سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران انگريز ليکڪ ڪلارڊومارڪووٽس جي لکيل مشھور ۽ تاريخي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”سنڌي واپاري“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار حسين بادشاھہ آھي.
ھن ڪتاب ۾ سنڌي واپارين جو بخارا کان پاناما تائين 1750ع کان 1947ع تائين جي ڪيل واپار بابت تفصيل شامل آھن. ڪتاب جو اصلي نالو ھيو ”ھندستاني واپارين جو عالمي دنيا 1750ع کان 1947ع تائين واپار. ڪتاب ۾ ڪل 9 باب شامل آھن. ڪتاب ۾ ڏکڻ ايشيائي واپاري سرشتن، سنڌ جي معيشت، خراسان لاءِ واپار، شڪارپور جي واپاري اھميت، پناما کان ڪوبي : حيدرآباد جي سنڌي واپارين، حيدرآباد جي واپاري اھميت ۽ واپاري سرشتن بابت تفصيلي لکيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي