ڪالم / مضمون

لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

ھي مجموعو ڪتابن تي لکيل اڀياس/مھاڳن ۽ مضمونن جيڪي رسول ميمڻ جي ڪتابن تي لکيل آھن يا وري رسول ميمڻ پاران ٻين جي ڪتابن تي لکيل آھن، رسول ميمڻ جي ھڪ انٽرويو ۽ ڪجهہ تحقيقي مضمونن تي مشتمل آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي مجموعو ڪتابن تي لکيل اڀياس/مھاڳن ۽ مضمونن جيڪي رسول ميمڻ جي ڪتابن تي لکيل آھن يا وري رسول ميمڻ پاران ٻين جي ڪتابن تي لکيل آھن، رسول ميمڻ جي ھڪ انٽرويو ۽ ڪجهہ تحقيقي مضمونن تي مشتمل آھي. حبدار سولنگي لکي ٿو:
”رسول ميمڻ ڪهاڻي ناهي لکندو، ڪردارن ۽ ڪيفيتن کي دل جي ڳوڙهن سان ڳوهي ڪاغذ تي رکندو آهي ته اهي ڳالهائڻ لڳندا آهن. درد کي ڀوڳيندڙ ڪردار روح جي تپسيا ۾ ڀٽڪندڙ ڪردار...دُک جون طويل ڪيفيتون، اُداسيءَ جا رستا رُلندڙ ڪيفيتون سماج جون وسري ويل ڪربناڪ ڪيفيتون دل ۾ تحليل ٿي ويندڙ ڪيفيتون... هڪ ڪهاڻيڪار جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪمال ٿي سگهي ٿو.“
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا
موضوع : مضمون
ليکڪ : رسول ميمڻ
ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
0307-3157667
سال : 2021ع
ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
ٽنڊوالهيار

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com


Lafzan man jhatiun paendar khaka

Writen by : Rasool Memon
Composed by : Khadim Hussain jarwar
Year : 2021
Published by : Digital Publishing House
Tando Allahyar

ارپنا

انهن خاڪن جي نالي
جن ۾ اڃان
رنگ ڀريو نه ويو آهي

”نجومي“ هڪ ڏاهپ جو ڪتاب: اڪبر لغاري

هي ناول زخمي دلين، لتاڙيل ذهنن ۽ جهنم ۾ رهندڙ ماڻهن جي درد ڪهاڻي آهي. اهو جهنم جيڪو اڪثر ڪري انهن پاڻ ئي پنهنجي تخليق ڪيو آهي. ڪٿي ڪثير وهمي ته ڪٿي قليل فهمي آهي. ڏوهه ڪنهن جو آهي؟ معاشري جو، تربيت جو، حالتن جو يا فردن جو؟ پر سزا سڀني کي ملي پئي. ڀوڳين سڀ پيا. ڪيل توڙي نه ڪيل گناهن جي سزا.
هن ناول جا ڪردار بي نام آهن. نجومي، دفتري، فقير، ساڌو، اديب، قيدي، سبزي فروش وغيره. مصنف انهن جي سڃاڻپ نالن جي ڪري شايد ان ڪري نه ڪرائي آهي جو ماڻهو جي اصل سڃاڻپ انهن جي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿئي ٿي.
هڪ نجومي تاڙي خاني جي ٻاهران زمين تي چادر وڇائي ويٺل آهي ۽ سندس سامهون هڪ طوطو ۽ فال وجهڻ وارا ڪارڊ پيا آهن. کجين جي ٿڙ مان ٺاهيل سستي نشي آور تاڙي پيئڻ لاءِ اتي اڪثر معاشري جا انتهائي ستايل ۽ ڏکايل فرد اچن ٿا. سرور ۾ اچڻ کان پوءِ انهن مان ڪجهه ماڻهو نجومي کان فال ڪڍرائين ٿا. نجومي جي ڪارڊن تي انتهائي مختصر ۽ مبهم تحريرون لکيل آهن جن کي نجومي پنهنجي عقل سان معنويت جو لباس پارائي ٿو.
هڪ عامل نجومي کي ٻڌائي ٿو ته شهر جي بدنام ۽ بدعنوان ترين ميئر هڪ ٻئي عامل جي زبان ان ڪري ڪٽرائي ڇڏي آهي جو ان خواب جي تعبير ميئر جي منشا مطابق نه ٻڌائي هئي. عامل نجومي کي هيٺيون ڪارڊ پڙهي ٻڌائي ٿو.
“هر ڪو پنهنجي پاڻ دکائي،
هوا باهه لڳائي، هوا باهه وسائي.”
جنهن جي تشريح نجومي اها ٿو ٻڌائي ته انسان کي زبان جو استعمال سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي. ميئر کي خواب جي تعبير ٻڌائڻ وقت ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي پر ساڳي ڳالهه مناسب لفظن ۾ ٻڌائجي ته ڪو مسئلو نه ٿيندو. جڏهن هن ننڍڙي قصي کي غور سان پڙهجي ٿو ته آساني سان سمجهي سگهجي ٿو ته فاضل مصنف هتي سگمنڊ فرائيڊ جي (Super Ego) ۽ عامل ضمير (Libido) ٿيوري سمجهائي رهيو آهي. ظالم ۽ بدڪردار ميئر انسان جو نفس آهي جيڪو استدلال کي استعمال ڪندي وچ وارو رستو سمجهائي ٿو جيڪو غلط هرگز ناهي پر (Ego) نجومي عقل مسئلي کي حل ڪرڻ جو عقلي طريقو آهي. ضمير ۽ نفس جي جنگ اسان جي اندر هر وقت جاري رهندي آهي. نفس جا پنهنجا مطالبا آهن جيڪي اثر غير اخلاقي ۽ غير قانوني آهن ته انهن جي مخالفت ۾ ضمير جا مطالبا حق ۽ سچ جو علم بلند ڪرڻ لاءِ هوندا آهن. پر اهي اڪثر جذباتي هوندا آهن. انهن ٻنهي ۾ سرچاءُ جي لاءِ عقل کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو جيڪو ٻنهي لاءِ قابل قبول هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن عقل نفس جو ساٿي بنجي وڃي ٿو ۽ ان جا مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ کيس جواز فراهم ڪري ٿو. عقل جي اهڙي منفي ڪردار کي مذموم انا چئبو آهي. سڄي ناول ۾ نجومي جو ڪردار معقول يعني عقل کي مثبت انداز ۾ استعمال ڪندڙ استدلالي فيلسوف وارو آهي.
ساڳي ڳالهه بلڪل نئين انداز ۽ نون لفظن سان دفتري واري قصي ۾ ورجائجي ٿي. هڪ دفتري پنهنجو ڪم سچائي سان ڪري ٿو پر سندس صاحب ساڻس ان ڪري سخت ناراض آهي جو هو کيس اٿي بيهي سلام نه ٿو ڪري. هتي خوداري ۽ تڪبر يعني ايگو ۽ سپر ايگو جو ٽڪراءُ ٿئي ٿو. نجومي/عقل اناپرستي ۽ اجائي ضد کان پرهيز جي صلاح ٿو ڏي.
ائين ننڍڙن ننڍڙن قصن ذريعي فاضل مصنف انساني ازلي ۽ سماجي مسئلا، انسان جون ڪمزوريون، شخصيت جا مثبت ۽ منفي پهلو انتهائي دلپذير انداز ۾ بيان ڪندو وڃي ٿو.
اديب جو ڪردار ڪافي سوچڻ تي مجبور ڪندڙ آهي. هو سٺو لکندڙ هو پر هڪ ڏينهن هن ڏٺو ته هو جيڪو لکي ٿو ان تي ديوار مان هڪ ڪتو نڪري ڀونڪڻ لڳي ٿو. هو پنهنجو لکيو ڊاهي وري وري لکي ٿو پر ڪتو مٿس مسلسل ڀونڪندو رهي ٿو. هو پنهنجي لکيل ڪنهن شئي مان مطمئن ناهي، کيس پنهنجي ناول جا ڪردار بي عمل ۽ لفظ بي معنا لڳن ٿا. نجومي کيس ٻڌائي ٿو ته “لفظ روز معنا بدلائين ٿا... جيڪو وهي ٿو تنهن مان ڍڪ ڀرڻ ئي شفا آهي، جيڪو وهي چڪو آهي ۽ جيڪو وهندو اهو لاحاصل آهي... سوچن جو نه هجڻ عقل جو معراج آهي... لفظن جو بي معنا ٿيڻ (Absolute) حقيقت آهي...” هتي نجومي هڪ مابعد جديد فيلسوف وانگر ڳالهائي ٿو جيڪي چون ٿا ته سچ مطلق مقامي (Regional) نه پر عالمي (Universal) آهي، اهو عالمگير (Relative) نالي ڪا شئي ناهي، سچ اضافي (Truth) سطح تي هر ڪنهن وٽ پنهنجو سچ آهي. هتي نجومي جي استدلال جو انداز فرانسيسي فيلسوب فرانڪو ليوتار کان متاثر لڳي ٿو.
اهڙي نموني سان مختلف ڪردار مختلف مسئلن سان سامهون اچن ٿا. غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهي مسئلا سماج يا ٻين فردن سان گهٽ پر انهن ڪردارن پنهنجي لاءِ وڌيڪ پاڻ پيدا ڪيا آهن. جيئن هڪ لالچي ساڌو پنهنجي پوئلڳن سان دوکو ڪري مال ڪمائڻ جي چڪر ۾ انهن کي پنهنجي ڏاڙهي جو وار پٽي ڏئي ٿو. مت جا موڙ هل ماڻهو ڏاڙهي جي وار ۾ شفا سمجهن ٿا ۽ ساڌو جي ڏاڙهي ۾ هٿ وجهي ان جي ڏاڙهي پٽين ٿا. لالچ ۾ اچي اڪثر ماڻهو پنهنجي ڏاڙهي پٽائي ٿو ويهي. ائين ئي هڪ هاري پنهنجي زال جو علاج ڀوپن کان ڪرائي ماڳهين زال ئي مارائي ٿو ويهي.
هڪ پوڙهي عورت جو قصو ڏاڍو دلچسپ ۽ فڪرانگيز آهي. هڪ عورت وٽ سوني سئي هئي جنهن سان ڀرت ڀريندي هئي. هڪ رات اوندهه ۾ اها سئي گم ٿي ويئي ته پوڙهي اها سوني سئي ٻاهر گهٽي ۾ فانوس جي روشني ۾ ڳولڻ لڳي. سندس پٽ چيس ته سئي اندر گم ٿي آهي ته ان کي ڳولڻ به اندر گهرجي، اها ٻاهر ڪيئن ملندي. پوڙهي ڪاوڙ ۾ چيو ته اندر اوندهه آهي، شيون اوندهه ۾ نه پر روشني ۾ ڳولبيون آهن. پٽ تڪرار ڪيو ته اندر جي شئي ٻاهر نه ملندي، اندر اوندهه آهي ته اندر کي اجارجي. سچ اهڙي روشني آهي جيڪا اندر اجاري ٿي. هتي شاهه لطيف جو بيت ٺهڪي ٿو اچي ته
“وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي.”
ڪجهه وڌيڪ ڪردارن کي پڙهڻ سان نجومي جي عقلي فڪر جو تت هيءُ ٿو نڪري ته، موت تي ملال نه ڪريو، هر شئي توهان لاءِ آهي پر ڪا به شئي توهان جي نه آهي، اولاد به نه. رنج ۽ ملال انسان جي ڏک جا ذميوار آهن انهن کان پيڇو ڇڏايو، جنسي حوس انسان جي دشمن آهي. حرص، حوس ۽ حسد انسان جو سڪون تباهه ڪري ڇڏين ٿا.
نوڪر ۽ مالڪ جو قصو اسان کي وري فرائيڊ ڏانهن وٺي ٿو هلي. نوڪر پنهنجي مالڪ جون فرمائشون پوريون ڪري بيزار ٿي ٿو پوي پر نه ته مالڪ جون خواهشون ٿيون ختم ٿين نه وري سندس ڪاوڙ. هتي مالڪ انسان جو پنهنجو نفس آهي، جنهن جي غلامي ۽ عمر ڳري ويندي پر ان جون خواهشون ختم نه ٿينديون. حقيقي خوشي خواهشن جي (Libido) سرابن ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ انهن تي ضابطو آڻڻ ۾ آهي.
فلسفين چيو هو ته حقيقت جو رستو منجهان گذري ٿو، اڳتي هلي ڪانٽ چيو ته حواس (Empiricism) تجربي وري ٻي ٿيندي آهي. اسان جي (Appearance) هڪڙي هوندي آهي ته ظاهر (Reality) به دوکو ڏين ٿا. شين جي حقيقت تائين پهچ ممڪن (Noumenon) کي ته سمجهي سگهون ٿا پر ان جي پويان لڪيل اصليت (Phenomenon) مظهر جي تلاش فضول (Absolute Reality) ناهي. ڊاڪٽر جي قصي ۾ نجومي اڻسڌي طرح اهو ٻڌائي ٿو ته حقيقت مطلق آهي، ان کي صرف عاشق جي دل سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ناول جا اڪثر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن جذبي جي اثر هيٺ آهن پر نجومي انهن مسئلن کي عقل جي نگاهه سان ڏسندي اها راءِ ٿو ڏي ته جذبا ناانصافي، هٺ ۽ اناپرستي انسان کي وڏي مصيبت ۾ وجهن ٿا. جنگ اندر جي انسان سان ئي وڙهجي ۽ اتي ئي کٽي سگهجي ٿي، موهه هٿ ڪڙين جيان آهي جيڪو قيدي بنائي ٿو، جسماني روڳ روحاني علاج سان ختم نه ٿو ٿئي، انسان کي عقل سليم کان ڪم وٺڻ گهرجي. جبلتون هميشه صحيح رهنمائي نه ڪنديون آهن، حيواني جبلتن تي ڀاڙڻ سان انسان تباهه ٿيو وڃي. نجومي بار بار اندر جي دنيا آباد ڪرڻ جي صلاح ٿو ڏي. هن ناول جا اڪثر ڪردار انڪري به ڀوڳين پيا جو اهي ماضي جي قيد ۾ بند ۽ مايوس آهن. حالانڪه نجومي جي پنهنجي زندگي به ٻين ڪردارن کان گهڻو مختلف ڪانهي پر هو اميد آفرين آهي ۽ سڀني کي اها صلاح ٿو ڏي ته ماضي جي مزارن جا مجاور ٿيڻ بجاءِ حال ۾ جيئو ۽ اميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو. ڇا ڀوڳنائون ازلي آهن ۽ ابد تائين رهنديون؟ ڇا اهي فطري آهن يا انسان جون پيدا ڪيل آهن؟ ڏوهه وهم جو آهي يا فهم جو؟ فاضل مصنف انهن سوالن جا جواب، بزبان نجومي ڏاڍي احسن طريقي سان ڏنا آهن.
مصنف ڪمال جو تجسس پيدا ڪيو آهي. هر قصو ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻئي قصي پڙهڻ تي دل ٿي چوي. هر قصي ۾ پڙهندڙ اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته نجومي شايد هيئن يا هونئن چوندو. آخر ۾ اختتام پڻ پڙهندڙ جي توقع جي خلاف ٿئي ٿو.
هن ناول ۾ مصنف پنهنجي فڪر کي پيش ڪرڻ لاءِ جيڪا ٽيڪنڪ استعمال ڪئي آهي اها آهي، صنعت تضاد، جنهن ذريعي هيٺيان تضاد اڀاريا ويا آهن، حقيقت ۽ مظهر جو تضاد، ڪوشش ۽ قسمت جو تضاد، فهم ۽ وهم جو تضاد، نفس ۽ ضمير جو تضاد وغيره. داخلي ۽ خارجي حقيقت نگاري جو حسين امتزاج، هي ناول علامتن، استعارن ۽ تمثيلن ۾ ويڙهيل هڪ ڏاهپ جو ڪتاب آهي. اهڙي غير روايتي ۽ بلند پايه ناول لکڻ تي آئون رسول ميمڻ کي خراج تحسين پيش ٿو ڪريان.

الف کان اڳ ۽ پڙهڻ کانپوءِ: ڊاڪٽر غفور ميمڻ

فلسفي جي دنيا به ڏاڍي عجيب آهي، يا ته سمجهه ۾ نه ايندي يا وري ايترو سرور بخشي ٿي جو ٻي دنيا ئي وسري وڃي. مون کي تمام گهٽ ڪتابن متاثر ڪيو آهي. پر جيڪي ڪتاب متاثر ڪندا آهن اهي ور ور ڏيئي پڙهندو آهي سندن هڪ هڪ سٽ پڙهي روح ۾ تحليل ڪندو آهيان. جيئين ته لفظن جي تعبير ۽ لذت جو هز پرائي سگهان.
رسول ميمڻ جو ڪتاب به اهڙن ڪتابن مان آهي جن لاءِ چيو ويندو آهي ته هضم ڪري ڇڏجن.
سنڌي ۾ اهڙا ڪتاب ته گهٽ ملندا آهن. جن جي پٺيان ڪائنات جيڏو تخليل ۽ علم جي معرفت هجي. سچ پچ ته فلسفي جي موضوع تي عام طور ڪتاب رڳو شخصيتن يا واقعن تي ڀريا پيا آهن. اصل منطق ۽ سمجهاڻي ملي ڪونه ٿي.
رسول ميمڻ جي هن ڪتاب پڙهڻ وقت مون هر سٽ تي بيهي وري وري سوچيو آهي. ڇو ته مون فلسفي جي انهن سڀني سوالن تي بار بار سوچيو آهي. ڄڻ ته هن ڪتاب ذريعي مون کي پنهنجي دل جي تنهائي دور ٿيڻ جو موقعو مليو. رسول ميمڻ هي مختصر ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ نهايت سادا موضوع شامل آهن پر دراصل هي ڪتاب جيترو مختصر آهي اوترو سمنڊ جيترو وسيع موضوعن ۽ منطقي حيراني سان ڀريل آهي. فلسفي جي شوقينن لاءِ هي ڪتاب ڪشش جو باعث آهي. هن ڪتاب جي خصوصيت هي آهي ته فلسفي کي جانبداري کان بچايو ويو آهي. فلسفي کي فيصلي ڏيڻ کان بچايو ويو آهي. فلسفي کي اميد يا نااميديءَ کان بچايو ويو آهي.
فلسفي جو بنيادي سوال اهو آهي ته دنيا معروضي آهي يا موضوعي. پر رسول ميمڻ جي بقول ته ”جي حقيقت موجود هجي ته دنيا جو مسئلو ئي حل ٿي وڃي ها“. پر ”معروض ڪنهن مسخري جي هٿ ۾ جهليل بصر جي ڳنڍ آهي، جيڪو ڪڏهن روئي ٿو ڪڏهن کلي ٿو. بصر جي هر کل پٺيان ٻي کل آهي آخر ۾ خالي پڻو آهي“ اصل ۾ اهو خالي پڻو سمجهڻ ئي معروض کي سجهڻ لاءِ ضروري آهي. رسول ميمڻ اهو ئي ڪم ڪيو آهي. ته ناول واري انداز ۾ پنهنجي موضوعي سوچ سان فلسفي جي منطق کي اڳتي وڌايو آهي ڄڻ رسول ميمڻ هڪ منجهيل ڳوڙهي وجود ي بحران کي کڻي فلسفياڻي سوچ سان معروض جي هُن پار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
ڇا معروض آهي؟ ڊيوڊ هيوم مطابق ته معروض آهي ئي ڪونه جيڪي ڪجهه ڏسجي ٿو اهو خاصيتن جو ڍير آهي. خاصيتون اسان جي موضوعي خاصيتن جو ڍير آهن پر خاصيتن کان بغير ڪوبه وجود ناهي. تنهن ڪري معروض جي سڃاڻپ به موضوعي آهي. ڪارل مارڪس صرف معروض کي ئي حقيقت قرار ڏنو. معروض کان ٻاهر ڪنهن شيءَ جي هئڻ کان انڪار ڪيو. مارڪسزم جا ٽي عنصر آهن. هڪ مارڪسي فلسفو ٻيو سياسي معاشيات ٽيون سائنسي ڪميونزم. مان سمجهان ٿو ڪارل مارڪس جي فلسفي جي انهيءَ نڪتي ۾ جبريت آهي ته مادو ئي ڪائنات جي آخري حقيقت آهي. باقي سياسي معاشيات ۽ سائنسي ڪميونزم اڄ به سائنس جي حيثيت رکن ٿا، پر فلسفي ۾ فتوا صادر ڪري نٿي سگهجي انهيءَ جو اصول ئي اهو آهي ته سوال اٿاري، شڪ اڀاري، سائنس کي فلسفي جي ضرورت هوندي آهي پر فلسفي کي ڏند ڪٿا کان ڌار سائنس ڪندي آهي. تنهن ڪري ڪارل مارڪس تائين جي دور جي سائنس 1880ع تائين واري هئي ان کان پوءِ ميڪس پلانڪ، نيل بوهر، آئنسٽائن، ڪارل سائگان، اسٽيفن هاڪنگ وغيره آيا جن سائنس ۾ انقلاب آندو ان مطابق ڪوائنٽم ٿيوري سوچ جي رخ کي نئون موڙ ڏنو. ڪائنات جي مائڪرو دنيا کي ۽ ميڪرو دنيا کي سمجهڻ جو نئون انڪشاف ٿيو. جنهن ۾ ڪوائنٽم فزڪس جي ڪائنات جي بنياد بابت بنيادي سوال انرجي يا مادو بابت اڻ تڻ ۽ غير يقيني جي دنيا متعارف ڪرائي ٿي. سوال اهو آهي ته ڪٿي انسان خواب جو خواب ته ناهي، يا پاڇي جو پاڇو ته ناهي. ڪٿي مادي وجود نابينا دنيا ته ناهي، ائين ته ناهي ته اکيون انسان کي بينا بجاءِ نابينا ڪن ٿيون. روشني جي دنيا صرف ڪائنات جو هڪ پاسو آهي. باقي پاسا نيستي (Nothingness) ۾ آهن. ڪٿي ائين ته ناهي ته اسان مادي وجود ۾ لڪل آهيون بلڪل ائين جيئن ائٽم ۾ انرجي لڪل آهي. اسان به انرجي جي اهڙي شڪل آهيون جيڪا ظاهري دنيا ۾ نروار ناهي. هميشه اصل وجود لڪل آهي ٿورو غور ڪنداسين ته صوف ميوو آهي، ڪيلو ميوو آهي، انب ميوو آهي پر اصل ميوو ڪٿي لڪل آهي ڇو ته ميوي پاڻ کي انب جي صورت ۾ ظاهر ڪيو آهي. صوف جي صورت ۾ ظاهر ڪيو آهي. پر ميوو انب ۾ لڪل آهي، صوف ۾ لڪل آهي ڪيلي ۾ لڪل آهي. بلڪل ائين مان پاڻ پنهنجي بدن ۾ لڪل آهيان. يا مان ڪٿي نيستي ۾ آهيان صرف بدن تي حڪم پيو هلايان. رسول ميمڻ مختلف فلسفين جا مثال ڏيندي انهيءَ بحث کي نڀائي ٿو.
چوي ٿو:
“مان پاڻ ۾ موجود آهيان” يا “پاڻ مون ۾ موجود آهي.” پر سونهن کان سواءِ ڪجهه نه آهي. سونهن موضوعي آهي. انڪري نيستي آهي. شايد ڪائنات گوتم جو گاڏو آهي. نه پاڻ آهي نه پاڻ اندر پاڻ آهي.”
آخر وجود ڇا آهي؟ سارتر چوي ٿو هڪ خال آهي، نيستي آهي، زندگي نيستي جي وجود ۾ اچڻ جي ڪوشش آهي. انهيءَ خال کي ڀرڻ جي ڪوشش آهي. وجود پهرين پنهنجو سامهون دهشت، موت، ڪراهت، بوريت، ۽ خود فريبي سان ڪري ٿو. پوءِ جوهر ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ڪو به جوهر ناهي معنيٰ ڪائنات بي معنيٰ آهي. انسان جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي. تنهن ڪري گوتم ٻڌ چيو هو “سروم دکم دکم”
انهيءَ مضمون ۾ رسول ميمڻ آخر ۾ چوي ٿو ته ڪائنات جا منظر منهنجي انڪري مدد نٿا ڪن جو مان نظرين جي تجريد ۾ وڃائجي غير واضح معروض بنجي چڪو آهيان.
بلڪل ائين زندگي پلاٽ ليس ناول آهي. جنهن مان ڪيترائي صفحا ڦاڙِي ڇڏجن يا ڪيترائي ئي ڪردار ڪڍي ڇڏجن ڪو فرق نٿو پوي. اتان صوفي مت جي چڻنگ دکي ٿي. رسول ميمڻ چوي ٿو.
“خدا حقيقت کان مٿانهون ادارڪي معروض ناهي پر تصور آهي. جيڪڏهن خدا کي حقيقت ۾ بيان ڪجي ته بت پرستي ٿي پوندي. تصور ڪنهن به معروض ٺاهڻ کان عاري آهي خدا نيستي جي انتها تي پهچي تصور ۾ عظمت ماڻي ٿو.”
صوفي انهيءَ تصور جي انتها کي حقيقت چوي ٿووجودين وٽ به مطلق حقيقت ۽ نيستي ساڳي ڳالهه آهي. جڏهن ته تصور جي اڏام انهيءَ حقيقت تي نٿي پهچي ٻيو ته مادي دنيا جي ڪنهن به علم سان اسان انهيءَ تصور جو ادراڪ نٿا ڪري سگهون. انهيءَ ڪري شاهه لطيف چيو هو
“جنهن کي جتان پرين پاڻ پسايو، تنهن کي تتان ليئان پائڻ آيا.”
سچل سرمست چيو هو:
مين تان ڪوئي خيال آن
لبسان نال خيال دي.
رسول ميمڻ صاحب جو هڪ ٻيو مضمون خلل (delusion) آهي. جيڪو نفسياتي فلسفو آهي. جيڪو نه صرف معلوماتي آهي بلڪ حقيقت جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. خلل جي بجاءِ مان ان کي وهم ٿو چوان ڇو ته خلل ۾ ڪيتريون ئي نفسياتي بيماريون اچن ٿيون پر وهم صرف هڪ بيماري آهي. وهم جا ڪيترائي قسم آهن.
Illusion
Delusion
Hallucination
وري انهن جا مختلف قسم آهن.
دنيا جيڪڏهن مايا آهي، تصور جو پاڇو آهي، ته پوءِ اسان هڪ وڏي وهم ۾ مبتلا آهيون. بلڪ مورثي طور شيزوفرينڪ آهيون. اها ئي ڳالهه ايرڪ فراهم ڪئي هئي جيڪا رسول ميمڻ صاحب زير بحث آندي آهي. ته انسان بنيادي طور مورثي چريو آهي. ايرڪ فراهم انهيءَ ڳالهه کي هيئن چئي ٿو . ته” مون کي حيرت انهيءَ ڳالهه جي ناهي ته ماڻهو چريا ڇو ٿا ٿين، بلڪ حيرت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ماڻهو چريا ڇو نٿا ٿين“اصل ۾ هن فطرت عالم ۾ ڪائنات ڪو مانڊاڻ آهي. ڪو اسرار آهي، جادو آهي ، تصور آهي يا وهم آهي پر ڪا به خبر ناهي. نه جوهر آهي، نه مابعد الطبعاتي سوالن جا جواب آهن. الٽو ماڻهو وکريل فطرت آهي. بلڪ فطرت جي ارتقا ۾ چريائپ آهي، بگاڙ آهي. پر ماڻهو پاڻ کي ڪيئن قابو ڪري ٿو. بلڪ ائين چئجي ته چريو ئي حقيقي فطرت ۾ جيئي ٿو. پر سالم ماڻهوفطرت جو بگاڙ آهي. مان سمجهان ٿو رسول ميمڻ جو اهو سوال پر اثر آهي پر آخر ڪهڙيِ قوت اسان کي سالم رکي ٿي؟. اها قوت رومانويت جي قوت آهي. جيڪا انسان ۽ فطرت کي هڪ ٻئي سان جوڙي ٿي. مان پنهنجي ڪتاب ”نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾سنڌي سماج“ ۾ انهيءَ تي گهڻو بحث ڪري چڪو آهيان.
پر هڪ ٻيو وجودي فلسفي جو موقف به آهي ته انسان ڪنهن نه ڪنهن ڇپر ڇانو جو سهارو وٺي ٿو. تنهن ڪري سالم رهي ٿو. مثال خدا جو سهارو، مذهب جو سهارو، نظريي يا سياسي پارٽي جو سهارو، يا خاندان جو سهارو. محبت جو سهارو. مظلب ته اهو سهارو جنهن ۾ پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻا پون. بلڪ جبر کي خوشي خوشي برداشت ڪجي يعني غلامي ۾ به وڏي آفيت آهي. نه ته آزادي جو مڪمل اختيار برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي بلڪ هڪ وڏي دهشت جو سامهون ڪرڻ آهي. انسان کي سبب ۽ اثر جي بيماري لڳل آهي. هو هر عمل يا واقعي جو سبب ڄاڻي مطمئن ٿي ويندو آهي. اهو سبب ئي فطرت جو جبر آهي. ڪلاسيڪل فزڪس ۾ هر عمل فارمولائيز آهي. پر ڪوائنٽم فزڪس ان جي ابتڙ آهي.
بنيادي طور شعور وڏو مسئلو آهي. رسول ميمڻ انهيءَ سوال کي به اڀاريو آهي ته “انسان جنت ۾ جانور بنجي رهي سگهي ٿو.”
ڇو ته انسان Becoming آهي ڪٿي به رڪجي نٿو . تنهن ڪري سڪون مادي وجود ۾ آهي ئي ڪونه. زندگي جا سڀ ناٽڪ وجود جي دهشت کان بچڻ لاءِ آهن انهيءَ ڪري جنت ۾ صرف نيستي ۾ رهي سگهجي ٿو. تنهن ڪري سچ کي ڳولڻ جو سوال ائين آهي ”جيئن ڪا ماءَ پنهنجي وڃايل ٻار کي ڳوليندي هجي جيڪو کيس ڄائو ئي ڪونهي. شعور اهو ٽانڊو آهي جيڪو دماغ جي چلهه ۾ ٻري ٿو“. جڏهن ڪو مذهبي ماڻهو چوي ٿو ته مادي جي پٺيان ڪجهه آهي. ڪجهه ته آهي جيڪو هن ڪائنات جي پٺيان آهي. ته دراصل اهو ڪفر پيو ڪري ڇو ته جيڪو ڪجهه آهي جيڪڏهن اهو اسان جي ادراڪ ۾ اچي سگهي ٿو ته اهو خدا ناهي. اهو شڪل يا خاصيت ۾ ظاهر ڪرڻ معنيٰ بت پرستي ڪرڻ آهي.
هن ڪتاب جو هڪ موضوع اڳواقعي جون وٿيون آهن. جنهن ۾ ٻولي اندر منطقي طور جملي ۾ لفظن جون اهڙيون وٿيون آهن جيڪي ڪنهن جي هئڻ جو انومان پيدا ڪن ٿيون. مثال حوا دير سان آئي جو ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئي. هن جملي کي جيڪڏهن هيئن لکجي ته ” دير سان آئي جو ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هئي“ ته هن جملي ۾ حوا لفظي طور موجود ناهي. پر جملي ۾ وٿي آهي جيڪا ڪنهن جي هئڻ جي خبر ڏي ٿي ڪير آهي اهو لڪل آهي.
مثال: تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين.
جملي اندر ڪيتريون معنائون لڪل آهن مثال تون ڀاڳ وارو آهين ٻيا نه آهن، تون ڀاڳ وارو آهين مان نه آهيان. تون ڀاڳ وارو آهين جنهن ڪري تو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، يا تون ڀاڳ وارو آهين جنهن ڪري مصيبت کان بچي ويئن. مطلب جملي جي اندر معنائن جا ڀنڍار ظاهر ٿي پوندا. جيڪي لڪل آهن. تنهن ڪري ان لڪل شيءَ جي معنا سنسار ۾ موجود آهي. يا وري هيئن به چئي سگهجي ٿو جملي سان گڏ ڪيتريون لڪل ڳالهيون موجود آهن. سنسار به جيڪي ڪجهه ظاهر ڪري ٿو ان کان وڌيڪ لڪائي ٿو. جنهن کي ظاهر ڪرڻ ٻوليءَ جي وس ۾ ناهي.
رسول ميمڻ اهڙن مابعد الطبعات جي موضوعن کي ڇهي اسان کي بحث جو پاسو ڏيکاري ٿو جيڪو فلسفي جي جان آهي.
عام طرح انهيءَ انداز سان سوچڻ جو رخ اسان وٽ قابل قبول ناهي. ڇوته سنڌ ۾ مارڪس وادي سوچ کي آخري سوچ سمجهي فيصلو صادر ڪيو ويو آهي. پر اسان کي هن سوچ لاءِ سائنس جي مدد وٺڻي پوندي. سائنس مادي جي خاصيتن جو علم آهي. ڪائنات جي وسعت ۾ اسان زمان و مڪان ۾ قيد آهيون. اسان جو علم هڪ حد تائين اسان جو ساٿ ڏيئي ٿو. پر جلدي هڪ حيراني پيدا ڪري ٿو. تنهن ڪري برٽرينڊ رسل واري ڳالهه انتهائي اهم آهي ته ” علم جي شروعات حيراني کان شروع ٿئي ٿي، وري علم جي انتها به حيراني تي ٿئي ٿي، پهرين حيراني جهالت واري آهي ٻي حيراني عرفانيت واري آهي“.عرفان جي ان منزل تي پهچي وجدان ٿئي ٿو ته اسان جنهن ٽانڊاڻي کي حقيقت سمجهي جهليو پي اهو جڳهه بدلائي چڪو آهي.
مان سمجهان ٿو هن ڪتاب کي ۽ ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب “رنگي رنگ بنايا” کي گڏي پڙهڻ گهرجي. هڪ فلسفو ٻيو سائنس جو ڪتاب آهي ٻئي عرفاني حيراني جي منزل تي پهچائن ٿا.

