بند اکين ۾ آسمان
پشپا ولڀ پنھنجي اردگرد ماحول جي پسمنظر ۾ داخل ٿي، پنھنجي ذاتي احساسات جو شعريہ تجربو ڪري ٿي. سندس اظھار بيان ۽ زبان جو رچاءُ نھايت ئي سليس آھي، منظرڪشي خوب آھي، جا ھن پنھنجي احساسات سان جوڙي پيش ڪئي آھي. ھوءَ ساڻيھہ جي سِڪ سان گڏ سائنس جي لغتن جو پڻ اظھار ڪري ٿي.