڻ ۽ نشو ڏيئي انھن کي مارڻ جا قصا ٻڌڻ ۾ اچي رھيا آھن.
جيڪڏھن اسين چاھيون ٿا ته سنڌي ثقافت جو پراڻو اوج موٽي اچي ته اسان کي مھمان نوازي موٽائڻي پوندي ۽ مھمان نوازي کي ڌارين جي آبادگاري کان الڳ ڪري، ٻنھي ڪيسن کي الڳ الڳ نظر سان ڏسڻو پوندو. گھر آيل مھمان جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ مھمان نوازي آھي. ثقافت جي ڏھاڙي تي اسان کي سنڌي ثقافت جو اھو مُک لڇڻ يعني مھمان نوازي موٽائي آڻڻ لاءِ به وچن ڪرڻ گھرجي.
اڄ جي جديد دنيا جڏھن ڪميو نٽي سينٽر بحال ڪرڻ ۽تعمير ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي ته اسان کي ھزارين سال اڳ پنھنجي اوطاق واري فلسفي تي فخر ٿئي ٿو. اھا ڳالھه مشاهدي مان ثابت ٿي آھي ته سنڌ ۾ جتي به اوطاقون آباد آھن اُتي ماڻھن ۾ جھيڙا ۽ نفاق گھٽ ھجن ٿا.
اوطاق سمورين مذھبي، سماجي ۽ معاشرتي خبرن ۽ سرگرمين جي ڏي وٺ جو مرڪز آھي. سنڌ جي ثقافت کي بحال ۽ توانو رکڻ لاءِ اسان کي اوطاق جي اداري يا انسٽيٽيوشن کي بحال ڪرڻو پوندو. اوطاق ڪميونٽي سينٽر جي اوائلي سنڌي شڪل آھي، تنھن ڪري اوطاق جي بحالي نھايت ضروري آھي. ثقافت جي ڏھاڙي تي اسان کي سنڌ جي اوطاق جي بحالي جو اعلان ۽ وچن ڪرڻ گھرجي ۽ جڏھن اوطاق بحال ٿيندي ته پوءِ اوطاق جي نم ۽ ٽالهين جي ڇانوَن ۾ پلجندڙ سنڌ جي محفل ۽ ڪچھرين جا سوين سُر، سنگيت ۽ سينگار پڻ بحال ٿيندا. لوڪ ادب ۽ ڏاھپ پروان چڙھندي ۽ ڪچھرين توڙي زباني قصن ذريعي ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندڙ علم ۽ تاريخ پنھنجو سفر جاري رکندي. لوڪ ادب، فن، ڏاھپ ۽ لوڪ ورثي کي زندهه رکڻ لاءِ اوطاق جي اداري جي بحالي ضروري آھي.
سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙا به ڪي مثال ڏٺا ۽ ٻڌا ويا آھن جن ۾ ماڻھن ۽ راڄن ظلم ۽ ناانصافي کي للڪاريو آھي. غلط کي غلط چوڻ ، رات کي رات ڪوٺڻ، ظالم کي ظالم سڏڻ، ظلم اڳيان ڪنڌ نه جُهڪائڻ ۽ مظلوم جو ساٿ ڏيڻ به سنڌي ثقافت جي اھم لڇڻن ۾ شامل رھيا آھن. اڄڪلھه لالچ ۽ لوڀ جو مصلحتون سنڌي ثقافت جي انھن عظيم خوبين کي کائي رھيون آھن ۽ ڏسڻا وائسڻا ، چڱا موچارا ماڻھو، ننڍن ۽ خصيص مصلحتن ۽ مفادن خاطر ظالمن ۽ طاقتور ماڻھن جو ساٿ ڏئي رھيا آھن . ساڳي ريت واعدو پارڻ يا زبان کي پاڻي ڏيڻ به سنڌي ثقافت جي سھڻن سخنن ۾ شامل رھيو آھي. راءِ ڏياچ جھڙن حاڪمن کي اڄ ان ڪري عزت حاصل آھي جو ھن پنھنجي واعدي کي سچو ثابت ڪرڻ خاطر پنھنجو سر پنهنجي هٿن سان وڍيو هو.
اڄ ثقافت جي ھن ڏھاڙي تي اسان کي ظالم کي للڪارڻ، ان کي سچ چوڻ ۽ واعدي کي ھر قيمت تي پاڙڻ جي سخنن کي بحال ڪرڻ جو وچن ڪرڻ گھرجي ۽ عهد ڪرڻ گھرجي ته واعدا ھميشه وفا ڪرڻ لاءِ ڪيا ويندا. سنڌ ۾ اڄڪلھه جيڪو ڏوھن جو راڄ آھي ان بابت به سنڌ جي ثقافت ۾ ڪي مثال ۽ تاريخ جا نشان ملن ٿا. سنڌ جي تاريخ ۾ ڏوھن ۽ ڏوھارين جي به ھڪ اخلاقيات يا اصول رھيا آھن. سنڌ جي تاريخ جي وڏن وڏن ڌاڙيلن ڪڏھن به ڪنھن عورت کي نه ڦريو ۽ ڪنھن نياڻيءَ سان ڏاڍائي نه ڪئي. مڙس ماڻھو چوندا ھئا ته ڪمزور سان وڙھڻ دلير جو شان ناھي. تنھن ڪري ٻارن، ٻڍڙن، ضعيفن ۽ زائفائن سان ڪڏھن به ويڙھه نه ڪئي ويندي ھئي ۽ نه ئي ڪڏھن انھن کي ڦريو ويندو ھو. ساڳيءَ ريت جيڪڏھن چور ڪنھن چوريءَ تي ويندو ھو ۽ عورت جو لٽو ڏسندو ھو،لوڻ چکندو ھو يا ڀل ۾ قرآن تي ھٿ رکندو ھو ته چوري ڪرڻ کان سواءِ ئي واپس اچي ويندو ھو .ساڳيءَ ريت چور ڪيڏو به بھادر ھوندو ھو پر پاڻ کي ھميشه چور ئي سمجھندو ھو ۽ ڀاڳئي جي کنگھه کَڙ ڪي تي لڪي ڀڄندو ھو. ڪڏھن به چور، ڀاڳئي تي سڌو حملو نه ڪندو ھو. پر اڄڪلھه ڏوھارين وٽ ڪا اخلاقيات نه رھي آھي ۽ سندن ڏاڍ ۽ ظلم جو سڀ کان وڏو شڪار معصوم ٻار، عورتون ۽ ڪمزور ماڻھون آھن.
ثقافت جو ھي ڏھاڙو اسان کان سنڌ جي قديم ۽ سھڻن هنرن جي زندگي ۽ بحالي جو مطالبو پڻ ڪري ٿو. تنھن ڪري اسان کي پنھنجي پٽڪن، ٽوپين، اجرڪن ۽ رلين سميت سمورين ثقافتي شاھپارن جي واڌ ويجهه لاءِ عهد ڪرڻ گھرجي ته اسان انھن کي خريد ڪيو ن۽ استمعال ڪيون.
سڀ کان آخر ۾ ته ثقافت جو ھي ڏھاڙو اسان کان پنھنجي ٻولي جي بحالي ۽ زندگي جو مطالبو پڻ ڪري ٿو. اسان سڀني کي پنھنجي ماءُ جي ٻولي تي فخر ھئڻ گھرجي ۽ اسان کي پنھنجي ٻولي ۾ لکڻ، ڳائڻ ۽ ڳالھائڻ گھرجي. ۽ نه صرف ائين ڪرڻ گھرجي پر اسان کي درست ۽ نج ٻولي ڳالھائڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ٻين ٻولين جو ورجاءُ ۽ استعمال پڻ ھڪ نفسياتي بيماري آھي. تنھن ڪري انھن کان بچڻ گھرجي. شاھه جو رسالو ھر سنڌيءَ جي گھر ۾ ھئڻ گھرجي. سنڌي اخبار ھر گھر ۾ اچڻ گھرجي. سنڌي ٽي وي ھر گھر ۾ ڏسڻ گھرجي ۽ موبائل فون ذريعي موڪليل پيغام عرف ايس ايم ايس سنڌي ۾ لکڻ گھرجي. ھر ماڻھون سان سڃاڻپ ٿيڻ تائين پھريون گفتو سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ گھرجي ۽ سنڌي ڪتابن جي وڪري ۽ واڌاري لاءِ ۽ سگھڙن جي ڪچهرين ۽ محفلن جي همت افزائي لاءِ سندن پٺي ٺپڻ گھرجي.
اولھه جا ملڪ علامت خاطر ئي سھي پنھنجي بادشاھت کي قائم رکيو ويٺا آھن ته اسان کي به پنھنجي قديم فنن، هنرن ۽ سگھڙن کي زندهه ۽ سلامت رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. اڄ ثقافت جو ڏھاڙو جنھن طريقي سان ملهائجي رھيو آھي اھو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ آھي. ھڪ تاريخدان لکيو آھي ته مغل بادشاھه ظھيرالدين بابر ھندستان کي فتح ڪيو پر بابر بادشاھه جي پوٽي اڪبر اعظم کي وري ھندستان جي ثقافت فتح ڪري ورتو. بلڪل اھڙي ريت اڄ سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ به ڪيترن ئي ناءُ ڪٺين کي فتح ڪري ورتو آھي ۽ اھي ماڻھون جيڪي پاڻ ۾ يا پنھنجي گھرن ۾ به سنڌي نه ڳالھائيندا آھن اھي اڄ سنڌي ثقافت ۽ ٻولي جي واڌاري جا نعرا ھڻي رھيا آھن.

(ڊسمبر 2012 ۾ نشر ٿيل )

اسان کي پنهنجو ثقافتي ورثو موٽائي ڏيو

موهن جي دڙي مان چورايل مهرون واپس نه ٿيون آهن، ڪوٽڏيجي جي قلعي مان لاٿل توپون خبرناهي ڪٿي آهن؟ ڪاهوءَ جي دڙي تي قبضو ٿي رهيو آهي ۽ ميرپورخاص ميوزم مان چوري ڪرايل نوادراتن جي چورن جا پيرا گم آهن. سنڌوماٿريءَ جي هزارين سال قديم تهذيب جا آثار، علامتون ۽ نشانيون گم ڪيون پيون وڃن ۽ اسان جي آثارن ۽ انهن آثارن مان ملندڙ وڏڙن جي فن پارن جا رکوال کاتا، انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آهن.
جيڪڏهن ڪنهن جي گهر مان سون ۽ چاندي جهڙو ڌاتو چوري ٿئي ٿو ته ان لاءِ سڀڪو تڙپي ٿو، پيرو کڻي ٿو، پوليس ڳولي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن جي زمين جو ڪو وال سوري ٿو ته ان تي وارو واري ٿئي ٿي پر سنڌوماٿريءَ جي لوڪن جي هزارين سال قديم تهذيب جي بي بها هيرن ۽ ماڻڪن جهڙن مڻين، سڪن، مورتين ۽ آثارن کي جڏهن ڪير چورائي ٿو ته ان تي اسين سڀ چپ آهيون. ادبي سنگت به خاموش آهي، ثقافت کاتو به ننڊ آهي ۽ قديمن آثارن وارو کاتو مستقل نشي ۾ آهي. اهڙي بي حسي بابت داغستان جي شاعر رسول حمزاتوف سچ چيو هو ته، ”جيڪڏهن توهان ماضيءَ کي پستول هڻندئو ته مستقبل توهان کي توپ هڻندو.“ اسان پنهنجي تاريخي ورثي کي وڃائي ۽ وساري ڄڻ پنهنجي ماضيءَ کي پستول هڻي ڪڍيو آهي، هاڻي اسان کي توپ جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
ڇا اسين ڄاڻون ٿا ته موهن جو دڙو ڪيڏو عظيم آهي؟ ۽ موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان پڌرا ٿيل هي پارس جهڙا آثار اسان جي قومي زندگيءَ کي ڪيترو سونهري بنائي سگهن ٿا ۽ مٽيءَ جي ڍيرن مان نڪرندڙ اهي سڪا ۽ مهرون اسان جي شاندار ماضيءَ جا عڪس ۽ صورتون آهن ۽ جيڪڏهن اسان انهن کي وڃائي ڇڏيو ته اها ڳالهه اسان جي پنهنجي منهن ۽ مهانڊن کي مٽائڻ ۽ ميسارڻ جي برابر ٿيندي.
موهن جي دڙي جي عظمت جي ساک ڏيندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ته پنهنجي تعلق کي سنڌوماٿريءَ جي تهذيبي تسلسل سان ڳنڍيو ئي هو پر هندستان جي پهرئين وزيراعظم جواهر لال نهرو به ائين لکيو آهي ته سندس پيڙهيءَ کي پيدا ڪرڻ واري مٽي جا پنوڙا به موهن جي دڙي جي چَلهن مان کنيا ويا هئا. دنيا جا قديم ترين ڪتاب، رگ ويد، يجر ويد، سام ويد ۽ اٿر ويد به موهن جي دڙي جي تهذيب جي اوائلي ماڳن يعني سنڌو ۽ سرسوتي جي ڪنارن تي لکيا ويا. اڄ کان پنج هزار سال اڳ موهن جي دڙي جي شهر کي جنهن رٿابنديءَ سان ٺاهيو ويو هو، ان تي دنيا اڄ به حيران آهي. نه رڳو ايترو پر موهن جي دڙي تي تهذيب بابت اڃا ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ۽ اهڃاڻ آهن جن تي تحقيق جي گهرج آهي ۽ جيڪڏهن گهربل تحقيق ٿي ته هيءَ پاڻياري تهذيب دنيا جي تهذيبن جي امام ۽ اڳواڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. قديم سنڌ جو ڪئلينڊر، سنڌ جي پراڻن لوڪن جو ستارن جو علم، قديم سنڌين جا عقيدا، رسمون ۽ رواج، سنوڻ ۽ ساٺ، راڳ، شاعري، موسيقي، ناچ ۽ رقص، معيشيت ۽ واپار سميت اڻ ڳڻيا موضوع آهن جيڪي تحقيق طلب آهن. اڃا ته موهن جي دڙي جي ويهه سيڪڙو کوٽائي مَس ٿي آهي. اڃا ته چانهونءَ جي دڙي ۾ ڪا ڪوڏر ئي نه لٿي آهي، اڃا ته سنڌ جا سوين دڙا مٽيءَ جي چادر ورايو ستا پيا آهن ۽ ڪنهن ساڃاهه وند جي سلام جي انتظار ۾ آهن جنهن کانپوءِ پتو پوندو ته مڇين ۽ مڇيرن واري هن تهذيب جو بَرُ ڪيترو وشال ۽ ويڪرو آهي ۽ هن تهذيب جي چادر جون ڪنڊون ڌرتي جي ڪيترن طرفن تائين پکڙيل آهن.
اسين سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو، سنڌوماٿري جي ان تهذيب جي کوجنا لاءِ ته ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيون پر اسان جي اڳوڻن حاڪمن، جابرن ۽ قابضن ان تهذيب بابت جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ڪيو آهي ان کي به محفوظ نه ڪري سگهيا آهيون ۽ هن وقت تائين اسان جي تهذيب جا جيڪي آثار ۽ علامتون دريافت ٿيون آهن، انهن کي به وڃائي رهيا آهيون.
موهن جي دڙي مان نڪتل ماءُ واري مورت ۽ ناچڻيءَ جي مجسمي مان ثابت ٿيو آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب ماياڻي يعني عورت واري Matiarchal تهذيب هئي. هن تهذيب ۾ ماءُ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ ماءُ نه رڳو گَهر جي پر سماج جي اها مُني هئي، جنهن جي چوڌاري سڄو خاندان يا سماج ڦرندو هو، ان ماءُ واري سماج سبب ئي، ”ماءُ اهڙو پٽ نه ڄڻيندي“، ”مائن جون دعائون، ماوان، ٺنڊيان ڇاوان“، ”ماسات مٺي ذات“ ۽ ”نانيءَ ويڙهو“، ”ناني رڌڻ واري“، ”ڏوهٽا کائڻ وارا“ جهڙا اهي پهاڪا ٺهيا، جيڪي ماءُ جي تعلق سان ڳنڍيل هئا. ناچڻي جي مجسمي مان ثابت ٿئي ٿو ته قديم سنڌ جي لوڪن ۾ رقص نهايت مقبول هو. پر اها ڪيڏي نه ستم ظريفي جي ڳالهه آهي ته موهن جي دڙي مان نڪتل اها ماءُ واري مورت، جنهن کي قديم آثارن جي ماهرن ”مدر گاڊيس“ يا ”امڙ ديوي“ جو نالو ڏنو آهي اها انگريز برطانيا کڻائي ويا ۽ هاڻي اها مورت برٽش ميوزم لنڊن جي قيد ۾ بند آهي.
ڪوهه نور جي قيمتي هيري تي مسلمانن جو حڪمران هئڻ جي ناتي، ڀارت جو مملڪت هندستان هئڻ جي ناتي ۽ افغانين جو ڪوهه نور جي اصل وطن هئڻ جي ناتي مالڪيءَ جون پنهنجون پنهنجون دعوائون آهن پر اسان جي مٽيءَ جي مورتن تي ڪنهن به ٻئي جي دعوا نه آهي. اسان لاءِ ڪوهه نور جي هيري کان وڌيڪ ماءُ واريون اهي مورتون آهن، جيڪي اسان جي تاريخ ۽ تهذيب کي ڪوهه نور جي نور کان وڌيڪ منور ۽ روشن ڪن ٿيون. اسان جي ثقافت کاتي کي، آرڪيالاجي جي محڪمي کي ۽ وقت جي حڪومت کي برطانيا سرڪار کان زوردار مطالبو ڪري، موهن جي دڙي جون ماءُ واريون اهي مورتيون واپس ڪرائڻ گهرجن، جيڪي لنڊن جي برٽس ميوزم ۾ بند ڪيون ويون آهن.
ناچ ۽ رقص سنڌ جي قديم لوڪن جي خوشيءَ جي اظهار جي سڀ کان وڏي نشاني آهي. رقص ۽ موسيقي کي هميشه جاڙين ڀينرن وانگي سمجهو ۽ ڄاتو ويندو آهي موهن جي دڙي مان نڪتل ناچڻي واري مورت نه رڳو سنڌ جي قديم ناچ جي علامت آهي پر عورت جي آزاديءَ ۽ رتبي جو اهڃاڻ پڻ آهي. 1947ع واري ورهاڱي کان پوءِ اسان جي ناچڻي واري مورت کي هندستان کڻي ويو ۽ ناچڻي واري ان مورت کي گمان آهي ته بمبئي يا ڪلڪتي جي ڪنهن ميوزم ۾ رکيو ويو آهي.
1947ع واري ورهاڱي وقت هندستان جي ڪنهن شهر ۾ هڪ نمائش لڳي هئي، جنهن ۾ موهن جي دڙي جون مورتيون رکيون ويون هيون، ان دوران جيئن ورهاڱو ٿيو ته موهن جي دڙي جي مهرن ۽ مورتن کي به ورهايو ويو. پاڪستان کي مهاپروهت عرف ڪنگ پريسٽ جو مجسمو ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته جيئن ته مسلمان رقص جا مخالف آهن ۽ ناچ تي هندستان کي فخر آهي تنهن ڪري ناچڻي جو مجسمو هندستان رکندو. پاڪستان ٺهڻ وقت اسان جي حاڪمن جي ثقافت کي ڏسڻ واري نظر نهايت ڪمزور هئي، تنهن ڪري هو اهو نه سمجهي سگهيا ته ناچڻي جي ان مورت ۾ اسان جي ماضيءَ جي عورت جي سڄي صورت جهلڪي ٿي ۽ هو سنڌوماٿريءَ جي اها مورت هندستان ۾ وڃائي آيا. اسان سڀني کي حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته اسان جي سرڪار هندستان کان ناچڻيءَ واري مورت موٽائي وٺي.
موهن جي دڙي جي مهرن ۽ مورتن پٺيان هڪ اهڙو ٽولو به لڳل آهي، جيڪو سدائين، هتان جون اهي مقدس شيون عالمي منڊيءَ ۾ وڪڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو ۽ 2002ع ۾ ٻيو ڀيرو موهن جي دڙي جي ميوزم مان ڪجهه مهرون ۽ مورتيون چوري ڪيون ويون آهن. عالمي چورن جي ان سازش ۾ موهن جي دڙي جي آس پاس ۾ رهندڙ اهي انڌا سنڌي به شامل آهن، جيڪي پنهنجي وڏڙن جي هڏڙن کان به وڌيڪ مقدس انهن مهرن جي چوري ۾ شامل ٿين ٿا. ڪاش انهن مقامي سنڌي چورن کي اها سمجهه ۽ فهم هجي ته هو جيڪي شيون اڄ چوري ڪري، عالمي چورن کي لکن ۾ وڪڻن ٿا، انهن مان هڪ هڪ مهر جي قيمت سون جي ديڳين کان به مٿي آهي. ڇا سون جا سوين مڻ ڍير ڪري، موهن جي دڙي جهڙي ڪا هڪ مورت ۽ اها به اوتري پراڻي ٺاهي سگهجي ٿي؟؟ جيڪڏهن نه ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جي انهن مورتن کي ملهه ۾ نه ٿو خريد ڪري سگهجي. موهن جي دڙي جي ميوزم مان ٻه ڀيرا چوري ٿيل مهرن مان 70 واري ڏهاڪي ۾ چوري ٿيل مهرون ايمسٽرڊم ۾ ڏٺيون ويون هيون، جڏهن ته 2002ع ۾ چوري ٿيل مهرن جا چور معلوم هئڻ باوجود نه چور گرفتار ٿيا ۽ نه مهرون واپس ٿيون، ڇا سنڌ جو ثقافت ۽ سياحت وارو کاتو، انهن چورين جو ڪيس اٿلائي سگهي ٿو ۽ موهن جي دڙي جون نشانيون واپس ورائڻ لاءِ ڪا سنجيدهه ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ ريت ثقافت کاتي کي هڪ عالمي ووڙ يا وڙول به ڏيڻ گهرجي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن ذاتي يا سرڪاري عجائب گهر ۾ جيڪڏهن ڪا موهن جي دڙي يا سنڌوماٿريءَ جي ڪنهن ماڳ جي ڪا مُهر، مورت يا نشاني آهي ته اها سنڌ کي موٽائي ڏني وڃي. ساڳيءَ ريت اها ووڙ عالمي اڪابرن ۽ ڏاهن کي به ڏيڻ گهرجي ته جيڪڏهن سندن نظر ۾ سنڌوماٿريءَ جو ڪو ورثو، چوريءَ يا زوريءَ ڪٿي به سانڍيو يا لڪايو ويو آهي ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي. پوءِ اهو ورثو جيڪڏهن رضاڪارانه طور واپس ٿئي ٿو ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي عدالت سان رابطو ڪيو وڃي.
ان کان پوءِ ڪاهوءَ جو دڙو آهي جنهن جا آثار اسان جي بي حسيءَ تي آهه وزاري ڪري رهيا آهن.
ڪاهوءَ مٿان ڪيترا اڀري لٿا چنڊ
اي اونداها کنڊ، سنڌ نه سنڀري سوجهرو.
جهڙو شعر چئي جيتوڻيڪ شيخ اياز ڪاهوءَ تي چنڊ جي روشنيءَ جو ڏس ڏنو آهي پر اڄڪلهه ڪاهوءَ جي مٿان اسان جي اماس رات جهڙي انڌي ۽ اونداهي نظر آهي. جڏهن اشوڪ اعظم جي شهنشاهيت جو سج برما ۽ بنگال کان اڀري سنڌوءَ جي ڇاڙن کي ڇهندو هو، انوقت ڪاهوءَ جو دڙو هڪ عظيم سلطنت جو اهڃاڻ هو ۽ جڏهن گوتم ٻڌ هيءَ جهان پڌاريو ته هن جي رک ٻڌ ڌرم جي جن جن اسٽوپائن ۾ رکي وئي هئي ان ۾ ڪاهوءَ جو اسٽوپا به شامل هو. ان معنيٰ ۾ ڪاهوءَ جو اسٽوپا خوش نصيب هو جنهن ۾ گوتم ٻڌ جهڙي گياني شخص جي خاڪ رکيل هئي. ان ڪاهوءَ جي دڙي تي قبضا خورن قبضو ڪري ان جي آثارن کي گهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪن وري ان تاريخي آثار جي دڙي کي مٽيءَ جو ڍير سمجهي ان مان مٽي ڪڍڻ شروع ڪئي آهي. ڪاهوءَ مٿان ٿيندڙ ان قهر کي اسان مان ڪنهن به نه روڪيو، جس آهي وري به پاڪستان جي چيف جسٽس جناب افتخار محمد چوڌريءَ کي جنهن ڪاهوءَ جي دڙي جي سنڀال لڌي ۽ ان تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ڇا اسين سڀئي ثقافت کاتي کي قائل ڪري سگهون ٿا ته هو ڪاهوءَ جي دڙي کي ديوار ڏياري ان جي مٽيءَ کي محفوظ بنائي ۽ ان مان لڌل تاريخي مهرن ۽ مورتن کي ميوزم ۾ مناسب جاءِ ڏئي.
ميرپورخاص ۾ قائم ٿرپارڪر ميوزم مان ٽالپر حڪمرانن جي دور جا نوادرات چوري ڪيا ويا آهن ميرن جي چئن وڏن گهراڻن مان ميرپورخاص ۾ ماڻڪاڻي خاندان جي حڪومت هئي جنهن جو آخري حڪمران شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر هو. مير شير محمد خان ٽالپر، انگريزن کي حيدرآباد ٻاهران دٻي جي ميدان وٽ للڪاريو هو ۽ سندس ئي لشڪر ۾ هوش محمد شيدي، انگريزن سان وڙهندي، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، جو عالمگير نعرو هنيو. ان مير شير محمد ٽالپر جي ذاتي استعمال جون شيون هٿيار، اوزار ۽ قلمي نسخا جيڪي ميرپورخاص جي ٿرپارڪر ميوزم ۾ پيل هيون اهي چوري ڪيون ويون آهن. ڇا اسين سڀ ۽ سنڌ ثقافت کاتو، اڪيلي ۽ آخري ٽالپر حاڪم، مير شير محمد خان ٽالپر جا اهي ٻه صديون اڳ وارا نوادرات واپس ڪرائي شير سنڌ جي ميار کان بچي سگهون ٿا؟
خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي دور جي توپن کي ڪوٽڏيجي جي قلعي مان لاهي ۽ ڪاهي، جهڙي ريت در در ڀٽڪايو ويو آهي. ان جو داستان ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي. ٽالپر حاڪمن جون اهي توپون جيڪي چڱن موچارن حاڪمن جو هيانءُ ڪنبائي وجهنديون هيون، انهن توپن کي شهر جي چونڪن ۽ چوسولن تي رسوا ڪيو ويو آهي. ڪوٽڏيجي جي قلعي جون اهي توپون، جن جي وڏا وڏا جرنيل اچي سلامي ڀريندا هئا ۽ اهي ئي توپون وڏين وڏين بادشاهين جي حاڪمن کي سلامي ڏينديون هيون، هاڻي اهي ڊي سين ۽ ايس پين پنهنجي دفترن ٻاهران داسين وانگي ويهاري ڇڏيون آهن. ڪوٽڏيجي جون اهي توپون رڳو خيرپور ۽ سکر جي پوليس ۽ روينيو آفيسرن جي گهرن جي سلامي ئي نه ٿيون ڀرين پر ون يونٽ ۽ مارشلائن وارن زمانن ۾ لاهور جا آفيسر ۽ عملدار به اهي توپون کڻائي ويا. انهن مان ڪي لاهور جي ميوزم ۾ ۽ ڪي ڪامورن جي بنگلن اڳيان باندياڻيون بڻائي بيهاريون ويون آهن.
خيرپور جي ٽالپر حاڪمن اهي توپون ڊچن ۽ ٻين يورپي حاڪمن کان پنهنجي پيسن سان خريد ڪيون هيون، تنهن ڪري سنڌ جي ثقافت کاتي کي انهن توپن جا پيرا کڻڻ گهرجن ۽ اهي توپون جتي جتي به آهن، انهن کي واپس ڪرائي، خيرپور ۾ هڪ قلعي ۾ ميوزم ٺهرائي ان ۾ محفوظ ڪرڻ گهرجن.
جيتوڻيڪ مهرن ۽ مورتن چورائڻ سان ڪا تهذيب چورائي نه ٿي سگهجي ۽ نه ئي وري پنهنجي ميوزم ۾ چوريءَ جو مال رکڻ سان ڪو ملڪ تاريخي لحاظ کان معتبر بڻجي سگهي ٿو پر اسان سنڌوماٿريءَ جي ماڻهن کي پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ نه رڳو پاڻ سجاڳ ٿيڻ گهرجي پر گهري ننڊ ۾ ستل پنهنجي ثقافتي ۽ قديم آثارن وارن کاتن کي به جاڳائڻ گهرجي.

(اپريل 2010ع ۾ نشر ٿيل)

ثقافت کاتي کي مهذب ٿيڻ جي ضرورت آهي!

سنڌ جي عظيم تهذيب ۽ شاندار ثقافت کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ثقافت واري کاتي کي بهتر ۽ مهذب بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن تهذيبي ورثي ۽ ثقافتي ميراث کي بچائڻ ۽ ترقي ڪرائڻ لاءِ سنڌ ثقافت کاتي کي ان معيار جهڙو معتبر بڻايو وڃي، جهڙو معيار سنڌ جي هن ٻاجهاري ۽ مهذب ثقافت جو آهي.
جيئن دنيا جي مهذب ملڪن ۾ عدليا آزاد هوندي آهي ۽ تعليم توڙي صحت سياسي اثر ۽ مصلحت کان مٿانهين هوندي آهي، اهڙيءَ ريت سنڌ ثقافت کاتي کي به بڻائڻ ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ مصلحتن کان مٿانهون ٿي سوچڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جي گهرج آهي.
سنڌ ثقافت کاتو گذريل ڪيترن ئي سالن کان انهن ماڻهن جي حوالي آهي، جيڪي ثقافت جي ”ث“ ثواب کان به واقف نه آهن. عبدالحميد آخوند کان پوءِ مهتاب اڪبر راشديءَ جي سيڪريٽري شپ وارو دور به ثقافت کاتي جي سٺي دور ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو پر جڏهن کان عبدالقادر منگي ۽ شمس جعفراڻي هن کاتي ۾ مقرر ٿيا، تڏهن کان ثقافت کاتي مان سنڌ جا رنگ ڦِٽڻ شروع ٿيا ۽ هن کاتي جي سيڪريٽري جو عهدو، ڪامورڪي ڪرسيءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
جيتوڻيڪ عبدالقادر منگي ماضيءَ ۾ ثقافت جي حوالي سان ڪي چڱا ڪم به ڪندو رهيو آهي پر جڏهن کان هن سيڪريٽري جو عهدو سنڀاليو تڏهن هڪ اردو دان وزير ثقافت جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ هن اهڙا ڪم به ڪيا جن جو ثقافت کاتي جي ماضيءَ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. مثال طور عمر ڪوٽ جهڙي ٿر جي ميلي ۾ جوش مليح آباديءَ جي ياد ۾ مشاعرو ڪرڻ يا ٺيٺ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ سنڌي، اردو مشاعرا ڪرائڻ وغيرهه.
اعتراض جوش مليح آباديءَ جهڙي زبردست شاعر جي نالي تي ٿيل مشاعري تي نه آهي پر عمرڪوٽ جهڙي ٿريلي علائقي ۾ جتي جا ماڻهو ٿري ٻولي کان پوءِ رڳو سنڌي سمجهي سگهن ٿا اتي صرف وزير سڳوري کي خوش ڪرڻ لاءِ اردو- سنڌي مشاعرو ڪرايو ويو. ان کان اڳ سنڌ ثقافت کاتي ڪڏهن به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اردو- سنڌي مشاعرا نه ڪرايا هئا. پر اها عبدالقادر منگيءَ جي مهرباني هئي جو هن ٺيٺ ٻهراڙين جي ماڻهن کي اهي شعر ٻڌرايا جيڪي هنن اهڙي انداز ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٻڌا هئا.
اڄڪلهه ثقافت کاتي جو سيڪريٽري شمس جعفراڻي نالي اهو ڪامورو آهي جيڪو ثقافت کاتي جو سيڪريٽري بڻجڻ کان اڳ ڪڏهن به ثقافت کاتي سان لاڳاپيل نه رهيو آهي. هن موصوف کي ثقافت کاتي ۾ مقرر ته ڪيو ويو پر هن موصوف کي نه سنڌ جي راڳ جو علم آهي نه موسيقي جو پتو، هن کي نه سنڌ جي هنرن جي ڄاڻ آهي نه ڪاريگري جو علم، هو سنڌ جي ثقافت جي قدامت ۽ گهرائيءَ کان به اڻ واقف آهي.
هن کي ته شايد اها به ڄاڻ نه هجي ته سنڌ ۾ ڪهڙا صوفي شاعر ڪهڙي دور ۾ ٿي گذريا آهن ۽ هنن جي درگاهن تي وڃڻ لاءِ ڪهڙن رستن سان هلبو آهي. ثقافت کاتي جو اهو اڻڄاڻ سيڪريٽري رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به ثقافت کاتي تي سوار ٿيو ويٺو آهي. جيتوڻيڪ هو سنڌ جي ثقافت جو ڪو عالم ۽ اڪابر ته نه آهي پر منجهس ٻي ڪا اهڙي ”مڻيا“ آهي جيڪا اڄ ڏينهن تائين اگهاڻل آهي. جنهن جي ڪري هن جي ”اعليٰ خدمتن“ کي ٻيهر موٽايو ويو آهي. سنڌ جي ثقافت سان اهي ڪلور ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت جي دور ۾ به چوٽ چڙهيل هئا. جڏهن ان وقت جي کاتي جي عملدارن پنهنجي وزيرن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ به اردو- سنڌي مشاعرا ڪرايا.
ارباب غلام رحيم جي دور ۾ سنڌ ثقافت کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪيون ويون هيون ۽ هن خاص مهارت واري کاتي ۾ اهي ماڻهو رکيا ويا جيڪي سنڌي ثقافت ته ڇا پر سنڌي نالا لکڻ به نٿا ڄاڻن. سنڌ جا راڳي ۽ گائڪ، ڀان توڙي ڀٽ جيڪي گهڻي ڀاڱي مڱڻهار آهن، انهن وٽ ثقافت کاتي جا موڪليل اهي خط ۽ لفافا اڄ به موجود آهن، جن تي مڱريو ۽ مڱڻهار لفظ به درست نموني لکيل نه آهي. ثقافت کاتي ۾ اهڙن ثقافت جي ابتڙ ملازمن جي مقرريءَ تي ثقافت جي موجودهه وزير محترما سسئي پليجو صاحبا اعتراض به ڪيو هو ۽ کين غيرقانوني قرار ڏئي برطرف به ڪيو هو پر مفاهمت جي ٻوڏ ۾ سنڌ ثقافت کاتي کي پنهنجو اهو اصول به ٻوڙڻو پيو ۽ سنڌ ثقافت کاتو اڄ به اهڙن ملازمن سان ڀريو پيو آهي، جيڪي سنڌي ڳالهائن ته ڇا پر سمجهن به نٿا. ثقافت کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ اڄ به جيڪڏهن ممتاز لاشاري يا شمن علي ميراليءَ جهڙو فنڪار وڃي ته کيس ثقافت کاتي جي سيڪريٽريٽ جو ڪو به ملازم نه سڃاڻيندو.
ان ڪري ضرورت آهي ته سڀ کان اڳ ۾ ثقافت کاتي ۾ بهتريون آنديون وڃن ۽ کاتي ۾ وزير توڙي سيڪريٽري اهڙا ماڻهو مقرر ڪيا وڃن، جيڪي سنڌو ماٿري جهڙي عظيم تهذيب جي رنگن کي سٺي طرح سڃاڻڻ جو ڍنگ رکن.
سنڌ ثقافت کاتي کي هڪ اعليٰ خوبين واري وزير جي سربراهيءَ جي ضرورت آهي ۽ اهو وزير نه رڳو سنڌ جي ثقافت جو شناس ۽ ڄاڻو هجي پر ان کي سنڌ جي ثقافت کي اڳيان ايندڙ خطرن جي به خبر هجي ۽ کيس اها نظر يا ويزن به هجي ته سنڌ جي ثقافت کي ايندڙ وقت ۾ ڪيئن بچائي، وڌائي ۽ اڳئين صف ۾ آڻي بيهارڻو آهي. ان وزير کي ثقافت جي سڀني شعبن ۽ شاخن جي ڀرپور ڄاڻ ۽ موچاري مهارت به هجڻ گهرجي.
مثال طور سنڌ ۾ سنڌي ثقافت بابت هڪ ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪا ان ڳالهه جو تعين ڪري ته سنڌي ثقافت کي ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪٿان ڪٿان خطرا درپيش آهن ۽ انهن خطرن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو. ساڳئي ريت ان ڪميشن کي اهو به طئي ڪرڻ گهرجي ته سنڌي ثقافت جي خطري هيٺ آيل شعبن ۽ شاخن مثال راڳ، ادب، شاعري، ٻولي، ريتن ۽ رسمن، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن، فن ۽ هنر جي شاخن کي نه رڳو بچائجي پر ترقي به وٺرائجي. سنڌ جي لوڪ رقص کي هندستان جو فلمي ناچ ۽ اولهه جي ڊانس نه محسوس ٿيندڙ طريقي سان کائي مٿس قابض ٿي رهي آهي. حالانڪ سنڌ جو روايتي رقص نهايت منفرد ۽ شاندار ناچ آهي ۽ ان جي تاريخ موهن جي دڙي کان به پراڻي آهي. سنڌ جو راڳ ڪٿي پهتو آهي ۽ ان کي دنيا ۾ اعليٰ مقام تي متعارف ڪيئن ڪرائجي؟ اهو به ثقافت کاتي جي فرض ۾ شامل آهي.
ادب جي شعبي ۾ ڪهڙيون شاخون ۽ ڪيئن ترقي ڪري سگهن ٿيون؟ سنڌي ٻوليءَ کي ڪهڙا ڪهڙا خطرا آهن ۽ اهي خطرا ڪيئن ختم ڪري هن عظيم ٻوليءَ کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو؟ سنڌ جون اهي عظيم ۽ قديم رسمون جيڪي دنيا جي تاريخدانن ۽ سياحن پنهنجي ورقن ۾ ساراهيون آهن ۽ جن رسمن تي ڀٽائي سميت سنڌ جي عظيم شاعرن شاعريءَ ذريعي امرتا جون ميکون هنيون آهن. اهي اڄ ڪٿي ۽ ڪهڙي خطري ۾ آهن؟ ان تي به ثقافت کاتي کي ئي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ ۾ تاريخ ۽ تهذيب جا جيڪي ڀڄندڙ ڀرندڙ ماڳ آهن، تاريخي آثار آهن، قديم قبرستان آهن، اهي ڪيئن تباهه ٿي رهيا آهن ۽ انهن تي ڪير ڪير قبضا ڪري رهيو آهي؟ انهن جي وارثي ۽ حفاظت جو ڪم به ثقافت کاتي کي ڪرڻو آهي. سنڌ جي رومانوي داستانن، رزميا قصن ۽ سخاوت توڙي بهادري جي عظيم ڪردارن کي سنڌ اندر ۽ سنڌ کان ٻاهر متعارف ڪرائڻ به ثقافت کاتي جو ڪم آهي. پر سنڌي ٻوليءَ جي سرتاج شاعر ڀٽ جي لطيف ۽ ان جي راڳ تي ڪيترو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي؟ اهو شايد ثقافت کاتي جي سرواڻن ۽ ڪامورن کي اندازو ئي نه آهي.
سڄو ثقافت کاتو هر وقت فوٽو سرگرمين ۾ سرگردان آهي. هڪ ئي ڏينهن تي ٻه ٽي ٻه ٽي پروگرام ٿين ٿا ۽ انهن پروگرامن ۾ سواءِ سکڻن اعلانن ۽ سٺن فوٽن ڪڍرائڻ جي ٻيو ڪو به ڪم نٿو ٿئي. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا شايع ڪئي وئي آهي پر اها غلطين ۽ معلومات جي کوٽ سان ڀرپور آهي. ڇا اهو ممڪن نه هو ته انسائيڪلوپيڊيا لاءِ ائين ۽ اهڙو ئي نيٽ ورڪ ٺاهيو وڃي ها جهڙو نيٽ ورڪ سنڌي ٻوليءَ جي لغت ٺاهڻ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي هر تعلقي سطح تي ٺاهيو هو. کِل ۽ ٺٺول جهڙي سطحي محنت ۽ مهارت سان تيار ٿيل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا کي سنڌ ۾ هر سطح تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. سنڌ ثقافت کاتي، سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ به ڪو خاطر خواهه ڪم نه ڪيو آهي. ڇا ان کاتي ڪڏهن سنڌ ڪابينا ۾ سوال اُٿاريو آهي ته ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ڇو نٿي پڙهائي وڃي؟ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي گرانٽ ته وڌائي وئي آهي پر ان جي ڪم ۽ معيار ۾ ڪو خاطر خواهه اضافو ۽ بهتري نه آئي آهي.
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جهڙو ادارو جيڪو جي ايم سيد ۽ ميران محمد شاهه جهڙن مهميرن قائم ڪيو ۽ جنهن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جهڙن اڪابرن ويهي ڪم ڪيو، اهو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز اڄڪلهه ثقافت کاتي جي هڪ عملدار جي رحم ڪرم تي آهي. ڀٽ جي ڌڻيءَ جي شاعري تي انفرادي طرح مختلف ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن پر ثقافت کاتي رڳو ڀٽائي جي مزار تي چادرون چاڙهائڻ جو ڪم ڳولي کنيو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ثقافت کاتو ڀٽائي تي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
ثقافت کاتي سنڌ ۾ سنڌ جي روايتي راند ملهه کي اڳتي وٺي اچڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، ڪرڪيٽرن، فوٽ بالرن ۽ هاڪي جي رانديگرن کي سنڌ جا لکين ماڻهو سڃاڻين ٿا پر اڄوڪي سنڌ جي ملهه جي ملوڪ رانديگرن منير ڊکڻ ۽ علي نواز ڊکڻ کي ڪير به نٿو سڃاڻي. ٻيلهاڙو ۽ ڪٻٽي ته سنڌ مان ڄڻ ختم ٿي وئي آهي. ونجهه وٽي ۽ اٽي ڏڪر واري ”سنڌ جي گولف“ راند به سنڌ مان ختم ٿي رهي آهي، پر ثقافت کاتي جي وزير کان سيڪريٽريءَ تائين ڪنهن کي به اها خبر ۽ پرواهه نه آهي ته سنڌ مان ڪهڙيون ڪهڙيون رانديون ختم ٿي رهيون آهن.
سنڌ ۾ ڏاند جي گوءِ ڪيتري نه قديم ۽ عظيم راند آهي. موهن جي دڙي وارو ڏاند اڃان به سنڌ ۾ ڊوڙي پيو ۽ اڄ به سنڌ ۾ ڏاندن جون گويون، راڌڻ، باڊهه ۽ ڏوڪريءَ ۾ وڌيڪ ٿيون. سنڌ جي پنج هزار سالا پراڻي تهذيب جو تسلسل جيڪو اسان وٽ آهي اهو دنيا جي ٻين تهذيبن، سميرين توڻي مصرين وٽ نه آهي. ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته ثقافت کاتو ڏاندن جي گوءِ جو ساليانو مقابلو ڪرائي ۽ ان لاءِ قيمتي انعام رکي ته جيئن ڏاندن جا خفتي ڏاندن جي پالنا ۽ گوءِ جو شوق برقرار رکن ته جيئن سنڌ کي سڄي دنيا ۾ پنج هزار سال پراڻي راند جي تسلسل کي قائم رکڻ ۽ مٿس فخر ڪرڻ جو موقعو ملي؟
سنڌ جي قديم ماڳن ۽ قبرستانن تي قبضا ٿي رهيا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي انهن قبضن ۾ ثقافت کاتي وارا پاڻ ئي ملوث آهن، پوءِ جيڪڏهن رکوال ئي انهن ماڳن جا دشمن ٿي بيهن ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي معيار ڏئي سگهجي ٿي؟
ٻه مهينا اڳ تائين جيستائين ثقافت ۽ سياحت کاتو الڳ نه ٿيا هئا تيستائين سنڌ جي ڪنهن به سياحتي ماڳ تي ڪو به خاطر خواهه ڪم نه ٿيو هو. ڪينجهر تي اهو ئي ڪانوَن جو ڪانگيرو آهي، منڇر ساڳئي زهر واري پاڻي ۾ ٻڏل آهي. گورک جي چوٽي اها ئي ننڌڻڪي آهي، لڪيءَ جا تيرٿ اهي ئي ويڳاڻا آهن. مڪليءَ جو قبرستان ساڳيو ئي قبضي مافيائن جي حملي هيٺ آهي، ڪاهوءَ جي، ڪراڙ جي، ڪارونجهر جي، ڪوٽڏيجيءَ جي توپن جي، مطلب ته ڪنهن ڪنهن جي دانهن ڪجي؟ سنڌ جا هي سُتل ۽ مُئل آثار بي ڌيانيءَ جون دانهون ڪندي وقت جي حاڪمن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر ڪنهنکي خبر ئي نه آهي ته ڇا ڪرڻو آهي؟ ثقافت کاتي جي نگراني ۾ هلندڙ لائبريرين جي حالت به قديم آثارن جهڙي ٿي وئي آهي ۽ لائبريرين جي ڪتابن جي خريداري کان ڪئٽلاگنگ تائين سڄو سسٽم رواجي طرح رڙهي رهيو آهي ۽ ڪنهن جي ڪن تي جونءِ به نٿي چُري ته ان نظام ۾ ڪا نواڻ به آڻڻي آهي.
سنڌ جا هنر ٻهراڙين ۾ موت جون هڏڪيون ڏئي رهيا آهن، پر انهن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ثقافت کاتو تيار ئي نه آهي. ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪراچيءَ، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ رلين جي قومي نمائش لڳرائي وڃي ۽ رلين جي بهترين ڪاريگر عورتن کي ايوارڊ ۽ نوڪريون ڏنيون وڃن؟ ڇا بهترين اجرڪ، چنري ۽ کيس ٺاهڻ جا مقابلا نٿا ٿي سگهن؟ ڇا سنڌي ٽوپي ٺاهڻ جو مقابلو ۽ ميلو نٿو لڳي سگهي؟ ڇا اهو ممڪن نه آهي ته جيئن ماڻهو ڪرڪيٽ جي بهترين رانديگرين کي سڃاڻين ٿا تيئن سنڌ ۾ بهترين ملهه کي سڃاتو وڃي؟ يا جيئن ملڪ جا فيشن ڊزائينر هر هنڌ ڄاتا وڃن ٿا، بلڪل ائين ئي بهترين رلي ٺاهيندڙ، بهترين ٽوپي ٺاهيندڙ، بهترين چنري، کاڌي ۽ اجرڪ ٺاهيندڙ ڪاريگر به سڃاتا وڃن؟ ڇا چنريءَ جو ڪم ۽ ڪاشيءَ جو هنر مقابلي جهڙو ۽ انعام کٽڻ جهڙو نه آهي؟ ڪرڻ لاءِ ته اڻ ڳڻيا ڪم آهن پر اصل مسئلو ثقافت کي سمجهڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائڻ لاءِ گهربل محنت، محبت ۽ سچائيءَ جو آهي.
ثقافت کاتي ۾ في الحال ته ڀرتين تي زور آهي ۽ ڪهڙي به طرح رڳو هڪ ئي ضلعي جا ماڻهو کنيا وڃن ٿا يا پنهنجي واسطيدارن کي خوش ڪيو پيو وڃي. پوءِ ڀلي انهن ۾ گهربل لياقت ۽ صلاحيت به نه هجي. اهو ثقافت کاتو جيڪو هٿ جي هنرن، ڪاشيءَ جي فنن کي ترجيح وٺرائي نٿو سگهي، ان مان اها اميد ڪيئن ڪجي ته اهو ثقافت کاتو مائي ڀاڳي ۽ عابدا پروين جهڙن سريلن آوازن کي ڳولي ڪڍندو؟
ثقافت کاتي کي اهي سڀئي ڪم ڪرڻ گهرجن پر اهو سڀ ڪجهه ٿيندي نظر نٿو اچي. ڇا اها ڳالهه صحيح آهي ته سنڌ ثقافت کاتو فنڪارن، اديبن ۽ هنرمندن جو اهو سردخانو بڻجي ويو آهي جتي رڳو مرندڙ فنڪارن جا لاش رکيا ويندا آهن؟ ڇا سنڌ ثقافت کاتو ايڌيءَ جي اها ايمبولينس آهي جيڪا مرندڙن کي رڳو اسپتالن تائين پهچائڻ جو ڪم ڪندي آهي؟ ڇا ثقافت کاتي جي فرضن ۾ رڳو اها ڳالهه شامل آهي ته مري ويلن فنڪارن، اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن جا ختما ڪرائن ۽ سندن مزارن تي ڀت جون ديڳيون لهرائن؟
اسان جي هر دور جون اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريل هونديون آهن ۽ اهي اڄ به ائين ئي ڀريل آهن جنهن ۾ مرندڙ فنڪار ثقافت کاتي کان امداد معرفت زندگيءَ جي خيرات گهرندا آهن ۽ ثقافت کاتي جا نڪ ڏاڍا عملدار روڳ ۾ روئندڙ فنڪارن جي بستري مٿان اشتهاري کل وارا ڏند ڪڍي، امداد جو چيڪ ڏئي، فوٽو ڪڍرائي سنڌ جي ثقافت مٿان هڪ ٺٺول ڪندا آهن.
وقت اچي ويو آهي ته سنڌ ثقافت کاتي کي ايڌي جي ايمبولنس ۽ فنڪارن جي لاشن جي سرد خاني مان بدلائي هڪ سٺي، صحت مند ۽ ثقافت دوست کاتي ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ثقافت کاتو سنڌي ثقافت جي قابل فخر پاسن کي جرڪائڻ جو ڪردار ادا ڪري ۽ سنڌ جي ڪاريگري، هنر ۽ سهڻن توڻي مزو ڏيندڙ فنن يعني فنون لطيفا کي اجاگر ڪري ۽ اڳتي به وڌائي. سنڌ ثقافت کاتي ۾ هڪ وڏي انتظامي بهتريءَ جي ضرورت آهي ۽ اها بهتري تڏهن ممڪن ٿيندي جڏهن مصلحتن، مجبورين ۽ لالچن کان مٿانهون رهي فيصلا ڪيا ويندا.
جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ مارئيءَ جي تازي ميلي ۾ محمد وارث سنگراسي جهڙن بزرگن کي ثقافت کاتي جو ڪو به عملدار اڍنگي نموني اسٽيج تان لاهي نه سگهندو ۽ سنڌ جي علڻ فقير جهڙن فنڪارن کي ثقافت کاتي جو ڪوبه ڪامورو ٻاهرين ملڪن جي دورن دوران زورن ڏيڻ ۽ پيرن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ تي مجبور نه ڪندو.