اسٽيل جا پنج گلاس هڪ منفرد ناول: نثار کوکر

هو ليکڪ ته لاجواب آهي پر سندس ڪتابن جا ٽائيٽل ۽ ارپنائون به بامقصد ۽ صدين کان دٻيل سنڌ جو آواز آهن. سندس تازي ڇپجي آيل ناول تي ته تفصيل ۾ ڳالهايون ٿا، پر هن کان اڳ آيل سندس ناول جو عنوان هيو “اوڻويهه عورتون” جيڪو سنڌ تي عربن جي ڪيل ڪاهه واري پسمنظر ۾ لکيل آهي. ان ڪتاب جي ارپنا هن طرح ڪئي اٿس ته “ان وقت جي نانءَ جڏهن اروڙ جو قيدي هيس.” ائين ئي سندس تازي آيل ناول “اسٽيل جا پنج گلاس” جو انتساب هن طرح ڪيل آهي ته “سيرو چوڪ (سکر وارو) جي ان بڙ نالي، جنهن هيٺان ٿڌي پاڻيءَ جو مٽ رکيل هوندو ۽ هاڻي پان جي پڙي آهي.”
رسول ميمڻ جي هن ناول ۾ روايتي ڪهاڻين جيان ڪابه هيروئن، هيرو يا ولين ناهي، پر ان جي باوجود اهڙو ته دلچسپ ڪتاب آهي، جو منهنجي اکين اڳيان ته سکر سميت سنڌ جا اهي سمورا ڪردار ڦري آيا، جيڪي علامتي انداز ۾ ئي سهي هن ناول ۾ آيل آهن. هن ناول جي مهاڳ ۾ توڻي جو ليکڪ وضاحت ڪري ٿو ته هي آتم ڪٿائي ناول ناهي، پر اهو وسري ويل پراسرار يادن جي ناسٽلجيا آهي. ليکڪ جي ان وضاحت جي باوجود رسول ميمڻ جو هيءُ ناول پڙهندي مون ته پنهنجو پاڻ کي سکر جي انهن گهٽين ۽ روڊن ۾ ڦرندي ڏٺو، جتي تاريخ جا ڪيترائي طلسماتي ڪردار گهمندا ڦرندا هئا. اهو سندس لکڻ جو منفرد انداز آهي جو سکر جي جاگيراڻي پاڙي ۾ ٻڌل گهوڙن ۽ شيخ شينهن واري روڊ تي گهمندڙ موالين جي ڳالهه ڪندي ڪندي هو ڪو نه ڪو جملو، ڪا نه ڪا سِٽ اهڙي لکي وڃي ٿو جو وڃي ٿيا ست خير.
ناول جي شروعات ئي غضب جي سياسي طنز سان ڪئي اٿس ته بابا ٻڌائيندو هو ته جڏهن تون ڄائو هئين تڏهن ٻاهر پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳي رهيا هئا. شايد اهو ئي سبب آهي جو مان سست، بدنصيب ۽ ڏتڙيل ثابت ٿيو آهيان. سندس ناول آهي ته علامتي انداز وارن اسٽيل جي پنجن گلاسن بابت. پر انهن گلاسن مٿان حڪومت ڪندڙ ايوب خان کان ويندي جنريل مشرف تائين جي دورن تي هڪ سياسي طنز به ڪيل آهي ۽ اها به اهڙي ته شاندار تخليقي انداز ۾ جو پڙهندي مزو اچي وڃي.
ڳالهين مان ڳالهيون ڪندي ايوب خان بابت لکي ٿو ته جڏهن رات جو سمهي اوڀر ڏانهن منهن ڪري گونگهرا هڻندو هيو ته سندس وڏيون مڇون هندستان ۽ افغانستان ڏانهن اشارو ڪنديون هيون. هو هندستان کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسندو هيو ۽ افغانستان جي لاءِ خطرو هيو. ننڊ ۾ پاسو ورائيندو هو ته ڏکڻ ۽ اتر ۾ هن جون مڇون چين ۽ ايران ڏانهن اشارو ڪنديون هيون.
هن ناول ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري تاريخ کان ويندي ون يونٽ تائين، ايوب خان ۽ ڀٽي جي اقتداري دورن کي اهڙي ته سئولي انداز ۾ ڪردارن هٿان بيان ڪيو ويو آهي جو هي ناول ان دور جي سياسي تاريخ تي عوامي راين جي تاريخ بڻجي پوي ٿو. هي ناول شعور جي اهڙي وهڪري ۾ لڙهندي لکيل آهي، جتي ليکڪ پاڻ کي وڏو تارو نٿو سمجهي، پر شعور جي وهڪري سان وهندو، لڙهندو وڃي سمونڊ سان ملي ٿو. هن ناول ۾ شڪارپور جي ان هندو واپاري جو به ذڪر ملندو، جيڪو ورهاڱي کان اڳ پرڀو مل هيو، پر بعد ۾ نعيم احمد شيخ سڏائيندو هو، جيڪو دڪان تي تازو مسلمان ٿيڻ بعد جڏهن ڳاڙهي گوڏ پائي ويٺو ته هن ناول جي هڪ ڪردار سمجهيو ته شايد اها ڳاڙهي گوڏ چين ۾ انقلاب جي خوشي ۾ ٻڌي آهي. ڇو جو چيني سامان اچڻ ڪري سندس ڪاروبار چمڪي پيو هو، پر حقيقت معلوم ڪرڻ بعد هن چيو ماشاءَ الله.
ائين ئي هن ناول ۾ ون يونٽ واري ان وقت کي به ياد ڪيو ويو آهي، جڏهن سنڌ کي بريڪيٽس ۾ لکيو ويندو هو. ناول جو هڪ ڪردار چوي ٿو ته ڪلاس ۾ جيڪي ڪورس جا ڪتاب هوندا هئا. انهن جي پهرئين صفحي تي سنڌ کي بريڪيٽس ۾ ڏسي غلامي جو احساس ٿيندو هو. هن منفرد ناول ۾ اهو به علامتي انداز ۾ لکيل آهي ته ون يونٽ تڏهن ٽٽو جڏهن ڪاڪي قادن هٿوڙن جا ڌڪ هڻي تختي تي پيل اسٽيل جا پنج گلاس الڳ ڪري وڌا.
هن ناول ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ان وقت جي هڪ تعصبي پروفيسر جو به ذڪر ڪيل آهي، جيڪو سنڌين کي ڪچو مسلمان سمجهندو هيو، ان ئي ناول ۾ لاڙڪاڻي جي ان حجم جو ذڪر به ڪيل آهي. جيڪو گراهڪن کي چوندو هيو ته کيس باربر سڏيو وڃي ۽ هو سوشلزم کي سوشل اعظم سڏيندو هو. ليکڪ انهن ڪردارن وسيلي ڇا ته ڀٽي جي اسلامي سوشلزم جو تت ڪڍيو آهي. هن ناول ۾ ان دور جي ڪميونسٽن مٿان پڻ سياسي طنز ٿيل آهي. جنهن بابت هڪ منظر ۾ لکي ٿو ته جڏهن مون هوش سنڀاليو ته ڪميونزم جي حمايت ڪئي، ڇو جو ان ۾ کائڻ پيئڻ جي ضرورت نه هئي، اهو بکايل ماڻهن جو نظريو هيو، پر ان نظرئي جي دانشورن کي پاڻي نصيب نه ٿيندو هو، ڏک مٽائڻ لاءِ روڍڪا پي سگريٽ پيئندا هئا ۽ کائيندا ان وقت هئا، جڏهن ٻئي جي پليٽ ۾ ڪجهه هوندو هو.
رسول ميمڻ پنهنجي هن ناول ۾ هڪ علامتي انداز اختيار ڪري جيڪا مختلف دورن تي سياسي طنز ڪئي آهي، ان بابت سندس رايو ڪهڙو به هجي؟ هن تڪراري ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ علامتي انداز اختيار ڪيو هجي، پر سندس ناول ۾ آيل ڪيترائي جملا مختلف نظرين جي ماڻهن لاءِ تڪراري ۽ اعتراض جوڳا ٿي سگهن ٿا، پر ليکڪ جيئن ته شعور جي وهڪري ۾ لکي ٿو، تنهن ڪري شايد کيس ان ڳالهه جي پرواهه به نه هوندي.
رسول ميمڻ جو هيءُ ناول 155 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سکر جي ماءِ پبليڪيشن جي دوستن ڇپايو آهي. هي ناول هونئن ته سڀني پڙهندڙن لاءِ مفيد آهي، پر منهنجي سفارش آهي ته سنڌ جي پاڙهو سياسي ڪارڪنن (جيڪڏهن ڪي بچيا آهن) انهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، پر جيئن جو تيئن نه سمجهڻ يا اپنائڻ گهرجي، ڇو ته هي علامتي انداز آهي ۽ سنڌي ناولن ۾ هڪ منفرد ناول آهي.

رسول ميمڻ کان انٽرويو

ڳالهه ٻولهه: امر اقبال

اوهان جو ننڍپڻ، اباڻو شهر، شروعاتي زندگي، انهيءَ باري ۾ ڄاڻڻ چاهينداسين.
مان سمجهان ٿو ته دوستن کي خبر هوندي ته منهنجو تعلق سکر سان آهي. سکر شهر سان.... سکر شهر ۾ ئي مون بنيادي تعليم حاصل ڪئي. هاءِ اسڪول جي تعليم به اتان ئي حاصل ڪئي. ايم بي بي ايس مون لاڙڪاڻي مان ڪئي. ان کانپوءِ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي پيٿالاجيءَ ۾.
لکڻ جي شروعات مون ڪئي 1969ع ۾. انھيءَ سالِ مون هِڪڙي ڪھاڻي لکي. اُها ڪھاڻي دوستن کي سُٺي به لڳي، پَر وري جڏهن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ انهيءَ کي پڙهيم، ته مون کي اها ڪھاڻي نه وڻي. مون انهيءَ کي ڦاڙي ڊسٽ بن ۾ وجهي ڇڏيو. مون ڏاڍي اسٽڊي ڪئي پوءِ. منهنجو گهڻو جيڪو وقت گذرندو هُيو، اهو سکر جي مير معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ گذرندو هيو. اسڪول مان ٿي، مان سِڌو لئبريريءَ ۾ هليو ويندو هيس. ان لئبريريءَ ۾ جيڪا ڪتابن جي سليڪشن هئي، اها تمام سٺي سليڪشن هئي. سائين غلام مُرتضيٰ شاهه لئبريريءَ جو انچارج هوندو هيو، جنھن اسان کي ٻُڌايو ته، هِنَ لئبريريءَ لاءِ ڪتابن جي سليڪشن شيخ اياز صاحب پاڻ ڪئي آهي. اُتي جيڪو ڪجهه مون پڙهيو، ان پڙهڻ مون کي ايڏو متاثر ڪيو، جو اُنَ مون کي هِڪڙي راهَه ڏني. ڇاهي جو، ڏسو نه..... چوڏهن سالن جي عُمر هِڪَ اهڙي عمر آ، جيئن تَپيل لوهُه هجي.... ڌَڪُ هڻوس ته جاڏي چاهيو، اوڏهين مُڙي پوي... 1969ع ۾ مان هُيم چوڏهن سالن جو.... ٽالسٽاءِ کي مُون اُتي پڙهيو، مئڪسم گورڪيءَ کي پڙهيو.... ڇو جو رَشين لٽريچر انھن ڏينھن ۾ ڏاڍو عام هوندو هيو. ڪتابَ مارڪيٽ ۾ ملندا هئا. هر هنڌ اهو لٽريچر مُهيا هوندو هيو...
انهن ڏينهن ۾ گهڻو رشين لٽريچر اردوءَ جي معرفت سنڌيءَ ۾ ترجمو به ٿيو...
گهڻو ڪري اُهو ادب اردوءَ ۾ هوندو هيو. سوويت يونين جي سپورٽ هوندي هئي اُنَ کي. سفارت خانو هوندو هُيو، انھيءَ ۾ ادب جا سيڪشن هوندا هئا. سنڌي سيڪشن به انھيءَ ۾ هُيو، ڪجهه عرصو.... ايڏا زبردست ۽ سستا ڪتابَ انھن ڏنا، جو اسان جي نوجوانَ کي هَڻِي، هِڪڙي راهَه تي موڙي وڌئون. هڪڙي پُوري ٽھيءَ انھن ڪتابن مان پنھنجي راهه ٺاهي.... ٽالسٽاءِ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هُو فقير.... صوفي طبيعت جو هڪڙو اديب آ.... ان جي هڪڙي ڪھاڻي مون پڙهي. منھنجي دماغ ۾ اهڙي ويھجي وئي، جو مان لئبريريءَ کان هليم ته گهر پھچڻ تائين، ڄڻ ته مدهوش لڳو پيو هيس... پوءِ مون جيڪا شروعات ڪئي لکڻ جي، اُنَ ۾ مون جيڪي ڪھاڻيون لکيون، اهي Descriptive .... وضاحتي.... بيانيه قسم جي Formation ۾ هيون. اهي ڪھاڻيون ”امن جي نالي“ ڪتاب ۾ آهن، جيڪو 1976ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتابَ کي، اُنَ وقت، ماڻھن ڏاڍو appreciate به ڪيو. پَر پوءِ وري مون جڏهن، ٻيو به عالمي ادب پڙهيو، خاص ڪري سائوٿ آمريڪن لٽريچر، ته مون چيو، ته ادب ته آهي ئي ٻي شيءِ..... ۽ ادب جو اهو به فارميٽ آهي. جيڪا عالمي Criticism آ، انھيءَ ۾ انھيءَ Descriptive ادب جي گنجائش ناهي....
پاڻ وٽ جيڪي ڪهاڻيون، نظرين (خاص ڪري قومپرستيءَ) جي لهر ۾ لکيون ويون، اهي ته وقت جي وهڪري ۾ لُڙهي ويون...
هن وقت به اسان انھيءَ Stream مان نڪري ناهيون سگهيا. جيڪڏهن حوالا (References) ڪٿي آهن، ته اُهي انھن ڪھاڻين جا آهن. جيڪا جديديت آ، ماڊرنزم آ، پوسٽ ماڊرنزم آ ۽ ان سان لاڳاپيل جيڪي جُزا (Ingredients) آهن، اُهي انھن ڪھاڻين ۾ اسان کي نظر نه ٿا اچن. سواءِ هِڪَ ٻن اديبن جي، جن کي ان وقت قبول ئي ڪو نه ڪيو ويو....
نالا کڻڻ چاهيندؤ انهن جا...
مان توهان کي ٻُڌايان.... ماڻڪ جيئن هُيو. هُنَ وٽ اهي سَڀُ Factors هُيا. پَر اُنَ کي ايڏي اهميت نه ڏني وئي. مان توهان کي ٻڌايان... حليم بروهيءَ جو ناول ”اوڙاهه“ 1975ع ۾ مون پڙهيو. مون چيو، هِنَ وٽ ته زبردست فارميٽ آ.... ”اوڙاهه“ جو پنجويهه ٽيهه سال ڪٿي ذڪر ئي ڪو نه هيو. هاڻي وڃي Realization ٿي آ، ته يار! هي به ته ناول آهي... هي به ته زبردست قسم جو ناول آ.... حليم بروهيءَ کي ان وقت، اهو مقام، ڪنهن نه ڏنو... ڇو جو، اسان وَٽِ، جيڪڏهن شاعريءَ ۾، جيڪڏهن ڪھاڻيءَ ۾، جيڪڏهن ناول ۾، جذباتي طريقي سان، قومپرستي موجود نه هوندي هئي، ته انھيءَ ادب کي Condemn ڪيو ويندو هيو. اسان جا Semi Socialist دانشور، جيڪي ان وقت هيا، جيڪي چوندا هيا ته، اسان جي ڪميونزم تي هڪڙي گرفت آ، سچُ ٻڌايانوَ ته، انھن کي ڪميونزم ۽ سوشلزم جي خبر ئي ڪو نه هئي. صرف ڪجهه سطحي مضمونَ پڙهي، قومَ کي وٺي وڃڻ پئي چاهيئون، ان راهَه ڏي، جنھن راهَه جي کين صحيح خبر ئي ڪو نه هئي ته، اسان هنن کي ڪاڏي ٿا پيا وٺي وڃئون؟!.... حقيقت اِها آهي.... سو اُهي پنھنجن جلسن ۾ اديبن تي تنقيد ڪندا هئا، ”يار! هُو ڦلاڻو اديب ته ڏس، ناول لکيو ٿئين؟! انھيءَ ناول کي مان چُلھي جي باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيان“.... جيڪڏهن ڪو اديب هَٽندو هُيو، انھيءَ Track کان، ته ائين چيو ويندو هيو. جيڪا هڪ وڏي ٽريجڊي هئي. اسان جي پُوري ٽھي انھيءَ ۾ Involve ٿي نظر اچي ۽ انھيءَ ۾ اسان جا وڏا ڪريئيٽيو رائيٽر به موجود آهن. سنڌ ۾، اسان جو ادب انھيءَ Track تي هليو آ. افسوس جھڙي ڳالهه آهي ته، جتي دُنيا ۾، شاهه لطيف جي ڏينھن ۾ روس ۾ گوگول ٿو پيدا ٿئي ۽ اهو “Dead Soul”ٿو لکي، اهو توهان پڙهي ته ڏِسو...... گهڻا سئو سالَ ؟!...چار سئو سال پھريون..... ان جو ناول پڙهي ته ڏسو. اُنَ دؤرَ جا ناوِلَ ته پڙهي ڏسو. سوشلزم جو ڪو تصور ئي نه آيو هو ان وقت ۾.... انھن ۾ جيڪي ماڊرن ادبَ جا Ingredients آهن، اهي نظر ٿا اچن، چار سؤ سالَ پھريون به .... اسان جي ناوِلَ، اسان جي ڪھاڻيءَ جي عمر گهڻي آ؟!.... هڪ سؤ سال .... 2007ع ۾، منھنجي خيالَ ۾ هڪ سؤ سالَ پورا ٿيا، شارٽ اسٽوريءَ کي.... ناول ته ڪلھه جي ڳالهه آ.
ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۾ ...
ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۾ جي ڳالھه آ.... پَر اهي ناولَ وري اهڙا لکيا ويا.....
بيانيه اندازَ ۾ ...
سٺو بيانيه انداز هيو. هلو ٺيڪ آ، هِڪڙو بُنياد انھن رکيو. اها تمام سُٺي ڳالھه آ. پَر اسان پنج هزار سالَ پُراڻي قومَ آهيون. وري سوچيون ٿا ته اسان جي ناوَلَ، اسان جي ڪھاڻيءَ جي عُمر صرف هڪ سؤ سالَ..... عجيب ٿو پيو لڳي ڏاڍو. ايڏا ڏينھنَ، هي جيڪو دؤر هليو، دنيا ۾ سڀ ڪجهه لکيو پئي ويو، دُنيا پڙهي رهي هئي، ته اسان ڪاٿي هياسي؟ ڏاڍي اِها افسوس جي ڳالھه آ. پَر هاڻي، ڪجهه نوجوان اهڙا آهن، جن انھيءَ Track کي تبديل ڪيو آ. هاڻي هِڪڙو نئون Trend شروع ٿيو آ ۽ اهو نئون Trend اسان جي لاءِ تمام گهڻو ضرور آهي، ڇو جو جيستائين اسان جو ادب، جيڪو Modern Criticism تي پورو اچي، اهو نه لکيو ويندو، تيستائين اسان دنيا ۾ Introduce ٿي نه ٿا سگهئون.
اوهان پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ بيانيه انداز کان اڳتي ايندي علامت نگاري، سرريئلزم، يا ميجيڪل ريئلزم واري انداز ۾ لکندي، ڪهڙن عالمي ڪهاڻيڪارن مان Inspiration ورتي؟
علامت نگاري، سحرانگيز حقيقت نگاري، ميجيڪل ريئلزم..... انھيءَ جي تاريخ تمام پُراڻي آهي. حضرت عيسيٰ کان به پھريان جي آ. جڏهن ميٿالاجي آ. جڏهن يونان جون ڏند ڪٿائون آهن. ڏند ڪٿائن کان شروعات ٿي ٿئي. هر شيءِ.... اسان جو عقيدو، يونانين جو عقيدو، رومين جو عقيدو.... انھن جو بنيادُ ڏند ڪٿائي آهي..... ۽ ميجيڪل ريئلزم به اتان ئي ٿي شروع ٿئي ۽ جيڪا هلندي اچي مون کي سائوٿ آمريڪن ليکڪن جي لکڻين ۾ نظر آئي. انھن جي ناولن ۾ نظر آئي. انھيءَ جو وڏي ۾ وڏو ريفرنس اَٿَوَ گارشيا مارڪئيز. گارشيا مارڪئيز کي مون پڙهيو ۽ ٻه ٽي ٻيا به ليکڪ آهن. انھيءَ کانپوءِ اسان وٽ ڪافڪا آهي. مون ڪاميو کي پڙهيو. ڪاميو کانپوءِ جيمس جوائس آ.... اِهي جيڪي يورپين رائيٽر آهن، انھن وٽ به هڪڙو منفرد انداز هيو. جن ادب کي هڪڙو نئون Track ڏنو، وجوديت جي صورت ۾. وجوديت کي ڳولي لڌائون ۽ جيڪو بيانه طريقو هيو، هلندو پئي آيو، انھيءَ کي هنن هڪڙو نئون موڙ ڏنو ۽ وري سائوٿ آمريڪن لٽريچر جيڪو اُتي پروڊيوس ٿيو، اتان جي اديبن اُن ۾ اهڙي ته ميجيڪل ريئلزم ۽ هڪڙو سحر وجهي ڇڏيو، جو پڙهندڙ صفا گرفتار ٿي ويو ان ۾.
توهان جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ جيڪو جادو سمايل آهي، ان جي تخليق وقت توهان جي پنهنجي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟
هڪڙو انگريزيءَ ٽَرم آهي “Depersonalization”
پنهنجي جسمَ کي وساري ڇڏڻ...
پنهنجي جسم مان نڪري، پرواز ڪرڻ. اها ڏات آ. اها ڏات ماڻهوءَ ۾ يا ته Genetically موجود آ، ان جي جِين ۾ آ.... يا وري، ڪجهه سائوٿ آمريڪن ليکڪ Depersonalizationجي اسٽيٽ ۾ وڃڻ جي لاءِ Drugs استعمال ڪندا هئا. اهي لکڻ کان پھريان اهڙا Drugs وٺندا هئا، جو پنھنجي جسم مان نڪري اڏام ڪندا هئا ۽ پوءِ وري جڏهن واپس موٽندا هئا پنھنجي اوريجنل اسٽيٽ ۾، ته حيران ٿي ويندا هئا، ته يار! اِهو ته منھنجو لکيل ئي ڪونھي ڪو.... هڪڙي اهڙي اسٽيٽ به آهي، عدم دنيا جي اسٽيٽ آهي. پوءِ جيڪو اُها ماڻي سگهي. مون جڏهن ناول ”قالو بلا“ لکيو، ته ان وقت مون سان اها اسٽيٽ هئي. مان توهان کي ٻُڌايان ته مان ننڍڙو هوندو هيس، پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هيس، ته انھن ڏينھن ۾ سکر جھڙي شھر ۾ به لائيٽ نه هوندي هئي. بجلي نه هوندي هئي. اسان گاسليٽ واريون هٿ بَتيون ٻاري رکندا هئاسي جارن ۾. انڌيريون ڪوٺيون هونديون هيون، جن ۾ سڀ سمھندا هئاسي. ڀتين تي پاڇا ٺھندا هئا..... سو، منھنجي ماءُ ڪھاڻيون ٻُڌائيندي هئي. مان ڏسندو هيس ته هوءَ جن ڪردارن کي Describe ڪندي هئي، مان انھن ڪردارن ۾ شامل ٿيندو ويندو هيس. مان ڏٺو ته، مان انھن ڪردارن سان گڏ گهمي رهيو هيس. مون ۾ ڪا طاقت هئي ان وقت به، جو انھن ڪردارن ۾ شامل پئي ٿيندو ويس. منھنجي امڙ ۽ منھنجي ڏاڏي جو ڀاءُ زوار احمد، ڳوٺان ايندو هُيو، اهو به اسان کي ڪھاڻيون ٻڌائيندو هُيو.
جنهن کي توهان پنهنجو هڪ ڪتابُ به ارپيو آهي...
ها، بلڪل.... انھن ڏينھن ۾ نه ٽي وي هوندي هئي ۽ نه ڪي ٻيون سھولتون. اسان جي لاءِ Entertainment اها هوندي هئي ته رات جو سمھڻ کان پھريان هڪڙي ڪھاڻي ٻُڌڻي آ. زوار ٻِيڙيون ڏاڍيون پئيندو هو. هُو ذاڪِرُ هوندو هُيو. سُوٽو هڻي سگريٽ جو دونھون جو ڇڏيندو هيو، ته ان جي دونھين ۾ به شڪليون ٺھنديون وينديون هيون. ديوَ، پريون، اپسرائون، اسان کي نظر اينديون هُيون، ڄڻ اسان جي سامھون اڏامن ٿيون. (کلندي).
اوهان جي گهرَ جي ڏاڪڻ جي هُريءَ ۾ جيڪا صندوق رکيل هوندي هئي، جنهن ۾ اوهان لِکي ، رکندا ويندا هيئو. اُها صندوق اڃان آهي؟
(ٿڌو ساهُه ايندي) صندوق اها گم ٿي وئي. زندگيءَ ۾ مان.... خانه بدوش جنھن کي چئجي، صفا ائين رهيو آهيان....
پنهنجين نوڪريُن جي حوالي سان؟!
نوڪريءَ جي حوالي سان مان سنڌ حڪومت ۾ رهيس. سڄي زندگيءَ، ڪڏهن لاڙڪاڻو، ڪڏهن سکر، ڪڏهن شڪارپور، ڪڏهن سائين! ڪراچيءَ، وري هيڏي ٿرپارڪر واري پاسي ڏي..... سو، ٽين ۽ ڊَٻا پاڻ سان گڏ هوندا هيا.... پوءِ جڏهن مان شفٽ ٿيندو هيم نه، ته مون کان گهڻيون شيون رهجي وينديون هيون. منھنجا ڪتاب گم ٿي ويندا هيا. صندوق، جيڪا اوهان ياد ڏياري، هڪ دفعي مينھن وسيو ته پاڻي اندر هليو ويو. منھنجو شاعريءَ جو پُورو هڪڙو ڪتابُ هيو.... مان لکندو آهيان فائونٽين پين سان، مَسُ واري پين سان..... بال پين مان هاڻي به استعمال نه ڪندو آهيان..... اهو سڄو ڪتابُ، وڃي جو ڏسان ته Washout ٿي ويو آ.... سو، اها صندوق بلڪل هوندي هئي، جنھن ۾ مان پنھنجو سمورو Material رکندو هيس. اها صندوق الاهي پُراڻي هئي، اسان جي ڪا خانداني صندوق هئي. اسان جو گهر هوندو هُيو، سکر جي گلستان گهٽيءَ ۾. وڏو گهر هوندو هيو. ڪچو گهر هُيو، پر هُيو ٻَه ٽي ماڙ.... مٿي به ٺھيل هوندو هيو. مٿي رڳو اوندهه ئي اوندهه هوندي هئي. ڪوٺي ڪوٺيءَ ۾.... صندوق به اوندهه ۾ پئي هوندي هئي. مان وڃي اُها صندوق کولي ويھندو هيس. ان ۾ وڏڙن جا ڪي ڪتابَ ۽ رسالا به پيل هوندا هئا. اهي به کولي ويھي پڙهندو هيس ۽ پوءِ ان ۾ پنھنجون ڪھاڻيون، ڪجهه Creations به رکندو ويندو هيس.....
هڪڙو ڪتابُ اوهان جي شاعريءَ جو ڌوپجي ويو. پَر هڪڙو ڪتابُ ڇپيو به “اوشا جي آشا”... ان کانپوءِ اوهان شاعريءَ کي مستقل اڳتي ڇو ڪو نه وڌايو؟
شاهه لطيف.... هيڏو وڏو جبل..... سائين! حيرت انگيز ڳالهه آ.... ڏسو! هر شيءِ Stepwise مَٿي ويندي آ نَه.... مَٿي پھاڙيءَ ڏي. اسان جڏهن هوش ۾ آياسي ۽ شاهه لطيف پڙهيوسي ته جبل نظر آيو. بابا! Steps ڪا ڏي ويا؟ اهو جبل ڪيئن ٺھيو؟ جَبَل جي ٺھڻ جي پويان ڪجهه نظر ئي ڪو نه ٿو اچي. All of Sudden هڪڙو پھاڙ نظر آيو. ٺيڪ آ سائين؟!.... ايازُ..... زبردست..... لطيف سان ذري گَهٽِ ڪُلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل شاعر آ.... ان کانپوءِ ٻيا به .... اهڙي دؤر ۾، انھن جي هوندي، پاڻ کي شاعريءَ ۾ Establish ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو مون کي نظر آيو. مون ته پابند شاعري ٿورڙي ڪري، ڇڏي ڏني. اياز جو اثر هُيو. اياز سان گڏ ڪچهريون ٿينديون هيون. سکر ۾، سنڌي ادبي سنگت ۾ ايندو هيو.
سنڌي ادبي سنگت سکر، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ ان دؤر جا ٻيا اوهان جا همعصر دوستَ... انهن کي ٿورو ياد ڪيون...
سنڌي ادبي سنگت ۾ مون 1974ع ۾ وڃڻ شروع ڪيو. ان وقت اسان بلڪل نوجوان هُياسي. سکر ۾ هڪڙو مشاعرو ٿيو هو، انھن ڏينھن ۾.... ”ڪل سنڌ مشاعرو“ هيو. شيخ اياز صاحب ان جي صدارت ڪئي. پير حسام الدين راشدي صاحب انھيءَ جو خاص مھمان هيو. ان مشاعري ۾ اسان نوجوانن پھريون دفعو پنھنجي شاعري پڙهي. جنھن ۾ ادل سومرو هُيو، اياز گل هُيو. مون به شاعري پڙهي. ان کانپوءِ باقاعدي جيڪي گڏجاڻيون ٿينديون هيون سنڌي ادبي سنگت جون، اُهي رشيد ڀٽي صاحب جي آفيس ۾، سکر جي جاگيراڻي محلي ۾ ٿينديون هيون. اتي هر هفتي وڃڻ ٿيندو هيو. ڀٽي صاحب ڏاڍو هڪڙو Competent، زبردست Intelligent ماڻھو.... وڏو وڪيل هُيو. هُنَ جا پنھنجا جيڪي اَصيلَ ايندا هئا، انھن کي ٻاهر ويھاريندو هيو. بابا! اندر سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ٿي هلي.... اسان نوجوانن سان ويٺو هوندو هيو. ڪچهري هلندي هئي. تنقيد ٿيندي هئي. مان اُتي پنھنجيون ڪھاڻيون پڙهندو هيم، اسان جا دوست اتي پنھنجي شاعري پڙهندا هئا....
انهيءَ دؤرَ ۾ اوهان پابند شاعري به جام ڪئي ۽ هڪ نئين صف ”نولکا“ پڻ متعارف ڪرائي...
”نولکا“.... مون سنڌيءَ شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف Introduce ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.... يا وري ”ڏيکارو“.... جنھن ۾ صرف هڪڙو منظر هجي.... اياز صاحب، سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ بنان اطلاع ڏيڻ جي، اوچتو هليو ايندو هيو. اياز صاحب جي Personality ۾، ان جي شخصيت ۾، هڪڙي دهشت هئي. هُو جڏهن ويھندو هو اچي، ته سَڀُ alert ۽ خاموش ٿي ٻڌاندا هئا، ته هِنَ کانپوءِ ڀلا ڪيرُ ڳالھائيندو؟! اياز صاحبُ ٻڌندو هُيو. نوجوانن جي شاعري ٻُڌي، ان کانپوءِ وَٺي غور سان پڙهندو هيو. وري پَين ڪڍي Corrections ڪري لکي ڏيندو هو. بابا! هي غلط آ، هي صحيح آ. هي هيئن هجڻ گهرجي.... اُنَ جا هَٿَ اکر مان سمجهان، دوستن وٽ محفوظ هوندا....
شاعريءَ ۽ ڪهاڻين کانپوءِ ناول طرف ڪيئن آيئُو؟ خاص ڪري تاريخي شعُور جيڪو اوتيو ٿا پنهنجن ناولن ۾ ... ان متعلق ڪجھه ٻڌايو...
هاڻي، جيڪا مون ڪھاڻي لِکي نَه.... اها لکڻ جي Practice ڪئي، ته جيئن منھنجو Tempo يا رِڌم جيڪو آهي، اُهو ٺھي ۽ مان ناول لکي سگهان. ناول مون پنھنجي ابتدائي دؤر ۾ ناهي لکيو. اهو مون وڃي 2007ع ۾ لکيو آهي. ناول جيڪو مون لکيو، ان ۾ مون realize ڪيو.... هاڻي سنڌيءَ ۾ جيڪي ناول لکيا ٿا پيا وڃن.... ٺيڪ آ پنھنجو هِڪڙو بُنياد هُنن فراهم ڪيو. پَر ناول لکڻ جو هڪڙو طريقو ٻيو به آهي، جيڪو بين الاقوامي سطح تي رائج آهي. مون پنھنجو پھريون پھريون ناول ”نجومي“ لکيو. هِن ناول ۾ ستٽيھه ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون آهن. انھيءَ ۾ نجوميءَ جو طوطو، رُقعو يا ڪاغذ جڏهن کولي ٿو، ته انھيءَ ۾ هڪڙو شعر آ، اهو ان ماڻھوءَ جي قسمت جو فيصلو آ، جيڪو وَٽس اچي ٿو. اهو ناول مون ڏاڍي محنت سان لکيو. ستٽيھه ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون ڪَٺيو ڪري، ان کي سر ريئلسٽڪ انداز ۾ مون لکيو آهي. اِهو فيڪٽر مون ڪٿي به ناهي ڇڏيو. ان کانپوءِ مون ”قالو بلا“ لکيو. جڏهن مون هِي ناول لکيو، ته اسان جو هڪڙو دوست هجي، ڪياماڙيءَ ۾..... ان جي گهرواري ويچاري، هُنَ جي بستري تي ئي گذاري وئي رات جو، هُن کي خبر ئي نه پئي.... هُنَ کي گهرواريءَ جي هَٿَ جي ٿڌاڻ محسوس ٿئي پئي ڪا.... هُنَ ٻُڌايو ته، يارَ! مان محسوس ڪيم پئي ته منھنجي زال جو هٿ ٿڌو هو، پَر سمجهيم پئي ته سُمھي پئي آ.... اِهو پلاٽ مون کي نظر آيو. پوءِ مون ”موت“ کي موضوع بنايو، ته ڪيئن هڪڙي انسان کي، انھيءَ حالت مان بچائي سگهجي ٿو؟! ڪنھن کي وڃي دانھن ڏيون جو انساني Survival ٿئي؟! اوچتو ئي اوچتو ڪنھن انسان جو موت ٿو ٿئي، جيڪو قدرتي يا فطري موت ناهي، حادثاتي آ. ڪنھن بيماريءَ جي ڪري، ننڍي عمر ۾ ڪوئي گذاري ٿو وڃي.... پوءِ مان تاريخ ۾ هلندي، پوئتي، پوئتي ٿيندو ويم. آدم کان به اڳتي نڪري ويم. “Nothingness”جتي هئي، خول هيو، Void هيو، اُنَ اسٽيٽ ۾ وڃي پھتم ۽ اتي خُدا کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم....
خُدا جي ڳولا کي نه صرف اوهان ڪھاڻين ۽ ناولن جو موضوع بڻايو آهي، پَر ”الف کان اڳ“، ”پليسيبو“ ۽ ”خدا، روح ۽ سائنس“ جهڙن فلسفياڻن ڪتابن ۾ پڻ بحث هيٺ آندو آهي. اهو هڪ نهايت پراسرار موضوع آهي. اِنَ موضوع جو ڇيڙو ڪٿي نظر به آيو؟
منهنجي دل جي اها حسرت رهي آ، ته جيڪر مان مرڻ کان پهريون، دنيا ۾ خدا کي ڏسي وڃان. اها جُستجو رهي آ.... ڇو جو ڏسو نه، هڪڙو Thinking mind جيڪو سوچي ٿو پيو.... يا ته سوچي نه..... يا ته عقيدي کي قبول ڪري.... عقيدو چوي ٿو ته، سوچيو نه. عقيدي ۾ هرڪا شيءِ موجود آهي. جيئن عقيدو چئي ٿو، ان کي Follow ڪرڻو آ. پر جڏهن توهان عقيدي ۾ Skeptic ٿي ٿا وڃو، شڪ جي گنجائش پيدا ٿا ڪيو، ته پوءِ اتي توهان Thoughtful ٿا ٿيو.... ۽ هڪڙو سوچيندڙ شخص آهي، اهو چوي ٿو ته مان هر شيءِ تي سوچيان. سو، مان سوچيو، ته دنيا ۾ مون کي اهڙو ڪو ثبوت ملي وڃي، ته جيئن منھنجو عقيدو مضبوط ٿئي. نه ته منھنجي زندگي جيڪا آهي، سا بيڪار پئي وڃي. سَچُ هُجي، مان ان کي ڪُوڙ ٿو سمجهان. ڪوڙ هجي، مان ان کي سچ ٿو سمجهان.... هڪڙو ڪاٿي به اهڙو لقاءُ (Phenomenon) مون کي ڪائنات ۾ نظر اچي وڃي، ته منھنجو عقيدو مضبوط ٿئي. ڏاڍي مان ڪوشش ڪندو آهيان ته جيڪر.... مان هڪڙي مولوي صاحب کي چيو ته، مولوي صاحب! مون کي جِنَ ڏيکار.... مولوي صاحب چيو ته، تون ڪڏهن مون سان قبرستان هَلُ، ته مان توکي جِنَ ڏيکاريان.... مان چيو مانس ته، مان سائنس جو شاگرد آهيان، مان سڄي زندگي سائنس پڙهي آ، مان پنھنجي پروفيشن جي لحاظ کان Histopathologist آهيان. منھنجو ڪم آهي مائڪرو اسڪوپ ۾ ڏسڻ. مون کي جيڪو نظر اچي ٿو، مان اُنَ ۾ Believe ٿو ڪيان. جراثيمَ نظر نه ٿا پيا اچن، مائڪرو اسڪوپ ۾ ڏسان ٿو، ته مون کي نظر پيا ٿا اچن. عقيدو نظر نه ٿو پيو اچي. سوچيان ٿو مائڪرو اسڪوپ ۾ ڪٿي نظر اچي. نه ٿو نظر اچي.... سو جڏهن مون اها گنجائش پيدا ڪئي، ته پوءِ خُدا کي ڳولھڻ شروع ڪيو. مون سوچيو، پنھنجي مطالعي جي مدد سان، ته خُدا ته انسانَ جي جِين ۾ موجود آ. هر انسان، هر ساهَه وارو جيوگهرڙن (Cells) جو ٺھيل آ. مائڪرو اسڪوپ ۾ مان جيوگهرڙا ڏسان ٿو پيو. ان ۾ مان نيوڪلئس ڏسان ٿو اُنَ جو، ان جو مان ڊِي اين اي ڏسان ٿو، ڊي اين اي اُنَ مان ڪڍيو به آهي، اُنَ کي چڪاسيو به اٿم. اُنَ ۾ جيڪي به جِين آهن..... اسان جا ڪردار، اسان جي عمر، اسان جي ذھانت، اسان جا رويا.... اهي سڀ انھيءَ ۾ موجود آهن. جيڪي اسان کي وراثت ۾ ملن ٿا. ان جِين کي جڏهن مان observe ڪيو، ته مان چيو، ته خُدا ته يار! ٻاهر آهي ئي ڪو نَه.... هي ته ساهَه وارن ۾ خُدا آ اندر.... جيڪو جيوگهرڙو آ، جيوگهرڙي ۾ جيڪو ڊي اين اي آ، ڊي اين اي ۾ جيڪي ڪروموسوم آهن، ڪروموسومس ۾ جيڪا جِين آ، خدا ان جين ۾ موجود آ..... ۽ اسان ان جِين جي تحت، پنھنجي خواهش مطابق، پنھنجي رويي مطابق، ارتقا (Evoluation) جي زيرِ اثر تبديل پيا ٿيون.... سو هر شيءِ ۾ مون کي اُهو نظر آيو.
سَچَلَ سائين ٿو ياد اچي، جنهن چيو ته ”محبوب ڳولي ڏس من ۾ الا...“.
(کلندي) زبردست..... زبردست....
جيڪڏهن صوفي شاعرن جي انهيءَ ڳالهه کي، انهيءَ نُڪتي سان لنڪِ ڪجي...
صوفي ازم جو اهو ئي Thought آهي.... ”اناالحق“. اهو سڀ اندر آهي، حق آهي...پَر Scientifically اهو ناهي.
ڏسو! Hypothesis آهي نه.... مان چوان ٿو هڪڙو ڏينھن ايندو، جو انسانَ جي، يا ساهَه وارن جي جِين ۾، خُدا جي جين کي ڳولي لڌو ويندو، ته هيءَ ئي جِين آ، جنھن جي ڪري هر شيءِ برقرار آ. ان جي Through ڪري ئي Evolutionary تبديليون ٿيون اچن. ارتقاءَ جي Cycle ٿي هلي. ماحول (Atmosphere)، جيڪا به پسگردائي آ، ان سان ان جي Adjustment ۽ Adaptation ٿئي ٿي پئي. اها اسان کي جيئرو ٿي رکي. اسان کي Modify ئي ڪري، ته جيئن اسان حالتن سان منھن ڏئي سگهئون. جيئرا رهي سگهئون.
نوجوان ڪهاڻيڪار جيڪي ڪهاڻيون لکن ٿا، انهن کي پڙهو ٿا؟ انهن ۾ ڪا اميد آسرو نظر اچيوَ ٿو؟
زبردست يار! ڪهاڻي لکجي پئي. ڪهاڻي لکن ٿا پيا نوجوانَ ڇو نَه.... زبردست لکن پيا، پَر ڪُجهه.... ڪُجُهه.... گهڻا نَه..... نثرنويسيءَ ۾، ڪهاڻين ۾، جيڪي مجموعا اچن پيا، انھن ۾ اهوئي پراڻو Stereo Type وارو انداز آهي. نواڻ چار پنج هڪڙا نوجوانَ، جيڪي اڀري آيا، انھن جي لکڻين ۾ آهي ۽ ڪهاڻي لکجي پئي.
جڏهن ته Comparatively ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ جيڪا شاعري آهي، سنڌي شاعري جيڪا ٿئي ٿي، يار! واهه..... بين الاقوامي ليول جي شاعري آ. مان نوجوانن جي شاعري پڙهي حيران ٿي ويندو آهيان، ته يار! هي ته گهڻن کان اڳتي نڪري ويا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏسندو آهيان، هڪ ٻَه شاعر يا شاعرائون اهڙا به آهن، جو اُهي ٽپي ويندا آهن، Jump ڪندا آهن شاعريءَ ۾.... حد آ سائين! سنڌي شاعريءَ ۾ تمام سٺو ٿو لکيو وڃي.....
توهان جي شاعري اسان ٻڌڻ چاهينداسي...
“وڇوڙي جا رَنگ”.... هِنَ ۾ Colors آهن. رنگ، رنگ، رنگ.... مختلف رنگ مون هن ۾ وڌا آهن....
او پياري!
هئي رات ڪيڏي ڪاري
تو سوا، صبح جي نيراڻ
هئي جنھن ۾ وڇوڙي جي ميراڻ
هر طرف هيرَ ۾
۽ ماڪَ جي نيرَ ۾
هئي شامل
چهري جي پيلاڻ
ڏينھن جي اڇاڻ ۾
هُيو ٿَڪُ، اوٻاسي
خماريل شامَ جا نيڻَ ناسي
پوءِ سانجهيءَ جي لالاڻ ۾
اک جي آلاڻ ۾
مون ڏٺو
ڳوڙها بيرنگ هيا
اوهان جي رائيٽنگ ٽيبل تي هِنَ وقت ڪهڙو تخليقي ڪم هلي رهيو آهي؟
مون هاڻي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. منهنجي خيال ۾ پنج ناول لکيا آهن. “اسٽيل جا پنج گلاس” لکيم، ان کانپوءِ هاڻي “اک ڇنڀ” آيو آهي. چوان ٿو ته هاڻي مان ڪھاڻيون نه لکان. ڪهاڻيون منھنجيون ٻَه سؤ کن آهن. هڪڙو ناول، يا آٽوبايوگرافي ضرور لکڻي آ مون کي ۽ اها مان لکندم، پَر مان باقاعدي وري هڪ دفعو، جيڪي سٺا اديب آهن، عالمي اديبَ، انهن کي پڙهندس. انھن کي پڙهندو آهيان، ته پاڻ کي کُٽل محسوس ڪندو آهيان. يار! مان ته کٽل آهيان.... مان وٽ ته ڪجهه آهي ئي ڪو نَه..... هِي ته ايڏو سٺو پيا لکن، مان ڇا لکيو آ؟!... اُتئون مون کي هڪڙي Inspiration ملندي آ، اتساهه ملندو آ. پوءِ وڃي ڪري مان پنھنجو قلم کڻندو آهيان ۽ لکڻ شروع ڪندو آهيان....
آٽوبايوگرافي جيڪا اوهان لکڻ وڃي رهيا آهيو، اها به مئجيڪل ريئلزم واري انداز ۾ هوندي، يا Narrative انداز ۾؟
نه نه نه ..... Narration ۾ مان Believe نه ٿو ڪيان. لکيون ويون آهن نه.... ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون Narration ۾ لکيون ويون آهن.... مان ڇا جي لئه لکان؟!.
ڊرامو لکڻ جو خيالُ ڪڏهن نه آيُوَ؟!
ڪڏهن به نه..... سائين! نه..... پاڻ کي Exploit ڪرڻو آ.... آف دي رڪارڊ سمجهو، ڪيئن به سمجهو. ڊرامو جيڪو آهي، ان جي لکڻ ۾ پنهنجو Talent ضايع ڪرڻو آ....
ڪڏهن ڪنهن چيو اوهان کي ڊرامو لکڻ لاءِ؟
ها.... ميڊيڪل ڪاليج ۾ جڏهن مان پڙهندو هيم، مون کي هڪ ٻن پروڊيوسرن چيو. انهن ڏينھن ۾ مان 1978ع ۾ هِتي پي ٽي ويءَ جي اسٽوڊيو ۾ آيو هيس، وري نه آيو هان.... وري اڄ آيو هان. مون پنھنجي هڪڙي ڪهاڻي هتي پڙهي هئي. مون کي پروڊيوسرن چيو ته، بابا! تون اسان کي ڊرامو به لکي ڏي.... مان انهن کي پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌايون، ته مان ڪهاڻيون لکندو آهيان، جن ۾ سِڌيون سنئيون ڳالهيون ناهن هونديون. سمبالزم هوندي، تجريدَ هوندي، ڪردارَ جيڪي هِن، جادوئي هوندا.... هنن چيو، نَه.... هي اهو دؤر ناهي....

عالمي شعور رکندڙ ڪهاڻيڪار: حبدار سولنگي

ڪهاڻيءَ کي زندگيءَ سان ڀيٽيو ويندو آهي. جيئن زندگي پاڻ ۾ گهري رمزيت سان ڀرپور ۽ تجسس ڀريل آهي، بلڪل ائين ڪهاڻي به پنهنجن لفظن، جملن، بيهڪ ۽ لقاءَ ۾ زندگي جيان آهي. اُن جا ڪردار ڪڏهن ڀوڳنا ۾ ڀُرندا آهن ته ڪڏهن سک سان سرجندا آهن. ڏُک، انتظار ۽ اداسي به ته ڪهاڻي سان سلهاڙيل آهن. جيئن زندگيءَ سان حادثا، واقعا ۽ يادگيريون سلهاڙيل آهن. آلڊس هڪسلي جو چوڻ آهي ته “سٺي ادب جي سڃاڻپ اها آهي ته ان کي پڙهڻ سان اسان اداس ٿي ويندا آهيون.”
سنڌي ٻوليءَ جي باوقار ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون به مون کي اداس ڪري ڇڏينديون آهن. “ابابيل جي آخري اڏام” کان “نجومي” ناول تائين مون رسول ميمڻ کي محبت سان پڙهيو آهي. رسول ميمڻ ڪهاڻي ناهي لکندو، ڪردارن ۽ ڪيفيتن کي دل جي ڳوڙهن سان ڳوهي ڪاغذ تي رکندو آهي ته اهي ڳالهائڻ لڳندا آهن. درد کي ڀوڳيندڙ ڪردار روح جي تپسيا ۾ ڀٽڪندڙ ڪردار...دُک جون طويل ڪيفيتيون، اُداسيءَ جا رستا رُلندڙ ڪيفيتون سماج جون وسري ويل ڪربناڪ ڪيفيتون دل ۾ تحليل ٿي ويندڙ ڪيفيتون... هڪ ڪهاڻيڪار جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪمال ٿي سگهي ٿو... رسول ميمڻ طويل عرصي کان لکندو پيو اچي، پر سندس فن ۽ فڪر تي “سنڌي ادب جي نقاد” جي نظرئي نه پئي آهي، همعصر سنڌي افسانوي ادب ۾ رسول ميمڻ، منور سراج ۽ نسيم پارس گاد فڪشن جا اهي ليکڪ آهن، جن وٽ عالمي ادب جون ڌارائون، نظريا، لاڙا ۽ تحريڪون ملن ٿيون. اهي ٽئي ليکڪ حقيقي معنيٰ ۾ جديد دور جا ليکڪ آهن، جن جي فن ۽ فڪر ۾ روايت سان بغاوت ۽ تبديل ٿيندڙ ادبي رُجحان ملن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان انهن ٽنهي ليکڪن کي نه ڪو “جديد نقاد” ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي مترجم.
جيڪڏهن هن دنيا تائين سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي ڀرپور ۽ فڪري رسائي ڏيکارڻي آهي ته ان لاءِ انهن ٽنهي ليکڪن کي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو. سندن قد ڪاٺ، فن ۽ فڪر جو پتو پوءِ ئي پئجي سگهندو.
اسان وٽ “فڪشن” ۾ هڪ ٻيو به الميو آهي ته اسان جا “وڏا ڪهاڻيڪار” پاڻ کان پوءِ واري ٽهيءَ کي پڙهن ئي نٿا. انهن کي جائز ادبي اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن...
سنڌي ڪهاڻي امر جليل، نسيم کرل، جمال ابڙو ۽ ٻين تي ختم نه ٿي ٿئي. اها ته انهن ڪهاڻيڪارن جي فني ۽ فڪري وسعت کان گهڻو اڳتي وڃي چڪي آهي. مدد علي سنڌي، شوڪت حسين شورو، طارق عالم ابڙو، اخلاق انصاري ۽ منظور ڪوهيار واري ٽهيءَ کانپوءِ ايندڙ ڪهاڻيڪارن ۾ منور سراج، نسيم پارس گاد، طارق قريشي، ضراب حيدر، مراد قريشي، صديق منڱيو، ممتاز لوهار، مجيب بڙدي، قربان جتوئي، احسان دانش، يار محمد چانڊيو، امر لغاري، انور ڪاڪا، ممتاز بخاري ۽ ٻيا پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ لامحدود وسعت رکن ٿا، جن وٽ جديد موضوع ۽ اڻ ڇهيل فڪري آڪاس آهي. انهن وٽ نظرياتي بلوغت اڳ واري ڪهاڻيءَ کان گهڻي حسين آهي. رسول ميمڻ وٽ به نيون وسعتون، نوان آسمان ۽ نئين فڪري ڌرتي آهي. هو ان ڌرتي جو سياح ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو ڪردارن ۽ ڪيفيتن جا اڻ ڇُهيل رخ پڌرا ڪري ٿو ۽ ڪهاڻيءَ کي نئين فضا ۾ جياري ٿو. (“قالو بلا” ناول جو مثال آهي. رسول ميمڻ وٽ ناسٽيلجيا به آهي ته بوهيمين ڪردارن جي انوکائپ به آهي. هو ماضي ۾ به رهي ٿو، حال ۾ به وڌي ٿو ۽ مستقبل به ڏسي ٿو.
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جهالت واري دور ۾ هو پنهنجي نالي جيان سنڌي ڪهاڻيءَ جو “رسول” بڻجي اچي ٿو. هو ڪردارن جي جسماني ۽ روحاني دنيا واضح ڪري ڏيکاري ٿو. هو پنهنجي مثبت فڪري ڌارائن سان ڪيفيتن ۽ ڪردارن جو عڪس ۽ احساساتي لهرون اڀاري ٿو. جيڪي معاشري ۾ باطن کي سيراب ڪن ٿيون. رسول ميمڻ سبب ۽ نتيجن (Casual Relations) تي گهري ۽ شعوري گرفت رکندڙ ليکڪ آهي. (“نجومي” ناول ان جو ڀرپور مثال آهي.)
ڪردار جي چوڌاري زندگيءَ جو وهنوار، تضاد ۽ ٽڪرا هڪ طرف اهي سڀ ملي هڪ ليکڪ کي اظهار جو اسلوب ڏين ٿا. جنهن کانپوءِ ئي ڪنهن نئين رخ کي دريافت ڪري اڳيان آڻي ٿو. رسول ميمڻ جي ڪردارن ۾ زندگيءَ ۽ عمل جي مقناطيسي سگهه آهي. جيڪا انهن کي جيئرو رکي ٿي. (ڪهاڻي “ٻاجهه ۽ ٻاجهر” ان جو مثال آهي.)
“رسول ميمڻ علامتي ڪهاڻيون لکيون آهن. “ابابيل جي آخري اڏام” سندس علامتي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو. هتي آءُ ان مجموعي ۾ شامل هڪ ڪهاڻي “آسمان جا ڊهندڙ عڪس” جو جائزو پيش ڪريان ٿو. ڊاڪٽر طاهر مسعود لکي ٿو:
“علامت هڪ وسيلو آهي، جنهن سان معنيٰ لفظن کان ماورا ٿي ويندي آهي ۽ جتان کان لفظن جو ڪم ختم ٿي ويندو آهي، اتان کان معنيٰ جون نيون سرحدون شروع ٿينديون آهن.”
ادب ۽ علامت نگاريءَ کي شروعاتي شڪل وليم بليڪ (William Black) ۽ والٽيئر (Voltaire) ڏني، پر علامت نگاريءَ جي ابتدا اڻوهين صديءَ جي آخر ۾ ٿي. علامت نگاري يا سمبل ازم (Symbolism) فرانس ۾ آرٽ ۽ بيلجم ۾ شاعري جي تحريڪ هئي، جيڪا اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿي. 1857ع ۾ فرانسيسي شاعر بودليئر (Baudelaire) جو شعري مجموعو “Le flurs de Mal” چپيو. پر ان کان اڳ آمريڪي افسانه نويس ايڊگر ايلن پو جون لکڻيون فرانسيسي ادب ۾ علامت نگاريءَ کي اسٽيفن ميلارمي(Stephen Mallarme) ۽ پال ورلين (Paul Verlaine) شعري مجموعو، لفظن بنا گيت (Romances Sanspardes) تمام گهڻو اڳتي وڌايو. ان کان علاوه ٻين اهم فرانسيسي علامت نگارن ۾ آرٿر رينبو (Arthur Rimbaud) جيولس نيورج (Jules Niorgus) ۽ آمريڪي ليکڪ اسٽورٽ ميريل Staurt Merrill شامل آهن. سمبوليزم (Symbolism) جي اصطلاح کي سڀ کان پهريان فرانسيسي نقاد جين مورس (Jean Mores) واضح ڪيو ۽ ان ۾ روحانيت ۽ تحليل پسنديءَ جي گهڻي گنجائش هئي. پول ايڊم (Paul Adam) پهريون گهڻو لکندڙ ليکڪ هو، جنهن علامت نگاريءَ کي پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪيو، جنهن جو بهترين مثال سندس ناول “گوبرٽ جون ڇوڪريون” آهي، جيڪو 1886ع ۾ ڇپيو. ان کان علاوه جارج روڊن ۽ باربي جي ناولن کي به ان ئي لڙهيءَ ۾ پويو وڃي ٿو. علامت نگاريءَ جو رواج روس ۾ پهتو. روسي شاعر ولاديمرسر جيوچ سلاوي اوف اهو اقرار ڪيو ته هيءَ سڄي دنيا علامتن جو هڪ پيچده نظام آهي ۽ اهي علامتون مابعد طبعياتي (Metaphysical) حقيقتن جي نمائندگي ڪن ٿيون. ويهينءَ صديءَ ۾ فرانسيسي شاعرن پال ويري ۽ پال ڪلوويل کي علامت نگاريءَ جو وارث چيو وڃي ٿو.
انگريزي ادب ۾ علامت نگاريءَ ۾ شاعريءَ ۾ ڊبليو بي ييٽس ۽ ٽي ايس ايليٽ ۽ ناول نگاريءَ جو هڪ ڪلاسيڪل مثال جارج اورويل آهي جنهن جي مشهور ناول جو نالو (Animal farm) آهي. جيڪو 1945ع ۾ ڇپيو. ان ناول ۾ ڪميونسٽ نظام جي اثرن تي علامت نگاريءَ جي پردي ۾ گهري طنز ڪئي وئي آهي. رسول ميمڻ جي علامتي ڪهاڻي “آسمان جا ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ عڪس” ۾ ٻه ڪردار آهن. هڪ پيءُ ۽ ٻيو ان جو پُٽ “سامي”.
سامي هڪ معصوم Hallucinist ڇوڪرو آهي. آسمان ۾ جهڙ/بادل کي دنيا جي علامتن طور ڏيکاريو ويو آهي. جيئن دنيا ۾ مختلف دور آهن. انهن جي پنهنجي تاريخي حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي. انهن کي آسمانن ۾ جهڙ جي وسيلي ٺهندڙ عڪسن سان ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ جُهڙ بي ثباتيءَ جي علامت طور آيو آهي. ڪائنات جي ابتدا کان وٺي دنيا جا مختلف دور رهيا آهن. پٿر جو دور، ترقي پذير دور ۽ ترقي يافته. انهن دورن کي علامتي انداز ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
“آسمان ۾ گهاٽو جهڙ هوائن جو زور تي پراڻي ڪپڙي جيان ڦاٽندو پئي ويو اهو ڪٿي ڪارو هيو، ڪٿي ناسي ۽ ڪٿي کير جهڙو اڇو.”
هتي آسمان دنيا جي علامت طور جهڙ جو ڪارو رنگ پٿر جي دور، ناسي رنگ ترقي پذير دور ۽ اڇو رنگ ترقي يافته دور جي علامت طور بيان ڪيو ويو آهي. رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون همعصر سنڌي ڪهاڻيءَ جو مضبوط فني حوالو ۽ گوناگون فِڪري دستاويز آهن. جنهن ۾ ادب جا اعليٰ قدر، روايتون، تهذيبون، ڌارائون ۽ وهڪرا پنهنجي ڀرپور تخليقي سگهه سان موجود آهن. “اڄوڪو نقاد” ڀل اکين ۾ مصلحتن جي اوندهه وجهي لڪل ويٺو رهي، پر “وقت” رسول ميمڻ جي فني ۽ فڪري معراج کي ضرور دريافت ڪندو.
آخر ۾ آءُ رسول ميمڻ جي هڪ ڪهاڻي “وسري ويل ماڻهو” جون سِٽون ڏيڻ چاهيندس. جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ ڪردار جي وسيلي پنهنجي لازوال آرٽسٽ هُجڻ جي ڳالهه ڪيئن نه شاندار انداز ۾ ڪئي آهي. حقيقت ۾ مڃتائن کان پري رهڻ جي ڪري ئي هو سنڌي ڪهاڻيءَ جو رسول بڻجي سگهيو آهي.
“اسان جي حياتيءَ” جي هڪ حد مقرر آهي، جتي ان کي ختم ٿيڻو آهي، پوءِ صرف فن ئي آهي، جيڪو وڃي رهندو. ماڻهن سان لاڳاپن واري اهميت به حياتيءَ جي حد تائين محدود آهي. جڏهن ته دُنيا کي اسان جي حياتيءَ کان پوءِ به رهڻو آهي. بلڪل اسان جي فن جيان تنهنڪري آءَ اهڙي اهميت جو ڪڏهن به خواهشمند نه رهندس. جيڪا منهنجي حياتيءَ جي ختم ٿي وڃڻ سان ختم ٿي وڃي.

حقيقت نگار ليکڪا: فرزانا شاهين

مون کيس پڙهيو ۽ هڪ حقيقت نگار ليکڪا طور محسوس ڪيو. سندس ڪهاڻين جي هر سِٽ حقيقت آهي. هوءَ مشاهدو ڪري ٿي ۽ اظهار جي پالوٽ سندس فن جي گواهي ڏئي ٿي. هن جي موضوعن جي چونڊ عام معاشرو آهي. هر موضوع نفرت کان پيار تائين جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو. سڀ اظهار حقيقي روپ ۾ سامهون اچن ٿا.
سنڌي ادب حقيقت نگاريءَ سان مالامال آهي. گهڻو ڪري هر ليکڪ حقيقت نگاريءَ کي ئي آزمايو آهي. امر جليل کان آغا سليم تائين حقيقت نگاري مختلف رنگن، منظرن ۽ مڪالمن ۾ منفرد تاثر پيدا ڪيو آهي. نسيم کرل سنڌي ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو وڏو مثال آهي. اها ليکڪ جي ادراڪي حِس آهي ته اهو حقيقت کي ڪيئن ڏسي ۽ بيان ڪري ٿو. اهڙي ادراڪ جي پهچ هر اديب ۾ مختلف آهي. علي بابا حقيقت نگار جي حيثيت ۾ منظر ۽ پس منظر کي جاءِ ڏئي ٿو. رشيد ڀٽي ڪهاڻين جي پلاٽ ۽ انهن جي نباهه ۾ وڏو مقام رکي ٿو.
سنڌي ادب حقيقت نگاريءَ ۾ خود ڪفيل آهي. فرزانا شاهين جون ڪهاڻيون هڪ نئين جذبي سان حقيقت نگاريءَ جي فن جو اظهار ڪن ٿيون. هوءَ سنڌي ڪلاسيڪي ڪهاڻيءَ جو تسلسل آهي.
عالمي ادب ۾ اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري حقيقت نگاريءَ جو عروج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. فرانسيسي ادب ۾ اسٽينٿال (1842-1783ع) اهڙي لکڻين جو مثال آهي. هن “ڳاڙهو ۽ ڪارو” (Red and Black) ناول لکي شهرت ماڻي. ساڳي طرح روسي ادب ۾ گوگول مئل روح (Dead soul) ناول لکيو. ان کانپوءِ حقيقت نگاريءَ تي لاتعداد ناول آهن.
سنڌي ادب جي تاريخ ايڏي پراڻي نه آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ تازو سئو سالن جو جشن ملهايو آهي. اهو الميو آهي ته پنج هزار سالن کان به آڳاٽي قوم جي ادب جي تاريخ سئو سالن تي مشتمل آهي. سنڌيءَ ۾ لکڻ قرباني ڏيڻ آهي. سنڌيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ اهو لکيو سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو وسيلو ليکيو وڃي ٿو.
اسين دنيا جي تاريخ جا سرواڻ آهيون. اسان جو ذڪر تاريخ جي پهرين صفحن تي هيو ۽ اهي صفحا تاريخ مان ڦاڙيا ويا آهن. اسان کان پوءِ جي تاريخ جيئري آهي ۽ تاريخ ۾ اسين مري چڪا آهيون. سنڌ ۽ سنڌي، سنڌوءَ جيان سُڪندا مٽجندا پيا وڃن.
فرزانا شاهين سنڌي ٻوليءَ جي انهن اديبائن مان هڪ آهي جن کي آڱرين تي ڳڻي سگهجي ٿو. هوءَ وڏي عرصي کان مسلسل لکي رهي آهي. هن وڏي بهادريءَ سان اهڙن موضوعن تي لکيو آهي جن جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ زهر کي ڳيت ڏيڻ آهي. مون کي هن جي هڪ ڪهاڻي ياد آهي جيڪا ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ پڙهي هئي. ان ۾ جنسي مسئلي تي اهڙو ته دليريءَ سان لکيو هيو جو اردو ادب جي عصمت چغتائيءَ جون ڪهاڻيون به پوئتي رهجي وڃن.
“مٽي ماٿي لايان” فرزانا شاهين جي ٻاويهه ڪهاڻين جو مجموعو آهي، سندس ڪهاڻيون “ويري شارٽ اسٽوريز” آهن. هن جا موضوع “ويري بگ ٽاپڪس” آهن. سندس ڪهاڻيون موضوع تي مرڪوز آهن. اهي موضوع جي دائري کان ٻاهر نه آهن. موضوع کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ٻن چئن صفحن ۾ هوءَ ڪهاڻيءَ کي نڀائي ٿي. حقيقت نگاريءَ جو اهو ئي ڪمال هوندو آهي ته اها غير حقيقي شين کي پاڻ ۾ نه سمائيندي آهي، انڪري حقيقت جو هڪ جملو پاڻ ۾ صفحا سمائي ظاهر ٿي پوندو آهي.
هن جا موضوع گهڻو ڪري عورتن جا مسئلا آهن. بيماري، حادثا، موت، غربت، ماني، عشق، دوکو ۽ ظلم، جن جو اظهار ڪندي ڪِٿي هوءَ جذباتي ٿي وڃي ٿي.
معاشرو طبقن ۾ ورهايل آهي، انهن ۾ سڀ کان هيٺيون طبقو “هيٺيون هيٺيون” (Lower Lower) آهي، فرزانا شاهين ان طبقي جي پيڙائن جي ليکڪا آهي.
“سسئي ۽ سُور” ڪهاڻي ۾ هوءَ لکي ٿي “رات جي اونداهيءَ ڪائنات کي چپ جي چڪ ۾ کڻي روشنين جي راهه روڪي ڇڏي آهي.”
اوندهه جو روشنيءَ جي راهه روڪڻ جو علامتي انداز دل کي ڇُهندڙ آهي. هوءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪٿي اهڙن ئي دلفريب جملن جو استعمال ڪري ٿي. اهڙا اظهار سندس ڪهاڻين کي خوبصورت بنائين ٿا. هن وٽ علامت ۽ تجريد پڻ ملي ٿي.
“مانيءَ چور” ۾ هوءَ لکي ٿي “هن جي زندگي پاڻيءَ جي ان ڦڙي وانگر هئي، جيڪو بار بار مٽيءَ ۾ جذب ٿيندو آهي پر پوءِ به مٽيءَ کي آلو ڪري نه سگهندو آهي.”
بي وسيءَ جو اظهار ان کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. “نظرياتي ماڻهوءَ” ۾ هوءَ لکي ٿي ته “احساس ئي شعور جو اشارو آهي.”
هڪ فلسفيانا جملو آهي. شعور (Consciousness) انسان کي هِس (Sense) عطا ڪري ٿو. قديم فلسفي جا اڌ ڪتاب شعور ۽ احساس جي موضوعن تي لکيل آهن. شعور جي احساس سان تصور جنم وٺي ٿو ۽ تصور غير حقيقي لکيو وڃي ٿو. هڪ حقيقت نگار ليکڪا پنهنجي ادراڪ ۾ محدود نه آهي پر اها ڪٿي پنهنجي موضوعن کي کُليو به ڇڏي ٿي ته اهي پنهنجي لاءِ مناسب راهه ٺاهي اڳتي هلن. سٺو ليکڪ اهو آهي جيڪو “پاڻ” کان آزاد آهي. ان جي لکڻين ۾ “پاڻ” شامل نه آهي. سٺو ليکڪ ٻن حصن تي مشتمل هوندو آهي. هڪ “پاڻ کان ٻاهر” ۽ ٻيو “پاڻ”. “پاڻ کان ٻاهر” اديب ۽ “پاڻ” منشي هوندو آهي.
حقيقت نگاريءَ سان گڏ، جادوئي حقيقت نگاري، سرئلزم، تجريد ۽ علامت پڻ ڪهاڻي ۽ ناول جا جديد جزا آهن. اهي قلمڪار کي تڏهن حاصل ٿين ٿا جڏهن “ان جهڙو” پاڻ کان ٻاهر ٿي ٻڌائي ٿو ۽ “پاڻ” لکي ٿو. تصور طاقتور آهي پر تصور حقيقت جو حصو نه آهي. حقيقت اها آهي جيڪا نظر اچي ٿي. تصوراتي حقيقت، حقيقت جو نرالو روپ آهي. ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ هوءَ لکي ٿي “سجاد جو هر نظريو هارائي، زاهده آزادي ماڻي هلي وئي.”
قوم پرستي سنڌ جو ٻرندڙ موضوع آهي. ڪيترائي کنڀي گم ڪيا ويا آهن. بي گناهه ماريا ويا آهن. اهو سلسلو کٽو نه آهي. ان ساڳي موضوع پويان هڪ عورت جون ڀوڳنائون آهن. ديش جي آزاديءَ کان پهريون هڪ عورت جي روح جي آزادي ۽ موت کان آزادي جنهن آزاديءَ لاءِ ڪنهن به نظريي جي ضرورت نه آهي.
“جيجل منهنجو جيئڙو” ۾ سندس احساساتي جملي تي غور ڪيو “توکي خريد ڪري وٺي آيو آهيان، تنهنجي ابي کي پورا پنج هزار کڻي ڏنا آهن.”
“ائين لڳو ڄڻ هوءَ پنج هزار پهاڙن هيٺان دفن ٿي وئي هجي.”
ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ هوءَ لکي ٿي.
“هن جي اکين ۾ هزارين ننڍيون ننڍيون قبرون ٺهيل هيون جن ۾ زندگيءَ جي هڪ هڪ ڀوڳنا دفن هئي.”
ادب ۾ حقيقت نگاريءَ جو اهو ئي ڪمال آهي لکڻيءَ کي محسوس ڪرائڻ جي سگهه هوندي آهي، نه ته صحافت وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي پر اها ادب جو حصو انڪري نه آهي جو ان اندر محسوس ڪرائڻ جي سگهه نه آهي. منظر جيترو واضح هوندو ايترو اثرانگيز هوندو. هن جي ڪهاڻي “پنهون ٿيس پاڻ” ٻين ڪهاڻين کان مختلف آهي. اها جديد ادب جون گهرجون پوريون ڪري ٿي. جملا ٺهڪندڙ ۽ ڪردار برجستا آهن. تصور ۽ اظهار، تجريدي ۽ علامتي آهن. ڪجهه جملن تي غور ڪيو.
“هو صرف جسم جي ٽٻڪن مان لفظ جوڙي صرف ۽ صرف شاعريءَ جو تخيل جوڙي آنند ماڻڻ چاهي ٿو، ڇو جو مونکي لڳندو آهي منهنجو روح درياهه ۾ ترندي به اڃايل آهي.”
“جدت صرف جسم ۾ فنا ٿيندي آهي. روح ۾ به ته فنائيت آهي.”
“روح جي فنائيت ۾ تسڪين جو سمنڊ آهي.”
“محبتون جيتريون قديم هونديون آهن، اوتريون پائيدار هونديون آهن.”
“پيار حواسن جي تعلق سان شروع ٿي لازوال آنند ماڻيندو آهي.”
فرزانا شاهين جي فن جي اڏام ڪٿي هيٺائين ته ڪٿي مٿاهين آهي. هوءَ هوا جي رخ سان مهاڏو اٽڪائي ٿي. سندس لکڻين ۾ رواني ۽ رڌم آهي. هوءَ سنڌي ادب جي ليکڪائن ۾ معتبر جاءِ والاري ٿي.
اميد ته سندس ڪهاڻين کي پسند ڪيو ويندو ۽ هوءَ ان جذبي سان لکندي رهندي، ٻولي ۽ قوم جي بقا لاءِ ادب وقت جي ضرورت آهي.

