شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصور ڪوي سھيل ڀيو جي نظمن جو مجموعو ”امن جي انتظار ۾“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ تہ مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو بہ فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.
ھي ڪتاب 2020ع ۾ سونھن پبليڪيشن پريالوء  پاران ڇپايو ويو، ٿورائتا آھيون سائين عبدالجبار شيخ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب نالو: امن جي انتظارَ ۾
شاعر: سهيل  ڀيو
پهريون ڇاپو: 2020ع
ڪمپوزنگ: مهراڻ ڪمپوزرس جهان خان ضلع شڪارپور
اِي ڪمپوزنگ: الشيخ ڪمپوزرس سانگي  
ڇپائيندڙ: سونهن پبليڪيشن پريان لوءِ/خيرپور
قيمت: 300 روپيه

ارپنا

ارپيان ٿو امن کي امن جي چاهيندڙن کي ۽ امن لاءِ زندگيون قربان ڪندڙن کي

پبلشر پاران:

هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي لکي دنيا جي سپر پاور قوتن جي بي حسيءَ تي حيران ٿي. گَهري سوچ ۾ ٻڏي ويندو آهي. بمن جي بدبُوءِ ۾ سڙندڙ انسان سندس اکيون آليون ۽ زبان ڪوڙِي ڪري ڇڏيندا آهن. هو دنيا جا سور پنهنجي اکين مان وهندي محسوس ڪندو آهي. سهيل ڀيو اهو شاعر آهي. جيڪو انسانيت جو پرچارڪ آهي. کيس هٿيارن نفرت آهي. هو سڄي سنسار جو خير گهرندڙ آهي. جنهن وٽ ملڪَ مذهب نسَ قومون قبيلا ۽ ذاتيون انسان کان پوءِ واري حيثيت رکن ٿا. هن وٽ انسانيت جو حقيقي تصور آهي. سهيل ڀيو پنهنجي هن ڪتاب“ امن جي انتظارَ ۾”دنيا جي خوشحالي جا خواب کڻي پياري دوست ۽ سهڻي شاعر حاڪم گل کي ساڻ ڪري “ سونهن پبليڪيشن پريان لوءِ” جي جهول ۾ وجهڻ آيو ته اسان اهي کڻي اکين تي رکيا ۽ سندس قلمي پورهئي کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ سونهن پبليڪيشن جي پليٽ فارم تي ڀليڪار ڪيو. سهيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. سهيل ڀيي سان دوستيءَ وارو تعلق اڄ کا 15 کان 20 سال پراڻو آهي. مون کي ياد آهي  ته سکر ۾  سائين راشد مورائيءَ جي ڪهاڻين جي ڪتاب “پاڻيءَ تي پهرو” جو مهورت هو ته پروگرام کان پوءِ سڄي سنگت سائين راشد سان گڏجي پهريان محترم امان الله ماڪي جي “الفرقان انسٽيٽيوٽ ” وياسين پوءِ اتان  ٿي ڳوٺ عبدو رات ٽڪياسين. جتي غلام محمد غازي جي ميزباني ۾ مشاعري جي محفل ٿي. مشاعري جي صدارت سائين راشد ڪئي هئي. ان مشاعري ۾ استاد راهي، حاڪم گل، گوهر سنڌي، محمد حسين مهر، غني غمدل ۽ ٻيا گهڻا شاعر شريڪ هئا. سهيل  مشاعري ۾ پنهنجا بيت پڙهيا. جڏهن سائين راشد جي شاعري پڙهڻ جو وارو آيو ته سائينءَ سهيل لاءِ هي لفظ چيا“ سهيل جي شاعريءَ اسان جي شاعريءَ کي منڊي ڇڏيو آهي. دل ٿي چاهي ته جيڪرنه پڙهجي.”سهيل جو هي ڪتاب“ امن جي انتظارَ ۾” گهڻن نوجوان نثري نظم لکندڙ شاعرن لاءِ رهنمائي جو سبب بنبو! سونهن پبليڪيشن جي اها ڪوشش رهي آهي ته اسين معياري تخليقون پڙهندڙ ساٿين تائين پهچايو. هي ڪتاب به انهي ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اوهان جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

                                             

سميع سجاد ميراڻي                                                 
سونهن پبليڪيشن
                  
پريالوءِ


شاعر پاران: دنيا کي امن جي چُميءَ جي ضرورت آهي

اهو منهنجو عقيدو آهي ته
هن ڌرتيءَ مٿان
امن ضرور قائم ٿيندو
جنگيون ختم ٿينديون
۽ دلين۾ پيار جا گل ٽڙندا
انسان آخر ڪيسيتائين ڪوڪون ڪندو رهندو؟
ڇا رت جي درياهه کي روڪ نه ايندي؟
ٽهڪن جي نڙيءَ تان
ظلم ۽ نفرت جي لَتَ
نيٺ ته هٽندي
ساهه ڪٿي به خوف ۽ دهشت جا ٿوهر نه ڦٽندا
انسان جي عظمت جي تڪميل
آخر ته امن سان ئي ٿيندي
جنگ جو ڪوبه مستقبل ڪونهي
مستقبل فقط ئي فقط امن جو آهي
بين الاقوامي ڀائيچاري جو آهي
۽ انساني وحدت جو آهي
دنيا اڳي پوءِ
امن جي نُڪتي تي ضرور گڏ ٿيندي
منهنجي شاعري امن جي شاعري آهي
محبت جي شاعري آهي
انسانيت جي شاعري آهي
منهنجا نظم
اوهان کي مظلومن جا لڙڪ اگهندي نظرايندا
اوهان انهن کي
زخمن تي مرهم هڻندي ڏسندو
پَٽيون ٻڌندي ڏسندو
لاشن جي مٿان روئندي ڏسندو
منهجا نظم
ڪنهن به پاسي ۾ بيٺل ناهن
ڪنهن به ڏاڍ ۽ جبر جا حامي ناهن
ڪنهن به وحشت ۽ دهشت جا داعي ناهن
منهنجي نظمن جي نظر
دنيا جي هر دکي ماڻهوءَ جي دل تي پوي ٿي
هر پيڙهيل جو سڏڪو
منهنجي نظمن جي نِڙيءَ مان نڪري ٿو
منهنجا نظم
ڪنهن به بم يا ميزائيل جو سسٽم ته
خراب ڪري نٿا سگهن
پر
مون کي يقين آهي ته اُُهي
اُنهي هٿ کي
ضرور ڏڪائي سگهن ٿا
جيڪو
بم جي بٽڻ کي دٻائڻ وارو آهي
يا
اُنهي آڱر کي لوڏو ڏئي
گوليءَ جو رخ ڦيرائي سگهن ٿا
جيڪا انسان ڏي وڃڻ واري آهي
انهيءَ کي مارڻ واري آهي
منهنجا نظم
زندگيءَ جي حسن جي ڳالهه ڪن ٿا
۽ انهيءَ احساس کي
اندر ۾ جاڳائڻ جي جستجو ڪن ٿا
۽ انهيءَ احساس کي
اندر ۾جاڳائڻ جي جستجو ڪن ٿا
جيڪو انسانن جي خوشين سان ڳنڍيل آهي
منهنجا نظم
امن جو نياپو آهن
اميد جو سوجهرو آهن
ڀلا اُها ڪهڙي اک هوندي؟
جيڪا هڪ ٻار کي
ماءُ جي چُمي ڏيڻ مهل
ميزائيل جو نشانو بڻائيندي؟
جيڪا هڪ پوپٽ جي پَرَن مٿان
تيزاب جا ٽيپا اڇليندي؟
انسان ڪيسيتائين عداوتن جي سمونڊ ۾ ٻڏندو رهندو؟
ڇا ٻاجهه جي ڪائي ٻيڙي
هن جي ويجهو نه ايندي؟
بچاءَ جي ڪائي ڪوشش
ڇا هن جي تقدير ۾ ڪونهي؟
ڇا هن ڪاڻ رڳو
ڳوڙها آهن
سڏڪا آهن
۽ پنهنجي بي وسيءَ جو ماتم آهي!
دنيا ۾ روزانو
جديد کا جديد تر هٿيار تيار ٿي رهيا آهن
ڇا جي لاءِ؟
طاقت، غرور، لالچ ۽ تعصب لاءِ
تباهيءَ ۽ ويرانيءَ لاءِ
انائن جي تسڪين لاءِ
مان انهن سمورن هٿيارن جي مقابلي ۾
پنهنجا نظم رکان ٿو
منهنجي نظمن ۾
ڪوبه نفرت ۽ ڪيني جو بارود ڀريل ناهي
ڪابه نسل پرستيءَ جي ڪيميائي گئس وڌل ڪانهي
۽ نه ئي ڪنهن
انتها پسنديءَ جا وائرس انهن کي چنبڙيل آهن
منھنجا نظم
انھيءَ نفرت کي نشانو بڻائن ٿا
جنھن کي ڪيترائي نالا ۽ ڪيترائي روپ آھن
جيڪا تاريخ جي تاريڪ سرنگھن منجھان
سفر ڪندي ڪندي
ھن دنيا جي ھانوَ تي اچي چڙھي بيٺي آھي
سڄي دنيا ھڪ عجيب ڇڪتاڻ ۽
ڪشمڪش جي ڪُن ۾
ڦيراٽيون کائي رھي آھي
ميزائل جي مقدر ۾
ڪو محبت جو ڀاڪر ناھي ھوندو
۽ ئي ڪنھن ائٽمي ملڪ جو
ويساري ۾ ورتل حڪمران
ائٽم بم جي بٽڻ کي
نوڪر کي سڏڻ واري گھنٽيءَ جو بٽڻ سمجھي
دٻائي نھ ڇڏي
ھِنَ دنيا کي
امن جي چُميءَ جي ضرورت آھي
پيار جو ھڪڙو جملو
ڊائنامائيٽ جي ڌاڳي کي باھ ڏيڻ کان
روڪي سگھي ٿو
ائٽم بم جي ڳاڙھي بٽڻ تان
آڱر کي ھٽائي سگھي ٿو
رائيفل جو رُخ
ماڻھوءَ جي سيني کان ڦيرائي سگھي ٿو
پيار جو ھڪڙو جملو
ھن دنيا کي برباديءَ کان بچائي سگھي ٿو
۽ خوشين جا دروازا کولي سگھي ٿو
اسان ماضيءَ جي قصاص ۾
مستقبل کي
ڪيسيتائين ڪُھندا رھندا سين؟
ھاڻي اِنھيءَ درندگيءَ جي پُڄاڻي ٿيڻ گھرجي
دلين مان انتقام جي آتشڪدا اُجھامڻ گھرجن
اوڀر جو بدلو
اولھھ کان نٿو وٺي سگھجي
۽ نھ ئي اُتر جو پلاند ڏکڻ کان
ڇا خِزان جي بدلي ۾
بھار کي ساڙيي ڇڏجي؟
مرڪ جيتري ايشيا لاءِ ضروري آھي
اوتري ئي يورپ لاءِ
۽ اوتري ئي دنيا جي ٻين کنڊن لاءِ پڻ
ڇا مون کي ڪوئي ٻڌائيندو؟
تھ ٽھڪ لاءِ
ڪو عقيدو ضروري آھي يا امن؟
ڇا مسلمان ٻار جڏھن روئي ٿو
تھ انھيءَ جا ڳوھا کارا ھجن ٿا؟
۽ جڏھن ڪو غير مسلم ٻار روئي ٿو
تھ اُنھيءَ جا لُڙڪ مٺا؟
ڇا خوشيءَ جو رنگ اڇو ٿئي ٿو
تڪليف جو رنگ ڪارو؟
ڇا مينھن ڪنھن کان
قومَ، قبيلو ۽ مذھب پُڇي پوءِ وسي ٿو؟
ڇا پکي صرف
ڪنھن مخصوص دين جي دائري ۾ئي داڻا چڳن ٿا؟
بسنت جي مُندَ تھ
بنا مذھب پڇڻ جي
ھر گھر ۽ ھر باغ ۾ گھڙي وڃي ٿي
جڏھن طاقت جي شڪل ۾ تعصب
پنھنجي مرضيءَ جي تاويل ڪري ٿو
تڏھن رت جون ڇوليون اٿن ٿيون
انسانيت چيخون ڪرڻ لڳي ٿي
۽تھذيب جي ڇاتيءَ ۾
زھريلو دونھو ڀرجي وڃي ٿو
مان پنھنجي انھيءَ عقيدي تي قائم آھيان تھ
ھن ڌرتيءَ تي امن ضرور قائم ٿيندو
جنگيون ختم ٿينديون
۽ دلين ۾ پيار جا گل ٽڙندا
انسان امن جي سونھن کي سڃاڻي وٺندو
ڌڪار جي ڍنگر ۾ اٽڪيل
انسانيت جي چادر ڇڏائجي ويندي
ڪابھ تعصب جي تلوار اُڀي نھ ٿيندي
ڪوبھ غرور جو گرز ڪنھن سيني ۾ سوراخ نھ ڪندو
ڪابھ وحشت جي ول
ڪنھن دک نھ نھ وڪوڙيندي
ھر ھنڌ امن جا ٽھڪ ھوندا
۽ سموري دنيا جا انسان
خوشين جي خوشبوءِ ۾ مھڪندا
اھو ڏينھن آوَس اچڻو آھي
مان انھيءَ ڏينھن جي انتظار۾ آھيان
منھنجي شاعري
انھيءَ ڏينھن جي اڳڪٿي آھي.
*

سھيل ڀيو
قاسم ڳوٺ، شڪارپور
03123476182

امن جي ستاري ڏانھن

مان مري ويندس
پر پوءِ بھ
منھنجي آڱر
امن جي سِتاري ڏانھن ئي
اُڀي ھوندي
امن جو ستارو ضرور اُڀرندو

اُگھاڙو امن

جنگ
ڪھڙو بھ
سھڻو ويس ڍڪي اچي
پوءِ بھ
انھيءَ کان چڱو آھي
اگھاڙو امن.
*

مِياڻِ

اڙي جنگِ!
ٻُڌاءِ تھ سَھِي
تنھنجيءَ ترارَ جي مياڻِ
آخر ڀلا
ڪيترن انسانن جي کَلُن منجھان ٺھندي؟
*

مشورو

اي چَري ڇوڪري!
پنھنجي محبوب کي
گھاٽن، ڪارن وارن ۾ لِڪائي ڇڏ
جنگ
باھھ ٻارڻ ڪاڻ
ڪاٺيون ميڙي رھي آھي!
*

جنگ

جنگ
اُھا دَري آھي
جيڪا رُڳو
قبرستان طرف ئي کُلي ٿي!

جنگ
اُھا درزياڻي آھي
جنھن کي فقط
ڪفن ئي سِبڻ اچن ٿا!

جنگ
اُھا بد نصيب عورت آھي
جنھن کي صرف
مُئل ٻار ئي ڄمن ٿا!

جنگ
اُھا پاڳل طوائف آھي
جيڪا
سپاھين سا رات گُذاري
صبح جو انھن کي ماري ڇڏي ٿي!

جنگ
اُھا نانگڻ آھي
جيڪا صرف
برباديءَ جي بِينَ تي لَھَرَ ڪري ٿي!

جنگ
اُھو ڪئلينڊر آھي
جنھن ۾
سڀ ڏينھن
مرڻ جا ئي ڏينھن آھن!

جنگ
اُھا تارازي آھي
جنھن جي ٻنھي پُڙن ۾
رڳو لاش ئي تُرن ٿا!

جنگ
اُھو ھاري آھي
جيڪو
پنھنجي زمين ۾ ھميشھ
ھڏن جو فصل پوکي ٿو!

جنگ
اُھو تلاءُ آھي
جنھن مان
وحشتن ۽ نفرتن جون بي رحم بلائون
پنھنجي اُڃَ اجھائن ٿيون!

جنگ
اُھا اداڪارہ آھي
جيڪا فقط
موت جو ئي ڪردار ڪري ٿي!

جنگ
اُھا ميڻ بتي آھي
جيڪا
انسانيت جي قبر تي ٻري ٿي!

جنگ جاڳندي رھي ٿي

اَسان سُمھي پئون ٿا
جنگ جاڳندي رَھي ٿي
ميزائل
رفتارَ، نشاني ۽ نقصان بابت
پاڻ ۾ ڪچھري ڪن ٿا
بَم
پنھنجي تباھيءَ جا
قِصا ٻڌائن ٿا
گوليون، ھڪ ٻئي سان
اِنساني جسمن جي بناوٽ تي
بحث ٿيون ڪن
۽ موتُ اسان جي نِنڊ تي
ٽھڪ ڏَئي کلي ٿو پيو!
*

ھڪ عراقي ٻار کيڏڻ چاھي ٿو

امان!
مونکي ڪو رانديڪو آڻي ڏي نھ
چاٻيءَ تي ھلندڙ ڪا ڪارِ
ڪوئي گھوڙو
ڪو کينھون.......
گولين جي کوکن
بمن جي ٽڪرن
۽ سريل ھڏن سان
کيڏي کيڏي
مان تنگ ٿي ويو آھيان!
*

مان خدا تعاليٰ کي چوندس

ھنج ۾ ليٽيل ٻارَ
ماءُ کان پڇيو
امان!
جڏھن رات ٿي ٿئي
تھ ھي باھھ جا شعلا
ڇو آسمان ۾ اڏامڻ ٿا لڳن؟
ماءُ اداسيءَ مان وراڻيو
پُٽ
ستارا پاڻ ۾
جنگ ڇو ٿا ڪن امان؟
ڇا اتي بھ
ڪي دھشتگرد ٿا رھن؟
ستارا دھشتگرد نھ ٿيندا ھن پُٽ!
تھ پوءِ امان!
اِھي پاڻ ۾ آخر وڙھن ڇو ٿا؟
اِھا ازل جي جنگ آھي ٻچا!
جيڪا ھميسھ اري رھندي
امان!
مان خدا تعاليٰ کي چوندس
تھ ھو ھڪ نئون آسمان ٺاھي
جنھن۾
ستارا امن سان رھن
پاڻ ۾ جنگ نھ ڪن.
*

شام جي ھڪ نينگريءَ جو نظم

مون کي تھ ھاڻ
ڪنھن ڪڪر کان بھ ڀو ٿو ٿئي
تھ انھيءَ منجھان بھ
متان! ڪي بم نھ وسرڻ لڳن
مان امن جي لاءِ
گلدستو ٺاھيان ٿي
انھن سڪل، سڙيل، ٽٽل ھڏن مان
جيڪي منھنجي چوڌاري
ڀڳل رانديڪن وانگي پکڙيل آھن
ڪيترا نھ ڏينھن ٿي ويا ھن
مون ڪوئي ستارو نھ ڏٺو آھي!
چوڏس
جنگ جو ڪارو غلاف ڇانيل آھي
مون کي ڪا خبر ئي ڪونھ پئي
تھ بھارَ جي موسم
ڪڏھن آئي
۽ ڪڏھن موڪلائي وئي؟
موت جي مند ۾
مسلسل گذاريندي
مون کان زندگيءَ جا سمورا رنگ
وسري چڪا آھن
رڳو ھڪڙو ئي رنگ
مان سڃاڻي ٿي سگھان
موت جو رنگ
جيڪو
ھر شيءِ مٿان چڙھي چڪو آھي!
*

خدا جي واسطي!

خدا جي واسطي!
ڪابھ تعصّب
۽ نفرت جي ڳالھھ نھ ڪر
ڌرتيءَ جا ڪپڙا
انتقام جي پئٽرول ۾ پُسيل آھن
ننڍڙي چڻنگ بھ
ھِن دنيا کي رَکَ ڪري ڇڏيندي!
*

علي اسماعيل جي نالي

ھڪ ٻيڙي
ونجھن بنا آھي
ھڪ پکي پَرن سِوا
اسماعيل
ھُو ھاڻي ڪيئن کيڏي؟
ڪيئن کائي؟
ڪيئن لِکي؟
ڪيئَن دعا گھري؟
ڪيئن پنھنجي جنم ڏينھن جو ڪيڪ ڪَٽي؟
۽ ڪيئن
پوپٽ پويان ڊوڙي؟
ھڪڙي مَکِ
ھن کي چيڙائي ٿي
ھڪڙي جونءَ
ھن کي تنگ ٿي ڪري
ھڪڙو شِرارتي مڇر
ھن جا ويچارا ٿو ڪڍي
ھو بيوسيءَ مان روئي ٿو پوي
زيتون جا وڻ
ھن کي پڪارين ٿا
۽ کجيون
ھن لئي ھٿڙا لوڏين ٿيون
ھاڻ تھ ھو انھن تي
خوابن ۾ ئي چڙھي سگھي ٿو!
*

* علي اسماعيل عباس عمر 12 سال 2003ع ۾ عراق تي آمريڪي حملي سبب جنھن جون ٻئي ضايع ٿي ويون.

جيڪڏھن .......