(فيبروري 2010ع ۾ شايع ٿيل)

سنڌي ٻولي ۽ پ پ حڪومت جو رويو

21 فيبروري تي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. ان ڏينهن تي سنڌي ادبي سنگت طرفان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ واري مهم جو ٽيون مرحلو به پڄاڻيءَ تي پهتو. ادبي سنگت هي ٽيون مرحلو هن سال 10 جنوريءَ کان شروع ڪيو هو ۽ ان کي 21 فيبروري تائين ملهايو ۽ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪري مطالبا ڪيا ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.
مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن کان چار ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبليءَ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي آهي. جيڪا هڪ اڳوڻي قومپرست اڳواڻ ۽ هاڻي پ پ جي ايم اين اي يوسف ٽالپر جي فرزند تيمور ٽالپر پيش ڪئي. جيتوڻيڪ تيمور ٽالپر جو تعلق به حڪمران پيپلزپارٽي سان آهي پر هن پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي طور پڙهائڻ واري 1972ع جي قانون تي عمل ڪرائڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن تي پيپلزپارٽيءَ جي سمورن ميمبرن چيو ته اهو ته اسان جو ٺهراءُ آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اسيپڪر نثار احمد کهڙي چيو ته هي ٺهراءُ سڄي ايوان جو ٺهراءُ آهي. سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ واري ٺهراءَ جي متحدا جي ميمبرن به تاڙيون وڄائي حمايت ڪئي. قانون واري وزير اياز سومري چيو ته اسان سڀ سنڌي آهيون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو احترام ۽ عزت ڪريون ٿا. سينيئر ۽ تعليم واري وزير پيرمظهرالحق چيو ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو باقاعدا قانون موجود آهي جنهن جي اسان ڀڃڪڙي ڪيئن ٿا ڪري سگهون ۽ ان قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي.
اها ڳالهه ڪنهن حيرت کان گهٽ نه آهي ته سنڌ اسيمبلي پنهنجي ٺاهيل قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ وري ٺهراءُ پاس ڪري ٿي. ڄڻ ته ٺهراءُ جي حيثيت پاس ڪيل قانون کان به ڪا مٿڀري هجي ۽ اها ڳالهه وري ان کان به وڌيڪ اچرج ۾ وجهندڙ آهي ته پيپلزپارٽي پاڻ کان مطالبو ڪري ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ واري قانون تي عمل ڪيو وڃي. وزيرقانون ۽ وزيرتعليم جي اڻ ڄاڻائي جي حد اها آهي ته هو ٻئي اها ڳالهه يڪ آواز چون ٿا ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائڻ جو قانون موجود آهي تنهن ڪري هو ان جي مخالفت ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ ٻنهي وزيرن سڳورن کي شايد اها خبر ئي نه آهي ته سنڌي ٻولي واري 1972ع جي قانون تي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ عمل درآمد نه پيو ٿئي ۽ ان بي عمليءَ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ پ پ سرڪار جي هڪ اتحادي ڌر آهي. اها ڳالهه به ڪنهن عجب کان گهٽ نه آهي ته متحدا جي اسيمبلي ميمبرن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ واري ٺهراءَ جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ واري قدم جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت به ان تنظيم سان لاڳاپيل گورنر جي طرفان ڪئي پئي وڃي.
سنڌي ٻولي جي اڄ جيڪا مسڪينيءَ ۽ مظلوميءَ واري حيثيت آهي، ان کي اها مسڪيني ڪيئن ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان پلئه پئي آهي، ان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. اسان رڳو ان ظلم جي داستان جو اهو حصو بيان ڪنداسين جنهن هن عظيم ۽ شاهوڪار ٻوليءَ کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 63 سالن جي مختصر عرصي ۾ تهس نهس ۽ تاراج ڪري ڇڏيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1972ع واري سنڌي ٻولي جي قانون پاس ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي بابت هڪ خطاب ۾ چيو هو ته ”سنڌي هڪ قديم زبان آهي موهن جي دڙي جي زماني کان سنڌين جي الڳ زبان رهي آهي.“ جڏهن برطانيا سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن سنڌ جي پهرئين انگريز حڪمران سر چارلس نيپئر صاف طور چيو هو ته مقامي زبان سان هٿ چراند ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. سنڌ جڏهن بمبئي جو حصو هئي تڏهن به سنڌي بمبئي يونيورسٽي ۾ پڙهائي ويندي هئي، تمام گهڻي وقت کان سنڌي ٻولي عدالتن ۽ روينيو کاتي ۾ استعمال ٿيندي رهي آهي ۽ اها سرڪاري زبان جي حيثيت سان صوبي ۾ رائج رهي آهي، لساني بل ذريعي ان جي اڳوڻي حيثيت بحال ڪئي وئي آهي جيڪا 1959ع ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان پوءِ زباني حڪمن هيٺ ختم ڪئي وئي هئي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، جيڪو سنڌي ٻولي جي عظمت ۽ قدامت جو ذڪر ڪيو آهي ته اها ڳالهه سنڌي ٻوليءَ جي ڏاهن ۽ ماهرن، پنهنجي تحقيق مان ثابت به ڪئي آهي. ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ، مرزا قليچ بيگ، تيرٿ وسنت ۽ ٻين اهو ڄاڻايو آهي ته سنڌي ٻولي اڄ کان پنج هزار سال اڳ لکي ويندي هئي ۽ موهن جي دڙي وارو انڊس اسڪرپٽ ان جو چٽو مثال آهي. 712ع ۾ عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو تڏهن به سنڌ ۾ سنڌي لکي ۽ پڙهي ويندي هئي. سنڌ تي مغلن جي چڙهائي وقت 92-1591ع ۾ به سنڌي ٻولي لکي پڙهي ويندي هئي ۽ سنڌ تي انگريزن جي قبضي وقت 1843ع ۾ سنڌي لکڻ پڙهڻ جو طريقو موجود هو. 14 سالن کان پوءِ 1857ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ لکڻ جي جدا جدا طريقن بجاءِ هڪ ئي طريقو متعارف ڪرايو جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، تنهن ڪري ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌي هڪ قديم، عظيم ۽ شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن کي پنهنجي پنج هزار سالن جي پراڻي تاريخ آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي اڄ جيڪو روڳ لڳل آهي، اهو گهڻي ڀاڱي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارين حڪومتن ۽ حڪمرانن لڳايو آهي. اهو تاريخ جو ڪيڏو وڏو الميو آهي ته جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن 1938ع ۾ ڪراچي ۾ ۽ 1940ع ۾ لاهور ۾ پاڪستان ٺاهڻ جو مطالبو ۽ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ منظور ڪيو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان نئين ملڪ جي حاڪمن، سڀ کان وڌيڪ نقصان ان ٻوليءَ کي ئي ڏنو.
پاڪستان کان اڳ سنڌ جي دفترن، عدالتن ۽ حاڪمن جي ٻولي سنڌي هئي. 29 آگسٽ 1857ع تي ان وقت جي انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر سڄي سنڌ ۾ هڪ اعلان نامو جاري ڪيو هو ۽ پڙهو گهمرايو هو ته سنڌ جي هر سرڪاري ڪاروهنوار ۾ سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙهي ويندي. انگريز ڪمشنر اهو پڙهو به گهمايو هو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي انگريز عملدارن وٽ ڪا درخواست يا اپيل ڪرڻي هجي ته اها به سنڌيءَ ۾ ڪئي وڃي. اها درخواست هر صورت ۾ ٻڌي ويندي. نه رڳو ايترو پر انگريز سرڪار اهو قانون به جاري ڪيو هو ته سنڌ ۾ جيڪو به ڪامورو يا آفيسر نوڪري ڪرڻ ايندو اهو لازمي طور سنڌي سکندو. سنڌ ۾ هينئر به اهي پوڙها موجود آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته سنڌ جا انگريز استاد ۽ عملدار ڪهڙي لهجي واري سنڌي ڳالهائيندا هئا.
سنڌي ٻوليءَِ تي حملن ۽ هلائن جي تاريخ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پهريون حملو 1948ع ۾ تڏهن ٿيو جڏهن ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪراچيءَ جي 1300 سنڌي ميڊيم پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 1948ع ۾ ئي اردو کي ملڪ جي واحد ۽ سرڪاري قومي ٻولي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ احتجاج بنگالين ڪيو ۽ بنگلاديش ۾ ٻولي جي تحريڪ شروع ٿي.
ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ٻيو وڏو حملو 1951ع ۾ تڏهن ٿيو جڏهن ڪراچيءَ ۾ موجود سنڌ يونيورسٽيءَ جو نالو بدلائي ڪراچي يونيورسٽي رکيو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي کي رڳو نالي جي تختي ڪلهي تي کڻائي حيدرآباد موڪليو ويو. اڄ پاڪستان ۾ پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ ۽ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ آهي پر سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ موجود نه آهي. سنڌي ٻوليءَ تي ٽيون وڏو حملو 1958ع جي مارشل لا کان پوءِ ٿيو، جڏهن حيدرآباد ريجن جي اردو ڳالهائيندڙ ٻارن کي سنڌي پڙهڻ کان آجو قرار ڏنو ويو ۽ ڪيترائي سنڌي ميڊيم اسڪول مارشل لائي حاڪمن جي زباني حڪم تي بند ڪيا ويا، ايوب خان جي ڊگهي مارشل لا دوران سنڌي ٻوليءَ ته ڇا پر “ سنڌ ” لفظ لکڻ تي پابندي رهي ۽ جنهنجي ردعمل ۾ سنڌ ۾ جاڳرتا جو هڪ نئون ۽ سونهري دور شروع ٿيو.
1948ع کان 1972ع تائين، پاڪستان جا شروعاتي چوويهه سال ملڪ ۾ آمريت رهي ۽ آمريت جو سڀ کان وڏو عذاب سنڌي ٻوليءَ تي ئي نازل ٿيو. ائين پئي لڳو ڄڻ ته سنڌي ٻولي آمرن جي سڀ کان وڏي مخالف هئي. اها ڳالهه اڳتي هلي 1983ع ۽ 1986ع ۾ تڏهن سچي ثابت به ٿي، جڏهن سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي وڏي اڪثريت پاڪستان جي سڀ کان وڏي جمهوري تحريڪ هلائي جنهن کي دنيا اڄ ايم آر ڊي تحريڪ جي نالي سان ياد ڪري ٿي.
ملڪ ٽٽڻ کان پوءِ، باقي بچيل پاڪستان ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي حڪومت جون واڳون سنڀاليون تڏهن 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو. جيتوڻيڪ هن بل ۾ چيل آهي ته هن قانون کي اهڙيءَ ريت عمل ۾ آندو ويندو جيئن اردوءَ جي استعمال کي ڪوئي نقصان نه پهچي پر پوءِ به رئيس امروهويءَ جهڙن ”مهربانن“ اردو کا جنازا هي ذرا ڌوم سي نڪلي. جهڙا شعر لکي، اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي سنڌين خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻوليءَ وارا فساد ٿيا ۽ انهن فسادن ۾ ڪيترائي بي گناهه انسان ماريا ويا.
1972ع واري ٻوليءَ جي فسادن کان پوءِ پ پ جي سرڪار پوئتي هٽي وئي ۽ ”احتياط“ جي نالي ۾ ڪيترن سنڌي رسالن تي بندش وڌي وئي. 1972ع واري سنڌي ٻوليءَ جي قانون ۾ چيل هو ته سنڌ ۾ چوٿين درجي کان ٻارهين درجي تائين سمورن اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ويندي پر ڪراچيءَ اندر ڪاليجن ۾ ان حڪم تي پهرئين ڏينهن کان ئي عمل نه ٿيو. ڪراچي جي اردو ميڊيم اسڪولن ۾ مئٽرڪ تائين ته سنڌي پڙهائي وئي پر يارهين جماعت ۾ سليس سنڌي ڪڏهن به نه پڙهائي وئي. شهيد ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان پوءِ ضياءُالحق جو سڄو دور گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ تي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ عملي طرح ڄڻ پابندي رهي. ان وچ ۾ قومپرستن جي ڪن ڪن جلسن ۾ يا سنڌي ادبي سنگت جي ڪن گڏجاڻين ۾ صرف اهي جهيڻا ۽ هيڻا مطالبا ٿيندا رهيا ته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد مان نيڪالي ڏنل سنڌي ٻوليءَ کي ٻنهي شهرن ۾ ٻيهر بحال ڪيو وڃي.
1999ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا تعليم جي وفاقي وزارت کي هڪ خط ذريعي آگاهه ڪندي انصاف طلب ڪيو ۽ چيو ته سنڌي شاگرد يارهين جماعت ۾ سليس اردو پڙهن ٿا جڏهن ته اردو شاگرد يارهين جماعت ۾ سليس سنڌي نه ٿا پڙهن. تنهن ڪري ان فرق کي ختم ڪرايو وڃي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ان خط کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ يارهين جماعت ۾ سنڌي پڙهائڻ جو بحث شروع ٿيو ۽ پوءِ لاڳيتا ڇهه سال اهو خط، ” ڏي سوال- وٺ جواب “ جي مقابلي وانگي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي تعليم وارن کاتن جي ٽپال ۽ رڪارڊ ۾ رلندو رهيو. آخرڪار 22 آگسٽ 2005ع تي تعليم جي وفاقي وزارت جي نصاب واري شاخ طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ صوبي جي ڪاليجن اندر سنڌي ۽ اردو پڙهائڻ لاءِ اسڪيم آف اسٽيڊيز جاري ڪئي وئي. هن اسڪيم ۾ چيو ويو ته يارهين درجي ۾ سنڌي شاگرد سليس اردو پڙهندا ۽ اردو شاگرد، سليس سنڌي پڙهندا. ان نوٽيفڪيشن جي روشني ۾ سنڌ تعليم کاتي 27 سيپٽمبر 2005ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي صوبي جي ڪاليجن ۾ يارهين جماعت ۾ سليس اردو ۽ سليس سنڌي پڙهائڻ جو حڪم جاري ڪيو.
27 سيپٽمبر 2005ع واري ان تاريخي نوٽيفڪيشن جي جاري ٿيڻ سان ڪراچيءَ ۾ واويلا شروع ٿي وئي ۽ چيو ويو ته ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ سنڌي پڙهائڻ وارا استاد نه آهن ۽ ساڳيءَ ريت ڪراچي بورڊ وٽ ڪراچيءَ جي هڪ لک شاگردن جي سليس سنڌيءَ وارن پيپرن جي چڪاسڻ لاءِ استاد نه آهن، تنهن ڪري يارهين ڪلاس ۾ اردو شاگردن کي سليس سنڌي پڙهائڻ ممڪن نه آهي، سنڌ جي ان وقت جي وزيرتعليم ڊاڪٽر حميدا کهڙو اعلان ڪيو ته سنڌيءَ جا استاد فورن رکون ٿا پر ارباب غلام رحيم جي حڪومت تي ڪراچيءَ وارن ايترو دٻاءُ وڌو جو صرف 22 ڏينهن کان پوءِ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ سليس سنڌي پڙهائڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو.
ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ اردو شاگردن کي سليس سنڌي پڙهائڻ وارو تاريخي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان سترهن ڏينهن پوءِ، 14 آڪٽوبر 2005ع تي سنڌ جي موجودهه گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جيڪو ان وقت به گورنر هو، سنڌ تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي خط لکيو، جنهن ۾ هن تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت نما تجويز ڏني ته يارهين ڪلاس ۾ سنڌي پڙهائڻ واري ڳالهه کي غيرضروري طور ۽ اختلاف طور پيدا ڪيو ويو آهي ۽ ڪراچي بورڊ وٽ نه ايترا استاد آهن، جيڪي اهي پيپر چڪاسي سگهن ۽ نه ئي وري ڪراچي بورڊ آسان سنڌيءَ جا پيپر ڪرائڻ جي پوزيشن م آهي، تنهن ڪري تعليم کاتو 27 سيپٽمبر وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي.
سنڌ جي گورنر جي تعليم کاتي اندر اهڙي سڌي مداخلت تي سنڌ جي اديبن ۽ ڪجهه قوم پرستن هاءِ گهوڙا ڪئي پر ارباب غلام رحيم ۽ ڊاڪٽر حميدا کهڙو پنهنجا عهدا ۽ وزارتون وڃائجڻ جي ڊپ ۾ خاموش رهيا ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ آسان سنڌي پڙهائڻ وارو ڪم اڌ ۾ ئي رهجي ويو.
سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ قانون واري وزير کي معلوم هئڻ گهرجي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٻولي بل موجب سنڌ جي تعليمي ادارن اندر چوٿين درجي کان ٻارهين درجي تائين سنڌي پڙهائجڻ گهرجي پر ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ پهرئين ڏينهن کان وٺي ان قانون تي عمل ئي نه ٿيو آهي ۽ اڄ به ڪراچيءَ جي سرڪاري ڪاليجن ۾ اردو شاگردن کي نه سليس سنڌي پڙهائي وڃي ٿي نه ئي هنن کان اهو پيپر ورتو وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت قانون جي وزير صاحب کي به اهو معلوم هئڻ گهرجي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ٻوليءَ بابت پاس ڪيل قانون تي درست نموني عمل نه پيو ڪيو وڃي.
متحدا کي هڪ پارٽي جي حيثيت ۾ پنهنجي پارٽي پاليسي واضح ڪرڻي آهي ته اها سنڌي ٻوليءَ واري بل کي تسليم ڪري ٿي يا نه. جيڪڏهن اها سنڌي ٻوليءَ جي بل جو احترام ڪري ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ پڙهائڻ جي حمايت ڪري ٿي ته پوءِ ان جي گورنر آڪٽوبر 2005ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي کي يارهين ڪلاس ۾ پڙهائڻ واري تعليم کاتي جي فيصلي جي مخالفت ڪيئن ۽ ڇو ڪئي هئي؟ جيڪڏهن متحدا ڪالاباغ ڊئم وانگي سنڌي ٻوليءَ جي رستا روڪ جي به مخالف آهي ته کيس پنهنجي حامي گورنر کان اهو به پڇڻو پوندو ته هو سنڌ جي تعليمي بورڊن جو انتظامي سربراهه هئڻ ناتي، ڪراچيءَ جي ڪاليجن جي اردو شاگردن لاءِ سليس سنڌيءَ جي پيپر ڪرائڻ ۽ چڪاسڻ جو انتظام ڇو نه ٿو ڪري؟؟
ارباب غلام رحيم کي آمريت جي پيداوار قرار ڏيندڙ ۽ ڊاڪٽر حميدا کهڙو کي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙڻ جو ذميوار قرار ڏيندڙ پ پ سرڪار ۽ ان جي وزيرن کي به پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو ته ڊاڪٽر حميدا کهڙو، پنهنجي پيءُ مرحوم ايوب کهڙي وانگي سنڌ جي ٻوليءَ واري حق لاءِ ٿورو آواز ته اٿاريو ۽ پوءِ وري حميدا کهڙو پنهنجي پيءُ وانگي وقت جي حاڪمن سان مصلحت ڪري ويهي به رهي. جيڪڏهن حڪومت جي دائري کان ٻاهر ويهي سوچجي ته اسان جي سياسي پارٽين ۽ سنڌي ادبي سنگت به اهو گهربل ڪردار ادا نه ڪيو آهي، جيڪو هنن کي ڪرڻ گهرجي ها. رڳو رستن تي جهنڊا کڻي پنڌ ڪرڻ ۽ تصويرون ڇپرائڻ سان سنڌي ٻولي بحال نه ٿيندي، اهو ڪم به هڪ اردو ڳالهائيندڙ اقبال ڪاظميءَ نالي شخص ڪيو آهي، جنهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ آئيني درخواست داخل ڪئي آهي ۽ عدالت کي گذارش ڪئي آهي ته قانون مطابق سنڌي ٻولي کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو وڃي. اهو ڪم سنڌ جي ڪنهن قوم پرست پارٽيءَ کي ڪرڻ گهرجي ها. جيڪڏهن سنڌ جا قوم پرست ان معاملي ۾ گُسي ويا ته پوءِ اهو ڪم سنڌي ادبي سنگت کي ڪرڻ گهرجي ها پر اهڙي قسم جي سنجيدهه ڪوشش کان اسان جون سڀ ڌريون ۽ ادارا الائي ڇو پري ۽ پاسيرا آهن.
پ پ جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سنڌي ٻوليءَ کي صوبي ۾ قانوني حيثيت ڏيارڻ جو قانون پاس ڪرايو هو، ان تي عمل ڪرائڻ ان جي پوئلڳن جو ڪم آهي. ڏسڻو اهو آهي ته سڄو ڏينهن ڀٽن ۽ انهن جي خونن ۽ شهادتن جا قسم کڻندڙ حڪمران، سنڌي عوام کي شهيد ڀٽي طرفان تحفي ۾ ڏنل سنڌي ٻوليءَ واري بل کي لاڳو ڪرائڻ ۾ ڪيتري ڪوشش ۽ قرباني ٿا ڏين؟

(فيبروري 2010ع ۾ نشر ٿيل)

سنڌي ٻوليءَ کي ڪٿان ڪٿان خطرو آهي؟

سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي رهي آهي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار کي اهڙا خط ۽ پيغام موڪلي رهي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻولين يعني بلوچي، براهوي، پنجابي، سرائڪي، هندڪو، پشتو ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. انهن جي واڌاري لاءِ انهن ٻولين جا ٽي وي چينل ۽ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪيا وڃن ۽ دفتري ڪم ڪار مقامي ٻولين ۾ هلايو وڃي وغيرهه.
عالمگيريت عرف گلوبلائيزيشن جي طوفان ۾ ايندڙ هڪ سؤ سالن ۾ دنيا جي ڪيترين ٻولين جي ختم ٿيڻ جو خطرو موجود آهي ۽ يقينن ان خطري جو ڪجهه حصو سنڌي ٻوليءَ کي به کڻڻو پوندو. پر اسين جيڪي ڏهن ڪروڙن کان وڌيڪ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ پندرهن ڪروڙن کان وڌيڪ سنڌي سمجهندڙ ماڻهو موجود آهيون، اهي جيڪڏهن پنهنجي جيجل جي جهوليءَ واري ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ هڪڙو هڪڙو ۽ ننڍڙو ننڍڙو پٿر گڏ ڪرڻ جيترو ڪم ڪيون ته اسين سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ عظيم الشان بچاءَ جو قلعو تعمير ڪري ان کي صدين تائين محفوظ ڪري سگهون ٿا.
اها ڳالهه بحث ۽ تحقيق جي گهرجائو آهي ته سنڌوماٿري جون حدون ڪهڙيون ۽ ڪيستائين آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جون جاگرافيائي حدون ڪٿي دنگ ڪن ٿيون. ڇاڪاڻ ته سنڌ رڳو اها نه آهي جيڪا انگريزن يا مختلف حڪومتن روينيو جي ڍلن جي اوڳاڙيءَ لاءِ نقشن ۾ ڇپرائي آهي. پر سنڌوماٿريءَ جي ثقافت جا رنگ گلگت ۽ ڪشمير ۾ به جرڪن ٿا. سنڌ ۾ شادين ۾ ڳائجندڙ سهرن جهڙا سهرا هزارا ۽ هندڪو وارن علائقن ۾ به ٻڌجن ٿا، سنڌي پهاڪا پنجاب ۾ به دهرائجن ٿا ۽ سنڌي ريتون سرائڪين ۽ بلوچن ۾ به ورجائجن ٿيون. بلوچستان جي اڌ کان وڌيڪ علائقن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، سنڌي اخبار پڙهي وڃي ٿي، سنڌي ٽي وي چينل ڏٺا وڃن ٿا. سڄو سرائڪي عوام ٿوري بدليل لهجي واري سنڌي ڳالهائي ٿو. نه رڳو ايترو پر هندستان جي گجرات، مهاراشٽر ۽ راجستان وارن صوبن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ سمجهندڙن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي ان کان سواءِ عرب رياستن، اولهه جي ملڪن ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ به صدين کان آباد ٿيل سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ موجود آهن ۽ انهن جو مجموعي تعداد به هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي تنهن ڪري انهن سڀني انگن کي جوڙ ڪرڻ بعد اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد ڏهن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ۽ سنڌي ٻولي سمجهندڙن جو تعداد پندرهن ڪروڙن جي ويجهو آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪهڙي لپي يا رسم الخط اختيار ڪرڻ گهرجي. اهو بحث به هاڻي تڪڙو ۽ پوءِ مڪمل ٿيڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڏاهي حليم بروهيءَ جي راءِ کي به انصاف ۽ اهليت جي بنياد تي ٻڌڻ گهرجي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ان کي قومي حيثيت ڏيارڻ لاءِ سرڪار ۽ سرڪار جي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌي ٻوليءَ کي دفترن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هئڻ گهرجي ۽ آفيسن يعني دفترن ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به شامل ڪيو وڃي.
حقيقت ۾ ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪهڙا خطرا آهن؟ اهي خطرا ڪٿان کان آهن؟ ۽ انهن جو حل ڪيئن ممڪن آهي ان تي سنڌي ڏاهن جي هڪ ڪميشن ويهارڻ گهرجي جيڪا تحقيق ڪرڻ ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ کان پوءِ اهي تجويرون ڏئي ته سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺڻ گهرجن، ان ڪميشن جي تجويزن کي سنڌي اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن ۽ صحافين جي تنظيمن ۽ سنڌ جي سياسي پارٽين کان منظور ڪرايو وڃي. بعد ۾ انهن تجويزن کي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي ان تي عمل ڪرايو وڃي، جڏهن ۽ جيڪڏهن ”سنڌي ٻولي ڪميشن“ جون تجويزون اڳيان آيون ۽ سڀ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ان تي عمل ڪندا ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڪير به ختم نه ڪري سگهندو. پ پ سرڪار ۽ ان جي تعليم کاتي کي وڏن شهرن جي تعليمي درسگاهن مان تڙي ڪڍرايل سنڌي ٻوليءَ کي ٻيهر موٽائي بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حد ته اها آهي ته سنڌ جا وڏا ماڻهو سڏجندڙ، سنڌ جا پير، مير، وڏيرا ۽ سردار، جن جي اڪثريت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڊفينس وارن علائقن ۾ رهي ٿي، انهن جو اولاد سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ نه ٿو ڄاڻي. سنڌ جي ويجهڙائي واري تاريخ ۽ سياست تي انهن خاندانن جو قبضو آهي ۽ انهن خاندانن جي وڏڙن جا قصا جن ڪتابن، جن اخبارن ۽ رسالن ۾ موجود آهن، انهن جا پٽ ۽ پوٽا، پنهنجي وڏڙن جي تاريخ به پاڻ نه پڙهي سگهندا. سنڌ جي وڏن ماڻهن ۽ وڏيرن کي اها ڳالهه ڪير سمجهائيندو ته اي وڏيرئو...!! جيڪڏهن توهان وڏيرا ٿي رهڻ چاهيو ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي تڪن مان چونڊجڻ ۽ ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ چاهيو ٿا ته به توهان جي اولاد کي سنڌي پڙهڻ گهرجي. انگريزن، سنڌين تي حڪومت ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي سکي ۽ لکي هئي، تنهن ڪري توهان سنڌي ٻوليءَ خاطر نه سهي، ماڻهن تي حڪومت خاطر ئي سهي، پر پنهنجي اولاد کي سنڌي ٻولي ته پڙهايو!!
سنڌي ادبي سنگت ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جي جاڳرتا مهم هلائي سٺو ڪم ڪيو آهي پر ان موقعي تي اها ڳالهه وڏي غور ۽ ويچار جي گهرجائو آهي ته اسين سڀ ويهي اهو ويچار ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪٿان ڪٿان خطرو آهي ۽ اهو خطرو ٽارڻ ۽ هٽائڻ ڪيئن ممڪن آهي، سنڌي ٻولي کي لڳل خطرن بابت جيڪي به خيال آهن، انهن مان هڪڙو خيال هي به آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي سڀ کان وڏو خطرو اندران يعني ان جي ڳالهائيندڙن مان آهي.
اسين جيڪي سنڌي ڳالهائيندڙ آهيون، انهن حقيقت ۾ پنهنجي زندگيءَ مان ڄڻ ته سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ جيڪڏهن جيجل جي لوليءَ واري ان رٺل ٻوليءَ کي اسين پرچائي، پنهنجي زندگيءَ ۾ موٽائي اچون ته اسان پنهنجي مادر محترم جي مقدس زبان کي بچائي سگهون ٿا. اسين سڀ گڏجي، جيڪڏهن لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ٿورو ڌيان ڪيون. ڌارين ٻولين جي حملي آور لفظن کي ٿورو روڪڻ جي ڪوشش ڪيون، گهٽتائي جي احساس مان مٿي چڙهون ۽ پنهنجي يتيم بنايل ٻوليءَ جي لفظن، محاورن جي مٿي تي هٿ رکون، پنهنجي تڙيل ۽ زخمي ڪيل پهاڪن تي پها رکون ۽ پنهنجي ملوڪ ۽ مٺڙي شاعري کي آوازن ۽ اُچارن سان ٻيهر سينگاري، چپڙن سان چمڻ شروع ڪيون، ۽ سچل، سامي ۽ ڀٽائيءَ سان نئون نينهن لڳايون ته پوءِ ماٿريءَ جي سنڌي ٻوليءَ جو عظيم ساگر وري ٻيهر ڇلڪڻ شروع ڪري سگهي ٿو.
ان سلسلي ۾ سڀ کان وڏو ڪردار صحافين، اديبن ۽ شاعرن جي هٿن ۾ آهي. سلام آهي سنڌ جي سگهڙن کي جيڪي ويچارا معاشري مان موٽ نه ملڻ باوجود سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي محبت جو علم اوچو ڪيون ٿا اچن. اسين چئون ٿا ته سنڌي اخبارون ۽ سنڌي سيٽلائيٽ چينل سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن پر اهو سچ جو مٺو پاسو آهي، ان سچ جو ڪوڙو پاسو هي به آهي ته اسان جا اهي سڀ ادارا ٻئي طرف ٻوليءَ جي وڏي بگاڙ جو سبب به بنجي رهيا آهن ۽ اسان جي بي توجهيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين لفظن، محاورن ۽ پهاڪن کي آباد ڪري، پنهنجي ٻوليءَ جي لفظي آباديءَ کي اقليت ۾ تبديل ڪري، پنهنجي ٻوليءَ سان اهو حشر ڪري رهيا آهيون، جيڪو اڳ ۾ اسان پنهنجي قوم سان ڪري چڪا آهيون. ڌارين جي آبادڪاري اسان جي انساني وجود کي ختم ڪري رهي آهي، تنهن ڪري اسان کي ڌارين لفظن، محاورن ۽ پهاڪن جي آبادڪاري روڪي پنهنجي زبان جي وجود کي زندهه رکڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.
اسان جا سڀ ٽي وي چينل خبرن جي شروعات ”هيڊلائينز“ سان ڪن ٿا، جڏهن ته اها شروعات ”حاضر آهن هن مهل جون خاص خاص خبرون“ سان پڻ ڪري سگهجي ٿي، ٽي وي چينل جي خبرن ۾ هيٺان گهمندڙ پٽين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ۽ ايترا ڌاريا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا جو اسان جو عام ماڻهو ان جو مطلب ئي نه سمجهي سگهندو آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اهي لفظ اڻٽر آهن پر سڄي دنيا جي ٻولين جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته سواءِ سائنس جي ڪن بنيادي ايجادن جي نالن جي، باقي ٻيا سڀ نالا مقامي ٻولين ۾ رکي سگهجن ٿا. اسين جيڪي پنهنجي پاڻ کي ٻوليءَ جا رکوالا ۽ لڄ پال سمجهون ٿا اهي سڀ نانءَ ڪٺيا دانشور آهيون. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ اسان کان سوين ڀيرا وڌيڪ بهتر ڪردار سنڌ جي ان عام ماڻهوءَ جو آهي، جيڪو اردو ۽ انگريزي نه ڄاڻڻ ڪري، ضرورت پوڻ تي پنهنجا نالا ايجاد ڪري ٿو ۽ عوام ۾ عام ۽ مشهور پڻ ڪري ٿو. مثال طور اها ڊش جنهن جي معرفت اسين ٽي وي چينل هلايون ٿا ان کي عام ماڻهوءَ ڊش بجاءِ ”کاري“ جو نالو ڏنو. اها گاڏي جنهن کي اسين وين چئون ٿا، ان کي عام ماڻهوءَ ”دٻي“ جو نالو ڏنو، اها ڪيسٽ جنهن کي اسين ٽيپ رڪارڊر ۾ وڄايون ٿا، ان کي عام ماڻهو ”ريل“ جو نالو ڏنو.
جيڪڏهن اسين اقوام متحدا جي جاءِ تي گڏيل قومون، بازياب جي بدران هٿيڪو، فالج بجاءِ اڌ رنگو، مبينا بجاءِ شڪي، شٽربند جي جاءِ تي هڙتال، منشيات بجاءِ نشو ۽ بلدياتي بجاءِ مڪاني ادارن جا لفظ لکون ته اسان پنهنجي ٻوليءَ جي تحفظ جو هڪ مورچو فتح ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن گيم کي راند، بريڪ کي ساهي، سيشن کي اجلاس، سيڪيورٽيءَ کي حفاظت، فلائيٽ کي اڏام ۽ مڊٽرم کي وچولي مُدي لکون ته به اسان پنهنجي ٻوليءَ کي بچائي سگهون ٿا. ٽي ويءَ تي خبرن پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ جيڪڏهن سنڌي لفظ استعمال ڪيا وڃن ته ٻوليءَ کي بچائي ۽ سنواري سگهجي ٿو. نه رڳو ايترو پر ان ڳالهه جي به سخت ضرورت آهي ته اسين پنهنجي گهرن ۾ ٻاجهاري ٻوليءَ کي پنهنجايون. مثال طور اسين ڀاڄائيءَ کي ڀاڀي، ڌيءَ ۽ پٽ کي بيٽا، چاچيءَ کي آنٽي ۽ ماسيءَ کي خالا، چاچي کي انڪل ۽ جيجل کي ممي ڇو ٿا چئون؟ پيءُ لاءِ ابل، بابل ۽ بابلي جهڙا مٺڙا ۽ موچارا لفظ موجود آهن ته اسان کي اهي استعمال ڪرڻ گهرجن. اسان پنهنجي مهمانن کي ويل ڪم بجاءِ جيڪڏهن ”ڀلي ڀلي ڪري آئيو“ چئون ته يقينن هو وڌيڪ محبت ۽ آڌرڀاءُ محسوس ڪندا. اسان تي ٻاهرين ٻولين جو اثر ايترو گَهرو ٿي ويو آهي جو اسين هوٽلن، دڪانن، گاڏين ۽ زندگيءَ جي ذري گهٽ سمورن وهنوارن ۾ اردو ۽ انگريزي لفظ استعمال ڪيون ٿا، مثال ”دود پتي چاءِ“ جي بدران کير پتي چانهه چئجي ته ڪهڙي خراب ڳالهه آهي؟ ساڳيءَ ريت “دو چائي” جي بدران ٻه چانهيون چئجن ته ڪهڙو عيب آهي.
صحافين کان پوءِ ٻوليءَ جي بچاءِ ۽ سينگار ۾ وڏو ڪردار ليکڪن ۽ شاعرن جو آهي. سنڌ جي شاعري توڙي ادب سوين سالن تائين عربي ۽ فارسي جي اثر هيٺ رهيو آهي. مسلمان شاعرن ۽ ليکڪن جي ضد ۾ هندو اديبن ۽ شاعرن وري سنڌي ٻوليءَ تي هنديءَ جو رنگ چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. مرزا قليچ بيگ، محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز جهڙن وڏن نالن جي نثر توڙي نظم تي به فارسي جو اثر رهيو آهي ۽ ڀيرو مل ۽ گربخشاڻي جهڙن عالمن تي وري هندي زبان جو رنگ رهيو آهي.
رسول بخش پليجو سنڌ جو پهريون عالم، اديب ۽ دانشور آهي، جنهن نج سنڌي انداز اختيار ڪيو. سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ قلم ڪارن کي پنهنجي نثر توڙي نظم ۾ رسول بخش پليجي جي پيروي ڪرڻ گهرجي. اڄ ضرورت آهي ته سنڌ جي نثر کي پليجي جي لکڻ جي ڍنگ ۾ رڱجي ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ کي وري سنڌي ميڊيا جي ذريعي شهرن ۾ متعارف ڪرائجي. اخبارن جي مضمون نويسن ۽ ڪالم نگارن کي به اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته هو پنهنجي لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ، محاورا ۽ چوڻيون استعمال ڪن.
اها ڪيسٽي شاعري، جيڪا ڳائجي ٿي، ان جو معياري هئڻ به لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته مقبول فنڪارن ذريعي، اها شاعري عام ماڻهوءَ جي ذهن ۽ زبان تي سوار ٿئي ٿي ۽ جهرجهنگ ۾ جهونگارجي ٿي. تنهن ڪري عام ۽ لوڪ شاعرن جي شاعريءَ کي به درست دڳ ۽ رستو ڏيکارڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ جي ضرورت آهي. شاعر کي ڪوي چوڻ ۽ نينگريءَ کي ناري چوڻ ۽ باجي کي هارمونيم، موسيقي کي ميوزڪ چوڻ ۽ گيت کي سانگ چوڻ جو رواج به اڄڪلهه وڌيل آهي، ڪمتريءَ جي ڪن ۾ ٻڏل شاعرن کي هاڻي ٿورو ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
لفظن کان پوءِ ڌارين ٻولين جا ڪيترائي محاورا ۽ پهاڪا به اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪاهي پيا آهن، حالانڪ انهن جا بهترين ۽ اصلي مطلب وارا محاورا ۽ پهاڪا اسان جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ موجود آهن. مثال طور ”گهر ڪي مرغي، دال برابر“ جو سنڌيءَ ۾ متبادل ”گهر جو پير، چلهه جو مارنگ“ موجود آهي.
ساڳيءَ ريت ”جان نه پهچان مين تيرا مهمان“ جو سنڌي متبادل ”جاڙا خان ڪتو جهلجانءِ مان آيو آهيان“ يا ”هو جن نه ڪن، ادي جن عشق ۾ انڌا.“ جهڙا ڪيترائي متبادل موجود آهن. ضرورت آهي ته اسان پنهنجي وڃائجي ويل پهاڪن ۽ محاورن کي ڳوليون ۽ پنهنجي زبان تي ٻيهر آڻيون. سنڌي ٻوليءَ کي اڄڪلهه جيڪي خطرا اڳيان آهن انهن ۾ هڪڙو موبائيل فون ذريعي اردوءَ ۾ پيغام موڪلڻ جو به آهي. اسان جا چڱا موچارا ۽ ناليوارا اديب ۽ دانشور پيغام اردوءَ ۾ لکي موڪلن ٿا، حالانڪ اهو ساڳيو نياپو، نينهن واري سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي سگهجي ٿو. اڄڪلهه موبائيل فون ذريعي سنڌي ۾ پيغام موڪلڻ جو رواج ضرور پيو آهي پر ان رواج کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پر انهن سمورن عملن کان وڌيڪ بهتر عمل هر جاءِ تي پهريون جملو سنڌي ڳالهائڻ سان شروعات ڪرڻ جو آهي. اڄ کان پندرهن سال اڳي ”ڀٽائينز“ نالي سنڌي نوجوان اديبن ۽ ليکڪن جي هڪ ٽولي اهو فيصلو ڪيو هو ته جنهن به جاءِ تي وڃبو اتي پهريون جملو سنڌيءَ ۾ ڳالهائبو، ڀلي ان ڳالهه جو يقين هجي ته اڳيون ماڻهو سنڌي نه سمجهندو ته به پهريون جملو سنڌي ڳالهائي ان کي سنڌي سکڻ جي سڌي طرح آڇ ڏبي ۽ گڏوگڏ کيس اهو به ٻڌائبو ته آءٌ سنڌي آهيان ۽ سنڌي ڳالهائڻ ٿو چاهيان، جيڪڏهن ان تصور کي به عام ڪجي ته اهي لکين سنڌي جيڪي ٻاهرين شادين ڪرڻ ڪري يا ڌارين آبادين ۾ رهڻ ڪري پنهنجي ماءُ جي ٻولي وساري چڪا آهن، اهي سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪندا. هر ماڻهوءَ سان پهريون جملو سنڌي ڳالهائڻ سان اهي ماڻهو جيڪي اڌرڪ سنڌي ڳالهائين ٿا، اهي به سنڌي ڳالهائڻ جي شروعات ڪري، سنڌيءَ ڏانهن موٽ کائي سگهن ٿا. هر هنڌ پهريون جملو سنڌي ڳالهائڻ سان سنڌين جي تعارف جي شروعات ٿيندي. اڄڪلهه موبائيل فونن جي فون سروس تي به سنڌيءَ جو هڪڙو خانو يعني آپشن ڏنل آهي، جيترا به سنڌي ان کي استعمال ڪندا، ان سان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ جو هڪڙو ڏاڪو مٿي نڪري سگهجي ٿو. هن رپورٽ جي ٻڌندڙن جي ذهنن ۾ ٻيون به اڪيچار تجويزون ٿي سگهن ٿيون، جن تي عمل ڪرڻ سان سنڌو ماٿريءَ جي هي عظيم ٻولي نه رڳو قومي ٻولي بنجي سگهي ٿي پر پنهنجي اوج ۽ عروج کي به ماڻي سگهي ٿي.
اسان پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ کي پنهنجي ذهن ۽ زبان کان جيڪو پري رکيو هو، پنهنجي دل ۽ دماغ کان جيڪو دور ڪيو هو ان لاءِ اچو ته پنهنجي امڙ جي ٻوليءَ کان معافي وٺون ۽ ان کي ٻيهر پنهنجي ذهن ۽ زبان جو زيور بنايون.

(فيبروري 2012ع ۾ نشر ٿيل)

سنڌي ٽوپين جو شهر- ڪنڌڪوٽ

سنڌ- بلوچستان ۽ پنجاب صوبي جي سرائڪي علائقي جي سنگم تي قائم اتر سنڌ جو قبائلي شهر ڪنڌڪوٽ سنڌي ٽوپين جو شهر آهي ۽ جيڪڏهن ان کي سنڌي ٽوپين جو وڏي ۾ وڏو شهر يا مرڪز ۽ منڊي چئجي ته به شايد غلط نه ٿيندو.
خبرناهي ته اها ٽوپي، جنهن کي اسين اڄ سنڌي ٽوپي چئون ٿا، ان جي شروعات ڪٿان کان ٿي ۽ ڪيئن ٿي؟ ڇو ته موهن جي دڙي جي آثارن ۽ مورتن مان ڪٿي به سنڌي ٽوپي نه ملي آهي. پر لڳي ٿو ته موهن جي دڙي کان پوءِ اجرڪ مان ئي سنڌي ٽوپي ٺاهي وئي آهي جنهن جا نمونا آهستي آهستي بدلجي ويا آهن ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ٽوپيءَ ۾ گلن، شيشن ۽ چلڪيدار ڌاڳن جو استعمال وڌيو آهي. ٻي صورت ۾ ٽوپي، اجرڪ جي ئي هڪڙي اوڌ يا ان مان ٺاهيل ڪا شيءِ عرف ”باءِ پراڊڪٽ“ لڳي ٿي.
ڪنڌڪوٽ ۾ ماڻهو جيئن ٽوپيون پائين ٿا ۽ جيتري گهڻي تعداد ۾ پائين ٿا، ان کان وڌيڪ سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ نه ٿا پائين. جيئن عام زندگيءَ ۾ ڪپڙو پائڻ لازم شيءِ آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت ڪنڌڪوٽ ۾ ذري گهٽ هر ماڻهو ٽوپي پائي ٿو. ها ائين ضرور آهي ته ڪي ڪي ماڻهو مختلف سببن جي ڪري ٽوپي نه به پائين ٿا پر انهن ماڻهن وٽ به پنهنجي گهر ۾ پنهنجي هڪ عدد ٽوپي پيل ضرور آهي، جيڪا هو ڪنهن خاص موقعي ۽ ڪنهن مهل تي پائين ضرور ٿا. جيئن عام طور تي ڪي ماڻهو، ڪي دوست هڪ ٻئي کي گڏ وٺي هلڻ لاءِ هيئن چوندا آهن ته، ”پاءِ بوٽ ته هلون“ ان لاءِ ڪنڌڪوٽ جا ماڻهو ”پاءِ ٽوپي ته هلون“ جو جملو چوندا آهن.
ڪنڌڪوٽ شهر جي آباديءَ ۾ موچارو تعداد هندن جو آهي ۽ واپار جي وڏين بازارن تي به هندو ڇانئيل آهن. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي شهرن جي ڪاروبار تي ڇانيل هندو، پنهنجي ٻروچ گراهڪن سان گهڻي ڀاڱي ٻروچڪي ڳالهائين ٿا ۽ هندو سيٺيا نه رڳو ٻروچڪي ڳالهائين ٿا پر ڪيترا هندو سيٺ، لٽو ڪپڙو ۽ ڏاڙهي مڇن جي ڪٽ به ٻروچن جهڙي رکائين ٿا. تنهن ڪري ڪنهن ٻاهران ايندڙ ماڻهوءَ کي گهٽ پتو پوندو ته هي دڪان هلائيندڙ ۽ ٻروچڪي ڳالهائيندڙ همراهه مسلمان آهي يا هندو يا ڪا شهري ذات آهي يا ٻروچ.
ڪنڌڪوٽ شهر ۾ هندو توڙي مسلمان سڀ سنڌي ٽوپيون عام جام پائين ٿا. نه رڳو ايترو پر ماڻهو شهر جو هجي يا ٻهراڙيءَ جو، ٽوپي سڀني لاءِ هڪ جيتري ضروري آهي. جنهن جي جهڙي ۽ جيتري حيثيت آهي اهو ان انداز جي ٽوپي پائيندو. ڪو دڪاندار هجي يا گراهڪ، ڊرائيور هجي يا مسافر، ڀت ڀاڄي وڪڻندڙ هجي يا گاڏي هلائڻ وارو، ڊکڻ هجي يا لوهر، وار ڪوڙائيندڙ هجي يا ڪوڙيندڙ، مزدور هجي يا رازو، ڊاڪٽر هجي يا مريض مطلب ته شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو هن علائقي ۾ ٽوپي نه پائيندو هوندو.
ڪنڌڪوٽ جي بازار ۾ شايد ئي ڪو اهڙو دڪاندار هجي، جنهن جي مٿي تي سنڌي ٽوپي نه رکيل هجي. نه رڳو ايترو پر ڪنڌڪوٽ جي آفيسن، اسپتالن، اسڪولن ۽ اجتماع جي ٻين جاين تي هر ٽن ماڻهن مان ٻن ماڻهن کي ٽوپي پاتل نظر ايندي.
ڪنڌڪوٽ جي علائقي جا ماڻهو ٽوپيون ڇو ٿا پائين، ان بابت ماڻهن جا مختلف ويچار آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته قديم سنڌي ۽ ٻروچ قبيلا پراڻي زماني کان مٿو اگهاڙو ڪري هلڻ کي عيب سمجهندا هئا، تنهن ڪري هو مٿي تي ٽوپي ضرور پائيندا آهن. ٻين جو خيال آهي ته ٽوپي پائڻ سان ماڻهوءَ جي سونهن سوائي ٿئي ٿي تنهن ڪري ماڻهو ٽوپي پائين ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وري ان کي پنهنجي پنهنجي قبيلي يا خاندان جي ثقافت يا روايت قرار ڏين ٿا.
ڪنڌڪوٽ جي دڪاندارن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٽوپي اونهاري ۾ وڌيڪ وڪامي ٿي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهو ٽوپيءَ کي مٿي ڍڪڻ يا گرميءَ کي جهلڻ لاءِ به استعمال ڪن ٿا. سڄي سنڌ جي ماڻهن کي شايد خبر نه هجي پر اها ڳالهه رڳو ڪنڌڪوٽ وارن ماڻهن کي ئي خبر آهي ته سنڌي ٽوپيءَ ۾ به ڪيترائي قسم آهن ۽ اهي قسم شهرن ۽ قبيلن جي نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. مثال طور، ٺل، گهوٽڪي، بخشاپور، سعيدآباد ۽ نواب شاهه جون الڳ الڳ ٽوپيون آهن ۽ انهن تي انهن ئي شهرن جا نالا رکيل آهن.
جڏهن ته ٻين ٽوپين ۾ قبيلن واريون ٽوپيون شامل آهن جن ۾ مهرن جي ٽوپي، بنگوارن جي ٽوپي، نونارين جي ٽوپي، بگٽين جي ٽوپي، ڊومڪين جي ٽوپي، کوسن جي ٽوپي، سومرن جي ٽوپي وغيره جا نالا شامل آهن.
ٽوپي سنڌ ۾ ڪٿي به ٺهندي هجي، پر اها ڦري گري ڪنڌڪوٽ جي بازار ۾ ضرور ايندي، ڇاڪاڻ ته هيءُ شهر ٽوپين جي وڏي ۾ وڏي منڊي يا مرڪز آهي.
ڪنڌڪوٽ جون ٽوپيون ڏيهان ڏيهه ڪهي وڃن ٿيون ۽ اهي چين، ايران، افغانستان، هندستان، سعودي عرب، دبئي، قطر، اومان ۽ مصر جا ڪنارا پڇائين ٿيون. ٻن سون کان شروع ٿيندڙ سنڌي ٽوپي هزارن جي قيمت تي دنگ ڪري ٿي.

(جنوري 2011ع ۾ نشر ٿيل)

سنڌ جا اشوز

---

نواز ليگ طرفان نون صوبن جو راڳ

پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ صديق الفاروق، پنهنجي پارٽيءَ جي قائد ميان محمد نواز شريف جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سميت مختلف صوبن مان جيڪڏهن انتظامي سهولت لاءِ نوان صوبا ٺاهيا وڃن ته مسلم ليگ نواز ان جي حمايت ڪندي. ساڳئي وقت قائداعظم مسلم ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته هزارا ۽ سرائيڪي علائقن تي ٻڌل نوان صوبا ٺاهيا وڃن. قاف ليگ ۽ نون ليگ جي ان راڳ ۾ ايم ڪيو ايم به ”آ“ ڪري شامل ٿي پئي آهي ۽ ان جي سربراهه الطاف حسين به چيو آهي ته جٿان جٿان جو عوام نئون صوبو ٺاهڻ گهري ٿو اتي جي عوامي نمائندن سان ڳالهايو وڃي ۽ عوام جي سهولت خاطر اتي نئون صوبو ٺاهيو وڃي.
نون صوبن جو بحث سرحد صوبي جي نالي جي 18 هين آئيني ترميم ذريعي تبديليءَ کان پوءِ شروع ٿيو آهي. سرحد صوبي جي هندڪو ڳالهائيندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته سرحد هنن جو وطن آهي ۽ پٺاڻ ٻاهر کان هتي اچي آباد ٿيا آهن، تنهن ڪري سندن سرزمين تي ٻاهرين ماڻهن جو نالو ڇو ٿو رکيو وڃي. هندڪو ڳالهائيندڙ ماڻهو سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري واري علائقي هزارا ۾ اڄ به گهڻائي ۾ آباد آهن، تنهن ڪري هنن انهن علائقن ۾ هڙتالون ڪيون آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته کين الڳ صوبو ٺاهي ڏنو وڃي.
سرحد صوبي جي نئين نالي جي ڳالهه اڃان اسيمبليءَ ۾ مَس پهتي آهي ته نون صوبن جي ڇيڇڙن جا خواب ڏسندڙ سياسي ٻليون ميائون ميائون ڪندي ميدان ۾ لهي پيون آهن ۽ عوام کي ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته نوان صوبا ڪيئن ٺهندا آهن ۽ ڇو ٺهندا آهن ۽ جيڪڏهن هن ملڪ اندر نوان صوبا ٺاهيا ويا ته ان جو ڪو به نقصان نه ٿيندو.
نون صوبن ٺاهڻ واري ڳالهه جا ٻه پاسا نهايت اهم آهن، پهريون هي آهي ته آخرڪار نون صوبن جي ڳالهه هن وقت ڇو ڪئي وئي آهي ۽ ٻيو ته ڇا نون صوبن ۾ سنڌ جو ورهاڱو به ممڪن آهي؟ اچو ته ان ڳالهه جو ٿورو جائزو وٺون.
پاڪستان سميت سڄي دنيا جي اڀرندڙ ۽ نسرندڙ جمهوريتن جو الميو اهو آهي ته جمهوريت جڏهن به پاڙ هڻي سائي ٿيڻ ۽ گئونچ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهي تڏهن ان جي آمريت جي پاليل ڍورن هٿان ڀيل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. نتيجي طور هر ڏهن سالن کان پوءِ جمهوريت جا نوان ٻوٽا پوکيا ويندا آهن پر ٻٽن سالن ۾ ان نئين ڄاول جمهوريت جي وڻ کي ئي پاڙان پٽيو ويندو آهي ۽ پوءِ آمريت جا پاليل اهي بدمست ڍور، پنهنجي زبان ۾ جمهوريت کي گهٽ وڌ ڳالهائي اهو به چوندا آهن ته ”هن ملڪ جي ماڻهن کي سڌو ڪرڻ لاءِ جمهوريت نه پر ڏنڊي ۽ لٺ باٺي جي ضرورت آهي.“ اهوئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ گهڻا سياسي بحران آمريت بجاءِ جمهوريت ۾ منڍيون ڪڍندا آهن. مثال طور ايوب جي آمريت ڏهه سال آرام سان گذاريا پر ڀٽي جي جمهوريت کي پنجن سالن کان پوءِ پي اين اي بڇايو ويو. ضياءُالحق جو فوجي راڄ يارهن سال سڪون سان هلندو رهيو پر بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت کي يارهن مهينن کان پوءِ عدم اعتماد جي تحريڪ اڳيان ڏني وئي. پرويز مشرف کلندي کلندي نَو سال ڪڍي ويو پر پ پ سرڪار کي ٻه سال پورا ڪرڻ کان اڳئي ڏند ڏيکاريا پيا وڃن ۽ ڏينهن ڳڻايا پيا وڃن ۽ سڀ کان وڏو سانحو ته هي ٿيو آهي ته پرويز مشرف جي آمريت تي ”يامشرف لبيڪ“ جا ٺپا هڻندڙ سترهين ترميم ايتري سڪون، سان پاس ٿي وئي، جنهن جو ڪنهن کي پتو ئي نه پيو ۽ آمريت جون اکيون ڪڍندڙ ارڙهين ترميم، اتفاق راءِ سان پاس ٿيڻ لاءِ اڃا قومي اسيمبليءَ مان ئي پاس نه ٿي ته فساد شروع ٿي ويا آهن ۽ پرويز مشرف کي ويهه ڀيرا ورديءَ سان صدر چونڊرائڻ جي ڳالهه ڪندڙ چوڌري ڀائر هزارا ۽ سرائڪي عوام جا اڳواڻ بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ قاف ليگ سميت نون صوبن ٺاهڻ واري ڳالهه سڀ کان وڏي آواز ۾ اهي ڌريون ڪري رهيون آهن جيڪي پرويز مشرف جي دور ۾ صوبن جي حقن جي حاصلات ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هيون.
اڃا ارڙهين ترميم تي پارليامينٽ جي ميمبرن جو اتفاق ئي نه ٿيو هو ته قائداعظم مسلم ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت چيو هو ته ارڙهين ترميم ڪڏهن به پاس نه ٿيندي. خبر ناهي ته چوڌري شجاعت اها تصديق ڪٿان ڪئي هئي يا کيس اها پڪ ڪنهن ڏياري هئي ته ارڙهين آئيني ترميم ڪڏهن به پاس نه ٿيندي؟ پر جڏهن مکيه سياسي پارٽين پنهنجي سياسي ڏاهپ جو غيرمعمولي مظاهرو ڪيو تڏهن چوڌري شجاعت حسين جون اڳ ڪٿيون ڀري بازار ۾ ديواني جي گفتار وانگي اجايون ثابت ٿيون.
نون صوبن جي سوال تي پرويز مشرف جي باقيات جو سنجيدهه ٿيڻ ڪنهن معنيٰ کان گهٽ نه آهي. ارڙهين آئيني ترميم پاس ڪرائڻ ۾ پيپلزپارٽي مسلم ليگ نواز ۽ اي اين پي جو بنيادي ڪردار آهي. ڇا اهي قوتون، جيڪي موجود سيٽ اپ مان خوش نه آهن، اهي هن نظام کي فسادن ذريعي ناڪام ڪرڻ گهرن ٿيون ۽ پيپلزپارٽي توڙي مسلم ليگ نواز ۽ اي اين پي کي ٻيهر حڪومت مان بيدخل ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ گهرن ٿيون؟ ڪن تجزئي نگارن جو خيال آهي ته ارڙهين ترميم تي معجزي جهڙي اتفاق راءِ ڪن جمهوريت دشمن حلقن کي قبول نه آهي، تنهن ڪري اهي پارليامينٽ اندر وڌندڙ اتفاق راءِ واري ماحول کي خراب ڪرڻ چاهين ٿيون ۽ موجودهه فساد ۽ بم بکيڙا به ان جي ڪري ئي ڪرايا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ مسلم ليگ نواز کي سنجيدهه، تعميري ۽ پختو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو. پر خبرناهي ته مسلم ليگ نواز پرويز مشرف جي ساٿارين جي مچايل راند ۾ ڪيئن شريڪ ٿي ۽ مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ صديق الفاروق سنڌ سميت ٻين صوبن کي انتظامي صوبن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪيئن ڪئي؟
ٿي سگهي ٿو ته نون صوبن وارو تڪرار، ارڙهين ترميم تي سياسي پارٽين جي مثالي ڪردار جو ردعمل هجي. ٿي سگهي ٿو ته نون صوبن جو تڪرار پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ اي اين پيءَ جي حڪومتن ۽ اتحاد کي گهر موڪلڻ جي ڪوشش هجي. ٿي سگهي ٿو ته نون صوبن جو تڪرار ان کان به وڌيڪ ڪا اهڙي سازش هجي، جيڪا هن ملڪ ۽ ان جي عوام کان بلڪ ملڪ ئي کان ٻاهر سٽي وئي هجي. ڳالهه ڪيئن به هجي بهرحال مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ صديق الفاروق جي سنڌ سميت ٻين صوبن کي انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه تي سنڌ جي عوام ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ پيدا ٿي آهي ۽ مسلم ليگ نواز جي سنڌ اندر مقبوليت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. پاڪستان مسلم ليگ نواز کي پنهنجي هڪ ناسمجهه اڳواڻ جي اهڙي تبصري تي سنڌ جي عوام کان معذرت ڪرڻ گهرجي ۽ صديق الفارق جي لفظن کي پارٽي راءِ کان الڳ ڪرڻ گهرجي.
جيستائين سنڌ کي انتظامي سطح تي ورهائڻ واري ڳالهه جو تعلق آهي ته اها ڳالهه سڀني عامن ۽ خاصن کي سمجهڻ گهرجي ته موجودهه سنڌ هزارين سالن کان ان جاگرافيائي بيهڪ سان قائم آهي ۽ سنڌو درياهه جو سڳو ان جي مختلف پرڳڻن جي مڻين کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو بيٺو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي انتظامي ورهاست ممڪن ئي نه آهي، ان کان پوءِ جڏهن ڪراچي مڇيرن جي هڪ مياڻي هئي، هڪ ننڍڙو بندر هئي ۽ جڏهن ڪراچي مٺي پاڻي نه هئڻ ڪري رهڻ لائق به نه هئي، تڏهن به ڪراچي سنڌ جي ماڻهن توڙي حاڪمن لاءِ اهم هئي. هاڻي ته ڪراچي سون اپائيندڙ شهر آهي، تنهن ڪري ان ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڪير به الڳ نه ٿو ڪري سگهي.
سنڌو درياهه جي وهڪري جي طرف ۽ حساب سان ڪراچي سنڌ جو دماغ ۽ سنڌ جي سري آهي، تنهن ڪري ڪراچيءَ کي سنڌي ماڻهو پنهنجو مٿو، پنهنجو منهن، پنهنجو مهانڊو، پنهنجو نڪ، ڪن ۽ زبان سمجهن ٿا، تنهن ڪري ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مطلب سنڌ جو سرڪٽڻ برابر آهي. ان ڪري ڪو به سنڌي ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار ته ڇا پر سوچي به نٿو سگهي ۽ ڪراچيءَ جي تحفظ لاءِ هو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو.
جيڪڏهن ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪراچي ڪن ٻاهران آيل ماڻهن جو شهر آهي، تنهن ڪري اهو هڪ الڳ وجود آهي تڏهن به اها سندن ڀل آهي، سڄي دنيا جي سامونڊي بندرن وارن شهرن ۾ ٻاهران آيل ماڻهن جو موچارو تعداد هوندو آهي. بمبئي جو شهر ۽ ڪلڪتي جو شهر هندستان جا وڏا سامونڊي بندر آهن ۽ اتي لکن جي تعداد ۾ ٻاهريان ۽ ڌاريان ماڻهو رهن ٿا پر ڇا ٻاهرين آباديءَ سبب مهاراشٽرا جي مرهٽن کان ڪير بمبئي کسي سگهيو آهي يا بنگالين کان ڪنهن ڪلڪتو ڇنيو آهي؟ بمبئي ۾ مرهٽن جي آبادي 42 سيڪڙو آهي ان کان پوءِ گجراتي 19 سيڪڙو آهن پر ڇا مرهٽن کان ڪير بمبئي کي الڳ ڪري سگهي ٿو؟ ڪلڪتي ۾ بنگالين جو تعداد 52 سيڪڙو آهي پر ڇا بنگالي ڪلڪتي جي بنگال کان علحدگي پسند ڪندا؟ ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن درست آدم شماري ڪئي وڃي ۽ ڪراچيءَ جي قديم سنڌي ۽ بلوچ وسندين کي ڳڻيو وڃي ته ڪراچي ۾ سنڌين جو تعداد سڀ کان وڌيڪ ثابت ٿيندو.
جيڪڏهن ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪراچي سنڌ کان ڌار آهي ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ممڪن آهي ته اها سندن نسوري ڀل آهي. ڪراچي، سنڌ جي آباديءَ جي درياهه ۾ هڪ اهڙي ٻيٽاري آهي، جنهن جي چوڌاري سنڌي وسندين جو گهيراءُ آهي ۽ اهو گهيراءُ رڳو ڪراچي شهر جي چوڌاري سنڌ ۽ بلوچستان جي حدن ۾ ئي نه آهي پر اهو سمنڊ جي اندر موجود ٻيٽن جي صورت ۾ پڻ آهي. ڪياماڙي ۽ قاسم بندر کان اندر درجنين ميل دور جيڪي سامونڊي ٻيٽ آهن، اتي اڄ به مائي ڪولاچيءَ جا هزارين پوٽا ۽ پڙپوٽا آباد آهن. تنهن ڪري ڪراچي شهر کي پنهنجي پوري پسگردائي ۽ تاريخي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. آخر ۾ سنڌين جي ٻڌيءَ بابت هڪ ڳالهه وقت جي حڪمرانن ۽ سنڌ کان ٻاهر رهي، سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجي جيڪا هنن شايد هن وقت تائين نه سمجهي آهي. اها هيءَ آهي ته سنڌ جا ماڻهو جيڪي ڀلي هڪ ٻئي خلاف هجن، هڪ ٻئي سان شادين ۽ غمين ۾ اٿندا ويهندا نه هجن. هڪ ٻئي جي مسجدن ۾ گڏ نمازون نه پڙهندا هجن. يعني هڪ ٻئي کان اتر ۽ ڏکڻ جيترا دور به هجن ۽ نالي ۾ مخدوم، پاڳارا، جيلاني، لڪياري، سيد، ٻروچ، مهر، جتوئي، چانڊيا، مگسي، ڀٽا، کهڙا مطلب ته ڪير به هجن پر سنڌ جي بنيادي مفادن ۽ مسئلن تي سڀ گڏ آهن. سنڌ جي ورهاڱي جو سوچيندڙن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ رڳو اها ناهي جيڪا اسيمبلين، بنگلن ۽ شهر جي ٿڌين گاڏين ۽ ۽ روڊن تي نظر اچي ٿي پر ان کان وڌيڪ وسيع ۽ وشال اهڙي سنڌ به آهي جيڪا جبلن، ريگستانن، ٻيلن، ٻهراڙين ۽ اونداهين ۾ سنڌ جي روشن مستقبل جون راهون ڳوليندي زندگي گذاري ٿي. ان کان سواءِ سنڌ اندر هڪ اهڙو روشن خيال، ترقي پسند ۽ اڳتي وڌندڙ وچون طبقو عرف مڊل ڪلاس به پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو نون ڪمن ۽ ڪاروبارن ۾ يا ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن، استادن، اديبن ۽ صحافين ۽ سرڪاري ملازمن جي صورت ۾ نئين سنڌ جوڙي رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ نيون کرڪيون ٻڌندڙ نوجوانن جو اهو وڏو ۽ وسيع حلقو پڻ پيدا ٿي چڪو آهي، جيڪو ڪتابن، ڪمپيوٽرن، اي ميلن ۽ موبائيل فون جي پيغامن ۽ نون نون ٽي وي چينلن ذريعي هڪ نئين ۽ جديد سنڌ جوڙڻ جي جستجو ۾ مصروف آهي. پوءِ اهڙي سنڌ جنهن کي ايترا گهڻا محافظ هجن، ان کي ڪير به ورهائي ڀاڱا ڪري ان تي قبضو ڪري نه ٿو سگهي.
صديون اڳ ڪنهن سنڌي ڏاهي چيو هو ته ”سنڌ گدڙن نه کاڌي آهي.“ پر پنهنجي ان وڏڙي جي هڏڙن اڳيان سيس نوائيندي جيڪڏهن ان تاريخي پهاڪي ۾ تبديلي جي جرئت ڪجي ته حقيقت ته اها آهي سنڌ جي سرزمين ته پاڻ هڪ اهڙو ڪيهر شينهن آهي جنهن عربن، ايرانين، افغانين، مغلن، ارغونن، ترخانن ۽ ابدالين جي نالي ۾ جيڪي به حملي آور شينهن آيا انهن جو ماس چوسي انهن جا هڏا سيوهڻ ۽ مڪليءَ جي مٽيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا ۽ اڄ سنڌ ۾ ارغوني ۽ ترخاني ذات جي نالي ڪوبه ماڻهو نٿو ملي.
اها ڳالهه تاريخ جي تناظر ۾ به ڏسڻ گهرجي ۽ ان کي زميني حقيقتن جي اک سان به پرکڻ گهرجي ته سنڌ جي جاگرافيءَ جي جيڪا تاريخي وحدت آهي ان کي ورهائڻ جي سنڌ جو ڪوبه ماڻهو ڪابه پارٽي، ڪو به مڪتبه فڪراجازت نه ڏيندو. سنڌ جي جاگرافيائي وحدت سان ۽ سنڌ جي تاريخي حدن جي حقيقت سان جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو، پارٽيءَ يا ڌر هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي اهي ڏينهن ڏسڻا پوندا جيڪي شايد هنن جي وهمن، گمانن ۽ امڪانن ۾ به موجود نه هجن.

(22 –اپريل 2010ع تي نشر ٿيل)

متحدا قومي موومينٽ جي خدمت ۾

متحدا جي پارلياماني اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون ٻيڻيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار کان جڏهن وڌيڪ صوبن بابت تفصيل معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن طنزيا انداز ۾ چيو ته هن اها ڳالهه پنجاب لاءِ چئي آهي.
متحدا جا ڪجهه مطالبا گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ جي عوام جي نظرن ۽ نڙين ۾ ڪنڊي وانگي ڦاسندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي قوم پرستن جي گهڻائي ايم ڪيو ايم کي پنهنجي صوبي جي عوام جو مخالف سمجهندي رهي آهي ۽ سنڌ دوست حلقن ۾ اڄ به اهو بحث عام آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي عوام جي سڄڻ آهي يا دشمن آهي؟ جيڪڏهن نه آهي ته ڪيئن نه آهي ۽ جيڪڏهن آهي ته اها ڪيتري آهي؟ ڊاڪٽر فاروق ستار جي ان مطالبي کي ته ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهيا وڃن، اسان شڪ جو فائدو ڏيندي ۽ سندس ڳالهه کي مان ڏيندي، کڻي تسليم ٿا ڪيون ته هن وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه پنجاب لاءِ ڪئي آهي پر سندس مطالبي جو جيڪو ٻيو حصو آهي ته ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون ويهن مان وڌائي چاليهه ڪيون وڃن، ان بابت ڪيترائي سوال اٿن ٿا ته آخرڪار ايم ڪيو ايم کي ڪراچيءَ جون سيٽون ٻيڻيون ڪرائڻ جو خيال ۽ اونو ڪيئن ٿيو آهي ۽ ان جي پٺيان سندن مقصد ۽ منشا ڪهڙي آهي؟
ايم ڪيو ايم جي پراڻي خواهش رهي آهي ته هو پنهنجي مختصر ۽ ٿورڙي تعداد کي ڪهڙيءَ ريت گهڻو ۽ وڏو ڪري؟ ان لاءِ ايم ڪيو ايم جڏهن به ممڪن ٿيو آهي، تڏهن ڪوششون پئي ڪيون آهن. ملڪي تاريخ جي نهايت مڪار حڪمران جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون ٽيهه سيٽون وڌايون ويون هيون، انهن ٽيهن سيٽن جي سنڌ جي ٽي ڪروڙ عوام تي ورهاست هيئن ڪئي وئي ته ڪراچيءَ کان سواءِ باقي سنڌ جي ٻه ڪروڙ عوام لاءِ 16 سيٽون وڌايون ويون ۽ ڪراچيءَ جي هڪ ڪروڙ عوام لاءِ 14 سيٽون ورهايون ويون. اهڙيءَ ريت پرويز مشرف 2002ع جي اسيمبليءَ کان اڳ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جون چار صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون ڪراچيءَ کي ڏئي ڇڏيون.
هينئر جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچيءَ جون سيٽون ٻيڻيون ڪيون وڃن، تڏهن ان جو مطلب هي آهي ته ڪراچيءَ ۾ قومي اسيمبليءَ سان گڏوگڏ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون به وڌنديون ۽ پوءِ ڪراچي جي 42 صوبائي تڪن کي وڌائي 84 ڪيو ويندو ۽ پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي صورتحال ڪجهه هن ريت بيهندي ته ڪراچيءَ جا ميمبر باقي بچيل سڄي سنڌ جي ميمبرن جي برابر هوندا ۽ پوءِ جيڪڏهن صرف ڪراچيءَ جا ميمبر چاهين ته اهي سڄي صوبي تي آسانيءَ سان حڪومت ڪري سگهندا. 2002ع جي چونڊن کان اڳ ۾ سنڌ جي عوام جو مطالبو هو ته ڪراچيءَ کي ڏنل وڌيڪ سيٽون گهٽائي سنڌ جي ٻهراڙين کي ڏنيون وڃن پر پرويز مشرف جي انهن چيلن سنڌي عوام جو اهو مطالبو منظور نه ڪيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ کي سيٽن ۾ وري به اُٽل يا ڪثر رهي، ڏهن سالن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي جي ڪمزور اعصابن واري سرڪار کان ايم ڪيو ايم مطالبو ڪري رهي آهي ته ڪراچيءَ جون سيٽون ٻيڻيون ڪيون وڃن. اسان متحدا جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي سندن ان سوال جو پس منظر ياد ڏيارڻ ضروري سمجهون ٿا ته جنهن لاءِ اسان کي ٿورو تاريخ ۾ جهاتي پائڻ جي ضرورت آهي.
دانشورن ۽ تاريخدانن جو خيال آهي ته هندستان جو ورهاڱو دراصل اقليت طرفان اڪثريت تي حڪومت ڪرڻ جي خواب ٽٽڻ جو نتيجو هو. 1857ع جي آزاديءَ واري جنگ جي ناڪاميءَ کان پوءِ جڏهن هندستان ۾ مغل مسلمانن جي حڪومت جو سج لٿو ۽ سڄي هندستان تي انگريزن جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن کان باغي مسلمانن جو دور ختم ٿيو ۽ سر سيد احمد خان جهڙن انگريز دوست عالمن انگريزن جي تعاون ۽ مهرباني سان هندستان اندر سياست شروع ڪئي. سر سيد احمد خان جو خيال هو ته هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت جي واپسي صرف انگريزن جي تعاون سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. پوءِ اڳتي هلي سر سيد احمد خان اهڙيون تقريرون به ڪيون ۽ تحريرون به لکيون ته هندستان ۾ حڪومت ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ فن هڪ انگريزن کي اچي ٿو ٻيو مسلمانن کي. پر جڏهن انگريزن هندستان ۾ سڌارا آندا ۽ چونڊن جو نظام متعارف ڪرايو تڏهن هندستان تي حڪمراني ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ مسلمانن سوچيو ته چونڊن ذريعي هو ان ڪري هندستان جا حاڪم نه بنجي سگهندا جو هو ٿورائي ۾ آهن. تنهن ڪري اڳتي هلي انهن مسلمانن هندستان اندر هڪ اهڙي ملڪ بنائڻ جو خاڪو تيار ڪيو جنهن ۾ هو پاڻ حاڪم بنجي سگهن، ان کان پوءِ ئي مسلم اڪثريت وارن علائقن تي هڪ نئون ملڪ ٺاهڻ جي خيال کي زور وٺرايو ويو.
اها وري هڪ ٻي تاريخي حقيقت آهي ته مسلم ليگ جا سڀ اهم اڳواڻ انهن علائقن جا هئا، جتي مسلمان ٿورائي ۾ هئا ۽ ٿورائي وارن علائقن مان آيل مسلم ليگ جا اڳواڻ، مسلمانن جي گهڻائي وارن علائقن ۾ وڃي تقريرون ڪندا هئا ته ”مسلمان ڀائرو اچو ته گڏجي هڪ نئون ملڪ ٺاهيون.“ اهڙي ريت ان وقت جي جذباتي حالتن سبب نئون ملڪ يعني پاڪستان ته ٺهي ويو پر ان نئين ملڪ جا مسلم ليگي اڳواڻ هندو اڪثريتي وارن علائقن مان لڏي آيل هئا. تنهن ڪري نئين ملڪ پاڪستان جي اڳواڻن جي گهڻائي هندستان جي هندو اڪثريت وارن علائقن مان لڏي اچي پاڪستان جي حڪمران بني. تنهن ڪري اها حقيقت آهي ته هندستان جو ورهاڱو انهن ماڻهن ڪرايو جيڪي سڄي هندستان تي حڪومت ڪرڻ جا تمنائي هئا ۽ جڏهن سندن اها تمنا گڏيل هندستان ۾ پوري نه ٿي ته هنن حڪومت ڪرڻ لاءِ محڪومن جو هڪ نئون علائقو ڳوليو، جنهنجو نالو پاڪستان رکيو ويو. پر پاڪستان ڪيئن ٺهيو ان جا به تاريخي سبب آهن. يارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ محمود غزنوي هندستان تي حملو ڪيو. جنهن کان پوءِ محمود جا پٽ ۽ پوٽا، مسعود غزنوي ۽ مودود غزنوي هندستان ۾ رهيا. غزنوين کان پوءِ غورين هندستان فتح ڪيو. جنهن کان پوءِ تغلقن، لوڌين ۽ مغلن هندستان تي حڪومتون جوڙيون. اهڙي ريت افغانستان ۽ وچ ايشيا مان ايندڙ مسلمانن اٺ سؤ سالن کان وڌيڪ عرصو هندستان تي حڪومت ڪئي ۽ جڏهن محمد شاهه رنگيلي ۽ بهادر شاهه ظفر جي وقت ۾ مغلن جو اقتدار ڪمزور ٿيو ته هندستان جي مسلمان اڪابرن نادر شاهه ايراني ۽ احمد شاهه ابداليءَ کي خط لکي هندستان تي حملي ڪرڻ جون دعوتون ڏنيون.
اها مسلمان اشرافيا يا بيورو ڪريسي جنهن غزنوين، غورين، تغلقن، لوڌين ۽ مغلن جي درٻار ۾ اٺ سؤ سال حڪومت ڪئي هئي، ان انگريز سرڪار کان به ساڳيو مطالبو ڪيو هو ته هندستان جي حڪومت مسلمانن کان کسي وئي هئي، تنهن ڪري اها مسلمانن کي ئي موٽائي ڏني وڃي پر انگريزن اهو چئي انڪار ڪيو ته هندستان جي حڪومت هندستان جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪئي ويندي. ان کان پوءِ ان اشرافيا هڪ نئون ملڪ پاڪستان ٺاهيو، جنهن تي اچي هنن حڪمراني ڪئي.
نئين ملڪ پاڪستان ۾ ان مسلم اشرافيا جي گهڻائي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿي ۽ پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ ملڪ ۽ حڪومت جون واڳون ان اشرافيا جي هٿ ۾ ئي رهيون. پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جيئن جيئن پنجابي، پٺاڻ ۽ سنڌي حاڪمن جي صفن ۾ شامل ٿيڻ لڳا ته هندستان مان لڏي آيل اشرافيا جو اقتدار ۾ حصو گهٽجڻ لڳو. پوءِ ان اشرافيا پاڪستان ۾ به اهوئي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو هن مُني صدي اڳ گڏيل هندستان ۾ ڪيو هو.
جنرل ضياءَ جي حڪومت کان پوءِ جڏهن کان متحدا وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان سنڌ اندر هڪ الڳ صوبي جي ڳالهه به شروع ٿي آهي ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ ته اها به ڪوشش ڪئي ويئي ته سنڌ جو اقتدار اعليٰ ۽ سنڌ جا وسيلا متحدا جي حوالي ڪيا وڃن. شهري حڪومتن جي نالي ۾ ڪراچي جا پنج ضلعا گڏائي هڪ ضلعو بنايو ويو ۽ حيدرآباد، ميرپور خاص، نواب شاهه ۽ سکر جي ضلعن ۽ تعلقن کي اهڙي ريت ٽوڙيو ويو ته جيئن اتي متحدا جا ضلعي ۽ تعلقي ناظم چونڊرائي سگهجن، ايم ڪيو ايم جي سربراهيءَ ۾ هلندڙ ڪراچيءَ جي شهري سرڪار اهو مطالبو ڪندي رهي آهي ته ڪراچيءَ جا سڀ وسيلا ۽ اختيار سنڌ حڪومت کان کسي سندس حوالي ڪيا وڃن. هاڻي وري ڊاڪٽر فاروق ستار مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچيءَ جون سيٽون وڌائي ٻيڻيون ڪيون وڃن. آخرڪار ائين ڇو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ کي باقي سنڌ کان الڳ رکڻ ٿي چاهي؟ آخر ائين ڇو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن تي حڪمرانيءَ جا اهي خواب ٿي ڏسي، جهڙا خواب، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي ابن ڏاڏن گڏيل هندستان تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڏٺا هئا. ان موقعي تي اسين ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي ڪجهه گذارشون ڪرڻ چاهيون ٿا:
ته سنڌ جي عوام پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ نيڻ وڇائي ۽ مرڪون ونڊي سنڌ اندر اوهان جو استقبال ڪيو هو ۽ پنهنجا گهر ۽ در کولي توهان کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون ۽ توهان کي پنهنجو گهر تڙ ٺاهڻ تائين مانيون پچائي کارايون هيون. سنڌ جي عوام ائين سوچيو هو ته توهان ۽ هو گڏجي هن نئين ملڪ جي تعمير ڪندا ۽ ان ۾ گڏجي ترقي ڪندا ۽ ڀائرن وانگي گڏ رهندا. اڄ سٺ سال گذري وڃڻ کانپوءِ به سنڌ جي عوام جي وڏي اڪثريت ائين چاهي ٿي ته سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ڀائر پيار ۽ محبت سان گڏجي رهن. ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو آئيندو سنڌ جي سرزمين سان ئي سلهاڙيل آهي. سنڌ جي عوام جي گهڻائي اڄ به اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿي ۽ انهن سان ڪنهن به اختلاف، ويڙهه يا دشمني کي سنڌ جي عظيم ۽ وسيع تر مفاد خلاف سمجهي ٿي. پر گڏوگڏ سنڌين جي تمام وڏي اڪثريت کي ايم ڪيو ايم جي انهن پاليسين تي سخت اعتراض ۽ خدشا آهن، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي ووٽرن کي سنڌين کان الڳ ڪري رکي ٿي يا پنهنجي اثر وارن علائقن کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته پرويز مشرف جهڙي آمر جي ڳٺ جوڙ ۽ تڪن جي گهٽ وڌائيءَ سان سنڌي جي آبادي جو توازن نه ٿو بگاڙي سگهجي ۽ سنڌين کي ٿورائي ۾ بدلائي نه ٿو سگهجي.
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ رڳو اها نه آهي، جيڪا انگريزن، روينيو جي ڍل اوڳاڙڻ لاءِ اوٻاوڙي، جيڪب آباد، ڪراچي ۽ بدين جي ڪورو ڦاٽ تائين نقشي ۾ ڄاڻائي هئي. اڄ جيڪا نقشي واري سنڌ سڏجي ٿي، ان کان سواءِ به سنڌ جون حدون هندستان، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبي تائين پکڙيل آهن، تنهن ڪري سنڌ کي ايترو ننڍڙو ۽ ايترو سولو نه سمجهڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ تي ايرانين، يونانين، عربن، افغانين، ارغونن، ترخانن مغلن توڙي منگولن مختلف دورن ۾ حملا به ڪيا، حڪومتون به ڪيون پر سنڌ جي سرزمين ۽ ان جي سمونڊ پنهنجي لڙاٽيل پاڻي ۽ کاري لوڻ ۾ انهن سمورن کي ڳاري هضم ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري اها سرزمين جيڪا چئني ڏسائن کان ايندڙ حملي آور هضم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان کي ڪير به ڪنهن حاڪماڻي ٽل يا ٽِرڪ (اٽڪل) ذريعي هضم نه ٿو ڪري سگهي. ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ رهندڙ بنگالين کي ووٽ ۽ مستقل رهائش جو حق وٺي ڏيڻ لاءِ به ڪوشان آهي پر ڏهه لک بنگالي به هن قديم قوم جي سڃاڻپ ختم نه ڪري سگهندا. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ کي ڪڏهن به سنڌ کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته نه رڳو ڪراچي جي اندر لکين سنڌي رهن ٿا پر ڪراچيءَ کي چوڌاري سنڌي ڳوٺن ۽ آبادين ۽ ٻيٽن تي قائم وسندين جو ڪڙو چڙهيل آهي. تنهن ڪري شهر جهڙو اهو ٻيٽ، جنهن جي چوڌاري سنڌي پاڻيءَ وانگي وڪوڙيل هجن، اهو ٻيٽ به پاڻي وارن ماڻهن جوئي هوندو ۽ سڀ کان آخر ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي سنڌين جي ٻڌيءَ جي اها ڳالهه ۽ ڳوٽ به سمجهڻ گهرجي جيڪا هن وقت تائين شايد ئي ڪنهن سمجهي هجي. اها ڳالهه هي آهي ته سنڌ جا ماڻهو، جيڪي ڀلي هڪ ٻئي جا مخالف هجن، هڪ ٻئي سان هٿ نه ملائيندا هجن، هڪ ٻئي جي شادين ۽ غمين ۾ شريڪ نه ٿيندا هجن، هڪ ٻئي جي مسجدن ۾ نمازون نه پڙهندا هجن ۽ هڪ ٻئي جا منهن ڏسڻ لاءِ به تيار نه هجن ۽ نالي ۾ اهي ارباب هجن، مهر هجن، مخدوم هجن، پاڳارا هجن، ڀٽا هجن، کهڙا هجن، جتوئي هجن، شاهه هجن، چانڊيا هجن، مگسي هجن مطلب ته هو ڀلي هڪ ٻئي کان زمين آسمان جيترا پري محسوس ٿيندا هجن پر سنڌ جي بنيادي مسئلن تي سدائين گڏ هوندا. هو ڪڏهن به سنڌ جي ورهاڱي کي قبول نه ڪندا. هو ڪڏهن به سنڌ تي اقليت جي حڪومت قائم ٿيڻ نه ڏيندا ۽ هو ڪڏهن به سنڌ کي پنهنجي هٿن مان ويندو ڏسندي قبول نه ڪندا.
پر ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ رڳو اها ناهي جيڪا اسيمبلين، اخبارن، ٽي وي اسڪرينن، گاڏين ۽ بنگلن ۽ روڊن تي نظر اچي ٿي پر هڪ وڏي وشال ۽ ناقابل فتح سنڌ، ٻيلن، ٻهراڙين، جبلن ۽ ريگستانن ۾ راتين جو رڙهندي به گذاري ٿي ۽ لکين ماڻهن جي مڊل ڪلاس تي ٻڌل اها سنڌ به قائم ٿي چڪي آهي جيڪا اسڪولن، ڪاليجن، ڪورٽن، يونيورسٽين، دفترن، ڪاروبارن ڪتابن، ڪمپيوٽرن، ٽي وي ۽ موبائيل فون جي پيغامن ذريعي هڪ نئين خوشحال ۽ روشن خيال سنڌ ڳولڻ جي جستجو ۾ رات ڏينهن رڌل آهي. اها سنڌ جنهن کي ايترا ۽ مختلف قسمن جا محافظ ميسر هجن، ان کي تڪن جي گهٽ وڌائي ۽ پاليسين جي ٽڪ ساٽ سان کائي هضم نه ٿو ڪري سگهجي.
اسان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي دعوت ٿا ڏيون ته اسين اڄ وري سٺ سالن کان پوءِ اوهان کي اهوئي پيار ۽ محبت ٿا آڇيون، جيڪو اسان جي وڏڙن توهان جي وڏڙن کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ اندر اچڻ تي آڇيو هو. ”اچو ته ڀائر ٿي رهون، اچو ته سنڌ کي گڏجي ترقي وٺرايون، اچو ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ بجاءِ ان کي جوڙيون، ان جي حدن ۽ تاريخي نشانين جو احترام ڪيون. اچو ته ان جو لوڻ ملهايون.“ ائين نه ٿئي ته سنڌ جي لوڻ سان وڙهندي اسان پاڻ لوڻ ٿي وڃون.
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ دانشورن کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ سترهين صديءَ جي آمريڪا نه آهي جنهن کي پهريائين يورپين ۽ پوءِ آفريڪين ۽ ايشيائين يعني ٻاهران آيلن قبضي ۾ ڪري ورتو هو ۽ کين اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ڪي ريڊ انڊين جهڙا اٻوجهه ۽ عقل کان وانجهيل ماڻهو نه آهن جن کي ايتري تيزيءَ سان مات ڪري سگهجي.

(جنوري 2012ع ۾ نشر ٿيل)

اچو ته پنهنجي عوام دوستيءَ جي دعوا کي درست ڪريون

سنڌ جي انتظامي ورهاڱي واري فيصلي کان پوءِ سنڌ جي گهڻ گهرن جي سڏ تي پ پ سرڪار جي فيصلي خلاف 13 آگسٽ 2011ع تي جيڪا تاريخي هڙتال ٿي، ان هڙتال حڪمران حلقن جون اکيون کولي ڇڏيون آهن ۽ حاڪمن ڏانهن اهو پيغام پڻ موڪليو آهي ته ستل شينهن جهڙو سنڌي عوام جيڪڏهن ڪر موڙي ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
سنڌي عوام جي اها ڪاميابي پنهنجي جاءِ تي پر ان ڪاميابيءَ تي سنڌ ۾ طرحين طرحين ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ سنڌ جي قوم پرستن، گهڻ گهرن، ليکڪن، صحافين ۽ اديبن کان ويندي ميڊيائي ادارن تائين سڀڪو ائين چوڻ ۽ ڳڻائڻ ۾ مصروف آهي ته اها هڙتال هنن ئي ڪامياب ڪرائي. جيتوڻيڪ پ پ سرڪار جي فيصلي خلاف سنڌ اندر اها پهرين هڙتال هئي جيڪا مڪمل طرح ڪامياب به ٿي ۽ عوام پهريون ڀيرو پ پ جي پارٽي توڙي سرڪار ڏانهن اهو پيغام موڪليو ته جيڪڏهن سنڌي عوام جي مفادن خلاف پ سرڪار ڪوبه فيصلو ڪيو ته سنڌ جو عوام پ پ کان به پڇاڻو ڪندو ۽ کيس ڪا سزا ڏيڻ لاءِ به سوچيندو پر ان سان گڏوگڏ اها به اڻ وسرندڙ حقيقت آهي ته 13 آگسٽ واري هڙتال ان ڪري ڪامياب ٿي جو سنڌ جا سڀئي گهڻ گهرا ۽ سنڌ جو عوام سنڌ جي انتظامي ورهاڱي خلاف متحد هئا ۽ سنڌ جو عوام ان فيصلي جي ڪري پ پ سرڪار تي ڪاوڙيل هو، تنهن ڪري 13 آگسٽ جي هڙتال جي ڪاميابي پ پ سرڪار جي غلط فيصلي ۽ سنڌي عوام توڙي سنڌ جي گهڻ گهرن جي گڏ ٿيڻ واري درست فيصلي سبب ممڪن ٿي.
جيڪڏهن ان هڙتال جي ڪاميابيءَ کي ڪا هڪ ڌر، ڪا هڪ پارٽي، ڪو هڪڙو شخص يا ادارو پنهنجي مقبوليت ۽ ڪاميابي قرار ڏئي ٿو ته هو سنڌي عوام جي اجتماعي شعور ۽ گڏيل محنت کي چورائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سٺ واري ڏهاڪي کان شروع ٿيل سنڌ جي گهڻ گهرن يعني سنڌ جي قوم پرست توڙي کاٻي ڌر جي هلچل جي اٽڪل پنجاهه سالن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سنڌ جي ماڻهن، سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ قوم پرستن کي ڪا ڀرپور ۽ اجتماعي موٽ ڏني آهي. تنهن ڪري تاريخ جي هن اهم موڙ تي جڏهن سنڌي عوام به ڪر موڙي ٻئي پاسي ڏسڻ شروع ڪيو آهي تڏهن درست نموني سوچڻ، صحيح تجزيا ۽ فيصلا ڪرڻ ۽ سنڀالي پير کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پنهنجي ماضيءَ جي سڀني غلطين ۽ ڪوتاهين کي نه صرف درست ڪرڻ جي ضرورت آهي پر انهن غلطين ۽ ڪوتاهين لاءِ پنهنجي عوام کان معافيون تلافي وٺي، ايندڙ وقت ۾ اهڙيون غلطيون نه ڪرڻ جي وچن ۽ اقرار ڪرڻ جي به ضرورت آهي. اهو ان لاءِ به ضروري آهي ته جيئن عوام جي دلين ۽ تاريخ جي صفحن ۾ اها ڳالهه محسوس ۽ محفوظ ڪرائي وڃي ته اسان مان جيڪڏهن ڪنهن، ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪي غلطيون ڪيون به آهن ته اسان کي پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين جو احساس ۽ اعتراف آهي. هونئن به سياڻا چوندا آهن ته غلطيءَ جو اعتراف ئي ايندڙ وقت جي اعتماد ۽ سچائي جي تعلق جي ضمانت هوندو آهي.
سنڌ جي گهڻ گهرن جي گلدستي مان جيڪڏهن ڪا ڌر اُهو سمجهي ٿي ته سنڌ جي ماڻهن پ پ خلاف هڙتال ڪري کين پ پ حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ کين 1990، 1997 ۽ 2002 وانگي سنڌ اندر اقليتي گروهن ۽ لوٽن جو راڄ قائم ڪرڻ جوا ختيار ڏنو آهي ته اها به سندن غلط فهمي آهي. 13 آگسٽ جي هڙتال پ پ خلاف احتجاج ضرور آهي پر اها هڙتال پ پ حڪومت کي ختم ڪري سنڌ ۾ اقليتي گروهن جي گڏيل اقليت کي اڪثريت مٿان مڙهڻ جو مينڊيٽ هرگز نه آهي. تنهن ڪري ٻنهي ڳالهين ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. سنڌ جون ڪي سياسي ڌريون جيڪي ڪراچيءَ جي دهشتگرديءَ تي خاموش رهي، ڄڻ دهشتگردن جي حمايت ڪري رهيون آهن، ۽ اهي جيڪي ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن، چڪرا ڳوٺ ۽ بلاول ڳوٺ وغيرهه تي ٿيل حملن جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ اتان جي سنڌين جي صرف ان ڪري مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته متان ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ پ پ مخالف حڪومت ٺاهڻ لاءِ کين ڪراچي مان گهربل اسيمبلي ميمبرن جا ووٽ حاصل نه ٿين. اهڙي موقعي پرستيءَ کي به سنڌ جو عوام معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
سنڌ جي عوام جنرل ضياءُالحق جي ان ريفرنڊم کي به رد ڪيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ”جيڪڏهن توهان ملڪ ۾ اسلامي نفاذ چاهيو ٿا ته ضياءُالحق کي ووٽ ڏيو.“ بلڪل اهڙيءَ ريت سنڌ جو عوام سنڌ جي يونٽيءَ جي نالي ۾، پ پ سرڪار کي هٽائي مارشلائي دورن ۾ ”مشرف به اقتدار“ ٿيل پارٽي جي اقليتي راڄ ۽ ٽڪ ساٽ کي به قبول نه ڪندو. سنڌ جو عوام اهڙي موقعي پرستيءَ کي به رد ڪري ٿو جنهن ۾ هڪ طرف سنڌ بچائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ٻئي طرف ڪراچي جي قديم سنڌي ڳوٺن کي ننڌڻڪائي ۾ ڇڏيو وڃي ۽ هنن جي مالڪي ۽ وارثي نه ڪري ڄڻ هنن کي هٿ سان تباهه ڪيو وڃي.
سنڌ جو عوام سنڌ جي گهڻن گهرن کان محب وطنيءَ تي ٻڌل قوم پرستيءَ جي اميد ڪري ٿو.سنڌ جو عوام اهڙي قوم پرستيءَ جي سياست کي به رد ڪري ٿو جنهن ۾ نالو ۽ نعرو ته قوم پرستيءَ جو هجي پر ان سياست جا فيصلا ذاتي ۽ اقتداري مفادن لاءِ هجن ۽ ان سياست جا اتحاد مارشلائي قوتن، آمريت جي اتحادين ۽ سنڌي عوام جي دشمنن سان هجن. سنڌ جي عوام طرفان، سنڌ جي گهڻن گهرن ۽ قوم پرستن، اديبن ۽ صحافين کي 13 آگسٽ تي ڏنل موٽ تاريخي آهي. تنهن ڪري اسان سڀني کي ايندڙ وقت جي للڪارن کي درست نموني منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ماضي جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي به درست ڪرڻ ضروري آهي. ايوبي مارشلا ۾ ون يونٽ خلاف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڄام ساقي، يوسف لغاري، يوسف ٽالپر کان وٺي سنڌ جي هزارين، اديبن، ليکڪن، شاعرن، دانشورن ۽ سياسي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن بي بها قربانيون ڏنيون، هنن نيٺ پنهنجي لڳاتار محنتن ۽ قربانين سان ون يونٽ جو قهري ڪوٽ به ڪيرائي وڌو. پر ان وقت به ڪي اهڙا اديب، صحافي، سياستدان ۽ ڪامورا هئا جن ابن الوقتيءَ جو مظاهرو ڪندي وقت جي حاڪمن جو ساٿ ڏئي سنڌ جي ۽ ان جي عوام سان غداريون ڪيون. ان وقت جي آمرن جون دلاليون ڪيون، ۽ وقت جي حاڪمن سان گڏجي هڪ طرف پنهنجي لاءِ ذاتي ۽ مالي مفاد حاصل ڪيا ته ٻئي طرف سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ حقيقي عوامي نمائندن کي جيلن، ڪيسن ۽ اذيتن پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ وطن سان ٿيل ويساهه گهاتين ۾ ڪا به وٿي نه وڌي. سنڌ جي عوام سان ماضيءَ ۾ ويساهه گهاتيون ۽ غداريون ڪرڻ وارن جي اڪثريت جيتوڻيڪ هاڻي مري کپي وئي آهي پر انهن جي عوام دشمن عملن جي تاريخ ۽ نشان اڃا زندهه آهن.سنڌ سان غداريون ۽ ويساهه گهاتيون ڪندڙ انهن سياستدانن، اديبن، صحافين ۽ ڪامورن جي پونئيرن کي هاڻي پنهنجي وڏن جي ويساهه گهاتين تي عوام کان معافي جو طلبگار ٿيڻ گهرجي.
نه رڳو ايترو پر اهي صحافي، اديب ۽ ڪامورا جيڪي مٿي تي پوڙهائپ جي پشم هڻي، عمر درازي کي ئي عظمت جي علامت سمجهيو ٿا وتن، انهن کي به پنهنجي دور ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ لکيل ايڊيٽوريلن، ايوب خان جي آمريت جي آنڪي ڀرڻ، فيلڊ مارشل جي مقابلي ۾ فاطمه جناح کي ڌانڌلي سان ڪيرائڻ يا جي ايم سيد کي ڌانڌلي ذريعي شڪست ڏيارڻ تي به سنڌ جي عوام ۽ تاريخ جي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ معافي وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن سياستدانن، اديبن، صحافين ۽ ڪامورن جا اهي وڏا هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن ۽ هاڻي سندن ڪو به پونئير يا وارث نه بچيو آهي ته سندن عزيزن، ويجهن دوستن يا شاگردن کي تاريخ جي رڪارڊ کي درست ڪرڻ لاءِ عوام اڳيان انهن جي معافين ۽ معذرتن جون اهي درخواستون داخل ڪرڻ گهرجن.
جيڪڏهن 1992ع ۾ وقت جو پو پ 360 سال اڳ، ان وقت جي پو پ طرفان عظيم سائنسدان گليلو کي ڏياريل سزا تي معافي وٺي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن 29 سالن کان پوءِ ترڪي جي چونڊيل وزيراعظم عدنان ميندريس کي فوجي جنتا طرف ڏنل ڦاسيءَ جي سزا تي ترڪيءَ جي پارليامينٽ معافي وٺي سگهي ٿي ته پوءِ معافين جو اهو سلسلو سنڌ ۾ ڇو شروع نه ٿو ٿي سگهي؟
اهي سياستدان، اديب، ڪامورا ۽ صحافي جن جن مارشلائي آقائن جون خدمتون ۽ نوڪريون ڪيون، جيڪي جيڪي انهن آمرن جا وفادار رهيا، انهن کي پنهنجي پنهنجي طرفان پنهنجي عوام سان ڪيل غلطين ۽ غدارين لاءِ عوام کان معافي وٺڻ گهرجي. ارجنٽينا کان آمريڪا تائين ۽ سريلنڪا کان آفريڪا تائين دنيا جي ويهن ملڪن ۾ هن وقت تائين سچ ۽ سرچاءَ واريون ٽرٿ ڪميشن (Truth Commissions) ٺهي چڪيون آهن، جيڪي انساني حقن، گهرو جنگين ۽ نسلي فسادن جون حقيقتون ۽ انهن جا جوابدار ڳولڻ جو ڪم ڪنديون رهيون آهن. جيڪڏهن دنيا ۾ اهي ڪميشنون ٺهيون آهن ۽ ٺهنديون رهيون آهن ته ڇا سنڌ ۾ اعتراف ۽ معافي تلافيءَ وارو اهو سلسلو شروع نه ٿو ٿي سگهي؟
سنڌ جا اهي سڀ گهڻ گهرا جيڪي عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي پنهنجي پنهنجي ذات جي عشق، مفاد ۽ ايجنڊا مان مٿي نڪرڻو پوندو ۽ عوام جي مفاد کي سڀ کان اول رکڻو پوندو. اهي ڌريون، پارٽيون، فرد ۽ ادارا جيڪي عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ايڪيهين صديءَ جي سنڌ ٻڌن ليکن ۽ ابن ڏاڏن جي رشتن ۽ وارثن مان نڪري رهي آهي ۽ هاڻي ماڻهو ڳالهه ڳالهه جو ليکو چاهين ٿا ۽ هر هڪ اشوءَ تي هر ڌر جو موقف ڄاڻڻ چاهين ٿا. سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ عوام جو ڀلو چاهيندڙن کي اها ڳالهه به سمجهڻي پوندي ته هڪ هڙتال جي ڪاميابي مڪمل ڪاميابي نه آهي، تنهن ڪري عوام جي دلين کٽڻ لاءِ سدائين سچا، کرا ۽ همٿ وارا قدم کڻڻا پوندا. عوام جو ڀلو چاهيندڙن کي اها ڳالهه به سمجهڻي پوندي ته سنڌ جو عوام جهڙيءَ طرح پنهنجا سڄڻ ۽ دشمن سڃاڻي ٿو، سنڌ جي گهڻ گهرن کي به سڄڻن ۽ دشمنن بابت واضح ۽ کرو ٿيڻو پوندو. اهي ماڻهو جيڪي مڱڻهارڪي ٻار وانگي هر ڪنهن جي ڪاڄ ۾ نچڻ لاءِ آتا آهن ۽ هو ساڌن سان به سنمک ۽ پينچن سان به پورا آهن، انهن کي سنڌي پهاڪو چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته سنڌي عوام ڀلي چريو کريو نظر اچي پر هو پنهنجا يار چڱي طرح سڃاڻي ٿو.

(سيپٽمبر 2011 ع ۾ نشر ٿيل )

پيپلزپارٽيءَ طرفان اهليت تي ملندڙ روزگار

سنڌ جي اطلاعات واري صلاحڪار جميل سومري چيو آهي ته سنڌ حڪومت بيروزگار نوجوانن کي اهليت جي بنياد تي نوڪريون ڏئي رهي آهي ۽ هن وقت تائين صوبي ۾ چاليهه هزار بيروزگارن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون ويون آهن.
خبرناهي ته جميل سومرو صاحب سنڌ ۾ ”اهليت“ جي بنياد تي 40 هزار نوڪرين ملڻ واري ڳالهه ڪيئن ۽ ڪٿان جي پيو ڪري؟ اها سنڌ، جنهن ۾ اسين رهون ٿا ۽ اها ميرٽ يا اهليت جنهنجي صلاحڪار صاحب ڳالهه ڪري ٿو، ان سنڌ ۾ گذريل ٻن سالن دوران پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار ڪنهن به بيروزگار کي اهليت جي بنياد تي ڪابه نوڪري نه ڏني آهي. سواءِ صوبائي ۽ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي، جيڪي نوڪريون هر دور ۾ ملنديون رهنديون آهن. ها ائين ضرور آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت نوڪريون ڏنيون آهن، جن جو تعداد هزارن ۾ ٿي سگهي ٿو، بلڪ ائين به ممڪن آهي ته اهو تعداد 40 هزار ئي هجي، جنهن جي جميل سومرو صاحب ڳالهه ڪري ٿو، پر اهي سڀ نوڪريون ميرٽ جي اگهاڙي لتاڙ ڪندي پيپلزپارٽيءَ جي وڏيرن ۽ عهديدارن جي اوطاقن۽ پارٽي دفترن تي ورهايون ويون آهن. سنڌ ۾ ڪنهن به کاتي ۾ نوڪرين لاءِ انٽرويو نه ٿيا آهن پر جيڪڏهن ڪٿي نالي ماتر ٿيا به آهن ته اتي ميرٽ کي ابتو ٽنگيو ويو آهي ۽ نوڪريون انٽرويو ۾ ويهندڙن بجاءِ انهن کي ڏنيون ويون آهن، جيڪي انٽرويو ۾ ته شريڪ نه ٿيا هئا، پر انهن درخواستون ئي نه ڏنيون هيون.
“منزل انہیں ملی جو شریکِ سفر نہ تھے”
اها ڳالهه سنڌ جو هر ماڻهو ڄاڻي ٿو. خاص ڪري سنڌ جا اهي لکين بيروزگار جيڪي ويچارا بي پهچ آهن، وڏيرن جا ڳيجهو ۽ چمچا نه آهن، جيڪي وڏيرن جي اوطاقن ۽ آفيسن بجاءِ پنهنجي گهرن ۽ لائبريرن ۾ ويهي پڙهن ٿا، محنت ۽ مٿي ماري ڪن ٿا، اهليت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ جي ولوڙ ۽ جاکوڙ ڪن ٿا، پنهنجي ضمير، پنهنجي انا ۽ پنهنجي خودي کي بلند رکڻ جي تمنا ڪن ٿا ۽ پنهنجي ضمير جو سودو نه ٿا ڪن، انهن لکين نوجوانن کي اها خبر آهي ته شهيدن جي يتيم بڻيل پارٽي ۽ عوامي سڏائيندڙ سرڪار هن ڀيري عوام سان ۽ عام ماڻهوءَ سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي ۽ خاص ڪري ميرٽ جي ڪهڙي ڪهڙي ۽ ڪيتري لتاڙ ڪئي آهي؟
سنڌ جي لکين بيروزگارن اهي شڪايتون ڪيون آهن ته پ پ سرڪار جي وزيرن ۽ نمائندن، پنهنجي خاص چمچن ۽ لاٺڙين کي پنهنجي اوطاقن تي گهرائي، نوڪرين جا خالي آرڊر ڏنا ۽ اهو اختيار به انهن چمچن کي ڏنو ته هو جنهن جو به چاهين، ان آرڊر ۾ نالو لکي، ان کي نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ موڪلي ڇڏين. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ گهڻيون نوڪريون، انهن ماڻهن کي مليون آهن جن نوڪرين لاءِ درخواستون ئي نه ڏنين هيون. ان کان پوءِ سوال اچي ٿو وڏيرن ۽ پ پ عهديدارن ۾ نوڪرين ورهائڻ جي طريقي جو. سڄي سنڌ ۾ جيڪي به نوڪريون ورهايون ويون آهن انهن ۾ ته پ پ وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن هڪ ٻئي سان به ميرٽ نه ڪيو آهي، جنهن جو مثال هي آهي ته ڏٻرا وزير ۽ نڌڻڪا ايم پي اي اهي دانهون ڪندا ٿا وتن ته سائين فلاڻي وزير کي ٻه درجن آرڊر مليا، فلاڻي ايم پي اي کي هڪ درجن آرڊر مليا مون کي وري اڌ درجن به وڏين منٿن سان ڏنا ويا آهن. پيپلزپارٽيءَ جي صوبائي سرڪار پنهنجي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ۾ به نوڪرين جي ورهاست ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جي بنياد تي ڪئي آهي. طاقتور وزيرن پنهنجا تڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سوين نوڪريون ورهايون آهن پر ڪمزور وزيرن کي وري خيرات جيترو اولڙ ۽ بچيل مال مليو آهي. سٺيون ۽ سڻڀيون ۽ رشوت جي چاش ۾ ٻوڙيل نوڪريون سگهارا وزير کڻي ويا آهن ۽ سڪي پگهار واريون اڻڀيون نوڪريون وري يتيم ۽ ڪوٽائي (ڪوٽا جي مقرر ٿيل) وزيرن کي مليون آهن. اهي دانهون ڪيترائي وزير ۽ ميمبر اڄ به ڪندا ٿا وتن. ان کان پوءِ سوال اچي ٿو نوڪريون هيٺين سطح تي يعني اميدوارن ۾ ورهائڻ جو.
سنڌ ۾ پ پ عهديدارن ۽ ميمبرن پنهنجي تڪن ۾ جيڪي نوڪريون ورهايون آهن، انهن ۾ به ميرٽ جو ڪو خيال نه رکيو ويو آهي. وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن، ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ بجاءِ ننڍن وڏيرن، ڳوٺن جي چڱن مڙسن ۽ پولنگن جو خرچ ڀريندڙن ۽ پولنگ کٽي ڏيندڙن جي هٿ ۾ خالي آرڊر ڏئي اهو اختيار کين ڏنو آهي ته هو جنهن کي به چاهين ان اميدوار جو خالي آرڊر ۾ نالو ڀري، ان کي نوڪري ڏين.
نوشهروفيروز ۾ هڪ صوبائي وزير ميرٽ جي جنازي ڪڍڻ جو ايوارڊ کٽڻ جهڙو مثال قائم ڪندي هڪ گهر ۾ ڇهه نوڪريون ڏنيون آهن جن ۾ چار سڳا ڀائر شامل آهن. هاڻي هڪ طرف چئن ڀائرن کي بنا انٽرويو جي هڪ ئي وقت گهر ويٺي چار نوڪريون مليون آهن، ٻئي طرف ديهن جون ديهون ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ اهڙا آهن جنهن جي ڪنهن به اهل نوجوان کي روزگار نه مليو آهي.
نوشهروفيروز مان چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ پراڻي پارليامينيٽرين سيد ظفر علي شاهه سنڌ ۾ شايد سڀ کان اڳ ۾ اهو رواج وڌو هو ته جڏهن به کيس ڪا نوڪري ملندي هئي ته هو پنهنجي اوطاق تي اهل اميدوارن کي گهرائي سندن امتحان وٺندو هو ۽ پوءِ جيڪو اميدوار اهل ثابت ٿيندو هو ان کي نوڪري ڏياريندو هو. پر هاڻي ان گهراڻي اندر ئي ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي ۽ علائقي جي بيروزگار نوجوانن ايم پي اي احمد علي شاهه جي خلاف ڪيترا ڀيرا احتجاج ڪيا آهن ته هو ميرٽ جي لتاڙ ڪندي، من پسند ماڻهن کي گهر ويٺي نوڪريون ڏياري رهيو آهي. ياد رهي ته احمد علي شاهه اڳ ۾ ذڪر ڪيل ايم اين اي ظفر علي شاهه جو ڀاءُ آهي.
بينظير ڀٽو يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام جو به ساڳيو حال آهي پ پ وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ عهديدار ان پروگرام جي چونڊ به ميرٽ بجاءِ پنهنجي مرضيءَ تي ڪري رهيا آهن. پروگرام جي اندرين ذريعن موجب گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سيڪڙو اميدوار اهڙا آهن، جيڪي صرف وظيفو وٺندا آهن ڪيترن وزيرن جا ڊرائيور، بورچي، نوڪر، مئنيجر ۽ انهن جا پٽ، سالا، نياڻا، ڀيڻويا يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام جي وظيفن تي پلجي رهيا آهن.
ساڳيو حال بينظير وومين انڪم سپورٽ پروگرام جو آهي. شهيد راڻي جي نالي تي قائم انهن پروگرامن ۾ بدعنواني ۽ بدنظمي به چوٽيءَ تي چڙهيل آهي. صوبائي صلاحڪار جميل سومري جي ڳالهه درست آهي ته ان پروگرام جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي پر جناب سومري صاحب کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ان پروگرام ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي رهي آهي اها به تاريخ ۾ بي مثال آهي.
ڇا پيپلزپارٽيءَ جي سڄي تنظيم ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي، جيڪو پنهنجي سرڪار کي غربت گهٽائڻ ۽ غريبن جي حقيقي طرح مدد ڪرڻ جي ڪا رٿا جوڙي ڏئي سگهي؟ جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن ته ان کي اهو ڪم ڪن ٻاهرين يا پروفيشنل ماڻهن کان ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن صفا سڃ ٿي وئي آهي ته آفريڪا، بنگلاديش ۽ هندستان ۾ غربت گهٽائڻ جا جيڪي ڪامياب تجربا ڪيا ويا آهن، انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.
هندستان ۾ غربت گهٽائڻ جا سوين پروگرام هلي رهيا آهن پر انهن ۾ بدعنواني نه هئڻ جي برابر آهي. انهن پروگرامن تحت غريبن کي 2 رپيا ڪلو چانور، مهيني جي چانورن ۽ اٽي جي ڪوٽا، بجلي اگهه ۾ سستائي ۽ ڇهن مهينن جي روزگار جي ضمانت شامل آهي، ڇا پيپلزپارٽي ائين نه ٿي ڪري سگهي. جنهن ۾ غريبن کي پوسٽ آفيسن ۽ وڏيرن جي اوطاقن اڳيان قطارون ٺاهڻ بجاءِ، گهر ويٺي اهڙا غربت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، جنهن ۾ هو سستو اٽو، گيهه ۽ ضروري راشن وٺي سگهن. پ پ جا پروگرام هڪ طرف بدعنواني وڌائي رهيا آهن ته ٻئي طرف ماڻهن کي غريب ۽ پينو بنائي، سندن عزت نفس کي تاراج ڪري رهيا آهن.
سنڌ ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، اهو عام ماڻهوءَ کي جناب جميل سومري صاحب ۽ ٻين وزيرن ڪبيرن کان وڌيڪ ۽ چٽو نظر اچي رهيو آهي. تنهن ڪري ڪنهن هڪ وزير جو بيان ۽ دعوا پنجن ڪروڙ ماڻهن جي اکين ۾ سرمو وجهي نٿو سگهي.
صوبائي صلاحڪار جنهن ميرٽ جي ڳالهه ڪئي آهي اُها اسان سڀني جي ۽ اسان جي عوام جي اها شديد خواهش بلڪ خواب آهي ته شال سنڌ ۾ ميرٽ ٿئي ۽ شال سنڌ ۾ انصاف جا بند پيل دروازا کلن. سنڌ ۾ هينئر هڪڙو ڪڙو سچ اهو به آهي ۽ اها راءِ هاڻي عام ۽ ويساهه جوڳي بنجي وئي آهي ته پ پ سرڪار جي وزيرن جي اڪثريت، بدعنوانيءَ ۾ ارباب غلام رحيم جي ڪابينا کي به شرمندو ڪري ڇڏيو آهي.
جيستائين ميرٽ جو سوال آهي ته ڇا پ پ مٿين سطح تي ڪو ميرٽ ڪيو آهي جو اها هيٺين ۽ عوامي سطح تي ۽ عام ماڻهوءَ سان ميرٽ ڪندي؟ ڇا پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار، سنڌ ۾ سينيٽ جي ٽڪيٽن ورهائڻ وقت ڪو ميرٽ ڪيو هو؟ جو رحمان ملڪ، فاروق نائيڪ ۽ شوڪت ترين کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون، اها خبر ته شايد جميل سومري صاحب کي به نه هوندي ته شوڪت ترين آندو ڪهڙي ميرٽ تي ويو هو ۽ وري جڏهن کيس چلتو ڪيو ويو ته ان وقت وري ڪهڙو ميرٽ ايجاد ڪيو ويو هو؟ ان کان پوءِ سينيٽ جي چيئرمين شپ وقت سينيٽر رضا رباني سان ڪهڙو ميرٽ ڪيو ويو؟ ۽ تاج حيدر جهڙي سينيئر پ پ اڳواڻ کي سينيٽر نه بنائڻ وقت ڪهڙو ميرٽ جو اصول اختيار ڪيو ويو. (نوٽ: بعد ۾ ٿيل سينيٽ چونڊ ۾ مٿي ڄاڻايل ٻنهي اڳواڻن کي گهربل عهدو ۽ سيٽ ڏني وئي.)
سنڌ ڪابينا جوڙڻ ۽ وڌائڻ وقت ڪهڙو ميرٽ ڪيو ويو؟ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊجندڙن کي ڪهڙي ميرٽ تي وزارتون ڏنيون ويون ۽ پ پ سان وفادارين جا رڪارڊ قائم ڪندڙن کي ڪهڙي ميرٽ تي وزارتن جي ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو ويو؟ ٻيو ته ٺهيو پر ميثاق جمهوريت جي هن دور ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پ پ جا ايم پي اي هجن، انهن ايترن سارن چونڊيل ايم پي ايز جي موجودگيءَ باجود جميل احمد سموري نالي هڪ اڻ چونڊيل شخص کي اطلاعات جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو ميرٽ آهي؟ ڪهڙي ميرٽ جي ڳالهه پيا ڪيو سومرا صاحب!

( مارچ 2010ع ۾ نشر ٿيل )

سنڌ جي مورن جي مالڪي ڪير ڪندو؟

مور ! جنهنجي نالي وٺڻ سان ذهن تي سونهن ۽ سندرتا جو تصور تري اچي ٿو ۽ مور جنهن جي ذڪر سان آکين جي اڳيان هن جي سونهن ورنن کنڀن جي ڇانو، اڀري اچي ٿي، اهو مور اڄ ڪلهه موت سان منهن مقابل آهي. اسان جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا هن موهڻي پکيءَ کي لڳل موت جي بيماريءَ جو ڪو به علا ج نه ڪري سگهيا آهن، تنهن ڪري هن ناياب پکيءَ جي نسل کي خطرو لڳل آهي.ڪٿي ائين نه ٿئي جو اياز جون هي سٽون ابتيون ٿي وڃن ته ”اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ايئن سمجهين، مئا مور سارا“
چون ٿا ته مور پکيءَ کي ٿرن ۽ ٿوهرن ۾ رهندي ڏهاڪو هزار سالن کان به مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي. اڄ کان ڏهه هزار سال اڳي،جڏهن سرسوتي ندي، ٿر ۽ راجستان جي پٽن مان پالوٽ ڪندي پاري ننگر وٽان وڃي سمونڊ ۾ ساهه پٽيندي هئي، تڏهن ٿر ۽ راجستان جا ميدان، جنت نظير وادين جيان وڻندڙ هئا. ڏند ڪٿا ۾ته اهو به آيو آهي ته سنڌو ۽ سرسوتيءَ جي وچ واري ان زمين جي زرخيزي ڏسي ايران جي آس پاس کان ايندڙ آرين کي ڏندن ۾ آڱريون اچي ويون هيون ۽ انهن آرين، سنڌو ۽ سرسو تي جي وچ واري پرڳڻي کي ديوتائن جو ديس سمجهيو هو ۽ پوءِ اتي ئي هنن جي ذهنن ۾ اها زرخيزي پيدا ٿي، جنهن مان دنيا جي قديم ترين ويدن جي تخليق ٿي.
جاگرافيائي ماهر چون ٿا ته ڇهه هزار سال اڳ زلزلن سبب آيل زميني ڦيرين گيرين سبب سرسوتي جا وهڪرا تبديل ٿي ويا ۽ ان جو پيٽ خشڪ ٿي ويو جنهن کانپوءِ راجستان ۽ ٿر وارو علائقو رڃ ۽ سڃ ۾ تبديل ٿي ويو. هندو ڏند ڪٿا ۾ آهي ته سرسوتي ندي، زمين جي هيٺان هلي وئي آهي. ڳالهه ڪيئن به هجي پر اهي مور پکي، جيڪي سرسوتي جي سرسبز ڪنارن تي پنهنجا پر پکيڙي ٽهوڪن جو راڳ ڳائيندا هئا، اهي ڇهه هزار سال گذري وڃڻ باوجود انهن ئي پٽن ۾ رهن ٿا جيڪي پٽ اڄ سرسبز ميدانن بجاءِ ويران ريگستانن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ممڪن آهي ته ٿر جي مورن جي من ۾ اها آس پيڙهين جي سيڙهين ذريعي اڃان به سانڍيل هجي ته سرسوتي هڪ ڏينهن هنن ڀٽن ۾ پنهنجو پاڻ ظاهر ڪندي ۽ ڀٽن جو وڃايل حسن هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيندو.
مور پکي سرسوتي واري زماني جي سنڌو ماٿري ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي سڃاڻپ رهيو آهي. سنڌي ٻوليءِ ۾ مور جو لفظ اهڙو ته مروج ٿي ويو آهي جو ماڻهو هن پکيءَ کي ملوڪائپ جي معيار طور ڪم آڻيندا آهن. ” مڙس به آهين مور“ ”صفا مور ٿو لڳين“ جهڙا ڪيئي اصطلاح ٻڌائين ٿا ته سنڌيءَ ۾ مور سونهن ۽ ملوڪائپ جي معنيٰ رکي ٿو. هندو مذهب ۾ مور جو تعلق سرسوتي ديويءَ سان ڏيکاريو ويو آهي، ۽ وڌيڪ اهو ته مور جو پرُ ڪرشن ڀڳوان جي تاج ۾ ڏيکاريل آهي. رڳو ايترو ئي نه پر مور ڪليسا ۾ شاهاڻي زندگيءَ جي علامت، تخت طائوس جي عقيدي ۽ ايمان جي علامت ۽ قديم بابل ۽ ايران جي حڪومتن ۾ بادشاهت جي حفاظت جي علامت طور پڻ ڄاڻايل آهي. چون ٿا ته 327 قبل مسيح ۾ جڏهن سڪندر اعظم سنڌو ماٿري تي ڪاهي آيو هو ته کيس سنڌ جي جن ٻن شين سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو هو، انهن ۾ هڪڙا سنڌ جا صوفي ۽ ٻيا سنڌ جا مور هئا. انهن صوفين مان ڪالانس نالي صوفيءَ کي هو پاڻ سان وٺي ويو هو ۽ مورن کي وري سڪندر اعظم پنهنجي ماءُ ڏانهن ڏياري موڪليو هو. سڪندر اعظم جي ماءُ سنڌو ماٿري جا مور ڏسي امالڪ چيو هو ته”جنهن ديس جا پکي ايترا سهڻا آهن، ان ديس جا ماڻهو ڪيڏا نه سهڻا هوندا؟ “ سڪندر سان گڏ سندس ويجهو جرنيل (جنرل) ٽالمي به سنڌ مان ڪيترائي جانور ۽ پکي کڻائي مصر ويو هو، جتي هن مورن تي خاص ڌيان ڏنو هو.
سرسوتي جي زماني کان اڄ تائين مور نه رڳو سونهن ۽ سوڀيا جي نشاني رهيا آهن، پر ڄڻ ته عقيدي ۽ پاڪيزگيءَ جي علامت به رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي ذري گهٽ سمورن عقيدن جي مقدس جاين ۽ ڪتابن ۾ مور جا پر سونهن سرس ڪندي نظر ايندا آهن. مور پکي پالڻ وارو اهو شوق جيڪو سڪندر اعظم جي جرنيل ٽالمي مصر ۾ جاري رکيو، اهو ساڳيو ذوق سنڌ جا ڪيترائي باذوق ماڻهو هزارين سالن کان ڪندي نظر اچن ٿا ۽ سنڌ ۾ اڄ به سوين اوطاقون، فارم هائوس يا گهر اهڙا آهن جتي هن مور يا ملوڪ پکيءَ کي مهمان جيان تاتيو ۽ ترسايو وڃي ٿو. سنڌ جي فڪري امام شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ پڻ مور کي ملوڪ ۽ معتبر پکي طور ياد ڪيو آهي،
ويا مور مري- هنج نه رهيو هيڪڙو
انهن آکيرن تي- ويٺا چٻ چڙهي
وطن ٿيو وري- ڪوڙن ڪانگيرن جو
سرسوتي جي سڪي وڃڻ کي اڄ ڇهه هزار سالن کان جو وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ ان وچ ۾ ٿر ۽ راجستان جا رستا ويران بيابانن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، پر پوءِ به هن سخن پرور پنڇيءَ ڏک ۽ ڏڪار ڏسي پنهنجو ديس تبديل نه ڪيو آهي ۽ پنهنجي ٽهوڪن جي موسيقي ترڪ نه ڪئي آهي. اهي مور جيڪي سرسوتي جي ساون پنن جي مٺن ميون تي پلبا هئا، اهي اڄ ڪلهه ڪارونجهر جي ڪنڪرين ۽ ٿر جي ٿوهرن سان پنهنجو پيٽ ڀري ته گذر ڪن ٿا پر پنهنجي لات کي جهڪو ٿيڻ نه ٿا ڏين.
”اسين گرورا مورلا. ڪنڪر پيٽ ڀرون
مند آئي نه ٻولون. هنيئڙي ڦاٽ مرون“
(ترجمو اسان گرڙا مور پنهنجو پيٽ پٿرين سان ڀريون ٿا، پر جي ڪڏهن مند اچڻ تي نه ٻوليون ته اسان جو پيٽ ڦاٽي پوي ۽ مري وڃون)
پٿر کائي پيٽ ڀرڻ وارا، پنهنجي اصلوڪي ديس کي نه ڇڏڻ وارا، پنهنجي ڏات ۽ لات کي سدائين اوچو رکڻ وارا اهي سونهن ورنا مور اڄ ڪلهه سنڌ ۾ موت جي منهن ۾ آهن، پر انهن کي بچائڻ وارو ڪو نه بچيو آهي. سنڌ سرڪار جي جهنگلي جيوت کاتي جي پت ته پهرئين ڏينهن وائکي ٿي پئي، پر ڪيڏانهن ويا آهن w w f وارا ؟ ڪٿي آهن ٿر ۾ ڪم ڪندڙ اهي اين جي اوز جن ٿر جي بک ۽ بدحالي تي پنهنجي پيٽن جي بک لاهي رڳو پنهنجي گهرن ۾ خوشحالي آندي آهي؟ ڪٿي آهن ٿر ۾ ديپ جلائڻ جون دعويٰ ڪندڙ اهي اين جي اوز جيڪي هن اونداهي ديس ۾ انڌوڪار پکيڙڻ ۾ ڄڻ پيشيور لڳن ٿيون؟ ڪٿي آهن ڳجهن، جهرڪين، ڪانون ۽ ڪُونهن (پاڏن) جي نسل بچائڻ جي نالي ۾ پنهنجي پيٽن جا نانگ پالڻ واريون اهي اين جي اوز جيڪي هن وقت تائين ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪافور ڪري چڪيون آهن.
ڇا اسين مور پکين جي موت تي رڳو ماتم ڪري، انهن لاءِ تعزيتن جا تڏا وڇائي، مور جي ڳايل ٽهوڪن جي موسيقيءِ جو قرض يا مور جي عطا ڪيل سونهن جي رڳو مسواڙ به ادا ڪري سگهون ٿا؟ ڇا اها دعويٰ ڪجي ته جيئن چيو ويندو آهي ته ڍڳي جي سڱ تي دنيا بيٺل آهي بلڪل ائين مور جي پرن جي ڇانو ۾هن سنسار جي سونهن آرامي آهي؟ سرسوتي جي زماني کان اڄ جي ڊجيٽل دور تائين، مور جي سهڻن پرن جي ڇانو ۽ ان جا رنگ اڄ دنيا جي هر ڪنڊ ۽ هر کنڊ ۾ پکڙيل آهن. مور جو هڪڙو پَرُ سرسوتي جي دور سان ڳنڍيل آهي ۽ مور جو ٻيو پَرُ اڄ سيٽلائيٽ چينلن سان جڙيل آهي. آمريڪا جي N B C ٽي وي چينل جو لوگو 1956 ۾ مور جي پکڙيل پرن ۽ رنگن تي ٺاهيو ويو ۽ پوءِ پاڪستان جي سرڪاري ٽيلي ويزن P T V جو لوگو به مور جي پرن پويان ٺاهيو ويو. ڏسو مور ڪيڏو نه ملوڪ ۽ مقبول پکي آهي ۽ اسين سندن بچاءُ ۾ ڪيل غفلت جو ڪيڏو نه وڏو ڏوهه پيا ڪيون. اسان جي ادارن جي چوٽيءَ تي پهتل ڪرپشن ۽ نااهلي مور جي مستقل موت جو سبب بڻجي رهي آهي. ڇا اسان جي ملڪ ۽ سماج ۾ عروج تي پهتل ڪرپشن سنڌي ماڻهن وانگي، سنڌ جي پکين ۽ ٻي جيوت کي به ناس ڪندي رهندي ۽ اسين سڀ ان کي خاموشيءَ سان ڏسندا رهنداسين ؟؟؟ اهو سوچڻ جو سوال آهي.

(جولاءِ 2012 ۾ نشر ٿيل)

اچو ته ڀٽائيءَ واري محبت ڪيون

ويلن ٽائين واري ڏهاڙي جي مناسبت سان

14 فيبروري کي سڄي دنيا ۾ محبت جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن تي ماڻهو پنهنجي محبوبن ڏانهن دل جي شڪل وارا خط، نياپا ۽ تحفا موڪلين ٿا. هن ڏينهن تي هڪ ٻئي کي چاهڻ وارا پنهنجي دل گهرئين کي قسمين قسمين سوکڙيون ارپين ٿا ۽ هڪ ٻئي سان وفائن ڪرڻ جا وچن ڪن ٿا.
ويلنٽائين واري ڏينهن جي شروعات جيتوڻيڪ ساڍا سترهن سؤ سال اڳي روم جي شهر ۾ هڪ عيسائي پادري کي آيل ڦاسي جي ياد ۾ ملهائجندڙ ڏينهن کان ٿي پر آهستي آهستي هي ڏينهن دنيا ۾ مذهبي رنگ مان بدلجي عاشقي ۽ رومانوي رنگ ۾ بدلجي ويو ۽ اڄ دنيا هن ڏينهن کي محبتن جي ڏينهن طور ملهائي ٿي.
اسين جيڪي سنڌوماٿريءَ جي ملڪ جا ماڻهو آهيون، انهن کي هيءُ ڏينهن ڪيئن ملهائڻ گهرجي؟! ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هن ڏينهن کي پنهنجي وطن سان محبت جي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. نوجوانن جي راءِ آهي ته هن ڏينهن کي محبوبن جي زلفن جي زنجير جو اسير بنائي گهارڻ گهرجي. ڪن وري هن ڏينهن کي محبت بجاءِ ماحوليات جو ڏينهن سمجهي ان ڏينهن تي وڻن پوکڻ جي اپيل ڪئي آهي. جنهن معاشري ۾ جڏهن ڪي نيون ڳالهيون يا ڪي نوان رجحان ايندا آهن ته سڀڪو ان جي پنهنجي مقصد واري معنيٰ ڪڍندو آهي ۽ اسان وٽ به ويلنٽائين جي ڏينهن سان اهوئي حشر ٿيو آهي.
سنڌ جي سمورن ساڃاهه وندن جي اها گڏيل راءِ آهي ته ڀٽائي سنڌ جو اصل ۽ اڪيلو جامع رهبر ۽ مفڪر آهي تنهن ڪري اچو ته ڏسون ته ڀٽائي پنهنجي سڪ جا سڳا ڪنهن ڪنهن سان ۽ ڪيئن سوريا آهن ۽ سنڌ جي هن عظيم انسان جي محبتن جو مرڪز ڪير ۽ ڪٿي آهي؟
هونئن ته جيڪڏهن ڀٽائي جي تشريح ڪرڻ تي اچجي ته اها شرح ڪي وڏا عالم ۽ اها به ڪنهن ڊگهي عرصي ۾ ئي ڪري سگهن ٿا، پر جيڪڏهن ڀٽائي کي هڪ سٽ ۾ بيان ڪجي ته هو پنهنجي وطن، پنهنجي محبوب، ان جي مسڪين ماروئڙن ۽ انهن جي خوددار ريتن ۽ ريتن جي نڀاءِ لاءِ سر ڏيڻ جهڙي جاکوڙ ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو ۽ ان سڄي نينهن جي نڀاءِ لاءِ ڀٽائي جي راهه ۽ رسم زماني جي رسم کان ابتي آهي.
”لوڪ وهي لهوارو، تون اوچو وَههُ اوڀار“
سنڌ جي عظيم مفڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو خيال آهي ته وطن ۽ محبوب، ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان وڏي وٿ ۽ وکر هئڻ گهرجي پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ انهن ٻنهي رسمن جي محبت گهٽ يا ۽ ماٺي آهي ته پوءِ انهن کي سٺو انسان نٿو چئي سگهجي ان ڪري هو چوي ٿو ته،
“سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻ ناسي وسري”
يعني جيڪڏهن ڪو پنهنجي سڄڻ کي ۽ پنهنجي ساڻيهه کي وساري ويهي ٿو رهي ته ان انسان کي اڻ ناسو يعني بنا ناس يا بنا نڪ وارو ماڻهو چئبو. سنڌي معاشري ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ويڻ ڏيڻ لاءِ ائين ئي چيو ويندو آهي ته ”بڻهان توکي ته نڪ ئي ڪونهي. تون ته بنهه ڪو بي نڪو آهين.“ وغيرهه.
ڀٽائي وٽ وطن سان محبت جو اهو عالم آهي جو چوي ٿو ته جيڪڏهن وطن ڏکيو آهي ۽ ڏڪار ۾ آهي، سڪو، سُڃو ۽ سکڻو آهي ته به ان کي ڇڏڻ نه گهرجي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن محبوب ۾ ڪا وقتي ميراڻ به آهي ته به ان کان الڳ نه ٿيڻ گهرجي.
ڇڇي ڇڏ ۾ سپرين، ڏليو ڇڏ ۾ ڏيهه
سڪا وڻ ساڻيهه جا، ته به وڙڪيو اچي ويهه
ويلنٽائين جي محبت ڀرئي ڏينهن تي اسان کي پنهنجي محبتن جي ڀيٽا رڳو پنهنجي محبوب ئي کي نه پر پنهنجي وطن کي به ڏيڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته اسان جي ديس کي درد ڪٿان ڪٿان لڳو آهي ۽ ان درد جي دوا ڪٿان ۽ ڪيئن ممڪن آهي؟
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي محبتن جو ٽيون مرڪز پنهنجي وطن جا اهي مسڪين ماروئڙا ۽ انهن جون اهي ريتون رسمون آهن جيڪي هنن غريب هوندي به ڪڏهن تبديل نه ڪيون آهن ۽ جن ڪڏهن به مسڪينيءَ جي ڪري پنهنجو مان نه ڪيرايو آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ضرورت يا لالچ جي ڪري پنهنجا اصول ۽ آدرش قربان نه ڪيا آهن.
ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي
اچي امر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪريت
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان
پنهنجي وطن جي ماروئڙن جون خوبيون بيان ڪندي ڀٽ جو ڌڻي چوي ٿو ته منهنجي وطن جا ماڻهو ٿورو کائي ڍَوَ تي رهڻ وارا ۽ صحت بخش زندگي گذارڻ وارا آهن. ٿورو کائي صحت مند رهڻ وارو انوکو فلسفو به ڀٽائي جهڙو آدرشي انسان ئي ڏئي سگهي ٿو.
ٿوري قوت قراريا، رهن سٻر ست
پنهوارڪي پت، پيهي پڇج ملير ۾
پنهنجي روايتن سان ٻڌو رهڻ، بک ۾ به پنهنجا اصول ۽ آدرش نه ڇڏڻ ۽ ڪنهن جي محتاجي نه ڪرڻ جهڙن آفاقي اصولن کي ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ساراهيو ۽ سينگاريو آهي. ويلنٽائين جي محبتن ڀرئي ڏينهن تي اسان کي پنهنجي محبتن جي ارپنا پنهنجي انهن انمول اصولن ۽ عظيم رسمن کي به ڏيڻ گهرجي، جيڪي رسمون مارئي جهڙي محب وطن ڪردار رکندڙ عورت عمر بادشاهه جي قيد ۾ به زندهه رکيون.
ڀٽائي جي محبت جا مرڪز ته هن جي شاعريءَ ۾ جابجا موجود آهن پر هڪ شئي جنهن کي هن پنهنجي لفظن جي موسيقي ۾ بار بار ڳاتو آهي اها، جدوجهد جو اڻ کٽندڙ سفر آهي. هو جدوجهد کي تيستائين هلائڻ چاهي ٿو جيستائين هن جي سسيءَ ۾ ساهه آهي.
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين
پر ڀٽائي جي جدوجهد جو تصور ايترو گهرو ۽ عميق آهي جو شايد ئي دنيا جي ڪنهن شاعر اهڙو تصور پيش ڪيو هجي.
سسئي جي سُرَ ۾ هو هڪ هنڌ چوي ٿو ته،
”جيڪڏهن هلندي هلندي، هن جو ساهه نڪري وڃي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه ڳري وڃڻ کان پوءِ باقي رڳو منهنجي منڍي بچي ته ان کي به اڳتي اڇلائجو ته جيئن منزل ٻه ٽي وکون ويجهي اچي.“
”سسئي جي سسيءَ کي اوڏانهين اڇلاءِ“
اڄ جڏهن اسان کي سست، ڪاهل ۽ مردود قوم جا مهڻا ملن ٿا ته اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ماڻهن کي سهڻي لطيف جي محبت جو اهو محور به ڏيکاريون، جنهن ۾ ڀٽائي اڻ کٽ، اڻ ورچ ۽ بنا ساهيءَ واري جاکوڙ جو ڏس ڏئي ٿو. اچو ته پنهنجي سڄڻ، پنهنجي ساڻيهه، پنهنجي مسڪين ماروئڙن، ماروئڙن جي اڻموٽ روايتن ۽ نه ختم ٿيندڙ ولوڙ ۽ جاکوڙ سان پاڻ به محبت ڪريون ۽ پنهنجي ماڻهن کي به اهي محبتون ڪرڻ سيکاريون.

( 14 فيبروري 2011ع تي نشر ٿيل )

وزيرستان آپريشن ۾ سنڌ جو حصو

ڏکڻ وزيرستان ۽ اتر وزيرستان، وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ اهي قبائلي علائقا آهن جن کي عام ٻوليءَ ۾ قبائلي ايجنسي چيو وڃي ٿو. فاٽا جي انتظام هيٺ هلندڙ هي ايجنسيون افغانستان جي سرحد سان لڳندڙ آهن ۽ هنن ايجنسين ۾ گهڻو ڪري پشتون قبيلا آباد آهن. ستن ايجنسين ۾ باجوڙ ايجنسي، مهمند ايجنسي، خيبر ايجنسي، اورڪزئي ايجنسي، ڪرم ايجنسي، اتر وزيرستان ايجنسي ۽ ڏکڻ وزيرستان ايجنسي شامل آهن.
قبائلي ايجنسيون جاگرافيائي طرح به ملڪ جي ٻين حصن کان ٻاهر آهن تنهن ڪري انهن تي جيئن جو تيئن ملڪي قانون لاڳو نه ٿو ٿئي ۽ انهن علائقن ۾ قانون توڙي انتظاميا مختلف قسم جي هوندي آهي. وزيرستان جو علائقو، وزير قبيلي ۽ ان مان نڪرندڙ مختلف نکن جي قبيلن جو علائقو آهي، وزيرستان جي ٻنهي ايجنسين جي آبادي اٽڪل اٺن لکن جي قريب آهي. اتروزيرستان جو ضلعي هيڊڪوارٽر ميران شاهه ۾ آهي جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان جو ضلعي هيڊڪوارٽر وانا ۾ آهي.
وزيرستان جو علائقو، خشڪ پهاڙن، بنجر زمينن ۽ ويران وادين تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري هتان جا ماڻهو به هتان جي پهاڙين وانگي مضبوط ته ضرور آهن پر سندن دلين ۽ دماغ ۾ ويراني واڪا ڪندي نظر ايندي آهي. وزيرستان سان افغانستان جون سرحدون لڳن ٿيون ۽ افغانستان جو خوست صوبو، اتر وزيرستان سان پنهنجي سرحد ڳنڍي ٿو. 1893ع تائين وزيرستان به هڪ آزاد علائقو هو، جنهن کان پوءِ انگريزن وزيرستان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. اهڙي طرح هي علائقو اڳتي هلي پاڪستان ۾ شامل ٿي ويو. وزيرستان ۾ وزير، داوڙ ۽ محسود قبيلا گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، هي قبيلا وزيرستان کان سواءِ ڀروارن افغان صوبن خوست، پڪتيا، وردڪ، غزني، قندوز ۽ ٻين صوبن ۾ پڻ رهن ٿا، صدين کان افغانستان جو پاڙيسري هئڻ ڪري ۽ هتان جي قبيلن جو سرحد جي ٻنهي پار وسڻ ڪري وزيرستان جي ماڻهن ۾ افغان معاشري جا اثر نمايان آهن، جن ۾ عورتن لاءِ برقعو پائڻ ۽ مرد لاءِ ڏاڙهيءَ جو رکرائڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ڏکين ڏنگين پهاڙين ۽ ويران وادين سبب هتي پاڻي، زراعت ۽ ساوڪ ڪا گهڻي نه آهي، تنهن ڪري جن علائقن ۾ کيت نه کڙندا هجن، گل نه ٽڙندا هجن ۽ سنگ نه سٽبا هجن، انهن علائقن ۾ عاشقي، شاعري، موسيقي ۽ مصوري به پيدا نه ٿيندي آهي.
وزيرستان جي ڪجهه پهاڙين مان ڪجهه ڌاتو ملن ٿا، جنهن مان هٿيار ۽ اوزار ٺهي سگهن ٿا شايد اهوئي سبب آهي جو وزيرستان جو نالو ٻڌندي ئي ذهن ۾ لڙائي ۽ خونخواريءَ جا تصور اڀرن ٿا.
اڄڪلهه ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن هلندڙ آهي، هي آپريشن پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپريشن آهي، پر ڏکڻ وزيرستان جي آپريشن جو جائزو وٺڻ کان اڳ ڏکڻ وزيرستان جي تاريخ، جنگين، قبيلن ۽ ويڙهاڪن جي اصليت جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. ڏکڻ وزيرستان ۾ وزير قبيلي جي احمدزئي شاخ ۽ محسود وڏي تعداد ۾ رهن ٿا، محسود قبيلو افغانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پڻ ججهي تعداد ۾ آباد آهي جنهن ۾ لوگر، وردڪ، غزني، ۽ قندوز صوبا شامل آهن، پر لوگر صوبي ۾ محسود وڏي تعداد ۾ رهن ٿا، محسود قبيلو وري ٽن شاخن مان زئي، بهلول زئي ۽ شمان خيل ۾ ورهايل آهي.
اڻويهين ۽ ويهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن انگريز جو هندستان تي قبضو هو، تڏهن برطانيا ۽ روس جي وڌندڙ طاقتن افغانستان کي فرنٽ لائين طور استعمال ڪرڻ پئي چاهيو. 1838ع واري پهرين انگريز- افغان جنگ به انگريزن ان ڪري شروع ڪئي هئي ته جيئن انگريزن جي آنڪي ڀريندڙ شاهه شجاع کي افغانستان جو ٻيهر حاڪم مقرر ڪيو وڃي. 1878ع واري ٻي انگريز- افغان جنگ جو به اهوئي مقصد هو ته ڪابل ۾ روس کي اهميت نه ڏني وڃي. پهرين جنگ عظيم ۾ انگريز سرڪار جيئن ئي عالمگير جنگ وڙهي ٿڪجي پئي ته 1919ع ۾ افغانستان جي بادشاهه، انگريز کي ٿڪل ۽ کيرو سمجهي ڊيورنڊ لائين پار ڪري پنهنجون فوجون خيبرلڪ تائين پهچايون جنهن کان پوءِ انگريزن ٽين افغان جنگ جو اعلان ڪيو. افغانستان سان انگريزن جيڪي به جنگيون وڙهيون ان ۾ پشتون قبيلا سدائين افغان حڪومت سان گڏجي، انگريزن سان وڙهندا هئا. انهن قبيلن ۾ محسود قبيلو سدائين اڳرو هوندو هو. محسود ويڙهاڪن 1850، 1860ع ۽ 1897ع ۾ برطانوي فوجن تي وڏا حملا ڪري کين زبردست نقصان پهچايو هو. جيستائين انگريزن جي فوج ۾ هوائي جهاز شامل نه ٿيو هو تيستائين انگريز فوج وزيرستان کي فتح نه ڪري سگهي هئي. پر 1922ع ۾ انگريز سرڪار رزمڪ ۾ هوائي اڏو ٺاهي، رائل ايئرفورس جي جهازن ذريعي محسودن جي علائقن کي بمباري ذريعي ختم ڪري محسودن جي شورش کي ڪافور ڪيو هو.
وزيرستان گذريل ٻن سؤ سالن کان شورش جو مرڪز رهيو آهي، پاڪستان کان اڳ انگريزن، افغانستان تي قبضي کان پوءِ سوويت روسين ۽ هاڻي آمريڪين سان جنگ جي نالي ۾ وزيرستان جي انتها پسند ترارن کي سدائين تِک نصيب ٿيندي رهي آهي ۽ هاڻي اها حالت اچي پهتي آهي ته هو پنهنجي ئي ملڪ جي فوج خلاف هٿيار تاڻي بيهي رهيا آهن. 1897ع ۾ وزيرستان ۾ مُلا پووندا محسود چترال کان ڪوئيٽا تائين انگريزن خلاف هٿياربند جدوجهد ڪئي ۽ هڪ سؤ سالن کان پوءِ ان ئي علائقي مان بيت الله محسود تحريڪ طالبان ٺاهي جيڪا اڄ ڪلهه پنهنجي ملڪ ۽ ان جي فوجن ۽ شهرين کي نشانو بنائي رهي آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، پنهنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ لکيل تحرير، ”جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو“ ۾ خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ضياءَ جي مارشل لا کان پوءِ شروع ڪيل سياست جو سفر اڳتي وڌايو ويو ته ملڪ انتهاپسنديءَ جو شڪار ٿيندو ۽ اها انتهاپسندي ملڪي سالميت جا پلوَ پاند ساڙي ڇڏيندي. ها اڄ هن ملڪ سان ائين ئي ٿي رهيو آهي، جيڪو سنڌوماٿريءَ جي شهيد بادشاهه پنهنجي شهادت کان اڳ چيو هو.
هونئن ته مولوي جلال الدين حقاني، پاڪستاني طالبان جو ابو سمجهيو وڃي ٿو. جلال الدين حقاني، سوويت روس سان جنگ واري زماني ۾ آمريڪي سي آءِ اي جي اکين جو تارو هو، بعد ۾ هو افغانستان ۾ طالبان حڪومت جو وزير ٿيو ۽ پوءِ وزيرستان جي طالبان جو استاد بنيو. جلال الدين حقاني خودڪش تحريڪ جو به باني سمجهيو وڃي ٿو پر پاڪستان جي طالبان تحريڪ کي اسٽيبلشمينٽ جو هڪڙو حصو داڻو پاڻي، تيل تماڪ سڀ ڪجهه فراهم ڪندو رهيو آهي ۽ اڄ اسٽيبلشمينٽ جي ان غلطيءَ جو ڪِيتو سڄو ملڪ لوڙي رهيو آهي.
شهيد ڀٽي ٽيهه سال اڳ ان بنياد پرستيءَ جي باهه کان آگاهه ڪيو هو، ان کان اڳ ۽ پوءِ پاڪستان جا ترقي پسند ۽ روشن خيال، قوم پرست، مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف واويلا ڪندا رهيا پر اسٽيبلشمينٽ سدائين ان آواز کي دٻائيندي رهي ۽ مذهبي انتهاپسندي جي پٺي ٺپيندي رهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته انتهاپسند ٻي هر جاءِ ساڙڻ، ٻارڻ ۽ مارڻ کانپوءِ خود فوجي ادارن تي ڪاهي آيا آهن ۽ پوڙهن ٻارن ۽ عورتن مارڻ کان به نه ٿا مڙن.
طالبان ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ مذهبي انتهاپسندن هن پوئتي پيل ملڪ جي نالي ماتر ترقي کي جهڙي طرح تهس نهس ڪيو آهي، ان جي قيمت اسان جي ايندڙ نسلن کي نه ڄاڻ ڪيتري عرصي تائين ادا ڪرڻي پوندي.
مارشل لائن جي ڪارين راتين ۾ ڄڻايل، مذهبي انتهاپسنديءَ جي دائپي ۾ آئڍيل ۽ غيرملڪي امداد جي دُڪي تي تاتيل اها جنون پسندي ڪڏهن به مهراڻ جي واديءَ جي ماڻهن يعني انڊس ويليءَ جي لوڪن جو شيوو نه رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مهراڻ جي واديءَ جي موجودهه ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي جڳ مشهور 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير ۾ نئين ٺهندڙ پاڪستان لاءِ چيو هو ته ”هاڻي هن ملڪ اندر هر مذهب جي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرمي عبادتگاهه ڏانهن وڃڻ جي آزادي هوندي.“ قائداعظم کان پوءِ هن ملڪ جو سڀ کان مقبول عوامي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به سيڪيولر روش جو پرچارڪ هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محترم جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، سوڀوگيانچنداڻي، رسول بخش پليجو ۽ حفيظ قريشيءَ سميت سنڌ جا سوين سياستدان گذريل سٺ سالن کان سيڪيولرازم عرف غيرفرقيواريت جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏهاڪن جا پاند جيلن ۾ ۽ نظربندين ۾ گهاريندا رهيا آهن، رڳو سنڌ جا ئي نه پر بلوچستان جا مري، مينگل ۽ بگٽي سردار، پنجاب ۽ سرحد جا ترقي پسند ۽ روشن خيال دانشور به ان انتهاپسنديءَ خلاف وڙهندا ۽ مرندا آيا آهن. سنڌ کي ته اهو اعزاز حاصل آهي ته ان جا صوفي، سنت، سالڪ، سگهڙ، شاعر، اديب، راڳي سازي، بلڪ سڀئي ساڃاهه وند ماڻهو جنونيت خلاف لڙندا، وڙهندا ۽ مرندا رهيا آهن پر هنن ڪڏهن به هن ملڪ ۽ ان جي معاشرت ۾ جنونيت کي هٿي نه ڏني آهي. صوفي شاهه عنايت، لطيف ۽ سچل جي سنگ ۽ سلسلي ۾ ته هندو ۽ مسلم جو فرق ئي نه رهيو آهي. ٽنهي صوفين جي سنگت ۾ هندو فقير به هوندا هئا ۽ شاهه عنايت شهيد جي آخري آرام گاهه ۾ ته ڪيترا هندو فقير، ساڻس گڏ آرامي آهن. سنڌ جي شاعريءَ ۾ سامي چين راءِ لُنڊ کان سواءِ دلپت ۽ نانڪ جو به پنهنجو مقام آهي.
مطلب ته انڊس ويلي جو هي لڙيل پاسو، جنهن ۾ خاص طرح موجودهه جاگرافيائي حدن واري سنڌ اچي ٿي، اهو غيرفرقيوار ۽ جنونيت خلاف رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ڳالهائيندڙ آبادين مان ڪڏهن به ڪنهن مذهبي جماعت جو اميدوار چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. حالانڪ ضياءَ جي دور ۾ سرڪاري ريڊئي، ٽي ويءَ ۽ فنڊن ذريعي ماڻهن تي انتهاپسنديءَ جو روغن چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پوءِ به سنڌ جا ماڻهو سيڪيولر ئي رهيا. پاڪستان جي ٻاهٺ سالن جي سفر کان پوءِ حالتن، وقت ۽ تاريخ ثابت ڪيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ واري تقرير درست هئي، مذهبي انتهاپسندي غلط هئي ۽ ان انتهاپسنديءَ خلاف ڳالهائيندڙ، لکندڙ ۽ وڙهندڙ قائداعظم کان جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي تائين، سوڀي گيانچنداڻيءَ کان رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقي تائين، شاهه عنايت کان، لطيف، سچل، سامي ۽ شيخ اياز تائين سنڌي درست هئا ۽ هن ملڪ جا موجد ئي ان جا حقيقي محافظ آهن.
سنڌ صدين کان مهراڻ جي وادي عرف انڊس ويليءَ جي ملڪ جي قيادت ڪندي ۽ ان جو تحفظ ڪندي رهي آهي. سڪندراعظم يونانيءَ سان به ماڇڪي جي بادشاهه مهاڏو اٽڪائي، وطن خاطر جان ڏني هئي. راءِ سهيرس به ايراني سلطنت جي نمروز جي بادشاهه سان وڙهندي جان قربان ڪئي، عربن جي دور ۾ به ائين ٿيو ۽ ويهين ۽ ايڪيهين صديءَ ۾ به لاڙڪاڻي جي ڀٽن سامري مخالفن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت ماڻي.
جيتوڻيڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي شهادت عالمي سازشون هيون پر پوءِ به ٻنهي شهادتن جا مقامي ساٿاري مذهبي انتهاپسند ئي هئا. مذهبي جنونين اسفندريار وليءَ تي به حملو ڪيو ۽ بشير بلور کي به مارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي (نوٽ: بشير بلو اڳتي هلي انتهاپسندن هٿان مارجي ويو. ليکڪ) پر قرباني پوءِ به سنڌ جي حصي ۾ آئي. شهيد راڻي جي خون سان انڊس ويلي سرخ ٿي. اها قرباني جيڪا شهيد ڀٽي ڏني ۽ جنهنجو تسلسل شهيد راڻي قائم رکيو، قربانين ۽ شهادتن جي ان سلسلي کي سنڌ جا سپاهي به قائم رکيو ٿا اچن، مذهبي جنونيت خلاف مالاڪنڊ ۽ سوات واري آپريشن ۾ جن فوجي جوانن شهادت ماڻي ان ۾ وڏو تعداد ٺل، ڪنري، مٽياري، پڊعيدن، نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه جي سپاهين جو هو. هينئر وزيرستان واري آپريشن ۾ به سنڌ جي فوجي جوانن جو وڏو تعداد انتهاپسنديءَ خلاف وڙهي جان ڏئي، قربانيون ڏئي رهيو آهي.
سياست جي ايوانن کان جنگ جي ميدانن تائين سنڌ هن ملڪ کي قائم ڪرڻ ۽ بچائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ هن ملڪ کي قائداعظم ڏنو، قائد عوام ڏنو، شهيد بادشاهه ۽ شهيد راڻيون ڏنيون ۽ هن ملڪ جي تحفظ ۽ جنوينت مان آجپي ماڻڻ لاءِ فوج ۾ قرباني ڏيندڙ سوين جانثار سپاهي ڏنا.

(مارچ 2009ع ۾ نشر ٿيل)

اعليٰ عدالت کي سلام: اين آر او جي مهرباني، پر ٿورو اڳتي به

پرويز مشرف سرڪار جي آخري نحوست اين آر او کي ننگو قانون قرار ڏيندي ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، آمر جي اڇلايل ان ڍونڍ کي دفن ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته 5 آڪٽوبر 2007 تي جاري ڪيل اهو آرڊيننس انصاف جي اصولن خلاف هو تنهن ڪري هن حڪم تحت ختم ڪيل سڀ ڪيس بحال ٿي ويا آهن.
جيستائين اين آر او جو صرف نالو ٻڌو ويو هو ۽ جيستائين هي قانون فائيلن جي پيٽ ۾ لڪل هو تيستائين ته ڪنهن کي خبر نه هئي ته هن ڪاري قانون تحت، ڪنهن ڪنهن جا ڪهڙا ڪهڙا ڏوهه هضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي پر سپريم ڪورٽ جي هڪ ئي نشتر اها اوجهري ڦاڙي وڌي آهي ۽ اندران سوين سفيد پوشن جا جيئرا جاڳندا ڏوهه نڪري پيا آهن. اين آر او جي اوجهه ڦاٽڻ کان پوءِ ظاهر ٿيل ملزمن جا نالا ۽ سندن گناهن جا تفصيل ڏسڻ کان پوءِ عجب ٿئي ٿو ۽ ويساهه ٿئي ٿو ته هن ملڪ جي هر سفيد پوش جي ڪالر جيتري چلڪيدار آهي سندس دامن اوترو ئي داغدار آهي.
جيتوڻيڪ اها خبر هاڻي خبر نه رهي آهي ته اسان جهڙي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏوهه اهي ماڻهو ڪن ٿا جيڪي اسان کان ثوابن ۽ خدمتن جي وعدن تي ووٽ وٺي وڃن ٿا. جن جو نالو سياستدان آهي ۽ سياستدان سان ان ڏوهه ۾ ڀائي چارو وري ان ڪاموري جو آهي، جيڪو علم ۽ عقل جي زور تي ڪامورو چونڊجي ٿو ۽ پوءِ اسان جي سياستدان سان گڏجي، ٻئي هن ملڪ جي مسڪين ماڻهن جي ڀلائي لاءِ رکيل سڀ وسيلا هڙپ ڪري وڃن ٿا. پر سپريم ڪورٽ جي سترهن رڪني عدالت، حڪومت جي حمام ۾ بيٺل انهن سمورن ننگن کي ٻاهر قطار ۾ آڻي بيهاريو آهي ۽ عوام کي ڏيکاريو آهي ته شرافت جا چوغا اوڍينڊڙن، ايمانداريءَ جون دستارون ٻڌندڙن، جلسن جلوسن ۾ عوام جي درد ۾ روئڻ جون ڪوڙيون ڍڪون ڪندڙن جو روئڻ، رودالي جي روڄ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
پاڪستان ۾ سفيد پويش ملزمن جي ايڏي قطار اين آر او جي طفيلي اسان کي سپريم ڪورٽ ئي ڏيکاري آهي، تنهن ڪري عوام چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ سندس ساٿي ججن جو ٿورائتو آهي.
اين آر او پنهنجي جاري ٿيڻ جي پهرئين ڏينهن کان ئي هڪ اهڙو قانون هو جنهن جي سماج جي هر انصاف پسند طبقي، شروع کان ئي مخالفت ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته مصلحت جي نالي ۾ وڏن ۽ سگهارن ملزمن جي الزامن کان جيڪا طوطا چشمي ڪئي وئي هئي ۽ انهن کي اين آر او جي آبِ زم زم سان وهنجاري جهڙي ريت پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، اها هن ملڪ جي انصاف ۽ عام ماڻهوءَ سان زيادتي هئي جيڪا بهرحال سپريم ڪورٽ واپس ڪرائي آهي.اين آر او جو قانون نامور فلسفي جو ناٿن سوِفٽ جي قانون بابت ان سمجهاڻيءَ سان بلڪل ٺهڪي بيهي ٿو ته ”قانون ڪوريئڙن جا اهي ڄار آهن، جنهن ۾ رڳو مکيون ڦاسنديون آهن ۽ ڍڳا انهن کي ڊهون هڻي ڊاهي نڪري ويندا آهن.“
مشرف جي مهربانين جي وهندڙ گنگا مان هن ملڪ جي ذري گهٽ سمورن سياستدانن ۽ ڪامورن اشنان ڪيو آهي تنهن ڪري جيڪڏهن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ بيهاريو ويندو ته عوام يقينن ان عمل کي ساراهيندو. نه رڳو ايترو پر اين آر او ذريعي انهن سياستدانن به فائدو ورتو جن تي درجنين ڏوهاري قسم جا ڪيس داخل هئا. اين آر او رد ٿيڻ سان سمورن ملزمن کي پنهنجو پاڻ کي معصوم ثابت ڪرڻ جو موقعو ملندو. تنهن ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ سياست جي نالي ۾ قتل ٿيل شهرين جي وارثن کي به آٿت ٿيو آهي ته سندن پيارن جي قتل هيٺ آيل ملزم قانون کان مٿانهان ناهن.
اين آر او بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو هن معنيٰ ۾ به غيرمعمولي آهي جنهن ۾ ملڪ قيوم کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ملڪ قيوم ۽ شريف الدين پيرزادي جهڙا نانءَ ڪٺيا قانوندان، جيڪي وقت جي هر آمر جي استقبال ۽ آمد جون قانوني راهون ڳوليندڙ ۽ انهن جي راهه ۾ ڇڻڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن کي به آمريت دوستيءَ جي سزا ملڻ گهرجي.
ملڪ قيوم نوي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج هو، تڏهن هو محترما بينظير ڀٽو سميت ڪيترن سياستدانن کي وقت جي حاڪمن جي فرمائشن تي سزائون ڏيندو رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ملڪ قيوم جهڙن آمريت جي پروانن جا پر ساڙي وڌا آهن ۽ هاڻي کُسيل کنڀڙاٽين وارين ڪٻرين وانگي هو وائڙا ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيا آهن ته عدالتن جو هي منظرنامو ڪيئن تبديل ٿيو آهي؟ ڪنهن نامعلوم ڏاهي جو قول آهي ته جڏهن جج پاڻ چور بڻجي پون ته اهڙي حالت ۾ چورن کي ڦر ڪرڻ جو اختيار حاصل هئڻ گهرجي. اهو قول ملڪ قيوم جهڙن ججن جي ڪردار تي ٺهڪي اچي ٿو، جن کي جج چوڻ به ”جج“ جي لفظ جي توهين آهي.
اين آر او کي رد ڪري سپريم ڪورٽ ملڪ جي هر ماڻهوءَ جي واهه واهه کٽي ورتي آهي ۽ ملڪ جي عوام کي عدالت مان اڳتي به بهتر اميدون آهن.
سپريم ڪورٽ مشرف جي باقيات جي ان قانون مان عوام جي جان آجي ڪرائي يقينن هڪ عظيم ڪم ڪيو آهي پر مشرف جي ڪيتن ۽ ڪردارن جو هڪ ٻئو پاسو اڃا به بچيل آهي، اهو هي ته اهي ماڻهو جيڪي 12 آڪٽوبر 1999ع کان وٺي 18 فيبروري 2008ع تائين سڄا سارا ڏهه سال مشرف جي اڳيان پويان رهيا ۽ مشرف جي آمريتي اقتدار جون چلمون ڀريندا رهيا ۽ مشرف کي ڏهه ڏهه ڀيرا ورديءَ سان صدارتي چونڊ ويڙهائڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا ۽ مشرف جي پاسي ۽ پاڇي ۾ ويهي گلم جي توبچين وانگي، آمر جي تعريف جا ٺڪاءَ ڇوڙيندا رهيا ۽ عوام جي نالي ۽ ترقياتي ڪمن جي آڙ ۾ ڪروڙين رپين جا فنڊ هر سال رڙڪائيندا رهيا ۽ عوام جا پئسا کائي کائي هو ايترا مست ٿي پيا جو آخر ۾ سياست جي اخلاقيات به وساري ويهي رهيا ۽ پنهنجي همعصر پر مخالف سياستدانن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهيا- مشرف جي انهن دادلن ۽ دل گهرين جو حساب ڪتاب به ٿيڻ گهرجي.
اين آر او ته پهرين جنوري 1986ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع تائين ٿيل وڏن ماڻهن جي ڏوهن ۽ گناهن جي حساب ڪتاب بابت هو پر اهي ماڻهو جن 12 آڪٽوبر 1999 کان پوءِ ڏوهه ڪيا، قانون ۽ آئين جا بکيا اڊيڙيا، ادارن جا بنياد کوٽيا، سياست جي اصولن جا ليڪا لتاڙيا، مخالفن کي جيلن ۾ وجهرائي سندن وفاداريون تبديل ڪرايون، عوام جي نالي ۾ آيل ڪروڙين رپيا ڪرٽي کاڌا ۽ سرڪاري مشينري کي ذاتي ملازمن جي دفتر ۾ تبديل ڪيو، انهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. احتساب ته ان احتساب بيورو جو به ٿيڻ گهرجي جنهن احتساب جي ڏنڊي سان سياستدانن کي ماري مُڃ ڪري ان مان قائداعظم مسلم ليگ جي ڇنل کٽولي جا واڻ وٽرايا.
مشرف سرڪار جي دور ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن جا جيڪي عالمي رڪارڊ قائم ٿيا آهن، انهن تي هڪ ڌار ڪميشن ويهارڻ جي ضرورت آهي. حبيب بئنڪ کي ڪيئن وڪيو ويو، اسٽيل مل کي تين وال ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئن ڪئي وئي؟ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گهوٽالو پيدا ڪري ان مان اربين رپيا ڪيئن ڪمائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي؟ زمينن ۽ پلاٽن جي ڪاروبار يعني ريئل اسٽيٽ جي سيڪٽر ۾ ڪيئن سٽا هنيا ويا؟ اهو سڀ ڪجهه پرويز مشرف ۽ شوڪت عزيز جي ڳٺ جوڙ واري دور ۾ ٿيو.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اين آر او رد ڪرڻ تي سلام پيش ڪندي، گوش گذار ٿينداسين ته مشرف جي سڄي دور جي قهري ڪاروائين، ڪرپشن ۽ سياستدانن جو به احتساب ڪيو وڃي.

(18- ڊسمبر 2009ع تي نشر ٿيل)

لاڙ کي ڏڪار کان بچايو

درياهه جي پڇاڙ ۽ سنڌ جي لاڙ وارو علائقو پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار جي ور چڙهي ويو آهي ۽ ڏڪار هن علائقي سان اها ڪار ڪئي آهي، جيڪا سوات سان دهشت گرديءَ ڪئي هئي. دهشتگرديءَ جي باهه سبب، سوات مان لکين ماڻهو لڏي محفوظ جاين ڏانهن هليا ويا ۽ بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽيءَ ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ سبب لکين ماڻهو مٺن پاڻين جي ملڪ ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿيا آهن. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته بدين ۽ ٺٽي ۾ اندروني طور مهاجر بڻيل IDPsجو تعداد به لکن ۾ آهي پر حاڪمن ۽ حالتن جي دهشتگرديءَ جو شڪار بڻيل لاڙ جا ماڻهو نه ميڊيا کي متوجهه ڪري سگهيا آهن ۽ نه حاڪمن جو هڏ ڪرڪائي سگهيا آهن. جنهن ڪري لاڙ جي ڏڪار سٽيل ماڻهن جي نه ڪو سياسي پارٽيون مدد ڪن ٿيون ۽ نه حڪومت سنڀال لهي ٿي. نه ئي ور عالمي برادريءَ جو ڌيان ڇڪجي ٿو. نتيجي طور ڏڪار جو وهندڙ گهاڻو، هر روز لاڙ جي هزارين ماڻهن کي پيڙي سندن ساهه نپوڙي رهيو آهي.
اڳي جڏهن سنڌو درياهه ۽ ان جي ڇاڙهن تي ڪي بند ۽ ٻنڌ ٻڌل نه هئا ۽ درياهه سدائين جوان ۽ جالارو ٿي وَهندو هو. تڏهن لاڙ جا پٽ، ساوا ۽ سکيا ستابا هوندا هئا. ان وقت لاڙ جون رڳو زمينون ئي زرخيز نه هيون پر لاڙ جا سامونڊي بندر به موتين جي کاڻ جي ڏِکَ ڏيندا هئا. سڄو پرڏيهي واپار لاڙ جي بندرن معرفت هلندو هو ۽ سڄي دنيا جون سٺيون شيون لاڙ جي انهن سامونڊي بندرن معرفت سنڌ ۾ داخل ٿينديون هيون. سنڌ جي شاديءَ جي سِهرن عرف لاڏن، ڳيچن ۽ لوڪ شاعري ۾ لاڙ جو اهڙو ذڪر بار بار ڪيل آهي، ”منڊي راڻل جي مان لاڙئون آڻايان“ يا ”منهنجو لڙي آيو لاڙ مان، هو جمالو“ وغيرهه وغيرهه.
مهراڻ، پراڻ، پٽيهل، سانگرو ۽ هاڪڙو جي اڪيچار نالن سان مشهور سنڌو جا اهي وهڪرا رڳو لاڙ جي خوشحالي جا ئي خالق نه هئا پر لاڙ جي خماريل موسمن ۾ ٿيندڙ شاعري ۽ موسيقي، مصوري، سنگتراشي ۽ رقاصيءَ جي به آبياري ڪندا هئا. لاڙ جي انهيءَ خماريل موسم جو ئي ڪمال هو جو ڀٽ جو لطيف سدائين لاڙ ڏانهن لڙيل هوندو هو ۽ سندس همعصرن جو وڏو تعداد هنن ئي پرڳڻن ۾ رهندڙ هو. ڀٽائي جا اهي پسنديدهه ماڳ خاص ڪري سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري وارا لاڙ جا ڀاڱا، جنهن ۾ سجاول، بٺورو، گولاڙچي، بدين ۽ ٽنڊو باگو اچي وڃن ٿا اهي اڄڪلهه پاڻيءَ جي کوٽ سبب سخت ڏڪار جو شڪار آهن ۽ ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊمي ۽ ڪڍڻ جون اهي يونين ڪائونسلون جتي بڙ جي ڍوري جو اهو مقام آهي، جتي جي جتن وٽ، ڀٽائي مهينن جا پاند اچي ترسندو هو، اتي ته لاش وهنجارڻ لاءِ به پاڻي نه ٿو ملي.
گذريل چئن مهينن کان حيدرآباد جي ڪوٽڙي بئراج مان کاٻي طرف نڪرندڙ واهه بند آهن. جنهن ڪري هن علائقي جا فصل سڙي سڪي تباهه ٿي ويا آهن. فصلن جي سڪڻ کان پوءِ مال متاع به اڀرو ٿي ويو آهي ۽ زمينن ۽ چوپاين جي اڀرائيءَ کان پوءِ هتان جو عوام به سڀرو نه رهيو آهي ۽ هن علائقي ۾ ڏڪار جهڙي حالت پيدا ٿي وئي آهي.
لاڙ جا ماڻهو، ٻنيون، مڇيون، توڙي جانور مطلب ته سموري جيوت درياهه مان ڪئنالن ذريعي ايندڙ پاڻي تي جيئي ٿي. لاڙ جي زمينن جا جر کارا ۽ ڪسارا ٿين ٿا تنهن ڪري هتي نه ٽيوب ويل هلن ٿا نه وري نلڪا مٺو پاڻي ڏين ٿا، ان ڪري درياهه جو مٺو پاڻي ئي سڄي جيوت جي زندگي جي ضمانت آهي. پر جيڪڏهن درياهه جو مٺو پاڻي بند ٿي وڃي ته پهريائين هتي جي جر جو پاڻي ۽ پوءِ سڄي زندگي کاري ۽ ڪساري بنجڻ شروع ٿئي ٿي.
سڄو بدين ضلعو، ٺٽي ضلعي جو اوڀاريون پاسو ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعي جا ڪجهه علائقا گذريل چئن مهينن کان پاڻي نه ملڻ ڪري ڏڪار ۽ سوڪهڙي جو شڪار آهن، جنهن ڪري فصل سڪي رهيا آهن تلاءَ ڍنڍون خشڪ ٿي رهيون آهن. جر جو پاڻي وڌيڪ ٻاڙو ٿي رهيو آهي پکي پکڻ به اُڃارا رهڻ لڳا آهن ۽ جَرتي جيئندڙ مخلوق مڇيون، ڪميون، ڏيڏر، سيسر، سڀ موت جي واٽ وٺي هلڻ لڳا آهن. بدين جي سامونڊي علائقي مان هزارين ماڻهو لڏا کڻي انهن علائقن ڏانهن پڌاري ويا آهن، جتي مال کي ڪو ڪنو يا گندو پاڻي ئي سهي پر ميسر ٿئي ٿو ۽ جتي کين اميد آهي ته هو پاڻ ۽ سندن رزق ڏڪار جا ڪجهه ڏينهن گذاري ويندا. لاڙ جون اهي مينهون جيڪي کير جون باٽليون ڏهائينديون هيون، اهي هاڻي پاڻي جي باٽلي ڏسڻ لاءِ حيران آهن ۽ هتان جي ڪڻڪ، ڪمند ۽ سورج مکيءَ جهڙا جرڪندڙ فصل هاڻي مري ۽ مرجهائجي رهيا آهن.
سوڪهڙي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب مظلوم بنايل لاڙ جو هي ماضيءَ جو شاهوڪار خطو، وقت جي حڪومت، سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي توجهه جو طالب آهي. هتان جا ماڻهو هتان جون زمينون، هتان جا فصل، هتان جا وڻ هتان جون ڍنڍون هتان جا ڍورا، هتان جا جانور، هتان جا پکي هتي جي مڇي، هتان جا جيت جڻيا مطلب ته ڪل جيوت، سرڪار کان نه نوڪريون طلبي ٿي نه عهدا گهري ٿي نه ئي وري ڪي ڊگها ويڪرا مطالبا ڪري ٿي، هتان جي ڪل مخلوق اسان کان صرف پاڻي گهري ٿي.
لاڙ وارو علائقو، کنڊ جو ملڪ يعني شگر اسٽيٽ آهي. هن علائقي جا ماڻهو پئٽرول ۽ گئس جي ذخيرن جي مٿان رهن ٿا ۽ هاڻي هن علائقي مان اعليٰ قسم جو ڪوئلو به مليو آهي. پئٽرول، گئس ۽ ڪوئلي جي کوهن مٿان رهندڙ هي ماڻهو هاڻي هيئن چون ٿا ته ڪاش سندن زمين جا جَر پئٽرول بجاءِ مٺو پاڻي پيدا ڪن ها جيڪو کين پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي ته مجبور نه ڪري ها ۽ کين پنهنجي ان ضلعي اندر دربدر ٿيڻ تي مجبور نه ڪري ها. لاڙ جي پڊن مان نڪرندڙ تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي جيڪڏهن ڪا نالي ماتر رائلٽي به هتان جي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪئي وڃي ته هن علائقي مان پاڻي جي کوٽ سدائين لاءِ ختم ٿي سگهي ٿي پر سوال اهو آهي ته،
”آهي ڪو لاڙ جي مالڪي ڪرڻ وارو.“

(جولاءِ 2011ع ۾ نشر ٿيل)

سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن وڌائڻ وارو مطالبو

سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پگهار وڌائڻ جو مطالبو ٿيو آهي. اسٽيڊنگ ڪميٽي چيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پگهار سؤ سيڪڙو وڌائي وڃي. ان کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجي ملڪيتن جا جيڪي تفصيل جاري ڪيا انهن ۾ پتو پيو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جي ڪيترن وڏيرن، سردارن ۽ نواب ميمبرن وٽ پنهنجون ڪارون يا گاڏيون به نه آهن ۽ هو جن گاڏين تي چڙهن ٿا، اهي وٽن اڌاريون، ونگارو يا ڏوهل گاڏيون آهن، سنڌ اسيمبليءَ جا اهي ميمبر جن وٽ پنهنجون گاڏيون نه آهن، انهن ۾ ڪيترائي وزير، سردار يا نوابزادا شامل آهن.
سنڌ اسيمبلي هڪ چونڊيل ايوان آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ووٽن ذريعي اهو اختيار ڏين ٿا ته اهي ميمبر اسيمبليءَ ۾ پهچي سندن ڀلائي ۽ بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪن ۽ اهڙا قانون ٺاهين، جيڪي ووٽرن جي ذاتي ۽ اجتماعي زندگي ۾ ڪا خوشي ۽ خوشحالي آڻين. ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبليءَ سميت سمورا چونڊيل ايوان ۽ ادارا عوام جي ووٽ ذريعي وجود ۾ اچن ٿا تنهن ڪري اهي ايوان، عوامي راءِ جي ترجمان هئڻ سبب مقدس ۽ مانوارا ٿين ٿا. پر ڇا انهن ايوانن ۾ ويٺل نمائندا، پنهنجي ووٽرن سان ڪيل واعدا نڀائين ٿا؟ يا ڇا انهن ايوانن ۾ ويٺل نمائندن کي پنهنجي فرض ۽ عوام جي قرض جو پورو احساس آهي؟؟
سنڌ اسيمبليءَ سميت سمورن چونڊيل ايوانن جا سڀ ميمبر يقينن هڪ جهڙا نه آهن پڪ سان هڪڙا ميمبر اهڙا به آهن، جن جون دليون کليل ۽ جگر ڪشادا آهن. انهن ميمبرن جي گهرن، اوطاقن ۽ دفترن جا دروازا سدائين کليل آهن. انهن جا موبائيل نمبر به لڳندا آهن ۽ سندن ڪو به ووٽر ساڻن ڳالهائي به سگهي ٿو. اهڙا ميمبر سدائين هجومن ۾ گهيريل هجن ٿا ۽ سندن چهرا ۽ اکيون سدائين ٻهڪندي ۽ ماڻهن کي مرڪن جي ڀليڪار چوندي نظر اينديون آهن. اهي عوامي نمائندا ماڻهن جا حقيقي نمائندا آهن ۽ علائقي جي عوام کي اهڙن نمائندن تي فخر هوندو آهي پر بدقستميءَ سان انهن نمائندن جو تعداد گهڻو نه آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اهڙن معزز ميمبرن کان معذرت ڪندي جيڪڏهن سچ ڳالهائجي ۽ کانئن پڇجي ته اوهان اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجي ملڪيت جا جيڪي تفصيل جمع ڪرايو ٿا ڇا اهي سچا آهن ۽ ايمانداريءَ سان بيان ڪيل آهن؟ ڇا توهان وٽ واقعي به چڙهڻ ۽ سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪارون يا گاڏيون نه آهن؟ اوهان ايترا غريب آهيو جو توهان اڌارين، ونگارو يا ڏوهل گاڏين تي چڙهو ٿا؟ عوام ته سدائين توهان کي گاڏين جي هجوم ۽ جلوسن ۾ ڏسي ٿو، پوءِ توهان جي گاڏين پٺيان ”هٽو هٽو“ جا هوڪا ڏيندڙ، ڀوائتين شڪلين وارا اهي هٿيار بند ڪير آهن ۽ اهي ڪنهن جي گاڏين ۾ چڙهيل آهن؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته توهان جي شان ۽ شخصيت مٿان ڪنهن ماڻهو جو پاڇو به نه سهندڙ اُهي ”غريب گارڊ“ توهان لاءِ اهي گاڏيون به پنهنجي گهران ڪاهي آيا آهن؟ رڳو ايترو ئي نه پر توهان جي گهرن ۽ بنگلن ۾، تڪن، ترن ۽ ڳوٺن ۾، سرڪاري دفترن ۾ توهان جا جيڪي سيڪريٽري، ڪمدار ۽ ڪاراوا گاڏين ۾ هلن ٿا، يا توهان جي شوقن ۽ شڪارن خاطر پاليل پکي ۽ جانور، ڪتا ۽ ڪڪڙ جن گاڏين ۾ ڍوئجن ٿا، اهي سڀ گاڏيون توهان جون نه پر اڌاريون آهن.
سنڌ اسيمبليءَ جا بنا گاڏين وارا ميمبرو....! جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ڪابه گاڏي نه آهي ته اوهان کي هيتريون گاڏيون ڪنهن تحفي ۾ ڏنيون آهن؟ پوءِ توهان کي انهن تحفيدارن جو تفصيل به بيان ڪرڻ گهرجي ته جيئن توهان جي تڪ جو ڪو غريب ۽ ويچارو ووٽر، وقت اچڻ تي اوهان جي انهيءَ مهربان کان پنهنجي بيماري لاءِ به ڪا مدد طلب ڪري سگهي. ڇا سنڌ اسيمبليءَ جا بنا گاڏين وارا ميمبر اهو سمجهن ٿا ته عوام سندن ڳالهين کي سچ ٿو سمجهي ۽ عوام مٿن مڪمل طرح اعتبار ڪري ٿو ته هو ايترائي غريب آهن ۽ وٽن چڙهڻ لاءِ ذاتي گاڏي به نه آهي؟!
اسان جو خيال آهي ته زمانو بدلجي چڪو آهي ۽ عوام هاڻي ايترو بيوقوف نه رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو غريب پنهنجي ايم پي اي کي يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي مُنهن تي سچ چوڻ جي جرئت نه ٿو ڪري يا هو لحاظ ۽ مروت سبب خاموش ٿو رهي ته ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته هو حقيقت کي نه ٿو سمجهي. اسان سنڌ اسيمبلي جي انهن ڪروڙ پتي ”ڪنگلن“ کي گذارش ڪنداسين ته هو پاڻ ۾ سچ ڳالهائڻ جي جرئت پيدا ڪن ۽ غلط بياني جي عادت ڇڏي، عوام سان سچ ڳالهائڻ جي شروعات ڪن. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي توهان جي تڪ جو عوام، توهان جي ڳالهه کي غلط چئي، توهان جي پاران سچ ڳالهائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي.
جيستائين سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن وڌائڻ جي ڳالهه آهي تڏهن سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جو گذارو پگهارن تي آهي؟ هڪ محتاط اندازي موجب، سنڌ اسيمبليءَ جا ڏهه سيڪڙو به اهڙا ميمبر نه آهن، جن جو گذارو سندن پگهار تي هجي ۽ کين هر مهيني، ٻين پگهاردار ملازمن وانگي پگهار جو انتظار به هجي. ڪراچيءَ جي ڪجهه تڪن کان سواءِ باقي سڄي سنڌ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ تڪ مختلف خاندان جي قبضي ۾ آهن. جيئن اڳ ۾ اباڻا قبرستان ٻڌبا هئا ائين هاڻي اباڻا تڪ به سڏجن ٿا. هڪ محتاط جائزي مطابق سنڌ جا 50 سيڪڙو يعني اڌو اڌ تڪ اهڙا آهن جتي سنڌي وڏيرن جو گذريل مُني صديءَ کان قبضو آهي، 1936ع کان اڄ تائين وڏيرن جي ٽين پيڙهي انهن تڪن تي قابض آهي ۽ ٿوري ٿوري وقفي سان مسلسل چونڊون کٽندي ۽ حڪومت ۾ رهندي آئي آهي. باقي رهيل وڏيرا بعد ۾ سياست ۾ آيا ۽ هينئر سنڌ جا نوي سيڪڙو تڪ زميندارن ۽ وڏيرن جي قبضي ۾ آهن. قائم علي شاهه، خورشيد شاهه، منظور وساڻ، سيف الله ڌاريجي، اياز سومري، منور عباسي، ڊاڪٽر ستار راڄپر، غلام قادر چانڊئي، ڊاڪٽر سڪندر منڌري ۽ صادق ميمڻ کان سواءِ باقي سنڌ اسيمبلي جي 90 سيڪڙو ميمبرن وٽ هزارين ايڪڙ زمينن جو قبضو ۽ وڏيون ملڪيتون آهن، ڪروڙن جا ڪاروبار آهن ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ نوڪر آهن، پاڻ کي مير چورائيندڙ يا سردار سڏائيندڙ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جو ايوان ميرن ۽ سردارن کان سواءِ سيدن، رئيسن ۽ ڄامن سان به ڀريو پيو آهي ۽ هاڻي ان تي عام اتفاق آهي ته ايم پي اي جي سيٽ کٽڻ لاءِ چونڊ وڙهڻ تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ خرچ اچي ٿو.
پوءِ اهڙن ميمبرن جي گهڻائي، جيڪي ڪروڙ خرچ ڪري اسيمبليءَ ۾ پهچن، جن وٽ هڪ درجن کان وڌيڪ نوڪر هجن ۽ مهيني ۾ سندن خرچ جو ڪاٿو ٻن لکن کان 12 لکن تائين هجي، ان کي سنڌ اسيمبليءَ جي مجموعي سراسري پگهار 35 هزار مان وڌائي جيڪڏهن ستر هزار به ڏجي ته ڪهڙو فرق پوندو؟ جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پگهار ٻيڻي به ڪئي وڃي ته اها 90 سيڪڙو وڏيرن ۽ ميمبرن جي نوڪرن جو خرچ به نه لاهيندي. تنهن ڪري اسيمبلي ميمبرن جي پگهار وڌائڻ جو ڪوبه تڪ يا دليل نه ٿو ٺهي.
بلڪ ائين ٿيڻ گهرجي ته سنڌ اسيمبليءَ جا اهي ميمبر جن وٽ هڪ درجن کان وڌيڪ نوڪر آهن هڪ هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين آهي هڪ مهيني جو سندن ذاتي خرچ پنج لک روپين کان وڌيڪ آهي، انهن کي رضاڪارانا طور اسيمبليءَ مان پگهار نه وٺڻ گهرجي ۽ کين پنهنجي پگهار ايڌي، سيلاني، سنڌ مدرسي يا سول اسپتال جي يورولاجي شعبي ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.
باقي سنڌ اسيمبليءَ جي اندر جيڪي اهڙا ميمبر آهن، جيڪي اسيمبليءَ جو سڄو مدو خاموش گذارن ٿا ۽ هڪ لفظ به نه ڳالهائين ٿا ۽ ”جهڙا آيا جڳ ۾- تهڙا ويا موٽي“ جي سٽ وانگي، ڳالهائڻ جي لحاظ کان پنج ئي سال ”ڪنوارو“ گذارين ٿا، انهن کي ته اسيمبليءَ اندر ڪرسي سيڙائڻ جو ڪرايو ادا ڪرڻ گهرجي.

(آگسٽ 2012ع ۾ نشر ٿيل)

پ پ کي مشرف جو نظام قبولڻ نه گهرجي

سنڌ جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۽ نظام بابت پيپلزپارٽي ۽ متحدا جا تفريحي اجلاس جاري آهن. گذريل ڇهن مهينن کان ڪور ڪميٽيءَ جي نالي ۽ نمبر پليٽ سان هلندڙ گاڏي هڪ درجن کان وڌيڪ اجلاس ڪرڻ باوجود پنهنجي منزل تي نه پهتي آهي. پيپلزپارٽيءَ جي اتحادي ڌر متحدا جو مطالبو آهي ته مشرف جي ناظمي واري نظام کي برقرار رکيو وڃي، ڪراچيءَ کي پنجن ضلعن ۾ بحال نه ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت جا روينيو، پوليس، صحت ۽ تعليم جهڙا اهم کاتا شهري سرڪار جي ناظم جي حڪم هيٺ ڪيا وڃن. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي حڪومت ٻه واٽي تي بيٺل آهي، ان کان پنهنجي ووٽرن، چونڊيل نمائندن ۽ گذريل چونڊ مهم ۾ ڪيل واعدن جو مطالبو آهي ته سنڌ ۾ 1979 وارو بلدياتي نظام بحال ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جي ڏيڍ ڪروڙ واري آباديءَ جي شهر کي اڳوڻن پنجن ضلعن ۾ بحال ڪيو وڃي ۽ ناظمن کي ڏنل اختيارن جي ڇڙواڳيءَ کي گهٽايو وڃي. ٻئي طرف پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار متحدا کي به راضي ڪرڻ جي جتنن ۾ مصروف آهي. خبرناهي ته پ پ قيادت کي پنهنجي نمائندن کان وڌيڪ اتحادي نمائندن کي راضي رکڻ جو ڪهڙو لاچار آهي جو غلام حسين عمراڻي جي ڪلام وانگي پ پ اڳواڻ پاڻ کي ”قنڌار“ سمجهڻ باوجود اتحادي ڌر اڳيان ايترو ”مجبور“ آهن.
سنڌ جي عوام جنهن پ پ کي اميدن کان وڌيڪ ووٽ ڏئي اقتدار ۾ موڪليو آهي اهو عوام پ پ قيادت جي روين ۽ پاليسين تي پريشان آهي ته آخرڪار هن ڀيري پ پ پنهنجي پروگرام کان ايڏي پاسي مٽ ڇو ڪئي آهي ۽ پيپلزپارٽي ايتري بيوس ڇو آهي؟ ۽ پ پ کي پنهنجي گهرڀاتين کان وڌيڪ پاڙي وارن جو لاچار ڇا لاءِ آهي؟
سڀ کان اڳ ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت کي مڪاني ادارن جي نظام ۽ بنياد کي سمجهڻ گهرجي. پاڪستان جي مختصر سياسي تاريخ اها رهي آهي ته هن ملڪ جي ٽن وڏن آمرن، جنرل ايوب، جنرل ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف، ملڪ جي سياسي اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ هميشه غير جماعتي بلدياتي نظام متعارف ۽ مضبوط ڪرايو آهي. پاڪستان جي ٽنهي وقت جي آمرن، اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ پئي ڪيو ته جيئن بلدياتي نظام ذريعي ملڪ ۾ نئين سياسي قيادت کي پيدا ڪيو وڃي ۽ پوءِ نون سياسي اڳواڻن کي اختيار ۽ پئسو ڏئي کين تجربيڪار عوامي اڳواڻن جي مقابلي ۾ لاٿو وڃي. نه رڳو ايترو پر پاڪستان جي ٽنهي وڏن آمرن، پنهنجي پنهنجي دور جي سياسي اڳواڻن کي بدعنوان ۽ عوام دشمن قرار ڏئي چونڊن ۽ سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بلدياتي نظام جي پولٽري فارمن ذريعي اهي نوان سياسي اڳواڻ پيدا ڪيا، جيڪي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ته سياستدان هئا پر منجهن سياست ۽ قيادت جون ڪي به بنيادي خوبيون ۽ صلاحيتون موجود نه هيون.
1973ع جي آئين ۾ آئين کي ٽوڙڻ وارن لاءِ موت جي سزا تجويز ڪيل آهي، تنهن ڪري 73ع کان پوءِ جيڪي ٻه وڏيون مارشلا لائون آيون آهن، ان کان پوءِ آمرن، پنهنجي غداريءَ جهڙي مارشلا جي قدم کي آئيني تحفظ ڏياريو آهي. جنرل ضياءَ 73ع جي آئين ۾ اٺين ترميم ذريعي پنهنجي غيرقانوني قدمن کي آئيني تحفظ جو ڪوٽ ڏياريو آهي. جيتوڻيڪ 1979ع وارو بلدياتي نظام به هڪ آمر جو ئي ڏنل آهي پر پرويز مشرف جو بلدياتي نظام سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. پرويز مشرف کي اندازو هو ته 2001ع ايڪيهين صديءَ جو پهريون سال آهي. عوام سجاڳ آهي، ميڊيا نسبتن آزاد آهي، شهري ۽ انساني حقن لاءِ وڙهندڙ ڪارڪن ۽ تنظيمون موجود آهن، تنهن ڪري کيس پارليامينٽ مان اقتدار تي قبضي جو سرٽيفڪيٽ سولائي سان نه ملندو، ان سبب جي ڪري پرويز مشرف هڪ ته ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين پ پ ۽ مسلم ليگ نواز کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن جي قيادت يعني محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي ملڪ کان ٻاهر رهڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٻيو ته بلدياتي نظام کي ايترو مضبوط بنايو، جو صوبائي توڙي مرڪزي حڪومتن جي اهميت گهٽجي وئي. اهو پرويز مشرف جي دٻاءَ جو ئي نتيجو هو جو پيپلزپارٽي کي پ پ پارليامينٽرين جو نالو رکڻو پئجي ويو ۽ مسلم ليگ نواز کي نواز شريف بجاءِ شهباز شريف کي پارٽي سربراهه بنائڻو پيو. جنرل پرويز مشرف، ملڪ جي سياسي ايوانن ۽ اقتدار کي اهڙيءَ ريت هيٺ مٿي ڪيو جو ماڻهو صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلين جو ميمبريون ڇڏي لوڪل ڪائونسلن جا دفتر پڇڻ لڳا. جنرل پرويز مشرف ضلعي ناظمن کي ايترا اختيار ۽ پئسا ڏنا جو 2005ع جي بلدياتي چونڊن دوران ڪجهه ايم اين ايز، قومي اسيبمليءَ جي ميمبري ڇڏي ضلعي ناظم ٿيڻ لاءِ ميدان ۾ لٿا.
ناظمن جي بلدياتي نظام ذريعي، جنرل پرويز مشرف حقيقت ۾ ملڪ کي اندروني طرح ٽوڙي پرزا پرزا ڪيو ۽ ملڪ کي 110 ضلعي رياستن ۾ اهڙيءَ ريت ورهائي ڇڏيو آهي جو هينئر جڏهن تاريخ جو اهو بدترين آمر ملڪ مان ڀڄي چڪو آهي تڏهن، سندس تاتيل ۽ پاليل ناظم، سندس نظام مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ هو ضد ٻڌي بيٺا آهن ته اسين پرويز مشرف جي نظام کي تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين. ماضيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي اها خصوصيت رهي آهي ته هن سدائين آمريت جون نشانيون ڊاهڻ ۽ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ عوامي ۽ جمهوري پارٽي کي ڪرڻ به ائين ئي گهرجي جيئن پ پ ماضيءَ ۾ ڪيو آهي. ڇا پيپلزپارٽيءَ سميت ڪنهن به جمهوري پارٽيءَ لاءِ اهو ممڪن آهي ته هو هڪ آمر جي آئين ۽ ان جي متعارف ڪرايل نظام کي ڪنهن هڪ سياسي ڌر جي خواهش يا فرمائش تي برقرار رکي؟ ڇا اهو پيپلزپارٽيءَ لاءِ ممڪن آهي ته هوءَ پرويز مشرف جي حامين ۽ ساٿارين کي به قبول ڪري ۽ انهن ۾ آمريتي دور وارين ريتن ۽ رواجن کي به برقرار رکي؟ ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته پ پ پنهنجو پروگرام ۽ اوليتون ڇڏي، پرويز مشرف جي پٺيان لڳي پئي...!!
ٻيو ڪير ڪهڙي سياست ٿو ڪري ان جو پنهنجو رستو آهي پر پ پ جهڙي جمهوري جدوجهد جو شاندار ماضي رکندڙ پارٽيءَ کي پنهنجو رستو نه ڇڏڻ گهرجي. پيپلزپارٽيءَ تاريخ ۾ هميشه رڳو آمريت ۽ ان جي نشانين کي للڪاريو آهي ۽ انهن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو آهي. پيپلزپارٽي هميشه اقتدار جي وڏن وڏن ٿڙن کي ڪيرايو آهي، تنهن ڪري کيس انهن ٿڙن جي ڇانو ۽ پاڙ مان نڪرندڙ گئونچن جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي ماڻهن ۽ ملڪ جي عوام پ پ کي جيڪو ايترو وڏو ووٽ ڏنو آهي، ان جو مطلب به اهو ئي آهي ته ملڪ ۾ تبديلي اچي ۽ ملڪي سياست جي مُک تان آمريت جون سڀئي رهڙون ۽ نشانيون ڊاٺيون وڃن. ناظمن وارو بلدياتي نظام رڳو پرويز مشرف جي آمريت جي هڪ نشاني نه آهي، پر اهو نظام پاڪستاني تاريخ جي ان مڪار جنرل جو جمهوري نظام خلاف سڀ کان وڏو هٿيار هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين خاص ڪري سنڌ حڪومت سان وڙهي رهيو آهي. سياست ۾ مصلحت هڪ سٺي شيءِ آهي پر اصول مصلحت کان به وڌيڪ اتم هئڻ گهرجن. عوام سان ڪيل واعدن جو نڀاءُ ان کان به وڌيڪ اهم هئڻ گهرجي. پنهنجي عوام ۽ ووٽرن جي خواهشن جو احترام سڀ کان محترم ۽ مٿانهون هئڻ گهرجي.
پيپلزپارٽي جي سرڪار تي مخالفن جا اڳ ۾ به ڪيترائي الزام آهن ۽ انهن الزامن ۾ وزن به آهي ته پ پ حڪومت جا اتحادي مشرف سرڪار جا اتحادي آهن. پ پ حڪومت جا سڀ گورنر پرويز مشرف جا ئي مقرر ڪيل آهن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سميت ڪيترائي ڪامورا آمريت جو ئي تسلسل آهن. تنهن ڪري اسان پيپلزپارٽي کي تجويز ڪنداسين ته کيس پرويز مشرف ۽ پ پ وچ ۾ فرق جي ليڪ واضح ڪڍڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا ننڍي ۽ شهري پارٽي پنهنجي مفادن خاطر پ پ سرڪار تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي ته پ پ کي وڏي جمهوري ۽ عوامي پارٽي هئڻ ناتي پنهنجو موقف به سگهاري انداز ۾ ڏيکاري ۽ محسوس ڪرائڻ گهرجي.
دنيا جون جمهوري پارٽيون اصولن خاطر حڪومتن کان الڳ ٿي وينديون آهن، هندستان ۾ گذريل پارليامينٽ ۾ آمريڪا سان ائٽمي ٺاهه تي احتجاج ڪندي ڪميونسٽ پارٽيون ڪانگريس حڪومت کان الڳ ٿي ويون هيون. هندستان جي پارليامينٽ ۾ ته ڪميونسٽ ٿورائي ۾ هئا پر پوءِ به پنهنجي اصول جي سياست کي اتم رکيائون. اسان وٽ پ پ سرڪار اڪثريتي پارٽي آهي، اها جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن پارٽيءَ جي دٻاءَ کان سواءِ به مشرف جي نشانين کي ختم ڪري سگهي ٿي. پيپلزپارٽيءَ کي هاڻي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها پرويز مشرف جي نظام جي حامي بنجي ٿي يا ان جي مخالف. خدا نه ڪري جيڪڏهن پيپلزپارٽي پرويز مشرف جي بلدياتي نظام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجا اصول ۽ هٿيار هيٺ ڦٽا ڪيا ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ خلاف سڀ کان وڏو نعرو مشرف جي حمايت جو هوندو. پ پ قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته پارٽي ماءُ وانگي آهي ۽ حڪومتون جنم وٺندڙ ٻارن وانگي آهن، تنهن ڪري اصولن تي قائم رهي، مشرف جي نظام کي ختم ڪري پارٽي ماءُ کي بچائڻ جي ضرورت آهي. ماءُ پارٽي زندهه رهندي ته حڪومت جا ڪيئي ٻچا ڄڻيندي رهندي پر جيڪڏهن ماءُ جهڙي پارٽي مري وئي ته پوءِ اقتدار جو ٻيو ٻار ڪڏهن به جنم نه وٺي سگهندو.ها ائين ضرور آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي اوچي عمارت ٺاهيندڙ مقبوليت جون منزلون هر صوبي ۾ آهن، پنجاب ۾ به آهن، بلوچستان ۾ به آهن، سرحد ۾ به آهن، گلگت، بلتستان، ڪشمير ۽ قبائلي علائقن ۾ به آهن پر پ پ جو مضبوط بنياد سنڌ جو ووٽر آهي ۽ جيڪڏهن اهو بنياد ڪمزور ٿيو ته سڄي عمارت پٽ اچي پوندي.
نه رڳو ايترو پر پيپلزپارٽي کي عظيم ۽ امرت پارٽي بنائيندڙ ايم آر ڊيءَ جي عظيم جدوجهد جو بنياد به سنڌ آهي. سنڌ جي ماڻهن نه رڳو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ فوجي آپريشن ڀوڳيو. پر ان تحريڪ جي سزا ۾ بڇايل ڌاڙيلن جي بگهڙ ٽولن جو عذاب به ڀوڳيو، پر ان کان وڌيڪ ته سنڌ شهيد راڻي جي شهادت وقت پنهنجي پاڻ کي ساڙي جهڙيءَ ريت احتجاج ڪيو. اهو به تاريخ ۾ ڪڏهن، ڪنهن کان وسري نه سگهندو.
اها سنڌ جنهن پ پ لاءِ ايڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اها سنڌ جنهن پ پ جي قيادت ۾ ايڏي ولوڙ ۽ جاکوڙ ڪئي آهي، اها سنڌ جنهن پ پ لاءِ هيترو رت ۽ ست ڏنو آهي، اها سنڌ جنهن جي ماڻهن دامين، ڌرمين، سخنين يعني هڙان وڙان ڏئي، سدائين پ پ جو منهن مٿي ڪيو آهي. ان پ پ کي سنڌ جي ماڻهن جي ويساهه کي قتل ڪرڻ نه گهرجي ۽ سنڌ جي ڳچيءَ مان مشرف جي نظام جو ڳٽ هر صورت ۾ ڀڃي لاهڻ گهرجي. پ پ کي ڪراچيءَ جا ضلعا بحال ڪرڻ گهرجن، مشرف جو بلدياتي نظام ختم ڪرڻ گهرجي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه ۽ سکر ۾ ٽوڙيل تعلقا ۽ ضلعا بحال ڪرڻ گهرجن. پ پ کي سنڌ جي ماڻهن جو قرض واپس ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سنڌ جا ماڻهو پ پ کان پنهنجي حمايت ۽ محبت جو مُور واپس وٺڻ تي مجبور ٿيندا ۽ پ پ شاندار مستقبل واري پارٽي بنجڻ بجاءِ خراب ماضي واري پارٽي ليکي ويندي. خدا ڪري ائين نه ٿئي.

(جولاءِ 2012ع ۾ نشر ٿيل)

مڪاني ادارن کي بيت المال سمجهي نه ورهايو

خبرون آيون آهن ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي ايندڙ چونڊن لاءِ پاڻ ۾ سيٽن جي گڏيل ورهاست ڪري رهيون آهن. مڪاني ادارن جي صوبائي وزير آغا سراج دراني، صدر آصف علي زرداريءَ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته صدر کين هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ اتحادي ڌر سان تڪن تي تفهيم يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي وڃي. مڪاني ادارن جي وزير اهو به چيو آهي ته مڪاني ادارن جي مستقبل بابت جلد ئي سنڌ حڪومت جي اتحادي عرف جوڙيوالن ۾ اتفاق ٿي ويندو جنهن کان پوءِ مڪاني ادارن بابت فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي طرف وري اهي به خبرون آهن ته صدر ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته چئن ئي صوبن ۾ هڪ جهڙو مڪاني ادارن جو نظام متعارف ڪرايو ويندو.
اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف هن ملڪ جي جمهوريت کي جيڪي جيجو بڇايا هئا انهن ۾ هڪڙو بلدياتي نظام جو جيجو به شامل هو. بلدياتي نظام ذريعي پرويز مشرف سڄي پاڪستان کي 110 ضلعن جي ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائي، مقامي وڏيرن، چوڌرين، خانن ۽ سردارن کي ضلعي ترقياتي بجيٽ جي نالي ۾ ڪروڙين رپين جا فنڊ ڏئي، ڊي سين ۽ ايس پين سميت سمورن ڪامورن جون واڳون سندن هٿ ۾ ڏئي، کين ضلعن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. اهو سڀ ان ڪري ڪيو ته جيئن وڏيرا چوڌري، خان ۽ سردار مقامي طور بادشاهه ٿين ۽ ان جي موٽ ۾ هو پرويز مشرف جي آمراڻي وفاقي سرڪار جا ساٿاري بنجن ۽ پرويز مشرف کي آئين ۽ ملڪ جي نظام کي ٽوڙڻ، ڦاڙڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ سان اڊيڙڻ ۽ اکيڙڻ جا اختيار ڏين.
هاڻي جڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ٿي آهي ته پرويز مشرف جي ترقياتي بجيٽن تي تاتيل اهي سگها سڻڀا ناظم مڪاني ادارن جي نظام کي سڪڻن ٻارن وانگي اهڙو زور سان قابوءَ ۾ جهلي بيٺا آهن جو، جيڪڏهن ان نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته هو واويلا شروع ڪري ڇڏين ٿا ۽ مڪاني نظام جي آمراڻي حڪومت جو اهڙيءَ ريت تحفظ ڪن ٿا ۽ پرويز مشرف کي اهڙي ريت ساراهين ٿا جو ڄڻ پرويز مشرف ڪو قائداعظم ثاني هو ۽ سندس آندل نظام ڪا آسمان مان لٿل مَن و سلوا جهڙي نعمت هئي.
بلدياتي نظام مان مچي مست ٿيل ڪراچيءَ جي شهري سرڪار ته اهڙي مستيءَ ۾ اچي وئي آهي جو اها مڪاني وزير ته ڇا پر سنڌ جي وڏي وزير کي به گاهه وجهڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ شهري سرڪار جا عمل توڙي ردعمل اهڙا آهن ڄڻ ڪراچي، سنڌ کان الڳ ۽ ملڪ جي حدن کان ٻاهر قائم ڪو اهڙو ٻيٽ يا شهر هجي جتي صوبي ۽ ملڪ جا قانون نه هلندا هجن. بلدياتي نظام بابت گذريل ڪيترن مهينن کان سنڌ حڪومت جي چئن اتحادين مان ٻن اتحادين پاڻ ۾ درجنين اجلاس ڪوٺايا آهن پر اقتدار جي گهوڙي تي سوار ٻن شهسوارن جي ”ڪور ڪميٽي“ ڪڏهن به ڪنهن فيصلي تي نه پهچي سگهي آهي. ان وچ ۾ ميڊيا ۾ ڪجهه خبرون اينديون رهيون آهن، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايم ڪيو ايم پ پ کان ڪراچي، حيدرآباد، ميرپوخاص، نوابشاهه ۽ سکر ضلعا گهريا آهن، ان خبر جي ڪابه ترديد نه آئي آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي مطالبا درست آهن. ايم ڪيو ايم جا اهي مبينا مطالبا ان ڪري به درست ٿا لڳن جو ان کان اڳ 2004ع ۾ ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي حيدرآباد ضلعي کي چئن ضلعن ۾ ورهايو ويو هو ۽ حيدرآباد جي تاريخي ضلعي کي ڇانگهي باقي صرف ايترو بچايو ويو هو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم آسانيءَ سان پنهنجو ضلعي ناظم چونڊرائي سگهي. نه رڳو ايترو پر ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سکر شهر جي تعلقن جي حدن جي به اهڙي وڍ ٽڪ ڪئي وئي جو ايم ڪيو ايم انهن تعلقن مان به پنهنجا ناظم آسانيءَ سان چونڊرايا هئا. اڄڪلهه ميڊيا جي اندر جيڪي خبرون اچن پيون ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي اثر وارا اهي سڀ علائقا پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي ۽ انهن علائقن مان پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار ۽ پارٽيءَ کي پري رکڻ چاهي ٿي. ميڊيا ۾ اهي به خبرون اچي رهيون آهن ته پ پ سرڪار گهڻي ڀاڱي ايم ڪيو ايم جا مطالبا منظور ڪري ورتا آهن ۽ امڪان آهي ته حڪومت جا ٻئي جوڙيوال پاڻ ۾ انهن معاملن تي هڪ ٻئي سان ڀائر ٿي وڃن.
پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي اهو حق حاصل آهي ته هو هڪ ٻئي سان ڪنهن به قسم جو اتحاد ڪن ۽ جڏهن به چاهين ۽ جيئن به چاهين، هڪ ٻئي سان ڪس ۽ ڪثر کائين، پر پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم يا ڪنهن به ٻي حڪمران ڌر کي اهو حق حاصل نه آهي ته هو پنهنجي پارٽي مفادن خاطر اهڙا فيصلا ڪن، جيڪي جمهوريت ۽ سندن حڪمرانيءَ جي روح جي ابتڙ هجن. مثال طور ارباب غلام رحيم جي دور ۾ حيدرآباد کي چئن ٽڪرن ۾ اهو چئي ورهايو ويو هو ته وڏي ضلعي جو انتظام سنڀالڻ ڏکيو ڪم آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته ان کان اڳ ڪراچيءَ جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري هڪ ضلعو ڇو بنايو ويو هو؟ جيڪڏهن حيدرآباد جي پراڻي ضلعي جي ويهه لک آبادي هڪ انتظام ۾ هلي نه ٿي سگهي ته پوءِ ڪراچيءَ جي ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي، هڪ ئي نظام هيٺ ڪيئن هلي رهي آهي؟
ساڳيءَ ريت ارباب غلام رحيم پنهنجي وڏ وزارت جي دور ۾ 2005ع جي بلدياتي چونڊن کان ٿورو اڳ ۾ ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ سکر جي تعلقن جي حدبندي ڪهڙي مقصد لاءِ ڪرائي هئي؟ صرف ان لاءِ ته جيئن ايم ڪيو ايم کي سياسي فائدو ڏئي سگهجي، نه رڳو ايترو پر ارباب غلام رحيم پنهنجي حڪمرانيءَ جي لٺ ۽ چٽ جي زور تي سنڌ جي 23 ضلعن مان 21 ضلعن جا ناظم، پنهنجي پسند جا چونڊرايا هئا. ان وقت جي مخالف ڌر پاڪستان پيپلزپارٽي هئي. جنهن ارباب رحيم ۽ سندس سرپرست اعليٰ جنرل پرويز مشرف جي انهن طريقن کي غيرقانوني قرار ڏنو هو ۽ مٿس سرعام تنقيد ڪندي زبردست احتجاج ڪيا هئا. ارباب رحيم جي دور ۾ به سنڌ حڪومت ۽ ان جون اتحادي ڌريون، سنڌ جي وسيلن، حڪومتي عهدن ۽ عملدارن جي ائين ئي ورهاست ڪنديون هيون، جيئن اڄڪلهه پ پ ۽ ان جون اتحادي ڌريون ڪور ڪميٽيءَ ۾ ويهي ڪن ٿيون. جيڪڏهن پ پ به ائين ئي ڪري جيئن ارباب رحيم ڪندو هو ته پوءِ جمهوريت ۽ آمريت ۾ ڪهڙو فرق ٿيندو؟ پيپلزپارٽي جي سرڪار کي 2005ع وارو ارباب رحيم جو انداز پنهنجائڻ نه گهرجي ۽ کيس ان وقت جي رڪارڊ جو شيشو کڻي، پنهنجي پاڻ کي ان ۾ ڏسڻ گهرجي.
جيڪا ڳالهه ارباب رحيم کي سمجهه ۾ نه آئي هئي ۽ پيپلزپارٽيءَ ان وقت کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اها ڳالهه پ پ کي هاڻي پاڻ به ياد رکڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته حڪومتون وسيلن ۽ صوبن توڙي ملڪن جون مالڪ نه پر رکوال ۽ واهي هونديون آهن. کين پنجن سالن لاءِ عوام ان ڪري چونڊيو آهي ته هو هن صوبي جي وسيلن ۽ انتظام کي انصاف ڀرئي انداز ۾، قانون موجب هلائين. جيڪڏهن ڪالهه ارباب غلام رحيم سنڌ جو ڪهڙيءَ ريت به وڏو وزير بنجي ويو هو ته ان جو اهو مطلب هرگز نه هو ته هو سنڌ جو مالڪ بنجي ويو هو ۽ هن کي سنڌ جو اڇو ڪارو نيلام ڪرڻ جو اختيار هو. بلڪل ساڳيءَ ريت پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار کي به اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هوءَ هن وقت سنڌ ۽ ان جي وسيلن ۽ اختيارن جي رکوال ۽ نگهبان آهي مالڪ نه آهي جو جيئن چاهي ائين ان کي ونڊي ورهائي ڇڏي. حڪومتون وسيلا ۽ اختيار بيت المال نه آهن جو ان کي گهرجائو ۽ منٿائو ماڻهن ۾ خيرات ڪيو وڃي. نه ئي اختيار ۽ اقتدار مال غنيمت آهي جو ان کي فاتح پارٽين ۾ تقسيم ڪجي. اهو اختيار نه ڪالهه ڪنهن وٽ هو نه اڄ ڪنهن وٽ آهي نه سڀاڻي ڪنهن وٽ اچڻو آهي. اختيار، اقتدار ۽ وسيلن جي ورهاست ڪيئن ڪرڻي آهي اهو سڀ دستور ۽ قانون ۾ درج ٿيل آهي، تنهن ڪري مفاهمت جي نالي ۾ ڪوبه اهڙو سودو نه ٿيڻ گهرجي، جيڪو آئين جي ابتڙ ۽ قانون جي ضد ۾ هجي.
پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي پنهنجي جوڙيوالي قائم رکڻ دوران اها ڳالهه به چٽي طرح سمجهڻ گهرجي ته اڪثريت جي آمريت مڙهڻ جو نالو جمهوريت نه آهي. جمهوريت جو مطلب هر ڪنهن کي اڳتي اچڻ ۽ اختلاف راءِ رکڻ لاءِ مناسب جاءِ، وقت ۽ هنڌ فراهم ڪرڻ به آهي. سنڌ ۾ رڳو پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ئي وجود نه ٿيون رکن پر سنڌي قوم پرست، قائداعظم مسلم ليگ، مسلم ليگ نون، ڪجهه مذهبي ڌريون ۽ ٻيون پارٽيون به پنهنجو وجود ۽ حيثيت رکن ٿيون، تنهن ڪري پ پ سرڪار کي جمهوريت جي نالي ۾ ننڍن ننڍن مخالفن جي راءِ ۽ وجود کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اسان سميت ڪنهن به فرد، اداري يا پارٽيءَ کي پ پ- ايم ڪيو ايم جي امڪاني مفاهمت تي اعتراض نه آهي ۽ نه ئي هئڻ گهرجي. پر ان مفاهمت کان اڳ اهو طئي ڪرڻ ضروري آهي ته پرويز مشرف جي آمريت جي دور ۾ ڏنڊي جي زور تي جيڪي تڪ مٽيا، ضلعا ٽٽا ۽ انتظامي توڙي انتخابي تبديليون آيون اهي غلط هيون يا درست هيون. جيڪڏهن آمر ۽ ان جي ڌالن جون ڪيل ڌانڌليون غلط هيون ته پهريائين آمريت جي انهن اذيتناڪ علامتن کي هٽائڻ ۽ مٽائڻ ضروري آهي پ پ سرڪار کي پنهنجي سياست ۽ مستقبل کي سنوارڻ جو حق ضرور هئڻ گهرجي پر کيس پنهنجي ماضيءَ جي جدوجهد ۽ اصولي سياست کي وساري ان تان هٿ به نه کڻڻ گهرجي.

(جون 2012ع ۾ نشر ٿيل)

قوم پرست سياست جو جمهوري انداز

جيئي سنڌ قومي محاذ 7 نومبر 2009ع تي ڪراچي ۾ هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي، نئين سياسي تاريخ رقم ڪئي آهي. 14- اپريل 1988ع تي سنڌي عوام جي قومي اتحاد جي شاندار جلسي کان پوءِ 21 سالن بعد، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾، سنڌي قوم پرستن جو هي تاريخي ميڙ هو.
جسقم جي سڏ تي مورڙي جي شهر ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو هي لهرون هڻندڙ ساگر جڏهن بندر روڊ تي ڇلڪي رهيو هو تڏهن ڪراچي، ڪنهن خواب جو منظر ڏيکاري رهي هئي. انقلابي گيتن تي رقص ڪندڙ اهي نوجوان، جنهن کي هالن وارو حفيظ قريشي،ڇتا ڇورا سڏيندو هو، اهي جڏهن نعرن جي برسات ۾ ٿر جي مورن وانگي مست ٿي نچيا پئي، تڏهن ائين پئي لڳو ته سنڌ واسين کان رٺل ۽ رنج ٿيل ڪراچي، حالتن جي جبري ڪات کان ڪٺل ۽ ڪوماڻيل ڪراچي، ڌارين جي ڌاڙن ۾ ڦريل ۽ لٽيل ڪراچي،وقت جي وڏي وٿي کان پوءِ پنهنجي پوتن ۽ سپوتن سان اچي ملي هئي.
جيتوڻيڪ اهو انومان به هو ته ماڻهن جي سمونڊ جهڙي شهر ۾، مورڙي جي مائٽن جي هن جلوس تي ڪو ڪانئر، ڪو قاتل اهڙو حملو به ڪري سگهي ٿو، جهڙو جسقم چيئرمين بشير قريشيءَ تي هن سال 24 جولاٰءِ تي ڪراچيءَ ۾ ڪيو ويو هو پر پوءِ به سنڌ جا هي ارڏا ارجمند ڪُنن ۾ ڪاهي پيا ۽ ڪراچيءَ جو هر رستو هنن جي آجيان ۾ وڇانئجڻ لڳو. ان موقعي تي سنڌ جي قوم پرست پارٽين جو رويو به اتساهه بخشيندڙ هو جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ محاذ، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ نيشنل پارٽيءَ جسقم جي مارچ جي پانڌيئڙن لاءِ هر چونڪ تي آجياڻيون اکيون وڇائيون ۽ مٿانئن، ”جيئو جيئو- سدا جيئو“ جهڙا نعرا نڇاور ڪيا.
ان کان اڳ عوامي تحريڪ پاران ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين شروع ڪيل لانگ مارچ کي به ذري گهٽ سنڌ جي سمورن قوم پرستن هر شهر ۾ اڳيان وڌي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي پٿون ٿيل پيرن مٿان ريٽن رنگن وارن ڳاڙهن گلن جي ورکا ڪئي آهي.
سنڌ جي قوم پرست سياست ۾ روئين ۽ سوچن جي اها غيرمعمولي تبديلي هڪ نسل جي وٿي يعني جنريشن گيپ کان پوءِ ڏٺي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا قوم پرست هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا آهن. اڄ کان پنجويهه سال اڳ، اسيءَ واري ڏهاڪي ۾، سنڌ جا قوم پرست هڪ ٻئي جا جلسا ۽ پروگرام ڦٽائڻ جون ڪوششون ۽ سازشون ڪندا هئا پر هاڻي حالتون به تبديل ٿيون آهن ۽ زمانو به بدليو آهي تنهن ڪري، سنڌ جي قوم پرستن جي سياست ۾ به ارتقا نظر آئي آهي ۽ هو هڪ ئي جلسي ۾ هڪ اسٽيج تي گڏ ويهندي، گڏ ڳالهائيندي ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي تصويرون ڪڍرائيندي نظر اچن ٿا ۽ ائين لڳن ٿا ڄڻ هڪ ئي راهه جا سڀئي پانڌيئڙا آهن. ساڳيءَ ريت سنڌ جي قومپرستن هاڻي چونڊن ۾ حصو وٺڻ، عوامي مسئلن لاءِ احتجاج ڪرڻ ۽ بک هڙتالون ڪري عوام ۽ حڪومت جو ڌيان ڇڪرائڻ واري سياست ۾ جيڪو پيرپاتو آهي، اها به قوم پرست سياست اندر هڪ مثبت تبديلي آهي. پر انهن سمورين تبديلين کان پوءِ به سنڌ جي قوم پرست پارٽين کي نين حقيقتن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ جي قوم پرستن جو ڪراچيءَ ڏانهن گهڻي ڀاڱي اهوئي رويو رهيو آهي جيڪو اڍائي سو سال اڳ ڪلهوڙن ۽ پوءِ ٽالپرن جو ڪراچيءَ ڏانهن هو. 1795ع ۾ جڏهن ٽالپر حاڪمن، خان آف قلات کان ڪراچي واپس ورتي، تڏهن ڪراچي هڪ ننڍڙو ڳوٺ ۽ بندر يا مڇيرن جي مياڻي هئي. ٽالپرن کان پوءِ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي تڏهن به ڪراچي هڪ ننڍڙو شهر هئي. 1843ع واري ڪراچيءَ ۾ پيئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ مٺو پاڻي نه هوندو هو. تنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪراچيءَ کي کارو شهر سمجهندا هئا ۽ ڪراچيءَ ۾ گهر ٺاهي رهڻ کي اوکو ۽ ناممڪن سمجهندا هئا پر انگريزن، جيئن ئي، ڪراچيءَ جي ڪياماڙي بندر کي ترقي وٺرائي، ڪراچيءَ کي مٺو پاڻي ڏنو، ريل ۽ پڪو رستو ٺهرايو، تڏهن کان ڪراچي هڪ کاري ۽ اونداهي ڳوٺڙي مان نڪري، سٺو، مٺو ۽ روشنين جو شهر بنجي پيو آهي. ڪراچيءَ کي سهڻو شهر ٺهئي به سوا سؤ سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر پوءِ به ڪراچيءَ کي سنڌي عام طرح ۽ سنڌ جا سياسي اڳواڻ خاص طرح نظر انداز ڪندا رهيا آهن ۽ ڪراچيءَ ڏانهن اچڻ کان ڪيٻائيندا رهيا آهن. سنڌين جي ان سستيءَ سبب ڪراچيءَ جو شهر ڄڻ ڌارين جي ڌرتي ۽ عالمي يتيمن جو مسافرخانو بنجي پئي آهي، جنهن ۾ ايرانين، افغانين، برمين ۽بنگالين کان سواءِ ڀانت ڀانت جي ملڪن جا غيرقانوني شهري اچي آباد ٿيا آهن ۽ هاڻي انهن جو تعداد لکن ۾ آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارن شروعاتي سالن ۾ يا ون يونٽ واري زماني ۾ جڏهن پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو ويو، تڏهن کان وٺي ڄاڻي واڻي ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ رکڻ ۽ محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪئي ويئي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو سميت ڪيتريون صوبائي آفيسون ۽ ادارا حيدرآباد ۾ قائم ڪيا ويا ۽ حيدرآباد جي ٿڌين هوائن جو ادب ۽ شاعريءَ ۾ ايڏو شور ۽ شوشو برپا ڪيو ويو جو سنڌي ڪراچيءَ کي وساري ويٺا ۽ حيدرآباد کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي اتي ئي گوڏو ڀڃي ويهي رهيا. ستر واري ڏهاڪي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي آمد ضرور وڌي پر افغانستان ۽ ايران جي انقلابن ۽ بنگلاديش ۽ برما جي فوجي حالتن سبب لکين غيرملڪي اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا ۽ هاڻي هي شهر غيرقانوني باشندن جو شهر محسوس ٿئي ٿو. اڄ جڏهن لکين ايراني، افغاني، برمي ۽ بنگالي ڪراچيءَ جي نوڪرين، ڪمن ۽ ڪاروبارتي قبضو ڪري ويا آهن، تڏهن وڃي اسان جي قوم پرستن کي سمجهه آئي آهي ته ڪراچي سندن هٿن مان کسڪي رهي آهي. ڌارين جي آبادڪاريءَ جو ئي نتيجو هو جو 1983ع واري جمهوري تحريڪ ۾ سڄي سنڌ مارشل لا مرده باد جا نعرا هڻي رهي هئي، پر ان ڪاري دور ۾ به ڪراچي خاموش هئي.
1983ع واري جمهوري تحريڪ کان پوءِ سنڌ جي قوم پرستن ۽ ترقي پسندن جا ڪپاٽ کلڻ کپن ها ۽ هنن کي پنهنجي جمهوريت ۽ محب وطن تحريڪن جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ها پر هنن ائين نه ڪيو ۽ هو حيدرآباد ۾ ئي پنهنجا دفتر کولي ويٺا رهيا.
جيئي سنڌ قومي محاذ، ان سلسلي ۾ يقينن خراج جو مستحق آهي، جنهن جي سربراهه بشير خان قريشيءَ پنهنجو ٺڪاڻو ڪراچيءَ ۾ ٺاهي، پنهنجي ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي سياست کي ملڪ ۽ دنيا سان ملائڻ لاءِ ڪراچي جي معرفت ورتي آهي. جسقم سربراهه بشير قريشيءَ جي اهڙي جرئت ڀري سياست جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هن تي ڪراچيءَ ۾ بزدلاڻو، قاتلاڻو حملو ڪرائي، هن کي ڪنبائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌ جو هي فرزند سنڌ جي شاعر جي ان ڪوِتا سان ڪلهو ملائيندي نظر آيو ته،
”هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪ ٿيا
جيئن لڪ لڳي، تيئن رڪ ٿيا.“
ڪراچي ڏاتار شهر آهي. تنهن ڪري روزي ۽ روزگار جي مڱيندڙ سنڌين کي هن شهر ڏانهن اچڻ گهرجي ۽ هن شهر جي وارثيءَ ۽ مالڪي ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي سمورن قوم پرستن کي پنهنجي سياست جي ننڍڙن دائرن مان نڪري پنهنجي پاڻ کي ملڪ گير ۽ جمهوري تحريڪ سان ڳنڍڻ گهرجي ۽ ان لاءِ کين ڪراچيءَ جي معرفت ۽ وسيلو اختيار ڪرڻ گهرجي. جيئن سرحد جي سمورن سياستدانن جو ڳڙهه پشاور، پنجاب جي سياستدانن جو مرڪز لاهور ۽ بلوچن جي سياست جو محور ڪوئيٽا آهي، بلڪل ائين سنڌ جي قوم پرستن کي به پنهنجي سياست ۽ سرگرمين جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنائڻ گهرجي، کين پنهنجا گهر ۽ دفتر به ڪراچيءَ ۾ ٺاهڻ گهرجن ته جيئن هو ملڪ جي قومي ۽ جمهوري سياستدانن سان تڪڙي واسطي ۽ رابطي ۾ رهن. ڪراچي رڳو روزگار ڏيڻ جو شهر نه آهي پر ان جو شمار دنيا جي عظيم شهرن يعني ”ميگا سٽيز“ ۾ ٿئي ٿو. تنهن ڪري هي شهر عالمي واپار، سياست ۽ حڪمت عمليءَ جو مرڪز به آهي، هن شهر کي جيڪڏهن افغاني، ايراني، برمي ۽ بنگالي ان داتا طور تسليم ڪري، ان مان دان وٺي سکي زندگي گذاري سگهن ٿا ته پوءِ هن شهر کي اسين پنهنجي علمي، جسماني ۽ انساني ضرورتن جي پورائي لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهون ٿا.
افغانين، ايرانين، برمين ۽ بنگالين سميت غيرملڪي ماڻهو ڪراچيءَ سميت، سڄي ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهن ۽ امن جي واديءَ جي هن ملڪ جو سڪون تباهه ڪرڻ ۾ به گهڻي ڀاڱي غيرملڪي ئي ملوث آهن. تنهن ڪري هن ملڪ کي ٻيهر امن جو هندورو بنائڻ لاءِ به ضروري آهي ته ڪراچيءَ کي غيرقانوني شهرين کان پاڪ ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ به ضروري آهي ته سنڌ جا اصلوڪا باشندا، ڪراچيءَ ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي يقيني بنائين ته جيئن ڪراچيءَ مان عالمي يتيمن جو بار گهٽائي سگهجي.
اڄ کان ايڪيهه سال اڳي 14 اپريل 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي عوام جي قومي اتحاد طرفان ڪالاباغ ڊئم خلاف ۽ سنڌ جي ٻين مطالبن جي حق ۾ هڪ عظيم الشان مارچ ڪيو ويو هو. لکين ڌرتيءَ ڌڻين جي انهيءَ جلوس کي ڏسڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آباد لکين غيرقانوني غيرملڪي ڏڪڻيءَ ۾ پئجي ويا هئا ته وطن جا وارث پنهنجي محبوب شهر ۾ پهچي ويا آهن. اڄ ايڪيهين سالن کان پوءِ ان ڳالهه جي وڌيڪ ضرورت آهي ته سنڌ جي ان انمول شهر ۽ پاڪستان جي داتا ۽ دادلي شهر کي بچائڻ لاءِ سنڌ جا محب وطن، روشن خيال ۽ قوم پرست پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
جسقم جي 7 نومبر واري ريلي هڪ تاريخي ڪاميابي آهي پر ڪاميابي جو اهو پهريون قدم آهي. هڪ ئي ڪاميابي کي سڀ ڪجهه ۽ ڪافي سمجهي ويهي نه رهڻ گهرجي. سنڌ جي قوم پرستن کي پنهنجي سياست ۽ حڪمت عمليءَ جا رخ ۽ طرف بهتر ۽ درست ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي سياست کي ملڪي ۽ عالمي ڌارا سان ڳنڍڻ گهرجي. سنڌ جي قوم پرستن کي پنهنجي سياست ۽ حڪمت عملي جا بنياد، سائنسي بنيادن، زميني حقيقتن ۽ تحقيق جي روشنين ۾ رکڻ گهرجن. قوم پرستن کي پنهنجي انداز ۽ تعلقاتن ۾ لچڪ، رواداري ۽ جمهوريت پسندي ڏيکارڻ گهرجي. عوامي ڀلائي جا اهي نقطا ۽ مطالبا جنهن تي سنڌ جي قوم پرست ۽ ترقي پسندن جو موقف ساڳيو آهي، ان تي کين گڏ ويهڻ گهرجي ۽ ذاتي انائون، رنجشون يا اختلاف پاسيرا رکي، هڪ پائيدار ۽ گهڻو وقت هلندڙ اتحاد ٺاهڻ گهرجي. سنڌ کي اتحاد جي سياست جي جيڪا اڄ گهرج آهي، اها اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.
سنڌ ۾ اتحادن جي سياست اڳ ۾ به ٿيندي رهي آهي، پر اها سهپ ۽ اعليٰ ظرفي جي کوٽ سبب سدائين کٽل نظر آئي آهي. سنڌ جي قوم پرستن کي سنڌ جي جمهوري ۽ آئيني حقن جي حاصلات لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ کين پنهنجي سياست کي ملڪ جي ٻين جمهوريت پسند عوام ۽ پارٽين سان گڏائڻ گهرجي ۽ ان مقصد جي لاءِ کين ڪراچيءَ کي پنهنجي واٽ ۽ وسيلو بنائڻ گهرجي، جيڪڏهن هو گڏجي ويٺا ته ڪاميابي يقينن سندن مقدر بڻبي.
محبتي ميڙي، ٻڌج هڪڙو ڳوٺڙو
تنين جي ويڙهي، پاڻهئي ايندو پاتشاهه (شاهه)

(8 نومبر 2009ع تي نشر ٿيل)

تبديلين جو مهينو - آگسٽ

هونئن ته آگسٽ جو مهينو ڪيترين ئي سياسي تبديلين جي ڪري مشهور آهي جنهن ۾ 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءَ جي موت ذريعي تبديلي، 6 آگسٽ 1990ع تي بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جي برطرفي ۽ 18 آگسٽ 2008ع تي جنرل پرويز مشرف جي استعيفا ذريعي تبديلي شامل آهن، پر سنڌ جي تاريخ ۾ 7 آگسٽ 2010ع جو اهو ڏينهن تاريخ جي سياهه ترين ڏينهن طور لکيو ۽ ليکيو ويندو، جنهن ڏينهن تي ٽوڙي جو بند ٽٽو ۽ پوءِ سنڌ ۾ مهاٻوڏ ڌوڪي آئي، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ اهڙي تباهي آئي، جيڪا سنڌ جي تاريخ ان کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.
جيتوڻيڪ تاريخ جي ڪتابن ۾ 962ع واري زلزلي جو به ذڪر آهي، جنهن سنڌ جي اروڙ واري علائقن جا ٽڪر به ٽاڪي ڇڏيا هئا ۽ درياهن جا وهڪرا به مٽائي ڇڏيا هئا. ساڳيءَ ريت تاريخ جا ورق 1819ع واري ان زلزلي جي به نشاندهي ڪن ٿا جن سنڌ جي سرزمين سان ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي ڳنڍيندڙ سنڌونديءَ جي ڪونئرو واري ڦاٽ کي به لٽي ڇڏيو. گڏو گڏ تاريخ ۾ ٻين به ڪيترن ئي زلزلن، زميني تبديلين، واچوڙن، مينهن، طوفانن، وبائن، بيمارين ۽ اهڙن ٻاهرين حملن جو ذڪر آهي، جنهن جا سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي نهايت نه مٽجندڙ نشان آهن پر 7 آگسٽ 2010ع واري مهاٻوڏ جي تباهين جا نشان، مٿي ڄاڻايل سڀني مصيبتن کان وڌيڪ ڳرا ۽ ڀوائتا آهن ۽ هن مهاٻوڏ ذريعي آيل تباهيءَ جا گهاءَ نه ڄاڻ ڪيترن سالن ۽ ڏهاڪن تائين اسان کي گهائيندا ۽ ماريندا رهندا.
7 آگسٽ 2010ع تي سنڌو درياهه ۾ آيل ٻوڏ جي بچاءَ واري ٽوڙي بند ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ ۾ تباهيءَ جا ڄڻ ڪيترائي بند ٽٽي پيا هئا. جنهن کانپوءِ پڪن پختن علائقن جا هزارين ڳوٺ ۽ شهر ڄڻ درياهه جي پيٽ ۾ اچي ويا ۽ سوين سالن جي پيار ۽ پورهئي سان جوڙيل ڪيترا جاڳندڙ جرڪندڙ تاريخي شهر توڙي ڳوٺ ٻڏي تباهه ٿي ويا. ٽوڙي جي بند ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪو نقصان ٿيو ان لاءِ هڪڙا ته سرڪاري انگ اکر يا اندازا آهن ته سنڌ ۾ ان ٻوڏ کان پوءِ 23 ضلعن مان 17 ضلعا متاثر ٿيا، جن مان اٺ ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا يعني 74% (سيڪڙو) سنڌ متاثر ٿي. جنهن مان 35 سيڪڙو ته ڄڻ مڪمل تباهه ٿي. 16 لک خاندانن جا هڪ ڪروڙ ڀاتي دربدر ٿيا. ساڍن اٺ سؤ ارب رپين جو نقصان ٿيو. پر ٽوڙي واري بند ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪا زبردست تباهي آئي آهي، ان سنڌ جي معيشت، معاشرت ۽متاثر ٿيل ماڻهن جي ذهنن ۽ روحن تي جيڪي اثر ڇڏيا آهن ۽ کين جيڪي نقصان پهچايا آهن، انهن جو ازالو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهندو.
سرڪاري کاتن ۽ عملدارن ته مهاٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جو ظاهري ڪاٿو لڳايو آهي. مثال طور ٻڏي ويل فصلن جي نقصان جو ڪاٿو ته لڳايو ويو آهي پر کاري ۽ ٻاڙي ٿي ويل جرن جي پاڻيءَ جي نقصان جو ڪاٿو ڪيئن لڳائبو؟ ساڳيءَ ريت لڙهيل گهرن ۽ تباهه ٿيل رستن جي نقصان جو ڪاٿو ته لڳايو ويو پر ماڻهن جي برباد ٿيل خوابن ۽ لڙهي ويل همٿن جي نقصان جو اندازو ڪيئن لڳائبو؟ اهي ڳوٺ ۽ پاڙا جيڪي مڪمل طرح ميسارجي ۽ مٽجي ويا ۽ انهن جا ڌڻي، ٽٽل ٻيڙيءَ جي تختن جيان ترندا، لڙهندا الائي ڪيڏانهن ڪيڏانهن هليا ويا، انهن جي لڙهي ويل ڳوٺن ۽ بچي ويل انسانن جي بحالي ڪيئن ٿيندي؟ ان جو اندازو ڪرڻ نهايت مشڪل آهي.
هونئن ته سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ سنڌو درياهه جي عطا ڪيل خوشحالي سبب لکين ماڻهو سنڌ ڏانهن لڏيندا رهيا آهن پر سنڌو درياهه جي ٻوڏ سبب سنڌ اندڙ جهڙي طرح هڪ ڪروڙ ماڻهو پنهنجي ئي ديس اندر لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا، ان جو ويجهي ماضيءَ ۾ ڪو نشان نٿو ملي. هونئن ته ايشيا کنڊ جي هيءُ ڪنڊ سدائين جوکائتي جُوءِ رهي آهي. پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته ان جي 35 سيڪٽرو ايراضي مڪمل طرح ٻڏي وئي هجي ۽ ان جي چوٿون حصو آبادي گهر ٻار ڇڏڻ تي مجبور ٿي هجي.
ٽوڙيءَ جي ٽٽل بند اسان جي هزارين ڳوٺن ۽ شهرن جي بربادي، لکين ايڪڙ زمين جي تباهي، هڪ ڪروڙ ماڻهن جي دربدري کان سواءِ اسان جي سرڪاري ادارن جي اهليت جي لڄ تان به لٽو لاهي وڌو آهي ۽ اهو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي ته آبپاشي، روينيو ۽ انتظامي کاتن وٽ ڪم ڪرڻ، مصيبتن کي مُنهن ڏيڻ ۽ بي گهر ماڻهن کي بحال ڪرڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي؟ مهاٻوڏ جي تجربي، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي اڪثريت جي پت ۽ ساک به وائکي ڪري وڌي آهي، جيڪي رڪارڊ ۽ اسٽيج تي عوام مٿان ”قربان قربان“ پيا ٿيندا آهن پر ٻوڏ ۾ هنن جهڙي طرح متاثرن جي بحالي جو مال کاڌو، انهيءَ مان اندازو ٿيو ته پاڻ کي سول سوسائٽي جا نمائندا سڏائيندڙ بذات خود ڪيترا uncivilized يا غيرمهذب آهن.
مهاٻوڏ ۾ ڪراچيءَ وارن جي مهمانوازيءَ واري موٽ به پڌري ٿي پئي. جنهن ۾ هنن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ واري مهمانوازيءَ جي موٽ ۾ آگسٽ 2010ع ۾ ڪراچيءَ اندر عارضي طور آيل سنڌ جي ٻوڏ سٽيلن لاءِ اعتراض ڪري ظاهر ڪئي. 7 آگسٽ 2010ع تي ٽوڙي واري بند ٽٽڻ کان پوءِ تباهي ته گهڻي ٿي پر ان ٻوڏ جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومتي ادارن، اين جي اوز ۽ نانءَ ڪٺين سنڌ دوست سڏائيندڙن جي ڀرمن جا به بند ٽوڙي وڌا آهن، ٽوڙي واري ٽٽل بند جي نتيجي ۾ ٿيل نقصانن جي ڪيترن ئي نقصانن جو اندازو لڳايو ويو آهي پر اسان کي مجموعي طرح اهو اندازو به ٿي وڃڻ گهرجي ته اسان قدرتي مصيبتن ۾ نااهلين جي نقصانن جو مقابلو ڪرڻ جي ڪيتري اهليت رکون ٿا؟

( ڊسمبر 2010 ع ۾ نشر ٿيل )

ڪراچي جو سدا بهار - ميري ويدر ٽاور

ڪراچي جو ٽاور، جنهن کي رڪارڊ ۽ تاريخ ۾ ميري ويڌر ٽاور چيو وڃي ٿو، اهو ڪراچيءَ جو اهو نڪ آهي، جتان هن شهر جا نقش ۽ نگار اڀري نروار ٿين ٿا. ڪراچيءَ جو ٽاور اهو مرڪزي هنڌ آهي جتان ڪراچيءَ جا ٽي وڏا رستا ڦٽي نڪرن ٿا جن مان هڪ شاهراهه فيصل ۽ ٺٽي جي نيشنل هاءِ وي ڏانهن ويندڙ ميڪلوڊ روڊ، ٻيو سپر هاءِ وي ڏانهن ويندڙ بندر روڊ ۽ ٽيون بلوچستان ڏانهن ويندڙ روڊ شامل آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ جي ڪيترن رستن ۽ پارڪن جا نالا تبديل ٿيا، ته انهن ۾ ميڪلوڊ روڊ، بندر روڊ ۽ ڊرگ روڊ به شامل آهن، ميڪلوڊ روڊ کي اڄ ڪلهه آءِ آءِ چندريگر روڊ، بندر روڊ کي ايم اي جناح روڊ ۽ ڊرگ روڊ کي شاهراهه فيصل چيو وڃي ٿو.
ميري ويڌر ٽاور، جنهن کي ڪراچيءَ جا ماڻهو عام طرح ٽاور ڪري ڪوٺين ٿا، اهو انگريز دور جي عمارتن جي سڀ کان وڏي ۽ يادگار نشاني آهي. جيتوڻيڪ فريئر هال، ايمپريس مارڪيٽ، هاءِ ڪورٽ جي عمارت، سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ سميت ڪيترائي چرچ ۽ عمارتون به انگريز دور جي يادگارن ۾ شامل آهن، پر ميري ويڌر ٽاور سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ گهڻي آڳاٽي عمارت آهي. ميري ويڌر ٽاور ڪراچيءَ جي ٻارهين ڪمشنر جنرل سر وليم ايل ميري ويڌر جي خدمتن جي مڃتا لاءِ تعمير ڪرايو ويو هو. جيتوڻيڪ وليم ميري ويڌر 1877- 1868ع تائين ڏهه سال لاڳيتو سنڌ جو ڪمشنر رهيو پر سندس ياد ۾ جوڙايل ٽاور جو ڪم سندس وڃڻ کان 11 سال پوءِ شروع ڪيو ويو.
ڇاڪاڻ ته انوقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل هئي ۽ سنڌ تي بمبئي جي گورنر جو مقرر ڪيل ڪمشنر حڪومت ڪندو هو، تنهن ڪري ميري ويڌر ٽاور جي پيڙهه جو پٿر به ان وقت جي بمبئي جي گورنر سر جيمس فرگوسن 1884ع ۾ رکيو. ميري ويڌر ٽاور تي اٺ سال لاڳيتو ڪم هلندو رهيو ۽ 1892ع ۾ جڏهن اهو جڙي راس ٿيو ته ان کي ڪراچي ميونسپالٽي حوالي ڪيو ويو.
بارٽل فيريئر کان پوءِ ميري ويڌر سنڌ جو اهو ڪمشنر هو جنهن سنڌ صوبي جي ترقيءَ لاءِ تمام وڏي جاکوڙ ۽ دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو اهڙين خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هي يادگار ٽاور تعمير ڪرايو ويو هو.
ميري ويڌر ٽاور جي ڊزائين ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي انجنيئر جيمس اسٽريچن تيار ڪئي هئي. هي ئي اهو انجنيئر هو جنهن ان ئي سال ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي جي مشهور ايمپريس مارڪيٽ جو نقشو تيار ڪيو هو. ايمپريس مارڪيٽ وارو ٽاور ۽ ميري ويڌر جيتوڻيڪ ساڳئي طرز جا ٽاور آهن پر ميري ويڌر وارو ٽاور، ايمپريس مارڪيٽ واري ٽاور کان گهڻو اوچو ۽ ويڪرو آهي. ميري ويڌر ٽاور جو بنياد 44 هم چورس فوٽن تي رکيل آهي ۽ سندس ڊيگهه 102 فوٽ آهي. ٽاور کي هر پاسي کان هڪ دروازو ۽ هر پاسي کان ٻه ٻه دريون آهن اهڙي ريت ٽاور کي 4 دروازا ۽ 8 دريون لڳل آهن.
جڏهن ڪراچيءَ جي شاهه رڳن جهڙن رستن عرف شاهراهن تي اوچيون عمارتون نه ٺهيون هيون، جڏهن اڃا حبيب بئنڪ پلازا نه جُڙي هئي ۽ نه ئي اڃا ميمڻ مسجد جا منارا تعمير ٿيا هئا، تڏهن ميڪلوڊ روڊ ۽ بندر روڊ جي ميلاپ واري ماڳ تي ٽاور، اڪيلي ۽ قداور عمارت طور ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو استقبال ڪندو هو.
ميري ويڌر ٽاور جي عمارت انگريز تاريخ جي وچين دور يا مڊل ايجز واري فن عمارت جي نموني تي ٺهيل آهي. ميري ويدر ٽاور برطانيا ۾ ايلي نر ڪراس (Eleanor corss) جي 12 ٽاور نموني تي ٺهيل آهي. ايلي نر ڪراس جا اهي ٽاور ڪنگ ايڊورڊ پهرئين ان وقت ٺهرايا هئا جڏهن سندس زال مري وئي هئي ۽ پوءِ سندس جنازو لنڊن ڏانهن آندو ويو هو. جنازي جي ڪانڌين جتي جتي رات گذاري، اتي اهي ٽاور راڻيءَ جي موت جي سفر جي يادگار طور ٺهرايا ويا هئا. جيتوڻيڪ ڪنگ ايڊورڊ پهرئين کي 7 صدين کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، پر سندس عشق جي يادگار جا اهي ٽاور انگريز بيٺڪن وارن ملڪن ۾ اڄ به انگريز حڪومت جي ياد کي تازو ڪن ٿا.
ميري ويڌر ٽاور 1892ع ۾ جڏهن ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ٿيو هو تڏهن، ڪراچيءَ جي رستن تي رڳو اٺن ۽ گڏهن وارا گاڏا هلندا هئا. بعد ۾ ڪن ڪن اميرن گهوڙن تي هلندڙ چئن ڦيٿن واريون اهي بگيون به هنن روڊن تي هلايون، جن بگين تي راڻي وڪٽوريا هلندي هئي. بعد ۾ چئن ڦيٿن وارين انهن گهوڙي گاڏين کي وڪٽوريا گاڏيون چيو ويو.
جڏهن ڪراچيءَ جي رستن تي اٺ، گڏهه ۽ گهوڙا هلندا هئا ۽ جڏهن اڃا ٽرام شروع نه ٿي هئي، تڏهن ٿڌين ۽ سامونڊي هوائن وارو هي شهر دونهين جي دز کان پاڪ هو. انهيءَ زماني ۾ ڪراچيءَ جا رستا گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوپجڻ ڪري خوشبوئي هوائن جي هڳاءَ ۾ ٻهڪندا هئا. ان وقت ميٽ جهڙي رنگ سان ٺهيل هي ٽاور هن سهڻي سامونڊي شهر جو نڪ محسوس ٿيندو هو.
ميري ويڌر ٽاور رڳو پنهنجي بيهڪ ۽ بناوٽ جي ڪري ئي سهڻو نه هوندو هو پر ان جي اوچي عمارت ۾ لڳل گهڙيال جڏهن وڄندا هئا ته ان وقت جي ڪراچيءَ جا ماڻهو هن بي جان عمارت مان وقت جي نڪتل پڪار کي نهايت غور سان ٻڌندا هئا. ميري ويڌر ٽاور جي عمارت جي گهڙيال ۾ هڪ وڏو گهنڊ ۽ ٻيا ننڍا گهنڊ لڳل هوندا هئا. وڏو گهنڊ هر ڪلاڪ کان پوءِ وڄندو هو ۽ ننڍا گهنڊ وري هر پندرهن منٽن کان پوءِ پنهنجو وارو وٺندا هئا. جڏهن ٽاور جي گهڙيال ۾ اهي گهنڊ لڳايا ويا هئا ان وقت وڏي گهڙيال جون وزن 153 ڪلو يعني 3 مڻ 33 ڪلوگرام هو ۽ ننڍن گهڙيالن مان هر هڪ جو وزن 51 ڪلو يعني هڪ مڻ 11 ڪلو هو. سوا صدي اڳ ۾ تعمير ٿيل هي ٽاور جو يادگار 1892۾ 37,1,78رپين جي لاڳت سان تيار ٿيو ۽ ان جي تعمير ۾ اٺن سالن جي محنت ڪم آئي هئي.
1992ع ۾ جڏهن ميري ويڌر ٽاور جو هڪ سؤ سالا جشن ملهايو ويو تڏهن ان کي ڇنڊي ڦوڪي ۽ ٿوري مرمت ڪرائي انوقت جي ميئر ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي تختي هڻائي هئي. بعد ۾ 2003ع ۾ ڪراچيءَ جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان وري ٽاور جو ڪجهه مرمتي ڪم ڪرائي ٽاور جي احاطي ۾ پنهنجي نالي جو بورڊ به چنبڙايو.
اڄ ڪراچي جڏهن گنجان آباديءَ وارو شهر بنجي چڪو آهي ۽ دونهين جو اڻ کٽ تهه هر وقت شهر کي ويڙهڻ ۾ مصروف آهي، تڏهن هڪ فرض شناس انگريز عملدار جي ياد ۾ ٺهرايل هي عظمت جو يادگار به پنهنجو اوج وڃائي ويٺو آهي. گاڏين جي دونهين ۽ ماڻهن جي رش ۾ لتاڙجندڙ ماضيءَ جي هن يادگار کي اڄڪلهه ڪير به اندران ڏسڻ لاءِ نه ٿو وڃي. جيتوڻيڪ ڪجهه سالن کان هن جي مرمت ۽ سارسنڀال جو ڪم ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي حوالي ٿيل آهي پر پوءِ به ٽاور کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪو به ٻه منٽ سيڙائي هن کي ڏسڻ نه ٿو اچي.
ماضيءَ ۾ گهوڙي، گڏهه ۽ اٺ گاڏيون رات جو ٻرندڙ ٽاور جي بتين ۽ گولن تي پنهنجي منزل جو رستو ڏسنديون هيون پر ڪراچيءَ جي انهن رستن تي هاڻي گڏهن، اٺن ۽ گهوڙن بجاءِ، دونهيدار گاڏين جو قبضو آهي.
ڪراچيءَ ۾ هلندڙ هزارين گاڏين جا ڪنڊڪٽر، شهر جي هر ڪنڊ ۾ مسافرن کي منزل ٻڌائڻ لاءِ ”ٽاور ٽاور“ جو هوڪو ڏيندي ٻڌجن ٿا پر منجهانئن ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته اهو ٽاور ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪنهن جي ياد جي تازگيءَ لاءِ ايڏين محنتن ۽ جاکوڙ سان جوڙايو ويو هو؟

(سيپٽمبر 2011 ع تي نشر ٿيل )

قاضي احمد ۾ بي حرمت ٿيل باگڙياڻيون

نوابشاهه ضلعي جي قاضي احمد شهر لڳ ٻن نابالغ باگڙي نياڻين سان لڄالٽ ٿي آهي پر ڪم ذات سمجهي ويندڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ هنن نياڻين جون ڪيهون اوچي ذات وارن جي ڪنهن به قانون کي جاڳائي نه سگهيون آهن.
لڄ لٽايل نياڻين جون وارثياڻيون، باگڙياڻيون، دراوڙيون ۽ موهن جي دڙي جون مالڪاڻيون، احتجاج ڪري ڪري، وار پٽي پٽي ٿڪجي پيون آهن پر منصبي جا سڀ مجسما ڄڻ پنڊپهڻ ٿي ويا آهن. دانهون ٻڌڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي. هونئن ته سنڌ ۾ لکين باگڙي آهن پر اهي ٻين قبيلن وانگي متحد نه آهن، جهيڙيڪار ۽ ڦشري باز نه آهن، چور ۽ ڌاڙيوال نه آهن تنهن ڪري وڏيرن کي گهربل نه آهن ۽ پوليس جي به ضرورت نه آهن. سنڌ جا هي رولاڪ رهواسي، اڍائي هزار سالن کان جيئن موهن جي دڙي جي پڪن گهرن مان تڙيا ويا ۽ آرين طرفان ماريا ويا ته ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪچن ۽ ڪکاون گهرن ۾ رهندا آيا آهن ۽ منهن گوڏن ۾ وجهي غربت سان گذاريندا آيا آهن. ڇاڪاڻ ته هو معاشري جي ڪرت ۽ ڪاروبار مان به ڌڪاريل آهن، تنهن ڪري هاڻي وڏيرن جي ووٽن جي به ضرورت نه آهن.
اهوئي سبب آهي جو هنن باگڙين جو فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي ۽ هنن جي نياڻين جي اگهاڙن مٿن تي هٿ رکڻ لاءِ به ڪو آمادهه نه آهي. قاضي احمد ۾ پوليس به آهي، چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي به آهن ۽ صحافي به آهن، اين جي اوز به آهن، ووٽن واريون توڙي قوم پرست پارٽيون به آهن پر هنن جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته ڇاڪاڻ ته باگڙي ڪنهن پارٽيءَ جي ڪم جا نه آهن، تنهن ڪري باگڙين کي ڪير به ڪم اچڻ لاءِ تيار نه آهي.
ٻه هفتا اڳ قاضي احمد شهر ٻاهران ڳوٺ محمد چانڊيو ۾ ٻه باگڙي ڇوڪريون، 14 سالن جي خاني ۽ 12 سالن جي، ميران، پنهنجي پاڙيسري چانڊين جي گهرن ۾ ڪپڙا سبرائڻ لاءِ ويون ته سندن چوڻ مطابق، هڪ عورت موبائيل فون تي پنهنجي گهر جي مردن کي سڏايو ۽ پوءِ ٻن بگهڙ صفت مردن کين ڪمري ۾ بند ڪري کين بي حرمت ڪيو، ان دوران هنن ٻن خالي هٿين نينگرين، پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ وڏي ويڙهاند ڪئي پر آخرڪار ڏاڍن مردن هنن کي ڌڪ هڻي ڪيرائي وڌو.
ظلم جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ هي دراوڙيون پنهنجي وارثن وٽ آيون ۽ پوءِ ٿاڻي تي دانهين ٿيون ۽ ٿاڻي وارن هنن کي اسپتال ڏانهن به موڪليو، پر ٻه هفتا گذري وڃڻ باوجود ٻنهي جوابدارن، جمعو چانڊيو ۽ منٺار چانڊيو مان ڪوبه گرفتار نه ٿيو آهي ۽ نياڻين سان ڪوبه انصاف نه ٿيو آهي.
هونئن ته ٿاڻو هر وقت کليل رهي ٿو ۽ پوليس چوويهه ئي ڪلاڪ جاڳي ٿي پر ٻن معصوم ۽ نالابغ باگڙي نياڻين جي ڏوهه جا جوابدار گرفتار ڪرائڻ لاءِ پوليس ڄڻ سالن کان ننڊ ستل آهي. هي سڀ ڪجهه ان شهر ۾ ٿيو آهي جٿان جي ايم پي اي جو نالو ڄام تماچي انڙ آهي ۽ ظلم جو هيءُ داستان ان ضلعي جو آهي، جنهن ضلعي جو نالو شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي نالي پٺيان بينظير آباد رکيو ويو آهي ۽ قاضي احمد جو شهر اهو شهر آهي، جنهن کان صرف اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڦتوهل زرداريءَ جو اهو ڳوٺ آهي جيڪو پاڪستان جي صدر جناب آصف علي زرداريءَ جي ابن ڏاڏن جو يعني اباڻو ڳوٺ آهي.
لڄالٽ جو شڪار ٿيل نياڻيون، پنهنجي وارثن سميت روز احتجاج ڪن ٿيون، صحافين کي منٿون ڪن ٿيون، منهن مٿو مناڙن ٿيون پر سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي. خبرناهي ته سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ جي وارثي ڪرڻ وارا قوم پرست ڪٿي آهن؟ انساني حقن جا علمبردار ڪاڏي ويا آهن؟ اين جي اوز وارا بند دروازن وارن ٿڌن ڪمرن جي ڪهڙن سيمينارن ۾ مصروف آهن؟ ۽ عورتازاد جي نالي ۾ عورتن جي حقن جون ٺيڪي دار برفاني رنگت واريون سفيد جسم ۽ سفيد پوش عورتون ڪٿي آهن؟
سياست، صحافت، انساني حقن توڙي اين جي اوز وارن سنڌ اندر پنهنجي اوليتن جي جيڪا شارٽ لسٽنگ ڪئي آهي، ان ۾ شايد هي مسڪين ۽ ڪم ذات سڏجندڙ قبيلا نه ٿا اچن جو هنن جي امداد لاءِ به ڪير اڳتي اچي.
سنڌ ٽي وي نيوز طرفان پوليس سان جڏهن ڪيس جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته پوليس جو ڪوبه مقامي عملدار پنهنجو موقف ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو. ڇاڪاڻ ته پوليس عملدارن باگڙين بابت اڃا ڪابه محڪماتي پاليسي مرتب نه ڪئي آهي. ٻن باگڙي نينگرين جي عزت جو سوال اسان سڀني اڳيان هڪ سواليا نشان بڻيل آهي ته اسان جا پارليامينٽيرين، اسان جا پ پ اڳواڻ جيڪي حڪومت ۾ آهن، اسان جا قوم پرست اڳواڻ جيڪي پنهنجي پاڻ کي سنڌ جي هزارها سالن جي تاريخ جو وارث سمجهن ٿا، اسان جون اين جي اوز جيڪي مسڪينن جي غربت تي مال کائين ٿيون، اسان جي انساني حقن جون تنظيمون ۽ اسان جي عورتن جي حقن لاءِ ٻٽاڪيندڙ جڙتو ”هوا جون سڏائيندڙ ڄائيون“، حوا جي هنن حقيقي نياڻين ۽ موهن جي دڙي مان نيڪالي ڏنل هن دراوڙين سان انصاف ڪرائڻ لاءِ ڪيترو لڇن پڇن ۽ پنهنجو حق ۽ فرض ادا ٿيون ڪن؟ اچو ته انتظار ڪريون.

( 25 مارچ 2010ع تي نشر ٿيل )

قاضي احمد : ٻن پاڙيسرين جي جهيڙي ۾ ٿيل 8 قتل

قاضي احمد ۾ ٻن پاڙيسرين وچ ۾ ٿيل خونريز جهيڙي ۾ تازو اٺ ماڻهو قتل ٿيا آهن ۽ گذريل ڇهن مهينن دوران هن جهيڙي ۾ ڪل 11 انسان قتل جو کاڄ ٿيا آهن. هن خونريز جهيڙي جي شروعات ٽراليءَ طرفان چنگچيءَ کي رستي پار ڪرڻ لاءِ پاسو نه ڏيڻ تان ٿي. ڌرين ۾ پهريائين منهن ماري ٿي، ان کانپوءِ ٽراليءَ جي ڊرائيور کي مارڪٽ ڪئي وئي. ٽراليءَ جو زخمي ٿيل ڊرائيور ٿاڻي تي پهتو پر پوليس ڪوبه تدارڪ نه ڪيو، جنهن کان پوءِ زخمي ٿيل ڊرائيور ڪجهه ڏينهن بعد هڪ حملي آور کي قتل ڪيو. قتل ٿي ويل ماڻهوءَ جا وارث ٿاڻي تي پهتا پر پوليس وري به ڪابه گرفتاري نه ڪئي. جنهن تي مقتول جي وارثن، مخالف ڌر جا ٻه ماڻهو قتل ڪيا. قاضي احمد پوليس ان جو به ڪو تدارڪ نه ڪيو، جنهن کانپوءِ ٻئي ڌريون هٿيار کڻي گهمنديون رهيون پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ آخرڪار ٻه ڏينهن اڳ هڪ خونريز جهڙپ ٿي جنهن ۾ اٺ ماڻهو مارجي ويا. ماڻهن مارجي وڃڻ کان پوءِ به پوليس ڪارروائي نه ڪئي آهي ۽ هن وقت تائين ڪي به حقيقي جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن.
قاضي احمد جو اهو شهر جتي هي خوني وارڌات ٿي آهي، ان جو تعارف ڪجهه هن ريت آهي ته هي شهر گيتن ۽ سنگيتن، باغن توڙي بغاوتن جو شهر آهي. قاضي احمد شهر جي ذري گهٽ هر چوڪ تي ڪنهن نه ڪنهن فنڪار جي اوطاق ۽ اوتارو آهي. انڙ، مري، زرداري، بالادي، فنڪار ۽ شاعر هن شهر جي سونهن رهيا آهن، فنڪارن کان سواءِ هي شهر رئيس علي نواز انڙ جي سونهن پسنديءَ سبب پڻ مشهور آهي، جنهن جو قاضي احمد شهر ۾ قائم ڪيل ناز باغ ڄڻ سنڌ جو شالامار باغ آهي. ها هي اهوئي باغ آهي، جنهن ۾ ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪيترن ئي سنڌي فلمن جي شوٽنگ ڪئي وئي هئي. ان کانپوءِ قاضي احمد شهر جي ٻي سڃاڻپ ايم آر ڊي واري تحريڪ هئي، جنهن دوران هن شهر ۽ ان جي مشهور ڳوٺ لاکاٽ تي ضياءَ جي فوجي راڄ ۾ بمباري ڪئي وئي هئي. لاکاٽ کي ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ سنڌ جي ڪيترن شاعرن، پنهنجي گيتن ۾ ياد ڪيو آهي ۽ لاکاٽ پ پ جي مثالي ڪارڪن ڪامريڊ خميسي ڀان جو ڳوٺ پڻ آهي.
شاندار پس منظر رکندڙ قاضي احمد جي شهر ۾ تازوئي جيڪا خوني وارڌات ٿي آهي، ان تي غور ۽ تحقيق کان پوءِ ان جهيڙي جون ٽي ڳالهيون سامهون آيون آهن. هڪ ته اسان مان سهپ ۽ رواداري ختم ٿي وئي آهي. ٻيو سنڌ ۾ ٿيندڙ هر جهيڙو قبيلائي رنگ ڇو ٿو اختيار ڪري؟ ٽيون ته پوليس جيڪڏهن نه ڪنهن فرياد جو داد ڪري، نه ڏوهن جا جوابدار گرفتار ڪري، نه هٿيار کڻي هلندڙن کي روڪي ته ڇا پوءِ پوليس رڳو جوارين، ڏوهارين ۽ موالين کان ڀتا وٺڻ لاءِ ويهاري وئي آهي؟
سنڌ جي دانشورن ۽ سوچيندڙ دماغن جي اها هاڻي پختي راءِ آهي ته جنرل ضياءَ جي فوجي ٽولي، سنڌ کان ايم آر ڊيءَ جي بغاوت جهڙي هلچل جو بدلو وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ ذات پرستي ۽ قبائليت کي هٿي وٺرائي ته جيئن نظرين ۽ پارٽين جي جهنڊي هيٺان گڏجندڙ سياسي ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ذات پرست وڏيرن ۽ سردارن جي اثر ۾ اچي وڃن ۽ سنڌ مان جمهوريت پسند ۽ روشن خيال سياست جو خاتمو ٿئي.
اسيءَ وارو ڏهاڪو ان حساب سان مثالي وقت هو جڏهن سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ جو جهنڊو ڦڙڪندي نظر ايندو هو ۽ سنڌ جون اوطاقون سياست، نظرين ۽ فڪري ڌارائن تي ٿيندڙن بحثن جو مرڪز هونديون هيون. ان دور ۾ سنڌ جا ڳوٺ توڙي شهر ذاتين ۽ قبيلن کي وساري نظرين ۽ پارٽين جي هارن ۾ پوئيل مڻين وانگي نظر ايندا هئا ۽ ذاتين ۽ قبيلن جا فرق،
”ڏاتار ۽ مڱڻي، ڪو نه وسيلو وچ“
جي سٽ وانگي مٽجي ويندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ نه ڪو ٻروچ هو نه سماٽ هو، نه سيد هو نه اڇوت هو، نه لاڙي هو ۽ نه اتراڌي هو، نه شهري هو نه ٻهراڙي جو هو. هر ماڻهو ڪنهن فڪر، ڪنهن نظرئي، ڪنهن پارٽيءَ جي سڃاڻپ هو. ان وقت سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪي ٻه ماڻهو وڙهندا هئا ته اهو ٻن فردن جو جهيڙو هوندو هو ۽ سڀ ماڻهو، پاڙي وارا ۽ پوليس ان کي ٻن فردن جي جهيڙي طور وٺندي ۽ سهيڙيندي هئي. پر ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي شعوري سگهه ٽوڙڻ لاءِ ۽ کين نظرين ۽ پارٽين جي ڪڙم مان ڪڍي وڏيرن ۽ سردارن جي جهوليءَ ۾ اڇلائڻ لاءِ ذات پرستي ۽ قبائليت کي هٿي وٺرائي وئي.
اخبارن جي خبرن جو رڪارڊ کولي ڏسو ته ان ئي دور ۾ ضيائي ٽولي جي حاڪمن سنڌ ۾ سولنگين، سمن، چانڊين، چنن، رندن، لاشارين، سومرن، ميمڻن، جون تنظيمون ٺهرايون. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ٻيو ته ٺهيو پر شيخن جهڙي شهري برادريءَ جون به شيخ تنظيمون ٺاهي، انهن جي اڳواڻن کي اليڪشن ۾ بيهاريو ويو. ضياءُالحق جي دور ۾ ئي سنڌ سماٽ تنظيم، سنڌ سادات ايسو سيئيشن، سنڌ سولنگي ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن عرف سچوا جهڙين تنظيمن جون سرگرميون وڌيون ۽ پوءِ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو سنڌي قوم جي سمونڊ جهڙي وجود مان نڪري ذاتين ۽ قبيلن جي دُٻن ۽ ڪسين ۾ تڙڳڻ لڳا.
اخبارن جو رڪارڊ شاهد آهي ته ان کان پوءِ ئي سنڌ ۾ ذات پرستيءَ جي بنياد تي جهيڙا ٿيڻ ۽ وڌڻ لڳا ۽ اهي جهيڙا اڄ پنجويهه سال گذري وڃڻ باوجود ختم نه ٿي سگهيا آهن. ان کانپوءِ قبائلي جهيڙن ۾ پوليس جي ڪردار جو سوال اچي ٿو. قاضي احمد ۾ ٿيل جهيڙي ۾ جيڪڏهن پهرئين خون جا جوابدار گرفتار ٿين ها ۽ پوليس ڏوهارين کي پهرئين ڏينهن تي پڪڙي ها ته شايد وڌيڪ خونريزي نه ٿئي ها. پر اڄڪلهه اسان جي پوليس کي جيڪو وڏيرن جي اوطاقن جو ڳيجهو بنايو ويو آهي، ان ڪري سنڌ جي ذري گهٽ ڪنهن به ٿاڻي تي پوليس تيستائين قدم نه ٿي کڻي جيستائين، اتان جو حڪمران پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ وڏيرو ان کي قدم کڻڻ جو حڪم نه ٿو ڏئي.
قاضي احمد ۾ ٿيل جهيڙي جي دونهين گذريل ڇهن مهينن کان دکندڙ آهي. گذريل ٻن مهينن کان کوسن ۽ جتوئين جا هٿياربند، شهر ۾ هٿيارن سميت گهمندا رهيا آهن پر پوليس ڪنهن جي به خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي؟ قاضي احمد جي وچ شهر ۾ جهڙي ريت هڪ دڪان تي چڙهائي ڪري ستن ماڻهن کي هڪ هنڌ ماريو ويو، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هاڻي هر حملي آور ڏوهاريءَ کي به ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو آهي ته ڀلي ڪيترا به خون ڪري ڇڏيو، آخرڪار جرڳو ئي ٿيڻو آهي ۽ پڇاڙيءَ ۾ رڳو ڏنڊ ئي ڀرڻوآهي. تنهن ڪري ڇو نه پنهنجي وحشي انا کي تسڪين ڏجي ۽ پنهنجي دشمن کي وڌ ۾ وڌ نقصان ڏجي. يقينن ان سوچ تحت ئي ست ماڻهو ماريا ويا آهن.اسان اها ڳالهه اڳ ۾ به چوندا آيا آهيون ته جڏهن کان جرڳا يا فيصلا وڌيا آهن، تڏهن کان ماڻهن مان قانون جو خوف ۽ احترام ختم ٿي ويو آهي. هرڪو ڏوهاري ٻي ڌر جا گهڻا ماڻهو هاڻي ان ڪري به ماري ٿو ته جيئن جرڳي لاءِ راهه هموار ٿئي؟
تاريخ کولي ڏسو ته اڄ کان سؤ سال اڳ جڏهن انگريزن جي حڪومت هئي تڏهن به سنڌ ۾ ايترا قبائلي جهيڙا نه ٿيندا هئا، جيترا اڄ ٿين ٿا. اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ، چارلس نيپئر جي دور ۾ به سنڌ ۾ ڪاروڪاريءَ جي نالي ۾ ايتريون عورتون نه مرنديون هيون جيتريون اڄڪلهه مرن ٿيون. ٻيو ته ڇڏيو پر ايوب خان جي مارشلائي دور ۾ به سنڌ ۾ ماڻهن جو ايترو ڪوس نه هو، جيترو اڄڪلهه آهي. ان جو آخرڪار ڪهڙو سبب آهي؟ سبب هيءُ آهي ته اڄڪلهه پوليس ڏوهارين خلاف ڪوبه قدم نه ٿي کڻي ۽ ڏوهارين کي يقين ٿي ويو آهي ته هو ڪيترا به خون ڪن، ڪيترا به ڳوٺ ساڙين پر ٿيڻو آخر ۾ جرڳو يا فيصلو ئي آهي ۽ کين سزا رڳو ڏنڊ جي ئي ايندي!!
ان جي ڀيٽ ۾ انگريز جي دور ۾، تان جو ايوب خان جي مارشلا جي دور ۾ به هر ڏوهاريءَ کي يقين هوندو هو ته هن جيڪڏهن قتل ڪيو ته کيس موت جي ئي سزا ملندي ۽ هو قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگهندو. تنهن ڪري قانون جو ڊپ به هو ۽ احترام به هو ۽ قانون جي ڊپ توڙي احترام سبب ڏوهه نه ٿيندا هئا يا نالي ماتر ٿيندا هئا. جڏهن کان ٿاڻو وڏيرن جو محتاج ٿيو آهي ۽ جڏهن کان ٿاڻا وڏيرن ۾ ورهائجڻ لڳا آهن، تڏهن کان قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ خاص ڪري پوليس جو خوف، احترام توڙي ڪردار ختم ٿي ويو آهي.
قاضي احمد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو پوليس کاتي جي ڪارڪردگي تي حيرت جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي ته معمولي جهيڙي کان پوءِ هڪ ماڻهو خون ٿيو ان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ان کان پوءِ وري ٻه ماڻهو قتل ٿيا پر انهن ٻن ماڻهن جا قاتل به گرفتار نه ٿيا ۽ ان کان پوءِ آخر ۾ اٺ ماڻهو ماريا ويا آهن پر انهن جو به ڪو حقيقي قاتل گرفتار نه ٿيو آهي. ان وچ ۾ اهي به خبرون آيون آهن ته هڪ پوليس عملدار جو پٽ، پنهنجي سرداري چمڪائڻ ۽ علائقي ۾ خونريزي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري هڪ ڌر جي ان الزام جي به جاچ ٿيڻ گهرجي.
سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن کي روڪرائڻ لاءِ پوليس کي سياست کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پوليس مان سفارشي ڪلچر کي روڪڻ جي ضرورت آهي. جيستائين قبائلي ۽ ذات پرستيءَ جو تعلق آهي ته اهو فرض سنڌ جي سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن، دانشورن، اديبن، شاعرن، سماج سڌارڪن، انسان دوست آفيسرن، لکيل پڙهيل سمورن باضمير ماڻهن جو آهي ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ قبائليت ۽ ذات پرستيءَ جي مرضن ۾ ورتل ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهائين ته توهان جيڪي پاڻ کي کوسن ۽ جتوئين ۾ ورهايل ٿا سمجهو يا مهرن ۽ جتوئين ۾ ورڇيل ٿا سمجهو، يا اوڳاهي ۽ تيغاڻي ۾ تڪراريل ٿا سمجهو، يا مارفاڻي ۽ قمبراڻي ۾ ڪاوڙيل ٿا سمجهو اهي صدين کان هڪ ٻئي سان گڏ رهيا آهيون. ساڳين رستن سان هليا آهيون، ساڳين وڻن جي ڇانئن ۾ ويٺا آهيون، ساڳين قبرستانن ۾ رنا آهيون. اهي ماضيءَ جا سڀئي وقت ۽ ورق وساري هڪ ٻئي جا ويري ڪيئن بنيا آهيون؟ پاسو نه ڏيڻ، ڪلهو هڻڻ، سيٽ تي قبضو ڪرڻ، گهر اڳيان گند اڇلائڻ، ٻارن ۽ ڪتن کي مارڻ، مال جي ڀيل ڪرڻ به ڪي اهڙا مامرا آهن جن تي اوهان هڪ ٻئي جا جنم ۽ جهان اجاڙي ڇڏيو ٿا؟ سنڌ ۾ هزارين ماڻهو اهڙا آهن ۽ يقينن جهيڙيندڙن ڌرين جي گهرن ۽ ڳوٺن ۾ به اهڙا انسان آهن، جن جي اندر جو انسان اڃان جيئرو آهي ۽ جن جي اکين ۾ اڃان سوئر جو اهو وار نه لٿو آهي، جيڪو پاڙي ۽ تر جي ماڻهن جون محبتون ڏسڻ کان انڌو ٿي وڃي.
اسين سڀ صدين کان گڏ رهيا آهيون، اسان جي وڏڙن گڏجي هاڙهه ۽ سيارا گذاريا آهن، اسان جي وڏڙن گڏجي ٻوڏون ۽ ڏڪار اڪاريا آهن ۽ اسان جي وڏڙن گڏجي هڪ ٻئي جي گهوٽن کي گهورون ۽ مرندڙن کي ڪلها ڏنا آهن، ڇا اسان اهو سڀ ڪجهه پاسي ۽ رستي نه ڏيڻ تان وساري ڇڏيو آهي؟ اي کوسؤ، اي جتوئيؤ حيف هجيوَ!!.

( 9 مئي 2010ع تي نشر ٿيل)

پاڪستان ۾ انساني حقن بابت ڇرڪائيندڙ رپورٽ

انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، گذريل سال جي انساني حقن جي حالت تي انگن اکرن جي مدد سان هڪ رپورٽ جاري ڪري، اهڙا انڪشاف ڪيا آهن جيڪي اسان جي ملڪ جي حڪمرانيءَ، عوام جي حالتن ۽ مجبورين تي ماتم ڪندي نظر اچن ٿا.
ملڪ جي نامياري دانشور ڊاڪٽر مهدي حسن جي سربراهيءَ ۾ هلندڙ انساني حقن جي تنظيم پنهنجي ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 2010 جو سال اقليتن لاءِ هڪ خراب سال رهيو. اقليتن جي حوالي سان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ مجموعي طرح فرقيوار جهيڙن يا حملن ۾ 418 مسلمان مارجي ويا، ۽ 628 زخمي ٿيا، مارجي ويلن توڙي زخم کائيندڙن ۾ وڏو تعداد بريلوي سنين ۽ شيعن جو آهي.
اقليتن بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي نفرت سبب 99 احمدي ماريا ويا جڏهن ته پنجاب جي گوجرا واري علائقي ۾ 2009ع دوران عيسائين تي ٿيل حملن جي جوابدارن خلاف به ڪا جوڳي ڪارروائي نه ٿي. سرحد صوبي جي اورڪزئي ايجنسيءَ واري علائقي ۾ 102 سک خاندانن کي جزئي ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون جنهن سبب 25 سيڪڙو سک خاندان پنهنجي ابن ڏاڏن جا گهر ۽ علائقا ڇڏي هليا ويا هئا، جيڪي آپريشن کان پوءِ واپس ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ به اقليتن لاءِ سٺيون حالتون نه رهيون ۽ بلوچستان مان 27 هندو خاندان خوف سبب هندستان ڏانهن لڏي هليا ويا. انساني حقن واري تنظيم جي سيڪريٽري آءِ اي رحمان ان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين به انساني حقن جي حالت کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو ڇاڪاڻ ته يا ته اهي دلال آهن يا وري مهرا ۽ گڏا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. 2010 ۾ 64 ماڻهن تي توهين رسالت جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ الزام هيٺ آيل ماڻهن مان ڪيترن کي جيل موڪليو ويو. توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل ماڻهن مان هڪ مسلمان ۽ ٻن عيسائين کي پوليس جي پهري ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ان کانسواءِ 99 احمدين کي پڻ قتل ڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا ڪجهه اهلڪار ماڻهن جو تحفظ ان ڪري نه ٿا ڪن جو هنن مان ڪي پاڻ به ان نفرت جا حامي آهن. ساڳي ريت ڪيترن هنڌن تي پوليس پاڻ به اقليتي مذهب رکندڙ ماڻهن کي ڏهڪائي ٿي.نتيجي طور طالبان ۽ شدت پسند جنونين جي اثرائتي نموني رستا روڪ نه ٿي ٿئي. آءِ اي رحمان ان معاملي ۾ حڪومت جي سرد مهري ۽ خاموشيءَ جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته توهين رسالت وارن قانونن ۾ تبديليءَ جون جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، سرڪار ان تي به خاموشي اختيار ڪئي ۽ جيڪي ماڻهو ان نفرت ۽ شدت پسند سوچ سبب ماريا ويا، سرڪار انهن سان ٺلهيءَ همدرديءَ جو اظهار به نه ڪيو. اهڙي صورتحال سبب ملڪ ۾ ڏکين ڏينهن جي اچڻ جو خطرو موجود آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لاهور جي هڪ سرڪاري تعليمي اداري ۾ هڪ شاگرد کي مذهب جي ڪري M.Sc۾ داخلا نه ڏني وئي. مذهبي نفرت وڌائڻ ۾ اردو ميڊيا جي ڪردار تي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مک اردو اخبارن ۾ 1468 -اهڙا مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکيا ويا جيڪي مذهبي نفرت جي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪائين ٿا.
انساني حقن جي تنظيم جي ان رپورٽ ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي به انتهائي ڇرڪائيندڙ انگ اکر ڏنا ويا آهن ۽ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال دوران 12580 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ 16977 -اغوائن جا ڪيس رڪارڊ ٿيا جن مان 581 ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال 67 آپگهاتي حملا ٿيا جن ۾ 1159 بي گناهه ماڻهو مارجي ويا جن ۾ 1041 عام شهري هئا.
ڪراچيءَ جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو حوالو ڏيندي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ڪل 538 ماڻهو ڳولي ڳولي نشانو بنائي يعني ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي ماريا ويا جن ۾ 237 سياسي ڪارڪن ۽ 301 عام شهري هئا. ساڳيءَ ريت لياري جي گينگ وار ۾ به 81 بي گناهه ماڻهو قتل ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلوچستان ۾ به 118 بي گناهه ماڻهو ماريا ويا جن ۾ 117 ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي قتل ڪيا ويا ۽ 40 زخمي ڪيا ويا. چونڊي چونڊي مارڻ يعني ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن مان 29 غير بلوچ سيٽلر هئا ۽ 17 ماڻهو اهل تشيع سان تعلق رکندڙ هزارا برادريءَ جا ماڻهو هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال 59 گم ٿيل ماڻهن جا لاش هٿ آيا جن کي پراسرار نموني قتل ڪيو ويو هو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال ملڪ جي تعليمي ادارن تي 163 حملا ٿيا جڏهن ته بلوچستان ۾ 2008 جي جنوري مهيني کان 2010 جي آڪٽوبر مهيني تائين 33 مهينن ۾ 22 استاد قتل ڪيا ويا. انساني حقن جي ان رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ بيماري ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جا به انتهائي دل ڏاريندڙ انگ اکر ٻڌايا ويا آهن.
ٻارن بابت ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال جي ٻوڏ سبب ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ ٻارڙا دربدر ٿيا جن ۾ 25 لک ٻارن جي عمر پنجن سالن کان گهٽ هئي. گذريل سال دوران 1154 ٻارن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، گذريل سال دوران 170 ٻارن خودڪشي ڪئي ۽ 76 ٻارڙن پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي.
رپورٽ ۾ عورتن جي حقن جي لتاڙ جا به افسوس جا ڳوڙها آڻيندڙ انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال 791 عورتن کي ڪاري ڪري ماريو ويو، 2903 عورتن جي لڄن کي لٽيو ويو. رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته عورتن جي لڄالٽ جا سڀ کان وڌيڪ واقعا پنجاب ۾ ٿيا، رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته گذريل سال 719 عورتن خودڪشي ڪئي 414 عورتن پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي. هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هڪ عورت ويم جي بيماريءَ ۾ مري وئي. رپورٽ ۾ ملڪ ۾ بيمار ماڻهن بابت لڱ ڪانڊاريندڙ انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ رڳو رجسٽرڊ سائي جا مريض آهن، ٻيا لکين مريض جيڪي سائي جو مرض کنيو گهمندا ٿا وتن ۽ کين پنهنجي بيماري بابت اڃا ڄاڻ نه آهي، انهن جو تعداد ان کان سواءِ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر سال سورهن لک ماڻهن کي مليريا ٿئي ٿي ۽ لڳ ڀڳ ساڍا ڏهه لک ٽي بي جا مريض رجسٽرڊ ٿيا آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو شوگر جا مريض آهن ۽ 15 لک ماڻهو اکين جي نور کان محروم يعني نابين آهن ملڪ ۾ هڪ لک جي قريب HIV ايڊز جا مريض آهن ۽ 5000 (پنج هزار) ايڊز جا مريض ان کان سواءِ آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جا 34 سيڪڙو ماڻهو نفسياتي مريض آهن يا نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايل ويو آهي ته گذريل سال 2399 ماڻهن خودڪشي ڪئي جنهن جو سبب بک، بيروزگاري، بيماري ۽ ٻيا سماجي ۽ نفسياتي مسئلا ۽ مونجهارا آهن.

( فيبروري 2011 ۾ نشر ٿيل )

زينب ڀيو ڪيس: کپري ۾ انسانيت مٿان آيل امتحان

کپري ۾ انسانيت مٿان امتحان آيل آهي زينب نالي نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ هڪ معصوم نياڻي جي عزت کي چکيا تي چاڙهيو ويو آهي ۽ سندس خانگي تصويرون ڪڍي، انٽرنيٽ تي چاڙهي، سڄي دنيا کي ڏيکاريون ويون آهن. نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٻارڙي اڃا ارڙهن سالن جي عمر تي به نه پهتي آهي. جنهن ڪري هو نه سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي قابل آهي نه ووٽ ڏيڻ جي لائق آهي. ملڪي قانون ۽ سماجي رواج موجب هو اڃا ناسمجهه ۽ معصوم آهي پر هن کي بلوغت جي عمر تي پهچڻ کان اڳ اخلاقي طرح مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ائين کڻي چئجي ته هن کي مُکڙيءَ جي مُند ۾ ئي مروڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. متاثر ٿيل نياڻي جي اکين روئي روئي هاڻي ته نيرن جو پاڻي به پاٺو ڪري سڪائي ڇڏيو آهي ۽ سندن پيءُ ماءُ غمن جي ڳهر ۾ ڄڻ ته غرق ٿي ويا آهن، کپري جو اهو شهر جتي زينب ڀيو جو پيءُ مزدوري ڪري، ٽريڪٽر هلائي، پنهنجي گهر جو گاڏو گيڙڻ جي ڪوشش ڪندو هو، اهو کپري جو سڄو شهر هنن مسڪين ماڻهن لاءِ ڄڻ ڪا گار ۽ ٺٺولي بنجي ويو آهي ۽ کپري جو شهر، ان جا رستا، ان جون ماڙيون، ان جون گهٽيون ۽ ان جا واسي گويا کپري شهر جي هر چرندڙ پرندڙ شيءِ ڄڻ هنن مٿان کلندي هجي ۽ کين چوندي هجي ته اوهان اڃا تائين ڪيئن زندهه آهيو ۽ ڇو زندهه آهيو؟!
معصوم زينب ڀيو ۽ ان جي گهرڀاتين جي اڄ حالت اها آهي جو جيڪڏهن آسمان هنن کي راهه ڏئي يا زمين انهن کي جاءِ ڏئي يا زمانو انهن کي رستو ڏئي ته هو رات جي اونداهه ۾ گم ٿي هليا وڃن ۽ باقي سڄي زندگي کپري شهر ۽ ان جي شهرين کي ڏسن ته ڇا پر هوند ياد به نه ڪن. پر وقت ۽ حالتن جون مجبوريون هنن کي ان ئي شهر جي هر چوڪ تي ٽنگيو بيٺيون آهن ۽ کين چئي رهيون آهن ته ”وقت جو امتحان پاس ڪيو!!“
کپري شهر جي معصوم نياڻي زينب ڀيو سان ٿيل زيادتي جا جوابدار ان ئي شهر جا ڪجهه اوباش نوجوان ڇورا آهن جن ڪن ڇوڪرين کي استعمال ڪري، پنهنجا ذليل مطلب پورا ڪيا آهن.
شهر جي ڪجهه ناسمجهه ماڻهن ان نج انساني ۽ اخلاقي مسئلي کي لساني ۽ گروهي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قبائلي سردار سڏائيندڙ هڪ ڀوتار ان تي قبيلائي پلاند جو بيان به جاري ڪيو. پر کپري شهر جي باشعور ماڻهن ۽ متاثر توڙي جوابدار ڌر جي معزز شهرين نهايت معتبري ۽ اعليٰ ظرفيءَ جو مظاهرو ڪندي چيو ته سڀني جون عورتون عزت لائق آهن ۽ سڀڪو نياڻين وارو آهي تنهن ڪري زينب ڀيو جي عزت هر نياڻي واري پيءُ جي عزت آهي، ان ڪري زينب ڀيو سان ٿيل حادثي کي پنهنجي نياڻيءَ سان ٿيل زيادتي سمجهي ان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن ۽ زينب جي خاندان سان ڏک اهڙي طرح ونڊيو ۽ ورهايو وڃي جيئن زينب، ان جي والدين، چاچي ۽ مائٽن توڙي دوستن کي جيڪو صدمو پهتو آهي، ان صدمي جو بار ۽ زخم ٿورو گهٽ ٿئي ۽ کپري جو اوپرو بڻيل شهر هنن لاءِ پنهنجو ٿئي ۽ زينب جو خاندان ان ئي شهر ۾ عزت واري زندگي گذاري.
زينب ڀيو وارو واقعو انٽرنيٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي غلط استعمال جو هڪ نمونو آهي. اها ته زينب ڀيو جي والدين ۽ وارثن جي بهادري آهي جو هو هن دل ڏاريندڙ ڏاڍائي کان پوءِ به ميدان تي نڪري پيا ۽ شايد سڄي ملڪ کي ان ڪري آگاهه ڪيائون ته جيئن آئيندي، ٻين جون نياڻيون ان بيهودگيءَ کان بچي سگهن. تنهن ڪري زينب ڀيو ۽ ان جي والدين ۽ وارثن کي زماني جي رواجن جو مقابلو ڪرڻ تي سلام پيش ڪرڻ گهرجي ۽ کين اهڙي همت ٻڌڻ ۽ جرئت ڪرڻ تي شاباش چوڻ گهرجي. پر کپري جو واقعو اهو ضرور ٻڌائي ٿو ته اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ هاڻي ان قسم جا ڏوهه ۽ بليڪ ميلون وڌي رهيون آهن، ان ڪري حڪومت کي سائيبر ڪرائيم جا رستا روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ جوابدارن لاءِ سخت سزائون رکڻ گهرجن ته جيئن اهڙن ڏوهن کي قابوءَ ۾ رکي سگهجي.
جيستائين کپري جي واقعي جو تعلق آهي ته سڀ کان وڏي اخلاقي ذميواري جوابدارن جي والدين تي اچي ٿي ته هنن پنهنجي اولاد کي ايترو ڊگهو رسو ڇو ڏنو جو هنن نهايت خصيص پڻي ۽ ڪميڻائپ جو مظاهرو ڪندي هڪ نياڻي جون خانگي تصويرون انٽرنيٽ تي جاري ڪيون؟ جڏهن به ڪنهن انساني قدر جي لتاڙ ٿئي يا جڏهن به ڪو اخلاقي ڏوهه ٿئي ته ان کي ذات، قبيلي، زبان ۽ علائقي جي عينڪ سان ڏسڻ بجاءِ ان کي انساني ۽ اخلاقي ماڻ سان ماپڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. کپري جو سانحو قائم خاني ۽ ڀيا برادريءَ وچ ۾ ٿيل تڪرار نه آهي پر اهو هڪ نج انساني ۽ اخلاقي مسئلو آهي تنهن ڪري ان ڏوهه جي سزا، ان جو ڏنڊ ۽ ان جو حل به انساني ۽ اخلاقي معيارن مطابق ڳولڻ گهرجي.
دنيا جي ڪنهن به قانون ۽ مهذب ريت ۽ رواج ۾ اهو ڄاڻايل نه آهي ته جيڪڏهن ڪو فرد يا گروهه ڏوهه ڪري ته فردن ۽ ٽولن جي ڏوهه کي برادريءَ يا ڪنهن ٻولي ڳالهائيندڙ سموري برادريءَ جو ڏوهه سمجهيو وڃي ۽ پوءِ ان جي سزا به سڄي برادريءَ کي ڏني وڃي. ساڳيءَ ريت هر مهذب برادري ۽ والدين جو به اهو فرض آهي ته جيڪڏهن سندن خاندان يا برادريءَ جو ڪو به ماڻهو اهڙو ڏوهه ڪري ٿو جيڪو اخلاقيات ۽ انسانيت جي قدرن کان عاري آهي ته ان ڏوهي ماڻهو کي خاندان ۽ برادريءَ کي لڄائڻ جي سڀ کان پهرين سزا کيس گهر ۽ برادري ۾ ملڻ گهرجي. کپري ۾ زينب ڀيو سان ٿيل زيادتي تي جيتوڻيڪ جوابدارن جي والدين افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان واقعي جي مذمت ڪئي آهي پر قائم خاني برادريءَ جي اڳواڻن کي گڏجي ڪري متاثر نياڻيءَ جي وارثن وٽ ميڙ ٿي وڃڻ گهرجي ۽ کين پاڙي، ڀائپي ۽ برادريءَ جو فيصلو ۽ ڏنڊ ڏوهه ڏيڻ جي آڇ ڪرڻ گهرجي ۽ متاثر خاندان جي ڏک، صدمي ۽ عزت جي نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ کين منٿ ميڙ ۽ راڄوڻي ڪرڻ گهرجي.
کپري شهر جو هي واقعو ته هڪ ننڍڙو مثال آهي، پر اهڙي قسم جا واقعا جڏهن به ۽ جتي به ٿين ٿا، اتي ناسمجهه، جذباتي ۽ مختلف مفاد رکندڙ ماڻهو انهن ڏوهن کي بهانو بنائي خاندان، ذات ۽ قبيلي جي عزت جي آڙ ۾ فساد ڪرائي، درجنين ماڻهو مارائي، ويڙها ويران ڪرائي، ڪيترن ئي خاندانن ڳوٺن، شهرن ۽ علائقن کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا. شڪر آهي جو کپري شهر جي باشعور ۽ غيرت مند ماڻهن انهيءَ فساد کي روڪي ورتو آهي ۽ خاص ڪري جوابدار ڌر جي ماڻهن ۽ پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن ان سلسلي ۾ پنهنجو اخلاقي ۽ انساني ڪردار ادا ڪيو آهي.
زينب ڀيو ۽ ان جو خاندان اسان سڀني کان انصاف ۽ ڏک ونڊڻ جي همدردي جي گهر ڪري ٿو. اسان سڀني کي هن رئندڙ خاندان جي اکين جا ڳوڙها اگهڻ گهرجن ۽ خاص ڪري جوابدار ڌر کي اعليٰ انساني ۽ اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪري، متاثرن جو ڏک مٽائڻ لاءِ کين هر قسم جو حساب ڪتاب ڏيڻ گهرجي.

( آڪٽوبر 2010ع ۾ نشر ٿيل )

شخصيتون

---

ڪنور ڀڳت: سنڌ جي رواداريءَ جي مالها مان ٽٽل مڻيو

ڪنور ڀڳت سنڌ جو اهو راڳي هو، جيڪو راڳ کي عبادت سمجهي ادا ڪندو هو ۽ هو جڏهن ڇيرون پائي ۽ اکيون ٻوٽي ڳائڻ شروع ڪندو هو ته نه رڳو پاڻ سرن جي ساغر ۾ ٻڏي ويندو هو پر سندس آفاقي آواز جتي جتي به پهچندو هو اتي هر شي جامد ۽ ساڪن ٿي خاموشيءَ ۾ هن جي ڪلام کي ٻڌڻ شروع ڪندي هئي. ڳائڻ جي ڳَهر جون اهي ڪهاڻيون ڀٽائي بابت به مشهور آهن ته جڏهن هو هالا کان ٻه ڪوهه پري هڪ ويران ڀٽ تي ويهي سانجهيءَ جو سرن کي سوجهيندو هو ته جهنگ جا سڀئي خوفائتا جانور اچي هن جي راڳ کي ٻڌندا هئا.
ڪنور ڀڳت هونئن ته گهوٽڪي ضلعي جي هيڊڪواٽر واري شهر ميرپورماٿيلو کان اوڀر طرف جروارن جي ڳوٺ ۾ تارا چند نالي هڪ دڪاندار جي گهر ۾ پيدا ٿيو پر جيئن ئي هو وڏو ٿيو ۽ کيس پتو پيو ته هو پنهنجي مرشد سچي سترام داس جي دعا کان پوءِ هن دنيا ۾ آيو ته هن پنهنجو ڳوٺ ڇڏي اچي ڏهرڪيءَ کان پنج ڪلوميٽر اتر طرف رهڙڪيءَ ۾ مرشد جي درٻار جي در- ٻاڻي ڪئي.
رهڙڪيءَ جي هندو درٻار جو باني سچو سترام داس پاڻ به وڏو سنت ۽ ڀڳت هو ۽ هو جڏهن ڳائيندو هو تڏهن سندس چيلو ڀڳت ڪنور رام هن جي پٺيان لاڳ ڏئي ڳائيندو هو. 1917ع ۾ جڏهن سنت سترام داس هن دنيا مان چولو مٽايو، ته ڀڳت ڪنور رام رهڙڪيءَ جي درٻار جو گاديسر ٿيو.
ڀڳت ڪنور رام ۽ سندس گرو سترام داس سنڌ ۾ انهيءَ ريت جا رهگذر هئا، جنهن ريت موجب ڳائڻ عبادت آهي. هند ۽ سنڌ ۾ هزارين سالن کان هلندڙ مختلف روين ۽ اندازن واري ڀڳتي تحريڪ به اهائي هئي، جنهن موجب خلقڻهار جي ساراهه ۾ ڪيل شاعريءَ کي ڳايو ۽ رچايو ويندو آهي. هونئن به ڀڳت جي لفظي يا لغوي معنيٰ پالڻهار جي شان ۾ ڳائيندڙ گائڪ آهي، ڀڳت ڪبير جهڙا ڪيترائي ڀڳت راڳ ذريعي عبادت ڪرڻ واري سلسلي کي اڳتي سوريندڙ سمجهيا وڃن ٿا، سنڌ جو فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ان واٽ جو واٽهڙو هو ۽ هو به راڳ کي عبادت وانگي ڪندو ۽ ڳائيندو هو،
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
يا
تان نه آهي تند جو، رُون رُون ڪري راز
هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀڪو چئي ساز
سٽ ڏئي شهباز، ٿيءُ ته ٿوڪ پرائيين
ڀڳت ڪنور رام ويدانتي صوفي سلسلي جي مالها جو ڄڻ سنڌ ۾ پوئيل اهو مڻيو هو، جيڪو ويهين صديءَ جي سنڌ جي اوائلي سالن ۾ ظاهر ٿيو. هن پنهنجي روحاني رهبر کان اهو سکيو هو ته رکيو رک ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري دنياوي ڌن ۽ ملڪيت ميڙي رکڻ جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو. ڇو ته سانڍي رکيل هر شيءَ کي آخر ۾ خاڪ ٿيڻو آهي. هن کي پنهنجي مرشد اها ڳالهه به سمجهائي هئي ته ڪفن کي کيسا نه ٿيندا آهن يعني انسان جي دنيا ڇڏڻ وارو لباس ڪفن هوندو آهي ۽ ڪفن ۾ کيسو نه هئڻ ڪري، دنيا مان ڪا به شيءَ کڻي نه وڃبي آهي.
اهوئي سبب هو جو ڀڳت ڪنور رام بنا کيسن وارو ڪڙتو پائيندو ۽ مرشد جي ڳاڙهي چولي جي رنگت واري ڀڳتي پڳ پائيندو هو. هو پنهنجي هر محفل کي ڀڳت يعني ڌڻيءَ جي ساراهه واري عبادت ڪوٺيندو هو. ڀڳت ڪنور رام، ڀڳتي واري جاءِ کي عبادت گاهه سمجهندو هو تنهن ڪري پير اگهاڙا ڪري ڳائيندو هو. پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي، هو جڏهن ”الا“ چوڻ شروع ڪندو هو، تڏهن سندس آواز اهڙو ته پڙلاءُ ڪندو هو ڄڻ اهو آسمانن سان لڳي واپس ٿيو هجي. ڪنور ڀڳت کي روبرو ٻڌڻ وارا ٻڌائين ٿا ته ڪنور ڀڳت جي ڇيرن جي ڇم ڇم ۾ ننڊ آڻيندڙ ردم هوندي هئي ۽ هن جي آلاپن مان خمار جا احساس ڦولارجي نڪرندا هئا. جيڪي ماڻهو جي ٻاهر جي چرپر کي خاموش ڪرائي، اندرين احساسن ۾ طلاتم پيدا ڪندا هئا. هو پاڻ اکيون ٻوٽي ”آ“ ڪري ڳائڻ شروع ڪندو هو ۽ جيستائين هڪ وائي يا ٻاڻي ختم نه ڪندو هو تيستائين اکيون پٽي ڪنهن ٻئي لقاءَ ڏانهن نه ڏسندو هو. ڳائڻ دوران سندس سڄو ڌيان ان ڌوڻي ۾ هوندو هو، جيڪا سندس مرشد کيس ڳارائي ۽ سيکاري هئي، ڳائڻ دوران هو هڪ پل لاءِ به ٻئي پاسي نهار نه ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته هو حق باهو جي ان قول کي سچو سمجهندو هو ته،
”جو دم غافل، سو دم ڪافر“
ڀڳت ڪنور رام پنهنجي ئي سرن جي ساگر ۾ ايڏو ٻڏي ويندو هو، جو کيس پنهنجي هئڻ جو احساس به نه رهندو هو. هو هندستان جي سورهين صديءَ جي عظيم گائڪ سورداس وانگي اکين کان وڏو ته نه هو پر ڳائڻ مهل هن جون اکيون سدائين ٻوٽيل هونديون هيون. پنهنجي سرن ۾ سمائجي ۽ وڃائجي ويل هي ڪلاڪار، ٻيجل جو ٻيهار بنجي، پنهنجي سرن اڳيان پنهنجو سِر اچي رکندو هو ۽ سندس اها ڪيفيت ”آپ هي ناگن آپ هي جوگي“ جي محاوري وانگي لڳندي هئي. ڪنور ڀڳت لاءِ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن ته سندس ڀڳت دوران، سندس محفل جي ٻاهران رات جو جهنگ جا ڪيترائي جانور به اچي ديرو ڪندا ۽ هن جون لوليون ٻڌندا هئا.
ڪنور ڀڳت لاءِ مشهور آهي ته هو امڙين جون لوليون اهڙي ته درديلي آواز ۾ ڳائيندو هو جو بيمار ٻار به سمهي پوندا هئا ۽ جيستائين سندس لوليءَ جو هندورو هلندو رهندو هو، تيستائين روڳ ۾ ورتل بيمار ٻار سک جي ننڊ سمهندا هئا. چيٽ جون چانڊوڪيون هجن يا ڪتيءَ جون اماس راتيون، ڪنور ڀڳت جيئن ئي ڳائڻ شروع ڪندو هو ته تيستائين خاموش نه ٿيندو هو، جيستائين پرڀات پنهنجا پَلوَ نه ڏيکاريندي هئي. هو گهڻي ڀاڱي رات جو يارهين وڳي کانپوءِ راڳ شروع ڪندو هو ۽ سندس آخري ڪلام پرڀاتي راڳ مان هوندو هو. تنهن ڪري هو جڏهن آخري ڪلام ۾، سڄي رات جي دردن جا ڳايل ڳوڙها نپوڙيندو هو، تڏهن هن جي ڳايل سٽ سٽ مان سوز ٽمڻ لڳندو هو ۽ پوءِ راڳ جا ماهر چوندا هئا ته ڀڳت ڪنور جهڙي پرڀاتي ٻيو ڪو به ڳائي نه ٿو سگهي.
ڀڳت دوران ڪنور تي جيڪا به گهور پوندي هئي، اها هو نه وٺندو هو ۽ نه رکندو هو. ڇو ته مرشد کيس ڪجهه به رکڻ ۽ کيسي وجهرائڻ کان منع ڪئي هئي. تنهن ڪري هو جيڪو رات جو گهور مان ڪمائيندو هو اهو صبح جو سوير اتي ئي غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.
ڪڇي ڪاڇو ٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي
انهن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري
ڪنور ڀڳت سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جو سڀ کان وڏو ۽ زندهه مثال هو. سندس ڳاتل شاعري گهڻي ڀاڱي مسلمان صوفي شاعرن جي آهي. هن ڀٽائي کي تمام گهڻو ڳاتو آهي، سندس هڪ مشهور ڪلام ”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان؟ ڏس ڪو ڏان- ڏس ڪو ڏانءُ.“ سليمان شاهه بودلي واري جو آهي، جنهن جو تعلق پيرڳوٺ واري راشدي درگاهه سان هو. سندس هڪ ٻيو مشهور ڪلام ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه- مون کي تن ماروئڙن جي“ دريا خان فقير ڪنڊڙي واري جو آهي جنهن جو تعلق جهوڪ واري صوفي سلسلي سان آهي. ان کان سواءِ سنڌ جا ٻيا صوفي شاعر به ڪنور ڀڳت جي ڀڳتي مالهائن ۾ پوئيل ۽ پروئيل آهن.
سنڌ جي صوفي مزاج جو اهو ڪيڏو نه ڪمال ۽ عجب ۾ وجهڻ جهڙو سنگم آهي ته سنڌ ۾ ڀٽائي تي سڀ کان گهڻو ڪم هندو عالمن ۽ اڪابرن ڪيو آهي جڏهن ته ڀڳت ڪنور رام جي زندگي ۽ ڪردار تي وري مسلمان عالمن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لکيو، ڳايو ۽ ڳالهايو آهي.
ڪنور ڀڳت رهڙڪي جي درٻار جو ٻيو گادي نشين هو. ڪنور ڀڳت جو روحاني رهبر سائين سترام داس هو. جيتوڻيڪ ڪنور رام، پنهنجي مرشد جو ڪو مٽ يا عزيز به نه هو ۽ ڪنور ڀڳت جي مرشد، سائين سترام داس کي پنهنجي پٽن جو اولاد به هو، پر هن پنهنجي گاديءَ جو ڌڻي پنهنجي هڪ شش، شاگرد يا چيلي کي ڪيو. رهڙڪي جي دربار جو موجودهه يعني ڇهون گادي نشين سائين ساڌرام صاحب به گاديءَ جي باني سچي سترام داس جو ڪو عزيز نه آهي. هي گادي سنڌ جي هندن جي شايد واحد گادي آهي جتي جي جانشيني لاءِ اولاد کي اوليت نه ٿي ڏني وڃي.
ان کان اڳ سنڌ جي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي راڳ واري گاديءَ ۾ به ڀٽائي پنهنجي ڪلام جو ڌڻي، ڪنهن سيد کي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي تمراڻي فقيرن کي ڪيو. اهي تمراڻي فقير اڄ به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي شاهه جي راڳ جي پاڻ ئي اڳواڻي ڪندا آهن.
ڪنور ڀڳت جيڪو سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جي مالها جو مڻيو هو ان جي ڇير کي رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي گولي لڳي ۽ ان کانپوءِ سنڌ ۾ مذهبي رواداري واري مالها اڃا تائين به ٽٽل آهي. جيڪڏهن اسين سنڌ ۾ ڪٽرپڻي جي پاڙ ڪڍي ان ۾ رواداريءَ جو رواج ٻيهر قائم ڪرڻ گهرون ٿا ته اسان کي اهو ڏيئو ٻيهر ٻارڻو پوندو، جنهن ۾ ڪنور ڀڳت رڪ جي ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي رت جو آخري تيل به وجهي سنڌ جي صوفي مت جي لاٽ کي سدائين روشن رکڻ لاءِ جان ڏئي ويو.
جوگيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري.
( شاهه )

(10 اپريل 2011ع تي نشر ٿيل)

موهن جي دڙي جو دراوڙ- انور پيرزادو

انور پيرزادو، سنڌ جي انهن ٿورن ماڻهن منجهان هڪ آهي، جنهن کي سڀيئين پارئيين، سڀئين سخنين هڪ ڪامل، هڪ مڪمل سنڌي چئي سگهجي ٿو. ها، هن جي قداور شخصيت کي ڏسڻ سان هن جي ڪا آريائي اصليت ضرور ڀاسندي هئي. پر پنهنجي سڀاءَ ۾ هو موهن جي دڙي جو دراوڙ لڳندو هو. ٿڌي مزاج ۽ مٺي گفتار واري هن دراوڙ، ان ڳوٺ ۾ جنم ورتو، جيڪو موهن جي دڙي جي ڀر ۾ آباد آهي، جنهن کي ماڻهو ٻلهڙيجي جي نالي سان سڃاڻن ٿا ۽ ان ئي ڳوٺ کي ساڄي ڌر جا قربان بگٽي جهڙا ليکڪ ”لٽل ماسڪو“ يعني ننڍو ماسڪو سڏيندا هئا.
انور پيرزادو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن جو ننڍپڻ لاڙڪاڻي جي هاڙهه ۽ سنڌو درياهه جي چاڙهه کي ڏسندي گذريو. هن ان ماحول ۾ اکيون کوليون جڏهن دنيا جا ناليوارا عالم، اڪابر ۽ ماهر، موهن جي دڙي جي مٽيءَ کي ماٿي تي لڳائي ان کي انساني تاريخ جي هڪ وڏي تيرٿ جهڙو مهان سمجهندا هئا. هن جي علمي، ادبي ۽ سياسي پرورش، سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙي گياني شخص جي چؤگرد ٿي. هن جي دوستي گلاب پيرزادي جهڙن اڻ پڙهيل انقلابين سان هئي، جيڪي جوڙ ڪري رکڻ جو علم سمجهڻ بجاءِ انقلاب جي آخري نتيجن تي ڌيان ڏيندا هئا. سنڌو درياهه، موهن جي دڙي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙن ٽن عظيم وجودن جي وچ مان سلي وانگي سرجيل انور پيرزادو جڏهن جوان ٿيو ته هن جي شخصيت ۾ هڪ محب وطن سنڌي، هڪ سچي انقلابي ۽ هڪ عظيم انسان جون سڀئي خوبيون موجود هيون.
25 جنوري 1945 تي ٻلهڙيجي ۾ پيدا ٿيل انور پيرزادي جو اصلي نالو محمد پريل هو، جيڪو اڳتي ادبي ذوق ۾ انور ۾ تبديل ٿيو. انور پيرزادي 1962ع ۾ ڏوڪري هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1963ع ۾ پرائمري ماستر ٿيو. 1965ع ۾ جڏهن قديم آثارن جي مشهور ماهر پروفيسر ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلس موهن جي دڙي تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ته انور پيرزادي ان سان گڏجي ڪم ڪيو.
انور پيرزادي ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو رخ ڪيو ۽ 1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي هوائي فوج ۾ پائليٽ طور شموليت اختيار ڪئي. 1971ع ۾ بنگال تي ڪيل فوج ڪشيءَ جي مخالفت ۾ لکيل هڪ خط جي پڪڙجڻ کان پوءِ هن کي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو ۽ کيس سرڪاري نوڪريءَ لاءِ سدائين نااهل ڪرڻ جي هڪ اهڙي سزا ڏني وئي جيڪا هن اعزاز سمجهي سدائين اکين تي رکي قبول ڪئي.
انورپيرزادي جو ننڍپڻ ڪچي ۽ درياهه جي ڪنارن تي گذريو، جنهن سبب هو ننڍپڻ کان ئي درياهه جو ديوانو هو. ٿورو وڏو ٿيڻ کان پوءِ هن کي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جون ڪچهريون نصيب ٿيون، جنهن هن جي اندر ۾ انقلاب جي دونهين دکائي. مئٽرڪ کان پوءِ هن ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلس سان گڏجي موهن جي دڙي جي مٽي ڇاڻي، جنهن هن جي اندر ۾ سنڌو جي تهذيب جي عظمت جا نقش چٽيا ۽ ان کان پوءِ هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي جنهن بعد هن اڳيان لطيف جي شاعري جو شان آشڪار ٿيو. پنهنجي علم ۽ عرفان جون اهي سڀ منزلون ماڻڻ کان پوءِ باقي سڄي زندگي انور پيرزادو سنڌو درياهه، موهن جي دڙي، لطيف ۽ انقلاب جي چئن نالن يا اربع عناصرن جي عشق ۾ سرگردان رهيو.
زندگيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ انور پيرازدي صحافت کي ذريعو بنايو ۽ انگريزي توڙي سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪندو رهيو، صحافت ۾ هن جي تحريرن ۾ سنڌو درياهه، موهن جي دڙي، لطيف ۽ انقلاب جا اثر سدائين نمايان نظر ايندا هئا. انور پيرزادي جي لکڻين ۾ سنڌو درياهه جهڙي وسعت، موهن جي دڙي جهڙي عظمت، لطيف جهڙي لطافت ۽ انقلاب جهڙي رومانويت نظر ايندي هئي. هو سنڌ جي نهايت ٿورن ماڻهن مان هڪ هو جيڪي هڪ ئي جنم ۾ هيڪاندا ڪم ڪري سگهندا آهن. هو هڪ ئي وقت درياهه، موهن جي دڙي، لطيف توڙي انقلاب سان ايترو پيار ڪندو هو، جو اهو سمجهڻ اوکو ٿي پوندو هو ته هو لطيف جي عشق کان پوءِ انقلابي ٿيو آهي يا انقلاب جي خمارن هن جي سوچ ۾ لطيف جي محبت جو مڌ اوتيو آهي. ساڳيءَ ريت اهو به سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته موهن جي دڙي جي محبت هن کي درياهه سان دل لڳرائي يا سنڌو درياهه جون سيرون هن کي ماضيءَ جي موهن جي دڙي ڏانهن لوڙهي ويون. جيڪڏهن ائين چئجي ته درياهه، موهن جي دڙي، انقلاب ۽ لطيف جو عشق هن جي چت تي سال جي چئن موسمن وانگي چڙهندو هو تڏهن به غلط نه ٿيندو. انور جي ڪابه تحرير پڙهو ۽ ڪابه تقرير ٻڌو پر اظهار جي سڀني اندازن ۾ هن جي پسند جا اهي مکيه موضوع سدائين نمايان نظر ايندا. هن جو شايد ئي ڪو اهڙو شعر هجي، جنهن ۾ سنڌوءَ جي امرت لهرن جهڙيون ڇوليون، ڇلڪندي نظر نه اچن ۽ هن جو شايد ئي ڪو نظم اهڙو هجي، جنهن ۾ موهن جي دڙي جي ناچڻي وارو رقص نه هجي. هن جي شايد ئي ڪا اهڙي تحرير هجي، جنهن ۾ ڀٽائي جون تشبيهون ترندي نظر نه اچن ۽ يا جنهن ۾ انقلاب جهڙي تک ۽ تيزي نه جهلڪندي هجي.
انور پيرزادي ڪڏهن به خانا پوريءَ لاءِ نه لکيو. هن جي هر تحرير، هن جي انقلابي اندر جي آگ مان اُٻري نڪرندي هئي. اهوئي سبب هو جو هن جي هر تحرير شاهڪار ۽ هن جي هر لکڻي فن پاري جيان لڳندي هئي. روزاني عوامي آواز ۾ هن ”متان وساريو“ جي عنوان سان مختصر ترين ڪالم لکيا. جنهن ۾ پنجن سٽن اندر، هو ڪنهن وڏي ڪالم کان به وڏي ڳالهه چئي وجهندو هو. هن جون تفصيلي تحريرون گهڻي ڀاڱي تحقيقي مواد تي مشتمل هونديون هيون، جن جا موضوع سنڌ ۽ سنڌ جو لطيف، موهن جو دڙو يا انقلاب هوندا هئا.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي پاڙي ۽ صحبت ۾ وڏو ٿيندڙ انور پيرزادي جي رڳ رڳ ۾ انقلاب رچيل هو. انقلاب جي سرخ رنگ سان هن جي ايڏي ته سچيتائي هئي جو هن ان رنگ ۾ پنهنجو سڄو ڳوٺ رڱي ڇڏيو هو ۽ ٻلهڙيجي جو ٻار، ٻڍو توڙي جوان جتي به موجود هوندو هو، ان مان بغاوت جي باهه ڀڙڪندي نظر ايندي هئي. اهوئي سبب هو جو قربان بگٽيءَ جهڙا بنياد پرست ليکڪ، ٻلهڙيجي جي ڳوٺ کي لٽل ماسڪو يعني ڪميونسٽن جو ننڍڙو شهر سڏيندا هئا. ائين ضررو آهي ته ٻلهڙيجي ۾ بغاوت جو ٻج ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ليڪچرن پوکيو پر انور پيرزادو ان انقلابي فڪر جي اها پهرين اوڌ هو، جتان وري اڪيچار انقلابي پيدا ٿيا.
سوڀي گيانچنداني ۽ انور پيرزادي جي ڪچهرين مان فيضياب ٿيل مزدور اڳواڻ گلاب پيرزادو جڏهن فلسفي تي ڳالهائيندو هو ته ٿلها ڪتاب پڙهندڙن جا هوش ٺڪاڻي اچي ويندا هئا. اهو انور پيرزادي جي محنتن جو ڪمال هو جو ٻلهڙيجي شاعرن، اديبن ۽ انقلابين جي هڪ اهڙي نرسري بنجي پئي جيڪي اڳتي هلي گهڻي ڀاڱي صحافي ٿيا. صحافت کي ويهن سالن کان وڌيڪ عرصو ڏيندڙ ناميارو صحافي زلف پيرزادو به ٻلهڙيجي ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ اهو به هڪ رڪارڊ آهي ته ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ آمريت خلاف ڀتين تي نعرا لکندي جڏهن زلف پيرزادي کي گرفتار ڪيو ويو هو ته زلف پيرزادي نالي ٻلهڙيجي جي هن ٻار جي عمر صرف سورهن سال هئي. هونئن ته اها ڳالهه به عام ۽ مشهور آهي ته لطيف جي شاعريءَ کي لاڙ جا ماڻهو وڌيڪ سمجهن ٿا ڇو ته لطيف جي ٻوليءَ تي لاڙ جو وڌيڪ اثر آهي پر انور پيرزادي ٻلهڙيجي ۾ لطيف کي ايترو پڙهيو ۽ پکيڙيو جو محسوس ٿيندو هو ته هن لاڙڪاڻي ۾ لاڙ – ڪڻو آندو آهي يا اتي هڪ ننڍڙو لاڙ برپا ڪيو آهي. ٻلهڙيجي ۾ ڀٽائي کي سمجهندڙ رڳو اڪيلو انور پيرزادو نه هو پر هن لطف ۽ زلف پيرزادي سميت ڪيترائي اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا هئا، جيڪي هن سان لطيفيات جي سير ۾ گڏ هوندا هئا. انور پيرزادي جو ڀٽائي سان عشق ان حد تائين پهتل هو جو شايد ئي ڪو اهڙو مهينو هجي، جنهن ۾ هن ڀٽائي جي مزار جي مٽي پنهنجي مٿي تي نه لڳائي هجي. سندس سالن جي انهيءَ سفر جو ئي نتيجو هو جو هن ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“ جهڙو شاهڪار گيت لکيو.
انور پيرزادو جيتوڻيڪ آرڪيالاجسٽ نه هو پر موهن جي دڙي جي محبت هن کي ڄڻ قديم آثارن جو ابو بڻائي ڇڏيو هو. 1965ع ۾ مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلس سان هن جڏهن موهن جي دڙي جي مختلف علائقن جي مٽي کوٽڻ ۽ تورڻ شروع ڪئي ته ان پرڏيهي ماهر جي موٽي وڃڻ کان پوءِ به هن اها ڪرت جاري رکي ۽ هو جيستائين به جيئرو رهيو، تيستائين موهن جي مٽيءَ سان سندس موهه برقرار رهيو.
انور پيرزادي جي زندگيءَ جا سڀئي چاهه انوکا هئا پر هن جو سنڌو درياهه سان عشق سڀ کان اتامرو هو. هن سڄي زندگي انگريز سياحن جا سنڌوءَ جا سفر پڙهيا هئا تنهن ڪري هن کي جيءَ ۾ جاڳيو ته هو پنهنجي عظيم درياهه کي سرحد صوبي جي اٽڪ کان، ٺٽي جي جنگي سر واري پتڻ تائين گهمي ڏسي ۽ درياهه جي وڇاءَ ۽ وهڪري کي ويجهي کان ڏسي. ان سڪ ۽ سبب کي ساڻ ڪري انور پيروزادو، بدر ابڙي، انتخاب شاهه سميت 14 دوستن سان گڏجي سنڌوءَ جي سفر- اٽڪ کان جنگي سر- تائين نڪتو.
سنڌو درياهه جي 22 ڏينهن جي سفر کان پوءِ جڏهن انور پيرزادو عظيم درياهه جو شان بيان ڪندو هو تڏهن هو ويدڪ دور جو ڪو رشي لڳندو هو ۽ هو دادلي درياهه جي تعريف ڪندي نه کٽندو هو. پنهنجي ان تاريخي سفر کان پوءِ انور پيرزادو ان راءِ تي پهتو هو ته موجوده سنڌ، سرائڪي علائقو ۽ هزارا وارو علائقو جتان جتان سنڌو درياهه گذري ٿو، اهو سڄو هڪڙي ئي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو ديس آهي ۽ هنن سڀني علائقن جون ٻوليون، سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لهجا آهن. انور پيرزادي اهو پڻ ٻڌايو هو ته هندڪو دراصل سنڌڪو آهي. انور پيرازدو اسان کان ڀلي وڇڙي ويو هجي پر هن جا سپت سنڌو جي درياهن جيترا ست ڪتاب سنڌ، موهن جو دڙو، جديد سنڌي ادب، اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان، متان وساريو ۽ بمبئي جو سفرنامو اسان وٽ سدائين هن جي ياد کي تازو ڪندا رهندا.

(7 جنوري 2010ع تي نشر ٿيل)

جڳ کي جيتيندڙ -جڳجيت سنگهه

پنهنجي غزل جي انوکي گائيڪيءَ ذريعي جڳ کي جيتيندڙ جڳجيت سنگهه جي ساهه جي سريلي تار وڄندي وڄندي نيٺ ٽٽي پئي ۽ “ هونٽون سي چهولو تم- ميرا گيت امر ڪر دو ” جهڙي غزل کي امر ڪندڙ ڪالهه پاڻ مري پنهنجي فن کي امرتا بخشي ويو. ليکي جي لحاظ سان ته جڳجيت سنگهه هڪ سک خاندان ۾ ۽ هندستان جي راجستان واري گنگانگر شهر ۾ هڪ غريب سرڪاري ملازم جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ پوءِ ڳائڻ جو ذوق هن کي بمبئيءَ جي فلمي دنيا جي سنگيت جي ساگر ۾ وٺي آيو. هن جي ڪروڙين پرستارن مان ڪنهن کي به انهن ڳالهين سان ڪا دلچسپي نه هئي ته هو ڪٿي ڄائو، ڪٿي وڏو ٿيو ۽ ڪٿي رهي ٿو، يا هن جو ديس ۽ ڌرم ڪهڙو هو؟ هن جي سڄي سڃاڻپ هن جا اهي سوزيلا ۽ سُريلا آوازا هئا جيڪي هوائن ۾ هُڳاءَ ڀري، سيمائن ۽ سرحدن جا دنگ لتاڙي، سڄي دنيا ۾ گونجندا ۽ محضوض ٿيندڙ ماڻهن کي اهو محسوس ڪرائيندا هئا ته جيئن خوشي، غم ۽ تخليق جا احساس عالمگير آهن بلڪل ائين انهن احساسن کي سُرن ۽ سازن ۾ اوتيندڙ فن جي به ڪا سرحد نه ٿيندي آهي.
جڳجيت سنگهه هندستان جي ٿر واري علائقي راجستان جي هڪ پنجابي سک گهراڻي ۾ جنم ورتو، ۽ اسڪول ۾ هندي ۽ اردو ڳالهائيندڙن سان وڏو ٿيو. راجستان جون سرحدون سنڌ ذريعي پاڪستان سان لڳن ٿيون. تنهنڪري راجستان ۾ ڪن سنڌين سان به هن جو اٿڻ ويهڻ ٿيو. بعد ۾ هو بمبئيءَ ويو ۽ لڳ ڀڳ زندگيءَ جا پنجاهه سال اتي رهيو. هن جي شادي بنگال جي هڪ نامور ڪلاڪارا چترا سان ٿي. زندگيءَ جي ايترن گهڻن رنگن ۾ رڱجڻ سبب ئي هن کي اهو اعزاز حاصل آهي جو هو ستن کان وڌيڪ زبانن ۾ ڳائيندو هو جن ۾ پنجابي، اردو، هندي، سنڌي، بنگالي، گجراتي ۽ نيپالي خاص طرح شامل آهن. جيتوڻيڪ هفت زبان گائيڪي پنهنجي لحاظ کان هڪ ڪمال هئي پر هن کي ان کان به وڏو ڪمال سندس زال چترا سان گڏجي ڳائڻ کانپوءِ نصيب ٿيو. جڳجيت ۽ چترا جي جوڙي جڏهن غزل ڳائڻ ويهندي هئي تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ موسيقي، ڪمان جي ٻن ڇيڙن ۾ قيد ٿي، ردم جي بند ۾ ٻڌجي وئي آهي.
جيتوڻيڪ جڳجيت جو تعلق هندستاني موسيقيءَ تي صدين کان راڄ ڪندڙ گواليار، ڪرانا يا پٽيالا جهڙن گهراڻن سان نه هو، پر پوءِ به هن جي غزل جي گائيڪيءَ تي ڇاپ ڪنهن ٿانوَ تي پڪي ٿيل ڪنهن ڪنڀار جي اُڪار جهڙي هئي. هن موسيقيءَ جي دنيا ۾ جڏهن پير پاتو ته نور جهان، ملڪا پکراج، بيگم اختر، طلعت محمود ۽ مهدي حسن جهڙا شاهڪار فنڪار غزل جي گائيڪيءَ جا بادشاهه بڻيل هئا. غزل جي بادشاهن جي درٻار ۾ هو هڪ راجستاني ڀٽ وانگي سينَ هڻي داخل ٿيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جاءِ تي پهتو جو وڏا وڏا فنڪار هن کي احترام مان اڳيان جاءِ ڏيڻ لڳا.
جڳجيت پهريون ڀيرو چترا سان گڏجي 1969ع ۾ ڳايو ۽ ٻن سالن کانپوءِ هن سان شادي به ڪئي. جڳجيت جو عروج حقيقت ۾ تڏهن ئي ٿيو جڏهن چترا هن سان ڳائڻ ۾ به جوڙيوالي ڪئي. 1976ع ۾ هن جو پهريون البم جاري ٿيو ۽ هن کي سڀ کان وڌيڪ مقبوليت انهن ئي گيتن ڏني جن ۾ هن قدرتي محسوس ٿيندڙ جوڙي گڏجي ڳايو. جڳجيت سنگهه هندستان جي ڪيترين ئي مشهور فلمن لاءِ پڻ ڳاتو جن ۾ ارٿ، ساٿ ساٿ ۽ پريم گيت گهڻيون مشهور آهن. ۽ هن مرزا غالب، فراق گورکپوري ۽ قتيل شفائي کان وٺي هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائيءَ تائين ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجي گيتن جي مالا ۾ پويو هو. جڳجيت سنگهه پاڪستان جي غزل جي بادشاهه سمجهيو ويندڙ ڪلاڪار مهدي حسن سان گڏجي ڳائڻ پئي چاهيو. پر هن جي اها خواهش مهدي حسن جي بيمار هئڻ سبب پوري ٿي نه سگهي. ساڳيءَ ريت پاڪستان جي غزل جي اڀريل نالي غلام علي خان کي به زندگي جو ڏاڍو ذوق رهيو ته هو جڳجيت سان گڏجي ڳائي. پر گذريل مهيني جي 23 سيپٽمبر جي تاريخ تي جڏهن پاڪستان ڄائو غلام علي جڳجيت سنگهه سان گڏ ڳائڻ لاءِ بمبئيءَ پهتو ته محفل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي جڳجيت جي دماغ جي رڳ ڦڙڪي ۽ ڦاٽي پئي جنهن کانپوءِ غزل گو غلام علي جي اها خواهش به پوري نه ٿي سگهي. مهدي حسن ۽ غلام علي سان نه ڳائي سگهندڙ جڳجيت سنگهه رڳو پنهنجي وني چترا ۽ برصغير جي ڪوئل لتا منگيشڪر سان گڏ ڳائي سگهيو.
جڳجيت سنگهه ۽ چترا جو اڪيلو پٽ وويڪ جڏهن 1990 ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ مري ويو تڏهن پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ چترا کان ڳائڻ به وڇڙي ويو. جڳجيت ۽ چترا جي چاهيندڙن جو خيال آهي ته جڳجيت جي زال چترا پنهنجي پٽ جي وڇوڙي ۾ ايترو رني هئي جو سندس سرن ۽ آوازن جا پنڌ ۽ پيچرا ئي تبديل ٿي ويا هئا. درد جي ڪٿائن کي فن طور ڳائيندڙ چترا پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ جڏهن جيئري ئي جهري پئي ۽ هن جي فن ۾ نظر ايندڙ درد جڏهن هن جي ذاتي ۽ دائمي درد ۾ تبديل ٿيو تڏهن ان المئي ڄڻ هن جي فن کي فنا ڪري ڇڏيو ۽ پٽ جي لاڏاڻي کانپوءِ چترا ڪڏهن به ٻيهر اسٽيج تي ڳائيندي نظر نه آئي. چترا جي فنڪار طور الڳ ٿيڻ کانپوءِ جڳجيت لتا منگيشڪر سان گڏجي ڳايو.
راجستان جي وارياسن پٽن ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ جڳجيت سنگهه زندگيءَ جو گهڻو عرصو غربت سان جهيڙيندي گذاريو هو. جنهنڪري هن کي غريبن سان بي پناهه محبت پڻ هئي. فنڪارن ۽ ڪلارڪارن جي سمونڊ جهڙي شهر بمبئي ۾ جڏهن هو سِپَ وانگي سري سري داخل ٿيو، تڏهن هن کي کائڻ، رهڻ ۽ اچڻ وڃڻ لاءِ به پيسن جي اڻهوند هوندي هئي ۽ پوءِ کاري جي ڪناري تي آباد بمبئي جي شهر ۾، سيني ۾ سُرن جا سوين موتي سهيڙيندڙ هي سِپَ جهڙو سهڻو فنڪار پاڻيءَ جا ٻه قطرا پي بک تي سمهي پوندو هو. هڪ وقت کانپوءِ بچايل ماني هو جڏهن ٻئي وقت لاءِ سانڍي رکندو هو ته هن جي غريباڻي ڪمري ۾ رهندڙ ڪوئا هن جي اها ماني به کائي ويندا هئا. هن هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته بمبئي کان جالنڌر وڃڻ لاءِ هن وٽ ريل جو ڀاڙو به نه هوندو هو. ۽ هو گهڻو ڪري ريل ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪندو هو. ۽ سفر دوران ريل گاڏي جي ٽوائلٽ ۾ بيهي وقت گذاريندو هو. ها پر ايترو ضرور آهي ته غربت جا اهي حملا جڳجيت سنگهه جي ذوق کي ڪڏهن به جهڪائي نه سگهيا. راجستان جي جي ريت ۾ ڄاول ۽ هندستان جي غربت جي چڪي جي پيٺل هن ڪلاڪار کي جڏهن بمبئيءَ جي هوا ۽ فلمن جي فضا ميسر ٿي ته ان مان هڪ عظيم ڪلاڪار اڀري پيو. ۽ پوءِ فن جي دنيا ۾ فقير طور داخل ٿيل هي فنڪار غزل جي ڳائيڪيءَ جو بادشاهه سڏجڻ لڳو. فن جي عروج تي پهچڻ کانپوءِ جڳجيت سنگهه جي جتيءَ تي جڏهن دولت جي سلامي ٿيڻ لڳي ته هو هڪ مالدار شخص بڻجڻ لڳو، پر پوءِ به هن پنهنجي ڏکويل ڏينهن ۽ ڏيهه کي نه وساريو. سنڌ جي ڪنور ڀڳت ۽ مصر جي امِ ڪلثوم وانگي هي به پنهنجي ان ڪمايل پئسن مان غريبن جي اسڪولن، لائبريرين ۽ غريب توڙي يتيم ٻارڙن جي سهائتا لاءِ قائم ڪيل ادارن کي دل کولي امداد ڏيندو هو.
جڳجيت پنهنجي سُرن ۽ سازن سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا جن ۾ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ شامل آهن. پر هن کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته هو واحد هندستاني فنڪار آهي جيڪو پاڪستان ڏانهن اچڻ ۾ دلچسپي رکندو هو. جڳجيت جا پنجابي، اردو ۽ هندي ۾ ڪيترائي غزل مشهور آهن ۽ هن بمبئي ۾ 2007ع ۾ جاري ٿيل هڪ سنڌي فلم “پيار ڪري ڏس ” لاءِ پڻ ڳايو. هي فلم بمبئي جي هڪ سنڌي “ڪمار نٿاڻيءَ ” جي ڊائريڪٽ ڪيل هئي. جيتوڻيڪ جڳجيت جي هر محفل هڪ يادگار محفل هئي پر 2007ع جي مئي مهيني ۾ جڏهن دهلي ۾ 1857ع جي جنگ آزادي جي 150 هين سالگرهه ملهائي وئي تڏهن آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جو ڪلام “ لگتا نهين هي دل ميرا، اجڙي ديار مين ” جڏهن هن ڳاتو هو تڏهن سڄي محفل جهومي پئي هئي. ان محفل ۾ هندستان جي صدر اي پي جي ابوالڪلام، وزيراعظم من موهن سنگهه، سونيا گانڌيءَ سميت هندستان جا چوٽيءَ جا سياستدان ۽ مهمان ويٺل هئا. هندستاني موسيقيءَ جي پهرين غزل گو جوڙي کي پٽ جي وڇوڙي ڌار ڪري وڌو هو. وويڪ جي موت کانپوءِ چترا ته ڳائڻ ئي ڇڏي وئي، پر پٽ جي وڇوڙي جڳجيت سنگهه کي به جهور ۽ جهيڻو ڪري وڌو. اڪيلي پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ جڳجيت سنگهه گهڻو ڪري صوفي، سنتي ۽ ويدانتي شاعري ڳائيندو هو ۽ سندس هر محفل ۾ سنتن جا دوها، ڀَڄن ۽ گُرٻاڻيون ضرور ٻڌبيون هيون. راجستان ۾ جنم وٺندڙ هن فنڪار جي ديس جو سنڌ جي سرحد ذريعي پاڪستان سان به هڪ پاڙيسري ناتو هو. تنهنڪري هن جي گائيڪي ٻن پاڙيسري تهذيبن وچ ۾ دشمنيون وساري دوستيءَ جو پيغام پڻ بڻجي سگهن ٿيون.

(13 آڪٽوبر 2011ع تي نشر ٿيل)

غلام مصطفيٰ جتوئي جو وڇوڙو

غلام مصطفيٰ جتوئي جي جسد خاڪيءَ کي خاڪ جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي طرح نون جتوئين جو هي خاڪسار خاڪساريءَ جي سفر جي آخرين منزل ڏانهن پهچي چڪو آهي.
غلام مصطفيٰ جتوئي جنهن کي اڄ کان پوءِ مرحوم ليکيو ويندو، 78 سالن جي عمر ۾ پنهنجو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو. هن جي آخرين نماز ۾ علائقي، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن جي ايتري انگ ۾ شرڪت ڪئي جو هن جي لاءِ پڙهي ويندڙ ان نماز کي ملڪي تاريخ جي وڏين نمازن ۾ شريڪ ڪري سگهجي ٿو. 78 سالن جي عمر مان سٺ سالن کان وڌيڪ سياسي زندگي گذاريندڙ، غلام مصطفيٰ جتوئي جي زندگي جا هونئن ته ڪيترائي پهلو، لکڻ ۽ ليکي ۾ آڻڻ جهڙا آهن پر سندس زندگيءَ جو سڀ کان قداور پاسو سياستدانن کي گڏائي ويهارڻ ۽ گڏائي هلائڻ وارو يعني ”سيمينٽنگ فورس“ وارو هو.
پنهنجي ٿڌي مٽي ۽ ماٺيڻي مزاج سبب هو پنهنجي دوستن ۽ رفيقن ۾ ايترو ته مقبول هو جو جيڪڏهن هو ڪنهن وٽ هلي ويندو هو ۽ ڪنهن کي ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم چوندو هو ته کانئس ڪوبه ڪنڌ ڪڍرائي نه سگهندو هو. هو پنهنجي سياسي رفيقن کي راڄائتي انداز ۾ گڏ کڻي هلندو هو ۽ اهو سندس طبيعت ۽ شخصيت جو ئي ڪمال هو جو هو پاڪستاني سياست جي ڌار ڌار مڪتبه فڪر جي ڌرائن جي اڳواڻن يعني سرخ پرچمن ۽ ساون جهنڊن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ کڻي هلندو هو، ايم آر ڊي تحريڪ ان جو وڏو مثال آهي.
ولي خان، اصغر خان ۽ مولانا فضل الرحمان جهڙن سياستدانن، جن جي پارٽين شهيد ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو، اهي ڀٽي جي شهادت کان صرف 18 مهينا پوءِ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ راضي ٿيا ۽ ان راضپي جون ڪوششون جتوئي صاحب جي محنتن جو نتيجو آهن.
ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪاميابيءَ ۾ جتوئي خاندان جو ڪيترو حصو آهي، ان لاءِ هڪ ايمانداراڻي تجزئي جي ضرورت آهي. جمهوريت جي بحاليءَ واري ان تحريڪ جون چڻنگون جيتوڻيڪ سڄي سنڌ ۾ ٻري رهيون هيون پر نوشهري، نوابشاهه ۽ دادو ۾ جيڪي ڀڀڙ پئي ڀڙڪيا، انهن کي ڏنوَ ڏيڻ وارو غلام مصطفيٰ جتوئي ئي هو. ايم آر ڊيءَ جي ان تحريڪ ۾ جتوئي صاحب ۽ ان جي ڀائرن، پٽن ۽ ڀائٽين ايترو ته زور ۽ سنجيدگي سان پئي حصو ورتو ڄڻ ته اها تحريڪ سندن ذاتي مسئلو هجي. غلام مصطفيٰ جتوئي، سندس ننڍو ڀاءُ غلام مجتبيٰ جتوئي ڪراچيءَ ۽ مچ جي جيلن ۾ بند هئا، پٺيان وري جتوئي صاحب جي وڏي فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي نوشهري، موري، نوابشاهه ۽ دادوءَ ۾ وڏن احتجاجن جا انتظام ڪيا. ان سبب جي ڪري موري شهر واري تاريخي احتجاج ۾ ويڙهه دوران قتل ٿيل اٺن پوليس عملدارن جي قتل جي ايف آءِ آر جتوئي صاحب جي فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي جي خلاف داخل ڪئي وئي هئي.
ايم آر ڊي تحريڪ جو ڪو به ڏهاڙو اهڙو نه هوندو هو، جنهن ۾ پاڪستان جي شاهه رڳ سمجهيو ويندڙ نيشنل هاءِ وي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ تان بند نه هوندو هو ۽ ڪابه اهڙي شام نه هوندي هئي، جنهن ۾ بي بي سي جو جڳ مشهور رپورٽر مارڪ ٽلي موري، دادو ۽ نوابشاهه جي ڪا وڏي واردات رپورٽ نه ڪندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سبب جتوئي صاحب جي خاندان جي ڪاروبار کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو ۽ سندس فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم صادر ڪيو ويو. ان دوران وقت جي آمرجنرل ضياءَ، جتوئي صاحب کي وزيراعظم بنجڻ جي آڇ ته ڪئي پر ساهتيءَ جي هن سخن ور، انوقت پ پ سان بيوفائي ڪري وزرات عظميٰ جي ڪرسي وٺڻ کان انڪار ڪيو. چئن سالن جي وڏ وزارت ۽ پوءِ مارشل لا جي دور ۾ ايم آر ڊي جهڙي شاندار تحريڪ هلائڻ سبب جتوئي صاحب جو ملڪ ۾ مجموعي طرح ۽ سنڌ ۾ خاص طرح قدڪاٺ ايترو وڌيل هو، جو پ پ جي ڪجهه ڪوتاهه نظر ۽ ٻئي درجي جي اڳواڻن شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو کي اهو باور ڪرائڻ شروع ڪيو ته جتوئي صاحب پارٽيءَ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن کان پوءِ جتوئي صاحب ۽ محترما ۾ اختلاف وڌيا جيڪي اڳتي هلي نيشنل پيپلزپارٽي ٺهڻ جي صورت ۾ ختم ٿيا. جتوئي صاحب کي شڪايت هئي ته هن ايم آر ڊي تحريڪ کي جهڙيءَ ريت هلايو، وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ کي جهڙي ريت ٿڏيو ۽ ڀٽي خاندان سان جهڙيءَ ريت نڀايو، ان مناسبت سان سندس قدر نه ڪيو ويو. بي قدريءَ جي انهيءَ غم ۾ جتوئي صاحب، جيئن ئي ڏکارو ٿي، پ پ کان الڳ ٿيو ته ڪڏهن به ٻيهر واپس نه ويو. پ پ کان جدائي ۽ بي وفائي ته ڪيترن ئي جيلانين، بخارين، جمالين ۽ بجاراڻين به ڪئي پر هو ڪڏهن به پنهنجي ڪاوڙ جي قيمت ادا نه ڪري سگهيا ۽ سدائين توبهه تائب ٿي پ پ ۾ بار بار داخل ٿيا. ان جي ابتڙ جتوئي صاحب ڏک وچان پ پ کي ڏهاڳ ڏئي جيئن ئي رٺو ته ڪڏهن به واپس نه آيو، ڏک جي اها ڏِک به سندس همت ۽ جرئت جو ثبوت هئي.
1990ع ۾ صدر غلام اسحاق خان طرفان پنهنجو پهريون اقتدار وڃائڻ کان پوءِ ۽ 1990ع ۾ ڄام صادق جا تيور ڏسڻ بعد محترما بينظير ڀٽو چاچن يعني انڪلز ڏانهن پاليسي تبديل ڪئي ۽ جتوئي صاحب کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 1993ع واري حڪومت ۾ جتوئي صاحب جي نيشنل پيپلزپارٽيءَ کي سنڌ حڪومت ۾ ڀائيوار بنايو. ان ئي حڪومت ۾ ملڪ غلام مصطفيٰ کر به پيپلزپارٽيءَ ۾ ٻيهر شامل ٿيو هو ۽ وفاقي وزير بنيو.
جتوئي صاحب زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ئي چونڊ هارائي ۽ اها چونڊ 1988ع واري اها پهرين چونڊ هئي، جيڪا ڀٽي جي شهادت کان پوءِ پيپلزپارٽي پهريون ڀيرو وڙهي رهي هئي. 1988ع تائين جتوئي صاحب جي سياست جو انداز ملڪ گير هوندو هو. هن جو وقت مختلف پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن سان گڏجاڻين ۾ مصروف گذرندو هو. پر 88 واري چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ جتوئي صاحب جڏهن پنهنجي تڪ، تر ۽ ضلعي تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو تڏهن کان علائقي جو عوام کيس سدائين کٽائيندو آيو ۽ هن توڙي هن جي پٽن ۽ ڀائٽين نوشهرو فيروز ضلعي مان ڪڏهن به مجموعي طور شڪست نه کاڌي آهي.
جتوئي صاحب پنهنجي سياست ۽ سرگرميءَ جي جوانيءَ وارا سال پيپلزپارٽيءَ ۾ ئي گهاريا هئا. ڀٽي صاحب سان گهڻو گڏ رهڻ ڪري سندس سياست توڙي سخاوت جا انداز به ڀٽي جهڙائي هوندا هئا. وقت جي ويرن ۽ زماني جي امتحانن گذرڻ ۽ گذارڻ کان پوءِ هو جڏهن اڪيلو ٿي ويو تڏهن به نه همت هاريائين ۽ نه ئي پنهنجا انداز ۽ سخن بدلايائين، سندس اوطاق ۽ گهرتي، نوان جتوئي، ڪراچي يا اسلام آباد ۾ جتي به ڪو ماڻهو وٽس هلي ويندو هو ۽ کيس ڪنهن ڪم ڪار سانگي خط، فون يا سفارش لاءِ چوندو هو ته هو ڪڏهن به ڪنهن کان اهو نه پڇندو هو ته ”تون ڪنهن جو ووٽر آهين، ڪهڙي تڪ جو آهين اسان جو حامي آهين يا مخالف آهين؟“ تڏي تي آيل ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن ڪنهن مخالف ڌر واري ماڻهوءَ جي نشاندهي ٿيندي هئي تڏهن به جتوئي صاحب چوندو هو ته ”اسان وٽ هلي آيو آهي، اسان ۾ اميد ڪري آيو آهي، اسان ان کي نه موٽائينداسون، اڳتي سندس نيت ڄاڻي.“
جتوئي صاحب جي دل ساهتيءَ جي مٽيءَ جهڙي باذوق ۽ زرخيز هئي. اهوئي سبب هو جو سندس ذاتي دوستن جو حلقو نهايت وسيع هو ۽ سندس دوستيءَ جي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ڪهي آيل ڪڏهن به جيئري هن کان جدا نه ٿي سگهندو هو. پارٽيون ڪهڙيون به هجن، سياست ڪهڙي به هجي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو جتوئي صاحب سان هڪ ڀيرو به دوستيءَ جا ٻه قدم ڀريندو هو ته جتوئي صاحب ان سان چار قدم اڳتي وڌي هلندو هو ۽ اهو تعلق مرڻ کان پوءِ، پونئيرن سان به جاري رکندو هو.
ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جي تارازيءَ ۾ جتوئي صاحب کي تورڻ، ان جي شخصيت سان زيادتي ٿيندي. جيتوڻيڪ سندس دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پڪا رستا نوابشاهه ۽ نوشهري ضلعن ۾ ٺهيا پر هن جي سياست ۽ شخصيت جو قد سدائين ملڪ گير سطح تي ماپيو ويو آهي. اهوئي سبب هو جو نوابزادي نصرالله، خان ولي خان، شيرباز مزاري، غوث بخش بزنجي ۽ عطاءُالله مينگل جهڙا سياستدان سدائين، جتوئي صاحب جي جوڙ ۾ ڏٺا ۽ ٻڌا ويندا هئا ۽ هاڻ اها ڳالهه سچي ٿي لڳي ته نوابزادي نصرالله خان کان پوءِ مخالف ڌر جي سياست ختم ٿي وئي ۽ جتوئي صاحب جي جدائي کان پوءِ اتحادي سياست جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي.
حيدرآباد جي مشهور صحافي ايم اي لغاري هڪ ڀيري لکيو هو ته غلام مصطفيٰ جتوئي واحد سياستدان آهي، جنهن جا اڇا وار به سهڻا لڳندا آهن. جتوئي صاحب جي سياست سان ڪو ڀلي اختلاف ڪري پر هن جي اڇن وارن جهڙي سفيد سيرت، سڀاءُ ۽ وضع داريءَ سان ڪير به اختلاف نه ڪري سگهندو.
جتوئي صاحب جو وڇوڙو، سنڌ مان خدمت ۽ روايتن جي امين سياست جو وڇوڙو آهي، جيڪو سنڌ ۾ شايد ئي ڪو سياستدان ڀري سگهي.

(22 نومبر 2009ع تي نشر ٿيل)

کرين ۽ کهرين ڳالهين وارو سياستدان- پيرپاڳارو

کرين ۽ کهرين ڳالهين جي حوالي سان مشهور سياستدان ۽ پير، پير صاحب پاڳارو 83 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پير پاڳارو پاڪستان جي سياست جو اهو اڳواڻ هو، جيڪو هڪ پيراڻي گاديءَ کي سياست ۾ وٺي آيو ۽ پوءِ هن پنهنجي سياست کي وري اڳڪٿين وارو پيراڻو رنگ ڏئي ڄڻ اهو ثابت ڪيو ته پيري مريدي به سياست جو هڪ قسم آهي.
رڪارڊ جي حساب سان پير پاڳارو 22 فيبروري 1928 ۾ خيرپور ضلعي جي پيرڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل ڪيائين. انگريزن خلاف حرن جي هلايل هلچل جي اڳواڻيءَ ڪرڻ جي ”ڏوهه“ ۾ پير پاڳاري جي والد پير صبغت الله عرف سورهيه بادشاهه کي 1943ع ۾ ڦاسي ڏئي سندس مڙهه کي نامعلوم جاءِ تي دفن ڪيو ويو. 1943ع کان 1946ع تائين پير پاڳاري علي ڳڙهه ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ جڏهن 1946ع ۾ ٻيهر ڪراچي موٽيو ته انگريز سرڪار کيس گرفتار ڪري پاڻيءَ جي جهاز ذريعي کيس ۽ سندس ڀاءُ نادر شاهه کي برطانيا روانو ڪيو ۽ کيس ميجر ڊيوس نالي هڪ اهڙي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو جتي برطانوي سرڪار جي مخالفن جي ٻارن کي پڙهايو ويندو هو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1949ع ۾ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان برطانيا ۾ پيرپاڳاري سان ملاقات ڪري کيس وطن واپس ورڻ تي آمادهه ڪيو. وطن واپس ورڻ کان پوءِ پير پاڳاري فيبروري 1952ع ۾ پڳ ٻڌي ستين پاڳاري طور گادي سنڀالڻ شروع ڪئي. 1952ع جي فيبروري کان 2012ع جي جنوري تائين ملڪي سياست جي سٺ سالن جا چاڙها ڏسندڙ پيرپاڳارو هونئن ته ٻين پيرن وانگي سياست ۾ ڪو گهڻو اثر رسوخ رکندڙ نه هو پر ڀٽي جي کلم کلا مخالفت سبب هو سنڌ ۾ پ پ مخالف سياست جو وڏي ۾ وڏو مرڪز بنجي ويو هو.
پير پاڳاري سياست جي شروعات، ذوالفقار علي ڀٽي وانگي جنرل ايوب جي ڇانو ۾ شروع ڪئي هئي ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڀٽو توڙي پاڳارو جنرل ايوب جا سڄا ۽ کٻا هٿ هئا پر اڳتي هلي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ايوب خان خلاف تحريڪ هلائي ته ڀٽي ۽ پاڳاري جون راهون الڳ ٿيون. ايوب خان جي دور کان جدا ٿيل ڀٽي ۽ پاڳاري خاندان جون راهون 40 سالن تائين تيستائين الڳ رهيون، جيستائين سڄو ڀٽو خاندان مارجي (شهيد ٿي) نه ويو. مذهبي طرح قادري صوفي مسلڪ سان تعلق رکندڙ پيرپاڳارو سنڌ ۾ پيرن، گادين ۽ صوفي مسلڪن کان وڌيڪ سياست ۾ سرگرم هوندو هو ۽ هو سنڌ ۾ خاص ڪري ڀٽو مخالف يا پ پ مخالف سياست جو وڏي ۾ وڏو مرڪز هو. تنهن ڪري جڏهن به سنڌ ۾ پ پ مخالف سرڪار ٺهندي هئي ته پيرپاڳارو به ان ۾ ضرور شامل هوندو هو. پيرپاڳاري جي اها سياسي جرئت هوندي هئي ته هو ڀٽي جهڙي عوامي مقبوليت رکندڙ سياستدان جي نه رڳو مخالفت ڪندو هو پر پاڻ لاءِ کلم کلا ائين به چوندو هو ته هو جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو آهي. هن ۾ اها جرئت هوندي هئي ته هو پنهنجي سوچ، فيصلا ۽ اتحادي بنا ڪنهن هٻڪ يا حجاب جي پڌرا ڪري ٻڌائيندو هو. پيرپاڳارو نه رڳو سدائين طاقتور ڌرين جي پاسي هوندو هو پر انهن جي کلم کلا وڪالت ۽ حمايت به ڪندو هو.
جيتوڻيڪ سنڌ جا ڪجهه قوم پرست پيرپاڳاري کي سندس والد جي تاريخ ياد ڏياريندي اهڙا بيان ڏيندا هئا ته پيرپاڳارو سنڌ جي نجات واري تحريڪ ۾ هڪ ڏينهن ضرور پنهنجو ڪردار ادا ڪندو پر پيرپاڳارو موٽ ۾ سدائين قوم پرستن تي ڀتي خوريءَ جو الزام هڻي کين مايوس ڪندو هو.
طاقتور ڌرين جي سياست جي حامي پيرپاڳاري آخرڪار پيپلزپارٽي کي به اها ملهه ماري ۽ آخر ۾ 2008ع جي چونڊن کان پوءِ پ پ چاليهه سالن جي مخالفت ڇڏي، پيرپاڳاري جي پارٽيءَ کي پنهنجو اتحادي بنايو. پيرپاڳاري، پنهنجي سياسي هوشياريءَ سان حرجماعت کي متحد ڪيو ۽ 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ انڊيا جنگين ۾ شريڪ ٿي، حر جماعت کي ملڪ جي دفاع واري قوت ۾ شامل ڪرايو. حر جماعت جي اهڙي ڪردار پير پاڳاري کي فوج جي ويجهو ڪيو جنهن جي ڪري فوج سدائين پاڳاري تي مهربان رهي. پيرپاڳاري پنهنجي هوشياري ۽ وقت شناسائي سان حرجماعت کي سانگهڙ ضلعي مان ڪڍي سڄي سنڌ ۾ پکيڙيو ۽ 2005ع جي مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جي 23 مان ڇهن ضلعن ۾ پنهنجا ضلعي ناظم چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
پيرپاڳارو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ لبرل ۽ نئين سوچ رکندڙ ۽ اولهه جا شغل ڪندڙ ماڊرن پير هو. ڪرسيءَ تي ابتو ويهي، پاڻ فون اٽينڊ ڪندڙ پيرپاڳارو سگار ڇڪيندو ۽ انگريزي جا پل ٿرو جهڙا محاورا استعمال ڪندو هو جنهن کي ماڻهو وري ڦلترو سمجهندا هئا.
گهوڙن ڀڄائڻ جو شوقين پيرپاڳارو، سدائين لڪل لفظن ۽ محاورن ۾ ڳالهائي سياسي ڳجهارتون ڏيندو هو، جنهن کي ملڪي سياست جا ڏاها ۽ هوشيار ماڻهو مَس سمجهي سگهندا هئا. هو نياڻين کي تعليم ڏيڻ، راضپي سان شاديون ڪرائڻ ۽ ڏوهن کان پري رهڻ واري هدايت ڪرڻ وارو پير ۽ گادي نشين هو. ايوب خان ۽ فاطمه جناح واري صدارتي چونڊ مقابلي وقت پير پاڳارو ايوب خان جي پاسي هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت خلاف ٺهيل محاذ يو ڊي ايف جو پيرپاڳارو صدر هو ۽ بعد ۾ ڀٽي کي لاهڻ واري پي اين اي جي تحريڪ ۾ پيرپاڳارو سدائين اڳرو رهيو. پر پنهنجي ان سياست بابت هن کي ڪڏهن به ڪا ندامت يا پشيماني نه رهي.
جيتوڻيڪ پيرپاڳارو، پرويز مشرف جي سرڪار مان وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪندڙن مان هڪ هو، پر هن ۾ اها به جرئت هئي ته هن پرويز مشرف جهڙي طاقتور فوجي حڪمران کي سندس حڪومت جي اوج وارن ڏينهن ۾ ”دهليءَ جو ٺڳ“ ڪوٺيو هو. پيرپاڳارو 1985ع جي چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم ۽ سيد غوث علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير چونڊرائڻ کان پوءِ محاورتن هڪ ڳالهه ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ”مون کان منهنجو لنگور رسي ويو آهي“ اهو لنگور ڪير هو ان جو پتو پئجي نه سگهيو. پيرپاڳارو پنهنجي گفتگو جي ان نرالي انداز ۾ ارباب غلام رحيم کي ”ڪارو ڪانؤ“، ڳجهين ايجنسين کي ”فرشتا“ ۽ ايم ڪيو ايم کي ”ماما“ جي مخصوص نالن سان سڏيندو هو. پيرپاڳارو سدائين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ اها ڳالهه به چوندو رهيو آهي ته ”بلاول سندن آهي ۽ سندس پارٽي ۾ شامل ٿيندو. ” ان دعويٰ مان سندس ڇا مراد هئي، اها اڃا تائين ڳجهارت آهي. پيرپاڳاري جي اسٽيبلشمينٽ نواز سياست جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ قابل اعتراض ٿي سگهي ٿي پر هن جي سياست جو کرو انداز، هن جا بيباڪ تبصرا ۽ هن جون اڌ تجزياتي ۽ اڌ معلوماتي پيشن گويون ايندڙ وقت ۾ ڪيترن ڏينهن تائين سياست ۾ ياد رکيون وينديون.

(جنوري 2012ع ۾ نشر ٿيل)

مذهبي جنون هٿان ماريل پنجاب جو گورنر- سلمان تاثير

ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ محفوظ سمجهي ويندڙ شهر اسلام آباد ۾ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ سندس قتل کي مذهبي جنون جي چادر ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪجهه انتهاپسند خيال رکندڙ حلقن چيو آهي ته سلمان تاثير کي توهين رسالت جي قانون خلاف ڳالهائڻ تي قتل ڪيو ويو آهي. ڪن وري هن قتل کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪن ماڻهن وري سلمان تاثير جي قاتل کي سورمو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ڪجهه وڪيلن ۽ مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن، جهڙيءَ ريت سلمان تاثير جي قتل جي آجيان ڪئي آهي ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ شدت پسندي ڪيتري نه وڌي وئي آهي ۽ ماڻهن ۾ موت ڪيترو نه مقبول ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ، اسان جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت ۾ موت هڪ اڻٽر ۽ اڻ وڻندڙ حقيقت ته ضرور رهيو آهي پر موت ڪڏهن به خوشي ۽ اتساهه جو ذريعو نه رهيو آهي. اسان جي روايتن ۾ ته ائين به رهيو آهي ته دشمن جي موت تي به ڪڏهن سرهائيءَ جو اظهار نه ڪبو آهي. پنجابيءَ جو اهو مشهور پهاڪو ان جو چٽو اظهار آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته،
”دشمن مري ته خوشي نه ڪريئي. سجڻان ڀي مرجاسن“
سلمان تاثير جو قتل، اسان جي سياست ۾ آيل انتهاپسنديءَ جي ان لهر جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن لهر ۾ اسان جا ڪيترائي للنگهه مڙس لڙهي ويا آهن.
سنڌوماٿريءَ جو اهو ملڪ جنهن ۾ اڄڪلهه گهڻي ڀاڱي پاڪستان قائم آهي، ان سنڌ توڙي هند جي تاريخ، سماج ۽ سڀيتا ته ان ڳالهه جون شاهد آهن ته اسان جو ملڪ ۽ ماڻهو درگذر ڪرڻ، مخالف يا مختلف راءِ جو احترام ڪرڻ ۽ ٻئي کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق ڏيڻ جا حامي رهيا آهن. قديم سنڌ جو معاشرو، پنهنجي انهن گڻن ۽ لڇڻن سبب ڄڻ ته فطري طور آزاد ۽ روشن خيال رهيو آهي ۽ موجودهه دور جي جديد جمهوريت جي اچڻ کان به اڳ جمهوري رهيو آهي.
اهوئي سبب آهي جو هنن تهذيبن ۾ مختلف انساني نسلن، ٻولين ۽ مذهبن جا ماڻهو هزارين سالن کان گڏ رهندا آيا آهن ۽ اهي به اهڙي ريت رهندا آيا آهن ڄڻ هو هڪ ئي پيڙهي، ٻولي ۽ ڌرم سان واسطو رکندڙ هجن.
هندستان ۾ خواجا معين الدين چشتي اجميريءَ جي آسڻ تي جڏهن قواليون ڳائجن ٿيون ته ان جي سرود ۾ هندو ۽ مسلمان گڏجي جهومن ٿا. ساڳي ريت حضرت بختيار ڪاڪي ۽ نظام الدين اولياءَ جي مزارن تي جيڪي مَٽيون ڀرجن ۽ مِٽيون چمجن ٿيون، انهيءَ ۾ هندن توڙي مسلمانن ٻنهي جا هٿ ۽ چپ شامل آهن، انهيءَ صوفي سلسلي جي بزرگ حضرت فريدالدين شڪرگنج جي پاڪستان جي پنجاب جي پاڪ پتڻ واري علائقي ۾ جيڪا درگاهه آهي اتي به مڙني مذهبن جا ماڻهو عقيدت جي هڪ ئي انداز سان اچن ٿا ۽ حاضري ڀرين ٿا. پاڪ پتڻ جي هن بزرگ کي ته سک مذهب جا پوئلڳ پنهنجي پندرهن وڏن ڀڳتن مان هڪ ڳڻين ٿا.
لاهور کي نئون نانءُ ڏيندڙ داتا گنج بخش ۽ لاهور ۾ حضرت ميان مير سيوهاڻيءَ جي درگاهه مسلمانن سان گڏوگڏ هندن ۽ سکن جي عقيدتن ۽ محبتن جو مرڪز به رهي آهي، ان کان سواءِ سنڌ ۽ پنجاب جا سوين بزرگ هتان جي سمورن مذهبن جي ماڻهن لاءِ هڪ جهڙي احترام ۽ عقيدي جو مرڪز رهيا آهن جن ۾ قصور وارو بابا بلي شاهه، هير رانجهي وارو وارث شاهه، ماڌولال وارو شاهه حسين، حق ۽ هوءَ وارو سلطان باهو، سيوهڻ وارو لال شهباز، ڀٽ وارو شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جهوڪ وارو شاهه عنايت شهيد، درازن وارو سچل سرمست، ڪنڊڙيءَ وارو روحل ۽ ٻيا ڪيترائي صوفي بزرگ شامل آهن.
ڀڳت ڪبير، گرونانڪ، فريدالدين شڪرگنج، قلندر لال، اڏيري لال ۽ شاهه عنايت شهيد واري صوفي سلسلي جي صوفين سميت سنڌ ۽ هند جا ڪيترائي صوفي، سنت ۽ شاعر اهڙا آهن جن تي هندن، سکن ۽ مسلمانن جي هڪ جيتري دعويٰ آهي. تنهن ڪري ڏکڻ ايشيا جي سڄي خطي ۾ ۽ ان ۾ وري خاص ڪري سنڌوماٿريءَ جي ملڪ ۾ ڪڏهن به مذهبي منافرت يا جهيڙو رهيو ئي نه آهي. ويهين صديءَ جي سياسي مقصدن لاءِ ڪرايل جهيڙن کان سواءِ باقي سپت سنڌوءَ جي ڌارائن واري هن ديس ۾ ڪڏهن به مذهبي جهيڙو نه رهيو آهي. هتي ته هندن ۽ مسلمانن جي ٻارڙن جا ڪيترائي ساڳيا نالا پڻ رکيا وڃن ٿا ۽ منجهن ڪيتريون ئي اهڙيون رسمون ۽ سنؤڻ ساٺ به آهن، جيڪي هو هڪ جهڙي نموني ملهائن ٿا. پوءِ جڏهن مختلف مذهبن وچ ۾ ئي ڪو جهيڙو نه رهيو آهي تڏهن هڪ ئي مذهب جي اندر مختلف خيال رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن تڪرار جو به ڪو سبب نه آهي. جيتوڻيڪ شيعن، بريلوين ۽ ديوبندين جا عقيدا هڪ ٻئي کان ٿورا مختلف به رهيا آهن پر اهي عقيدا سوين سالن کان موجود رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي خاص عقيدي جي مڃتا لاءِ ٻئي عقيدي جي مڃيندڙ کي قتل ڪري ته ان جي رستا روڪ ٿيڻ گهرجي.
انتهاپسندي سياست ۾ هجي، معاشرت ۾ هجي، يا مذهب ۾ هجي اها جتي به آهي، خراب آهي ۽ ان کي ڪهڙيءَ ريت به درست نه ڪوٺيو وڃي ۽ ان جي ڪهڙيءَ ريت به حمايت نه ڪرڻ گهرجي. انتهاپسنديءَ جي لاڙن سبب اسان جي سماج ۾ هر روز ڪيترائي ماڻهو قتل ٿين ٿا، سياست ۾ انتهاپسنديءَ سبب هندستان ۾ نٿو رام هٿان مهاتما گانڌي،محافظ ست ونت سنگهه هٿان اندرا گانڌي ۽ ملهي نالي نوجوان تامل ڇوڪريءَ هٿان راجيو گانڌي قتل ٿي چڪا آهن. ساڳيءَ ريت پاڪستان ۾ اڪبر نالي پٺاڻ هٿان پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جو قتل پڻ انتهاپسنديءَ جا ڏنل ”تحفا“ آهن.
شدت پسنديءَ جي سياست جو سڀ کان وڏو شڪار ته اهي جماعتون به رهيون آهن، جيڪي اڄ سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڙي موت ۽ سياست جي حمايت ڪن ٿيون جنهن جو شڪار سلمان تاثير ٿيو آهي. اهل حديث جو مشهور عالم علاما احسان الاهي ظهير لاهور ۾ بم حملي ۾ ماريو ويو هو. علامه حسن ترابيءَ سميت ڪيترائي شيعا عالم اهڙي قسم جي انتهاپسنديءَ جو شڪار ٿيا آهن. سلمان تاثير جي قاتل جو تعلق جنهن تنظيم سان ٻڌايو وڃي ٿو، اها سني تحريڪ پاڻ به ان انتهاپسنديءَ جو سڀ کان وڏو شڪار رهي آهي. ۽ اپريل 2006ع ۾ ڪراچيءَ جي نشترپارڪ ۾ بم حملي ذريعي ان تنظيم جي 50 کان وڌيڪ اڳواڻن کي هڪ ئي هنڌ قتل ڪيو ويو هو. شدت پسنديءَ جي اها سياست، جنهن هن ملڪ جي ڪيترين سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا اڳواڻ اسان کان کسيا هجن، ان شدت پسنديءَ جي سياست کان اسان کي، پنهنجي اڳواڻن جي خون جي صدقي، علحدگي ۽ بيزاريءَ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. اسان کي اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهڻي پوندي ته اسين جيڪڏهن پنهنجي مخالفن لاءِجيڪي اوڙاهه ٻارينداسين اهي خود اسان کي به ٻاري ۽ ماري سگهن ٿا ۽ جيڪي کڏون، اسين پنهنجي مخالفن لاءِ کوٽيون آهن، ان ۾ اسين پاڻ به ڪري سگهون ٿا.
سلمان تاثير جو قتل انتهاپسندي ۽ اڻ سهپ جي سياست جي سلسلي ۾ ان زنجير جي ڪڙي آهي، جنهن انتهاپسنديءَ جي زنجير ۾ اسان جي ملڪ جي سياست، معاشرت ۽ مذهبي فرقا سڀ جڪڙيا ۽ پڪڙيا پيا آهن. اچو ته انتهاپسنديءَ کان لاتعلقيءَ جو اعلان ڪريون ۽ پنهنجي پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي انتهاپسند حملن ذريعي موت کان بچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ هٿ ونڊايون. اچو ته ٻين لاءِ خير گهرون ته جيئن پاڻ به ان خير ۽ سلامتيءَ مان ونڊ وٺڻ جهڙا ٿيون.

(6 جنوري 2011 تي نشر ٿيل)

اقبال ترين جي ڪتاب جي مهورت

ڪالهه ڪراچيءَ ۾ سنڌ لاءِ سوچيندڙن جو هڪ اهڙو ميڙ ٿيو، جنهن کي سنڌ جي ويجهي تاريخ جو، مقدار جي نسبت سان هڪ ننڍڙو ئي سهي پر معيار ۽ مرتبي جي حساب سان هڪ معتبر ميڙ سڏي سگهجي ٿو. هي ميڙ ان ڪري معتبر هو جو هن ۾ نئين سنڌ لاءِ سوچيندڙن ۽ سنڌ جي نئين جنم جي جاکوڙ وارن ٽنهي ڏهاڪن يعني سٺ،ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ شاگرد جدوجهد ذريعي سنڌ ۾ نئون ساهه ڦوڪڻ وارا ماضيءَ جا اهي سڀ نوجوان موجود هئا، جيڪي ڪي پوڙها ۽ ڪي اڌڙوٽ پئي ڏٺا پر پنهنجي جذبات ۾ هو اڄ به اڻمٽ پئي لڳا.
سنڌ جي سرت ۽ ساڃاهه رکندڙ محبتين جي ان ميڙ کي انڊس پيپلز فورم نالي نئين جڙيل فورم ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏ ڪيو هو. هونئن ته هي ميڙ، ماضيءَ جي ٽهڪندڙ ۽ هاڻي ٺرندڙ ۽ آٺرجندڙ دماغ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پهرين صدر اقبال ترين جي انگريزي جي ڪتاب ”هارويسٽ ول ڪم“ يعني ”چيٽ ضرور ايندو“ جي رونمائي يا منهن ڏيکاريءَ لاءِ ڪوٺايو ويو هو، پر هن ميڙ جي خصوصيت اها هئي ته هن ۾ نئين سنڌ جي جدوجهد جي ٽنهي ڏهاڪن جا مشهور شاگرد اڳواڻ ۽ نمائندا موجود هئا ۽ هنن پنهنجي پنهنجي تقريرن ذريعي پنهنجي ماضيءَ تي روشني پئي وڌي ۽ پنهنجي تجربن جو نچوڙ ٻڌائي، پنهنجي خوبين ۽ خامين کي ڳڻائي سوچ ۽ سياست جو هڪ نئون رستو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. اڳوڻن شاگردن ۽ هاڻوڪن دانشورن جي خطابن جون اکيون هڪ ٻي راهه جي تلاش ۾ هيون ۽ سڀني جي اظهار ڪيل خيالن ۾ هڪ نئون خواب سرجندي پئي نظر آيو ته ڪجهه ڪجي پر ڪيئن ڪجي؟
“خواب ڪجهه تون اڌار ڏي مون کي
ننڊ خالي آ کوڙ سالن کان”
انڊس پيپلزفورم طرفان ڪوٺايل هن انوکي تقريب جي صدارت اروڙ جي مست ۽ سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي مجسمي امرجليل ڪئي ۽ خاص مهمان سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نثار کهڙو هو. مهمانن جي مرحبائي ۽ انڊس پيپلز فورم جي آشنائي ڪرائيندي ڊاڪٽر ڪريم راڄپر چيو ته انڊس پيپلز فورم سنڌو ماٿريءَ جي ملڪ جي ماڻهن کي ايڪيهين صديءَ جي اها سوچ ڏيڻ چاهي ٿو، جيڪا سرچاءَ، سچائي ۽ دروانديشيءَ جي پيرن تي بيٺل هجي ۽ جنهن ۾ ماڻهن کي حقيقي خوشحالي، امن ۽ آسودگي حاصل ٿئي. هن چيو ته انڊس پيپلز فورم سنڌو ماٿريءَ جي ملڪ جي سمورن صوبن جي ماڻهن وچ ۾ قائم فطري رشتن کي وڌيڪ اجاگر ۽ روشناس ڪرائيندو. نانءَ ڪٺين ۽ نالي ۾ نهال ٿيندڙ دانشور سڏرائيندڙن ۽ شهرت جي جنت جي گلمانن تي تنقيد ڪندي ڊاڪٽر ڪريم راڄپر چيو ته هي دور سنڌو درياهه جي مٽي مٿي ۾ وجهي ڦوٽو ڪڍرائڻ ۽ نمائشي يا فرمائشي سرگرمين ۾ رڌل رهڻ جو نه پر عوام کي اهڙي سوچ ڏيڻ جو آهي جيڪو خيالن جي هوا ۾ اڏڻ بجاءِ سائنسي سچائين جي پيرن تي بيٺل هجي ۽ عوام جي زندگيءَ ۾ ڪنهن بهتر تبديلي جو سبب بنجي، هن چيو ته عوام جي دردن جي صرف علامتن جو ئي علاج نه ٿيڻ گهرجي، پر ان کي هڪ مستقل مسيحائي ۽ دائمي دوا جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر ڪريم راڄپر اعلان ڪيو ته انڊس پيپلزفورم جو باقاعده افتتاح 30 جنوري (2009ع) تي ڪيو ويندو.
قوم پرست سياست جي ساکاري نالي ۽ اقبال ترين جي پراڻي دانشور دوست امان الله شيخ چيو ته محترم جي ايم سيد، شهيد ڀٽي ۽ مرحوم غوث بخش بزنجي جو هن جي شخصيت تي نهايت گهرو اثر رهيو آهي. ساڳيءَ طرح اقبال ترين به سيد، ڀٽي ۽ محترما شهيد کان متاثر آهي. ان ڪري اقبال ترين ۽ هن جو ماضي ۽ حال ڪيترين ڳالهين ۾ مشترڪ آهي. اقبال ترين کي ڌنڌ پيل ماضي ياد ڏياريندي امان شيخ چيو ته تون اسان کي ڇڏي هليو وئين پر لاڙڪاڻي جو اهو لاڪپ ۽ مان جتي اسين ٽئي گڏجي ملندا هئاسين- اهي اڄ تائين قائم آهن. امان شيخ نهايت ماٺاري، محبت ڀرئي ۽ جذباتي انداز ۾ اقبال ترين کي اپيل ڪندي چيو ته تون اسان ڏانهن موٽي آ. اسين تنهنجو اکيون وڇائي وطن ۾ آڌرڀاءُ ڪنداسين
”موٽي آ- موٽي آ- ٻانهون آءٌ ٻڌانءِ
اکڙين جي ڳوڙهن سان ڌوڙيل پير ڌئانءِ“
اروڙ جي ڪالڪا جي ڪنڪرين جي ڪک مان جنم وٺندڙ، جوڳين جهڙو جيءُ ۽ جسم رکندڙ سنڌ جو صوفي منش امر جليل جڏهن ٻانهون ٻڌي اسٽيج تي آيو تڏهن سڀني آيلن هٿ وڄائي هن جو استقبال ڪيو. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ امر جليل چيو ته اقبال ترين کي هو تڏهن کان سڃاڻي ٿو، جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪندو هو ۽ اقبال ترين هڪ خوبصورت ۽ پرجوش شاگرد اڳواڻ هو. امر جليل چيو ته اڳوڻي شاگرد سياست ۽ هاڻوڪي شاگرد سياست ۾ تمام گهڻو فرق اچي ويو آهي، اڳي شاگرد اڳواڻ پڙهڻ ۾ هوشيار ۽ قابل هوندا هئا ۽ هاڻي جيڪو به شاگرد اڳواڻ ٿئي ٿو، اهو پڙهڻ کان انڪار ڪري ٿو، ڪلاسن ۾ ويهڻ کان نابري واري ٿو. انساني مجبورين جي جبر جو اعتراف ڪندي امرجليل چيو ته انسان کي قدرت جيڪو پيٽ جو دوزخ ڏنو آهي، اهو هن کان الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪرائي ٿو. امرجليل چيو ته هو سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڏينهن جو جنرل ايوب خلاف رستن تي نعرا هڻندا هئا ۽ شام جو ريڊيئي تي وري ايوب خان جي تعريف ۾ لکڻ تي مجبور هوندا هئا. هن اقبال ترين کي بهترين جو خطاب ڏيندي چيو ته آءُ اقبال ترين جي ڪتاب تي ڪو تبصرو نه ڪندس ڇاڪاڻ ته هر ليکڪ جا پنهنجا پنهنجا ويچار آهن.
نوجوان دانشور انعام شيخ پنهنجا ويچار ونڊيندي پنهنجي ماضيءَ جو اهو باب کوليو، جڏهن هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 13 تي، اقبال ترين کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. انعام شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ جي سياست جي سفر جي ٿورين ٿورين رڪاوٽن ۽ هلڪن هلڪن مونجهارن سنڌ جي نجات جي منزل کي دور ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسين هڪ ٻئي کي ٿورو برداشت ڪيون ها، ٿوري تنظيم ٺاهيون ها، ٿوري وڌيڪ محنت ڪيون ها ته ڪيئي شهري تنظيمن کان وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ۽ نتيجا ڏيندڙ هجون ها. هن چيو ته سنڌ جو الميو اهو آهي ته سنڌ کي گانڌي ته ڪيئي مليا پر سنڌ کي ڪوبه نهرو نصيب نه ٿيو.
نثار کهڙو جي خاص مهمان واري تقرير کان اڳ ثقافت ۽ اطلاعات کاتن جي ٻن وزيرياڻين، سسئي پليجو ۽ شازيه مريءَ پڻ خطاب ڪيو. سسئي پليجو امر جليل جي ”پليجي خاندان“ سان ويجهڙائي ڳڻائيندي موجودهه سياسي صورتحال تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي لياري آپريشن جي مخالفت ڪئي. سسئي پليجو چيو ته هر پختون طالبان ناهي، هر بلوچ منشيات فروش ناهي، هر سنڌي علحدگي پسند ۽ قبضي خور ناهي ۽ اسان جي نظر ۾ هر اردو ڳالهائيندڙ لسانيت پسند به نه آهي. تنهن ڪري اهو تاثر مذمت جي لائق آهي. ان موقعي تي سڌسماءَ کاتي جي صوبائي وزير شازيا عطا مري دٻيل ۽ اڻسڌن لفظن ۾ اقبال ترين جي تصور سان اختلاف ڪندي چيو ته اڄ هر سياسي ماڻهو نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو پر سچي جذبي وارا ماڻهو وڏين جمهوري پارٽين ۾ ڇو نه ٿا وڃن، هن چيو ته هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي سنڌي ڳالهائيندڙ هئا پر هو ملڪ گير سياست جو حصو هئا. شازيا عطا مري انگريزي ۽ اردو جي گاڏڙ پر متاثر ڪندڙ تقرير ۾ چيو ته عورت هن ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ وڌيڪ مجبور مخلوق آهي. ان کان اڳ ليکڪ نصير ميمڻ، قاضي فضل الحق، امتياز فاران ۽ جامي چانڊئي پڻ خطاب ڪيو.
جامي چانڊئي پنهنجي خطاب ۾ آمريڪا ۾ رهڻ دوران اقبال ترين سان ٿيل تفصيلي بحثن ۽ علمي معرڪن جو ذڪر ڪيو.تقريب کي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ پڻ خطاب ڪيو، سليمان شيخ کي پنهنجي شاگرديءَ جي زماني وارا مهر حسين شاهه، قاضي فضل حق، امان شيخ ۽ اقبال ترين جهڙا دوست ڏسي پنهنجا اهي رومانوي جملا ضرور ياد آيا هوندا جڏهن جنرل ايوب جي آمريت ۾ سنڌ لفظ لکڻ به ڏوهه هو ۽ آمريت جا ڇاڙتا سڄو ڏينهن ملت ۽ مذهب جا نالا وٺي پنهنجي آمريت پسند حاڪمن جون پگهارون حلال ڪندا هئا. ڊاڪٽر سليمان شيخ تڏهن هي تاريخي جملو چيو هو ته ”مان پنج هزار سالن کان سنڌي، 13 سؤ سالن کان مسلمان ۽ ويهن سالن کان پاڪستاني آهيان.“ ڊاڪٽر سليمان شيخ سنڌ ۾ ڪنهن به طبقي، ننڍي يا وڏي طبقي جي وجود کان انڪار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪوبه طبقو نه آهي سنڌ ڪلاس ليس سوسائٽي آهي.
آخري مهمان کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار کهڙي اقبال ترين سان پنهنجي ساروڻين کي ساريندي ٻڌايو ته هو ننڍي هوندي لاڙڪاڻي ۾ اقبال ترين ۽ سندس دوستن کي سرگرم ڏسندو هو. آخري مقرر طور ۽ ڪتاب جي محرر طور تقريب جي ميزبان فياض نائچ اقبال ترين کي سڏ ڪيو ۽ ترين جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ائين پئي محسوس ٿيو ته هن جي لفظن، لهجن ۽ جذبن ۾ ماضيءَ جي ڪا مڌ اوتجي آئي هئي. پر ائين ضرور هو ته پنهنجي ان پرڪيف تقرير ۾ هو هوش ۽ جوش جي ٻنهي پٽڙين تي نهايت ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهائي رهيو هو. شازيه مري ۽ سسئي پليجو جي تقريب کان اڳ اٿي وڃڻ جي نشاندهي ڪندي ماضيءَ جي بهترين اداڪار اقبال ترين اهو لطيفو به ٻڌايو ته هڪڙو ماڻهو ٻئي جي پٺيان ڊوڙي رهيو هو، جڏهن کانئس سبب پڇيو ويو ته هن وراڻيو ”ته هي شاعر آهي. پنهنجو شعرٻڌائي ڀڄي رهيو آهي ۽ منهنجو شعر ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. مان تنهنڪري هن کي پڪڙي رهيو آهيان.“ سنڌ جي باري ۾ تاريخي تناظر ۾ ڳالهائيندي اقبال ترين چيو ته سنڌو ماٿريءَ جو هي ملڪ ڏاهر جي دور ۾ به اهوئي هو، جيڪو هاڻي آهي. هن چيو ته ملڪ کي مٿان کان لاٿل جمهوريت جي نه پر هيٺان کان مٿي اڀرندڙ جمهوريت جي ضرورت آهي. ساڳيءَ ريت ملڪ کي خاص نه پر عام ۽ مجموعي انصاف جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جي ماءُ آهي ۽ ڪابه ماءُ پنهنجي اولاد جي خلاف نه ٿي ٿي سگهي پر کهرا ٻار پنهنجي ماءُ جي پريشاني جو سبب بنجندا آهن.
اقبال ترين پاڻ کان اڳ ڪيل تقرير ۾ ڪيترن ئي دوستن طرفان موٽي اچڻ جي درخواستن جو ڪو سڌو جواب ته نه ڏنو پر وطن ۽ ويڙهيچن سان وچن کي وري وري ورجائيو. پروگرام ۾ اجيت آهوجا، ڊاڪٽر ايوب شيخ، مشتاق راڄپر، ذوالفقار هاليپوٽي، شهاب اوستي جاويد قاضي، هدايت بلوچ، سنڌ ٽي وي جي نيوز ڊائريڪٽر عبدالرزاق سروهي، آواز ٽي ويءَ جي نيوز ڊائريڪٽر الطاف ميمڻ، سنڌ ٽي وي جي بيورو چيف گلشن شيخ، اڪبر جعفري، مشتاق سرڪي، ڪانتيش ڪمار، ڊاڪٽر عبدالواحد پنهور، ذوالفقار واهوچي ۽ ذوالفقار راڄپر سميت پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا سينئر صحافي ۽ رپورٽر به موجود هئا. پروگرام ۾ صنم راڄپر، زبيده برواڻي سميت عورتن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.
آخر ۾ آيل مهمانن کي ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري اي ايڇ خانزادي، خورشيد تنوير، يوسف خان، ايوب خان سرهندي، ۽ ٻين اقبال ترين، نثار کهڙي، ڊاڪٽر ڪريم راڄپر ۽ ٻين کي اجرڪون پارائي مان ڏنو.

(جنوري 2009ع ۾ نشر ٿيل)

لبيا جي آمر، باغي ۽ انقلابيءَ ڪرنل قذافيءَ جي پڄاڻي

69 سالن جي عمر مان 42 سال لبيا تي حڪومت ڪندڙ ڪرنل قذافي کي قتل ڪري سندس اقتدار تي اهڙي ئي طريقي سان قبـضو ڪيو ويو آهي، جنهن طريقي سان هو پاڻ اقتدار تي قابض ٿيو هو. 1969 ۾ هن جڏهن لبيا جي بادشاهه، شاهه ادريس جو تختو اونڌو ڪيو هو ته سترباغي فوجي آفيسرن جي ڪائونسل کي به انقلابي ڪائونسل جو نالو ڏنو ويو هو ۽ جڏهن ٻه ڏينهن اڳ هن کي قتل ڪيو ويو ته ان عمل کي به انقلاب جو نالو ڏنو ويو آهي. مغربي ۽ جمهوري دنيا قذافي کي ڊڪٽيٽر يا آمر قرار ڏئي ٿي، ٽين دنيا جا ڪجهه ملڪ ۽ ماڻهو هن کي انقلابي سمجهن ٿا ۽ ڪن ماڻهن جي وري اها راءِ آهي ته هو جيڪڏهن انقلابي نه هو ته به باغي ضرور هو.
لبيا، جنهن جي نوي سيڪڙو سرزمين وارياسن پٽن تي پکڙيل آهي ان جي هڪ وارياسي علائقي سرت ۾ پيدا ٿيل ڪرنل قذافي جو نسلي تعلق بربر قبيلي سان هو، (لفظ بربريت جنهن جي معنيٰ ظلم يا وحشت آهي، اهو به بربر قبيلي جي نالي مان نڪتل آهي) بربر قبيلو هاڻي لبيا ۾ عربن سان گڏجي، بربر ۽ عرب جو ميلاپ بنجي ويو آهي. لبيا ۽ مصر جيتوڻيڪ آفريڪا جي اتر ۾ واقع آهن پر عرب دنيا سان ڳنڍيل هئڻ ڪري، هي ٻئي ملڪ عربي ۽ آفريڪي نسلن جو ميلاپ لڳندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هتان جي حاڪمن جي جيڪڏهن رنگت عربن جهڙي گوري ٿيندي آهي ته جسامت ۽ وارن جي بناوٽ وري آفريڪي شيدين جهڙي لڳندي آهي، ان ڪري ڪرنل قذافي به پنهنجي شڪل ۽ قدڪاٺ مان عرب ۽ آفريڪي ٻئي لڳندو هو. ڪرنل قذافي سيپٽمبر 1969ع ۾ هڪ فوجي بغاوت ذريعي اقتدار ۾ آيو ۽ 42 سال فوجي انداز ۾ حڪومت ڪرڻ کان پوءِ بغاوت ذريعي ئي ماريو ويو. سندس 42 سالا آمريت جهڙي فوجي حڪومت ڪيترن ئي لاهن چاڙهن ۽ علائقائي توڙي عالمي تبديلين جو سبب ۽ ٻارڻ فراهم ڪندي رهي، جنهن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
ڪرنل قذافي جي حڪومت کي مهذب دنيا بهرحال هڪ آمر يا ڊڪٽيٽر طور ياد ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس طويل ترين حڪومتي دور جمهوريت کان وانجهيل ۽ سياست توڙي صحافت تي سخت پابندين وارو دور هو. هو پنهنجي مخالفن کي نه رڳو پنهنجي وطن ۾ ڪچلڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ تي هنن کي ناس ڪرڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيندو هو. لبيا جي عزيزيا وارو علائقو دنيا جي گرم ترين خطن ۾ شامل آهي جتي 1922ع۾ 57 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ٿي هئي. دنيا ۾ ايتري گرمي ڪٿي به نه ٿيندي آهي تنهن ڪري ان علائقي کي جهنم يا موت جي وادي به چيو وڃي ٿو.
شايد عزيزيا جي تتل واريءَ جو اثر قذافيءَ جي دماغ ۽ مزاج تي به هو، تنهن ڪري عمر جي آخري حصي ۾ 69 سالن جو ٿيڻ باوجود هو سدائين تتل ديڳ جيان، ٽهڪندڙ محسوس ٿيندو هو. جيتوڻيڪ هو انگلينڊ مان فوجي ٽريننگ به وٺي آيو هو ۽ ملڪ جو سربراهه ٿيڻ کان پوءِ هن کي ڪيتريون ئي آسائشون ۽ آرام جا سامان به ميسر ٿي ويا هئا پر هو مزاج، سڀاءُ، سياست توڙي حڪومت ۾ سدائين هڪ صحرائي، جنگجو، بدو ۽ باغي ٿي رهيو. هن کي خيمن ۾ رهڻ پسند ايندو هو، هن کي سدائين جنگ لاءِ ڪونه ڪو محاذ کپندو هو، هو دشمن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ جو تمنائي هوندو هو ۽ سدائين دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي باغي ڳولڻ ۽ سندن مدد ڪرڻ ۾ مصروف هوندو هو. مزاج ۾ باغي هئڻ ڪري ڪرنل قذافي سڄي دنيا جي باغين کي ڀڙڪائيندو ۽ امداد ڏيندو هو، هو فلسطينن جي تحريڪ جو وڏو ساٿاري هو، ۽ سڄي دنيا ۾ لبيا جي سفارتخانن کي هدايت ڪئي هئائين ته جتي به ڪو ماڻهو فلسطينن جي حمايت لاءِ فوجي سکيا وٺڻ چاهي، ان کي لبيا ڏانهن موڪليو وڃي.
رڳو ايترو ئي نه پر هو فلپائين جي مسلمان باغين ۽ آئرش ريپلڪن آرمي جي ويڙهاڪن کي به امداد ۽ سکيا جون سهولتون فراهم ڪندو هو. هن تي يورپ جي ڪيترن ئي هنڌن تي بم ڌماڪا ۽ جهازن ڪيرائڻ جا الزام پڻ هئا.
1969ع ۾ لبيا جي اقتدار تي قبضي ڪرڻ وقت هو فوج ۾ ڪيپٽن هو، جنهن بعد کيس ترقي ڏئي ڪرنل بنائي لبيا جي فوج جو سربراهه بنايو ويو. ان وقت سڄي دنيا جي باغين ۽ انقلابين تي سوويت يونين جو هٿ هوندو هو، تنهن ڪري ڪرنل قذافي به روس جي ويجهو آيو ۽ ٿورڙي عرصي ۾ روس جو ايترو دوست بنجي ويو جو روس پنهنجا مگ جهاز پنهنجي ملڪ کان ٻاهر سڀ کان پهريائين لبيا کي ڏنا. پر ٿوري عرصي کان پوءِ هن جا سوويت يونين سان گرم تعلقات به سرد مهريءَ جو شڪار ٿي ويا. ان کان پوءِ هن تي وري مسلمان سياست جو اثر چڙهڻ لڳو ۽ هي اسلامي سربراهي ڪانفرنس سميت دنيا ۾ مسلمانن جي سياست ۽ اتحاد کي همٿائڻ لڳو. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري هن تي عرب قوم پرستيءَ جو رنگ چڙهڻ لڳو ۽ هو عرب ليگ ذريعي عرب رياستن جي اتحاد لاءِ ڪوشان رهيو ۽ آخر ۾ وري هن تي آفريڪا جي جاگرافيائي اتحاد جو اثر غالب ٿيو ۽ هن يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آفريڪا جوڙڻ جو فارمولو پيش ڪيو. تتل اڏندڙ واريءَ جيان هن جا خواب ۽ ترجيحون به سدائين هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڊوڙنديون رهيون ۽ هو گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي شوق ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهيو.
ڪرنل قذافي پنهنجي ملڪ کي ائٽمي طاقت بنائڻ لاءِ به ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون پر هو ان ۾ به ڪامياب نه ٿي سگهيو. 1972ع ۾ هن چين کان نيوڪليئر بم خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ 1978ع ۾ هن هندستان سان لاڳاپا وڌائي، هندستان کان نيوڪليئر ٽيڪنالاجي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. 1991ع ۾ ان وقت جي پاڪستان جي وزيراعظم ميان نواز شريف واپاري تعلقات وڌائڻ لاءِ جڏهن لبيا جو دورو ڪيو هو تڏهن ڪرنل قذافي نواز شريف تي زور ڏنو هو ته پاڪستان لبيا کي ائٽمي هٿيار وڪرو ڪري ڏئي. جڏهن نواز شريف ان سودي کان معذرت ڪئي ته ڪرنل قذافيءَ ميان نواز شريف کي گهٽ وڌ ڳالهايو. بعد ۾ ان جي ردعمل ۾ پاڪستان، لبيا جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو هو. قذافي کي باغي يا انقلابي سمجهڻ وارن جو دليل آهي ته لبيا جي اسي سيڪڙو تعليم ۽ ٻي ترقي هن جي اعتراضن ڀرئي اقتدار جو بهرحال هڪ بهتر ورثو آهي.
لبيا جي پاڙيسري ملڪ تيونس ۽ مصر کان شروع ٿيل هاڻوڪين تحريڪن پٺيان جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ اولهه جو هٿ ۽ حمايت پڻ آهي پر عرب ملڪن جو عوام بادشاهتن جي ڊهندڙ آمريتي نظام جون دل ۽ اکيون کولي استقبال ڪري رهيو آهي، هڪ دانشور طرفان حڪومت تي تنقيد ڪرڻ کان پوءِ کيس گرفتار ڪرڻ بعد عوامي باهه ڀڙڪي اٿي، جيڪا بعد ۾ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ۽ نون مهينن جي لڳاتار بغاوت ۽ نيٽوجي سهڪار سان هن کي ماري لبيا جو سياسي مهانڊو تبديل ڪيو ويو.
لبيا جيتوڻيڪ هڪ وارياسن پٽن وارو ملڪ آهي ۽ تيل نڪرڻ کان اڳ هو هڪ غريب ملڪ هو، جتي اڄ تائين 75 سيڪڙو کاڌي جون شيون ٻاهران اچن ٿيون، پر هاڻي تيل جي ملڪيت سبب اهو هڪ خوشحال ملڪ آهن ۽ ان جي تيل جا ذخيرا دنيا ۾ ڏهين نمبر تي آهن، جنهن ڪري مٿس سدائين پابنديون به لڳيون. 2003ع ۾ صدام جي تختي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ هن کي به خطرو محسوس ٿيو ۽ هن پويان پير ڪيا. لاڪربي جهاز واري حادثي بابت ٽربيونل جو فيصلو قبول ڪندي هن متاثرن جي پونئيرن لاءِ اربين ڊالرن جو معاوضو به ڀريو. آمريڪا ۽ اولهه سان تعلقات بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اولهه هن کي چاليهه سالن جون دشمنيون معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هڪ طرف اولهه جا ملڪ هن سان هٿ ملائيندا رهيا ته ٻئي طرف باغين کي اڳتي اچڻ جا گس ڏيندا رهيا، آخرڪار هن سال جي فيبروري مهيني ۾ قذافيءَ خلاف هڪ تحريڪ جنم ورتو جنهن جي نتيجي ۾ هن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ لڳي. قذافيءَ خلاف سندس ملڪ جا ماڻهو ته اڳ ۾ ئي ٻريل هئا پر هن ڀيري عالمي سياست جي صوبيدارن هن خلاف هلندڙ بغاوت جي مدد ۽ رهنمائي ڪئي. 21 مارچ 2011ع تي نيٽو ميدان تي آيو. 27 جون 2011 ع تي انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ هن خلاف وارنٽ جاري ڪيا ۽ 20 آگسٽ تي ٽريپولي ۾ عالمي قُوَتن جي فتح کان پوءِ ڪرنل قذافيءَ جي اقتدار جو خاتمو آيو.
ڪرنل قذافيءَ جو موت بهرحال هڪ دور، هڪ سوچ ۽ هڪ روئيي جو موت آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ هن کي دنيا جا مختلف ماڻهو مختلف لقبن سان ياد ڪندا رهندا جن ۾ آمر، باغي توڙي انقلابي جا لقب شامل هوندا.

(22 آگسٽ 2011 ع تي نشر ٿيل )

ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو ڏهاڙو

سنڌ جي تاريخ جي عظيم ۽ عادل بادشاهه ڄام نظام الدين سمي کي سندس وفات کان 500 سال پوءِ، سماذات جي ماڻهن ياد ڪري، سنڌواسين ۽ سنڌ جي شعور وند قوم پرستن ۽ محب وطنن کي ميار ڏيڻ واري انداز ۾ ياد ڪرايو آهي ته توهان کان سنڌ جا هي سورما ڪيئن ٿا وسرن؟
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو عرس مڪليءَ جي انهيءَ ڪنڊ ۾ ٿيو، جتي سنڌ جو هي سلطان ابدي آرام ۾ آهي. مڪليءَ جو قبرستان، ان معنيٰ ۾ هڪ دنيا لڳندو آهي. جٿي سنڌ جي تاريخ جا هزارين حاڪم، وزير، ڪبير ۽ ايلچي مڪليءَ جي پٿر جي چادر چاڙهيو ستا پيا آهن. ڄام نظام الدين مڪليءَ جي ان قديم قبرستان جي اتر ۽ اوڀر واري ڪنڊ ۾ مائي مڪليءَ جي قبر جي ڀرسان پنهنجي مقبري ۾ آرامي آهي. ڄام نظام الدين سمي جو مقبرو جيتوڻيڪ عمارت سازيءَ جي اڏاوت ۽ مهارت جو هڪ اعليٰ نمونو آهي پر تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ڄام نظام الدين اولياءَ جي مزار جي چوڌاري رڳو ڀتيون تعمير ٿيل آهن ۽ ان مٿان ڪوبه مقبرو ڇو ٺهيل نه آهي؟ چون ٿا ته قدرت جي حسين نظارن کي ڏسڻ جي هن هيراڪ حاڪم، وصيعت ڪئي هئي ته مرڻ کان پوءِ سندس قبر مٿان ڪوبه مقبرو نه اڏايو وڃي ته جيئن آسمانن مان ڪرندڙ تازي ماڪ، سندس مزار تي سدائين وسندي رهي. ممڪن آهي ته دنيا ۾ ان ذوق جا ٻيا به ڪي اهڙا ماڻهو هجن، جيڪي مرڻ کانپوءِ به فطرت جي نظارن تان فدا ٿيڻ جا تمنائي هجن پر سنڌ ۾ ڄام نظام الدين سمي وانگي پنجاب جي مشهور عشقيا داستان واري جوڙي هير رانجهي به اهائي تمنا ڪئي هئي ته سندن مزار مٿان ڪوبه مقبرو نه اڏايو وڃي ته جيئن سندن قبرن مٿان سدائين ماڪ وسندي رهي. پنجاب جي جهنگ شهر سان لڳولڳ چناب نديءَ جي ڪناري تي اڄ به هير ۽ رانجهي جي اها مزار موجود آهي جنهن جي ٻاهران ”مائي هير- ميان رانجها“ جي تختي لڳل آهي. اتي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هير ۽ رانجهي جي قبرن جي جوڙي مٿان ڪيترائي ڀيرا مقبرو اڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر سدائين اهو مقبرو ڪري پوي ٿو.
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنڌ جي تاريخ جو اهو سڀاڳو ۽ سٻاجهو حاڪم هو، جنهن کي ”سما ڄام سلطان“ چوندي ان وقت به ۽ اڄ به ماڻهوءَ جي دل ٺري ٿي.
ڄام نظام الدين سمي سنڌ تي 48 سال حڪومت ڪئي ۽ سندس وفات جو سال 1508 عيسوي سن آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڄام نظام الدين جي دور کي امن ۽ خوشحالي جي عظيم دور طور ياد ڪيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ڄام نظام جي حڪومت وقت سنڌ جي ڀرپاسي وارن ملڪن ۽ پرڳڻن تي به موچارا حاڪم حڪومتون ڪندا هئا پر ڄام نظام انهن سمورن جو سرتاج حڪمران سونهندو ۽ محسوس ٿيندو هو. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن سنڌ ۾ ڄام نظام الدين سمي جي دور واري خوشحالي ٻيهر موٽي اچڻ جي تمنا ڪئي آهي. سندن ذهانت، ديانت ۽ شرافت جا ڪيترائي قصا مشهور آهن ۽ انهن مان ڪجهه ته ضرب المثل يعني بار بار مثال طور پيش ڪيا ويندا آهن.
ڄام نظام الدين سنڌ ۾ انوقت حاڪم ٿيو، جڏهن يورپ اندروني طرح نئين سجاڳيءَ جي دور ۾ داخل ٿي رهيو هو، ۽ دنيا جي ٻين کنڊن لاءِ يورپ هڪ قبضي مافيا طور اُڀري رهيو هو. سورهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ جڏهن يورپ جا حاڪم سڄي دنيا ۾ گهوڙا ڊوڙائي ماڻهن کي قتل ڪري ۽ ملڪن تي قبضا ڪندا هئا تڏهن ڄام نظام الدين پنهنجي ڪڙهه ۾ بيٺل گهوڙن جي پٺين تي هٿ رکي گهوڙن کي هيئن مخاطب ٿيندو هو ته ”خدا نه ڪري ته مان ڪڏهن به ناحق جنگ وڙهڻ لاءِ توهان تي سواري ڪيان، شال ڪنهن بي گناهه جو منهنجي هٿان ڪو رت نه وهي.“ رڳو ايترو ئي نه پر ڄام نظام الدين سمون، اعليٰ حاڪماڻين خوبين جو مالڪ هو. هڪ لاوارث پر اڙٻنگ نينگر ۾ ڄام نظام جڏهن سٺا گڻ ڏٺا ته هن کيس پنهنجي فوجن جو سپهه سالار ۽ وزيراعظم مقرر ڪيو، ان سپهه سالار جو نالو دولهه دريا خان لاشاري آهي. دولهه دريا خان جي چونڊ ڄام نظام الدين جي انسان شناس اک جو ڪمال آهي.
ڄام نظام الدين جي دور ۾ سندس صلاحيتن ۽ سخاوتن جو چرچو عام جام هو تنهن ڪري ڪنهن به ڀرواري حاڪم کي اها جرئت نه هئي ته هو ڄام نظام جي ملڪ سنڌ تي حملو ڪري.
ذاتي شرافت ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ڄام نظام جي شخصيت جو اهو ڪمال هو ته هو سدائين وضوءَ ۾ رهندو هو. سندس دور جي مشهور بزرگن قاضي عبدالله ۽ سيد مراد شاهه شيرازيءَ جون جنازي نمازون پڻ ڄام نظام الدين پڙهايون هيون، ڇاڪاڻ ته انهن بزرگن وصيعت ڪئي هئي ته سندن جنازي نماز اهو شخص پڙهائي جيڪو ڪڏهن به بنا وضوءَ جي نه رهيو هجي.
ڄام نظام الدين جهڙي مثالي حڪمران کي اڄ سنڌ ۾ ڪير به ياد نه ٿو ڪري. اسان جون سياسي پارٽيون رڳو پنهنجي پارٽي اڳواڻن جا ڏينهن، سالگرهه يا ورسيون ملهائن ٿيون. نتيجي طور دولهه دريا خان جي ورسي لاشاري تنظيم ملهائي ٿي، دودي سومري ۽ شهيد هوش محمد عرف هوشو شيديءَ جا ڏهاڙا وري سومرا تنظيم يا شيدين جي تنظيم ملهائي ٿي. يقينن آل سنڌ سما ويلفيئر ايسوسيئيشن پنهنجي ان ڪوشش تي جس لهڻي، جنهن جي اڳواڻن غلام رسول سمي، حاجي هاشم سمي، ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمي، گل محمد سمي ۽ وڏيري احمد سمي، پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، ڄام نظام الدين سمي جو عرس ۽ ميلو لڳرايو.

(نومبر 2008ع ۾ نشر ٿيل)