سندرتا ۽ ڪروڌ- علامتون، استعارا ۽ سرئلزم: نور جوڻيجو

“ليکڪ بڻجڻ انسان جي پنهنجي چونڊ نه هوندي آهي پر هڪ فطري ڪيفيت آهي.” : نور جوڻيجو.
هر انسان کي عرش تان اچڻ کانپوءِ خدا پاران خصلتن جون ٻڪريون تحفي ۾ ملن ٿيون، جيڪي هو زندگيءَ جي جهنگ ۾ چاري ٿو. هر انسان کي مليل خصلتن جي ٻڪرين جا رنگ ساڳيا نه آهن. سنڌي ادب پڙهندڙ لاءِ ناول نئون لفظ نه رهيو آهي. هاڻي ناول جام لکجي رهيا آهن. سن 2015ع ۾ ٻارنهن ناول شايع ٿيا، جيڪو سنڌي ادب ۾ ناولن جو رڪارڊ آهي.
نور جوڻيجو ٻه ناول لکيا آهن. ٻئي ناول منفرد ۽ موضوع جي لحاظ کان نواڻ سان ڀريل آهن. هن وٽ جوش ۽ جذبو آهي، هو گهڻو ڪجهه لکڻ چاهي ٿو پر لفظ سندس ساٿ نٿا ڏين. لفظ هن جي قلم مان وهندڙ بي تهاشا مَسُ ۾ زنگجي روپ مٽائي ٿا وجهن. نور جوڻيجو وٽ ڏات آهي پر ڏانءُ اڃان هن جو انتظار ڪري ٿو.
ناول “سندرتا ۽ ڪروڌ” سندس پهرين ناول “مهذب وحشي” کان بهتر آهي. لفظن جي جوڙجڪ، گرامر ۽ صورتخطيءَ جي لحاظ کان ٻه قدم اڳتي آ، نور جوڻيجو گهڻو پڙهيل لکيل تخليقڪار آهي. هن جي لکڻين تي ٻاهريون اثر پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪردارن جي اندروني ڇڪتاڻ، پاڻ سان ويڙهه، ملامت، پنهنجي نندا پاڻ ۽ شڪست جو احساس دوستو فسڪي جو انداز ياد ڏياري ٿو. هن جا ڪردار نج سنڌ جا ڪردار آهن، سندس لکڻ جو اهڙو انداز کيس سنڌي ناول ۾ انفراديت بخشي ٿو ۽ عالمي راهه جو گس ٻڌائي ٿو.
شايد هن انگريزي گرامر جام پڙهيو آهي جنهن جو اثر پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اردو لفظ به پکڙيل آهن، مان ان جو مخالف نه آهيان پر حق ۾ آهيان ته ڀل ٻولين کي کليو ڇڏيو وڃي ته ڌاريا مروج لفظ پاڻ ۾ سمائجي مستقبل جو ساٿ ڏئي سگهن، اهو ارتقائي عمل آهي، ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ٻولين تي وقت ۽ ماحول جو اثر آهي، سنڌ ۾ نه ساڳيو وقت آهي نه اهو ماحول جيڪو ورهاڱي کان اڳ هو. اڇا ڪبوتر اڏامي ويا، ساوا طوطا ويٺل آهن. ڀل سنڌي ٻوليءَ کي آزاد ڇڏيو وڃي ته ارتقائي عمل مان گذري وقت جو ساٿ ڏئي سگهي نه ته فنا جا در کليل آهن.
نور جوڻيجو جا خيال متاثر ڪندڙ آهن، چوي ٿو: “هر ماڻهو پنهنجي موجود سماج جي پيداوار آهي، ان جي عملن سان سماج جي مهذب پڻي جو پتو پوي ٿو.”
ارتقائي طور ماحول جو ماڻهوءَ جي عملن تي وڏو اثر آهي. ماحول ئي آهي جيڪو نسلن تي اثر ڇڏي ٿو، ان ۾ اندروني تبديليون رونما ڪري ٿو ۽ هر تبديلي ماحول سان مطابقت رکي ٿي ائين ماحول مهذب ۽ غير مهذب اثر ڇڏي ٿو.
نور جوڻيجو جي عمر ايڏي وڏي نه آهي پر سندس سوچون وڏي عمر جون آهن. هو لکي ٿو: “ان ريل جي انتظار ۾ آهيان جيڪا اڄ کان ڪئي ورهيه اڳ منهنجو جسم کڻي ڪن گمنامين ۾ غرق ٿي وئي هئي ۽ منهنجو روح پوئتي رهجي ويو هو، منهنجو روح ان ريل پويان ڊوڙندو رهندو.”
اهو سريئلسٽ خيال آهي، ريل جو جسم کڻي وڃڻ ۽ روح جو ريل پويان ڊوڙڻ هڪ خوابناڪ خيال آهي.
هو لکي ٿو: “ميرا هتي سڀ ماڻهو ضابطي کان نڪتل آهن، هر شيءِ بگڙيل آهي، تون ديوارن سان مخاطب ٿيندي ڪر. ميرا جي چهري جا سڀ رنگ ٽيبل تي ڪري پيا.”
ڏک ۽ پيڙا هن جي هر سٽ ۾ سمايل آهي. وري لکي ٿو: “سامهون نلڪي مان ڦڙو ڦڙو ڪرندڙ پاڻيءَ مان پري کان اڃ اجهائي.”
اڃ جي ڪيفيت ۽ ان کي اجهائڻ جو تصور هڪ نئون انداز آهي.
هن جا لفظ “گناهه ۽ ثواب، صحيح ۽ غلط، گمان ۽ يقين ۾ ٿورو فرق هوندو آهي.”
مان هن جي خيال جي تائيد ڪيان ٿو پر اڃان به ائين چوان ٿو ته فرق هوندو ئي ناهي! سچ ۽ ڪوڙ پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن، جيڪي دنيا جي ميلي ۾ وڇڙي ويا. اڄ ڏينهن تائين هڪٻئي کي ڳولهيندا رهن ٿا. هو “تِڏ” کي امن ۽ ماٺار جي علامت سمجهي ٿو. تڏ جو آواز تڏهن ايندو آهي جڏهن ماٺار هجي. لڙ ۽ بدامنيءَ ۾ تڏ جو آواز دٻجي وڃي ٿو. هو شاعر پڻ آهي ۽ سندس نثر به شاعراڻو آهي. هيءَ سٽ ڏسو “سچ وري رهيو آهي، هل ته پاڻ به وري هلون.” ڪردارن جي گفتگو جو انداز نرالو آهي.
سنڌياچ رڪشي واري سان مخاطب ٿيندي چيو، “هي پلاسٽڪ جا انگور ڇو لڳايا اٿئي!” رڪشي واري کلندي... “گدڙ جي روايت قائم ڪئي آهي.”
دنيا جي وڏي آبادي گدڙ ٿي چڪي آهي. انگورن جون وليون آسمان ڇهن ٿيون، بکايل جا انگور کٽا ٿي چڪا آهن، آسمان کي بارود جو دونهون ۽ روح ئي ڇهي سگهن ٿا.
هن جي ناول ۾ ارتقائي اشارا آهن.
“ڪنهن به وجود جي بقا ۾ جيڪڏهن ان جو بگاڙ موجود نه هجي ته شايد اهي صورتون پنهنجو توازن وڃائي ويهن.”
ارتقائي طور وقت سان بگاڙ ماحول جو ساٿ ڏئي جيئڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ارتقا متعلق هي خيال ڏسو: “هيءَ حياتي نهايت نفاست سان جڙيل آهي، ان جي جوڙجڪ ۾ انيڪ آتمائن جي پيڙا جو خمير آهي.” ارتقا جي نظريي جو فلسفيانا انداز آهي. “آئيني جي هن پاسي ڪو روئندو رهيو ۽ ٻئي پاسي هو کلندو.”
درد ۽ اڪيلائيءَ جو سريئلسٽڪ انداز آهي.
“هر ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ ايجنٽ آهي، ماڻهوءَ جي انيڪ گهرائي ۽ پراسراريت ٻئي کي ان متعلق کوجنائي بڻائي ٿو. هڪ منظر ۾ سنڌياج چوي ٿو: “نه ئي مان ڪو پينٽر آهيان ته پوءِ هوءَ بت جيان ڇو ويٺل آهي؟”
“ميرا جو جسم دلفريب ۽ ڪاريگري سان گهڙيل حسين ڪرسيءَ تي ساڪن پيل هو.”
هن وٽ سٺا خيال آهن، اوجاڳي جا خواب آهن.
“سچ ڳالهائيندڙ کي اهوياد نه ڪرڻو پوندو آهي ته ڇا چيو هو” ۽ “ماڻهوءَ کي ماٺ رهڻ لاءِ ڳالهائڻو پوي ٿو.”
مون ڳالهايو ۽ ماٺ رهڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي.

ريکائن جي راند: رحمت پيرزادو

شاعر ڀَلِ شاعريءَ جو غلام هجي پر نثر جو بادشاهه هوندو آهي. رحمت پيرزادو جتي هڪ سُٺو شاعر آهي، اُتي سندس نثر به ڪمال آهي.
لفظن جو ڌڻ جيڏو وڏو هوندو، ليکڪ تيڏو شاهڪار هوندو. لفظ ليکڪ جو سرمايو آهن. ان لحاظ کان هڪ نثرنگار، شاعر اڳيان مُفلس آهي.
رحمت پيرزادي جي شاعري آزاد نظم آهن ۽ هن جو نثر، نثري نظم آهي. “ريکائن جي راند” سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه هوندي آهي ته ڪو شاعر ڪهاڻيون لکي. ان جي ڪهاڻين کي نظم سمجھي پڙهو ته وڻنديون، نه ته، نه وڻنديون.
هن جون ڪجھ سٽون پڙهو:
“تون سڄو ڏينهن مون سان گڏ ويٺو آهين، ماڻهو ڇا چوندا؟”
“اڃان ته تون مون سان گڏ آهين. تون هلي ويندي آهين. مان ته پوءِ به توسان گڏ هوندو آهيان. سوچ ماڻهو ڇا چوندا؟”
وڃڻ کان پوءِ ساڻ هجڻ جو تصور، شاعريءَ جو انداز آهي.
هو هڪ هنڌ لکي ٿو:
“يادن لاءِ عينڪ پائڻ ضروري نه آهي.”
علامتي جملا گھڻ رُخا ۽ هر رُخ کان سوچ جي نئين موٽ ڏيندا آهن. ڳالهه اثرانگيز هوندي ئي تڏهن آهي، جڏهن اُها نئين انداز سان پيش ٿيل هجي. ورجايل ڳالهيون، ڳالهه جي معيار کي ڪيري وجھنديون آهن.
“ريکائن جي راند” ۾ مون کي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ڪهاڻي پسند آئي، اُها “حاجي رکيي سان غائبانا ملاقات” آهي.
هو لکي ٿو:
“اسين ٽي دوست هڪ ڏينهن طئي ٿيل پروگرام موجب سندس ڳوٺ پهتاسين، پر ان ڏينهن ڳوٺ ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو. ڳوٺ جو هڪ چڱو مڙس حاجي رَکيو گم ٿي ويو هيو. سڀني جو خيال هيو ته حاجي ڳوٺ واري ڍنڍ ۾ ٻُڏي ويو آهي. پر ان تي هُنن کي يقين نه پئي آيو، جو اڌ کان وڌيڪ ڳوٺ وارَن کي هُن پاڻ ترڻ سيکاريو هيو.”
حاجي رَکيي جي پُراسرار شخصيت جي باري ۾ هيءَ ڪهاڻي متاثر ڪندڙ آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ لفظن جي رواني ۽ رڌم اهڙي تسلسل سان جوڙيل آهي جو ڪهاڻيءَ ۾ جھول ناهي. حقيقت نگاريءَ ۾ سحر جو امڪان ٿئي ٿو ۽ پس منظر ۾ ڪٿي پُراسراريت جو گمان آهي.
رحمت وٽ لفظ ته آهن پر ڪٿي ڪٿي هُو انهن جي سٽاءَ ۾ بي ترتيبي پيدا ڪري ٿو.
هاريءَ وٽ ٻج گھڻا هجن ته هو هڪ جي جاءِ تي ٻه نه پوکيندو آهي. سٺي لکڻي اُها هوندي آهي، جيڪڏهن ان مان هڪ لفظ به ڪڍجي ته ان جي کوٽ محسوس ٿئي.
سٺو ادب ماضيءَ جي مٽجي ويل منظرن کي ياد ڪري لکڻ آهي.ماضي جيڪو تڪليف ڏيندڙ آهي پر وقت ان کي پُراسرار بنائي وجھي ٿو. اسان وڃائجي ويل شيون ڳولهي خوش ٿيندا آهيون. ماضي اهڙو ڌاتو آهي، جنهن تان ڌوڙ صاف ڪجي ته هيٺان ڪٽُ لڳل نه هوندي آهي.
رحمت پيرزادي جون ڪهاڻيون به شاعريءَ جيان منظرَن سان ڀريل آهن. هُو تصور جو نقش ڪجھ اهڙي انداز سان چِٽي ٿو، جو تصور حقيقت بنجي پوي ٿو. سندس شاعري زگ زيگ منظرن سان نقش ۽ نظارا کڻي اڳيان گُذري ٿي. ڪهاڻيون به ايئن ئي آهن، فرق اهو آهي ته شاعري نم جي وڻ جيان گهاٽي ۽ ڪهاڻيون نازبوءِ جي ٻوٽي جيان ڇڊيون آهن.
لکڻ پاڻ کي کوٽڻ آهي. ان کاهيءَ جو انت نه آهي. رحمت سٺي ڪوشش ڪئي آهي. ڪاٺ کي لڳل پهريان رندا آهن. ڪهاڻيءَ ۾ ضرور اوج ماڻيندو.
هُن جون ڪهاڻيون تمام مختصر ڪهاڻيونVery very short stories آهن. جيڪي وقت جي ضرورت آهن. پڙهندڙ صفحا ڳڻي پوءِ پڙهي ٿو. وقت باز جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. ڪهاڻي “اڪيلائيءَ جو اٺون آسمان” متاٿر ڪندڙ آهي. مِٺيون مانيون جن ۾ ماءُ ۽ محبوبا جو ذائقو آهي.
ڪهاڻي “ڳاڙهو مفلر” ۾ پيار ۽ بي وفاين جا دل ڇهندڙ راهون، رستا ۽ موڙَ آهن. ماءُ جي جذبي جو اظهار ايئن ٿيل آهي: “اي منهنجا ننڍڙا پُٽ هن تيز رفتار ۽ بي لغام گھوڙي تي چڙهي گھڻو پري نه وڃ، متان ڪٿي ڪِري نه پوين ۽ تنهنجي آههَ جو انت تنهنجي ماءُ جا پوڙها ڪَن ٻُڌي نه سگھن.”
ڪهاڻي “ٽٽل هيرو” پڙهي مون کي موپاسان جي ياد اچي وئي. موپاسان جنس جي نفسياتي تجزيي ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي. رحمت جي ڪهاڻي ان ڪري منفرد آهي، جو کيس پنهنجو لهجو آهي. هن جنهن انداز ۾ ڪهاڻيءَ کي نڀايو آهي، اُهو هڪ پختو ۽ متاثر ڪندڙ اختتام آهي. هن وٽ نوان موضوع آهن ۽ انهن کي نئين طرز تي لکيو آهي.
ڪهاڻي “پاري ۾ ڄميل لاش” ۾ روشني ۽ رنگن کي جنهن طريقي سان ڪردار جي تاثرن تي نروار ڪيو ويو آهي، اهو دلفريب آهي. رنگن جي امتزاج جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو: “چيم خبر اٿئي، مان وڏو پامسٽ آهيان. هل هٿ ڏيکار ته لڪيرُن مان تنهنجي قسمت ٻُڌايان. هن پنهنجو هٿ مون کي ڏنو ته ڪمري ۾ اونداهون رنگ ڇانئجي ويو ۽ اوندهه ۾ هُن چيو “رات جو رنڊيءَ جي هٿ تي قسمت جي ڪا به لڪير ناهي هوندي.”
ڪهاڻي “ڀوڳنا جو سفر” ۾ هو لکي ٿو: “هو ڏينهن جو خواب ڏسندو آهي ۽ راتين جون راتيون جاڳي گُذاريندو آهي. سڄو ڏينهن پوسل ۽ ڇانوَ ۾ سُتل ٻليون رات جو چنگاڙينديون آهن ۽ وڙهندي وڙهندي هن جي ننڊ جا ڌاڳا منجھائي وجنديون آهن.”
اها سموري ڪهاڻي نثراڻو نظم آهي. وارتائن کي نئين ۽ مختلف انداز ۾ پيش ڪرڻ کي ادب چئجي ٿو. جيڪي ٿي رهيو آهي، اهو ايئن ئي ٿيندو رهندو پر ادب ان ٿيڻ کي ايئن پيش ڪري ٿو جو لڳي ٿو ته اهو پهريون دفعو ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ ايئن نه ٿيو آهي.
رحمت وٽ تشبيهون ۽ علامتون پڻ آهن. ننڊ جا ڌاڳا جيڪي مُنجھيل آهن. ننڊ جيڪا ڌاڳن ۾ ويڙهيل آهي. گَهري ننڊ جيڪا گمنام رستن تي وٺي ويندي آهي ۽ اسين جاڳندا آهيون ته لڳندو آهي خواب ۾ آهيون.
“ريلوي ملازم جي هڪ شام” انساني مجبورين جي ڪهاڻي آهي. رحمت جي ڪهاڻين جا موضوع غربت ۽ مجبوريون آهن. هو غربت ڪري عورت جي جنسي استعمال جي وارتائن کي دُکدائڪ طريقي بيان ڪري ٿو.
“گُل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن” هڪ عاشق جي ناڪام عشق جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي خوبصورت انداز ۾ نڀايو ويو آهي.
رحمت وٽ سادو ۽ سمجھ ۾ ايندڙ لهجو آهي. هو ڪهاڻيءَ کي وضاحتي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. ڳالهه کي لڪائڻ بجاءِ وڌيڪ کولي ٿو.
سندس ڪهاڻي “اُها شام” ۾ هڪ علامتي جملو ڏسو:
“ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سامن جو تعلق گَهرو هجڻ باوجود به نه سمجي سگھبو آهي، شايد ان لاءِ ته اُن جي هڪ ڇيڙي تي گَهرا ناسي بادل ڇانيل هوندا آهن.”
“شام کي ٻه ڇيڙا هوندا آهن، هڪ سپنن جي اوندهه ۾ غرق هوندو آهي ۽ ٻيو شفق جي شعلن ۾ جلندو رهندو آهي.”
اها ڪهاڻي نثري نظم آهي جنهن ۾ شام کي سحر انگيز بڻايو ويو آهي. سندس ٻيون ڪهاڻيون به اثر ڇڏيندڙ آهن.
مجموعي طور رحمت پيرزادي جي ڪهاڻين جو موضوع عورت آهي جنهن کي نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. هُن وٽ منظر، تشبيهون، علامتون ۽ اشارا آهن. هُن ڪهاڻيءَ کي نثري نظم جو روپ ڏنو آهي. اميد ته پڙهندر ڪجھ خامين کي نظر انداز ڪري، رحمت پيرزادي جي هن ڪهاڻين جي پهرئين مجموعي کي سٺي موٽ ڏيندا.

ترجمي جو فن: قربان چنا

ترجمو ڌاري ٻوليءَ جا لفظ رِجائي انهن کي نج حالت ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي قالب ۾ ڍالي پيش ڪرڻ جو نالو آهي. ترجمو ڪندڙ ٻولين جو ماهر هوندو آهي، جيڪڏهن ان وٽ اها مهارت نه هوندي ته لفظ سمجهه ۾ نه ايندڙ معنائن ۾ بدلجي ويندا. اهو ئي سبب آهي جو ڪڏهن ترجمو پنهنجي اصلوڪي حالت، جنهن تان ترجمو ڪيو ويو آهي، ان کان به وڌيڪ ڏکيو، مُنجهائيندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هوندو آهي.
اهو ضروري آهي ته ڪو به ترجمو مروج لفظن ۾ ڪيو وڃي. سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ ترجمن منجهه غير مروج لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ترجمي ۾ اها گنجائش هوندي آهي ته ٻوليءَ ۾ لفظن جي کوٽ کي جملن جي ترتيب سان واضح ڪري سگهجي ٿو. ائين به درست نه آهي ته لفظن جو لفظن سان ترجمو ڪيو وڃي. ترجمي ۾ روانيءَ جو هجڻ پڙهندڙ کي ذهني ٿڪاوٽ کان بچائي ٿو. سٺو ترجمو ڪندڙ اهو آهي جو پڙهي محسوس ٿئي ته اهو ڪتاب ٻئي ڪنهن جو نه بلڪه سندس ئي تخليق ٿيل آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته يورپ ۽ ايشيا جي ڪجهه ملڪن جون ٻوليون ترقي يافتا آهن. ترقي يافتا ٻولين مان مراد اها آهي ته جن ٻولين ۾ اهڙا سگهارا لفظ هجن جو انهن ۾ فلسفي ۽ جديد سائنس جي مختلف شاخن جون لکڻيون سمائجي وڃن ۽ اهي ڪتاب ائين بيان ڪن جو هڪ شاگرد مقصد کي نه صرف سمجهي سگهي، پر ياد ڪري ۽ ٻوليءَ وسيلي اڳتي بيان ڪري سگهي.
انسانن وچ ۾ فاصلا گهٽجڻ سبب عالمي ٻوليون هڪ ٻئي ۾ سمائجي رهيون آهن. اهڙو وقت ايندو جو دنيا اندر محدود طاقتور ٻوليون رهجي وينديون. اهو سوچي لڳي رهيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل روشن نه آهي. صورتحال کي تبديل ڪرڻو آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي بقا جو دارومدار ان جي تعليم ۽ ادب تي آهي، ته ڇا اسان وقت جي دانشورن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ايتري وسعت ۽ وسيلا پيدا ڪيا آهن جو ان ۾ عالمي معيار سمائجي سگهن؟ وسعتن مان مراد جديد سائنسي وصفون، کوجنائون ادب ۽ فلسفي کي بيان ڪرڻ جون معياري تشريحون آهن.
جيڪڏهن انگريزي ٻوليءَ جو مثال وٺون ته ان ٻوليءَ جي ماهرن لاطيني ۽ ٻين ٻولين جي لفظن کي ائين تبديل ڪري استعمال ڪيو آهي جو اهي لفظ پنهنجي ڀرپور معنائن ۽ اظهار جي قوت سان ان ٻوليءَ جو حصو ٿي پيا آهن. ڪو ادارو يا انفرادي محقق پنهنجا تخليق ڪيل لفظ لکي، معنائن ۾ مونجهارو پيدا نه ٿو ڪري سگهي پر لفظن پويان ادارن ۽ ليکڪن جو متفق هجڻ ضروري آهي. اهو سرڪاري سرپرستي، روشن خيال ليکڪن ۽ غير مذهبي عالمن کان سواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي.
تخليقي ادب سڀ جي وَس جي ڳالهه ناهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ليکڪ وٽ ڏانءُ سان گڏ ڏات به هئڻ گهرجي. پر تخليقي ادب کي ترجمو ڪرڻ صرف ڏانءُ آهي جنهن ۾ ضروري نه آهي ته ڏات به شامل هجي. پر جيڪڏهن ڏاتار پنهنجي ڏانءَ کي استعمال ڪري ٿو ته پوءِ اهو اصل تخليق جي روح کي ڇُهي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ غير معياري ترجمن جا انبار آهن. پڙهه ته ائين لڳي ٿو جيئن ڪو ڀڳل روڊ تي سفر ڪندو هجي. ڪجهه ترجما نگار اهڙا آهن جن جي تعريف ڪري سگهجي ٿي. قربان چنا انهن ۾ مٿين جاءِ والاري ٿو. مان اهي لفظ کيس خوش ڪرڻ لاءِ نه چئي رهيو آهيان، پر حقيقت اها آهي ته قربان چنا حيرت انگيز ترجما نگار آهي. ترجمي اندر لفظن جي اهڙي رواني شايد ئي مون پڙهي هجي. سچ ته لفظن مٿان اکيون تِرڪنديون وڃن ٿيون.
مون هن جا ٻه ترجمو ٿيل ڪتاب، مچ البوم جو “پروفيسر موري ۽ مان” ۽ البرٽ ڪاميو جو “اجنبي” پڙهيا آهن. قربان چنا جو ترجمو پڙهي محسوس ٿيو جيئن البرٽ ڪاميو کي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو هجان. وجودي ناولن کي ترجمو ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪو احتياطي تدبيرن کان سواءِ ڪنهن ڌُٻڻ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪندو هجي ۽ اهي احتياطي تدبيرون ترجمي جو ڏانءُ، لفظن جا ذخيرا ۽ انهن جو بروقت استعمال ڪري اصل لکڻيءَ جي روح تائين پهچي، ان روح کي پنهنجي ٻوليءَ جي جسم ۾ قيد ڪرڻ آهي.
مون کي قربان چنا جي ترجمن متاثر ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي اهڙن ترجمن جي ضرورت آهي. اهڙا ترجما پڙهڻ سان تخليقي ادب جو معيار وڌندو ۽ خبر پوندي ته عالمي سطح تي ادب ڪيئن لکيو وڃي ٿو ۽ ڪهڙا لاڙا استعمال ڪجن جو سنڌي ادب عالمي سطح تي روشناس ٿي سگهي. اها ادب جي خدمت ۽ قوم جي بقا لاءِ جدوجهد آهي. سچي محنت اها آهي ته توهان جو پورهيو قوم لاءِ هجي ۽ ان ۾ محنت جي اجرت جي طلب نه توهان وٽ هجي ۽ نه ئي قبول ڪئي وڃي.
ايملي برانٽي جي ناول “وُدرنگ هائيٽس” جو ترجمو منهنجي هٿن ۾ آهي. هڪ وڏو ۽ وسيع ناول ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو آهيان. مون وٽ قربان چنا کي همت ۽ حوصلو ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي نه اجورو، نه ايوارڊ جو هن ادبي پورهيت حوالي ڪري سگهان، صرف اميد آهي ته هن جو ڪيل پورهيو سنڌي ادب کي سنوار ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
“وُدرنگ هائٽيس” انگريزي ادب جو ناول آهي، جيڪو سڀ کان پهريان 1947ع ۾ شايع ٿيو. ان وقت جي پابندين سبب اهو ايملي برانٽي جي نالي سان نه، پر “ايلس بيل” جي فرضي نالي سان شايع ٿيو هو. اهو پنهنجي دور جو اثر انگيز ۽ متضاد ناول آهي، جنهن ۾ وڪٽورين عهد تي چٿر ۽ مذهبي روايتن خلاف آواز اٿاريل آهي. انساني قدرن جي گهٽ وڌائي ۽ معاشي استحصال کي ننديو ويو آهي. ان ۾ غم، غصي ۽ مايوسيءَ جو اظهار آهي. المناڪ يادگيريون ناول کي سحر انگيز بنائين ٿيون. پيار، خوف ۽ موت جي تاثرن سبب اهو ناول گوٿڪ (Gothic) ادب ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
مون قربان چنا جون سنڌي سبٽائيٽل سان ٻه فلمون Timbuktu ۽ The Passion of Christ ڏٺيون آهن، جيڪا پڻ ٻوليءَ جي خدمت آهي. هن جي محنت، جستجو ۽ جذبي جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آهي. اميد ته هو جوش ۽ جذبي سان ادب ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهندو.

پاتار مان پنا: فرهاد جيلاني

ترجمو ڪرڻ نئون وڳو سبڻ آهي. درزري چڱو هوندو ته ماپ تي سٺو سبندو نه ته اهڙو جو جسم تي ٺهندو ئي ڪونه.
هونئن به لفظن کي اهميت نه آهي. اهميت مشاهدي کي آهي ۽ اها اظهاريندڙ جي سگهه آهي ته اهو لفظن جي چونڊ ڪيئن ڪري ٿو جو سندس مشاهدو پنهنجي قوت سان پاڻ ظاهر ڪري وجهي.
دوستوفسڪيءَ روسي ٻوليءَ کي اظهار جو ذريعو بڻايو، اهڙو اظهار انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ پوءِ ٻين ٻولين ۾ اظهار جي منتقل ٿيڻ جو سلسلو پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي ٿو ۽ ان جو مفهوم ساڳيو نه ٿو رهي. اها پڙهندڙ جي صلاحيت آهي ته لفظن پويان مشاهدي جي گهرائيءَ کي ڪيئن ٿو پهچي. سٺو پڙهندڙ منظر نه ڏسندو آهي پر پس منظر ۾ وڃي تخليقڪار سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ان جو اصل آواز ٻڌندو آهي. شيءِ جي اهميت سڀني وٽ ساڳي نه آهي. خوشبو زڪام جو سبب ٿي سگهي ٿي.
فرهاد جيلانيءَ ترجمي ڪرڻ کان اڳ دوستوفسڪيءَ جي ڪتاب جو سٺو مطالعو ڪيو آهي. هن ڪوشش ڪئي آهي ته لفظن جي چونڊ اهڙي ڪري جو ان ۾ ڪتاب جو روح سمائجي سگهي. هو ترجمي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هيءُ هڪ ڏکيو ڪتاب آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. اهڙي احساس کي لفظن جو روپ ڏيڻ ڏکي ڳالهه آهي پر ترجمي پڙهڻ سان لڳي ٿو ته اسان دوستوفسڪيءَ جي احساسن کي ويجهو وڃي سگهيا آهيون. هن ترجمي ۾ ڪٿي ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ته ڪي اهڙا لفظ جيڪي مروج نه آهن ۽ وقت جي ڌوڙ ۾ لٽجي چڪا آهن. انهن لفظن کي ڇنڊي ڦوڪي فرهاد جيلانيءَ ترجمي سان اصل ليک جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪٿي اهڙا لفظ به استعمال ٿيل آهن جيڪي ٻين ٻولين جا آهن ۽ انهن جا متبادل لفظ سنڌيءَ ۾ موجود آهن. بهرحال فرهاد جيلانيءَ ناول کي سٺو ويس پارايو آهي. هڪ ليکاريءَ جي سڃاڻ اها هوندي آهي ته سندس ڪپڙن تي مَسُ جا داغ هوندا آهن ۽ اهي داغ ضروري آهن.
“پاتار مان پنا” کي ناول سمجهيو وڃي ٿو پر اصل ۾ اهو ناول نه آهي. هيءَ تخليق اهڙو تاثر آهي جيڪو دوستوفسڪيءَ جي لازوال ناول لکڻ کان اڳ اهڙن ناولن کي لکڻ جي مشق آهي. هن مشق ڪئي آهي ۽ هن جا سڀ ناول “پاتار مان پنا” جي مشق جي پيداوار آهن.
“پاتار مان پنا” دوستوفسڪيءَ جي اندروني احساسن جي آنڌ مانڌ جو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ هن سينو کولي دل جا زخم ڏيکاريا آهن ۽ پنهنجو پاڻ سان سرگوشيون ڪندي ديوانگيءَ کي لفظن ۾ قيد ڪيو آهي. ان کان اڳ هن جا ٻه ڪتاب ٻيا به آهن. هڪ ڪهاڻيءَ جو مجموعو مسڪين ماڻهو Poor Folks ۽ ڊبل Double . جن کي پسند ته ڪيو ويو پر گهڻي پذيرائي ملي نه سگهي.
سن 1849ع ۾ دوستوفسڪيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. اهو بادشاهه زار جي حڪمرانيءَ جو دور هيو. گرفتاريءَ جو سببُ دوستوفسڪيءَ جو هڪ اهڙي تنظيم سان واسطو هيو جنهن سوشلسٽ انقلاب آڻڻ پئي چاهيو. اهو مذهبي سوشلسٽ انقلاب هيو. بنيادي طور دوستوفسڪيءَ وٽ مذهب جي اهميت رهي آهي. ان تنظيم جي منشور ۾ اهڙو سوشلسٽ انقلاب هيو جيڪو مارڪس جي متضاد هوندي عيسائيت جي ويجهو هجي. جڏهن هن کي گرفتار ڪيو ويو ته سندس عمر اٺاويهه 28 سال هئي. هڪ مقدمي کانپوءِ اهو فيصلو ٻڌايو ويو ته کيس اٺ مهينا اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ جي سزا Silence Treatment ڏني ويندي ۽ ان کانپوءَ گولي هڻي ماريو ويندو.
دوستوفسڪيءَ کي اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ ۾ اٺ مهينا اهڙيءَ طرح رکيو ويو جو اتي بيٺل محافظن جي جوتن کي بخمل لڳل هوندو هيو جيئن انهن جي گهمڻ ڪري آواز نه ٿئي.
اٺن مهينن کانپوءِ هن کي ٻاهر ڪڍي ڪفن پارايو ويو ۽ اها قبر ڏيکاري وئي جتي کيس گولي هڻڻ کانپوءِ دفنايو ويندو. جڏهن فائرنگ اسڪواڊ سامهون آندو ويو ته ٺيڪ ان وقت سندس موت جي سزا قيد جي سزا ۾ بدلجڻ جو پروانو آيو. هن کي چار سال سخت پورهيي جي سزا ڏئي سائبيريا موڪليو ويو جتي هو مرگهيءَ جو مريض ٿي ويو.
ڏهن سالن کانپوءِ هو سينٽ پيٽرسبرگ واپس پهتو ته هن جي دنيا تبديل ٿي چڪي هئي. ايڏي ڀوڳنا کانپوءِ هو خوف ۽ ڏوهه جي احساس ۾ وڪوڙيل رهيو. هن جو ادبي پورهيو اتان شروع ٿئي ٿو. هن دنيا جا عظيم ناول لکيا ، پسيسزڊ (Possessesd) (1871ع) ۽ برادرز ڪراموزوف (1880ع) شامل آهن. هن 1881ع ۾ وفات ڪئي.
“پاتار مان پنا” سندس اهم ڪتاب انڪري آهي جو هن اهو جيل مان واپسيءَ کانپوءِ ٻن سالن اندر لکيو. اهو هن جي مشهور ناولن کان اڳ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ڀوڳنائن سان ڀريل ۽ پيڙائن جو پهريون اظهار آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ديوانگيءَ ۽ وحشت سان پلٽجي پيو آهي.
هڪ حساس شخص جيڪو موت جي در تي وڃي موٽيو. خاموشيءَ جي سزا ڀوڳي ۽ مرگهيءَ جو مريض ٿيو ، ان کان وڌيڪ ڪهڙو مشاهدو ٿي سگهي ٿو؟ دوستوفسڪيءَ جا احساس ۽ انهن احساسن جو ردعمل هن جي فن جي پالوٽ آهي. هو اٿلي پيو آهي ۽ سندس اهڙي اظهار جو سڀ کان پهريون دستاويز “پاتار مان پنا” آهي. هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ حصو “پاتار مان پنا” (Notes from Underground) ۽ ٻيو حصو “آلي برف جي موقعي تي” (On the occasion of wet snow).
“پاتار مان پنا” هڪ اهڙي شخص جو تعارف آهي جيڪو آس ۽ نراس جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ان ۾ هڪ ڪردار جي خودڪلامي (Monologue) آهي. اها طويل خودڪلامي آهي جنهن ۾ ورجاءُ هوندي به ورجاءُ ان ڪري محسوس نه ٿو ٿئي جو ڪيل ڳالهه نئين ڳالهه ۾ تبديل ٿي ورجاءَ جي احساس کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. ليکڪ جو ڪمال آهي ، هو اندر جي آنڌ مانڌ کي لفظن ۾ ايئن ٿو سموئي جو اظهار پنهنجي قوت سان نروار ٿي پڙهندڙ سامهون اچي ٿو. آس ۽ نراس جي ابتوانس (Paradox) ۾ هو “ها” ۽ “نه” جي وچ تي ٻڏندو ۽ ترندو وڃي ٿو. پاڻ کي معتبر سمجهي ٿو ۽ پنهنجي تذليل پاڻ ڪري ٿو. اهو بائپولر سائڪوسس(Bipolar psychosis)رويو آهي جنهن کي نڀائڻ ۾ دوستوفسڪي اهڙو ڪامياب ويو آهي جو فرائيڊ جهڙي نفسيات جي ماهر پڻ هن جي لکڻين جي تعريف ڪئي آهي. ڪتاب ۾ دوستوفسڪيءَ ڄاڻايو آهي ته اهو ڪردار هو پاڻ نه آهي پر هن جو تخليق ڪيل ڪردار آهي. ڏٺو وڃي ته دوستوفسڪيءَ پنهنجي باري ۾ سچ نه ڳالهايو آهي. اهو ڪردار هو پاڻ آهي ، هن جون ذاتي ڀوڳنائون آهن.
ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ پاڻ تان بار لاهي ڪردار مٿان اڇلائيندو آهي پر ڏٺو وڃي ته هر تخليق جو پروٽاگونسٽ ليکڪ پاڻ هوندو آهي. اهي هن جا ذاتي مشاهدا ۽ ڀوڳنائون هوندا آهن جيڪي تخليق ۾ ظاهر ٿي هن جي اندر جي ترجماني ڪندا آهن.
حيرت جي ڳالهه آهي جڏهن دوستوفسڪي تخليقي لحاظ کان عروج تي هيو ته روس انقلاب جي راهه ڏسي رهيو هيو. اهڙي دور ۾ هو خارجيت جي نه پر داخليت جي ڳالهه ڪري ٿو. هو گورڪيءَ جيان خارجي ڪردارن ۾ انقلاب جي راهه هموار نه ٿو ڪري پر داخليت ۾ پنهنجي اندر جي ڀوڳنائن ۽ پيڙائن کي اهميت ڏئي ٿو. نفسياتي مونجهارن ۽ ذاتي آنڌ مانڌ کي مزدورن ۽ هارين تي ترجيح ڏئي ٿو. اڳتي هلي هن جي لکڻين کي نه ئي لينن يا ڪميونسٽ پارٽي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿي. هو روس جو عظيم اديب ليکيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ هو گورڪيءَ کان وڏو اديب آهي. ادب هر اديب جي ذاتي پهچ آهي. ادب نظريي کي جٽادار بڻائي ٿو. نظريا ادب کي ڪمزور ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو دوستوفسڪيءَ جا ناول ادبي دنيا جا پهريان وجودي ناول آهن. اهڙي وجودي تخليق جو سڀ کان پهريون ثبوت “پاتار مان پنا” آهي.
سنڌ ۾ ون يونٽ کان پهريون ۽ پوءِ نسرندڙ ادب سياست جي زيراثر خارجيت طرف ڌڪيو ويو. چيو ويو ته تخليقن ۾ ماڻهن جي مسئلن جي ڳالهه ڪيو ۽ ٿي سگهي ته انهن مسئلن جو حل پڻ پيش ڪيو. ڪنهن به اديب کي رستو ٺاهي ڏيڻ ان جي تخليقي صلاحيت کي متاثر ڪرڻ آهي. اديب غير جانبدار نه ٿو رهي، انڪري سندس تخليقي صلاحيت ڀرپور طريقي اڀري سامهون نه ٿي اچي ان ۾ صلاح ڏيندڙ جا خيال شامل ٿي وڃن ٿا ۽ ليک نج حالت ۾ نه ٿو رهي پر ملاوٽ ڪري ذائقو بدلائي وڃي ٿو. اديب کي آزاد ڇڏيو وڃي ته هو پنهنجي اندر جا اڌما ظاهر ڪري. اديب معاشري جو فرد آهي ۽ ان جون پيڙائون عام ماڻهوءَ جي پيڙائن جي ترجماني ڪري سگهن ٿيون. مون جڏهن دوستوفسڪيءَ کي پڙهيو ته محسوس ٿيو اهو دوستوفسڪي نه آهي پر مان آهيان. اهي منهنجي دل جون صدائون ۽ اڌما آهن جيڪي دوستوفسڪيءَ محسوس ڪيا.
ناول جو ٻيو حصو “آلي برف جي موقعي تي” ۾ دوستوفسڪي خود ڪلاميءَ مان نڪري ناول جي مجاز ۾ آيو آهي. اهو حصو باقاعدي ناول ته محسوس نه ٿو ٿئي پر هڪ ڊگهي ڪهاڻي لڳي ٿو جنهن ۾ مڪالما ، منظر ۽ اندر جا اهي ردعمل شامل آهن جيڪي پيار ۽ ڏوهه جي ڪيفيت ۾ ظاهر ٿين ٿا.
“لزا” جيڪا ناول پڙهڻ سان لڳي ٿو ته هڪ وئيشيا آهي ۽ دوستوفسڪي ان کي وئيشيا نه ٿو ڪوٺي پر هڪ ضرورت مند نوجوان خوبصورت عورت جي نالي سان تعارف ڪرائي ٿو. اها جڏهن هن وٽ اچي ٿي ته ڪردار جو پنهنجين سوچن جي ڄار ۾ ڦٿڪڻ ، لڇڻ ۽ ڪڇڻ هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ٿو. ان تي وحشت ۽ ديوانگيءَ جو دورو پوي ٿو. هو ڀڃ ڊاهه ڪري ٿو ۽ پوءِ معافيءَ جو طلبگار ٿئي ٿو.
اهي ساڳيا رويا آهن جيڪي اڳتي هلي دوستوفسڪيءَ جي ناولن ۾ ظاهر ٿيا آهن. ڪردارن ۾ ڪٿي هو قرضي ، ڪٿي غربت ۽ مفلسيءَ ۾ وڪوڙيل ، ڪٿي مرگهيءَ جو مريض ، ڪٿي هارايل جوئاري ، ڪٿي پنهنجين ڪوتاهين تي ٽهڪ ڏيندڙ ۽ ڪٿي ماڻهن جي نامناسب رويي جون اظهار ڪندڙ. دوستوفسڪيءَ جا ڪردار حساسيت جي حدن کي ڇهندي ايبنارمل روين ۾ نروار ٿين ٿا.
دوستوفسڪي هجوم ۾ پنهنجو وجود ڳولهي ٿو. هو دوستن جي محفل ۾ پنهنجي احساسِ محروميءَ سبب پاڻ کي نفسياتي سهارو ڏئي احساس ڪمتريءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ ايبنارمل رويي ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هو دنيا جو پهريون اديب آهي جنهن وٽ داخليت جو اظهار شخصي خودمختياري(Individualism)۾ اڪيلو (solipsistic) ٿي وڃي ٿو.
دوستوفسڪي مذهبي اثر هيٺ رهندي پهريون وجودي اديب آهي. هو لاشعوري طور خدا کي ياد ڪري ٿو ۽ اهو خدا هن جو شخصي خدا آهي. ڪئرڪگارڊ جيان هو به ، نه ڪيل گناهن جي احساسن کان مذهب جي پاڇي کان ٻاهر نه ٿو نڪري . وجوديت ڪنهن به عقيدي جي نفي آهي پر فلسفي ۽ ادب ۾ وجوديت جا بانيڪار مذهب جي دائري کان خارج نه آهن. جيئن ڪئرڪگارڊ جيڪو وجودي فلسفي جو باني آهي.
دوستو فسڪي وجودي عدميت (Existentialist nihilism) جو تخليقڪار آهي. هو نجهه (Nothingness) ۾ “پاڻُ” وڃائي “پاڻُ” ڳولهي ٿو.
فرهاد جيلاني ڪتاب کي سنڌي ويس پارائڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. ڏاڍو ڏکيو آهي احساسن کي لکڻ ۽ وري انهن احساسن کي ساڳي روپ ۾ٻئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ. اميد ته پڙهندڙَ ناول جي جسم کي ڇڏي روح کي ڇهندا. هي ناول لکيل پڙهيل حساس ماڻهن لاءِ آهي، انهن لاءِ جيڪي معاشري جا اڍنگا رويا پنهنجي دل تي محسوس ڪن ٿا.

سنڌي شاعري

شاعري (Poetry) يوناني ٻوليءَ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي (Poiesis) گهڙڻ، ٺاهڻ يا تراشڻ.(1)
شاعري ادب جو اهڙو حصو آهي جنهن ۾ جماليات، موسيقي، رواني (Rhythm) کانسواءِ بحر وزن جو هجڻ ضروري آهي.(3-2)
شاعري جذبن کي اڀاري ٿي. تجنيس حرفي ان کي رواني ڏئي ٿي، ڪافيو ٺهڪندڙ بنائي ٿو. تشبيهاتي سُرُ (Onomatopreia) الاپ ڏئي اثرانگيز ڪري ٿو.(4)
“ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري
هو پري آ پري
هو پري آ پري.”
شيخ اياز جي ان شعر ۾ ڪوئل جو تشبيهاتي سُرُ هڪ الاپ جي صورت ۾ موجود آهي.
شاعري جي اهڙي رواني ۽ لفظن جو جوڙجڪ جو ان مان ساز جهڙو آواز اچي، جادوئي اثر (Incantation) ڇڏي ٿي.(5) ماڻهن جا جذبا اڀاري ٿي. ننڊاکڙو (Hypnatize) ڪري مدهوش (Mesmerize) ڪري ٿي. ماڻهن جي اندر مان ازخود “واهه” نڪري وڃي ٿي. شاعريءَ جو جذبو ڪڏهن ماڻهن کي مذهب طرف وٺي وڃي ٿو. ڪڏهن کين جنگ لاءِ تيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن محبت ۾ مبتلا ڪري ٿو.(6)
شاعريءَ ۾ ابهام (Ambiguity) پڙهندڙن کي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائي وجهي ٿي. اهو دنيا جهان کان ڪٽجي ان جي مختلف معنائن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. اهڙي شاعري پڙهندڙ کي ذاتي مسئلن کان پري اهڙي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي جنهن ۾ مختلف نظارا، راحت ۽ مڪان آهن.(7)
تنقيدي ڀوڳ (Irony) ۽ شاعريءَ جا ٻيا جُز ان کي الڳ معنائون ڏين ٿا. استعارا (Metaphores) تشبيهون (Similes) ۽ مجاز (Metonymys) نظر ايندڙ معروضن (Objects) کي ڦيرائي موضوعن (Subjects) ۾ تبديل ڪري وجهن ٿا ۽ ائين تصور (Imagination) کي وسعت بخشين ٿا.
استعارن، تشبيهن ۽ مجازن ۾ فرق اهو آهي ته، استعارو (Metaphore) هڪ شيءِ جو ٻئيءَ شيءِ ڏي اهڙو اشارو آهي جنهن ۾ هڪ شيءِ جون ٻئي شيءِ ۾ ظاهر يا لڪيل هڪجهڙائيون نظر اچن.(8)
“سج ڌرتيءَ ۾ ائين پورجي ويو ڄڻ اوندهه جو ٻج هجي.”
اوندهه جو ٻج نه هوندو آهي پر سج اوندهه جو ٻج هيو جنهن جي دفن ٿيڻ سان اوندهه ڦٽي پئي. اوندهه ڪو ٻوٽو نه آهي پر استعارو نظاري ۽ تصور جو روپ بدلائي ان کي نئين صورت ڏئي ٿو.
تشبيهه (Simile) ۾ ٻن شين کي ڀيٽيو وڃي ٿو. جنهن ۾ “جيئن” ۽ “جهڙو” لفظ استعمال ٿين ٿا.(9) هڪ سادو مثال:
“هو اهڙو حسين هيو جيئن گُل.”
استعاري ۽ تشبيهه ۾ اهو فرق آهي ته، استعاري ۾ هر شيءِ جو ظاهر ۽ باطن ٻئي شيءِ ۾ ڳولهڻ آهي جڏهن ته تشبيهه ڀيٽ ڪرڻ آهي.
مجاز (Metronymy) اهڙو ڳجهه آهي جنهن کي حقيقت ۾ آڻڻ لاءِ ابهام جي رستي تان لنگهڻو پوي ٿو. اهو سڀني کي ساڳي صورت ۾ نه ٿو ملي. هرڪو ان ۾ پنهنجي پهچ آهر معنا ڳولهي لهي ٿو.(10) پوسٽ ماڊرنزم جو بنياد مجاز تي رکيل آهي. سرئيلزم جي دائرن ۾ هر دائري اندر الڳ معنا ۽ ابهام آهي. ڪيوبزم ۽ تجريد جا منجهيل عڪس هر رخ کان الڳ نظارو ڏين ٿا. پڪاسو جي 1911ع ۾ ٺاهيل تصوير “پائيپ ريڪ اينڊ اسٽيل لائيف آن ٽيبل” ۾ لفظ “سمنڊ” سمايل آهي. جڏهن ته اها سمنڊ جي تصوير نه آهي.(11)
شاعريءَ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. ان جا اڪريل لفظ سڀ کان پهريون آفريڪا جي غارن ۽ پٿرن تي نظر آيا. مصر ۽ سوڊان مان وهندڙ نيل نديءَ ڪناري اهڙيون لوحون (Tablets) مليو آهن، اهي لوحون عيسا کان ٽي هزار سال اڳ جون آهن ۽ انهن تي اهرامي (Pyramid) رسم الخط اڪريل آهي.(12)
رومانوي شاعريءَ جو سڀ کان اوائلي ذڪر انهن لوحن تي آهي جيڪي دجلا ۽ فرات ڪنارن وچ ۾ ميسوپوٽيميا جي علائقي مان کوٽي ڪڍيون ويون. ان علائقي کي عر (Ur) يا عروق (Uruk) چيو ويندو هيو. اها سميري دور جي رزميا شاعري (Epic) آهي ۽ ڪنڊائتي (Cuniform) رسم الخط ۾ لکيل آهي. اهو رزميا داستان گلگاميش (Gilgamesh) بادشاهه جو آهي. ان رزميا داستان ۾ گلگاميش “عنانا” ديويءَ سان عشق ڪيو ۽ پوءِ علامتي شادي (Symbolic marriage) ڪئي. شاديءَ جو مقصد سٺا تخم پيدا ڪرڻ هيو.(13)
جنهن کان پوءِ هومر جي رزميا شاعري آهي جنهن ۾ “الياڊ” ۽ “اوڊيسي” شامل آهن. هن اهي اوڻويهه کان اوڻٽيهه سال قبل مسيح لکيون.(14)
زرتشت جو ڪتاب “اوِستان” (Avistan) پڻ شاعريءَ جو مثال آهي. رامائڻ ۽ مهاڀارت پڻ رزميا داستان آهن.
چين ۾ ڪنفيوشس جي ترتيب ڏنل شنجنگ (Shinjing) شاعري (11-7-Bc) قديم ڪتابن مان هڪ آهي. اها ٽي سئو پنج شعرن تي مشتمل آهي. ان کي شاهه لطيف جي شاعريءَ جيان ڪچهرين ۾ ڳايو ۽ بيان ڪيو ويندو هيو. چيني لوڪ ادب جو حصو آهي ۽ ماڻهن جي سيني در سيني اڳتي وڌي.(15) يونان جي ليسبوس ٻيٽ تي جنم وٺندڙ شاعرا “سيفو” لڳ ڀڳ ان دور جي آهي.
ارسطوءَ جو ڪتاب پوئيٽڪس (Poetics) پڻ شاعريءَ جي وصف کان ٻاهر نه آهي. ان ۾ اهڙي رزميا شاعري آهي جنهن کي راڳ جي صورت ۾ ڳايو ويندو هيو. ان کانسواءِ ڊراما نگاري پڻ شامل آهي. جنهن ۾ مزاح، الميو، ڪٿارسس (Catharsis) ۽ همرشيا (Hamartia) جا احساس آهن. ارسطوءَ جي پوئيٽڪس جو “اسلام جي سونهري دور” تي گهرو اثر آهي. عباسي دور (800-1400) خاص ڪري هارون رشيد جي خلافت واري وقت کي اسلام جو سونهري دور چيو وڃي ٿو. ادب، سائنس، خطاطي، فلسفو، شاعري، ساز ۽ آواز جي لحاظ کان اهم آهي. ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ مدرسا هيا جتي ڪجهه عالمن حوالي ترجمي جو ڪم هيو. يوناني فلسفي کي عربيءَ جو ويس پارايو ويو.(16)
يورپ اندر جاڳرتا (Renaissance) جي ڏينهن ۾ شاعريءَ روپ بدلائڻ شروع ڪيو. ادب کي تخليق (Creation) ڪوٺيو ويو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ چيو ويو ته لفظ اظهار جا محتاج آهن، انهن کي قيد ڪري اپاهج بنائي نه ٿو سگهجي. لفظن کي آزاد ڪيو ۽ تصور کي وسعت ڏيو. اهڙن خيالن شاعريءَ جي ساخت بدلائي وڌي. پابند شاعريءَ خلاف تحريڪ شروع ٿي ۽ شاعريءَ کي غير رواجي طريقي لکڻ شروع ڪيو ويو. اهڙي شاعريءَ کي آزاد نظم (Free verse) چيو وڃي ٿو. آزاد نظم لاءِ ڪافيو، تڪبندي، وراڻي، تجنيس حرفي ضروري نه آهن. شاعرن بحر وزن جون حدون ٽوڙي وڌيون. خيالن جي اظهار، تصور ۽ روانيءَ کي فوقيت ڏني. ڪن شاعرن ڪنهن حد تائين ڪافيي کي برقرار رکيو. اهڙي صنف جي مخالفت ڪئي وئي ۽ ڪن راءِ ڏني ته پابند شاعريءَ جا ڪجهه جُز برقرار رکڻ ضروري آهن.(17)
اهڙي تحريڪ تصوريت (Imagism) جي زيراثر هئي. تنهن وقت مشهور شاعر ايزرا پونڊ (Ezra Pound) جي شاعريءَ کي تصوريت جو مثال چيو وڃي ٿو. ان جي شاعريءَ کي گهڻ رخو ۽ هرڪنڊ کان الڳ ڏيک ڏيندڙ ڪوٺيو ويو.(18)
نثري نظم (Prose Poetry) شاعريءَ جي اهڙي صنف آهي جنهن کي پابند يا آزاد شاعريءَ کان الڳ نثراڻي مزاج ۾ لکيو وڃي ٿو پر ان ۾ شاعريءَ جا لوازمات هجڻ ضروري آهن جيئن تصور (Imagery) منظر، فڪر، ربط (Parataxis) رواني ۽ جذبو.(19)
نثراڻي نظم جي تاريخ تي نظر ڪجي ته اها آزاد نظم کان به پراڻي آهي. اهو سترهين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو. جاپاني شاعر ماستو باشو (1694-1644ع) ۾ هائيڪو ۽ نثري نظم لکيا. هن جا نثري نظم تصور، علامت ۽ منظر سان ڀريل آهن.(20)
يورپ اندر نثري نظم اوڻويهين صديءَ ڌاري فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ لکيا ويا. فرانسيسي شاعر گورين (1839-1810ع) کي ان صنف تي ڪمال حاصل آهي. اهو شاعر بيماريءَ سبب ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. ان کان پوءِ بودليئر، رمباڊ، پال ورلن ۽ ملارمي اهڙا شاعر آهن جن نثري نظم کي علامتي انداز ۾ لکيو. انهن شاعرن وٽ شاعري علامت جو روپ ڌاري گهڻ رخي ٿي پوي ٿي.(21) مون ورلن ۽ ملارميءَ جي شاعري فرينچ ٻوليءَ ۾ پڙهي، سمجهه ۾ ته نه آئي پر لفظن جي ربط، رواني ۽ موسيقيت کي دل سان محسوس ڪيو.
سنڌي شاعريءَ جي تاريخ به عالمي شاعريءَ جي تاريخ کان مختلف نه آهي. شاعريءَ جي ارتقا جو ڪرنگهو رزميا شاعري آهي. سنڌي رزميا شاعري به هڪ ڪٿائن، مذهب ۽ رومانوي داستانن تي مشتمل رهي آهي، فرق اهو آهي ته بحرالڪاحل کان ويندي خليج فارس تائين ان شاعريءَ کي تخليقڪارن سميت صفحن ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسان وٽ اها سيني در سيني منتقل ٿيندي مٽيءَ ۾ دفن ٿي وئي. اسين پنهنجي ورثي جي حفاظت نه ڪري سگهياسين. ٿي سگهي ٿو هاڻي به اهڙي برزبان شاعري (Oral Poetry) جو ڪٿي وجود هجي پر اسان جا وسيلا ۽ پهچ ڪمزور آهن. مون ننگرپارڪر جا ڪوي ڏٺا جن وٽ رزميا داستانن ۾ هڪ پوري تاريخ محفوظ آهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سگهڙ جن جي برزبان رزميا شاعريءَ ۾ ماضيءَ جا ڪردار ساهه کڻن ٿا.
منهنجو ارتقا ۾ پختو ايمان آهي، انڪري چئي سگهان ٿو ته سنڌ ۾ لطيف جي شاعريءَ جو ظهور معجزو نه آهي. لطيف کان اڳ سنڌي شاعريءَ جو وڏو سفر طي ٿيل آهي پر اهڙين راهن جا نانءَ نشان ميساريل آهن. پيرن جا نشان مٽجي چڪا آهن. لطيف هڪ جبل جيان سنڌي شاعريءَ ۾ جاءِ والاريو بيٺو آهي. شاعريءَ جي جبل جو ائين اوچتو ظاهر ٿيڻ حيرت ۾ وجهندڙ آهي، ضرور سنڌي شاعري ارتقا جي قدمن تي هلي اهڙو اوج ماڻيو هوندو پر لطيف کان اڳ اهڙو ارتقائي سفر محفوظ نه آهي. اسان جو ماضي کنڊرن کان سواءِ ڪجهه نه آهي. تاريخ، ادب ۽ شاعري حملا آورن هٿان سڙي چڪا آهن. اسين بدنصيب قوم آهيون. اسان کي امن تباهه ڪيو آهي. اسين ڪڻڪ پچائي کائيندڙ ۽ چانور چڳيندڙ قوم آهيون. تاريخ ۾ ٻين قومن جي مقابلي ۾ سکيا ستابا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو اسين ڊانول ۽ امن پسند رهيا آهيون. بکايل قومن اسان کي فتح ڪيو آهي. اسان جي عزت، غيرت، مال متاع، ادب، تاريخ، شاعري ۽ فلسفي کي نيست نابود ڪيو آهي.
شڪر آهي لطيف بچي ويو ۽ ان جي طلسماتي شاعري اسان کي نصيب ٿي.
اسان پنهنجن کي گهٽ ٻاهرن جي راءِ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهيون. ان وقت جي فارسي زدا تنقيد نگارن لطيف کي عام رواجي ۽ ديهاتي شاعر ڪوٺيو. لطيف کي ماڻهن ڳولهي لڌو. ان هوندي به لطيف جو درجو عام ماڻهوءَ وٽ شاعر کان وڌيڪ پير جو آهي جيڪو پٽ ڏئي ٿو.
عالمي شاعريءَ جي مقابلي ۾ سنڌي شاعريءَ جو سفر ڇڊو (Diluted) آهي. ويهين صديءَ جي وچ تائين اسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سٺا شاعر پيدا ڪيا آهن. سنڌ ۾ فارسيءَ جي زيراثر ٿيل شاعري سنڌي ادب جو حصو نه آهي ڇو جو اها سنڌي گهٽ فارسي شاعري وڌيڪ آهي.
سنڌي مذهب پرست رهيو آهي. اهو ماضيءَ ۾ ڪڏهن به قوم پرست نه رهيو آهي. سنڌ ملڪ جا سنڌي حڪمران سنڌ لاءِ نه، اقتدار لاءِ جنگ وڙهيا آهن.
لڳي ائين ٿو ته تاريخ ۾ پهريون دفعو ويهين صديءَ جي وچ ڌاري قوم کي مذهب تي فوقيت ڏني وئي آهي. شاعري ۽ ادب جو رخ بدلجي پيو آهي. لطيف جي شاعريءَ جو سٽاءُ، طريقو، ٻولي ۽ صنفون نئين انداز ۽ فڪر سان شيخ اياز وٽ ملن ٿا. اهو سنڌ جي نج شاعري (Pure Prose) جو دور آهي جنهن ۾ تجنيس، رواني، ڪافيا، رديف ۽ بحر وزن موجود آهن.
لطيف ۽ شيخ اياز کان پوءِ شاعريءَ جي ڪوهستان ۾ ڪو اهڙو ڪوهه پيما نظر نه ٿو اچي جيڪو انهن ٻن پهاڙن جي چوٽي چڙهي پار پئجي سگهي. ڪيترا شاعر آهن جن کي مڃتا ملي پر اهي اهڙو مقام حاصل نه ڪري سگهيا جيڪو انهن ٻن شاعرن کي آهي.
شاعريءَ ۾ نظريو ڪهڙو به سمايل هجي پر ان سان گڏ جمالياتي عنصر جو هجڻ ضروري آهي. سنڌ جي گهڻي شاعري جمالياتي عنصر کان بغير ٺلهي قومپرستي ۽ نعري بازيءَ ۾ تبديل ٿي پنهنجو معيار برقرار رکي نه سگهي.
سنڌي شاعريءَ تي ٻاهرين شاعريءَ جو اثر ستر واري ڏهاڪي ۾ نظر اچي ٿو، جڏهن سنڌي شاعري مروج روايتن کان جان آجي ڪرڻ لاءِ هٿ هڻي رهي هئي. ان وقت آزاد نظم (Free Prose) لکيو ويو. سنڌ ۾ تصوريت کي متعارف ڪرائيندڙ امداد حسيني آهي جنهن ان وقت منفرد لهجي ۾ آزاد نظم لکيا ۽ کيس مڃتا ملي.
جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ جو گراف ٺاهجي ته ان ۾ دل جي گراف جيان ٽي چوٽيون نظر اينديون. وڏي چوٽي لطيف آهي، ان کان پوءِ ننڍي چوٽي شيخ اياز ۽ ان کان ننڍي چوٽي امداد حسيني.
نثري نظم (Prose Poetry) سنڌ ۾ دير سان متعارف ٿيو آهي. ان ۾ گهڻو ڪري نوجوان شاعرن جو حصو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم کي عروج حاصل آهي. خوبصورت علامتي ۽ تجريدي نثري نظم سرجي رهيا آهن. نوجوانن جي شاعري پڙهي ڪڏهن حيرت ۾ پئجي ويندو آهيان ته اها عالمي شاعريءَ کان ڪنهن به حيثيت ۾ گهٽ نه آهي. اهڙا ڪيترائي نوجوان آهن جن جا نالا نه کڻندس ڇو جو ڪڏهن شاعري پڙهندو هيس ته شاعري وسري ويندي هئي شاعر جو نالو ياد هوندو هيو، هاڻي شاعري پڙهان ٿو ته شاعري ياد رهي ٿي، شاعر جو نالو وسري وڃي ٿو.
مون به شاعري ڪئي آهي، شاعري مون لاءِ ائين آهي جيئن مانيءَ مٿان مٺو کائڻ. انڪري ناول لکي شاعري ڪندو آهيان. ڪهاڻي لکندي جملا شاعريءَ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. منهنجي شاعري گهڻو ڪري نثري نظم ۽ آزاد نظم آهن. پابند شاعري به ڪئي آهي، “اوشا جي آشا” کانپوءِ “ساڌ ٻيلي جا گيت” ۽ هاڻي “هُدو”. “هُدو” ۾ ڪيل گهڻي شاعري “لاڪ ڊائون” ۽ “وبا جي ڏينهن ۾ لکيل آهي.



Refrences
1. Poetry
Oxford dictionaries
Oxford university press-2013
2. Poetry
Merriam Webster
Merriam Webster, Inc-2013
3. Poetry Dictionary.com
Dictionary.com, LLC-2013
Poetry the art of rhythmical composition.
4. Assaneo, Maria Florencia et all “The anatomy of onomatopoeia”
PLOS ONE, 6 (127:e 2817) January 1, 2011.
5. Tambiah, S.J
“The Magical power of words”
Man 3 (2): 175-208. 1968
6. Markham, Geller (2015)
“Healing Magic and Evil demons”
De Gruyter Inc. PP. 3-5
7. Mason, David, Allen Bem P (1976)
“The Bystander effect as a function of ambiguity and
emergency character”
The Journal of social Psychology 100:145-146.
8. Ortony, Andrew (1975)
“Why metaphors are necessary and not Just nice”
Educational theory. 25 (1): 45-50
9. “What is Simile”
Funny Similes
Retrieved 2016.
10. Tompkins, Penny, James Lawky.
“Metonymy and Part whole relationship”
Retrieved 19 Dec: 2012.
11. Dirven, Rene (2003).
“Metronymy and metaphor Different mental strategies of
conceptualisation”
P P: 75-112.
12. Ruth Finnegan
“Oral literature in Africa”
Open book Publishers, 2012.
13. Krstoric Jelena, O (2005)
Epic of Gilgamesh Classical and Medieval literature”
Criticism 74- Detroit, M I: Gale.
14. Grazios Barbara (2002)
“Inventing Homer The early reception of Epic.”
Cambridge Universty press P-15
15. Nylan, Michael (2001)
The five “Confucian” Classics.
Yale university press.
16. Hasse, Dag Nikolaus (2014)
“Influence of Arabic and Islamic Philosophy on the latin
west”
Zalta Edward N. (ed)
Standford Encyclopedia of Philosophy.
17. Scott, Clive
Verse libre: The emergence of free verse in France.
1886-1914. Calaredon press Oxford.
18. Sulliran, J.P (1970)
“Ezra Pound”
Penguin Critical Anthologies series.
19. Poetic form: “Prose Poem”
Poet organistion, New York.
Academy of American poets.
20. Frederic, Louis (2002)
“Basho”
Japan Encylopedia. Harvered
Universty press. P-71
21. Vest, James M. (1983)
“A reappraisal of Mauricede
Guerins “Glaucus”
The French review-56 (3): 400-410.

*

سنڌي ڪهاڻي (1970ع کان 1980ع وارو دور)

ادب، شاعري ۽ سنگتراشي انهن سڀني شعبن تي اها ڳالهه حيرت انگيز طور لاڳو رهي آهي ته اهي جڏهن ڌرتيءَ تي فنڪارن هٿان سرجڻ لڳا ته انهن جي عروج ۾ ڪو اهڙو ڊگهو عرصو نه لڳو پر ڄڻ ابتدا ۾ ئي اهي هڪ اهڙي ڪمال سان همڪنار ٿي ويا جو اهو عروج يا جواني انهن کي مستقبل ۾ جديد دور ڏانهن وڌيڪ نواڻ يا معتبر بنائڻ بدران صرف هڪ پڙاڏيءَ جي صورت ۾ ئي وڃي برقرار رهيو. ڌرتي ڪيتري قديم آهي پر ان جهڙي نئين ڌرتي ڪروڙها صدين ۾ به تخليق ٿي نه سگهي. اها ساڳي ڳالهه چنڊ، سج، هوا، باهه، پاڻي ۽ اهڙين ٻين شين تي لاڳو آهي جيڪي سڀ تخليق ٿيل ۽ ائين ئي عروج تي پهتل آهن جيئن ڪروڙها صدين کان موجود آهن، خود انسان جي صورت، ڌرتي، هوا ۽ پاڻيءَ جيڏي قديم نه هوندي به ڪروڙها سال قديم ضرور آهي.
چون ٿا اسين جاندار، انسان، اسان جا ڀائر جانور ۽ اسان جا سئوٽ وڻ ۽ ٻوٽا مسلسل هڪ ترقي يا ارتقا مان گذرندا آيا آهن پر مان هاڻي ارتقا لفظ کي استعمال ڪرڻ کان ٿورو پاسو ڪري “نسرتا” يا ڪو اهڙو ٻيو لفظ جيڪو اڃان منهنجي ذهن ۾ نه آهي، استعمال ڪندس ڇو جو منهنجو يقين آهي ته انسان جتان مستقبل ڏي سفر ڪرڻ شروع ڪيو هيو ان کي آخر ماضيءَ ڏانهن موٽڻو پوندو. هڪ اهڙي دنيا ڏانهن جتي ڌرتي اوزون جي تهه ۾ ائين ويڙهيل هوندي جيئن ڄمڻ کان اڳ ٻار ماءُ جي پيٽ اندر محفوظ پردي ۾ ويڙهيل هوندو آهي. هڪ اهڙي ڌرتيءَ ڏانهن جتي پيٽرول ۽ سگريٽ جو دونهون نه هوندو. شراب ۽ منشيات واپرائيندڙ مري چڪا هوندا. گهٽ کائيندڙ دل جي بيمارين کان پاڪ، هيڊن ۽ ڪمزور چهرن بدران تازا ۽ مرڪندڙ منهن هوندا. هوا ۾ اڏرندڙ شاپنگ بيگز بدران املتاس جا اڏرندڙ گل هوندا. جيڪڏهن جنگيون لڳيون ته اسان هٿ ايٽم بم ۽ خوفناڪ هٿيارن کان پاڪ هوندا. انهن جون پوشاڪون مختصر هونديون ۽ اهي ڪنهن به بلڊريشر کانسواءِ ڪنهن سرسبز پهاڙ جي ويران غار ۾ ڪنهن ڌاڙيل يا دهشت گرد جي خوف بنا آرام ڪري سگهندا. منهنجي خيال ۾ دنيا جو عروج يا ترقي اها ئي هوندي.
اسين ترقي يافتا يا ترقي پذير نه آهيون پر سچ اهو آهي ته اسين پاڻ کي ۽ دنيا کي تباهه ڪري رهيا آهيون. تاريخ پڙهڻ سان ڪيڏي نه کِل اچي ٿي. انسان جڏهن پٿر مان پهريون چاڪو ٺاهيو ته هن پاڻ کي ترقي يافتا ۽ جديد چيو. هن ان دور کي ترقيءَ جو دور سڏيو. ان کان پوءِ هر دور ۾ اسان پاڻ کي ترقي يافتا ڪوٺيندا آيا آهيون. هر دور ۾ هن پاڻ کي مهذب، ڏاهو ۽ سائنسدان چيو آهي، سو اسين به پنهنجي دور کي ترقيءَ جي حد سڏيون ٿا جيڪا منهنجي خيال ۾ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي.
سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ۽ شاعريءَ سان به ساڳي روايت لاڳو آهي. سنڌي شاعريءَ جي ابتدا طاقتور ۽ تخليقي آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو اهو تخليقي سفر زور ۽ شور سان اڳتي وڌي شاهه لطيف جي شاعريءَ کان به گوءِ کڻي وڃي ها پر اسان کي خبر آهي ته ائين نه ٿيو. شيخ اياز اسان وٽ موجود آهي جيڪو هڪ تمام اهم ۽ عظيم شاعر آهي پر لطيف اوائلي هوندي به اهم آهي ته پوءِ وقت سان گڏ ترقي، سڌاري ۽ ارتقا جا ماپا آخر ڪيڏانهن ويا؟ لطيف وٽ ڪهڙيون لائبريريون يا ٻيا مواصلاتي رابطا هيا. سچ ته اهو آهي جيئن خدا پيغمبرن کي ڌرتيءَ تي موڪليو ائين ئي شاعرن ۽ ٻين تخليقڪارن کي موڪليو. سچن ڪهاڻيڪارن ڌرتيءَ تي اچي ڪهاڻيون ٻڌايون ۽ سنگتراش پٿر ۾ موجود وجودن کي کوٽي ظاهر ڪيو. مائيڪل اينجيليو موسا جي جيئري وجود کي هڪ سنگمرمر جي پٿر اندران کوٽي ڪڍيو هيو ۽ ان سان گفتگو ڪئي هئي. موناليزا جي نظر نه ايندڙ تصوير سڀ کان پهريون ليونارڊو ڊوانچي ڪنواس تي ڏٺي، هن صرف رنگ ڀريا هيا.
جيئن سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا زوردار طريقي ٿي ائين ئي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا به تمام شانائتي طريقي سان ٿي. ٻئي عالمي جنگ کان پهريون وارو دور هڪ مطالعاتي دور هيو جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جي اهميت بيان ڪئي وئي، ترجما يا ٻاهرين ادب کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجي ماحول جو رنگ ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جا ڪڪر ادب جي اڀ ۾ هر طرف ڇائنجي ويا ۽ ڪردارن جو اهڙو وڏ ڦڙو وسي پيو جو سنڌي ڪهاڻي سرسبز ميدان ۾ تبديل ٿي وئي. دراصل سنڌي ڪهاڻيءَ جي عروج وارو دور ننڍي کنڊ جي ٽٽڻ وارو دور آهي جنهن 1970ع کان پوءِ واري کيپ کي پڻ تيار ڪيو يا ائين چئجي ته 1970ع کان پوءِ واري سرجندڙ ڪهاڻي ان کان پهريون واري دور جو پڙاڏو آهي. اسان کي ون يونٽ کان پوءِ واري ڪهاڻي پنهنجي اڳئين ٽهيءَ کان بي حد متاثر نظر اچي ٿي. ان دور ۾ ڪجهه اهڙا ڪهاڻيڪار به پيدا ٿيا جن هوبهو اڳئين ڪهاڻيڪارن جو لهجو ۽ انداز اختيار ڪيو. امر جليل، موهن ڪلپنا، نسيم کرل ۽ ماڻڪ اهڙا ڪهاڻيڪار آهن جن پاڻ کان پوءِ واري ايندڙ ٽهيءَ تي گهڻو اثر ڇڏيو. خاص ڪري امر جليل جنهن کي مان سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيڪار چوندس. ان ڪهاڻيڪار جي عام فهم ۽ دلچسپ پر سماج سڌارڪ تحريرن ون يونٽ جي ردعمل ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي شعور رکندڙ نوجوانن کي گهڻو متاثر ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو 1970ع کان پوءِ واري ٽهيءَ جي شروعاتي سالن ۾ لکيل ڪهاڻيون امر جليل اسٽائيل ۾ لکيل ڪهاڻيون آهن. اڳتي هلي انهن ڪهاڻيڪارن وڌيڪ مطالعي، ڏات ۽ ڏان سان پنهنجو الڳ مقام پيدا ڪيو.
اڄڪلهه اهو بحث هلي رهيو آهي ته “سنڌي ڪهاڻي زوال پذير آهي.” ڪجهه دانشورن ان راءِ جي مخالفت به ڪئي آهي پر مان ٿوري جرئت ڪري چوندس ته سنڌي ڪهاڻيءَ جو زوال 1970ع کان پوءِ شروع ٿي چڪو هيو. 1970ع کان پوءِ وارو دور آهستي آهستي سنڌي ڪهاڻيءَ کي ان جي خاتمي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.
زندگيءَ ۾ سٺي لکڻ جو هڪ دور مقرر آهي. مان سمجهان ٿو اهو دور ڦوهه جوانيءَ وارو دور آهي جيڪو ٽيهن سالن تي اچي ختم ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ ليکڪ صرف مطالعاتي تجربن جي بنياد تي لکي ٿو. ون يونٽ کان پهريون واري ٽهي پنهنجي انهن سالن ۾ گهڻو ڪجهه ڏئي مطالعاتي دور ۾ ٽپي وئي هئي ۽ ون يونٽ کانپوءِ واري ٽهي پنهنجا قيمتي سال نئين واٽ ٺاهڻ بدران پراڻي ٽهيءَ جي انداز کي اختيار ڪرڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري نوان تجربا بند ٿي ويا ۽ ڪهاڻي اڳتي وڌڻ کان رڪجي وئي. مان ائين نه چوندس ته ڪو ان دور جا سڀ ڪهاڻيڪار ائين ڪرڻ لڳا پر ايترو سو ضرور آهي ته انهن مان ڪجهه پنهنجي واٽ ٺاهي ٿورو اڳتي هليا ئي مس ته رابطي جي ٻين وسيلن جهڙوڪ ٽيليويزن وغيره انهن جي تخليقن کي جاءِ ڏئي انهن جي رجحان ۽ مقصد کي ڦيرائي وڌو. اهو ئي سبب آهي جو 1970ع کان پوءِ وارن ڪهاڻيڪارن جي لسٽ ۾ اهڙا ڪهاڻيڪار گهٽ آهن جن اهڙيون ڪهاڻيون لکيون هجن جن جا نالا کڻي ٻڌائي سگهجي جيئن اسان کان پهريون واري ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون نالا کڻي ياد ڪيون وينديون آهن.
مون کان هڪ دفعي سوال ڪيو ويو ته “موجوده سنڌي ڪهاڻيءَ جي حيثيت ڇا آهي؟”
مان سوچ ۾ پئجي ويس ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون جي ڀيٽ ۾ لاتعداد رسالا پنهنجي وقت اندر ڇپجي ميدان ۾ اچي رهيا آهن، جن ۾ باقاعدي ڪهاڻيون ۽ شاعري موجود آهي پوءِ اهو ڪهاڻي يا شاعريءَ جو زوال ڪيئن آهي؟ مون کي ياد آهي اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ نه ته ڪو سنڌي رسالن جي ڇپائيءَ جو معيار هيو ۽ نه ئي وقت تي بازار ۾ ايندا هيا پر پوءِ به انهن ۾ ڇپجندڙ ڪهاڻيون ۽ شاعري دل ۾ نقش ٿي ويندا هيا، پڙهڻ کان پوءِ لڳندو هيو، “ها مان پڙهيو آهي.” اديب هڪ تحريڪ جي صورت ۾ سماج سڌراڪ ۽ شعور ڏيندڙ هيو. رسالي جو مالڪ رسالو ڪڍي ڄڻ پئسن مان هٿ ڌوئي ڇڏيندو هيو. ايڊيٽرن ادب کي ڪڏهن به ڪمائي جو وسيلو نه سمجهيو. اهو ئي سبب هيو جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سياسي ۽ ادبي شعور سنڌ ۾ پيدا ٿيو. ماڻهن ۾ تعليم لاءِ شوق جاڳيو ۽ جمهوريت جون تحريڪون هليون پر اڳتي هلي ادب کي جڏهن شهرت، ٺلهي سياست ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو بنايو ويو ته ادب جي حيثيت به هڪ اهڙي ملان وانگر ٿي وئي جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تفاوت هوندو آهي ۽ اها سموري جوابداري انهن ايڊيٽرن تي اچي ٿي جن پنهنجي ڪاروباري طرز تي ترتيب ڏنل رسالن کي وقت سر ۽ تڪڙي آڻڻ لاءِ تمام گهڻي ۽ غير معياري مواد جي ضرورت پوي ٿي.
ٽيليوزن ڪنهن قدر ادب جي جاءِ والاري آهي پر ان جي ڪا به حيثيت نه آهي ڇو جو اتي اديب کي هڪ پاليسيءَ موجب لکڻو پوي ٿو. اها ڪنهن اديب کي ڪنهن ٻئي ميڊيا کان سوين دفعا وڌيڪ شهرت ۽ ٿورو گهڻو پئسو بخشي ٿي. جنهن ڪري سنڌي ڪهاڻيڪارن جو رويو تبديل ٿيو آهي. خود منهنجي ٽهيءَ جا سٺا ڪهاڻيڪار پنهنجو وقت ڊرامن کي ڏئي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو روايتي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اها حيثيت نه رهي آهي. جيڪي ڪهاڻيون لکيون وڃن ٿيون اهي اهڙيون اثر ڏيکاريندڙ نه آهن جو هڪ پڙهندڙ کي متاثر ڪن. اهو رجحان صرف سنڌ واسين سان نه پر پوري دنيا جي ادب تي لاڳو آهي. ناول ۽ ڪهاڻيون جڏهن ٽي ويءَ تي ڏسڻ لاءِ ملي وڃن ته آخر انهن کي پڙهڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟ جڏهن ته ڪتابن جون قيمتون تمام گهڻيون چڙهيل ۽ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان پري آهن. آخر ان مسئلي جو حل ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ اسان کي ادب ۽ شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيڻ گهرجي جيئن اها حقيقت پسنديءَ مان نڪري تجريد ۽ علامت جو روپ ڌاري سگهي. سحرانگيز حقيقت نگاري يا سرئلزم کي ادب جو حصو بنائڻو پوندو. ادب تڏهن ئي امرتا حاصل ڪري سگهندو جڏهن ان کي بدلائي نئون روپ نه ڏنو ويندو. پڙهڻ جي اهميت تڏهن ئي برقرار رهي سگهندي جڏهن تخليق ڪتابن ۾ محفوظ رهي سگهندي. ٽي ويءَ تي ان جي عڪسبندي آسان نه هوندي.
مان ڪجهه ڏينهن اڳ هيمنگوي جي ناول “پوڙهو ۽ سمنڊ” تي ٺاهيل فلم ڏٺي، ٿوري دير کان پوءِ اٿيس ۽ ٽي وي بند ڪري ڇڏي ڇو جو منهنجين نظرن ۾ ان ناول جو اميج خراب ٿي رهيو هيو. فلم ڏسندي مون محسوس ڪيو تجريد، علامت، سريئلزم يا سحرانگيز حقيقت نگاريءَ کي ڪڏهن به ڪيميرا جي اک قيد ڪري نه ٿي سگهي. ڪيميرا لاءِ اهو ناممڪن هيو ته سمنڊ جي وچ ۾ ٻيڙيءَ تي ويٺل اڪيلي پوڙهي جي ڪردار تي ڪا اهڙي فلم بندي ڪري جو اها ناول جي معيار کي ڇهي سگهي، جنهن ڪري فلم بور ڪندڙ هئي، جڏهن ته اهو ناول دنيا جي عظيم ناولن مان هڪ آهي.
اسين پنهنجن ناولن کي وضاحتي ادب کان هٽائي علامتي طريقي سان لکي امر بنائي سگهون ٿا ۽ ائين ئي ڪهاڻيءَ جي حيثيت برقرار رهندي.
1970ع کان 1980ع واري دور ۾ اڀري آيل ڪهاڻيڪارن تي جڏهن نظر ڪبي ته اسان کي ان ٽهيءَ ۾ ڪيترائي معتبر ۽ فن سان نوازيل ڪهاڻيڪار نظر ايندا. انهن مان ڪيترن وٽ پنهنجو معتبر ۽ منفرد اسلوب ۽ انداز آهي. مان ان ڏهاڪي کي وري ٻن حصن ۾ ورهائيندس. هڪڙا اهي ڪهاڻيڪار جيڪي ون يونٽ کان پوءِ هڪدم اڀري سامهون آيا ۽ ٻين ڪجهه عرصو پوءِ لکڻ شروع ڪيو. ممتاز مهر، ساحر پريمي، رفيق سومرو، سليم ڪورائي، خالد سنڌي، قبول ابڙو ۽ ليکڪائن مان خيرالنساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو، تبسم مهتاب قريشي، ليلا بانا شامل آهن. ان دور ۾ ڪهاڻي گهڻو ڪري مطالعاتي ادب جي زير اثر رهي. جنهن ۾ قومي مسئلن سان گڏ جنس (Sex) تي به گهڻو ڪجهه لکيو ويو. سليم ڪورائي ۽ قبول ابڙي جا موضوع جنسي مسئلا رهيا. جڏهن ته ليکڪائن مان اسان وٽ خيرالسناءِ جعفري جون لکڻيون تمام گهڻو مقبول رهيون ۽ هوءَ هڪ وڏي ڪهاڻيڪاره جي حيثيت ۾ اڀري سامهون آئي پر هن جي تنقيدنگار هئڻ واري حيثيت سندس ڪهاڻين کان مٿائين آهي.
رفيق سومرو اڄڪلهه نه لکي رهيو آهي. هن لکڻ ان وقت ڇڏيو جڏهن پنهنجي انفراديت کي ڳولهي لڌو. سندس آخري ڪهاڻيون منفرد ۽ وڻندڙ آهن جن ۾ سندس پنهنجو اسلوب ۽ انداز آهي. ان ئي دور ۾ بيدل مسرور ۽ ساحر پريمي گهٽ پر سٺو لکيو آهي. ان ئي ڏهاڪي جي پوئين دور ۾ جيڪي ڪهاڻيڪار شامل آهن تن ۾ رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، زيب سنڌي، طارق عالم ابڙو، بدر ابڙو، فقير محمد لاشاري، بادل جمالي، ملڪ آگاڻي، خليل قاضي، غلام نبي سومرو، محمود مغل، اشفاق انصاري، سليم چنا، عابد مظهر، اخلاق انصاري، رحمان جافرادي، مشتاق ڪاملاڻي، محمد دائود بلوچ، نظير شورو، ظفر عباسي، انور جوکيو، آفتاب نظاماڻي ۽ ٻيا سنڌي ٻوليءَ جا اهي شاعر جن ڪهاڻيون پڻ لکيون، جن ۾ شرجيل، فتاح عابد، ادل سومرو، اياز گل، نور گهلو ۽ ٻيا شامل آهن.
رزاق مهر ۽ ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين کي سنڌي ادب ۾ اهميت حاصل آهي پر اهي اڄڪلهه پنهنجو وقت ٽي وي ڊرامن کي ڏئي رهيا آهن ۽ انهن ڊرامن جي حوالي سان گهڻي شهرت حاصل ڪئي آهي. زيب سنڌي ۽ طارق عالم ابڙي ڪهاڻين سان گڏ خوبصورت شاعري پڻ ڪئي آهي. زيب جي شاعري ان جي ڪهاڻين کان سٺي آهي، جڏهن ته طارق عالم بهترين ناول نگار، سٺو ڪهاڻيڪار ۽ چڱو شاعر آهي. انهن ٻنهي نوجوانن جا ڊراما ٽي ويءَ تان گهڻا مقبول ٿيا آهن.
بدر ابڙو ۽ فقير محمد لاشاري ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏ صحافت سان به لاڳاپيل آهن. اهڙن ئي نوجوانن ڪري ادبي صحافت جو بنياد پيو ۽ اخبارن ۾ جتي صرف سياست هوندي هئي، ادب کي پڻ اهميت حاصل ٿي.
بادل جماليءَ جون ڪهاڻيون ڳوٺاڻن مسئلن تي لکيل آهن. هو نسيم کرل کان متاثر نظر اچي ٿو. خليل قاضي ۽ غلام نبي سومرو کي پڙهي ڪو به متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿو سگهي. انهن لکڻ جو آغاز ئي ڪجهه اهڙي طريقي ڪيو جو يقين ئي نه ٿي آيو ته ڪو اهي نوان ڪهاڻيڪار آهن. ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن انهن پنهنجيون صرف ٻه ڪهاڻيون شايع ڪرايون ۽ ٻيون سڀ ڪهاڻيون ساڙي ڇڏيون هجن ۽ پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنو هجي. ان ٽهيءَ جا باقي دوست ڪڏهن رسالن ۾ نظر اچن پيا.
ليکڪائن مان ان دور جي حوالي سان نورالهديٰ شاهه پنهنجي عروج تي نظر اچي ٿي. هن کي هڪ ئي وقت ڪهاڻي، شاعري ۽ ڊرامي تي عبور حاصل آهي.
دوستو هنن ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين جي اهميت ميل ملاقات کانسواءِ ڪجهه نه هوندي آهي ۽ اها ئي هوندي آهي ته هڪ ٻئي کي ياد ڪيو وڃي. جيڪي وسري ويا آهن انهن کي وري ذهن ۾ آندو وڃي، انهن کي سامهون ڏٺو وڃي. مان آخر ۾ ڪهاڻيڪارن خاص ڪري پنهنجي ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن کي ايترو ضرور چوندس ته هڪ دفعو وري ساڳي جوش ۽ جذبي سان ڪهاڻي کيتر ڏانهن موٽي اچن. تخليقي ادب کي پڻ وقت ڏين ۽ ڪهاڻيءَ جي ڪرندڙ معيار کي ٿورو سهارو ڏيڻ.



1993ع ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران خيرپور ۾ منعقد ڪيل ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالو. اها ڪانفرنس ادل سومري جي ڪاوشن سان منعقد ٿي. جڏهن پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل هيا.
ڪهاڻيءَ کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو هيو، مون کي 1970ع کان 1980ع وارو دور ڏنو ويو. جن اديبن جا نالا هن مقالي ۾ نه آهن. انهن جو ذڪر ٻين ٻن دورن جو ٿيل آهي.
ان ڪانفرنس جي صدارت محترم عبدالقادر جوڻيجي ڪئي جڏهن ته مان خاص مهمان هيس. اها ساڳي ڪانفرنس هئي جنهن ۾ جوڻيجي صاحب خطاب ڪندي پنهنجو مشهور جملو چيو هو ته
“سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي آهي ۽ اها ختم ٿي چڪي.”

لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا: اقرار پيرزادو

حيرت جو هڪ سبب اڻ ٿيڻِي ڳالهه جو ٿي پوڻ هوندو آهي. اقرار پيرزادي جا لکيل خاڪا پڙهي لڳي ٿو اڻ ٿيڻيون ڳالهيون ٿي پيون آهن پر مون کي حيرت ان ڪري نه ٿي جو ڳوٺ بابت ٻڌل ڳالهيون ڪنهن حد تائين مون اڳيان ٿي چڪيون هيون. ويهه سال لاڙڪاڻي ۾ پڙهندي پڙهائيندي ڪيترن ئي دوستن سان ڪچهريون ٿيون. مون ان پراسرار ڳوٺ بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو پر اقرار اڃا به گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي. منهنجي تصور ۾ ٻلهڙيجي گارشيا جي ڳوٺ “ماڪوندو” کان مختلف نه آهي.
گارشيا جي ٽن عظيم ناولن جو مرڪز “ماڪوندو” جو ڳوٺ آهي. هو، ڦري گهري ڳالهه اچي ماڪوندو جي ڳوٺ تي کٽائي ٿو. هُن وٽ ورجاءُ ان ڪري آهي جو ماڪوندو ڪوهيڙي جيان سندس من کي ويڙهيل آهي ۽ هر جادوئي ڏيک ۾ پراسراريت پردي پويان موجود آهي. اقرار به اهڙي ڳوٺ جا در کوليا آهن. لاتعداد لافاني ڪردار ۽ هر ڪردار سان جُڙيل انيڪ ڪهاڻيون. هيءُ ڪتاب نه آهي، اکيون آهن ۽ اهي اکيون هر صفحي مان ٻاهر نهاري ڪجهه ٻڌائڻ چاهين ٿيون.
ناسٽلجائي ڪتاب ڄڻ قبرستان هوندا آهن ۽ هر صفحي جي قبر مان ماضيءَ جو آواز اگربتيءَ جي دونهين جيان اڀري اڪيچار دائرا ٺاهي نت نوَن منظرن ۾ تبديل ٿيندو رهندو آهي. ڏک جون لهرون جسم ۾ ڇوليون هڻي اکين مان پلٽجي پونديون آهن. ماڻهو مٽيءَ ۾ دفن ٿئي ٿو ۽ يادون ڪتابن ۾. مٽيءَ ۾ دفن ٿي ماڻهو مِٽجي وڃي ٿو ۽ ڪتابن ۾ اچي جيئرو ٿي پوي ٿو. وڏڙا جيئرا آهن ته ننڍڙا انهن جي ميراث آهن، وڏڙا گذاري وڃن ٿا ته ننڍڙا انهن جا وارث آهن. سندن يادون اسان جي ميراث آهن ۽ اقرار پنهنجو فرض نڀائيندي هر هڪ ڪردار کي ائين ساريو آهي جو اهو يادگيرين ۾ سمائجي ٻيهر جيئرو ٿي پيو آهي.
هڪ ڳوٺ ۽ ان چوڌاري ايڏا منفرد ڪردار! منهنجي بدنصيبي چئجي جو ان ڳوٺ ۾ پيدا نه ٿيس نه ته انهن ڪردارن تي ويهه کن ناول ته ضرور لکان ها. منهنجو ڳوٺ منهنجن وڏڙن جو ڳوٺ هيو. مان شهر ۾ ڄايس ۽ ڪڏهن ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو. ان ڳوٺ جا ڪردار اڄ به منهنجي ذهن ۾ آهن، جڏهن ته شهر جا ڪردار دونهين ۽ رش ۾ گم ٿي چڪا آهن. منهنجين ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ان ڳوٺ جو ذڪر آهي. افسوس! اهو ڳوٺ هئو پر هاڻي ڳوٺ نه رهيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ اتي وڃڻ ٿيو. ماڻهو نظر آيا، پکي نظر نه آيا!
اقرار جا خاڪا پڙهي مان ان رستي ۾ تبديل ٿي ويو آهيان، جيڪو منهنجي ڳوٺ ڏي ويندو هو. ان رستي جي پاسي ۾ هڪ پراڻو خشڪ کوهه هو. ماڻهو مئل اُٺ ان کوهه ۾ اڇلائيندا هئا. کوهه مٿان کٻڙ جي ڏنگن ڦڏن وڻن ۾ پاريهرن جي اکين جهڙا ڳاڙها پيرون، موسم جي سموري سواد کي جذب ڪري، پکين کي پاڻ ڏي سڏيندا رهندا هئا. ان کوهه مان ڪڏهن به مئل اُٺن جي بوءِ نه آئي. ماضي به اهڙي کوهه جيان آهي جنهن ۾ يادن جا اٺ دفن آهن. اُٺ، جن تي ڪڏهن حال سواري ڪئي ۽ اسين وقت جو مستقبل، جيڪي حال ۾ ويهي انهن کي ساريون ٿا.
“سامي سُهاڳِي” کان اڳ مون اقرار پيرزادي جو هِن کان پهريان شايع ٿيل ڪتاب “جن سين لنئُون لاڳي” پڙهيو، جنهن ۾ هن جو پنهنجي والد صاحب، اڪن پيرزادي تي لکيل خاڪو پڙهي تعجب ۾ پئجي ويس ڇو جو ڪجهه لکندڙن جون لکڻ وقت همدرديون ڪردارن سان هونديون آهن. اهي وچٿرو قلم نه هلائيندا آهن پر اقرار جنهن طريقي سان لکي ٿو، ان طريقي ۾ ڪا به طرفداري نه آهي، پڙهندڙ پاڻ منصف ٿي راءِ قائم ڪري ٿو ته اهو ڪردار ڪهڙي حيثيت لهڻي، پڙهندڙ پاڻ ان ڪردار جي گُڻن اوگڻن جي ڪٿ ڪري ٿو.
هي خاڪا پڙهي محسوس ٿيو ته رنگ، رنگ سان ملي هڪ نئين رنگ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
سنڌ جا ڪي ڳوٺ اهڙا آهن جن ۾ رهندڙ سڀ مذهبي خيال ملان نظر ايندا، سندن مقصد نماز پڙهڻ ۽ پڙهائڻ آهي. ڪي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ موالين جي اڪثريت آهي پر ٻلهڙيجيءَ جو رنگ ڏسي يقين نٿو اچي ته سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ماڻهن کي اهڙو مختلف ماحول به ميسر آهي. راڳ رنگ جون محفلون، ساز ۽ آواز، وقت جي مشهور ڳائڻن ۽ ڳائڻين جا ڊاٻا.... ائين لڳي ٿو ڄڻ ڳوٺ جو هر ڪردار هڪ آرٽسٽ آهي. شعر ۽ ادب ته پنهنجي جاءِ تي پر فن جي ٻين صنفن سان لڳاءُ هِنن ڳوٺاڻن جو غيرروايتي پڻو آهي.
اقرار ڪردارن جي نفسياتي روين کي جنهن ڏانءُ سان بيان ڪري ٿو، اهو ڏانءُ فطرت جي ويجهو نظر اچي ٿو. هن وٽ وڌاءُ نه آهي پر ڪردار جيئن آهن تيئن سچائيءَ سان ظاهر ٿين ٿا. هو ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه بيان ڪري ٿو. هن جون يادگيريون اهڙو ڪشادو ميدان آهن، جنهن ۾ ڪردار پنهنجي پنهنجي خوبين توڙي خامين سميت آسانيءَ سان سمائجي وڃن ٿا، جيئن هي ٻڌائي ٿو ته سلامت علي خان پنهنجي پٽ شرافت علي خان کي ڄمندي ئي ڪن ۾ سمپورڻ راڳڻيءَ جي اذان ڏني هئي. ائين ئي اقرار به هيءُ ڪتاب لکي پڙهندڙن جي ڪَن ۾ سُرٻاٽ ڪيو آهي ۽ ان سرٻاٽ کي پڙهندڙ ماضيءَ جي پراسرار گونج جيئن ڪنائيندا رهندا.
اقرار پيرزادي کي هر ساز ۽ سُرن جي ادائيگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ آهي. هر ڪردار جي هر ڳالهه سندس ذهن ۾ آهي. هن جو حافظو تيز آهي جيڪو هر منظر سان نروار ٿيندو رهي ٿو. ڪاريهر فقير جيڪو يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندڙ فنڪار هو، ان جي چهري جي منظرنگاري، الميو ۽ ڳائڻ جو انداز، کيس هڪ منظر جيان سامهون آڻي ٿو.
“ڪلاونت واپاري ڪٽنب” جي باري ۾ هو لکي ٿو “چوندا آهن فنڪار سٺو دڪاندار نٿو ٿئي پر منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ هڪ ڪلاونت ڪٽنب ٽن پيڙهين تائين فن ۽ دوڪانداريءَ سان واهه جو نڀايو...”
اهو سچ آهي ته فنڪار دنيا ۾ بک مري ٿو، خاص ڪري سنڌ ۾، جتي فن جو قدر نه آهي پر هڪ اهڙي ڪٽنب جو ذڪر جيڪو فن سان لاڳاپيل هوندي به پنهنجي پيرن تي بيٺل هو، فنڪارن لاءِ حوصلي جو سنيهو آهي.
اقرار پيرزادي جا ڪردار عام رواجي انسان آهن ۽ اهي اهڙي زندگي گذاري آيا آهن جيڪا زندگي انهن کي الڳ ڪري، اڳيان آڻي ٿي. اهي مٽيءَ ۽ ڳوڙهن جا ڳوٿل ماڻهو، جن جو لباس به مٽي آهي، بظاهر ميرا پر اندر جا اجرا ۽ ماضيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويل... سندن اکيون ۽ چپ ڏسندڙ، ڳالهائيندڙ، پيچرن تي ڇڏيل سندن پيرن جا نشان ۽ انهن نشانن ۾ يادن جي ڌڙڪندڙ دل لحظو لحظو، لمحو لمحو ۽ گهڙي گهڙي، گهڙيال جي پوئتي ڦرندڙ ڪانٽن ۾ صدا بنجي گونجي ٿي.
اقرار ٻلهڙيجيءَ جي ماڇين جا ڀوڳ بيان ڪندي لکي ٿو “هِنن وٽ چرچن جي معاملي ۾ ننڍ وڏائيءَ جو لحاظ ڪار نه آهي، ٺهي آيو ته پٽ پيءُ کي ڀوڳ وهائي ڪڍندو. ان ۾ ڪنهن سان به ڪا رعايت نه ٿيندي. رڳو مڙس ڍاڪ تي چڙهي اچي، اصل مٿو مٿي تي ايندس. گفتگو نڪرندي ئي ڪچهريءَ ۾ موجود هر ماڻهوءَ جا پيٽ ۾ هٿ هوندا، اصل کُرڙيون پيون لڳنديون پر مجال آهي جو پاڻ ڳالهه پوري ڪرڻ کان اڳ کِلن.”
اقرار وٽ ڪردار نگاريءَ جو ڏانءُ آهي. هر ڪردار حقيقت جو روپ وٺي سامهون اچي ٿو. سيدن جا قصا کڻندي هو انهن جا عجيب ۽ غريب داستان بيان ڪري ٿو. سيد جيئندل شاهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو “اڪثر سرخ رنگ جي ڀلي گهوڙي تي سوار هوندو هو. مٿي تي سدائين پٽڪو ٻڌل هوندو هئس. سائينءَ جي ڪرائيءَ ۾ بهترين واچ هوندي هئي پر کيس ٽائيم جي خبر نه پوندي هئي. جڏهن ڪو کائنس ٽائيم پڇندو هو ته، واچ ان جي آڏو جهلي چوندو هو. چڱو مون کي به ٻڌاءِ ته ٽائيم گهڻو ٿيو آهي!”
اهڙي طرح انهن منفرد ڪردارن جي لڪيل نفسيات، وضاحت کان سواءِ پاڻ ظاهر ٿي سامهون اچي ٿي. مزاح جا عنصر پڙهندڙ کي تازو رکن ٿا جنهن ڪري هي خاڪا پڙهندي ٿڪاوٽ محسوس نٿي ٿئي. جيئن سيد ڪاشل شاهه واري خاڪي ۾ ڏسي ٿو ته ملان هارون سومرو نماز پڙهي موالين جي ڪونڊي مان ڏوڏيءَ جو گلاس ڀري پِي وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي گهڙي مان اوتري ئي مقدار ۾ پاڻي ڀري ڪونڊي ۾ وجهي، واردات ڦٽائي گم ٿي وڃي ٿو. هوڏانهن ڏوڏيءَ جا موالي ڪاشل شاهه، وڏيرو حسن علي ۽ ملان جمن جڏهن ان پاڻيءَ مليل ڪونڊي مان ڏوڏي پيئن ٿا ته کين نشو نٿو ٿئي!
اقرار فقيرن، پيرن ۽ سيدن جا قصا بيان ڪري ٿو جن مان ڪي سخي آهن ته ڪي بخيل. سندس لکڻين مان لڳي ٿو ته هن انهن جي ويجهو رهي مشاهدو ڪيو آهي. هن وٽ ويڄن جي وِڄا جا قصا پڻ آهن، جيئن حاجي فقير ڪلهوڙو، جيڪو حڪمت سان گڏ ستارن جو علم به ڄاڻي ٿو. الاهي بخش ڍڍيءَ جهڙا ڪردار مون به ڏٺا جن وٽ مخصوص نعرو هوندو هو. ان ئي خاڪي ۾ ڪنزويٽر صديقيءَ جو دکدائڪ واقعو جنهن کي نيٺ فقير کان معافي وٺڻي پئي هئي.
ڪلڪل فقير جيڪو مائين کان نفرت ڪري ٿو. ماڇين، ڪاسائين، موچين ۽ عورتن سان هٿ نٿو ملائي. ان وٽ پنهنجا وهم ۽ عقيدا آهن، سندس اصول موجب ڪنهن کان به کاٻي هٿ سان ڪا شيءِ نه وٺبي، نه ڏبي. ڪچهريءَ ۾ ڪنهن کي ڪانڀ ڪڍي ويهڻ نه ڏيندو. ڪو هٿن ۾ منڊا ڏئي ويٺو ته ان کي ڇڙٻ ڏيندو. گهرواريءَ جي وفات کان پوءِ ان جو پاڙي واري مائي خيران سان جهيڙو...
انور پيرزادي، مير محمد پيرزادي ۽ قربان پيرزادي بابت خاڪا پڙهي يقين نٿو اچي ته اهڙا املهه ماڻهو ڏيهه ڇڏي ويا!
ان لکيل پڙهيل ڳوٺ جي نوجوانن جون قربانيون به اڻ ڳڻت آهن. کنڀجڻ کان پوءِ جون پيڙائون ۽ عظيم شهادتون ڪنهن کان وسرڻ جهڙيون نه آهن.
هي خاڪا پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ مون ڪتاب نه پڙهيو هجي پر اهڙي ميلي مان موٽيو هجان جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مرڪندا هجن، روئيندا هجن، ڳائيندا هجن، ملاکڙا هجن. ڄڻ ملان، موالي، ويڄ، ڀوڳائي، پير مريد، استاد شاگرد، اديب شاعر، شهيد ۽ سورهيه سرويچ گهمندي ڦرندي نظر آيا هجن.
هيءُ ڪتاب ان ڪري به منفرد آهي جو سنڌي ادب ۾ شخصيتن کي ائين ياد نه ڪيو ويندو آهي جيئن اقرار پيرزادي انهن کي ياد ڪيو آهي.