ڦٽيل جنگ
ڇڙھيون ھڻي ھڻي
ڪڏھوڪو مري وڃي ھان
جيڪڏھن
مذھب، سرمايو ۽ اقتدارُ
ھن کي
رت جون ٿيلھيون نھ پھچائن ھان!
*

اطمينان

اي زينيا جا سھڻا گل!
خدا ڪري تھ
تنھنجن پيارين ۽ شوخ پنکڙين تائين
جنگ جو بدصورت ڀونئر
ڪڏھن بھ پھچي نھ سگھي
تون اسان جي نظرن کان پري
ڪھڪشائن جي ڪونڊيءَ ۾
سدا ٽِڙيل ئي ر ھين
ڀل اسان توکي ڏسي نھ سگھئون
پر اِنھيءَ اطمينان ۾ تھ زندگي گذاريون
تھ اسان جي مٿان پولار ۾
ھڪ نارنگي گل ٽڙيل آھي
ڪوئي بم ٽنگيل ناھي!
*

تياري

ٻن دشمن ملڪن جي
سياستدانن جي زبانن مان
شعلا پيا نڪرن
اخبارون
پئٽرول جو ڇڻڪار پيون ڪن
ٽي وي مسلسل
زخمي ڪُتيءَ جيان پئي ڪُوڪي
ريڊئي جو ذھني توازن
خراب ٿيندو پيو وڃي
نعرا
زھريلن نانگن وانگي
ڦوڪون پيا ڏين
اِجھو انساني فصل ۾ لابارو پيو
جنگ
پنھنجا ڏاٽا تِکا ڪري رھي آھي!
*

مان توڏانھن ڪنھن کي نياپو ڏئي اُماڻيان؟

اي زندگيءَ جا ساٿي!
مان توڏانھن
ڪنھن کي نياپو ڏئي اُماڻيان؟
ستارن کي.......!!!
جيڪي
توکي ڏسي ڪين ٿا سگھن
جنگ
جن جي سونھري اکين ۾
دونھون ڀري ڇڏيو آھي
تنھنجي وڃڻ کان پوءِ
چانھھ جو ڪوپ
اڪيلو ٿي ويو آھي
۽ بسترو پڻ
پوڙھي پادريءَ وانگي ٿو لڳي
مان ڀريل جامَ جيان
تنھنجن چپن جي انتظار ۾ پئي تڙپان
۽ تون

مون کان گھڻو پري
باھھ جي گرم درياھ منجھان
پنھنجي اُڃَ اُجھائي رھيو آھين!
*

ڏائڻ

جنگ جي جُھوني ڏائڻ کي
جڏھن بھ
سينگار جو شوق ٿوٿئي
تھ لاشن کي جلائي
ڪجل بڻائي ٿي
رت جي سرخي لڳائي ٿي
کوپڙين جا ھارَ پائي ٿي
۽ پوءِ نچي ۽ ڳائي ٿي!
*

دُعا

جن مُلڪن وَٽِ
ايٽم بم آھن
خدا ڪري تھ
اُنھن ملڪن جا حڪمرانَ
ڪڏھن بھ
چَريا نھ ٿِين!
*

مان پناھَھ ٿو گھران

مان پناھھ ٿو گھران
اُنھيءَ صبح کان
جنھن جو استقبالُ
ميزائل ھٿ لوڏي ڪنِ
ان پناھھ ٿو گھران
اُنھيءَ شامَ کان
جنھن جي موڪلاڻي
ڊائنامائيٽ جي
ڌاڳي سڙڻ سا ن ٿئي!
*

ڪتن ۽ ڳجھن کي ٻڌايو

دستر خوان
وڇائجي چڪو آھي جنگ جو
اسان سڀ جلدئي
طعام ۾
تبديل ٿيڻ وارا آھيون
ڪُتن ۽ ڳِجھن کي ٻڌايو!
*

ڀوڳ

چريا!
اڻڄاڻائيءَ ۾ بھ جنگ جو ڀوڳ نھ ڪر
جنگ جي ڀوڳَ تي
فقط
موت ئي ٽھڪ ڏئي کِلندو آھي!
*

امن

بَمن جي سِينن ۾ سانڍيل باھھ
ٻاھر نڪري رھي آھي
گوليون
پنھنجو لباس لاھي رھيون آھن
ڌرتي
اُسَ ۾ رکيلَ ٽامي جي ٿانوَ جيان
تپي وئي آھي
۽ امن......
امن ڪنھن يَتيم ٻارَ وانگي
اکين تي ھٿڙا رَکي
روئي رھيو آھي!
*

ناديھ خلف جي نالي

ھُوءَ
آئيني اڳيان بيھي
پنھنجا اڻڀا ۽ وچڙيل وارَ ڇڏائڻ لڳي
۽ چين ۾ ڀڻڪڻ لڳي
جنگ
ڪيتري نھ خراب شيءِ آھي
سينگار بھ ڪرڻ نٿي ڏئي
ھُن ڊريسنگ ٽيبل تان سُرخي کنئي
پر اُھا
ھن دونھاٽيل چپن تائين
پھچي نھ سگھي
جنگ
کليل دريءَ منجھان
ھن وٽ اڳ ۾ پھچي وئي
۽ ھن جي وجود کي سرخ ڪري ڇڏيائين
ھا..... جنگ جو پنھنجو سينگار آھي!
*

* ناديھ خلف: عراق آمريڪا جنگ 15.2003 اپريل بغداد ۾ شھيد ٿي وئي رات جو ھن کي آئينو ڏسندي دريءَ مان ھڪ ميزائل لڳو

گمنام سپاھيءَ جي دل

گمنام سپاھيءَ جي دل

بيابانَ ۾
ڪنھن واريءَ جي دڙي ھيٺان
ھڪ سپاھي سُتل آھي
پَر اُنھيءَ جو ذڪر
ڪنھن بھ ڪتاب ۾ ڪونھي
ھڪ ٿوھر جو وڻ
اُنھيءَ جي سيرانديءَ کان
ڪنھن ڪَتبي وانگر کُتل آھي
جنھن جي ڪنڊن وِچَ ۾
ھڪ ڳاڙھو گُل ٽِڙيل آھي
اِھا
دفن ٿيل سپاھيءَ جي دِل آھي!
*

تو ايترو بھ خيال نھ ڪيو

تو ايترو بھ خيال نھ ڪيو

جنگ!
تون تھ ڏاڍي بدتميز آھين
بنا پڇڻ جي
ڪنھن واچوڙي وانگي
اسان جي پُر سڪون گھر ۾ گھڙي آئينءَ؟
تو ايترو بھ خيال نھ ڪيو
تھ اڄ
منھنجي گُڏيءَ جي شادي آھي
ويچاري گڏي!!
ڇا سوچيندي ھوندي؟
رت ۽ دونھين سان ڀريل ڪوٺيءَ ۾
تون تھ رت ئي پيئڻ ڄاڻين
شاديءَ جا مرڪندڙ گيتَ
توکي ڀلا ڪيئن وڻندا؟
*

بدبودار ٽھڪ

بدبودار ٽھڪ

رستن، گھٽين ۽ گھرن ۾ ھر ھنڌ
ڦاٽل گولين ۽ بمن جا
خالي کوکا پيا آھن
انھن ۾
جن ماڻھن لاءِ
موت سانڍيل ھيو
اُھو
انھن جي زندگين تائين
چڱيءَ طرح پھچي چڪو آھي
جنگ
پنھنجي گندي، مڪروھ جھولَ
لاشن سان ڀري
ڪتن ۽ڳجھن جي ميڙ ۾
بدبودار ٽھڪ ڏئي رھي آھي!
*

خدا نھ ڪري

خدا نھ ڪري

خدا نھ ڪري
خدا نھ ڪري
جو ائٽمي ھٿيارَ
پٽاٽن ۽ ٽماٽن جيان
مستقبل جي دوڪان تي وڪامجن!
*

صھيب جي نالي

صھيب جي نالي

اي منھنجا پُٽ!
اھو تقدير جو الميو آھي
جو تون تڏھن پيدا ٿيو آھين
جڏھن امن جو سھڻو پکي
دنيا جي آکيري منجھان
ڪنھن اڻ ڏٺي پار ڏانھن
اڏامي ويو آھي
دھشت جو ڊريگون
“ ٽون ٽاورز” جي بلند چوٽين منجھان
باھ جا شعلا ڪڍي رھيو آھي
افغانستان جي سرخ زمين ۾
جنگ پنھنجو زھريلو ٻج پوکي رھي آھي
ڌرتيءَ جو خوبصورت چِھرو
بارود جي دونھين ۾ لَٽجي ويو آھي
اي منھنجي اکين جا نُورَ!
شالَ
تون ھاڻ آسمان نِيرو ڏسي سگھين!
*

* صھيب احمد، منھنجو وڏو پٽ، جيڪو “ٽون ٽاورز(آمريڪا)” جي حملي سيپٽمبر 11 2001 کان 40 ڏينھن اڳ ۾ پيدا ٿيو.

اڪيلي عورت جي دل

اڪيلي عورت جي دل

ھيءَ ميڻ بتي پئي دل
يا اُنھي ءَ اَڪيلي عورت جي دل!!
جنگ
جنھن جي محبوب کي
مذھب ۽ حب الوطني ءَ جا ٻولَ ڀَري
پاڻ سان گڏ وٺي وئي
۽ پوءِ اُتي وڃي ھن کي
رت جي ٽچڪندڙ درياھَھ ۾
ڌِڪو ڏئي ڇڏيائين!
*

جنگ جون ڳالھيون پوءِ ڪنداسين

جنگ جون ڳالھيون پوءِ ڪنداسين

اي پياري!
سڀ کان پھريان
تون مون کي
ھڪ بي خوف ڊگھي چمي ڏي
جنگ جون ڳالھيون پوءِ ڪنداسين
جيڪڏھن
جنگ جون ڳالھيون اڳ ۾ ڪيون سين
تھ اسان جون
سڀ چميون زھريلون ٿي وينديون!
*

جِمي ڪوپر جي نالي

جِمي ڪوپر جي نالي

اي جِمي!
جنگ توکي وھيل چيئر تي ويھاري
تنھنجن ئي پيرن سان
موت جي ڀيانڪ وادي ءَ ۾
ڪيئن نھ ڊوڙي رھي آھي
تو اجايو ھن کي پنھنجا پيرَ ڏنا
ھُوءَ توکي ھاڻي
اُھي ڪڏھن بھ موٽائي نھ ڏيندي
ڪُوڙي، دغا باز جنگ
توکان اڳ ۾ بھ
ڪيترن ئي سپاھين جا سھڻا عضوا
اِيئن ڦٻائي چڪي آھي!
*

* جِمي ڪوپر: آمريڪي فوجي، عراق آمريڪا جنگ ۾ جنھن جا ٻئي پيرَ ضايع ٿي ويا.

زال جي نالي

زال جي نالي

اي منھنجي زالَ!
اُنھي ءَ وقت اچڻ کان
پناھھ گُھر
جڏھن
تنھنجي ۽ مُنھنجي وِچَ ۾
جنگ اچي سمھي پوي
۽ اُتي ئي موت ڄڻي!
*

توکانسواءِ گٽار ڏاڍي غمگين آھي

توکانسواءِ گٽار ڏاڍي غمگين آھي

مون کي ڪھڙي خبر؟
منھنجا ٻچا!
تھ مان توي
جنگ لاءِ جنم ڏئي رھي آھيان
جنگ.......!
جيڪا منھنجي مقدر جو زخم آھي
پيارا جوزف!
توکانسواءِ
گِٽار ڏاڍي غمگين آھي
ھاءِ افسوس!
بي رحم جنگ
اُنھن سنھڙين، سھڻين آڱرين کي
پنھنجي ءَ باھھ ۾ ساڙي ڇڏيو
جن جي ڇُھڻ سان
بي جانِ تارُن منجھان
ساھَھ وار سُرَ ڦُٽندا ھيا
مان نٿي چاڻان تھ
پٿر دل جنگ
توکي ڪھڙي طريقي سان ماريو؟
پر مان اھو ڄاڻي بھ ڇا ڪندس؟
ڇو تھ
جنگ جي مارڻ جا سڀ طريقا
بڇڙا ڀيانڪ ۽ بي رحم ئي ھوندا آھن.
*

تون جلد ئي اُنَ جي ڄَرَ کي محسوس ڪندينءَ

تون جلد ئي اُنَ جي ڄَرَ کي محسوس ڪندينءَ

اي سھڻي جھرڪي!
ڇا تون اِھو ڄاڻين ٿي؟
تھ زمين تي
جنگ شروع ٿي چڪي آھي
تون ھر شي ءِ کان بيپرواھھ
وڻ جي لام تي ويھي
صبح جو نغمو ڳائي رھي آھين
تون جلد ئي
ان جي ڄَرَ کي محسوس ڪندينءَ
جنگ کي
تنھنجي آکيري تائين پھچڻ ۾
ڀلا دير ئي ڪيتري لڳندي؟
*

FIRE I

FIRE I

جنگ
ڀلي پنھنجا ھٿ مٿي ڪري بيھي
تڏھن بھ
انھي ءَ کي گولي ھڻڻ گھرجي
*

اَلميو (1)

اَلميو (1)

ھُنَ
بند ڪمري ۾ روشني ءَ لاءِ
روشندان کوليو
پر اُنھي ءَ مان
روشني ءَ بدران
جنگ اندر ھلي آئي
وحشت، دونھون ۽ موت کڻي!
*

نئين دور جو انسان

نئين دور جو انسان

مان
نئين دور جو انسانُ آھيان
مان
ڪروز ۽ اسڪڊ ميزائلن
ڊيزي ڪٽر، نيپام، ھائڊروجن ۽ ايٽمي بمن
چئليجر ۽ ھاوي ٽئنڪن
ڊِرون، ڪوبرا ۽ بليڪ ھاڪ ھيلي ڪاپٽرن
جي وچ ۾
ساھَھ کڻي رھيو آھيان
اُف! ڪيترو نھ تڪليف دھ آھي
انھن آفتن جي ھوندي جيئڻ!
مان نئين دور جو انسان آھيان
خوف منھنجو مقدر
۽ وحشت منھنجي زندگي آھي
مستقبل
اھڙي وڻ جو نالو آھي
جنھن ۾
ڪوئي بھ پَنُ سائو ڪونھي!
*

اُھو ڏينھن اَڃان گھڻو پري آھي؟

اُھو ڏينھن اَڃان گھڻو پري آھي؟

اي منھنجي پياري!
تنھنجن ۽ منھنجن چپن جي وچ ۾
بندوق بيٺي آھي
تنھنجي ۽ منھنجي سِيني جي درميان
ميزائل پيا ڦِرن
اسان ٻنھي جو ڀاڪر
ڊائنامائيٽ اغوا ڪري ويا آھن
اسان ٻنھي جون سرگوشيون
جنگي جھازن جي شورَ ۾
وڃائجي ويون آھن
تون مون کان ڌارَ
اڪيلائي ءَ جي آوي ءَ ۾ پئي پچين
۽ مان توکان الڳ
گندرف جي بدبوءِ ۾ ٿو وھنجان
ڪُرندڙ دونھين ۾ٿو ڦٿڪان
اُھو ڏينھن اڃان گھڻو پري آھي؟
جڏهن
تنهنجن ۽ منهنجن چپن جي وچ ۾ مان
بندوق هَٽِي ويندي
ڪوئي ميزائل
اسان ٻنهي جي سينن کي.
پاڻ ۾ ملڻ کان نه روڪيندو
اسان جو ڀاڪر
اسان کي موٽي ملندو
۽ ڪوبه جنگي جهاز
اسان جي سرگوشين جي سرحدن ۾
گهڙي نه ايندو
تون ميلاپَ جي ڇانو ۾ وهنجندين ءَ
۽مان
تنهنجي وجود جي خوشبو ءِ ۾ مهڪندس.
*

* جنگ جي محاذ تان هڪ سپاهي ءَ جا زال ڏانهن لکيل 22 خط.

جنازو

جنازو

جنگ ھلي رھي آھي
ڌماڪن جا آواز پيا اچن
رات
ڪاري ءَ نانگڻ جيان
ڦوڪون پئي ڏي
ٻوٽيلَ دري ءَ جي جِھيرَ مان
چنڊ ايئن پيو نظر اچي
ڄڻ
ستارن جي ڪلھن تي
ڪوئي جنازو رکيل آھي!
*

زندگي ويچاري ته لِڪندي ٿي وتي

زندگي ويچاري ته لِڪندي ٿي وتي

اي امن جي صبح جهڙي دلربا!
شَلَ!
ڪنهن به ماڻهوءَ جي ڏينهن جو افتتاح
گولي ءَ جي آواز سان نه ٿئي
اهو صبح ڀلا ڪهڙو سهڻو هوندو
جيڪو رت سان پنهنجو منهن ڌوئي؟
جنگ جي دلچسپي
فقط موت سان آهي
زندگي ويچاري ته ِڪندي ٿي وَتي
سائنس جي ترقي
پکين ۽ پوپٽن لاءِ عذاب آهي
گلن ُڻن لاءِ مصيبتَ
جنگ
هڪ ڪيفيت آهي
جيڪا
ڪڏهن به
ڪٿي به
ڪنهن تي به
طاري ٿي سگهي
پر
سڀ کان وڌيڪ تباهي
تڏهن ٿي ٿئي
جڏهن اُها
ڪنهن طاقتور ملڪ جي
ڪنهن پاڳل حڪمران جي
دماغ ۾ جنم وٺي ٿي
ڇا انهي ءَ کي چئبو آهي زندگي؟
ناشتي ۾ رتُ
لنچ ۾ رت
ڊنر۾ رت!
ڇا انسانَ ۾
ڪا فطري درندگي لڪيل آهي؟
ڪا ازلي وحشت
ڪا بنيادي بي رحمي
منهنجي جواني ءَ کي
جنگ کائي رهي آهي
۽ مون کي وري
اِهو غم کائي رهيو آهي
ته توسان ميلاپ به ٿيندو الائي نه!
دعا گهرجانء
ته جنگ جا ڏينهن جلد پورا ٿين
۽مان هٿيار اڇلائي
توکي پنهنجن ٻانهن ۾ آڻيان!
*

آخر جنگ جي زبانَ ڪڏهن وڍبي؟

آخر جنگ جي زبانَ ڪڏهن وڍبي؟

اي امن جي مرڪ جهڙي!
جنگ
خوف جو خيمو آهي
جنهن ۾
زندگي پريشان گذاري ٿي
چار ئي طرف
زمين ۽ آسمان پڻ
شڪ ۽ ڊپ جي چادر ويڙهيل آهن
موتُ
آزاد گهمي رهيو آهي
۽ مان
تنهنجي ءَ ياد جو قيدي
تنهنجي پيار کي سنڀاريان پيو
جنگ
ڪهڙي مهل به
مونکي ڳيتَ ڏئي سگهي ٿي
تنهنجي جسم جي خوشبوءِ
منهنجي مورچي ۾ گهڙي ٿي اچي
ته مان
رنگ برنگي پوپٽن جي گهيري ۾
اچي ٿو وڃان
جنگ کي ڪهڙي خبر؟
ته تنهنجي چپن ۾
ڪهڙي چاشني آهي؟
تنهنجي ڳلن ۾
ڪهڙي ميوي جو رَسُ ڀريل آهي؟
۽ تنهنجو بدن
ڪهڙن ڌاتن جي ميلاپ ج نتيجو آ؟
انسانَ جي ترقي
ڇا هڏن جي ڍيرَ تي اچي ختم ٿيندي؟
آخر جنگ جي زبانَ ڪڏهن وڍبي؟
جيئن هُو ءَ
ڪنهن به اختلاف جا
ڪَنَ ڀري نه سگهي!
*

تنهنجي ءَ ياد جي ٽيبل تي

تنهنجي ءَ ياد جي ٽيبل تي

اي منهنجي من جي راڻي!
جنگ
اسان جي جسمن کي ڇڳو آهي
روحن کي نَه
جڏهن محاذ تي
توپو ن ۽ بندوقون
سهڪار ٿيون لڳن
ته مان
تنهنجي ءَ ياد جي باغ ڏانهن
ڊوڙ پايان ٿو
تنهنجو دلڪش چهرو
گلاب جي گل جيان
منهنجي خيال ۾ ٽڙي ٿو پوي
تنهنجي مرڪ جي مهڪندڙ وَلِ
پنهنجي پُر خمار ڀاڪر ۾
مون کي وڪوڙي ٿي وڃي
تنهنجين چمين جو شفاف چشمو
منهنجي وجود تان
جنگ جي سموري ڪارنهن
لاهي ٿو ڇڏي
مان توسان
صبح جي هوا!
۽ سمنڊ جي ڇولي ءَ وانگي
پيار ڪرڻ ٿو لڳان
پر اوچتو ئي اوچتو
ڪوئي بي سڪون بي رحم هٿيار
بکايل بگهڙ وانگي
دانهن ٿو ڪري
ته تنهنجي ءَ ياد جي
خوشبودار باغ ۾
زهريلو دونهون ڀرجڻ ٿو لڳي
۽ مان اُنهي ءَ مان گهٻرائجي
ٻاهر نڪري ٿو اچان
سنگ دل جنگ
تنهنجي حسين قربت جون
ٻه گهڙيون به
تصوي ۾ ڪين ٿي سهي
ڪا خبر ڪونهي
ته مان توسان گڏ ٻهر ڪڏهن
ڪافي به پي سگهندس الائي نه؟
يا ڪنهن خالي ڪوپ وانگي
تنهنجي ءَ ياد جي ٽيبل تي
سدائين رکيل رهندس!
*

هيڊي وڇونءَ جيان ڏنگيندڙ خوف

هيڊي وڇونءَ جيان ڏنگيندڙ خوف

پياري مريم!
مان تنهنجو خوبصورت چهرو
خواب ۾ به ڏسي ڪين ٿو سگهان
بدشڪل جنگ
اُنهي ءَ ۾ به اندر گهڙي ٿي اچي
۽ رت جون اُلٽيون ڪرڻ ٿي لڳي
خواب جي آئيني مٿان
هڪ ڳاڙهو تهه چڙهي ٿو وڃي
منهنجي جانِ!
شالَ!
جنگ ڪڏهن به
تنهنجي سپنن جي
سهڻي محل جو
رستو ڳولي نه سگهي
لاشن جي بيابان ۾ ئي
سدائين ڀٽڪندي رهي
پر هڪڙو خوف
هر وقت منهجي هانوَ کي
ڪنهن هيڊي وڇون ءَ وانگي
ڏنگيندو ٿو رهي
ته هُو ءَ
تنهنجي ءَ جاڳَ جي
گهر ڏانهن ويندڙ
سنهڙي گهٽي ءَ کان
چڱي ءَ طرح واقف آهي!
*

هي ڪهڙو چنڊ آهي؟

هي ڪهڙو چنڊ آهي؟

اي منهنجي مِٺي!
چوڏهين ءَ جو چنڊ
آسمان تي هاڻي
منهنجي مورچي مٿان اچي بيٺو آهي
مان انهي ءَ ڏانهن چتائي ٿو ڏسان
مونکي يقين ئي نٿو اچي
ته هي ساڳيو چنڊ آهي
جيڪو سمنڊ ڪناري
هَني مون ملهائڻ مهل
اسان جي مدهوش جسمن مٿان
چمڪندو رهيو هو
جنهن جي هر ڪرڻي ۾
محبتن جو خمار ڀريل هو
جنهن اسان سان گڏ
ٻه ٽي راتيون
مرڪندي گذاريون هيون
هي ڪهڙو چنڊ آهي؟
جنهن جو منهن
يرقان جي مريض جهڙو ٿو لڳي
جنگ
فطرت جي سونهن کي
ڪيترو نه بدشڪل بڻائي ٿي ڇڏي
جڏهن چوڌاري
لاش ئي لاش پکڙيل هجن
ته پوءِ
ڪائنات جو حُسن
دل ۾
ڪيئن ٿو محسوس ڪري سگهجي؟
*

زندگي رڳو رت ۽ باهه ته ناهي

زندگي رڳو رت ۽ باهه ته ناهي

اي منهنجي روح جي آرزو!
جنگ جي ميدان مان
تو ڏانهن خط لکڻ
ڄڻ ته زندگي ءَ ڏانهن موٽ کائڻ آهي
تنهنجي خيال
منهنجي وجود مان
سڀني وحشتن کي ٻاهر ٿو ڪڍي
۽ منهنجي گُهٽيل ساهه کي
رت ۽ بارود جي بدبوءِ کان
صاف ٿو ڪري
زندگي
رڳو رت ۽ باهه ته ناهي!
مان ته توسان
اُهي ڳالهيون ڪرڻ ٿو چاهيان
جيڪي جنگ ٻڌڻ نٿي چاهي
جنگ کي ڀلا ڪيئن وڻنديون؟
گلن، پوپٽن ۽ پکين جون ڳالهيون
موسمن، هوائن ۽ بارشن جون ڳالهيون
چنڊ، ستارن ۽ ڪهڪشائن جون ڳالهيون
ندين، چشمن ۽ آبشارن جون ڳالهيون.
دل لڳي ءَ، دلبري ءَ ۽ دوستي ءَ جون ڳالهيون
زندگي ءَ جون ڳالهيون
جنگ کي ته
موت جا قصا پسند آهن
هُو ءَ فقط
اهڙي داستان جي درياهه ۾
وهنجڻ ٿي چاهي
جنهن ۾ رت جو لهرون رقص ڪنديون هجن
۽ لاشن جون ٻيريون ترنديون هجن
مون وٽ لفظ ٿورا
۽ گولين گهڻيون آهن
شل! سڀ گوليون ختم ٿي وڃن
۽ لفظ ئي باقي بچن
پيارَ، امن ۽ انسانيت جا.
*

گولين جي گفتگو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي

گولين جي گفتگو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي

اي ناسڙي اکين واري!
ڪجهه ڏينهنِ کان وٺي
منهنجي دل
ڏاڍي بي چين آهي
مون کي هر هر
اُها بي وس عورت
ياد ٿي اچي پئي
جنهن کي
منهنجا بد مست ساٿي
قبضي ۾ آيل شهر جي
هڪ لُٽيل دوڪان تان
سج بيٺي ئي
سستن سگريٽن جي ڪجهه پاڪيٽن سان گڏ
زبردستي ءَ کڻي آيا هئا
۽ پوءِ اُهي ساري رات
هن کي
هڪ سگريٽ وانگي ئي ڇڪيندا رهيا
گولين ۽ توبن جي شور ۾
هن جون دانهون دفن ٿي ويون
صبح جو سج
هن جي رَکَ مان اڀريو
مورچن ۾ گذاري گذاري
ماڻهو به بلڪل
درندو بڻجي وڃي ٿو
۽ جنگ
قانون جي ڪِلي ۾ ٻڌل
درندگي ءَ کي پڻ
ڇوڙي ٿي ڇڏي
اِنهي ءَ واقعي کانپوءِ
مان سمهي نه سگهيو آهيان
مسلسل جاڳي رهيو آهيان
انسان جي تذليل جو اختتام
آخر ڪڏهن ٿيندو؟
ماڻهوءَ جي من ۾
ماڻهپي جي مشعل ڪڏهن ٻرندي؟
۽ هي جنگين جو جنڊ ڪڏهن بيهندو؟
گولين جي گفتگو
هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي
هن گهايل دنيا کي
امن جي مٺڙي گيت جي گهرج آهي.

ڪوئي به تمغو، ساهه جي قيمت ۾ تمام سستو آهي

ڪوئي به تمغو، ساهه جي قيمت ۾ تمام سستو آهي

اي منهنجي زندگي ءَ جي سونهن!
روزانو ڪيتريون ئي گوليون
ابابيلن جيان
منهنجي پاسي مان
گذري ٿيون وڃن
خدا ڄاڻي
ڪهڙي مهل
ڪا بي لِحاظ گولي
اوچتو مونڏانهن مُڙي پوي
۽ مان
توسان ملڻ جي اُڃ
اندر ۾ ئي کڻي
رت جي درياهه ۾ ٻُڏي وڃان
جنگ اسان سڀني کي
استعمال ٿي ڪري
۽ پوءِ ماري ٿي ڇڏي
لاش مٿان
ڪهڙو به قومي ترانو وڄايو وڃي
اُنهي ءَ تي ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي
تابوت کي
وطن جي جهنڊي ويڙهڻ سان
جان جي تلافي
ڪونه ٿي، ٿي سگهي
ڪوئي به تمغو
ساهه جي قيمت ۾
تمام سستو آهي
مون کي ايئن ٿو لڳي
ته ڄڻ اسان سڀ
رڳو پنهنجي پنهنجي موت کي
حاصل ڪرڻ لاءِ
وڙهي رهيا آهيون
جنگ
زندگي ءَ جي هر علامت کي
مِٽائي ٿي ڇڏي!
*

خوفَ، وحشتَ ۽ بي يقيني ءَ جا ٿوهر

خوفَ، وحشتَ ۽ بي يقيني ءَ جا ٿوهر

اي شامَ جي ڳاڙهاڻ جهڙي!
موت جي آئيني ۾ منهن ڏسڻ
ڪيترو نه ڀوائتو آهي
جڏهن رات جو آسمانَ ۾
ڪنهن سِتاري جي لاٽَ تي
نظر ٿي پوي
ته ڄڻ پنهنجي مٿان
ٽئنڪ جي گولي ڪرڻ جو گُمان ٿو ٿئي
۽ غير شعوري طورَ
پاڻ بچائڻ خاطر
مان مورچي جي اوٽَ ٿو وٺان
ڪوئي ٽاهيل پکي
اوچتو مٿان ٿو گذري
ته ڇِرڪ ئي نڪري ٿو وڃي
ته الائي اِهو
ميزائل ته ناهي
زمين تي پيَل ننڍڙا پٿر
پِنَ نڪتلَ
هينڊ گرنيڊ وانگي ٿا لڳن
پيرن ۾
ڪنهن سُڪل، سڙيل وڻ جي
ڪائي لامَ
يا پاڙَ ٿي وچڙي
ته هان ءُ کسجي ٿو وڃي
ته اِها
بارودي سرنگهه جي
ڪا تارَ ته ناهي
جنگ
احساس جا سڀ زاويا
بدلائي ٿي ڇڏي
۽ دل جي ڌرتي ءَ تي
خوف، وحشت ۽ بي يقيني ءَ جا
بي شمار ٿوهر ٿي پوکي!
*

چمين ۾ بارود جي بدبوءِ

چمين ۾ بارود جي بدبوءِ

اي منهنجي هم نشين !
ڪجهه ڏينهن کان
مان محسوس ٿو ڪريان
ته جنگ
منهنجي لئي ڪٿي
ڪو تابوت ٺاهي رهي آهي
مان پنهنجي ءَ دل ۾
ڪوڪن جي ٺوڪڻ جو
کڙڪو ٿو ٻُڌان
انهي ءَ کان اڳ ۾
جو سڙيل سرد ٿي ويل
چانهه جي ڇاڻي ءَ جهڙو منهنجو جسم
تنهنجن حسين هٿن ۾ پهچي
دل ٿي چوي
ته مان
هوا جي هٿين
بي شمار چميون توڏانهن اُماڻيان
پر
منجهن چمين ۾ ته
بارود جي بدبوءِ آهي
۽ توکي ته
ماچيس جي تيلي ءَ ٻارڻ جي
بُوءِ به ناهي وڻندي
مان نٿو ڄاڻان ته
اسان فتح جي ويجهو چڪا آهيون
يا شڪست جي
پر جنگ جي ته فتح ئي فتح آهي
هن کي صرف لاش گهرجن
کڻي اُهي ڪهڙي به پاسي کان ڪِرن
مُڙدن ڪاڻ تمغا جامَ
تون پنهنجي ڪمري جي پڻ
ڪا ديوار چونڊي ڇڏِ
*

هُن کي ضرور ٻڌائجانءِ

هُن کي ضرور ٻڌائجانءِ

اي مٺن چپن واري!
جنگ کي ڪهڙو احساسُ؟
ته مان پويان
هڪ پيار ڪندڙ گهر واري
۽ هڪ خوبصورت
چَئن سالن جو پٽ ڇڏي آيو آهيان
هُوءَ زندگي ءَ جي رشتن مان ڇا ڄاڻي؟
هن جو ته بس!
موت سان ئي واسطو آهي
مون کي جڏهن تنهنجي
۽ آدم جي
ياد ٿي اچي
ته ڄڻ ڪا ٻرندڙ گولي
بُلٽ پروف جيڪٽ کي ڦاڙي
منهنجي غمگين دل سان
گذري ٿي وڃي
۽ منهنجون اکيون
ڳوڙهن سان ڀرجي ٿيون وڃن
مون کي ٻڌاءِ ته
ڇا آدم اسڪول ويندو آهي؟
هُو پڙهڻ ۾ ڪيئن آهي؟
هن کي
ڪهڙين شين سان دلچسپي آهي؟
ڇا هن توکان ڪڏهن
جنگ بابت ڪو سوال ڪيو آهي؟
هن کي ضرور ٻڌائجان ءِ
ته جنگ
اهڙي باهه آهي
جيڪا
انسانيت جي مهڪندڙ سهڻي چمن کي
ساڙي رَک ڪري ٿي ڇڏي!
*

ڏائڻ سُتل چڱي آهي

ڏائڻ سُتل چڱي آهي

اي منهنجي دلربا!
ڪلهه شامَ کا وٺي
محاذ تي خاموشي ڇانيل آهي
مون هڪ گولي به نه هلائي آهي
منهنجي ءَ دل کي
عجيب خوشي ٿي رهي آهي
گولي ءَ نه هلائڻ جو احساس به
ڪيترو نه فرحت ڏيندڙ آهي
رائيفل
منهنجي پاسي ۾
ڪنهن ڏائڻ وانگي ستل آهي
خدا ڪري ته
ڪڏهن به
اِنهي ءَ نڀاڳي ءَ جي اکِ نه کُلي
۽ هن جي خوني خواب کي
ڪا تعبير نه مِلي
اي پياري!
اڄ باک ڦٽيءَ مهل
مون هڪڙو سهڻو، رنگ برنگي پکي ڏٺو
جيڪو
هڪ سڪل وڻ جي ڏار تي ويٺو هو
هن جي مٺڙي ٻوليءَ
ڄڻ ڪنهن ڇوليءَ وانگي
منهنجي گدلي، بدبودار وجود کي
ڌوئي ڇڏيو
فطرتَ
ڪيتري نه سهڻي ۽ ڪيتري نه سهڻي ۽
ڪيتري نه دل کي وڻندڙ آهي
جنگ
سونهن جي قاتل
۽ فطرت جي دشمن آهي!
*

جنگ جا جوازَ مَٽبا رهندا

جنگ جا جوازَ مَٽبا رهندا

اي چيريءَ جي گُلَ جهڙي!
مان جڏهن محاذ تي
پاڻيءَ جو ڍُڪ ٿو ڀريان
ته ڄڻ
رات رت سان ڀرجي ٿو وڃي
برگر يا بسڪوٽ ٿو کاوان
ته ماڻهوءَ جي سڙيل ماس جي
بدبوءِ ٿي اچي
جنگ
روح ۽ دل جي مٿان
هڪ عذاب آهي
ملڪن جون سرحدون
هن ڌرتيءَ تي
سدائين هڪ جهڙيون نه رهنديون
جنگ جا جوازَ مَٽبا رهندا
مگر موت ساڳيو ئي رهندو
گذريل رات ريڊيو تان ٻڌم
ته پهريئن عالمي جنگ ۾
حصو وٺندڙ
آخري جرمن فوجي به
عدمَ ڏانهن روانو ٿي ويو
اِرڪ ڪيستنر
جيڪڏهن
مان به هِن جنگ مان بچي ويس
ته نيٺ هڪ ڏينهن
اِرڪ ڪيستنر وانگي ئي مري ويندس
ياد جي جهنم ۾
جلندي جلندي
پر
هيءَ جنگ ڪڏهن مرندي؟
هِن وحشت ۽ نفرت جي
پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي؟
*

گوليءَ لڳل ٻانهن سان خط ڪيئن ٿو لکي سگهجي؟

گوليءَ لڳل ٻانهن سان خط ڪيئن ٿو لکي سگهجي؟
.
اي ساهه کان پياري!
ڪجهه عرصي کان
مان تو ڏانهن
خط لکي نه سگهيو آهيان
ڀلا گوليءَ لڳل ٻانهن سان
خط ڪيئن ٿو لکي سگهجي؟
پر تون پريشان نه ٿجانءِ
زخم هاڻي مِڙي چڪو آهي
ڇا جنگ به
فطرت جي ڇاتيءَ هڪ زخم ناهي؟
اُهو آخر ڪڏهن ڇٽندو؟
ڇا اِنهيءَ زخم جي دوا
هِن دنيا ۾
ڪوئي به تلاش نه ڪندو!؟
جيڪڏهن
اِها گولي
ٻانهن جي بدران
مون کي دل ۾ لڳي مان
ته مان يقينا
تو وٽ تابوت ۾ بند ٿي اچان مان
گوليءَ کي ڀلا ڪهڙي خبر؟
ته انهيءَ دل ۾
تولئي ڪيترو پيار ڀريل آهي
۽ ڪيتري سِڪ سانڍيل آهي
ڪهڙا ڪهڙا خواب سجايل آهن؟
۽ ڪهڙين ڪهڙين
آرزوئن جا گل ٽڙيل آهن؟
خدا ڪري ته
جنگ کي به ڪا گولي لڳي
ساهه جي رڳ ۾
۽ آس پاس
ڪوئي به
اُنهيءَ جو علاج ڪرڻ وارو نه هجي
مَرُ ته اِها ڦٿڪي ڦٿڪي مري!
*

ٽهڪڙن جون بند ڳڙکيون

ٽهڪڙن جون بند ڳڙکيون
.
اي نيرڙي نَديءَ جهڙي!
دل ٿي چوي ته
هن ئي گهڙي
مان تو ڏانهن اڏامي اچان
پر
جنگ منهنجي خواهش جي پکيءَ جا
پَرَ پَٽي ڇڏيا آهن
اِلاهي ڏينهن ٿي ويا هِن
جو مان کِليو ئي ناهيان
جنگ
اُهي ڳڙکيون ئي بند ڪري ٿي ڇڏي
جن مان
زندگيءَ جي گهر ۾
ٽهڪڙا ٽپي ٿا اچن
اسان جي جٿي ۾
هڪ اهڙو نوجوان به شامل هيو
جنهن کي ڳالهه ڳالهه تي
ٽهڪ ڏيڻ جي عادت هئي
محاذ تي جهڙپ دوران
سڀ کان پهرئين گولي
اُنهيءَ کي ئي لڳي
۽ اُها به کيس نِڙيءَ ۾!
جنگ
زندگيءَ جي هر سٺائيءَ جي دشمن آهي
متان! تون مونڏانهن
خط جي جواب ۾
ڪوئي ٽهڪ اُماڻين
هتي ته هر پاسي
باهه، رت، وحشت، خوف ۽
بدبوءِ آهي
تنهنجو سهڻو
رابيل جي نئين ٽڙيل مُکڙيءَ جهڙو
خوشبودار ٽهڪ
ايترن سڀني عذابن جي وچ ۾
ساهه ڪيئن کڻي سگهندو؟
هڪڙي ئي پَل ۾
مرجهائجي نه مري ويندو
محبوبن ڏانهن اُماڻيلَ
ڪيتريون ئي بي قرار چميون
اُڃايل چپن تائين
پهچڻ کان پهريائين
محاذن تي سڙي خاڪ ٿي ويون
ڏِسُ!
متان تون مايوس ٿئين
۽ پاڻ کي
سَرءُ جو وڻ بڻائي ڇڏين!
*

تو تڪڙ نه ڪجانءِ!

تو تڪڙ نه ڪجانءِ!

اي جان من!
مون کي تنهنجي ڪيتري نه ياد ٿي اچي
رائفل جڪڙيل هٿَ
از خود ڍرا ٿا ٿي وڃن
دل ٿي چوي ته
اکيون ٻُوٽي
توکي تصور ۾ آڻيان
پر مان ايئن به نٿو ڪري سگهان
ڦوڪڻي ڦاٽڻ تي به
تون ڪيڏو نه ڇرڪ ڀريندي آهين
هتي ته بَم ٿا پيا ڦاٽن
ننڊ ۾ به
۽ جاڳ ۾ به
جنگ ته
ڪٿي به وڃي سگهي ٿي
مون کي خوف ٿو ٿئي
ته متان اُها
منهنجي تصور ۾ نه ٽپي اچي
جنگ کي
اکيون ته آهن ڪونه
جو هوءَ دشمن ڏسي يا دوست
خبر ناهي ته
اِنهيءَ انڌي ءَ جي قيد مان
انسان ذات جا خواب
آزادي ڪڏهن ماڻيندا؟
هاڻي هاڻي
هڪ گولي
منهنجيءَ سوچ جي اَکِ وٽان
تڪڙ ۾ گذري وئي
اُنهيءَ جي جسم ۾
ڪيتري نه ڌپ هئي
۽ اها ڪيتري نه اُڃايل
مان پنهنجي هڪ چُمي
خشڪ، اُڊڙل رتورت چپن سان
تولاءِ
چنڊ جي جهول ۾ وجهان ٿو
تون جڏهن
ڪنهن اداس، بيقرار ڪندڙ رات جو
اُها چُمي
چنڊ جي جهول مان ٻاهر ڪڍين
ته تڪڙ نه ڪجانءِ
پنهنجو سرخ، سنهڙن چپن تي
رکڻ کان اڳ ۾
اڪيلائي جي لڙڪن سان
اُنهيءَ کي خوب ڌوئجانءِ
۽ اُنَ منجهان
جنگ جون سڀ وحشتون نپوڙجانءِ!
*

بي رنگ بڻجي ويل زندگي

اي منهنجي محبوبا!
جنگ جي ڪاري خيمي ۾
مسلسل گذاريندي
مون کان
تنهنجن اکين جو رنگ وسري چڪو آهي
مون کي ياد ئي ناهي رهيو
ته تنهنجن ڊگهن وارَن جو
ڪهڙو رنگ آهي؟
مون کي ٻڌاءِ ته
گهر جي آڳر ۾ بيٺل وڻ ۾
ڪهڙي رنگ جا گل ٽڙندا آهن؟
۽ تنهنجي مٿان
ڪهڙي رنگ جو آسمانُ آهي؟
شايد!
منهنجو اهو پڇڻ
توکي عجيب محسوس ٿئي
پر اهو سچ آهي پياري!
مان
زندگيءَ جا رنگَ ياد ڪرڻ ٿو چاهيان
ڇاڪاڻ جو
هتي منهنجي چوڌاري
هر شيءِ
موت جي رنگ ۾ رڱيل آهي!

ساهه ته دونهاٽيل ۽ ڪاراٽيل ئي هوندو

ساهه ته دونهاٽيل ۽ ڪاراٽيل ئي هوندو

اي منهنجي خوبصورت پَرِي!
گذريل رات
هڪ تيز رفتار ٽئنڪ
گڙ گڙ ڪندي
منهنجي خواب ۾ گهڙي آئي
۽ منهنجي سِيني مٿان هلڻ لڳي
منهنجا هَڏَ ٽڙڪاٽ ڪرڻ لڳا
هڪدم منهنجي اک
خوف مان کُلي وئي
جنگ فقط
جاڳَ جو ئي جسم نٿي چيري ڦاڙي
پر اُها
ننڊ جي چهري کي پڻ
پنهنجن تِکن نَهن سان
رانڀوٽا پائي
رتورت ڪري ٿي ڇڏي
مان نٿو ڄاڻان ته
سڙيل،ڪاراٽيل پنهنجون آڱريون
تنهنجن سونهري ڊگهن وارن ۾
ڪڏهن ڦيرائي به سگهندس الائي نه؟
يا مان توڏانهن موٽي نه سگهندس
۽ گمنام هڏن جي وير ۾
گم ٿي ويندس
جنگ
موت جو سمنڊ آهي
۽ سپاهي
انهن ڦاٽل بادباني ٻيڙين وانگي
جن جا ونجهه ٽٽي چڪا هجن
هڪ چُمي
پاڻيءَ جي چلڪڻي ڦوٽي جيان
منهنجي چپن تي اچي بيٺي آهي
مان انهيءَ کان
تنهنجي چمڪندڙ چهري جي
صاف، شفاف تلاوَ ۾
چپ چاپ لاهي ڇڏڻ ٿو چاهيان
جنگ وڙهي موٽندڙ
ڪنهن به سپاهيءَ جا عضوا
سدائين کٽل ئي هجن ٿا
پر جيڪڏهن
عضوا کڻي پورا به هجن
ساهه ته پوءِ به
دونهاٽيل ۽ ڪاراٽيل ئي هوندو
*

جملن جا ڀاڪر، لفظن جون چميون

جملن جا ڀاڪر، لفظن جون چميون

اي منهنجي جانِ!
اچ اِلاهي ڏينهن کان پوءِ
مان توڏانهن خط لکي رهيو آهيان
جنگ
ايتري فرصت ئي ڪونه ٿي ڏئي
جو مان توڏانهن خط لکي رهيو آهيان
جنگ
ايتري فرصت ئي ڪونه ٿي ڏئي
جو مان تو ڏانهن خط لِکان
بدبودار دونهين جي خيمي مان
ٻاهر نڪران
۽ تنهنجيءَ ياد جي واديءَ ۾ ساهه کڻان
ڇا منهنجي جوانيءَ جا ڏينهن
جنگ جي جهنم ۾ ئي
جلندي پچندي گذري ويندا؟
تنهنجون اکيون ته نيرڙيون ئي رهنديون
منهنجي زندگي ڦِٽي ويندي
جنگ
بگهڙ جي اُڃ آهي
عقاب جي بُکَ......!
اسان سڀني کي
جنگ خريد ڪري ورتو آهي
ملڪ ۽ مذهب جي
سونن سِڪن جي بدلي ۾
مان به توسان هروڀرو
جنگ جون ڳالهيون پيو ڪريان
جنگ کي ڇَڏِ
ته مَرُ پئي اُها هڏا چٻاڙي
آءُ ته دل لڳيءَ جون ڳالهيون ڪريون
جڏهن تون ۽ مان
پهريون ڀيرو پا ۾ مليا هئاسين
ته آسمان هڪدم
ڪيئن نه گلابي ٿي ويو هو
۽ اسان ٻئي هڪ ٻئي مٿان
اييئن جهڪي پيا هئاسين
جيئن سائبيريا جا پکي
گرم پاڻيءَ جي ڍنڍن تي
اُمالڪ لهي پوندا آهن
اُنهيءَ ڇُهاوَ جو شراب
اڄ به مون کي
مخمور ڪري ٿو ڇڏي
هٺيلي چمڪندڙ چڳَ
تنهنجي چهري تي
هر هر ڦِري ته ايندي هوندي
منهنجيءَ ياد وانگي
توسان گذاريل لمحا
مان ايئن جلدي ياد ٿو ڪريان
جيئن ڪو بکايل مسافر
کاڌي جي دسترخوان تي
حرص ڪري
منهنجي زبان جي چوٽيءَ تي
جدائيءَ جو لوڻ ڄمي ويو آهي
خَطُ
منهنجيءَ عمر کان به وڃي ٿو ڊگهو ٿيندو
شڪي مزاج جنگ
هر هر مورچي ۾ ليئا ٿي پائي
هُوءَ ڀلا ڪيئن سمهندي؟
جملن جا ڀاڪر
۽ لفظن جون چميون
شال!
اهو ڏينهن جلدي جلدي اچي.
امن جون پنکڙيون کُلن
۽ پيار جي خوشبوءِ
سڄي ڪائنات ۾ڦهلجي وڃي
*

ڇا تون ۽ مان مقدس ناهيون؟

ڇا تون ۽ مان مقدس ناهيون؟

اي منهنجي زندگيءَ جي چانڊوڪي!
رات جو پهر آهي
۽ مان
مورچي ۾ سوچي رهيو آهيان
ته ڇا ڇا نه مقدس آهي؟
وطن مقدس آهي
قوم مقدس آهي
مذهب مقدس آهي
قانون مقدس آهي
سرحدون مقدس آهن
اُف!
مقدس، مقدس ۽ مقدس !
سڀ مقدس
ڇا تون ۽ مان مقدس ناهيون؟
اسان جا خواب مقدس ناهن؟
۽ اسان جي زندگي
ڇا اُها مقدس ناهي؟
ڇا ماڻهو مقدس ناهي؟
آخر ڪا به شيءِ
ڪيئن ٿي مقدس ٿئي؟
۽ اُنهيءَ جو تعينُ ڪير ٿو ڪري؟
جن وٽ حڪومت جون واڳون آهن
جن کي مذهب جو پهراڻ پاتل آهي
جن وٽ طاقت آهي
جن وٽ ڀڙڪائيندڙ لفظ
جوشيلا اصطلاح ۽
من موهيندڙ خواب آهن
جيڪڏهن هاڻي هن وقت
ڪو ميزائيل ڪوئي بَمُ يا ڪوئي ٽئنڪ جو گولو
منهنجي مورچي مٿان اچي ڪِري
۽ مان
ٻُوٽيون ٻوُٽيون ٿي وڃان
ته ڇا
منهنجو موت به مقدس ٿي ويندو؟
۽ تنهنجي هيکلائي
ڇا اُها به مقدس ٿيندي؟
۽ تنهنجا ڳوڙها به مقدس بڻبا؟
جنگ
هڪ راند آهي
جيڪا
مقدس ڳوٽن سان کيڏي وڃي ٿي!

جنگ موت جو ٽهڪ آهي

جنگ موت جو ٽهڪ آهي

اي منهنجا پيارا!
مان هي خط توڏانهن
مورچي جي قبر مان لکي رهيو آهيان
اڪيلائيءَ جو بسترو
ڪيترو نه کُهرو آهي
جڏهن به
مان امن بابت سوچيان ٿو
ته منهنجي دل
مينهن ۾ پُسيلَ وڻ وانگي
هوا ۾ لُڏڻ لڳي ٿي
مون اِها حقيقت ڄاتي آهي
ته جنهن ماڻهوءَ ۾
جمالياتي حِسَ ناهي
جنگ
اُنهيءَ جي دل کي
پنهنجو گهر بڻائي ٿي
جيڪو ماڻهو
ڪائنات جي خوبصورتيءَ سان پيار ڪندو
جنگ جي شڪل
اُنهيءَ کي ڀلا ڪيئن وڻندي!
خاموشي
مورچي جي مونجهه ۾
اِيئن ساهه کڻي رهي آهي
جيئن ڪائي جيئري مڇي
خشڪيءَ تي ڪليون چوريندي هجي
وحشتَ
ڪهڙي مهل به
چيخ ڪري سگهي ٿي
جنگ
موت جو ٽهڪ آهي
۽ زندگي
قبر مٿان رکيل ڪوئي پيلو گُلُ!
تمام جلد
ها تمام جلد
تون ۽ مان
هڪ ٻئي جي چپن تي
اِيئن چُميون ڏينداسين
جيئن
امن معاهدي جي دستاويز تي
صحيحون ڪبيون آهن
*

واپسيءَ جي دلاسن سان ريجهايل راتيون

واپسيءَ جي دلاسن سان ريجهايل راتيون

تنهنجو خونُ
مان جنگ کي بخش ڪري نٿي سگهان
اي منهنجا سائين!
اُهيي اڪيليون، هٺيليون راتيون
هاڻي ڪاڏي ڪريان؟
مان جن کي
تنهنجي واپسيءَ جي دلاسن سان
ريجهائيندي آئي آهيان
بي چين بسترو هر هر
مون کان تنهنجي مهڪندڙ پاسي جي
پُڇا ٿو ڪري
اُنهيءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان؟
تنهنجي ڪافيءَ جو ڪوپ
مون سان گڏ سڏڪا ٿو ڀري
۽ تنهنجي ڪُرسي
مون کي ڀاڪر وجهي
ڍنڍ ڪرن ۾ پئجي ٿي وڃي
او مٺا!
توکي
توکي ستارن سان ڀريل آسمان
ڪيترو نه وڻندو هو
ڪهڙي خبر؟
ته هڪ ڏينهن تون پاڻ به
ڪنهن ستاري وانگي
موت جي ڪهڪشان ۾
وڃائجي ويندين
۽ مان جنهن کي
سڄي حياتي ڳوليندي رهندس
هر ستاري جي لاٽ جي واٽ تي
ڀٽڪندي رهندس
جنگ ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي
۽
سمورا لاشَ پڻ دفنائجي ويندا
پر
منهنجي اڪيلائي
ڪڏهن به دفن ٿي نه سگهندي!
*

پَڪَ

پَڪَ

امن جو سِجُ
هڪ ڏينهن ضرور اُڀرندو
۽
سموري دنيا جا اِنسانَ
سورج مُکيءَ جا گُلَ بڻبا
*

مستقبل

مستقبل

امن جيڪڏهن
دنيا جو مستقبل ناهي
ته پوءِ
مستقبل ۾
ڪابه دنيا ڪونهي!
*

امن جو ليڪو

امن جو ليڪو

آءُ ته!
جنگ جي ڪاري روڊ تي
امن و اَڇو ليڪو ڪڍئون
جتان زندگي گذري سگهي
*

انهيءَ کان اڳَ ۾(1)

انهيءَ کان اڳَ ۾(1)

آءُ ته!
هڪ ٻئي کي چُمي وٺئون
انهيءَ کان اڳ ۾
جو
اسان جي چپن تي
جنگ ٽانڊا رَکي ڇڏي!
*

چهرو

چهرو

هِڪ سپاهي جڏهن
آرسيءَ ۾ مُنهن ڏسي ٿو
ته هُن کي
جنگ نظر اچي ٿي
پنهنجو چهرو
هُن کان وِسري چڪو آهي
هاڻي جنگ ئي هُنَ جو چهرو آهي!
*

انهي کا اڳ ۾ (2)

انهي کا اڳ ۾ (2)


اِنهيءَ کان اڳ ۾
جو جنگ
ٽهڪن جي چشمي ۾
زهر ملائي ڇڏي
آءُ ته ! کِلي وَٺئون
*

درندگي

درندگي

انڌا بَمَ
موت جي وَزني پيرن سان
زندگيءَ جي
نازڪ مُکڙين کي
بي رحميءَ سان
چيڀاٽي رهيا آهن!
*

رقص

رقص

ميزائل
اڳتي نڪري آيا آهن
پيارُ
ڪيترو نه پُٺتي رهجي ويو آهي!
امن ڪنهن ڏيئي جيان
آخري ڦڙڪا هَڻي رهيو آهي
جنگ پنهنجن پيرن ۾
موتَ جا پازيبَ ٻَڌي رهي آهي
اِجهو رقص شروع ٿيو
چوڏس رڳو لاشَ ئي لاشَ هوندا!
*

اسان جي عَهد جو نوحو

اسان جي عَهد جو نوحو

اسان
لاشن جي وچ مان گذري رهيا آهن
بي شمار اکيون
اسان کي گُهوري رهيو آهي
وحشت جو سمنڊ
اسان کي وڪوڙي رهيو آهي
مستقبل جي ڳِجهه
اسان ڏي مسلسل
عجيب بي تابيءَ منجهان تَڪي رهي آهي
بي سُڪونيءَ جا جراثيم
اسان جي خوشين کي کائي رهيا آهن
مذهبي اڳواڻن جي هٿن ۾
ماچيس ڇو آهن؟
ڌرتي ۽ آسمان
ڄڻ ته جنڊ جا ٻه پُڙَ آهن.
۽ وچ ۾ انسانُ آهي
بمن جي پڙاڏن ۾
مُرڪن جون ڪهڙيون مُکڙيون ٽڙنديون؟
ميزائلن جي گهيري ۾
محبت جون ڪهڙيون ملاقاتون ٿينديون؟
جڏهن راتين جو
موت جا ٽانڊاڻا اڏامن ٿا
ته زندگي
خوف جي ٻرن ۾ لِڪي ٿي پوي
ڪائنات جو
ڪُل وزن ڪيترو آهي؟
هڪ ٻارَ جي رتُ جو ڦُڙو
يا هڪ ماءُ جي اَکِ جو ڳوڙهو!
*

۽ مان نا اميد ناهيان

۽ مان نا اميد ناهيان

ڇا هيءَ سموري دنيا
هڪ ائٽمي جنگ جي اوڌر آهي؟
ڇا هِي گُلَ، هي پوپٽَ
هي ٻارَ.........!
سڀ اُنهيءَ جي قرض ۾ هليا ويندا؟
۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو
ڪائي به جنگ
پنهنجو قرض ڄاڻي ٿي
اِنسانُ پنهنجا اختلافاتَ
تباهيءَ سان ئي
ڇو ٿو حَلُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري؟
خطري جو بگهڙ
اوناڪي رهيو آهي
پريشانيءَ جون ڄورون
دلين کي چنبڙي پيو آهن
خوف جو چِيتو
خوشين جي ڌڻ ۾ ڪاهي پيو آهي
ساهه جي راهه ۾
خدشن جا شيشا پکڙيا پيا آهن
امن جو خواب
سُڪل وڻ وانگي
بي حسيءَ جي برپٽ ۾ بيٺو آهي
۽ مان نا اميد ناهيان
ٽهڪن جا گُلَ
اُنهيءَ جي ٽامن ۾ ضرور ٽڙندا
۽ انسانيت جو قافلو
سندس گهاٽي ۽ ٿڌيءَ ڇانوَ ۾
صدين جو ٿَڪُ ڀَڃندو
بي حسيءَ جو برپٽ
محبتن جي باغَ ۾ بدلجي ويندو
۽ دهشت جي هيڊاڻ
ڌرتيءَ جي چهري تي نه هوندي
*

مان امن کي چاهيان ٿو

مان امن کي چاهيان ٿو

مان
امن سان پيارَ ڪريان ٿو
امن
ڪائنات جو حُسن آهي
۽ انسان جي چپن تي
ٽهڪن جو ڦر جهلي ٿو
۽
زندگيءَ جي ڳٽن کي چميون ڏئي ٿو
مان امن کي چاهيان ٿو
جيئن مان انسان کي اهيان ٿو
*

افسوس!

افسوس!

تاريخ هڏن جو ڍير آهي
لفظ
ڪهڙي به مَسُ سان لکيا وڃن
اُنهن جي رڳن ۾
بي گناهيءَ جو رت
گردش ڪندو ٿو رهي
پهرئين عالمي جنگ جي ختم ٿيڻ کي
اڄ سو سال مڪمل ٿيا
پر
امن اڄ به نامڪمل آهي
گوليون ۽ بَمَ هڻي
جن کي بي درديءَ سان ماريو ويو
انهن جي افسو س ۾
اڄ گهنٽي وڄائي ويندي
جيڪا هُو ٻُڌي نه سگهندا
۽ اهو ئي ته وڏو افسوس آهي!
*

* 11 نومبر 2018ع تي پهرئين عالمي جنگ جي ختم ٿيڻ کي 100 سال مڪمل ٿيا جنهن ۾ چئن ڪروڙن جي قريب ماڻهو ماريا يا.

دونهون

دونهون
پهرئين ايٽم بَمَ جي
ڦاٽڻ کي
ڪيئي سالَ گذري چُڪا آهن
پر
ڌرتيءَ جي دُنَ منجهان
اڃان تائين
دونهون نِڪري رهيو آهي!
*

الميو(2)

الميو(2)

اسان
هينڊ گرنيڊ منجهان
پِنَ نڪرڻ کان
پوءِ واري محدود وقت ۾
ساهُ کڻي رهيا آهيون!!

زنگجي ويل زندگي

زنگجي ويل زندگي

هن جو محبوب
جنگ وڙهڻ ويو آهي
هن جي اَکِ
غريباڻي گهر جي غسلخاني جي
ٽونٽيءَ جيان
مسلسل ٽِمندي ٿِي رهي
رات جو هڪ ٿيوآهي
پر
هو ڪمري ۾ ٻهَ ناهن
اُهي کيچلا هَٿَ
جيڪي هُن جي
ڊِگهن سونهري وارن مان
بَڪَلُ ڪڍندا هئا
محبت جي لمحن ۾
اُهي هاڻ
ڪِٿي ڪِنهن محاذ تي
هينڊ گِرنيڊ منجهان
پِنَ ڪڍي رهيا هوندا
يا وري
ڪنهن رائفل جي نالي
صاف ڪري رهيا هوندا
۽ هِتي................
هِتي ته
هُن جي جوانيءَ جي چولي جِي
زِپِ ئي زنگجي وئي آهي!
*

مريض

مريض

جنگ
سِلهه جي پراڻي مريض آهي
جتي به وڃي ٿي
زمينَ ڳاڙهي ڪي ڇڏي ٿي!!!

امن جي ورسي

امن جي ورسي

چون ٿا
اڄ جنگ جي سالگرهه آهي
جنگ
سڀني جي سامهون
ڳچيءَ ۾
بي شمار انسانن جي کوپڙين مان ٺهيل
هارُ پائي
نچي رهي آهي
هيءَ جنگ جي سالگرهه ته ناهي
هيءَ ته امن جي ورسي آهي!!!
*

* انگلينڊ ۾ ٻي عالمي جنگ جي سالگرهه ملهائڻ جي حوالي سان لکيل

Ausch wits

Ausch wits

اُهي ماڻهو
جيڪي
گئس چيمبر ۾ گُهٽيا ويا
ڇا اُهي فقط ڪي انگَ هيا؟
سوَ ، هزارَ، لَکَ........!
ڇا انهن جي ڪا به سڃاڻپ نه هئي؟
گمنام هڏا
بي نشان عضوا
بس!
ڇا اُهي رُڳو
ڪي ٽُڪرا هيا؟
مذهبي ماسَ جا
عقيدن جي رَتُ
يا
صحيفن جا مُهانڊا!!!
مان جڏهن به
جنگ جو ڪتاب کوليان ٿو
ته منهنجون اکيون
ٻاهر نڪري اچن ٿيون
نڙيءَ جون رڳون
سيٽجي وڃن ٿيون
دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي ٿي
۽ ساهه مُنجهڻ لڳي ٿو
مان پاڻ کي
ڪنهن غليظ گئس چيمبر ۾
ڦٿڪندو محسوس ڪريان ٿو!
*

* اوش وٽز ڪيمپ جيڪا هٽلر جرمنيءَ ۾ قائم ڪئي هئي جنهن ۾ 1939 کان 1945 تائين 30 لک يهودي گهٽي ماريا ويا.

شالَ!

شالَ!

هڪڙو ٻارُ
سائي زمين ۾
پيلڙي پوپٽ پويان
ڊُڪي رهيو آهي
شالَ!
جنگ جي بڇڙي نظر
اُنهيءَ مٿان نه پوي!
*

وقفو

وقفو

هي وقت
جنهن کي
اسان “امن” چئون ٿا
اِهو ته مختصر وقفو آهي
جنگ دوران
هِي کلڻ، ڳالهائڻ
گهمڻ، ڦرڻ
کيڏڻ
۽ کائڻ پيئڻ!
اوچتو گِهنڊُ وَڄندو
هَلو!
پنهنجي پنهنجي قبرن ۾ هَلي سمهو.
*

هيروشيما جي ميوزم ۾ رکيل هڪ انساني کوپڙي ڳالهائي ٿي

هيروشيما جي ميوزم ۾ رکيل هڪ انساني کوپڙي ڳالهائي ٿي

منهنجي هڏڙن تي به
ڪڏهن ماسُ هوندو هو
مون کي به ٻه اکيون هيون
جن سان
مان آسمان ڏسندي هيس
ٻه چَپَ هيا
جن سان
گلن کي چمندي هيس
هڪ ڏينهن اوچتو
جنگ
اسان جي شهر مٿان اچي بيٺي
ڪنهن ڪاوڙيل ازدها وانگي
هُنَ
اهڙو ته باهه جو شعلو ڪڍيو اندر مان
جو
هڪ لمحي ۾
منهنجون اکيون رِجي گم ٿي ويون
پر منهنجا چَپَ
بنا رَکَ ڇاڻڻ جي سڙي ويا
ڪيترن ئي سالن کان
مان هِن ميوزيم ۾ رکيل آهيان
بنا ماسَ
بنا اکين
۽ بنا چپن جي
ڪوئي مون کي ٻُڌائي ته
ڇا آسمانُ اڃان به نيرو آهي؟
ڇا ڳاڙها گل اڃا به ٽِڙن ٿا؟
*

اوسيئڙو

اوسيئڙو

اُها ڇَتِ
جيڪا مِينهن ۾ ٽِمي رهي آهي
اُنهيءَ محبوبا جيان آهي
جنهن جي عاشق کي
جنگ
پاڻ وَٽ ترسائي ڇڏيو آهي!!

خودڪشي

خودڪشي

ڪورونا جي پکڙجڻ کان
ڪجهه عرصو پوءِ
هڪ اداس ائٽم بم
ڀرسان ليٽيل
هڪ مايوس ڪروز ميزائل کي
ڪَنَ ۾ چيو
“هن بيڪار زندگي کان ته ڀلو آهي
خودڪشي ڪري ڇڏجي”
*

امن جي انتظار ۾

امن جي انتظار ۾

مان
امن جي انتظار ۾ آهيان
جيئن صحرا
بارش جي انتظار ۾ هوندو آهي.
*